ڪھاڻيون

عبرت ڪدہ

هن ڪتاب ۾ شامل افسانا، جيڪي ظاهر ۾ افسانا آهن، مگر حقيقت ۾ سنڌو ماٿريءَ جي هن سر زمين جي معصوم ۽ مظلوم دلين جي دردانگيز داستانن جا بھترين ترجما آهن. ڪتاب جي تمھيد ۾، مصنف هن ڳالھہ کي واضح ڪيو آهي تہ ’عبرت ڪدہ‘ جي هن افسانن جي مجموعي ۾ جيڪي بہ افسانا آهن، انھن جا پلاٽ ۽ ڳالھيون بلڪل سچيون آهن. هن ڪتاب جي خاص خوبي اها آهي تہ مصنف پنھنجا اکين ڏٺا واقعا قلمبند ڪيا آهن

Title Cover of book Ibrat Kada

سنڌسلامت پاران

سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران ناليواري اديب، ڪھاڻيڪار ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل جي ڪھاڻين تي مشتمل ڪتاب ”عبرت ڪدہ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون. 
هن ڪتاب ۾ قابل مصنفافسانن جو مجموعو پيش ڪيو آهي، جيڪي ظاهر ۾ افسانا آهن، مگر حقيقت ۾ سنڌو ماٿريءَ جي هن سر زمين جي معصوم ۽ مظلوم دلين جي دردانگيز داستانن جا بھترين ترجما آهن. ڪتاب جي تمھيد ۾، مصنف هن ڳالھہ کي واضح ڪيو آهي تہ ’عبرت ڪدہ‘ جي هن افسانن جي مجموعي ۾ جيڪي بہ افسانا آهن، انھن جا پلاٽ ۽ ڳالھيون بلڪل سچيون آهن. فقط منجهن نالن ۽ جاين وغيرہ جي ٿوري ڦير گهير ڪري انھن کي افسانوي رنگ ڏيئي پيش ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي خاص خوبي اها آهي تہ مصنف پنھنجا اکين ڏٺا واقعا قلمبند ڪيا آهن. انھيءَ ڪري هن ڪتاب جي مطالع مان معلوم ٿو ٿئي تہ ڪيئن نہ دنيائي جوڙتوڙ، انساني زندگين کي رانديڪا بنائي کين تباھ ڪري ڇڏيو. هي حقيقتن جو مجموعو ڏاڍو دلچسپ آهي. جيئن تہ مصنف ڪافي عرصي تائين گدوءَ جي چرين جي اسپتال جو سپرنٽينڊنٽ ٿي رهيو هو، ۽ انھي ئي عھدي تان آخر ۾ رٽائر ڪيائين. زندگيءَ جي انھيءَ دلچسپ عرصي ۾ مصنف انھن چرين مردن ۽ عورتن جي نفسياتي پھلوءَ جو تمام گھرو مطالعو ڪيو. جنھن جو ثبوت هن ڪتاب جي مطالعي مان ملي ٿو. هن ڪتاب ۾ اهي ڪھاڻيون يا افسانا قلمبند ٿيل آهن، جن جو تعلق اسپتال جي انهن چرين جي حياتين سان هو. اهي انسان جيڪي اصل ۾ بلڪل سالم دماغ هئا، سي ڪيئن چريا ٿيا؟ ڇو چريا ٿيا؟ ڪنهن چريا ڪيا؟ انھن سڀني سوالن جا جواب، ’عبرت ڪدہ‘ مان بخوبي ملي سگهندا. سماجي ڪھاڻين جو هي بھترين مجموعو حقيقت نگاري جو هڪ اعليٰ مثال آهي. ڪتاب جي سڀني افسانن جا پلاٽ جي بلڪل سچا آهن، سي تمام پختا ۽ سلسليوار آهن. انھيءَ کان سواءِ افسانا نھايت ئي سنجيدہ ۽ سھڻي نموني ۾ لکيل آهن. هر افساني جي مطالعي کان پوءِ انسان حيرت ۾ پئجو وڃي ۽ دماغ تي عجيب ڪيفيت پيدا ٿي ٿئي، تہ ڇا، اها بہ واقعي حقيقت هوندي! جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ دنيا دک ئي دک آهي. سڀ ڪھاڻيون نھايت ئي سليس ۽ سادي نموني ۾ بيان ٿيل آهن. جن جي پڙهڻ سان پڙهندڙ کي افسانوي تصنع جي بجاءِ حقيقت نگاريءَ جا غير فاني مثال ملن ٿا. 
ھن ڪتاب جو پھريون حصو1961ع ۾، جڏهن تہ ٻيو حصو 1975ع ۾  ’اداره آواز ادب‘ پاران ڇپايو ويو.  2002ع ۾ سنڌي ساھت گهر  حيدرآباد  پاران سڀ ڇاپا گڏ ڇپايا ويا ۽ 2007ع ۾ روشني پبليڪيشن پڻ ٽئي حصا گڏ ڪري ڇپايا.


 

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com