سنڌسلامت پاران
سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران انسانيت جي خدمت لاءِ پاڻ ارپيندڙ پاڪستان جي مدر ٽريسا سڏجندڙ ڊاڪٽر رُٿ فاءَ جي زندگيءَ جي جيون ڪٿا تي مشتمل ڪتاب ”منھنجي حياتي منھنجو نياپو: ڊاڪٽر رُٿ فاءَ“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو ليکڪ ڊاڪٽر ضياء مطاھر ۽ سنڌيڪار مراد علي مرزا آھي.
جرمنيءَ جي ليڊي ڊاڪٽر رُٿ فاءُ، جنھن کي هتي انساني خدمتن عيوض پاڪستان جي مدر ٽريسا سڏيو وڃي ٿو تقريبن ڇھن ڏهاڪن تائين پاڪستان ۾ ڪوڙھہ جي مريضن جو علاج ڪيو. ھي ڪتاب ھڪ اھڙي شخصيت جي ڪھاڻي آھي، جنھن اڪيلي سر جدوجھد ڪندي ادارو ٺاھيو ۽ انسانيت جي خدمت ڪئي. ڪتاب جي ھر سِٽ ۽ ھر جملي ۾ ھڪ تجربو ۽ ھر پئراگراف ۾ ان جو تت نظر ايندو. جنهن زماني ۾ پاڪستان ۾ ڪوڙهہ جي مريضن کي شھر ۽ ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪيو ويندو هو ۽ هنن جا پنھنجا بہ سندن ساٿ ڇڏي ڏيندا هئا، اهڙي مشڪل وقت ۾ ڊاڪٽر رُٿ فاءُ پنھنجي هٿن سان ڪوڙهہ جي مريضن کي پاڻ کارائيندي ۽ سندن جسم تي مرهم بہ رکندي هئي.
ھي ڪتاب 2007ع ۾فيونڪس بوڪس پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.