تاريخ، فلسفو ۽ سياست

هوموڊيئس: سڀاڻي جي مختصر تاريخ (جو اختصار)

هي ڪتاب چارلس ڊارون جي ارتقائي نظرئي کي تسليم ڪندي تاريخ جو تجزيو پيش ڪري ٿو جنھن ۾ مذهبي تصور پڻ شامل آهن. هي ڪتاب 11 بابن تي ٻڌل آهي، جيڪي ٽن حصن ۾ ورهايل آهن: هومو سيپينز (انسان) دنيا کي فتح ڪن ٿا؛ هومو سيپينز دنيا کي معنيٰ ڏين ٿا؛ ۽ هوموسيپينز بيوس بڻجي وڃن ٿا. هي ڪتاب هڪ عام دنيائي مخلوق يعني هومو سيپينز يا انسانن جي سندن غير اهم ۽ فاني مخلوق منجهان لافاني ۽ خدا بڻجندڙ مخلوق تائين پھچڻ جي تاريخي سفر بابت سڀني اهم انقلابن ۽ تاريخي واقعن تان پردو کڻي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 51
  • 6
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Homo Dues: A Brief History of Tomorrow

ڪتاب جا حق ۽ واسطا مَحفوظُ

ISBN: 978-984-1682-29-3
ڪتاب جو نالو: هيموڊيئس: سڀاڻي جي مختصر تاريخ (جو اختصار)
ليکڪ: پروفيسر ڊاڪٽر يُووال نوح هراري
سنڌيڪار: ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو
ڇاپو پھريون: 2022ع (سافٽ ڪاپي، لٽ لائيٽ پبليڪيشنز)
ڇاپو ٻيو: نومبر 2024ع
ٽائٽل ڊزائن: مور ساگر
ڪمپوزنگ: ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو
ڇپائيندڙ: سوچ پبليڪيشن- سيوهڻ شريف
ڇپيندڙ: ساحل پرنٽر رابعيہ اسڪوائر حيدرآباد 03332634650

قيمت: -/500 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع

ا رپـنـا

آءٌ پنھنجو هي ادبي پورهيو
پنھنجي ڏُک سُک ۾ ساٿ نڀائيندڙ جيون ساٿياڻيءَ
* صبيحہ ڀٽو
۽ پياري اولاد
* عائشہ ڀٽو
* عبداللطيف ڀٽو
* سنڌو ڀٽو
* قرت العين ڀٽو
جي نانءُ ڪريان ٿو .

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران پروفيسر ڊاڪٽر يُووال نوح هراري جي لکيل اھم تنصيف “Homo Dues: A Brief History of Tomorrow” جو سنڌي ترجمو ”هوموڊيئس: سڀاڻي جي مختصر تاريخ (جو اختصار)“ اوھان جي اڳيان آڻي رھيا آھيون جنھن جو سنڌيڪار ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو آھي.
انگريزي زبان ۾ تہ هي ڪتاب 500 صفحن کان مٿي آهي. پر ڊاڪٽر محمد الياس هن ڪتاب جي مختلف بابن جو نچوڙ ڪڍي پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي. هي ڪتاب چارلس ڊارون جي ارتقائي نظرئي کي تسليم ڪندي تاريخ جو تجزيو پيش ڪري ٿو جنھن ۾ مذهبي تصور پڻ شامل آهن. هي ڪتاب 11 بابن تي ٻڌل آهي، جيڪي ٽن حصن ۾ ورهايل آهن: هومو سيپينز (انسان) دنيا کي فتح ڪن ٿا؛ هومو سيپينز دنيا کي معنيٰ ڏين ٿا؛ ۽ هوموسيپينز بيوس بڻجي وڃن ٿا. هي ڪتاب هڪ عام دنيائي مخلوق يعني هومو سيپينز يا انسانن جي سندن غير اهم ۽ فاني مخلوق منجهان لافاني ۽ خدا بڻجندڙ مخلوق تائين پھچڻ جي تاريخي سفر بابت سڀني اهم انقلابن ۽ تاريخي واقعن تان پردو کڻي ٿو.
ھي ڪتاب 2024ع ۾ سوچ پبليڪيشن سيوھڻ شريف پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون مير حاجن مير جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

سنڌي ٻوليءَ ۾ سڀ کان گهڻن ڪتابن جا ترجما، سنڌي ٻوليءَ جي محسن، تاريخ نويس، شاعر، مترجم، لطيف شناس ،ڊرامه نويس، لغت نويس، لطيف شناس، لسانيات ماهر، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ صاحب جن ڪياآهن. جيئن سنڌ جا ماڻھو ٻاهرئين ادب کان روشناس ٿين. اهو سلسلو هلندو رهيو ان کان پوءِ محمد ابراهيم جويي، عطامحمد ڀنڀري ،نياز همايوني،جڳت آڏواڻي، ولي رام ولڀ، نجم عباسي، يوسف سنڌي، سومار علي سومرو،ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، محمد حنيف صديقي ، ممتاز بخاري، ننگر چنا،قربان چنا،مشتاق مسرور باريچو ، حسين بادشاھہ ۽ ٻيا ڪيئي نالا اچي وڃن ٿا جيڪي ترجمي جي حوالي سان سڃاڻپ رکن ٿا. دنيا جي جڳ مشھور ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر يووال نوح هراري جي مشھور ڪتاب (Homo Deus :A Brief History Of Tomorrow) جو اختصار(ترجمو) سيوهڻ ڄائي سنڌ جي ڏاهي، معلم، فلسفي ڊاڪٽر محمد الياس ڀُٽي ڪيو آهي. هي ڪتاب اوهان پڙهندڙن آڏو پيش ڪري رهيا آهيون .اميد تہ اوهان کي ضرور پسند ايندو، ڊاڪٽرمحمد الياس ڀُٽي صاحب ‘هيمو ڊيئس : سڀاڻ جي مختصر تاريخ ’ جو اختصار ڏاڍي سھڻي نموني ڪيو آهي .ادارو هي ڪتاب آڻيندي سرهائي محسوس ٿو ڪري .

پبلشر

مُـھاڳ

ادب جا بنيادي طور ٻہ قسم آهن، هڪ افسانوي ادب، ٻيو غير افسانوي ادب. افسانوي ادب ۾ شاعري،ناول، ڪھاڻي ۽ ڊرامو اچي وڃن ٿا. غير افساني ادب ۾ تاريخ، تحقيق، سوانحي ادب، آتم ڪٿا، ’ٻين پاران لکيل سوانحي ادب‘، ترجمو، فلسفو، تنقيد، مضمون نگاري، رسمي مضمون، غير رسمون مضمون، ڪالم، جيل ادب، مزاح، سائنس، تبصرا نگاري، سفرنامو، خط وغيرہ اچي وڃن ٿا. افسانوي ادب لاءِ اهو چيو وڃي ٿو تہ افسانوي ادب اهو آهي، جيڪو ذهن جي پيداوار آهي. ترجمو غير افسانوي ادب آهي جيڪا تخليق ٻي ڪنھن جي آهي اوهان صرف ترجمي نگار آهيو. ڏسنداسين تہ شاعري، ڪھاڻي، ناول، ڊرامو، ذهني تخليق آهن، افسانوي ادب آهن.
ترجمو انگريزي لفظ ٽرانسليشن (Translation) لاطيني لفظ ٽرانسليٽيو مان نڪتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي هڪ ٻوليءَ کي ٻي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ. ترجمي جا ٻہ قسم چيا وڃن ٿا، هڪ کي ايزيٽز ٻيو فڪشنائيز هوندو آهي. سنڌ ۾ مرزا قليچ بيگ ۽ محمد عثمان ڏيپلائي فڪشنائيز ترجما گهڻا ڪيا.
عالمي ليول تي ترجمي نگارن جي هڪ فيڊريشن ٺھيل آهي. (International federation of translators) جنھن ۾ 55 ملڪ 80 هزار کان وڌيڪ سنڌيڪارن جي نمائندگي ڪري ٿي. جنھن جو قيام 1953ع ۾ عمل ۾ آيو. مقدس ڪتاب (اناجيل) جي سنڌيڪار ’سينٽ جيروم‘ جي وفات جي ڏينھن30 سيٽمبر تي ترجمي جو عالمي ڏينھن ملھايو ويندو آهي. سينٽ جيروم کي ترجمي جو روحاني پيشوا يا ’پيءَ‘ تصور ڪيو وڃي ٿو. سنڌ ۾هن وقت محمد ابراهيم جويو ٽرانسليشن بيورو ٺھيل آهي. جتان ترجمي نگارن جا ڪتاب ڇپجندا رهن ٿا .
سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريان ترجما مذهبي ڪتابن جا، هڪ ’قران مجيد‘ ٻيو ’بائيبل‘ جا ٿيا، عرب دؤر ۾ قران شريف جو ترجمو 280ھہ ۾ سنڌ جي هڪ راجا، عبدﷲ بن عمر هباريءَ ڏي ڪري موڪليو هو، هن ترجمي جو رڳو ذڪر ملي ٿو ترجمو ٿيل ڪتاب نہ ملي سگهيو آهي، روايت آهي تہ اهو ترجمو ان وقت جي رائج سنڌي لپيءَ ۾ ٿيو هو. موجودہ لپي ان کان الڳ آهي، روايت آهي تہ ان دؤر ۾ سنڌ ۾ ست لپيون رائج هيون گهڻي رائج خداوادي لپي هئي. ٻيو ترجمو ”متي“ نالي سان بائيبل مان ’سينٽ مئٿيور‘ جو سنڌي ٻولي ۽ ديوناگري لپيءَ ۾ 1819ع شايع ٿيو. هن ترجمي کي پھريون سنڌي ٻوليءَ جو ترجمو چيو وڃي ٿو. هي ڪتاب برٽش لئبرري لنڊن ۾ موجود آهي. جنھن کي سنڌي ٻوليءَ جي پھرئين ڪتاب جو شرف حاصل آهي. ان دؤر ۾ ضرور ڪي ٻيا ڪتاب بہ ترجمو ٿيا هوندا، پر انھن جو مڪمل تفصيل اڃا ناهي ملي سگهيو.
جڏهن انگريزن 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو، لپيءَ کي نئين سرسنواريو ويو، ۽ درسي ڪتاب ڇپيا تہ ٻاهريون ادب ترجمي جي صورت ۾ ڇپايو ويو. سيوهڻ ڄائي نامور عالم ديوان ننديرام ميرچنداڻي، تاريخ معصوميءَ کي فارسيءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾1854ع ۾ ترجمو ڪيو.کيس ان ترجمي تي سرڪار پاران انعام بہ مليو هو. ديوان ننديرام هڪ ٻيو ڪتاب ’ايسپ جون آکاڻيون‘ 1854ع ۾ پڻ ترجمو ڪيو. ان ئي دؤر ۾ ڪيترائي ٻاراڻا ڪتاب ۽ تاريخ جا ڪتاب ترجمو ڪيا ويا، ناول ’ڀنڀي زميندار جي ڳالھہ‘ غلام حسين جو ترجمو شايع ٿيو. جلد ئي ’ڪتاب سڌا تورو ڪڌا تورو‘ ترجمو ٿي شايع ٿيو. راسيلاس 1968ع ۾ انگريزي زبان مان ديوان اُڌارام ۽ نولراءِ ترجمو ڪري شايع ڪرايو.
سنڌ ۾ انگريزن جي د‎ؤر کان ترجمو باقائدي شروع ٿيو، انگريزي، هندي، اردو، فارسي، عربي ۽ ٻين ٻولين مان ترجما ڪيا ويا. ديوان ننديرام مير چنداڻي سيوهاڻيءَ، ڪاهنداس، قاضي غلام حسين، مرزا قليچ بيگ، واڌو مل چنديرام، گرڏنو لالسنگهہ سيوهاڻي، ڄيٺمل پرسرام، محمد حنيف صديقي، محمد ابراهيم جويو، آغا سليم، ولي رام ولڀ، م. ن. محزون، تنوير عباسي، عطا محمدڀنڀرو، جڳت آڏواڻي، نجم عباسي، يوسف سنڌي، نياز همايوني، سومار علي سومرو، مدد علي سنڌي، ممتاز بخاري، مخدوم امير احمد، پروفيسر اعجاز احمد قريشي، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، عمر سومرو، عنايت بلوچ علي اظھار، ننگر چنا، قربان چنا، مشتاق مسرور باريچو، حسين بادشاهه، الطاف ملڪاڻي، ڊاڪٽر محمود مغل، ڊاڪٽر شير مھراڻي، ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، نواز خان زنئور، نبي بخش دانش شر، انس راڄپر، امجد سراج ميمڻ ،۽ ٻين ترجمي جي حوالي سان پاڻ ملھايو آهي ۽ ٻاهرين عالمي ادب کان سنڌ جي ماڻھن کي مالا مال ڪيو. بدقسمتيءَ سان سنڌ جو پنھنجو شاندر ادب هن وقت تائين ترجمي جي صورت ۾ عالمي دنيا تائين پھچي ناهي سگهيو. جڏهن تہ سنڌيءَ ۾ هزارين ڪتاب ٻاهرئين ادب جا ترجمو ٿي چڪا آهن. عربيءَ مان قران شريف جا ڪيترائي ترجما سنڌ جي عالمن ڪيا آهن .جن ۾ علامہ علي خان ابڙو ۽ تاج محمد امروٽي جا ترجما مشھور آهن.
سنڌيءَ ٻوليءَ مان ڪي ٿورا ڪتاب انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيا آهن. شاھہ لطيف رسالو ارنسٽ ٽرمپ پھريون ڀيرو 1866ع ۾ جرمني زبان ۾ ترجمو ڪيو. ايلسا قاضي شاھہ لطيف جو رسالو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. شاھہ جا رسالا ڪجهہ ٻين مترجمن بہ انگريزيءَ ۾ ترجما ڪيا آهن.شاھہ لطيف جي شاعري انگريزيءَ کان سواءِ،اردو، بلوچي، سرائڪي، ڍاٽڪي، پنجابي، بروهڪي، سرائڪي، ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي. جديد سنڌي شاعريءَ جي امام شيخ اياز جا چار ڪتاب هن وقت تائين انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن. هڪ‘The STORMS CALL FOR PRAYERS’ جي نالي سان آصف فرخيءَ 1999ع ترجمو ڪيو آهي. ٻيوIMMORTAL POETRY OF SHAIKH AYAZ جي نالي سان جي. ايم گرگلاڻي2003ع ۾ترجمو ڪيو آهي.ٽيون SONGS OF FREEDOM جي نالي سان سليم نور حسين 2003ع ۾ ترجمو ڪيو آهي. چوٿون، ‘ ON THE BANK OF INDUS’ جي نالي سان لطيف نوناريءَ 2006ع ۾ ترجمو ڪيو آهي. اياز جو ٻيو ڪجهہ شعر هندي،اردو، سرائيڪي، پنجابي، فرينچ، جرمنيءَ زبان ۾ ترجمو پڻ ٿيو آهي. انگريزي ترجمي کان پھرين فهميدہ رياض سندس شاعري اردوءَ ۾ ڪتابي صورت ۾ ‘حلقہ ميري زنجير ڪا ’ جي نالي سان 1974ع ۾ ترجمو ڪري ڇپائي. نامياري شاعر اياز گل جي شاعريءَ جي انگريزي ترجمي جو ڪتاب ‘The Exiled Memories ’نالي سان 2021ع ۾ پوپٽ پبليڪيشن خيرپور طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو، جنھن جو ترجمي نگار لطيف نوناري آهي. نامور شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي شاعريءَ جوڪتاب ‘Elegy Brave Hearts Tomorrow’ جي نالي ڊڪٽر سحر گل انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي سو پڻ ڇپيل آهي. جڏهن تہ نامور شاعرہ روبينہ ابڙو جي شاعري محمد هاشم سولنگيءَ انگريزي ءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. پر اڃا اهو ڪتاب ڇپجي ناهي سگهيو، مدد علي سنڌيءُ ۾ هڪ ڪتاب انگريزيءَ ڪھاڻين جون مرتب ڪيو آهي جيڪو مختلف ترجمي نگارن جو ترجمو ٿيل ۽ ڇپيل آهي ۽ ڪجهہ ڪتاب مختلف صنفن تي انگريزيءَ ۾ اصلوڪا لکيل آهن.
اسان جي دوست، روشن خيال،ترقي پسند، فلسفي، ڏاهي، معلم ڊاڪٽر محمد الياس ڀُٽي جڳ مشھور ليکڪ يووال نوح هراري جو ڪتاب HOMO DEUS :A BRIEF HISTORY OF TOMORROW جو مختصر اختصار سان تز ترجمو ‘هيمو ڊيئس : سڀاڻي جي مختصر تاريخ’ جي نالي سان ڪيو آهي. انگريزي زبان ۾ تہ هي ڪتاب 500 صفحن کان مٿي آهي. پر ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب جي مختلف بابن جو نچوڙ ڪڍي پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو، يُووال نوح هراريءَ جي شخصيت ۽ تصنيفن جو عاشق آهي .
ڊاڪٽر محمد الياس ڀُٽي ڪتاب جي يارهن بابن جو جدا جدا ترجمو ڪري هر هڪ باب کي جدا رکيو آهي جيئن هرهڪ باب کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي، ترجمو آسان ۽ ڏاڍو تز ڪيو ويو آهي .ڊاڪٽر محمد الياس ڀُٽي ترجمي ۾ ڪا ڏکي ٻولي استعمال نہ ٿو ڪري هو عام ٻولي استعمال ٿو ڪري. جنھن سان پڙهندڙ جلد ڳالھہ جو مقصد سمجهي وڃي ٿو. ڊاڪٽر هڪ طويل ڪتاب جو مختصر ترجمو ڪري ڪتاب کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنھن ۾ هو ڪامياب ويو آهي. هن وقت طويل ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڪو تيار ناهي اُن ڪري آنءٌ سمجهان ٿو تہ هن ڪتاب جو مختصر اختصار پڙهڻ فاعدي وٽان آهي . هاڻ تہ گوگل تي هر شيءِ ٽرانسليٽ ٿئي پئي، پر هي ترجمو ڊاڪٽر صاحب گوگل تان ناهي ڪيو، ٿي سگهي ڪجهہ سالن ۾ ليکڪ قلم سان ترجمو ڪرڻ ڇڏي ڏين ۽ گوگل ٽرانسليشن جو رواج پئجي وڃي، پر اسان جي عالمن قلم جي پورهيي سان جيڪي ترجما ڪيا، ۽ سنڌ جي ماڻھن کي ٻاهرئين عالمي ادب کان روشناس ڪرايو سي ترجما شاهڪار آهن. اميد تہ اڳتي بہ اهڙا ڪتابَ ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو ترجما ڪندو رهندو .

مير حاجن مير
سيوهڻ شريف
14.10.2024

سنڌيڪار پاران

جڳ مشھور فلاسافر، دانشور ۽ تاريخدان پروفيسر ڊاڪٽر يُووال نوح هرارِي جو ڪتاب "هومو ڊيئس:سڀاڻي جي مختصر تاريخ" (Homo Deus: A Brief History of Tomorrow) سندس بھترين وڪامجندڙ ڪتابن مان هڪ آهي. بنيادي طرح سان هي ڪتاب انگريزي ۾ لکيو ويو هو پر اهو هينئر تائين دنيا جي 65 ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. آئون هن ڳالھہ جو معترف آهيان تہ مون کي هن ڪتاب جو هر هڪ جملو، هر هڪ پيراگراف، هر هڪ عنوان ۽ ان جو هر هڪ حصو، هر هڪ باب ۽ هر هڪ ڀاڱو، مطلب تہ سڄي جو سڄو ڪتاب بھترين ۽ سحر انگيز حد تائين هڪ خوبصورت تخليق محسوس ٿيو. مون وانگر ٻين پڙهندڙن کي پڻ يقينن هي ڪتاب معلومات جوخزانو، تاريخي تجزئي جو شاهڪار، ۽ انساني سوچ جو ڪمال لڳندو. ان ۾ ڪوبہ وڌاءُ نہ آهي تہ هن عظيم ڪتاب بابت منھنجو هي اختصاري ترجمو اصل ڪتاب جي اونھائي ۽ خوبصورتي کي مڪمل طرح سان قلمبند ڪري نہ سگهيو آهيان. منھنجو هي اختصاري ترجمو سنڌ جي انھن نوجوانن لاءِ آهي جيڪي انگريزي ۾ لکيل اصل ڪتاب کي پڙهي نہ ٿا سگهن يا وري انھن وٽ وقت جي گهٽتائي آهي. ٻيو تہ پنھنجي هن اختصاري ترجمي جي حوالي سان مان اهو صاف لفظن ۾ واضع ڪرڻ چاهيان ٿو تہ:
• هن اختصاري ترجمي ۾ پيش ڪيل خيال منھنجا پنھنجا نہ آهن پر هن ڪتاب جي ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر يُووال نوح هراري جا آهن.
• هي ڪتاب چارلس ڊارون جي ارتقائي نظرئي کي تسليم ڪندي تاريخ جو تجزيو پيش ڪري ٿو جنھن ۾ مذهبي تصور پڻ شامل آهن.

مان سنڌ جي باشعور نوجوانن کي اها گذارش ڪندس تہ ڊاڪٽر هراري جا ڪتاب گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو ضرور پڙهن تہ جيئن انھن کي خبر پوي تہ دنيا ڪٿي پھتي آهي، ڪيڏانھن وڃي رهي آهي ۽ ان تناظر ۾ اسان پاڪستاني ۽ مسلمان ڪٿي بيٺا آهيون. اسان جي نوجوانن لاءِ اهو سمجهڻ ضروري آهي تہ انسان جيڪو ماضيءَ ۾ هڪ غير اهم مخلوق هو، اهو ڪھڙي ريت وقوفي، زرعي، صنعتي ۽ ڪمپيوٽر انقلابن جي اڙانگن سفرن کان ٿيندو مستقبل جي انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي انقلابن جي سنگم واري دؤر ۾ "سڀني شين جي عالمي رابطن" ۽ هٿرادو ذهانت واري انقلابي دؤر ۾ قدم رکڻ وارو آهي. جتي ترقي يافتہ دنيا جا حڪمران ۽ سائنسدان طبقا فاني منجهان لافاني ٿيڻ وارا آهن ۽ ابدي حسن، ابدي جواني ۽ ابدي خوشي واري خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ وارا آهن. ان دؤر ۾ اسان پارن عام اربين ماڻھو "بيڪار ماڻھن جو وڏو ٽولو" بڻجي ويندا جيڪي مستقبل جي خدا بڻيل حڪمران طبقي جي رحم ۽ ڪرم تي هوندا.آخر ۾ مان سنڌ جي ناليواري اديب،شاعر، محقق،تاريخ نويس،نقاد ،پبلشر محترم مير حاجن مير جو ٿورائتو آهيان جو پنھنجي سوچ پبليڪيشن طرفان منھنجو هي ڪتاب ڇپائي اوهان پڙهندڙن تائين پھچايو .

ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو
سيوهڻ شر يف
4 آڪٽوبر 2024ع

ٻہ اکر مصنف بابت

پروفيسر ڊاڪٽر يُووال نوح هراري جڳ مشھور تاريخدان ۽ فلاسافر آهي. پاڻ پنجن ڪتابن جو مصنف آهي جن مان سندس ٽي ڪتاب جڳ مشھور آهن ۽ دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ وڪرو ٿيندڙن ۾ شامل آهن. انھن ۾ "سيپينز: انسان ذات جي مختصر تاريخ" (Sapiens: A Brief History of Humankind)، "21هين صدي لاءِ 21 سبق" (21 Lessons for the 21st Century)، ۽ "هومو ڊيئس: سڀاڻي جي مختصر تاريخ" (Homo Deus: A Brief History of Tomorrow) شامل آهن. هنن ڪتابن جون دنيا ۾ هن وقت تائين 35 مِلين (3 ڪروڙ، 50 لک) ڪاپيون وڪرو ٿي چڪيون آهن ۽ سندس اُهي ڪتاب دنيا جي 65 ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪا آهن. پاڻ موجودہ وقت ۾ دنيا جا بھترين ۽ وڌ ۾ وڌ اثر رکندڙ دانشور طور سڃاتا وڃن ٿا.مون ڊاڪٽر هراري جي ڪتاب ‘هيمو ڊئس : سڀاڻي جي مختصر تاريخ’ جو صرف اختصار پيش ڪيو آهي .جنھن جو نالو‘ سڀاڻي جي مختصر تاريخ’رکيو آهي . اميد تہ هيءَ ڪاوش اوهان کي ضرور پسند ايندي ،هراري صاحب ڏاڍيون ڪارائتيون ڳالھيون هن ڪتاب ۾ لکيون آهن جيڪي مون کي بيحد پسند آيون مون سوچيون هي اهم ڪتاب آهي سنڌ جي شاگردن ۽ نوجوانن کي هي ڪتاب پڙهڻ گهرجي ڪتاب تہ جامع آهي پر ان جو مختصر اختصار اوهان پڙهندڙن آڏو پيش ڪريان ٿو .
يُووال نوح هراري اسرائيل ۾ 1976ع ۾ پيدا ٿيو. پاڻ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان 2002ع ۾ انساني تاريخ جي شعبي ۾ پِي ايڇ ڊِي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ هن وقت يونيورسٽي آف يروشلم ۾ تاريخ جا پروفيسر آهن. 2019ع ۾ سندس ڪتابن جي عالمي ڪاميابي ۽ مڃتا کان پوءِ پاڻ پنھنجي جيون ساٿي اٽزڪ ياهائو (Itzik Yahav) سان گڏجي "سيپين_شِپ" (Sapienship) سماجي تنظيم جو بنياد رکيو، جيڪا دنيا ۾ تعليم ۽ تفريح جي حوالي سان ۽ موجودہ توڙي آئيندہ عالمي مسئلن ۽ للڪارن بابت مختلف عوامي فورمز تي بحث مباحثا ڪرائڻ ۽ تخليقي بيانيا جوڙڻ سان وابستہ آهي.
پاڻ ڊيووس (Davos) ۾ 2018ع ۽ 2020ع ۾انسان ذات جي مستقبل بابت "عالمي معاشي فورم"جي مُک ڪانگريس هال جي فورم تان پُر اثر تقريرون ڪيون ۽ انساني تاريخ بابت پنھنجو بھترين تجزيو پيش ڪيو. پاڻ هن وقت تائين ڪيترن ئي ملڪي ۽ ڊجِيٽل سوشل ميڊيا جي سربراهن سان ملاقاتون ڪري چڪا آهن ۽ انھن سان انسانذات جي بھتر مستقبل لاءِ مذاڪرات ڪري چڪا آهن. سندس جديد تحقيق تاريخ جي وڏن سوالن کي سمجهڻ سان تعلق رکي ٿي. مثال طور: تاريخ ۽ حياتيات جو هڪ ٻئي سان ڪھڙي قسم جو تعلق آهي؟ هومو سيپينز يا انسانن ۽ ٻين جانورن ۾ ڪھڙو اهم فرق آهي؟ ڇا تاريخ جي سفر کي پنھنجو ڪو رُخ يا رستو آهي؟ ڇا ماڻھو تاريخ جي سفر ۾ ماضي کان حال تائين پھچندي وڌيڪ خوش ٿيا آهن؟ ايڪيھين صدي ۾ سائنس جو شعبو اخلاقيات سان واسطو رکندڙ ڪھڙا سوال اٿاريندو؟
پروفيسر هراري کي سندس علمي ۽ تحقيقي پورهئي جي مڃتا طور هن وقت تائين ڪيترائي انعام اِڪرام ملي چڪا آهن. 2020ع ۾ يونيورسٽي آف برسلز (University of Brussels) طرفان کيس اعزازي پِي ايڇ ڊِي جي ڊگري ڏني وئي؛ کيس Sapiens: A Graphic Historyفلم لاءِ چائينا طرفان CITIC Author of the Year 2020 جي انعام سان نوازيو ويو؛ 2019ع کان 2021ع تائين سندس ڪتاب "21هين صدي لاءِ 21 سبق"، "هومو ڊيئس: سڀاڻي جي مختصر تاريخ" ۽ "سيپينز: انسان ذات جي مختصر تاريخ" کي مختلف ملڪن جي ادارن طرفان ترتيبوار "علم جو ڪتاب"، "دانش جو ڪتاب" ۽ چائينا جو ونجن بوڪ ايوارڊ جا اعزاز ۽ انعام ملي چڪا آهن.
(هي مواد ٿوري گهڻي تبديلي سان يووال نوح هراري جي هن ويبسائيٽ تان ورتو ويو آهي:

About-Yuval Noah Harari
Ynharari.com/sb

هوموڊيئس: سڀاڻي جي مختصر تاريخ جو اختصار

---

تعارف ۽ باب: 1

پروفيسر ڊاڪٽر يووال نوح هراري جو هي ڪتاب 11 بابن تي ٻڌل آهي، جيڪي ٽن حصن ۾ ورهايل آهن: هومو سيپينز (انسان) دنيا کي فتح ڪن ٿا؛ هومو سيپينز دنيا کي معنيٰ ڏين ٿا؛ ۽ هوموسيپينز بيوس بڻجي وڃن ٿا. هي ڪتاب هڪ عام دنيائي مخلوق يعني هومو سيپينز يا انسانن جي سندن غير اهم ۽ فاني مخلوق منجهان لافاني ۽ خدا بڻجندڙ مخلوق تائين پھچڻ جي تاريخي سفر بابت سڀني اهم انقلابن ۽ تاريخي واقعن تان پردو کڻي ٿو.
ڪتاب جو عنوان پڻ اهڙي ئي تصور کي ظاهر ڪري ٿو. لفظ "هومو" انسان جي حياتياتي نالي "هومو سيپينز" منجهان ورتل آهي، جنھن جو مطلب آهي ماڻھوءَ جو نسل، جڏهن تہ لفظ "ڊيئس" وري لاطيني زبان ۾ خدا يا ديوتا جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي. موضوع جي لحاظ کان هي ڪتاب انسان-پسنديت جي نظرئي جي اشتراڪي، آزاد-خيالي ۽ ارتقائي حوالن سان تشريح ڪري ٿو.
ڪتاب جو پھريون باب "نئين انساني ايجنڊا" جيڪو سڀني حصن کان مقدم رکيو ويو آهي، مقدمي جي حيثيت رکي ٿو. هن ۾ هڪ غير اهم مخلوق يعني انسان جو غير اهم ۽ معمولي حيثيت مان لافاني بڻجڻ ۽ خدائي صفتن حاصل ڪرڻ تائين جي سفر کي سوڙهو ڪري بيان ڪيو ويو آهي.
پروفيسر هرارِي مطابق ماضيءَ ۾ انسان ذات کي درپيش مصيبتن جھڙوڪ ڏُڪارن، وبائن ۽ جنگين تي هن مِلينيم دوران اڄ جو انسان ڄڻ تہ انھن کي وس ۾ ڪرڻ ۽ انھن تي ضابطي حاصل ڪرڻ تائين اچي پھتو آهي. هاڻي هو انھن مصيبتن کي خدائن جي ناراضگي نہ ٿو سمجهي، پر پنھنجي صلاحيتن لاءِ للڪار ٿو سمجهي. ان ڪري مستقبل جا انسان اهڙين مصيبتن کي قسمت ۾ لکيل هجڻ بدران انھن کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وسيلي ختم ڪرڻ، توڙي اڳواٽ روڪڻ لاءِ وڌيڪ بھتر طريقن سان منھن ڏيڻ جي قابل هوندا.
هن حصي ۾ ليکڪ ماضي جي وبائن جھڙوڪ ماتا، سارس، ايبولا، سُوائِن فِلُو ۽ ڪاري موت يا پليگ (هي بيماري Yersenia Pestis بيڪٽيريا جي ڪري ٿئي ٿي جيڪا چچڙن وسيلي جانورن کان انسانن تائين پکڙجي ٿي) جي تباھہ ڪارين جا انگ اکر پيش ڪري ٿو. هن وقت اهي وبائون يا تہ ختم ٿي چڪيون آهن يا وري ضابطي هيٺ اچي چڪيون آهن. هيٺ انھن وبائن تحت دنيا ۾ ٿيندڙ موتن جي تعداد جا انگ اکر ڏجن ٿا:
• پليگ يا ڪارو موت ...............75 ملين کان 200 ملين موت
• پھرين جنگِ عظيم (1914= 1918 تائين) .....40 ملين موت
• اسپينش فِلُو...................................................50 ملين موت
• اسپينش فِلُو (فقط انڊيا ۾)...............................15 ملين موت
• ايڊز (AIDS)...............................................30 ملين موت

ماضي ۾ موت جي انھن انگن اکرن جي ڀيٽ ۾ اڄڪلھہ (2012) جي سالانہ صورتحال ڪجهہ هن ريت آهي:

• دنيا ۾ ٿيندڙ ڪل سالانہ موتن جو تعداد...........56 ملين موت
• فقط جنگين ۾..............120،000 (هڪ لک ويھہ هزار موت )
• فقط جرمن ۾ ٿيندڙ موت...............500،000 (پنج لک موت )
• فقط خودڪشين ۾ موت.................800،000 (اٺ لک موت )
• فقط شگر بيماري جا موت........... 1500،000 (15 لک موت )

اڄڪلھہ ڏڪار اصولي طور تي ختم ٿي چڪو آهي، ڇو تہ مجموعي طرح سان موجودہ ڏڪار اسان جي پيداواري وسيلن جي هٿراڌو غير منصفانہ ورڇ جي ڪري موجود آهي، نہ تہ ان جي ابتڙ دنيا ۾ اڄ جو وڏو مسئلو غذائي قلت نہ پر ضرورت کان وڌيڪ کاڌو واپرائڻ ۽ ٿولھہ (Obesity) آهي. هن وقت ڏڪار ۽ غذائي قلت سان گهٽ، پر ٿولھہ ۽ گهڻو کائڻ جي ڪري وڌيڪ موت ٿين ٿا؛ جنگ ۽ دهشت گرديءَ جي ڪري گهٽ، پر خودڪُشين جي ڪري گهڻا موت ٿين ٿا؛ وبائن جي ڪري گهٽ، پر سافٽ ڊرنڪس (تکن مٺن بوتلن ۽ شربتن) پيئڻ ۽ جنڪ فوڊس يا سڻڀن کاڌن کائڻ جي ڪري وڌيڪ موت ٿين ٿا؛ ۽ القائداه ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جي دهشتگردي جي ڪري گهٽ، پر ڪوڪا ڪولا پيئڻ سان وڌيڪ موت ٿين ٿا!
هاڻي دنيا جي معيشت بلڪل تبديل ٿي چڪي آهي. اڳ ۾ مادِي وسيلا يعني سون، اناج ۽ تيل اهم هئا، هاڻي وري دنيا جي معيشت علم ۽ تحقيق تي انحصار ڪري ٿي، ۽ ان چوڻيءَ ۾ وري روح ڦوڪجي ويو آهي تہ علم چوري نہ ٿو ٿي سگهي! ڇو تہ تيل ۽ گئس جي ذخيرن تي تہ حملو ۽ قبضو ٿي سگهي ٿو پر قومن جي ڏاهپ ۽ علم چورائي نہ ٿا سگهجن! انڪري علم ۽ تحقيق ۾ اڳتي وڌندڙ قومون ترقي ۾ پڻ اڳتي آهن.
دهشتگرد اصل ۾ ڪمزور قوتون آهن، جيڪي بذاتِ خود گهڻو ڪجهہ نہ ٿا ڪري سگهن پر اهي فقط بدحواسي ۽ خوف جي فضا پيدا ڪري حڪومتن کان وڏا نقصان ڪرائيندا آهن. انھن دهشتگردن جو مثال هڪ مَک وانگر آهي جيڪا چائينا شاپ ۾ ڪجهہ بہ نقصان نہ ٿي ڪري سگهي، پر جيڪڏهن اها مک هڪ پاڏي جي ڪَنَ ۾ گهڙي وڃي ۽ اهو پاڏو ڇتو ٿي چائينا شاپ ۾ اندر داخل ٿي وڃي تہ اهو ان دوڪان جو تهس نهس ڪري ڇڏيندو.
هن وقت جڏهن انسان ڏڪار، وبا ۽ جنگ تي ضابطو حاصل ڪري چڪو آهي تہ ان جو اهو مطلب قطعي طور نہ وٺجي تہ اسان جو آئيندو يا مستقبل محفوظ بڻجي چڪو آهي ۽ انسان ذات لاءِ بقا جو ڪو بہ خطرو موجود نہ آهي. هڪ پاسي اسان جي صنعتي ترقي مختلف ٻارڻن جي مرهونِ منت آهي، تہ ٻئي پاسي هن هٿراڌو ترقي اسان جي بقا لاءِ ايترا تہ وڌيڪ خطرا پيدا ڪري ڇڏيا آهن جيڪي شايد ائٽمي جنگين، بيمارين، وبائن ۽ ڏڪارن جي مجموعي نقصانن کان بہ تمام وڌيڪ آهن. مثال طور، ماحولياتي گدلاڻ، مسلسل وڌندڙ عالمي گرمي جو درجو ۽ ماحولياتي يا آبھوائي تبديليون مستقبل جا اهڙا خطرا آهن، جيڪي مرڳو هن سموري ڌرتيءَ تي هر قسم جي زندگي ۽ مخلوق ختم ڪري سگهن ٿا، پر تنھن هوندي بہ دنيا جي سطح تي انھن جي روڪٿام لاءِ مؤثر اپاءُ نہ پيا ورتا وڃن.، پر جيئن تہ مٿين خطرن ۽ مصيبتن جو ظھور هڪدم ٿيڻو نہ آهي، ان ڪري اڄ جو انسان پنھنجي موجودہ تناظر ۾ ڏڪارن، وبائن ۽ جنگين تي ضابطي کان پوءِ هن وقت تائين جي اڻٽر حقيقت سمجهيو ويندڙ "موت" تي ضابطي ۽ فتح لاءِ پنھنجا پرڙا کولي رهيو آهي. اڄ انسان موت کي اڻٽر نہ ٿو سمجهي ۽ نہ ئي ان کي معنيٰ ڏيڻ ۾ پنھنجي توانائي خرچ ڪرڻ کي بھتر سمجهي ٿو، پر اڄ اهو موت کي جسم اندر مختلف ٽيڪنيڪل نقصن جي ڪري پيدا ٿيندڙ حالت سمجهي ٿو. اهو هينئر هن ڪوشش ۾ آهي تہ زندگي جا سڀ ٽيڪنيڪل نقص ختم ڪري موت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺي. ان ڪري سندس اڳئين منزل لافانيت، ديرپا خوشي ۽ پاڻ کي خدائي صلاحيتن سان ليس ڪرڻ آهي. ٻين لفظن ۾ ڀولڙن جي هڪ عام جنس يا مخلوق ارتقا ۽ لياقتن جي فطري چونڊ وسيلي، پنھنجي جسم ۽ ذهن کي بھتر بڻائيندي، فاني منجهان لافاني ۽ خدا جھڙو بڻجڻ جي ڪوشش ۾ آهي!
انسان جي هي آئندہ منزل ايڪيھين صدي جي ايندڙ ٻن يا ٽن ڏهاڪن دوران برپا ٿيندڙ انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي انقلاب واري دؤر ۾ هڪ پاسي پنھنجي ڊِي اين اي (DNA) ۾ نينو ٽيڪنالاجي روبوٽن ۽ سپر ڪمپيوٽرن جي نيٽورڪن وسيلي موجود ناقص ۽ بيمار جِينز (Genes) کي ٺيڪ ڪرڻ يا تبديل ڪرڻ واري صلاحيت ماڻي وٺندو، تہ ٻئي پاسي ماحولياتي اثرن جي ڪري جسم ۾ خرابي يا بيماري پيدا ٿيڻ شرط ئي ان کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت پڻ ماڻي وٺندو. نتيجي ۾ هُو فطري موت کي تسخير ڪري وٺندو. دنيا ۾ هن قسم جون صلاحيتون ۽ فائدا فقط ٽيڪنالاجي ۾ ترقي يافتہ ملڪن جا حڪمران ۽ سائنسدان طبقا حاصل ڪري سگهندا ۽ نتيجي ۾ اهي پاڻ کي سدا جوان، سدا حَسين ۽ سدا حيات بڻائي ڇڏيندا. ٻئي پاسي ان دؤر ۾ انسان-پسندي ۽ جمھوري رويا مٿئين حڪمران طبقي جي مفادن وٽان رهي نہ سگهندا، ڇو تہ ايندڙ معاشري ۾ موجودہ پيشيورانہ مھارتون رکندڙ ماڻھو جھڙوڪ استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر، ڊرائيور ۽ موسيقار وغيرہ گهربل نہ هوندا. اهو ان ڪري جو انھن جي جاءِ تي بھتر خدمتون ڏيندڙ ۽ گهٽ خرچ گهرندڙ خودڪار روبوٽ ساڳئي ڪم لاءِ ميسر هوندا ۽ ڪم پيا ڪندا. نتيجي ۾دنيا ۾ اربين ماڻھو "بيڪار ماڻھن جو وڏو ٽولو" بڻجي ويندا. ان دؤر ۾ حڪمرانن کي آزاد ووٽرن جي بہ ضرورت نہ رهندي، ڇو تہ خدائي صفتن سان مالا مال حڪمران لامحدود بِگ ڊيٽا ۽ بايو سينسرز وسيلي عوام جي سوچ، جذبن ۽ نفرتن وغيرہ تي پڻ ضابطو رکي چڪا هوندا. ان دؤر ۾ حڪمرانن کي موجودہ فوجي دستن ۽ سپہ سالارن يا جرنيلن جي بہ ضرورت نہ رهندي، ڇو تہ اهو ڪم پڻ انھن جا روبوٽ ۽ ڊُرون وڌيڪ مؤثر نموني ڪري سگهندا. جيڪڏهن ويجهي مستقبل ۾ ائين نہ بہ ٿيو تڏهن بہ ان کان ڪجهہ گهٽ ڪاميابي تہ ضرور ملڻي آهي، يعني انسان پنھنجي عمر ۾ ٻيڻ يا ٽيڻ جيترو اضافو تہ ضرور حاصل ڪري سگهندو ۽ مٿيان مسئلا ننڍي پيماني تي ڪَرُ ضرور کڻندا.
خوشيءَ جي حوالي سان هراري جو خيال آهي تہ ان جو مدار فقط اسان جي حاصلات ۽ ڪاميابين سان نہ آهي، پر هڪ جيترو اسان جي حاصلات ۽ اميدن تي آهي، ۽ اهڙي توازن تي آهي. بدقسمتي سان اسان جون اميدون اسان جي ڪاميابين ۽ حاصلات سان گڏو گڏ وڌنديون رهنديون آهن. ان ڪري جيڪڏهن تاريخ جي سفر جو جائزو وٺنداسين، تہ اسان جو اڄ جو عام انسان بہ پراڻن بادشاهن کان وڌيڪ آسائشون ۽ سھولتون روزانہ واري عام زندگي ۾ ماڻي ٿو، پر پوءِ بہ سندس خوشي گهٽجندي پئي وڃي. خوشي ۽ ڏک ڪجهہ بہ نہ آهن پر اهي اسان جي جسمن ۾ پيدا ٿيندڙ وقتي محسوسات آهن، جن جو جٽاءُ 10 کان 15 منٽن تائين رهي ٿو.
اسان جي لافانيت ۽ ابدي سُرور جي خوابن جي ساڀيان لاءِ هن دؤر جو انسان پاڻ کي خدائي صفتن وارو سپر انسان بڻائڻ جي چڪر ۾ لڳو پيو آهي. سندس هن خواب جي تعبير هنن ٽن طريقن سان ممڪن آهي: بايو انجنيئرنگ، سائيبورج انجنيئرنگ ۽ غير انساني يا مشيني انجنيئرنگ. هن وقت تائين اسان جو جيڪو جسم آهي اهو چار ارب سالن جي گهربل ۽ بھتر صلاحيتن جِي فطري چونڊ ۽ ارتقاء جي عمل وسيلي هڪ گهرڙي واري جاندار ايموبا کان ميمل تائين يا ماڻھو تائين جي مرحلن مان گذري چڪو آهي. هن ڊگهي ڊوڙ ۾ اسان جي ڊِي اين اي ۾ تمام ٿورڙيون تبديليون واقع ٿيون آهن، جن موٽ ۾ وري انسان کي حيرت انگيز طور تي ڪارناما ڪندڙ بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻي جڏهن بايو انجنيئرنگ وسيلي ڊِي اين اي ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڪرڻ ممڪن بڻجي چڪو آهي، تہ ان جي نتيجي ۾ خبر نہ آهي تہ اڄ جو انسان سڀاڻي ڇا ڇا ڪندو ۽ ڪٿي ڪٿي پڄندو؟ سائيبورج انجنيئرنگ واري طريقي مان مراد آهي تہ اسان پنھنجي نامياتي يا قدرتي جسم کي مشيني ۽ غير نامياتي شين يعني مختلف ڪمپيوٽرن، اوزارن ۽ مشينن سان ڳنڍي ڇڏيون. هن طريقي سان اهي مشينون هڪ ئي هنڌ يا دنيا جي مختلف هنڌن تي اسان لاءِ هڪ کان وڌيڪ هٿن، ٻانھن، اکين يا وري رت ۾ ڪروڙين نينو روبورٽن وسيلي اسانجي جسم ۽ ذهن کي طاقتور ترين بڻائي سگهن ٿيون. اهڙا تجربا هن وقت ڀولڙن تي ڪامياب ٿي چڪا آهن. ٽئين ۽ آخري طريقي يعني غير نامياتي يا مشيني سطح تي هٿراڌو ذهانت کي استعمال ڪندي هڪ اهڙي مشيني مخلوق ٺاهي سگهجي ٿي، جيڪا هڪ پاسي عام انسان کان جسماني طور تي هزارين دفعا مضبوط هجي، تہ ٻئي پاسي اها ذهني طور تي عام ماڻھو کان لکين ۽ ڪروڙين دفعا وڌيڪ ذهين هجي. اها مشيني مخلوق سپر ڊيٽا جو تجزيو ڪرڻ ۽ ان منجهان لاڳاپيل ذهانت وارا فيصلا ڪرڻ جي قابل هوندي، يعني ڄڻ تہ خدائي طاقتن جي حامل هوندي.
هرارِي مطابق چاهي نتيجا ڪھڙا بہ سامھون اچن يا رڪاوٽون ڪھڙيون بہ ڇو نہ پيش اچن، انسان جي اها ڊوڙ جاري رهندي، چاهي ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڇو نہ ڪئي وڃي. اهو ان ڪري تہ ڪوبہ ترقي يافتہ ملڪ نہ چاهيندو تہ اهو بايو ٽيڪنالاجي ۽ هٿراڌو ذهانت جي شعبن ۾ ڪو پوئتي هجي. هن سلسلي ۾ ملڪن ۽ ادارن جو مؤقف اهو هوندو تہ اهي بيمارين جو علاج ڳولڻ ۽ انھن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهن. اهو بلڪل ممڪن آهي تہ ويجهي مستقبل ۾ گهربل ذهني ۽ جسماني صلاحيتن وارا جينيٽيڪلي انجنيئرڊ ٻار مختلف مارڪيٽن يا ادارن ۾ وڪري لاءِ موجود هوندا. ان ڪري ايندڙ دؤر ۾ ترقي يافتہ ملڪن جا حڪمران ۽ سائنسدان ضرور پاڻ کي لافاني بڻائي ڇڏيندا؛ هن وقت توڙي ايندڙ دؤر ۾ انسان پنھنجي لافاني بڻجڻ، ابدي سُرور حاصل ڪرڻ ۽ آفاقي يا خدائي صلاحيتون حاصل ڪرڻ وارن خوابن جي تعبير لاءِ جاکوڙ جارِي رکندو، چاهي ان ۾ انسان ذات کي ڪيڏو بہ نقصان ڇو نہ پوي. زميني حقيقتون تہ ان طرف ئي اشارو ڪري رهيون آهن. هن مسئلي تي بين الاقوامي سطح تي غور و فڪر ٿيڻ گهرجي. پر ٻئي پاسي اهو بہ ممڪن آهي تہ مستقبل جي دنيا ۾ تباهي نہ هجي ۽ زندگي وڌيڪ بھتر هجي ڇو تہ دنيا ۾ تبديلي کي اڪثر پسند نہ ڪيو ويندو آهي ۽ ان جي مخالفت ڪئي ويندي آهي ۽ نتيجي ۾ ٿي سگهي ٿو تہ اهو سڀ ڪجهہ نہ بہ ٿئي...!

حصو پھريون: انسان دنيا کي فتح ڪري ٿو

ڪتاب جو پھريون حصو ٻن بابن تي ٻڌل آهي: انسان طرفان حياتياتي نسل ڪشي جو نئون دؤر ۽ انساني چڻنگ. ڌرتي جي وجود يا عمر جي حوالي سان هي دؤر بلڪل نئون آهي ڇو تہ هي دور گذريل 70 هزار سالن کان هن وقت تائين پکڙيل آهي. ان دؤر ۾ هن وقت تائين انسان سڀني مخلوقات تي حاوي رهيو آهي. يووال نوح هراري هن حصي ۾ هيٺين ٽن سوالن بابت بحث ڪري ٿو:

• انسانن ۽ ٻين جانورن ۾ ڪھڙو فرق آهي؟
• اسان جي نسل يا انساني نسل دنيا کي ڪيئن فتح ڪيو؟
• ڇا انسان واقعي ٻين مخلوقات کان برتر آهي يا انھن جھڙو ئي آهي؟

باب ٻيون: انسان طرفان حياتياتي نسل ڪشي جو نئون دؤر

ٻئين باب "انسان طرفان حياتياتي نسل ڪشي جو نئون دؤر" ۾ ليکڪ يووال نوح هرارِي ٻڌائي ٿو تہ زرعي ۽ صنعتي انقلابن دوران انسان ڌرتي تي ڪيئن نہ ٻين جانورن ۽ حياتياتي نسلن لاءِ تباهي ۽ موت کڻي آيو هو ۽ آهي. هن وقت بہ هُو ڄڻ تہ خدائي صفتون حاصل ڪري خدا بڻجي ويو آهي، جيڪو پنھنجي مرضي، مفاد، کاڌ خوراڪ ۽ آسائشن لاءِ ٻين سڀني مخلوقات جي زندگين سان کيڏي رهيو آهي. نتيجي ۾ جانورن، مَڇين، پکين ۽ جيتن جا ڪيترائي قسم ۽ نسل دنيا ۾ ناياب ۽ ختم ٿي چڪا آهن. اهو سلسلو رڪيو تہ نہ آهي پر ڏينھون ڏينھن تيز ٿيندو پيو وڃي. هن وقت ڌرتيءَ تي فقط انسان جو ئي نسل وڌندو ٿو وڃي.
انسان جي ظلم ۽ قھر جي بدولت هڪ پاسي تہ دنيا مان شينھن، هاٿي، بگهڙ، گدڙ وغيرہ ختم ٿيندا پيا وڃن؛ تہ ٻئي پاسي انسان جي کاڌ خوراڪ ۽ ٻين گهرجن جي پُورائي لاءِ پالتو جانورن جھڙوڪ ڪُتن، ٻلين، سوئرن، ٻڪرين، ڍڳين، مينھين ۽ ڪُڪڙِين جو تعداد تمام گهڻو وڌايو پيو وڃي. اهو وڌيل تعداد انھن جي زنده رهڻ جي حق طور نہ پر، انسان جي کاڌي، ذائقي ۽ مزي لاءِ وڌايو پيو وڃي. هاڻي انسان بي حِسي جي اُن نقطي تي پھچي چڪو آهي جتي نہ رڳو اهو انھن جانورن جي هٿراڌو زندگي کي عام جهانگلي زندگي جي ڀيٽ ۾ نھايت تڪليف ۽ اذيت وارِي بڻائي چڪو آهي، پر اڄوڪي انسان کي ان ظلم جو ڪو بہ احساس ئي ڪونھي. نہ انھن جانورن کي هلڻ، گهمڻ ۽ ڊوڙڻ لاءِ ڪا مناسب جڳھہ ڏني ٿي وڃي، نہ انھن کي انھن جي وچ ۾ فطري نسلي افزائش وارا لاڳاپا رکڻ جي اجازت آهي، ۽ نہ ئي انھن کي پنھنجن ٻچڙن سان ملڻ ۽ گڏ رهڻ جي آسودگي ميسر آهي. پر جي ميسر آهي تہ فقط هڪ ئي قسم جي هٿرادو خوراڪ (فيڊ جيڪا انھن جھڙن جانورن کي پِيڙي انھن جي گوشت مان ٺاهي وڃي ٿي) جنھن سان اهي پيٽ ڀري جيئرا رهِي سگهن ٿا ۽ پنھنجي ڪُسجڻ جو انتظار ڪري سگهن ٿا. اهي تصور اڪثر ڪري زرعي انقلاب جي اثر هيٺ پيدا ٿيا آهن ۽ مذهبن جھڙوڪ جَين، هندو، ٻُڌُ ۽ عيسائيت جي پاڇي ۾ پروان چڙهندا رهيا آهن. انھن مذهبن ۾ اڻ ڏٺل خدائن کي راضي ڪرڻ لاءِ جانورن جي قرباني ئي واحد وسيلو هئي. ظاهري عڪس ۾ هندن وٽ هر ساھہ وارو مقدس هئو؛ ساڳي طرح سان جَين مذهب جا پوئلڳ پنھنجي وات کي ڪپڙي سان ڍڪي رکندا هئا تہ جيئن ڪا مک، مڇر يا ساهوارو جيت وات ۾ هليو نہ وڃي ۽ مرِي نہ پوي، ۽ ٻئي طرف اهي هٿ ۾ ٻوهارو رکندا هئا تہ جيئن اهي پنڌ ڪرڻ دوران ان کي سامھون وارِي زمين تي نرمي سان ڦيرائي سگهن تہ جيئن ڪا ڪِيلي يا ماڪوڙي پيرن هيٺ اچي مرِي نہ پوي. پر ان جي باوجود هنن مذهبن جي مذهبي تصورن ۾ ڪائنات ۾ ٻہ شيون يعني خدا ۽ ماڻھو ئي اهم ڪردار هئا ۽ انھن کان علاوہ ٻيو ڪجه بہ اهم نہ هئو. اصل ۾ انھن مطابق ماڻھو کي روح جي هئڻ ڪري سڀني شين ۽ جانورن مٿان فوقيت حاصل هئي.
چوندا آهن تہ ‘جھڙي ڪرڻِي تِھڙي ڀرڻِي’ اسان ماضي کان وٺي هن وقت تائين ادنيٰ درجي جي جانورن ۽ حياتي جي مختلف صُورتن تي جيڪي ظلم ڪيا آهن، انھن جو پاپ شايد اسان تي نازل ٿيڻ وارو آهي، ڇو تہ ويجهي مستقبل ۾ جڏهن هڪ ننڍو حڪمران ٽولو خدائي صفتن کي ماڻي وٺندو ۽ لافاني ٿي ويندو تہ اسان جھڙا عام ماڻھو اربن جي تعداد ۾ "بيڪار ماڻھن جو هڪ وڏو ٽولو" بڻجي ويندا جن جي زندگي ۽ مستقبل جا فيصلا هِن وقت جي جانورن مثل اُن وقت جي لافاني حڪمرانن جي هٿ وس هوندا ۽ عام ماڻھو انھن جي رحم ڪرم تي هوندا!

باب ٽيون: انساني چڻنگ

هراري ٽئين باب "انساني چڻنگ" ۾ هڪ اهم تاريخي سوال اٿاري ٿو تہ انسان جڏهن پنھنجِي سوچ سمجهہ ۽ ذهانت جي آڌار تي ٻين مخلوقن ۽ زندگي جي قسمن کان اُتم ۽ اعليٰ آهي، يا ٻين لفظن ۾ اُن ۾ "روح" موجود آهي تہ ڇا ان کي اهو بہ حق حاصل آهي تہ ٻين ادنيٰ درجي جي جانورن ۽ مخلوقن جي زندگين سان کيس جئين وڻي تيئن ڪري ۽ انھن جون زندگيون اذيتناڪ بڻائي ڇڏي، يا وري مرڳو انھن کي ختم ئي ڪري ڇڏي؟! يا وري ڇا انسان کي اهو حق آهي تہ پنھنجي کاڌ خوراڪ لاءِ پالتو مال جھڙوڪ سوئرن، ٻڪرين، رڍن، ڍڳين، مينھين، مَڇين ۽ ڪُڪڙين کي هٿراڌو نسلي افزائش جي طريقن سان پيدا ڪري ۽ پوءِ انھن منجهان ئي ڳچ تعداد کي مشينن ۾ پِيڙي ۽ نِپُوڙي باقين لاءِ کاڌو (فيڊ) ٺاهي؟! ساڳئي تناظر ۾ ڇا آمريڪي ماڻھن کي اهو حق حاصل آهي تہ اهي پاڻ کان گهٽ ذهين ۽ گهٽ ترقي يافتہ افغانين جي زندگين سان سندن ئي ملڪ ۾ جيئن وڻين تيئن کيڏن ۽ انھن جون زندگيون ختم ڪن؟
هن جي جواب ۾ هراري ثبوتن سان اهو واضع ڪري ٿو تہ انسانن توڙي سڀني جانورن جي سوچ ۽ جذبا جھڙوڪ غصو يا ڪاوڙ (ٻين جي سوچ ۽ رويي سان سھمت نہ هجڻ)، همت (مقابلي ڪرڻ جي همت)، خوف ( مقابلي جي ڊپ جو غالب اچڻ )، فرار (مقابلي کان پوئتي هٽڻ)، پيار (پنھنجي نسل کي جاري رکڻ ۽ جِين منتقل ڪرڻ)، نفرت (نقصانڪار شيءَ کان پاسو ڪرڻ ) ۽ خوشي (پنھنجون جسماني، ذهني، جذباتي ۽ سماجي گهرجون پوريون ڪرڻ) وغيرہ هڪجھڙا آهن، جيڪي اسان جي توڙي جانورن جي دماغن ۾ 80 ارب نيوران گهرڙن جي فائرنگ ۽ انھن جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ پيچيده تعلقات جا نتيجا آهن. شعور ۽ روح جي حوالي سان 7 جولاءِ 2012ع ۾ دنيا جي دماغي سائنسدانن "شعور متعلق ڪيمبرج اعلان" ۾ يڪراءِ طور تي اهو واضع ڪيو آهي تہ نہ رڳو انسانن پر ٻين جانورن ۽ مخلوقات ۾ پڻ انسان وانگر پيچيده نيوراني، ڪيميائي ۽ دماغي-رابطن جا عمل سندن دماغن ۾ ٿيندا آهن، جيڪي انھن ۾ انسانن وانگر مٿيان احساس ۽ جذبا پيدا ڪندا آهن. مطلب تہ انسان حياتياتي ۽ روحاني طرح سان جانورن کان وڌيڪ بھتر ۽ برتر نہ آهي. ان ڪري جانورن، پکين، مڇين، ريڙهيون پائيندڙ نانگن بلائن ۽ ڀونءِ آبي جاندارن (خشڪي توڙي پاڻيءَ ۾ زندھہ رهندڙ جانورن) وغيرہ کي ايذاءُ يا تڪليف پھچائڻ يا انھن جي فطري حياتي کي تبديل ڪرڻ يا انھن جي حياتي کسڻ جي ذميواري يا ڏوھہ ملوث انسان يا انسانن جي مٿان آهي.
هرارِي مطابق انسان پنھنجين غلطين کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ اڪثر ڪري مذهبن جو سھارو وٺندو آيو آهي. جانورن جي دنيا ٻن سچائين تي ٻڌل هوندي آهي: هڪ سندن ذاتي سوچ يا پسند نا پسند تي ٻڌل سچائي (موضوعي) ۽ ٻي وري مادِي دنيا ۾ موجود شين بابت سچائي (معروضي)، جھڙوڪ وڻ ٽڻ، ٻوٽا، جانور، جبل، درياءَ وغيرہ. پر هنن ٻن سچائين کان سواءِ هڪ ٽئين سچائي بہ هوندي آهي، جيڪا فقط انساني سماج ۾ ئي گهڙِي وئي آهي. اها آهي مختلف ماڻھن جي وچ ۾ موجود عام سوچ ۽ سمجهہ واري سچائي يا بين الافرادي سچائي (Inter-subjective reality). هي سچائي مادِي دنيا ۾ ٻاهر موجود نہ هوندي آهي پر انساني سماج ۾ ضرور موجود هوندي آهي. هن جو واسطو ۽ انحصار انسانن جي ڪھاڻيون گهڙڻ واري خوبي ۽ هڪ ٻئي سان رابطي جي ڄارن تي آهي. دنيا ۾ ڪيتريون ئي سچائيون هن قسم جون يعني بين الافرادي سچائيون آهن ۽ اهي ماڻھن جي عام سوچ ۽ عقيدي سان وابستہ آهن. مثال طور، ناڻي يعني پئسن يا روپين يا ڊالرن وغيرہ کي ڏسجي تہ انھن جي بذاتِ خود ڪا اهميت ۽ قيمت نہ آهي، ڇو تہ اهي فقط ڪاغذ جي ٽڪرا ئي تہ آهن. پر جيئن تہ هر ماڻھو جي نظر ۾ انھن جي اهميت آهي ۽ انھن بابت دنيا جا تقريبن سڀ ماڻھو اهڙو عقيدو ۽ ويساھہ رکن ٿا، انڪري اهي اهم آهن ۽ اسان انھن سان شين ۽ خدمتن جي خريد ۽ فروخت ڪري سگهون ٿا ۽ ڪندا آهيون. ساڳي ريت ڪارپوريشنون، ملڪ يا مختلف کاتا وغيرہ مادِي دنيا ۾ معروضي طرح تہ موجود نہ آهن پر اهي اسان جي سماج ۾ ايترا ئي موجود سمجهيا ويندا آهن جيترا وڻ ٽڻ ٻوٽا، جانور، جبل، درياءَ وغيرہ. حقيقت ۾ اهي شيون (ناڻو، ڪارپوريشنون، ملڪ، ڪمپنيون، کاتا وغيرہ) اسان ماڻھن جي وچ ۾ گڏيل سوچ، عقيدي ۽ ڀروسي کي ظاهر ڪن ٿيون.

حصو ٻيون: انسان دنيا کي معنيٰ ڏئي ٿو

هي حصو چئن بابن تي ٻڌل آهي: ڪھاڻيون ٻڌائيندڙ، منفرد جوڙو، جديد ٺاھہ ۽ انسان_پسنديت انقلاب. يووال نوح هرارِي هن حصي ۾ هنن ٽن سوالن بابت بحث ڪري ٿو:

• انسانن ڪھڙي قسم جي دنيا ٺاهِي آهي؟
• انسانن کي هن ڳالھہ تي ڪھڙي ريت اطمينان آهي تہ انھن نہ رڳو سڄي دنيا تي غلبو حاصل ڪيو آهي، پر هن دنيا کي معنيٰ پڻ ڏني آهي؟
• انسان_پسنديت نظريو جيڪو انسان کي پُوڄي ٿو ڪھڙي ريت دنيا جو اهم ترين مذهب بڻجي ويو آهي؟

باب چوٿون: ڪھاڻيون ٻڌائيندڙ

چوٿين باب "ڪھاڻيون ٻڌائيندڙ" ۾ هراري چوي ٿو تہ انسان ٻين جانورن کان هن لحاظ کان مختلف آهي تہ جانور ٻِٽِي سچائي واري دنيا ۾ رهن ٿا؛ يعني هڪ پاسي اُهي پنھنجي ذات کان ٻاهر وارين شين جھڙوڪ وڻن، جبلن ۽ دريائن وغيرہ سان مانوس آهن، تہ ٻئي پاسي وري اهي پنھنجي ذات جي اندر موضوعي طرح سان موجود حسي ۽ وقوفي يا ذهني تجربن جھڙوڪ ڊپ، مزو ۽ خواهش وغيرہ سان مانوس آهن ۽ انھن تي انحصار ڪندڙ آهن. پر انسان هن سلسلي ۾ ٽي-رُخِي سچائي تي انحصار ڪري ٿو، جنھن ۾ سندس سچائي جا ٻہ رُخ تہ مٿيان ساڳيا آهن پر ٽيون رُخ بلڪل نئون آهي جيڪو آهي شين ۽ خيالن متعلق ڪھاڻيون گهڙَڻ. انسان هن ڏانءُ جي ڪري نوٽن، خدائن، قومن ۽ ڪارپوريشنن متعلق وقتن فوقتن ڪھاڻيون پئي گهڙِيون آهن. انھن ڪھاڻين ئي تاريخ جي ڌارا ۾ انسان کي پٿر جي دؤر کان زراعت جي انقلاب تائين، زراعت جي انقلاب کان صنعت جي انقلاب تائين ۽ صنعت جي انقلاب کان موجودہ سليڪان دور (ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ وغيرہ) جي انقلاب تائين پئي ڌِڪيو آهي، ڇو تہ ڪھاڻين جي حيثيت هڪ ٽئين سچائي وارِي آهي جيڪا مادِي دنيا ۾ معروضي طرح نہ پر مختلف ماڻھن جي وچ ۾ هڪ بين الافرادي (Inter subjective) عقيدي طور رهي سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو انساني تاريخ ۾ هزارن کان ڪروڙن ۽ اربن جي تعداد تائين اجنبي ماڻھو گڏيل مقصدن ۽ مفادن تحت هڪ ٻئي سان تعاون ڪندا رهيا آهن.
ڪھاڻين گهڙڻ جو ڌنڌو اٽڪل 70 هزار سال اڳ ان وقت شروع ٿيو هو جڏهن ٻولِي کي علامتي اظھار جو روپ ڏنو ويو ۽ نتيجي ۾ هڪ عام ڀولڙن يا انساني مخلوق منجهہ وقوفي يا ذهني انقلاب برپا ٿيو. هن انقلاب ماڻھن کي ان قابل بڻائي ڇڏيو جو اهي پنھنجن ذهنن ۾ پيدا ٿيندڙ خيالن ۽ تصورن بابت ٻين ماڻھن کي آگاھہ ڪرڻ لڳا ۽ اهي مختلف موضوعن تي ڳالھائڻ ٻولھائڻ لڳا. شروع وارن 60 هزار سالن دوران سندن ڪھاڻيون مقامي سطح تائين ماڻھن کي جوڙي رکڻ ۾ ڪامياب رهيون. ان دؤر جي اهم ڪھاڻين ۾ قبيلي جي گذاري ويل اڳواڻ جي روح جي پُوڄا ڪرڻ يا وري سامونڊي سِپين منجهان ملندڙ ناياب موتين جي پوڄا وغيرہ جھڙا تصور شامل هئا. اڳتي هلي 12 هزار سال اڳ جڏهن زرعي انقلاب آيو تہ انھن تصوراتي ڪھاڻين بہ وڌيڪ بھتر صورت اختيار ڪئي ۽ مختلف عظيم خدائن جا تصور ٺھيا. اڳتي هلي انھن خدائن سان نہ رڳو زمين ۽ ان جي اپت جو ڪجهہ حصو پر انساني زندگيءَ مان انھن جي خدمت ۽ عبادت جو ڪجهہ حصو پڻ جُڙي ويو. جيترو جيترو اسان جو مادِي حصو يا خيراتي دان توڙي جسماني عبادت جو حصو وڌندو ويو اوترو اوترو اجنبي ماڻھن جو هڪ ٻئي سان تعاون پڻ وڌندو رهيو. نتيجي ۾ هاڻي هزارن نہ پر لکن جي تعداد ۾ ماڻھن انھن ڪھاڻين جي بنياد تي هڪ ٻئي سان ڀرپور تعاون ڪرڻ شروع ڪيو ۽ دنيا ۾ مختلف عبادت گهر يعني مندر ۽ چرچ وغيرہ ٺھي ويا ۽ خدا جي قانون کي نين ٺھيندڙ سلطنتن ۾ رائج ڪيو ويو. اهڙي نموني انساني تعاون جو وڏي پيماني تي پرچار ۽ عمل شروع ٿيو.گڏيل انساني تعاون جي ڪري هڪ طرف تہ دريائن ۽ قدرتي آفتن جي خوف کي بندن ٻڌڻ ۽ ڪينالن کوٽڻ وسيلي ختم ڪيو ويو ۽ اجتماعي معاشرتي مَشِين ۾ انسان کي هڪ عظيم مقصد لاءِ هڪ اهم پُرزو بڻايو ويو، تہ ٻئي طرف وري زرعي انقلاب برپا ٿي ويو، جنھن اڳتي هلي گهڙيل ڪھاڻين وارن خدائن کي حقيقي خدائن ۾ پڻ تبديل ڪري ڇڏيو. جنھن جو مثال مصر جو بادشاھہ فرعون هو. فرعون مصر ۾ لکين مزدورن وسيلي گهڙيل ڪھاڻي جھڙوڪ خدا جي تصور ۽ ان کي راضي ڪرڻ جي فرضي تصور وسيلي ناقابلِ يقين حد تائين مختلف ڪم ۽ ڪارناما ڪري ڏيکاريا. اهي سڀ ڪم ۽ ڪارناما فقط اجتماعي تعاون بدولت ممڪن ٿي سگهيا هئا. جھڙوڪ انھن گڏجي ڊيم ٺاهيا، ڪينال کوٽيا، ڏڪارن کي ختم ڪيو ۽ ايسيتائين جو احرامِ مصر جھڙا دنيا جا عجوبا پڻ ٺاهيا، جيڪي اڄ بہ دنيا کي حيرت ۾ وجھاندڙ آهن. جيئن تہ خدا ڪڏهن بہ مري نہ ٿا سگهن ۽ انھن کي ٻار بہ ڪونھن، ان ڪري انھن جون طاقتون ۽ ملڪيتون ڏينھون ڏينھن وڌنديون رهيون. سُميريائي تهذيب (پنج هزار سال اڳ) دوران تاريخ ۾ پھريون دفعو لکت ۽ پئسي يا ناڻي جو نظام لاڳو ڪيو ويو. پئسو يا ناڻو دنيا جي پھرين اهڙي گهڙِيل ڪھاڻي هئي، جنھن لکين نہ پر ڪروڙين ۽ اربين اجنبي ماڻھن جي وچ ۾ تعاون جي راھہ هموار ڪئي جيڪا اڄ بہ قائم آهي.
لکت جي ابتدا سان ڄڻ تہ گهڙيل ڪھاڻين معروضي حقيقت جو روپ ورتو، ان ڪري سلطنت جي ڪارندن جي لکتن کي اڻٽر قانون جي حيثيت ملي وئي؛ پر لکت ۾ هيرا ڦيرين جي ڪري وقتن فوقن مسئلن بہ ڪَرُ کنيو، جھڙوڪ چين ۾ 1958ع ڌاري ملڪي سطح تي هڪ وڏي ڏُڪار جنم ورتو، جنھن ڪروڙين ماڻھن کي موت جي ابدي ننڊ سُمھاري ڇڏيو. ٿيو ايئن جو سرڪاري ڪارندن بدعنواني ۽ پئسا هڙپ ڪرڻ جي چڪر ۾ گُدامن مان اناج کڻندا رهيا ۽ لکت ۾ ان کي ساڳيو رکندا آيا. اناج جي اصل موجودگي ۽ لکت وارن انگن اکرن ۾ تمام گهڻو فرق اچي ويو. هي ڳالھہ راز ۾ رَهِي، جنھن ڪري مرڪزي سرڪار ڪروڙين ٽَن چانور ٻين ملڪن کي وڪڻي ڇڏيا. نتيجي ۾ هڪ وڏو ڏڪار پيدا ٿي پيو، جنھن ۾ ڪافي سارو جاني نقصان پڻ ٿيو. وقت سان گڏ ملڪي اشرافيه (بيورو ڪريسي) انھن بيقائدگين تي ضابطو پئي آندو آهي ۽ نتيجي ۾ سرڪاري لکت وڌيڪ بھتر ٿيندي پئي رهي آهي.
جھڙي طرح زمينن، ڪئنالن ۽ ٻنين کي لکت وسيلي محفوظ ڪيو ويو، اهڙي طرح مختلف سلطنتن ۾ موجود ڪھاڻين جھڙوڪ: ناڻي، کاتن ۽ خدائن توڙي مذهبن جي معلومات کي پڻ لکت ۾ محفوظ ڪيو ويو. سرڪار طرفان پني جا بيڪار ٽڪرا نوٽن ۽ ڊالرن جي صورت ۾ ڇاپيا ويا، مذهبي اُصول ۽ مذهبي زندگي گذارڻ جي ڍنگ کي پاڪ ڪتابن جي صورت ۾ محفوظ ڪيو ويو. ادارن جا اصول ۽ متا ٺاهيا ويا ۽ انھن جي خلاف ورزي لاءِ سزائن جا قانون ٺاهيا ۽ نافذ ڪيا ويا. اهي سڀ مقصد فقط گهڙيل ڪھاڻين تي پڪي عقيدي ۽ يقين وسيلي ۽ هڪ ٻئي سان انھن ڪھاڻين جي بنياد تي پيدا ڪيل عام ڀروسي وسيلي حاصل ڪيا ويا. جھڙي ريت اڪثر تعليمي ادارن جي پاران سندن فارغ التحصيل شاگردن کي ڏنل پني جو هڪ ٽڪرو يا سرٽيفيڪيٽ بيڪار نہ ٿو سمجهيو وڃي، اهڙي ريت مذهبي ڪتابن جي تعليمات کي پڻ سچو ۽ حرفِ آخر سمجهيو ٿو وڃي. ايئن ئي لکت ۾ گهڙيل ڪھاڻيون هزارن سالن تائين انسانن ۾ ساڳيو اعتماد ۽ اعتقاد برقرار رکيو اچن ٿيون. اڄ بہ حلف کڻندڙ آمريڪا جي صدرن کان وٺي ڪورٽن ۾ شاهديون ڏيندڙن تائين اربين ماڻھو پاڪ ڪتابن تي هٿ رکي قسم کڻندا آهن ۽ بيان ڏيندا آهن.
ڪھاڻين جي اصلي حيثيت ڇا بہ هجي، پر اهي عملي طرح بلڪل ڪارگر آهن ۽ ڪم ڪن ٿيون. اهي ڪروڙين اجنبي ماڻھن جي وچ ۾ باهمي تعاون پيدا ڪن ٿيون. پر سوال اهو آهي تہ ڇا انھن ڪھاڻين انسانن کي هميشہ فائدو ئي ڏنو آهي؟! مذهبي ماڻھو مثال طور مولوي صاحبان اهو چوندا آهن تہ "اسان جو نظام اثرائتو آهي ۽ هن وقت تقريبن ڏيڍ ارب ماڻھو مسلمان آهن ۽ انھن جو تعداد ڏينھون ڏينھن وڌندو پيو وڃي؛ يا وري تعليمي ادارن جا منتظمين اهو چوندا آهن تہ اسان جي شاگردن جا امتحاني نتيجا گذريل پنجن سالن کان %7.35 سيڪڙو تائين وڌيا آهن؛ يا وري قديم مصري چوندا هئا تہ اهي وڌيڪ ٽئڪس اوڳاڙين ٿا ۽ انھن ڪيترائي ڪينال کوٽيا آهن ۽ حيرت ۾ وجھاندڙ احرامِ مصر ٺاهيا آهن. پر ڇا واقعي انھن بنيادن تي اسان ڪنھن نظام جي مؤثر هجڻ ۽ ڪامياب هجڻ کي تسليم ڪري سگهون ٿا؟! انسانن جي خوش هجڻ لاءِ ضروري آهي تہ انھن جون مادِي، سماجي ۽ نفسياتي ضرورتون بھتر نموني سان پوريون ٿينديون هجن. جيڪڏهن ڪنھن بہ دؤر ۾ هڪ هاري يا مزدور جا هٿ ۽ جسم پورهيو ڪندي زخمي ٿيندا هجن پر ان کي موٽ ۾ رڳو پيٽ ڀرڻ لاءِ مناسب مانيءَ ڳڀو بہ ميسر نہ هجي، اهو مختلف اناج پوکيندي بہ اناج لاءِ محتاج هجي، اهو سون جي کاڻين ۾ ڪم ڪندي بہ پنھنجين نياڻين لاءِ سونو ڪوڪو بہ نہ ٺھرائي سگهندو هجي تہ پوءِ اها ترقي تہ نہ چئبي... اهي دعوائون سچيون تہ نہ چئبيون...
تاريخ جو بيانيو ڪو هڪڙو نہ آهي؛ سچائي بہ ڪا هڪڙي نہ آهي؛ تاريخ جا پاسا ۽ سچائيون بہ گهڻ طرفيون ۽ گهڻ رخيون آهن. ان ڪري جڏهن اسان گهڻن مان هڪ پاسو چونڊيون ٿا تہ ظاهر آهي ٻين پاسن کان ۽ ٻين سچائين کان ڄڻ تہ مُنھن موڙي ڇڏيوسين ۽ انھن کي خاموش ڪري ڇڏيوسين. ان حوالي سان انساني گهڙيل ڪھاڻين ۽ تعاون وارن ڄارن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪنداسين تہ اسان کي خبر پوندي تہ انھن جي ڪاميابي کي ۽ مؤثر هجڻ کي جنھن پيماني ۽ لٺ سان ماپيون ٿا اهو پيمانو ۽ اها لٺ پڻ اسان جي ئي ٺاهيل آهي، جيڪا ضروري نہ آهي تہ گهربل تصور ۽ ڪاميابيءَ کي صحيح بہ ماپيندي هجي. وڌيڪ تہ اسان پنھنجي ٺاهيل شيءَ کي غير شعوري طور وڌيڪ مارڪون ڏيندا آهيون. اسان پنھنجن ٺاهيل تصورن جھڙوڪ خدا، قوم ۽ ڪارپوريشن جھڙن تصورن جي ڪاميابيءَ کي هٿ ٺوڪين پيمانن سان ماپيندا آهيون. ظاهري طرح سان اسان لاءِ اهو مذهب ڪامياب آهي، جنھن جا پوئلڳ وڌندا رهن ۽ ان جي تعليمات تي حرف بحرف پيروي ڪندا رهن ۽ هڪ قوم تڏهن ڪامياب چئبي جڏهن اها وڌيڪ ناڻو ڪمائيندي رهي وغيرہ.
انھن ڪھاڻين جو تاريڪ پهلو اهو آهي تہ اهي اجتماعي طرح سان پنھنجي منشُور مطابق تہ ڪامياب قرار ڏنيون وڃن ٿيون، پر اهي انفرادي سطح تي يعني هڪ عام مذهبي پيروڪار، قوم جي هڪ فرد يا ڪارپوريشن جي هڪ عام مزدور جي حيثيت سان ان کي ڏينھون ڏينھن پَستِي، تڪليف ۽ ذلت ۾ غرق ڪنديون وڃن ٿيون. مثال طور قوميت جي ڪھاڻي جي اثر هيٺ پيدا ٿيل قومي تظادن جي ڪري هڪ ملڪ ٻئي ملڪ سان وڙهي ٿو. توڙي جو اهو جنگ ۾ فتح حاصل ڪري ٿو، پر ان فتح جي باوجود انفرادي طرح سان ان ملڪ جا هزارين ماڻھو پنھنجيون زندگيون وڃائي ويھن ٿا ۽ اوترا يا ان کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿي پنھنجو ڪو نہ ڪو عضوو وڃائي ويھن ٿا. اها تڪليف حقيقي طرح سان فقط انفرادي طور تي ئي محسوس ڪئي ويندي آهي. ان ڪري اهو ضروري آهي تہ گهڙيل ڪھاڻين کي فقط ڪھاڻيون ئي سمجهيو وڃي، تہ جيئن بيڪار جنگين کان پاسو ڪري سگهجي ۽ انفرادي ۽ حقيقي اذيت کان محفوظ رهي سگهجي. ياد رهي تہ انھن ڪھاڻين کي انسانن پنھنجي لاءِ ٺاهيو آهي نہ ڪِي ان ڪري ٺاهيو آهي جو پاڻ کي ئي انھن مٿان قربان ڪري ڇڏي. ايڪيھين صديءَ ۾ بايو ٽيڪنالاجي ۽ ڪمپيوٽر الگورڌمز وسيلي دنيا ۾ نوان مذهب اچڻ وارا آهن، جيڪي اسان جي وجود جِي نہ فقط هر وقت نگراني ڪندا رهندا پر اسان جي جسمن، دماغن ۽ ذهنن تي اثر انداز ٿي اسان لاءِ نوان تصوراتي بهشت ۽ دوزخ جوڙيندا. ان وقت هٿراڌو گهڙيل تصور ۽ مادِي حقيقت يا ٻين لفظن ۾ مذهب ۽ سائنس ۾ فرق ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو.

باب پنجون: منفرد جوڙو

پنجين باب "منفرد جوڙو" ۾ ڊاڪٽر هرارِي ٻڌائي ٿو تہ پراڻين ڪھاڻين ۽ عقيدن جي موجودگي ۾ اڄ جو انسان بهرحال نئِين ۽ معروضي ڪھاڻي يعني سائنس تي بہ انھن پراڻين ڪھاڻين جيترو ئي ڀروسو ڪري ٿو. اڪثر ڪري جڏهن مذهبي ڌرين پاران اهو چيو ويندو آهي تہ خدا انھن جي مدد ڪندو آهي، جيڪي پنھنجي مدد پاڻ ڪندا آهن تہ ان جو مطلب اهو ئي بيھي ٿو تہ دنيا جي معاملن ۾ خدا جو ڪجهہ بہ نہ وڃي. پر جڏهن اهو ساڳيو مذهبي تصور ماڻھن ۾ ڪم جو اُتساھہ ۽ پنھنجي مدد پاڻ جو جذبو ۽ تحرڪ پيدا ڪري ٿو تہ اهو تصور عملِي طرح سان بلڪل ڪارائتو بڻجي پوي ٿو. پر حالتون مَٽجي رهيون آهن ۽ نين معروضي ڪھاڻين يا سائنسي سچائين ڏانھن ماڻھو وڌيڪ تيزي سان ڇِڪبا پيا وڃن. پراڻيون مذهبي ڪھاڻيون جيتوڻيڪ وڏي پيماني تي انساني تعاون پيدا ڪرڻ وسيلي وڏا وڏا ڪم ۽ ڪارناما ڪري سگهيون، پر پوءِ بہ اهي دنيا مان ڏڪار، وبائون ۽ جنگيون ختم نہ ڪري سگهيون آهن. اهو سِهرو وري بہ دنيا جي جديد سائنسي ڪھاڻيءَ جي سِرَ تي آهي. ان جو مطلب اهو وڃي بيھي ٿو تہ اڄڪلھہ بين الافرادي فرضِي ڪھاڻي (Intersubjective myth) جي جاءِ تي ماڻھن ۾ سائنسي ۽ معروضي ڪھاڻي پير پختا ڪري بيٺِي آهي. انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي جي انقلابن بدولت ايندڙ وقت ۾ انسان جڏهن پاڻ کي خدائي صفتن سان مالا مال ڪري ڇڏيندا، يعني اهي غير فاني بڻجي ويندا ۽ انھن لاءِ بُک ۽ بيماري جا تصور نہ رهندا ۽ پِيرِي ۽ موت جي جاءِ تي انيڪ مُسرتون سندن هنجن ۾ هونديون، تڏهن تصوراتي خدائن، قومن ۽ ڪارپوريشنن ۾ عقيدي کي ڇڏي ڇو نہ انسان پنھنجي جسماني ۽ حياتياتي سچائي جي کوجنا ۾ اڃان وڌيڪ جنبي ويندا؟ هرارِي هتي هڪ ڏاڪو وڌيڪ چڙهِي چوي ٿو تہ نئين دنيا ۾ شايد ڪھاڻين جي اهميت گهٽ نہ ٿئي، پر اڃان بہ وڌيڪ پختِي ٿي وڃي. هن مطابق بايو ٽيڪنالاجي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي انقلابي دؤر ۾ تصور ۽ حقيقت يا مذهب ۽ سائنس جو فرق شايد ختم ٿي وڃي، ڇو تہ خدا بڻيل انسان اُن قابل هوندا تہ اهي اسان جي جسمن، دماغن ۽ ذهنن يعني سوچن تي پڻ ضابطو رکي سگهندا!!!
ان ڪري مذهب ۽ سائنس جي حيثيت هڪ زال ۽ مڙس جي جوڙي وانگر آهي جنھن جا ساٿي تاريخ جي گذريل 500 سالن جي ساٿ کان پوءِ بہ هڪ ٻئي کي اڃان پُورو سمجِهي نہ سگهيا آهن ۽ وقتي طرح سان هڪ ٻئي سان پيا وڙهندا رهيا آهن.
هر مذهب وٽ پنھنجِي پنھنجِي ڪھاڻي آهي. مذهب جو اهم موضوع خدا جو تصور نہ آهي، پر انساني رابطو آهي جيڪو کين هڪ گڏيل ۽ عام مقصد لاءِ اجنبي ماڻھن کي جوڙي رکي ٿو. جڏهن تہ روحانيت وري هڪ اهڙو سفر آهي، جيڪو پانڌيئڙن کي اڻ ڏٺل ۽ پُرخطر راهن ۽ سوالن جي جوابن جي ڳولا ڏانھن وٺي وڃي ٿو، جتي کين جڏهن ذرو بہ پراپت ٿئي ٿو تہ پُوڄارو پُر ٿِي وڃي ٿو. روحانيت جا اهم سوال هي رهيا آهن: آئون ڪير آهيان؟ زندگيءَ جِي معنيٰ ڇا آهي؟ نيڪي ڇا آهي؟ روحانيت مادِي جسم جي تسڪين کان بالاتر ٿي زندگي ۽ ڪائنات جي معنيٰ ۽ وُسعت جي سچائي کي پرکيندڙ آهي. ان ڪري اڪثر ڪري روحانيت جا پانڌيئڙا مذهبي ڪھاڻين جي سچائيءَ کان باغي ٿي ويندا آهن، ڇو تہ ڳُوڙِهي سوچ انھن جي ذهنن تان مختلف جھالتن ۽ ظلمن جي پردا هٽائيندِي رهندِي آهي. اهو سفر انفرادي طور مثبت نتيجا ڏيندڙ آهي، جڏهن تہ اجتماعي طور تي انساني تعاون جي فضا قائم رکڻ لاءِ اِهو موزون نہ آهي. ڇو تہ ان لاءِ اسان وٽ هر ڳالھہ جي متعلق پڪن ۽ پختن جوابن واريون ڪھاڻيون هجڻ گهرجن نہ ڪِي انھن جي خلاف ڪي سوال.
مذهبي ڪھاڻيون گهڻو ڪري ٽن حصن تي ٻڌل هونديون آهن:

• اخلاقي فيصلا جيئن: "انساني زندگي مقدس آهي"
• حقيقت تي ٻڌل بيان جيئن: "انساني زندگي حمل قرار پائڻ سان شروع ٿئي ٿي"
• اخلاقي ۽ حقيقت تي ٻڌل بيان جي پاڻ ۾ ڀيٽ جيئن: "توهان حمل کي ڪنھن بہ صورت ۾ ضايع نہ ٿا ڪري سگهو چاهي اهو هڪ ڏينھن جو ئي ڇو نہ هجي،"

مذهب ۽ سائنس بظاهر پاڻ ۾ ٽڪراءُ وارِي حالت ۾ نظر اچن ٿا، پر حقيقت ۾ اهي ٻئي تاريخ جي سفر ۾ هڪ ٻئي جا ساٿي ۽ ڀرجهلا رهيا آهن. مذهب هم آهنگِي ۽ تعاون پيدا ڪرڻ چاهين ٿا تہ جيئن سماجي ڍانچو برقرار رهي ۽ ان ۾ بِگاڙ پيدا نہ ٿئي. جڏهن تہ سائنس وري طاقت چاهي ٿي تہ جيئن بيمارين جو علاج ڳولي سگهجي، جنگيون وڙِهي سگهجن ۽ جهجهي مقدار ۾ کاڌو پيدا ڪري سگهجي. ماڻھو انفرادي طور ڀلِي معروضي سچائي تائين پھچڻ چاهيندا هجن، پر اجتماعي طرح سان مذهب ۽ سائنس ٻَئِي سچائي جي ڀيٽ ۾ طاقت کي ۽ هم آهنگي کي ئي ترجيح ڏين ٿا. ان ڪري سچائيءَ تائين پھچڻ جو فقط هڪ ئي رستو وڃِي بچي ٿو، جيڪو آهي روحانيت ۽ روحاني سفر. ايڪيھين صدي تائين انساني تاريخ جو سفر مذهبِي، اشتراڪِي، سرمايہ دارِي ۽ نسلي برترِي (نازِي اِزم) جي لاهين چاڙهين کان ٿيندو انسان-پسنديت يا انسانيت (Humanism) جھڙي اعليٰ مرتبي تائين پھتو آهي، جيڪو مذهب ۽ سائنس جو بيمثال سنجوڳ يا ميلاپ آهي، پر ڏسڻ ۾ ايئن ٿو اچي تہ اِهو سنجوڳ بہ ايندڙ انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي جي انقلاب دوران پنھنجو وجود شايد باقِي نہ رکِي سگهي.

باب ڇھون: جديد ٺاهُہ

باب ڇھين جي موضوع "جديد ٺاهہ" کي يووال نوح هرارِي مطابق هڪ جملي ۾ سوڙهو ڪري سگهجي ٿو: "اڄ جو انسان دنيا جهان متعلق جوڙيل ‘معنائن’ يا نظرين کي‘‘طاقت’جي حصول جي ڊوڙ ۾ قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي". اڄ جي جديد دؤر تائين اڪثر قومون ۽ ثقافتون هن ڪھاڻي تي يقين رکنديون آيون آهن تہ هن وسيع ڪائنات ۾ انسان جو ڪردار تمام اهم آهي. تاريخ ۾ سندس اهو ڪردار سڀني شين تي قادر خدائن يا فطرت طئه ڪيو هو، جنھن کي انسان تبديل نہ پئي ڪري سگهيا. اُن ڪائناتِي تصور انساني زندگيءَ کي معنيٰ تہ ڏني هئي، پر انسانن کي طاقت کان محروم رکيو هو. ان ڪري ماڻھو دنيا جي اسٽيج تي فقط اداڪارن وانگر هئا ۽ خدائي لکت انھن جي اداڪارِي ۾ جان پئي وڌِي، پر اهي پنھنجي طرفان ڪجهہ نہ پئي ڪري سگهيا. اهي فقط اهو ئي ڪري پئي سگهيا، جيڪو انھن لاءِ اڳ ۾ ئي لکيل هو. انھن جي هٿ-وس نہ زندگي ۽ موت هئا ۽ نہ وري ڏڪار، وبائون ۽ جنگيون. ان ڪري انسان انھن کي خدا جي رضا سان مشروط سمجهاندو هو ۽ انھن مصيبتن تي راضِي بہ رهندو هو. هُو اهو سمجهاندو هو تہ چاهي اهي سڀ شيون زندگي ۾ ڀلِي مصيبتون محسوس ٿينديون هجن، پر هُو انھن کي خدا طرفان آزمائشون سمجهي سھندو هو تہ جيئن مرڻ کان پوءِ وارِي زندگيءَ ۾ پاڻ کي بھشت جي نعمتن لاءِ اهل بڻائي سگهي.
"جديد ٺاهہ" ڪائنات جي هن قسم جي تصور کي رد ڪري ٿو، ۽ چوي ٿو تہ ڪائناتي ڊرامي ۾ انسان فقط اسٽيج تي هڪ اداڪار وانگر نہ آهي؛ سندس زندگي لاءِ ڪو بہ خدائي قانون يا ڪا بہ لکت نہ آهي؛ سندس زندگيءَ واري ڊرامي جو ڪو بہ هدايتڪار نہ آهي؛ نہ وري اهو ڊرامو ڪنھن ٻئي جي پيشڪش آهي؛ ۽ زندگيءَ يا موت جي ڪا بہ معنيٰ نہ آهي. هينئر تائين جي معتبر سائنسي معلومات مطابق ڪائنات مادي جو هڪ اونداهو ۽ انڌو سفر آهي، جنھن جو ڪو خاص مقصد نہ آهي ۽ نہ ئي ان جو وجود، جيڪو ڪائنات جي وٿي ۽ وسعت ۾ جيڪا اربين نُورِي سالن تي ٻڌل آهي، ڪا حيثيت رکي ٿو! ڪائنات ۾ مختلف لقاءَ هڪڙن پٺيان ٻيا پيا ٿيندا ۽ ايندا رهيا آهن ۽ اڳتي بہ ٿيندا ۽ ايندا رهندا. هن منصوبي جو ڪو بہ سُٺو يا خراب اختتام نہ آهي. ان جو مطلب اهو وڃِي بِيھي ٿو تہ انسان کي ڪنھن بہ شي جي جهل پل نہ آهي. انسان جي جھالت ۽ اڻڄاڻائي ئي سندس سڀ کان وڏي رڪاوٽ ۽ جهل پل آهي. وبائون، ڏڪار ۽ جنگيون خدا طرفان آزمائشون نہ آهن، پر اسان پاڻ ئي انھن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. اسان لاءِ بھشت ۽ دوزخ انتظار نہ ڪري رهيا آهن، پر اسان پاڻ ئي پنھنجين زندگين کي آسائشن ۽ تڪليفن سان بھشت ۽ دوزخ بڻائي سگهون ٿا.
هن وقت اسان سائنس ۽ تحقيق ۾ ناڻي جي وڌيڪ سِيڙپ سان وبائن، ڏڪارن ۽ جنگين تي تقريبن ضابطو آڻي چڪا آهيون. آخر هڪ ڏينھن، جيڪو هاڻي گهڻو پري نہ آهي ( 10 کان 20 سال لڳندا)، اهڙو ايندو جڏهن انسان ابدي حياتي، ابدي حُسن، ابدي جواني ۽ ابدي خوشي هن دنيا ۾ ئي حاصل ڪري سگهندو. ان وقت جو ننڍو حڪمران طبقو پاڻ کي خدائي صفتن سان ليس ڪري چڪو هوندو.
هرارِي جي خيال مطابق انسان جو لافاني بڻجڻ ۽ خدائي صفتن حاصل ڪرڻ وارو خواب ان ڪري تڪڙو ساڀيان طرف وَڌِي رهيو آهي جو اسان انسان باهمي تعاون وسيلي بھتر مستقبل تي ڀروسو ڪرڻ ۽ ان لاءِ ناڻي جي سيڙپ ڪرڻ سکي سگهيا آهيون. جيئن تہ وبائن، ڏڪارن ۽ جنگين تي ضابطي لاءِ سائنسي تحقيق ۽ سوچ جي ضرورت هوندي آهي، جنھن لاءِ وري اسان کي سيڙپڪارن جي ڀروسي ۽ انھن جي ناڻي يا قرض جي ضرورت پوندي آهي. ان ڪري اڄڪلھہ جي دؤر ۾ اهڙي قسم جو ڀروسو ۽ ناڻو جاکوڙِي سائنسدانن ۽ محققن لاءِ گهڻو تڻو موجود آهي. نتيجي ۾ انسان پنھنجِي معاشي ترقي ۽ پنھنجن خوابن جي تعبير ڏانھن تيزي سان روان دوان آهي ۽ هُو سيڙپڪارن جو ڀروسو ۽ سندن ناڻو انھن کي وياج سميت واپس بہ ڪندو رهي ٿو. اها خاصيت ڪنھن ٻِي مخلوق ۾ موجود نہ آهي.
ارتقائي لحاظ کان ماضي ۾ ڌرتيءَ تي انسانن جي کاڌي خوراڪ جا وسيلا ڄڻ تہ جمود جو شڪار هئا. ڪجهہ خاندانن کي تہ جهجهي مقدار ۾ کاڌو ميسر هجڻ ممڪن هو، پر مجموعي طور تي کاڌي جا وسيلا ساڳيا ئي رهندا پئي آيا. اهو ئي سبب هو تہ روايتي مذهبن جھڙوڪ عيسائيت ۽ اسلام اها ڪوشش ڪئي تہ انسانن جي کاڌ خوراڪ ۽ معاشي ترقي جي وسيلن جي ورڇ ۾ فرق کي گهٽ يا ختم ڪيو وڃي، يا اهي نعمتون يا اهڙا واعدا مرڻ کان پوءِ آسمانن ۾ ٻِي زندگي يعني بھشت جي تصور وسيلي پيش ڪيا وڃن. اهڙي ريت انھن مذهبن ۾ ماڻھن کي جوڙي رکڻ ۽ انھن جي معيشت کي بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جديديت جو تصور ان جي برعڪس هن ڳالھہ تي يقين رکي ٿو تہ معاشي ترقي نہ فقط ممڪن آهي، پر اها هر ايندڙ وقت لاءِ انتھائي ضروري آهي. عبادتون، نيڪ عمل ۽ مراقبا ڀلِي بھتر ۽ اُتساهيندڙ ڇو نہ هجن، پر ڏڪارن، وبائن ۽ جنگين کي فقط معاشي ترقي يا وڌندڙ انساني ۽ مادِي وسيلن سان ئي مُنھن ڏئي سگهجي ٿو.
هن دؤر جا معاشيات جا ماهر ۽ سياستدان معاشي ترقي کي ٽن سببن جي ڪري اهم سمجهان ٿا.

• پھريون سبب هي آهي تہ جڏهن اسان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪندا آهيون تہ اسان جي کپت پڻ وڌندي، نتيجي ۾ اسان جي زندگي ۾ آسائش ۽ خوشيءَ جو مقدار بہ وڌندو.
• ٻيون سبب هي آهي تہ وقت سان گڏ انسانن جو تعداد بہ وڌندو ٿو رهي، ان ڪري اسان کي پنھنجا پيداواري وسيلا ۽ اپت بہ وڌائڻا پوندا.
• ٽيون سبب هي آهي تہ جيڪڏهن پيداواري وسيلا ۽ اپت نہ وڌائينداسين ۽ فقط ورڇ کي بھتر بڻائينداسين، تڏهن بہ وڌندڙ انساني آبادي جي ڪري غربت ۽ تشدد ۾ اضافو ئي ٿيندو.

هن وقت بجاءِ ان جي جو عيسائيت ۽ اسلام هيٺ ماڻھن کي خالي دلاسا ڏئي انھن جي زندگين کي جهانم بڻائجي، بھتر اهو آهي تہ آزاد مارڪيٽ، سرمايہ داري، اشتراڪيت ۽ انسان-پسنديت جي اصولن هيٺ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق ۾ سيڙپ وسيلي معاشي ترقي لاءِ ڪوششون وٺجن ۽ دنيا جي سڀني انسانن جي زندگين کي دنيا ۾ ئي بھشت جھڙين نعمتن سان خوبصورت بڻائجي. هن دؤر ۾ معاشي ترقي (سائنس ۽ تحقيق ۾ وڌ ۾ وڌ سيڙپڪاري) ڄڻ تہ هڪ نئين مذهب جو درجو اختيار ڪري چڪي آهي، جنھن تي دنيا جي سڀني روايتي مذهبن جا پوئلڳ پڻ هڪ جيترو ڀروسو ڪري رهيا آهن. جڏهن وڌيڪ سيڙپڪاري جي نتيجي ۾ وڌيڪ نفعو حاصل ٿيندو تہ اهو وڌيل نفعو اڃان بہ وڌيڪ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيندو. هاڻي دؤر اچي ويو آهي تہ اسان پنھنجي نفسيات کي پڻ روايتي ۽ پراڻين وسيلا گهٽائيندڙ راندين جھڙوڪ شطرنج وغيرہ سان نہ پر بينڪن مان ملندڙ قرضن ۽ بونسن وسيلي پنھنجي سرمايي ۽ وسيلن کي وڌائيندڙ وڊيو-گيمن جھڙوڪ کاڻيون کوٽڻ (Minecraft) ۽ سيٽلرز آف ڪيٽان جھڙين راندين سان بھتر بڻايون.
تہ ڇا دنيا جي معيشت ۽ انسانن کي ملندڙ معاشي حصي يا ٽُڪري (Pie) جي ماپ يا سائيز هميشہ وڌندي رهندي؟ هن سوال جي جواب ۾ يووال نوح هراري جو خيال آهي تہ روايتي طرح سمجهيو ويندو آهي تہ دنيا ۾ ٻن قسمن جا معاشي وسيلا يعني خام-مال ۽ توانائي موجود آهن. اهي معاشي وسيلا هميشہ مقرر ۽ محدود مقدار ۾ موجود آهن، جيڪي خرچ ٿيڻ سان گهٽ تہ ٿيندا آهن پر انھن کي وڌائي نہ ٿو سگهجي. پر "جديد ٺاهه" ۽ دنيا جي جديد ترقي جا تصور اسان کي ٻڌائين ٿا تہ معاشِي ترقي جا وسيلا ٻہ يعني خام مال ۽ توانائي نہ آهن، پر اهي ٽي آهن: خام مال، توانائي ۽ تحقيق. خام مال ۽ توانائي چاهي مقرر، محدود ۽ ختم ٿيندڙ ڇو نہ هجن، پر سائنسي تحقيق وسيلي نہ فقط خام مال ۽ توانائي جي موجود وسيلن منجهان ملندڙ اپت يا پيداوار کي وڌائي سگهجي ٿو، پر دنيا ۾ نت نوان خام مال ۽ توانائي جا ذريعا پڻ ڳولي ۽ استعمال ڪري سگهجن ٿا.
انسانن لاءِ سائنسي تحقيقي انقلاب جي سونهري دريافت سندن "اڻڄاڻائي يا جھالت" جو اعتراف آهي. جڏهن اسان اهو تسليم ڪندا آهيون تہ دنيا توڙي ڪائنات ۾ اسان جو علم تمام ننڍڙو ۽ محدود آهي، تہ ان صورت ۾ اسان لاءِ فطري طور تي نين دنيائن، نين دريافتن ۽ نين ايجادن جا رستا ڄڻ تہ کُلي وڃن ٿا ۽ اسان اُن علم واري گَسَ جا پانڌيئڙا بڻجي وڃون ٿا. نتيجي ۾ انسان ڏينھون ڏينھن ترقي جي نت نون رستن تي هلندي نت نيون ۽ خوبصورت منزلون ماڻيندو رهي ٿو. توانائي کي ئي ڏسو تہ پراڻي وقت ۾ فقط ڪاٺ ۽ ڪوئلو ئي ٻارڻ طور استعمال ٿيندا هئا. زرعي دور ۾ زرعي انقلاب دوران پيدا ٿيل ناڻي ۽ نفعي کي اولھہ جي ڪجهہ ملڪن (برطانيه) ۾ سائنس ۽ کوجنا جي شعبن ۾ جڏهن سيڙايو ويو تہ ٻاڦ تي هلندڙ مشينون ايجاد ٿيون، جن دنيا ۾ صنعتي انقلاب جي راھہ هموار ڪئي. بعد ۾ ٻارڻ جي بيروني ساڙڻ واري طريقي کي اڃان وڌيڪ بھتر بڻائي جڏهن قدرتي تيل ۽ گئس جھڙن ٻارڻن کي مشينن اندر ساڙيو ويو تہ پراڻيون دنيائون، پراڻا طريقا ۽ پراڻيون ثقافتون ئي مَٽجي ويون ۽ صنعتي انقلاب برپا ٿي ويو ۽ انساني زندگي ۾ تمام گهڻيون آسائشون اچي ويون. صنعتي انقلاب کان پوءِ تحقيق ۾ سيڙپڪاري وسيلي اڄ جو انسان سليڪان انقلاب جي دؤر ۾ داخل ٿي چڪو آهي. هاڻي هڪ دفعو وري تحقيق جي بدولت انسان ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، موبائيل ۽ سمارٽ فون وسيلي هڪ نئين انقلاب طرف وڌي رهيو آهي.
ايندڙ وقت جو اهو انقلاب جيڪو ٻن يا ٽن ڏهاڪن جي دُورِي تي آهي، انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي جي سنگم جو انقلاب هوندو، جنھن ۾ صنعتي ترقي ۾ اڳتي وڌيل ٿورڙا ملڪ شايد بک، ڏڪارن، وبائن ۽ جنگين کان اڳتي نڪري وڃن ۽ اتان جي حڪمرانن جو ننڍو ٽولو فاني انسانن مان لافاني بڻجڻ جي خواب جي تعبير ماڻي وٺي ۽ اهي حڪمران سدا حسين، سدا جوان ۽ سدا حيات جھڙين خدائي ۽ بھشتي صلاحيتون ۽ نعمتون حاصل ڪري وٺن. هن وقت توڙي ان ايندڙ وقت ۾ انسانن ۽ ڌرتيءَ لاءِ سڀ کان وڏو خطرو فقط هڪڙو ئي آهي، اهو آهي ماحولياتي تباهي.
جيڪڏهن ماحولياتي تباهي (وڌندڙ زميني، آبي ۽ فضائي گدلاڻ ۽ ٻيلن جي ڪٽائيءَ جي ڪري وڌندڙ گرين هائوس اِفيڪٽ گئسون، عالمي گرمي جو درجو؛ جهانگلي جيوت جو خاتمو؛ ۽ اوزون جي تباهي) موجودہ رفتار سان وڌندِي رهِي تہ ان جي پيشِ نظر هي ڌرتي جلد ئي انسانن توڙي ٻي حياتي لاءِ تپي ٽانڊو بڻجي ويندي ۽ ايندڙ ڪجهہ ڏهاڪن ۾ رهڻ جي قابل نہ رهندي. هن وقت بہ چين جو بيجِنگ شھر ايترو گدلو ۽ آلوده بڻجي چڪو آهي جو اتي جا ماڻھو پنھنجن گهرن، ادارن ۽ آفيسن، جن ۾ هوا کي صاف ڪرڻ وارا نظام لڳل آهن، کان ٻاهر نڪرڻ پسند نہ ٿا ڪن. ان صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ مجموعي طرح سان اسان انسانن وٽ ڪي گهڻا طريقا نہ آهن، پر پوءِ بہ ڪجهہ طريقا موجود آهن. انھن مان هڪ تہ اسان روايتي ٻارڻ جھڙوڪ قدرتي تيل، گئس ۽ ڪوئلو ٻارڻ بند ڪريون ۽ عالمي سطح تي وڌ ۾ وڌ ٻيلا پوکيون؛ ٻيو طريقو هي آهي تہ وڌندڙ آلودگيءَ جي ناڪاري اثرن (چمڙي جو ڪينسر، گرمي ۽ گدلاڻ) تي انفرادي يا ننڍي پيماني تي ضابطي آڻڻ جا طريقا ڳوليون تہ جيئن پنھنجن گهرن، ادارن، آفيسن ۽ مارڪيٽن ۾ زندگي کي معمول مطابق رکي سگهون؛ ٽيون ۽ آخري طريقو هي بہ ٿي سگهي ٿو تہ مُرڳو هن ڌرتيءَ کان پري ٻئي ڪنھن مناسب سَياري تائين رسائِي حاصل ڪريون ۽ ان تي زندگي جي گهربل سھولتن کي ممڪن بڻايون!
جديد ٺاھہ ۽ دؤر جون ڪيتريون ئي چڱايون ڇو نہ هجن پر ظاهر يا لِڪ ۾ ڄڻ تہ "ڏاڍي جي لٺ کي ٻہ مٿا" هجڻ وارِي ڳالھہ صحيح آهي يا وري "جيڪو ڏاڍو سو گابو" آهي واري ڳالھہ ٺيڪ آهي. عالمي سطح تي دنيا جي گدلاڻ ۾ گذريل ڏهاڪي 2000ع کان 2010ع تائين آلودگي جو مقدار 2.2 سيڪڙو سالانہ جي حساب سان وڌيو آهي ۽ ان آلودگي کي پيدا ڪندڙ دنيا جا ترقي يافتہ ملڪ آهن. رڳو آمريڪا ئي کي ڏسو تہ اهو سالانہ 1.3% سيڪڙو تائين عالمي گدلاڻ کي وڌائيندڙ ملڪ آهي. تاريخ ۾ اسان کي انصاف نہ ٿو ملي، ڇو تہ اها هڪ حقيقت آهي تہ جڏهن بہ ڌرتي تي مصيبتون آيون آهن تہ انھن جو اثر غريب ملڪن ۽ سندن ماڻھن تي وڌيڪ ٿئي ٿو. جڏهن دنيا ۾ آلودگيءَ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ آواز اُٿي ٿو تہ ان کي پيدا ڪندڙ ۽ وڌائيندڙ ملڪ تمام گهٽ توجھہ ڏين ٿا، ڇو تہ انھن وٽ مقامي طرح انھن اثرن کي گهٽ ڪرڻ جا طريقا بہ وڌيڪ ميسر رهن ٿا. ان ڪري هينئر توڙي ايندڙ وقت ۾ ترقي يافتہ ملڪن جي پيدا ڪيل آلودگي جي ڪري اسان جي ڌرتي جڏهن اُٻرندڙ آلُو جھڙي گرم ٿي ويندي تہ اهڙي مصيبت ۾ لوڙيندا وري بہ غريب ملڪ ۽ سندن غريب عوام.