ناول

مَکيءَ کان موڪلاڻي

ھي ناول سانگهڙ جي تاريخ، جنگلي جيوت ۽ فش ايگل پکيءَ جي پس منظر ۾ لکيو ويو آھي. ناول ۾ حر تحريڪ ۽ آثار قديمہ جو ذڪر پڻ شامل آھي. ناول جي ڪھاڻي دلچسپ ۽ تجسس سان ڀرپور آھي، جنھن ۾ نوان موڙ ايندا رھن ٿا.  ماحوليات ۽ جنگلي جيوت جي حوالي سان ھي منفرد ناول آھي، شبنم گل ھن ناول ۾ سانگهڙ جي محنت ڪش مزدورن، مھاڻن، پکائين ۽ ھارين نارين جي مسئلن جي ترجماني بہ ڀرپور انداز ۾ ڪئي آھي. ھن ناول ۾ مکي ڍنڍ جي تباھيءَ سان گڏ اتان جي رھاڪن تي آيل مصيبتن جو احوال پڻ آھي.

  • 4.5/5.0
  • 177
  • 36
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 2
Title Cover of book Makhi Khan Moklani

سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب جو نالو: مَکيءَ کان موڪلاڻي
(ناول)
مصنف:شبنم گل
ڇاپو ٻيو: فيبروري 2025ع
تعداد: 500
ٽائيٽل: محمد رمضان ترڪ
ڪمپوزنگ ۽ لي آئوٽ: محمد رمضان ترڪ
ڇپائيندڙ: انيس انصاري اڪيڊمي، حيدرآباد
قيمت: 500

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع


Makhi Khan Moklani
By: Shabnum Gul
2nd edition: April 2025
Layout by: M. Ramzan Turk
Price: 500
Published by: Anis Ansari Academy,
Salma Garden Hussainabad, Hyderabad
E-Mail: ishtiaqansari@yahoo.com

اسٽاڪسٽ:
سنڌي ادبي بورڊ ڪتاب گهر، تلڪ چاڙهي، حيدرآباد، ڀٽائي بوڪ هائوس، اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد  ڪويتا پبليڪيشن ڪتاب گهر، سامهون چائنيز هوٽل، حيدرآباد، ڀٽائي آباد گلي نمبر 05، گلستان جوھر

ارپنا

ذھني تخلق کي
تحرڪ عطا ڪندڙ
ٻارن عرصم انصاري ۽
عرين انصاري جي نانءُ.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعرہ، ناول نگار ، ڪھاڻيڪارہ ۽ ڪالم نگار شبنم گُل جي لکيل پھريون ناول ”مَکيءَ کان موڪلاڻي“ اوھان اڳيان پيش آهي.
ھي ناول سانگهڙ جي تاريخ، جنگلي جيوت ۽ فش ايگل پکيءَ جي پس منظر ۾ لکيو ويو آھي. ناول ۾ حر تحريڪ ۽ آثار قديمہ جو ذڪر پڻ شامل آھي. ناول جي ڪھاڻي دلچسپ ۽ تجسس سان ڀرپور آھي، جنھن ۾ نوان موڙ ايندا رھن ٿا. ماحوليات ۽ جنگلي جيوت جي حوالي سان ھي منفرد ناول آھي، شبنم گل ھن ناول ۾ سانگهڙ جي محنت ڪش مزدورن، مھاڻن، پکائين ۽ ھارين نارين جي مسئلن جي ترجماني بہ ڀرپور انداز ۾ ڪئي آھي. ھن ناول ۾ مکي ڍنڍ جي تباھيءَ سان گڏ اتان جي رھاڪن تي آيل مصيبتن جو احوال پڻ آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 2015ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2025ع ۾ انيس انصاري اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون ادي شبنم گُل جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

اداري پاران

انيس انصاري اڪيڊمي علم ۽ ادب جي واڌ ويجهہ، ڪهاڻي جي ڪتابن کي اڳتي آڻڻ ۽ ادبي سرگرمين کي همٿائڻ لاءِ مسلسل ڪم ڪندي رھي آھي، جنھن جو بنيادي مقصد علمي ۽ ادبي سرگرمين کي اڳتي آڻڻ آھي. ھن کان اڳ انيس انصاري اڪيڊمي اسحاق انصاريءَ جو ناول ”خالي بينچ“، سفرنامو ”پرين ھن پار“، انيس انصاريءَ جي ڪھاڻين جو ڪتاب ”ناسور“، ڇپائي چڪي آھي.
انيس انصاري اڪيڊمي پاران شبنم گل جو ناول مکي کان موڪلاڻي شايع ڪري رھيا آھيون. شبنم گل گهڻ رخي ليکڪہ آھي. ڪالم، مضمونن، ڊرامن، ڪھاڻين توڙي شاعريءَ جي موضوع ۽ گهاڙيٽن جي لحاظ کان سندس تحريرون منفرد آھن. فني گهاڙيٽن جي کيس سٺي ڄاڻ آھي. ناول سانگهڙ جي تاريخ، جنگلي جيوت ۽ فش ايگل پکي جي پس منظر ۾ لکيو ويو آھي. ناول ۾ حر تحريڪ ۽ آثار قديمہ جو ذڪر پڻ شامل آھي. ناول جي ڪھاڻي دلچسپ ۽ تجسس سان ڀرپور آھي، جنھن ۾ نوان موڙ ايندا رھن ٿا.
ماحوليات ۽ جنگلي جيوت جي حوالي سان ھي پھريون ناول آھي، جنھن پنھنجي موضوع، ٻولي، منظر نگاري ۽ پيشڪش جي اعتبار سان سنڌي ادب ۾ اھم جاءِ والاري آھي.

انيس انصاري اڪيڊمي

مھاڳ: مشاھداتي اک

چوٽياري ڊيم تي نوڪري دوران، مون ڪجهہ ماحوليات ۽ قديم آثارن تي لکيو ھو. شبنم گل منھنجي ’فش ايگل‘ واري مضمون کي پسند ڪندي صلاح ڏني تہ ان کي ناول جو ويس پھريان. سچ پچ منھنجي قلم ۾ ايتري سگهہ ڪا نہ ھئي. جو اھڙي اُڻت ڪري سگهان. ان ڪري کيس ئي ان موضوع کي ناول جو وڳو پارائڻ لاءِ آمادہ ڪيو.
جهنگلي جيوت تي ان کان اڳ، سنڌيءَ ۾ شايد ئي ڪو اھڙو خوبصورت ناول لکيو ويو ھجي. ان لحاظ کان اھو موضوع نئون ۽ وقتائو آھي. ڇو تہ سنڌ جا ماڻهو پنھنجي قدرتي وسيلن، زمين جي سونھن ۽ تاريخ جي باري ۾ ٻين ملڪن جي ماڻهن جيان ايترا باخبر ناھن. ان ڪري ھر قلمڪار کي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي سونھن ورھائيندڙ موضوع تي وڌ ۾ وڌ لکڻ گهرجي.
اھا حقيقت ھي آھي تہ چوٽياري تي پھچڻ سان ئي محسوس ڪيو تہ ڊيم جي اڏاوت دوران ورھين کان اتي آباد مسڪين ماروئڙن جون جهڳيون جهوپڙا، ٻنيون، ٻارا ۽ چراگاھ پاڻي پاڻي ٿي ويندا. ويتر زمين ۽ سندن ملڪيتن جي معاوضي جا پئسا، اتان جي رت پياڪ رئيسن، ڪمدارن ۽ دوکي باز ڪامورن سان ملي ھڙپ ڪري ڇڏيا ھئا. ان ڪري سدائين چوٽياري متاثرين جي پوليس ۽ قانون جي رکوالن سان جنگاڻ متل ھوندي ھئي. اھڙو ذڪر شبنم گل ھن ناول ’مکي کان موڪلاڻي‘ ۾ بخوبي ڪيو آھي.
ان کانسواءِ شبنم گل ھن ناول ۾ سانگهڙ جي محنت ڪش مزدورن، مھاڻن، پکائين ۽ ھارين نارين جي مسئلن جي بہ ترجماني ڀرپور انداز ۾ ڪئي آھي. انهن پگهر ڳاڙيندڙ پورھيتن جو پنھنجي جائز وسيلن تي بہ حق نہ آھي. سٺي ۽ خوشحال زندگي ھنن لاءِ ڏينھن ڏٺي جي خواب مثل آھي. چوٽياري ڊيم ٺھڻ وقت بہ مقامي ماڻهن ۾ وڏي بي يقيني ھئي. ڊيم ٺھڻ بعد وري ان جي سيمي ڪري، انهن جي پيڙا جو پڙلاءُ ٻڌجي پيو.
ڊيم جي اڏاوت ڪري، جتي پنھنجي ’ڀونءِ‘ کي سجدا ڪندڙ ماڻهو دربدر ٿيا، اتي مکي جي ماحوليات کي بہ وڏو ڌڪ لڳو. ھوءَ بہ سانگهڙ زرخيز علائقو آھي، جنھن جي جيوت، خالص منظر ۽ بناوت کان پاڪ زندگي جي ڇا ڳالهہ ڪجي. اتي جيترا ماحوليات جا محسن آھن اوترا دشمن بہ.
شبنم جيئن تہ پاڻ ڪيترا دفعا ڊيم جي اڏاوت دوران ۽ بعد ۾ مکي ڍنڍ ڏسي چڪي ھئي. ان دوران حر تحريڪ سان لاڳاپيل ھستين سان بہ کيس ملڻ جو موقعو مليو. ان ڪري ئي ھن ناول ۾ شبنم نظر نگاري ڪمال جي ڪئي آھي. ائين ٿو محسوس ٿئي تہ ڄڻ ھوءَ پاڻ مکي جي رھواسي آھي. اھو سندس فطرت سان گھري شناسائي ۽ مشاھداتي اک جو معجزو آھي، پر ان کان وڌيڪ ھن جو سنڌ جي خطن سان دلي رابطو ۽ روحاني وابستگي آھي.
سنڌي ادب ۾ ھوءَ ئي ناول جي کوٽ آھي، جن جي پورائي لاءِ ٻين ناول نگارن سان گڏ ھاڻوڪي دور ۾، اسان جي خاندان مان اخلاق انصاري جي ناول ’اڏوھي‘ اسحاق انصاري جي ’خالي بينچ‘ منھنجو ناول ’اوڏ مٽي جا ڪوڏ‘ ۽ شبنم جي ھن منفرد ناول ’مکي کان موڪلاڻي‘ ڪجهہ قدر خال ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
شبنم جو جيئن تہ انگريزي ادب سان گھرو تعلق آھي. انگريزي ادب جي بين الاقوامي پس منظر، سنڌي قلمڪار کي خيالن جي وسعت ۽ موضوع جي نواڻ عطا ڪري ٿو. ناول ھڪ ڳوڙھي ۽ محنت طلب صنف آھي. ھر ٻوليءَ ۾ شھر آفاق ناول موجود آھن. آرٽ ۽ فن جي خيال کان ھڪ شاھڪار ناول ۾ پلاٽ، موضوع، ڪردارنگاري، اسلوب، منظرنگاري ۽ ٻولي خاص جزا سمجهيا وڃن ٿا. ’مکي کان موڪلاڻي‘ ناول ۾ مٿَين جزن سان گڏ ٻوليءَ جي سڀاءَ ۽ تجسس جو عنصر نمايان آھي.
شبنم سدائين منفرد ۽ مختلف موضوعن تي قلم کنيو آھي. لکڻ ھن لاءِ ڄڻ عبادت مثل آھي. ھوءَ پنھنجي لکڻين سان حد کان وڌيڪ ڪمٽيڊ آھي. ھن جو رويو زندگي ۽ ادب ڏانھن سچائيءَ تي ٻڌل آھي. شبنم گهڻ اڀياسي شخصيت ھئڻ ڪري ادب جي ھر صنف تي ڪمال جي دسترس رکي ٿي. ڀلي پوءِ ڪھاڻي، شاعري، ڊرامو، مضمون ۽ ڪالم ھجي. ھاڻي تہ ھن سنڌي ٻوليءَ ۾ ھڪ بيمثال ۽ معلوماتي ناول جو اضافو ڪيو آھي. شبنم ۾ اھا خوبي آھي تہ ھوءَ باقاعدہ اوجاڳا ڪري موضوع ۽ اسم سان ڀرپور انصاف ڪري ٿي. ھن جي اندر جو ذھين فنڪار ھر وقت متحرڪ آھي. اھو ڏات ڌڻي تخليقڪار زندگي جي ھر لمحي کان حفظ ۽ معلومات وٺندو رھي ٿو. شبنم سدائين سنڌ جي ثقافت، تاريخ، سياحت، ھنر، ڪاريگري ۽ سنڌي ماڻهن جي دک درد کي قلم وسيلي سھيڙيندي رھي آھي، سندن ھر موضوع ۾ جدت ۽ انفراديت آھي. اھو ئي سبب آھي، جو ھن پنھنجي قلم کي ڪڏھن خشڪ ۽ يڪسانيت جو شڪار ٿيڻ نہ ڏنو آھي. وڏي ڳالهہ تہ شبنم مختلف ٻولين ۾ تَڪي توري، ساڳي مھارت سان لکي ٿي، جن ۾ سنڌي، انگريزي ۽ اردو ٻوليون شامل آھن. ھن جي پڙھندڙن جو ھڪ وسيع حلقو آھي.
جيئن تہ ھن ناول ۾ مکي ڍنڍ جي تباھي سان گڏ اتان جي رھاڪن تي آيل مصيبتن جو احوال آھي. اھڙو ذڪر سائين الهہ رکيو بھڻ، پنھنجي مضمون ’مکي کان موڪلاڻي‘ ۾ ڪري چڪو آھي. اھو عنوان اھڙو جامع ۽ ٺھڪندڙ جو سائين بھڻ جي اجازت سان ھن ناول جو نالو ’مکي کان موڪلاڻي‘ رکيو ويو آھي.
بھر ڪيف ھي ناول پڙھڻ دوران سانگهڙ جا قربائتا ساٿي نواز ڪنڀر، مير محمد نظاماڻي، مولا بخش ملاح، بخشڻ مھراڻوي، سائين الھورايو بھڻ، امر لغاري، فيض نظاماڻي، استاد گلزار، بسنت فقير وري دل تي تري آيا آھن، جن جي پنھنجائپ ڪري سانگهڙ ڄڻ منھنجو گهر آھي.

اشتياق انصاري
2015-6-6

پنهنجي پاران

ڪيئي ڀيرا سانگهڙ وڃڻ جو اتفاق ٿيو آھي. سانگهڙ جي قدامت ۽ سانت گهڻو متاثر ڪيو. ھي شھر سنڌ جي منفرد تاريخ کي ساھ ۾ سانڍي بيٺو آھي. ھن جي قدامت ۾ ھڪ عجيب حُسن آھي. ھي شھرت وقت سان گڏ بدليو ناھي. سانگهڙ پاڻي جي وھڪرن، زراعت، چوپائي مال، رنگا رنگ ثقافت ۽ حُر تحريڪ سبب سڃاتو وڃي ٿو. ھن شھر جا الڳ مزاج، انداز، لاڙا، رتيون رسمون، کاڌا ۽ خوشبو آھي. ھتي ھٿ جي ھنرن جون ننڍي پيماني تي گهريلو صنعتون پڻ آھن. ننڍپڻ کان سنڌ جي ٻھراڙين ۾ رھڻ جي سونھن پاڻ ڏانھن ڇڪيندي رھي آھي. سنڌ جو جهنگلي جيوت، ٻيلا، ساوڪ موھيندڙ آھن. ڳوٺ ۾ رھندڙ ماڻهو سادا، مخلص ۽ مھمان نواز آھن.
دنيا جون قديم تھذيبون فطرت جي ويجهو رھن ٿيون. فطري نظارن مان روحاني تحرڪ حاصل ڪن ٿيون. اھي منظر ذھن ۾ سڪون ۽ يڪسوئي پيدا ڪن ٿا. ڀٽائي جي شاعري جي گھرائي ۽ سونھن سير وسياحت جو ثمر آھي.
سانگهڙ فطري سونھن ۽ جهنگلي جيوت سان مالا مال آھي. حر تحريڪ جو سگهارو حوالو سانگهڙ جي تاريخ سان سلهاڙيل آھي. ڪو زمانو ھو جو مکي ڍنڍ فطري سونھن ۽ قدرتي وسيلن سان ٽم ٽار ھئي. ان دؤر ۾ اھو ھڪ گهاٽو ٻيلو ھو پر حر تحريڪ دوران آزاديءَ لاءِ وڙھندڙ جيالن نارا ڪئنال کي گهارو ھڻي پاڻيءَ جو وھڪرو ٻيلي طرف ڪيو ھو، جيئن انگريز فوج ۽ ان جا حامي پناھ ورتل گوريلن تائين نہ پھچي سگهن. ان کانپوءِ مکي ٻيلو ڍنڍ جي صورت اختيار ڪري ويو.
پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ھن علائقي ۾ چوٽياريو رزائور (ڊيم) ٺاھيو ويو، جنھن جو مقصد ھو تہ ھتي پاڻي جو مقدار وڌائي سگهجي. ھن علائقي جي واه جي ذريعي پاڻي عمر ڪوٽ جي آسپاس موڪلجي، جنھن وسيلي اتان جي زمين کي آباد ڪيو ويندو. اھو پاڻي ان علائقي جي ھزارين ايڪڙ زمين آباد ڪندو. ھي ڊيم پنجيتاليھ ھزار ايڪڙ ۽ ھڪ سؤ چورس ميل تائين ڦھليل آھي ۽ سانگهڙ کان 10 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ناري جي کاٻي پاسي، مکيءَ جي مرڪز ۾ زيرِ تعمير ھو. سنڌو درياھ مان سکر بيراج وٽان نارا ڪئنال ۾ پاڻي اچي ٿو. خيرپور منڍ جمڙائو وٽ ريگيوليٽر لڳل آھي، جتان مٺڙائو ڪئنال ۽ جمڙائو ڪئنال نڪرن ٿا. ان مان ئي لوئر نارا ڪئنال شاخ مکي سان وڃي ملي ٿي، جنھن کي رانٽو ڪئنال چون ٿا. مکي ڍنڍ جي ھڪ حصي تي بند ٻڌو ويو آھي، جنھن کي چوٽياري ڊيم جو نالو ڏنو ويو.
مکي ڍنڍ تي واقع ننڍڙي ٻيٽاري تي جوڙيجن جي قديم ماڙي شان سان ڪر کنيو بيٺي آھي، جيڪا زبون حالت ۾ آھي. ان عمارت جون ڇتيون غائب آھن، دريون ۽ دروازا پڻ وقت جي برسات ۾ لڙھي ويا آھن. البتہ ديوارون اڃان بہ سلامت آھن. ان ماڙيءَ جي مٿانهين تي ھڪ ناياب پکي فش ايگل پنھنجو آکيرو جوڙيو. ھي (Haliaeectus Leucorphus) Pallas Fish Eagle. نسل جو باز ھو. ھن پکيءَ جا پنجاھ کن قسم ٻڌايا وڃن ٿا، جيڪو اڄڪلهہ اڻ لڀ آھي. مقامي ماڻهو ان باز کي ’ڪڙل‘ جي نالي سان سڏين ٿا. اھو ناياب خاندان تقريبا ٽيھن سالن کان ھر سال مکي ڍنڍ تي ايندو رھيو.
مکي ڍنڍ سدائين سياري ۾ ھجرت ڪندڙ پکين جو آشيانو رھي آھي. اھي پکي يورپ، سينٽرل ايشيا ۽ انڊيا مان پاڪستان ايندا آھن. انڊس فلائي وي وسيلي لکين پکي ھر سال سياري ۾ لڏ پلاڻ ڪندي مختلف درياھن ۽ ڍنڍن ڪناري اچي آباد ٿيندا آھن. سائبريا کان ايندڙ پکي جو مشھور رستو قراقرم، ھندوڪش، سليمان رينجز کان درياھہ سنڌ ويندي ڊيلٽا تائين، انٽرنشنل مائگريٽري برڊ روٽ نمبر 4 چورائي ٿو. ان رستي کي گرين روٽ يا انڊس فلائي وي پڻ سڏيو وڃي ٿو. ان حوالي سان نومبر کان پکي پاڪستان ۽ سنڌ جي درياھن ۽ ڍنڍن ڏانهن سفر ڪن ٿا. اھڙيءَ ريت اھي پکي مارچ ۾ واپس ھليا ويندا آھن. پکين جي واپسي پاڪستان ۽ سائبريا جي موسمي حالتن تي منحصر ٿئي ٿي. سنڌ ۾ پکين جي پناھہ گاھہ جا 45 ھنڌ ٻُڌايا وڃن ٿا، جيڪي 900000 ھيڪٽرز ۾ ڦھليل آھن. منھنجو اڇڙي ٿر ڏانهن ڪيئي ڀيرا وڃڻ جو اتفاق ٿيو آھي. مون ڪاڪاھو ۽ ٻين ڍنڍن تي پڻ ھجرت ڪرڻ وارا ڪيترائي سھڻا پکي ڏٺا آھن. ڪاڪاھو جو اڻ ڇھيل حسن بيمثال آھي.
فطرت کي دنيا جي ھر شاعر لفظن جي ڀيٽا ڏني آھي، اِيشيا جي قديم تھذيبن فطرت کان تعميري قوت ورتي آھي، جيئن باشو جو ھي شعر:
A long the mountain road
Somehow it tugs at my heart
A wild violet.
(Basho)

ساڳي ڪيفيت ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ ملي ٿي، جنھن سنڌ جي ڍنڍن، دريائن ۽ فطري نظارن مان اُتساھہ حاصل ڪندي، لافاني شاعري تخليق ڪئي. ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ جا بجا فطرت جي سونھن سمايل آھي. ڀٽائي پڻ ٿر جي واري، ڀٽن ۽ جهنگلي ٻوٽن مان احساساتي سگهہ حاصل ڪندو ھو. ساڳيءَ ريت شيخ اياز جي شعر توڙي نثر ۾ فطرت جي سونھن سمايل آھي. اسان فطرت کان ڪٽجي ڪڏھن بہ خوش نہ ٿا رٿي سگهون. سائنسي طور تي بہ اھڙين جڳھين جي ويجھڙائي انساني ذھن، جسم ۽ روح تي مثبت اثر وجهي ٿي. ڇو تہ درياھن، پھاڙن ۽ جهنگلي ٻيلن ۾ Positive ions وڌيڪ ٿين ٿا، جيڪي نہ فقط تخليقي سوچ جي اوسر ڪن ٿا بلڪہ جسم جي ڪارڪردگي ۽ مدافعتي نظام کي بھتر ڪن ٿا. انڪري سانگهڙ، مکي ۽ اڇڙي ٿر جي مختلف ماڳن ۽ مڪانن تي گهمندي مون کي پاڻ لکڻ لاءِ وڏو اُتساھہ مليو ۽ اندازو ٿيو تہ ماڻهو سنڌ جي فطري سونھن کان ڪيترا نہ بي خبر آھن. ڪجهہ عرصو اڳ جي ڳالهہ آھي تہ مون پنھنجي ٻارن عرصم ۽ عرين وٽ ھڪڙو ناول ڏٺو. عرصم چيو تہ ھي ناول ضرور پڙھي ڏسجو. ان ناول جو نالو آھي Jonathan Livingstion Seagull ھو. Richard bach جو لکيل ھي ھڪ شاھڪار ناول آھي. ھن ناول ۾ سي گل (Seagull) جي خوبصورت اڏام، لھرن سان سندس تعلق، آسمان لاءِ سندس اُتساھہ، خوبصورتيءَ سان بيان ٿيل آھن. مون ۾ بہ ھڪ خواھش ظاھر ٿي تہ جيڪر مان بہ ڪنھن پکيءَ جي باري ۾ ڪو ناول لکي سگهان.
جهنگلن ۽ جهنگلي جيوت سان شروع کان دلچسپي ھئڻ سبب مون کي پکي وڻندا آھن. پکي کليل فضائن، اڏام ۽ خوابن جو ڏس ڏيندا
آھن. تخليق کي بہ پر ٿين ٿا. اھي تصوراتي کنڀ آھن، جنھن سان ليکڪ مختلف دنيائون دريافت ڪري ٿو. ڪجهہ وقت اڳ الباٽراس (Albatross) پکي تي ھڪ خوبصورت نظم پڙھيو ھيم، پوءِ نيٽ تي ان پکيءَ جي باري ۾ معلومات حاصل ڪئي تہ اندازو ٿيو تہ ھي الباٽراس بہ سمنڊ جي عشق مبتلا ھڪ انوکو پکي نظر آيو. پاڻي ۽ پکي لازم ۽ ملزوم آھن. ھڪ انوکو سٻنڌ آھي ٻنھي ۾. ان دور ۾ الباٽراس تي ناول لکڻ لاءِ سوچڻ لڳي ھيس. الباٽراس تي انگريزي جي شاعر سيميوئيل ٽيلر ڪولرج جو خوبصورت نظم Ancient Mariner پڙھيو اٿم. مون الباٽراس تي ڪھاڻي لکي ورتي ۽ ناول وارو خيال پورو نہ ٿي سگهيو. ان حوالي سان اشتياق جو مضمون فش ايگل پڙھيو ھيم، ان ڪري کيس ان پکيءَ تي ناول لکڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳس، پر اشتياق جيئن تہ آرڪيالاجيءَ جي ڪم ۾ گهڻو رڌل رھي ٿو، ان ڪري صاف انڪاري ڪري ڇڏيائين تہ اھو ڪم کانئس ڪو نہ ٿي سگهندو. ڇو تہ ناول ذھني يڪسوئي گهري ٿو. بھرحال مون کي ان موضوع تي لکڻ لاءِ چيائين تہ مون خوشيءَ سان حامي ڀري. ائين ناول لکڻ شروع ڪري ڏنو. اھي ٻہ فش ايگل ٻہ مڪمل ڪردار آھن، جيڪي ھزارين ميلن کان ڪَھي، تقريباً ڪيترن سالن کان، مکي ڍنڍ تي ايندا رھندا ھئا. جوڻيجن جي ماڙي جي مٿانهين منزل تي سندس آکيرو ھو، جيڪو ھو گهڻن سالن کان ڪتب آڻيندا ھئا. سياري جي پڄاڻيءَ تي ٻچا ساڻ ڪري ٻيھر پنھنجي ماڳ ڏانهن واپس ورندا ھئا. اھا ھڪ دلچسپ ڪھاڻي آھي. پريمي پکين جو سنڌ جي سر زمين ۽ ڍنڍن سان عشق جي لازوال داستان آھي. سانگهڙ وڃڻ دوران ھر ڀيري تاريخ، ثقافت ۽ جهنگلي جيوت جا انيڪ رخ سامهون ايندا رھيا. مکي ڍنڍ کي بہ ويجهو کان ڏٺو، ٻيٽاري تي بيٺل ماڙي جي پنھنجي الڳ پراسراريت نظر آئي. مکي جهنگ جو جيڪو ذڪر ٻڌو ھيم، اھو ھاڻ نہ ھو. مکي جي ڪنارن تي آباد مھاڻن، پکاين، ڌنارن ۽ ڪڙمين جا بيشمار مسئلا ڏٺا. اھي ماڻهن سالن پڄاڻان خوشحاليءَ جا خواب ڏسندا رھيا آھن.
خواب ساڀيان ماڻين يا نہ پر خواب ڏسندي رھڻ گهرجن. سنڌ جي پوئتي پيل ۽ ڏتڙيل طبقن وٽ فقط خوابن جو قيمتي ورثو وڃي بچيو آھي. چوٽياري ڊيم ٺھڻ دوران جيڪي مقامي ماڻهن کي مسئلا ٿيا، يا کين منھ، گهر ۽ جهوپا ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. سندس پوک جو الڳ نقصان ٿيو، جنھن جي ڪري اھي ماڻهو مستقل احتجاج ڪندا رھيا.
مکي جي پس منظر ۾ حر تحريڪ جي تاريخ بہ دلچسپ ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آھي، جنھن جا انيڪ رخ عام ماڻهوءَ کان لڪل آھن. اشتياق انصاري جي مضمونن مان لاڀ حاصل ڪرڻ سان گڏ ڪي ٻيا سانگهڙ جي تاريخ تي ڪتاب ۽ رسالا بہ ان سفر ۾ منھنجي کوجنا لاءِ مددگار و معاون ثابت ٿيا.
جيستائين فش ايگل جو تعلق آھي تہ ان پکيءَ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي انٽرنيٽ جا ورق اٿلائڻا پيا. ان پکي جي غذا، عادتن، شڪار جا طريقا، سندس گهريلو زندگي ۽ فطرت جا مختلف پھلو بہ تحقيق جي ان سفر ۾ دلچسپ انداز ۾ آڏو ايندا رھيا. پکيءَ تي لکڻ مون لاءِ ھڪ منفرد ۽ انوکو تجربو ھو، جنھن اول کان آخر تائين منھنجي دلچسپي بقرار رکي. لکندي وقت مون کي احساس ٿيو تہ اھو تجسس پڙھندڙ جي دلچسپي بہ برقرار رکندو. سنڌ جا ڪيترا ئي شھر اھڙا آھن جيڪي پنھنجي وجود ۾ ھڪ مڪمل داستان آھن، جنھن کي وقت وساري چڪو آھي. ماڻهو بنا شھرن کي سمجهڻ جي سال گذاري ڇڏيندا آھن، ان ڪري اوپرائپ جي ديوار رھندڙن ۽ خِطن جي وچ ۾ بقرار رھندي آھي.
ڪي شھر جيئرا جاڳندا، ساڃاھہ وند ۽ متحرڪ ٿين ٿا، ڪن ۾ وري ڌيرج وارا ننڊاکڙو ماحول ٿئي ٿو، جنھن جا ٻہ مختلف سبب آھن. ھڪ تہ انهن خِطن جي جاگرافيائي بيھڪ، زرخيزي ۽ زميني حالتن جو اثر ماحول ۾ موجود رھي ٿو. ٻيو ماڻهو جو مزاج، فطرت جا لاڙا ۽ ھاڪاري ۽ ناڪاري سوچ جون لھرون پڻ انهن خِطن مان محسوس ٿين ٿيون. سانگهڙ جو مزاج ننڊاکڙو آھي. شايد تاريخ جي ڀڃ ڊاھہ يا تبديلين جو اثر اڄ بہ ھن خطي ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو.

شبنم گل
حيدرآباد
2016. 6. 6

مَکيءَ کان موڪلاڻي

---

1

مکي ڍنڍ جي ڪجهہ حصن کي بند ٻڌي مٿي ڪيو پي ويو، جنھن کي چوٽياري ڊيم جو نالو ڏنو ويو .وقار چوٽياري ڊيم پراجيڪٽ تي آفيسر ھو، سائيٽ جو ڪم سندس نگرانيءَ ۾ ھلي رھيو ھو. واپڊا ڪالوني جي آفيسرس ھاسٽل ۾ سندس رھائش ھئي. ھو ڪم ڪار مان فارغ ٿي شام جو اڪثر دوستن سان سير تفريح لاءِ ڀرپاسي جي علائقن ۾ نڪري ويندو ھو. چوٽياري ڊيم جي ڀرسان ئي وقار جي آفيس ھئي، جتي ھو آفيس جي ڪمن مان وقت ڪڍي بہ ان علائقي جي تاريخ ۽ ثقافت جي باري ۾ معلومات گڏ ڪندو رھندو ھو. ھن دوستن سان گڏجي سانگهڙ جي ڪجهہ نوجوانن ۾ بہ تاريخ لاءِ اُتساھ پيدا ڪيو ھو. چوٽياري ڊيم پراجيڪٽ انگلينڊ جي ماھرن جي نگرانيءَ ۾ ھلي رھيو ھو. ھن وقت پراجيڪٽ انچارج انگلينڊ جو پنجھٺ سالن جو پخيل پوڙھو چارلس ھو. تازو ئي انگلينڊ مان ماحوليات جي ماھرن جي ٽيم چوٽياري پھتي ھئي، جنھن جا ٽي ميمبر اھو جائزو وٺڻ آيا ھئا تہ چوٽياري ڊيم ٺھڻ سان ماحول تي ڪھڙو اثر پوندو؟ البرٽ، ڊيوڊ ۽ جوليا آفيس پھچڻ وارا ھئا، کين مکي ٻيلو ۽ مکي ڍنڍ تي موجود ننڍي ٻيٽ تي ٺھيل پراڻي عمارت، جوڻيجن جي ماڙي جو جائزو وٺڻو ھو. انجنيئر وقار پاڻ بہ ھڪ سياح ھو، ان کان سواءِ ھن جي پکين ۽ جهنگلي جيوت سان دلچسپي پڻ ھئي. وقار يورپ سان گڏ ڀرپاسي وارا ڪيترائي ملڪ گهمي چڪو ھو، ان ڪري اڪثر ماحوليات جي ٽيم جي ميمبرن سان سٺي ڪچھري ٿي ويندي ھيس. ٿورري دير ۾ ميمبر پھتا تہ سندن مھمان نوازي کان فارغ ٿيڻ بعد ٻيڙي ۾ سوار ٿي، مکي ڍنڍ جو معائنو ڪرڻ نڪتا. اھي ڊسمبر جا شروعاتي ڏينھن ھئا. سج جا سونھري ڪرڻا پاڻيءَ تي ڏياٽين جيان جرڪي رھيا ھئا. ھوا، مکي جهنگ جي خوشبوءِ کي ساڻ ڪري احساس کي مدھوش ڪري رھي ھئي. مکي ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ آسمان جو نيرو رنگ تري رھيو ھو. موسم خوشگوار ھئي. ٽيم جو سرواڻ ڊيوڊ، سٺ سالن جو ھڪ زندھہ دل انسان ھو. البرٽ کي بہ ھن علائقي سان خاص دلچسپي ھئي. جوليا چوويھن سالن جي ذھين ڇوڪري ھئي. گلابي شرٽ ۽ ڪاري جينز ۾ خوبصورت لڳي رھي ھئي. ھن وٽ بہ ماحولياتي ڄاڻ جو ھڪ سٺو خزانو ھو. سندس خوبصورت گھرين ناسي اکين ۾ خوشي ۽ حيرت جو تاثر ھو. ٽيم پنھنجوسفر شروع ڪيو. ٽيم سان پراجيڪٽ انچارج چارلس بہ گڏ ھو.
”مکي واھ جو خوبصورت علائقو آھي!“ ڊيوڊ چيو.
”ھا ھي قديم ۽ دلڪش علائقو آھي، سياحن کي ھڪدم پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺي ٿو.“ وقار مرڪي ڏانهنس ڏٺو.
”بلڪل..... مون کي بہ ھتي اچي ائين لڳو تہ ھن علائقي کي پرک واري نظر گهرجي.“ البرٽ مرڪي چيو.
”ھي رومينٽڪ جاءِ آھي“ جوليا جي کل جو سنگيت چوپاسي وکري ويو.
”توکان وڌيڪ نہ“ البرٽ کيس پيار مان چيو تہ وقار کي اھي لفظ نہ وڻيا، ھو البرٽ جي جملن کان خائف ھو. ھو جوليا سان اڪثر ذومعني گفتگو ڪندو ھو. وقار بہ خوبصورتي جو شيدائي ھو ۽ جوليا انتھائي وڻندر شخصيت ھئي. ھو اندازو نہ لڳائي سگهيو ھو تہ جوليا بہ البرٽ کي پسند ڪري ٿي يا نہ، ان ڪري جوليا سان گفتگو ۾ احتياط ڪري رھيو ھو.
”ھتي جي فطري ۽ خالص سونھن ڏسندڙ جي دل ۾ گهر ڪري وڃي ٿي“. وقار چوڦير نظر ڦيرائيندي چيو.
ھوائن جو وھڪرو تازگي سان ڀرپور ھو، ٻيڙي مکي ڍنڍ جي پاڻي تي ڪنول جيان تري رھي ھئي، پريان مکي ڍنڍ جي وچ تي گهاٽي جهنگ وارو ٻيٽ نظر اچي رھيو ھو.
”ھو ڇا آھي؟“ جوليا حيرت ۽ تجسس مان پڇيو.
جوليا جو اشارو ڍنڍ جي وچ ۾ ھڪ خوبصورت ٻيٽاري تي ٺھيل ماڙي طرف ھو.
”انگريزن جي حڪومت واري دؤر ۾ نارا ڪينال کي حر تحريڪ جي سرفروش ڪٽ ڏنا ھئا، جيئن انگريز، مکي ٻيلي ۾ لڪل حر باغين تائين پھچي نہ سگهن، جنھن جي نتيجي ۾ پاڻي چوڌاري ڦھلجي ويو. البت ڪي مٿانھان حصا ٻڏڻ کان بچي ويا ،جيڪي ٻيٽ بڻجي ظاھر ٿيا، انهن مان ھڪ دڙي تي جوڻيجن جي ماڙي نظر اچي رھي آھي.“
”تمام دلچسپ ڪھاڻي آھي ان جو تفصيل توھان کان معلوم ڪبو، پر ھن وقت اھو ٻيٽ مون کي پراسرار لڳي رھيو آھي.“ جوليا اکين ۾ حيرت ڀري چيو.
”ھا بلڪل منھنجي بہ ساڳي راءِ آھي.“ البرٽ مرڪي جوليا ڏانھن ڏٺو.
”ھي علائقو تاريخ جي اسرارن سان ڀريل آھي، ان کان سواءِ ھتي جي فطري ماحول ۾ ھڪ وڏي ڪشش آھي.“ وقار پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو. پرديسي پکي آسمان تي خوبصورت پَرَ ڦھلائي اڏامي رھيا ھئا.
ملاح، خاموشيءَ سان ٻيڙي ھلائي رھيو ھو. وقار کيس سمجهايو ھو تہ پھريون مکي ڍنڍ جو ٿورو چڪر ھڻي پوءِ ٻيٽ ڏانهن ھلنداسين.
ان وقت مکي ڍنڍ، سج جي روشنيءَ ۾ ستارن جو جهرمٽ لڳي رھي ھئي. پاڻيءَ جي ڇُولين مان ھڪ مخصوص خوشبوءِ، جهنگلي ٻوٽن سان ملي، ھوا کي خماريل بڻائي رھي ھئي. مکيءَ جو نظارو ڪري ملاح، ٻيڙيءَ جو رخ ننڍڙي ٻيٽاريءَ ڏانهن موڙيو. ٻيڙي پن ۽ نڙن جي ميڙ ۾ ويڙھيل ماڙيءَ ڏانهن وڌڻ لڳي. مکي ڍنڍ سائيبيريا مان ڪھي آيل پرديسي پکين جو آستانو پڻ سڏي وڃي ٿي. ان وقت بہ ڪيترائي پکي آسمان ۾ اڏامي رھيا ھئا. ٻيڙي ڪناري سان لڳي تہ وقار سان گڏ ماحولياتي کاتي جي ٽيم سان گڏ چارلس ۽ ملاح بہ خشڪي تي لٿا. وقار کين ساڻ ڪري جڳھ جو معائنو ڪرائڻ لڳو. ھڪ عجيب ئي منظر ھو. پراڻي ٽہ ماڙ ماڙي پراسرار ڏيک ڏيئي رھي ھئي. قديم جاين جي پاسي ۾ اسرار ۾ ويڙھيل ماضيءَ جي وڃايل لمحن جي خوشبوءَ محسوس ٿيڻ لڳي.
”منھنجي خيال ۾ چوٽياري ڊيم جي ٺھڻ سان ڀرپاسي وارن علائقن کي فائدو پھچندو، ٻنيون آباد ٿينديون ۽ مڇي جي افزائش ۾ بہ اضافو ٿيندو.“ ڊيوڊ، ماڙي ۾ لڳل پراڻي ڪاشي تي ھٿ ڦيرائيندي چيو.
”ھا بلڪل ائين ئي آھي.“ پراجيڪٽ انچارج چارلس بہ سندس ڳالهہ جي تائيد ڪئي. ٿورو اڳتي ريفريشمينٽ جو انتظام ھو. وقار سان گڏ ڪم ڪندڙ انجنيئر اُتي بيٺا ھئا. سمورا مھمان ڪرسين تي ويٺا ۽ ھڪ ٻئي سان ڳالهين ۾ مصروف ٿي ويا. وقار کين علائقي جي تاريخ جي باري ۾ ٻڌائڻ لڳو.
”انگريزن 1843ع ۾ سنڌ ۾ داخل ٿي، ميرن کي مياڻي ۽ دٻي جي جنگين ۾ شڪست ڏني. سنڌ فتح ڪرڻ بعد بہ ڪن علائقن ۾ انگريزن خلاف احتجاج جاري رھيو. ارڙھين صدي جي وچ ڌاري پير پاڳاري سيد شاھ مردان شاھ جي رھنمائيءَ ۾ حر تحريڪ جو آغاز ٿيو. ان دوران بچو بادشاھ ۽ عيسي ڏاھري کي ڦاسي ڏني وئي. سيد مردان شاھ جي دنيا ڇڏڻ بعد، سيد صبغت الله شاھہ ثاني، ٻارنھن سالن جي عمر ۾ گادي نشين ٿيو. ھي ڇھون پير پاڳارو ھو. صبغت الله شاھ جي من ۾ بغاوت جي چڻنگ دکي رھي ھئي. سو ھن انگريز سرڪار جي حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو، جنھن جي ڪري بنا لائسنس ھٿيار رکڻ جي ڏوھ ۾ ايڪيھين سالن جي ھن خوبصورت جوان کي رتناگري، مندنا پوري ۽ علي پور جي جيلن ۾ اٺ سالن جي سزا ڏيئي رکيو ويو. آزاد ٿيڻ بعد پير پاڳاري، انگريزن خلاف پنھنجا غازي تيار ڪيا، جنھن ڪري کيس ٻيھر قيد ڪيو ويو. ان ڳالهہ تي حر جماعت ڀنڀٽ بڻجي ڀڙڪي اٿي. پير پاڳاري جي گرفتاري خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ انگريز انتظاميا کي ڏينھن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا. حر جماعت کي منھن ڏيڻ لاءِ 1942ع ۾ ايڇ ٽي ليمبرڪ ۽ ايف. ينگ کي مارشل سول ايڊوائيزر مقرر ڪيو ويو. بالآخر 1943ع ۾ پير صبغت الله شاھہ کي ڦاهي ڏئي شھيد ڪيو ويو.“
سڀ لفظن جي سحر ۾ منڊجي ويا، ھر طرف ھڪ عجيب سانت ھئي. آسمان تي ھلڪا ڪڪر ھٿ ھٿ ۾ ڏئي تري رھيا ھئا. اوچتو ماڙي جي چوٽي تي بازن جي ٺاھيل آکيري ۾ مانڌاڻ مچي ويو. بازن کي خبر پئجي وئي تہ ڪي اوپرا شخص سندن اختيار جي حدن ۾ داخل ٿيا آھن انڪري سندن مَيڪڻ پوري علائقي ۾ گونجڻ لڳو. بازن جي کنڀن ۾ ڄڻ آسماني بجلي ڪڙڪا ٿي ڪيا. ھو بار بار ماڙيءَ مٿان بي چين ٿي لامارا ڏيڻ لڳا.
”Pallas ھي پکي فش ايگل جو ھڪ ناياب نسل آھي.“ ڊيوڊ تقريبن رڙ ڪندي چيو.
سڀ مٿي نھارڻ لڳا.
”باز دنيا جي سڀني کنڊن ۾ ملن ٿا. ھنن جا لڳ ڀڳ پنجاھ قسم ھوندا، پر ھاڻي ھي پکي اڻ لڀ آھي.“ البرٽ چيو.
”ھي شاندار پکي آھي.“ ڊيوڊ مٿي نھاريندي چيو.
سنڌي ۾ ھن پکي کي ڪُڙل سڏيندا آھن.“ وقار کين ٻڌايو. مٿي فش ايگل جو آکيرو نظر اچي رھيو ھو.
”ھو ھتي آھي فش ايگل جو آکيرو. ڇا تہ شاندار آکيرو آھي!“ جوليا آڱر کڻي اشارو ڪندي چيو.
”واھ !ڪمال جي جاءِ تي ھن پکي پنھنجو ھي شاھي آکيرو جوڙيو آھي، مون ڪڏھن سوچيو بہ نہ ھو تہ مکي ڍنڍ ۾ ڪٿي منھنجي ملاقات اھڙي ناياب پکيءَ سان ٿيندي.“ ڊيوڊ سرھائي جي ڪيفيت ۾ جهومي اُٿيو.
”ھي ھڪ خوبصورت اتفاق آھي، ڪڏھن اڻ ٿيڻي ڳالهہ بہ ممڪن ٿيو پوي.“ جوليا مرڪي چيو.
”ھا جوليا، فش ايگل جو هي نسل آھستي آھستي ختم ٿي رھيو آھي. ھن قسم جي پکيءَ جو ھتي ملڻ ھڪ سھڻو اتفاق آھي.“ البرٽ وراڻيو.
”باز جي طاقت ۽ جاھ و جلال پٿر جي دؤر کان انسان کي موھيو آھي. پٿر جي دؤر ۾ ڪيترن غارن اندر بازن جا نقش چٽيل ملن ٿا. ھي طاقت، آزادي، سوڀ ۽ امرتا جي علامت آھي. ان ڪري باز سوميرين، مصرين، رومن کان ويندي اڄ تائين، ڪيترين ئي قومن جو فوجي توڙي مذھبي اھڃاڻ رھيو آھي.“ البرٽ سڀني جي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪندي چيو.
سڀ ماڻهو ھڪ عجيب قسم جي تجسس جو شڪار نظر اچي رھيا ھئا. فش ايگل ڪجهہ دير آسمان ۾ لامارا ڏيڻ بعد سمجهي ورتو تہ ھي ماڻهو بي ضرر آھن. ان ڪري واپس آکيري ۾ وڃي ويٺو.
پاڻيءَ جي ڀرسان آلي مٽي ۽ قدرتي ٻوٽن جي مھڪ، طلسماتي ڇڪ رکي ٿي، احساس بي اختيار ماحول جي سونھن ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو.
رنگ برنگي پوپٽ، جهنگلي ٻوٽن مٿان لامارا ڏيئي رھيا ھئا. ساوڪ جي سرشاري ھر طرف ڦھليل ھئي، وقار سڀني کي ماڙي ڏيکاريندو رھيو.
مغرور پراجيڪٽ انچارج چارلس جو خيال ھو تہ ھيءَ ماڙي انگريزن جي بمباري ۾ تباھ ٿي آھي، جيڪي ھتي پناھ وٺندڙ حرن کي مارڻ لاءِ آتا ھئا.
”نہ سائين جيڪڏھن ھن ماڙيءَ تي بم ڪرن ھا تہ پوءِ ھن جو اسٽرڪچر ان طريقي سان تباھ نہ ٿئي ھا.“
وقار چارلس جي ڳالهہ سان اختلاف ڪندي چيو ڇو تہ ھو ان موضوع کي قلم وسيلي سھيڙي چڪو ھو. ھو ان کان اڳ ڪيترائي دفعا ھتي آيو ھو ۽ مقامي ماڻهن سان ڪچھريون ڪري حال احوال ورتو ھئائين. تاريخ جو موضوع ھجي يا آثار قديمہ متعلق لکڻو ھوندو ھيس، ھو ان جاءِ تي پھچي مقامي ماڻهن سان ضرور سوال ڪندو ھو. انهن ڳالهين دوران تاريخ جا انيڪ لڪيل رخ پڻ سامهون ايندا ھئا.
وقار کي محسوس ٿيو تہ ڄڻ چارلس کي سندس ڳالهہ اڻ وڻندڙ لڳي ھجي. انگريزن ۾ ھڪ احساس برتري کيس سدائين محسوس ٿي. ھو اھو ئي تحفو ھتان جي حڪمرانن کي ڏيئي پنھنجي ملڪ موٽي ويا. اھو ئي سبب آھي تہ ڏتڙيل طبقا سدائين سکن لاءِ واجهائيندا رھيا.
”تاريخ ۾ گهڻا واقعا ملندا آھن، پر انهن مان فقط ڪي حقيقت جي ويجهو ٿين ٿا.“ پراجيڪٽ انچارج چارلس چيو.
”ھي پکي ڇا کائيندو آھي؟“ جوليا، ڊيوڊ کان پڇي ٿي.
”ھن جو گذارو پکين ۽ ننڍڙن جانورن تي آھي.“ ڊيوڊ وراڻيو.
”باز جي بناوت ۾ اڇي ۽ ڪاري جو تضاد خوبصورت لڳي ٿو، اڇي ڳچي ۽ اڇي رنگ جي پڇ جا ڪارا ڪنارا ڪيڏا نہ ٺھن ٿا، ناسي بدن، مٿان ڪارسرا پر ۽ ھيٺيان اڇاڻ مائل ڪيڏا نہ موھين ٿا.“
جوليا عورتاڻي فطرت مطابق تفصيل ڏيڻ سان باز کي پرکي رھي ھئي، وقار ھن جي ڳالهہ ٻڌي مرڪي پيو.
”توھان ايتري ديري ۾ باز کي چڱي ريت سمجهي بہ ورتو.“ وقار سندس سونھن جو عڪس اکين ۾ اوتي چيو.
”اھا منھنجي پراڻي عادت آھي، ھر شيءَ کي غورسان ڏسڻ ۽ پرکڻ جي.“ جوليا ساڳئي دلربا انداز سان وراڻي ڏني. سندس ڏندن جي تجلي سان ماحول بہ روشن ٿي ويو.
انسان جي مرڪ کان وڌيڪ شايد ئي ڪا ٻي شيءِ اتساھيندڙ ھجي، ھو سوچي ٿو. ھڪ ننڍڙي ڪڪري سج جي اڳيان آئي تہ ھر طرف ھلڪي اوندھہ وکري وئي. بادل، سج سان اکٻوٽ کيڏي رھيا ھئا.
شام ٿيڻ واري ھئي، ڪارن ڪڪرن مان سج جا ڪرڻا ڇڻي، پاڻيءَ تي تري رھيا ھئا. باقي آسمان سرمئي ڌنڌ ۾ ويڙھيل ھو. گهميل ھوا پاڻي تي سڳنڌ جو ڇڻڪار ڪري رھي ھئي. باقي آسمان سرمئي ڌنڌ ۾ ويڙھيل ھو. ماڪ ڀنل ھوا ٿڌي ھئي، جيڪا ماحول جي مھڪ کي ھوريان ھوريان پکيڙي رھي ھئي. ھر طرف سانت وکريل ھئي. ڄڻ ڪو ساڌو گيان ۾ گم ھجي.
”ھي علائقو فطري سونھن سان مالا مال آھي. ھڪ ڀرپور فطرت جي قوت محسوس ٿئي ٿي، جيڪا احساس تي حاوي ٿي وڃي ٿي.“
جوليا، وقار جي اکين ۾ جهاتي پائيندي چيو، جوليا جي خوبصورت اکين ۾ لھندڙ سج جي شفق ڀريل ھئي. ھلڪا ناسي وار بہ روشني جي ڇھاءُ سان جرڪي رھيا ھئا. ھڪ خوبصورت جملو وقار جي چپن تي ايندي مصلحت جي وحشتن ۾ وڃائجي ويو.
”ھتي چانڊوڪي رات جو بہ الڳ حسن آھي.“ وقار چيو.
اهو ٻڌي سڀني پڪو پھ ڪيو تہ ھو چانڊوڪي رات ۾ ھتي ايندا.
”منھنجي خيال ۾ ھاڻ ھلڻ گهرجي.“
چارلس جي چوڻ تي جوڻيجن جي قديم ماڙي جي جادوءَ مان نڪري سڀ ٻاھر آيا ۽ ٻيڙي، مکيءَ جي لھرن تي گل جيان ترڻ لڳي. ان سمي، شام، مکيءَ ڍنڍ تي ڪنھن اڻ حل ٿيندڙ راز جھڙو ڏيک ڏيئي رھي ھئي.
***

2

وقار جڏھن ھاسٽل واپس پھتو تہ ڪافي ٿڪل ھو. تازہ دم ٿي فون ڪري پھريون حيدرآباد ۾ رھندڙ ٻارن سان ڳالهايائين.
ارسل ڇھن سالن جو ھو ۽ اينا چئن سالن جي، ھو ٻنهي جي معصوم ڳالهين تي کلندو ۽ لطف وٺندو رھيو.
”توھان اڄ ڇا ڪيو؟“ ارسل پڇيو.
”اڄ مون پنھنجي Consultants کي مکي ڍنڍ گهمائي.“
”اھي Consultants ڪير آھن؟ ارسل سوال گهڻا ڪندو ھو.
”جيڪي چوٽياري ڊيم ٿا ٺاھين.“ وقار سندس معصوم سوال تي مرڪي پيو.
”ڊيم ڇو ٿا ٺاھين؟“ ارسل حيرت مان پڇيو.
”جيئن پاڻي کي محفوظ ڪري سگهجي.“
”پپا، ان پاڻيءَ ۾ مڇيون بہ آھن؟“ ارسل جي لھجي ۾ تجسس ھو.
”ھا.... ھا تمام گهڻيون مڇيون آھن.“ وقار کلندي چيو.
”توھان پاڻ ڏٺيون آھن؟“ ارسل حيرت مان رڙ ڪندي پڇيو.
”نہ مڇيون پاڻيءَ ۾ اندر ترنديون آھن، ڪڏھن ڪڏھن نظر اينديون آھن. ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسنديون آھن. ھتي گهڻو ڪري مھاڻا، ڄار ۾ ڦاسائي، مڇيون ڪناري تي کڻي ايندا آھن.“
”ڄار ۽ ڪوڙڪي ڇا ھوندي آھي؟“ ھڪ ٻيو سوال.
”يار ھن وقت ٿڪل آھيان. سڀاڻي ٻڌائيندس.“
زال سال بہ چند جملا ڳالهائي فون رکي ڇڏيائين.
***
وقار ھونئن تہ سانگهڙ جي جهنگلي جيوت تي ڪافي ڪم ڪيو ھو. ھتان جي ٻيلن ۾ موجود اڻلڀ جانورن جو ذڪر ڪيو ھو، پر اڄ اوچتو ھن جو ڌيان فش ايگل ڏانهن کڄي ويو. دنيا مان پکين جا اھي قيمتي نسل ختم ٿي رھيا آھن. ھتي پاڪستان ۾ بہ ٻيلا ختم ٿي رھيا آھن، جنھن جي ڪري قيمتي ۽ اڻلڀ جانورن جا نسل ختم ٿيندا ٿا وڃن. ماحولياتي گدلاڻ وڌڻ سان، موسمن جي نج پڻي کي نقصان پھتو آھي. ٻئي پاسي سمنڊ جي سطح وڌڻ سبب، گرمي پد وڌيو آھي، جنھن کي گلوبل وارمنگ جو نالو ڏنو ويو آھي. جيئن سمنڊ جي مٿين سطح تي گرمي وڌندي تہ سمنڊ جي ھيٺين سطح تي آڪسيجن ليول گهٽجي ويندي، جيڪا سامونڊي جيوت لاءِ ھاڃيڪار ثابت ٿيندي. ان کانسوءِ پاڻيءَ جي کوٽ بہ وڌي رھي آھي. دنيا ۾ غير فطري ذريعا مروج ٿي رھيا آھن، جيڪي انسان کي فطرت جي سونھن کان پري ڪري رھيا آھن ۽ فطرت بہ انسان طرفان پاڻ سان ٿيندڙ ويساھ گهاتي جي ڪري کيس سزا ڏيئي رھي آھي.
وقار ٻئي ڏينھن تي سائيٽ تي لڳل تنبوءَ مان دوربين ذريعي، جوڻيجن جي ماڙي ۾ موجود پکيءَ جو آکيرو ڏسي رھيو ھو. آکيرو وڏي مھارت سان جوڙيو ويو ھو. ھن ڪائنات جي ھر مخلوق گهر ٺاھڻ جو ڏانءُ رکي ٿي. چاھي اھو ھڪ ننڍڙو جيتامڙو ئي ڇو نہ ھجي. ھن پکيءَ جو آکيرو منفرد ھو. ھن وڏي محنت سان پنھنجو گهرڙو جوڙيو ھوندو. ھن ڏٺو پئي تہ پرديسي پکي، گڏوگڏ آسمان جي نيرين وسعتن ۾ اڏامي رھيا ھئا. اڏامندي سندن پَرَ چند گهڙين لاءِ ساڪت ٿي وڃن پيا. اھا گهڙي ھنن لاءِ سڪون واري ھوندي. ھو پنھنجي اڏامڻ جي سگهہ مان مزو ماڻي رھيا ھئا. سياري جي شروعات ۾ اھي پرڏيھي پکي يورپ ۽ وچ ايشيائي رياستن مان لڏ پلاڻ شروع ڪندا آھن ۽ گرم ملڪن ۾اچي سنڌ جي ڪيترن ڍنڍن تي ۽ پاڻيءَ جي ڀرسان وڻن، ٻوٽن يا خالي جاين جي اوچائيءَ تي پنھنجا آکيرا اڏيندا آھن. انهن آکيرن ۾ ٻچا ڏين، پوءِ سياري جي پڄاڻي تي وري ٻيھر انهن ٻچن جو ولر ساڻ ڪري پنھنجي ملڪن ڏانھن واپس وريو وڃن. سنڌ ڏي جنھن رستي سان ھي پکي اچن ٿا ان کي Indus flyway migratory route No.4 سڏيو وڃي ٿو. ان رستي کي Green route سان بہ سڃاتو وڃي ٿو.
پکين جي بہ ڪيتري نہ عجيب زندگي ٿئي ٿي، ھو دوربين مان فش ايگل کي ڏسندي سوچي ٿو. فش ايگل تيزي سان ھيٺ ايندي، پاڻيءَ مان مڇي کي چنبن ۾ ڀري اڏاميو، مڇي، فش ايگل جي چنبن ۾ ڦٿڪي رھي آھي.
ڪائنات جي ھر ننڍي شيءِ وڏي مخلوق جو کاڄ بڻجي ٿي، وقار سوچي ٿو.
ھن جو نالو بہ تڏھن فش ايگل پيو ھوندو، جو سندس گذارو مڇين تي ٿئي ٿو ۽ کيس عقاب بہ ان ڪري سڏين ٿا، جو ھي پکي ھوائي جھاز جيان تيز رفتار آھي. وقار، فش ايگل کي ڏسي رھيو ھو ۽ گڏوگڏ ھن پکيءَ جي باري ۾ اندازا قائم ڪري رھيو ھو.
ان رات ماحوليات جي ٽيم ۽ چوٽياري ڊيم جي انچارج ۽ ٻين ميمبرن کي ڊنر تي گڏ ٿيڻو ھو. ھو ان پکيءَ جي باري ۾ ڊيوڊ کان وڌيڪ تفصيل معلوم ڪندو. البرٽ ۽ جوليا کي بہ جهنگلي جيوت جي باري ۾ گهڻي ڄاڻ ھئي، پر ڊيوڊ کي وائلڊ لائيف سان ڄڻ تہ عشق ھو. ھو انڊيا، سري لنڪا ۽ ايشيا، آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪم ڪري چڪو ھو. وقار جي نظرن فش ايگل کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پر پکي شايد مڇيءَ جي شڪار مان لطف اندزو ٿيندا ھوندا، ھن سوچيو.
روشن ۽ خوشگوار فطري خوشبوءِ سان مھڪندڙ ماحول ۾ مھاڻن جون ٻيڙيون پاڻي ۾ تري رھيون ھيون. آسمان جو من موھيندڙ رنگ، ڇولين تي جرڪي رھيو ھو، جتي سج جا ڪرڻا اڳ ۾ ئي روشني ورھائي رھيا ھئا، ان منظر ۾ پرڪشش سادگي ھئي. ٻيلي جا ساوا وڻ ان وقت نيري چادر ۾ ويڙھيل ٿي نظر آيا. ھتي ھر ڏينھن جي پنھنجي الڳ سونھن ۽ رنگ آھن. فطرت جا رنگ بہ موسمن جا تابع آھن. اھو ان تي منحصر آھي تہ ھوا جي وھڪرن جي ڪھڙي رفتار آھي ۽ فضا ۾ مٽيءَ جو تھ ھلڪو آھي يا گھرو. ڪڏھن ڪڏھن تہ مکي ڍنڍ جا رنگ عجيب ٿي ويندا آھن. ھتي رنگن جو ھڪ ڄار وکريل آھي. رنگ ڳالهائيندي محسوس ٿين ٿا. ھن وقت بہ جوڻيجن جي ماڙي، فطرت جي عجيب رنگن ۾ ويڙھيل ھئي. گھري سائي وڻن جي ڌنڌ مٿان، نيري رنگ جو ڪوھيڙو ڇانيل ھو، جنھن مٿان سج جي روشني جرڪي رھي ھئي ۽ مٿي آسمان جي ھلڪي نيري رنگ ۾ سفيد بادل تري رھيا ھئا. عجيب ھارموني آھي فطرت ۾، ھڪ رابطي جي قوت چوپاسي ساھ کڻي رھي ھجي ڄڻ تہ...
***

3

شام سمي، سانگهڙ شھر ڄڻ ٻيھر ماضيءَ سان ملي وڃي ٿو. ريسٽ ھائوس ۾ ھلچل ھئي، اتي رات جو ڊنر جو پروگرام ھو. وقار سموري انتظام جي نگراني ڪري رھيو ھو. ريسٽ ھائوس کان ٻاھر روڊ تي شام جا پاڇا لھي آيا. ھوائون ھوريان ھوريان ساھ کڻڻ لڳيون. ھڪ ٽانگو روڊ تان وڃي رھي آھي. گهوڙي جي سنبن جو آواز خاموش روڊ تي گونجي رھيو آھي.
ٽپ ٽاپ، ٽپ ٽاپ....
اھا ٽاپولي قديم دؤر سان مشابھت ڏيئي رھي ھئي. قدامت خوبصورت آھي. قدامت ۾ فطري پڻو آھي. شيون خالص مزاج سبب پنھنجي الڳ سڃاڻپ رکن ٿيون. دؤر بدلجي وڃي پر انهن شين جي اھميت برقرار رھي ٿي. البت نج پڻي کي برقرار رکڻ ھڪ ڏکيو مرحلو آھي. دنيا تڪڙي تبديل ٿي رھي آھي. قديم کان جديد ڏانھن سفر ڪري ٿي. جديديت ۾ ھڪ گھري ڪشش آھي. ان ڪري نئون نسل جديد شين ڏانھن ڊوڙي ٿو. ائين قديم ۽ جديد روين ۾ تضاد شروع ٿي وڃي ٿو. بلڪل ائين ئي نئين ۽ پراڻي پيڙھيءَ ۾ سوچ جي وٿي آھي. قديم رويا بي لچڪ آھن. ٻئي پاسي جديد رويا انسان جي انفرادي آزادي جي ڳالهہ ڪن ٿا، جڏھن تہ قديم رويا اجتماعي سوچ جو حوالو ڏين ٿا.
ڏوھ اسان جو آھي. اسان پنھنجي نسل کي تاريخ ۽ ثقافتي ورثي کان واقف نہ ڪيو آھي. اسان کين تاريخ جو شعور نہ ٿا ڏيون. تاريخ ھڪ آئينو آھي. اسان جي ھر سٺي ۽ بري عمل جو عڪس جنھن ۾ نظر اچي ٿو. وقار ۽ سندس دوستن سانگهڙ جي ڪجهہ نوجوانن کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو آھي، جيڪي تاريخ ۽ جهنگلي جيوت تي ڪم ڪري رھيا آھن.
مھمان اچڻ شروع ٿي ويا آھن. ٿوري دير ۾ ريسٽ ھائوس جو ڊرائنگ روم مھمانن سان ڀرجي ويو. ماحولياتي ٽيم جا ميمبر البرٽ، ڊيوڊ ۽ جوليا اچي چڪا آھن. چارلس، حسب معمول ڊاڙون ھڻڻ ۾ مصروف آھي. چوٽياري ڊيم تي ڪم ڪندڙ ٽيڪنيڪل آفيسر اسٽيو، پنھنجي زال ٽينا ۽ ٻن مھينن جي ڌيءَ اسڪارليٽ جوائي سان گڏ پھچي چڪو آھي. جوليا ۽ ٽينا ھڪ پاسي ويھي ڪچھري ڪرڻ لڳيون. وقار، چارلس جي ڀرسان اچي ويٺو. جتي ڊيوڊ ۽ البرٽ، فش ايگل جي باري ۾ ڳالهائي رھيا ھئا.
ڊيوڊ ان حوالي سان پرجوش ھو.
”اھا ماڙي جتي فش ايگل جو آکيرو آھي. اھا زبون حالت ۾ آھي. ان کي مکي ڍنڍ جي پاڻيءَ کان خطرو آھي، ان کي بچائڻ گهرجي.“
ڊيوڊ جي راءِ جي پراجيڪٽ انچارج چارلس بہ پوئيواري ڪندي چيو:
”ھا بلڪل ڇو تہ اتي فش ايگل جو سالن کان جوڙيل آکيرو آھي. فش ايگل جي ان گهر کي بچائڻ گهرجي.توھان ماپون ڪري مون کي ٻڌايو تہ جوڻيجن جي ماڙي جي چوڌاري پاڻي جي سطح ڪيتري آھي ۽ ماڙي بچائڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟“
”منھنجي خيال ۾ اسان ٽاورز ٺاھيون، جيڪڏھن اھا ماڙي ڊھي پوي تہ پکي ٽاورز تي پناھ وٺي سگهن.“ البرٽ چيو.
”ان باري ۾ سوچي سگهجي ٿو، پر جيڪڏھن پکي انهن تي نہ ويھن تہ اھي ٽاور بي ڪار ويندا.“ اسٽيو چيو.
”منھنجي خيال ۾ حل اھو ئي آھي، جيئن ڊيوڊ صاحب چيو تہ جوڻيجن جي ان قديم ماڙيءَ کي بچائڻ گهرجي، جيئن فش ايگل جو اھو آکيرو اتي برقرار رھي سگهي.“ وقار حل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
”بلڪل مان بہ اھا ئي تجويز ڏيندس.“ اسٽيو، وقار جي ڳالهہ سان سھمت ٿيندي چيو.
ان سموري بحث مباحثي کان پوءِ، ڊيوڊ ان نتيجي تي پھتو تہ ھو فش ايگل کي بچائڻ لاءِ ھڪ الڳ پراجيڪٽ منظور ڪرائي سگهي ٿو، جنھن لاءِ سمورو تفصيل وقار کي جمع ڪرائڻو پوندو. وقار کي اھو ٻڌي خوشي سان گڏ حيرت بہ ٿي تہ ھي انگريز جهنگلي جيوت ۽ انهن پکين سان ڪيتري نہ محبت ڪن ٿا. ھتي زندگي ڪيتري تہ مختلف آھي. انسان جيڪو اھم ھئڻ گهرجي، اڄ ھتي ڪيترو نہ بي وقعت ٿي چڪو آھي.
”مون کي ھتي خوف محسوس ٿئي ٿو، مون ٻڌو آھي تہ ھن علائقي ۾ اڃان بہ ڌاڙيل موجود آھن.“ جوليا خوفزدہ لڳي.
”ڌاڙيلن جي سرپرستي تہ توھان جو ملڪ بہ ڪري ٿو. انگلينڊ ھڪ بحري قزاق فرينسس ڊريڪ کي سر جو خطاب ڏنو، جنھن جي ڪن ڪٽڻ تي برطانيا ۽ فرانس ۾ ويھ سال جنگ ھلي.“ وقار جذباتي ٿي ويو.
ماحول گنڀير ٿي ويو، چارلس، گلو صاف ڪري ٽوڪ واري انداز ۾ وقار سان مخاطب ٿيو.
”تون پنھنجي تاريخ جي حوالي سان تمام گهڻو جذباتي آھين.“
پوءِ ھڪ کوکلو ٽھڪ ڏئي ٿو ۽ ڳالهہ جو رخ ڦيرئي ويو. ھي انگريز سدائين کان ھوشيار آھن. جتي ڏسن ٿا سندن قوم تي حرف اچي ٿو، اتي خوبصورتي سان نٽائي وڃن ٿا. وقار ڳالهہ کي جاري رکندي چوڻ لڳو:
”ايتريقدر جو انگريز ليکڪن، حر تحريڪ جي متوالن کي ڌاڙيلن جو لقب ڏنو، جڏھن تہ اھي پنھنجي ڌرتي لاءِ وڙھي رھيا ھئا.“
”مون کي تاريخ سان ايتري دلچسپي نہ رھي آھي.“ چارلس وقار جو تيز لھجو محسوس ڪري ڳالهہ نٽائيندي وراڻيو.
”منھنجي خيال ۾ اسان موضوع کان ھٽي ويا آھيون.“ رچرڊ معاملي کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي.
”اسان جو اصل موضوع آھي، ماحوليات. اسان ھتي انڪري آيا آھيون جو ڏسي سگهون تہ چوٽياري ڊيم ٺھڻ سان ھن علائقي جي ماحول تي ڪھڙو اثر پوندو. مون ڏٺو آھي تہ ماڻهن جي ذھنن ۾ جيئن تہ ڊيمن جي حوالي سان ڪيترائي انديشا رھن ٿا. انهن ڊيمن جي ٺھڻ جو مقامي ماڻهن جي وسيلن ۽ روزگار تي نہ صرف اثر پوي ٿو، پر ماحولياتي گدلاڻ پڻ وڌي ٿي. اھو تاثر منھنجي خيال ۾ بلڪل غلط آھي.“
”مان، ڊيوڊ جي ڳالهہ سان سھمت آھيان. ڇو تہ چوٽياري ڊيم ٺھڻ سان پاڻي جي کوٽ پوري ٿي سگهندي، وڌيڪ ٻنيون آباد ٿينديون.“ چارلس سگار جو وڏو سوٽو ھڻندي جملو پورو ڪيو.
”منھنجي خيال ۾ اڄ اھو طئي ڪري وٺون تہ فش ايگل کي بچائڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي!“ ڊيوڊ وري واپس موضوع تي ايندي چيو.
”مان سڀاڻي ٻيھر ماڙي جو جائزو وٺڻ ويندس. تفصيل گڏ ڪرڻ بعد مان پنھنجي رپورٽ پيش ڪندس.“ وقار جواب ڏنو.
”تون سڀاڻي کان ان نئين پراجيڪٽ تي ڪم شروع ڪري ڏي.“ ڊيوڊ وقار کي ھمٿائيندي چيو.
ڳالهين مان فارغ ٿي سڀ ماني کائڻ لڳا، ڊنر ۾ مڇي جو ٻوڙ سڀني کي پسند آيو.
”ھي تمام لذيذ مڇي آھي، مون ان کان اڳ اھڙي مزيدار مڇي نہ کاڌي آھي.“ جوليا، وقار ڏانھن ڏسي چيو.
”سنڌ ۾ مکي جي مڇي جي خاص لذت آھي، ڇو جو اھا ڍنڍ ۾ پيدا ٿيندڙ قدرتي گاھ کائي ٿي. ھي مکي ڍنڍ جي خاص ڪُرڙو مڇي آھي.“ وقار مرڪي وراڻيو.
ٻاھر ماڪ ڀنل رات ھوريان ھوريان پنھنجا وار پکيڙي رھي آھي. سانت ۾ ستارا وڌيڪ نمايان لڳن ٿا. ڪنھن ناريءَ جي مک تي جرڪندڙ چنريءَ جيان.
”مون کي ۽ ٽينا کي ھتي عورتن جو لباس بہ وڻي ٿو، اسان کي شاپنگ ڪرڻي آھي.“ جوليا ڳالهہ مڪمل ڪري وقار ڏانھن نھاريو.
وقار اھو ٻڌي خوشيءَ مان ٽڙي پيو. ھونئن بہ ان وقت جوليا ڪاري ڊگهي اسڪرٽ ۽ چاندي جي زيورن ۾ حسين لڳي رھي ھئي. ڊگهي موتين جي مالا سندس ڳچيءَ جي سونھن وڌائي ڇڏي ھئي. ھوءَ اتي موجود تمام ماڻهن کان منفرد ھئي. ھوءَ محتاط رھندي ھئي ۽ گهٽ ڳالهائيندي ھئي.
”تون اڄ انتھائي خوبصورت لڳي رھي آھين.“
وقار ھوريان جهڪي سندس ڪن جي ڀر سان آھستي چيو ۽ هوءَ کلي پئي. موتين جھڙا ڏند گلابي چپن ۾ قيامت جو منظر پيش ڪرڻ لڳا. ھوءَ ديومالائي ڪھاڻين جو ڪو ڪردار لڳي.
”سڀاڻي مان بہ مکي ڍنڍ تي ھلندس.“ جوليا مرڪي کيس چيو. اھو ٻڌي وقار جي دل ۾ اميد جي مکڙي ٽڙي پئي.
”ھا ھا ڇو نہ... ضرور..“
وقار کي اھو ٻڌي دلي خوشي ٿي پر کيس خبر ھئي تہ جتي جوليا ويندي اتي ڀونري وانگر البرٽ بہ ضرور ويندو. هو اجائي خوشفھمي ۾ مبتلا ھو. وقار ڪنھن بہ خوشفھمي ۾ مبتلا نہ ھو، پر سونھن جو پوڄاري ھو. چاھيندو ھو تہ خوبصورت ۽ حسين چھرن جي قربت ۾ رھي، جڏھن کان جوليا ٽيم ۾ آئي ھئي، ھن کي پنھنجو اندر ھڪ مثبت تبديلي محسوس ٿي ھئي. زندگيءَ جي خوبصورت ھئڻ جو يقين...
اھا ھڪ خوبصورت رات آھي. ٻاھر آسمان تي چنڊ جرڪي رھيو آھي. چنڊ ھاڻي شاخن مان نڪري آسمان تي پوري آب و تاب سان روشني ڦھلائي رھيو آھي. ھوائن ۾ خنڪي وڌڻ ڪري سردي جو احساس ڊرائنگ روم ۾ ڦھلجي ويو. ھوا، باغيچي ۾ لڳل گلاب جي گلن کي ڇھي پنھنجي سرھاڻ ۾ مست ٿي رقص ڪري ٿي. ان پل وڻن جي شاخن ۾ چرپر ھئي. وڻن جون شاخون ھوا جي لئہ تي گيت ڳائڻ لڳيون. سانگهڙ جي فضائن جي پُراسراريت تھائين وڌڻ لڳي. ھتي جي فضا قديم اثر کان پاڻ کي آجو نہ ڪري سگهي آھي. ھر شھر جو پنھنجو مزاج ٿئي ٿو، سنڌ جا ڪيترا شھر تڪڙا تبديل ٿي ويا آھن. پراڻين جاين تي نيون جايون ٺھي ويون آھن. انهن جڳھين جو آرڪيٽيڪٽ جديد آھي. شھرن جا رھواسي بہ مزاج ۽ رھڻي ڪھڻي ۾ جديد دنيا سان مقابلو ڪري رھيا آھن، پر ڪي شھر پنھنجي مزاج ۾ قدامت جي زير اثر آھن. انهن مان سانگهڙ بہ ھڪ آھي. وقار کي سانگهڙ انهن شھرن کان مختلف لڳي ٿو. ھتي جي رنگين ثقافت، جهنگلي جيوت، تھذيب، قدامت، رھڻي ڪھڻي، ٻولي ۽ رسم رواج ساڳيا آھن. ھتي ڍنڍن جو ڄار وڇايل آھي. پاڻيءَ جي ويجهو رھندڙ تھذيبون قديم ۽ خوبصورت آھن.
ٻئي ڏينھن وقار، جوڻيجن جي ماڙي ڏانھن نڪري رھيو ھو تہ ڊيوڊ جي ڪال آئي، ھو جوليا ۽ البرٽ کي ساڻ وٺي وڃي. البت ڊيوڊ انگلينڊ جي ماحولياتي ماھرن سان فون تي اھم معاملي تي گفتگو ڪري رھيو ھو. وقار اڪيلي رھڻ جي موڊ ۾ ھو. ھن ڊيوڊ کي چيو تہ ھو نڪري رھيو آھي.
فون رکي ھو ٻنھي جو انتظار ڪرڻ لڳو. ھن پاڻ سان گڏ ڏاڪڻيون ۽ ڀتين تي چڙھڻ لاءِ رسا ۽ ٻيو ضروري سامان بہ کنيو ھو. سندس خيال ھو تہ ھو فش ايگل جو آکيرو ويجهي کان ڏسي. ماڙيءَ جون ڇتيون وقت جي برسات ميساري ڇڏيون ھيون. عمارت بہ زبون حالت ۾ ھئي، پر جتي فش ايگل (ڪڙل) آکيرو جوڙيو ھو، اھا جاءِ بھتر حالت ۾ ھئي، پر ڪڏھن ڪو نامھربان جيت الرجي ڪري وجهندو ھو انڪري وقار احتياط طور دوا بہ کنئي. ھن وٽ خيمو ھو. ھو اھڙين جڳھين تي ضرورت جو ھر سامان کڻندو ھو. سفر ۽ سياحت جي ڪري، کيس موسمن جي ڏاڍ ۽ اجنبي ماحول جو اندازو ھو. ڪنھن بہ اڻڄاڻ ماڳ تي وڃڻ وقت ھو گهٻرائيندو نہ ھو. اڄ بہ کيس تياري ڪندي ھڪ عجيب خوشي جو احساس ٿي رھيو ھو. ھنن ٻنهي (فش ايگلز جو) جو ڪو نالو ھئڻ گهرجي. اڃا نالو سوچي رھيو ھو تہ البرٽ ۽ جوليا اندر داخل ٿيا. البرٽ ڪاري پينٽ ۽ گلابي شرٽ ۾ ھشاش بشاش ٿي لڳو، جوليا کي نيري شرٽ ۽ ڪاري جينز پاتل ھئي. ھن اٿي ٻنهي جي دل سان آجيان ڪئي.
”ڪافي پيئندو؟“ وقار کائن پڇيو.
”ھا بلڪل“ جوليا مرڪي وراڻيو.ڪافي جو چئي اچي صوفن تي ويٺو.
ٻاھر ھوا نم ۽ سرينھن جي وڻن سان لڪ لڪوٽي کيڏي رھي آھي.
”سڄي رات خواب ۾، مان اھا پراسرار جاءِ ڏسندي رھيس“ جوليا، وقار سان مخاطب ٿي.
”۽ منھنجي خوابن ۾ فش ايگل ھئا.“ وقار وراڻيو.
”جيئن سنتياگو (ھيمنگ وي جي ’اولڊ مين اينڊ سي‘ جو ڪردار) آفريڪا جي ساحل تي شينھن جا خواب ڏسندو ھو.“ البرٽ چيو.
”توھان خواب ۾ ڇا ڏٺو.“ وقار کانئس پڇيو.
”ھڪ خوبصورت دوست جنھن سان چاھڻ جي باوجود بہ اظھار محبت نہ ڪري سگهيو آھيان.“ البرٽ اداس ٿي چيو.
”محبت غير محسوس ھوا جيان آھي، ھوريان گهلندي پنھنجي وجود جو احساس ڏياري ٿي.“ وقار چيو.
”واھہ لڳي ٿو شاعر بہ آھين.“ البرٽ جهومي چيو.
”منھنجي زال جو شعر آھي.“ وقار مرڪي وراڻيو.
”خوبصورت شعر آھي.“ جوليا داد ڏئي ٿي.
ڪافي اچي وئي، ٻئي ڄڻا ڪافي جا سپ ڀريندا رھيا. دريءَ مان سياري جي ڏينھن جو خوشگوار منظر نظر اچي رھيو ھو، پري آسمان بادلن سان ڀريل ھو.
”لڳي ٿو اڄ برسات پوندي.“ جوليا ڪافي جو سپ ڀري دريءَ مان ٻاھر ليئو پائيندي چيو.
”ھلڪا بادل آھن. مشڪل ئي برسات پوي.“ البرٽ آسمان ڏانھن ڏسي چيو.
”بادل کي گھري ٿيڻ ۾ دير ڪھڙي لڳندي؟“جوليا مرڪي پئي.
”ھا ھوا جي رخ تي منحصر آھي تہ ڪھڙا گھرا بادل کڻي اچي ٿي.“ وقار ڪافي جو آخري سپ ڀري ڪپ ٽيبل تي واپس رکندي جواب ڏنو.
”تيز برسات پئجي وئي تہ ڇا ڪنداسين؟“جوليا پريشان ٿي وئي.
”مون وٽ سڄو بندوبست ٿيل آھي.“ وقار اٿيو. ھن سڄو سامان ٻيڙيءَ ۾ رکرايو. ھونئن اھا موٽر بوٽ وقار پاڻ ھلائيندو ھو، ڇو جو ھو ان کان اڳ سنڌو ڊيلٽا ۾ بہ ڪم ڪري چڪو ھو، پر اڄ ھن ملاح احمد کي ساڻ کنيو ھو تہ متان ڪٿي ڪم دوران کيس ڪنھن ماڻهوءَ جي ضرورت پوي. سامان رکڻ کان پوءِ سڀ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيا ۽ ٻيڙي ھلڻ لڳي. ھوا تيز ھئي، ٿڌي، فرحت بخش ۽ زندگيءَ جو احساس ڏياريندر. پريان گهاٽو جهنگ خوبصورت لڳي رھيو ھو. اھا ساوڪ، وقار کي اکين رستي روح ۾ لھندي محسوس ٿي. سج جي سونھري ڪرڻن ۾ البرٽ ۽ جوليا جا چھرا جرڪڻ لڳا. سج جي ڪرڻن ۾ جوليا جي گھرين ناسي اکين جو رنگ ۽ گھرا ناسي وار، ڪرڻن جي ڇھاءُ تي دلڪش لڳا. ھن جي چھري تي اھو منظر خوبصورت لڳندو ھو. ڄڻ ھوءَ فطرت جي شھزادي لڳي ٿي. وقار جون خاموش نظرون ڳالهائي رھيون ھيون. البرٽ، جوليا جي ڀرسان ويٺو ھو، ايترو ويجهو جو وقار کي وحشت محسوس ٿيڻ لڳي. ھوائون بادلن سان اکٻوٽ کيڏڻ لڳيون. ڪڏھن سج بادلن جي چنري ۾ لڪي ٿي ويو ۽ ڪڏھن اوچتو ھر منظر روشن ٿيڻ لڳو. پکي بادلن کان اتساه حاصل ڪندي، خوشي جو اظھار ڪري رھيا ھئا. ٻيڙي تيزيءَ سان ٻيٽاريءَ ڏانھن وڌڻ لڳي. نيري پاڻيءَ ۾ بادلن جو عڪس وڻندڙ لڳي رھيو ھو. ماڙيءَ وٽ ٻيڙي پھتي تہ سڀئي لٿا. اھو ننڍڙو ٻيٽ اندازاً اٺ سؤ گزن تي مشتمل ھو، جيڪو ڪنارن کان جهنگلي ٻوٽن سان سٿيل ھو، جنھن تي پوپٽ لامارا ڏيئي رھيا ھئا. سامان کڻي احمد بہ سندن پٺيان اچي رھيو ھو. ھڪ طرف احمد پلاسٽڪ جون فولڊنگ ڪرسيون کولي رکيون. وقار دوربين سان فش ايگل جي آکيري کي ڏسڻ لڳو. ھڪ ننڍي ڪمري جيترو آکيرو ھو، جيڪو ڪاٺين سان ڀريو پيو ھو، جيڪڏھن اھي ڪاٺيون ڪڍجن تہ ٽرڪ کن جيتريون ڪاٺيون ٿي وينديون. پکي بہ ڪيڏي پيار، پاٻوھ ۽ مھارت سان پنھنجو گهرڙو جوڙين ٿا، جوليا ويجهو اچي چوڻ لڳي.
”مون کي دوربين ڏي تہ مان بہ ڏسان.“ سندس گھرا ناسي وار وقار جي ڪلهي تي وکري ويا. سندس وجود جي مدھوش ڪندڙ خوشبو ٻيلي جي خوشبوءَکان وڌيڪ اثر انگيز ھئي.
وقار کيس دور بين ڏني.
“Wow!what a wonderful nest!”
(واھ! ڇا تہ شاندار آکيرو آھي!)
حيرت مان جوليا رڙ ڪئي تہ البرٽ ڪنڌ ورائي کيس ڏٺو.
”ھي تہ فطرت جو معجزو ٿو لڳي. ھن پکي ڪيڏي نہ محنت سان ھي آکيرو ٺاھيو ھوندو. ھي آرمدہ لڳي ٿو، ٿڌين ھوائن کان محفوظ ھي گهر ڪيڏو نہ وڻندڙ آھي.“
”اچي البرٽ تون بہ ڏس.“ جوليا، البرٽ کي دوربين ڏئي ٿي.
“So fantastic”(اھو شاندار آھي) البرٽ دوربين واپس جوليا کي ڏيندي چيو.
”ٻئي پکي آکيري ۾ ڪونھن، شڪار تي ويا ھوندا. ڪاش مان ويجهو کان اھو آکيرو ڏسي سگهان!“ جوليا ٿڌو ساھ ڀري وقار کي دوربين واپس ڏني ۽ البرٽ جي ڀرسان وڃي ويٺي.
وقار خيمو کولي زمين تي لڳايو. احمد بہ اچي سندس مدد ڪرڻ لڳو. پوءِ ھڪ ٿيلهي مان اسٽوو. کير ۽ ڪافي، مگ وغيرہ ڪڍي احمد کي ڏيندي، کيس ڪافي ٺاھڻ جي ھدايت ڪئي.
”واھ! ھتي تہ سڄو انتظام آھي.“
جوليا خوشيءَ وچان رڙ ڪئي.
”جيڪڏھن اجازت ھجي تہ مان پنھنجو ڪم ڪري وٺان.“ ھو دروبين ٻيھر اکين تي رکي ڇڏي. آکيري ۾ خاموشي آھي. ھتي ڪٿي ٻچا ھوندا! ھو دوربين گهمائي ٿو، پر ڪاٺين ۾ آکيري جو ھڪ حصو نظر نٿو اچي. ٿوري دير ۾ فش ايگل جي ٻولي ٻڌڻ ۾ آئي. پورو علائقو سندس ميڪڻ سان گونجي اٿيو.
“My fish eagles have arrived, welcome dear birds, welcome bak to home.”
جوليا خوشيءَ جو اظھار ڪرڻ لڳي. وقار دوربين سان پکين کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي. اوچتو ٻئي پکي کيس نظر آيا، جيڪي آکيري جي مٿان اچي ويٺا. انهن ڏينھن ۾ وقار مڇيءَ تي گذارو ڪندڙ باز کي اڪثر اڏامندي ڏسندو ھو. جهنگلي عقاب جا پرننڍڙا ۽ پڇ ڊگهو ٿئي ٿو، جيئن وڻن ۾ اڏڻ جي سھولت ھجي پر کليل علائقن ۾ رھندڙ باز کيس مختلف لڳو. ھن جا پر ڊگها ٿين ٿا، جيڪي کين شڪار حاصل ڪرڻ لاءِ پري پري تان لامارا ڏيڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ھن باز جون ٽنگون، بنا کنڀ جي ڇلڙ ڇلڙ ۽ کھريون ٿين، جيڪي لسن ۽ ترڪندڙ جانور ۽ مڇي کي مضبوطي سان پڪڙڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
پاڻيءَ جي گھرائي کي ڇھي ايندڙ ھوا مست ھئي. ھر لھر ۾ آسمان سمايل ھو. فاصلا نظر جو فريب آھن. ھر منظر ۾ ھم آھنگي آھي. ھڪ جھڙائي جيڪا مختلف منظرن کي وحدت بخشي ٿي.
احمد ھيٺ چادر وڇائي ڪافي رکي ڇڏي. ان سان گڏ ڪجهہ ريفريشمينٽ بہ ھئي. البرٽ، جوليا ۽ وقار ھيٺ اچي ويٺا. جوليا ڪافي ٺاھي ٻنھي کي مگ ڏنا. پنھنجي پليٽ ۾ سينڊوچ ۽ ڪيڪ پيس رکي کائڻ لڳي. ھڪ پليٽ ۾ شيون رکي وقار، احمد کي ڏنيون. ڪافي ختم ڪري جوليا وري پکين کي ڏسي ٿي، جيڪي ٻچن کي کاڌو کارائڻ آيا ھئا ۽ ھاڻ مٿي آکيري ۾ ويٺا ھئا.
“It is really a royal bird.”(اھو واقعي ھڪ شاھي پکي آھي) ڊيوڊ رڙ ڪئي ۽ دوربين واپس وقار کي ڏيندي چيائين.
”ھي پکي ان لائق آھي تہ کيس ٻچايو وڃي. ھن جي اھا پناھ گاھ محفوظ رھڻ گهرجي، جيڪا سندس نسلن کي تحفظ ڏئي ٿي.“
وقار دوربين مان ڏٺو پئي. پکي آسمان ۾ اڏامي رھيا ھئا. البرٽ ۽ جوليا اٿي وڻن ڏانهن ھليا ويا. البرٽ جهنگلي ٻوٽن بابت جوليا کي ڪجهہ ٻڌائي رھيو ھو. وقار چادر تي ليٽي آسمان ڏانهن ڏسڻ لڳو. ڪپھہ جي پوڻين جھڙي بادلن جي ھيٺان ڪڙل اڏامي رھيا ھئا. ڪڏھن برابر تہ ڪڏھن ھڪ ٻئي پٺيان ڄڻ گوءِ پڄائي رھيا ھجن. مادي ھيٺ لامارو ڏنو پر نر مٿي اڏامندو ويو. ڄڻ اڀ کي ڇھڻ جي ڪوشش ڪندو ھجي. سندس ويڪرا پر خوبصورت لڳي رھيا ھئا. ويڪرا، ڪشادہ ۽ زندگيءَ سان ڀرپور کنڀ، سونھن ۽ آزادي جو استعارو آھن. فطرت جي سونھن جا سچا پچا ترجمان ھي پکي ۽ سندس خوشيون وڻن جي ساوڪ جون محتاج آھن. ”سائين ڪڏھن تہ ھي ايترو گهاٽو ٻيلو ھو، جو نيڻ ڏسي پيا ٺرندا ھئا. وڻ چھچ ساوا، قسمين قسمين جا گل ۽ ٻوٽا مطلب تہ اصل باغ بھاري لڳي پئي ھوندي ھئي.“
احمد ماضيءَ کي ساري ٿڌو ساھ ڀريو. مھاڻو احمد سٺ ورھين جو ھو، ھن خطي جي تاريخ کي ويجهو کان ڏٺو آھي. مٿي ڏسي ٿو، جتي ھن وقت آسمان صاف ٿي چڪو آھي، ڪڪرن کي ھوا پري گهلي وئي آھي. ٻين پرديسي پکين سان گڏ ڪڙل اڏامي رھيا آھن. ھوا ۾ مکي ڍنڍ جي پاڻي ۽ جهنگلي ٻوٽن جي مليل جليل سڳنڌ ھرڻ لڳي. ھي ٻيلو جڏھن گهاٽو ھوندو ھو تہ وڌيڪ خوبصورت ھوندو ھو، رمز ڀريو ۽ پاڻ ڏانهن ڇڪيندڙ. ڪنھن زماني ۾ ھتي ماکي جا مانارا گهڻا ھوندا ھئا، تڏھن ھن کي مکي سڏيو ويو. ان زماني ۾ ھتان جي ماکي جڳ مشھور ۽ ماڻهن لاءِ روزگار جو ذريعو پڻ ھئي. گلن ۽ جڙي ٻوٽين ۾ قدرت جو ڪرشمو رکيل آھي. ان ڪري مکي ڍنڍ کان ملندڙ ماکي تاثير ۾ شفا بخش ۽ ذائقي ۾ لاجواب ھئي. ماڻهو پري پري کان فرمائش ڪري ماکيءَ جا شيشا گهرائيندا ھئا.
مان سڀاڻي چوٽياري جي پاڻي جي ليول جي وڃي پيمائش ڪندس، پوءِ مون کي ھتي جي ڪنارن جي ماپ وٺڻي آھي، جيئن چوٽياري جي پاڻي جي سطح وڌي ٿي تہ ماڙي کي ڪيترو نقصان پھچندو؟ اھو بہ ڏسڻو پوندو تہ ھتي پاڻي جي سطح ڪيتري گهٽائي سگهجي ٿي، جيئن فش ايگل جو اھو آستانو سلامت رھي. ھن پرديسي پکيءَ جا خواب ساڀيان ماڻين ۽ ھي پنھنجي آکيري ۾ اچي سکيا ڏينھن گذاري سگهي. ان ڪم ۾ ڪافي وقت لڳي سگهي ٿو. گھري سوچ ۾ ھن دوربين ڀرسان رکي. ٿڌي ھوا ۾ ھو، پنھنجي خيالن ۾ ڄڻ ٻنھي پکين سان گڏ اڏامي رھيو آھي. ڪڏھن بادلن جي مٿان تہ ڪڏھن ھيٺ ٿي ھوائن سان کيچل ڪندي، اوچتو تيز رڙ ٻڌي ڇرڪي اٿيو. دل تيز ڌڙڪيس ٿي نرڙ تي پگهر جا ڦڙا جرڪي رھيا آھن. پھريون تہ سمجهہ ۾ نہ ٿو اچيس تہ ڪٿي آھي. وڻ، آسمان پاڻي جي خوشبو ڄڻ گول گهمي رھي ھجي. ٻي رڙ تي لڳو ڪا عورت آھي. ھڪدم اٿي ان پاسي ڊوڙڻ لڳو پر ھن جي پھچڻ کان اڳ ئي احمد نانگ کي ڌڪ ھڻي اڌ مئو ڪري ڇڏيو. جوليا جو رنگ ھيڊائو ھو ۽ ھو خوف وچان ڏڪي رھي ھئي. البرٽ کيس جهلي بيٺو ھو.
”سائين نانگ ھو، ڏسي ورتومانس نہ تہ بيگم صاحبہ کي ڏنگي رکي ھئا.“ احمد ھڪ وڏي ڪاٺي سان نانگ جو مٿو چٿيندي چيو.
وقار، جوليا کي چيو تہ ھوءَ خيمي ۾ ھلي آرام ڪري، جوليا خيمي ۾ داخل ٿيندي زپ بند ڪري ڇڏي.
”ھتي ٻيا بہ نانگ ھوندا.“ البرٽ پڇيو.
”گهڻو ڪري ھتي پاڻي جا نانگ ھوندا آھن. اھي گهڻا زھريلا ۽ خطرناڪ نہ ھوندا آھن.“ وقار جواب ڏنو
”۽ ھي نانگ تہ خشڪي جو ٿو لڳي.“ البرٽ چيو
”ھا ھي خشڪي جو نانگ آھي پر ھي پاڻي ۾ تري سگهي ٿو.“ وقار وراڻيو.
ھوائن ۾ مکيءَ جي ساوڪ جي سرھاڻ شامل آھي. ٻپھري سمي مکيءَ جا منظر جرڪي اٿيا.
منجهند جي ماني جو وقت ٿي ويو ھو. احمد ڍنڍ مان مڇي پڪڙيندڙ ملاح کان مڇي خريد ڪري اسٽوو تي تري رھيو ھو. هو پاڻ سان گڏ گهران ماني ٺھرائي آيو ھو. وقار پاڻ سان اڪثر اھو سامان رکندو ھو، جيئن ضرورت وقت ماني يا چانھہ جو پاڻ ئي بندوبست ڪري سگهي. ماني تيار ٿي وئي ۽ احمد ماني لڳائي ڇڏي. جوليا ماني کائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. ساڳ، چانورن جي ماني، تريل پٽاٽا ۽ تريل مڇي جي سرھاڻ سان ماحول واسجي ويو. ماني کانپوءِ البرٽ کاڌي جي واکاڻ ڪرڻ لڳو. وقار واپس ھلڻ جي تياري شروع ڪري ڏني. اڃا ڪم باقي ھو پر جوليا گهڻي پريشان ٿي وئي ھئي. ان ڪري سامان وغيرہ گڏ ڪري ھو ٻيڙي ۾ ويٺا. جوليا خاموش ۽ ننڊاکڙي ھئي. جوليا جي اداس حسن ۾ مکي ٻيلي جي جهنگلي گلن جھڙي ڇڪ ھئي.
آفيس واپس پھچي جوليا ۽ البرٽ تہ گهر واپس ھلياويا، پر وقار ماڙي جي بچاءَ جي طريقن تي نوٽس تيار ڪرڻ لڳو. ٿوري ئي دير ۾ کيس واپس ڊيم تي پھچڻو ھو، پر اڄڪلهہ ھن جي ذھن تي پکين جو موضوع سوار ھو. ھن سدائين زمين جي دنيا کي دريافت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. سندس وقت جهنگلن، ٻيلن ۽ پھاڙن تي گذرندو ھو، پر پھريون دفعو سندس ڌيان آسمان جي دنيا ڏانھن ويو، جيئن سمنڊ گھرائي، پراسراريت ۽ طاقت جو استعارو آھي. ائين آسمان کيس پاڻ ڏانھن ڇڪڻ لڳو ھو، ڇو تہ ھو اڪثر آسمان ۾ ٻنهي پرديسي پکين کي اڏامندي ڏسندو ھو. ھن ٻنهي جو نالو بہ آرٽسٽڪ رکيو ھو. مادي ڪڙل کي ”سپي“ ۽ نر کي ”ڪوڏ“ جي نالي سان سڏيندو ھو. ٻنھي پکين سان کيس عجيب انسيت ٿي وئي ھئي. ٻئي محبت جي علامت لڳن ٿا، جنھن وقت بہ سندس اکيون پکين جي ڳولا ۾ آسمان ڏانھن نھارين ٿيون. آسمان جا منفرد رنگ ڏسي ٿو. آسمان وٽ ھڪ الڳ دنيا آھي. آسمان وسعت، آزادي ۽ سڪون جو استعارو آھي. آسمان سمورا رنگ ۽ منظر ھڪ گھري خاموشي ۾ ويڙھيل ھوندا آھن. خاموشي ادارڪ آھي. خاموشي پنھنجي ترجماني پاڻ ڪري ٿي.
چوٽياري ڏانھن ويندي، وقار گاڏي ھلائيندي، ماڙي تي رھندڙ پرديسي جوڙي لاءِ سوچي رھيو ھو. ھڪ طريقو اھو آھي تہ ماڙي جي مرمت ڪرائي وڃي پر ھي پکي گوڙ برداشت نہ ڪندو آھي. انڪري ئي ڍنڍ جي ڀرسان ٻيلن ۾ پناھ وٺي ٿو. ھن پکي وٽ بہ مھاڻن واري دل آھي. مھاڻا دريائن، ڍنڍن ۽ سمنڊن سان محبت ڪن ٿا. ھي پکي بہ پاڻي جو پوڄاري آھي. ٻنهي جي بقا جو دارومدار مڇي تي آھي. ڊيم تي پھچي ڪم جو جائزو وٺي ٿو. ايڪسڪيويٽر مکي ڍنڍ جي مٽي کڻي ڀرسان بيٺل ڊمپر ۾ اڇلائي رھيو آھي. ھو مکي جا ڪنارا مٿي ڪري رھيا آھن. پھريان اھا مٽي مٿي اڇلائيندا آھن. ان مٽيءَ مان ڪک پن الڳ ڪيا وڃن ٿا، جيڪڏھن مٽي گهڻي آلي آھي تہ ھڪ ٻہ ڏينھن رکي ڇڏين ٿا. ٻي صورت ۾ مٽيءَ کي صاف ڪري رولر سان ھموار ڪيو وڃي ٿو. مٽيءَ جا اھي تھ ٽيھ فٽ اوچا بند ٻڌندا، جنھن جي اندر اھو پاڻي محفوظ ٿيندو. ڊيم جي اتر پاسي ڀٽون آھن. حرن جي دؤر ۾ جڏھن نارا کي ڪٽ ڏنو ويو ھو تہ اھو پاڻي ننڍن نالن ۽ ڍنڍن ۾ ورھائجي ويو ھو. ھاڻي انهن کي ملائي پنجونجاھ ڪلوميٽر جو گهيري وارو ڊيم ٺاھڻو ھو.
وقار جو تنبو اوچائي تي آھي، جتان پوري چوٽياري ڊيم جو نظارو واضح ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان ئي خيمي ۾ سندس ڪتاب وغيرہ رکيل آھن. ھن ڪيترائي ڪتاب ان خيمي ۾ ويھي لکيا ھئا. اھا مٽيءَ جي ٺھيل ٽيھ فٽ مٿي نقلي ڀٽ آھي، جيڪا اتي موجود ڪاريگرن، مکيءَ جي مٽيءَ مان ٺاھي آھي. وقار ان کان اڳ ٻين ڊيمز ۽ سم نالن تي بہ ڪم ڪري چڪو ھو. ھو هر جڳھہ تي ائين مٽي وجهرائي اوچائيءَ تي پنھنجو خيمو لڳرائيندو ھو، جيئن خيمي ۾ بہ ھو ڪم تي نظر وجهندو رھي. ھن جو پنھنجي اسٽاف سان سٺو لاڳاپو ھو. ڪيترن مزدورن کي پئسا وقت تي نہ ملندا ھئا تہ ڪوشش ڪري ھن کين پگهاريون ڏياريون. ھن جو خيال ھو تہ جيڪڏھن پورھيت کي سٺو اُجورو نہ ملندو تہ ڪم جو معيار بہ بھتر نہ ٿيندو. هو ڌيان سان ڪم ڪندو هو. انڪري ڊيم تي ٿيندڙ ڪم جو معيار بہ بھترين ھو. ھر ڪم سٺي طريقي سان ٿيندو ھو، ٿوري دير ۾ نياز چانھہ کڻي آيو.
نياز چانھہ جي ٽري ٽيبل تي رکندي سلام ڪيو.
”سلام سائين“
”وعليڪم سلام.“
”سائين عرض ڪيو ھيم، ڪجهہ ڏينھن اڳ“ نياز ھٻڪندي چيو.
”ھا ھا چئہ.“ وقار چانھہ جو ڍڪ ڀرندي نياز کي ڏٺو.
”سوٽ جي نوڪري لاءِ درخواست ڏني ھيم.“ نياز پريشان ھو.
”فڪر نہ ڪر تنھنجو ڪم ٿي ويندو.“ وقار مرڪي وراڻيو.
اھو ٻڌي نياز جي چھري تي سرھائي ڇائنجي وئي. نياز جي وڃڻ کان پوءِ ھو چانھہ پيئندي، مکي ڍنڍ جي لھرن کي ڏسڻ لڳو. مکيءَ جي نيرين لھرن ۾ اڀ جو پاڇو ان وقت انتھائي خوبصورت لڳي رھيو ھو. لھرن کي ڇھي ايندڙ ھوا ۾ لئي ، نم ۽ پپر جو ھڳاءَ ھو . لھرن جي مٿان سج جي ڪرڻن جو تاج وکريل ھو. پريان ڀٽون ڪر کنيو بيٺيون ھيون، جن تي اڇا اجرا پکي پسار ڪري رھيا ھئا. اھي پکي ڍنڍ جي اصل سونھن ھئا. سياري جي موسم ۾ ٿڌن ملڪن کان ڪھي ايندڙ پکين سان ڍنڍ ڀرجي ويندي ھئي. شام جو اھو منظر ڏسڻ وٽان ھوندو ھو. ھونئن بہ وقار کي پاڻي سدائين پاڻ ڏانھن ڇڪيندو ھو. ھن ننڍپڻ ۾ پنھنجي شھر ۾ گهر ڀرسان وھندڙ رائيس ڪينال ۾ ترندي ٽٻيون ھڻندي وقت گذاريو ھئائين. ان ڪري ھو تمام سٺو تارو ھو.
***

4

”اوائلي زماني کان نارا، سنڌ جي پوربي پاسي کي سيراب ڪندو رھيو آھي. نارا کي مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو، جيئن ھاڪڙو مھراڻ، سنڌ ساگر، سانکر ۽ سانگڙو وغيرہ. ميڪ مرڊو جي خيال مطابق ھي قديم دريا آھي. ناري جي سروي سڀ کان پھرين بنگال جي انجنيئر ڪئپٽن ڊبلير بيڪر ڪئي ھئي. ان کان علاوہ ليفٽيننٽ جي جي فائيف جي رٿابندي ۽ نظرداري ھيٺ سنڌوءَ مان واھ ڪڍي، نارا کي جوڙيو ويو. ھي پاڻي ھر پاسي چاندي وڇائي ڇڏيندو ھو ۽ لاٿ بعد ڍنڍ ۽ ڍورن ۾ تبديل ٿي ويندو ھو.“ وقار، جوليا ۽ البرٽ کي تاريخ جي باري ۾ ٻڌائي رھيو ھو.
”پاڻي جي ويجهو تھذيبون رنگارنگ ٿين ٿيون.“ جوليا جيڪا نيري جينز ۽ ڳاڙھي بلائوز ۾ ڪا پَريءَ لڳي رھي ھئي. البرٽ جون اکيون بہ سندس حسن تي فدا ٿيڻ لڳيون ھيون. خوبصورت چھرو اکين کي تازگي بخشي ڇڏي نہ تہ زندگي رڻ لڳي. وقار، جوليا جي سونھن ۽ سادگي جي باري ۾ سوچڻ لڳو.
”ڇا ٿو سوچين؟“ جوليا پڇيو.
”ھڪ اھڙي ڳالهہ جيڪا مان ڪڏھن بہ چئي نہ ٿو سگهان.“ وقار مرڪي سندس اکين ۾ نھاريو جتي بھارون مھڪي رھيون ھيون.
”ھا گهڻيون ڳالهيون نہ چئجن تہ بھتر آھي.“ جوليا، وقار ڏانھن ڏٺو.
”مرد ھونئن بہ گهٽ ڳالهائيندا آھن.“ البرٽ وچ ۾ ڳالهايو.
”البرٽ خدا جو خوف ڪر، تون تہ تمام گهڻو ڳالهائيندو آھين.“ جوليا چيو.
”پر مان بہ دل جي ڳالهہ زبان تي نہ آڻي سگهندو آھيان.“ البرٽ جو جملو وقار کي نہ وڻيو.
خاموش پريت جي بہ ھڪ الڳ سونھن ٿئي ٿي. جوليا ھوشيار ھئي، ھڪدم ٻنهي جي دل جي ڳالهہ پرکي وئي.
هوءَ سمجهي سڀ ڪجهہ ويندي ھئي پر انداز اھڙو ھيس جو لڳندو ھو تہ کين نظرانداز ڪندي ھجي. ڪڏھن نظرن سان احساس ڏياريندي ھئي تہ ھا توھان جي نظرن جي لاءِ ٿورائتي آھيان، جيڪي مون کي پنھنجي خوبصورتي جو احساس ڏيارين ٿيون. آئيني تي ڪيترو اعتبار ڪريان. اکين جي آرسي جھڙو ٻيو ڪھڙو سچ ھوندو دنيا ۾. جوليا محبت جي سوچ کان پري ھئي. وقار سندس ھٿ ۾ انگريزن جي مسٽڪ شاعرن جا ڪتاب ڏٺا ھئا. ھوءَ تہ زندگيءَ جي فلسفي ۾ ڪٿي وڃائجي وئي ھئي. عورت کي فلسفو نہ پڙھڻ گهرجي. وقار کي ذھين عورتون نہ وڻنديون ھيون. عورت کي رڳو محبت جي زبان سمجهڻ گهرجي. ھوءَ محبت ونڊڻ ۽ گهرداري لاءِ آھي. گهڻو پڙھي لکي عورت، عورت نہ ٿي رھي. بلڪہ مرد بڻجڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.
ٻاھر آسمان تي سج آب و تاب سان جرڪي رھيو ھو.
اوچتو ٻاھر گوڙ شروع ٿيو.
ھڪ پٿر اچي دريءَ تي لڳو ۽ شيشو ڀڄي پيو. ڪمري اندر بيد مشڪ جو تازو جهوٽو ڪاھي پيو. جوليا ۽ البرٽ پريشان ٿي ويا. وقار ھڪدم دريءَ ۾ آيو. ٻاھر مقامي ماڻهو لٺيون کڻي مظاھرو ڪري رھيا ھئا. اسڪول جا ٻار پٿر اڇلائي رھيا ھئا. منظر بہ ڄڻ حيران ھئا.
چارلس کيس گهرايو تہ ھن جوليا ۽ البرٽ کي ساڻ کنيو ڇو تہ دريءَ مان ڪجهہ پٿر اندر اچي ڪريا ھئا.
”اوھ خدا ھي ڇا ٿي رھيو آھي!“ جوليا ڊنل ھئي.
ھو چارلس جي ڪشادي آفيس ۾ داخل ٿيا.چارلس جي چھريءَ تي پريشاني جا آثار ھئا.
چارلس کين ويھڻ لاءِ چيو، ھو پنھنجي سيٽن تي ويٺا تہ هن چيو:
”وقار تون ٻاھر وڃي ڏس تہ معاملو ڇا آھي. ماڻهو تنھنجي ڳالهہ ٻڌندا. ڇو تہ اڳ ۾ آفيس جو جيڪو ماڻهو ويو ھو ان کي ڊوڙائي ڀڄائي ڪڍيائون.“
”ٺيڪ آھي.“ وقار اٿيو.
”پنھنجو خيال رکجانءِ.“ جوليا چيو.
ان جملي سان وقار کي پنھنجائپ محسوس ٿي. ھو ٻاھر نڪري آيو، جيئن تہ ماڻهو کيس سڃاڻيندا ھئا، ان ڪري ھو کين سمجهائڻ لڳو. ڊيم جي پڪ اپ ڊرائيور ڪنھن مقامي ماڻهوءَ سان بداخلاقي ڪئي ھئي، ان جا دانھي ٿي آيا ھئا.
ڪجهہ ماڻهو چوٽياري ڊيم ٺھڻ خلاف نعرا ھڻي رھيا ھئا. نوجوان ڏاڍا جذباتي ھئا.
”دوستو! توھان جون شڪايتون اکين تي پر توھان جو طريقو غلط آھي، ڇو تہ اھو ردعمل تڏھن ڏيکاربو آھي، جڏھن ڳالهہ نہ مڃي وڃي.“ وقار ٿڌي لھجي ۾ چيو.
”سائين ھتي اعليٰ اختياري وارا دانھن ٻڌڻ لاءِ تيار ناھن، ڳالهہ سمجهندو ڪير.“ ھڪ ماڻهو چيو.
”نہ ائين ناھي. مون توھان جي شڪايت نوٽ ڪري ورتي آھي، توھان جي شڪايت دور ڪبي.“
وقار جي يقين ڏيارڻ بعد ماڻهو ڇڙوڇڙ ٿي ويا. ان دوران چوٽياري بچايو تنظيم جو اڳواڻ ڪريم بخش اتي پھچي ويو، جيڪو پاڻ علم دوست ۽ وقار جو بھترين دوست ھو.
”ڪريم بخش! ھي ڇا معاملو آھي؟ ماڻهو ڏاڍي ڪاوڙ ۾ ھئا.“
”ائين ڪافي عرصي کان ماڻهو ڊيم ٺھڻ خلاف شھر ۾ مظاھرا ڪن پيا، اڄڪلهہ سندن تحريڪ وڌيڪ تيز ٿي وئي آھي.“ ڪريم کيس اصل معاملي کان آگاھ ڪندي چيو.
”ماڻهن کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪر، جيئن اھڙي نوبت ٻيھر نہ اچي.“
وقار واپس چارلس جي آفيس ۾ ويو، جتي سڀ ڪافي پي رھيا ھئا. ھن جي لاءِ بہ ڪافي جو آرڊر ڏنو ويو.
”سر! ماڻهو ھليا ويا آھن، اسان جي اسٽاف واري ڊرائيور ڪنھن سان بدتميزي ڪئي ھئي. ٻيو توھان کي خبر آھي تہ ماڻهو چوٽياري ڊيم ٺھڻ خلاف احتجاج پيا ڪن.“ وقار وضاحت ڪندي چيو.
”تون ذاتي ڪوششن سان ماڻهن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪر تہ چوٽياري ڊيم ٺھڻ سان فائدو ٿيندو، پر نقصان نہ ٿيندو. چارلس چيو.
”جي بھتر سر.“ وقار، سامهون رکيل ڪافي جو مگ کڻي ڍڪ ڀريو، ڪافي جوليا ٺاھي ھئي.
”ڪافي ڏاڍي مزيدار آھي.“ وقار مرڪي جوليا ڏانهن ڏٺو.
”مھرباني.“ جولا مرڪي وراڻيو.
”ھا ياد آيو، سڀاڻي ڪراچي جي صحافين جي ٽيم پئي اچي، ان جو بہ انتظام ڪرڻو آھي.“ پراجيڪٽ انچارج چارلس چيو.
اھو هڪ مصروف ڏينھن ھو. چارلس ماحوليات وارن کي سڄي تفصيل کان آگاه ڪيو تہ ھو ڪھڙو مٽيريل استعمال ڪندا آھن ۽ ڪيئن سم کي روڪيندا، جيئن ٻنيون وغيرہ تباھ نہ ٿين.
رات جو اسٽيو کين دعوت ڏني ھئي. سندس ڌيءَ اسڪارليٽ سال جي ٿي وئي ھئي. سندس سالگرہ ھئي. چوٽياري لاءِ ڪم ڪندڙ سڀني ماڻهن جي وچ ۾ رابطو ھو. چارلس ٿورو ڏکيو ماڻهو ھو، وقار جي ھن سان نہ پوندي ھئي ان ڪري ساڻس بحث نہ ڪندو ھو. چارلس جي عادت ھئي تہ ھو اختلاف ٻڌڻ پسند نہ ڪندو ھو، پر وقار کي ھن جي رويي مان محسوس ٿيندو ھو، ڄڻ ھي انگريز اڄ بہ کين غلام سمجهن ٿا. پنھنجي برتري ظاھر ڪرڻ لاءِ سندن رويا نہ چاھيندي بہ تلخ ٿي ويندا آھن. ايسٽ انڊيا ڪمپني جي بھاني ھو ملڪ ۾ ڪاھي پيا ھئا تہ سڄي ملڪ تي قبضو ڪري ورتائون. وڃڻ وقت بہ ھو ملڪ تي پنھنجا گھرا نقش ڇڏي ويا. اسان اڄ بہ انگريزن جي ذھني غلامي ۾ ورتل آھيون.
وقار شام جو واپس ايندي، سانگهڙ جي تاريخ جي باري ۾ سوچيندو رھيو. شھر بہ انسانن جي شخصيتن جھڙا آھن. سندن ظاھري شخصيت ڏسڻ ۾ ٻي آھي پر شھر جي گهٽين، رستن ۽ تاريخي ماڳ مڪانن جي ويجهو وڃڻ سان شھر جي اندرين شخصيت جا لڪل پاسا سامهون اچن ٿا. ماڻهو تہ انهن شھرن ۾ رھندي بہ پنھنجا شھر نہ ٿا سڃاڻين. ڌارين وانگر رھي ھليا وڃن ٿا. عام ماڻهوءَ کي خبر ھجي تہ ورثي ۾ کيس تاريخ ڇا ڏنو آھي يا انهن موجودہ ماڳن جو ماضي ڇا ھو. سمجهڻ يا پرکڻ بہ حقيقت جي ويجهو ھئڻ آھي ۽ حقيقت شھرن جي نج ماحول جي نشاندھي ڪري ٿي. ھو جڏھن ھن شھر کان پري ھو تہ ھن خطي جي ثقافت ۽ تاريخ کي ڪتابن وسيلي سمجهيو يا ماڻهن کان ٻڌو ھئائين، جڏھن ھو پاڻ ھتي آيو تہ ھن جو مشاھدو پڙھيل ڪتابن کان مختلف ھو. ھر انسان جي پنھنجي پرک ۽ سمجهہ جو اندازو ٿئي ٿو. وقار ھاسٽل جي ڪمري تي اچي وھنجي تازو توانو ٿي چانھہ پيئڻ لڳو. دروازو کڙڪيو تہ سمجهي ويو تہ حر ويلفيئر سوسائٽي جو صدر علي حسن ھوندو. ڇو تہ ٿوري دير اڳ ھن فون وسيلي ئي پنھنجي آمد جو اطلاع ڏنو ھو. علي حسن ھن کي حر تحريڪ جي باري ۾ تفصيلي ڄاڻ ڏيندو ھو. وقار بہ ھتان جي ماڻهن سان رلي ملي ويو ھو. وقار شاگردي دؤر ۾ ڪافي ڏھاڙا جيل ۾ قيد ٿي آيل حرن سان گڏ بہ گذاريا ھئا. ان ڪري ھو ڪٿي بہ اُوپرائپ محسوس نہ ڪندو ھو. علي حسن جي دروازي کڙڪائڻ تي وقار اٿي دروازو کوليو. ٻئي سڪ ۽ اڪير منجهان ڀاڪر پائي مليا . علي حسن ۽ وقار ڪچھري ڪرڻ لڳا. علي حسن ھر موضوع ڦيرائي گهيرائي وڃي حر تحريڪ تي ختم ڪندو ھو.
”انگريز حڪمرانن جي اھا سوچ ھئي تہ جيڪو بہ سندن درٻار ۾ حاضري ڀريندو ھو ۽ سندن خوشامد ڪندو ھو تہ کيس نوازيو ويندو ھو، پر پري رھڻ وارن ماڻهن کي اک ۾ رکندا ھئا.“ علي حسن چيو.
”اڄ تائين اھو سلسلو ھلي رھيو آھي ۽ ماڻهو درٻاري راڳ آلاپي رھيا آھن، خوشامند ۽ اقربا پروري جو بازار گرم آھي.“ وقار وراڻيو.
”چارلس نپيئر جڏھن سنڌ فتح ڪئي ھئي تہ 1843ع ڌاري حيدرآباد ۾ درٻار لڳائي ھئي، جنھن ۾ ٻہ ھزار جاگيردار پيش پيا ھئا، جيڪي جاگيردار انگريز سرڪار جي خوشامد ۾ ڪامياب رھيا، انگريزن سندن جاگيرون بحال ڪيون پر پير صاحب جي خاندان ڪڏھن بہ انگريزن جي حاضري نہ ڀري. جناب پير حزب الله شاھہ انگريزن خلاف آواز اٿاريندا رھيا. انگريزن حر جماعت خلاف باھہ ٻاري ڏني. حر تحريڪ جا ڪيترا ئي ماڻهو ويساپور ضلعي احمد نگر ڏانهن جلاوطن ڪيا ويا.“
اھي ڳالهيون ٻڌندي ننڊاکڙي شام جي سونھن بہ اداس ٿي وئي.
علي حسن ڪجهہ قدر خاموش ٿيو. وقار کي محسوس ٿيو تہ حرن جي من ۾ زيادتي جي تاريخ جون چڻنگون اڃان دکن پيون. ھو پاڻ تاريخ جو پارکو ھو ۽ علي حسن، مکي ۽ سانگهڙ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان واقف ھو. چانھہ پيئندي وقار محسوس ڪيو تہ ڄڻ علي حسن ماضيءَ ۾ ڪٿي ڀٽڪي رھيو ھجي.
گلابي شام جا رنگ بہ ڄڻ ماضيءَ جا پير کڻي رھيا ھجن.
”پير صبغت الله شاھ جي شھادت کان پوءِ حرن سان ڏاڍا ظلم ٿيا، پر فخر آھي تہ سنڌ جي لکين ماڻهن برطانيا جي ظالم سامراج سان مقابلو ڪيو.“ علي حسن چيو.
علي حسن ٿڌو ساھ ڀريو ۽ چانھہ جو آخري ڍڪ ڀري ڪپ ٽيبل تي رکيو. ڪافي دير تائين ڪچھري ھلندي رھي. وقار کي اسٽيو ڏانھن وڃڻو ھو، ان ڪري علي حسن کائنس موڪلايو. شام جي سونھري پاڇن ۾ سانگهڙ جا رنگ ٽڙي پيا ھئا. سج جون ڏياٽيون اجهامڻ بعد ھڪ گھري خاموشي هر طرف ڇائنجي ويندي.
اسٽيو جي گهر ۾ ھڪ شاندار دعوت جو انتظام ھو، انگريز واقعي زندہ دل قوم آھي. اسٽيو ۽ ٽينا مھمانن کي ھر طرح سان خوش رکڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا.
”اسڪارليٽ جوائي سٺو نالو آھي.“ وقار چيو.
”ھا تمام گهڻو آرٽسٽڪ لڳي ٿو.“ جوليا چيو.
”اھو نالو توھان رکيو ھوندو.“ وقار مرڪي پڇيو.
”ھا مون رکيو ھو، پر توھان اھو ڪيئن ڄاتو.“ ٽينا حيرت مان چيو.
”ماءُ وٽ ٻار لاءِ ھڪ خوبصورت تصور ٿئي ٿو.“ وقار وراڻيو.
”ھا مان پنھنجي ٻار کي مختلف رنگن جي پس منظر ۾ ڏسندي ھيس، جڏھن ھي ڄائي تہ ڳاڙھي رنگ جي ڪپڙي ۾ ويڙھيل ھئي، اسٽيو جي ھٿن ۾. مون محسوس ڪيو ھو تہ اسٽيو جي چھري تي ساڳيو ڳاڙھو رنگ جرڪي رھيو ھو.“
”تمام خوبصورت.“ جوليا سندس لفظن کي ساراھڻ لڳي.
سڀ ڳالهين ۾ مصروف ھئا. چارلس، ڊيوڊ ۽ البرٽ کي سڀاڻي جي حوالي سان ڪا اھم ڳالهہ ٻڌائي رھيو ھو. وقار، جوليا، اسٽيو ۽ ٽينا جي ڀرسان ويٺو ھو. ٽينا جي ڪڇ ۾ اسڪار ليٽ جوائي، ماءُ کي ڏسي رھي ھئي. وقت هوريان گذرندو رھيو ۽ شام جا رنگ رات جي ٻانهن ۾ سمائجي ويا. رات سانگهڙ جي مٿان سانت جي چادر وجهي ڇڏي. گھري ڪاري رات ھن شھر جي خاموشيءَ کي وڌيڪ پراسرار بڻائي ٿي. ھر طرف ٽھڪن جا رابيل مھڪي رھيا ھئا. زندگي جو احساس وکريل ھو. جوليا، گلابي رنگ جي اسڪرٽ ۾ من موھڻي لڳي رھي ھئي. ٽينا ھن سال اسڪارليٽ جي باري ۾ ڳالهائي رھي ھئي. جوليا غور سان سندس ڳالهہ ٻڌي رھي ھئي.
اھا چنڊ بنان ھڪ ڪاري رات ھئي پر ائين ٿي لڳو تہ اڄ چنڊ، جوليا جي چھري تي اڀري آيو ھجي. ھر طرف چانڊوڪيءَ جو چندن ٽڙي پيو ھجي.
***

5

پر ديسي پکي آسمان ۾ اڏامي رھيا ھئا. اُڀ، پاڻي ۾ پنھنجو عڪس ڏسي جهومي اٿيو.
سج جي تپش سياري ۾ بہ تيز ھئي. ھڪ وڏي ڪڪر سج کي ڍڪيو تہ ھر طرف ٿڌاڻ وکري وئي. مکيءَ جا منظر ٺري پيا. چوٽياري ڊيم تي ڪم ھلڻ دوران جڏھن وقار خيمي ۾ ويٺو ھو تہ جيپ ۾ ڪراچي جا صحافي پھتا. ھو مقامي ماڻهن سان ڳالهائي آيا ھئا. انگريز اخبار جي صحافي نازيہ ۽ مسعود ھئا، جيڪي ڊيم جي حوالي سان ڪيترائي سوال کڻي آيا ھئا. وقار کين گهمائي ڦيرائي مختلف علائقن کان آگاھہ ڪرڻ بعد ٻيھر پنھنجي خيمي ۾ وٺي آيو. صحافين جي ذھنن ۾ ڊيم ٺھڻ جي حوالي سان وڏا خدشا موجود ھئا.
”ھتان جي ماڻهن جو خيال آھي تہ ھي ڊيم، سانگهڙ ضلعي لاءِ نقصانڪار آھي. ھي مکي جي چوڌاري زمينن کي تباھ ڪندو. ھي علائقو ٻڌي ويندو ۽ چراگاھ ختم ٿي ويندا تہ پوءِ ھتان جي ماڻهن جو ڇا ٿيندو؟“
ڪھو جي چابڪ جھڙي نازيہ پڇيو جيڪا وڏي بردبار ۽ تمام تيز ھئي.
”اسان ڪوشش ڪريون پيا تہ ڊيم ٺھڻ کان پوءِ سم جو پاڻي ٻنين کي تباھ نہ ڪري. ان لاءِ ٽيرم نالي ھڪ ڪپڙو انگلينڊ کان گهرايو آھي، جيڪو ڍنڍ جي چوڦير وجهي ان مٿان پٿر رکيو ويندو. ان کانسواءِ ڊيم جي چوڌاري ناليون کوٽي اھو پاڻي کوھن ۾ گڏ ڪري پمپن ذريعي واپس ڊيم ۾ اڇلينداسين، اھا ٽيڪنڪ استعمال پيا ڪريون.“ وقار وضاحت ڪئي.
”چيو اھو وڃي ٿو تہ مکي جي چوڌاري جيڪا زمين ھئي، ان جا پئسا عليٰ عملدار کائي ويا آھن، جن جون زمينون آھن، انهن کي پنھنجو جائز حق ملڻ گهرجي؟“ نازيہ سوال ڪيو.
”اھو جواب توھان روينيو وارن کان ڪيو يا اسان جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر بھتر جواب ڏيئي سگهي ٿو. مان اوھان کي چوٽياري تي ھلندڙ موجودہ ڪم بابت، ڊيزائن ۽ ڪوالٽي جي سلسلي ۾ جواب ڏيئي سگهان ٿو.“
مسعود بہ محسوس ڪيو تہ وقار بہ ھوشياري سان جواب ڏيئي رھيو ھو.
”وقار صاحب! ھتي غريب ماڻهو جو استحصال ٿئي ٿو. سندن زندگي تبديل نہ ٿي ٿئي. ماڻهن جو دارومدار جنھن پوک تي ھو اھا زمين سندن نہ رھي. اھي دعوائون غلط آھن تہ چوٽياري ڊيم ڪو عوام جي فائدي لاءِ ٺاھيو ويو آھي؟“ نازيہ سخت لھجي ۾ چيو.
”بھرحال ھي زمينون ۽ علائقو جن ماڻهن جو آھي، انهن جو ھتي جي وسيلن تي وڏو حق آھي، پر ھي ڊيم پاڻي جي کوٽ جي ڪري ٺھيو آھي، ان سان هتي جي رهواسين کي فائدو ٿيندو.“ وقار صحافين کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
”پر ماڻهو ڏاڍا ناراض آھن، ھو چوٽياري ڊيم ٺھڻ خلاف مسلسل احتجاج ڪري رھيا آھن.“ نازيہ چيو.
”ھا واقعي ماڻهن ۾ ھڪ ردعمل ڏسڻ ۾ آيو آھي، پر صورتحال واضح ٿيڻ بعد کين ڳالهہ سمجهہ ۾ اچي ويندي.“
صحافي ڪلاڪ ٻہ وڌيڪ چوٽياري تي رھيا. وقار کان مسلسل سوال ڪندا رھيا. جواب ڏيندي وقار بہ پوري ڪوشش ڪئي تہ کين مطمئن ڪري سگهي پر صحافي ڪڏھن بہ مطمئن نہ ٿيندا آھن.
”پر ڊيم اڳتي ھلي مسئلا پيدا ڪندو، جيئن ان کان اڳ مختلف ھنڌن تي شڪايتون مليون آھن.“
نازيہ جي ڪوشش ھئي تہ وقار ڪنھن بہ ريت سچ ڳالهائي. وقار سندس ڳالهہ تحمل سان ٻڌي چيو: ”پھريان بہ عرض ڪيو تہ ھي ھڪ رزروائر آھي، جنھن کي ڊيم بہ سڏيو وڃي ٿو، جن علائقن ۾ سم جو خطرو آھي، اتي اسان ڊيم جي ٻاھران ناليون ٺاھيون آھن، جتي وڃي اھي ناليون ڪرنديون، اُتان کان پوءِ موٽر يا پمپ ذريعي واپس پاڻي چوٽياري رزروائر ۾ اڇلايو ويندو. اسان ھي ڊيم ٺاھي ايريگيشن کاتي جي حوالي ڪنداسين.“
”توھان جو مطلب اھو آھي تہ توھان جي ذميواري فقط ڊيم ٺاھڻ جي آھي.“ نازيہ تڪڙ ۾ پڇيو.
”ڏسو! جيڪڏھن اڳتي ھلي ڊيم جي سار سنڀال نہ لڌي وئي، ان جي موٽرن جو خيال نہ رکيو ويو يا بجلي نہ ڏني وئي تہ ظاھر آھي تہ ھي پراجيڪٽ ڪامياب نہ ويندو.“
صحافي ھاڻ ڪجهہ مطمئن نظر اچي رھيا ھئا.
ھاڻي ھي ڪراچي وڃي ڪھڙي ڪھاڻي ٺاھيندا يا سندن لفظن کي ڪھڙو ٿا رنگ ڏين. اھا تہ پوءِ خبر پوندي. سج لھڻ وارو ھو. صحافي کانئس موڪلائي نڪتا تہ ھو بہ ماڻهن کي ڪم ڪار سمجهائي چوٽياري جي حدن مان ٻاھر نڪري آيو.
***

6

وقار جي دل بي چين ھئي تہ جوڻيجن جي ماڙي تي وڃي ٻيھر ڪڙل کي ويجهو کان ڏسي. پرديسي پکين لاءِ ھن پنھنجي دل ۾ محبت جو درياھ اٿلندي محسوس ڪيو. ھو اسان جا مھمان آھن، اسان کي سندن خيال رکڻو آھي، جيئن سنڌ جون سھڻيون يادون کڻي وطن واپس ورن. ھو مسلسل ٻنهي پکين جي باري ۾ سوچي رھيو ھو. ھن جي اکين آڏو وسيع آسمان ھو ۽ ذھن ۾ پکين جا کنڀ مستقل اڏامي رھيا ھئا. وقار جو ھاڻي اھم مقصد ڪڙل جي ان جوڙي کي بچائڻ ھو، جيئن اھا اڻ لڀ نسل بقادار رھي. ھو ھاسٽل جي در جي ويجهو پھتو تہ سامهون ماڻهن جو جلسو اچي رھيو ھو، جيڪي چوٽياري ڊيم ٺھڻ ۽ اعليٰ اختياري وارن خلاف نعرا ھڻي رھيا ھئا. ھو بہ اھا ڳالهہ محسوس ڪري رھيو ھو تہ پوري سانگهڙ ۾ ڪاوڙ جي لھر ڦھليل آھي. ماڻهو پنھنجي وسيلن لاءِ پريشان آھن. ڪي ماڻهو روڊ تي ڊوڙڻ لڳا ۽ وقار جي ڀرسان پھچي ويا. ھو پٿراءُ ڪرڻ لڳا. ھن ھڪدم گاڏي واپس موڙڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس بہ سائرن وڄائيندي اچي پھتي. پوليس لاٺي چارج ڪرڻ لڳي.
ڳوڙھا آڻيندڙ گيس جو دونهون چوڌاري پکڙجي ويو. ماڻهو ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳا. ماڻهن کي پڪڙي پوليس وارا گاڏي ۾ اڇلائڻ لڳا. ماڻهن ۽ پوليس ۾ چڪريون شروع ٿي ويون. ھن جو رستو کليو تہ ھو بہ ھوريان گاڏي ھلائيندو اچي ھاسٽل ۾ پھتو. گاڏي پارڪ ڪري اندر ڪمري ۾ ھليو آيو. ٿوري دير ۾ آفيس جي انجنيئر ۽ دوستن جا کيس فون اچڻ لڳا. ھو کائنس خيريت معلوم ڪري رھيا ھئا. چارلس بہ چڱي دير تائين ساڻس ڳالهائيندو رھيو. باقي تفصيل سڀاڻي ٻڌائڻ جو چئي کائنس موڪلائي ھن فون رکي ڇڏي. اڄ ھو ٿڪل ھو. چاھيائين پئي تہ گھري ننڊ ڪري پر سڄي ڏينھن جا واقعا سندس اکين آڏو ڦرندا رھيا. وھنجي سھنجي اچي بستري ۾ ستو، سڄي ڏينھن جي ٿڪ کان پوءِ بسترو مزو ڏيئي رھيو ھو. ھو ٿوري دير ۾ سمهي رھيو. جاڳ ٿيس تہ رات جا نوَ ٿي رھيا ھئا. ملازم چانھہ کڻي آيو، ھن ٽي وي بہ آن ڪري ڇڏي. سوچڻ لڳو تہ اڄ ڪھڙو پروگرام رٿجي.
سندس دوست سارنگ جو فون اچي ويو. وقار کيس چيو تہ ھو ٿوري دير ۾ سندس گهر پھچندو. باقي پروگرام اتي ٺاھبو. تيار ٿي وقار سارنگ جي گهر ڏانھن روانو ٿيو. سارنگ ھڪ سمجهدار ۽ سٻاجهو انسان ھو. سنڌ سان اڪير ھيس، خاص طور تي پنھنجي پرڳڻي تي ساھ ڏيندو ھو. تاريخ سان چاھ ھيس. وقار ۽ سندس دوستن سانگهڙ جي نوجوانن تي مشتمل ھڪ گروپ ٺاھيو ھو، جيڪي گڏجي اڇڙي ٿر تي ڪم ڪري رھيا ھئا، جنھن ۾ سانگهڙ جي ثقافت، تھذيب، آثار قديمہ ۽ جهنگلي جيوت پڻ شامل آھن. سمورا دوست اڪثر گڏجي ماڳ مڪان ڏسڻ لاءِ نڪرندا ھئا. ڪڏھن مچ ٻاري ڊگهي ڪچھري ۾ مشغول ٿي ويندا ھئا. اڪثر راڳ جي محفل بہ ٿيندي ھئي. ڪڏھن ڪلاسيڪل راڳي استاد گلزار بہ سندن ساٿاري ھوندو ھو. بسنت فقير جو صوفي ڪلام شوق سان ٻڌو ويندو ھو. خاص ڪري ڪچھرين ۾ پيرسن سگهڙ لفظن جو ميڙو مچائيندا ھئا. اھي لفظن جا پارکو خطي جي تاريخ جي تمام گهڻو ويجهو ھئا. سندن ڳالهين ۾ ڌرتيءَ جي خوشبوءِ پئي ايندي ھئي. انهن جون پنھنجون محروميون ۽ ڏک ھئا. سندن ڳالهيون ماضيءَ جا وڃايل پيرا پيون کڻنديون ھيون. سارنگ در تي مليس ڏاڍي سڪ ۽ اڪير مان. حال احوال وٺڻ بعد وقار کيس چيو تہ: ”تون جيڪڏھن اڇڙي ٿر جي جهنگلي جيوت تي ڪم ڪندين تہ اھو موضوع تو لاءِ تمام بھترين ٿيندو.“
”جي سائين مان بہ اھو ئي ٿو سوچيان تہ ھن علائقي جي وڻن ٽڻن، جانورن ۽ پکين جي باري ۾ لکان.“
”توکي ڪو مواد گهرجي تہ منھنجي دوستن وٽ بہ ڪافي تفصيل ۽ ڪتاب پيا آھن.“
”جي ضرور“ اھو ٻڌي سارنگ جو چھرو ٻھڪي اٿيو. ھو ھڪ انتھائي محنتي انسان ھو. ھر ڪنھن سان مخلص ۽ پنھنجي ڪم سان سچو. وقار بہ انسان ۾ اھي گڻ ڳولهيندو ھو، ڇو تہ ماڻهو شارٽ ڪٽ تي يقين رکن ٿا ۽ محنت کان لنوائيندا آھن. پوءِ وقار کيس جوڻيجن جي ماڙي تي آکيري اڏيندڙ فش ايگل جي باري ۾ ٻڌايو. اھا ڳالهہ ٻڌي، ھو ماڙي تي ھلڻ لاءِ بي چين ٿي ويو. وقار چيس تہ ٻئي ڏينھن يارھين ڌارا ھو ان ننڍڙي خوبصورت ٻيٽاريءَ تي ھلندا. اھو ٻڌي سارنگ جي خوشي جي انتھا نہ رھي. پوءِ ھو ڪچھري ۾ مصروف ٿي ويا ۽ سانگهڙ جي تاريخ، حال جي لمحن ۾ ھوريان ھوريان ساھہ کڻڻ لڳي. ڄڻ تاريخ وٽ بہ ھڪ روح ھجي، جيڪو مختلف ماڳ مڪانن تي ڀٽڪندو ھجي. ماضي سڀني کي پيارو ٿئي ٿو ۽ گذريل ڏينھن جيڪڏھن چڱا آھن تہ پوءِ ماضيءَ کي ياد ڪرڻ ۾ بہ ھڪ عجيب لطف اچي ٿو.
***
قدرتي طرح گهاٽو جهنگ ھئڻ ڪري ھي ٻيلو، حر مجاھدن لاءِ پناھ گاھ ھوندو ھو. مکي جي مجاھدن جهنگ ۾ واقع ٻيٽارين تي پنھنجا گهرڙا اڏيا. جهنگ ايڏو تہ گهاٽو ھوندو ھو، جو سونهي کانسواءِ اندر گهڙڻ جي ڪو ھمت نہ پيو ساري سگهي. کيس ياد آيو تہ اھي گهاٽا جهنگ سدائين گوريلا وار جو ڳڙھ سمجهيا ويندا آھن. جيئن افغانستان، ڪشمير، داغستان ۽ ويٽنام، ايلسواڊور ۽ فلپائن جا گهاٽا ٻيلا وغيرہ. ٻي مھاڀاري لڙائي دوران حرن جي روح روان جو خيال ھو تہ انگريز سرڪار کي گهرو ويڙھ ذريعي ملڪ مان نڪرڻ تي مجبور ڪري سگهجي ٿو. انهن ئي ڏينھن ۾ حرن جي بغاوت جا ڪيترائي واقعا ٿيا، جنھن ۾ حرن ٽنڊوآدم ڀرسان وھاب شاھ اسٽيشن جي پٽڙي اکيڙي لاھور ويندڙ لاھور ميل کي ڪيرائي وڌو ھو. کين اھي اطلاع ھئا تہ ان ريل ۾ آرمي اسلحو کڻي وڃي پئي. ان زماني ۾ منسٽر ھدايت الله هو، جنھن حرن خلاف ايڪٽ پاس ڪيو ھو. جنھن جو پٽ ان ريل ۾ سفر ڪري رھيو ھو، جيڪو حملي وقت باٿ روم ۾ لڪي ويو. پوءِ حرن کيس ڳولي ڪڍي ماريو. ان حادثي ۾ ڪجهہ ماڻهو مئا ھئا.“ علي حسن ڳالهہ ختم ڪري اڀ ڏانھن نھاريو، جتي سياري جو سج آب و تاب سان چمڪي رھيو ھو. ڀنئور ڪنول مٿان جهومي رھيا ھئا.
”سانگهڙ جي تاريخ جا اڃان ڪيترا ئي رخ اھڙا آھن، جن تي پردو پيل آھي.“ وقار چيو.
ٻيڙي آھستي آھستي پنھنجي ماڳ ڏانھن وڌي رھي ھئي. جهنگلي ٻوٽن جي تن کي ڇھي ايندڙ ھوا خوشبوءَ جا ٻڪ ڀري چوپاسي ڇڻڪار ڪري رھي ھئي. ٻيڙي جي جهوٽن ۽ ھوائن جي ھٻڪار تي وقار کي ننڊ اچڻ لڳي ھئي. ھڪ سڪون ھو ھر طرف.
”حر پنھنجي رھنما کان محروم ٿيا تہ ھنن جي بغاوت وڌيڪ ڀڙڪي اٿي. حر تحريڪ دوران سانگهڙ، ٿرپارڪر ۽ خيرپور ضلعي جا حصا متاثر ٿيا. مکي ڍنڍ ان تحريڪ جو مرڪز ھئي. ملڪ جي مختلف جاين تي لوڙھا قائم ڪيا ويا ھئا، جتي حرن جا خاندان قيد ڪيا ويا. حرن خلاف مکي جي علائقي ۾ بلوچ قبيلن جا ماڻهو، پنجابي ۽ پٺاڻ پڻ آباد ڪيا ويا. ايتريقدر جو نواب شھباز خان بگٽي جي ماڻهن پوليس طور ڪم ڪيو. جنھن جي ڪري سرڪار کين انعام طور حرن جي ھزارين ايڪڙ زمين ورھائي ڏني. مکي ڍنڍ جي ايراضي جنھن ۾ پنج لک ايڪڙ زمين آباد ھئي، اھا سرڪار پنھنجي قبضي ۾ ڪئي. اھا زمين ٻي مھاڀاري جنگ دوران عربن، ترڪن ۽ عراقين خلاف وڙھندڙ فوجين کي انعام طور ڏني وئي. اپريل 1952ع ڌاري وڃي حرن خلاف ظلم ختم ٿيا.“
فضا ۾ سرينھن، نم ۽ توت جي وڻن جو ھڳاءُ تري رھيو ھو.
وقار مکي ٻيلي ڏانھن ڏٺو، جيڪو تاريخ جو اھم باب ساھہ ۾ سانڍي ھوا جي لھرن تي جهومي رھيو ھو.
”ٻڌو آھي تہ ھتي ماکي ڏاڍي ٿيندي ھئي.“ وقار چيو.
”ھا ڪنھن زماني ۾ جڏھن ھتي گهاٽو جهنگ ھوندو ھو تہ ھڪ وڻ ۾ ٻہ ماکيءَ جا مانارا بہ ھوندا ھئا، ھڪ ماکيءَ جي ماناري ۾ ٻہ کان ٽي ڪلو تائين ماکي نڪرندي ھئي. ھتي جا رھاڪو ماکيءَ جا مٽ ڀري گهرن ۾ رکندا ھئا، پر جيئن آبادي وڌي تہ ماڻهن جهنگ کي ڪٽي ڇڏيو.“ علي حسن وراڻيو.
ٿوري دير لاءِ خاموشي ڇائنجي وئي. آسمان تي فش ايگل اڏامي رھيا ھئا. انهن سان گڏ سائبريائي پکي بہ ڍنڍ تي مڇي جي شڪار لاءِ لامارا ڏيڻ لڳا. انهن پکين ۾ چرخ، نتڪڻ، وائرڙيو، پيلو، ڪوئلو، جوارو بہ نظر اچي رھيا ھئا. نوريئڙن وڻ تان ٽپو ڏنو ۽ ھڪٻئي پٺيان ڊوڙڻ لڳا.
وقار ڪي ڏينھن اڳ بقار ۽ ٻين ڍنڍن جي سروي ۽ ليولنگ ڪئي ھئي ۽ پٿر ھڻي ويو ھو، جنھن مطابق ڊيم جي پاڻي جي سطح ماڙي جي پلنٿ ليول (بنيادن) تائين بيھي پئي. ماڙي کي پاڻي کان بچائڻ لاءِ ھن وٽ مختلف تجويزون ھيون. ھڪ اھا تجويز ھئي تہ جيئن ڊيم جي ڊزائن ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. ڊيم جي پاڻي جي سطح گهٽائڻ نامناسب قدم ھو، ڇو تہ پوک لائق ھزارين ايڪڙ زمين پاڻي کان محروم ٿي ويندي. اھو بہ ممڪن ھو تہ ماڙي کي چوڌاري پٿرن جو بند ٻڌجي، جيئن پاڻي جاءِ جي بنيادن تائين نہ پھچي. جنھن تي لکين رپيا خرچ ايندو. ماحوليات جي ماھرن جو بہ اھو خيال ھو تہ مکي جي آسپاس ڪجهہ بلند ٽاور ٺاھيا وڃن. انهن کي پکين جي ويھڻ لاءِ ٺاھجي پر پوءِ ڪنھن اھو بہ چيو تہ ممڪن آھي تہ پکي ان نئين ماحول کي قبول نہ ڪن. ھتي ويجهو ئي ھڪ وڻ تي فش ايگل جي جوڙي جو آستانو ھو پر وڻ ڪرڻ سبب اھي پکي اتان ھليا ويا.
فش ايگل آسمان تي شڪار لاءِ لامارا ڏيڻ لڳو تہ ڍنڍ جي سڀني پکين خوف کان وڃي ھڪ ھنڌ مچو ڪيو. پريان ھڪ شڪاري اھڙي موقعي جي تاڙ ۾ لڪيو ويٺو ھو. فائر ڪيائين تہ ھڪ ڌڪ سان ڪيترائي پکي ڦٿڪڻ لڳا. شڪاري فشل ايگل جا ٿورا مڃيا. ان وقت ’سپي‘ (مادي فش ايگل) اريبي ڪنڊ ٺاھي گهُت ھنئي.
پاڻيءَ ۾ زوردار آواز ٿيو، پنھنجي تيز چنبن ۾ ٽي ڪلو وڏي مڇي کڻي مٿي اڏامي تہ سندس کنڀن مان پاڻي جي برسات ٿيڻ لڳي.
”مار ڇا تہ شڪار ڪيو اٿس!“ سارنگ چيو.
علي حسن بہ حيرت مان اڀ ڏانهن ڏسي رھيو ھو. ائين حملو ٿيو ڄڻ سپي جون اکيون دوربين جيان ھجن. ھوءَ مٿانهين کان آئي ۽ پاڻيءَ ۾ مانڌاڻ مچي ويو. سندس وڏا ڦھليل پر، مضبوط ٽنگون ۽ سيني جون مشڪون کيس وسيع علائقي ۾ شڪار ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. ھن جي شڪار جو علائقو وسيع آھي. ’ڪوڏ‘ بہ ’سپي‘ جي پٺيان اڏامڻ لڳو.
”مان کين سپي ۽ ڪوڏ جي نالن سان سڏيان ٿو.“ وقار، سارنگ ڏانھن مرڪي نھاريو.
”خوبصورت نالا آھن.“ سارنگ بہ مرڪي پيو.
”ھن وقت جنھن شڪار ڪيو اھا سپي ھئي يا ڪوڏ.“ سارنگ پڇيو.
”سپي ھئي، ڇو تہ مادي، نر فش ايگل کان ماسيرڙي ٿئي ٿي. سندس پر بہ ويڪرا ٿين ٿا. جڏھن ٻولي ٿي تہ سندس آواز نر جي مقابلي ۾ تيز ٿئيس ٿو.“ وقار وراڻيو.
”سائين غضب جو پکي آھي.“ علي حسن چيو.
”باز: طاقت، حشمت ۽ آزادي و امرتا جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري سوميرين، مصرين، رومين کان ويندي موجودہ دؤر تائين ڪيترن ئي قومن جو فوجي توڙي مذھبي اھڃاڻ رھيو آھي.“ وقار، علي حسن جي ڳالهہ جي تائيد ڪئي.
”سائين واقعي انهن پکين جي بہ عجيب دنيا آھي.“ ان ڪري ئي شاھہ سائين فرمائي ٿو:
”ولر ڪيو وتن، پرت نہ ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڻھان ميٺ گهڻو.“
”شاھہ سائين جو فطرت جو ڳوڙھو مطالعو ھو.“ وقار شعر جي سونھن کي محسوس ڪندي جواب ڏنو.
”صوفي، الله سائين تائين پھچڻ لاءِ ھن جي ٺاھيل ڪائنات جو سھارو وٺي ٿو.“ سارنگ چيو.
ماڪ ڀنل ھوا ھوريان ھوريان جهڪا ساھ ٿي کنيا. ھر ساھ سان فطري ھٻڪار جي ورکا ٿي ڪيائين. جهنگلي گلن تي پوپٽن ڦيرا ٿي پاتا.
مکي ڍنڍ جي لھرن تي ھڪ خوبصورت ٻيٽاري ڪر کنيو بيٺي ھئي، جنھن جي ڀرسان اچي ٻيڙي بيٺي تہ سڀ لٿا. اڄ وقار پاڻ ٻيڙي ھلائي آيو ھو. ھڪ ھنڌ چادر وڇائي سڀ ويٺا. ان وقت فرحت بخش ھوا لڳي رھي ھئي. ڊسمبر جو سيءُ، سوئيٽر پاتل ھجڻ باوجود ھڏن ۾ لھندي محسوس ٿي رھيو ھو. توڙي جو سج پوري جوڀن سان آسمان ۾ نروار ھو، پر سندس جرڪندڙ ڪرڻا بہ سيءَ ۾ ڏڪي رھيا ھئا. وقار، جوڻيجن جي ماڙي ڏانھن نھاريو. اھا ڪنھن زماني ۾ وڏيري مير جوڻيجي جي رھائشگاه ھئي. ماڙي جي چوڌاري سندن گهر ھئا، پر جاءِ جي چوڌاري پاڻي ڀرجي وڃڻ سبب مالڪ ھتان لڏي وڃي ٻئي ھنڌ آباد ٿيا. ھي ماڙي صدي کن اڳ جي آھي. چوٽياري تي ڪم ڪندڙ انگريز ماھرن ان عمارت کي Hunting lodge سڏيندا ھئا. ھن ماڙيء جون ڇتيون ۽ دروازا غائب آھن، پر عمارت ۾ لڳل ڪاشيءَ جون ٽائلس اڃان تائين پنھنجي اصلوڪي حالت ۾ قائم آھن. فرحت بخش ھوا قديم وڻن جي ڪُک ۾ ڪتڪتايون ڪڍڻ لڳي.
وقار ڪافي دير ان ھنڌ رھي مشاھدو ڪندو رھيو تہ ڪھڙي طريقي سان ماڙي کي بچائجي. دوستن سان صلاح مشوري ۽ ماڙي جي ٻيھر جاچ بعد ھو ان نتيجي تي پھتو تہ فش ايگل جي جوڙي کي بچائڻ لاءِ ماڙي جي چوڦير پٿرن جو بند ٻڌجي. اڄ ھو واپس وڃي حساب ڪتاب ڪندو تہ ان لوڙھي تي لڳ ڀڳ ڪيترو خرچ ايندو. انگلينڊ جا ماحوليات جا ماھر اھو خرچ ڀرڻ لاءِ تيار ھئا. ھو ڪم ۾ دلچسپي وٺي رھيا ھئا، جنھن مان وقار اندازو لڳايو تہ اھي انگريز ماحول کي گهڻي اھميت ڏين ٿا. ماحولياتي گدلاڻ جي وڌڻ سبب موسمن ۾ وڏي ڦيرگهير اچي رھي آھي. اھڙي صورتحال ۾ اھي جهر جهنگ ۽ ٻيلا ماحول ۾ بھتري جو ڪم ڪن ٿا، جن جي بقا سان انساني جياپي جو ٻيلا ماحول ۾ بھتري جو ڪم ڪن ٿا، جن جي بقا سان انساني جياپي جو سوال لاڳاپيل آھي.
***

7

اھا حقيقت آھي تہ ھر دؤر ۾ اٻوجهہ سنڌي ماڻهن سان زيادتي ٿيندي رھي آھي. اختيار گهڻي ڀاڱي وسندي وارن وٽ رھي ٿو. زميندار، جاگيردار ۽ واپاري طبقو مزدورن جو حق کائي وڃي ٿو. ان دٻيل احتجاج جي چڻنگ سنڌي سماج ۾ ٻرندي رھي ٿي، جنھن جي ڪري معاشري ۾ غير انساني رويا ۽ حقن جو استحصال مستقل ٿيندو رھيو آھي. وقار چوٽياري ڊيم تي بہ مزدورن سان زيادتين جي واقعن تي احتجاج ڪندو رھيو. ھو محسوس ڪندو آھي تہ ٻيا آفيسر ڏي وٺ ۾ پورا آھن، پنھنجي مفاد کانسواءِ کين ڪجهہ بہ نظر نہ ٿو اچي. غريب مزدور اڪثر وقار وٽ دانهي ٿين ٿا. انهن جي حقن لاءِ جڏھن ھو آواز اٿاري ٿو تہ اتي جا کائو ٺيڪيدار ۽ راشي آفيسر ھن جي خلاف ٿي وڃن ٿا. اڄ جيئن ئي ڪم تي پھتو تہ کيس خبر پئي تہ ٻہ ٽي ڏينھن اڳ جيڪو چوڪيدار رکيو ھئائون، اھو رات نانگ جي ڏنگڻ ڪري صبح جو مئل حالت ۾ مليو. وقار کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ھو ٺيڪيدار سان وڙھي پيو.
”توھان چوڪيدار کي کٽ يا ڪرسي ڇو نہ ڏني، توھان کيس زمين تي ويھڻ لاءِ ڇو چيو؟“
ٺيڪيدار جان ڇڏائڻ ۾ پورو ھو. وقار کي لڳو تہ ھتي ڪم ڪارين جا سمورا پئسا ھضم ٿي وڃن ٿا، جيڪر اڌ کائين ۽ اڌ ڪم تي لڳائين تہ بہ ڪا بھتري اچي سگهي ٿي. ٺيڪيدار کي ڪيترن معاملن ۾ مايوسي ٿي ھئي، وقار ھن وانگر نہ ھو. ٺيڪيدار جي ڪيترن آفيسرن سان پنھنجي ڌيتي ليتي ھئي. وقار چاھيندو ھو تہ ڪم پوري ايمانداري سان ٿئي. تعميراتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال نہ ٿئي، جيئن اڪثر ٿيندو آھي تہ بند ٽٽي ڀري پوندا آھن. ھن مھيني ۾ ڪم دؤران حادثي ۾ ٻہ ماڻهو مري ويا. چوڪيدار کان سواءِ ٻيو شخص بہ ڪجهہ ڏينھن اڳ ڊمپر مٿان ڪرڻ ڪري فوت ٿيو ھو، ھو ذات جو ڀيل ھو. وقار سندس ڳوٺ بہ ويو ھو. ڪرشن ڀيل جا ٻارڙا ننڍا ھئا، کيس ڏاڍو ڏک ٿيو. انهن مزدورن کي ڪو بہ تحفظ حاصل نہ ھو. نہ ئي اوچتي حادثي جي صورت ۾ سندن خاندان کي ڪا مدد وغيرہ ملي ٿي. ھتي صورتحال اھا ھئي تہ چوٽياري بچايو تنظيم جو صدر ڪريم الڳ ان ظلم خلاف آواز اٿاريندو ھو. وقار ۽ ھو انتظاميا جي اک جو ڪنڊو بڻيل ھئا، چارلس پڻ کائنس ناراض ھو. مزدورن ۾ بي چيني وڌي رھي ھئي، ٻئي طرف ماڻهو پنھنجي زمين کان محروم ٿيڻ تي ڪاوڙيل ھئا، انتظاميا سان چڪريون ھلي رھيون ھيون. فوجي حڪمران ھئڻ ڪري اڪثر علائقي ۾ اھڙي معاملي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فوج اچي نڪرندي ھئي، ڪافي ماڻهو جيلن جي ھوا کائي رھيا ھئا، انجنيئرن جي گاڏي تي روز پٿراءُ ٿيڻ لڳو. ھڪ عجيب منجهيل صورتحال پيدا ٿي چڪي ھئي. وقار جي بہ روز آفيس ۾ جواب طلبي ٿيڻ لڳي ۽ ھو روز ڪنھن نہ ڪنھن ڳالهہ تي باس سان وڙھي پوندو ھو. ھن جو نقطہ نظر اھو ھو تہ ھڪ عام ماڻهو کي حقن جو تحفظ ڏيڻ گهرجي، ماڻهو ان ڪري احتجاج ڪري رھيا آھن، جو سندن استحصال ٿي رھيو آھي.
وقار پنھنجي خيمي ۾ ويھي ڪم جو جائزو وٺي رھيو ھو تہ ڪريم اندر آيو.
”اسلام عليڪم.“
”وعليڪم اسلام.“ وقار کي محسوس ٿيو تہ ڪريم پريشان ھو.
”ڏي خبر ڪريم! ڇا حال احوال آھي؟“ وقار کائنس پڇيو.
”سائين! ڳوٺاڻن ۾ بيچيني ڦھليل آھي، ماڻهو مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويٺا آھن. ھڪ تہ سندن مسئلا حل نہ ٿيا آھن، مٿان وري اعليٰ اختياري وارن ڊيم تي ماڻهن کي ھيسائڻ لاءِ فوج ۽ پوليس موڪلي آھي.“ ڪريم جذباتي ٿيندي چيو.
”ھون تہ اھا ڳالهہ آھي“ وقار جي چھري تي ڳڻتي جا آثار صاف نظر اچڻ لڳا.
”سائين ھتان جو ماڻهو سادو ۽ سٻاجهو آھي، ھن سان ويساھ گهاتي ڪن پيا، سندن وات جو گرھ کسيو ويو آھي، مٿان نہ ڪو داد نہ ڪو فرياد.“
”تون ٺيڪ ٿو چوين. ڪريم تون پاڻ کي اڪيلو نہ سمجهجانءِ ، اصولن جي ان جنگ ۾ مان تو سان گڏ آھيان، ماڻهن کي دل جاءِ ڏي تہ ان مسئلي جو ڪو حل نڪري ايندو.“
آٿت ملڻ کان پوءِ ڪريم جي چھري جو ھيڊرو رنگ واپس اميد جي رنگ ۾ تبديل ٿيڻ لڳو. نياز چانھ کڻي آيو. نياز سٺي چانھ ٺاھيندو ھو. پيئڻ واري جا ٿڪ ئي لھي ويندا ھئا.
انھن سادن سودن ماڻهن کي ٿوري ھمدردي سڪون ۾ آڻيو ڇڏي. ڪريم جي وڃڻ کان پوءِ وقار سوچ ۾ پئجي ويو. ھڪ پاسي چوٽياري جي ماڻهن ۾ بي چيني وڌي رھي ھئي تہ ٻئي پاسي اتي ڪم ڪندڙ انگريز آفيسر پريشان ھئا. سندس باس چارلس پڻ وقار کان ناراض رھڻ لڳو ھو، ڄڻ ھو ان مسئلي جو ذميوار ھجي. ڳالهہ رڳو ايتري ھئي تہ مکي موومينٽ، چوٽياري دوست تنظيم ۽ متاثرين مکي تنظيمن جا صدر ھن جا دوست ھئا. چارلس جو خيال ھو تہ ھو کين سمجهائي چوٽياري جي ماڻهن مان بيچيني ختم ڪري، جڏھن تہ وقار جون ھمدرديون اتان جي رھواسين سان ھيون. ٻئي پاسي وقار ذميوار آفيسر ھو، ان ڪري ھو ان پروجيڪٽ جي ضرورت ھو. اھي پروجيڪٽ ڪروڙين رپين جا ھئا، جن تي راشي آفيسر وڏيون سفارشون ڪرائي ۽ وڏو مال ڏيئي مقرر ٿيندا ھئا، جڏھن تہ وقار کي ايمانداري ۽ ٻاھران انگلينڊ مان ڊيمز جي تعميراتي ڪم جي سکيا وٺڻ ڪري، انگيز آفيسر ترجيح ڏيندا ھئا، پر وقار جي پنھنجي زندگي عذاب ھئي. ڪم دوران جڏھن ھو ڏسندو ھو تہ ڪامورا فنڊن ۽ شين ۾ گهوٻيون ھڻن ٿا تہ ھو کين روکيندو ھو، جنھن تي اڪثر اعليٰ اختياري وارا کائنس ناراض ٿي پوندا ھئا، ڇو تہ ھتي ننڍن آفيسرن کان مٿي تائين ڀتي خور مافيا آفيسر موجود ھئا. وقار جي ڪري گهڻن راشي آفيسرن جو سڻڀو گرھ بند ٿي ويندو ھو. ھن ملڪ کي ڪرپشن تباھ ڪيو آھي. راشي آفيسر غريب عوام جي حقن جو استحصال ڪن ٿا، مزدور کي سندس ڪم جي مناسب اجرت نہ ٿي ڏني وڃي، نہ ئي کين ڪو تحفظ حاصل آھي. غريب ماڻهو غريب ۽ بدحال ٿيندا وڃن ٿا، رڳو اميرن کي ئي جيئڻ جو حق آھي.
پرڏيھي سيڙپ ڪندڙ ڪمپنيون ۽ ھتان جا صنعتڪار ٽجوڙيون ڀرڻ ۾ لڳا پيا آھن. عام ماڻهوءَ جي معيار زندگي کي بھتر بنائڻ لاءِ ڪير بہ نہ ٿو سوچي. ھتي پورھيت جو ڪو حال ناھي، انسان جو ڪو قدر ناھي، رڳو پئسي کي مان حاصل آھي. اھي ناانصافيون ۽ حق تلفيون ڏسي وقار کي ڏک ٿئي ٿو. جيڪڏھن روينيو کاتو يا راشي آفيسر مکيءَ جي آسپاس زمينن جا پئسا نہ کائين ھا تہ اڄ اھي مسئلا ڪر نہ کڻن ھا. ماڻهو چوٽياري ڊيم ٺھڻ جي خلاف ھئا، ڇو تہ ان ڊيم جي ڪري سندن زمينون کسجي ويون. ائين اڳتي بہ کين ڊيم ٺھڻ کان پوءِ وڌيڪ زمينون سم سبب ختم ٿيڻ جو امڪان نظر اچي رھيو ھو.
پراجيڪٽ انچارج چارلس بہ اوچتو معائني تي اچي پھتو. ھن سان ڊيوڊ ۽ جوليا بہ گڏ ھئا. چارلس جو موڊ خراب ٿي لڳو. ھو ھروڀرو ٺيڪيدار کي ڌڙڪا ڏيڻ لڳو. ھڪ انجنيئر کي الڳ ڇنڊ پٽيائين. ڪم ۾ بہ ھروڀرو نقص ڪڍي رھيو ھو. وقار الڳ ھن کي کتا جواب ڏيئي رھيو ھو. پوءِ چارلس ڏٺو تہ مزدور ميڙ ڪري اچي ھن جي ڀرسان بيٺا آھن ۽ کيس گهوري رھيا آھن تہ پوءِ وڃي ڪجهہ خاموش ٿيو. خيمي ۾ بہ کيس سک نہ ھو. ٻئي طرف جوليا جي چھري تي وحشت جا آثار صاف نظر اچي رھيا ھئا. ڊيوڊ، وقار سان تازي صورتحال تي ڳالهائي رھيو ھو.
”تون ڪيئن بہ ڪري ماڻهن کي خاموش ڪراءِ“ چارلس جو لھجو تيز ھو.
”ماڻهن کي پنھنجا پئسا واپس ملڻ گهرجن.“ وقار خار مان جواب ڏنو.
”اھو اسان جو مسئلو ناھي، ماڻهو قانون سان رجوع ڪن، قائدي طور تي کين ڪا پٺڀرائي حاصل ٿي سگهي ٿي.“
چارلس کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”ماڻهن وٽ ايترو پئسو ناھي، جو روز روز عدالت ۾ وڃي سگهن. ماڻهو زمين کسجي وڃڻ ڪري معاشي طور ڪمزور ٿي ويا آھن. توھان ان ڳالهہ کي سمجهو نٿا. ماڻهن جو خيال آھي تہ کين متبادل زمينون ڏنيون وڃن. “ وقار جي ڳالهہ ٻڌي ڏيکاءَ طور چارلس مرڪي ڏنو.
”ماڻهن جو خيال مشڪل ئي حقيقت بڻجي، ڇو تہ کين پنھنجي حقن وٺڻ جو طريقو نہ ٿو اچي. ڇو تہ لٺيون کڻي ۽ پٿراءُ ڪري حق نہ وٺبا آھن.“ پوڙھي چارلس ڪٽ کائيندي چيو.
”ماڻهن جي ڳالهہ ٻڌي يا سندن مسئلن جو وقتائتو حل ڳوليو وڃي تہ اھڙي نوبت نہ اچي.“ وقار بہ ساڳي لھجي ۾ وراڻيو.
”ڏوھ ماڻهن جو آھي جو انتظاميا جي فيصلن کان بي خبر رھن ٿا.“
”ھتي ماڻهن کي ڄاڻي واڻي بي خبر رکيو وڃي ٿو، جيئن ھو پنھنجي حقن لاءِ وڙھن پيا تہ ڪامورا ناراض ٿي رھيا آھن.“ باس جي ڳالهہ ٻڌي وقار وراڻيو.
”ٽيبل ٽاڪ ٿيڻ گهرجي.“ چارلس چيو.
”ھتي اسان وٽ ٽيبل ٽاڪ جو دستور ناھي، ھتي انتظاميہ ماڻهن تي پنھنجا فيصلا مڙھي ٿي، پوءِ ماڻهو رڙيون ڪندا ۽ جارحاڻو رويو اختيار ڪندا آھن.“
وقار جي ڳالهہ ٻڌي چارلس ڪجهہ ٿڌو ٿيو.
”يار توھان وٽ سڄو مسئلو ڪرپشن جو آھي، ڪرپشن ختم ٿيڻ گهرجي.“
چارلس مسئلي جو حل ڏيندي چيو.
”چوٽياري ڊيم ٺاھڻ وقت ئي اھو فيصلو ڪرڻو ھو تہ جن ماڻهن جون زمينون متاثر ٿينديون، انهن کي پئسا ڏنا ويندا، پر ائين نہ ٿيو. وچان اسان جا آفيسر، اعليٰ اختياري وارن سان ملي ڪوڙا کاتا ٺاھي، رقم ھضم ڪري ويا ۽ سر!... اھا اڄ جي ڳالهہ ناھي، پر ھميشہ عام ماڻهوءَ سان زيادتي ٿي آھي.“ وقار جذباتي ٿي ويو.
جوليا ۽ ڊيوڊ خيمي ۾ داخل ٿيا، اڄ جوليا خوش ھئي ۽ ڊيوڊ بہ خوشگوار موڊ ۾ ھو. جوليا کي ڏسي وقار جي چھري تي مرڪ ڇائنجي وئي.
”مان ڀرت ڀريل ڪپڙا وٺڻ چاھيان ٿي.“
جوليا وقار کي چيو، پيلي ۽ ڪاري رنگ جو لباس پھريل ھوءَ ڪا پوپٽي لڳي رھي ھئي.
”ھا ضرور، اڄ ئي شام مان توھان کي بازار وٺي ھلندس.“
وقار کيس مرڪي جواب ڏنو.
”ٽينا کي سنڌي رليون بہ وڻنديون آھن.“جوليا چيو
”اھي بقار ڳوٺ مان ملي وينديون، پوءِ ائين ٿا ڪريون تہ سڀاڻي بقار ڳوٺ ٿا ھلون، رلين سان گڏ ڀرت ڀريل ڪپڙا بہ ڏسي وٺجو.“
وقار جون اکيون جوليا جي سونھن جا ڍڪ ڀريندي خاموشي جي زبان ۾ ڳالهائي رھيون ھيون ۽ جوليا اکين جي تپش محسوس ڪري ڳلن جي لالي لڪائڻ کان قاصر ھئي.
جوليا ۽ ڊيوڊ مقامي ماڻهن سان ماحوليات جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ آيا ھئا. جوليا کي ڪجهہ عورتن جا ويچار ٻڌڻا ھئا. نياز جو گهر بقار ڳوٺ ۾ ھو. چارلس سان واپس ھليو ويو، جوليا ۽ ھو ڳوٺ ڏانھن روانا ٿيا.
سج جي روشني ۾ ساوڪ جو رنگ ٽڙي پيو ھو. سياري ۾ پاڻي جي ڀرسان ٿڌي ھوا جا وھڪرا موسم کي تھائين حسين بڻائي ڇڏين ٿا. ھن خطي ۾ ھڪ مخصوص سرھي سار فضائن ۾ ترندي رھي ٿي. سج جا ڪرڻا پاڻي تي ڏياٽين جيان ٻري رھيا ھئا. پريان ھڪ بتيلو ڪنول جي گلن جي ڀرسان لنگهي رھيو ھو، جتي مھاڻا پاڻيءَ مان بھ ڪڍي رھيا ھئا.
”ھو ڪنول جا گل ڪيترا نہ خوبصورت لڳي رھيا آھن. ھي ڪنول جي گلن مان ڇا ڪڍي رھيا آھن؟“ جوليا حيران ٿي پڇيو.
”ھي ڪنول جي پاڙ مان بھ ڪڍي رھيا آھن، جيڪا سبزي طور استعمال ٿئي ٿي.“ وقار وراڻيو.
”اڇا!“ جوليا حيرت مان چيو.
ان کان علاوہ ھڪ ميوو بہ انهن گلن مان ملي ٿو، پٻڻ جي نالي سان.
”پن بڻ“ جوليا نالو اچارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سڀ کلي پيا.
”ان جو ذائقو مٺو آھي يا کٽو؟“ جوليا پڇيو.
”نہ مٺو آھي نہ کٽو آھي.“ وقار جواب ڏنو.
”حيرت آھي، ڇا ھي ميوو ھتان ملي ويندو.“
”ھا ضرور.“ وقار گاڏي روڪي ٿو، اتي ڪم ڪندڙ عورتن کان پٻڻ وٺي جوليا کي ڏئي ٿو.
”اچي تون بہ کاءُ ڊيوڊ.“ جوليا ڊيوڊ ڏانھن پٻڻ وڌائي ٿي.
”ھي ڪيئن کائبو آھي.“ جوليا وقار ڏانھن ڏسي ٿي. وقار جوليا جي ڀرسان ويٺو ھو، کيس ٻڌائڻ لڳو تہ پٻڻ ڪيئن کائبي آھي.
”ھي تہ مزيدار ٻج آھي.“ جوليا مزي سان پٻڻ کائڻ لڳي. بقار ڳوٺ، نياز جي گهر پھچي، جوليا عورتن سان ويچار ونڊيا. ڳوٺ خوبصورت ھو. ھڪ سڪون جو گھرو ڇانورو ڳوٺ جي وڻن مان ڇڻي رھيو ھو. جوليا ڳوٺ جا ماڻهو ۽ رھڻي ڪھڻي ڏسي متاثر ٿي ۽ چوڻ لڳي.
”اسان بہ ساوڪ وارا علائقا پسند ڪندا آھيون، ٻھراڙي واري پاسي ماڻهن جون زمينون ورتل آھن، فارغ وقت ۾ اتي پوک ڪندا آھن.“
”ھا انگلينڊ ۾ رھڻ دوران مون پاڻ بہ اھا ڳالهہ نوٽ ڪئي ھئي تہ اتي ماڻهو ساوڪ سان پيار ڪن ٿا، ڇو تہ ساوڪ ماڻهن کي توازن ۾ آڻي ٿي. سڄو ھفتو ماڻهو ڏينھن رات ڪم ڪن ٿا، رڳو کين موڪل جو ڏينھن ئي ملي ٿو. ان ۾ ٻوٽن ۽ ڀاڄين جي سار سنڀال لھن ٿا.“ وقار جيڪو انگلينڊ ۾ ڪجهہ عرصو پڙھي آيو ھو. ان پنھنجو خيال ظاھر ڪيو.
پر مون ڏٺو آھي تہ ھتي ماڻهو پنھنجي پوک نہ ٿا ڪن، کين باغباني جو ڪو شوق ناھي.“ جوليا جواب ڏنو.
”نہ ائين نہ آھي، کين ٻيا بہ گهڻا ڪم ڪرڻا ھوندا آھن.“ وقار مرڪي چيو.
”مون تہ ڏٺو آھي تہ ھتي ماڻهو پاڻ ڪم گهٽ ڪن ٿا، ھر گهر ۾ نوڪر چاڪر آھن.“
”فرصت بہ تہ ھڪ ڪم آھي نہ.“
”ھا ائين تہ آھي.“ جوليا کلي پئي.
”واپس ھلون.“ وقار جوليا کان پڇيو.
”ھا منھنجي خيال ۾ ھلڻ گهرجي.“
نياز ڳوٺ ۾ رھي پيو، وقار ڊرائيونگ ڪرڻ لڳو، جوليا ڀرسان ويٺي ھئي ۽ گھري سو چ ۾ ھئي.
”ڇا ٿي سوچين!“ وقار پڇيو.
”اھا ڳالهہ سوچيان ٿي تہ سنڌ جو ڪلچر ڪيڏو نہ شاندار آھي.“ اھي لفظ ٻڌي مکيءَ جا منظر اجري پيا.
***

8

ماڻهو چوٽياري ڊيم خلاف احتجاج ڪري رھيا ھئا، چارلس ھنگامي بنيادن تي گڏجاڻي ڪرڻ وارو ھو، ماڻهن ۾ تمام گهڻو جوش ھو. فوج ۽ پوليس اچي پھتي، ماڻهن کي اتان ھٽائڻ لڳي. ھنن سپاھين جي ڳالهہ ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس ڳوڙھا گئس فائر ڪئي تہ فضا دونھين سان ڀرجي وئي. ڪي ماڻهو ڊوڙندي ھڪ اھلڪار تائين پھچي ويا ۽ کيس ڌڪو ڏنائون. سندس باڊي گارڊ ماڻهن کي ڌڪ ھڻي گھليندا ويا، پوءِ تہ فوجين اچي کين ورايو، اھلڪار کي ان وقت ئي فوجي گهيري ۾ وڪوڙي ڪڍي ويا.
ماڻهو پرجوش نعرا ھڻي رھيا ھئا، کين اھلڪارن جي ڌمڪين، مڪن، لٺين جي ڪا بہ پرواھ نہ ھئي. وقار ڏٺو تہ معاملو خراب ٿيندو پيو وڃي. ھڪ فوجي کيس اندر وڃڻ جو چيو تہ ھو اندرھليو آيو.
اڄ کيس جوڻيجن جي ماڙي لاءِ فائنل رپورٽ ڏيڻي ھئي. ھن سڄو ڪم ڪري ورتو ھو. ھن ڪريم کي فون ڪئي، ڪريم بخار ۾ ورتل گهر ۾ پيو ھو.
”يار ماڻهو بي قابو ٿي رھيا آھن، تون کين سمجهاءِ، ائين مسئلو حل نہ ٿيندو، ڪيستائين پيا اھلڪارن سان وڙھندا رھندا.“
ڪريم خاموشي سان کيس ٻڌندو رھيو.
ھن بہ ڪريم جي خاموشي کي محسوس ڪري ورتو. معاملو ڪريم جي سمجهہ کان ٻاھر ھو. بلڪہ ھن موڙ تي ماڻهن کي سمجهائڻ بہ مشڪل ھو. ماڻهن ۾ بي چيني ۽ بي اطميناني، ھن پھرين ڏينھن کان محسوس ڪئي ھئي. پر ان وقت کين انصاف ملڻ جي اميد ھئي، جيڪا وقت گذرڻ سان گڏ نااميدي ۾ بدلجي وئي. جڏھن ماڻهن جي دانھن نہ ٻڌي وڃي تہ پوءِ ھو جارحيت وارو رستو اختيار ڪن ٿا. اھي ماڻهو ملي ڪو سٺو وڪيل ڪري پنھنجو ڪيس کڻي ڪورٽن ۾ ڇو نہ ٿا وڃن؟ ماڻهو ھميشہ منجهيل ۽ پريشان ڇو ٿا نظر اچن. ڪيترائي سوال وقار جي ذھن ۾ اٿندي، بنان جواب جي اڌورا رھجي ويا. توڙي جو وقار انهن آفيسرن مان ھو، جنھن سدائين ڊيم تي ڪم ڪندڙ ھر ماڻهوءَ کي اھم سمجهيو آھي. ھن سدائين مزدورن جي حقن جي پچار ڪئي ۽ کين اھميت ڏني، ڇو تہ ھن سدائين اھا ڳالهہ محسوس ڪئي ھئي تہ جيڪڏھن ڪم واري ھنڌ تي مزدور مطمئن نہ آھن تہ ڪم جو معيار بہ بھتر نہ ٿو ٿئي. معاشري جي سمورين براين جو سبب ھو دولت جي غير منصفاڻي ورڇ کي سمجهي ٿو. سرمائيدار ٽجوڙيون پيا ڀرين ۽ مزدور طبقو غريب کان غريب ترين ٿيندو پيو وڃي.
***
وقار حيدرآباد مان ٻارن کي گڏ وٺي آيو ھو، جيڪي ريسٽ ھائوس ۾ ترسيل ھئا. آفيس جي ڪم ڪار کان فارغ ٿي ريسٽ ھائوس پھتو، جتي ارسل رانديڪن سان کيڏي رھيو ھو. سندس ننڍڙي ڀيڻ عيني بہ ڀرسان گڏين سان کيڏي رھي ھئي. ارم چانھ تي سندس انتظار ڪري رھي ھئي.
”سڀاڻي ڊنر تي ھلڻو آھي، ڊيوڊ دعوت ڏني آھي.“ چانھ جو ڍڪ ڀريندي وقار ارم ڏانهن ڏسي چيو.
ارسل ۽ عيني وڙھي پيا، ارسل ڊوڙندو اچي سندس ڀرسان بيٺو.
”بابا، عيني منھنجي ڪار ڀڃي ڇڏي.“
”بابا، ارسل منھنجي گڏي ڀڃي ڇڏي.“
عيني روئڻ لڳي.
”نہ تون ڪار ڀڃين ھا ۽ نہ ئي ارسل تنھنجي گڏي جي ٻانھن ڀڃي ھا.“ وقار مرڪي چيو.
”بابا بابا گڏي جي ٻانھن ڏسو ٺھي وئي.“
ارسل ٻانھن گڏي جي ڪلهي ۾ لڳائيندي چيو.
”۽ ھي تنھنجي گاڏي جو ڦيٿو ٻيھر لڳي ويو.“ ارم گاڏي ارسل کي ڏيندي چيو.
ٻئي ٻار ٻيھر دوست بڻجي ويا.
”سڄو ڏينھن وڙھندا ۽ پرچندا رھن ٿا.“ ارم مرڪي چيو.
”ھا اھا ئي ٻارن جي دنيا جي سونھن آھي تہ ھر شيءِ جلد وساري ڇڏيندا آھن.“
”تو کي سانگهڙ ڪيئن لڳو.“ هن ارم کان پڇيو.
”سٺو شھر آھي، قديم ۽ خاموش، مون کي ھتي جي سانت وڻي ٿي.“
”ھتي جي تاريخ بہ دلچسپ آھي.“ وقار جي سوچ تاريخ جي ور وڪڙ رستن تي ڀٽڪڻ لڳي.
ڊنر ۾ وقار جڏھن خاندان سان پھتو تہ سڀ ارم ۽ ٻارن سان ملي خوش ٿيا. ارم جي گج وارو ويس سندر لڳي رھيو ھو. ھوءَ ٽينا ۽ جوليا سان ويھي رھي. ٻئي کانئس حال احوال وٺڻ لڳيون. چارلس اڃان نہ پھتو ھو، ھو شايد نہ اچي، ڇو تہ اڄ ھو وقار سان ھڪ بحث مباحثي کان پوءِ منھن خراب ڪري جلد آفيس مان ھليو ويو. بلڊ پريشر بہ وڌيل ھيس. وقار، ڊيوڊ، اسٽيو ۽ البرٽ سان ويھي رھيو. ھو جهنگلي جيوت تي ڳالهائڻ لڳا.
”ھتي جهنگلي جانور، ٻيلن جي ختم ٿيڻ سان گهٽجي ويا آھن.“ وقار چيو.
”ھتي ڪھڙا جانور اڃان بہ آھن.“ ڊيوڊ پڇيو.
”ڦاڙھو، واڳو وغيرہ ھتي گهڻا ھوندا ھئا، سنڌ ۾ ملندڙ ڦاڙھي جي نسل کي Hog dear (Axis porcinus) چيو وڃي ٿو، جنھن جو تعلق Artiodactyla جي cervidae ڪٽنب سان آھي.“
”ويري انٽريسٽنگ.“ البرٽ چيو.
”سنڌ کان سواءِ پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ ڪٿي ڦاڙھو ملي ٿو؟“ ڊيوڊ پڇيو.
”پاڪستان ۾ درياھن جي آسپاس بھاولپور، مظفر ڳڙھ، ڊيرہ غازي خان ۽ تونسا بئراج جي اردگرد ملي ٿو. سنڌ ۾ وري سنڌوءَ درياءَ جي ڪچي جي گهاٽي جهنگ، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، ڪيٽي ساھو، راڄڙي ٻيلي ۾ ملي ٿو. سمجهو تہ سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڦاڙھي جو نسل ختم ٿي چڪو آھي. باقي سانگهڙ ۽ نارا جي مکيءَ جي آس پاس ڪجهہ ڦاڙھا موجود آھن.“
وقار جي ڳالهہ ٻڌي البرٽ چيو:
شڪار تي پابندي وجهڻ گهربي ھئي.“
”ھونئن تہ بظاھر پابندي آھي پر ڪي شڪاري لڪ ڇپ ۾ اچي انهن اڻ لڀ جانورن جو شڪار ڪريو ڇڏين.“ وقار وراڻيو.
”ھتي واڳو بہ ھوندا.“ البرٽ پڇيو.
”ھتي ٻن کان ڇھ ھزار واڳون رھن ٿا. پر واڳن جو تعداد گهٽجي رھيو آھي. واڳو جي کل قيمتي ھئڻ ڪري شڪاري واڳن کي پيا ڳوليندا آھن.“
وقار جون ڳالهيون سڀ دلچسپي سان ٻڌي رھيا ھئا. ٺيڪ ان مھل چارلس فون ڪري ٻڌايو تہ ھن جي طبيعت خراب آھي، ھو نہ اچي سگهندو.
وقار ڏٺو تہ جوليا، ارم سان ويٺي ھئي، کيس ڏسي جوليا بہ مرڪي پئي، کيس لڳو تہ ارم ۽ جوليا جي دوستي ٿي وئي ھئي.
ٻاھر ھلڪي برسات پئجي رھي ھئي. خاموش ۽ بنا گجگوڙ جي، جنوري جا پڇاڙڪا ڏينھن ھئا، اترين علائقن ۾ گهڻي برفباري ٿي ھئي. اتر واءُ لڳڻ ڪري سنڌ بہ سرد ترين علائقو بڻجي پئي ھئي.
ڳاڙھي رنگ جي شرٽ ۾ جوليا بہ وقت جي ٽاريءَ تي ٽڙندڙ ڳاڙھو گلاب لڳي رھي ھئي. ھوءِ خوبصورت ۽ منفرد ھئي ۽ سڀني جي نظرن جو مرڪز بہ. ارم بہ ٿوري دير ۾ وقار جي نظرن جو ڳجهہ پرکي ورتو، ھوءَ ٿوري دير لاءِ خاموش ٿي وئي. سڀ کلي ڳالهائي رھيا ھئا. سڀ ماني کائڻ لاءِ اٿيا. ماني ۾ چائنيز، اٽالين ۽ ڪجهہ سنڌي کاڌا بہ ھئا.
ارم کي محسوس ٿيو تہ وقار، جوليا سان ھرو ڀرو ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. يا ڪو نہ ڪو ذومعني جملو ضرور چوي ٿو، جنھن سان جوليا جي چھري جو رنگ، گلابي پتين جي سرھائي ۾ بدلجي وڃي ٿو.
وقار انهن ڏينھن ۾ آفيس جي مسئلن ۾ منجهيل رھڻ لڳو. چوٽياري جي شھرين ۾ جيڪا بيچيني جي لھر ڦھليل ھئي، ان جي خاتمي جي ڪا صورت نظر نہ اچي رھي ھئي. ھڪ طرف سندس دوست ھئا تہ ٻئي طرف سندس آفيسر، وقار جي خلاف ٿي پيا ھئا. وقار بہ اصول تي سمجهوتو ڪرڻ وارو نہ ھو، ان ڪري کيس انجام جي ڪا بہ پرواھ نہ ھئي. ٻار ۽ زال گهر ۾ ھن جو انتظار ڪندا ھئا ۽ ھو مسئلن ۾ منجهي پوندو ھو. رات جو جڏھن دير سان واپس آيو تہ ٻار، ھن جو انتظار ڪري سمجهي رھيا ھئا. وقار ماني بہ نہ کاڌي ۽ ٽي وي آڏو ويھي چينل بدلائيندو رھيو.
”ڇا ڳالهہ آھي پريشان ٿا ڏسجو.“ ارم ھونئن تہ ناراض ھئي پر ھن جي خاموشي کي محسوس ڪري ھن جي ڀرسان اچي ويٺي.
”پريشان ڇو آھيو؟“ ارم پريشانيءَ مان ٻيھر پڇيو.
”ڪجهہ نہ بس ٿڪل آھيان.“ وقار بيدليءَ سان وراڻيو.
”پوءِ ھلي آرام ڪريو.“ ارم سندس اندر جو ڳجهہ پرکڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
ائين چئي ارم رڌڻي ۾ ھلي وئي. ڪم ڪار مان فارغ ٿي آئي تہ وقار بستري تي ليٽي چڪو ھو. ارم سڄي ڏينھن جي ٿڪل ھئي. بستري تي ليٽندي ئي سمھي رھي. البتہ وقار جاڳي رھيو ھو. ھن جي سوچ دور جي المين ۾ ڀٽڪڻ لڳي. ھونئن بہ تاريخ جو ڪم ڪرڻ ڪري ھو ماضي ۽ حال جي لمحن ۾ ورھايل ھو. جڏھن کان سانگهڙ آيو ھو تہ دوستن سان اڪثر ڪچھريون ٿينديون ھيس. ھو سانگهڙ جي تاريخ جي موھ ۾ وڃائجي ويندو ھو. ھڪ دؤر جي جدوجھد جو داستان ھتان جي ماڻهن جي ذھن ۽ دل ۾ ڄڻ تہ جذب ٿيل ھو. اڄ بہ علي حسن ڪي واقعا ٻڌايا ھيس، جنھن ۾ ھڪ واقعو تہ وقار جي ذھن ۾ نقش ٿي ويو. حر تحريڪ دوران جڏھن ھڪ عورت پنھنجي مڙس رحيم ھنڱوري کي ڇڏائڻ لاءِ سينٽرل جيل حيدرآباد اچي، پنھنجي ساٿين سان ملي حملو ڪيو ھو. اھا عورت جنھن جو نالو ڀاڳلي ھو. ھوءَ اٺن ۽ گهوڙن تي سوار قافلي جي رھنمائي ڪندي وڃي جيل تي پھتي ھئي. سندس مڙس کي ڦاهيءَ جو حڪم ھو، پر جيل جي ديوار تي چڙھڻ جي ڪوشش ۾ وڃي ھيٺ ڪريو ۽ زخمي ٿي پيو. مٿان پوليس بہ فائرنگ ڪئي. پوليس کيس ٻيھر وڃي کولي ۾ وڌو، سندس وني مايوس ٿي سانگهڙ موٽي. ان قيديءَ کي ڪجهہ ڏينھن ۾ ڦاھيء چاڙھيو ويو. اھو دؤر ۽ واقعو بار بار وقار جي ذھن ۾ ڦري رھيو ھو. سنڌ کي ڌارين جي ڪاھن دوران لٽيو ڦريو ويو. سنڌ جا وسيلا عربن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن لاءِ ڪشش جو سبب ھئا، جن اچي سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪيا. ھتان جو اصلوڪو رھاڪو احساس ڪمتري ۽ احساس محرومي وگهي زندگيءَ گذارڻ شروع ڪئي. ان کانپوءِ انگريزن اچي باقي ڪسر پوري ڪئي. تڏھن تہ سنڌ جي ماڻهن ۾ احساس محروم اڄ بہ موجود آھي. انگريزن جي دؤر ۾ حرن ساڻن مھاڏو اٽڪايو ۽ پنھنجي جانين جو نذرانو ڏنو.
صبح جو آفيس وڃڻ کان اڳ وقار، ارم کي چيو تہ ھو آفيس مان جلدي موٽي ايندو. اڄ ھو منصورہ جا پراڻا آثار ڏسڻ ويندا. وقار جي وڃڻ کان پوءِ ارم جلدي ڪم نبيريا. ٻارن کي تيار ڪري پاڻ بہ جلدي تيار ٿي. وقار جو انتظار ڪرڻ لڳي. ٻارنھين وڳي گاڏي اچي در تي پھتي تہ وقار کي ھوءَ تيار ملي. ٻار بہ تمام گهڻو خوش ھئا. ٻي گاڏي ۾ جوليا، البرٽ ۽ ڊيوڊ ويٺا ھئا. فيبروري جي سج آسمان تي چمڪي رھيو ھو. سانگهڙ جا رستا ساوڪ سان ڍڪيل ھئا. سج جي ڪرڻن جي روشنيءَ ۾ ٻنيون، ٻوٽا ۽ وڻ جرڪي رھيا ھئا. ٿڌي ھوا گهلي رھي ھئي. ھر طرف ٻوٽن ۽ آلي مٽي جي خوشبوءِ وکريل ھئي. وقار ڊرائيور سان ويٺو ھو. ارم پٺيان ٻارن سان ويٺي ھئي. وقار کيس خطي جي تاريخ جي باري ۾ ٻڌائي رھيو ھو. ٻار ٻڪرين، اٺن ۽ مينھن کي ڏسي خوش ٿي رھيا ھئا.
بناوٽ کان وانجهيل اھا فطري زندگي ھئي. ان ماحول ۾ ھوا بہ گدلاڻ کان پاڪ ھئي. ھڪ شفاف ۽ اجرو احساس ھر منظر تي ڇانيل ھو. ھڪ وڻندڙ خاموشي، جيڪا ٻھراڙي جي زندگيءَ جو اھم حصو آھي.
برھمڻ آباد جا قديم کنڊر جيڪي ھو ڏسڻ وڃي رھيا ھئا، سانگهڙ ضلعي جي سنجهوري تعلقي ۾ شھدادپور کان اٺ ميل اوڀر طرف چئن ميلن جي ايراضي ۾ پکڙيل آھن. ”پنجين صدي قبل مسيح ۾ اھو شھر ايران جي بادشاھہ اردشير ٺھرايو ھو.“ وقار، ارم کي تاريخ جي ڄاڻ ڏيندي چيو.
”پھريان ھي شھر سندس نالي پٺيان ’بھمت آباد‘ سڏيو ويو پر پوءِ برھمڻ راڄ ۾ ’برھمڻ آباد‘ مشھور ٿيو.“
منصورہ جي آثارن وٽ پھچي البرٽ، جوليا، ٽينا، اسٽيو ۽ ڊيوڊ بہ وقار ۽ ارم سان اچي مليا. ارسل ۽ عيني بہ جاگرز ۽ ڪيپ ۾ آرڪيالاجسٽ لڳي رھيا ھئا، وقار اڄ سندن گائيڊ ھو. جوليا پيلي رنگ جي شرٽ ۽ ناسي جينز ۾ سورج مکي جو گل لڳي رھي ھئي.
”زبردست کنڊرات آھن.“ ڊيوڊ غور سان چوڌاري ڏسندي چيو.
”ھي شھر تباھ ڪيئن ٿيو؟“ جوليا، وقار جي ڀرسان ھلڻ لڳي.
”يارھين صدي ڌاري، درياھ جي رخ ڦرڻ ڪري اھو شاندار شھر ڦٽي نيست و نابود ٿي ويو. سورھن سؤ سالن جي عظمت جي تاريخ ھن شھر سان وابستہ آھي. چچ جي زماني ۾ ڇھين صديءَ ڌاري ھن شھر جا جيڪي کنڊرات توھان ڏسي رھيا آھيو. لوھاڻي پرڳڻي جي گادي جو ھنڌ ھو، جنھن جي حڪومت ۾ سنڌ جو سڄو ڏاکڻو حصو شامل ھو. سومرن جي دؤر تائين ھي شھر، سنڌ جي علم، واپار ۽ سياست جو مرڪز ۽ سنڌ جي قومي ڪردار جو علمبردار ھو.“
”ھا واقعي کنڊرن مان لڳي پيو تہ ھي شھر ماضيءَ ۾ وڏي حيثيت جو حامل ھوندو.“ البرٽ چيو.
”عربن اچي ھن علائقي کي منصورہ جو نالو ڏنو.“ وقار سندس معلومات ۾ اضافو ڪندي چيو.
برھمڻ آباد جي چؤگرد باقي بچيل قلعي ۾ گهمندي ماضي جي قديم ھڳاءَ کي محسوس ڪرڻ لڳا. سڄو شھر قلعي اندر آباد ھو. ھي قلعو ناقابل تسخير ھو، جنھن تي قبضي ڪرڻ لاءِ چچ، راجا ڏاھر ۽ محمد بن قاسم کي ۽ ان بعد بنو اميہ ۽ بنو عباس جي سمورن گورنرن کي مشڪلاتون ڏسڻيون پيون.
وقار قلعي بابت ڄاڻ ڏيئي رھيو ھو.
ماضيءَ جا پيرا کڻڻ عجيب فن آھي. ھر شيءَ فنا ڏانهن سفر ڪري رھي آھي. وقت سمورا نشان مٽائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر پوءِ بہ ڪيتريون ئي نشانيون رھجي وينديون آھن. ڪي ڊٺل ڀتيون آھن. مٽيءَ جو فقط ڍير آھي. وقت جي واري نہ ڄاڻ تہ ڪيترين ئي تھذيبن کي لٽي ڇڏيو آھي. وقت سان گڏ شاندار عمارتون ۽ رھڻي ڪھڻي ختم ٿيو وڃي، پر رڳو چند نشان رھجي وڃن ٿا، جن جي رخ تي تاريخ سفر ڪري ٿي. ارم سوچي رھي ھئي. کيس سنڌ جي پراڻن ماڳن ۽ آثار قديمہ سان دلچسپي ھئي. ھوءَ ماضيءَ جي ڇڪ کي پنھنجي اندر ۾ محسوس ڪرڻ لڳي. ھوءَ پنھنجي ماضي ۽ ثقافتي ورثي سان پيار ڪري ٿي. سنڌ ڌرتي جي باري ۾ اڃان وڌيڪ ڄاڻڻ چاھي ٿي. ھڪ پراسر زمين، جنھن جي باري ۾ حال ۾ رھندڙ ماڻهو گهٽ ڄاڻين ٿا.
ماڻهن جي اڻڄاڻائي جو ڏک ساھ ۾ سانڍي ھيءَ ڌرتي ھوريان ھوريان ساھ کڻي رھي آھي.
”برھمڻ آباد جا کنڊر پھريون ڀيرو مسٽر بيلاسس 1854ع ۾ ڳوليا ھئا، چيو وڃي ٿو تہ کوٽائي دوران ڪيترا عاج مان ٺھيل مجسما مليا، جن ۾ ھڪ عورت جو مجسمو ھو، جنھن جي ھٿ ۾ ڪنول جو گل ھو.“ وقار معلومات ۾ اضافو ڪندي چيو.
ٻار بہ ڏاڍا خوش ھئا، کين ننڍڙيون ٺڪريون ھٿ آيون ھيون.
”مان اسڪول ۾ دوستن کي ڏيکاريندس.“ ارسل ٺڪريون سنڀالي کيسي ۾ رکيون.
”ھڪ ٺڪري مون کي ڏي مان بہ پنھنجي سھيلين کي ڏيکارينديس.“ عيني چيو.
”نہ تون پاڻ ڳول ڇو تہ ھي مون ڳوليون آھن.“
ارسل جي انڪار تي ھوءَ روئي پئي.
جوليا ڪجهہ ٺڪريون ۽ پٿر ميڙي اچي عيني کي ڏنا.
”اچي شاباس نہ رو، تون ھي وٺ.“
ننڍا ننڍا پٿر ۽ ٺڪريون عيني پنھنجي کيسي ۾ رکي مرڪي پئي.
”ٻارن جي پنھنجي عجيب دنيا آھي، نہ کين ماضيءَ جو پروڙ آھي ۽ نہ ئي مستقبل جو اُونو.“ جوليا، ارم ڏانھن ڏسي مرڪي چيو.
”ھا ٻار خوبصورت ٿين ٿا.“ ارم جي چھري تي مامتا جي روشني وکري وئي.
برھمڻ آباد جا آثار ميلن ۾ ڦھليل آھن. قافلو انهن کنڊرن جي درميان ڀٽڪندي ٿڪجي پيو ھو. لھندڙ سج جي روشني ۾ برھمڻ آباد ڪنھن پراسرار جادو نگري جيان لڳي رھيو ھو. سڀئي واپس جي سفر ڏانھن اسھيا.ارم ڪجهہ چپ ھئي. واپس ھلندي جوليا کيس چيو.
”ارم توھان جو لباس خوبصورت اھي، ڪٿان ورتو؟“
”ھي ٻانڌڻو، کپري جو آھي.“ ارم وڏي رئي لاءِ چيو، جيڪو کيس پھريل ھو.
”اڇا!“ جوليا جون اکيون حيرت مان ڪشاديون ٿي ويون.
”ھي ڀرت لاڙڪاڻي جو آھي، جڏھن تہ سوٽ مون ھالا مان ورتو ھو.“
”ڏاڍو خوبصورت لباس آھي.“ جوليا چيو.
واپس ويندي جوليا جو جملو سڄي واٽ سندس ذھن ۾ رھيو.
”توھان خوش نصيب ماڻهو آھيو، جو توھان وٽ موھن جي دڙي جھڙو پراڻو تھذيبي ورثو آھي. پنج ھزار سالن جي طاقت جنھن قوم وٽ ھجي، اھا ذھني جسماني ۽ روحاني طور تي ڪيتري نہ سگهاري ھوندي!“
ارم اھو جملو سوچيندي رھي ۽ سنڌ جي المين تي اداس ٿي وئي. سڀ کان وڏو الميو اھو آھي تہ سنڌ جو ماڻهو پنھنجي تھذيبي ورثي جي طاقت کان محروم آھي، ھو پنھنجي اندر پنجن ھزار سالن جي طاقت کي محسوس ڪري نہ سگهيو آھي. سج پنھنجا سونھري ڪرڻا ڌرتي تي ورھائي افق جي ٻئي پار لھي ويو ۽ ھر طرف ننڍاکڙي اونداھي وکري وئي.
***

9

مکي ڪڏھن ھڪ گهاٽو جهنگ ھئي. جهنگلي جيوت جي پناھ گاھ بڻيل. ھتي جا وڻ لئي، ٻٻر، بھڻ، ڪنڊي، کٻڙ اڄ بہ ڇانوَ ڪري بيٺا آھن. ھي ھڪ من موھيندڙ خوبصورت وادي آھي. وڻن جي ڇانورن ۾ نديون ۽ ڍنڍون حسين منظر پيش ڪن ٿيون. وقار آسمان ڏانھن ڏٺو، جتي فش ايگل جو جوڙو اڏري رھيو ھو. ھن جوڻيجن جي ماڙي بچائڻ لاءِ پنھنجيون تجويزون ۽ گهربل خرچ انگلينڊ جي ماحوليات جي ماھرن کي موڪلي ڇڏيون ھيون. سندن جواب جو انتظار ڪري رھيو ھو. ھن وقت وقار دوستن سان جوڻيجن جي ماڙيءَ تي آيل ھو. نيري آسمان تي ھلڪا سفيد بادل تري رھيا آھن. ھو ھڪڙي ننڍڙي ڊاڪيومينٽري تيار ڪرڻ لاءِ آيو آھي. جيڪا ھو جلد انگلينڊ موڪليندو.
مکي ڍنڍ جي لھرن ۾ رواني آھي. وقار کي مکي ڍنڍ پسند ھئي. سانگهڙ جي ڀرپاسي ۾ ٻيون بہ ڍنڍون آھن، جيڪي چوٽياري کان ٿرپارڪر، نوابشاھ، خيرپور ضلعي کان ٿيندي جمڙائو منڍ جو پاسو ڏيئي ٿر تائين ڦھليل آھن، جنھن ۾ ھٿونگو ۾ ڪاڪاھو ڍنڍ بہ شامل آھي. مکي جي ڪري سانگهڙ جو علائقو سائو ستابو ۽ مڇي جي ڪري پاڻ ڀرو آھي.
سياري جي سج جا ڪرڻا مکي جي لھرن تي رقص ڪري رھيا آھن، ھوا فطري خوشبوءِ سان ڀريل ھئي. تھائين پاڻيءَ جي خوشبوءِ ملي ماحول ۾ ھڪ عجيب نشو ڀري ٿي ڇڏيائين.
ھڪ عجيب سحر آھي، مکيءَ جي ماحول ۾، احساس مکڙي بڻجي ٽڙي پوي ٿو.
آسمان تي سپي اڏامندي پرڙا ھڻي رھي آھي. ڪوڏ ڪٿي نظر نہ آيو. ٿورو پرڀرو اڏامي ويو ھوندو. ھنن پکين جي جوڙيءَ ڪڏھن سوچيو بہ نہ ھوندو تہ زمين تي رھندڙ ڪجهہ انسان ھنن لاءِ ڪيترا پريشان آھن. پر ھتي انسان کي پاڻ جھڙن ٻين انسانن جو فڪر ناھي.
انسان انسان کان غافل آھي، ھتي.
پر پکين جي مختلف دنيا آھي، ھنن وٽ سمجهہ آھي، پر احساس ناھي. انسانن کي احساس ستائيندو آھي. احساس جا ٻئي پھلو کين تنگ ٿا ڪن، ھڪ منفي آھي ۽ ٻيو مثبت.
منفي پھلو نفرت، بدلي جي خواھش سان ڀرپور آھي. انسان وٽ مثبت رخ گهٽ آھي.
ياد انسان جي احساس کي گهايل ڪري ٿي. پکي ڏک وساري ڇڏيندا آھن.
ھو شعور ۾ متحرڪ ٿين ٿا، لاشعور ھنن وٽ ناھي.
ڪيڏي عجيب ڳالهہ آھي. وقار مٿي ڏٺو. ھاڻي ڪوڏ بہ سپي جي ڀرسان ڏامي رھيو آھي. ٻنهي جي پرن ۾ ھڪ عجيب مستي ڀريل آھي. آزادي جي ھڪ وڻندڙ احساس سمويل ھو ان اڏار ۾. وقار کي ھنن جي اڏامڻ جي سگهہ تي ريس ٿي. پکي مٿي آسمانن تي اڏامن ٿا. زمين جو پورو منظر ڏسي رھيا آھن.
ھن جي دل ۾ بي اختيار پکين لاءِ محبت جو سمنڊ ڇلڻ لڳو.
ھي پکي خوبصورت آھن. ھڪ اوپري زمين کي پنھنجو گهر سمجهي رھيا پيا آھن.
پر انسان مختلف آھن.ھو حدبندين جا قائل آھن. ذھني تفريق ۾ ورھايل آھن. ھنن جي ذھنن ۾ پرديسي ھجڻ جو احساس سمايل آھي، ھو ديس کان پري وڃي خوش نہ ٿا رھي سگهن.
پر پکي مختلف آھن، سڄي دنيا کي پنھنجو ديس سمجهن ٿا، تڏھن ھي سائبريا مان ھتي ڪھي آيا آھن. ڪيڏا خوش آھن ھن ڌرتيءَ تي، انسان ھجن ھا تہ زمين جي ٽڪري تي قبضي لاءِ سوچين ھا!
وقار ڪڏھن بہ پکين کي غور سان نہ ڏٺو ھو. سانگهڙ جي جهنگلي جيوت تي ھو مستقل ڪم ڪندو رھيو، جڏھن سانگهڙ جي ڍنڍن ۽ دريائن ۾ موجود واڳن تي يا چراھ گاھن ۾ ڦاڙھي ۽ ٻين جانورن تي کيس معلومات ملندي رھي ھئي. کيس پکين جي باري ۾ بہ ڄاڻ ھئي، پر ھن ڪڏھن بہ ائين پکين کي غورسان ڏٺو يا محسوس نہ ڪيو ھو. پکين کي ڏسندي رھڻ سان ھن جي آشنائي آسمان جي دنيا سان ٿي. آسمان وٽ ھڪ عجيب دنيا آھي. خوابن ۽ طلسماتي سحر ۾ وڪوڙيل!
ننڍپڻ ۾ ھو گهر جي اڱڻ تي سمهي، اُن دنيا کي دير تائين ڏسندو ھو، سندس سوچ ستارن جي وچ ۾ ڀٽڪندي ھئي، تہ ڪڏھن ھو دير تائين بادلن ۾ شڪليون ڳولي خوش ٿيندو ھو. انهن بادلن ۾ کيس آسماني بلائون پڻ نظر اينديون ھيون، جڏھن آسماني بجلي ڪڙڪندي ھئي تہ کيس لڳندو ھو، آسماني بلا جون اکيون قھر وسائي رھيون آھن...
ھو تصور جي ھڪ انوکي دنيا ۾ ورھائجي ويندو ھو. آسمان تي بھار جا رنگ وکڙيل ھوندا ھئا. ھر موسم ۾ آسمان جا مختلف رنگ ھوندا ھئا، جڏھن وڏو ٿيندو ويو آسمان جي دنيا کان پري ٿيندو ويو. زمين جي ڪشش ۾ گم ٿيندو ويو ۽ آسمان جون وسعتون ھن جي ذھن ۾ باقي نہ رھيون. زمين جي مسئلن ۾ سندس سوچ ورھائجي وئي.
ھاڻ سالن پڄاڻان ٻيھر آسمان جا رنگ ھن جي اکين ۾ جيئرا ٿي پيا آھن. انهن رنگن جي پس منظر ۾ ٻہ پرديسي پکي کيس پنھنجي ذھن ۽ دل جي ويجهو ايندي محسوس ٿين ٿا. انهن جي پرن کي حيرت سان ڏسي ٿو. جيڪي نرم ۽ ڪشادا آھن. پکين جا اھي کنڀ ھوائن جا دوست آھن. وڻن جي پنن جيان.
فش ايگل جو ھر لمحو ڪئميرا ۾ قيد ڪندو رهيو.
مکي جي لھرن ۾ عجيب سرھائي ترندي محسوس ڪيائين. ڪڏھن ھوا جي تيز جهوٽي تي سج ڪرڻا ڪرڻا ٿي وکري وڃي ٿو لھرن تي.
ان پل جهنگلي ٻوٽن جو ھڪ گھرو وھڪرو ساھن ۾ سمائجي وڃي ٿو. سپي جا مٺڙا ميڪاٽ فضائن ۾ گونجڻ لڳا.
”عجيب پکي آھي.“ جهنگلي جيوت ۽ ماحوليات تي ڪم ڪندڙ سارنگ آسمان ڏانهن نھاريندي چيو.
”آسمان جو بادشاھ آھي، فضائون سندس تابع آھن.“ وقار جواب ڏنو.
”ھا بلڪل ائين ئي آھي، ڪيڏي سڪون ۾ پرواز ڪري ٿو، بنا پرن چورڻ جي.“
وقار اڀ ڏانھن نھاريو، جتي ٻئي پکي نيري آسمان جي پس منظر ۾ ڏسي رھيا آھن.
”ھتي ٻيا باز، بحري، چرخ، تمڪڻ، وارڙيو، پيلو، ڪوئلو، جوارو بہ اچن ٿا، پر ڪڙل ھتي اچي ٿو تہ مکي جا ماڻهو خوش ٿين ٿا تہ ھاڻي مٿان جبلن تي برف رجي آھي، جنھن ڪري درياھ ۽ ڍنڍون پاڻيءَ سان ڀرجي وينديون.“ سارنگ چيو.
”ان جو مطلب تہ اھو فش ايگل خوشحالي جي علامت بڻجي سنڌ ڏانهن رخ ڪري ٿو.“ علي حسن چيو.
”پکي امن ۽ خوشحالي جا پيامبرآھن، سنڌ جي موسم کين ڇڪي وٺي اچي ٿي.“ وقار وراڻيو.
”ڪڙل جا ٻچا وڏي ٿيڻ ۾ اڃا ڪيترو وقت لائيندا.“ سارنگ وقار کان پڇيو.
”ٻئي پکي آنن تي اٽڪل اڻونجاھ ڏينھن تائين آرو ڪن ٿا. اھي ٻچا ٽيھ چاليھ ڏينھن بعد اڏامڻ جي لائق ٿي ويندا آھن. منھنجي خيال ۾ ھاڻ ٻچا اڏامڻ جھڙا ٿي ويا آھن، ڏينھن ٻن ۾ ڪڙل سان گڏ اڏامندا.“
وقار ائين چئي ڪئيمرا کي اسٽينڊ تان لاھي ٿيلهي ۾ بند ڪري ھڪ پاسي رکيو ۽ سامهون ڪرسين تي اچي ويٺو.
علي حسن ۽ ڪريم بہ اچي سندس ڀر ۾ ويٺا. نياز چانھہ جا مگ ڀري کين ڏنا.
ٿڌي فرحت بخش ھوا لڳي رھي آھي، ھو سمورا دوست چانھہ پيئندا ۽ ڪچھري ڪندا رھيا. تاريخ، جهنگلي جيوت ۽ موجودہ سانگهڙ جي صورتحال تي ڳالهائيندا رھيا. آفيسر، وقار سان ڪاوڙيل ھئا، پر ھو بہ ڪنھن طرح سان جهڪڻ لاءِ تيار نہ ھو. ھن بہ گهڻي ڪوشش ڪئي تہ حقدارن کي پئسا واپس ملن. ائين اھو معاملو نبري وڃي پر اعليٰ اختياري وارا ٻڌڻ کان نابري واري بيٺا ھئا. ھونئن بہ اھڙن معاملن ۾ ڪامورن جو پلڙو ڀاري رھندو آھي ۽ عوام ھميشہ جيان ھار کي مقدر سمجهي ھٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندو آھي. وقار کي محسوس ٿي رھيو ھو تہ ڪا غلط ڳالهہ ٿيڻ واري آھي. ھن اھلڪارن سان گڏ آيل سياسي ماڻهن تي لاٺي چارج ۽ ڳوڙھا گئس جي استعمال تي چارلس سان مھاڏو اٽڪايو ھو.
چارلس ڪڇي نہ سگهيو، البتہ ھن جي قھر ڀريل اکين مان کيس پروڙ پئجي وئي تہ ھاڻ ھو کيس گهڻا ڏينھن برداشت نہ ڪندو.
چارلس ڪجهہ عرصي لاءِ موڪل تي ھليو ويو. ھن جي جاءِ تي ٻئي پراجيڪٽ انچارج اظھر احمد چارج ورتي، جنھن جو تعلق ڪراچي سان ھو. ٻئي ڏينھن جڏھن وقار کي حيدرآباد بدلي جو آرڊر ھٿ ۾ مليو تہ وقار کي ڪا بہ حيرت نہ ٿي پر کيس اڳواٽ خبر پئجي وئي ھئي تہ آفيسر ساڻس ڪھڙو ورتاءُ ڪرڻ وارا آھن. ھو بہ بنا بحث ڪرڻ جي آفيس مان موٽي ھاسٽل اچي حيدرآباد وڃڻ لاءِ سامان سھيڙڻ لڳو. ٿوري دير ۾ دوستن جا کيس فون اچڻ لڳا. ھو سڀ ڪاوڙ ۾ ھئا، وقار مرڪي کين سمجهائيندو رھيو. جيئن ئي سامان گڏ ڪري ٻاھر وڃڻ جو سوچي رھيو ھو تہ علي حسن، ڪريم ۽ سارنگ اچي نڪتا. ڪريم جو منھن لٿل ھو. علي حسن ۽ سارنگ اداس ھئا، پر وقار کلي رھيو ھو. کين سمجهائي ۽ دلاسا ڏيئي رھيو ھو.
”اسان ڀرپور احتجاج ڪنداسين، بلڪہ سڀاڻي کان اخبارن ۾ لکنداسين، جيستائين ھو توھان کي ٻيھر واپس نہ ٿا آڻين. ان وقت تائين اسان جي جدوجھد جاري رھندين.“ ڪريم جي اکين ۾ لڙڪ ھئا.
”ھا سائين اھا وڏي زيادتي آھي، ان خلاف آواز بلند ڪرڻ کپي.“ سارنگ جوش سان چيو.
”مون کي خبر ٻڌي سخت صدمو رسيو آھي، توھان جا آفيسر ايتري بي حسي جو مظاھرو ڪندا، اھو منھنجي گمان ۾ بہ نہ ھو.“ علي حسن نراسائي سان چيو.
”في الحال مان حيدرآباد لاءِ نڪران پيو، پر ھتان جي مسڪين ماڻهن کي حق ڏيارڻ لاءِ مان پنھنجون ڪوششون جاري رکندس.“ ائين چئي دوستن سان موڪلائي ھاسٽل مان ٻاھر نڪتو. گاڏي ۾ ويھي ھو سندس اداس چھرن تي الوداعي نظر نہ وجهي سگهيو. گاڏي، ھاسٽل جي در مان ٻاھر نڪتي تہ ھن ٿڌو ساھ ڀري ڪيسٽ آن ڪئي. محمد جمن جو خوبصورت آواز ھن جي ٿڪل احساس کي لولي ڏيڻ لڳو. ھن جي تصور ۾ فشل ايگل جو جوڙو اچي ويو، تصور ۾ کين آسمان ۾ اڏامندي محسوس ڪرڻ لڳو.
ھو انهن پکين جو عادي ٿي ويو ھو. ھڪ عجيب انسيت محسوس ڪرڻ لڳو ھو انهن پرديسي پکين لاءِ، جيڪي ھن جي زندگيءَ جو اھم حصو بڻجي ويا ھئا، جن کي بچائڻ جي مھم ڄڻ تہ سندس زندگيءَ جو اولين مقصد ھئي. توڙي جو کيس دوستن سان جدائي جو ڏک ھو پر ھڪ وڻندڙ احساس بہ سندس من ۾ ھري رھيو ھو تہ ھو ٻارن ۽ ارم سان ھڪ سٺو وقت گذاري سگهندو.
ارسل ۽ عيني حيدرآباد ۾ ھن جو انتظار ڪري رھيا ھئا.
گهر پھتو تہ شام ٿي چڪي ھئي، ٻار کيس وڪوڙي ويا. وھنجي سھنجي ڊرائنگ روم ۾ ٻارڙن سان اچي ويٺو. ارسل کيس پنھنجي ڊرائنگ ڏيکاريندي چيو.
”ھي ڏسو پپا مون اسڪول لاءِ تصوير ٺاھي آھي.“
”اھو ھڪ خوبصورت نظارو ھو. درياھ ۾ ٻيڙي تري رھي ھئي، سج لھي رھيو ھو، آسمان تي پکي نظر پئي آھيا، ٻيڙي ۾ ٻار ويٺو ھو، جنھن جي ھٿ ۾ مڇي ھئي.“ وقار کي تصوير ڏسي کل اچي وئي.
”ھن ٻار مڇي ڪيئن پڪڙي آھي؟“ سوال ٻڌي ارسل مرڪي چيو.
”ھي مڇي ٻيڙي جي ڀرسان تري رھي ھئي، ٻار پاڻيءَ ۾ ھٿ وجهي مڇي پڪڙي آھي.“
ارسل جي معصوميت تي خوش ٿيندي وقار چيو.
”پر مڇي تہ چالاڪ ٿئي ٿي، ائين ڪيئن پڪڙ ۾ ايندي.“
”ٻار بہ تہ چالاڪ آھن، پپا.“
ارسل جي ھوشياري تي وقار ٽھڪ ڏيئي کلي پيو.
ھڪ تصوير عيني جي ھٿ ۾ ھئي، ”پپا ھي مون ٻڪري ٺاھي آھي. “
”واھ! ڪيڏي نہ خوبصورت تصوير ٺاھي آھي، منھنجي ڌيءَ.“
وقار غور سان تصوير کي ڏسڻ لڳو، جيڪي ٻاراڻي تصور جو خوبصورت اظھار ھيون. ٻار ٻاھر نڪري ويا تہ ھو سوچ جي گهرائي ۾ وڃائجي ويو. ھن جي تصور ۾ فشل ايگل، سانگهڙ جا مسڪين ماڻهو، چوٽياري تي ڪم ڪندڙ مزدور ۽ دوست اچي ويا. ھڪ عجيب ڏک کيس محسوس ٿي رھيو ھو. ان ڏس ۾ پنھنجي نقصان کان وڌيڪ ٻين جي نقصان ٿيڻ جو انديشو ھو. هن سدائين سنڌ جي عام ماڻهن جي فائدي جي ڳالهہ ڪئي، سندس ڏک ۽ سور ٻڌا ۽ کين حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ھن کي گهر ۾ الائي ڪيترا ڏينھن گذارڻا پوندا، پر ھن ارم کي ٻڌايو ھو تہ ھو ڪجهہ ڏينھن جي موڪل وٺي آيو آھي. ھو واپڊا ڪالوني جي فليٽ ۾ رھائش پذير ھو. سامهون دريءَ مان يوڪلپٽس جا وڻ ھوائن جي آڌار تي جهومي رھيا آھن. ھڪ اداسي کيس پنھنجي ذھن ۾ لھندي محسوس ٿي، بي يقيني جو تاريڪ پاڇو ھو، جنھن ۾ ھو سڄي سنڌ کي ڌنڌلو ڏسي رھيو ھو.
زندگي تيزي سان رنگ بدلائي ٿي. وقت جو ھر لمحو بدلجي وڃي ٿو، موجود لمحا بہ ماضيءَ جو کاڄ بڻجي ويندا. ھر شيءِ بدلجي ويندي. ماضي تاريخ جو حصو بڻجي وڃي ٿو. ائين حال ماضيءَ کان بي خبر آھي. حال رڳو مستقبل جو پيڇو ڪندو رھي ٿو.
وقت ساڳيو نہ ٿو رھي، پر ذھن ساڳيا ئي رھن ٿا. ذھني ارتقا جو سفر سست آھي. ان ڪري ھزارين سالن جي تھذيب جون وارث قومون بہ دنيا جي ڊوڙ ۾ پوئتي رھجي وڃن ٿيون. ماڻهو مادي ضرورتن جي پورائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رھيا آھن. ذھن ۽ روحاني خال تھائين وڌي رھيو آھي، پر ذھن ۽ روح جي ويڇي کي ڪير بہ سمجهڻ لاءِ تيار ناھي. فقط جسم جي ضرورت جي حاصلات لاءِ ماڻهو واجهائي رھيا آھن.
ائين ڪيتريون ئي تھذيبون آيون ۽ اڻڄاڻائيءَ جي ڪُنَ ۾ لڙھي ويون.
انسان کي اندر جي سگهہ ڪردار جي مھانتا عطا ڪري ٿي ۽ ھو تاريخ جي صفحن ۾ امر ٿي وڃي ٿو.
انسان کي مقصد جي سچائي جياري ٿي. پر مقصد سان سچو ماڻهو پنھنجي دؤر ۾ ڏکي زندگي گذاري ٿو. ھڪ اھڙي زندگي، جيڪا ڏکن ۽ تڪليفن سان ڀريل رھي ٿي، حيدرآباد ۾ جنھن آفيس ۾ ھو ڪم ڪرڻ لڳو ھو. اتي رڳو لکپڙھ جو ڪم ھو. چوٽياري تي ٿيندڙ ڪم اڌ ۾ ڇڏي آيو ھو، انڪري اڃا اھي معاملا ذھن ۾ ڦري رھيا ھيس.
سارنگ جو فون تي آواز ٻڌي ھو دلگير ٿي لڳو.
”سائين! ڊيم تي ڪم ڪندڙ ھر ماڻهو توھان کي ٿو ياد ڪري. ھر زبان تي توھان جو نالو آھي ۽ اکين ۾ توھان جي ڳولا.“
”تون پريشان نہ ٿي سارنگ! آفيسرز کي جلد ئي اندازو ٿي ويندو تہ ھنن ضد ۾ اچي ھڪ غلط فيصلو ڪيو آھي.“ هن وراڻيو. سارنگ دير تائين ساڻس ڳالهائيندو رھيو.
سارنگ، سانگهڙ جي وڻن ۽ جهنگلي جيوت تي ڪم ڪري رھيو ھو. اڪثر وقار کان بہ رھنمائي وٺندو ھو. وقار جي دل چيو تہ ھو کائنس سپي ۽ ڪوڏ جي باري پڇي.
پر دل جي ڳالهہ دل ۾ رھجي ويس. اھا بہ ڪا پڇڻ جي ڳالهہ آھي؟ ھو پکي آھن، آزاد فضا ۾ خوش ھوندا، پکي بہ ٻارن جيان حال ۾ جيئندا آھن.
ڪم ڪارين کان فارغ ٿي سمهڻ لاءِ ليٽيو تہ بي اختيار سوچڻ لڳو. ڇا جوليا بہ کيس ياد ڪندي ھوندي!.
وقار حيدرآباد آفيس ۾ ويٺو تہ پٽيوالي اچي چيو تہ ”سائين! ڪير اوھان سان ملڻ آيو آھي سانگهڙ مان.“
”ھا بابا موڪلينس.“
ڪريم اندر آيو تہ وقار اٿي ساڻس مليو. ڪريم ساڻس ڀاڪر پائي ڄڻ تہ روئي پيو ھجي. لڙڪ لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ٿي ڪيائين. پر دل جو حال لڙڪن چئي ڇڏيو. وقار سندس ھٿ جهلي زور ڏيندي چيو.
”تون فڪر نہ ڪر ڪريم اھي ڏينھن گذري ويندا.“
ڪريم کي ويھاري چانھ وغيرہ پياريائين، پوءِ کيس محسوس ٿيو تہ ڪريم ھاڻ ڪجهہ بھتر لڳي رھيو آھي.
”ماڻهن ۽ ڊيم انتظاميا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي. توھان جي ڪري ماڻهو ڳالهہ سمجهي وٺندا ھئا. ھاڻي ڪو ھنگامو ٿيندو آھي تہ ڪا بہ ڌر ڳالهين لاءِ تيار نہ ٿيندي آھي.“
”ھا ڪريم! تون ٺيڪ ٿو چوي، ماڻهن کي سمجهي ھلجي تہ ھو مسئلا پيدا نہ ڪندا آھن.“
”سائين فوج حڪومت ۽ اعليٰ اختياري وارا عوام سان سختي سان پيش اچن ٿا. ڪير ڪنھن جي ڳالهہ ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي. ان ڪري ماڻهن ۾ بغاوت پيدا ٿي آھي.“
”اھي معاملا جهيڙي سان ڪڏھن بہ نبري نہ ٿا سگهن. فقط ڳالهين ذريعي ڪو حل نڪري سگهي ٿو.“
”چارلس جي وڃڻ کان پوءِ سائين جيڪو نئون پراجيڪٽ انچارج آيو آھي، اھو تہ ڪا ڳالهہ نہ ٿو سمجهي. ھو ڪوشش ڪري ماڻهو جيل ۾ بند ڪرائي ٿو ڇڏي. سندس ورتاءُ مقامي ماڻهن سان گهڻو سخت آھي.“
”ھون.“ وقار گھري سوچ ۾ ھو. انگريز ماڻهو وري بہ اڻ ڌريو رھي ڪم ڪن ٿا، پر ھاڻ ھن ڏٺو ھو تہ لساني بنيادن تي بہ فرق وڌڻ لڳو ھو. سماج طبقاتي فرق جو شڪار تہ اڳي ھو، پر ھاڻي ڪجهہ عرصي کان لساني ۽ مذھبي بنيادن تي نفرت وڌي وئي ھئي. ھي ملڪ سڀني لاءِ آھي، ھتي مندر، مسجد ۽ گرجائون محفوظ آھن. توھان آزاد ملڪ جا آزاد شھري آھيو. پنھنجي عبادت گاھن ۾ بنا فرق جي عبادت ڪريو.
سمورا انسان برابر آھن، پر ائين ٿي نہ سگهيو، ڇو تہ رجعت پرست، لالچي ٽولن جلد ئي ھن ملڪ جي نظريي کي پنھنجي منافق سوچ سان کاٽ ھڻڻ شروع ڪيو.
”سائين ماڻهن جا پئسا تہ ٻڏي ويا ھاڻ شھري انتظاميا بہ اچي سندن سرن ۽ ساک جي ڪڍ پئي آھي.“
”واقعي ڏکي صورتحال آھي پر مان پراميد آھيان، جلد ڪو نہ ڪو حق ملي پوندو.“
ھن محسوس ڪيو تہ ڪريم جڏھن ڪمري ۾ داخل ٿيو ھو تہ سندس چھري تي بي چيني ۽ اکين ۾ خوف ڀريل ھو، پر ٿوري دير ۾ ھن جو چھرو گلاب جي گل جيان ٻھڪڻ لڳو. ٿوري پنھنجائپ ۽ ڌيان کيس سڪون جي ڪيفيت ۾ آڻي ڇڏيو.
سنڌ جو ماڻهو پنھنجائپ ۽ توجھ جو طلبگار آھي، ماڻهو چاھين ٿا تہ کين ٻڌو وڃي. ھو دل جو حال اورڻ ٿا چاھين.
ھي ماڻهو صدين کان نظرانداز ٿي رھيا آھن. سندن سکيو ستابو خطو، جيڪو ھر طرح جي وسيلن سان مالا مال آھي، سو ائين ڌارين جي يلغار جو سبب بڻيو آھي. مختلف قومن جي غلبي مقامي ماڻهوءَ کي احساس ڪمتريءَ ۽ خود رحمي جو شڪار بڻائي ڇڏيو آھي. ان ڪري ھت جي ماڻهن ۾ پاڻ ڀرائي جو احساس پيدا ٿي نہ سگهيو آھي.
ھن ڪريم کي ماني کارائي، چانھ پيئڻ کان پوءِ ڪريم کانئس اجازت گهري ۽ موڪلائي ٻاھر نڪتو تہ شام ٿيڻ واري ھئي. آفيس جو رھيل ڪم پورو ڪري گهر پھتو تہ ٻئي ٻار ڪاوڙيا ويٺا ھئا.
”توھان اڄ دير سان ڇو آيا آھيو؟“ ارسل جا ڳل ڪاوڙ سبب ڦوڪجي ويا ھئا.
”دوست اچي ويو ھو انڪري دير ٿي وئي.“ وقار سندس ڳلن کي پيار مان ڇھندي چيو.
”ڪھڙو دوست پپا، ان جو نالو ڇا آھي؟“ عيني پڇيو.
”ڪريم نالو اٿس.“
”ھاڻي ڪاٿي آھي؟“ عيني پڇيو.
”گهر ھليو ويو.“
”گهر ڪٿي اٿس پپا؟“
”ھن جو گهر سانگهڙ ۾ آھي.“
ارم اندر داخل ٿي.
”خير تہ آھي نہ.“ ارم کي ھو پريشان لڳو.
”ھا، ھا بلڪل خير آھي،بس اڄ آفيس ۾ ڪم گهڻو ھو.“
وقار رات جو دير تائين جاڳندو رھيو، چوٽياري جا پورھيت ۽ پرديسي پکي ياد ايندا رھيا. اکيون بند ڪندي محسوس ڪيائين تہ آسمان جي وسعتن ۾ سپي ۽ ڪوڏ اڏامي رھيا آھن. آسمان ھن جي ويجهو اچي رھيو ھو. ايترو ويجهو جو ھو ھٿ لڳائي بادلن کي ڇھي سگهي پيو. پکين جا پَر بہ کائنس پري نہ ھئا. گهري نيري آسمان جي پس منظر ۾ فش ايگل جا سھڻا کنڀ اڏامندي خوبصورت ٿي لڳا. ھو پَرن کي بہ ڇھي سگهي پيو.
تصور جي دنيا ان ڪري ئي تہ خوبصورت آھي، جو اڻ ٿيڻي ڳالهہ بہ ممڪن ٿي پوي ٿي. جتي خواب ساڀيا جي ويجهو لڳن ٿا. ھو اڄ فڪرمند هو ڇو تہ کيس ٿوري دير اڳ سارنگ فون تي ٻڌايو تہ پاڻيءَ ماڙيءَ جي چوڌاري وڌي رھيو آھي. سانگهڙ واري پاسي تيز برسات پئي ھئي. اھو ٻڌڻ سان پريشان ٿي ويو. ماڙي ڊھي پئي تہ پرديسي پکي ڪيڏانھن ويندا!.
اھي پکي ايترو پري کان ڪھي اچي سنڌ ڌرتيءَ تي پنھنجو آکيرو جوڙين ٿا. پيار جا پيامبر اھي پکي سنڌ ڌرتيءَ لاءِ نيڪ علامت آھن، پر جي ماڙيءَ ٻڏي وئي تہ انهن پکين جو ڇا ٿيندو؟. اھو سوچي پريشان ٿيندو رھيو. دير سان ستو ۽ پوءِ بہ ننڊ ۾ بار بار اک کلندي رھيس. ٻئي ڏينھن آفيس ۾ ھو تہ صحافي کيس فون ڪيو. ھن پنھنجو نالو نثار ٻڌايو. وقار کان ڳالهہ ٻولهہ لاءِ ٽائيم ورتائين. وقار شام جو ڇھين بجي جو ٽائم ڏنو ۽ کيس گهر جي ايڊريس سمجهائڻ لڳو. صحافي وقت جو پابند ھو، ٺيڪ ڇھين وڳي پھچي ويو. ملاقات کان پوءِ کيس خبر پئي تہ ھو سندس پراڻي دوست جو ڀائيٽيو ھو. انهن ڏينھن ۾ اخبارن ۾ چوٽياري ڊيم وارو معاملو زير بحث ھو. وقار جي بدلي کان پوءِ مقامي ماڻهو وڌيڪ مزاحمت جي موڊ ۾ اچي ويا ھئا. روز روز مظاھرا پئي ٿيا. ماڻهو پوليس سان مھاڏو اٽڪائي وجهندا ھئا. پوليس بہ وڏي انگ ۾ مقامي ماڻهو پڪڙي ورتا.
”ٻڌو آھي تہ ڄاڻي واڻي توھان جي بدلي حيدرآباد ڪئي وئي آھي.“ نثار پڇيو.
”مون سان ڊيم جي موجودہ آفيسر کي ھونئن ئي مسئلو ھو، ان ڪري ظاھر آھي تہ مون کي منظر تان ھٽايو ويو.“
”سائين! مون سانگهڙ وڃي مقامي ماڻهن جا انٽرويو ڪيا آھن. توھان جي وڃڻ کان پوءِ ھنن جو شھري توڙي ڊيم انتظاميا سان واسطا وڌيڪ خراب ٿي ويا آھن. مون اھو بہ ٻڌو آھي تہ ماڻهن توھان کي واپس آڻڻ جا مطالبا ڪيا آھن؟“
”منھنجي ڄاڻ ۾ اھڙي ڳالهہ ناھي، تنھن ھوندي بہ ماڻهن کي اھڙو ماڻهو گهر جي جيڪو سندن مسئلا سمجهي سگهي. اھو ئي سبب آھي تہ ھو ٻئي ڪنھن آفيسر جي ڳالهہ ٻڌڻ لاءِ تيار ناھن.“
”ان سموري مسئلي جو نبيرو ڪيئن ٿيندو؟“ صحافي سوال ڪيو.
”ظاھر آھي تہ جن ماڻهن جون ٻنيون چوٽياري جي علائقي ۾ آھن، جيستائين کين زمينن جو معاوضو نہ ملندو، اھو مسئلو حل نہ ٿيندو.“
صحافي ڪيترائي سوال وقار کان پڇا ۽ ھو بہ تحمل سان جواب ڏيندو رھيو. انهن سوالن مان وقار اندازو لڳايو تہ انتظاميا جي رويي ۾ اڃا ڪا خاطر خواھہ لچڪ نہ آئي آھي ۽ ھن جي وڃڻ کان پوءِ معاملا وڌيڪ الجهي ويا آھن.
”ماڻهن کي اھو بہ اعتراض آھي تہ جوڻيجن واري ماڙي جا پئسا منظور ٿي آيا آھن. ماڻهو بک مرن ۽ صاحبن کي پکي بچائڻ جي لڳي پئي آھي.“
”اھو ھڪ پرڏيھي ڪمپني جو پراجيڪٽ آھي، جنھن جو ان معاملي سان ڪو بہ واسطو ناھي، اھي ماحوليات جا ماھر آھن، جيڪي سڄي دنيا ۾ جهنگلي جيوت جي بچاءَ لاءِ ڪوششون ڪري رھيا آھن. مقامي ماڻهن جا پئسا کائڻ وارا اڳيان راشي آفيسر ھتان وڃي چڪا آھن.“
صحافي جو انٽرويو پورو ٿيو تہ ھن وقار کان وڃڻ جي اجازت گهري ھن کيس ٻڌايو تہ اوھان جي سانگهڙ ۾ ھئڻ ڪري اتان جا صحافي ۽ ليکڪ بہ مطمئن ھوندا ھئا، پر تازوئي پراجيڪٽ جي انچارج ۽ ھن جي نائب اتان جي صحافين سان ڪو سٺو رويو نہ رکيو آھي. ان ڪري صحافي سخت ناراض آھن. صحافيءَ جي وڃڻ کان پوءِ علي حسن کيس فون ڪئي. حال احوال وٺڻ کان پوءِ علي حسن کيس چيو تہ اسان جا ساٿي ميڙ ڪري ڊيم انتظاميا ڏانھن ويا ھئا. سندس خيال ھو تہ وقار صاحب کي واپس آندو وڃي. ان ڳالهہ کي بہ چڱا ڏينھن ٿي ويا آھن، پر اڃا تائين اھو مطالبو پورو نہ ٿيو آھي. انتظاميا جي الائي تہ ڇا مرضي آھي! ھو فڪر مند ھو تہ سندس ڪيترا ساٿي جيلن ۾ پيا ھئا. پوليس علائقي ۾ ڏھڪاءُ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آھي.
”سائين توھان جو اچڻ تمام ضروري آھي، برساتن کان پوءِ پاڻي بہ وڌي ويو آھي. ماڙي کي بچائڻ لاءِ پاڻيءَ جي ليول گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪرڻو پوندو. توھان کان سواءِ اھو ڪم ٻيو ڪو بہ نہ ڪري سگهندو.“
فون رکڻ بعد وقار گھري سوچ ۾ ٻڏي ويو. ھن سارنگ ۽ ٻين دوستن کان پکين جي باري ۾ پڇيو ھو.
پکي بلڪل ٺيڪ ھئا ۽ مکيءَ جي ڇانوري مٿان اڏامندا ھئا. مکيءَ جي لھرن ۾ پنھنجو عڪس پسي خوش ٿيندا ھئا. پکي خوش ئي ھوندا....
پکي کي ھن دنيا جي معاملن جي ڪھڙي پروڙ....!
جيئن ئي چارلس انگلينڊ ۾ موڪلون گذاري واپس موٽيو تہ ھن اچڻ سان وقار سان رابطو ڪيو. کيس سڄي صورتحال کان آگاھ ڪيائين، سندس چوڻ ھو تہ ڊيم آفيسرن ۽ ٺيڪيدار جي بيوقوفي ڪري چوٽياري جا متاثرين ۽ پريس سخت ناراض آھي. ان ڪري ھن جو واپس چوٽياري ڊيم تي اچڻ تمام ضروري آھي، پر وقار کيس جواب ڏيئي ڇڏيو.
اھا ڳالهہ ٻڌي ارم کيس چيو تہ:
”جيڪڏھن تنھنجي ضرورت چوٽياري جي ماڻهن کي آھي تہ پوءِ توکي اتي ضرور وڃڻ گهرجي.“
”پر ڪوالٽي ڪنٽرول ۽ مقامي ماڻهن سان ويجھڙائي جي ڪري جڏھن ھنن مون کي حيدرآباد موڪلي ڇڏيو تہ مان مناسب نہ ٿو سمجهان تہ ٻيھر اتي وڃان.“
ارم محسوس ڪيو تہ وقار سڄي سسٽم کان ناراض ھو.
”ھا مان سمجهي سگهان ٿي، پر ھن وقت تنھنجي اداري کي تنھنجي ضرورت آھي.“ اھي جملا ٻڌي وقار سوچ ۾ پئجي ويو.
ٻئي ڏينھن صبح جو جنرل مينيجر، وقار کي آفيس ۾ گهرايو.
”اتي ڪم ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي ويون آھن. لوڪل ماڻهو ۽ صحافي ڪم ۾ رڪاوٽون وجهي رھيا آھن. ميڊيا جي ڪاوڙ ۽ مداخلت وڌي وئي آھي، منھنجي خيال ۾ تنھنجو اتي وڃڻ تمام ضروري ٿي پيو آھي.“
”پر جڏھن معاملو حل ڏانھن وڌي رھيو ھو تہ ھنن مون کي حيدرآباد موڪلي ڇڏيو.“
”منھنجي خيال ۾ ڪنسلٽنٽ ڪنھن دٻاءُ ۾ اچي ويا ھوندا. بھرحال اھو ھڪ غلط فيصلو ھو.“
”سنڌ انهن غلط فيصلن جي رد عمل ۾ ھن حال تائين پھتي آھي. ھڪ عام ماڻهو پنھنجي وسيلن جي ھوندي بہ انهن کان محروم آھي.“
”بھرحال توھان جھڙا ماڻهو ھوندا تہ اتي چڱي صورتحال نڪري پوندي.“ جنرل مينيجر مرڪي چيو.
گهر واپس آيو تہ ارم منجهند جي ماني تي سندس انتظار ڪري رھي ھئي.
”ڇا ٿيو؟“ ارم تجسس مان پڇيو.
”واپس وڃان ٿو.“ وقار مرڪي جواب ڏنو تہ ارم جو چھرو لھي ويو. گهڙي پل لاءِ روئڻھارڪي ٿي وئي. وقار جي گهر ۾ رھڻ ڪري ھن جا ڪيترا مسئلا پاڻمرادو حل ٿي ويا ھئا. ٻار بہ خوش رھڻ لڳا ھئا، پر پنھنجي ڪيفيت تي قابو پائي ھو بہ مرڪي پئي.
”جھڙي صورتحال چوٽياري ديم تي پيدا ٿي وئي آھي. اھڙي صورتحال ۾ اتي توھان جو وڃڻ ضروري ٿي پيو آھي.“
شام جو جڏھن ھو لائونچ ۾ ٽي وي ڏسي رھيو ھو تہ ارسل ۽ عيني ھن جي ڀرسان ويھي کانئس سوال پڇيرھيا ھئا.
”بابا توھان نہ وڃو.“ عيني چيو.
”ھا بابا پوءِ اسان سان ڪير کيڏندو؟“ ارسل معصوميت سان چيو.
”امي آھي نہ.“
”نہ امي گهر جو ڪم ڪندي آھي.“ ارسل معصوميت سان چيو.
”پوءِ توھان ٻئي پاڻ ۾ کيڏو.“
”نہ عيني مون سان وڙھي ٿي.“
”نہ ارسل منھنجي گڏي ڀڃي ڇڏي ٿو.“
ٻارن جو جهيڙو شروع ٿي ويو ۽ وقار سندس معصوم ڳالهين مان محظوظ ٿيندو رھيو.
وقار ٻئي ڏينھن صبح جو سانگهڙ لاءِ روانو ٿي ويو. بنان مند جي برسات کان پوءِ سانگهڙ جي ساوڪ ڏسڻ وٽان ھئي. خاموش، پراثر ۽ چھچ سائو ھي علائقو ماضيءَ جي شاندار تاريخ کي ساھ ۾ سانڍي ساھ کڻي رھيو آھي. آفيس پھتو تہ سموري عملي سندس آجيان ڪئي. چوٽياري جي مختلف حلقن کيس واپس آڻڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي ھئي. ماحوليات جا ماھر ڊيوڊ، البرٽ، جوليا ۽ ڊزائينر اسٽيو، چارلس سميت سندس آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ موجود ھئا. سارنگ ۽ علي حسن بہ ان سٿ ۾ شامل ھئا.
ان ڏينھن کيس اندازو ٿيو تہ چوٽياري ڊيم تي موجود ماڻهن ساڻس ڪتري محبت ڪن ٿا.
ھي سادا سٻاجها ماڻهو، انتظاميا جن جي خوابن تي ڌاڙو ھنيو ھو. وقار کي اميد جو مرڪز بڻائي خوشگوار ڏينھن جي آس ۾ جيءَ رھيا ھئا.
وقار جي واپس اچڻ جي خوشي ۾ ڪن دوستن دعوت ڪئي. ھر طرف خوشي جي زندگي وکريل ھئي، سج جا سونھري ڪرڻا مکي ڍنڍ تي تري رھيا ھئا. ساوڪ جي سونھن ۾ ھڪ عجيب ڪشش پيدا ٿي وئي ھئي ۽ آسمان تي اڏامندڙ پکين ۾ بہ وڏي چرپر محسوس ٿي.
چوٽياري ڊيم تي واپس اچي وقار جي مصروفيت وڌي وئي. توڙي جو ھو بيچين ھو تہ جلد ئي جوڻيجن جي ماڙي تي پھچي، سپي ۽ ڪوڏ سان ملي، پر پھريان کيس جوڻيجن جي ماڙيءَ جي چوڌاري پاڻي جي وڌندڙ ليول کي نارمل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي ھئي. انگلينڊ مان ھڪ ٽيم اچڻ لاءِ تيار ويٺي ھئي، جنھن کي ان ماڙيءَ جو جائزو وٺڻو ھو. ان کان سواءِ شھر جي دوستن سان مختلف گڏجاڻيون رٿيل ھيون، جن ۾ وقار کي شامل ٿي کين سموري صورتحال کان آگاھہ ڪرڻو ھو. ڇو تہ ھو ڪا بہ ڳالهہ ٻڌڻ لاءِ تيار نہ ھئا. سندن اعتماد ڀڃي ڀري چڪو ھو، پر جيئن تہ وقار تي يقين رکندا ھئا، ان ڪري سندس ڳالهہ سمجهي ويندا ھئا. سارنگ، علي حسن، ڪريم ۽ ڪجهہ اھڙا ٻيا ماڻهو، جيڪي تمام گهڻي سچائي سان ان مھم ۾ شامل ھئا تہ جلد ماڻهن کي سندن زمينن جا پئسا ملن ۽ ان مسئلي جو ڪو حل نڪري اچي. حل تہ آسان ھو پر ھتان جا وڏيرا ۽ ڪامورا عام ماڻهن جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ کان نابري واري ويٺا ھئا. ڪنھن بہ مسئلي جي حل لاءِ حقيقت پسند ٿيڻو پوي ٿو، جنھن لاءِ قوت برداشت کپي، ذاتي تجربي جي کوٽ انهن مسئلن کي ويتر الجهائي رھي ھئي.
مقامي ماڻهن ۾ ڪن کي اھا بہ بي چيني ھئي تہ انتظاميا جوڻيجن جي ماڙي کي بچائڻ لاءِ لکين رپيا خرچ ڪري پئي، جنھن لاءِ ٻاھرين ملڪ کان ماھر اچي رھيا آھن. باقي ھنن جي مسئلن جي ڪا بہ اھميت ناھي، جيئن تہ وقار پاڻ ان ڪم ۾ دلچسپي وٺي رھيو ھو. ان ڪري هو ان ڪوشش ۾ ھو تہ ماڻهن تي واضح ڪري سگهي تہ ان اڻلڀ پکيءَ جي زندگي ۽ نسل کي بچائڻ ڪيترو اھم آھي، جنھن جو خرچ ٻاھريان ملڪ ڀريندا، پر اٻوجهہ ماڻهو اھا حقيقت سمجهڻ کان قاصر آھن.
ھڪ طرف ماني ڳڀي جو سوال آھي تہ ٻئي پاسي انساني بقا جو...
انسان اھم آھي يا پکي اھم آھن؟
سنڌ جي ماڻهن وٽ اٽو، اجهو ۽ لٽو ڪونهي، کين پکيءَ جي اھميت جو ڇا احساس ھوندو!
ڌاڙيلن جي گهيري ۾ آيل اٻوجهہ ماڻهو تحفظ گهرن ٿا. ھڪ اھي ڌاڙيل جن جا آستان جهر جهنگن ۽ ٻيلن ۾ آھن ۽ ھڪ اھي آھن جن کي مھذب ويس پھريل آھي، جيڪي سندن وات جو گرھ کسڻ لاءِ آتا آھن.
وقار کي سمجهہ ۾ نہ ٿي آيو تہ ڪھڙي حقيقت ۽ منطق کي ساڻ ڪري، ھو ماڻهن سان ويچار ونڊي ڇو تہ پکين ۽ اڻلڀ جانورن جي اھميت کي يورپ وارا سمجهي سگهن ٿا، پر ساڳي وقت ھو ٽين دنيا جي ڏتڙيل ملڪن جون ڪمزورين مان فائدو حاصل ڪن ٿا. اخلاقي قدرن ۽ سچ جي وچ ۾ ھڪ اونهو خلا پيدا ٿي چڪو آھي ماڻهو سادا آھن پر ڦورو جي ھوشياري سمجهن ٿا. خبر ناھي سنڌ ڪڏھن ارغونن، ترخانن کان آجي ٿيندي، جيڪي تاريخ جي تسلسل ۾ اڄ تائين ويس مٽائي سنڌ تي راتاھو ھڻڻ اچن ٿا.
سنڌ الائي ڪڏھن انهن خوني چنبن مان آزاد ٿيندي، الائي ٿيندي بہ يا نه؟....
ڪيترا سوال وقار جي ذھن ۾ پيدا ٿي چڪا ھئا. جڏھن ڪنھن جي مٿان، سنڌ جو اٻوجهہ عوام ڪا ذميواري وجهي ٿو تہ اھو سنڌ جو ھڏڏوکي ڪو ليکڪ، صحافي يا شاعر ھجي يا ڪو آفيسر ڇو نہ ھجي. ھن تي ھڪ وڏي ذميواري جو بار وجهي ڇڏين ٿا. اھا ذميواري سچائي ۽ حقيقت پسندي گهري ٿي. لفظ جي حرمت جي جي تقاضا پڻ ڪري ٿي، جيڪو ڏکيو مرحلو آھي. آزمائش جي ڪڙي گذرگاھ آھي، ھڪ ڊگهو ۽ اڻانگو سفر آھي.
وقار کي اھو رستو ڏکيو لڳي ٿو، جيڪو سڌو يا ھموار ناھي. پر ڏاڍو ڏکيو ۽ ور وڪڙ وارو آھي. ان جا پيچرا خاردارآھن. جتي لاھيون چاڙھيون ۽ مشڪلاتون آھن.
پکي يا ماڻهن مان ڪا ھڪ چونڊ ڪرڻي پوي تہ ھو ڪنھن کي چونڊيندا؟ اھو سوچي سندس وجود تي گهٻراھٽ طاري ٿيڻ لڳي ٿي.
ھڪ ڏينھن ان ٻڏتر ۾ ھو تہ جوليا آفيس ۾ اندر آئي.
وقار کي لڳو ڄڻ بھار ھن وٽ ھلي آئي ھجي.
ھو مرڪي کيس ڀليڪار چوي ٿو.
”پليز ويھو.“
”مھرباني.“ جوليا اھو لفظ سنڌي ۾ مرڪي چئي، ڪرسي تي وھي رھي.
ھن جو سنڌي ۾ مھرباني چوڻ جو انداز خوبصورت ھو، ڄڻ ٻوسٽ ۾ هلڪي برسات وسندي ھجي.
”لڳي ٿو تہ توھان اڄڪلهہ گهڻا مصروف آھيو؟“جوليا کيس ڏٺو تہ ھن فائلون ھڪ پاسي ڪري ڇڏيو.
”ھا مصروف آھيان ۽ اھا مصروفيت زندگيءَ جو حصو بڻجي وئي آھي.“ وقار ٿڌو ساھ ڀري چيو.
”مصروف ۽ پريشان بہ.“ جوليا نظرن سان سندس اندر جي راز کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي.
”ھا پريشان بہ آھيان.“ نہ چاھيندي بہ اظھار ڪري ويٺو.
”مان ان پريشانيءَ جو سبب پڇي سگهان ٿي، جيڪڏھن توھان کي منھنجو سوال برو نہ لڳي تہ.“
”اصل ۾ مقامي ماڻهو ان ڳالهہ تي ناراض ٿي ويا آھن تہ جهنگلي جيوت خاص ڪري ماڙيءَ کي بچائڻ لاءِ انتظاميا لکين روپيا خرچ ڪرڻ لاءِ تيار آھي، جيئن فش ايگل جو آکيرو بچائي سگهجي. ٻئي پاسي زمين جي کسجڻ جي صورت ۾ ھنن جي سرن کان سائبان کسجي ويو آھي.“
”آءِ سي، تہ اھا ڳالهہ آھي.“ جوليا جي چھري تي گھري سوچ ڇائنجي وئي.
”ماڻهو پنھنجي مسئلن کي پکيءَ جي مسئلن سان ڇو ملائي رھيا آھن؟“ جوليا چيو.
”ھو سمجهن ٿا تہ اسان لاءِ پکي ۽ جانور اھم آھن پر ماڻهو نہ.“
”منھنجو خيال اھو آھي تہ توھان ماڻهن کي پکين ۽ جانورن جي موضوع تي ڪا بہ جسٽيفڪيشن نہ ڏيو ۽ پنھنجي ڪم ڪندا رھو.“
”مان بہ اھو سوچيان ٿو پر ارم چوي ٿي تہ جيڪو بہ فيصلو ٿئي، انهن ۾ مقامي ماڻهن جي راءِ ۽ رضامندي شامل ھجي“.
”فرض ڪريو، جيڪڏھن ماڻهو ان ڳالهہ جي اجازت نہ ڏين ٿا ڇا ماڙيءَ جو ڪم رڪجي ويندو!“
”ظاھر آھي ائين ئي ٿيندو.“
”منھنجو خيال اھو آھي تہ ڪا وچولي ڳالهہ ڪري اھو بحث ختم ڪري ڇڏجي تہ بھتر ٿيندو، ڇو تہ اھو فيصلو ۽ خرچ ھڪ پرڏيھي ڪمپني جو آھي، جنھن جو مقامي ماڻهن سان ڪو بہ واسطو ناھي.“
”ماڻهو اھا ڳالهہ نہ پيا سمجهن.“
”مان اھو ڏسان پئي تہ ھتي ھر مسئلو ٻئي مسئلي سان الجهايو پيو وڃي، جڏھن تہ مسئلن جي نوعيت مختلف ٿئي ٿي، ائين مسئلن جي حل جا طريقا بہ الڳ آھن.“
”ماڻهن ۾ احساس محرومي وڌي وئي آھي، ان ڪري ھو ھروڀرو مسئلن کي وڌائي رھيا آھن.“
”شرارتي ماڻهو ۽ ميڊيا تہ کين حقيقت کان آگاھ ڪرڻ بدران وڌيڪ ڀڙڪائي ٿي.“ جوليا چيو.
”ائين تہ آھي.“
وقار کي لڳو تہ جوليا جو تجزيو بلڪل صحيح آھي، ھن سوچي ورتو تہ ميڊيا جي نمائندن سان ڪا ميٽنگ ڪري، کين غير جانبداري سان ڪم ڪرڻ جي صلاح ڏجي.
***

10

ھن ھفتي جي موڪلن تي ٻار سانگهڙ آيا ھئا، جيڪي ريسٽ ھائوس ۾ ترسيل ھئا. اسٽيو رات جو ڊنر تي سڀني کي دعوت ڏني. ھئي شام جو چانھہ پيئندي ھن ارسل ۽ عيني کي ڏٺو، جيڪي کيڏي رھيا ھئا.
”لڳي ٿو ھاڻي مسئلا حل ڏانھن وڌي رھيا آھن.“ ارم چيو.
”ھا ھونئن بہ ڪجهہ عرصي ۾ ڪنسلٽنٽ ھتان ھليا ويندا. ڪم جو ڏکيو مرحلو بہ ختم ٿي ويندو.“
”ھتي خاموشي گهڻي آھي.“ ارم چيو.
”ھا سانگهڙ ٻين شھرن وانگر، جديديت اختيار نہ ڪري سگهيو آھي.“ وقار متفق ٿيندي چيو.
”قدامت خبر ناھي ڇو مون کي پراسرار لڳي ٿي، پراڻيون جايون ۽ پراڻي انداز واري رھڻي ڪھڻي اثر انگيز لڳي ٿي.“ ارم چيو.
”پر خاموشي ھر ڪنھن کي نہ ٿي وڻي، ماڻهو رونقن ۽ رنگن کي ڳولين ٿا.“ وقار وراڻيو.
”بابا ھي ڏسو مون فش ايگل جي تصوير ٺاھي آھي.“ ارسل تصوير وقار کي ڏيکاريندي چيو.
وقار تصوير ڏسي حيران ٿي ويو، جيڪا مھارت سان ٺھيل ھئي.
”بابا ھن پکي جو آکيرو بچي ويندو نہ!“
”ھا بابا ضرور..“
”آکيرو جي ڪري پيو تہ پکي جا ننڍڙا ٻار بہ زمين ٿي ڪري پوندا، ھا نہ بابا.“ ارسل معصوميت سان پڇيو.
”اھو آکيرو ڪرڻ نہ ڏينداسين.“ وقار مرڪي چيو.
اسٽيو جي گهر روانا ٿيا تہ چانڊوڪي رات جو حسن ان خاموشي ۾ نمايان ھو. سانگهڙ جو قديم شھر چنڊ جي ڪرڻن جي روشني ۾ پراسرار ٿي لڳو.
اسٽيو جي گهر پھچي ڊرائنگ روم ۾اچي ويٺا. ارم کي لڳو ڄڻ وقت گذريو ئي نہ ھجي. ان کان اڳ بہ سڀ ائين گڏ ٿيا ھئا. اڄ جوليا ڪاري لباس ۾ خاموش لڳي. ٽينا، ڌيءَ کي ڪڇ ۾ کڻي ان سان گڏ کيڏي رھي ھئي. البرٽ، ڊيوڊ، اسٽيو ۽ وقار ڪچھري ۾ مشغول ھئا.
”لڳي ٿو تہ ماڙي جو ڪم پورو نہ ٿيندو.“ البرٽ چيو.
”ماڻهو نہ ٿا چاھين تہ ڊيم ۽ ماڙي تي ڪم ٿئي.“ وقار وراڻيو.
”پوءِ ڇا ٿيندو؟“ ڊيوڊ پڇيو.
”ڪجهہ ڏينھن ۾ انگلينڊ مان ٽيم ايندي ماڙي جو معائنو ڪرڻ.“ وقار جواب ڏنو.
”تنھنجي وڃڻ جي ڪري ڪم اڌورو رھجي ويو نہ تہ بند ٺھي وڃي ھا ھينئر تائين.“ اسٽيو چيو.
”ھا ائين آھي، پر ھاڻي بہ دير ناھي ٿي.“ وقار چيو.
ٻئي پاسي ارم، جوليا ۽ ٽينا ڪچھري ۾ مشغول ھيون، ٽينا وٽ ٻارن جو موضوع ھوندو آھي، ڳالهائڻ لاءِ البتہ ارم ۽ جوليا سياست، آرٽ ۽ ادب تي گفتگو ڪنديون آھن.
اڄ ڊيم جي اڏاوت کان متاثر ٿيندڙن ڦاڙھن ۽ ٻين جانورن جي باري ۾ ڳالهائي رھيون ھيون.
جوليا بي يقيني ۾ مبتلاھئي تہ اھو ڪم نہ ٿي سگهندو، جھڙيون حالتون ھيون، ڪا نہ ڪا رنڊڪ ڪم ۾ پئجي رھي ھئي.
وقار بہ تمام گهڻو پريشان رھي ٿو، ڏينھن رات کيس ھڪ ئي سوچ آھي تہ جلد ئي ڊيم ۽ ماڙي جو ڪم شروع ٿي وڃي.“ ارم چوي ٿي.
”ڪو معاملو ھروڀرو بہ منجهي پيو آھي، پوءِ انسان بي يقيني ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو، ھونئن منھنجي خيال ۾ اھو ھڪ اھم ڪم آھي، جلدي ٿيڻ گهرجي.“ جوليا چيو.
”مان بہ شدت سان منتظر آھيان تہ اھو ڪم جلد از جلد مڪمل ٿئي، جيئن وقار بہ ان سوچ کان ٻاھر نڪري.“
”ھو وائلڊ لائف کي گهڻو پسند ڪري ٿو.“ جوليا چيو.
”ھو لکي بہ انهن موضوعن تي ٿو، کيس پکيءَ ۽ ھتان جي ٻين جانورن سان عشق ٿي ويو آھي.“ ارم مرڪي چيو.
***
مکي جي فطري ماحول ۾ ھڪ عجيب ڪشش آھي. وقار خاموشيءَ سان منظرن جو حسن اکين ۾ اوتيندو رھي ٿو. مٿي آسمان تي پکين جي اڏام ۾ ھڪ گھرو سڪون آھي.
”پکين جي پنھنجي الڳ ھڪ دنيا آھي، خاص ڪري ھن پکيءَ جي.“ وقار چيو.
سارنگ ۽ علي حسن مٿي ڏسن ٿا، جتي ڪڙل جو جوڙو آسمان جي وشالتا ۾ اڏامي رھيو آھي.
اڄ وقار جي ڪوششن سان تازين سخت بارشن ڪري ماڙي اندر گڏ ٿيل پاڻيءَ جو نيڪال ٿيو آھي. ماڙيءَ جي چوڌاري پاڻيءَ جي سطح ھيٺ لھي آئي آھي. سڄو ڏينھن ڪم ڪار ۽ ڀڄ ڊڪ ۾ گذري ويو. پاڻي ڪڍڻ وارو پمپ خراب ٿي ويو ھو. مستري آيو تہ ٻہ ٽي ڪلاڪ ڪم بيھي ويو، سڀاڻي سڄو ڏينھن لڳندو. کيس ڊپ ھو تہ ماڙي نہ اچي زمين دوز ٿئي.
ھن جي واپس اچڻ کان پوءِ ڊيم جو ڪم نارمل طريقي سان ٿي رھيو ھو. مزدور مطمئن ھئا. ڪم ڪرڻ وارو عملو مطمئن ھجي تہ ڪم جلدي نبيرجي وڃي ٿو، حالتن ۾ بہ بھتري اچي وئي ھئي.
ھن ماڙي جي بچڻ کان پوءِ فش ايگل جو اھو ناياب نسل ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين ھتي ايندو رھندو. ٻچا بہ وڏا ٿيندا تہ اھي بہ ھت ايندا. وقار سوچي رھيو ھو
”ھن پکي جي خاص ڳالهہ اھا آھي تہ ھي ھڪ گهريتڙو پکي آھي. پيار جي ريت نڀائيندڙ، ٻئي نر ۽ مادي پکي عمر ڀر لاءِ ھڪ ٻئي جو ساٿ نڀائين ٿا.“ وقار چيو.
سپي ۽ ڪوڏ وسيع آسمان تي اڏامي رھيا ھئا.
”ان اڻ لڀ پکيءَ جي آکيري کانسواءِ، ٻين ناياب نسل جي جانورن کي بچائڻ جون ڪوششون جاري ھيون. چوٽياري رزر وائر کان پوءِ اھو سڄو علائقو سم سان ڀرجي ويندو. ان روزو وائر ۾ ضرورت آھر پاڻي جمع ٿيندو، جيڪو تربيلا ڊيم جي ڏھين حصي جيترو آھي. اھو پاڻي جو ذخيرو سورھن ڪلوميٽر ڊگهو ۽ تيرھن ڪلوميٽر ويڪرو آھي.“
وقار انگلينڊ مان تازو ڪھي آيل ماحولياتي ماھر ڪلائيو کي تفصيل ٻڌائي رھيو ھو، جنھن جي رضامندي بعد ماڙيءَ جي بچاءَ جو ڪم شروع ٿيڻ وارو ھو. ان سان گڏ ڊيم سان متاثر ٿيندڙ ٻين ساھوارن جا انگ اکر گڏ ڪرڻا ھئا. ڪلائيو پنجيتاليھ سالن جو زندھ دل انسان ھو. جهنگلي جيوت جو پوڄاري ھو، جنھن کي بچائڻ لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ۾ رڌل ھو.
باز جو آکيرو ڏسي ڪلائيو حيران ٿي ويو. ھن کيس آگاھ ڪندي چيو. ”فش ايگل ٿلهين ڪاٺين سان آکيرو جوڙي ان مٿان گاھ ۽ پن وڇائي نرم ڪندو آھي. اھو گاھ ۽ پن جو تھ ڪيترائي انچ ٿلهو ھوندو آھي. فش ايگل اھو آکيرو سالن تائين استعمال ڪري ٿو.“
”ھا شايد ٽيھ پنجٽيھ سالن تائين اھو آکيرو استعمال ٿي سگهي ٿو.“ ڪلائيو چيو.
”ان آکيري جو وزن ھڪ ٽن کان بہ مٿي ھوندو، جيڪڏھن ماڙي ۾ موجود اھي ڪاٺيون ڪڍجن تہ چار ٻيڙيون سٿجي وينديون.“ وقار چيو.
آکيري ۾ آڙين ۽ ٻين پکين جا ھڏا پيا ھئا.
”خوبصورت ھنٽنگ لاج آھي.“ ڪلائيو، مکي ڍنڍ جي فطري سونھن کان ڏاڍو متاثر ٿيڻ لڳو.
”ھي علائقو ڏاڍو خوبصورت آھي. لڳي ٿو ھي ڪنھن زماني ۾ گهاٽو جهنگ ھوندو.“ ڪلائيو، چوڌاري ڏسندي چيو.
”ھا تمام گهڻو گهاٽو ٻيلو ھو ھتي، پر جڏھن آبادي وڌي تہ ٻيلو بہ مختصر ٿيندو ويو.“ وقار وراڻيو.
”ٻيلن سان ئي پکي پکڻ ۽ جهنگلي جانورن جي جيوت جو سلسلو جڙيل آھي. انهن ٻيلن جي سار سنڀار ضروري ٿيو پوي.“ ڪلائيو چيو.
ان ئي ڏينھن آفيس موٽيا تہ ڪلائيو معاھدي تي صحي ڪري ڇڏي.
اھو وقار جي زندگي جو اھم ترين ڏينھن ھو. ھو ان ڏينھن ايترو خوش ھو ڄڻ پنھنجي ذاتي ڪاميابي تي خوش ٿيو ھجي.
***

11

سڄي سٿ وقار کي چيو تہ چوڏھين جي رات مکيءَ تي جشن جو انتظام ٿئي، جنھن ۾ راڳ رنگ جي محفل بہ ھجي.
وقار حامي ڀري ورتي. آفيس مان جڏھن موٽي ھاسٽل پئي ويو تہ کيس محسوس ٿيو ڄڻ چوڌاري ھر منظر ھن جي خوشيءَ ۾ شريڪ ھجي. زمين کان آسمان تائين ھر طرف خوشيءَ جي روشني پکڙيل ھئي. ائين محسوس پئي ڪيائين تہ اڄ ھن ڌرتيءَ بہ ميزبانيءَ جو حق ادا ڪري ڇڏيو ھجي. ھڪ پيار ڪندڙ خوبصورت پکين جي جوڙي جو آکيرو ۽ ھتان جا ناياب جانور ئي ھن جي ڪل ڪائنات آھي. گهر ھر انسان جي ضرورت آھي. گهر کان سواءِ ھر انسان اڌورو آھي. ائين جيت، پکي يا جانور ھر ڪنھن جو گهر آھي، پر انهن گهرن جا نالا مختلف آھن.
ھڪ طرف پکي آکيرن ۾ پنھنجي دنيا وسائي ويٺا آھن تہ ٻئي پاسي جانورن جا مختلف گهر آھن، ھر گهر سک ۽ شانتي جو مرڪز آھي. ھڪ گهرو ٿڌو ڇانورو آھي.
احساس جو ھڪ مضبوط ڇانورو.
سائبريا کان اھي پکي سنڌ ڏانھن رخ ڪن ٿا، ڪجهہ عرصي لاءِ ھن ڌرتيءَ کي پنھنجي ڌرتي سمجهن ٿا، پر پکي ڌرتي جي فرق کي نہ ٿا محسوس ڪن. جتي سندن آکيرو آھي، اھا ئي ھنن جي ڌرتي آھي.
ٻيائي تہ ذھن جو خسارو آھي، ڌاريائپ جيڪڏھن احساس ۾ ڌرڻو ھڻي ويھي رھي تہ پوءِ ماڻهو ھر جڳھ پاڻ کي پيو جلاوطن محسوس ڪندو.
ماڻهو تہ ھڪ مسافر آھي، ھي دنيا ئي سندس مڪمل ٺڪاڻو نٿي ٿي سگهي. پوءِ زمين جي ٽڪري حاصل ڪرڻ لاءِ انسان جانين کي داءَ تي لڳائي ٿو ڇڏي.
انسان جوڳيءَ مثل آھي، جتي بہ ڇت ميسر اچي اھو ئي سندس ٺڪاڻو آھي.
سائبان عارضي سھي پر جوڳي ان سان بہ ڪيتري محبت ڪري ٿو، پکيءَ وانگر.
ھاسٽل جي ڪمري ۾ ارم ھن جي انتظار ڪري رھي ھئي. ارم اھا خوشخبري ٻڌي تمام گهڻي خوش ٿي. اھو ھنن لاءِ ڄڻ تہ خوشي جو ڏينھن ھو.
رات جو دير تائين وقار کيس ان علائقي ۾ پلجندڙ جانورن، ڦاڙن ۽ واڳن، لڌڙن جي باري ۾ ٻڌائيندو رھيو. ھن خاص ڪري ان پرديسي پکيءَ جو ھر منظر اکين ۾ قيد ڪري رکيو ھو.
”پکي پيار جو اھڃاڻ آھن.“ ارم ٿڌو ساھ ڀريندي چيو. ”ماڻهن مان تہ محبت موڪلائيندي پئي وڃي.“ ھن جي حيدرآباد واري فليٽ جي دريءَ جي سامهون وڻن جي قطار ھئي، ھيٺ ٻنهي پاسي ٻہ ننڍڙا باغ بہ ھئا، جن ۾ وڻ لڳل ھئا، انهن وڻن ۾ پکين جا آکيرا ھئا. دريءَ ۾ ڳيرا ڳٽرگون پيا ڪندا ھئا. شام جو پکين جون ٻوليون ٻڌي اک کلي پوندي ھيس. اکيون کوليندي بند ڪندي پکين جي لاتين جو آواز روح ۾ تازگي ڀري ڇڏيندو ھيس. ارم کي پکين جا آواز پسند ھئا. صبح جو بہ جهرڪين جي آواز تي اک کلندي ھيس، ان ڪري ھوءَ پکين جي ھر ڳالهہ دلچسپي سان ٻڌندي ھئي.
”وڻ ڌرتيءَ جي سونھن آھن. وڻن سان ئي پکين جي خوشي قائم آھي، انهن وڻن ۾ پکين جي دنيا آباد آھي.“ وقار چيو.
پکي خوبصورت آھن، پکين جي ڪري زندگيءَ جي سونھن قائم آھي. ارم جي تصور ۾ پکين جا نرم کنڀ اچي ويا. ارم جلدي سمھي رھي پر وقار جي اکين آڏو سپي ۽ ڪوڏ ھئا، جيڪي آسمان جي نيري ميرانجهڙي روشنيءَ جي پس منظر ۾ پر ڦھلائي سڪون سان اڏامي رھيا ھئا. ھڪ ڊگهي عرصي کان ھو ماڙي کي بچائڻ واري مھم ۾ رڌل ھو. چوٽياري ڊيم تي ھلندڙ ڪم بہ ڌيان طلب ۽ ڏکيو ھو. موسمن جي سختين کي سمجهندو ھو، پر آرام ڪرڻ بدران دلچسپيءَ سان ڪم ۾ رڌل نظر ايندو ھو، جڏھن کان فش ايگل کي ماڙيءَ تي ڏٺو ھئائين ۽ کيس ماحوليات جي ماھرن اھو ڪم بہ ڏنو ھو تہ ھو ماڙيءَ جي چوڌاري پاڻيءَ جي ليولنگ لاءِ ڏينھن جا ڏينھن اتي وڃي ڪم ۾ مشغول ٿي ويو. ھر تفصيل ماحوليات جي ماھرن کي موڪليندو رھي ٿو، جيئن اھو ڪم جلدي پڄاڻيءَ تي پھچي سگهي. ماڻهن سان ملڻ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ وڃي، سندس راءِ وٺڻ ھڪ ڏکيو ڪم ھو. ماڻهن جي اڪثريت ڊيم جي اڏاوت ۽ ماڙيءَ جي مرمت تي راضي ھئي. ڪجهہ ماڻهو ھئا، جيڪي اٻوجهہ ماڻهن کي ڀڙڪائي پنھنجا مقصد حاصل ڪري رھيا ھئا. آخر تمام گهڻي جاکوڙ کان پوءِ سندس خواب ساڀيا ماڻڻ وارو ھو. سروي مڪمل ٿي چڪو ھو. مٿين ھفتي ۾ ڪم شروع ٿي ويندو. ان کان پوءِ اھو پکي ھر سال ھتي اچي سگهندو ۽ ڪيترن سالن تائين اھو ھنڌ سندس پناھ گاھ بڻيل ھوندو. سوچيندي ننڊ وٺي ويس پر خواب ۾ بہ ھو ٻنهي پکين کي آسمان ۾ اڏامندي ڏسندو رھيو، جيڪي ھن لاءِ اميد جو استعارو بڻجي چڪا ھئا.
ٻئي ڏينھن ھن سارنگ کي فون ڪري ماڙيءَ تي ڊنر ۽ راڳ جي محفل منعقد ڪرڻ جي ڳالهہ ڪئي. پرينھن چوڏھين جي رات ھئي ۽ وچ ۾ ھڪ ڏينھن ھو. سارنگ اھڙي ترت ڪمن جو ماھر ھو ان ڪري حامي ڀري ورتائين.
شام سان ئي چنڊ آسمان تي ميرانجهڙي اونداھي ۾ جرڪڻ لڳو. سانت واري ماحول ۾ چانڊوڪي رات جو تاثر ڀرپور لڳندو آھي.
چنڊ جي چوڏھين رات، پاڻيءَ جي لھرن ۾ بہ ٿرٿلو مچائي ٿي ڇڏي، اھي ساڳيون لھرون انسانن کي بہ بي چين ڪري وجهن ٿيون. انسان جيڪو سدائين کان سونھن جو ڳولائو رھيو آھي. وقار کي بہ چنڊ ۾ ھڪ عجيب ڇڪ محسوس ٿئي ٿي. ھو بہ چانڊوڪين راتين جو انتظار ڪري ٿو، جڏھن چنڊ، زمين جي ھر منظر سان رومانس ڪري ٿو. وقار جي بہ رڳ رڳ ۾ رومانس سمايل آھي.
مکي ڍنڍ جي وچ ۾ اھو ھڪ خوبصورت پروگرام رٿيل ھو. ماحولياتي ٽيم جا ميمبر، ڪلائيو، چارلس، وقار جا دوست، ارم ۽ ڪجهہ ٻيا مھمان اچي چڪا هئا.
مکي ڍنڍجي جي لھرن تي چنڊ جي ڪرڻن جي روشني انتھائي خوبصورت لڳي رھي آھي. ھوا جي جهوٽي تي ڇولين جي ھلچل مچي وڃي پئي ۽ چانڊوڪي بہ پاڻي تي ڪرڻن جي ورکا ڪرڻ لڳي.
چانڊوڪي رات جي ڪري روشني جو بندوبست نہ ڪيو ويو ھو، انڪري ماحول وڌيڪ خوابناڪ لڳي رھيو آھي. رکي رکي ٿڌي ھوا ٿڌا ساھہ ڀري ٿي تہ لئي، ٻٻر ۽ ڪنڊيءَ جو ھڳاءُ چوپاسي ڦھلجي وڃي ٿو.
”ھتي ان ڪري ايترا وڻ آھن جو ھي علائقو ھزار سالن کان وڏن وھڪرن جو سنگم رھيو آھي. ھاڻ مکيءَ جو گهاٽو جهنگ اڳي وانگر نہ رھيو آھي، پوءِ بہ جنھن ۾ ھر طرف مکي جي مجاھدن جا پيرا اڄ بہ محسوس ٿين ٿا. 1942ع ۾ حر تحريڪ گوريلا جنگ جو مرڪز بڻجي وئي ھئي.“
ھو جوليا سان ان موضوع تي ڳالهائي رھيو ھو، جيڪا وقار جي کاٻي پاسي ويٺي ھئي، ساڄي پاسي ارم، بسنت فقير جو ڪلام ٻڌي رھي آھي.
مون اڳ ڪڏھن اھڙو خوبصورت ھنڌ ناھي ڏٺو، ھي بناوٽي نہ آھي، بلڪہ ھر انداز فطري لڳي ٿو. ان ڪري ھتي ھڪ عجيب قسم جي پراسراريت محسوس ٿي رھي آھي. ارم کي ٻنهي جي ڳالهائڻ سان وحشت محسوس ٿيڻ لڳي. ھونئن بہ وقار جو ڌيان نہ چاھيندي بہ جوليا ڏانھن ھليو وڃي ٿو. اھا ڳالهہ ارم کي نہ ٿي وڻي پر ھوءَ ناپسنديدگي جو اظھار ڪرڻ کان قاصر آھي. الائي تہ ڪيترا افسانا غير محسوس طور تي اکين ۾ سرجين ٿا، جن جو حقيقت سان ڪو بہ واسطو نہ ھوندو آھي. اھڙن معاملن تي اعتراض وارڻ اجايو آھي، سندس دل بيچينيءَ جي ڪن ۾ ٻڏڻ لڳي.
”ڏينھن جو مکي ٻيلي ۾ فوج ۽ پوليس گهمندي نظر ايندي ھئي ۽ رات جو حر ۽ جهنگلي جانور ڦھلجي ويندا ھئا.“ وقار چيو.
”جڏھن ھي ٻيلو گهاٽو ھوندو تہ ڪيترو نہ ڀوائتو لڳندو ھوندو.“ جوليا خوف جي لھر دل ۾ اٿندي محسوس ڪئي.
”ھا ھي ايترو گهاٽو ھو جو عام ماڻهو سونهي کان سواءِ اندر وڃي نہ سگهندو ھو. انگريزن حر تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ مکي ٻيلي کي باھ ڏني ۽ ڪيترائي وڻ وڍي ڇڏيا. ان گهاٽي جهنگ جي ڪري، ھونءَ تہ انگريز سموري ھندوستان تي قبضو ڪري ورتو، پر ھن علائقي تي قابض نہ ٿي سگهيا.“
”تاريخي واقعن سان ڀرپور جڳھين جي پنھنجي انفراديت آھي.“ جوليا مرڪي چيو.
وقار محسوس ڪري ورتو تہ ارم خاموش آھي، ھوءَ سندس حسن پرستيءَ کان خائف آھي، پر کيس اھا حقيقت قبول ڪرڻي آھي، زندگيءَ جي ٻين حقيقتن جيان.
چانڊوڪي ٻوٽن تي پئجي کين پراسرار بڻائي رھي ھئي. فطري ماحول جي پنھنجي سونھن آھي. ھوا جي جهوٽن تي مکي ڍنڍ رقص ڪري ٿي. جهنگلي خوبصورت گل مٿاڇري تي تري رھيا آھن.
وقار اٿي وڃي ڪلائيو جي ڀرسان ويٺو، جيڪو سرور جي ڪيفيت ۾ ويٺو ھو. سمورا فارينر گاني جي ٻولن کي نہ سمجهڻ جي باوجود جهومي رھيا ھئا. ذھنن تي ڪيف ڇانيل ھو.
”ھي علائقو ايترو خوبصورت ھوندو، مون کي اندازو نہ ھو، رات جو ھتي جي سونھن ڏسڻ وٽان آھي.“ ڪلائيو چيو.
مکي ڍنڍ چوڏھين جي چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ رات جي راڻيءَ جيان مھڪي لڳي.
رات جي راڻي...
وقار جي دل ۽ سوچ ۾ خوبصورتي وکري وئي.
اھا حسين رات آھي. رنگ، راڳ ۽ موسيقي سان ڀرپور. هو جوليا جي موجودگي جي وڻندڙ احساس ۾ گم ھو.
اتي موجود ھر ماڻهو جهومي رھيو ھو. چنڊ مکي ڍنڍ تي مھربان ھو ۽ مکي جون ڇوليون پنھنجي خمار ۾ ٻڏي ويون ھجن.
جوليا کي پيرن وٽان ڪا شيءِ سرندي محسوس ٿي. ھوءَ خوف وچان سري ارم جي ڀرسان ويٺي.
”ڇا ٿيو؟“ ارم کيس پريشان ڏسي پڇيو.
”ھروڀرو ڊڄي ويس. ائين محسوس ٿيو تہ ڄڻ پيرن ڀرسان ڪا شيءِ ھلي رھي، مون کي لڳو ڄڻ نانگ ھجي.“
”نانگ؟“ ارم بہ گهٻرائجي، ھيڏانھن ھوڏانھن خوف وچان نھارڻ لڳي.
”نہ نہ خير آھي منھنجو وھم ھو، اڳي بہ ھتي نانگ ڏٺو ھيم، بس اھو خوف ٻيھر محسوس ٿيڻ لڳو ھو.“ جوليا مرڪي چيو
ارم سندس ڳالهہ ٻڌي ڊپ ۾ وڪوڙجي وئي.
”ٽينا نہ آئي آھي!“ جوليا کان ارم پڇيو.
”سندس ڌيءَ اسڪارليٽ جي طبيعت خراب ھئي، ان ڪري نہ اچي سگهي.“
رات جي ماني بہ مزيدار ھئي. سانگهڙ جي مڇي اھم ڊش ھئي، مکيءَ جا بھ بہ لذيذ ھئا، ماني کان پوءِ چانھ ۽ ڪافي جو دور ھليو. راڳ جي محفل ھلندي رھي ۽ چنڊ بہ آسمان تي ھوريان سفر ڪندو رھيو.
مکي ڍنڍ ۾ چنڊ جو عڪس ڪرڻا ڪرڻا ٿي وکرندو رھيو. وقار جون اکيون بار بار جوليا ڏانھن بي اختيار کڄي وڃن ٿيون.
ارم واپس گهر پھتي تہ ٻار ننڊ پيا ھئا، وقار جلدي سمهي رھيو، پر ھوءَ جاڳندي رھي.
ڪيڏا خيال شعر جي صورت ھن جي ذھن تي سڏ ڏيندا رھيا، جن کي پنن تي اتاريندي رھي.
مکي ڍنڍ سراپا غزل آھي، جيئري جاڳندي شاعري!
ڪيترائي منظر سندس ذھن ورجائيندو رھيو. مکيءَ جي لھرن جو رقص ڏسي الائي ڇو ھن جو من بي چين ٿي ويو ھو، خوبصورتي جي گهڻائي بہ اداس ڪريو ڇڏي.
فطرت خوبصورت آھي، پر انسان جو ذھن بدلجي ويو آھي. سونھن، سونھن جو عڪس آھي، فطرت کي پسڻ لاءِ اکيون ۽ ذھن بہ خوبصورت ھجي، جيئن مکي ڍنڍ جي اتساھ کانئس ڪيترا شعر لکرائي ڇڏيا ھئا.
چانڊوڪي رات خاموشيءَ سان آسمان تي سفر ڪندي رھي. وقت ھوريان ھوريان گذري ٿو. ائين گزندو رھندو، ھي لمحا بہ گذري ويندا. ماضيءَ جو حصو بڻجي ويندا، پر ھن خطي جو ماضي، حال کان وڌيڪ خوبصورت آھي. تاريخ جي سحر ۾ وڪوڙيل پنھنجي ڪشش ڏانھن ڇڪيندو رھي ٿو. حال جا ھي لمحا بہ ھڪ ڏينھن ماضيءَ ۾ بدلجي ويندا.
ماڙيءَ جو ڪم شروع ٿيڻ وارو ھو، جنھن ڪري وقار گهڻو مصروف ٿي ويو. اھو ڪم ھڪ لحاظ کان ڏکيو ھو. سمورو سامان ٻيڙين تي رکي ان ننڍڙي ٻيٽاري تي پھچائڻو ھو. ٻئي طرف چوٽياري ڊيم تي بہ ڪم جي رفتار تيز ٿي وئي ھئي، وقار ڪم جي ٻن مختلف انتظامن ۾ ورھايل ھو. ھن جي ذھن تي فقط ھڪ ئي خيال پيو ڦري تہ جلد از جلد فش ايگل جو اھو منفرد گهر بچي وڃي. ھن بقار ۽ ٻين ڍنڍن جا سروي وغيرہ ڪيا ھئا. ماڙيءَ جي چوڌاري پٿر ڏيڻو ھو، جيئن پاڻي جاءِ جي بنيادن کي ڪمزور نہ ڪري سگهي. ان ڪم لاءِ پٿرن آڻڻ جو ڪم جاري ڪرڻو ھو.
چوٽياري آفيس کان ٿي وقار ٻيٽ تي پھتو ھو. ڪڙل کيس پنھنجي مخصوص آواز ۾ ڀليڪار چيو. ھن مٿي ڏٺو جتي سپي ۽ ڪوڏا اڏامي رھيا ھئا.
”ھي ڏسو توھان لاءِ گهر پيو ٺھي.“ وقار مرڪي مٿي ڏسي چيو.
پر پکي مختلف آھن، کين ڪو قيمتي گهر نہ گهرجي، جنھن تي لکين رپيا خرچ ڪيا وڃن. نہ ئي کين تعريف جو اونو رھي ٿو. پکي جذباتي ڏيتي ليتي کان بہ آجا آھن، جيڪڏھن پيار بہ ڪن ٿا تہ غير مشروط. انسان ھجن ھا تہ مقامي ماڻهو کين زوري اٿارڻ جي ڪوشش ڪن ھا، جيڪو سلسلو اجائي ويڙھ تي وڃي ختم ٿئي ٿا، پر پکي پيار جا پيغامي ٿين ٿا. پکين جي دنيا غلبي جي اثر کان آجي آھي. اھا ننڍڙي يا ڪا محدود دنيا ناھي، جيئن انسان جو وسيع ذھن آھي. ان جي ذھن جي طاقت لامحدود آھي، پر ڪٿي نہ ڪٿي انسان ننڍڙي سوچ جي ڄار ۾ ڦاسي ان لاءِ محدود طاقت کي وڃائي ٿو ويھي.
وقار جي دل چوي ٿي تہ سپي ۽ ڪوڏ کي سڏائي، ساڻن ڪچھري ڪري ۽ سندن لامحدود دنيا جي باري ۾ پڇي تہ مٿان کان کين دنيا ڪيئن ٿي نظر اچي!
سوچن جي دنيا مان نڪري ھو ماڙيءَ تي ٿيندڙ ڪم جو جائزو وٺڻ لڳو آھن. مزدور دل و جان سان ڪم ۾ مصروف ھئا. ھر طرف گھماگھمي لڳي پئي ھئي. ڪجهہ وقت اڳ ھن آکيري ۾ ٻہ کن ھلڪي بادامي رنگ جا ڪارن چٽن وارا آنا ڏنا ھئا. ڏيڍ مھينو تہ ٻچن تي آرو ڪن ٿا. ڪڙل جي ٻچن کي اڏامڻ ۾ اٽڪل پنج مھينا لڳي وڃن ٿا.
گرميءَ ۾ ھي پرديسي پکي پنھنجي ملڪ واپس ھليو ويندو. ھي پکي ڪيترو نہ مستقل مزاج آھي. ماڻهن ٻڌايو ھو تہ ھن پکي جو اھو خاندان پوين پنجويھن سالن کان ھتي اچي رھندو آھي.
وقار پنھنجي دل ۾ پکيءَ لاءِ پيار جو سمنڊ اٿلندي محسوس ڪيو. ڇو تہ ھي پکي سنڌ ڌرتيءَ سان پيار ڪن ٿا. وري وري موٽي ھتي اچن ٿا. ھنن جي تن ۾ مکي ڍنڍ جو پاڻي ڇلڪي رھيو آھي. ھي قديم سنڌ جي ھنج ۾ اچي آرامي ٿين ٿا. ھنن پکين ھتان جي ڍنڍن ۽ دريائن کي سونھن بخشي آھي.
سنڌ سان پيار ڪندڙ بہ تہ سنڌ جي عڪس مثل آھن.
امر آھي اھو پيار، جنھن جي گھرائي ۾ ڪا ٻيائي نہ ھجي، جهنگلي گلن تي ماکي جي مکين ڦيرا پئي ڏنا.
سچائي پيار کي امرتا بخشي ٿي.
ڪريم اچي وقار کي سڄي تفصيل ٻڌائڻ لڳو. ھو بہ ڪم مان مطمئن ٿي ٻيڙي ۾ چڙھي واپس آفيس ڏانھن روانو ٿيو. ھو خوش ھو، تمام گهڻو خوش. ان مرحلي شروع ٿيڻ لاءِ وقار سندس دوستن ڪيتريون ئي ڪوششون ورتيون. ماحوليات جي ٽيم سان ھو انگلينڊ ۾ مسلسل رابطي ۾ ھو. ڪيترا فيڪس ۽ فون تي رابطا ڪيائين. گذريل اٺن مھينن کان مقامي ماڻهن جي احتجاج ۾ شدت پيدا ٿي وئي ھئي. انتظامي معاملن ۾ پڻ بدنظمي واري صورتحال جي ڪري ڊيم جي ڪم ۾ رخنو پئجي رھيو ھو. اھو تمام عرصو ھو پريشان رھيو، پر جڏھن انگلينڊ مان ڪلائيو آيو تہ اھو مونجهاري ۾ پيل ڪم ڏسي پريشان ٿيو. سڄي دنيا ۾ موسم بدلجي رھيا ھئا. برساتن پوڻ ڪري ٻوڏ جو خطرو پڻ وڌي رھيو ھو. اھڙي صورتحال ۾ ماڙي جي بقا کي وڏو خطرو ھو. ان ڪري ان ڪم جو جلد از جلد مڪمل ٿيڻ ضروري ھو. ھونئن بہ ٻاھريان ڪنسلٽنٽ ڪجهہ عرصي ۾ پراجيڪٽ پورو ڪري واپس ھليا ويندا. باقي ڪم ديسي آفيسر ڪرائيندا. ان ڪري بہ وقار کي پريشاني ھئي تہ انگريزن جي وڃڻ کان اڳ ئي اھو ڪم پورو ڪرائي وٺي.
فش ايگل جا ٻہ ٻچا آکيري ۾ ويٺل نظر ايندا ھئا. اھي بہ ٿوري عرصي ۾ اڏامڻ وارا ھئا.
گرميءَ جي موسم شروع ٿيڻ سان ئي اھي پرڏيھي پکي واپس اُسھڻ شروع ڪري ڏيندا.
ٻئي سال سياري جي موسم ۾ سپي ۽ ڪوڏ واپس ايندا تہ کين پنھنجو آکيرو اڃا بہ وڌيڪ مضبوط محسوس ٿيندو. ڪاش توھان اسان انسانن جي ٻولي سمجهي سگهو ھا، پوءِ توھان کي احساس ٿئي ھا تہ توھان جي ذڪرسان شاعري ۽ ڪھاڻيون ڀريون پيون آھن.
توھان جا پر، انسانن جي خوابن کي ڪيترو نہ اتساھين ٿا، ڪاش سمجهي سگهو ھا!.
سياري جا پڇاڙڪا ڏينھن ھئا، ھن ڀيري سيارو چوٽ پڙھيل ھو. ٻئي پکي آسمان تي اڏامي رھيا ھئا. فش ايگل ماحولياتي آلودگي وگهي ختم ٿيندو پيو وڃي. ھنن جا پر آسمان جيان وشال آھن. ھن پکيءَ کي شڪاري پکي (Bird of Prey) بہ چيو وڃي ٿو.
”ھا مون ھن کي شڪار ڪندي ڏٺو آھي، ھن جي ڦڙتي ۽ ھوشياري حيران ڪندڙ آھي.“ وقار چيو.
”فش ايگل چاليھن سالن کان مٿي جيئرا رھي سگهن ٿا.“ ڪلائيو چيو.
ڪڙل (فش ايگل) مٿي آسمان تي اڏامي رھيو آھي ۽ مکي جي سون وانگر جرڪندڙ لھرن ۾ زندگي جي رواني آھي.
نيري اُڀ جي پس منظر ۾ اڏامندڙ اڇا پکي انتھائي خوبصورت لڳن ٿا.
”ھي علائقو ڏسي مان تمام گهڻو متاثر ٿيو آھيان.“ ڪلائيو خيال جو اظھار ڪيو.
”ھا ھتي فطري سونھن وکريل آھي.“ وقار وراڻيو.
ڪلائيو واپس آفيس ھليو ويو. احمد ملاح ٻيڙي ۾ پٿر رکرائي ماڙيءَ ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار بيٺو ھو.
وقار کيس ھدايتون ڏيئي رھيو ھو. ھن سان ڪريم بہ گڏ ھو.
وقار واپس آفيس ڏانهن موٽيو تہ احمد ۽ ڪريم ملاحن کي اڳتي وڌڻ لاءِ ھڪل ڪئي. ٻيڙيون ھوريان ھوريان مکيءَ جي لھرن تي ڪنول جيان ترڻ لڳيون. پتڻ وٽ مھاڻا ڏنڊا ۽ پٿر کنيو بيٺا ھئا. احمد ملاح گهٻرائجي ويو.
”تون گهٻراءَ نہ اڳتي وڌندو ھل.“ ڪريم کيس آٿت ڏني.
”خبردار جي اڳتي وڌيا آھيو تہ سٺو نہ ٿيندو.“ ھڪ مھاڻي ھڪل ڏني.
علڻ ارڏو ۽ ويڙھاڪ مڙس ھو. ھن مھاڻن جي اڳواڻي پئي ڪئي. ان سڄي معاملي ۾ ھو سرگرم رڪن ھو.
”رستو ڇڏيو ۽ اسان کي وڃڻ ڏيو.“ ڪريم ٿڌي انداز ۾ چيو.
”پھريان وڃي صاحبن کي ٻڌايو تہ اسان اهو ڪم ٿيڻ نہ ڏينداسين. پھريون اسان جي زمين جو حساب ڪتاب چڪتو ڪيو.“ علڻ ضد ڪري بيھي رھيو.
جڏھن ڪريم محسوس ڪيو تہ معاملو ڏکيو آھي ۽ ھتي دال نہ ڳرندي تہ ھن احمد ملاح کي واپس ھلڻ جو مشورو ڏنو.
ٻيڙيون رخ بدلائي واپسي جي سفر تي اسھيون تہ احمد ملاح بہ ٿڌو ساھہ ڀريو.
”وقار صاحب تہ جيڪر ڏاڍو ڪاوڙبو.“ احمد ڏک مان چيو.
چوٽياري آفيس پھچي سڄو معاملو وقار سان سليائون تہ وقار جو منھن لھي ويو. کيس محسوس ٿيو تہ ڄڻ ھو وري اچي ساڳئي ھنڌ تي بيٺو آھي.
ڪجهہ ڏينھن اڳ ھن جي مقامي مھاڻن سان ڳالهہ ٻولهہ ٿي ھئي، پر جيئن تہ ھڪ غريب ماڻهو ھر طرح جا مسئلا برداشت ڪري ٿو. ان ڪري ھڪ وقت اھڙو اچي ٿو، جو ھو خود رحمي جي طاقت ساڻ ڪري اٿي ٿو بيھي.
خوف بہ تہ اڻ وڻندڙ سمجهوتو آھي. ماڻهو زندگيءَ ۾ ڪيترائي سمجهوتا ڪري ٿو، جيئڻ لاءِ جتن ڪندي کيس جهڪڻو پوي ٿو، پر پوءِ بہ ھڪ درد اھڙو اچي ٿو، جڏھن ھو مصلحت جي ڪن مان ٻاھر نڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو.
وقار ۽ دوست انهن سادن ۽ اٻوجهہ ماڻهن جو نہ فقط پاسو کڻڻ ٿا، پر جتي بہ ھو کين پڪارين ٿا تہ ھو بنا ڪنھن ھٻڪ جي سندن مدد ڪرڻ پھچي وڃن ٿا، پر اڪثر ڪامورا انهن غريب ماڻهن جي زمين جا پئسا ھڙپ ڪري، ملڪ مان ڀڄي وڃي پرڏيھ ۾ پھتا ھئا. الزام آيل ھڪ ڪامورو روڊ ايڪسڊنٽ ۾ گذاري ويو. اھا ڳالهہ انهن پورھيتن کي سمجهہ ۾ نہ پئي اچي تہ ھاڻي سرڪار ڇو اھي پئسا ڀري ڏيندي. اھو ڪو پھريون دفعو نہ ٿيو آھي، پورھيتن، ھارين ۽ مزدورن جو استحصال صدين کان ٿي رھيو آھي.
اھي سايون سندر ٻنيون کسجي وڃڻ کان پوءِ، مقامي ماڻهن جي احساس محرومي اڃان وڌي آھي. وقار کي خبر ھئي تہ جيئن ئي ڊيم جي باقي حصن ۽ ماڙي جو ڪم شروع ٿيندو تہ اھي مسئلا ٻيھر ڪر کڻي اٿي پوندا. ھو انهن ماڻهن جي ويجهو ھو، جهنگلي جيوت تي تحقيق دوران اھي جهنگن جا جهانگيئڙا ھر ھنڌ ھن سان گڏ ھلندا ھئا.
يقين ۽ بي يقيني جي جنگ شروع ٿيڻ واري ھئي، ھو انهن ڏينھن جي اچڻ کان ڊنل ھو.
ھڪ طرف ناياب ۽ خوبصورت پکي، ٻيا جانور ھئا تہ ٻئي طرف سٻاجها ماڻهو.
اھي ماڻهو اھا ڳالهہ سمجهڻ کان نابري واري ويٺا ھئا تہ آخر انهن جانور ۽ پکين ۾ اھڙي ڪھڙي ڳالهہ آھي، جو سندن بچاءِ ۽ جانورن کي محفوظ ڪرڻ تي لکين رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن. ھو اھا ڳالهہ نہ پيا سمجهن تہ سندن زمين جا پئسا کائيندڙ ۽ ماحوليات جا ماھر ٻہ مختلف معاملا آھن. ھو فقط اھو ضد ڪري رھيا ھئا تہ آخر ڊيم جي اڏاوت ايتري اھم ڇو آھي؟ ۽ ھو ايترا غير اھم ڇو آھن؟
ھتي ماڻهو پيا بک مرن، صحت جي بنيادي سھولتن کان بہ محروم آھن، ٻئي طرف ماحوليات جا ماھر جانور ۽ پکين جي پر گهور ۽ سار سنڀار پيا لھن.
وقار کي محسوس ٿي رھيو ھو تہ جيڪڏھن ھي ماڻهو وڌيڪ واويلا مچائيندا تہ پوءِ شايد ڊيم جو ڪم رڪجي وڃي.
ماحوليات جي ماھرن ۾ تجسس ھو تہ جلد از جلد اھو ڪم ختم ٿي وڃي. اوترو ئي وقار کي بہ ان ڪم جي مڪمل ٿيڻ جي اڻ تڻ ھئي.
وقار جي ڪلائيو، چارلس، ڊيوڊ، البرٽ ۽ جوليا سان ميٽنگ ٿي.
”منھنجي خيال ۾ في الحال ڪم کي روڪي ڇڏجي، جيستائين ماڻهن سان ڳالهہ ٻولهہ ڪجي ۽ کين سمجهائجي.“ وقار چيو.
”دراصل ماڻهن سان جيڪا زيادتي ٿي آھي. سندن زمينون کسيون ويون آھن ۽ گهر ڊاٺا ويا آھن. ان ڪري ھو ڪا ڳالهہ ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناھن.“ وقار چيو.
”منھنجي خيال ۾ ڪم جاري رکڻ گهرجي. ڇو تہ جڏھن بہ ڪو ڪم شروع ڪجي ٿو تہ ان جو رڪجي وڃڻ ان ٽيم جي ناڪامي چئبي، يا تہ ڪم شروع ٿيڻ کان اڳ اھي سمورا مسئلا ڏسي وائسي پوءِ ان ۾ ھٿ وجهڻ گهرجي ھا، پر جڏھن ڪو پراجيڪٽ شروع ٿي وڃي ٿو تہ پوءِ ان کي جاري رکڻ ضروري ٿيو پوي.“ ڊيوڊ خيال ظاھر ڪيو.
”مان سمجهان ٿي تہ ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي. کين سمجهايو وڃي. صورتحال واضح ٿيڻ کان پوءِ ھو ڪم ۾ رڪاوٽون نہ وجهندا.“ جوليا چيو.
ميٽنگ ختم ٿيڻ بعد وقار، ڪريم کي آفيس گهرائي ٿو.
”تون ھيئن ڪر جو ڏينھن ٻن ۾ انهن ڳوٺاڻي سان منھنجي ملاقات ڪراءِ.“
”سائين في الحال ڏاڍي ڪاوڙ ۾ آھن. ٻہ ٽي ڏينھن گذرڻ ڏيو، سندن ڪاوڙ بہ جهڪي ٿي ويندي.“
بھرحال تون ھاڻي جو ھاڻي وڃ، ائين کين منھنجو نياپو ڏي ۽ ڪوشش ڪر تہ سڀاڻي ئي ساڻن گڏجاڻي ڪجي.“
وقار جي ڳالهہ ٻڌي ڪريم بہ سوچ ۾ پئجي ويو، پر کيس ان معاملي جو ڪوحل تہ ڪڍڻو ھو.
***

12

حرن جي ھيبتاناڪ ڪاررواين جي ڪري لاھور ميل کي ڪيرايو ويو ھو. مسافرن تي ويھ منٽ گولين جا وسڪارا جاري رھيا. وقار، ڪلائيو ۽ ماحوليات جي ماھرن کي ڄاڻ ڏيندي دٻي ڏانھن وڃي رھيو ھو.
”افسوسناڪ واقعا آھن.“ چارلس چيو
تاريخ ۾ ترڪن خلاف عربن جي صحرائي گوريلا ويڙھ مشھور آھي، جنھن ۾ ٽي . اي لارنس اھم ڪردار ادا ڪيو ھو. ان لڙائي ۾ بہ ائين ٽرين ڪيرائي وئي ھئي.
”ھا سندن ڪتاب Seven Pillars of wisdom مون پڙھيو ھو.“ چارلس دلچسپيءَ سان وراڻيو.
”جنھن ۾ ھو ان حملي جو ڪاميابي جو سبب، حملي جي ھوشياري سان رٿيل منصوبابندي کي سڏيو ٿو.“ چارلس وڌيڪ معلومات فراھم ڪئي.
”ان گاڏي ڪيرائڻ واري واقعي ۾ دٻيءَ جون ٺھيل بندوقون بہ شامل ھيون. حرن وٽ دشمن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ گهٽ ھٿيار ھئا. پھرين حر تحريڪ شروع ٿي تہ ان ۾ لوھارن جون گهڙيل ڪھاڙيون ۽ دٻي جون بندوقون استعمال ڪيون ويون.“وقار چيو.
”واقعي حرن جو جذبو ۽ ويڙھ جي سگهہ ساراھڻ جوڳي آھي.“ چارلس چيو.

”سائين ايڇ ٽي ليمبرڪ پنھنجي ڪتاب The Terrorist ۾ ڪجهہ ھنڌن تي ذڪر ڪيو آھي تہ حرن ھندوستاني راجائن کان ھٿيار حاصل ڪري، سنڌ جي اوڀر واري سرحد وٽ ڪٿي پوري رکيا ھئا، جيڪي ليمبرڪ جي خيال مطابق، تحريڪ جي ڪم نہ اچي سگهيا. بھرحال ان وقت دٻي جي ڪاريگرن اھا ڪمي پوري ڪري ڇڏي.“
وقار جي فراھم ڪيل معلومات کي سڀ غور سان ٻڌي رھيا ھئا.
دٻي، سانگهڙ جو ھڪ ننڍڙو ڳوٺ آھي. ھي ڳوٺ مکي ۽ اڇڙي ٿر جي سنگم تي آباد آھي. بادار ڍنڍ جي ڪناري تي واقعي ھي ڳوٺ خوبصورت آھي. کجي جي وڻن، جنھن جي سونھن ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آھن.
گاڏي تيزيءَ سان منظر پٺيان ڇڏيندي ٿي وئي. ساوڪ تي سونھري ڪرڻا جرڪي رھيا ھئا. ٻھراڙي جي خالص منظرن ۾ بناوت کان عاري سونھن ٿئي ٿي. ھڪ وڻندڙ اجرو احساس ھر طرف وکريل ھو. ھوا ۾ فطري ماحول جي خوشبو مليل ھئي. بادار جي قلعي وٽ پھچي وقار کين قلعو گهمائڻ لڳو. پوءِ ٿوري دير کان پوءِ ھو بادار ڍنڍ جي ڪناري اچي ويٺا. دٻي ۾ رھندڙ دوست نظام بہ ٿوري دير اڳ اچي سندن سٿ ۾ شامل ٿيو، جنھن وٽ اڃا بہ دٻي جي ٺھيل بندوقن جا نمونا ھئا. ھندوستان جو مھاراجا بہ خاص آرڊر تي پاڻ ۽ پنھنجي فوج لاءِ ھتان ھٿيار گهرائيندا ھئا. ان وقت سنڌ ۾ ٺٽي، ڳڙي ڪيسر، ڏھرڪي، اوٻاوڙي ۽ حيدرآباد وغيرہ ۾ بہ اسلحہ سازي جا وڏا ڪارخانا موجود ھئا. دٻيءَ جي بندوقن کان سواءِ ھتان جي تلوارن، خنجرن، ڀالن ۽ ڪھاڙين جو بہ نالو ھو. وقار جي لفظن جي سحر ۾ انگريز آفيسر جون دليون وڪوڙجي ويون ھيون. نظام جي گهر پھتا تہ اوطاق ۾ سڀني ماني کاڌي پوءِ چانھ جو دور ھليو، اوطاق ۾ نظام ڪجهہ بندوقون کڻي آيو، جيڪي پراڻي دور جون يادگار ھيون. ڪلائيو کي پاڻي زماني جي اسلحي سان خاص دلچسپي ھئي. ان ڪري نظام ٻہ بندوقون ٻيون بہ کيس ڏيکاريون.
”ھي جهامڪ دار بندوق آھي ۽ ھن کي جُردار چون ٿا، ھي اڻلڀ اسلحو آھي.“ نظام چيو.
”دٻي پھرين ۽ ٻي حر تحريڪ دوران اسلحہ سازي ۾ عروج تي ھئي. پر ٻي حر جدوجھد بعد دٻيءَ تي دشمنن حملا ڪيا ۽ بمباري ڪئي وئي. جھازن ذريعي ڇاتا بردار فوج الڳ لاٿي وئي، جن ھتي جي لوھار خانن کي باھيون ڏنيون ۽ ڪافي ڪاريگر قيد ڪيا.“ نظام چيو.
وقار جو ذھن ماضيءَ ۾ ڀٽڪڻ لڳو.
ھن خطي جي تاريخ رت جي راند ۽ بارود جي دونھين سان ڀري پئي آھي. سنڌين، انگريزن خلاف جنگ جوٽي، حرن پنھنجي علائقن جي حفاظت ڪندي، پنھنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. قيد و بند سٺا ۽ زمين، مال متاع کان محروم ڪيا ويا.
دُٻيءَ تي شام جا پاڇا لھي آيا ھئا، جيڪي ٻاھر کجي جي وڻن سان اکٻوٽ ڪري رھيا ھئا. بادار ڍنڍ جون لھرون ھوا کي ڇھي ڪتڪتايون ڪڍندي کين کلائي رھيون ھيون.
وقار ھاسٽل موٽيو تہ رات ٿي وئي. ارم جو فون آيو تہ ارسل کي بخار آھي ۽ ھو کيس ساري روئي پيو. اھو ٻڌي پريشان ٿي ويو. وقار ٻارن سان تمام گهڻو ويجهو ھو. ھن ۾ ٻارن لاءِ اھا روحاني ڇڪ ھئي، جيڪا ماءُ محسوس ڪندي آھي. فون تي ارسل سان ڳالهائي ٿو.
”بابا توھان اچو نہ“ ارسل جي جهيڻي آواز تي سندس ھيانءُ جهري پيو.
”ھا پٽ سڀاڻي ايندس.“ ھو بہ اداس ٿي ويو.
”نہ ھاڻي اچو، ھاڻي جو ھاڻي.“ ارسل جو لھجو لڙڪ ڀنل ھو.
ٻارن جي دنيا عجيب آھي، انهن جا ضد تھائين عجيب آھن.
وقار مرڪي پيو، سندس ڳالھ ٻڌي.
”پٽ ھينئر تہ رات ٿي وئي آھي.“ وقار کيس بھلائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”سڀاڻي اچو تہ ھرڻ جا ٻچا کڻي اچجو.“ ارسل جي ڳالهہ تي ڇرڪي پيو.
”پر ھو ممي پپا بنان روئيندا.“ وقار محفوظ ٿيندي چيو.
”پوءِ ممي پپا کي بہ وٺي اچو.“
”ھو فليٽ ۾ ڪيئن رھندا پٽ. ھو تہ آزاد فضائن جا ھيراڪ آھن.“
”بابا ھرڻ جي ٻچن جو فوٽو ڪڍي اچو، مان اسڪول ۾ دوستن کي ڏيکاريندس.“
”ھا منھنجا پٽ کوڙ فوٽو.“ وقار کي بي اختيار سندس ڦوڪيل ڳل ياد اچي ويا.
”چڱو بابا امي سان ڳالهايو.“
”ٻئي ٻار بيمار پيا آھن، ڪجهہ ڏينھن موڪل وٺي اچو.“ ارم چيو.
”چڱو مان ڪوشش ڪندس.“ وقار کي ننڊ پئي آئي. ارم کان موڪلائي گھري سوچ ۾ ٻڏي ويو. ان وقت سندس خيال ٻارن جي چوڌاري ڦرڻ لڳي لڳو. ٻار ننڍا ھئا ۽ کين پيءُ جي ويجهڙائي جي ضرورت ھئي. پيءُ جو ويجهو ھئڻ ٻارن لاءِ انتھائي ضروري آھي.
وري سندس سوچ ننڍپڻ ڏانھن ھلي وئي تہ ڪيئن سندس پيءُ کيس آکاڻيون ٻڌائيندو ھو. ٿورا وڏا ٿيا تہ کين گهمائڻ لاءِ ڪڏھن درياه جي ڪناري تي تہ ڪڏھن گهاٽن ٻيلن ۾ وٺي ويندو ھو.
ٻار کي پيءُ سان تحفظ جو احساس ملي ٿو. ٻار پيءُ جي توجھ بنا اڌورا رھجي وڃن ٿا. وقار پنھنجي پيءُ جو سوچي ٿڌو ساھ ڀري ٿو. سندس ماءُ تہ ڪيترا سال اڳ گذاري وئي ھئي، پر والد حيات ھيس. پھريون سڀ ھڪ وڏي ۽ ڀريي گهر ۾ رھندا ھئا. ھاڻ سڀ ھڪ ھڪ ڪري الڳ ٿيندا ويا. ڀريو ڀاڪلو گهر خالي ٿي ويو ھو. جتي ھاڻي فقط ننڍو ڀاءُ رھيس ٿو، والد ڪمري ۾ پڙھندو لکندو ۽ پيو ڊائري لکندو آھي يا ماضي ياد ڪري وڏا ٿڌا ساھہ کڻندو آھي.
عورت بہ وڏو فتنو آھي، جيڪر وڳوڙ نہ وجهن تہ ڪڏھن بہ آباد گهر اڪيلا نہ ٿين، گهرن ۾ ويڇا نہ وڌن.ھاڻ تہ سنڌ ۾ گڏيل ڪٽنب جو نظام وکري رھيو آھي. ارم کي بہ گڏيل ڪٽنب جو نظام وڻندو ھو. ھڪ ڏينھن چيو ھئائين.
”مان ماڻهن ۾ رھڻ چاھيندي آھيان، ڪاش امان جيئري ھجي ھا تہ جيڪر پاڻ سان رھايانس ھا.“
”امڙ طبيعت جي ارڏي ھئي، ڪو نہ رھي سگهين ھا.“وقار مرڪي چيو.
”منھنجي امان بہ طبيعت جي ارڏي ھئي، مون کي عادت آھي.“ ارم سادگي سان چيو.
”ننھن ۽ سس جا جهيڙا تہ جڳ مشھور آھن.“ وقار شرارت منجهان کيس ڏسي چيو.
”ڀلا ائين نہ ٿو ٿي سگهي تہ بابا ٻي شادي ڪري، پوءِ ٻئي مون وٽ رھن.“
”تنھنجون ڳالهيون تہ عجيب آھن.“ وقار بي اختيار کلي پيو.
واقعي سندس پيءُ گهڻو اڪيلو ٿي پيو ھو. ماڻهو ڪيڏو بہ سندس خيال رکي پر پوءِ بہ سندس تنھائي جو خال ڀرجي نہ ٿو سگهي. نئين دؤر ۾ ھر پراڻو ماڻهو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري ٿو. مٿان وري جيڪڏھن زندگيءَ جو ساٿي وڇڙي وڃي تہ اڪيلائپ وڌيڪ زخمي ڪري ٿي وجهي.
ان ڪري ھو پاڻ بہ چاھيندو ھو تہ ٻارن جي ويجهو رھي.
ٻار زندگيءَ جو حسن آھن.
ٻئي ٻار فطرت جيان سچا ۽ کرا آھن. سندس ڳالهيون من موھيندڙ ھونديون آھن.
حيدرآباد وڃي ٿو تہ اڪثر ارم چوندي آھي تہ الڳ ڪمري ۾ ھلي آرام ڪريو، پر ھو چوندو آھي تہ مان ھر ھڪ پل ٻارن سان گذارڻ چاھيان ٿو. ھي بہ تہ منھنجو انتظار ڪن ٿا. وقار کي ڏسي ٻارن جا چھرا گلن جيان ٻھڪي پوندا آھن. سوچيندي ننڊ جو جهوٽو اچي ويس.
***

13

بقار ڳوٺ ۾ ھڪ سمجهدار ۽ ڏاھي مھاڻي جي گهر ۾ ڪچھري ھئي. منٺار مھاڻي وٽ سمورا مھاڻا گڏ ھئا، جن ڊيم جي اڏاوت ڏانهن ويندڙ گاڏين کي روڪيو ھو، جيڪي پٿر کڻي وڃي رھيون ھيون. ڪريم ۽ وقار بہ موجود ھئا.
”سائين! اسان ڊيم ٺھڻ نہ ڏينداسين. پھرين اسان جي زمين جا پئسا وٺرائي ڏيو. ھي اسان جا ھيڻا ھال ڏسو، ھي ڊٿل جهوپا ھي خالي جهڳيون ڏسو، اسان کان وات جو گرھ کسيو ويو آھي.“ علڻ ڳالهائڻو ۽ جذباتي مڙس ھو.
اھا ڳالهہ ٻڌي ٻيا مھاڻا بہ سندس ھا ۾ ھا ملائڻ لڳا. ھڪدم گوڙ مچي ويو، ڪريم اٿي بيٺو.
”دوستو مھرباني ڪر خاموش ٿيو. ائين مسئلا حل نہ ٿيندا آھن. اھڙا رويا رھيا تہ مسئلا اڃان وڌندا.“
اھا ڳالهہ ٻڌي سڀ ڳوٺاڻا چپ ٿي ويا.
”ڳالهہ اھا آھي تہ زمينن جا پئسا واپس وٺرائي ڏيڻ اسان جي وس ۾ ناھي. اھي آفيسر يا ڪامورا الاءِ ڪٿي وڃي پھتا. ڪم جي ھن ٻئي دؤر ۾ اسان جيڪي چوٽياري تي ڪم ڪريون ٿا، انهن جو واسطو انهن معاملن سان ناھي.“
”سائين اھو وري ڪيئن ٿيندو. معنيٰ اھي اسان جا پئسا ٻڏي ويا.“ ھڪ ھمراھ رڙ ڪئي.
”نہ منھنجو اھو مطلب ناھي. توھان جو ڪيس اڃان ڪورٽ ۾ ھلي رھيو آھي. بھتر آھي تہ عدالت جي فيصلي جو انتظار ڪجي.“ وقار کين قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
”اھي عدالتون بہ ڪامورن سان مليون پيون آھن. اھي ڪٿي ٿيون اسان غريبن کي انصاف ڏيارين.“ ولڻ ڏکاري لھجي ۾ چيو.
”سائين ھنن ڪامورن کي ڦاڙن، واڳن ۽ پکين جي اَجهي جو تہ ڪيترو خيال آھي. پرڏيھ مان ماڻهو ڪھي آيا آھن، انهن جي پرگهور لھڻ لاءِ. پئسا اٿن پر اسان غريبن جا مامرا جيئن جو تيئن رليا پيا آھن.“ جهوني ڪامل اندرجو سور سليو.
”بابا اھي پئسا ماحوليات جي ٽيم منظور ڪيا آھن، جيڪي سڄي دنيا جي جهنگلي جيوت ۽ ٻيلن کي بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رھي آھي. ھي معاملو ڊيم کان بلڪل الڳ آھي. چوٽياري ڊيم جو ان معاملي سان ڪو بہ واسطو ناھي“
وقار کين سمجهائيندي چيو. ڳوٺاڻا سندس ڳالهہ غور سان ٻڌي رھيا ھئا.
ڳوٺاڻن جا مسئلا جائز ھئا. ھنن جي جهوپن مان اھا ڳالهہ واضع ھئي تہ سندن خوشي ۽ خوشحاليءَ جا ڏھاڙا موڪلائي چڪا آھن، ميرا اڌ اگهاڙا ٻار اڻڀن وارن سان کين حيرت ۽ حسرت سان تڪي رھيا آھن. خاص ڪري انهن مھاڻن ۾ چمڙيءَ جون بيماريون عام ٿين. نانگ بلا جي ڏنگ جي صورت ۾ ترت علاج جا اپاءَ اڻلڀ ھئا. انهن گهرن ۾ رھندڙ پيرسن مايون ۽ مرد سلهہ ۽ ڪاري ڪامڻ ۾ ورتل ھئا. انهن کي سھاري جي ضرورت ھئي، پر سندس پرگهور لهڻ وارو ڪير بہ نہ ھو، اھي پاڻيءَ جي ڪنارن تي رھندڙ سنڌ جي قديم رنگين تھذيب جا سرواڻ آھن. اھي مھاڻا پنج ھزار سالن کان دريائن سان ناتو نڀائيندا پيا اچن.
اھي بھادر، جوشيلا ۽ صابرين آھن، درياھ جي گهرائي ۾ لھڻ ڪو آسان ڪم ناھي.
درياھ جي سونت ۾ ھلي تہ دلبر دوست ۽ جي اکيون ڦيرائي تہ دوکو ۽ دولاب آھي. جنھن جي ڄار ۾ انيڪ حياتيون ڦاسي پون ٿيون. درياھ جي زندگي بي يقيني واري آھي. مھاڻن جون اکيون رڳو پاڻيءَ جا خواب اڻن ٿيون.
وقار جي سامهون ڳوٺاڻا ڳالهائيندا رھيا. ھن کين ڳالهائڻ ڏنو. وقار کين ڪٿي بہ نہ روڪيو، ڇو تہ کيس خبر ھئي تہ اھي انهن جي اندر جا اڌما آھن. انهن کي ٻاھر جو رستو گهرجي پوءِ سندن بي چين دل تي سک جو ھلڪو ڇنڊو پوندو. ڪريم ڪٿي کين لفظن جون رھڙون ٿي ڏنيون پر وقار وچ ۾ پئي سندن زخمن تي ھمدردي جا پھا ٿي رکيا.
ائين محسوس ٿي رھيو ھو ڄڻ اتي موجود ماڻهن جي اکين جا ٽانڊا ھاڻي سھپ جي پاڻي ۾ اجهامي رھيا آھن.
سندن بي چين دل سانت لڳي رھي ھئي، چھري تي بہ احساس محرومي جا بادل جهڪا پئجي چڪا ھئا. توڙي جو اھا ڪيفيت وقتي آھي پر کين اھو احساس ٿي رھيو ھو تہ ڪو سندن ھڏ ڏوکي ويجهو ويھي کانئن احوال پيو وٺي. ھو ساڻس پنھنجا سور پيا سلين. کين ھمدردي جو ٻن ٻولن جي ضرورت ھئي. ڪو آفيسر اھڙو بہ آھي، جيڪو سندن غلطين تي ڌڪار بدران خلوص سان پيو کين پرچائي، کين پاڻ جھڙو انسان ٿو سمجهي، ھلي ساڻن ڳالهائڻ آيو آھي.
وقار محسوس ڪري ورتو تہ ھو بہ کيس مان ڏيڻ لاءِ چپ ٿي ويا آھن. شايد گاڏيون ۽ ٻيڙيون نہ بہ روڪين تہ بہ مصلحت جي رک ۾ ھڪ بي چين چڻنگ دکي رھي آھي. ڪنھن بہ وقت ڀنڀٽ بڻجي ڀڙڪي پوڻ لاءِ. وقار کلي عام اھو اعتراف ڪندو ھو تہ جيڪڏھن ڊيم ٺھڻ کان پوءِ جي باقاعدہ ڊيم جي ڊرينيج سسٽم، بجلي ۽ پمپ جي سنڀال ۽ مرمت نہ ڪئي وئي، ڊيم روايتي ڪامورن جي ور چڙھي ويو تہ پوءِ ھي پراجيڪٽ ھتان جي زراعت، ڪلچر ۽ سانگهڙ واسين لاءِ وڏي تباھي جو سبب بڻبو، جنھن جو وڏو امڪان ھو.
وقار بہ صاف ڳالهہ ڪرڻ جو عادي ھو، چاھي ھا تہ کين پئسن ڏيارڻ جي آسري ۾ رکي ھا. ان خالي آسرن تي انهن غريبن جي اميدن جي دنيا آباد آھي.
کوٽن سڪن جھڙا لفظ، جيڪي سندن ھٿن ۾ جهليل آس جي ڪشڪول ۾ وڌا وڃن ٿا. پل ڀر ۾ ھو پنھنجا سمورا ڏک وساري ويھن ٿا.
ڏکن کي بہ تہ گهڙي پلڪ لاءِ ھوا جو تازو جهوٽو گهرجي نہ تہ جيڪر ان ٻوسٽ ۾ اميد جا ساھ ٻوساٽجي ساڻا ٿي پون.
***
ٻئي ڏينھن وقار آفيس ۾ ويٺو ھو تہ کيس خبر پئي تہ ورلڊ بينڪ جي ٽيم ڪجهہ ڏينھن ۾ اچڻي آھي، ھو موڪل وٺي گهر وڃڻ لاءِ سوچي رھيو ھو. ارم کيس ٻڌايو ھو تہ ارسل جي طبيعت خراب آھي. کيس تيز بخار رھي ٿو. ھو کيس ڏاڍو ٿو ياد ڪري، اھو ٻڌي وقار پريشان ٿي ويو. ھڪ طرف متاثرين، ڊيم جو ڪم روڪرائي ڇڏيو ھو. اھا پريشاني الڳ کيس تنگ ڪري رھي ھئي. ماحوليات جي ٽيم جا ميمبر بہ اداس ٿي نظر آيا. ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ جڏھن ذھني دٻاءُ وڌي وڃي تہ پوءِ ماڻهوءَ کي پنھنجو گهر ٻار ياد ٿا اچن. ھن بہ چاھيو پئي تہ ڪجهہ ڏينھن ھو گهر وڃي سڪون سان وقت گذاري. ھي نوڪري ڏاڍي ڏکي ھئي، ھر وقت پيھ پيھان ڊوڙ ڊڪ وارو ماحول ھو. گرمي سردي ھجي يا طوفان يا برسات کيس سائٽ تي بيھي ڪم ڪرائڻو پوندو ھو. مٿان مزدورن جا مسئلا، ڪو زخمي ٿيو پوي تہ ڪير بيمار، ڪي مزدور ويچارا تہ حياتي بہ وڃائي ويھندا هئا.چيئرمئن جيڪو ھڪ فوجي جنرل ھو. مختلف جڳھن تي طوفاني دؤرا ڪندو ھو. ھر طرف ٿرٿلو مچي ويندو ھو، ڪي سسپينڊ ٿي ويندا ھئا تہ ڪي آفيسر نوڪريءَ کان ھٿ ڌوئي وڃي گهر ويھندا ھئا.
ھن جو سمورو ڌيان ارسل ۾ ھو. ارسل پکين جا ڪيترا اسڪيچ ٺاھي رکيا ھئا. ھڪ آکيرو بہ ٺاھيو ھئائين، جنھن ۾ ٻچا بہ نظر ٿي آيا. روز فون تي کائنس پڇندو ھو تہ پپا ڪڏھن ايندا، مون پکين جون تصويرون ٺاھيون آھن، ارسل ڊرائنگ سٺي ڪندو ھو. ھو حيدرآباد ويندو ھو تہ ارسل کي جانورن جي باري ۾ پوري معلومات ڏيندو ھو. ٻارن کي پکي ۽ جانور وڻندا آھن، ان ڪري ارسل حيرت ۽ تجسس مان اھي ڪھاڻيون ٻڌندو ھو، وقار کي ان وقت ھن جو چھرو انتھائي خوبصورت لڳندو ھو. حيرت منجهان.
کليل وڏيون اکيون ۽ چپن وٽ چگهہ جيڪو ارسل کي حيرت وقت پوندوھو.
خاص ڪري فش ايگل ڄڻ تہ ھنن جي گهر جو فرد بڻجي ويو ھو، عيني بہ کانئس پڇندي ھئي.
”بابا فش ايگل ڇا کائيندو آھي؟“
”مڇي کائيندو آھي.“
”ٻيو ڇا کائيندو آھي؟“
”ڪڏھن ڪڏھن ننڍا پکي بہ کائيندو آھي.“
”جيڪڏھن مڇي نہ مليس تہ...“
وري ارم پڇندي ھئي :”تہ سپي ۽ ڪوڏ ڪيئن آھن؟ ٻچا وڏا ٿيا ھوندا؟“
”ھا ٿورا ٿورا.“
”خير خيريت سان وڏا ٿي پنھنجي وطن واپس ورن.“ ارم چوندي ھئي.
ان وقت وقار کي محسوس ٿيندو ھو ڄڻ چوٽياري جي ذڪر کان سواءِ سندس زندگي اڌوري ھجي.
***

14

ورلڊ بينڪ جي ٽيم جو پروگرام ملتوي ٿي ويو تہ ھو بہ ڪجهہ ڏينھن جي موڪل وٺي حيدرآباد پھتو. مھيني کن ۾ فارينر بہ واپس وڃڻا ھئا. جوليا ۽ ڪرسٽينا کي شاپنگ ڪرڻي ھئي. کين سنڌي ثقافت وارا ڪپڙا، جتيون ۽ رليون وٺڻيون ھيون. ارم کين وٺي وڃڻي ھئي.
گهر پھتو تہ سج جا سونھري پاڇا وڻن جي چوٽين تي جرڪي رھيا ھئا.
ارسل ۽ عيني کيس ڏسندي ئي چنبڙي ويا.
”بابا اچي ويو، بابا اچي ويو....“
ارسل ڪمزور ٿي لڳو.
”اڙي يار تون تہ ڪمزور ٿي ويو آھين.“ وقار ارسل کي جهولي ۾ کڻي چيو.
”بابا مون کي تيز بخار ٿيو ھو.“ ارسل معصوميت سان چيو.
”ھي ھر وقت ستو پيو ھوندو ھو، مون سان نہ کيڏندو ھو.“ عيني شڪايت ڪئي.
”بخار ۾ آرام ڪبو آھي، ھاڻي ارسل ٺيڪ ٿي ويو آھي، توسان کيڏندو.“
”نہ مان ھن سان نہ کيڏنديس، ھي منھنجون گڏيون ڀڃي ٿو ڇڏي.“
وقار کي سمجهہ ۾ نہ آيو تہ ڪنھن جو پاسو کڻي.
”ھلو ٻارو پپا کي آرام ڪرڻ ڏيو.“ ارم چيو تہ ٻار پنھنجي ڪمري ۾ وڃي کيڏڻ لڳا.
ارم ساڻس ڪچھري ڪرڻ لڳي. وقار کي ڏسي سندس چھري تي گلابي رنگ وکري ويندو ھو. لھجو وڌيڪ پراعتماد ٿي ويندو ھو. ڳالهين ٻولهين کانپوءِ وقار تازہ دم ٿي اچي ٻارن سان ويٺو، کائن اسڪول جا حال احوال وٺڻ لڳو.
صبح جو وقار گهر کان ٻاھر ويل ھو. پاڙي واري امينہ ڪنھن ڪم سان آئي تہ ارم ان وقت ڪم ڪار مان فارغ ٿي ٽي وي ڏسي رھي ھئي. ھوءَ ڪچھرين جي مور ھئي. دنيا جھان جا قصا ۽ پرائي پچار تہ ڪڏھن پنھنجا مسئلا ٻڌائڻ لڳندي ھئي، سڀاڻي رات ڪالوني ۾ واقع ڪلب ۾ سامهون رھندڙ انجنيئر جي شادي ھئي.
”احسان جي شاديءَ ۾ ھلندينءَ.“ امينہ پڇي ٿي.
”ھا ھلڻ جو ارادو تہ آھي پر الاءِ ڇو دل نہ ٿي مڃي.“
احسان جي ھي ٻي شادي ھئي. سندس پھرين زال فاخرہ ارم جي ساھيڙي ھئي، ڪجهہ ڏينھن اڳ دريءَ مان ڏٺو ھئائين تہ ھوءَ ٻارن سان والدين وٽ رھڻ لاءِ وڃي رھي ھئي. ٻنهي زال مڙسن جو جهيڙو ھلندو رھيو. ٻارڙن جا چھرا ڏاڍا مايوس ھئا، ھو بہ روئيندي گاڏي ۾ وڃي ويٺا.
خوف جو لمحو ارم جي ذھن کي بي چين ڪرڻ لڳو.
بي گهر ھئڻ جو عذاب ڪيڏو نہ تڪيلف ڏيندڙ آھي. ٻارن جي چھري تي بہ احساس محرومي ھئي.
”اڄڪلهہ لڳي ٿو، مردن جي ٻي شادي جي سيزن ھلي رھي آھي.“
امينہ چيو تہ ارم کي کل اچي وئي. عورت ئي عورت جي حق تي ڌاڙو ھڻي ٿي پر مرد ويچارا اجايو بدنام آھن، ھن ڏک مان سوچيو.
”تون بہ خيال ڪر، ڪٿي مڙسھين کي بہ ڪا حسينہ پنھنجي ڄار ۾ نہ ڦاسائي ويھي.“
امينہ کيس چيو تہ ھوءَ الائي ڇو پريشان ٿي وئي، پر پاڻ کي سنڀالي چيائين.
”نہ وقار انهن مردن مان ناھي.“
”مرد کرڻ جي ڪا مند ناھي ھوندي امڙ.“ امينہ چيو.
ھن جي اکين آڏو فاخرہ ۽ سندس ٻارن جا مايوس چھرا ڦرڻ لڳا.
”ھا تون ٺيڪ ٿي چوين.“ ارم سدائين امينہ جي حقيقت پسنداڻي سوچ آڏو ھٿيار ڦٽو ڪندي ھئي. امينہ ھوشيار عورت ھئي. ھوءَ نہ فقط فائدو ۽ نقصان سوچيندي ھئي، بلڪہ سندس ذھن ھر معاملي ۾ تيزيءَ سان ڪم ڪندو ھو. پنھنجي مڙس کي بہ ھروڀرو جي خفن ۾ منجهائي رکندي ھئي. سندس سوچ ھئي تہ مردن کي موقعو ئي نہ ڏجي جو ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسي سگهن.
”ادا جي پراجيڪٽ تي بہ سھڻيون انگريزياڻيون ڪم ٿيون ڪن، جو ائين نہ ٿئي تہ انهن مان ڪا ھڻي ھنڌ ڪري ويھي.“
امينہ ڳوٺاڻي انداز ۾ چيو. ھوءَ ايترا سال شھر ۾ رھڻ جي باوجود بہ پنھنجي ڳوٺ جي اثر مان ٻاھر نہ نڪري سگهي ھئي.
امينہ جي ڳالهہ ٻڌي ھن جي اکين آڏو جوليا جو چھرو ڦري آيو.
”اھي انگريز مايون ھتي ڪو نہ رھي سگهنديون، اھو خوف اجايو آھي.“
امينہ ڏٺو تہ ھوءَ ارم کي ڊيڄارڻ ۾ ناڪام پئي وڃي، ھن کيس ٻيھر قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
”ھتي ھڪ انجنيئر انگريز مائيءَ سان شادي جو ڪئي آھي. ھو جيڪو سامهون واري فليٽ جي گرائونڊ فلور تي رھي ٿو. ويچاري پھرين زال ڳوٺ ۾ پئي ڇاڻي ٻھاري.“
امينہ جا محاورا منڊيءَ تي ٽڪ ھوندا ھئا، وڃي دل کي ڇھندا ھئا.
اھا ڳالهہ ٻڌي ارم پريشان ٿي وئي ۽ امينہ جي چھري تي فخريہ مرڪ وکري وئي. ھڪ عورت اھو ئي تہ چاھيندي آھي تہ ٻي عورت جو ڪيئن بہ ڪري سک ڦٽي وڃي. امينہ جي وڃڻ کانپوءِ ھوءَ گھري سوچ ۾ ٻڏي وئي. بھرحال ھن سوچي ڇڏيو تہ ھوءَ فاخرہ جي مڙس جي ٻي شادي جي تقريب ۾ نہ ويندي. وقار ڀلي وڃي پر ھوءَ پنھنجي سھيلي سان اھو دوکو نہ ڪندي.ھوءَ سندس ڏک ۾ برابر جي شريڪ آھي. شام جو جوليا ۽ ڪرسٽينا ھن سان ملڻ آيون پر ھوءَ منجهيل ھئي. جوليا ۽ ڪرسٽينا تازي گلاب جيان لڳي رھيون ھيون. يورپ جي عورت زندگيءَ مان مطمئن نہ بہ ھجي پر خوش رھي ٿي. پنھنجي شخصيت کي وساري نہ ٿي ويھي. پنھنجي خوراڪ ۽ جسماني فٽنيس لاءِ فڪرمند رھي ٿي پر مشرق جي عورت مختلف آھي. ھوءَ حالتن کي پنھنجي مٿان مڙھي ٿي ڇڏي.
”اسان ڪافي عرصي کانپوءِ مليا آھيون. مون ڪالهہ ئي وقار کي چيو ھو تہ ڪو پروگرام ٺاھيو پڪنڪ جو. گڏجي ڪنھن پر فضا مقام تي ھلون.“
ان جو مطلب تہ ڪالهہ وقار جوليا سان مليو ھو، پر ھن مون سان تہ اھا ڳالهہ نہ ڪئي. اھو ٻڌي امينہ جي ڳالهہ ياد اچي ويس. شڪ جي ڪنڊن ۾ سندس احساس زخمي ٿي پيو.
”ھا واقعي ڪٿي ھلون، ڪينجهر يا ھاليجي جو پروگرام ٺاھيون.“ ڪرسٽينا جوش سان چيو.
”ھفتي جي موڪلن ۾ وقار چيو ھو تہ ڪينجهر ھلنداسين.“ ارم وساڻل لھجي ۾ چيو.
ان جو مطلب تہ وقار اڳ ۾ پروگرام ٺاھي پوءِ ھن سان اھا ڳالهہ ڪئي ھئي. سندس دل انديشن جي گھرائيءَ ۾ ٻڏي ويو.
اڄ امينہ کيس شڪ جي اوڙاھ ۾ اڇلائي ڇڏيو ھو. ضرور ھن جي مڙس کيس ڪجهہ ٻڌايو ھوندو. ان ڳالهہ جي پٺيان ڪو مفھوم ھوندو. امينہ جو دماغ بہ سڄو ڏينھن پيو ٻين جي گهرن ۾ جهاتيون پائي. ھن وٽ مڪمل ۽ صحيح معلومات ھوندي آھي. ماين وٽ ڪو ٻيو موضوع ناھي ھوندو سواءِ ان جي تہ مرد ٻاھر ڇا ٿا ڪن. ڪھاڻين جون ڪڙيون ملائڻ ۽ نوان افسانا گهڙڻ تہ ڪير کانئن سکي.
”خاموش ڇو آھين؟“ جوليا کيس غور سان ڏسندي چيو.
”نہ مان ٺيڪ آھيان.“ منھن تي زوري مرڪ آڻيندي چيائين.
جوليا ۽ ڪرسٽينا، ارسل ۽ عيني لاءِ رانديڪا وٺي آيون آھن. ارم چانھہ ٺاھڻ وئي.
اڄ ارم کي جوليا ۽ ڪرسٽينا سان ھينڊي ڪرافٽس دڪانن تي وڃڻو ھو. ڪافي عرصي کان چوَن پيون تہ سنڌي ثقافت جا ڪپڙا وٺڻا آھن.
حيدرآباد جي شام خوبصورت ٿئي ٿي. ھن سڄي ملڪ ۾ شايد ئي ڪو اھڙو شھر ھجي، جتي شام جا حسين رنگ گلاب جي پتين جيان کڙندا ھجن. گرميءَ جي ڏينهن جي اھا شام نم جي گهاٽي ڇانوَ جيان ٿڌي لڳي ٿي. ڏينهن ڪيڏو ئي گرم ڇو نہ ھجي پر شام ٿيندي، ٿڌي ھوا وڻن جي پنن سان اکٻوٽ کيڏڻ لڳي ٿي ۽ ماحول ۾ ھوائن جا مڌر سُر وکري وڃن ٿا. شام جي اھڙي پل ارسل، پيءُ کي پنھنجون ٺاھيل تصويرون ڏيکاري رھيو ھو.
ھڪ تصوير کي وقار غور سان ڏسڻ لڳو. فش ايگل جي خوبصورت تصوير ھئي. ڄڻ ماڙيءَ تي ويٺل ساڳيو اصل باز ھجي. ھن ڪجهہ وقت اڳ ماڙي ۽ فش ايگل جون تصويرون ڪڍيون ھيون. ارسل اھا تصوير سامهون رکي ٺاھي ھئي.
”يار تو تہ ڪمال ڪري ڇڏيو.“ وقار خوش ٿي ويو. ارسل جي تصوير جي اڏام ڏسي ھو حيران ٿي ويو. ٻار، فطرت جي سونھن جو حصو آھن، ان ڪري فطرت جي رنگن جي صحيح ترجماني ڪن ٿا. عيني بہ اچي ڀرسان ويٺي ۽ چوڻ لڳي.
”پاپا ھي مون بہ ڊرائنگ ڪئي آھي.“ وقار رنگين تصوير ڏسي ٿو.
دريا جي ڀرسان ٻنين ۾ ھڪ گهر نظر اچي رھيو ھو. آسمان تي پکي اڏامي رھيا ھئا.
”عيني پٽ ھي تصوير توھان ٺاھي آھي؟“
ھن:مصنوعي حيرت مان چيو تہ عيني ڄڻ فخر مان کيس ٻڌائڻ لڳي.“ جي پپا ھي مون ٺاھي آھي، سٺي آھي نہ.“
”اھا ھا تمام سٺي آھي، شاباش.“
وقار ۽ ٻار دير تائين پاڻ ۾ ڪچھري ڪندا رھيا. سندس ٻاراڻن ٻولن ۾ زندگيءَ جو احساس ھو. ھو بلڪل پکين جيان بي ضرر ۽ معصوم ھئا. ٻار نہ ماضي سوچيندا آھن، نہ مستقبل جو کين اونو ھوندو آھي. انڪري ٻارن جي دنيا وڏن جي مقابلي ۾ خوبصورت آھي.
حيدرآباد جي خوبصورت شام رات جي سرھائي مليل اونداھيءَ ۾ سمائجي وئي. رات جي ماني کانپوءِ ھو ٽي وي ڏسڻ ويھي رھيو. ھڪ جنرل جو دؤر حڪومت ھو. جنرل جي بيان تي سياستدانن جا تبصرہ ھلي رھيا ھئا. افغانستان جي صورتحال ۽ بين الاقوامي سياست جي باري ۾ خبرون ٻڌندو رھيو. ارم خلاف توقع خاموش ھئي.
ماڪ ڀنل رات ھوريان ھوريان گذرندي رھي. ارم بہ ڪمري ۾ ھلي وئي. ھو ارم جي خاموشي جي باري ۾ سوچڻ لڳو.
ٻارن جي ڀرسان ليٽيل ارم وري مختلف انداز سان سوچي رھي ھئي. وقار ماحول کان ڪٽيل ۽ اُوپرو محسوس ٿي رھيو ھو، جيئن ھو ھن کي نظرانداز ڪري رھيو ھجي. ان رات ارم کي محسوس ٿيو تہ ڄڻ وقار ھن کان پري ھليو ويو ھجي. ان کان اڳ ان جو سبب مصروفيت سمجهندي ھئي، پر ھاڻ ڪو ٻيو سبب بہ ھن جي سامهون اچي چڪو ھو.
ٻئي ڏينھن جڏھن وقار، ارم کي ڇنڇر تي ھاليجي ھلڻ لاءِ چيو تہ ارم جو موڊ آف ٿي ويو ۽ چوڻ لڳي.
”ٻار بہ بيماريءَ مان ھاڻ اٿيا آھن، مان بہ ٿڪل آھيان.“
”ڇا مطلب؟“
”مان ھلڻ نہ ٿي چاھيان.“
”مون اھو پروگرام ٻارن لاءِ تہ ٺاھيو آھي.“
وقار ھڪدم ڪاوڙ ۾ چيو.
”اسان ڪڏھن اھو طئي ڪيو ھو تہ ھفتي جون موڪلون فقط ٻارن سان وقت گذارينداسين.“ ارم جي ڳالهہ ٻڌي وقار کي محسوس ٿي ويو تہ سندس رويي جي پٺيان ڪا ڳالهہ ضرور آھي.
”ھا اسان ھميشہ آچر تي گڏ ئي رھيا آھيون پر ڪڏھن ماڻهو ڪو مختلف پروگرام بہ ٺاهي سگهي ٿو.“ وقار ڪاوڙ ضبط ڪندي وراڻيو.
”ڪافي عرصي کان مختلف پروگرام ٿي رھيا آھن پر ھن دفعي منھنجو موڊ نہ آھي.“ وقار خاموش ٿي ويو. ان کانپوءِ ارم بہ پنھنجي ڪم ۾ مصروف ٿي وئي. وقار کي محسوس ٿيو ڄڻ ھوءَ کيس نظر انداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھجي.
ارم سوچيو ھو تہ ھوءَ آچر تي ھاليجي نہ ويندي تہ وقار بہ نہ ويندو، پر وقار کيس ٻڌايو تہ ماحوليات جا ميمبر کيس زور ڀري رھيا آھن ھلڻ لاءِ.
اھو ٻڌي ارم ڪو بہ جواب نہ ڏنو. ڇنڇر تي وقار ھاليجي لاءِ روانو ٿيو تہ ھوءَ پھريون دفعو کيس دروازي تي ڇڏڻ نہ وئي. ھڪ عجيب قسم جي ڇڪتاڻ وارو ماحول گهر ۾ پيدا ٿي ويو ھو.
وقار جي وڃڻ کانپوءِ ھو سوچن ۾ گم ٿي وئي. امينہ جي ڳالهين ۾ کيس صداقت نظر اچڻ لڳي. ھوءَ ڪم ۾ مصروف ھئي تہ فون جي گهنٽي وڳي. فاخرہ ڳالهائي رھي ھئي. اڄ سندس مڙس جي شادي ھئي. ھوءَ روئي رھي ھئي. ارم کي سمجهہ ۾ نہ آيو تہ کيس ڪيئن آٿت ڏئي. ڪو ماڻهو تمام گهڻو ڏکويل ھجي تہ آٿت جا ٻول بہ خالي ۽ بي معنيٰ ٿي پوندا آھن.
”ٻار، پيءُ سان ملڻ جي ضد ٿا ڪن، ڇا ڪيان؟“ فاخرہ سخت پريشان ھئي.
”تون گهر ڇڏي ڇو وئينءَ فاخرہ؟“
”مان پنھنجي مڙس کي ڪيئن ٻئي جي حوالي ٿيندي ڏسان ھا!“
”ھا مڃان ٿي اھو ڪنھن بہ عورت لاءِ ھڪ ڏکيو مرحلو آھي، پر ٻارن جو ڇا ٿيندو؟“
”اھا ڳالهہ احسان ڇو نہ سوچي.“
”ٻارن لاءِ توھان ٻنهي کي سوچڻو آھي.“
”ٻارن جي لاء سوچي ھا تہ ڇا اھڙو قدم کڻي ھا؟“
”اھي معاملا زندگيءَ جو حصو آھن، فاخرہ پر تون ائين گهر نہ ڇڏي وڃين ھا.“
”وقار جي ٻي شادي ڪري تہ ڇا تون ان گهر ۾ ئي رھندينءَ؟“
لفظ نہ ھئا ڄڻ ڪو تير ھو، جيڪو سندس دل جي آرپار ٿي ويو. ھوءَ بي يقيني ۽ خوف جي کاھي ۾ ڪرڻ لڳي.
ھڪدم سان ارسل ۽ عيني جا معصوم چھرا اکين آڏو ڦري آيس. روڻھارڪي ٿي وئي. سوال جي ڏک ۾ ئي سندس دل جهري پئي ھئي، جنھن تي اھا قيامت گذرندي ھوندي ان جو ڇا حال هوندو؟ فون رکي ارم دير تائين فاخرہ جي زندگيءَ جي ان الميي تي سوچيندي رھي.
منجهند جو ٻارن لاءِ ماني تيار ڪرڻ لڳي. صبح کان ھن ڪجهہ بہ نہ کاڌو ھو، دل ئي نہ پئي چويس کائڻ لاءِ. پريشان ڪندڙ سوچون رکي رکي کيس بي چين ڪري رھيون ھيون.
مرد جي ٻي شاديءَ جو مطلب آھي تہ سندس پھرين زال ۽ ٻارن سان ناانصافي ٿيندي. ھن ڏٺو ھو تہ مرد ٻن زالن جي وچ ۾ روين جو توازن برقرار رکي نہ سگهندا آھن. نئين ڪنوار جوان ۽ خوبصورت ھوندي آھي. مرد کي خوبصورتي موھي ٿي. ان ڪري ھو پھرين زال جي تڪليفن ۽ قربانين کي وساري ٿو ويھي. فاخرہ بہ زندگيءَ جي ڏکين لمحن ۾ مڙس کي ساٿ ڏنو ھو، پر اڄ ھوءَ ڪيتري ڏکويل ۽ اڪيلي ھئي.
ذھني سڪون کسجي وڃڻ کانپوءِ اُھا ئي خوشگوار زندگي کيس خزان جيان بي رنگ لڳي رھي ھئي.
شڪ بہ گرم ھوا جي جهوٽي جيان آھن، جنھن کي محسوس ڪري احساس جي مکڙي ٽڙڻ کان اڳ ئي ڪومائجي وڃي ٿي.
ٻہ گاڏيون اونگر ڏانھن ويندڙ رستي تي سفر ڪري رھيو آھن. اونگر حيدرآباد کان پنجٽيھ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي قديم ٽڪري آھي. ھن ماڳ کي ڊاڪٽر بريجت آلچن ڳولهي لڌو ھو. آلچن مطابق تہ ھن ماڳ تان دريافت ٿيندڙ پٿر جي اوزارن جو تعلق قديم ترين دؤر سان آھي. ھتي پٿر جا اوزار ٺاھڻ جو ڪارخانو ھو. اُتي پھچي وقار ان سائٽ متعلق سڀني مھمانن کي ڄاڻ ڏيڻ لڳو.
”ھي سڄي ملڪ ۾ منفرد مقام آھي، جتي سومرن جي دؤر سان تعلق رکندڙ پٿر جا اُوزار ملن ٿا.“
”ان ٽڪريءَ جي پکيڙ ڪيتري ھوندي“. ڊيوڊ پڇيو.
”ھن ٽڪري جي پکيڙ لڳ ڀڳ ٻہ سؤ چورس ميل آھي. ھن جو سلسلو جهمپير تائين ھليو وڃي ٿو.“
البرٽ، جوليا، اسٽيو ۽ ڊيوڊ دلچسپيءَ سان اونگر جو پراڻو ماڳ ڏسي رھيا ھئا. ڪجهہ اسٽون ڪرشر کي ڏسي ٽيم تعجب جو اظھار ڪيو.
”اھي اسٽون ڪرشر انهن قديم ماڳن کي نقصان پھچائي سگهن ٿا.“ جوليا چيو.
”سڄي سنڌ ۾ اروڙ وارين ٽڪرين ۽ اونگر مان سٺي معيار جو پٿر ملي ٿو، جنھن جي ڪري تعميراتي ڪم لاءِ اتان پٿر کنيو وڃي ٿو.“ وقار سندس معلومات ۾ اضافو ڪندي چيو.
ان کانپوءِ ھو جهمپير روانا ٿيا. سنڌ جو ڏاکڻو علائقو ’لاڙ‘ سونھن ۽ ثقافت جو مرڪز رھيو آھي. ھي خطو سامونڊي علائقي ۽ دريا جي ڇوڙ سبب مشھور آھي. جهمپير تائين سڄو علائقو کليل ۽ دلڪش نظارن سان مالامال آھي. جهم ڪوٽ ڏسي اچي شيو جي مندر وٽ پھتا. ڪينجهر ۽ سونھري ڍنڍ جي ڇولين کي ڇھي ايندڙ ٿڌي ھوا فرحت بخش ھئي. گهاٽن وڻن جي ڇانورن مان ٿيندا،اڳتي وڌنڌا رھيا. جهم ڪوٽ جي شو مندر ۾ جهاتي پائي سمورا سياح ان فطري ماحول مان لطف اندوز ٿي رھيا ھئا. ھڪ طرف وقار مندر جي ڏاڪڻين وٽ ويھي رھيو. جوليا، البرٽ ، ڊيوڊ، اسٽيو ۽ ڪرسٽينا فطري ماحول جو مزو وٺي رھيا ھئا. وقار ارم ۽ ٻارن کي سارڻ لڳو. ھو ارم جي مزاج جي لاھن چاڙھن جي باري ۾ سوچڻ لڳو. ڪافي عرصي کانپوءِ، ھن ارم کي خاموش ۽ ماحول کان ڪٽيل ڏٺو ھو. ھن کي ڪٿي بہ ڪو اهڙو واقعو نظر نہ آيو، جنھن جو ارم ايترو اثر ورتو ھجي.
”ڇا پيو سوچين؟“ جوليا بہ ھن جي ڀرسان اچي ويھي رھي.
”ڪجهہ خاص نہ.“ وقار کيس ڏسي مرڪيو.
”ارم اچي ھا تہ وڌيڪ مزو اچي ھا.“ جوليا چيو.
”ھا ٻار بہ انجواءِ ڪن ھا.“ وقار وراڻيو.
”مان ڪجهہ ڏينھن کان مسلسل ھڪ ڳالهہ سوچي رھي آھيان.“
”ڪھڙي ڳالهہ؟ “ وقار پڇيو.
”ھتي عورت جي گهريلو زندگي وڌيڪ محفوظ آھي.“
”ھا ائين تہ آھي پر پوءِ بہ ھتي جي عورت کي وڌيڪ آزادي گهرجي.“
”ھتي جي عورت آزاد تہ آھي. اڃا وڌيڪ ڇا ٿي گهري؟“ جوليا حيرت مان پڇي ٿي.
”ھتي زال مڙس جي زندگي مڪمل طور تي آزاد ناھي. اسان اڃان بہ رسمن نڀائڻ ڪري تعلق جي ڏور ۾ ٻڌل آھيون. دنيا داري ۽ رک رکاءُ کان الڳ نہ آھيون.“
”پوءِ بہ ھتي عورت جي عزت ڪئي وڃي ٿي. فيملي لائف ۾ بہ ھو آرام واري زندگي گذاري ٿي. ڪجهہ مسئلا ۽ مونجهارا ضرور ھوندا پر يورپ ۾ عورت لاءِ وڌيڪ مسئلا آھن. اتي زندگي عورت لاءِ وڌيڪ ٿڪائيندڙ آھي.“
”مشرقي عورت، سدائين يورپ ۾ رھندڙ عورت جي آزادي کي ريس جي نگاھ سان ڏسي ٿي.“ وقار مرڪي چيو.
”ھا يورپ ۾ عورت وڌيڪ آزاد آھي، پر اتي گهر جي آزادي جي اھا اھميت نہ رھي آھي، جيڪا مون کي ھتي نظر اچي ٿي، جيئن مان ارم کي رشڪ جي نظر سان ڏسان ٿي. ھن وٽ سٺو گهر، چاھيندڙ جيون ساٿي ۽ ٻہ پيارا ٻار آھن. ھڪ سڪون واري زندگي آھي.“
وقار غور سان جوليا جي اکين جي گھرائي ۾ ڏٺو، جتي خوابن جون وقت کان اڳي ڪومائجي ويل مکڙيون صاف نظر اچي رھيون ھيون.
ھڪ تيز ھوا جو جهوٽو پاڻي جي گھرائي، گلن ۽ ٻوٽن جي سرھاڻ کي بہ ساڻ کڻي آيو. ڪنول جا خوبصورت گل لھرن تي جهومي رھيا ھئا.
”ھا ائين تہ آھي. ھتي عورت جي گهريلو زندگي وڌيڪ محفوظ آھي.“ وقار چيو.
جوليا، خاموشيءَ سان پاڻيءَ ۾ پنن کي ترندي ڏسي رھي ھئي. ساوا ۽ پيلا پن لھرن تي خوبصورت ڏيک ڏيئي رھيا ھئا.
وقار جي دل ۾ جوليا جي ذاتي زندگي جي باري ۾ ڄاڻڻ جي جستجو جاڳي پئي. کيس محسوس ٿيو ڄڻ ڪو اڻ چيل ڏک ھن جي جيءُ کي جهوريندو ھجي، پر فقط سوچي رھجي ويو.
”ھي علائقو ڏاڍو خوبصورت آھي.“ جوليا چيو.
پوءِ ھو لھرن ڏانهن ھلڻ لڳا، جتي ٻيڙين تي چڙھي لھرن جو منظر ڏسڻ لڳا. وقار کي محسوس ٿيو تہ خوبصورت ساٿ وقت جي ھر لمحي جي سونھن کي وڌائي ٿو.
حيدرآباد واپس ايندي شام ٿي وئي. وقار گهر ۾ داخل ٿيو تہ ھر طرف خاموشي ڇانيل ھئي.
ھڪ عجيب قسم جي ڳالهائيندڙ خاموشي. ڪڏھن ڪڏھن محسوس ٿيندو آھي ڄڻ خاموشي کي زبان ملي وئي ھجي. زبان تي مصلحت جا پھرا ھئا، پر روح ھڪٻئي سان ھم ڪلام ھوندا.
ٻار بہ گهر ۾ نہ ھئا، البتہ ارم دورازو کولي بورچي خاني ۾ ھلي وئي. وقار کي محسوس ٿيو ڄڻ تہ ھوءَ روئيندي رھي ھجي. اکيون ڳاڙھيون ھيس.
ٻار ان وقت گهر ۾ داخل ٿيا، کيس ڏسي خوش ٿيا ۽ ڊوڙندا اچي ھن سان مليا.
”پپا توھان ڪاڏي هليا ويا ھئا؟“ ارسل پڇيو.
”پٽ گهمڻ ويا ھئاسين.“
”اسان کي ڇو نہ وٺي ويا.“ ارسل شڪايتي انداز ۾ چيو.
ان وقت ارم چانھہ کڻي آئي.
”امي کان پڇو تہ ڇونہ ھلي. شايد کيس ڪو ڪم ھو.“
وقار مرڪي ارم ڏانھن ڏسي چيو، پر ارم خاموش رھي.
”پپا اسان کي بہ وٺي ھلو ھا نہ.“ عيني بہ پيءُ جي ڀرسان اچي ويٺي.
”غلطي ٿي وئي، آئندہ جتي بہ ويندس توھان کي ضرور وٺي ھلندس.“ وقار مرڪي چيو.
وقار محسوس ڪيو ارم خلافِ توقع گهڻي خاموش آھي. اھا خاموشي ڪنھن طوفان جي اچڻ جو پيش خيمو نہ بڻجي وڃي.
ٻار سمهي رھيا ھئا. ارم ڪمري ۾ ويٺي ھئي. خاموش ۽ پريشان لڳي رھي ھئي. وقار محسوس ڪيو تہ ھوءَ روئي رھي ھئي.
”ڇا ٿيو ارم؟“ وقار ھن جي ڀرسان ويھندي چيو.
”ڪجهہ نہ.“ ارم جا لڙڪ تيزي سان ڳلن تي ڪرڻ لڳا.
”تون جيڪڏھن ٻڌائيندينءِ نہ تہ مون کي ڪيئن خبر پوندي تہ تنھنجي ذھن ۾ ڪھڙي ڳالهہ آھي.“
ارم خاموشيءَ سان لڙڪ لاڙيندي رھي. وقار گهڻي ڪوشش ڪئي تہ ارم ڪجهہ ٻڌائي پر ھوءَ دل جي ڳالهہ زبان تي نہ آڻي سگهي.
وقار سمجهي تہ ويو ھو تہ ھوءَ سندس جهمپير وڃڻ تي ناراض آھي. اڄ آچر جو ڏينھن آھي. سڀاڻي ھو سانگهڙ ويندو. ان کانپوءِ سانگهڙ ۾ ايندڙ ڏينھن تمام گهڻا مصروفيت وارا ھئا. ھفتي جي موڪلڻ تي بہ گهر اچڻ ممڪن نہ ٿيندو، ٻہ ٽي ھفتا کيس سانگهڙ ۾ گذارڻا آھن.
وقار کي محسوس ٿي ويو ھو تہ ارم کانئس گهڻي خفا آھي. شڪ، رشتن جو دشمن آھي. جتي شڪ آھي اتي رشتا غير محفوظ ٿي وڃن ٿا. ذھني سڪون رسي وڃي ٿو ۽ زندگي عجيب قسم جي بي ترتيبي جو شڪار ٿي وڃي ٿي.
وقار ٻئي ڏينھن سانگهڙ لاءِ روانو ٿيو. ارم کيس دروازي تائين اچي خدا حافظ نہ چيو. دل تي بوجهہ کڻي وقار گهر کان ٻاھر نڪتو. گاڏي ھلائيندي سوچيندو رھيو. ھن محسوس ڪيو تہ ارم جي ناراضگي جائز ھئي. ڇو تہ ھو مسلسل پراجيڪٽ ۾ مصروف ھو. ڪجهہ عرصي کان ھن جا موڪل جا ڏينھن بہ مصروف گذريا. فارينرز سان گڏ ھوندو ھو. ڪڏھن ميٽنگ ھوندي ھئي تہ ڪڏھن لنچ يا ڊنر تي گڏ ھوندا ھئا. اڪثر ارم بہ ھن سان گڏ ھوندي ھئي پر ھو ماحوليات جي ماھرن سان تہ ڪڏھن چارلس سان بحث مباحثي ۾ مصروف ٿي ويندو ھو، پر ان مصروفيت جي نوعيت کي ارم کي سمجهڻ کپي. نہ پر شايد ھو اھو سمجهي ٿي تہ مان ڄاڻي واڻي کيس نظر انداز ڪري رھيو آھيان.
سڄو رستو ھو مسلسل ارم جي رويي جي باري ۾ سوچيندو رھيو. ارم دورازي تي اچي کيس مرڪي موڪلائيندي ھئي. ان عمل جي ھن وٽ اھميت ھئي. ھو اھو تمام عرصو ان مرڪ جي سھاري سٺو وقت گذاريندو ھو.
ڀليڪار چوندي وقت يا موڪلائيندي ھڪ ڊگهي سفر تي روانگي وقت زال جي مرڪ اڪيلائيءَ جي ھمسفر بڻبي آھي.
اڄ الائي ڇو ھو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رھيو ھو.
ھاسٽل پھچي تيار ٿي آفيس لاءِ روانو ٿيو. ھو دوستن سان ملڻ لاءِ بي چين ھو. سارنگ بہ ھن سان گڏ ھلي رھيو ھو. ھن تازو سانگهڙ جي جهنگلي جيوت تي مضموطن لکيو ھو. ان باري ۾ وقار کي ٻڌائيندو پيو ھلي.
”ماحوليات جا ماھر سانگهڙ جي جهنگلي جيوت تي ڪم ڪرڻ لاءِ چون ٿا. سندن خيال آھي تہ سانگهڙ جي ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت کي وڌيڪ تباھي کان بچائڻ گهرجي.“ وقار جي اھا ڳالهہ ٻڌي سارنگ تمام گهڻي خوشيءَ جو اظھار ڪيو.
ھلڪا ھلڪا بادل نيري آسمان تي پکين جيان اڏامي رھيا آھن. بھار جو موسم پنھنجي جوڀن تي آھي. مارچ جا شروعاتي ڏينھن آھن. سانگهڙ چھچ ساوڪ جو ويس پھري ورتو آھي. ھر طرف زندگيءَ جو احساس وکريل آھي.
ھلڪي بوندا باندي ٿيڻ لڳي. ونڊ اسڪرين تي ڄڻ تہ ماڪ ڦڙا جرڪي رھيا ھجن.
وڻندڙ احساس وقار کي پنھنجي روح ۾ لھندي محسوس ٿيو.
آسمان تي ھر طرف ڪڪر ڇائنجي ويا ھئا. سندس اکيون وسڻ لاءِ آتيون ھيون، پر چند لڙڪ لاڙي ھوائن جي آڌار تي بادل ويندا رھيا.
***
امينہ جي ڳالهين ارم جي پرسڪون زندگيءَ ۾ ھلچل مچائي ڇڏي. امينہ جي انهن ڳالهين ڪيترن گهرن جي مضبوط ڀتين ۾ ڏارون وجهي ڇڏيون ھيون. ھوءَ ارم جي پرسڪون زندگيءَ سان حسد ڪندي ھئي. عورتن جي زندگيءَ ۾ بي يقيني گهڻي ٿئي ٿي. امينہ جي زندگيءَ ۾ بہ گهڻائي مسئلا ھئا. خانداني جهيڙا جهٽا ۽ سازشون بي انتھا ھيون. ھوءَ ڪافي عرصي کان ڄڻ غير شعوري طور تي ان ڪوشش ۾ رڌل ھئي تہ ارم جي پرسڪون دنيا کي منتشر ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي فاخرہ ھئي، جيڪا اڪثر ارم کي فون ڪري پريشان ڪري ڇڏيندي ھئي. ارم جي زندگيءَ انهن ٻنهي عورتن جي ڳالهين کي ٻڌي ۽ محسوس ڪري شڪ ۽ خوف جي اثر ھيٺ پنھنجي خوبصورتي وڃائي ويٺي ھئي. عورت جي زندگيءَ تي ھن جي پنھنجي سوچن کان بہ وڌيڪ ٻين جي ٻڌايل ڳالهين جو اثر پوي ٿو. ھوءَ بہ منفي سوچن جي اثر ھيٺ اچي وئي ھئي.
انسان جي سوچ جو زاويو ڪنھن وقت بہ بدلجي سگهي ٿو. ٻہ طرح جا واقعا انساني دنيا ۾ رونما ٿين ٿا. ھڪ تہ ظاھري دنيا ۾ جيڪو ڪجهہ ٿئي ٿو، انساني سوچ ان جو اثر وٺي ٿي. ٻي طرف من اندر جي وارتا ماڻهوءَ کي اوچتو ڇرڪائي ٿي ڇڏي.
جيئن ارم ھڪ پرسڪون زندگيءَ گذاريندي ھڪدم مختلف انداز ۾ سوچڻ لڳي.
ھوءَ حقيقت کان وڌيڪ وھم جي پرفريب دنيا ۾ رھڻ لڳي. محبت لاءِ فاصلن جي اھميت نہ ھوندي آھي. محبت يقين ۽ اُتساھ جو نالو آھي. اھا وقت گذرڻ جي محتاج ناھي، نہ ئي اظھار ان لاءِ ڪا معنيٰ رکي ٿو.
محبت ٻن دلين جي وچ ۾ ھڪ خاموش معاھدو آھي. نظرون جنھن جي تجديد ڪنديون رھن ٿيون.
پر ھڪ موڙ تي جڏھن عورت، مرد جو ذميداريون بہ ونڊي ٿي تہ ھوءَ ڪٿي نہ ڪٿي ٿڪجي پوي ٿي. پوءِ ھوءَ احساس جو ڇانورو ڳولهي ٿي. آٿت جي ٻن ٻولن لاءِ واجهائي ٿي. جڏھن ان موڙ تي بہ مرد پاران ماٺار ڇانيل رھي ٿي تہ ڪٿي نہ ڪٿي ڪو ٽيون ماڻهو وچ ۾ اچي وڃي ٿو. اھو ٻاھر جو ماڻهو ھجي يا خاندان جا ماڻهو ھجن، جيئن امينہ سندس خوشين جي پٺيان ڪاھي پئي آھي.
ڪنھن بہ تعلق ۾ جڏھن ڪا وٿي پيدا ٿئي ٿي تہ ان وقت ان رشتي ۾ غلط فھمي يا شڪ جي ڏار پوڻ لڳي ٿي.
شڪ، دوستي ۽ محبت جو دشمن آھي.
سوچ جي رخ بدليو تہ اُھا ارم جنھن پاڻ ڀرائي جي احساس تحت زندگيءَ گذاري ھئي. ھاڻ پاڻ کي اڪيلو ۽ خالي محسوس ڪرڻ لڳي ھئي.
اڪيلائي بہ ذھني ڪيفيتن جي پيداوار آھي.
ارم سوچي ٿڌو ساھ ڀريو. ڏٺو وڃي تہ ھر انسان اڪيلو آھي. سھارا بہ خود فريبي جي تسلسل جي ھڪ ڪڙي آھن. سھارا، انسان کي وڌيڪ ڪمزور بڻائين ٿا، پر ڀرپور محبت، رشتن کي زندگي ۽ سگهہ عطا ڪري ٿو. پوءِ ماڻهو اڪيلو ھوندي بہ پاڻ کي تنھا نہ ٿو سمجهي.
ڀرپور محبت، خود انحصاري جو ذريعو ٿئي ٿي. ھو موجود ۽ غير موجود جي فرق کي وساري ٿو ويھي.
وقار کيس ڀرپور محبت ڏني. تمام گهڻو وقت ۽ ڌيان ڏنو، پر اڄ ھو ساڳيو نہ رھيو آھي، جنھن کي ھو مصروفيت جو نالو ڏيئي ٿو، پر ارم جي دل شڪ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پئي آھي.
”امي ڏسو مون ڪبوتر جي ھڪ نئين تصوير ٺاھي آھي.“
ارسل ھن کي تصوير ڏيکاري . زبردستي مرڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿي . تصوير خوبصورت آھي. وسيع آسمان تي ڪبوتر اڏامي رھيو آھي. ارسل کي پکي وڻندا آھن. ھو بہ پيءُ وانگر پکين جيان اڏامڻ جا خواب ڏسي ٿو. تصوير وٺي ڏسي ٿي. ھڪ ٻار جو تخيل ڪيڏو نہ خوبصورت آھي.
ٻار خوبصورت آھن، انهن کي زندگيءَ جي بدصورتي جي ڪھڙي خبر....!
بدصورتي کي سوچڻ سان ماڻهو بدصورت ٿيندو ٿو وڃي. روين جي بدصورتي ماحولياتي گدلاڻ کان وڌيڪ خطرنڪ آھي. دنيا جنگين ۽ ملڪ اندروني اتنشار جي ور چڙھيل آھن. ھٿيار جي خريد و فروخت جو ڪاروبار عروج تي آھي. انفرادي سوچ جو ٻوٽو تيزي سان اُسري رھيو آھي. انسان جي پناھ گاھ فقط گهر ئي آھي. گهرن ۾ بہ سک نہ ھجي تہ پوءِ انسان ڪيڏانھن وڃي! کيس لڳي ٿو تہ سامهون رکيل فش ايگل جي تصوير ھن جو ڄڻ تہ مذاق اڏائي رھي ھجي.
فش ايگل جي بہ وقار جي زندگي ۾ اھميت آھي. ڏينھن رات ھو فقط پکيءَ جي باري ۾ سوچيندو رھيو ھو. ھر پل ھر گهڙي کيس پکيءَ جي آکيري جو اونو ھو.
يا وري کيس پنھنجا دوست، سنگت ساٿ ۽ ياري باشي نڀائڻ جو اونو ھو. خوبصورت چھرا پڻ ھن جي زندگيءَ جو حصو ھئا، جن مان ھڪ خوبصورت چھرو جوليا جو آھي. خوبصورتي ھر ڪنھن کي موھي ٿي.
ھڪ عاشق مزاج دل فقط سونھن جي سلامي آھي. اھو زندگيءَ جو سچ آھي. اھا ڳالهہ ڪيترا ڀرا امينہ کيس ٻڌائي چڪي ھئي. ھن وٽ سڄي شھر جون خبرون ڪٿان ٿيون گڏ ٿين. ڄڻ تہ ھوءَ جيئري جاڳندي بي بي سي ھجي.
خاص ڪري ٻي شاديءَ جون خبرون. چاھي اُھي لڪل ھجن يا ظاھر ۾ ڪئي وڃي. انهن گهرن جا سمورا جهيڙا کيس بر زباني ياد ھئا. ھر عورت جي زندگيءَ ۾ بي يقيني گڏ ھلندي رھي ٿي.
مان اھو ڪجهہ ڇو سوچي رھي آھيان. تڪليف ۽ چڙ ڏياريندڙ سوچن جي تسلسلي پاڻ ٽوڙي ٿي ڇڏي.
مون کي ڪھڙي پڪ آھي تہ جنھن شڪ منھنجي راتي جي ننڊ ڦٽائي آھي اُھو سچ بہ ھجي!
ائين نہ ھو تہ منھنجي ڳالهہ رد ڪري وقار ڇنڇر تي جهمپير ڇو ويو؟ شايد ھو دل جي ھٿان مجبور ھوندو.
مان بہ ڪيڏي نہ سطحي آھيان.
پر نہ .... ضرور ڪجهہ آھي. ڪا اھڙي ڳالهہ جيڪا سامهون نظر نہ ٿي اچي. گهڻيون شيون سامهون نظر نہ اٿيون اچن، پر وجود رکن ٿيون.
حقيقت گمان آھي يا گمان زندگيءَ جو سچ آھي، پر مان اھو سڀ ڪجهہ ڇو سوچي رھي آھيان. ھڪ ٿڌو ساھ ڀري ھوءَ سوچن جي دنيا مان واپس اچي ٿي ھوءَ بورچي خاني ۾ اچي ماني ٺاھڻ لڳي. وقار ھن جي باري ۾ ڇا سوچيندو ھوندو.
شايد ھو ايتري گھرائي ۾ وڃي نہ سوچيندوھجي، جيئن مان ھن جي باري ۾ سوچي رھي آھيان. ھو ڪم ۾ مصروف ھوندو. ڪم ۾ رڌل ماڻهو فقط پنھنجي ڪم بابت ئي سوچيندوھوندو.
اھو سڄو ڏينھن وقار فون تي نہ ڳالهايو. شام جو ٻار وٺي ھيٺ سامهون پارڪ ۾ ھلي وئي. ٻار ڇٻر تي بال سان کيڏڻ لڳا. باغ ٻارن سان ڀريو پيو ھو.مائرون بينچن تي ويھي ڪچھرين ۾ مشغول ھيون. اھا ھڪ خوشگوار شام ھئي. رنگن ۽ خوشبوئن سان ڀريل. ٿڌي ھوا وڻن کي ڇھي پنن جي سرھاڻ کي ماحول ۾ پکيڙي ڇڏيو. خوشبو، احساس ۾ ھري ذھن کي تازگي بخشڻ لڳي. چؤڌاري ڪيترائي وڻ ھئا. نم، پپر، سرينھن ۽ يو ڪلپٽس جا وڻ. اھي وڻ ارم جي سوچن تي تحرڪ عطا ڪندا ھئا ۽ ھوءَ لفظن جي دنيا ۾ وڃائجي ويندي ھئي. لفظ سرن جي ترتيب ۾ شعرن جو روپ ڌاري وٺندا ھئا.
بظاھر تہ ھو اُتي موجود عورتن سان ڳالهائي رھي ھئي، پر ڌيان ٻئي پاسي ھئس. ھوءَ ان سوچ تي پريشان ھئي تہ اڄ پھريون دفعو وقار نہ ڳالهايو آھي. ان جو مطلب تہ ھو ناراض آھي يا ٿي سگهي ٿو تہ آفيس جو ڪم ھجيس، روز صبح کان رات تائين وقار ھن سان ٽي چار دفعا ڳالهائيندو ھو. ٻارن جو حال احوال ۽ اسڪول جا مسئلا روز زير بحث ايندا ھئا. پر اڄ صبح کان فون جي گهنٽي ناھي وڳي. ھوءَ سوچن جي ھڪ عجيب دنيا ۾ وڃائجي وئي ھئي. پاڇن جي پرفريب دنيا، جنھن ۾ سچ ۽ حقيقت تائين پھچندي سدائين تڪليف جي پل صراط پار ڪرڻي پوندي آھي.
سچ ھڪ واضح صورتحال آھي. گمان جي پٺيان گھري اونداھي لڪل رھي ٿي. ان نامعلوم صورتحال ۾ ڦاسي انسان اڻڄاڻ رستن تي ڀٽڪندو رھي ٿو.
وقار نہ ڳالهائڻ چاھي تہ مان ئي کڻي پاڻ ٿي ڳالهايان. وقار ھن وقت شايد ننڊ پيو ھجي. آفيس مان موٽڻ کانپوءِ ھو اڌ ڪلاڪ سمهندو آھي.
سامهون واري فليٽ ڀرسان ڪار بيٺي. ڪار مان احسان صاحب ۽ سندس نئين نويلي ڪنوار لٿا. فاخرہ جي بدران، ٻي عورت ڏسي الائي تہ ڇو ارم کي ڏاڍو ڏک ٿيو. اھا خوبصورت شام ھڪدم سان اداسي ۾ بدلجي وئي. اتي وڌيڪ نہ ويھي سگهي ۽ گهر واپس ھلي آئي. گهر اچي ٻيھر سوچن ۾ گم ٿي وئي. فون جي گهنٽي وڳي تہ اسڪرين تي فاخرہ جو نمبر ھو، پر ھن وقت ھوءَ اڳ ۾ ئي اداس ھئي، انڪري فاخرہ جون ڳالهيون ٻڌي وڌيڪ پريشان ٿئي ھا.
زندگيءَ جو سڪون ذھني مونجهارن ۾ ڄڻ ڪٿي وڃائجي ويو ھو. سوچ جو انداز بدلجي وڃي تہ زندگي بہ بدلجي وڃي ٿي. زندگيءَ جو معيار بہ سوچ جي معيار تي دارو مدار رکي ٿو.
***

15

چوٽياري ڊيم جو ڪم رولڙي ۾ پئجي ويو ھو. باقي ڳوٺاڻا تہ وقار جي ڳالهہ ٻڌي راضي ٿي ويا ھئا، پر سندس ساٿي علڻ بغاوت جي باھ ٻاري ڏني ھئي. ھن جي اُڪسائڻ تي ڪافي ڳوٺاڻا ٻيھر مڇرجي پيا ھئا. سندن روزگار محدود ھو. مھاڻا تہ ان کانسواءِ بھن، پٻڻ، لوڙھ مان بہ ڪمائين ٿا. انهن درياھن جي ڪنارين تي اُسرندڙ پن، سر ۽ ڪانهن بہ سندن جياپي جو ڪارڻ بڻجي ٿي. انهيءَ پن ۽ سرن جا سلا سندن روزگار جو سبب آھن. مکي ڍنڍ جي آسپاس پکاين جا ڪيترائي گهر آباد آھن. انهن سرن جي ڪانن مان پيھون، منھن، ڇنا، لانڍيون، چونئرا، مڏ ۽ ترھا ٺھن ٿا. ڪانن کي ڇلڻ کانپوءِ موڙا، کاريون، ڇڄ، ڪونڊا ۽ پڃرا پڻ ٺاھيا وڃن ٿا. ايتري ھنر جي باوجود بہ کين ملندڙ اجوري مان ڪو لاڀ حاصل نہ ٿو ٿئي. مھاڻن ۽ پکاين جا ميرا گدلا ٻار غربت جي تصوير بڻيل نظر اچن ٿا. اھو سبب آھي تہ جڏھن مھاڻن جا ڳوٺ، جهوپا، منھن چوٽياري ڊيم جي ور چڙھي ويا. ان ڪري انهن مھاڻن ۽ پکاين ۾ احساس محرومي پيدا ٿي آھي. وقار پکاين وٽ بہ وڃي چڪو ھو.ھن سندن ڪم جو طريقو ويجهو کان ڏٺو ھو. اڪثر پن جي پاڙ کين زخمي ڪري ڇڏي ٿي. صحت جا ٻيا ڪيترائي مسئلا کين وڪوڙي چڪا آهن. ان ڪري جڏھن ئي ھنن ڊيم جي ڪمن ۾ رڪاوٽون وجهڻ شروع ڪيون تہ وقار ڪم بند ڪري ڇڏيو. ڇو تہ ماڻهو ھن تي اعتبار ڪندا ھئا. مھاڻن جا مسئلا جائز ھئا. انهن جي زندگي ڍنڍن ۽ درياھ جي ڪناري تي ڏکي گذرندي ھئي. ھو خطرن کي منھن ڏيئي پاڻيءَ ۾ لھندا ھئا. وقار جو خيال ھو تہ ماڻهن کي مڪمل طور تي اعتماد ۾ وٺي ڪم شروع ڪرائي. ھن کي ڪم جي پروگريس جي باري ۾ رپورٽ ٺاھي انگلينڊ موڪلڻي ھئي. ماحوليات جو ماھر ڪلائيو الڳ کيس زور ڀري رھيو ھو تہ ھو ماڙيءَ جو ڪم جلد شروع ڪرائي. جڏھن تہ چارلس جو خيال ھو تہ وڳوڙي ماڻهن کي ٿاڻي جي ھوا کارائجي، جيئن سندن ھوش ٺڪاڻي تي اچي. اھي پرڏيھي آڦيسر مقامي ماڻهن جي مسئلن کان بي خبر ھئا. وقار ان سوچ ۾ ھو تہ ھو انگريز آفيسرن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ ڪا وچولي راھ ڪڍي، جيئن معاملو وڌيڪ خراب نہ ٿئي. ھڪ اخبار جي صحافي انهن ماڻهن جا انٽرويوز اخبار ۽ نيوز چينل تي ھلايا ھئا. معاملو وڌندو ٿي ويو. ھن ڪلائيو کان ڪجهہ ڏينھن جي مھلت گهري ھئي، ڇو تہ کيس خبر ھئي تہ آڦيسر سدائين مقامي غريب ماڻهن کي دٻائي ڌمڪيون ڏيئي سندن حقن کي پائمال ڪندا رھيا ھئا.
ڏاڍ ۽ مظلوميت جي وچ ۾ ٽڪراءُ ازل کان جاري آھي. الائي انهن مسڪين ماڙھن جي نصيب ۾ سکيا ڏينھن نہ ڄاڻ تہ ڪڏھن ايندا. الائي ايندا بہ يا مسڪينن جو وقت رڳو خوابن جي سھاري گذرندو. وقار، ڪجهہ وقت اڳي سريلنڪا، انڊونيشيا ۽ انڊيا ويو ھو. ھن اتي ڏٺو تہ انهن ملڪن ۾ ھارين ۽ مزدورن جو معيارِ زندگي ھتان جي پورھيتن جي ڀيٽ ۾ ڪافي بھتر ھو. سٺو اجورو ملي تہ ڪم جو معيار بہ بھتر ٿئي ٿو. جتي بي يقيني آھي اُتي ڪم جي ڪارڪردگي بہ متاثر ٿئي ٿي. ھتي مزدورن کي بيماري يا ڪنھن اوچتي حادثي جي صورت ۾ ڪو تحفظ حاصل نہ ھو. سارنگ سان وقار ماڙيءَ ڏانھن نڪري رھيو ھو ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ. ڪيترا ڏينھن ٿي چڪا ھئا، جڏھن تہ ھو ڪنھن سان نہ مليو ھو.
ماڙي ڏانهن ويندي، جڏھن ھو ٻيڙيءَ ۾ ويٺا تہ ھلڪا ڪڪر آسمان تي نظر آيا. فرحت بخش ھوا لڳي رھي ھئي، جيڪا ھوريان ھوريان سڄي ماحول ۾ پکيڙي رھي ھئي. اھا خوشبو ڌيان ڇڪائيندڙ ھئي. جنھن حواسن ۾ سرور ڀري احساس کي مدھوش ٿي ڪيو. ماڙيءَ تي پھتا تہ ڪجهہ پٿر پيا ھئا، جيڪي چوڌاري بند ٻڌڻ لاءِ رکيل ھئا.
وقار کي افسوس ٿيو تہ ڪم اڌورو رھجي ويو. اڄ ڳوٺاڻن سان ٻي ميٽنگ ھئي. ھتان ئي کيس بقار ڳوٺ وڃڻو ھو. ھو چاھي پيو تہ ڳوٺاڻن کي اعتماد ۾ وٺي پوءِ ڪم شروع ڪرائي. مقامي ماڻهو، ھاري، پورھيت ۽ مزدور پاڻ کي اڪيلو سمجهي رھيا ھئا. توڙي جو وقار ۽ ساٿين جون ھمدرديون شروع کان انهن اٻوجهہ ماڻهن سان ھيون، پر ماڻهو خالي ھمدردين مان بيزار ٿي چڪا ھئا. ٻئي پاسي وسندي وارا ڪامورا خاموش ھئا. ان ڪري انهن مسئلن ۽ معاملن جو ڪو بہ عملي حل ملڻ ممڪن نہ ھو. احمد مھاڻو بہ بيمار پيو ھو. وسندي وارن کيس پنھنجي خرچ تي اسپتال ۾ دخل ڪرايو ھو. ماڻهن جا مسئلا ڏسي ھو پريشان ٿي ويندو ھو تہ آخر انهن پورھيتن جو ڇا مستقبل وڃي بيھندو!
آسمان تي پرديسي پکي اڏامي رھيا ھئا، جن کي نہ مکي واسين جي مسئلن جي خبر ھئي نہ ئي ڪوڙ، بناوٽ يا ڌوڪي جي.
پکين جي دنيا حسين آھي، ان ڪري ھن کي پکي وڻن ٿا ٻارن وانگر. ٻوٽا پاڻي ۽ پکي ھن جي زندگيءَ جي سونھن آھي.
ھن کي ارسل ۽ عيني ياد اچي ويا، جيڪي فون تي ھن کي ھٿ سان ٺاھيل تصويرن جي باري ۾ ٻڌائيندا آھن.
پر ٽن چئن ڏينھن کان ھو ٻارن سان رابطي ۾ ناھي. ارم بہ نہ ڳالهايو آھي. ارم بي يقيني ۽ اڪيلائيء جو عذاب ڀوڳي رھي ھئي.
وڏن جي دنيا مختلف آھي. ان ڪري انهن پکين کي ڏسي ھن کي ٻار ٿا ياد اچن. سموري سنڌ جا ٻار....
انهن ٻارن جو مستقبل غير يقيني آھي اھي ٻالڪپڻي کي محسوس نہ ٿا ڪري سگهن. اھي ٻار عمر کان وڏا ٿي ويا آھن. غربت جي چڪي ۾ پسجي ويا آھن.
ھر روز آفيس ويندي مھاڻن جا اڌ اگهاڙا ٻار ڏسندو آھي اھي ٻار نسل در نسل ائين ئي ھئا. اڄ بہ ساڳي حال ۾ آھن. سڀاڻي بہ شايد سندن نصيب ساڳيو ھوندو.
غريب ماڻهوءَ جو نصيب جلدي نہ ٿو بدلجي.
مکي ڍنڍ جي مٿان پرديسي پکين جا لامارا آھن. ھي ڍنڍ سندن جيوت جو سبب آھي. ھڪ گھرو ڇانورو آھي، جنھن تي ويھي ھو پنھنجو ٿڪ ڀڃن ٿا.
”سنڌ جي ٻيلن جو مستقبل خطري ۾ آھي.“ سارنگ چوي ٿو.
”ھا ائين تہ آھي.“ وقار گھري سوچ مان وراڻيو.
”ٻيلن جي زمين ڪمرشل مقصدن لاءِ استعمال ٿيڻ لڳي آھي. شھر جي ڀر ۾ ٻيلن کي ڪٽيو وڃي ٿو. ڪيترن شھرن جي وچ ۾ باغيچا ڪٽي اتي ڪمرشل پلازہ ٺاھيا ويا آھن.“سارنگ اداسي سان چيو.
وقار جو خيال ھو تہ ماحوليات، جهنگلي جيوت ۽ ٻيلن تي وڌ ۾ وڌ لکيو وڃي. قلم وسيلي جڏھن اھي مسئلا وائکا ٿيندا تہ حڪومتي ادارن جو ڌيان انهن ڏانهن ويندو.
سڄي دنيا ۾ ماحوليات تي ڪم ٿي رھيو آھي. سنڌ بہ ھڪ زرخيز خطو آھي. ان ڪري ٻاھريان ماڻهو سنڌ جي جهنگلي جيوت لاءِ ڪم ڪرڻ چاھين ٿا.
اڄ سارنگ ۽ وقار ان موضوع تي ڳالهائي رھيا ھئا.
”اڄ مھاڻن سان ملاقات ۾ جيڪڏھن ھنن رضامندي ڏيکاري تہ ڪم شروع ڪرائبو.“ وقار چيو.
”۽ جيڪڏھن ھنن انڪار ڪيو تہ ڇا ماڙيءَ جو ڪم ملتوي ٿي ويندو؟“ سارنگ پڇيو.
وقار خاموش ٿي ويو. کيس سمجهہ ۾ نہ ٿي آيو تہ ان سوال جو ڇا جواب ڏي.
کيس ٻڏتر ۾ ڏسي سارنگ سمجهي ويو تہ وقار پاڻ ان حوالي سان مونجهاري جو شڪار آھي.
ڇا اھي معاملا ائين ئي منجهيل رھندا؟ ھو بہ گھري سوچ ۾ ٻڏي ويو.
ھوا جي تيز جهوٽي تي مکي جو جهنگ بي اختيار جهومڻ لڳو. ٻوٽن مٿان فضا ۾ ڀنڀوريون اُڏري رھيون ھيون.
سج جا ڪرڻا لھرن تي جرڪي رھيا ھئا. سج جي روشنيءَ ۾ مکيءَ جون لھرون حسين لڳنديون آھن. ھوا جي تيز وھڪرو لھرن ۾ ڪتڪتائي ڪڍڻ لڳو ۽ لھرون گد گد ٿيندي، ھڪٻئي پٺيان ڊوڙڻ لڳيون. ان ئي سمي وقار ڏٺو تہ لھرن ۾ آسمان جو شفاف عڪس تري رھيو ھو. مکيءَ تي لهندڙ شفق ۽ اونھاري جي آغاز جو ھڪ خوبصورت ڏينھن ھو.
فطري ماحول سان مھڪندڙ ھڪ تازو توانو ڏينھن.
مھاڻا مڇيءَ جي ڳولا ۾ اڳتي وڌي رھيا ھئا.
”سائين ڪالهہ مون ھن فش ايگل تي ھڪ مضمون پڙھيو. ھي تہ ناياب ۽ شاھي پکي آھي، جنھن کي ھنن انگريزن سڃاتو، نہ تہ اسان جي لاءِ اھو ھڪ عام پکي ھو.“
سارنگ فش ايگل کي آسمان تي اڏامندي ڏسي چيو.
وقار بہ ان کان اڳ پکين سان دلچسپي نہ رکندوھو، پر ان پکيءَ سان ملاقات بعد ھو پکين جي باري ۾ پڙھڻ لڳو. ھن اڇڙي ٿر جي ڪيترين ڍنڍن جو سير ڪيو ھو، جيڪي سياري ۾ پرڏيھي پکين جو مرڪز رھن ٿيون.
مھاڻا ۽ پکي انهن درياھن ۽ ڍنڍن کان سواءِ اڌورا آھن.
”اڄ مھاڻن سان ملاقات جي باري ۾ وري بہ توھان جي ڪا راءِ ھوندي.“ سارنگ تجسس ۾ مبتلا ھو.
منھنجي خيال ۾ ھو ضد تان نہ لھندا. انگريزن مان ڪن جو خيال آھي تہ ماڻهن کي ٿڦاٿڦي ڪري يا حوالات جو سير ڪرائجي پر مان سندس ان سوچ سان سھمت نہ آھيان. ان معاملي کي ڍر ڏيڻ سبب اھو ڪو نتيجو حاصل ٿي نہ سگهيو آھي. ڇو تہ ڏاڍ ۽ جبر سان اعليٰ اختياري وارا ۽ ڪامورا سدائين پورھيتن تي حاوي ٿي وڃن ٿا. ڪالهہ سڄو ڏينھن ڪڙمي اھو اعتراض واريو بيٺا ھئا تہ ھتان جا زميندار پاڻيءَ جو رخ پنھنجي زمين ڏانھن ڦيريو ٿا ڇڏين. اھي مسئلا حقيقت ۾ طبقاتي ڪشمڪش وڌائين ٿا.“
”جي توھان ٺيڪ ٿا چئو. اسان جي روز مرہ جي زندگيءَ جا جهيڙا گهڻي ڀاڱي ان پاڻيءَ جي ورڇ سان لاڳاپيل آھن.“ سارنگ وراڻيو.
”ھا منھنجي خيال ۾ انهن مسئلن جو تڪڙو حل ممڪن ناھي. ماڻهو سجاڳ ٿي رھيا آھن، کين خبر پئجي وئي آھي تہ سندن حقن سان ھٿ چراند بند ٿيڻ گهرجي. ماڻهن جا مسئلا انساني بنيادن تي حل ٿيڻ گهرجن. ساڻن ڳالهہ ٻولهہ يا ڪچھرين وسيلي سندن مسئلا معلوم ڪيا وڃن ٿا تہ پوءِ معاملو مارا ماري تي نہ پھچندو.“ وقار چيو.
”ڳالهہ ٻولهہ وسيلي ئي بھتر حل نڪري سگهي ٿو.“ سارنگ وراڻيو.
آمريت جو دؤر ھو. سڄو ملڪ ڪيترن مسئلن ۽ مونجهارن ۾ وڪوڙيل ھو. لساني فساد ۽ مذھبي انتھا پسندي ملڪ کي لوڏي رکيو ھو. اندروني خلفشار ڏينھون ڏينھن وڌي رھيو ھو. آمريت جو عفريت ملڪ جي خوشحالي کي وڪوڙي چڪو ھو. معاشي مسئلا ڏينھون ڏينھن وڌي رھيا ھئا.
”باز جا ٻچا تہ وڏا ٿي ويا آھن، پر اڃان تائين اڏامندي نظر نہ آيا آھن.“ سارنگ پڇي ٿو.
”ھڪ سو ٽيھن ڏينھن بعد گهڻو ڪري ڪڙل جا ٻچا اُڏامڻ لائق ٿين ٿا. ھاڻ اڏامڻ وارا ھوندا. مھيني ڏيڍ ۾ ھي پکي وري واپس سائبريا ھليو ويندو.“
وقار مٿي آسمان ڏانهن ڏٺو، جتي ڪڙل جو جوڙو اڏامي رھيو ھو. آسمان جو نيرو رنگ ھن جي اکين ۾ لھي آيو. ساڳيو رنگ مکي جي لھرن تي ڇلڪي رھيو ھو. آسمان جي مختلف رنگن ۾ مکي ڍنڍ جو حسن لازوال ٿي پوي ٿو.
ھي ناياب پکي شڪارين ۽ ماحولياتي آلودگي جي نظر ٿيو وڃي. ھونئن بہ قدرتي موت ۽ گهٽ پيدائش سبب، بازن جا ڪيترا نسل ڌرتيءَ تي آخري پساھہ کڻي رھيا آھن.
ھن ٻيٽ تي جوڻيجن جي ھڪ ٻي ماڙي اڃان موجود آھي. وزير ۽ وڏيرا شڪار جي شوق جي پورائي لاءِ ھتي اچي ترسن ٿا. تازو ئي ڪتن جو شوقين اڳوڻو وڏو وزير سوئرن جي شڪار لاءِ ھت آيو ھو.
”ڇا چوٽياري ڊيم ڀرجڻ بعد ھي ماڙي بہ ٻڏي ويندي؟“
”ظاھر آھي تہ ائين ٿيندو ڇو تہ ماڙي پراڻي ۽ زبون حالت ۾ آھي. پاڻيءَ جو زور نہ سھي سگهندي. ائين ماڙيءَ تي ٺھيل باز جو آکيرو بہ لڙھي ويندو.“ وقار جواب ڏنو.
”ان جو مطلب تہ ماڙيءَ جو ڪم ھر حالت ۾ ٿيڻ گهرجي.“ اھو چئي سارنگ گھري سوچ ۾ ٻڏي ويو.
”منھنجي خيال ۾ ھن وقت اھو ڪم جاري رکڻ کپي، پر ڏسجي تہ ڇا ٿو ٿئي.“ وقار ٿورو مايوس ھو.
ٻيڙي ۾ ويھي واپس ٿيڻ لڳا تہ پاڻيءَ ۾ رستو ٺاھيندي ٻيڙي ڪناري ڏانھن وڌ لڳي.
رات پنھنجا پاڇا ڌرتيءَ تي پکيڙيا تہ ھر طرف اونداھي ڇائنجي وئي. سانگهڙ ۾ راتيون تمام گهڻيون اونداھيون ۽ پراسرار ٿين ٿيون. ھي سنڌ جو قديم شھر آھي، جيڪو وقت سان گڏ تبديل نہ ٿيو آھي، سنڌ جا شھر اڃان پوئتي پيل آھن، پوک کان وٺي آبپاشي نطام تائين اڃان نوان ۽ جديد طريقا رائج ٿي نہ سگهيا آھن. اڄ ھو پاڻ کي ٿڪل محسوس ڪري ٿو. جسماني طور ماڻهو گهٽ پر ھتي ذھني طور تي وڌيڪ ٿڪجي ٿو. ھن جو ذھن مستقل آفيس جي مسئلن ۾ الجهيل ھو.
ٿوري دير اڳ ارم جو فون آيو. نارمل طريقي سان ڳالهائي رھي ھئي. شايد پنھنجي غلطي جو احساس ٿيو ھوندس يا وري ڪجهہ لڪائڻ جي ڪوشش ڪري پئي.
ٻار بہ خوش ھئا. ھيانءَ تي بار ڪجهہ ھلڪو ٿيندي محسوس ڪيائين. ٻئي ڏينھن ڪلائيو ۽ ٻين کي بقار ڳوٺ ڀرسان ڪلاچ ڍنڍ وٺي وڃڻو ھيس. ھتي آفيس جو ڪم ڪندي رھڻ سان ھو فارينرز جو گائيڊ بہ ھو. وقار سانگهڙ جي آسپاس چپو چپو گهميو ھو. کيس ائين محسوس ٿيندو ھو ڄڻ ھو جنم جنم کان ھن خطي جو رھواسي ھجي. حرن جي تاريخي ويڙھ جو اکين ڏٺو شاھد.....
ھتان جي پراڻن ماڻهن ۾ تاريخ جو ورجاءُ اڄ بہ آھي. سانگهڙ جا سگهڙ ۽ لوڪ ورثي جا وارث ڳالهين ۾ اڄ بہ سورھيہ بادشاھ جي بھادري ۽ ڌرتيءَ لاءِ سر ڏيڻ جي قصن جو ذڪر ڪن ٿا.
ھي ڌرتي ڌاري جي ڏاڍ ۽ ڏھڪاءُ سان ڀري پئي ھئي. وک وک تي انهن واقعن جون يادون وکريل ھيون. اڄ بہ حر پنھنجي ابن ڏاڏن جي قربانين جو ذڪر فخر سان ڪن ٿا. سانگهڙ جي تاريخ حرن جي ريٽي رت سان قربانين جا گلاب پوکيا آھن. ھڪ نسل جي قرباني ٻي نسل جي خواب کي ساڀيان عطا ڪري ٿي. پر شرط اھو آھي تہ ٻيو نسل، ماضيءَ مان سبق پرائي وڌيڪ سمجهو ۽ ڏاھپ ڀريو ھجي.
جدوجھد جو ھڪ ڊگهو تسلسل آھي، جنھن ۾ سنڌ ۽ اڄوڪي اڇڙي ٿر جي تاريخ ڳاٺ اوچو ڪري بيٺي آھي.
اھا تاريخ گهٽ ماڻهن کي خبر آھي. تاريخدان جيڪي ان موضوع تي لکن ٿا يا وري ڪجهہ تعليم يافتہ ماڻهو ھن باري ۾ معلومات رکن ٿا. ھڪ عام ماڻهو سنڌ جي تاريخ کان واقف نہ آھي. تاريخ جي پنھنجي اھميت آھي.
سنڌ جي تاريخ اسان کي پنھنجي ماضيءَ جي غلطين جي باري ۾ ٻڌائي ٿي.
سوچ جي گھرائيءَ ۾ ھو الائي ڪاڏي ھليو ويو. خيالن ۾ ھن پاڻ پاڻ کي بہ ھڪ پکيءَ جيان محسوس ڪيو. ھو مکي ڍنڍ جي ھڪ وڻ تي ويٺا ھئا.
”تون بہ اسان مان آھين.“ سڀني کيس چيو.
”ھا تو وٽ اسان جھڙي دل آھي.“ ڪوڏ پرڙا ڇنڊيندي چيو.
ھن ھڪ بارش وسڻ جو تاثر ٻڌو ۽ ڪوڏ جي پرن مان مکيءَ جو پاڻي ماڪ ڦڙن جيان وسڻ لڳو.
پکيءَ جھڙي دل ھئڻ ھڪ وڏو اعزاز ھو ڄڻ تہ ھو فخر وچان مٿي اڏامڻ لڳو، بادل جي ڀرسان.....
”تون اسان لاءِ سوچين ٿو، اسان جي واھيري کي بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيو آھين، اسان تنھنجا ٿورائتا آھيون.“ ڪوڏ چيو.
”پر توھان کي ان ڳالهہ جي ڪيئن خبر پئي.“ وقار پڇيو.
”پکين وٽ بہ احساس آھي، انسان وانگر.“ سپي چيو.
”اھو آکيرو اسان جي واحد پناھ گاھ آھي.“ ڪوڏ ڍنڍ جي لھرن کي ڏسندي چيو.
”ھا دنيا ۾ ٻئي ڪنھن ھنڌ اھڙو سڪون ناھي، جيترو ھتي اسان کي سنڌ ۾ مکي ڍنڍ تي اچي ٿو.“ سپي بہ ڇولين ۾ ڏسڻ لڳي، جتي ھڪ ڄرڪو تري رھيو ھو.
ڄرڪو شڪاريءَ جي نظر کان بي خبر پاڻي ۾ مزي سان ترندي ننڍين مڇين کي ڳڙڪائي رھيو ھو.
”مکيءَ جي مڇي مزيدار آھي.“
ڪوڏ جي وات ۾ ڄرڪو ڏسي پاڻي اچي ويو.
”ھتان جو پاڻي بہ مٺو ۽ کاڌو بہ سواد وارو آھي.“
سپي پاڻيءَ جي لھرن کي ڏسندي چيو. ڪوڏ تيزيءَ سان مکيءَ جي لھرن تي واءُ مينھن ڪندو لٿو. ھڪ تيز آواز ٿيو ۽ ٻيا پکي خوف وچان اڏامي ويا. ھڪ مانڌاڻ مچي ويو، ھر طرف پاڻيءَ ۾ بہ ھڪ وڏو آواز ٿيو. ڄرڪو پنھجي مستيءَ مان نڪري پاڻ ڇڏائڻ لڳو پر باز جا چنبا سخت ھئا.
ھر شڪاري، شڪار وقت موج ۾ اچي ويندو آھي.
شڪار کڻي باز مٿي اڏاميو تہ سندس پرن مان ماڪ ڦرا وسي رھيا ھڱئا. سپي بہ وڻ جي ٽار تان اڏامي وئي.
اوچتو فون جي رنگ وڳي تہ ھو ڇرڪ ڀري خيالن جي دنيا مان واپس آيو. ھن فون نہ کنئي.
ھو پاسو ورائي، اکيون بند ڪري وري سوچڻ لڳو.
اھي پکي بہ پنھنجي آکيري ۾ آرامي ھوندا. پوءِ کيس احساس ٿيو تہ ھو پنھنجي آکيري کان پري آھي.
پنھنجي گهر جھڙو سڪون دنيا ۾ ڪٿي بہ ناھي ارسل جو تصور ھن سندس ذھن ۾ تي آيو. عيني جي مرڪ ويساھ بڻجي ھن جي ذھن ۾ ڪرڻا وکيرڻ لڳي.
ارم جي پنھنجائپ ۽ محبت ڀريو احساس کيس بي چين ڪرڻ لڳو.
ھوءَ اڄڪلهہ باز جي ان جوڙي کان ڄڻ ناراض ھجي. ھو بہ پکين جي باري ۾ ڪيڏو نہ سوچي ٿو. کيس بازن جي ان پريمي جوڙي سان محبت ٿي وئي آھي. اھي سنڌ ڌرتيءَ سان ايترو پيار ڪن ٿا. موٽ ۾ کين پيار ملڻ گهرجي. ھو محبت جا حقدار آھن. سندن معصوم دل کي ساراھڻ گهرجي. ھي پريت جي ريت نڀائڻ وارا آھن. پکين جي باري ۾ ڪي پل سوچيندو رھيو. ٻاھر رات جو پلئہ ھوريان ھوريان آسمان جي مک تان کسڪندو رھيو. ھو بہ ننڊ جي وادين ۾ لھي ويو.
***

16

ٻئي ڏينھن آفيس ۾ وقار کي خبر پئي تہ آفيسر کيس ڪجهہ ڏينھن لاءِ حيدرآباد آفيس جي ڪم سان موڪلي رھيا آھن.
اھا خبر ٻوسٽ ۾ سانوڻي جي برسات جيان کيس محسوس ٿي. گهر جو سک سندس احساس ۾ ھرڻ لڳو ھو. ارم ۽ ٻارن سان ملڻ لاءِ بي چين ھو.
آفيس جي ڪم نبيري ھو حيدرآباد وڃڻ لاءِ نڪرڻو ھو. ھو ڪمپيوٽر ۾ فائيل کولي ڪم ۾ مصروف ھو تہ جوليا اندر آئي. وقار مرڪي کيس ڀليڪار چيو.
”پليز ويھو.“ وقار کيس مرڪي چيو.
”مھرباني.“ ھن انگريز مليل جليل لھجي ۾ سنڌيءَ ۾ چيو.
سرنھن جي گلن جي رنگ جي کيس شرٽ پيل ھئي. ڄڻ ڪو بھار جو نياپو کڻي آيو ھجي، پر ھوءَ سرنھن جي گل کان وڌيڪ خوبصورت ھئي. ھوريان ھوريان احساس ۾ جذب ٿيندڙ.....
”ھي ٻارن کي منھنجي طرفان گفٽ ڏجو.“ جوليا پيڪيٽ ٽيبل تي رکيو.
وقار ڪو رسمي جملو ڳالهائڻ وارو ھو پر جوليا چيو. ”ھي ٻارن جي پسند جا رانديڪا آھن، جيڪي کين پسند ايندا.“
”توھان پاڻ کين ڏيو ھا تہ وڌيڪ بھتر ھو.“
”خبر ناھي ڪڏھن حيدرآباد وڃڻ ٿئي.“ جوليا جواب ڏنو.
ٻار ھر دفعي توھان جو پڇندا آھن.“
”ھا ٻارن کي ڪو ڌيان ڏئي ۽ سندن دلچسپيون شيئر ڪري تہ ٻار ان ماڻهوءَ کي پسند ڪن ٿا.“
”توھان کي تہ تمام گهڻو پسند ڪن ٿا.“ وقار چيو.
”ٻئي پيارا ٻار آھن. تخليقي ذھن رکن ٿا. سندن تصوراتي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ مون کي مزو ايندو آھي.“
جوليا ٻارن لاءِ نرم گوشو رکي پئي. جوليا جي وڃڻ کانپوءِ ھو باقي ڪم ڪار نبيري ھاسٽل لاءِ نڪتو. ضروري سامان کڻي حيدرآباد روانو ٿيو.
ھڪ وڻندڙ احساس ھن سان گڏ ھو. جوليا جو ڏنل پنھنجائپ ڀريو احساس.....
پنھنجائپ جيڪا ھن دور ۾ اڻ لڀ ٿيندي ٿي وڃي.
***
حيدرآباد پھتو تہ شام ٿي چڪي ھئي، کيس حيدرآباد جي شام شروع کان وڻندي ھئي. ٿڌي ۽ خوشبوءَ سان واسيل.... اھي شامون ھر ٻاھران ايندڙ ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڇڪين ٿيون.
گهر پھتو تہ ٻار ساڻس ملي خوش ٿيا. ارم کيس ڏسي حيران ٿي وئي. ھن پنھنجي اچڻ جو کيس اطلاع نہ ڏنو ھو.
ٻارن رانديڪن جو پيڪٽ کولي. ارسل لاءِ فرجو ھڪ خوبصورت ڪتو ھو ۽ عيني لاءِ پنڪ پينٿر....
رانديڪا ڏسي ٻارن جا چھرا خوشيءَ وچان ٻھڪڻ لڳا.
وقار کي محسوس ٿيو تہ ارم جو چھرو ڄڻ وسامي ويو ھجي....
شام جو جڏھن گهمڻ نڪتا تہ ارم خاموش ھئي. گاڏي پارڪ جي اڳيان بيھاري ھو اندر داخل ٿيا. ٻار ڊوڙڻ لڳا. عيني پينگهہ تي ويھي لڏڻ لڳي. ارسل فٽ بال کڻي آيو ھو. ان جي پٺيان ڊوڙڻ لڳو. ڪي ٻيا ٻار راند ۾ شامل ٿي ويا.
وقار ۽ ارم بينچ تي ويھي رھيا.
”ارم توکي ڪا شڪايت آھي تہ ٻڌاءِ. چوڻ سان دل جو بوجهہ ھلڪو ٿي وڃي ٿو.“ وقار ٿڪل لھجي ۾ چيو.
”مان اڪيلي سر گهر جو بار کڻندي ٿڪجي پئي آھيان.“ ارم جي لھجي ۾ صدين جو ٿڪ ھو.
”ھر ماڻهو ٿڪجي ٿو. ٿڪ زندگيءَ جي علامت آھي.“ وقار مثبت انداز ۾ چيو.
”ٻار وڏا ٿي ويا آھن. ھو چاھين ٿا تہ پيءُ سان گڏ رھن.“
”حيدرآباد ۾ سٺا اسڪول آھن. مان نہ ٿو چاھيان تہ سندن پڙھائي متاثر ٿئي.“
”مان بہ اڪيلي نہ ٿي رھڻ چاھيان.“
”تون اڪيلي تہ نہ آھين ارم.“ وقار سندس اکين ۾ ڏسندي چيو.
”مان پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳي آھيان.“
”اها فقط تنھنجي سوچ آھي، پر حقيقت ۾ ائين نہ آھي.“ وقار، ارم جو ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ وٺي پيار مان چيو.
”ٻار پيءُ ماءُ سان گڏ ھڪ سٺي گهريلو زندگي گذارڻ چاھين ٿا.“ ارم اداسي سان چيو.
”ھر ماڻهو پنھنجي مرضيءَ سان زندگي گذارڻ چاھي ٿو، پر پسند جي دنيا ملڻ ناممڪن آھي.“
”ڇا انسان کي پنھنجي پسند جي زندگي گذارڻ نہ گهرجي.“ ارم اڄ سنجيدہ ھئي.
”جيڪڏھن اھا سندس اختيار ۾ ھجي تہ پوءِ ممڪن آھي. پسند جي دنيا نہ حاصل ٿيڻ ڪري احساس محروم ۾ ويڙھجي وڃي ٿو. انسان کي حقيقت پسند ٿي جيئڻ گهرجي.“
گهمڻ دوران بہ ارم کيس زور ڀرڻ لڳي تہ ھوءَ سانگهڙ ھلي رھڻ چاھي ٿي. اھا ھڪ نئين صورتحال ھئي، جيڪا وقار جي سامهون ھڪ نئون مسئلو کڻي بيٺي ھئي. ان ڪري ھو وچولي ڳالهہ ڪري خاموش ٿي ويو. ڇو تہ ارم بي يقيني جي ڪيفيت ۾ ھئي. وقار کي محسوس ٿيو، ڄڻ ھوءَ جوليا کان خوفزدہ ھجي! محبت وڃائڻ جي خوف ھر عورت سان عمر ڀر ساڻ رھي ٿو. چاھي ھن جو مڙس ڪيترو بہ خيال رکي، کيس ساراھي پر ھوءَ اندر جي انديشن ۾ جهرندي رھي ٿي.
شايد عورت ھڪ اڃ جو صحرا ٿئي ٿي، پيار جي گهرج ۾....
گهر موٽيا تہ ٻار لائونچ ۾ کيڏڻ لڳا. وقار ٽي وي ڏسي رھيو ھو. جوليا جو فون آيو. جوليا ٿوري دير ارسل سان ڳالهائڻ کان پوءِ ٻارن سان ڳالهائڻ لڳي. ٻار خوش ھئا. کيس ٻڌائڻ لڳا تہ ھنن کي رانديڪا تمام گهڻا پسند آيا آھن. ارم جو منھن لھي ويو. ھوءَ اُٿي ٻئي ڪمري ۾ ھلي وئي. فون رکي ارسل ۽ عيني ھن جي ڀرسان اچي ويٺا.
”بابا توھان جو ڊيم ٺھي ويو؟“
ارسل پڇيو. ھن جي انداز تي وقار مرڪي پيو.
”ڪم اڃان ھلي پيو.“
”ڪڏھن پورو ٿيندو؟“ ارسل تجسس منجهان پڇيو.
”ڪجهہ مھينا لڳندا.“ وقار مرڪي پيو.
”بابا فش ايگل جا ٻچا ھاڻ اڏامندا آھن.“ عيني پڇي ٿي.
”نہ اڃان تائين اڏامڻ سکن پيا.“
”ٿورو ٿورو اڏامندا ھوندا. ھا نہ پپا؟“ ارسل چيو.
”ھا ٿورو اڏاميو وري ساھي پٽي ٻيھر اڏامندا آھن.“ وقار ٻارن جي ڳالهين تي محفوظ ٿيندي چيو.
”ٿڪجي پوندا ھوندا، ننڍا آھن نہ.“ عيني چوي ٿي، جيڪا ڳاڙھي فراڪ ۾ گلاب جي مکڙي لڳي رھي ھئي. وقار سندس معصوم ڳالهين تي لطف اندروز ٿي کلندو رھيو. ٻار ھن جي زندگيءَ جوحسن آھن. وڏن جي دنيا ۾ رکيو ئي ڇا آھي، سواءِ تلخ تجربن جي. وقار ھڪ ٿڌو ساھ ڀريو.
ٻئي ڏينھن آفيس جي ڪمن ۾ وقار کي شام جا ڇھ ٿي ويا. گهر موٽيو تہ ارم سندس انتظار ڪري رھي ھئي.
”اڄ دير ڪئي اٿوَ؟“
”ھا ڪم گهڻو ھو.“ وقار جواب ڏنو. ھو ٿڪل ٿي لڳو.
ارم گھري سوچ ۾ ھئي. ھو بدلجي وئي ھئي. حالات جي تقاضا کي سمجهڻ بدران معاملن کي پنھنجي انداز سان ڏسڻ لڳي ھئي. کيس خوف ھو تہ ڪٿي سندس پرسڪون دنيا انتشار جي ور نہ چڙھي وڃي.
ارم کي بہ ان ڳالهہ جو احساس ھو تہ امينہ جي ڳالهين ھن جي پر سڪون زندگيءَ ۾ ھلچل مچائي ڇڏي ھئي. سوچ جو انداز بدلجي وڃي تہ حالات بہ سوچ جي رخ مطابق ھلڻ لڳن ٿا. معاملي جي نوعيت کي مختلف ماڻهو پنھنجي طريقي سان ڏسن ٿا.
سوچ جو انداز، زندگيءَ جو رخ تعين ڪري ٿو. ارم گهڻي ڪوشش ڪئي تہ سوچ جي ان انداز کي بدلائي پر تھائين اھا سوچ سندن ذھن ۾ پختي ٿي رھي ھئي. مونجهارن کي اظھار جو رستو ملي وڃي تہ مسئلا حل ٿي ويندا آھن. ھن جي ذھن ۾ اھا سوچ ڌرڻو ھڻي ويٺي ھئي تہ وقار کيس نظرانداز ڪري رھيو آھي. ھو آفيس ۽ ٻاھر جي معاملن کي وڌيڪ وقت ڏيئي ٿو. اھو سچ بہ ھو ڇو تہ چوٽياري ڊيم تي ٿيندڙ مسئلن کانپوءِ ھو انهن جي سلجهائڻ ۾ مصروف ٿي ويو ھو. زندگيءَ ۾ اھي لاھا چاڙھا تہ اچن ٿا، پر جڏھن وقت گهٽ ھجي ۽ خيالن جي ڏي وٺ ۽ اظھار جا موقعا نہ ملڻ تہ ذھني فاصلا وڌي وڃن ٿا. ارم پروگريسو خيال رکندڙ عور ت ھئي، پر وقار کي پاڙي ۾ رھندڙ امينہ کان ان معاملي ۾ ڊپ لڳندو ھو تہ ڪٿي سندس منفي ڳالهيون ارم تي حاوي نہ ٿي وڃن. ھڪ ڏينھن وقار محسوس ڪيو تہ ارم بہ مختلف انداز ۾ سوچڻ لڳي آھي. بي يقيني جي اڏوھي ھوريان ھوريان پنھنجو ڪم ڏيکاري ٿي. غير محسوس انداز ۾ گهڻو ڪجهہ بدلجندو رھي ٿو....
وقار کي خبر ھئي تہ معاملا ۽ مسئلا ڪڏھن بہ ساڳيا نہ ٿا رھن. اُھي مستقل سوچ سان گڏ تبديل ٿيندا رھن ٿا. پر ھي وقت وقار کي ڏکيو لڳي رھيو ھو. توڙي جو ارم پنھنجو رويو تبديل ڪري ڇڏيو ھو، پر ھن جي انداز ۾ ساڳيو فطري پڻو نہ ھو. ڪٿي سندس ذھن جي ڪنھن ڪنڊ ۾ بي اطميناني جي چڻنگ دکندي رھندي ھئي. يا سندس خاموش سواليہ نظرن ۾ وقار کي تڪيلف محسوس ڪرائيندڙ اڻ تڻ ھوندي ھئي. ھو پنھنجي پر ۾ ڪوشش ڪري ٿو تہ ارم کي سٺو احساس ڏيڻ جو، جيئن ھوءَ ڀوائتي سوچن جي ڪُن مان ٻاھر نڪري، زندگيءَ جي ھلچل ڏانھن واپس وري سگهي.
ھوءَ ھڪ ماءُ بہ آھي، جنھن جي ڪيفيتن جو اثر ٻارن تي پوي ٿو. ماءُ سان ناانصافي حقيقت ۾ ٻار سان ناانصافي آھي. ان ڪري ھو ڪوشش ڪري پيو تہ ڪيئن بہ ڪري ارم جي ذھن ۾ ٻرندڙ چڻنگ کي ڀنڀٽ بڻجڻ کان اڳ ئي ٿڌو ڪري ڇڏي. ھن دوستن جا ڪيترا گهر محض غلط فھمين جي ڪري تباھ ٿيندي ڏٺا ھئا، جيڪي پاڻمرادو مسئلن جي ور چڙھي ويا. وقار وٽ گهر ۽ ٻارن جي اھميت ھئي. ڪيترن گهرن جون خوشيون وچ وارن ماڻهن جي شرارتي بي بنياد ڳالهين جي نذر ٿي وينديون آھن. اھي ننڍا مسئلا آھن، انهن کي ڪا بہ اھميت نہ ڏيڻ گهرجي. اھميت رشتن جي آھي. مسئلا پيدا ٿي ختم ٿيندا رھن ٿا. ان کي بنياد بڻائي رشتن کي نہ ٽوڙجي...
اُھا رات بہ اھڙي ھئي، جنھن ۾ کيس محسوس ٿيندو رھيو تہ ارم جاڳي پئي. در کلڻ تي ھن جي اک بہ کُلي وڃي پئي. ڪمري ۾ آواز ۾ چرپر کي وقار محسوس ڪندو رھيو. ان وقت ڪجهہ چوڻ مناسب نہ ھو. ڪو اھڙو موقعو ڏسي ڳالهہ ڪندو. ھر ڳالهہ جو ھڪ وقت ٿئي ٿو. وقت کان اڳ ڪجي يا پوءِ ان ڳالهہ جي اھميت باقي نہ ٿي رھي. ائين ننڊ جاڳ جي ڪيفيتن ۾ وقت گذرندو رھيو.
ٻئي ڏينھن آفيس مان موٽيو تہ امينہ ڊرائنگ روم ۾ ارم سان ويٺي ھئي. کيس ھوريان ڪجهہ چوي پئي. وقار کي ڏسي امينہ چپ ٿي وئي. وقار ڪمري ۾ ھليو آيو. ارم بہ ھن سان ڊرائنگ روم ۾ ويٺي رھي، جڏھن ھوءَ وئي تہ ڪمري ۾ پاڻي کڻي آئي. پاڻي ڏئي ٻاھر نڪري وئي ماني لڳائڻ.....
رشتن ۾ جتي بہ فاصلو ٿئي ٿو اُتي ٽيون ماڻهو وچ۾ اچي فائدو وٺي ٿو. ماني کائيندي بہ ارم خاموش ھئي. شام جو ڪنھن ڳالهہ تي وقار ناراض ٿي ويو. ھن کي اڳ ۾ ئي ڪاوڙ ھئي تہ ارم، امينہ سان ايتري گھري ڇو ٿي آھي. امينہ جي مخالفت ٻڌي ارم کي بہ برو لڳو.
”مان ھتي اڪيلي آھيان. ھوءَ منھنجو ۽ ٻارن جو خيال رکي ٿي.“
”پر ان جو اھو مطلب نہ آھي تہ تون امينہ سان گهڻو وقت گذارڻ لڳين. ھوءَ منفي سوچ رکندڙ مائي آھي. ھن ڪيترن ئي گهرن ۾ جهيڙا وڌا آھن.“
”نہ ھوءَ تصوير جو اصلي رخ ڏيکاري ٿي. اھا ڳالهہ ماڻهن کي بري لڳي ٿي.“ ارم ڪاوڙ ۾ چيو.
”تصوير جو اصلي رخ ڇا مطلب؟“ وقار حيرت مان پڇيو، پر ارم جواب نہ ڏنو. ان وقت ڳالهہ ختم ٿي وئي، پر ٻئي ڏينھن وري وقار ۽ ارم ننڍي ڳالهہ تي وڙھي پيا ائين سندن ڳالهہ ٻولهہ بند ٿي وئي.
ٻئي ڏينھن جڏھن وقار واپس سانگهڙ اچي رھيو ھو تہ ارم کيس چيو تہ ھوءَ وڌيڪ ھن سان زندگي نہ ٿي گذاري سگهي. ھوءَ ٻار وٺي وڃي پئي.
بي اطميناني زندگي کي تڪميل تائين پھچڻ کان روڪي ٿي.
وقار صدمي کان پنڊپھڻ ٿي ويو. وقار ڪو بہ جواب نہ ڏنو ۽ ٻاھر نڪري آيو. سڄي واٽ سوچيندو رھيو. دنيا ٻن قسم جي ماڻهن ۾ ورھايل آھي. ھڪ اُھي ماڻهو جيڪي ناخوش آھن ۽ ٻيا جيڪي پنھنجي زندگيءَ ۾ مطمئن آھن پر ناخوش ماڻهو ٻين کي بہ تڪليف ۾ ڏسڻ چاھيندا آھن. ائين اذيت پسند رويا جنم وٺن ٿا.
وقار کي خبر ھئي تہ ارم بہ ضدي عورت آھي. ڪا بہ ڳالهہ جيڪا سندس ذھن ۾ ويھي ٿي رھي، ان کي ذھن مان جلدي ڪڍي نہ سگهندي آھي، پر وقار معاملي کي ڇڏي ڏنو. ان موضوع تي وڌيڪ ڳالهائڻ بدران ھن چاھيو پئي تہ ارم ھر ڳالهہ کي پاڻ سمجهي ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪري، بي يقيني جي خاتمي لاءِ ڪنھن انتھا تائين وڃڻو پوي ٿو.
يقين جي پٺيان بہ ھڪ گھري بداعتمادي لڪل رھي ٿي. سڄي ڳالهہ انسان جي ذھني اطمينان جي آھي. ھر مسئلي جي جڙ بي اطميناني آھي. ارم کي جيڪو سمجهہ ۾ اچي رھيو آھي. ھوءَ ڪري پئي، صحيح يا غلط ان جو اندازو کيس ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. گاڏي ٻنين جي وچ مان گذرڻ لڳي، جتي عورتون ڪم ۾ مصروف ھيون، سندن چھري تي بي فڪري ھئي، ڇا ھنن عورتن جامسئلا نہ ھوندا! پر اھي لفظ ’انا‘ جي ور وڪڙن کان آجيون آھن پڙھيل لکيل عورت لفظ استحصال سکي وئي آھي، جيڪا ڳالهہ سندس مزاج جي خلاف ٿئي ٿي، کيس انياءُ لڳي ٿي. شايد پروگريسو عورتن ۾ اھو لفظ فيشن طور تي استعمال ٿي رھيو آھي.
سرسبز ٻنيون شروع ٿي ويون. وڻن جا گهاٽا ڇانورا روڊ جي ڪنارن تي بارش جيان وسي رھيا ھئا.
ٻھراڙين جي منظرن ۾ ڪيڏي نہ سونھن آھي. ھن مٿي تي گاھ جون ڀريون سٿي ويندڙ عورتن کي ڏسي سوچيو. انهن منظرن ۾ ڪٿي بہ بناوٽ نہ ھئي. ھر منظر اڇو، اجرو ۽ فطرت جو سچو پچو ترجمان ھو. احساس کي اجاريندڙ.....
***

17

آفيس پھچي ھو ميٽنگ ۾ مصروف ٿي ويو. ميٽنگ ڪافي طويل ٿي وئي. ڪم مان فارغ ٿي کيس سارنگ ۽ علي حسن جي اچڻ جو اطلاع مليو. ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌي کيس اندازو ٿيو تہ ڳوٺاڻن جي رويي ۾ اڃا ڪا لچڪ پيدا نہ ٿي سگهي آھي. اھو ٻڌي کيس افسوس ٿيو، ڇو تہ ڪلائيو بہ کائنس ماڙي جي ڪم جي حوالي سان رپورٽ گهري ھئي.
وقار ان مسئلي جو ٻيو حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. ھن پنھنجي ڊاڪٽر دوست سان رابطو ڪريم کيءَ جي ڀرپاسي ۾ ھفتي ۾ ھڪ ڏينھن فري ڪيمپ لڳائڻ جو پروگرام رٿيو.
ان کانسواءِ ھٿ جي ھنرن کي ھمٿائڻ لاءِ ڪراچيءَ جي ڪجهہ دوستن سان رابطو ڪيو، جيڪي ھٿ جي ھنرن جو ڪم ڪندا ھئا. ائين هو بين الاقوامي مارڪيٽ تائين، سنڌ جي ھنرن کي پھچائيندا ھئا. ٻاھر سنڌ جي ڀرٿ ۽ رلين جي وڏي گهرج ھئي. ماڻهن کي ڳالهين جي بجاءِ عملي طور تي مدد ۽ سھاري جي ضرورت آھي. تڏھن سندن رويي ۾ لچڪ ايندي. ھن نجي تنظيمون ھلائيندڙ ويجهي دوستن سان پڻ رابطو ڪيو. ائين غير محسوس طريقي سان بنان ڪنھن اعلان جي ڳوٺاڻن جي ڀلائي لاءِ ڪم ٿيڻ لڳو. وقار ۽ سندس دوست ھونئن بہ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪندا ھئا تہ سندن مسئلا حل ڪرائين. ڪڏھن کين ان حوالي سان اعليٰ اختياري وارن سان ڳالهائڻو پوندو ھو.
سالن کان سنڌ جي ٻھراڙي نظرانداز ٿي رھي آھي. اھا وڏيرن ۽ ڪامورن جي ملي ڀڳت لڳي ٿي. عام ماڻهن جي حقن جي استحصال ۾ ڌارين کان وڌيڪ پنھنجن جو عمل دخل ٿئي ٿو. ھارين نارين ۽ پورھيتن جا مسئلا جيئن جو تيئن پيا رھيا آھن، اھو ئي آخري حل کيس نظر آيو، جنھن جو نتيجو اھو نڪتو جو ڪجهہ عرصي بعد ھنن گاڏين کي روڪڻ بجاءِ کين وڃڻ ڏنو. مھاڻا ٻيڙين ۾ پٿر ڍوئي ٻيٽاري تي پھچندا ھئا. ان کان پوءِ چؤڌاري بندٻڌڻو ھين. ان ڪم ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار مھينالڳندا. ڪم صبح کان شام تائين ھلڻو ھو. وقار چوٽياري تان ٿي وري مکي ٻيلي ۾ واقعي جوڻيجن جي ماڙيءَ تي ٿيندڙ ڪم جو معائنو ڪري ٿو. سڀ انجنيئر صادق بہ ان ڪم جي نظرداري ڪري رھيو ھو. ڪم شروع ٿيڻ کانپوءِ مکيءَ ڍنڍ تي ھڪ ھلچل نظر اچڻ لڳي. ان ڏينھن سارنگ بہ وقار سان گڏ ھو. اونھارو شروع ٿيڻ وارو ھو. ھي پکي آھستي آھستي سائبيريا ۽ ٻين ٿڌن علائقن ڏانهن واپس ورڻ لڳا آھن. پوءِ ولرن جي صورت اڏامندا ويندا آھن. ھجرت جو عجيب منظر ھوندو آھي.
ھجرت يا وڇوڙو ڏکوئيندڙ ٿئي ٿو. رھڻ واري جاءِ سان انسان ھجي يا پکي، کين اُنسيت ٿئي ٿي. ھي پکي بہ پري کان ڪھي اچن ٿا.ھڪ ڌاري جنھن ڌرتي تي پنھنجو آکيرو جوڙين ٿا. ان آکيري ۽ ڌرتي سان پيار ڪن ٿا. آزاد فضا کين زندگي ڏيئي ٿي. زندگي جي حدن تي انسان غلبو رکي ٿو. فضا لامحدود آھي. آسمان جي پنھنجي الڳ دنياآھي. کنڀن جي خوشبوءَ سان واسيل فضا ۾ اختيار جي ڪا حدبندي نہ آھي.
ان وقت وقار جي حيرت جي انتھا نہ رھي، جڏھن ھن ڏٺو تہ سپي ۽ ڪوڏ سان ٻہ ننڍڙا ٻچا بہ اڏام رھيا ھئا. اھو منظرانتھائي خوبصورت ھو. ھڪ خوبصورت احساس ۾ سندس دل ويڙھجي وئي.
انسان پکي يا جيت ھجن، ھو گهر ٺاھين ٿا. ساڳي نموني پنھنجي ٻچن کي عادتون ۽ زندگي گذارڻ جا طريقا سيکارين ٿا. زندگيءَ جيڪا ھڪ جيو گهرڙي کان شروع ٿئي ٿي. محنت، صبر ۽ انتظار بعد سڦل ٿئي ٿي. ھر لمحي زندگي تبديل ٿئي ٿي پر ان لمحي جي ڪا بہ اھميت ناھي بظاھر. جيئن ڦڙو ڦڙو ٿي تلاءُ ٿئي ٿو. ائين لمحو لمحو جڙي وقت جو دريا بڻجي ٿو. اھو ھڪ لمحو يا واريءَ جو ذرو، بارش جو پھريون ڦڙو يا بھار جي ھواجو پھريون وھڪرو، ارتقائي عمل جي پھرين وک آھي. پھرين وک اھم ٿئي ٿي.
ٻار جي پھرين وک يا پکيءَ جي پھرين اڏام زندگيءَ جي وھڪري ڏانهن پھريون قدم آھي.
ھن سارنگ کي اشارو ڪري چيو تہ مٿي ڏسي جتي اڀ جي نيري رنگ جي پس منظر ۾ اڏامندڙ پکي اکين کي وڻي رھيا ھئا.
”باز جا ٻچا اڏامي رھيا آھن.“ سارنگ خوشيءَ وچان رڙ ڪندي چيو.
وقار کي محسوس ٿيو ڄڻ اُھي باز جا ٻچا نہ بلڪہ ھنن جا پنھنجا ٻار ھجن.
ھڪ خاموش زندگي ڏيندڙ عمل ھن ڪائنات ۾ سفر ڪري رھيو آھي، زمين جي ڪک ۾ پيل پھريون ٻج ھوريا سرجي ٿو. شيون خاموشيءَ سان اُسرن ٿيون. فطرت جو سڄو ڏينھن واڌ ۽ ويجهہ ۾ مصروف رھي ٿو. مٽي پنھنجي اندر پاڻي جذب ڪري ٿي. ايئن زمين جي ڪک مان خوشحالي ڦٽي ٿي نڪري، زمين وصول ڪري موٽائي ٿي ڏئي.
ھي ڪائنات رابطي جي سونھن سان سرشار آھي. ھر طرف فطرت جي زندگيءَ ۾ ھم آھنگي نظر اچي ٿي. ٻج لاءِ زرخيز زمين سان گڏ ھوا، پاڻي ۽ روشني بہ گهرجي.
مکيءَ جي ڍنڍ مٿان پرديسي پکيئڙا پنھنجي ٻچن سان اڏامي رھيا آھن. ان لمحي لاءِ ھنن ڪيڏا نہ ڪشالا ڪڍيا ھوندا. پھرين اڏام خوبصورت ٿئي ٿي، خوابن سان ڀرپور....
اھڙا ئي انساني خواب آھن. پھرين اڏام جا منتظر....
پکين، جانورن جي گهرن ٻيلن ۽ جهنگن جي بقالاءِ.....
مکي ڍنڍ تي ڪم زور و شور سان جاري آھي. مٿي آسمان تي فش ايگل جو پريمي جوڙو ٻن ٻچڙن سان اڏامندي نظر اچي ٿو.
ھو ٻئي پنڌ آفيس ڏانھن نڪتا. آسمان ۾ بي شمار رنگ برنگي ڀنڀوريون اُڏامي رھيون ھيون. ٻنهي رومال چھري کي ويڙھي ڇڏيو. اھو منظر وقار کي تمام گهڻو وڻندو ھو.ھو ان موسم جو خاص انتظار ڪندو ھو، جڏھن آسمان مان ڀنڀورين جي برسات ٿيندي ھئي.
***
رات جو جڏھن ماني کائي پنھنجي ڪمري ۾ وقار واپس آيو تہ ارسل کي فون تي ان باري ۾ ٻڌائڻ لڳو. ھو اھا خبر ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. وري پڇڻ لڳو.
بابا ٻارن جا نالا ڇا آھن؟“
اھو سوال ٻڌي ھو بہ منجهي پيو، پرپوءِ ھڪدم نالا سندس ذھن ۾ اچي ويا.
”سپي ۽ ڪوڏ“
ھن ٻارن سان ڳالهائي فون رکي ڇڏي.
ارم سان ڳالهائڻ لاءِ سوچيو ھئائين پر ان وقت ٿڪل ھو انڪري مناسب نہ سمجهيائين. خبر نہ آھي ڪھڙي موڊ ۾ ھجي.
سڀاڻي کيس ماحوليات جي ماھرن کي بقار ڍنڍ ڏانهن وٺي وڃڻو ھو. ڪجهہ ڍنڍون جيڪي واڳن جون ڳڙھہ ھيون.
انگريز آفيسر بہ ڪجهہ عرصي ۾ ھتان ھليا ويندا. ھو چاھين پيا تہ وقار کان سانگهڙ جي جهنگلي جيوت جي باري ۾ وڌ کان وڌ ڄاڻ حاصل ڪن. ھو جيترا دفعا ساڳين جاين تي ويندو ھو، اوترو ئي نوان خيال ۽ منفرد رخ ھن جي سامهون ايندا ھئا. ماڳ مڪان ۽ ھنڌ بہ انسان وانگر آھن، جڏھن انسان سان ويجهڙائي وڌي ٿي تہ ھو ويجهو اچن ٿا ۽ سڃاڻپ ۽ ھڪٻئي لاءِ سمجهہ وڌي ٿي. بلڪل ائين جيئن جيئن ھو مختلف جڳھن تي وڃي ٿو، انهن جاين سان سڃاڻپ ۽ ويجهڙائي وڌي ٿي.
پر ھو جڏھن بہ ڪنھن نئين جڳھ تي وڃي ٿو تہ ان ماحول جو پھريون پراسرار تاثر کيس موھي ٿو. ھڪ دفعو ڪنھن بہ علائقي ۾ وڃجي تہ ٻيھر ان طرف جو رخ نہ ڪجي، جيئن اھو پھريون اسرار ڀريو لمحو يادن ۾ سدائين گلاب جيان مھڪندو رھي. ساڳين جاين تي جلدي وڃڻ سان تجسس جو گلاب ڪومائجي وڃي ٿو، پر وقار کي کوجنا لاءِ بار بار انهن ماڳن ڏانھن سفر ڪرڻو پوي ٿو.
لمحو لمحو ڪنھن پنکڙيءَ جيان ٽاريءَ کان ڇڄي ٿو، دريافت جو سفر ھڪ دفعي ۾ منزل تائين نہ ٿو پڄي. ٻيھر سفر ڪندي رھڻ مان کوجنا جي اڃ اجهامي ٿي...
سڀاڻي جي پروگرام کي ذهن ۾ رٿيندي ننڊ جي ماٿرين ۾ لھي ويو.
ھڪ پرسڪون ماڪ ڀنل رات ھوريان ھوريان خواب ورھائيندي وقت جي چھري تي پيل سانت جو پلئہ سرڪائيندي رھي.
***
ٻئي ڏينھن سوير ئي وقار ۽ ماحوليات جي ٽيم جا ميمبر واڳن جو ڳڙھہ اڪورہ ڍنڍ ڏانهن روانا ٿيا. ھن جي گاڏي ۾ ٽينا، اسٽيو، جوليا ۽ ڪلائيو ويٺا ھئا. ڪلائيو ھن جي ڀرسان ويٺو ھو ۽ تمام گهڻو پرجوش ھو.
”ھتي سنڌ ۾ ڪھڙي قسم جا واڳو ملن ٿا؟“ ڪلائيو پڇيو.
”ھتي سنڌ ۾ ٻن قسمن جا واڳو ملن ٿا. Crocolylus Palustris جنھن کي Muggar بہ چيو وڃي ٿو. ٻيو قسم Gharial آھي.“ وقار وراڻيو.
”ڇا اڃان بہ انهن ڍنڍن ۾ واڳو رھن ٿا.“جوليا جيڪا پوئين سيٽ تي ٽينا ۽ اسٽيو سان ويٺي ھئي، اکين ۾ حيرت ڀري چيو.
” ڊبليو. ايف. جي سروي مطابق اڃا بہ ھن علائقي ۾ ٻہ کان ڇھ ھزار واڳو رھن ٿا.“ وقار آئيني ۾ ڏسندي چيو.
واڱڻائي ڪلر جي شلوار قميص ۾ جوليا خوبصورت لڳي رھي ھئي. گج لڳل اھو وڳو ارم کيس ڏنو ھو. ان لباس جي ڪري ھوءَ اڄ تمام گهڻي مختلف لڳي رھي ھئي. علي حسن، سارنگ، چارلس، البرٽ ۽ ڊيوڊ پٺيان ٻي گاڏي ۾ اچي رھيا ھئا. ڊيوڊ پر تجسس ۽ ھو پنھنجي ماڳ تي پڄڻ لاءِ بي چين ھو.
”مون کي تہ واڳن جو سوچي دھشت وڪوڙي وڃي ٿي.“ ٽينا جي چھري تي خوف جو تاثر ھو.
”واڳو انهن ڍنڍن ۾ ڪيئن رھندا آھن؟“ جوليا تجسس سان پڇيو.
”سندس رھڻ جي جاءِ کي ڏر سڏجي ٿو، جيڪي چاليھ فٽن کان بہ اندر ملن ٿيون، جيڪا وڻن جي پاڙن، سڪل وڻن جي گندگاھ ۽ لھواري جاءِ تي جوڙي وڃي ٿي.“ وقار وراڻيو.
”تمام دلچسپ معلومات آھي.“ جوليا چيو.
”اتي اھي واڳو آنا رکن ٿا، جيڪي سج جي روشني ۽ پنن جي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ۾ پچي راس ٿين ٿا.“ وقار کين ڄاڻ ڏيئي رھيو ھو.
”منھنجي سامهون جيڪڏھن اوچتو واڳو اچي وڃي تہ منھنجو خوف ۾ ساھ نڪري ويندو.“ ٽينا چيو.
”اسان پاڻي ۾ اندر نہ وينداسين.“ جوليا خوف ۾ وڪوڙجي وئي.
”پوءِ ھلڻ جو ڪھڙو فائدو.“ وقار شرارت منجهان مرڪي چيو.
”اسان گاڏي ۾ ويٺا ھونداسين.“ ٽينا چيو.
”ان پاسي بگهڙ بہ ھوندا.“ اسٽيو عورتن جي خوف کان محظوظ ٿي رھيو ھو.
”اھڙي ڳالهہ ھئي تہ اسان کي نہ وٺي اچو ھا.“ ٽينا روئڻھارڪي ٿي وئي.
معاملو بگڙجندي ڏسي وقار کيس آٿت ڏيندي چيو.“ اسان مذاق پيا ڪيون، گهٻرائڻ جي ڳالهہ نہ آھي.“
پر وقار کي خبر ھئي تہ ان ڍنڍ جي ڪنارن کان اندر کين وڃڻو ھو. ننڍن ٻوٽن جي گهاٽي ڇانوري ۾ ڪٿي ڪنھن واڳو سان ملاقات جو امڪان پڻ ھو. ڳالهين ۾ سفر خوشگوار گزريو. اڪورہ ڍنڍ آھستي آھستي نروار ٿيڻ لڳي. ڍنڍ جي ھڪ الڳ سونھن ٿئي ٿي. ھي ڍنڍ خوبصورت ھئي. پاڻيءَ تي سج جي روشنيءَ جا ڪرڻا جرڪي رھيا ھئا. سانت ڍنڍ مٿان تري رھي ھئي. ان بامعنيٰ خاموشيءَ ۾ ڍنڍ جي فطري ماحول جي سرھاڻ ڦھليل ھئي.
گاڏيون ھڪ ھنڌ اچي بيٺيون، سڀ لٿا. ھاڻ ڳچ پنڌ ھلڻو ھو. چارلس ۽ ڪلائيو جو خيال ھو تہ ڍنڍ جو اندريون پاسو وٺي ھلجي، جيئن واڳن جي ڏرن جو بہ معائنو ڪجي. علي حسن ۽ سارنگ سونها ھٿ ڪبا ھئا، جيڪي اڳ ۾ ڏنل وقت اتي اُتي موجود ھئا. سڀ اندرين پاسي ڏانهن ھلڻ لڳا. اڳيان سونهان ھئا. ٽينا، اسٽيو جي ڀرسان ھلي رھي ھئي، ڄڻ تہ اندر ۾ ڊنل ھجي. ڪٿي وڻن جو گهاٽو ڇانورو ھو. اندر اوندھ ٿي وڃي پئي. قدمن جا آواز گونجي رھيا ھئا. پاڻي جي لھرن جو آواز مڌر ۽ وڻندڙ ھو. پاڻيءَ ۾ سڪل پن تري رھيا ھئا. ھوا جهنگ جي فطري خوشبوءَ سان ڀرپور ھئي. اُتساھ بخشيندڙ ھوا ساھن ۾ سرور ڀري ڇڏيو ھو. پنڌ اڻانگو ھو. ڪٿي گپ چڪ ھئي تہ ڪٿي راھ جون رڪاوٽون. ھلندي ھلندي پاڻي جي سطح کان پندرھن فٽن جي مٿانهين تي وڻن جي پاڙن ۾ ڪيتري واڳن جا ڏر نظر آيا. ھونئن بہ واڳو سالن تائين اھي ڏرڪتب آڻين ٿا.
”ٿي سگهي ٿو تہ انهن ڏرن ۾ ڪو ھڪڙو واڳو بہ نہ ھجي.“ وقار سڀني کي معلومات ڏني.
اوچتو ٻوٽن اندر ڪنھن ٽپو ڏنو. ٽينا ۽ جوليا کان رڙ نڪري وئي. ھلندي ھلندي سڀ بيھي رھيا. ائين محسوس ٿي رھيو ھو ڄڻ اجهو واڳو ھنن تي حملا ور ٿيندا. پوءِ خبرپئي تہ گدڙ ٽپو ڏنو ھو. اھڙين خاموش جڳھين تي ھميشہ ماڻهو انديشا بہ ساڻ کڻي ھلندا آھن. جوليا ۽ ٽينا کلڻ لڳيون. سڀني جي چھري تي مرڪ ڦھلجي وئي. وڏي ڪوشش ۽ ھڻ ھڻان بعد ڪو ھڪ بہ واڳو کين نظر نہ آيو. ھلندي ھلندي سمورا ماڻهو ٿڪجي پيا. آخر اھو فيصلو ٿيو تہ ھاڻ واپس ورجي. سندن ارادو ھو تہ ڪولاچ ڍنڍ تان ٿيندا واپس سانگهڙ پھچندا. اھو سفر بہ وڻندڙ ۽ يادگار ھو. ماحوليات جي ٽيم جا ميمبر تمام گهڻا خوش ھئا. ائين اھو سفر بہ پنھنجي پڄاڻي تي پھتو.
رات جو ڪلائيو سڀني کي ماني جي دعوت ڏني. شام جو علي حسن، سارنگ ۽ وقار ڪلائيو وٽ پھتا تہ البرٽ، اسٽيو، ڊيوڊ ۽ چارلس موجود ھئا. جوليا ۽ ٽينا ٿڪل ھيون، انڪري معذرت ڪري ڇڏيائون.
شروع ۾ ڪلائيو، وائلڊ لائف جي موضوع تي ڳالهايو تہ ڪيئن پوري دنيا ۾ جهنگلي جيوت زوال پذير آھي، گلوبل وارمنگ ۽ ماحولياتي آلودگي فطري زندگي لاءِ ھڪ مستقل خطرو بڻجي وئي آھي. ترقي يافتہ ملڪ پنھنجي بجيٽ جو وڏو حصو ماحولياتي ابتريء سان وڙھڻ ۾ صرف ڪن ٿا. جنگين جو وڌندڙ آزار، ڪيميائي ھٿيارن ۽ فيڪٽرين مان نڪرندڙ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، جهنگلي جيوت سان گڏ انساني وستين لاءِ بہ نقصانڪار ثابت ٿي رھي آھي. ھن ان ڏس ۾ وقار، سارنگ ۽ سندن ٻين ساٿين کي ساراھيو تہ جنھن انداز سان ھو وائلڊ لائف سان لاڳاپيل مسئلن کي وائکو ڪري رھيا آھن، اُھا ڪوشش تعريف جوڳي آھي. ھن خاص طور تي سانگهڙ جي جهنگلي جيوت جي اھميت ۽ افاديت تي روشني وڌي.
سانگهڙ ۾ حر تحريڪ دوران جڏھن انگريزن مکيءَ جو ٻيلو ڪٽي تباھہ ڪري ڇڏيو، ٻيلي جي ايراضي تي پوک ڪئي وئي. ڪافي زمين ۽ ٻيلو، چوٽياري جي ريزروائر جي نظر ٿي وئي.
اڄڪلهہ درياھن جي ڪناري موجود ٻيلن کي ڪٽي ڪمرشل بنيادن تي ڪتب آندو وڃي ٿو. سارنگ اھم مسئلي جي نشاندھي ڪئي.
علي حسن تہ اڳي ئي ھتان جي اٻوجهہ عوام سان زيادتي جي ڪري ڏکويل ھو. ويتر اھي ڳالهيون ٻڌي جذباتي ٿي ويو. ھن مکي ٻيلي جو جوڀن ڏٺو ھو، ان ڪري تازي صورتحال تي فڪر مند ھو.
ماحوليات جي ميمبرن کي خبر ھئي تہ جيڪو نقصان ٿيو سو ٿيو، پر ھاڻ تہ مقامي ماڻهن کي اکيون کولڻ گهرجن.
ڪلائيو جو خيال ھو تہ جلد ڪا ڪميٽي جوڙجي، ائين اڳتي لاءِ لائحہ عمل تيار ڪجي، جيئن ان حوالي سان سنجيدگيءَ سان ڪم شروع ٿي سگهي. وقار کي محسوس ٿيو تہ سارنگ ۽ علي جي ھيانؤ تي ڪجهہ ٿڌا ڇنڊا پيا ھجن. واقعي علائقي جي حقيقي لوڪ وارثن جي پرگهور لھڻ تمام ضروري آھي.
***

18

”تون ڪجهہ خاموش آھين.“ جوليا وقار کي فائيل ۾ گم ڏسي چيو.
”نہ مان ٺيڪ آھيان.“ وقار مرڪي وراڻيو.
”ڀلا ارم فون ڇو نہ ٿي کڻي، نمبر خراب آھي يا بدلجي ويو آھي؟“ حيرت مان جوليا پڇيو.
”دراصل اڄڪلهہ ھوءَ سڄي دنيا سان ناراض آھي.“ اصلي ڳالهہ وقار جي زبان تي اچي وئي.
”پر ڇو؟“ جوليا کي تعجب ٿيو.
”ھو سمجهي ٿي تہ مان ھن جي مقابلي ۾ پنھنجي نوڪري ۽ پکين کي وڌيڪ ٽائيم ڏيئي رھيو آھيان.“
Do you mean fish eagle? ھوءَ مرڪي پڇي ٿي.
”ھا پرديسي پکين کي پنھنجو رقيب سمجهي ٿي.“
”فقط پکين کي؟“ جوليا جي اکين ۾ شرارت ھئي.
”ھڪ خوبصورت ڇوڪري کي بہ“ وقار جون اکيون ڳالهائڻ لڳيون.
”ھڪ ڇوڪري يا گهڻيون ڇوڪريون؟“ جوليا بہ شرارت جي موڊ ۾ ھئي.
”في الحال تہ فقط ھڪ ڇوڪري آھي.“
وقار بہ ساڳي لھجي ۾ وراڻيو.
”ڇا تون ان ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ چاھين ٿو؟“ جوليا سنجيدہ ھئي.
”نہ بلڪل نہ.“
”ان سان ملندو آھين.“
”لڪي نہ ملندو آھيان. نہ محبت جو اظھار ڪيو اٿم ۽ نہ ئي اھڙو ڪو ارادو آھي.“
”پوءِ تہ ڪو مسئلو ئي ناھي، پوءِ ڇو ھوءَ ايتي ناراض آھي؟“ جوليا حيران ٿيندي چيو.
”پنھنجي اندر جا وھم، وسوسا ۽ خوف کيس پريشان ڪن ٿا.“
”ھن جي سوچ جو محور پنھنجي ذات بدران ٻارھجن.“ جوليا افسوس سان چيو.
”دراصل ھن جي ويجهو سھيلي جي مڙس ٻي شادي ڪئي آھي.“
“I See” جوليا گھري سوچ ۾ ھلي وئي.
”ڪا بہ عورت مڙس جو ورھاڱو نہ ٿي چاھي، ان ڪري ارم جي سھيلي پريشان آھي، اڄڪلهہ.“
”مون ڏٺو آھي تہ مشرق ۾ ماڻهو ٻہ يا چار شاديون ڪن ٿا.“ جوليا چيو.
”پر ھتي جي عورت مڙس جي ٻي شادي جي حق ۾ نہ آھي. منھنجي گهڻن دوستن کي ٻار نہ آھن، پر کين زال ٻي شادي جي اجازت نہ ٿي ڏئي.“
”اھا زيادتي آھي، ڇو تہ مسئلي جي نزاڪت کي سمجهڻ گهرجي.“
”تون ھڪ عورت ٿي بہ ائين سوچين ٿي.“ وقار کي تعجب ٿيو.
”مان حقيقت پسند آھيان.“
”مون ھتي اھو ڏٺو آھي تہ عورت آزادي جي ڳالهہ تہ ڪري ٿي، پر ھوءَ مرد جي ذھني طور تي غلام آھي.“
”اھو وري ڪيئن؟وقار لاءِ اھو نئون انڪشاف ھو.
”گهڻيون عورتون رڳو مڙس لاءِ ٿيون سوچين تہ ھو ٻاھر ڇا ٿا ڪن يا ڪيئن وقت گذارين ٿا. سندن سوچون ھر وقت مڙس جو پيڇو ڪن ٿيون يا ارم جي سھيلي جي مڙس جيڪڏھن ٻي شادي ڪئي آھي تہ سندس زال کي اھو فيصلو دل سان مڃڻ گهرجي.“
”ارم جي سھيلي فاخرہ بيماري سبب اڄڪلهہ اسپتال ۾ داخل آھي.“
”کين ٻار آھن؟“
”ھا ٽن خوبصورت ٻارن جي ماءُ آھي.“ وقار جواب ڏنو.
”مڙس ٻي شادي ڪئي آھي ان ڪري ھوءَ نفسياتي طور تي موت لاءِ سوچيندي ھوندي ھئي. ڄڻ تہ ٻار ھن جي زندگيءَ جو مقصد نہ ھجن. مڙس بدران ھوءَ ٻارن لاءِ ڇو نہ ٿي سوچي؟“
”ھتي مڙس عورت جي ڪل ڪائنات آھي. ان ڪري ھوءَ فقط ھن لاءِ ٿي سوچي.“ وقار کلي چيو.
”ائين ھن جي پنھنجي ڪا زندگيءَ ڪانهي؟“ جوليا ڏک سان چيو.
”مان انڪري اڄڪلهہ پريشان آھيان. ھوءَ ٻين عورتن جي اثر ھيٺ آھي. ھڪ پاڙي واري جيڪا فيشن طور مردن جي خلاف ھروڀرو ڳالهائي ٿي. سندس مڙس مڪمل طور تي ھن جي چوڻ ۾ آھي.“
“I See”، جوليا معاملي جي تھہ تائين پھچي وئي.
”منھنجو پنھنجو ذاتي خيال آھي تہ زال مڙس کي گڏ رھڻ کپي. خاص طور تي جڏھن کين ننڍا ٻار ھجن، نہ تہ پوءِ وچ ۾ ٻيا ماڻهو اچي وڃن ٿا.“ جوليا سمجهدار ھئي. معاملي جو منطقي جائزو وٺي رھي ھئي.
پوءِ سوچي چوڻ لڳي.
”پر اھا ڇوڪري ڪير آھي؟“
جوليا جي دل تجسس ۾ ويڙھجي وئي ھئي.
”ارم جيڪو سمجهي رھي آھي. اُھو سچ ناھي. ھوءَ اجايو منھنجي ذھن کي ان طرف مائل ڪري رھي آھي.“
”نہ ائين نہ ٿيندو. مان دعاگو آھيان تہ ڪا بھتر صورتحال نڪري اچي.“ جوليا چيو. وقار دل جو حال اُوري پاڻ کي ڪجهہ پرسڪون محسوس ڪري رھيوھو.
”مان بہ اھا اميد رکان ٿو.“ وقار چيو.
”مون کي ارسل ۽ عيني سان ڳالهائڻو آھي. مان کين مس ڪيان ٿي.“
”ھفتي کان مون سان بہ نہ ڳالهايو اٿن.“ وقار جي لھجي ۾ مايوسي ھئي.
وقار ڪجهہ تصويرون ھن ڏانهن وڌايون.
”ھي ڇا آھن؟“
”باز جي ٻچن جون تصويرون آھن، جيڪي ھاڻ اڏامڻ لڳا آھن.“
”واقعي!“ جوليا جو چھرو خوشيءَ مان ٻھڪي اُٿيو.
ھوءَ تصويرون ڏسڻ لڳي ۽ ھن جي چھري جا رنگ تيزيءَ سان تبديل ٿيڻ لڳا.
”ڏاڍي خوبصورت فوٽو گرافي آھي.“
آسمان جي وسعت ۾ فش ايگل جو جوڙو شان سان اڏامي رھيو ھو. ڀرسان ٻہ ننڍا پکي بہ اڏامي رھيا ھئا.
”مون کي اڃان بہ يقين نہ آھي تہ ماڙي جو ڪم پورو بہ ٿي سگهندو يا نہ. مان چاھيان ٿو تہ جلد از جلد اھو ڪم مڪمل ٿئي، جيئن فش ايگل جو اھو آکيرو سدائين آباد رھي.“ وقار پنھنجي اندر جو انديشو ظاھر ڪندي چيو.
”ھا! جڏھن اسان تمام گهڻي چاھہ مان ڪو ڪم شروع ڪندا آھيون تہ پوءِ دل کي وھم ۽ وسوسا وڪوڙي ويندا آھن.“ جوليا چيو.
”ان ڪم ۾ شروع کان ڪو نہ ڪو مسئلو پيدا ٿيندورھيو آھي.“ وقار اداس ٿي چيو.
”ھا ائين تہ آھي، بھرحال مکيءَ ڏانهن نڪرو تہ مان بہ ھلنديس. في الحال ڪلائيو سان ميٽنگ آھي.“ ائين چئي جوليا ٻاھرنڪري وئي.
اڄ ھن سان ڊيوڊ ۽ البرٽ ھئا. فشنگ جو پروگرام بہ ٺاھيو ھو. اڄ ھن جو سڄو ڌيان ارم ۽ ٻارن ۾ لڳو پيو ھو. ٻئي طرف ڪم واري ھنڌ الڳ ڇڪتاڻ وارو ماحول ھو. ھونئن بہ ٺيڪيدار سخت مزاج ھو ۽ ننڍي وڏي ڳالهہ تي ڪٽوتي ٿي ڪيائين. مزدورن جي چانھہ ھڪ وقت ڪري ڇڏي ھئائين. ان کانسواءِ کين جيڪي سھولتون وقار ڏنيون ھيون، انهن ۾ بہ گهوٻي پيو ھڻي. ان ڪري کيس بار بار شڪايتون ملن پيون. ڪجهہ مشينون خراب پيون ھيون. ھڪ دفعو ٺاھي آيو پر ڪم نہ ڏيکاريائون. ھر طرف مسلن جي ڀرمار ھئي. ڪم مان فارغ ٿي پوري ٽيم مکي جي ٻيٽ ڏانهن رواني ٿي. اُتي پھچي باقي ٻيا تہ مڇي ڦاسائڻ لاءِ ويھي رھيا، پر وقار ڪم جو جائزو وٺڻ لڳو. پوءِ کيس چوٽياري ڏانهن نڪرڻو ھو. انجنيئر صادق جڏھن پھچندو تہ ھو نڪري ويندو. پٿرن سان ڀريل ٻيڙيون پھچي ويون ھيون. مزدور پٿر لاھي ڪنارن تي سٿيندا پيا وڃن.
وقار دوربين سان بازن کي ڏسڻ لڳو. ويجهو کان اڏامندي خوبصورت پئي لڳا. سندس ٻچا بلڪل ھنن جھڙا ھئا. ھن ڏٺو تہ ڏور پري ڊيوڊ ھڪ تازي تواني مڇي کي ڪنڊي مان ڪڍي رھيو ھو. ھو خوش ٿي ۽ تاڙيون وڃائي رھيو ھو.
جيئن صادق پھتو تہ ھو چوٽياري ڏانھن نڪري آيو. پنھنجي خيمي ۾ ويھي حساب ڪتاب ۾ مصروف ھو تہ ارم جو فون آيو. سندس آواز ۾ گهٻراھٽ ھئي.
”ارسل کي تمام گهڻو تيز بخار آھي، ڪيترن ڏينھن کان، توھان جلدي اچو.“
اھو ٻڌي وقار پريشان ٿي ويو. چارلس کي فون ڪري سڄي معاملي کان آگاھڪيائين. ھن بہ اجازت ڏيندي کي چيو تہ ھينئر ئي حيدرآباد لاءِ نڪري وڃي پر صبح جو جلد موٽي اچي.
اھو ٻڌي سب انجنيئر صادق کي پنھنجو ڪم ٻڌائي حيدرآباد لاء نڪتو. ارسل جي طبيعت خراب ھئي تہ ارم ھن کي اڳ ڇو نہ ٻڌايو.
ارم پنھنجي ماءُ جي گهر ھئي. ارسل گهڻو ڪمزور لڳي رھيو ھو. پيءُ کي ڏسي سندس ڪمزور چھري تي يقين جي روشني جرڪڻ لڳي. عيني بہ اداس ھئي.
”پپا ايترن ڏينھن کان پوءِ آيا آھيو؟ عيني ھن جي ڀرسان اچي ويٺي.
”آفيس جو ڪم ھو ان ڪري پٽ؟“
”ھتي مزو نہ ٿو اچي، مون کي گهر وڃڻو آھي.“عيني ضد ڪندي چيو.
”ارسل جي طبيعت ٺيڪ ٿئي تہ ھلنداسين.“
ارم بہ تمام گهڻي پريشان ھئي.ھوءَ بہ گهر وڃڻ لاءِ تيار ھئي. وقار کيس چيو تہ ھو ڪجهہ ڏينھن لاءِ آوٽ بيڪ ڪندو،جيستائين ارسل جي طبيعت ٺيڪ ٿئي. گهر آيا تہ وقار محسوس ڪيو تہ ارسل جي طبيعت بھتر ٿي رھي آھي. شايد ھن ماءُ پيءُ جي وچ ۾ وڌندڙ فاصلن کي محسوس ڪري ورتو ھو. ٻار تمام گهڻا حساس ٿين ٿا.
ارسل پنھنجي ڪمري ۾ ويو. پھريون تصويرون ڪڍي اڳيان رکيائين. پوءِ جوليا جو موڪليل ڪتو کڻي ڪنڌ تي ويھاري ٻيا رانديڪا ڪڍڻ لڳو. عيني بہ ھن سان گڏ ھئي. ٻاھر آيا تہ وقار لائونچ ۾ چانھہ پي رھيو ھو ۽ ارم بہ ڀرسان ويٺي ھئي.
”ھن کي بخار آھي، ان ڪري ھن جو ائين گهمڻ ڦرڻ مناسب نہ آھي.“ وقار چيو.
ھينئر ھن جو بخار ڪجهہ گهٽ ٿيو آھي. ھي امان وٽ بہ ضد ڪندوھو تہ کيس پنھنجي ڪمري ۾ وڃڻو آھي. ھن وقت کيس روڪڻ مناسب نہ آھي.“ ارم جواب ڏنو.
ارسل تصويرون کڻي وقار جي ويجهو آيو. بابا ھي ڏسو پکين جا ٻچا. وقار تصوير کڻي ڏٺو، جتي پکين سان سندس ٻچا آسمان تي اڏامي رھيا ھئا.
ھو تصوير ڏسي حيران ٿي ويو.
”واھ! ڇا تہ خوبصورت تصوير آھي.“
”ھي روز ضد ڪندو ھو تہ کيس اھا تصوير پپا کي ڏيکارڻي آھي.“
”ھي تصويرون ڪيتريون سٺيون ٺاھي ٿو.“ وقار حيرت مان چيو.
”تصوير ۾ پکي ٻچڻ سان اڏامندي خوبصورت لڳي رھيا ھئا. ھڪ مڪمل گهراڻو.“
”مون بہ ڪانوَ جي تصوير ٺاھي آھي.“ عيني کيس تصوير ڏيکاريندي چيو.
عيني بہ سٺي تصوير ٺاھي ھئي.
”بابا اسان کي مکي ڍنڍ تي ويٺي ھلو. اسان پکين جا ٻچا ڏسنداسين.“ عيني معصوميت سان چيو.
”ھا پٽ جلدي ھلنداسين.“ وقار کيس پيار مان ڳراٽڙي پائيندي چيو.
پکي ڄڻ تہ سندس گهر جي فردن وانگر ھئا. ارسل کي بہ آسمان جا رنگ اُتساھيندڙ لڳن ٿا، جنھن جي وسعت ۾ پکي اڏامندا آھن.
آسمان کي ڏسي سوچڻ وارن جون سوچون بہ خوبصورت ٿين ٿيون، آسمان جي مختلف رنگ جھڙيون.
وقار محسوس ڪيو گهر ۾ ھڪ عجيب سڪون وکريل آھي. اھڙو سڪون شايد ئي ڪنھن ٻئي ھنڌ ھجي.
پکين وانگر، گهر بہ ٻارن جي پرسڪون پناھ آھي. ٻارن جي دل بہ پکين وانگر ٿئي ٿي. ٻار جي تصور جي اڏام پڻ کنڀن جھڙي آھي.
ٻارن وٽ تصور جي مختلف دنيا آھي. ھو فطرت جي ويجهو آھن. کين فطرت اُتساہ ڏيئي ٿي، جيڪي شيون ننڍپڻ کين تصور جي سگهہ عطا ڪن ٿيون، اُھا سونھن وڏي لاءِ تجربي جي دنيا کسي وٺي ٿي.
وقار کي جوليا جي اھا ڳالهہ ڏاڍي وڻي تہ فاصلا ذھنن ۾ غلط فھميون پيدا ڪن ٿي.
ھن محسوس ڪيو تہ ٻارن کي ھن جي تمام گهڻي ضرورت آھي، ڇو تہ ٻار کي پيءُ ان شفقت سان گڏ تحفظ جو احسان پڻ ملي ٿو.
***

19

صبح جو وقار آفيس لاءِ سانگهڙ نڪري ويو.
ارسل کي ان رات بخار نہ ٿيو. ھاڻ ھن جي طبيعت بھتر ھئي، ھو ڪجهہ ڏينهن اسڪول نہ ويو ھو.
ارم ڪم مان فارغ ٿي ڪتاب پڙھي رھي ھئي تہ جوليا جي فون آئي.
”تون فون ڇو نہ پئي کڻين ارم؟ خير تہ ھو نہ.“ ارم کي جوليا جي لھجي ۾ پنھنجائپ محسوس ٿي.
”ارسل جي طبيعت خراب ھئي، ڪجهہ ڏينھن کان.“
”ھاڻ ڪيئن آھي؟ تشويش سان پڇي ٿي.
”ھاڻ ڪجهہ بھتر آھي؟“ ارم جي لھجي ۾ لاتعلقي آھي.
”مان اچڻ ٿي چاھيان، اڄ مان حيدرآباد آئي آھيان.“
”ھا ڇو نہ مان انتظار ڪندس.“ ارم جواب ڏنو.
ٿوري دير ۾ در جي گهنٽي وڳي. ارم در کوليو. جوليا اندر داخل ٿي. سندس ھٿن ۾ شاپرز ھئا. ٻارن لاءِ رانديڪا ۽ شيون وغيرہ. ٻار بہ ھن ڏانھن ڊوڙندا آيا.
ھوءَ ٻارن کي ڀاڪر ۾ ڀري ساڻن ڳالهائڻ لڳي.
ٻارن کي تحفا ڏيڻ وقت ٻئي ٻار ڏاڍا خوش ٿيا.
”توھان اھا تڪلف ڇو ڪئي.“ ارم چيو.
”ھي منھجا پيارا دوست آھن، ائين اھو منھنجو ۽ ٻارن جو معاملو آھي، ان ڪري تون خاموش رھ تہ بھتر ٿيندو.“
جوليا جي لھجي ۾ پيار ۽ پنھنجائپ ھئي. جوليا ٻارن سان ڪچھري ڪرڻ لڳي. ارم، جوليا لاءِ ڪافي کڻي آئي.
”اسان ڪجهہ ڏينھن ۾ واپس انگلينڊ وڃي رھيا آھيون.“ جوليا اداسي مان چيو.
اھو ٻڌي ارم جي اکين جي چمڪ وڌي وئي.
”مون کي سنڌ ڏاڍي وڻي، ھتان جا ماڻهو تمام سٺا آھن. ھتي فيملي لائف بہ محفوظ آھي. اڃا ماڻهو گڏيل ڪٽنب جي نظام تحت زندگي گذارين ٿا.“ جوليا چيو.
”ھا گهريلو زندگي سٺي ۽ پرسڪون آھي پر سڀني لاءِ نہ.“
”مثال ڪنھن جي.“ جوليا پڇي ٿي.
”فيوڊل سسٽم جي ڪري ھتي جو مرد عورت کي غلام سمجهي ٿو.“ ارم ناراضگي مان چيو.
”عورت مرد جي غلام ئي تہ آھي. مثال مرد جيڪڏھن اھو سمجهي ٿو پر عورت پاڻ کي ڇو ٿي ذھني طور مرد جي غلام سمجهي.“
”ڇا مطلب”“ ارم حيرت مان پڇي ٿي.
”ھتي جي عورت ھر وقت مڙس لاءِ ڇو ٿي سوچي؟“
”ھن کي اھو احساس ڏياري وڃي ٿو تہ مڙس ئي ھن لاءِ سڀ ڪجهہ آھي؟“ ارم جواب ڏنو.
”مثال طور جيڪڏھن مڙس غلط آھي تہ پوءِ ان جي سزا ھوءَ پاڻ کي ڇو ٿي ڏئي؟“ جوليا چيو تہ ارم جي سامهون فاخرہ جو چھرو اچي ويو، جيڪا مڙس جي ٻي شادي کانپوءِ بيمار ٿي ھاڻي اسپتال ۾ داخل ھئي.
”اھا ڳالهہ مون کي بہ سمجهہ ۾ نہ ٿي اچي تہ عورتون گهڻي ڀاڱي مڙس جي موضوع تي ڇو ڳالهائين ٿيون.“ ارم چيو.
”ڇا ھو تندرستي، غذا، زندگيءَ کي ڪيئن بھتر بڻائجي، جھڙن موضوعن تي نہ ڳالهائينديون آھن؟“ جوليا پڇيو.
”تمام گهٽ.“ ارم وراڻيو.
”پوءِ ڪھڙن موضوع تي گفتگو ٿئي ٿي.“ جوليا پڇيو.
”گهڻي ڀاڱي پرائي پچار يا ٻين جا افيئرز وغيرہ...“ ارم وراڻيو.
”ھتي عورت وٽ وقت گهڻو آھي.“ جوليا چيو.
”ھا ائين تہ آھي، گهرن ۾ اڪثر عورتون ڪم نہ ڪنديون آھن. انهن وٽ ڪم وارا ماڻهو آھن.“
”افسوس جي ڳالهہ آھي.“ جوليا چيو.
”ان کان علاوہ گهريلو جهيڙا، ساھرن جا مسئلا وغيرہ گهڻي ڀاڱي زيرِ بحث آندا وڃن ٿا.“
“I see”، جولا ڪافي جو مگ خالي ڪري ٽيبل تي رکيو.
”پوءِ بہ سچي ڳالهہ آھي تہ ھتي جي عورت سڪون ۾ آھي. يورپ ۾ عورت گهڻيون ذميواريون کڻي ٿي.“
”يورپ ۾ عورت وڌيڪ خوش آھي.“ ارم چيو.
”نہ ائين بلڪل بہ نہ آھي.“ جوليا اختلاف ڪندي چوي ٿي. ”يورپ جا ڪيترائي منجهائيندڙ مسئلا آھن. اتي عورت لاءِ پرسڪون زندگي نہ آھي. ھتي توھان وٽ خانداني نظام ۾ عورت جي وڌيڪ عزت آھي.“
”ممڪن آھي ائين ھجي.“ ارم، جوليا لاءِ ڪجهہ سنڌي ڀرت جا سوٽ ٺھرايا ھئا، اھي کڻي آئي، جيڪي کيس تمام گهڻا وڻيا.
”سنڌ جو ڀرت ۽ رليون تہ پوري دنيا ۾ مشھور آھن. اھڙو ڀرت ڀريندڙ عورت ذھني طور تي ڪيڏي حسين ۽ ذھين ھوندي.“ جوليا چيو.
اھا ڳالهہ ٻڌي ارم کي پنھنجي خطي جي انفراديت تي فخر ٿيڻ لڳو.
”منھنجو دنيا جي ٻين ملڪن ۾ بہ وڃڻ ٿيندو آھي، جيئن مان انڊيا، سريلنڪا، انڊونيشيا وئي آھيان. آفريڪا جا ملڪ بہ ڏٺا اٿم ۽ چين بہ وئي آھيان، پر مون کي سنڌ جي خطو، ھتان جا ماڻهو، ثقافت ۽ سندن مھمان نوازي گهڻو متاثر ڪيو.“ ان ڏينھن جوليا، ارم ۽ ٻارن سان ھڪ تمام سٺو وقت گذاريو.
***
وقار جهنگلي جيوت تي ھڪ ننڍي ڊاڪيومينٽري ٺاھي رھيو ھو. ھن وقت ھو ان ڪم ۾ مصروف ھو، سارنگ ھن سان گڏ ھو. جوڻيجن جي ماڙيءَ جو ڪم ھلي رھيو ھو.
مکي جي ڇولين ۾ ڪڪرن جو عڪس خوبصورت لڳي ٿو.
جهنگلي ٻوٽن جي پاڙن مان نڪرندڙ خوشبو فضا ۾ تري ٿي.
رکي رکي فضائن ۾ پکين جو خوبصورت آلاپ گونجي رھيو آھي. ڀنورا جهنگلي گلن تي لامارا ڏيئي رھيا آھن.ڪيترن ئي مھاڻن مڇي مارڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ ڄار وڇائي ڇڏيو آھي. سندس ٻيڙيون پاڻيءَ تي تري رھيون آھن.
وقار کي مکيءَ ڍنڍ جي فطري خوشبوءَ وڻي ٿي. ھتي زندگي مصنوعيت کان پري فطري خوشيءَ سان مالا مال آھي. غربت ۾ بہ مھاڻن جي چھرن تي مرڪ جا ڪنول ٽڙندي نظر اچن ٿا. خوشيون پئسي يا آسائش جون محتاج نہ آھن. سبب خوشين کي عارضي بڻائي ٿو ڇڏي. گل جو ٽڙڻ بہ فطري عمل آھي. گل تي پوپٽ جا ڦيرا بہ ان تعلق جي سونھن آھن. اھو لمحو مرڪ جيان ڀاسي ٿو.
فطرت جو ھر منظر ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ سچي خوشيءَ سان سرشار آھي.
ھو مکيءَ ڍنڍ جي ھر لمحي کي ڪئميرا جي اک ۾ قيد ڪري رھيو آھي.
ڳوٺان ۾ اڃان بي چيني ھئي. ھو سمجهن پيا تہ چوٽياري ڊيم ٺھڻ ڪري پوک واري زمين ضايع ٿي ويندي، جيڪڏھن ڊزائن ۾ تبديلي آڻي ڊيم جي پاڻي جي سطح گهٽائجي ھا تہ پوءِ پوک لائق ھزارين ايڪڙ زمين پاڻي کان محروم ٿي وڃن ھا. ان ڪري ئي وقار سوچيو ھو تہ ماڙيءَ جي چؤڌاري بند ٻڌجي. اھا ڳالهہ ڳوٺاڻن کي سمجهائيندي چڱو وقت لڳو پر پوءِ بہ مقامي ماڻهن جي اعتماد کي سخت ڇيھو رسڻ ڪري ھاڻ ھو اعليٰ اختياري جي ھر عمل کي شڪ جي نگاھ سان ڏسن ٿا.
باز مينھن واچ ڪندو آيو ۽ مکي جو پاڻي واچوڙي جيان ٻيڙيءَ تي وسڻ لڳو، جنھن ۾ سارنگ ۽ وقار ويٺا ھئا. پاڻي ڪئميرا تي اچي پيو. احمد جيڪو موٽر بوٽ ھلائي رھيو، گهٻرائٽ سبب ٻيڙيءَ جي اسٽيرنگ کان ھٿ ڇڏائجي ويس. وري جو باز مٿي اڏاڻو تہ ڄڻ مينھن جو پاڻي ھنن مٿان وسڻ لڳو. ڪڙل شڪار تي اريبي ڪنڊ ٺاھي گهت ھنئي ھئي. وقار ڪپڙو کڻي ڪيمرا تان پاڻي صاف ڪرڻ لڳو. ان ھڪ لمحي ۾ کين ائين محسوس ٿيو ڄڻ آسمان تان وڄ ڪري ھجي.
”واقعي باز ھڪ شاھي پکي آھي.“ سارنگ باز جي شڪارجي ڏانء کان متاثر ٿيندي چيو.
وقار مٿي ڏٺو ھڪ مڇي باز جي ڊگهين وريل چنبن ۾ ڦٿڪي رھي ھي.
”ھن پکي جون عقابي نظرون ڪيتريون نہ تيز آھن.“ سارنگ اُڀ ڏانهن مٿي نھاريندي چيو.
”ھي پري کان شڪار ڏسي وٺي ٿو. ھن جي شڪار جو علائقو اٽڪل پنجويھ ڪلوميٽر ھم چورس آھي. ھن جي ڪاميابي حملي جو سبب تيز جهڙپ آھي.“ وقار سندس معلومات ۾ اضافو ڪندي چيو.
باز جي ڪامياب حملي جي خاص ڳالهہ تيزي، چالاڪي ۽ اوچتو اچي شڪار تي ڪڙڪڻ آھي، جنھن جو مشاھدو ھنن سامهون کان ڪيو. ويڪرا پَرَ ۽ وزني باز جي ڦڙتي ڏسي ٻئي حيران ٿي ويا. ٻيڙي تيزي سان ماڙيءَ ڏانھن وڌڻ لڳي. ٻيٽاري تي پھچي ھن سب انجنيئر صادق کان حال احوال ورتو. ڪم جي رفتار سست ھئي، جنھن جو سبب اھو ھو تہ ڪي مشينون خراب ٿي پيون ھيون. ان کان علاوہ ڪجهہ مزدور بيمار ٿي پيا ھئا. وقار کي ڪم مان فارغ ٿي پنجين ڌاري حيدرآباد لاءِ نڪرڻو ھو.
ھڪ مصروف ڏينھن آھستي آھستي سڪون جي منزل ڏانهن وڌي رھيو ھو. مکي جي پاڻيءَ تي سج جا ڪرڻا رقص ڪري رھيا ھئا.
وقار ڪم مان فارغ ٿي حيدآباد لاءِ نڪتو تہ شام ٿي چڪي ھئي. چوٽياري ڊيم جو ڪم بہ تيزي سان جاري ھو. ھن جي واپس سانگهڙ اچڻ جي ڪري ڪافي معاملا سلجهي ويا ھئا. ماڻهن کي قائل ڪرڻ مشڪل ڪانهي پر ھو فقط پنھنجي ھمدرد ۽ ھڏ ڏوکي جي ڳالهہ ٻڌڻ لاءِ راضي ٿين ٿا. ائين سندس چيو بہ مڃين ٿا. ھو گاڏي ھلائيندي جوليا متعلق سوچيندو رھيو . ھو جوليا جي اکين ۾ پنھنجي پسندگي جا تاثرات واضح محسوس ڪرڻ لڳو آھي، پر جوليا محتاط آھي. ھوءَ لفظن ۾ احساس جا موتي پروئڻ کان پاسو ڪري ٿي، پر ساڳي وقت ھوءَ وقار جا تاثرات پڙھڻ چاھيندي آھي. شايد کيس انتظار آھي، انهن لمحن جو جڏھن وقار دل کولي ھن جي سامهون رکندو. شايد ھو خوش فھمي ۾ مبتلا ٿي ويو آھي. ھو جيڪو ڪجهہ سوچي رھيو آھي. انهن مان ڪا ھڪ ڳالهہ بہ سچ نہ ھجي.
ارم، وقار جو انتظار ڪري رھي ھئي. ارسل کي ڊاڪٽر ڏانھن وٺي وڃڻو ھو. ھڪ ٻہ ٻيا ڪم ھئا، جيڪي کيس اڄ ئي ڪرڻا ھئا.
ٻار ننڊ پيا ھئا. ھوءَ بہ صوفي تي ليٽي پئي. سامهون ٽي وي کليل آھي پر ارم جو ڌيان ٻئي پاسي ٿو لڳي. ھو مستقل جوليا جي باري ۾ سوچي ٿي. جوليا جو رويو ٻارن ۽ ھن سان تمام سٺو ھو. ٻار بہ ھن کي تمام گهڻو پسند ڪن ٿا. جوليا جي خاص ڳالهہ ٻارن جي نفسيات سان واقفيت ھئي، پر ان جي باوجود بہ ھوءَ جوليا جي سونھن ۽ ذھانت کان خائف ھئي. ھن وقار جي نظرن ۾ پسند جا جذبا ڏٺا ھئا. جوليا بہ وقار کي پسند ڪري ٿي. ھن جي ڳالهين مان ارم اھو اندازو لڳايو ھو. ضروري تہ ناھي تہ پسنديدگيءَ جو انجام شادي ھجي، پر پوءِ بہ ھوءَ پاڻ کي ڪيترا دليل ڏيڻ جي باوجود بہ مطمئن نہ ھئي. ھو چاھي پئي تہ جوليا ھتان ھلي وڃي. اھو روايتي سوچ جو ڏوھہ ھو يا ھوءَ چؤڌاري ٿيندڙ حالتن کان پريشان آھي،جنھن مطابق ڪيترين تعليم يافتہ ڇوڪرين شادي شدہ مردن سان شاديون ڪيون آھن. مرد جي ٻي شادي جرم ناھي، پر ھو رشتن ۾ توازن رکن ۾ ناڪام ٿيو آھي. پھرين زال ۽ ٻار ڪٿي نہ ڪٿي نظر انداز ٿي وڃن ٿا. ارم کي احساس ھو تہ ھوءَ زندگي جي ڏکئي موڙ مان گذري رھي آھي.
ڪو سبب ملي وڃي تہ پوءِ سمورا واقعا ۽ حالات سوچ جي ان رخ تي سفر ڪندي نظر اچن ٿا.
ھوءَ اندر جي اڻ تڻ مان بيزار ٿي چڪي آھي. ان موضوع وڌيڪ سوچڻ سان کيس تڪليف جو احساس وڌندو محسوس ٿئي ٿو. اھا حقيقت ھئي تہ وقار پنھنجي نوڪريءَ ۾ تمام گهڻو مصروف ھو، کيس ذھني سڪون جي ضرورت ھئي. ٻئي پاسي ارم پاڻ کي اڪثر اڪيلو محسوس ڪندي ھئي. ھاڻ ھوءَ امينہ سان بہ گهڻو ملڻ کان پاسو ڪري ٿو.
ھن ٻارن کي پنھنجي سوچ جو محور بڻائي ڇڏيو ھو. ھر ڳالهہ، مسئلي يا ذھني مونجهاري جو اثر ٻارن جي صحت تي پوي ٿو. ٻار خوش ۽ مطمئن آھن تہ سڄو گهر روشن ۽ متحرڪ لڳي ٿو.
ارسل جي بيمار ٿيڻ کان پوءِ ھوءَ ھراسجي وئي. ٻار گهر جي سونھن ۽ والدين جي ڪل ڪائنات ٿين ٿا.
پيءُ ماءُ مصروف آھن تہ سونھن جو اھو گل مرجهائجي وڃي ٿو. ان ڪري ھوءَ محسوس ڪري ٿي تہ ٻارن جي معصوم دنيا جو فطري حسن برقرار رھڻ گهرجي.
وقار جي زندگي وڌيڪ مصروف ٿي وئي آھي. ھو روز حيدرآباد مان سانگهڙ لاءِ روانو ٿئي ٿو ۽ شام جو واپسي ۾ ھڪ مشڪل ڏينھن جي پڄاڻيءَ تي گهر وارا کيس منتظر ملن ٿا. جتي ھو ٻارن کي معياري وقت ڏئي ٿو ۽ کين آکاڻيون ٻڌائي ٿو. ھن وٽ سنڌ جي گهاٽن ٻيلن ۾ رھندڙ جانورن ۽ پکين جون خوبصورت ڪھاڻيون آھن، جيڪي ٻار حيرت ۽ تجسس مان ٻڌن ٿا. رستي تي ئي ھو ڪھاڻي سوچي ٿو وٺي. ننڍپڻ ۾ سندس والد سڀني ٻارن کي ڪھاڻي ٻڌائيندو ھو. اُھي لمحا کيس ياد رھجي ويا آھن. ساڳي ريت ھو ٻارن سان پنھنجي ڪم جا تجربا ۽ اُتساھ بہ ونڊي ٿو. آفيس ۾ ڪم جي وڌڻ ڪري ٻہ ٽي ڏينھن کيس سانگهڙ ۾ رھڻو آھي.
انگريز ڪنسلٽنٽ ڪجهہ ڏينھن ۾ واپس انگيلنڊ روانا ٿيڻا آھن، ھو انھن تيارين ۾ لڳا پيا آھن. ان کان پوءِ مقامي ماھر چارج سنڀاليندا، اڃان ريزروائر جي مڪمل ٿيڻ ۾ سال باقي آھي. انگريزن سان ڪم ڪري وقار گهڻو ڪجهہ سکيو. ھو ڪم کي بوجهہ سمجهي نہ ٿا ڪن. ان کانسواءِ غلط قسم جي معاملن ۾ حصو نٿا وٺن. پئسي جي ڏيتي ليتي سان کين ڪا بہ دلچسپي نہ آھي. ھو ڪتابن پڙھڻ، ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ مھم جوئي کي پسند ڪن ٿا. سندس ڳالهيون پڻ معلومات سان ڀرپور آھن.
بھار جو خوبصورت ڏينھن آھي. ٻنين ۾ مرد ۽ عورتون پوک ۾ مصروف آھن. ڪلائيو وقار سان گڏ آھي. ھو آفيس مان نڪتا آھن ۽ چوٽياري ڏانھن وڃي رھيا آھن. رستي ۾ ٻھراڙي جا خوبصورت منظر اچن ٿا، جڏھن مکي جي ويجهو پھچن ٿا تہ فش ايگل جي تيز ميڪ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.
اھا آواز ڪڍندي باز مٿو پوئتي ڪري ٿو. ڪلائيو وٽ جهنگلي جيوت جي تمام سٺي ڄاڻ آھي، جيئن ڪلائيو کيس ٻڌايو تہ اڄ بہ دنيا ۾ ڏھہ لکن کان ويھ لکن تائين فش ايگل موجود آھن.
”ھي پکي سترھن سالن کان چويھ سالن تائين جيئرو رھي ٿو. کيس King of the Fisher پڻ سڏيو وڃي ٿو.“ ڪلائيو چيو.
”ھا ماحولياتي گدلاڻ سبب پکين جي زنگيءَ غير يقيني واري ٿي پئي آھي.“ وقار آسمان ڏانھن ڏسندي چيو.
ڪلائيو کي اھا خاموشي مزو ڏيئي رھي ھئي. ھو انڊيا ۽ بنگال جي جهنگن ۾ بہ گهمي چڪو ھو. مکي ڍنڍ جو ماحول کيس وڻي پيو.
”ھيءَ ميڊيٽيشن لاءِ سٺو ماحول آھي.“ ڪلائيو چيو.
”ھي ماحول تخليقي ڪاوشن لاءِ بہ وڻندڙ آھي.“ وقار مرڪي ڏانھنس ڏٺو.
”ھتي نيچر ميڊيٽيشن بہ ٿي سگهي ٿي.“ ڪلائيو چيو.
وقار محسوس ڪيو تہ اڪثر ڪلائيو چند گهڙيون ماحول کان ڪٽجي اکيون بند ڪري ڇڏيندو ھو.
ھن وقار کي ٻڌايو تہ انهن چند لمحن بہ ھو پنھنجي ذھن کي انتشار مان ڪڍي واپس ھڪ مرڪز تي آڻي بيھاري ٿو.
اھي لمحا سندس سوچ جي ڪارڪردگي وڌائين ٿا. وقار اھا ڳالهہ محسوس ڪئي ھئي تہ ھي انگريز پنھنجي ذھن ۽ جسماني فٽنس تي ڪيڏي ڌيان ڏين ٿا. جوليا بہ يوگا ۽ ميڊيٽيشن ڪندي ھئي. وقار کي جيڪو وقت ملندو ھو تہ ھو گهر فون ڪري ارم ۽ ٻارن سان ڳالهائيندو ھو. اھا ھن جي لاءِ ميڊيٽيشن ھئي. پر مکي ڍنڍ واري پاسي يا چوٽياري تي فون جي سھولت نہ ھوندي ھئي تہ پوءِ پرس ۾ رکيل ارم، ارسل ۽ عيني جي تصوير ڏسي مرڪي پوندو ھو.
انگريزن جي وڃڻ ۾ ھفتو باقي آھي. جوليا، وقار جي آفيس ۾ ويٺي آھي. وقار کيس ماڙيءَ جي ڪم جي تفصيل ٻڌائي رھيو آھي. ھوءَ مھاڻن جي مسئلن کان وٺي ماڙيءَ تي ٿيندڙ ڏکيائن کان واقف آھي. جوليا مڪمل طور تي ڪم ۾ ملوث ٿي چؤطرف ڌيان رکي ٿي، جيڪا ڳالهہ کيس ٻين آفيسرن کان مختلف ڪري ٿي.
ھوءَ ادب سان گڏ تاريخ ۽ فلسفي جي پڙھندڙ آھي. ان ڪري وقار کي ھن جي ڳالهين کي دلچسپي سان ٻڌي ٿو. ڪم ختم ٿيو تہ جوليا چيو:
”ھن دفعي ٻارن سان ملي مون کي تمام گهڻو مزو آيو.“
”ھا ٻارن جي ھڪ معصوم ۽ انوکي دنيا ٿئي ٿي.“ وقار چيو.
”ٻار جهنگلي جيوت جي باري ۾ گهڻو ڳالهائين ٿا. ائين محسوس ٿئي ٿو، اھي پکي ۽ جانور بہ ڄڻ توھان جي گهر جا ڀاتي ھجن.“ جوليا مرڪندي چيو.
”ھا بلڪل ائين آھي.“ وقار کلي ڏنو.
”ارم سان سٺي ڪچھري ٿي. ھوءَ ٿوري رزروڊ آھي.“
”ھا بلڪل، ھوءَ گهٽ ڳالهائيندي آھي.“
”ھوءَ ڳالهائي گهٽ ٿي پر سندس مشاھدو سٺو آھي. سٺو ٻڌندڙ زندگيءَ جي باري ۾ وڏي ڄاڻ رکي ٿو.“
وقار کي لڳو جوليا، ارم کي ھر لحاظ کان خوشقسمت سمجهي ٿي.
جوليا جي وڃڻ کان پوءِ ھو ڊيم جي ڪم جو جائزو وٺڻ نڪتو تہ سامهون ڪريم پئي آيو. ڪجهہ ڪمزور ٿي لڳو.
”ڏي خبر ڪريم، ھاڻ طبيعت ڪيئن اٿئي؟“
”ھاڻ بھتر آھي سائين.“ ڪريم ڪجهہ وقت کان بيمار ھو.
ھن ڪريم کي ساڻ کنيو ۽ مکي ڍنڍ ڏانهن روانو ٿيو. اھو سانگهڙ جو خوبصورت ترين ڏينھن ھو. ساوڪ جهومي رھي آھي، جنھن علائقي ۾ ڍنڍون، ڍورا، ترايون ۽ تلاءُ ٿين ٿا، اُتي موسم بہ معتدل ٿئي ٿي. ٻنين ٻارن جي ڪري پاڻيءَ سان ڀنل زمين جو واس دماغ کي فرحت بخشي ٿو. انهن ٻھراڙين ۾ زندگي خالص ۽ صحت بخش آھي.
مختلف خوبصورت منظر پوئتي ڇڏيندي گاڏي اڳتي وڌندي رھي.
مکي ڍنڍ وٽ احمد ٻيڙي ۾ کين منتظر مليو. سارنگ بہ ان وقت پنھنجي موٽرسائيڪل مان لھي ھن ڏانھن وڌيو. اڄ وقار کي سڄو ڏينھن بند تي رھي ڪم کي نبيرڻو ھو. ھن جي موجودگي جي ڪري ڪم تڪڙو ٿيندو ھو. ڪي ٻيا ضروري مسئلا بہ حل ڪرڻا ھين. ھڪ مصروف ترين ڏينھن سندس منتظر ھو. ٻئي پاسي ڪنسلٽنٽ وڃي رھيا ھئا. خاص ڪري ماحوليات جا ماھر جلد وڃي رھيا ھئا. سندن وڃڻ ۾ ٻہ ٽي ڏينھن وڃي بچيا ھئا.
رات جو سڀ اسٽيو جي گهر گڏ ٿيا.
تاريخ، ماحوليات ۽ موجودہ حالات تي ڳالهائي رھيا ھئا. ٻئي ڏينھن ھالا وڃڻ جو پروگرام ھو. خواتين کي شاپنگ ڪرڻي ھئي. اسٽيو، ٽينا ۽ جوليا وڃي رھيا ھئا.
جوليا جو خيال ھو تہ ارم بہ ھلي پر وقار محسوس ڪيو تہ ٻار پريشان ٿيندا. يا شايد ارم نہ ھلي. ھونئن بہ ھو ٿورو محتاط ٿي ويو ھو.
سڀني کي احساس ھو تہ جلد ھو پنھنجي دنيا ۾ واپس ھليا ويندا. ھنن سانگهڙ ۾ سٺا ڏينھن گذاريا ھئا. گڏجي ڪيترا ئي سفر ڪيا ھئا. گڏ وقت گذارڻ سان ھڪٻئي سان پنھنجائپ ٿي وڃي ٿي.
”ارم جي طبيعت مختلف آھي.“ جوليا چيو.
”ھا ھن جي پنھنجي الڳ دنيا آھي.“
”لفظن جي دنيا جنھن ۾ شعر جڙندا آھن، ھا نہ...“
”ھا ائين تہ آھي...“
”ھن تو تي بہ شعر چيا ھوندا.“ جوليا جي لھجي ۾ شرارت ھئي.
”تون پاڻ ارم کان ڇو نہ ٿي پڇين؟“ وقار بہ ساڳي انداز ۾ جواب ڏنو.
”مان بہ اسڪول جي زماني ۾ شاعري ڪندي ھيس.“
”اڇا!“ وقار حيرت مان چيو.
”پوءِ مون کي ائين لڳو ڄڻ مان گهڻي حساس ٿيندي ٿي وڃان.“
”پوءِ؟“
”گهڻي سوچڻ سان ماڻهو ھڪ ٻي دنيا ۾ پھچي وڃي ٿو، جتي آوازون گهڻو پوئتي رھجي وڃن ٿيون.“
”ھا شاعرن جي منفرد دنيا ٿئي ٿي، ھونئن توکي ڪھڙو شاعر پسند آھي.“ وقار جوليا جي سونھن کي اکين ۾ جذب ڪندي پڇيو.
”مون کي ورڊز ورٿ متاثر ڪري ٿو، ڇا تو ورڊز ورٿ کي پڙھيو آھي؟“
”بس سرسري طور تي.“ وقار جواب ڏنو.
”ھو فطرت جو خوبصورت شاعر آھي، ان انداز سان فطري سونھن کي انگريزي جي ڪنھن ٻئي شاعر بيان نہ ڪيو آھي.“
”مان انگلينڊ ويو ھيس تہ ورڊز ورٿ جي گهر “Dove Cottage” بہ ڏسڻ ويو ھيس.“
”خوبصورت جڳھ آھي نہ ... فطري سونھن سان ڀرپور.“ جوليا جي اکين ۾ چمڪ وڌي وئي.
”ھا انتھائي خوبصورت علائقو آھي. شايد ان سونھن ورڊز ورٿ کي شعر لکڻ لاءِ اُتساھيو ھوندو.“
”شاعر فطري خوبصورتي کي پسند ڪن ٿا.“
”توکي شعر چوڻ لاءِ ڪنھن اُتساھيو ھو؟“ وقار جي سوال تي جوليا خاموش ٿي وئي.
”منھنجي ڪزن ھينري....“
وقار جو منھن ھڪدم لھي ويو. ھڪ غير محسوس تعلق ۾ بہ ملڪيت سجهڻ جو عنصر شامل ٿئي ٿو شايد!
”تون ھن سان محبت ڪندي ھئينءَ؟“ وقار کي يقين ھو تہ ھو نہ چوندي.
”آف ڪورس.“ جوليا بي اختيار کلي پئي.
”پوءِ ان ڪھاڻي جو ڇا انجام ٿيو.“
”اھا ڪھاڻي انجام تائين پڄڻ کان اڳ ختم ٿي وئي.“ جوليا اداسيءَ مان چيو.
”آءِ ايم ساري.“
اداسي ۾ ھوءَ حسين لڳي رھي ھئي.
ھڪ پراڻي ياد ۾ گم ماضي جو حصو لڳڻ لڳي.
”شاعريءَ ڇو ڇڏي؟“
”اھا مون کي حقيقت جي دنيا کان پري وٺي وڃي رھي ھئي.“ جوليا ٿڌو ساھ ڀريو.
”ڇا خواب ۽ حقيقت گڏ نہ ٿا ھلي سگهن؟“ وقار پڇيو.
”شايد مون کي سوچ جو منطقي انداز وڻي ٿو.“
ڪلائيو بہ ڀرسان اچي ويٺو ۽ گفتگو ۾ شريڪ ٿي ويو. دليون، بحث مباحثا ۽ تڪرار زندگي جي نمائندگي ڪن ٿا. زندگيءَ جيڪا فلسفي ۽ منطق کان گهڻي مختلف آھي. زندگيءَ تشريحن ۾ پنھنجو اصلي پڻو وڃائي ٿي ويھي.
ٻئي ڏينھن ھالا لاءِ روانا ٿيا.
جوليا، وقار سان فرنٽ سيٽ تي ويٺي. اسٽيو ۽ ڪرسٽينا جي گاڏي گڏ گڏ ھلڻ لڳي.
اڄ ڊرائيور نہ پھچي سگهيو. اھو بہ حسنِ اتفاق! وقار خوش ٿي سوچيو.
ھڪ ڊگهو خوبصورت رستو ھو، جنھن تي ھلندي خوشي سان گڏ اداسي بہ وکريل ھئي.
خوشي ھڪ خوبصورت ساٿ جي ۽ اداسي جو سبب وقت جو مختصر ھئڻ ھو.
وقت تيزي سان گذري ٿو.
وقت ڄڻ ڪو پکي ھجي، جنھن جا پَرَ آسمان جي وسعتن ۾ بنان ٿڪاوٽ جي اڏامندا رھن ٿا. لمحا جيڪي اڏري وڃن ٿا. ڪڏھن بہ واپس نہ ٿا ورن. وقار ٿڌو ساھ ڀريو.
اڄ جوليا کي نيري ۽ سائي رنگ جي شلوار قميص پھريل ھئي. ھوءَ جڏھن بازار يا ماڻهن جي ميڙ ۾ ويندي ھئي تہ سنڌي لباس پھريندي ھئي، جنھن جو سبب ٻڌائيندي ھو چوندي ھئي، ”جھڙو ديس تھڙو ويس....“
جوليا بہ اداس ھئي، ٻنهي جي وچ ۾ غير محسوس اداسي ڇانيل ھئي.
ھوءَ گهڻي سمجهدار ھئي. ان سمجهداري ئي وقار کي موھيو ھو.
گاڏي جي ٻنهي پاسي گهاٽن وڻن جي قطار ھئي. اھو ھڪ خوبصورت رستو ھو. گهاٽن وڻن سان ڀريل۽ ماڪ ڀنل خوشبو ورھائيندڙ.
”تون اڄ پنھنجي ڪا نظم ٻڌاءِ.“ وقار چيو.
”گهڻو وقت اڳي لکيا ھيم، ڪجهہ نظم... ھاڻ تہ ياد بہ نہ رھيا اھن.“ جوليا مرڪي چيو پوءِ ڪجهہ دير سوچيندي رھي ڄڻ نظم ياد ڪندي ھجي. پوءِ نظم ٻڌائڻ لڳي.
”ٿيمز جي ڪناري گذاريل ھڪ شام“
بادل جهاتي پائي
ھيٺ ڏسن ٿا
پاڻيءَ جي آرسيءَ ۾ پاڻ پسي
لھرون لھرون بڻجي وکري وڃن ٿا
بادلن مان ماڪ ڦڙا ڪرن ٿا
ٿيمز جون لھرون گول دائرن ۾
رقص ڪن ٿيون
پاڻي پاڻي سان ملي ٿو
آسمان ۽ زمين جو سنگم
پاڻي، پاڻي کي ڇڪي ٿو
ڪڏھن ڪو خوبصورت
منظر ڏسڻو ھجئي
ٿيمز تي برسات پوندي
ضرور ڏسجانءِ.“
”واھ! خوبصورت نظم آھي.“ وقار لفظن جي گهرائي ۾ وڃائجي ويو. جوليا جا احساس ڪيڏا نہ خوبصورت آھن.
مون کي جيڪو ياد آيو، چوندي ويس ان ڪري نظم ۾ تسلسل نہ ھو.
”ان جي باوجود بہ خيال وڻندڙ آھي.“ وقار چيو.
”خوبصورت خيال ئي تہ شاعريءَ جو تت آھي.“ جوليا وراڻيو.
”تون مون کي ڀٽائيءَ جو ڪو شعر ٻڌاءِ.“ جوليا چيو.
”ڪنول پاڙون پاتال ۾ ڀونري ڀري آڪاس
ٻنھي سندي ڳالهڙي رازق آندي راس
تنھن عشق کي شاباس جنھن محبتي ميڙيا.“
”مان لفظ نہ ٿي سمجهان پر لفظن جي سرن کي محسوس ڪري سگهان ٿي.“ جوليا مرڪي چيو.
وقار شعر ترجمو ڪري کيس ٻڌايو تہ ھوءَ حيران ٿي وئي.
ڪيڏي نہ گھرائي آھي، ھن شعر ۾ لفط ڄڻ تہ روح ۾ لھندا ٿا وڃن. تعلق جي سونھن کي محسوس ڪري....
”شاھہ جو انگريزي ۾ ترجمو ملي ويندو.“
”ھا ڪيترائي ترجما آھن.“
”مان شاھ کي پڙھڻ چاھيان ٿي.“ جوليا جي لھجي ۾ تجسس ھو.
خاموشي ڇائنجي وئي. خاموشي ۾ معنيٰ جا انوکا رمز لڪل آھن. جنھن ۾ اڻ چيل جذبن جو سنگيت جهومي ٿو.
ڀٽ شاھ تي پھچي ڀٽائي جي درگاھ تي حاضري ڏيندي، ماڻهن جي ميڙ ۾ ھلندي ھو مختلف لڳي رھيا آھن.
انڪري ٻارن جو جلوس بہ ھنن سان گڏ ٿو ھلي. سندن چھرن تي حيرت جا آثار آھن. ھو ڄڻ تہ ڪنھن ٻي دنيا جا رھواسي ھجن!.
”ورڊز ورٿ جي شاعري جو اُتساھ ليڪ ڊسٽرڪٽ ھئي ۽ ڀٽائي ڪراڙ ڍنڍ جي فطري ماحول جي سونھن کان متاثر ھو.“ ڪراڙ ڍنڍ وٽ پھچي وقار چيو.
”ھتي ڪراڙ ڍنڍ جي ڪا خاص سنڀار نہ لڌي وئي آھي.“ جوليا جي چھري تي افسوس ھو.
ڀٽ شاھ گهمي ڦري، اجرڪ سازي ڏسڻ لاءِ ويا. جوليا، ڪرسٽينا ۽ اسٽيو، اجرڪ جي رنگن کان متاثر ھئا. اھو اجرڪ انگلينڊ ۾ رھندڙ سنڌي ثقافت جي سوکڙي طور استعمال ڪن ٿا.
”مان اڪثر سوچيندي آھيان تہ اجرڪ ڪيئن ٺھندو آھي؟“ ڪرسٽينا چيو.
”ھا ھن جارنگ خوبصورت آھن.“ اسٽيو، ڪاريگرن کي ڪم ڪندي ڏسي چيو.
ڪاريگر کين اجرڪ جي تياري جي باري ۾ ٻڌائي رھيو ھو. وقار ترجمو ڪرڻ لڳو.
”سائين پھريون پنج ميٽر بافتو يا ھرک وٺون ٿا. ھي گهڻي ڀاڱي ھٿ سان اُڻيو وڃي ٿو. ان ڪپڙي کي ڌوئي سڪائي ساڪڙ جو رنگ ڏيون ٿا. پوءِ اھو ميرانجھڙو ٿي وڃي ٿو، جنھن کانپوءِ چويھ ڪلاڪ ان ڪپڙي کي اُس ۾ سڪايون ٿا. ان ڪپڙي کي سرنھن يا ارنڊيءَ جي تيل ۾ ٻوڙي ٻارنھن ڏينھن کانپوءِ اُن کي تيل مان ٻاھر ڪڍون ٿا. ڪپڙو ڌوئي ٻيھر اُس ۾ سڪايو وڃي ٿو. ان کانپوءِ ڇرڻ جو مرحلو اچي ٿو.“ پوءِ ڪاريگر کين ڇر جا ٺپا ڏيکارڻ لڳو. ڪرسٽينا ۽ جوليا بلاڪس کي ڏسڻ لڳيون.
”ھن ڊزائن جا ڪيترا ٺپا آھن؟“ ڪرسٽينا پڇي ٿي.
ڪاريگر وائڙو ٿي ويو تہ ميم صاحبہ ڇا ٿي چوي. وقار ترجمو ڪري ٻڌائي ٿو.
”سائين سنڌ ۾ اٽڪل ٽي سو ڊزائن جا ٺپا رائج آھن، جيڪي نج سنڌي ڊزائن جا آھن.“
ڪاريگر وڌي تختي تي ڪپڙو ڦھلائي رنگين ٺپن سان اجرڪ تي نقش و نگار ڪڍي رھيا ھئا.
”اھڙو ڪم دنيا ۾ ڪٿي بہ، ٻئي ھنڌ نہ ٿو ٿئي.“ اسٽيو چيو.
”ھا مان بہ بلاڪ پرنٽنگ جا مختلف نمونا انڊيا، سري لنڪا ۽ انڊونيشيا ۾ ڏٺا آھن، پر سنڌ ۾ تمام بھترين ڪم ٿئي ٿو.“ جوليا چيو.
اھو ٻڌي ٻڌي وقار کي پنھنجي تھذيب ۽ ثقافت جي سونھن تي فخر محسوس ٿيڻ لڳو.
ڪرسٽينا کي ڪپڙي ۽ فيشن ڊزائنگ جي سٺي ڄاڻ ھئي.
”واقعي بي مثال رنگ ۽ ڊزائن آھن.“ جوليا اجرڪ تي ھٿ ڦيرائيندي چيو.
ھالا ھينڊي ڪرافٽس سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. ھي فن سنڌ جي قديم تھذيب جي نمائندگي ڪري ٿو. اڄڪلهہ بلاڪ پرنٽنگ جو ڪم تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو.
اجرڪ سازي جو ڪم ڏسي وڃي دڪانن تي خريداري لاءِ پھتا.
ڪاشي جا ٿانوَ ۽ شو پيس ڏسڻ لڳا. ڪاٺ سان ٺھيل سامان جي خريداري ۾ مصروف ٿي ويا. وقار گلابي رنگ جو سوٽ پيڪ ڪرائڻ لڳو.
”ارم لاءِ؟“ جوليا پڇيو.
”ھا“ وقار مرڪي وراڻيو.
”ارم خوشقسمت آھي جو ھن کي ايترو خيال رکڻ وارو جيون ساٿي مليو آھي.“ جوليا حسرت سان چيو.
”ھر خوشقسمت ماڻهو ٻئي جي زندگيءَ کي حسرت سان ڏسي ٿو.“ وقار جواب ڏنو.
”ڇا مطلب ارم توسان خوش نہ آھي؟“
”ھوءَ تمام گهڻي خوش آھي، پر ڪڏھن ڪڏھن سندس موڊ بدلجي وڃن ٿا.“
”اھا اسان سمورين ماين کي بيماري آھي تہ اسان جا رويا ساڳيا نہ ٿا رھن.“ جوليا کلي پئي.
”جوليا ھڪ خوبصورت ڳاڙھي رنگ جو جوڙو ڪڍي چيو :”ھي رنگ ارم تي ٺھندو، مان ھن لاءِ وٺان ٿي.“
”ارم ڳاڙھو رنگ نہ پائيندي آھي.“ وقار جواب ڏنو.
”ڳاڙھو رنگ تہ تمام سھڻو ٿيندو آھي.“ جوليا حيرت سان چيو.
”ارم کي تمام گهڻا شوخ رنگ نہ وڻندا آھن.“ وقار چيو.
”پوءِ ھي سي گرين ڏسو ھي تہ پسند ايندس.“
”ھا ھي رنگ پسند ڪندي.“ وقار وراڻيو.
جوليا ۾ پنھنجائپ ھئي. ھوءَ بہ سندس خاندان جي فرد وانگر ھئي. اھا خوبي بہ گهٽ ماڻهن ۾ ٿئي ٿي.
وقار ارم لاءِ ٻہ ٽي سوٽ ورتا ۽ ٻارن لاءِ ڪاشي جا جانور، خريداري ڪري فارغ ٿيا تہ شام جا چار ٿي رھيا ھئا.
جوليا جو ضد ھو تہ چانھہ گهر ھلي پيون. ان ڪري ھن ارم کي فون ڪري چانھ ۽ چھراڻ لاءِ چيو.
واپسي لاءِ نڪتا تہ موسم انتھائي خوشگوار ھئي. آسمان تي ھلڪا بادل تري رھيا ھئا. ھوائون ڇڙواڳ ھيون.
”وقت ڪيتري جلدي گذري وڃي ٿو.“ جوليا ٿڌو ساھ ڀري چيو.
وقار کي جوليا جي اداسي محسوس ٿيڻ لڳي.
”تون ارم ۽ ٻارن کي انگلينڊ وٺي ضرور اچجانءِ.“ جوليا چيو.
”ھا ضرور....“ وقار بہ گھري سوچ ۾ ھو.
”تو مون کي ان ڇوڪري جي باري ۾ نہ ٻڌايو، جنھن جي ڪري ارم توسان وڙھي ھئي.“ جوليا پڇيو.
”ڪا ھڪ ھجي تہ ٻڌايان...“ وقار مذاق ۾ چيو.
”تون ڳالهہ نٽائي رھيو آھين.“
”سمجهہ تہ اُھا ھڪ خيالي تصوير آھي. ڇو تہ مرد ڪامليت پسند ٿئي ٿو. ائين ڪا بہ عورت خامين کان آجي نہ آھي.“
”مرد بہ تہ خامين جو مجموعو آھي.“ جوليا حيرت سان چيو.
”عورت ان کي زندگيءَ جي حقيقت سمجهي قبول ڪري ٿي.“ وقار کيس روايتي مرد لڳو.
”پر مان اھا حقيقت قبول نہ ڪندس. مان چاھيندس تہ جيڪڏھن مان خاميون نظرانداز ڪيان ٿي تہ سامهون وارو منھنجون خاميون بہ وساري ڇڏي.“ جوليا جذباتي ٿيندي چيو.
”ھڪ ناممڪن ڳالهہ.“ وقار چيو.
”تون ٺيڪ ٿو چوين. منھنجي مڱڻي ٽٽڻ جو بہ اھو ئي سبب ھو. ھاڻ ڪرس ٽي شاديون ڪري چڪو آھي. ھو ھڪ ڏکيو ماڻهو ھو.“ جوليا اداسي سان چيو.
وقار کي لڳو جوليا کي بہ خوابن جي دنيا ۾ رهڻ پسند آھي. ھوءَ ھر معاملي ۾ حقيقت پسند نہ آھي.
”عورت حقيقت پسند نہ ٿي ڏاڍو لوڙي ٿي.“ وقار چيو.
”ڇا عورت کي حقيقت پسند ٿيڻ گهرجي.“
”ھا.“
”ھوءَ مرد جون خاميون قبول ڪري ۽ پنھنجو پاڻ وساري ڇڏي.“
”قرباني تہ وري بہ عورت کي ڏيڻي پوي ٿي.“ وقار چيو.
وقار کي محسوس ٿيو، ڄڻ جوليا کي ھن جي سوچ ٻڌي ڏک ٿيو.
”انڪري مون سوچي ڇڏيو آھي تہ شادي نہ ڪندس.“
وقار يورپ ۾ ڏٺو ھو تہ ڪيترا ماڻهو خاص ڪري عورتون شادي کان بنان خوش زندگي گذاري رھيا ھئا.
”انسان ڪھڙو بہ فيصلو ڪري پر خوش رھي.“ وقار چيو. ٻئي خاموش ھئا. ٻنھي جي لبن تي اڌوري ڳالهہ ھئي. شايد پنھنجي سوچ کان ڊنل ھئا.
حيدرآباد گهر پھتا تہ ارم سندن انتظار پئي ڪيو. ٻار بہ ڊوڙي اچي ھن سان مليا.
”اميد تہ سفر سٺو گذريو ھوندو.“ ڊرائنگ روم ۾ سڀ ويٺا ھئا تہ ارم، ڪرسٽينا کان پڇيو.
”ھا تمام بھترين، ڏاڍو مزو آيو، ھي ٻئي خواتين تہ شاپنگ ۾ تمام گهڻي خوشي محسوس ڪن ٿيون.“ اسٽيو جي ڳالهہ ٻڌي سڀ کلي پيا.
جوليا، پيڪٽ، ارم کي ڏيندي چيو.
”ھي منھنجي طرفان ادنيٰ تحفو آھي.“ ارم جي چھري تي رنگ پکڙجي ويا.
”ھر تحفو قيمتي ھوندو آھي.“ ارم مرڪي جوليا کي ڏٺو.
ڪرسٽينا بہ ارم لاءِ وڳو ورتو ھو.
”تون ھلين ھا تہ وڌيڪ مزو اچي ھا.“ جوليا چيو تہ ارم کلندي ھڪدم خاموش ٿي وئي.
ارسل ۽ عيني جا ٽيسٽ شروع ٿي ويا آھن.“
”ھا ٻارن جا امتحان ائين لڳندو آھي، ڄڻ مائرن جو پنھنجو امتحان ھجي.“ اسٽيو خوشدلي سان چيو تہ سڀ کلڻ لڳا.
”ھن آچر تي واپس انگلينڊ وڃي رھيا آھيون.“ ڪرسٽينا چيو.
”ايتري جلدي؟“ ارم پڇيو.
خبر ئي نہ پئي تہ وقت گذري ويو.“ جوليا چيو.
”توھان جي ڪمپني ۾ ڏاڍو مزو آيو.“ ڪرسٽينا چيو.
”ھا بلڪل پنھنجي گهر وارو احساس ملندو ھو اسان کي.“ جوليا جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.
”سڀ کان وڌيڪ ٿورائتا وقار جا آھيون، اسان کي ڏاڍو گهمايو ۽ ڦرايو اٿائين.“ اسٽيو چيو.
”جڏھن مودڊ ٿئي ھليا اچجو. اڃان بہ گهڻا ماڳ مڪان رھجي ويا آھن.“ وقار چيو.
”ھاڻ توھان ٻارن سان ايندا اسان سان ملڻ.“ جوليا چيو.
”ھا ھا ضرور اينداسين. ٻار بہ توھان کي ساري رھيا ھئا. سندس زبان تي آنٽي جولياا ۽ آنٽي ڪرسٽينا ھوندو اٿن.“ ارم کلي ٻڌايو.
”تمام پيارا ٻار آھن، اسان کي ياد ايندا.“ جوليا چيو.
”شام ٿيڻ واري آھي، بھتر آھي تہ ھلجي.“ وقار چيو ۽ سڀ اٿي بيٺا. ھڪٻئي سان ملي موڪليائون.
واپسي تي جوليا خاموش ھئي. وقار بہ ڪجهہ سوچي رھيو ھو. ٿڪ محسوس ڪري رھيا ھئا. ذھن تي بوجهہ ھجي تہ وقت بہ ڳرو محسوس ٿيڻ لڳو ٿو. ڪٿي ماڻهو جڏھن ڪجهہ وقت گذاري ٿو تہ ھو ان ماحول جو عادي ٿي وڃي ٿو. وڃڻ جو لمحو ھر ڪنھن کي ڏکيو لڳي ٿو. پوءِ ذھن ۾ خوشگوار وقت جون يادون محفوظ ٿي وڃن ٿيون. پوءِ ھر ڪو پنھنجي دنيا ۾ موٽي وڃي ٿو. گذريل وقت فقط تصويرن ۾ محفوظ رھجي ويندو آھي. ھڪ ٿڌو ساھ بڻجي. وقار جون نظرون ڳالهائين ٿيون ۽ جوليا اڻڄان بڻجڻ جي ڪوشش ۾ اندر ۾ جهري پئي ھجي ڄڻ تہ....
”مون کي سنڌ ۾ ڏاڍو مزو آيو. ھتي جا پاڻي جا وھڪرا، موسم، رنگين ثقافت ۽ سٻاجها ماڻهو تمام گهڻا ياد ايندا.“ جوليا روئڻھارڪي ٿي وئي...
وقار سندس احساس سمجهي رھيو ھو. ھو بہ اداس ھو.
ائين ڳالهيون ڪندي اھو ڊگهو رستو بہ ڄڻ تہ پل ۾ گذري ويو.آسمان جي شفق ميرانجهڙي شام ۾ وڃائجي وئي. گهرن جون بتيون ھڪ ھڪ ڪري ٻرڻ لڳيون تہ ھنن جي گاڏي بہ ريسٽ ھائوس ڏانھن ويندڙ رستي تي ھلڻ لڳي.
***

20

صبح جا ڏھ ٿيا ھئا. ھو آفيس ۾ ڪريم، سارنگ، علي حسن سان ويٺو ھو. سانگهڙ جي جهنگلي جيوت تي ادبي حوالي سان بہ، تاريخ ۽ ثقافت تي ڪتابن جي اشاعت جو سلسلو ھلندو رھندو ھو. سارنگ پراڻيون اخبارون ، ميگزين پنھنجا مضمون ۽ رسالا کڻي آيو ھو. ڪريم ڪجهہ جهونا ماڻهو ھٿ ڪري رکيا ھئا، جيڪي تاريخ ۽ جهنگلي جيوت جا پارکو ھئا. وقار کي جلد ئي سموري ڄاڻ ڪلائيو کي موڪلڻي ھئي. ھن سارنگ کي چيو تہ سمورو مواد سھيڙي کيس لکت ۾ ڏئي. ان بعد ھو پاڻ ئي ان کي انگريزي ۾ ترجمو ڪري اڳتي پھچائيندو.
اڄ سڀني کي ملي، ڊيم ڏانھن وڃڻو ھو.ڪم تيزي سان جاري ھو. زندگي ٿڪائيندڙ ۽ حد کان وڌيڪ مصروف ھئي. مزدورن جا مسئلا ھجن يا ڳوٺاڻن جا بدلجندڙ انداز، وقار کي سھپ ۽ برداشت جو مظاھرو ڪرڻو پوندو ھو. وقار کي اميد ھئي تہ ڊيم جي متاثرن لاءِ ڪا بھتر صورتحال نڪري پوندي. موجودہ صورتحال اھا ھئي تہ ماڻهو ٺاپر ۾ ھئا. ھونئن بہ اٻوجهہ ماڻهو صدين کان آسرن ۽ دلاسن تي وقت گذاريندا رھيا آھن.
مکي ڍنڍ جو سير يا مکي ٻيلن ۾ پسار وقار جي وندر ھئي. اڄڪلهہ جوڻيجن جي ماڙي تي لامارا ڏيندڙ باز ھن لاءِ اُتساھ جو ڪارڻ بڻيل آھن.
ھي پکي ڪيترو پري کان ھلي ٿو. ھزارين ميل پري ٿڌن علائقن کان ڪھي اچن ٿا. پوءِ ڪنھن درياھ ڪناري يا نديءَ جي پاسي ۾ ڪنھن بلند جڳھہ تي گهرڙو اڏين ٿا. ان کي ٺاھين ۽ سنوارين ٿا.
پکي جنھن نموني گهر ٺاھين ٿا اُھا بہ ھڪ قدرتي ڏات آھي. پکين جي ويجهو رھي يا سندن زندگيءَ جو مشاھدو ڪري انسان گهڻو ڪجهہ پرائي ٿو.
ھي پکي سنڌ ۾ اڻ لڀ آھي. ھن جي پرگهور لھڻ ضروري آھي. دنيا ۾ ڪيترن ئي پکين جون نسلون انساني ڪوتاھي جو ور چڙھي ويون آھن.
پکي جون ٻوليون نہ ھجڻ تہ ڪائنات ۾ ڪيڏي نہ خاموش ھجي!
وڻ نہ ھجن تہ زندگي جيڪر تتل رڻ سمان ڀاسي.
پکي ۽ وڻ ماحولياتي آلودگي جي ور چڙھيل آھن.
سنڌ جا ٻيلا ڏينھون ڏينھن ختم ٿيندا پيا وڃن.
وقار مزدورن کي ھدايتون ڏيڻ سان گڏ سوچيندو بہ پيو وڃي.
ڪرسي جي مٿان ڇٽي ڇانورو ڪري بيٺي ھئي نہ تہ اُس اڄ تکيرڙي آھي. اڄ لئي، نم ۽ ٻٻر جي خوشبوءَ ساھن ۾ سرھاڻ وکيري پئي. ھڪ وڻندڙ احساس، ان ماحول جي تازگي ۾ تري رھيو آھي. وقار کي اھڙا لمحا احساس جو تحرڪ عطا ڪن ٿا.
ھن مٿي ڏٺو جتي فش ايگل اڏامي رھيا ھئا.
ھو سندن نظرن جي تکائي کان متاثر ھو. ھزار فٽ کان بہ ھو شڪار جي چرپر ڏسي وٺندو ھو. وقار انهن پکين کي مردار جانور بہ کائيندي ڏٺو ھو. اھا ڳالهہ کيس نہ وڻي. ھن فش ايگل کي چئن منٽن ۾ھڪ پائونڊ جي مڇي ڳڙڪائيندي ڏٺو ھو. توڙي جو ھي روز شڪار نہ ٿا ڪن. ڪلائيو کيس ٻڌايو ھو تہ جڏھن ھنن پکين جو پيٽ ڀرجي وڃي ٿو تہ ھو پنھنجي ڳچي ۾ بہ ڪجهہ کاڌو محفوظ رکن ٿا، جيڪو کاڌوھضم ٿيڻ کان الڳ اُتي موجود رھي ٿو. پوءِ ننڊ يا جاڳ ۾ اھو کاڌو ھضم ٿيندورھي ٿو. ان ڪري روز شڪار نہ ٿا ڪن.
عيجب پکي آھي. وقار آسمان ڏانھن ڏٺو، جتي ڪيترا پرديسي پکي اڏامي رھيا آھن.
ڪڏھن وقت مليو تہ ھن پکيءَ تي ناول لکندس.
اھو ناول بہ عجيب ئي ھوندو. وقار سوچڻ لڳو.
اھو ڏينھن بہ اچي پھتو، جڏھن ٻئي ڏينھن انگريز ڪراچي روانا ٿيڻا ھئا. وقار رات جو ريسٽ ھائوس ۾ رات جي ماني رکي ھئي. فارينرز سانگهڙ جي مڇي تمام گهڻي پسند ڪندا ھئا.
پرڏيھين جي اھا ڳالهہ وقار کي پسند ھئي تہ ھو ھميشہ خوش ۽ ھشاش بشاش نظر ايندا آھن. شايد انڪري تہ کين معاشي مسئلن جو ڪو خاص فڪر نہ آھي. اُھي قومون جيڪي پاڻ ڀرائي جي احساس تحت اُسريون آھن. سي اڄ دنيا ۾ ڳاٽ اوچوڪري بيٺيون آھن.
ھنن کي تبديلي پسند آھي. ڊنر کان اڳ ڪچھري جو دؤر ھليو. اڄ جوليا اجرڪ ويڙھي آئي ھئي.
”تون اڄ سنڌياڻي لڳي رھي آھين.“ چارلس، جوليا ڏانھن ڏسي چيو.
سنڌياڻي لفظ تي جوليا گلاب وانگر ٽڙي پئي.
ان وقت ھوءَ واقعي سنڌ جي تھذيب جو حصو لڳي رھي ھئي.
”مان سنڌ کي گهڻو پسند ڪيان ٿي. شايد ان ڪري....“
ھوءَ ٻين کان مختلف ھئي. اڄ اداس پڻ ھئي.
ٻئي ڏينھن سڀ صبح جو روانا ٿيڻا ھئا، البتہ نسل پرست پراجيڪٽ انچارج چارلس اڳئين ھفتي انگلينڊ ويندو.
”سنڌ ۾ فطري سونھن آھي، جنھن مون کي متاثر ڪيو.“ جوليا وقار ڏانھن ڏسي چيو.
”ھا ائين تہ آھي، ھتي جا موسم خوبصورت آھن.“
”ھتي جا موسم معتدل آھن، نہ گهڻا طوفان ۽ نہ ئي بارشون. ان ڪري ھتي مثبت توانائي جو وھڪرو گهڻو آھي.“ جوليا، شين کي مختلف انداز سان پرکي ٿي.
”واقعي معتدل موسمن سان گهڻو فرق پوي ٿو.“ وقار چيو.
”ھتي جا ماڻهو بہ سٻاجها ۽ مخلص آھن، ان ڪري مان ھتان خوبصورت يادون کڻي وڃي رھيا آھيان.“ وقار کي محسوس ٿيو ڄڻ جوليا سنڌ ۾ ڪجهہ وڃائي وڃي رھي ھئي. ھڪ اڌورو احساس سندس اکين ۾ ڇلي رھيو ھو.
البرٽ، ڊيوڊ، اسٽيو، ڪرسٽينا، جوليا ۽ چارلس خوشگوار ماحول ۾ ڳالهيون ڪندا رھيا.
پر جوليا جي خاموش نظرن ۾ ڪا اڻ چيل ڪھاڻي سڏڪي رھي ھئي.
وقار، جوليا کي شاھ جي رسالي جو انگريزي ترجمي وارو ڪتاب ڏنو تہ ھوءَ تمام گهڻي خوش ٿي.
جوليا، وقار جي ڀرسان ويٺي ھئي. ھوءَ گم صم ھئي.
ڄڻ کيس انتظار ھجي تہ ڪڏھن وقت جي مکڙيءَ ۾ لڪل بند راز ٿو کُلي. پر جنھن احساس جي گلاب جي ٽڙڻ لاءِ منتظر ھئي، اُھو ھن جو نصيب نہ ھو.
ھن وقار ڏانھن ائين ڏٺو، ڄڻ سندس نظرون چونديون ھجن.
”مان تو سان محبت ڪيان ٿي.“
وقار بہ ان گهڙي جوليا کي ڏسي ٿو. سندس نظرون ڄڻ چونديون ھجن.
”مان بہ تو سان محبت ڪيان ٿو.“
پر ھو چئي نہ ٿو سگهي، ڇو تہ جوليا، مردن کان خائف آھي. ھن جي زندگيءَ جا تجربا محبت جي حوالي سان تلخ رھيا آھن. انسان جو اعتماد گهايل ھجي تہ يقين جو ٻوٽو بہ ڪومائجي وڃي ٿو. پوءِ ڀلي پيا يقين جو پاڻي ھاريو.
ٽٽل شيون ٻيھر نہ ٿيون جڙي سگهن. انهن جي جوڙڻ جي ڪوشش اجائي آھي، جي جڙي بہ وڃي تہ بہ ساڳيو خوبصورت ڏيک نہ ڏينديون آھن. وقار بہ لفظن جي بي اثر ٿيڻ کان ڊنل ھو.
”احساس سچو ھجي تہ وڇوڙي جي ڏک جي ڪا بہ حيثيت نہ آھي.“ جوليا دل ۾ سوچي ٿي.
”ڪاش مان توکي روڪي سگهان ھا جوليا!“ وقار سوچيو.
”مان توکي تمام گهڻو مس ڪندس وقار. مکي جو ماحول، پکين جون ٻوليون، چانڊوڪي راتين جو سحر گهڻا ايندا.“ جوليا جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. ھوءَ اڌوري ڳالهہ کي لفظن جو روپ نہ ڏئي سگهي.
ڪڏھن انسان گهڻو ڪجهہ چوڻ جي چاھنا ۾ ڪجهہ بہ نہ چئي سگهندو آھي. سندس سوچ حقيقت جي ڪُن ۾ پئي ڦرندي آھي، جنھن کي وڃڻو آھي، ان کي روڪڻ جي تمنا ڪرڻ اجائي آھي.
ڪٿي پل پل جو ساٿ بہ معنيٰ رکي ٿو تہ ڪٿي سالن جا ساٿ بہ بي اثر ٿيو پون.
اکين جو بي نام تعلق بہ اھميت رکي ٿو. اڻ چيل اڌوري ڳالهہ بہ زندگي بڻجي رڳن ۾ ڊوڙندي رھي ٿي.
ٻنهي جون نظرون مليون. ٻئي مرڪي پيا. لڙڪ ۾ مرڪون ڄڻ اُس ۾ برسات پوندي ھجي!
ٻئي ڏينھن ڪنسلٽنٽ صبح جو موڪلائي ڪراچي ڏانھن روانا ٿي ويا.
جوليا ھن سان موڪلائي ڏکاري ٿي وئي. اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيس. لڙڪ لڪائڻ لڳي.
جوليا وٽ ھڪ پکيءَ جي دل آھي. ھو سوچي ٿو.
”پنھنجو خيال رکجان توھان سڀ گهڻا ياد ايندا.“ جوليا جي ڳلن تي لڙڪ لڙي آيا. ھو بہ اداس ٿي ويو.
سڀني کي خدا حافظ چوندي ھٿ لوڏيندو رھيو. جيستائين گاڏي نظرن کان پري نہ ٿي وئي.
آفيس ۾ بہ وقار جي دل نہ لڳي. ڪم مان فارغ ٿي چارلس کان حيدرآباد لاءِ ٻن ڏينھن جي موڪل گهريائين، جيڪا خلافِ توقع چارلس منظور ڪئي.
شام ڌاري حيدرآباد لاءِ نڪتو. گهر پھتو تہ شام جا ڇھ ٿي رھيا ھئا.
ارم کيس اوچتو ڏسي حيران ٿي ۽ ٻار بہ ڏاڍا خوش ٿيا. ھو بنا اطلاع ڏيڻ جي آيو ھو. اوچتي خوشي انڊلٽ جي رنگن جھڙي ٿئي ٿي. گهر ۾ خاموشي ۽ سڪون ھو. ھڪ ٿڌو ڇانورو کيس دل ۾ لھندي محسوس ٿيو.
ڊيم جو ڪم زور و شور سان جاري ھو.
سارنگ ۽ علي حسن بہ اڪثر مکي ڍنڍ تي وقار سان ملندا ھئا. جهنگلي جيوت تي سندس کوجنائون جاري ھيون.
اڄ بہ مکيءَ تي وقار مزدورن سان ڪم جي باري ۾ ڳالهائي رھيو ھو. ڪالهہ ڪلائيو کيس فون ڪري ٻڌايو ھو تہ مشھور فوٽو گرافر پال براڊس ۽ سندس زال روز لينا، فش ايگل ۽ مکيءَ جي جيوت تي ڊاڪيومينٽري ٺاھڻ لاءِ اچي رھيا آھن، ھو تقريباً ٽي ھفتا سانگهڙ ۾ قيام ڪندا. اھا خبر وقار کي ھوا جي مھڪندڙ جهوٽي جيان لڳي. ھو سڀاڻي ڪراچي ايئرپورٽ تي پھچندا. ھن باز ڪيترن ماڻهن ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيو آھي، پر ھنن پکين کي پنھنجي اھيمت جو ڪو بہ اندازو ناھي. ھي پنھنجي الڳ دنيا ۾ گم آھن.
ٻئي ڏينھن آفيس ۾ ويٺو ھو تہ چارلس کيس پنھنجي آفيس ۾ سڏيو. آفيس ۾ داخل ٿيو تہ ٻہ نوان چھرا اُتي موجود ھئا. چارلس خوشگوار موڊ ۾ ھو.
”اچ .... اچ .... نوجوان ... تنھنجو انتظار ڪري رھيو ھيس. ھنن سان مل ھي انگلينڊ جو مشھور فوٽو گرافر پال براڊس ۽ سندس زال روز لينا آھي.“
”ھلو.“ وقار کين کيکاريو.
”ھيلو“ پال ۽ روزلينا يڪ زبان ٿي چيو.
پال ھي اسان جي ٽيم جو سڀ کان ڪارائتو ميمبر وقار احمد آھي. انجنيئر ھئڻ سان گڏ ايڊونچرسٽ، آرڪيالوجسٽ ۽ ڪالم نويس پڻ.
”توھان سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي.“ پال ساڻس ملي دلي خوشي جو اظھار ڪيو.
”ھي ٻئي باز ۽ ھتان جي جهنگلي جيوت سان ملڻ لاءِ ڏاڍا اُتاولا آھن ھا.... ھا...“ چارلس ٽھڪ ڏنو.
”پال جڏھن کان باز جو ٻڌو آھي تہ فقط ھن متعلق ڳالهائيندو رھيو آھي.“ روز لينا مرڪي چيو.
پال چالييھن سالن جو دلڪش نوجوان ھو. کلڻو ملڻو زندھ دل انسان لڳو.
سندس زال روز لينا بہ فوٽوگرافر ھئي. ٻئي بي. بي. سي لاءِ ڪم ڪندا ھئا.
”توھان کي اندازو آھي تہ سنڌ ۾ ھر سال ڪيترا پرديسي پکي اچن ٿا.“ پال، وقار کان پڇيو.
”ھون تہ دنيا ۾ پکين جا ھزارين قسم آھن، 30 اھم گروپ ۽ 172 خاندان آھن، پر سنڌ ۾ ھر سال 230 قسمن جا 30 لک پرديسي پکي اچن ٿا، جن مان 40 سيڪڙو شڪار ۽ ٻين سببن ڪري زندگي وڃائن ٿا.“
”منھنجي خيال اھو آھي تہ ھنن جي رھڻ جو بندوبست جوڻيجن جي نئين ماڙيءَ تي ڪرائي ڏي.“ چارلس چيو.
”مان اڄ ئي رکوالن سان ڳالهايان ٿو.“ وقار وراڻيو.
پال، باز بابت ڄاڻڻ لاءِ اُتاولو ھو. ھن ڪيترائي سوال وقار کان ڪيا. روز لينا بہ ان موضوع تي ڳالهائيندي رھي.
”في الحال ھنن جي رھڻ جو انتظام ريسٽ ھائوس ۾ آھي، پر ڊاڪيومينٽري لاءِ ھنن کي جوڻيجن جي ماڙي تي رھڻو پوندو.“ چارلس چيو.
”سڀاڻي ئي وڃي مان سمورو بندوبست ڪري وٺندس.“ وقار چيو.
شام تائين ھو پال ۽ روز لينا سان مصروف رھيو.
ھاسٽل پھچي تازو توانو ٿي، چانھہ پيئڻ لڳو. ذھن ۾ منصوبابندي بہ ڪري رھيو ھو تہ سڀاڻي کيس ڪھڙا ڪم ڪرڻا آھن. جوڻيجن جي اڇي رنگ جي نئين ماڙي، پراڻي ماڙيءَ کان تقريباً سؤ کن قدمن جي فاصلي تي ھوندي. اھي ٻئي ماڙيون ڀرسان ئي الڳ الڳ ٻيٽارين تي شان سان بيٺيون آھن.
جوڻيجن جي ٻي نئين ماڙي اڄ بہ مصروف ترين رھائشگاھ آھي. اڪثر شڪار جا ڪوڏيا سرڪاري آفيسر اُتي اچي رھندا آھن. حڪومت جا خاص ماڻهو، ٻاھريان مھمان ۽ بيورو ڪريٽ اڪثر اھڙي پرسڪون جڳھہ جي ڳولا ۾ ان ويران وستي کي اچي وسائيندا آھن. توڙِ سرڪاري طور تي شڪار تي پابندي آھي، پر عام ماڻهن لاءِ اھا بندش آھي، خاص ماڻهو ھتي ھر قسم جي پابندين کان آجو آھي.
سانگهڙ وارو پاسو بہ سير و سياحت جو سٺو مرڪز ٿي سگهي ٿو، جيڪڏھن سياحت کاتو ان طرف ڌيان ڏئي تہ مقامي ماڻهن لاءِ بہ روزگار جا دوازا کلي سگهن ٿا، پر ملڪ جي حالتن سبب سير و سياحت واري شعبي جو ڪم بہ سست رفتاري سان پيو ھلي. وقار سوچڻ لڳو.
اڄڪلهہ وقار ڪم ۾ ايترو تہ مگن ھو جو ھر وقت سندس ذھن ۾ مکي جو علائقو ھوندو ھو.
مکي ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ عجيب سحر ھو. آسمان جا منظر بہ انتھائي خوبصورت ھئا. زمين کان آسمان تائين مکي سندس من ۾ سمائجي وئي ھئي.
***

21

وقار ۽ سارنگ، جوڻيجن جي ماڙيءَ ڏانھن نڪرن ٿا. علي حسن کي بہ ساڻ ورتائون، ڇو تہ ھن جي مقامي ماڻهن سان سٺي ڏيٺ ويٺ ھئڻ ڪري ڪم تڪڙو ٿي ويندو ھو.
واٽر بوٽ تيزي سان ماڙيءَ ڏانهن وڌڻ لڳي. علي حسن ۽ سارنگ ڳالهين ۾ مصروف ھئا. وقار، ٻيڙي جو ڪنٽرول سنڀالي ويٺو ھو. اھو ھڪ خوشگوار ڏينھن ھو. پاڻيءَ جي ويجهو ھر جڳھ خوشگوار ٿئي ٿي. پاڻيءَ ۾ ساوڪ ۽ آسمان جا رنگ نرالا ٿي پون ٿا. اڄ بہ آسمان ساوڪ جي پس منظر ۾ نيري ڪوھيڙي ۾ ويڙھيل ھو.
سامهون اَڇي رنگ جي قديم ماڙي ھئي. ھيٺ لٿا تہ چوڪيدار سامهون بيٺو ھو. چوڪيدار اچي کين سلام ڪيو.
”شير دين ڪيئن آھي؟“ علي حسن ساڻس ھٿ ملايو.
”رب جا شڪر آھن سائين.“ شير دين وراڻيو.
چوڪيدار کين اندر وٺي آيو. ھڪ وڏو ھال ھو، جنھن ۾ پراڻي طرز جا صوفا رکيا ھئا. قديم خوشبو ھر طرف وکريل ھئي. علي حسن چوڪيدار کان سڄي تفصيل پڇي. وقار اڳ ئي مالڪن سان ماڙي جي حوالي سان ڳالهائي چڪو ھو. بجلي وغيرہ نہ ھئي، البتہ جنريٽر موجود ھو.
ان وقت رئيس جي بہ فون آئي، جنھن پڻ شير دين کي ڪمرا صاف ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. فون رکي شير دين چيو.
”سائين اڄ مان ڪمرن جي صفائي وغيرہ ڪري ڇڏيندس. سڀاڻي ڀلي مزمان اچي رھن. ھتي پاڻي جو بندوبست آھي. توھان ڪو فڪر نہ ڪيو.“
”نگراني ڪندو رھجانءِ جيئن مھمانن کي ڪا بہ تڪليف نہ ٿئي.“ ماڙيءَ مان ٻاهر نڪري وقار، علي حسن کي چيو.
”توھان فڪر نہ ڪيو. مان پيو چڪر لڳائيندس.“ علي حسن کيس خاطري ڏني.
اھو سڄو ڏينھن وقار جو مصروف گذريو. ھن مھمانن جي رھڻ لاءِ سموري تياري ڪري ڇڏي. ٻئي ڏينھن کين وٺي اچڻو ھو. چارلس جو خيال ھو تہ شروع جا ڪجهہ ڏينھن وقار ساڻن رھي. ان کانسواءِ ھن احمد کي بہ مھمانن سان گڏ ھجڻ لاءِ چيو. ھڪ موٽر بوٽ بہ سندن حوالي ڪرڻي ھئي.
سڄو ڏينھن ڪيئن گذريو، کيس ڪا بہ خبر نہ پئي. رات جو سمھڻ کان اڳ ھو ايندڙ پروگرام لاءِ سوچيندو رھيو.
ھن جي ذھن ۾ فقط کليل فضا ھئي.
ٻئي ڏينھن ھو پال ۽ روز لينا کي وٺي ماڙيءَ ڏانھن روانو ٿيو. سج جي سونھري رنگ ۾ مکيءَ جا منظر جرڪي رھيا ھئا. توڙي جو ماڙيءَ تي ڪي خاص سھولتون نہ ھيون، پر ھي ٻئي زال مڙس مھم جُو ھئا. اھڙا ماڻهو سفر جي مشڪلاتن کان نہ گهٻرائيندا آھن. وقار پاڻ بہ ھڪ سياح ھو، جهر جهنگ جهاڳيندو رھيو آھي. سفر لاءِ بہ رڪ جھڙو مزاج گهرجي. سفر ۾ وڏي دل ۽ ڪشادو ذھن سياح کي ڪم اچن ٿا، جن جي سھاري ھو ھر ڏکي منزل کي پاري ڪي وڃي ٿو. سفر بي يقيني سان ڀرپور ٿئي ٿو، جنھن ۾ ايندڙ پل ڪھڙو ھوندو، ڪا بہ خبر نہ ٿي پوي. موسم گهڻي گرم نہ ھئي، ان ڪري ھنن جو گذارو ماڙيءَ تي آرام سان ٿي ويندو.
ھو پال ۽ روز لينا کي مکي ڍنڍ جي تاريخ ٻڌائيندو پيو ھلي. ماڙيءَ وٽ پھچي اندر داخل ٿيا. اڄ ھر شيءِ صاف سٿري ھئي. شير دين بہ اڇي اجري لباس ۾ کين ڀليڪار چيو. ھن باورچي جو انتظام بہ ڪري ڇڏيو ھو.
ڪمرا بہ صاف سٿرا ھئا. پال ۽ روز لينا ڪمري ۾ سامان رکي آيا. پال ۽ روز لينا وٽ دٻن ۾ پيڪ کاڌو بہ ھو. پوءِ بہ وقار اھڙيون ڀاڄيون گهرائي رکيون ھيون، جيڪي چڱو وقت ھلي وڃن ٿيون.
وڏي ھال ۾ صوفن تي پال ۽ روز لينا وقار سان ڪچھري ڪرڻ لڳا.
”ھي جاءِ قديم ۽ پراسرار آھي.“ روز چيو.
”ڏورانھن ھنڌن تي واقع خاموش جڳھيون اڪثر اھڙو ڏيک ڏينديون آھن.“ پال وراڻيو.
”تخليقي عمل لاءِ ھي سٺو ھنڌ آھي.“ وقار چيو.
”ھا تون ٺيڪ ٿو چوي. تون ھڪ ليکڪ بہ تہ آھين.“ پال خوشدلي سان ڏانھن ڏسي چيو. ھو گهڻو ڪچھري جو ڪوڏيو ھو. زندگيءَ سان ڀرپور، اھو رويو وقار کي متاثر ڪري ٿو.
”منھنجي سوچ کي بہ اھڙا ھنڌ اُتساھ بخشين ٿا. ڪم لاءِ نوان خيال مونکي اھڙين جڳھين تي رھي مليا آھن.“ روز ٻھڪندي چيو.
”مون کي يقين آھي تہ توھان کي ھتي اچي مزو ايندو.“ وقار مرڪندي چيو.
”ھتي شام ۽ رات خوبصورت ھوندي، ڇو تہ اھڙين جاين تي اھي ٻئي وقت مزو ڏيندا آھن.“
اڄ چوڏھين جي رات ھئي. چنڊ آسمان تي پوري آب و تاب سان چمڪي رھيو ھو. مکي جي لھرن ۾ ڪو بہ جادو جاڳي پيو ھجي، چوڏھين رات جوليا کي بہ پسند ھئي. جوليا کيس اڪثر فون ڪري مکي ڍنڍ ۽ ڊيم جي باري ۾ سوال ڪندي آھي. شايد ھوءَ پنھنجو پاڻ ھتي وساري وئي آھي!
***

22

ماڙي تي ٿيندڙ ڪم دوران وقار مٿي ڏٺو. ٻئي باز آسمان تي اڏامي رھيا ھئا.
”ائين جيڪڏھن تيز رفتاريءَ سان ڪم ٿيندو رھي تہ وڌ ۾ وڌ ڪجهہ ھفتا لڳندا.“وقار چيو.
”توھان بلڪل ٺيڪ ٿا چئو. ڪم ايترو نہ آھي، جيتري ڪم پٺيان گھل آھي.“ سارنگ وراڻيو.
اڄ ھڪ خوبصورت ڏينھن ھو. ساوڪ اڳي کان گھري رنگ ۾ ويڙھيل ھئي. ساوڪ جي سونھن جي وچ ۾ ساھ کڻندڙ مکي جون لھرن سرشاري جي احساس ۾ جهومي رھيون ھيون.
مزدورن پٿر ڍوئڻ جو ڪم تيزي سان پئي ڪيو. ڪم ڏکيو ۽ جفاڪشي وارو ھو. پٿر کڻي ايندڙ ٻيڙي ڪناري تي بيھي پئي تہ مزدور ڊوڙندا اچي پٿر لاھڻ شروع ڪري پيا ڏين.
سج جا ڪرڻا مکيءَ جي لھرن تي رم جهم رم جهم ٻري رھيا ھئا.
مکي ماڻھن کي پنھنجي سونھن جي ڄار ۾ اھڙو ٿي ڦاسائي جو ھو واپسي جا رستا وساري ويھن ٿا. خوبصورت منظرن جي اھا ئي تہ خاص ڳالهہ آھي تہ اکين ۾پروئجي ويندا اھن. لھرن تي ڪيترين اکين جو ڇھاءُ بہ ڇلڪي رھيو ھو.
”مان خوش آھيان تہ تاريخ ۽ جهنگلي جيوت تي گهڻا نوجوان ڪم پيا ڪن.“ سارنگ وقار سان گڏ ھلندي چيو.
”ھا واقعي مان بہ محسوس ڪيان پيو تہ ماڻهن پنھنجي شھر جي تاريخ کي سمجهڻ شروع ڪيو آھي.“ وقار چيو.
”سائين تاريخ جي شعور کانسواءِ قوم مڪمل نٿي ٿي سگهي. ان شعور کي ڦھلائڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي.“ سارنگ جي ڳالھہ سان متفق ٿيندي وقار چيو. ”نوجوانن ۾ بہ تاريخ سان چاھ وڌيو آھي. ماڻھو جنھن ڌرتي تي رھي ٿو، ان جو ماضي ڪھڙو ھو کيس سوال ڪرڻ کپي. آيا اھو تاريخي ورثو ھيستائين ڪيئن پھتو. اھو ڄاڻڻ ھر ماڻهو لاءِ اھم آھي.“
ٻئي ھلندا اچي ان پاسي نڪتا جتي ھنن مڇيءَ مارڻ لاءِ فشنگ راڊ رکيو ھيو. وقار ڏور پاڻيءَ ۾ اڇلائي. ڪافي دير ويٺا رھيا. ائين تاريخ جي موضوع تي ڳالھائيندا رھيا، پر مڇي نہ ڦاٿي.
”لڳي ٿو اڄ مڇي نہ ڦاسڻ جو پڪو پھ ڪيو آھي.“ وقار مايوس سان چيو.
”سائين مکيءَ ڍنڍ جي مڇي چالاڪ ٿي پئي آھي، ڏور ڏسي سڃاڻي وڃي ٿي. ھوءَ ھت ڪنھن زماني ۾ پنجاھ کان مٿي مڇي جا قسم ھوندا ھئا، جنھن ۾ ڪرڙو، موراکو، ٿيلهي، کڳو، ديو، ڄرڪو، سَرھيو، چٽو، سينگاري، منڊو وغيرہ جام ھوندا ھئا.“ سارنگ ٽھڪ ڏيندي چيو.
روز لينا ۽ پال باز ۽ ٻين پکين جي پٺيان پٺيان ھئا. مختلف زاوين کان تصويرون وٺي رھيا ھئا.
”ھي باز ڪيڏو نہ خوشقسمت آھي.“ سارنگ حسرت مان چيو.
”ھا ھي ڪيترن ماڻهن کي ھتي وٺي آيو آھي.“ وقار جواب ڏنو.
”ھي انگريز وائلڊ لائف کي ڪيتري اھميت ڏين ٿا“ سارنگ چيو.
”جهنگلي جيوت فطري زندگيءَ کي ترجمان آھي. ھي ماڻهو فطري جي ويجهو آھن. فطرت کان تحريڪ حاصل ڪن ٿا. انڪري فطري ماحول کي بچائڻ لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا.“
”اسان وٽ تہ سائين ماڻهو کاڌي، اجهي ۽ لٽي جي فڪر ۾ ورتل آھن. سو ھو اھي ڳالهيون ڪٿي ٿا سمجهن.“ سارنگ ٿڌو ساھ ڀري چيو.
”مڇي!“ وقار کي ڏور ڳري محسوس ٿي. سارنگ ھڪدم ڏور ڏانھن ڏٺو.
”مڇي ڦاٿي آھي، معنيٰ....“
”آخر مڇي کي اسان جي حال تي رحم اچي ويو.“ وار ڏور ڇڪيندو ويو.
ھڪ صحتمند مڇي ڏور ۾ ڦٿڪي رھي ھئي.
وقار جي چھري تي فاتحانہ مرڪ ڦھليل آھي. وقار ، احمد کي گھرائي مڇي حوالي ڪئي. احمد پاڻ سان رڌ پچاءُ جو سامان کڻي آيو ھو. اتي ئي مڇي پڪڙي تري کائيندا ھئا. اڄ سارنگ گهران ماني بہ کڻي آيو ھو. احمد بہ گهران سرنھن جو ساڳ ۽ جوئر جي ماني پچرائي کڻي آيو ھو. ھر ماڻهو پنھنجي طور تي ڪجهہ نہ ڪجهہ کڻي ايندو ھو. سارنگ بہ احمد سان اُٿي ويو. وقار اُتي لھرن کي ڏسڻ لڳو. پاڻيءَ جي اندر شاندار خزاني جي باري ۾ سوچڻ لڳو. اڄ صبح جو جوليا جي فون آئي ھئي. چئي پئي سنڌ ياد ٿي اچي. سنڌ خوبصورت آھي. ھو جوليا جي ڳالهہ سان سھمت ھو تہ سنڌ جي سونھن نرالي آھي. ھو بہ سڄي دنيا گهمي آيوھو، پر سنڌ جي موسمن جھڙو مزو ڪٿي ٻئي پاسي نہ ھو. خالص رويا، مخلص ۽ مھمان نواز ماڻهن جو ديس. سنڌ جي ٻھراڙي اڃان بہ پراڻين روايتن تي قائم آھي. البتہ شھر بدلجي ويا آھن.
وقار اتان اُٿي پال ڏانھن وڃڻ لڳو. پال زمين تي چادر وڇائي ليٽيو پيو ھو. اکين تي ٽوپي رکي ڇڏي ھئائين.
ماحول ۾ مڇي جي ترڻ جي خوشبو بک کي بيحال ڪري رھي ھئي.
ٿوري دير ۾ ماني لڳي تہ سڀئي اچي دسترخوان تي ويٺا. پال ۽ روز لينا، ساڳ ۽ جوئر جي ماني شوق سان کائي رھيا ھئا. دنيا جا مختلف کاڌا ھڪ طرف، ساڳ ۽ چانورن جي ماني ٻئي طرف. ان ديسي کاڌي جو ڪو جواب ئي ڪونهي. چانورن جي ماني مکڻ سان خوشبوءَ سان واسيل ھئي.
”ھي تہ مزيدار ڊش آھي، ڪيئن پچندي آھي.“ روز لينا کي ساڳ ۽ چانورن جي ماني تمام گهڻي وڻي.
”ھا واقعي عمدو کاڌو آھي.“ پال بہ تعريف ڪئي.
مڇي بہ ٻنهي زال مڙسن کي تمام گهڻي پسند آئي. ڳُڙ ۽ مکڻ جي بصري جو وارو آيو تہ پال ۽ روز لينا وٽ لفظ نہ ھئا جو تعريف ڪن. احمد جي زال بصري تمام گهڻي مزيدار ٺاھيندي ھئي.
ھي ماڻهو تعريف دل کولي ڪن ٿا. ساراہ بہ سٺي ڪم ڪرڻ تي اُتساھي ٿي. منجهند ماني مان فارغ ٿي روز لينا ۽ پال ٻيھر مووي ٺاھڻ لڳا.
مٿي آسمان تي سپي ۽ ڪوڏ اُڏامي رھيا ھئا. سارنگ ۽ وقار ڪرسين تي ويھي ڪچھري ڪرڻ لڳا.
مکي تي ھڪ ننڍڙي دنيا آباد ھئي.
”ھي پکي مونو گيميس (Monogamous) آھي.“ وقار سارنگ جي معلومات ۾ اضافو ڪندي چيو.
سارنگ مٿي آسمان ڏانھن نھاريو، جتي پرديسي پريمي پکي آزاد مفضائن ۾ اڏامي رھيا ھئا.
”اڇا!“ سارنگ حيرت جو اظھار ڪيو.
”سندس ساٿي مري وڃي تہ پوءِ ھي پکي ڪڏھن بہ ٻئي سان ٻيھر پريت جا پيچ نہ پائيندو آھي، فقط ھڪ ساٿي سان زندگيءَ گذاري ٿو.“
”تعجب آھي.“ سارنگ چيو.
”سمنڊ تي اڏامندڙ پکي الباٽراس (Albatross) بہ فقط ھڪ ساٿيءَ سان سڄي ڄمار نڀائي ٿو.“ وقار چيو.
پسو پکيئڙا ماڻھان ميٺ گهڻو.
سارنگ، شاھ سائين جي بيت جون سٽون ورجايون.
”الباٽراس بہ محبت جي علامت سمجهيو وڃي ٿو.“ وقار آسمان تي اڏامندڙ پکين کي نظرن سان پيار جي ڀيٽا ڏيندي چيو.
”ھي پکي گهڻا سال جيئي ٿو.“ سارنگ پڇيو.
”ٽيھہ کان چاليھن سال تائين ھي پکي جيئي ٿو.“
پاڻ ۾ ٻئي ڄڻا ڳالهائي رھيا ھئا تہ ڏٺائون تہ پري کان موٽر بوٽ اچي رھي ھئي، جنھن ۾ ڪي اھلڪار ويٺا ھئا. ھنن جي ڀرسان کان لنگهي ويا. شايد ڍنڍ تي شڪار جي خيال کان آيا ھئا.
ٽپھري جي سج جا ٿڌا ڪرڻا مکيءَ جي پاڻيءَ تي پئجي جوت جيان جرڪڻ لڳا. ھوا ٿڌي ٿي وئي ھئي. خوشبوءَ ۾ واسيل جيڪا ساھن ۾ سرھاڻ پئي وکيريندي وڃي.
مزدور بہ سڄو ڏينھن ڪم ڪري ٿڪ ۾ ساڻا ٿي پيا ھئا، ٻئي پکي ۽ سندن ٻچا آسمان ۾ اڏامي رھيا ھئا، سندن وسيع پر ھوائڻ ۾ مڌر موسيقي وکيري رھيا ھئا. پکين جا ڪيترائي کنڀ زمين تي وکريل ھئا. اڳي ڀيري جڏھن ارسل ھتي آيو ھو تہ اُھي کنڀ ميڙي کڻي ويو ھو، جيڪي گهر ۾ گلدستي ۾ سھيڙي رکيا ھئائين.
اڪثر چوندو ھو تہ منھنجي دوست فش ايگل جا کنڀ آھن...
دوستن کي بہ فخر سان پَرَ ڏيکاريندي چوندو آھي.
”مکي ڍنڍ تي ھڪ وڏي ماڙيءَ تي آکيري ۾ رھندو آھي، منھنجو دوست فش ايگل، ھي ھن جا پَرَ آھن.“
اھا ڳالهہ ياد ڪري وقار جي چھري تي مرڪ ڦھلجي وئي.
سارنگ اٿي ويو تہ ھڪدم سان خاموشي ڇائنجي وئي.
پاڻيءَ جا مڌر سر ھر طرف وکريل آھن.
وھندڙ پاڻيءَ ۾ ھڪ عجيب قسم جي ڇڪ ٿئي ٿي.
وھندڙ پاڻي جو وھڪرو زندگيءَ جي علامت آھي. پاڻي ۾ فطرت جو بنادي قانون ساھہ کڻي ٿو، جيئن وجود، وڌڻ، ويجهڻ ٻيھر نئون روپ ڌارڻ. ھن بہ پاڻيءَ جي ويجهو رھي گهڻو ڪجهہ سکيو. مضبوط قوت ارادي ۽ ھلچل پاڻيءَ جو محرڪ اھن. پاڻي ذھني تخليق جي آبياري ڪري ٿو.
پاڻيءَ جون خوبيون ساڪن، پوشيدہ ۽ نواڻ آڻن ٿيون. اھي خوبيون وقار ۾ پڻ ھيون. پاڻي روحاني علاج جو ذريعو آھي. وھندڙ پاڻي روح کي روان دوان ۽ تازگي عطا ڪندو آھي. ان ڪري ھو جنھن بہ درياھ تي وڃي ٿو تہ پھريون ان ۾لھي درياہ جي پاڙن مان ڦٽندڙ ھڳاءُ کي ساھ ۾ اوتي ٿو.
اوچتو لھرن ۾ جوليا جو چھرو ظاھر ٿيو. ھوءَ کيس مرڪي ڏسي رھي ھئي. زمان و مڪان ذھني ڪشش جي اڳيان ڪا بہ حيثيت نہ ٿو رکي. ھوءَ بہ شايد انگلينڊ ۾ ڪٿي ممڪن آھي تہ ھن لاءِ سوچيندي ھئي.
جوليا جي ذھانت کيس موھيو ھو. اڄ بہ جوليا جي ڳالهين جي خوشبوءَ پنھنجي ذھن ۾ محسوس ڪندو رھي ٿو. خوبصورت سوچ ۽ لفظن جو ھو سدائين کان شيدائي رھيو آھي.
ھونئن تہ مرد کي عورت جي سونھن متاثر ڪري ٿي. ذھن جو وارو پوءِ اچي ٿو، پر جيئن ارم جي ذھانت کيس موھيو ھو تہ جوليا ٻي ڇوڪري ھئي،جنهن جي ذھن جي خوبصورتيءَ جي طلسم ۾ اڪثر ھن پنھنجي احساس کي وڪوڙيل محسوس ڪيو.
پر ھو ان احساس جو اظھار نہ ڪري سگهيو.
شايد ان وقت چؤڌاري ايترا مسئلا ھئا جو دل جي ڳالهہ زبان تي نہ اچي سگهي.
يا شايد ھن خاموش احساس جي سونھن کي وڌيڪ اھميت ڏني.
ڪڏھن اظھار لاءِ لفظ ناڪافي ٿين ٿا. ڪڏھن اظھار کانسواءِ ماڻهو پنھنجو پاڻ نامڪمل محسوس ڪري ٿو، ارم سان ھو لفظن سان اظھار گهٽ ڪندو آهي، پر جنھن هوءَ پاسي وڃي ٿي، سندس نظرون تعاقب ڪنديون آھن، خاموش اظھار ۾ ھڪ عجيب حسن ٿئي ٿو.
پر جوليا جي ساراھ ڪندي بيھي رھندو ھو تہ متان ھوءَ برو نہ محسوس ڪري.
انگلينڊ وڃڻ کان اڳ ايئن لڳندو ھو ڄڻ ڪنھن احساس پائڻ جي اوسيئڙي ۾ ھجي. اڪثر کائنس پڇندي ھئي تہ اُھا ڇوڪري ڪير ھئي، جنھن تان ارم کائنس ناراض ٿي ھئي.
۽ ھو کلي ڳالهہ ٽاري ويندو ھو. اڄ ھو محسوس ڪري ٿو تہ جوليا پنھنجي مرڪ جي چانڊوڪي ۽ نظرن جو ڇھاءُ مکيءَ جي لھرن تي ڇڏي وئي آھي..
مکيءَ جي ھوائن ۾ سندس وارن جي خوشبوءَ وکريل آھي.
سندس ٽھڪ جيڪي جهنگلي وڻن کي گهيري ننڊ مان جاڳائي ڇڏيندا ھئا، اُھي اڄ بہ ھوائن جي آلاپ ۾ محسوس ٿين ٿا.
اھي خوبصورت يادگيريون، لفظن جي سونھن ۽ ميڙاڪا زندگيءَ کي حسين بڻائين ٿا.
سڀ کان وڏي ڳالهہ اھا تہ ھوءَ مکيءَ جي ھر منظر کي ساراھيندي ھئي.
سارنگ ڀرسان اچي ويٺو تہ ھو سوچن جي جادونگريءَ مان ٻاھر نڪري آيو.
”مان اڄڪلهہ سانگهڙ ۾ موجود گاھن، ٻوٽن ۽ وڻن تي لکي رھيو آھيان، ھن مکي ۾ ٻاويھ قسمن جي گاھن تي لکي چڪو آھيان.“ سارنگ چيو.
”ھا اھو تہ تمام سٺو موضوع آھي، توکي لکڻ گهرجي. ھونئن بہ ماحوليات تي گهٽ ماڻهو ڪم ڪن پيا.“
وقار کيس ھمٿائيندي چيو. ھن جي اھا سٺي ڳالهہ ھئي تہ ھو نوجوانن کي تمام گهڻو ھمٿائيندو ھو. پنھنجون تصويرون ۽ مواد پڻ ڏيندو ھو. چوندو ھو تہ ڪم ٿيڻ گهرجي پوءِ ڪير بہ ڪري.
ائين نوجوان اڄڪلهہ جهنگلي جيوت، ادب ۽ فن تي ڪم ڪري رھيو آھي.
سنڌ جي وائلڊ لائف ھڪ وسيع موضوع آھي. ان ڏانھن گهٽ ڪم ٿيو آھي. وڻ، ٻوٽا، جڙي ٻوٽيون، جانور ۽ پکي اڻ کٽ موضوع آھن. ھتان جون وارياسي ڀٽون، نديون، وستيون ۽ وسنديون ڄاڻ جا خزانا سھيڙي منتظر آھن تہ ماڻهو اڳتي وڌي انهن کي دريافت ڪن.
”مون سوچيو آھي تہ مکي ڍنڍ جي ڀرسان رھندڙ مھاڻن جي زندگين تي بہ ڪم ڪيان.“ سارنگ چيو.
”ھا ان موضوع تي لکڻ بہ گهرجي ۽ ڊاڪيومينٽريز بہ ٺھن، جيئن شھر جا ماڻهو زندگيءَ جي ان رخ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري سگهن.“ وقار کيس مرڪي ڏٺو.
فش ايگل فضائن ۾ اڏري رھيا آھن. سندس اڏام ۾ ھڪ سڪون آھي. پنھنجي آکيري لاءِ گھري ڇڪ آھي. ان ڪري بار بار ماڙيءَ تي وڃي ٿا ويھن.
وقار ڪنڌ ورھائي ڏٺو. پال ۽ روز لينا، بازن جي زندگيءَ جو لمحو لمحو ڪيمرا ۾ قيد ڪري رھيا آھن. ھنن سارنگ ۽ وقار جا ويچار بہ رڪارڊ ڪيا ھئا.
”اسان جي ماڻهن کي پنھنجي وسيلن جو قدر ڪونهي، پر ھي يورپين انهن وڻن ۽ جهنگلن کي ڪيتري نہ اھميت ڏين ٿا. فطري زندگيءَ جي بقا لاءِ پڻ پتوڙين ٿا.“ سارنگ چيو.
”ھاڻ اسان وٽ بہ ماڻهو اھڙن موضوعن تي لکي رھيا آھن. آھستي آھستي جهنگلي جيوت لاءِ شعور وڌي رھيو آھي.“ وقار پنھنجا ويچار ونڊيا.
ڀرسان مھاڻا ڄار وڇائي مڇي مارڻ ۾ مصروف ھئا.
پٿرن سان ڀريل ٻيڙي ڪناري سان لڳي، احمد لٿو. پيرسن ھو پر اڃان بہ ڪم ۾ ڀڙ ھو. ڪم جو بہ تڪڙو ھو. جهٽ پٽ ۾ ڪم ختم ٿي ويندو. جلد ئي ٻيڙين مان پٿر لھرائي وٺندو. جيئن ايندو تہ ماٺ وارو ماحول، گوڙ ۽ گهمسان ۾ بدلجي ويندو. آفيسرن جي چھرن تي بہ مرڪ وکري ويندي. وقار بہ کيس مرڪي ڀليڪار ڪئي تہ ڊوڙندو آيو.
”سلام سائين.“
”وعليڪم سلام! ڏي خبر احمد، نئون تازو ڪو احوال....“
”سائين ٻيڙي ٺھرائي ھاڻ پھتو آھيان. اڄ مشڪل سان ٺھي آھي.“
اھي ٻيڙيون پراڻيون ھيون. نئين ٻيڙي مھانگي ٿي ملي، سو مھاڻا پراڻين بيڙين کي مرمت ڪرائي پيا ھلن.
احمد کي ڪنھن سڏيو تہ اوڏانھن ڊوڙندو ويو.
”ھنن ماڻهن جي قسمت الائي تہ ڪڏھن بدلبي. الائي ڪڏھن سنڌ جا پورھيت خوشحال ٿيندا.“ سارنگ ٿڌو ساھ ڀري چيو.
ڪُڙل جي آواز سان سڄو علائقو گونجي اُٿيو.
ٻئي مٿي آسمان ڏانن ڏسڻ لڳا.
”لڳي ٿو شڪار ڏسي ورتو اٿن.“ سارنگ چيو.
”ٿي سگهي ٿو خوشيءَ جو اظھار ڪندا ھجن.“ وقار اندازو لڳائيندي مٿي ڏٺو.
ھن سڄي علائقي جي سونھن ڪڙل جي ميڪ آھي. سائبيريا تان ڪھي آيل ھي پکيءَ مٺڙيون لاتيون ڳائي انسان جي احساس تي بارش جي قطرن جيان وسندا آھن. اتي ھڪ پکي اھڙو بہ ھو، جنھن جي آواز ڊور بيل جھڙي آھي.
اڄ دير تائين وقار پاڻيءَ جي ڪناري تي ويھي پسار ڪئي. اڄ ھن کي سٺو پيو لڳي پاڻيءَ ڏانھن نھارڻ ۽ سوچيندو رھڻ. پاڻيءَ جي ڀرسان ئي ھن کي قلم کڻڻ لاءِ اُتساھيندڙ خيال ايندا آھن.
اڄ سارنگ سان بہ ھن جي چڱي دير تائين ڪچھري ٿيندي رھي. اظھار بہ انسان کي بادلن جيان ھلڪو ڪري ٿو ڇڏي، بشرطيڪہ جنھن سان حال اورجي ان وٽ بہ ساڳي سمجهہ ھجي ....
”پپا ھن دفعي فش ايگل جي ٻچن کي پڃري ۾ بند ڪري اچجو“ ارسل جو آواز دل وٽان ايندي محسوس ڪيائين.
”ٻچن کي پڃري ۾ قيد ڪندس تہ پوءِ سندس پيءُ ماءُ روئيندا.“
”پوءِ اسان کي وٺي ھلو نہ .... اسان فش ايگل جا ٻچا ڏسنداسين.“ ھو وڏين اکين ۾ اوسيئڙو ڀري چوندو آھي.
ٻارن کي پکي وڻندا آھن، ڇو تہ ھو اڏامندا آھن. لغڙ، جھاز، ھيلي ڪاپٽر يا ھر اڏامڻ واري شيءَ کين پسند ايندي آھي.
اڏام لا محدود تصور جو اظھار ڪري ٿي شايد...
ٻار محدود نہ ٿيڻ چاھيندا آھن. پنھنجي خوبصورت دنيا ۾ راند جي رنگن سان کيڏندي سندن دل نہ ٿي ڀرجي. ھو ھر شيءِ سان راند ڪن ٿا. پنھنجي تصور سان بہ.
اُتي ويٺي ويٺي وقار ۽ سارنگ ايندڙ ڏينھن ۾ گهمڻ ڦرڻ جا پروگرام ٺاھي ورتا. سفر، سوچ کي متحرڪ ڪري ٿو. سفر لاءِ اڃان سوچجي ٿو تہ ذھن ۾ تازي ھوا گهلڻ لڳي ٿي. سفر تازگي ۽ سرھاڻ آهي، شايد.
وقار مٿي آسمان ڏانهن ڏسي ٿو ۽ مرڪي چيو ٿو.
”اسان پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ وارا آھيون.“
پر ڪنهن جون نظرون ھن تيز اڏام کان اُتساھ وٺن ٿيون. ان کان بي خبر فش ايگل مکي ڍنڍ جي نيري ڇانوري جي وسعت ۾ بيخود ٿي اڏامندو رھي ٿو.
ھنن وٽ جي انسان وارو ذھن ھجي ھا تہ ھي آسمان جي وشالتا تي الاءِ ڪيترا نظم لکن ٿا.
پکيءَ جي اڏام جو پنھنجو حسن ٿئي ٿو. پَرَن سان اڏام جو منفرد تجربو.
پري کان ھڪ واٽر بوٽ ويجهو اچڻ لڳي، جنھن ۾ ٻہ بندوق باز ويٺا ھئا. اھا بوٽ زوزاٽ ڪندي اُتان لنگهي وئي ۽ ھمراھن جا ٽھڪ ھر طرف وکري ويا.
”اڄڪلهہ مکي ڍنڍ تي گهڻا ماڻهو سير تفريح لاءِ اچڻ لڳا آھن.“ سارنگ چيو.
”ڍنڍ جي سونھن ۽ سادگي کين سڏي ٿي.“ وقار مرڪي چيو.
پاڻي ۾ آسمان ۽ پکي ھڪٻئي کان الڳ نہ آھن. باقي ھر منظر جو عڪس پنھنجي اندر سموئي ٿو ڇڏي.
ٻيھر بوٽ زوزاٽ ڪندي ڀرسان لنگهي تہ پاڻي ۾ ترندڙ آڙين ۽ ٻين پکين ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. ھو جان بچائڻ لاءِ پرڙا ھڻڻ لڳا. ٻيڙي ۾ ويٺل آفيسرن تڪڙا فائر ڪري ڪجهہ پکي ڪيرائي وڌا.
”اڙي ... ھي ڇا ٿا ڪن.“ وقار ۽ سارنگ ڇرڪ ڀري اُٿي بيٺا.
پال ۽ روزلينا بہ ڊوڙندا آيا. مھاڻا ۽ مزدور بہ ڪم ڇڏي شڪارين کي ڏسڻ لڳا.
فائر جي آواز تي وڻن تي ويٺل پکين بہ ٽاھہ کاڌو. ھر طرف پکين جا ھيانوَ ڏاريندڙ آواز ھئا. بندوق جي ٺڪائن تي سپي بہ پنھجي آکيري مان ڀڙڪو ڏئي جيئن اُڏري تہ موٽر بوٽ ھن جي ھيٺان اچي پھتي. ٻيڙي مان ھن مٿان بہ گولين جو وسڪارو ٿي ويو. اوچتو ھڪ گولي ٽاھ کاڌل ٻچن جي ماءُ سپي کي بہ لڳي. سپي تيزي سان زمين ڏانھن اچڻ لڳي.
”اڙي ھي ڇا ٿي ويو.“ وقار بي اختيار ڊوڙڻ لڳو. پويان سارنگ بہ ڀڳو.
ڪوڏ ۽ ننڍڙا فش ايگل اڀ ڏاريندڙ ميڪاٽ ڪري رھيا ھئا. سڄي وادي سندن ميڪن سان گونجڻ لڳي.
قيامت جو منظر ھو. سپي قلابازي کائيندي ۽ رت ڳاڙيندي، سڌو اچي مکي ڍنڍ جي لھرن تي ڪري. وقار اکين ۾ لڙڪ سموئي، ڦاٽل اکين سان سپي جو ڦٿڪندڙ جسم ڏسي رھيو ھو، جيڪا پرڙا ھڻي ھڪ دم خاموش ٿي وئي.
مکي جو پاڻي پرديسي پکيءَ جي ريٽي رت ۾ لال ٿي ويو.