” ڪچ ڪوڏيون “ نامياري ليکڪ عطا حسين موسوي صاحب جي مضمونن جو مجموعو آهي جيڪو 1958ع ۾ سنڌ پرنٽنگ پريس، حيدر آباد پاران ڇپايو ويو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو:
”ڪچ ڪوڏيون“ ھڪ سنڌي شخصيت جي فڪر جو نتيجو آھن ۽ عام سنڌي ٻوليءَ ۾ ورجايل آھن. ھنن ۾ نه ڪنھن ٻئي جي خيالن جي نقالي آھي ۽ نه ترجمو، عبارت ۾ نڪا جڙتو علمي ڪڇ وھٽ آھي ته نڪا عقل ٺلي ٺاھ ٺوھ. ھي دل جا دليل ۽ خلوت جا خيال آھن جي جيئن زبان تي چڙھيا آھن تيئن سئون سڌو سپڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ ظاھر ڪيا ويا آھن. مصنف بلڪل عام عنوانن کي نھايت دلچسپ پيرايه ۾ پيش ڪيو آھي. سلوڻن لفظن، ٺيٺ سنڌي محاورن ۽ ننڍن سپڪ جملن سندس اسلوب بيان کي ھڪ انوکي نوعيت ڏني آھي. سندس عبارت ۾ اختصار آھي نه اپٽار. مگر مختصر عبارت جي باوجود معنيٰ مبھم نه رھي آھي.
مختلف موضوع
ڪچ ڪوڏيون (فڪري مضمون)
- 5.0/5.0
- 4947
- 803
- 4 سال اڳ
- 0

سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (233) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” ڪچ ڪوڏيون “ نامياري ليکڪ عطا حسين موسوي صاحب جي مضمونن جو مجموعو آهي جيڪو 1958ع ۾ سنڌ پرنٽنگ پريس، حيدر آباد پاران ڇپايو ويو.ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو:
”ڪچ ڪوڏيون“ ھڪ سنڌي شخصيت جي فڪر جو نتيجو آھن ۽ عام سنڌي ٻوليءَ ۾ ورجايل آھن. ھنن ۾ نه ڪنھن ٻئي جي خيالن جي نقالي آھي ۽ نه ترجمو، عبارت ۾ نڪا جڙتو علمي ڪڇ وھٽ آھي ته نڪا عقل ٺلي ٺاھ ٺوھ. ھي دل جا دليل ۽ خلوت جا خيال آھن جي جيئن زبان تي چڙھيا آھن تيئن سئون سڌو سپڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ ظاھر ڪيا ويا آھن. مصنف بلڪل عام عنوانن کي نھايت دلچسپ پيرايه ۾ پيش ڪيو آھي. سلوڻن لفظن، ٺيٺ سنڌي محاورن ۽ ننڍن سپڪ جملن سندس اسلوب بيان کي ھڪ انوکي نوعيت ڏني آھي. سندس عبارت ۾ اختصار آھي نه اپٽار. مگر مختصر عبارت جي باوجود معنيٰ مبھم نه رھي آھي.
اسان ٿورائتا آهيون سائين شاهنواز سومري صاحب جا جنهن ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ سيد عطا حسين موسوي
- ڇپيو ويو 1958
- ڇپائيندڙ سنڌ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 20/Aug/2016
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 803 ڀيرا