شخصيتون ۽ خاڪا

ڪرامت علي

ھي ڪتاب علائقائي امن، انساني حقن ۽ محنت ڪشن جي لاءِ جدوجھد ڪندڙ ڪرامت علي جي شخصيت تي لکيل مضمونن ۽ سندس وفات تي شايع ٿيندڙ رپورٽن ۽ تعزيتي تاثراتن تي مشتمل آھي. ڪرامت علي گذريل پنجن ڏهاڪن کان مزدورن جي حقن ۽ سماجي انصاف، امن، اتحاد سان گڏ انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رھيو.

  • 4.5/5.0
  • 10
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Karamat Ali

سماجي انصاف لاءِ پتوڙيندڙ ڪرامت علي جو لاڏاڻو

پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر

19 جون 2024ع تي سانجھيءَ جي نماز مهل امام بارگاهه شهيد ڪربلا انچولي ڪراچي ۾ هن جا دوست، مزدور رهنما، وڪيل، سياسي، سماجي ۽ پورهيت طبقي سان سلهاڙيل ماڻهن جو وڏو مجموعو هن جي آخري ديدار لاءِ گڏ ٿيو هو. هُو گذريل پنج ڏهاڪن کان مزدورن جي حقن ۽ سماجي انصاف، امن، اتحاد سان گڏ انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندي ڪجهه عرصي جي بيماري بعد سڀني کي الوداع ڪري ان طرف ويو، جتان اڄ ڏينهن تائين ڪو به موٽي نه سگهيو آهي. سندس وفات جي خبر تي هن جي ڪامريڊ دوستن کان علاوه اڳوڻو صدر عارف علوي، عارف حسن، سليمان جي ابڙو، انساني حقن جو سرواڻ اسد بٽ، خضر حيات، تحسين، شجاع قريشي، ذوالفقار شاهه، ڊاڪٽر رياض شيخ، شيما ڪرماڻي، انساني حقن جو چيئرمين اقبال ڏيٿو ۽ ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي دوست ۽ ترقي پسند اڳواڻ جنازي نماز بعد کيس وادي حسين قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪري آيا.
ڪرامي علي هڪ نامور مزدور اڳواڻ سان گڏ ترقي پسند خيال رکندڙ، شاعر، ليکڪ، اديب جنهن سال 1982ع جي مئي مهيني م پنهنجي دوستن جي گروپ، جنهن ۾ مختلف قسمن جا ماهر، وڪيل، تعليم دان، تحقيقدان شامل هئا. جن ذريعي مزدورن جي تحريڪ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ’پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليبر ايسوسيئيشن‘ (پائلر) جو بنياد وڌو. هي انهن باني ميمبرن سان گڏ پائلر جو سرواڻ به رهيو.
ڪرامت علي خان 23 سيپٽمبر 1936ع تي ڪٽڪ (اُڙيسا) ۾ پيدا ٿيو. هن جا والدين اوڀر پنجاب جي گورداسپور کان لاهور ۽ پوءِ ملتان لڏي ويا. جتي هن ڪراچيءَ وڃڻ کان اڳ پنهنجو ننڍپڻ گذاريو. هن ۾ پنهنجي شروعاتي سالن کان ئي مذهبي جنونيت کان نفرت پيدا ٿي، جڏهن هن منافرت ۽ فرقيواريت کي ڏٺو. ڪرامت علي پنهنجي شاگرد سياست جي شروعات جنرل ايوب خان جي فوجي آمريت ۾ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (NSF) کان ڪئي.
هن هالينڊ جي انٽريشنل انسٽيٽيوٽ آف سوشل سائنسز اسٽيڊيز (ISS) ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. هن ماسٽرس آف سائنس ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. هن رياضيءَ ۾ پي ايڇ ڊي پڻ ڪئي. جنهنڪري کيس ڊاڪٽر ڪرامت علي به چيو ويندو هو. هن سٺو شاعر ۽ نقاد پڻ هيو. علم عروض جو ماهر هوندي به آزاد غزل جو وڏو حامي هيو.
هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات هڪ ڪارخاني جي مزدور جي حيثيت سان ڪئي. هو پورهيتن جي حقن ۽ جمهوري آزاديءَ لاءِ هڪ ناقابل فراموش ويڙهاڪ بڻجي اڀريو.
ڪرامت علي خان پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليبر ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ جو باني مميبر هئڻ سان گڏ مختلف مقامي ۽ علائقائي نيٽ ورڪن جهڙوڪ ’پاڪستان پيس ڪوئليشن‘، ’پاڪستان انڊيا پيپلز فورم فار پيس اينڊ ڊيموڪريسي‘ ۽ ’سائوٿ ايشيا ليبر فورم‘ جو باني ميمبر پڻ هيو. هن پاڪستان ۾ مزدورن جي حقن ۽ امن جي تحريڪن جي نه صرف سرواڻي ڪئي پر انهن تحريڪن وسيلي علائقائي ۽ عالمي هم منصبن کي هڪ مضبوط پليٽفارم مهيا ڪري ڏيڻ سان گڏ انهن کي ڳنڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هن پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا جي وسيع خطي ۾ مزدورن، مهاڻن ۽ هارين جي حقن سان گڏ انهن جي سماجي تحفظ لاءِ ٽريڊ يونين کي سگهارو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس سربراهيءَ ۾ ٺهندڙ پائلر ۾ سنڌ جي مزدورن، هارين، مهاڻن، انساني حقن سان گڏ مختلف سماجي تنظيمن ۽ سماجي انصاف لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻهن لاءِ نه صرف تربيتون مهيا ڪيون، پر انهن کي عالمي سماجي فورمن تي پڻ متعارف ڪرايو.
سال 11. 2010ع وار ي ٻوڏ کان پوءِ ڏهاڪو سال اڳ ڪرامت علي سان سندس پائلر واري آفيس تي ڪچهريون ته ٿينديون هيون، پر هو جڏهن حيدرآباد ايندو هو ته سندس مرڪز سائين سليمان ابڙو جي اوطاق هوندي هئي، جتي ترقي پسند دوستن جي گڏجاڻين ۾ سنڌ جي مزدورن ۽ هارين جي بهتري ۽ سماجي تحفظ لاءِ پڻ گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملندو هو.
هو هڪ حقيقي ڪامريد هئڻ سان گڏ هڪ سٺو دوست پڻ هو ۽ سندس دوستي ۽ ان جي گهرائيءَ جا اثر تمام گهڻن دوستن تي حاوي ٿيا. هو پورهيتن جي حقن سميت امن ۽ جمهوريت لاءِ ڪم ڪرڻ سان گڏ ڏکڻ ايشيا جي مظلوم طبقي جو آواز پڻ رهيو.
ڪرامي علي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ملڪ ۾ امن ۽ مزدور تحريڪن جو حصو هو. هو ٻين ڪيترن ئي پليٽ فارمن جو باني ميمبر پڻ هو، جن ۾ ’پاڪستان امن اتحاد‘، ’پاڪستان ــ انڊيا پيپلز فورم فار پيس اينڊ ڊيموڪريسي‘ ۽ ’سائوٿ ايشيا ليبر فورم‘ شامل آهن. پائلر چيو هن انهن پليٽ فارمن کي علائقائي ۽ عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هن تعليمي جرنزل ۽ قومي ميڊيا لاءِ مزدور ۽ امن جي معاملن تي ڪيترائي مضمون لکيا، ڏکڻ ايشيا ۾ خاص طور تي پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ امن لاءِ اهم ڪردار اد اڪيو. هُو ’پيپلز سارڪ‘ ۽ ’پاڪستان امن اتحاد‘ جو باني ميمبر هو ۽ ’سائوٿ ايشين ليبر فورم پاڪستان چيپٽر‘ جو ڪنوينر پڻ رهيو.
هو ’بين الاقوامي مشاورتي ڪميٽي‘، ’هيگ اپيل فار پيس‘، ۽ ’انٽرنيشنل ڪائونسل ورلڊ سوشل فورم‘ (WSF) جو ميمبر هو. هُو ٽريڊ يونين، سول سوسائٽي، صحافين، تعليمي ماهرن ۽ انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ فورم ’سائوٿ ايشيا الائنس فار پاورٽي ايريڊيڪيشن‘ (SAAPE) جو فوڪل پرسن پڻ هو. ڪرامت عليءَ کي ڏکڻ ايشيائي امن ۽ سهڪار لاءِ سندس ڪوششن جي اعتراف ۾ ’ديدي نرملا ديشپانڊي سائوٿ ايشين ايوارڊ فار پيس اينڊ جسٽس‘ سان نوازيو ويو. ساڳي نموني هن ’ايسوسيئيشن فار ڪميونل هارموني اِن ايشيا 2008‘ (ACHA) جو ايوارڊ حاصل ڪرڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو. سال 2007ع ۾ کيس ’بلي شاهه ايوارڊ‘ سان نوازيو ويو.
ڪرامت سان ڪچهرين جو سلسلو ته پراڻو هيو، پر سندس پائلر ۾ ٿيندڙ تربيت ۽ سائين محمد علي شاهه ۽ سليمان جِي ابڙي سان ٿيندڙ ڪچهرين جو سلسلو پڻ اڻ کٽ رهيو. هو پنهنجي شخصيت ۾ هڪ ادارو هو، جيڪو تعليم، سماجي انصاف، انساني حق، ڏکڻ ايشيا ۾ مزدورن جي تحريڪ سان گڏ امن ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو.
مزدورن جي حقن لاءِ سرگرم ڪارڪن ۽ ’پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليبر ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ‘ (پائلر) جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪرامت علي 20 جُون (2024) تي ڪراچي ۾، 78 ورهين جي ڄمار ۾ هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو ۽ پنهنجي پويان ٻه ڌيئرون ۽ هڪ پٽ ڇڏي ويو. هن جي خاندان جي وارثن کان علاوه سندس ترقي پسند دوستن جو به وڏو حلقو آهي جيڪو سندس وڇوڙي سبب اداس آهي. ڪرامت علي جي خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه سگهبو.

(روزاني ڪاوش 3 جولاءِ ۾ ڇپيل)

ڪرامت علي ھڪ سچو پورھيت اڳواڻ: اسحاق سومرو

ڪرامت علي پاڪستان جي کاٻي ڌرسان تعلق رکندڙ، مزدور جي حقن، خطي ۾ امن ۽ جمهوريت لاءِ جاکوڙيندڙ، هر وقت سرگرم ۽ سفر ۾ رهندڙ هڪ متحرڪ ڪردارھو. سندس والدين ملتان ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ رهندا هئا. سندس والده ۽ ڀينر هوم بيسڊ ورڪر هيون. هن خاندان ابتدائي ڏينهن ۾ ڏکي زندگي گذاري. والده جو تعلق اوڀر پنجاب جي گرداسپور واري علائقي سان هو. سندس والد شيعو ۽ والده سني فرقي سان لاڳاپيل هئا. ڪرامت علي کي والد صلح جي ۽ والده وري مزاحمت جي تربيت ڏني.
ڪرامت علي جي زندگيءَ جو احوال، ترقي پسند دانشور ڊاڪٽرجعفر احمد ڪيترائي ڪلاڪ ڊگھي رڪارڊ ٿيل ڳالهه ٻولهه کي اردوءَ ۾ ’راه گذر تو ديکهو‘ جي نالي سان شايع ڪرايو آهي، جيڪو ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيل هڪ متحرڪ ترقي پسند ۽ عوام دوست ويزن سان قائم ڪيل تحقيقي اداري ’انسٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ سوشل ريسرچ‘ پاران شايع ڪرايو ويو. هن ڪتاب ۾ ڪرامت عليءَ جي 60 سالن کان جاري جدوجهد، تجربن، مشاهدن توڙي ملڪي سياست جي لاهن چاڙهن جو احوال سٺي نموني سان قلمبند ڪيل آهي. انٽرويوءَ جي شڪل ۾ ترتيب ڏنل هي ڪتاب ڪرامت صاحب جي سوانح حيات ته نه آهي، پر هن جي تجربن ۽ مشاهدن جو تفصيل سان احاطو ٿيل آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ سندس ذاتي زندگيءَ جو جزوي ذڪر ڪيل آهي.
ڪرامت عليءَ جي سياسي زندگي جي شروعات ڪاليج واري زماني کان ٿئي ٿي، جيڪو ايوب خان جو سٺ وارو ڏهاڪو هو. انهيءَ دوران سندس سياسي تربيت، جيل جي صعوبتن کيس سياسي ورڪر ۽ مزدور دوست بڻائي ڇڏيو. ملتان جي پبلڪ لائبريريءَ ۾ ويهي پڙهيل خاص طور تي ترقي پسند ادبي، سياسي ڪتابن سندس سوچ تي گھرو اثر ڇڏيو. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اهو سٺ وارو ڏهاڪو هونئن به اهم سمجهيو ويندو آهي. انهي دور ۾ شاگرد جدوجهدون، مزدوريونين جو ٺهڻ، شهري آزاديءَ لاءِ جاکوڙ، 1967 ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جو قيام ان ڏهاڪي جا وڏا واقعا هئا، جن اڳتي هلي ملڪي سياست ۾ خاص طور تي کاٻي ڌر جي اثر کي نمايان ڪيو.
ڪراچي جي ايس ايم سائنس ڪاليج ۾ تعليم دوران اتان جي نامياري استاد انيتا غلام عليءَ جي سوچ جو مٿس گهرو اثر ٿيو. جيڪا پاڻ به سياسي طور تي سرگرم رهندي هئي. انهيءَ وچ ۾ هن پاڻ فيڪٽري مزدور طور عملي زندگي شروع ڪئي، ان سان گڏ ليبر يونين جي سرگرمين ۾ ڀرپور حصوورتو. ذوالفقار علي ڀٽو جي دور حڪومت ۾ روپوشي ۽ ڊفينس آف پاڪستان رولز تحت گرفتاريءَ کيس سياست جي ميدان ۾ وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيو.
ڪرامت عليءَ تي لکيل هن ڪتاب ۾ 1962ع کان 1979ع تائين جي سترهن سالن جي ملڪي سياسي وايومنڊل جو سربستو احوال ملي ٿو. جنهن ۾ جمهوريت تي راتاهن، ڊڪٽيٽرن طرفان فوجي راڄ ذريعي عوام تي آمراڻي حڪومت ڪرڻ جو احوال پڻ تفصيل سان ملي ٿو. اهڙين بدترين حالتن ۾ ڪرامت علي ۽ سندس ساٿين جو ڄمي مقابلو ڪرڻ جو احوال هن ڪتاب ۾ موجود آهي. ڪرامت عليءَ چواڻي ته 1970 ۾ اليڪشن جو اعلان ٿيو ته کاٻي ڌر جيڪا خاص طور تي مائوسٽ فڪر جي هئي، انهن اليڪشن حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ چيو ته هوانقلاب آڻڻ چاهين ٿا. جيڪڏهن ان اليڪشن ۾ ڪامريڊ حصو وٺن ها ته پيپلز پارٽيءَ کان 30 کان 40 ڄڻن کي ٽڪيٽون ملن ها ۽ اليڪشن به کٽي پي سگهيا. ڪرامت عليءَ جي انٽرويوءَ تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ يادن، مشاهدن، تجربن، جيڪي ويجھي ماضيءَ جي تاريخ آهن، کي سندس ئي زباني پيش ڪيو ويو آهي. هي هڪ زباني تاريخ آهي، جيڪا ڪتابي صورت ۾ ٻڌائي وئي آهي.
ڪرامت عليءَ 1979ع ۾ انٽرنيشنل مارڪسٽ گروپ ۾ شموليت اختيار ڪئي. هن ورڪرز ايسوسيئشن قائم ڪئي، جنهن جو مقصد ليبر موومينٽ کي معاشري ۾ بنيادي تبديليءَ جي ڪم سان ڳنڍيو وڃي، جتي اهڙو معاشرو هجي جنهن ۾ محنت ڪرڻ وارن کي پنهنجي پورهئي جو صحيح معاوضو ملي. انهن جا مڙئي بنيادي حق ۽ سهولتون، معاشي ۽ سماجي تحفظ فراهم هجي، جيڪا انصاف واري معاشري جي مکيه گهرج آهي. ڪرامت علي 1983ع ۾ هالينڊ جي ’انسٽيٽيوٽ آف سوشل اسٽڊيز‘ مان ’ليبر اينڊ ڊولپمينٽ‘ ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. هن مزدورن لاءِ ’پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليبرايجيوڪيشن اينڊ ريسرچ‘ (پائلر) جهڙو شاندار ادارو قائم ڪيو، جيڪو ٽن ڏهاڪن کان مزدورن جي حقن، انهن جي لاءِ قانون سازي، سندن سياسي ۽ سماجي مسئلن تي خطي جي ٻين ملڪن هندستان، بنگلاديش، نيپال ۽ ڀوٽان مان دانشور ۽ ماهر گھرائي وڏيون ڪانفرنسون منقعد ڪرايون، جن ذريعي اهو پيغام ڏنو ته خطي ۾ جنگوازم ۾ اسان جي مسئلن جو حل نه آهي، امن ۽ نيوڪليئرفري زون ئي پائيدار امن لاءِ ضروري آهي.
ڪرامت علي نامياري سياسي اڳواڻ ميرغوث بخش بزنجي سان ويجهو رهيو. صادقين سان گڏ ڪم ڪيائين، کائنس کان تمام گھڻو سکيو. فيض احمد فيض، حبيب جالب، پروفيسر ڪرار حسين، ٽوني بين، سوڀو گيانچنداڻي، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر اختر حميد خان، جسٽس دوراب پٽيل، ايم بي نقوي، بي ايم ڪٽي، عثمان بلوچ، مرزا ابراهيم، نبي احمد، راحت سعيد، غلام ڪبريا، فرحت سعيد سان به سندس ويجهي قربت رهي، جن وٽان کيس تاريخ، مارڪسزم، ڪميونسٽ موومينٽ، روسي انقلاب متعلق پڙهڻ ۽ سکڻ جو موقعو مليو. پائلر جي پليٽ فارم تان ڪرامت علي ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۽ خاص طور تي پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ امن ۽ جنگين کان پاڪ ماحول لاءِ پڻ جاکوڙيندو رهيو. هن هندستان جي نامياري سوشل ورڪر، سياستدان نرملاديش پانڊي، جيڪا راجيه سڀا جي ميمبر هئي، سان ٻنهي ملڪن ۾ دوستي ۽ امن لاءِ گڏجي ڪم ڪيو. نرملاديش سکن خلاف فسادن، بابري مسجد جي شهادت ۽ ايٽمي ڌماڪن جي مخالفت ڪئي، ڪيترائي دفعا پاڪستان پڻ آئي. هن وصيت ڪئي ته ان جي رک کي پاڪستان جي دريائن ۾ وهايو وڃي. ڪرامت علي سندس وصيت کي پوروڪندي نرملا جي رک کي ساڌ ٻيلي وٽ سنڌو جي لهرن حوالي ڪيو.
ڪرامت علي مارڪسي خيالن ۾ پڪو ۽ پختو ھو. سندس چواڻي ته اسان کي پنهنجي سماج کي سمجهڻ لاءِ، ان جو تجزيو ڪرڻ لاءِ مارڪسزم کان ڀرپور رهنمائي وٺڻ کپي. جمهوريت جو استحڪام تمام ضروري آهي. سماجي انصاف، غربت جو خاتمو، شرف انسانيت جي بحالي ۽ ان کي روشن خياليءَ سان همڪنار ڪرڻ لاءِ لازمي عقليت پسندي ۽ سائنسي طرز فڪر ڀري هئڻ کپي.
ڪرامت علي جو شروع کان ئي کاٻي ڌر جي شاگرد تنظيم ’نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ (ايس اين ايس ايف) سان تعلق هو. انهن ڏينهن ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ جماعت اسلاميءَ جي ذيلي تنظيم جمعيت جو راڄ هوندو هو. يونيورسٽيءَ جي ڪنوينشن دوران جمعيت جي شاگردن ڪرامت عليءَ جو گهيرو ڪري کيس وڏي پٿر سان قتل ڪرڻ پئي چاهيو ته ان وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ ’ايس اين ايس ايف‘ جي سرگرم ميمبرياڻين مهناز رحمان ۽ نسرين ٽالپر (ڌي مير علي احمد ٽالپر) رڙيون ڪري حملي آورن کي ڀڄائي ڪڍيو، جنهن سان ڪرامت عليءَ جي جان بچي وئي.
ڪرامت علي چوندو ھو ته ”مارڪسزم ڪو عقيدو نه آهي. اسان وٽ وڏي مصيبت آهي ته، اسان يا ته ڪنهن به شيءِ کي بلڪل نه مڃون يا هر شيءِ کي عقيدو بڻائي ڇڏيون، عقيدي تي غور ڪرڻ جي ضرورت ئي نه هوندي آهي، اکيون بند ڪري يقين ڪيو ويندو آهي. هتي به مارڪسزم کي عقيدي وانگر ورتو ويو، وري ان جا فرقا بڻجي ويا وري ان جا مُلا ٺهي ويا. جڏهن ته ماڪسزم پنهنجي اردگرد کي سمجهڻ لاءِ هڪ مناسب ۽ ڪارآمد سائنٽفڪ ٽول آهي، جنهن کان رهنمائي ورتي وڃي.“
ڪرامت عليءَ جي پهرين شادي سندس ڪاليج ۾ گڏ پڙهندڙ ’اصغري جيلاني‘ سان 1970 ۾ ٿي، ٻي شادي مشهور ڪلاسيڪل ڊانسر شيما ڪرمانيءَ سان 1976 ۾ ٿي. شيما ڪرماني پڻ کاٻي ڌر جي انهن ڏينهن ۾ سرگرم ڪارڪن هئي، جنهن سان گڏ ڪرامت عليءَ ڪجهه عرصو لنڊن ۾ پڻ گذاريو. ڪرامت علي دنيا جي ڪيترن ملڪن جن ۾ آمريڪا، ڪئناڊا، ڪوپن هيگن،فرانس، ۾عالمي ڪانفرنسن، سيمينارن، ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي. هن جي فلسطين جي گوريلا ۽ هوائي جهاز کي اغوا ڪندڙ خاتون ليليٰ خالد سان پڻ ملاقات ٿي، جنهن کيس پنهنجو هاءِ جيڪنگ تي لکيل ڪتاب آٽوگراف سان ڏنو، جنهن تي کيس لنڊن جي ايئرپورٽ تي ڇهن ڪلاڪن تائين روڪي رکيو ويو، رڳو ان ڪري ته وٽانئس ليليٰ خالد جو آٽوگراف مليل ڪتاب برآمد ٿيو هو. ڪرامت علي 78 سالن جي عمر ۾ پارڪنساز جھڙي موذي بيماريءَ سبب ڪراچيءَ جي ھڪ نجي اسپتال ۾ گذاري ويو.

حيدرآباد پاران ڪوٺايل تقريب - روزاني عوامي آواز جي رپورٽ

ڪرامت علي لساني تعصب خلاف هو، اسحاق مڱرئي پاڻيءَ تي ڌاڙي کي نروار ڪيو: ساڃاهه وند

حيدرآباد (رپورٽر) سماجي اڳواڻن، صحافين، ليکڪن ۽ عورت اڳواڻن نامياري سماج سڌارڪ اڳواڻ ۽ پورهيتن جي حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ ڪرامت علي ۽ نامياري صحافي ۽ ليکڪ اسحاق مڱرئي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته ڪرامت علي سڄي ڄمار مزدورن ۽ هارين جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي. هن سڄي ملڪ جي پورهيتن ۽ پورهيت اڳواڻن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ لاءِ عملي ڪوششون ڪيون. صحافي اسحاق مڱرئي جو وڇوڙو اڄ جي حالتن ۾ صحافت جو وڏو نقصان آهي. اسحاق جهڙن صحافين جي ڪري ئي ميڊيا تي ماحوليات جي تباهڪارين جي سببن، سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي ڌاڙي جي ڪري ٺٽي، بدين ۽ سجاول جي سامونڊي پٽيءَ جي ماڻهن جا درد، پورهيتن ۽ هارين جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه خانه بدوش رائٽرس ڪيفي جي اڱڻ تي ’جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي حيدرآباد‘ پاران پورهيت اڳواڻ ڪرامت علي ۽ نامياري صحافي اسحاق مڱريو کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ڪوٺايل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ’سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ پاڪستان‘ جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد تحسين چيو ته ڪرامت عليءَ سان 41 سالن جو تعلق هو. هو سدائين پورهيتن ۽ مزدورن جي حالتن تي فڪرمند رهندو هو ۽ سوچيندو هو ته جتي به هجي پنهنجي مقصد جي لاءِ جاکوڙ جاري رکجي، پوءِ طريقيڪار ڀلي مختلف هجن. هن چيو ته ڪرامت عليءَ کي امن جي ڳالهه ڪرڻ تي به مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته اسحاق مڱريو جي لکڻين کي گڏ ڪري ڪتاب جي شڪل ۾ ڇپرائڻ گهرجي. اسحاق مڱريو سنڌي ميڊيا جي اندر ماحولياتي صحافت کي متعارف ڪرايو. اسحاق مڱرئي کي اسان سدائين کلندي ڏٺو. ڊاڪٽر عرفانه ملاح چيو ته اسحاق مڱريو ڌرتي جون ڪهاڻيون لکندو هو. هو صحافت کي عوامي صحافت ڏانهن وٺي ويو. هن چيو ته ڪرامت علي ان دور ۾ امن جي ڳالهه ڪئي هئي جنهن دور ۾ پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ وڏي ڇڪتاڻ هلي رهي هئي، ٻنهي ملڪن ۾ جنگ ٿيڻ جهڙي صورتحال هئي. هن چيو ته ڪرامت علي لساني جهيڙن ۾ به ترقي پسند ۽ پرامن سنڌ جي ڳالهه ڪئي ۽ ماحول کي سازگار بنائڻ جي لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ڪرامت علي ڪالاباغ ڊيم منصوبي ۽ ڍنڍن تي قبضن خلاف به آواز اٿاريو. هو سنڌ جي هر مسئلي تي سنڌ جي ماڻهن سان گڏ بيهندو هو. هو مزدور ۽ عورت جي حقن جي ڳالهه ڪندو هو. سافڪو جي سربراهه سليمان جي ابڙو چيو ته ڪرامت علي ننڍي کنڊ ۾ امن جي لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي. هن هارين ۽ مزدورن جي پاڻ ۾ ڳانڍاپي لاءِ وڏا پروگرام ڪيا ۽ سڄي ملڪ جي پورهيتن کي گڏ ڪيو ته جيئن سڄي ملڪ جا مزدور ۽ هاري پاڻ ۾ جڙن. هو مزدورن ۽ هارين کي هڪ آواز ٿي پنهنجي حقن لاءِ گڏ ڪرڻ جي خواهش رکندو هو. هو مظلومن جو آواز هو. ڪرامت علي ڪالاباغ ڊيم جي خلاف به پروگرام ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪرامت علي ادارا ۽ ذهن سازي ڪئي. هن چيو ته اسحاق مڱريو پروفيشنل صحافي هو. هو هر موضوع ۽ مسئلي کي صحافتي اک سان ڏسندو ۽ رپورٽ ڪندو هو. هو نون ۽ منفرد ڪردارن کي رپورٽ ڪندو هو. انساني حقن جي تنظيم ’ايڇ آر سي پي‘ جي اڳواڻ امداد چانڊيو ميڙاڪي جي ڪارروائي هلائيندي چيو ته ڪرامت علي مزدور جدوجهد ۾ زندگي گذاري. هن ايوبي آمريت ۾ سختيون برداشت ڪيون. هن چيو ته ڪرامت علي هندستان ۽ پاڪستان جي عوام وچ ۾ دوستيءَ لاءِ تنظيم ٺاهي، جنهن تي کيس غداريءَ جا لقب ڏنا ويا، پر هو ٻنهي ملڪن وچ ۾ امن ۽ دوستيءَ واري پنهنجي سوچ تي اٽل بيٺو رهيو. هن چيو ته اسحاق مڱريو سنڌ جو يگانو، منفرد ۽ نئين زماني جو صحافي هو. نامياري صحافي اقبال ملاح چيو ته ڪرامت علي ۽ اسان گڏجي انقلاب جا خواب ڏٺا هئا. هو اسان جو فڪري ۽ نظرياتي ساٿي هو. هن چيو ته اسحاق مڱريو پنهنجي جوهر ۾ مڪمل انقلابي سياسي ڪارڪن هو. 88ع ۾ جڏهن کاٻي ڌر جي سياست ۾ ڦوڙ ٿي رهي هئي ته اسحاق مڱريو ۽ اسان ٻين ساٿين صحافت جي چونڊ ڪئي ۽ ٿوري ٿوري عرصي بعد هڪٻئي پٺيان صحافت ۾ ايندا وياسين. هن چيو ته اسحاق مڱريو سميت ان ٽهي جي صحافين صحافت ۾ نواڻ آندي، نوان لاڙا متعارف ڪرايا. اسحاق مڱريو سنڌي صحافت ۾ ماحوليات سميت ٻيا ڪيترائي نوان موضوع متعارف ڪرايا. اسحاق مڱرئي سنڌ کي نئين نقطه نظر سان ڏٺو. هن چيو ته هڪ نئريٽو جاگيرداري، قبيلائي نظام ۽ سياست تي سندن قبضو چاهي ٿو ۽ ٻيو نئريٽو ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ رسول بخش پليجي جي ساٿين جو آهي، جيڪو جاگيردارن ۽ سردارن کان سياست کسي غريبن، مسڪينن، هارين ۽ مزدورن جي حوالي ڪرڻ چاهي ٿو. ’سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ‘ پاڪستان جي اڳواڻ شهناز شيديءَ چيو ته ڪرامت علي پورهيت جي حقن جي لاءِ هلندڙ هر جدوجهد ۾ اڳيان رهيو. هو انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڪردار هو. هن چيو ته اسحاق مڱريو خوددار صحافي هو. هن صحافت ۾ پاڻ مڃرايو. ليکڪه امر سنڌوءَ چيو ته اسحاق مڱريو خانه بدوش جي افتتاح کان وٺي زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين خانه بدوش جي اڱڻ تي رقص ڪيو. اسحاق مڱريو وڏي ڪردار وارو ماڻهو هو. اڄ جي دور ۾ اسحاق مڱرئي جهڙي صحافيءَ جو وڃڻ صحافت جو وڏو نقصان آهي. ’وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ‘ عاليا بخشل چيو ته اسحاق مڱريو سنڌ جو تحقيقي ۽ عوامي صحافي هو. هو عوام جي راءِ سان جڙيل هو. ماحوليات، عورت سوال ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ جي سوال تي هو تمام گهڻو چٽو هو ۽ ان تي هن تمام گهڻو لکيو. سماجي اڳواڻ ۽ شاعر جاويد سوز هالائيءَ چيو ته ڪرامت علي ننڍي کنڊ ۾ امن ۽ مزدور تحريڪ جو وڏو نالو هو. هُن ٽريڊ يونين کي پراڻي ڪلچر مان ڪڍي نئين انداز سان پورهيتن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪرامت علي ۽ اسحاق مڱريو خوشحال، پرامن، مزدور ۽ ماحول دوست سماج اڏڻ خواب ڏسندڙ هئا. شائسته اسحاق چيو ته بابا اولاد سان دوستن جيان هوندو هو. ڀاءٌ جي وڃڻ کانپوءِ بابا اسان جو سهارو هو، پر اهو به هليو ويو. بابا اسان کي ڳوٺ مان ڪڍي حيدرآباد وٺي آيو ۽ اسان کي تعليم ڏياري. اسحاق مڱريو جي پٽ صالح مڱريو چيو ته بابا جي شخصيت ۽ ڪم نرالو رهيو آهي. بابا جو غريب گهراڻي سان تعلق هو. هن ڏک ۽ تڪليفون ڏٺيون. فهميده جروار چيو ته بابا اسحاق مڱريو رستي ويندي وڻن تي ويٺل پکين جون ٻوليون سمجهڻ جي ڪوشش پيو ڪندو هو. هو فطرت سان پيار ڪندڙ صحافي هو. ميڙاڪي ۾ ڪرامت علي ۽ اسحاق مڱريو جي تصويرن آڏو گل رکي ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ جاويد سوز هالائي ڳالهائيندي چيو ته جنهن دور ۾ ڊولپمينٽ سيڪٽر ۽ سماجي تنظيمن بابت سنڌي ميڊيا ۾ ڪا سٺي راءِ نه هئي، ان دور ۾ ڪرامت عليءَ جهڙن ساٿين ڪوششون ڪيون ته ميڊيا کي پنهنجي ڪم ۽ اهميت بابت آگاهه ڪجي، ان دوران عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ ان جي ٽيم اڳتي وڌي سڀ کان پهريان سماجي تنظيمن ۽ ڊولپمينٽ سيڪٽر کي اخبار ۾ جاءِ ڏني ۽ الڳ صفحو رکيو. ان کانپوءِ ٻي ميڊيا به ڊولپمينٽ سيڪٽر کي اخبارن ۾ جاءِ ڏني ۽ ميڊيا جي راءِ تبديل ٿي.

(عوامي آواز 07 جولاءِ 2024)

مزدور اڳواڻ ڪرامت علي کان (مئي 2016) ۾ ورتل اهم انٽرويو: زاهده ابڙو

همسري: توهان ڪرامت صاحب جو تعارف هڪ مزدور اڳواڻ طور تي ڪيئن ڪرائيندئو؟
ڪرامت علي: مون 1972ع ۾ ٽريڊ يونين ۾ ڪل وقتي ڪم شروع ڪيو هو. ان وقت ’متحده مزدور فيڊريشن‘ هوندي هئي. خاص طور تي اها سنڌ ۾ ڪم ڪندي هئي. ان ۾ آئون به شامل ٿيس، عثمان بلوچ اسان جو صدر هوندو هو. بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ اولهه پاڪستان جا ڪيترائي ڪارخانا بنگلاديش ۾ رهجي ويا. ٽيڪسٽائل جي صنعت ۾ هڪ وڏو بحران اچي ويو. ڪافي مزدورن کي پگهارون نه مليون هيون، جنهن زماني ۾ جنگ هئي ته ڪيترن مزدورن کي ملازمت مان ڪڍيو ويو هو. وري انهن کي روزگار سان لڳائڻو به هو. ڪيترائي جيل ۾ هئا، انهن جي رهائي جو به مسئلو هو. پيپلز پارٽي مزدورن جي حقن جي ڳالهه اٿاري ووٽ حاصل ڪيا هئا ته انهن جا اهي مسئلا به ان کي حل ڪرڻا هئا، جيڪي ان طريقي سان حل ٿي نه رهيا هئا. ان ڪارڻ ورڪرز ۾ ڪاوڙ وڌي رهي هئي. آئون ’متحده مزدور فيڊريشن‘ جو آرگنائيزنگ سيڪريٽري هئس. 1974ع ۾ ’متحده مزدور فيڊريشن‘ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري چونڊجي آيس ۽ ٻن سالن تائين رهيس. پوءِ پنهنجي فيڊريشن کي ’يونائيٽيڊ فيڊريشن‘ ۾ ضم ڪري ڇڏيوسين. پوءِ ان جو وائيس پريزيڊنٽ ٿيس. 1995ع ۾ ’پاڪستان مشترڪه ورڪرز فيڊريشن‘ ٺهي. 1996ع ۾ ’سائوٿ ايشين ليبر فورم‘ ٺهيو. ان جو ڪنيوينر رهيس. ’انٽرنيشنل ٽريڊ يونين‘ سان گڏ ڪم ڪيم. 2011 ۾ پاڪستان طرفان ’آءِ. ايل. او جي‘ ڪانفرنس ۾ ويس.
همسري: هينئر پاڪستان ۾ مزدور تحريڪ ڪٿي بيٺي آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جي صورتحال ڇا آهي؟
ڪرامت علي: دنيا ۾ 1980ع کان مزدور تحريڪ ۾ گهٽتائي آئي آهي. يورپ هجي، آمريڪا يا ترقي پذير ملڪ هجن، وڏي پئماني تي مزدور تحريڪ پوري دنيا ۾ 1980ع کان ڪمزور ٿيندي وئي آهي. يورپ کان آمريڪا تائين ٺيڪيداري نظام اچي ويو. پبلڪ سيڪٽر طاقتور ٿيندو ويو ۽ 1970ع کان برطانيه ۾ نجي سيڙپڪاري شروع ٿي، يونينون ختم ٿينديون ويون. مزدورن جون يونينون گهڻو ڪري پبلڪ سيڪٽر ۾ هيون، سي نجي سيڙپڪاريءَ جي ڪري ختم ٿينديون ويون. 51- 1950ع ۾ تقريبن 25 سيڪڙو ماڻهو يونين جا ميمبر هئا. ان شيءِ کي ايوب خان جي آمريت اچي ختم ڪيو. 1959ع کانپوءِ يونينن تي پابندي لڳائي وئي. 1947ع ۾ انگريزن (ٽريڊ ڊسپيوٽ ايڪٽ) ٺاهيو هو، جنهن مطابق صنعتي جهيڙا نبيريا ويندا هئا. هتي صنعتڪاري شروع ٿي ته 1969ع ۾ جڏهن انڊسٽريل ايڪٽ ٺاهيو ويو، جنهن ۾ يونين ٺاهڻ جو حق محدود ڪيو ويو، جنهن جا منفي اثر نڪتا ۽ مضبوط يونين سازيءَ جي رستا روڪ ڪئي وئي. پوءِ ٺيڪيداري نظام ان کي وڌيڪ ڌڪ هنيو آهي. اسان وٽ سماجي فرقه واريت هر سطح تي وڌي وئي هئي. جڏهن ماڻهو ڪراچي اچڻ لڳا ته ان ۾ سنڌي مزدور ۽ هاري پنهنجي زمينن سان لاڳاپيل هجڻ ڪري ڪراچي نه اچي سگهيو ۽ گهڻو مزدور ٻاهران آيو جنهن ڪري هو هتي يونين جو حصو نه بڻجي سگهيو، جنهن مزدور يونين کي طاقتور ٿيڻ نه ڏنو. ٻين ملڪن ۾ اسان کان بهتر ليبر قانون موجود آهن. جيئن انڊيا ۽ سريلنڪا ۾. اسان جي ملڪ کان ٻين ملڪن ۾ مزدور يونينز سان وڌيڪ جڙيل آهن، وڌيڪ بهتر قانون سازي ٿيل آهي. اڄ پاڪستان ۾ مزدور صرف هڪ سيڪڙو يونينز سان منسلڪ آهي، جنهن ڪري هن جي حالت ۾ ڪابه تبديلي نٿي اچي سگهي.
همسري: مزدور تحريڪ پنهنجو رول پاڪستان ۾ يا ڪجهه ٻين ملڪن ۾ ان طريقي سان ڇو ادا نه ڪري رهي آهي جيئن ان کي ڪرڻ گهرجي؟
ڪرامت علي: جيستائين مزدور منظم نٿو ٿئي ۽ هن ۾ پنهنجا حقن حاصل ڪرڻ جو شعور پيدا نٿو ٿئي، تيستائين هو ڪجهه نٿو ڪري سگهي. هتي اسان وٽ مزدور پنهنجن گهرن کان تمام گهڻو پري روزگار ملڻ جي ڪري هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃي ٿو، ڇو جو صنعتون ڪجهه مخصوص حصن ۾ لڳل آهن، ان ڪري هو اتي ڪنهن به يونين جو حصو ٿيڻ پسند نٿو ڪري. هو پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ ٿو سمجهي ۽ منظم ٿيڻ کان گهٻرائي ٿو. ان ڪري هو هميشه ڪمزور رهيو آهي. اسان جي معاشري ۾ ڪڏهن مذهب جي نالي تي ته ڪڏهن ٻوليءَ جي نالي تي سماج کي ورهايو ويو آهي. مزدور کي مزدور سان ويڙهايو ويو آهي. ان کي گهرجي ته هو پنهنجي مزدورن سان گڏ بيهي ۽ پنهنجي طبقاتي مفادن جو تحفظ ڪري ۽ ڪنهن مزدور يونين جو حصو بڻجي. جيستائين اهي رڪاوٽون دور نه ٿينديون تيستائين هو ڪوبه مثبت ڪردار ادا نٿو ڪري سگهي.
همسري: پاڪستان ۾ ٽريڊ يونينن جي قانوني حيثيت ڇا آهي ۽ مزدور ٽريڊ يونينن کان مدد وٺڻ لاءِ تيار ڇو نه آهن، ان جا سبب ٻڌايو؟
ڪرامت علي: انگريزن جي زماني ۾ مزدورن لاءِ قانون اڃان وڌيڪ بهتر هو ته هو پنهنجي مرضيءَ سان يونين ٺاهي سگهيا ٿي، ان ۾ هو پنهنجي مرضيءَ جا عهديدار مقرر ڪري سگهندا هئا. ان وقت جا وڏا وڏا ليڊر ڪنهن نه ڪنهن يونين جا به عهديدار هئا. جيئن محمد علي جناح صاحب ’آل انڊيا پوسٽل ورڪرز يونين‘ جو صدر هو، مهاتما گانڌي احمد آباد جي ٽئڪسٽائل ليبر ايسوسئيشن جو صدر هو ۽ جواهر لال نهرو ’آل انڊيا ٽريڊ يونين ڪانگريس‘ جو صدر هو. اهڙي طرح ڪميونسٽ پارٽين جا ليڊر به مختلف يونينن جا عهديدار هئا. ان وقت ۾ رجسٽريشن جي به ڪا پابندي نه هئي ۽ هاڻي اسان ڪيترن ئي مزدورن کي قانون جي دائري کان ئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي، جيئن زراعت جي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ وارو مزدور ان ۾ شامل ئي ڪونهي. ’انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن‘ (آءِ. ايل. او) مختلف ملڪن ۾ جائزو وٺڻ لاءِ وفد موڪليندي آهي، گهڻو ڪري ويهه پنجويهه سالن کانپوءِ اتي اهو وفد وڃي مزدورن جي قانون تي ٿيندڙ عملدرآمد کي ڏسندو آهي. 1986ع ۾ هتي آخري وفد آيو هو. انهن رپورٽ ڏني هئي ته ’پاڪستان ۾ 75 سيڪڙو مزدور انهن قانونن کان ٻاهر نڪتل آهن. هنن کي اهي حق ئي حاصل ڪونهن، باقي 25 سيڪڙو مزدورن کي اهي حق حاصل آهن.‘ هيلٿ اينڊ سيفٽي قانون مطابق هر سال فيڪٽريءَ جي انسپيڪشن ٿيڻ گهرجي. ان ۾ مزدورن جي بيمارين جي متعلق معلومات به شامل آهي، پر هتي اهو ڏٺو ويو آهي ته هڪ هڪ فيڪٽري جي انسپيڪشن جو وارو ويهه پنجويهه سالن کانپوءِ ٿو اچي. اسان وٽ سسٽم تمام ڪمزور آهي، ٽريننگ ڪانهي، حادثن جي روڪٿام جي لاءِ ڪي به قدم نٿا کنيا وڃن. جيڪي مزدور حادثن جو شڪار ٿين ٿا، قانون انهن جي ڪابه مدد نٿو ڪري سگهي. ادارا مزدورن لاءِ قانون سازيءَ ۾ ڪا دلچسپي نٿا وٺن ۽ وڌيڪ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته مزدور پاڻ به متحد ناهن. ان ڪري انهن جي صلاحيت به ڪانهي ته قانون لاڳو ڪرائي سگهن. اسان جو رويو جاگيرداراڻو آهي. اسان مزدور کي نوڪر ۽ غلام ٿا سمجهون. ڪو قانون ڪونهي. ان ڪري زراعت کي ته ان مان بلڪل ڪڍيو ويو آهي. ٻارن کان مزدوري ڪرائي ٿي وڃي. انهن جي تعليم جو ڪوبه بندوبست ڪونهي. جنهنڪري ماڻهن ۾ پنهنجن حقن جو شعور ڪونهي.

همسري: ڪراچي بلديه فيڪٽري جو حادثو دل ڏاريندڙ هو، پر ان باوجود به اڃان تائين پاڪستان ۾ مزدورن جي تحفظ لاءِ ڪيترين ئي فيڪٽرين ۾ پورا حفاظتي انتظام نه ڪيا ويا آهن. انهن حالتن کي ڪيئن تبديل ڪري سگهجي ٿو؟
ڪرامت علي: حالتن کي بدلائڻ جا به رستا آهن، هڪ ته جيڪي متاثر ٿيل آهن، اهي اٿي بيهن، رياست انهن حالتن کي بدلائي يا وري پارليامينٽ ۾ ويٺل ماڻهو قانون سازي ڪن. اسان جي رياست جيڪي ٻين ملڪن سان معاهدا ٿي ڪري، انهن تي عملدرآمد ڪري ۽ انسانيت جو ثبوت ڏئي. عدالتن کي به رياست کي پابند ڪرڻ کپي ته مزدورن کي انهن جا حق ڏئي. گذريل ڏينهن ۾ عدليه ڪجهه اهڙا فيصلا ڏنا آهن، پر گهڻو ڪري اتي اهڙا فيصلا نٿا ٿين. قانون سازي ٿيڻ گهرجي، پراڻين يونينن ۾ صلاحيت ناهي جو مزدورن جا مسئلا حل ڪري سگهن. هتي صنعت وار يونين سازيءَ جي ضرورت آهي.
همسري: جبري پورهئي جو رجحان اڃان به سنڌ ۾ موجود آهي جيتوڻيڪ ٽيننسي ايڪٽ به زرعي پورهيت لاءِ موجود آهي، ان تي عملدرآمد ڇو نه ٿي رهيو آهي؟
ڪرامت علي: جبري پورهئي لاءِ ته زراعت ۾ شق لڳي ئي نٿي. ٽيننسي ايڪٽ تحت هاري هڪ زمين جو ٽڪرو وٺي، ان کي آباد ٿو ڪري، ۽ پوءِ ان جي فصل ۾ ان جو حصو هوندو آهي. پر جبري پورهيو ڪرڻ وارن کي يا اجرت تي ڪم ڪرڻ وارن کي ٽيننسي ايڪٽ جو ڪوبه فائدو نٿو ملي. اهو ايڪٽ 1950ع ۾ ٺهيو، ان کان پهرين ته ماڻهو غلامن وانگر ڪم ڪندا هئا. پر هن ايڪٽ جو گهڻو فائدو هاريءَ کي نٿو ملي. بانڊيڊ ليبر قانون 1992ع ۾ ٺهيو هو، پر ان تي عمل نه پيو ٿئي. ان تي عمل ڪرائڻ ۾ پوليس جي سپرنٽينڊنٽ ۽ ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر جو وڏو هٿ هوندو آهي ڇاڪاڻ ته اڪثر انهن عهدن تي زميندارن ۽ جاگيردارن جو ئي اولاد مقرر هوندو آهي. اسان کي زرعي سڌارن جي سخت ضرورت آهي. هزارين ايڪڙ زمين جي مالڪيءَ کي ختم ڪيو وڃي. انگريز هليو ويو آهي ته ان جي نوازيل طبقي کي به وڃڻ گهرجي. جيستائين زرعي سڌارا نه ٿيندا، ماڻهن کي حق نه ملندا. جيئن صنعتي ميدان ۾ تنظيمون نه آهن تيئن زرعي شعبي ۾ به تمام گهٽ تنظيمون آهن، انهن کي وڌيڪ موثر ٿيڻو پوندو.
همسري: ڇا توهان سمجهو ٿا ته لينڊ رفامز ذريعي آبادگار جي زندگيءَ ۾ ڪا مثبت تبديلي آڻي سگهجي ٿي؟
ڪرامت علي: زرعي سڌارا ئي معاشرتي تبديليءَ جو حل آهن، جيڪي ملڪ آزاد ٿيا، انهن زرعي سڌارا ڪري ئي تبديلي آندي آهي. زمين انهن کي ملي، جيڪي آبادگار هئا، ڪالونيل دور اڄ جي دور کان وڌيڪ بهتر ٿو سمجهيو وڃي، ڇو ته ان وقت هاري ۽ مزدور پنهنجي مرضيءَ جي يونين ٺاهڻ جو حق رکندو هو. پاڪستان واحد ملڪ آهي، جتي زرعي سڌارن کانسواءِ سڀ ڪجهه ٿيندو رهيو آهي. زرعي سڌارا تمام اهم آهن، جيستائين سرپلس ليبر موجود هوندو تيستائين حالتون مزدور جي حق ۾ نه رهنديون. مزدور مزودر سان وڙهندو رهندو. مذهب کي به غلط طريقي سان استعمال ڪيو پيو وڃي. خانداني منصوبا بندي کي ناڪام بنائڻ لاءِ مذهب جو سهارو ٿو ورتو وڃي. آدمشماري وڌڻ ڪري ملڪي وسيلن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. سنڌ ۾ اڌ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جيڪو آبادگار آهي، ان کي زمين ملڻ گهرجي. جيستائين زمين نه ملندي ته حالتون بهتر نه ٿي سگهنديون.
همسري: 18 ترميم کانپوءِ مزدورن جو اشو صوبن ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي، پر صوبن اڃان تائين مزدور لاءِ ڪابه اثرائتي قانون سازي ڇو نه ڪئي آهي؟
ڪرامت علي: قانون سازي ته اسيمبليءَ ۾ ٿئي ٿي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ هڪ شق شامل ٿيل هئي ته جبري پورهيو نه ٿيندو. ان شق کي خارج ڪيو ويو آهي اهو چئي ته جبري پورهيو آهي ئي ڪونه ته اها شق شامل ڇو هجي. هاڻي جبري پورهيو ڪرائڻ لاءِ ڪابه قانوني رنڊڪ نه آهي. جيڪا اسيمبلي 1946ع ۾ هئي، ان ۾ ڪاروبار ۽ صنعتن سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو ويٺل هئا، جيڪي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هتان هليا ويا ۽ پوءِ جيڪا اسيمبلي آئي آهي، ان تي زميندارن جو قبضو آهي. قانون ته اهو ئي ٺهندو جنهن جي حمايت اسيمبليءَ ۾ ويٺل ماڻهو ڪندا.
همسري: مزدورن جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ٽريڊ يونينون پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون يا اثرائتي قانون سازي ان ۾ ڪو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي؟
ڪرامت علي: مزدورن لاءِ ته قانون سازي ٿيندي ئي ڪانه جيستائين مزدور اڳواڻ اسيمبلين ۾ ويٺل نه هوندا. مزدورن کي منظم ٿيڻ ۽ سياست ۾ حصو وٺڻ کپي. اهڙين پارٽين کي سپورٽ ڪري جيڪي هن کي حقَ وٺي ڏيڻ لاءِ ڪو پروگرام ڏين. سوشل سيڪيورٽيءَ جي سسٽم کي وسيع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ اهڙو جنرل ٽئڪس لڳايو وڃي، جنهن ۾ ڪو مزدور بيروزگار ٿئي ته ان کي ان جو فائدو ملندو رهي. سارڪ جي چارٽر ۾ لکيل آهي ته اهي هڪٻئي جي پورهيتن کي سوشل سيڪيورٽي فراهم ڪندا. اهڙيءَ طرح سان هڪ صوبي جو ماڻهو ٻئي صوبي ۾ وڃي ڪم ڪري ته ان کي سوشل سيڪيورٽي ملڻ گهرجي.

سماجي تبديليءَ لاءِ ڪرامت علي جي سنڌ لينڊنگ: ڊاڪٽر اشوٿاما

ماضيءَ جي مختلف سياسي پارٽين مزدور ۽ ھاري ونگز کي پنھنجي نظرياتي نيريٽو جي مختلف رجحانن سان متحرڪ رکيو ھو. جنھن ۾ نسلي، علاقائي، ٻوليءَ ۽ معاشي اڻبرابري جا نعرا شامل ھئا. نتيجي ۾ زرعي توڙي صنعتي مزدور حقن جو وسيع ۽ گھڻ پاسائون گڏيل آواز ورھايل، مختلف تشريحن ۽ ھڪٻئي جي مخالف رخن ۾ سرگرم رھيو.
ان پس منظر ۽ پيش منظر اڳتي ھلي، ڪرامت عليءَ جي سياسي وابستگيءَ جي تجربن، ورڪر ڪلاس سان سلھاڙيل مشاھدن، انساني حقن ۽ سماجي تبديليءَ واري ايڪٽوزم جي تسلسل ’پائلر‘ جو بنياد وڌو.
سندس همعصر، ڪليگ ۽ نوجوانن جو وڏو انگ، ڪرامت جي ان سفر جو صلاحڪار ۽ ساڻس ساٿ ۾ گڏوگڏ رھيو.
ڪرامت عليءَ جي سرواڻيءَ ۾ پائلر ڪراچيءَ جي انڊسٽريل زونس، ڪچين آبادين ۽ ڪيترين ئي ڪمرشل تنظيمن جي ورڪرن کي شعوري طور منظم ڪيو. ان شروعاتي ڪامياب مرحلي سان گڏ، پائلر نه فقط ڪراچيءَ جي پروگريسو ادارن سان الائنس ۾ ھئي، پر ساڳئي وقت ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪندڙ سنڌ جي شھرن ۽ ڳوٺن تائين ڦهليل ادارن ۽ فردن سان بہ رابطي ۾ رهي. جنھن ڪيترا ئي گڏيل عوام دوست ڪم ھٿ ۾ کنيا ھئا. انھن ادارن ۾ نمايان طور پاڪستان فشر فوڪ فورم، سافڪو، ڀنڊار، ايڇ آر سي پي ۽ ٻيا ننڍا وڏا ادارا ڳڻائي سگھجن ٿا.
هن جي سنڌ جي شھرن توڙي ڳوٺن تائين پھچ مسلسل خبرگيري ۽ گھري ادراڪ سبب ھئي، جنھن اعتماد ۽ شعوري ويجھڙائپ جو ماحول جوڙيو.
جيئن عاصمه جھانگير ۽ آئي اي رحمان لاءِ سنڌ جي پنھنجائپ ٻه طرفي ھئي. ائين ئي ڪرامت علي به گھڻ پاسائين سمجھ سرت ۽ ساڃھ سان سماجي ۽ سياسي ايجنڊا لاءِ نيٽورڪنگ ڪئي، جنھن شعوري رشتن ناتن کي جنم ڏنو ۽ ڪنھن به اوپرائپ جي احساس جو ڪو حوالو حاوي ٿيڻ نه ڏنو.
ماضيءَ جي ان مرحلي تي ڪراچيءَ کي پاسيرو رکندي، صنعتي صورتحال جو ٿلھي ليکي جائزو وٺبو ته ڪوٽڙي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ نالي ماتر صنعتي مزدورن جو ھجڻ ۽ انھن جي ڪنھن تنظيم يا يونين جو منظم نه ھجڻ، مزدور حقن جي پائماليءَ جو سبب چئي سگھجي ٿو.
ان بحث جا ٻيا پاسا صنعتن جو نه ھجڻ، جيڪي ھيون انھن جي غير فطري بيدخلي يا منتقلي، انڊيجينيس ليبر فورس جو محدود تعداد، اھي سڀ سوال جن کي اڪيلي هڪ رخ کان نٿو سمجھي سگھجي. ان لاءِ الڳ ۽ گھڻا تفصيل گھربل آھن. ڪرامت علي پنھنجي ڊومين مزدور حقن جي تعليم سان ان منجھيل سٽ ۾ پاڻ کي الجھائڻ بغير زرعي ورڪرن تي فوڪس ڪيو. جتي ھڪڙي وڏي خلق جيڪا رولنگ اليٽ ۽ ڪلاسيڪل جاگيرداريءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ھئي. جيڪي جديد دور جي بدترين غلاميءَ ۾ جڪڙيل ھئا. انھن جو سياسي ۽ سماجي ڀرجھلو ٿي، کين بچائڻ لاءِ سوچ ويچار شروع ڪيو.
انھن سلسلي ۾ ھاري حقن لاءِ تاريخي لانگ مارچ سميت، عوامي اسيمبلين ۾ سندس حصو ۽ سنڌ ايگريڪلچرل رفارم مومينٽ جا دور رس اثر ڊگھو عرصو باقي رھڻا آھن.
ڪرامت عليءَ پنھنجا تجربا ۽ ڏاھپ زرعي ورڪرن جي واڌ ويجھ ۾ نھايت سياڻپ سان ونڊيا. بانڊيڊ ليبر، ٽيننسي ايڪٽ، زرعي سڌارن ۽ ٻين اشوز کي نئين حقيقتن جي روشنيءَ ۾ ٻيھر منظم ۽ متحرڪ ڪيو.
ان ۾ پاليسي لابنگ ۽ ايڪٽوزم جو سڀ کان اھم عنصر مقامي ماڻهن جي شرڪت ھئي. اھو ماڊل اتساهيندڙ به ھيو ۽ نتيجا ڏيندڙ به ھيو.
سنڌي سماج جا جيڪي تھذيبي ۽ تاريخي گڻ آھن، ڪرامت علي انهن کي جديد دور جي عالمي ھلچل سان ڳنڊيندي نئين سري سان منظم ڪيو ۽ سنڌي نوجوانن کي ان جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ رستا ڪڍي ڏنا.
سندس سھڪاري سرگرمين ريجنل پيس مومينٽ ، پاڪ انڊيا پيپلز فورم، پيس ڪوليشن، پيپلز سارڪ، سائوٿ ايشين زرعي سڌارن سميت رجعتي، مذھبي جنونيت کي رد ڪندي، روشن خيال سيڪيولر ۽ دلت ڪيس کي نئين سري سان ھيٺ لاٿو. مذھبي اقليتن ۽ انھن ۾ معاشي غربت سبب وڌيڪ ڪٽيل، پٺتي پيل ماڻهن کي مٿي آڻڻ لاءِ اوليتون طئه ڪيون. سندن نئين نسل جي تربيت ڪئي ۽ کين مکيه ڌارا ۾ آندو.
ڪرامت علي، ورلڊ سوشل فورم کي علامتي طور ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪري، سنڌ جي ان عالمي فورم تي مڃتا ڪرائي. جنھن سنڌ جي سماجي ۽ سياسي ڪيس کي ھڪ نئين وزن سان سامھون آندو.
ھي مختصر نوٽس ڪرامت علي جي ان ڊگھي،اڻٿڪ ڪنٽريبيوشن جو ڪو ذرو قطرو به ناھي، بس فقط سنڌ ۾ سندس لينڊنگ جي ھڪ جھلڪ آھي.