آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

چولو منھنجو چِڪَ ۾

ھري دلگير سنڌيءَ جو عظيم گيتڪار آھي جنھن ھن ڪتاب ۾ پنھنجون يادگيريون سچائيءَ سان لکيون آھن، جن کي ھو آتم ڪٿا ٿو سڏي. ھن ڪتاب ۾ پاڻ چونڊ واقعا بيان ڪيا اٿس. ھري لکيو آھي تہ ھن ڪتاب ۾ زندگيءَ جي اڌوري ڪھاڻيءَ مان  ڪي اڻ پورا ٽُڪرا پيش ڪريان ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 30
  • 15
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ھري دلگير
  • ڇاپو ٻيون
Title Cover of book Cholo Muhinjo Chik Mein

سنڌسلامت پاران

سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران ھند سنڌ جي مشھور سنڌي شاعر ھري دلگير درياڻيءَ جي آتم ڪٿا تي مشتمل ڪتاب ”چولو منھنجو چِڪ ۾“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھري دلگير سنڌيءَ جو عظيم گيتڪار آھي جنھن ھن ڪتاب ۾ پنھنجون يادگيريون سچائيءَ سان لکيون آھن، جن کي ھو آتم ڪٿا ٿو سڏي. ھن ڪتاب ۾ پاڻ چونڊ واقعا بيان ڪيا اٿس. ھري لکيو آھي تہ ھن ڪتاب ۾ زندگيءَ جي اڌوري ڪھاڻيءَ مان  ڪي اڻ پورا ٽُڪرا پيش ڪريان ٿو.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1987ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1990ع ۾ سنڌي ساھت گهر پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.


 

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
 

نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي