سفرناما

ملائيشيا جون محبتون

ھي سفرنامو اهڙي تہ دلچسپ ۽ بھترين انداز ۾ ضابطہ تحرير ۾ آندو ويو آهي جو پڙهندڙ کي ملائيشيا جي تاريخ، جاگرافي، ڪلچر، ٻولين، تھذيب، تمندن، سياست ۽ سماج متعلق بي بھا معلومات ۽ ڄاڻ مھيا ڪري ٿو. هن ڪتاب ۾ هر مضمون پڙهڻ کان پوءِ نئين ڄاڻ ملي ٿي. ھي سفرنامو ھڪ خوبصورت وڻندڙ ۽ معلومات جي خزاني سان سينگاريل حسين سفرنامو آهي. جنھن ۾ بلوچ صحبت پنھنجين حسين يادگيرين ۽ احساسن جي خوشبو سان گڏ ملائيشيا جا سڀئي حسين منظر اهڙي تہ بي مثال انداز ۾ ڪٺي ڪيا آهن، جيڪو اوهان کي پنھنجي جادو ۾ ائين جڪڙي ڇڏين ٿا جو اوهان ان کي هڪ ئي ساعت ۾ مڪمل ڪرڻ چاهيندو. ڪتاب جو اھم ترين موضوع اتان جا تاريخي ماڳ مڪان، موسم، گارڊن، رهڻي ڪھڻي، شھرن جو نظام، اتان جا مندر، مسجدون، سياستدان ۽ اتان جي ترقي آھي.

Title Cover of book Malaysia Joon Muhbatoon

ڪولالمپر ايئرپورٽ ۾ قانوني سختي

ملائيشيا جي ايئرپورٽ جي باري ۾ دوستن اڳ ۾ ئي ٻڌايو هو تہ هن ايئرپورٽ ۾ وزٽ ويزا تي ايندڙ سياحن لاءَ تمام گهڻي سختي آهي. انھن جي سخت چيڪنگ ڪئي ويندي آهي. انھن کان سوالن جي بوڇاڙ ٿئي ٿي. ان ڪري ڪجهہ وقت اڳ ۾ ڪيترن ئي سياحن کي هن ايئرپورٽ مان ڊي پورٽ ڪيو ويو هو. اميگريشن وارا هن ايئرپورٽ ۾ گهڻو تنگ ڪندا آهن. خاص ڪري انڊيا جي ماڻھن کان گهڻي پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي ٿي. مطلب تہ گهڻو ڊيڄاريو ويو هو.
هن مھل بہ ايئرپورٽ ۾ ڪائونٽرن تي تمام وڏي رش هئي. پير رکڻ جي جاءِ نہ هئي. اسان سڀئي دوست بہ هڪ ڊگهي لائين ۾ بيھي رهياسين. مان سوچيان پيو تہ اسان جو ڪيڏي مھل وارو ايندو. هتي ئي اسان کي شام جا چار پنج ٿي ويندا. لائين آهستي آهستي اڳتي سرڪي رهي هئي.
ٿوري دير کان پوءِ هيڏي هوڏي نظر ڊوڙائي تہ ڏٺم تہ ان ڊگهي قطار ۾ انڊين، نيپالي، پاڪستاني، بنگلاديشي، سوڊاني، انڊونيشين ۽ ٻين غريب ملڪن جا نوجوان گهڻي تعداد ۾ نظر پئي آيا. جن کي انگريزي بہ پوري ساري پئي آئي. نہ ئي انھن کي خبر هئي تہ انھن جي ڪھڙي هوٽل ۾ بڪنگ ٿيل آهي يا وري اهي ڪٿي ڪٿي گهمڻ ويندا. اهي تہ بنيادي سوال هيا، جيڪي هر وزٽ واري کان پڇيا پئي ويا. پر جنھن کي خبر ئي نہ هجي تہ هنن کي رهڻو ڪٿي آهي، گهمڻو ڪٿي آهي تہ پوءِ اميگريشن وارن کي شڪ پئي ٿيو تہ هي ضرور سلپ ٿي ويندو. ان ڪري اهڙن ماڻھن لاءِ هتي سختي گهڻي هئي.
اسان کي دوستن ٻڌايو تہ هر دوست وٽ هزار يا ٻہ هزار ڊالر ضرور هجن. پر اسان وٽ ايترا ڊالر نہ هيا. اسان سڀني وٽ مس وڃي ٻہ هزار کن ڊالر ٿيا هوندا. پر اتي اهو اشو نہ ٿيو. دوستن مٿان وري اهو چئي بہ ڊيڄاريو تہ هتي توهان وٽ موجود ڪرنسي بابت بہ پڇا ڳاڇا ڪندا ۽ اسٽيٽمينٽ وٺندا. ايتري سختي ان ڪري ڪندا آهن تہ توهان وٽ گهٽ ۾ گهٽ ايترا پئسا آهن توهان پنھنجو خرچ پاڻ ڪري سگهو، جي ناهن تہ پوءِ ان جو مقصد اهو سمجهيو ويندو آهي تہ توهان گهمڻ نہ بلڪ سلپ ٿيڻ آيا آهيو.
ان کان علاوہ مون مٿي ٻڌايو آهي تہ هُوٽل جي بڪنگ جو ڪاغذ توهان وٽ ضرور هجي. اسان وٽ جيتوڻيڪ هڪ ڏينھن جي بڪنگ هئي. ان متعلق اسان کان سوال بہ ڪيو ويو هو تہ توهان وٽ فقط هڪ ڏينھن جي بڪنگ آهي؟. اسان هن کي سمجهايو تہ اهو ان ڪري جو، ممڪن آهي تہ اها هوٽل اسان کي نہ وڻي ۽ اسان کي هوٽل چينج ڪرڻي پوي. ان جواب تي هو مطمئن ٿي ويو.
وڌيڪ اسان وٽ انڊونيشيا جي ويزا لڳل هئي. جتان اسان ٿي بہ آيا هياسين. مٿان وري ٿائلينڊ جي بہ ويزا بہ هئي تہ هوٽل بڪنگ پڻ هئي. انھن هوٽلن جون بڪنگس بہ هيون تہ ٽڪيٽون بہ هيون. انھن شين اسان کي اميگريشن وارن وٽ سپورٽ ڪيو. ان کان علاوہ مان وڪيل هيس، جاني سرڪاري ملازم هيو، پرتاب جو پنھنجو اين جي او وارو سيٽ اپ هيو، سنتوش تہ ڊاڪٽر هيو ۽ هن جو پنھنجو وڏو ڪاروبار هيو. انھن شين بہ گهڻو فائدو ڏنو. هنن کي پڪ ٿي وئي هئي تہ هي ماڻھو وزيٽرس آهن. سلپ ٿيڻ وارا پري کان پڌرا آهن. اسان سان ڪابہ اهڙي سختي نہ ٿي. مون کان تہ اميگريشن واري ڇوڪري پڇيو تہ ” توهان ڇا ڪندا آهيون؟“
”مان وڪيل آهيان.“ مون جواب ڏنو.
”ووڪيشين ۾ گهمڻ آيا آهيو.“ هن وري مرڪي پڇيو.
”جي توهان جي ملڪ جي تعريف ٻڌي آ.“
هن منھنجي پاسپورٽ تي ٺپو هڻندي مرڪي چيو،”ملائيشيا ڏاڍو خوبصورت اٿو، ڪٿي هتان جا ئي ٿي نہ وڃو، خيال ڪجو.“
”جتي دل ڦرجي ويندي، اتي پنھنجو بہ زور نہ هلندو، پاڻ ڇا ڪري سگهنداسين، ضرور ان جا ئي ٿي وينداسين“. مون پاسپورٽ وٺي ڪائونٽر ڇڏيندي چيو. مون کان اڳ ۾ ان ئي ساڳي ڪائونٽر واري ڇوڪري ڊاڪٽر کي گهڻي دير لاءِ بيھاري ڇڏيو هو، مون کي ائين لڳو تہ ڪٿي ڊاڪٽر هن کي وڻي نہ ويو هجي. خبر ناهي ڇا ڳالھہ هئي، ڪھڙي انڪوائري پئي ڪري. ٿوري دير کان پوءِ هو ڊاڪٽر کي بيھاري، ڊاڪٽر جو پاسپورٽ کڻي ڪنھن ٻي ڪائونٽر جي پوڙهي ملازم کان پڇڻ ويئي. ان کان پڇي موٽي اچي ساڳي سيٽ تي ويھي رهي. مون کي لڳو تہ هو مطمئن ٿي وئي آهي. ان ڪري هن ڊاڪٽر جي پاسپورٽ تہ ٺپو هڻندي هن کان معذرت ڪندي، هن کي اوڪي ڪيو. پريان جاني ۽ پرتاب اڳ ۾ ئي اميگريشن وارو مرحلو اوڪي ڪري نڪري چڪا هيا. هن مرحلي کان نڪري پاڻ کي ڪنھن انڪوائري کان آزاد سمجهي، تمام گهڻو هلڪو محسوس ڪيوسين. سچ اهو آهي تہ اميگريشن ۾ جيڪڏهن ڪو اٽڪي پيو تہ بس ويو. ڇو تہ اميگريشين وارن جي اڳيان اسان جو سڄو رڪارڊ هوندو آهي. اسان جا ڪاغذ ئي انھن آفيسرن جي پرشن جا اُتر ڏيئي انھن کي مطمئن ڪندا آهن. اسان جا چھرا تہ هون ئي اُتي معصوم ٿي ويندا آهن.