ڀٽائي: قوم دوست شاعر
”الست بربکُم“ جڏهن ڪَن پيوم،
قالو بالله قلب سين، تڏهن تت چيوم،
تنهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سِين.
ڇا نه آهيان، مان اوهان جو رب!؟ جڏهن اهي سُخن منهنجي ڪنن تي پيا، ته مون دل سان اتي چيو: ”ها بيشڪ.“ انهيءَ وقت مون پنهنجي قوم جي جھانگين سان وفا جو وچن ڪيو، ته آئون اوهان جو آهيان، آئون اوهان مان آهيان! جڏهن روح پيدا ٿيا، اهو وچن ان وقت وجود ۾ آيو. لطيف ڪنهن ٻئي وچن جي ڳالهه نه پيو ڪري، قومي وچن جي ڳالهه ٿو ڪري! يقينن اها وطن دوستيءَ جي وڏي ۾ وڏي تشريح آهي. پيدا ٿيندي وطن سان رشتو جڙي وڃڻ جي سچ جو هي نظريو ڪا معمولي ڳالهه ناهي، جنهن گھڙيءَ ۾ انسان اهو به نه ڄاڻي ته مان ڇا آهيان؟ ڪير آهيان؟ ان وقت وطن سان عشق جو وچن ڪري ڇڏي، اهو ڪمال آهي! لطيف انسان کان خدا جي پڇيل پهرين سوال کي جنهن ريت وطن عاشقيءَ سان ڳنڍيو آهي، ان نظريي جو بنياد لطيف وٽ اهو آهي ته وطن جي حب ماڻهو جي مذهب جو پهريون نقطو آهي. پنهنجو وطن ماڻهو جو پهريون ڌرم آهي. اها لطيف جي فڪريءَ انتها جي حُسناڪيءَ جو لازوال مثال آهي. اسان جا محقق جيڪي اڃا تائين مارويءَ جي ذات ڳولڻ جي مامري ۾ پريشان آهن، ڪو چوي ٿو، ريٻارڻ هئي، ڪو چوي ٿو مينگھواڙيءَ هئي! لطيف هڪ ئي نقطي ۾ ڳالهه ٽوڙي ڇڏي ته هوءَ هڪ سنڌياڻي هئي! جنهن جو ٿر سان واسطو هو. وطن جي حُب ۽ سوچ کي الهام ۽ مذهب جي بنياد مان اڀارڻ لطيف جي دانشوراڻي جدت جو نئون مثال آهي. لطيف جي فڪر جو ڇِيڙو رڳو اتي به نٿو ٿئي، پر اڃا اڳتي وڌي ڪائنات جي جڙڻ واري وقت سان وڃي هن جذبي ۽ فڪر کي ڳنڍي حيرت جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو:
جڏهن ڪُن فيڪُون، من تڏهانڪون مارئين،
تون ڪيئن وجھين تِن کي، سومرا، شَڪون،
هميرن هَڪُون، جاڙ جَسي کي پاتيون.
”جڏهن خدا حڪم ڪيو ته ”ٿي“ ۽ ڪائنات پيدا ٿِي. تڏهن کان منهنجو هينئون مارن سان جڙيل آهي! اي عمر سومرا! تون ڪيئن ٿو منهنجي جسم کي زنجيرون وجھين!“
لطيف جو نظريو اهو آهي ته جڏهن کان ڪائنات پيدا ٿي آهي، ان وقت کان انسان جو پهريون ناتو جيءُ طور وطن جي ماڻهن سان جڙيل آهي. اهو جذبو پيدائش ۾ رچيل آهي. هي جديد تصور لطيف جي عظمت جو نشانبر آهي. اڄ جي تناظر ۾ ڏسو سنڌ جي اندر تاريخ کي ابتو ڪري اهو وطن دوستيءَ جو نظريو مارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اهو جذبو پوءِ به پنهنجي جواڻيءَ سان پيو نظر اچي. وطن پرستن جا تشدد ڪيل لاش ثبوت ٿا ڏين ته لطيف جو ڏنل پيغام تشدد ذريعي جسمن ۽ روحن مان زوريءَ ٻاهر نٿو ڪڍائي سگھجي! اهي ماڻهو جيڪي سنڌ ۾ رهي پنهنجا حسب نسب ٻئي پاسي پيا ڳولين، لطيف جا بيت انهن لاءِ خوبصورت جواب طور سامهون آهن! لطيف وطن جي حوالي سان سوديبازيءِ ۽ غداريءَ ايمان ۽ عشق سان غداري سمجھي ٿو! لطيف وطن دوستيءَ کي مذهب جو جز سمجھي ٿو. هُن جي نظر ۾ جسم ۽ روح جڙڻ وقت ئي وطن جي امانت بڻجي وڃي ٿو. ماڻهو ۽ وطن دوستيءَ جي پيدائش هڪ ئي وقت ٿئي ٿي! ڀلي جديد فلاسفر نسل پرستيءَ، قوم پرستيءَ تي انسان دشمنيءَ جو ليبل لڳائين، پر حقيقت اها آهي ته وطن دوستيءَ اهم جز آهي. خود تاريخ گواهي لاءِ موجود آهي. دنيا جو تجزيو ڪريو، لڳ ڀڳ 215 ملڪ آهن. انهن مان مشڪل سان ڪي ڇهه ست ملڪ مذهب جي بنياد تي قائم ٿيل آهن، باقي ملڪ سيڪيولر بنياد تي هلندڙ آهن. پر دنيا جي سمورين قومن ۾ قوم دوستيءَ بنيادي عنصر طور موجود آهي. هن ايڪيهين صديءَ ۾ اهو نظريو عروج تي نظر اچي ٿو. قومون پنهنجي قومي ترانن تي ڪنڌ جھڪائي بيهن ٿيون. سپر پاور روس ڇو ٽڪرا ٿي ويو؟ ڇو جو اهي ٽڪرا ٻين ملڪن جا ڳنڍيل هئا، اهي الڳ ٿي ويا!
اڄ آمريڪا، عظيم آمريڪي قوم جي ڳالهه ڪري ٿو، سبب قوم دوستي آهي! هٽلر عظيم جرمن قوم جو نعرو هڻي دنيا کي آڻي عالمي جنگ تي بيهاريو. جرمنن سروري ڪئي هئي ته جرمني اندر ڪهڙا جرمن آهن، ان ڪري هنن يهودين کي ڪڍڻ ۽ تڙڻ شروع ڪري ڇڏيو، ڇو جو اهي يهودي قديم اسرائيلي هئا. اهو قتل عام تاريخي جُرم هو پر هنن ائين ڪيو! اها تاريخ آهي، عيسائيت، يهوديت جي سامهون بيٺي هئي! قوم دوستي جو ڪڏهن به اهو مقصد ناهي رهيو ته ڪنهن تي جنگ مڙهجي! قوم دوستي جو نظريو فقط اهو آهي ته اسان جو وطن محفوظ رهي! قومون قومن جو احترام ڪن. مذهب جي نالي ۾ ڪنهن قوم جو تصور ڪڏهن به ماڻهن کي هڪ ڪري ناهي سگھيو! قوم جو نظريو هڪ ڌرتيءَ، هڪ ٻوليءَ، هڪ تهذيب، هڪ ثقافت جي بنياد تي جڙيل هوندو آهي، ۽ اهو نظريو هر قسم جي اڳرائي ۽ انتها پسنديءَ خلاف هڪ بهترين هٿيار آهي! جنهن مان قومن لاڀ ماڻيو آهي، هڪ مذهب هوندي به ماڻهن ۽ قومن جو استعصال دنيا ۾ ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ نيشنل ازم سگھارو ٿي اُڀريو آهي. هڪ ئي مذهب جاماڻهو پاڻ ۾ ڪيئن وڙهيا آهن؟ ان جا مثال تاريخ ۾ ڀريا پيا آهن. فرقيواريت ڪنهن کان به لڪل حقيقت ناهي. هڪ مذهب هوندي به ماڻهن هڪٻئي جو رت وهايو آهي. اهڙيون جنگيون مذهب جي بقا لاءِ نه پر ذاتي مفادن خاطر وڙهيون ويون آهن! قديم زماني ۾ وڃي ڏسو مذهب هوندي به هڪٻئي تي زهريليون گئسون استعمال ڪري ڇڏيائون. ڀر ۾ ڏسو افغانسان جي رهواسين هڪٻئي سان ڇا ڇا ناهي ڪيو؟ عراق ڪويت تي وڃي ڪاهيو هو، بئڪون لٽيائين، ماڻهو ماريائين! اِها ڪهڙيءَ مذهب جي بقا جي جنگ هئي!
ماڻهن مذهبي جذبي ۾ صدام حسين جو نالو نئين ڄاپندڙ ٻارن تي زور شور سان رکيو، تڏهن اهو هيرو هو، پر خود جڏهن عراقين کيس ڦاسيءَ تي چاڙهيو ته ڪنهن صدام جي حق ۾ لفظ به ڪونه ڳالهايو! ڇو جو جذباتي پڻو پنهنجي انجام تي پُڄي ٺري چڪو هو.
چين جي قومپرستيءَ جي حد اها رهي آهي جو چينين انگريزيءَ جهڙي بين الاقوامي زبان سکڻ کان هڪ ڊگھي عرصي تائين پئي پاسو ڪيو. ان جو ڪارڻ ڪو ٻوليءَ سان نفرت ناهي پر قوم کي قومي ٻوليءَ جي اهميت کي ياد ڪرائڻ آهي.
سڀ ڄاڻن ٿا ته جڏهن پاڪستان مذهب جي بنياد تي قائم ٿيو هو ته بنگالي ان ملڪ جو حصو هئا. پر اوچتو ڪو ڦيرو آيو جو هڪ مذهب هوندي به بنگالي الڳ قوم وطن جو نعرو هڻي بيهي رهيا. نيٺ الڳ ٿي ويا. رت وهيو، هڪ نئون نقشو دنيا جي نقشي ۾ ظاهر ٿي ويو! اهو وطن هنن پنهنجي ڌار سڃاڻپ لاءِ وجود ۾ آندو! ته جيئن هنن جي قوم، تهذيب ثقافت، ادب دنيا ۾ الڳ حيثيت ۾ سڃاتا وڃن! سچ اهو به آهي ته بنگالين جو وڏو ليڊر شيخ مجيب شاهه لطيف جي سُر مارئي جي بيتن کان متاثر هو!
وقت جو اهو سچ اڄ سامهون آهي ته ساڳيو مذهب هئڻ جي باوجود ڪنهن ملڪ ۾ ويزا کان سواءِ داخل ٿي نٿا سگھو. ويزا جو مدو پورو ٿيو ته ٽپڙ گول ڪريو! هڪ منٽ به پوءِ اتي برداشت ڪونه ڪيو ويندو! پاڪستان جا ماڻهو لڪ چوريءَ ۾ عرب مسلمان ملڪن جون سرحدون لتاڙي داخل ٿين ٿا، انهن کي يا ته شوٽ ڪيو وڃي ٿو، يا جيلن ۾ واڙي سوکڙي طور واپس موڪليو وڃي ٿو! ياد رکو اهو نيشنل ازم آهي! مذهب جو جذبو اهي ملڪ ليکي ۾ ئي نٿا آڻين، ليکي ۾ آڻين ته اتي ترسائي ڇڏين! ڀلي ڪو تجربو ڪري هن ملڪ جي ڪنهن به مذهبي جماعت جو اڳواڻ بنا ويزا جي سعودي ۾ ترسي ڏيکاري! يا سنڌ جو هندو بنا اجازت هندستان ۾ رهي ڏيکاري! قانون ٺهيل آهن، اهي قانون ملڪي حدن جا محافظ آهن! پري ڇو ٿا وڃو هن ملڪ جي عدالتن ۾ وڃي ڏسو پتو پئجي ويندو ته ڪير ڪنهن جي سامهون آهي؟ ڪنهن ڪنهن جا خون ڪيا آهن؟
هڪ ڌرتيءَ، هڪ قوم جو تصور الڳ شيءَ آهي، مذهب ٻي شيءَ آهي. اهو ئي نظريو اسان کي ڀٽائي ڏنو آهي. لطيف پنهنجي دؤر جي هر ڪٽرپڻي جي مخالفت ڪئي آهي. لطيف وٽ سيڪيولر فڪر آهي. ان ڪري ئي هو قوم جي ڪاپڙين، جوگين، سامين،سنتن، سنياسين، ڀڳتن ۽ صوفين سان گڏ هو.لطيف جي ڪٿي به ملان ۽ پنڊت، پادريءَ سان ويجھڙائي نظر ئي نٿي اچي.
قومي اتحاد جي مضبوطي لاءِ لطيف سنڌي هندن جي اهم پوجا آستانن تي ڪهي ويندو هو. انهن جاين جو ذڪر لطيف جي شاعريءَ ۾ موجود آهي. لطيف ڪڇ ۾ وڃي قرب ونڊيندو هو. سنڌي محقق ثابت ڪن ٿا ته: ”نارايڻ سروور ڪڇ جي اولهه طرف لکپت تعلقي ۾ (هاڻ هندستان) تيرٿ آستان آهي، هن مندر ۾ لڪشمي نارايڻ، آدي نارائڻ، گوورڌن ناٿ، دوارڪا ناٿ، مهالڪشي وغيره جون مورتيون رکيل آهن، شاهه صاحب جوڳين سان گڏ ان پويتر آستان جي زيارت ڪرڻ آيو هو. هن نارايڻ سر جو ذڪر پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو آهي:
مَنجھين ئي بابو بِکيا، ،منجھين ئي نارئڻ سر،
بستي ڏور مَ بَر، تون خود آهين تَڪيو. (رامڪلي)
ڀٽائي گھوٽ، ڪوٽيشور جي زيارت لاءِ پڻ ڪهي ويو هو، اتي جوڳين ۽ ڀڀوتن جي حالت اهڙي ته وڻيس جو چيائون:
اوڏو آهي الله، ڪوٽي سر جي ڪنڊ ۾.“
اهو سيڪيولر فڪر، لطيف جي قومي فڪر جو بنياد آهي، ڇو جو سنڌ سنڌيءَ هندن جو تاريخي ۽ نسلي وطن آهي. لطيف جيڪي به داستان مرتب ڪيا آهن، انهن جو تعلق سنڌ جي علائقن سان رهيو آهي. اهي ڪردار سنڌ جي مٽيءَ مان پيدا ٿيا هئا، جکرو سنڌ جو اهم هاڪارو ڪردار هو، جنهن سان لطيف محبت جو اظهار ڪيو آهي، پر جکري جي ڀيڻ ”سرڌڙي“ جو سنڌ جي تاريخ ۾ ڪوبه وڏو ڪردار ڪونهي، پر ان جي حُسناڪيءَ جي ڪري لطيف کيس دل سان ياد ڪيو آهي، جو اها سنڌيءَ قوم جي سُهڻيءَ نياڻي هئي. لطيف اهو ٿي ٻڌائڻ چاهيو ته سنڌ سُهڻن انسانن جي ماءُ آهي.
سُونهن وڃايم سومرا، سرَڌڙي سُونهن،
دل ۾ دُکيم دُونهن، مُنهنجو مُنهن ميرو ٿيو.
دل مان اٿندڙ دونهون چهري کي ميرو ڪري ڇڏي ٿو. اهو لطيف جو وجداني تصور آهي. لطيف قوم دوستيءَ ۾ رڱجي پنهنجي سدا بهار شاعريءَ تخليق ڪري سنڌيءَ قوم لاءِ جياپي جو دڳ منتخب ڪيو آهي. اڄ جيڪا بيچيني سنڌي قوم جو اصل وارث سنڌي هندو محسوس ڪري ٿو، ان جي اها بيچيني ڪيئن ختم ڪجي؟ قومي نظريي تحت اسان جا هڪٻئي سان رويا ڪيئن جڙڻ گهرجن؟ رهنمائي لاءِ لطيف کي سمجھڻ جي ضرورت آهي. مارئي جو قوميءَ وجد اسان لاءِ اڄ به سنيهو آهي.
هِي هنڌ، ڀيڻيون هاڻ، ساڙيان سَڀ ڏينهَن رِي،
ڪُل شيءَ يرجح الى اَصلهُ، ٿِي جھجان جھانگين ڪاڻ،
ڀِري پنهنجي ڀاڻ، پسان ملڪ ملير جو.
”مان هِي مڙيئي هنڌ ۽ مڪان پنهنجي وطنين بنا جلائي خاڪ ڪري ڇڏيان! سڀ ڪا شيءَ پنهنجي اصل ڏانهن ٿي موٽي، مان جھانگين لاءِ وجھلان پيئي، شل پنهنجي ماڳ تي موٽي پنهنجو وطن ملير ڏسان.“
ڀٽائي قرآن شريف جي اهم نقطي کي نج وطن دوستيءَ ۽ وطن سان عشق جي جذبي لاءِ پيش ڪري، نئين فڪر ۾ آڻي اندر جي عشق کي جنهن ريت اڀاريو آهي، اهو بنا شڪ جي شاعراڻو ڪمال آهي. مارئي وطن جي حُب جي عظيم علامت آهي. جنهن کي سنڌي قوم جي هن عظيم شاعر پنهنجي روح جي رهاڻ مان نروار ڪري وطن دوستيءَ جو عاشقاڻو نظريو ڏنو آهي. مارئي کي محلن، ويس وڳن، طعامن، ڌن دولت سان ڪابه دلچسپي ڪانهي هُن جي دل ماروئڙن سان آهي، جيڪي پگھر سان پسيل آهن! اهي يونيورسٽين ۾ پڙهيل ناهن. سادا سودا انسان آهن. هن جو من وطن ۾ پيدا ٿيل فطري شين سان ٻکيل آهي. اُهي پيرونءَ جھڙيون شيون ڀلي کڻي وقت جي بازار ۾ عام ۽ ٽڪي جون شيون هجن، پر وطن پرست لاءِ اهي عام نه پر اهم آهن. لطيف ۽ مارئي وٽ اُهي شيون عظيم آهن، ڇو جو وطن جي مٽيءَ انهن کي جنميو آهي. مارئي جسم تان اهو لباس لاهڻ لاءِ ڪابه سوديبازي ڪرڻ ڪفر ۽ حرام ٿي سمجھي، جيڪو لباس هن وطن جي سرحد ۽ نشاني سمجهي انگ تي اوڍيو آهي.
سون برابر سڳڙا، لُون لُون برابر لک،
رُپو جنهن رد ڪيو، ڪُوڙ تِنهين کي ڪَک،
مون ماروءِ جو مَک، تيل نه تنهنجو لائيان.
وطن پرستيءَ جي سوچ ڪپهه جي داڳي کي به سون جي تند تصور ڪري ٿي، جنهن جو ملهه لکن کان مٿي آهي! اُها سوچ چانديءَ ڏي به اک نٿي کڻي! اُها سوچ ڪراين ۾ پاتل عاج جا چوڙا سون کان مٿي ٿي سمجھي! ڇو جو اُهي چوڙا به وطن واسي ڪاريگرن جي هٿن جوڙيا آهن! ڀلي اهي عام شيون ماڻهن کي خصيص لڳن، پر وطن دوست عاشق انسان لاءِ اهي شيون زندگيءَ جھڙيون با مقصد ۽ قيمتي آهن!
الاءِ ڇو لطيف جو هي بيت پڙهي تاريخ جي ابي ”هيرو ڊوٽس“ (784ق م _ 425ق م) جي اها حيرت ٿي ياد اچي، جڏهن هُن سنڌ وطن ۾ ڪپهه جي پوک ڏسي حيرت ۾ رڱجي لکيو هو: ”سنڌ ۾ هڪ اهڙو ٻوٽو به آهي، جنهن ۾ چانديءَ جا گل ڦٽن ٿا!“
لطيف ٻڌائي ٿو ته وطن سان عشق ڪندڙ ڀلي ظاهري طور هڪ ڪمزور عورت ئي آهي، پر جيڪڏهن وطن سان عشق اٿس ته اها عورت قطعي ڪمزور ناهي! هي نياپو انهن سياسي سنڌي قومپرست تنظيمن لاءِ آهي ته، قومي تحريڪ لاءِ عورت جو شامل هجڻ ڪيترو ضروري آهي! وطن جو عشق خود طاقتور جذبو آهي. ان جذبي کي سون تي خريدي نٿو سگھجي! محلن ۽ ماڙين جي لالچ ۾ ان عورت جي جسم جو سودو ڪري ئي نٿو سگھجي! ڇو جو اها عورت پنهنجي جسم کي به پنهنجو عظيم وطن تصور ڪري ٿي! هتي مونکي الاءِ ڪيئن عظيم ليکڪ مئڪسم گورڪي جي انقلابي تاريخي ناول ”ماءُ“ جي اُها ڇوڪريءَ ياد اچي رهي آهي، جيڪا پنهنجي وطن جي عشق سان سلهاڙجي ڌارين حملي آورن جي قيد ۾ قابو هئي! اها ڪنواريءَ هئي. هن محسوس ڪري ورتو ته دشمن هُن جي عصمت تي راتاهو هڻندو! هڪ رات هُوءَ پنهنجي هم وطن ۽ محبوب ساٿي، وطن جي لاءِ وڙهندڙ نوجوان کي ڀاڪر ۾ ڀري چوي ٿي: ”هِي منهنجو ڪنوارو جسم وطن جي امانت آهي. هي رهزن ڪيڏي مهل به ان جي بي حرمتي ڪندا، آئون چاهيان ٿي ان بي حرمتي کان اڳي پاڻ هڪٻئي ۾ سمائجي وڃون!
منهنجو جسم منهنجي وطن جي عاشق کي پهرين حاصل ٿئي، بجاءِ ان کان اڳي وطن دشمن ماڻهو لوئين ۽ ناپاڪ ڪن!“ وطن لاءِ هڪ عورت جي ان سوچ جي سچ جي ته ڪڏهن به ڪا مڪمل تشريح ڪري ئي نٿي سگھجي!
وَر سي وطن ڄائيون، صحرا سَتر جِن،
گولاڙيون ۽ گُگريون، اوڇڻ اَباڻن،
ويڙهيا گھمن وَليين، جھانگي منجھه جھَنگن!
مون کي ماروئڙن، سُڃ ڳڻائي سيج ۾.
”منهنجي وطن جون اُهي ناريون مبارڪ آهن، جن جو پردو ۽ پناهه برپٽ آهي! منهنجي اباڻن جو ڍڪ ۽ پردو گولاڙا ۽ کئونر وارا وڻ آهن! جھنگ جا رهاڪو ولين ۾ ويڙهيا پيا گھمن! مون کي انهن ڏاج ۾ وڳن جي بدران سُڃ ڳڻي ڏني آهي! اها سُڃ منهنجو ورثو آهي!“ لطيف جو قوم دوست فڪر ظاهر ٿو ڪري ته برپٽ ۽ بيابان جيڪي وطن جو حصو آهن، اُهي اسان جي نياڻين کي پردي ۾ رکن ٿا. بد نظر کان بچائن ٿا. انهن جي حفاظت ڪن ٿا. اُهي غير اهم ناهن! اُتي وطن جون نياڻيون آزاديءَ سان گھمي ڦري سگھن ٿيون. اتي آزاد زندگي گذارين ٿيون. انهن جا احساس به اتي آزاد آهن. اها ئي ته آزادي وطن جي خاصيت آهي! جتي انسان تحفظ ۽ آزادي سان گهاري ٿو. سوچ آزاد آهي. وطن جسماني، روحاني ۽ فڪري آزاديءَ جو بنياد آهي. جتي توهان آزاد ناهيو، اهو وطن ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ جتي انسان جون صلاحيتون بي معنيٰ ٿين، ان کي ڪيئن وطن مڃجي؟ وطن اصل ۾ آزاد انسان جو خواب آهي، خواب جي تعبيرآهي. غلامي ڪچي گار آهي. اهو ئي بنيادي عنصر آهي، جو مارئي عمر جي ڏنل سک جي آڇ کي ڦاهي ٿي تصور ڪري. وطن جي سڪ کي لطيف تلوار ٿو سڏي، جيڪا جسم مٿان اُڀي آهي.
آئون ڪِيئَن ڇَڏيان سُومرا، تِن پنهنوارن پچار،
جَڙ جِنين جي جيءُ ۾، لڳي رِءِ لُهار،
ميخون مُحبت سَندِيُون، هِينئَڙي مَنجھه هَزار،
پکا ۽ پنهوار، ڏِٺي مُون ڏينهن ٿيا.
اکين کي وطن ڏسڻ کان سواءِ ڪو پل به چينُ ناهي. وطن ۽ وطن جي ويڙهيچن جي ميخ بنا لوهار جي لڳل آهي. اُها فطريءَ ميخ لڳي آهي. هِي جيڪو جسم آهي، اُهو ٿُڙ آهي، اُن جي پاڙ ته وطن ۾ مليل آهي. ان ڪري وطن ۽ اُن جي محبتي ماڻهن کي وسارڻ ممڪن ئي ناهي! اهو ٿي نٿو سگھي، جو اُهي وسري وڃن.
سُونهن وِڃايَم سومرا، ميرو مُنهن ٿيومَ،
وَڃڻ تِت پيوم، جِت هلڻ ناهي حُسن ري.
هِن محل ۾ رهي مون پنهنجي سُونهن وڃائي ڇڏي آهي. منهنجو مُنهن ميرو ٿي ويو آهي! مون کي ٿر واپس وڃڻو آهي. منهنجي سُونهن منهنجي سنڌ آهي! جنهن سنڌ ۾ اخلاق، محبت، وطن دوستيءَ، حياءُ ۽ سچائي جي حسن کان سواءِ هلي نٿو سگھجي. حُسن جي اک کان سواءِ سنڌ ۾رهڻ ناممڪن آهي. سنڌ ڪابه اوڳڻائي نٿي قبولي! سنڌ عظيم روايت جو وطن آهي. اهو وطن عظيم ماڻهن جي محبت بڻايو آهي. ان وطن کي عاشقن رَت ڏئي آباد ڪيو آهي. اُن وطن تي ڪابه سوديبازي نه ٿيندي.
لطيف جي مارئي جي هڪ ئي سوچ آهي ته، ”ائين نه ٿئي جو قيد جي سنگھرن ۾ ئي وطن کي ڏسڻ بنا، وطن کي چمڻ بنا ئي مري وڃان! مان پهرين پنهنجي وطن ملير کي سنڌ کي اکين سان ڍءُ ڪري ڏسان، پوءِ ڀلي منهنجا ڏينهن پُورا ٿي وڃن!“
ڇا حُسن آهي، جيڪو آرسين، گلن، سمنڊ جي ڇولين کي به حيران ڪيو ٿو ڇڏي. اهو حُسن، لطيف جي سوچ جو حُسن آهي، جيڪو ڪڏهن به ميرو ٿي نٿو سگھي. هڪ جلا وطن قيدياڻي جي وصيت جي روپ ۾ لطيف جو تصور ۽ فڪر ڏسو! عظيم سوچ ڏسو!
پوءِ سوچيو ته سنڌ جو عشق ڇا آهي؟ سنڌ سان عشق ڪيئن هئڻ گھرجي؟
واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساهه،
بُت منهنجو بند ۾، قيد مَ ڪريجاه،
پر ڏيهياڻي پرينءَ رِي، ڌار مَ ڌريجاه،
ٿَڌِي وَسائجان ٿرن جي، مِٽيءَ مُئي مَٿاه،
جي پويُون ٿئي پساهه، ته نِجان مڙهه ملير ڏي!
”وطن لاءِ سڪندي ۽ اُن کي ساريندي جي مان دم ڏيان، ته منهنجو جسم قيد ۾ نه رکجانءِ، هن پرديسياڻيءِ سنڌياڻي کي سندس پرينءَ کان پري نه رکجانءِ، هن مري ويل جي مٿان لاش تي ٿر جي واريءَ وسائجان! جي منهنجا پساهه قيد ۾ پورا ٿين، ته منهنجو لاش منهنجي وطن ملير سنڌ ڏي کڻي هلجان يا پهچائجانءِ!“
هي وطن پرستيءَ ڪنهن به تشريح جي، ڪنهن به ڊڪشنريءَ جي محتاج ناهي. هِي اها محبوب وطن دوستيءَ آهي، جنهن پنهنجي وطن جو، ۽ وطن جي جھنڊي جو ڪڏهن به ڪنڌ جھُڪڻ ناهي ڏنو! هِي اهو با ضمير نظريو آهي، جنهن کي چُمي وطن جي مٽيءَ جو اڻ رهي آهي. هِي اهو منشور آهي جنهن کي ڀاڪر ۾ ڀري وطن جي مٽيءَ لوڪ گيتن جي ماءُ بڻجي مهڪي آهي! وطن جا عظيم ڳيچ انهيءَ منشور مان ئي سرجيا آهن. وطن جا کيت ان منشور جي ڪري ئي ساوا رهيا آهن. هِن نظريي ئي رَت کي گرمي ڏني آهي. هن نظريي عشق مان ئي شاعريءَ آڪسيجن ورتي آهي. سدا سهاڳڻين پنهنجي نڪن جي ڦلڙين جي قرباني ڏيڻ کان ڪڏهن به ناهي ڪيٻايو. بس اهو ئي نظريو رکيو آهي ته:
ڪانڌ مُنهن ۾ ڌَڪڙا، سيڪيندي سُونهان،
ته پڻ لڄ مران، جي هُئنس پُٺ ۾.
هِن نظرياتي عشق تي ئي سِر گھوريا ويا آهن! لطيف ان تصور ۽ نظريي کي سنڌ جي رڳن ۾ رَت وانگي ڊوڙائي سنڌي قوم تي وڏو احسان ڪيو آهي.
ڪاش! رهبر سنڌ، نوجوانيءَ ۾ لطيف جي فڪر تي مشتمل ڪتاب ”پيغام لطيف“ جو روح سمجھي وڃي ها ته سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن به علي محمد راشدي ۽ ايوب کهڙي جهڙن ڪردارن جي ڪا گنجائش ئي نه باقي رهي ها! اڄ موهن ڪلپنا جي قبر اسان کي ڀٽ شاهه ۾ نظر اچي ها. سائين جي ايم سيد پاران لطيف سان دير سان رجوع ڪرڻ قومي الميو ثابت ٿيو آهي! مارئي جي علامت ۾ لطيف جي اها سوچ ته: ”جتي سنڌ ساڻيهه لاءِ سڪندي ۽ تڙپندي دم ڏيان ته اي امير! منهنجو سر وطن طرف کڻي وڃج! مان وڃي شل ٿر جي مارن جي وچ ۾ دفن ٿيان! وطن جي ولين جو واس مونکي ملڻ گھرجي! منهنجو لاش ملير وڃي ته ڄڻ مري به جيئري ٿيس!“ کي سمجھي حقيقت اها آهي ته رهبر سنڌ خود جڏهن جيلن جي ڪال ڪوٺڙين ۾ داخل ٿيو ته پاڻ مارئي بڻجي ويو! اتان ئي لطيف شناسيءَ ۾ ڪيئي ڪتابن جنم ورتو هو. جن مان سنڌ ڳالهايو پئي!
لطيف جو قوم دوستي جو فڪر سنڌين جي قومي دولت آهي، ان قوم جي ملڪيت آهي، جيڪا پندرهن هزار سالن جي سڌريل سڀيتا رکندڙ قوم آهي. جيڪا تاريخ ۾ تهذيب جي امڙ جو درجو رکندڙ آهي! اها سامونڊي ماڻهن جي تهذيب آهي. اها جابلو انسان جي تهذيب آهي. اها درياهه جي ماڻهن جي تهذيب آهي! سنڌ جيڪا امن ۽ محبت جي محبوب سر زمين آهي، جنهن کي پورهيتن، سامونڊين، ڏياچن، هارين، نارين، ٻاگھين، عاشقن، دراوڙن، صوفين، سنتن، جوڳين، ڪاپڙين، آديسين ۽ ڪنڀارن سنواريو سڌاريو ۽ اجاريو آهي. ان وطن جي هڪ قيدياڻي، جنهن جي ڳچيءَ ۾ لوهه جا ڪڙا پيا آهن، ڪڙيون ۽ سنگهرون لڳيون پيون آهن، ڪوٺين اندر ڪلا هڻي قابو ڪيو ويو آهي! آسپاس جاسوس پيا ڦرن! وزير ۽ پگھار دار چوڪسيءَ پيا ڪن! اهڙي ماحول ۾ به ان قيدياڻي جي دل ڌرتي واسين کي نياپو پئي ڏي ته وطن کان مٿي ٻيو ڪجھه به ناهي! جنهن انسان کي وطن سان محبت ناهي، ان جي انسان هجڻ ۾ ئي شڪ آهي.
سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري،
حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو.
وطن کي وسارڻ ڪفر آهي! وطن سچ آهي. وطن انسان جو روح ۽ دل آهي. وطن فطرت طرفان انهن قومن کي تحفي ۾ ملندا آهن، جيڪي قومون وقت جي بٺيءَ ۾ پچي سرخ بڻجي، آرٽ ۽ تهذيب کي جنمي سرخرو ٿينديون آهن.
لطيف جو وطن عاشقي جو شاعريءَ ذريعي هڪڙو پيغام آهي ته ٻيا سڀ رشتا ۽ ناتا ۽ نظريا، مختلف شڪلين ۾ جڙندا ۽ پيدا ٿيندا آهن، پر وطن ۽ ويڙهيچن سان عشق جُڙڻ بنهه ٻئي طريقي سان ٿيندو آهي. هِن نظريي، هن ناتي کي عشق جي صفا سنهي سُئي دل سان سبي ڇڏيندي آهي، ڌاڳو ناهي نظر ايندو! سنهي سئي سان جيءُ سبجي جڙي وڃڻ، زندگيءَ ۽ موت جوسوال بڻجڻ ساڳي ڳالهه آهي! اهو رشتو پوءِ ڇڄڻ نا ممڪن آهي! اُن کي ٽوڙڻ به ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. هتي لطيف هڪ ٻيو به سنيهو اهو ڏئي ٿو ته، وطن ۾ رڳو هڪ مارئي، وطن سان محبت جي علامت طور موجود ناهي، وطن ۾ ٻيون به هزارين لکين مارويون موجود آهن. اهو پورو نسلي فصل موجود آهي، جن جي به ساڳي سوچ آهي. اُهي ماروي جو تسلسل آهن! جيڪو به انهن کي آزمائيندو مايوس ۽ ناڪام ٿيندو ! هارائي ويندو! ڇو جو وطن سان عشق جو جذبو وطن واسين جي جسم ۾ رت بڻجي ڊوڙي پيو.انهن جي حرمت، وطن جي حُرمت آهي. اُهي ڀلي غريب آهن، آڻين ۽ چاڙهين ٿا! بنهه سادو کائين ٿا، ڪڏهن بُکون به ڪاٽين ٿا. پوءِ به وطن ۾ اهي، وطن جي عشق جي ڪري خوش آهن. وطن انهن جي ماءُ به آهي، ته پيءُ به آهي. وطن انهن لاءِ ڇانءُ به آهي، ته ڇپر به آهي. وطن ۾ ائين آهن، جيئن سپ جي پيٽ ۾ موتي هوندو آهي! اهي پنهنجو مُلهه ڄاڻن ٿا، ان ڪري انهن کي خريدڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. اُهي وڪري جو سامان ئي ناهن. اُهي غريب هوندي به امير آهن، ڇو جو اُنهن جي دولت انهن جو پنهنجو وطن آهي. اهي ايترا ته وطن جي محبت سان ڀريل آهن، جو وطن جي واس کي وڪڻڻ به انهن لاءِ ڪفر آهي. لطيف جو چٽو نياپو هي آهي ته عاشق وطن کي پٽڪي جي ورن ۾ کڻي گهمن ٿا! جيڪي وطن کي اجرڪ ۽ لوئي ڪري اوڍين ٿا، سي ڪڏهن به وطن جي مٽيءَ جو سئودو نه ڪندا، نه پنهنجي وطن واسين جي بي حرمتيءَ کي برداشت ڪندا! اهي وطن جا رڳو عاشق نه پر محافظ به آهن. لطيف پاڪدامنيءَ جو تصور به وطن سان سلهاڙيو آهي. يعني جسم به وطن جي امانت آهي. جسم ڪٿي وڪجي ٿو ته ڄڻ وطن کي وڪيو وڃي ٿو. وطن جي بيحرمتيءَ ڪئي وڃي ٿي، ڇو جو اهو جسم ان وطن ۾ جنميو آهي. جسم وطن جي مٽيءَ جو اَن کاڌو ۽ پاڻي پيتو آهي. هڪ خوشحال وطن ۾ رهي ان ۾ پوءِ به وطن واسي روزيءَ حاصل نه ڪري سگھي، عيوضي ۾ پنهنجو جسم وڪڻي، مالي مسئلن جي پورائي ڪري ته اها ڄڻ وطن لاءِ گار آهي!
هِن سُر ۾ لطيف سياسي ۽ سماجي حوالي ۾ حڪمران طبقي کي به بخش ناهي ڪيو.
جِه سي لوڙائو ٿيا، جِنين سَندي ڌِير،
ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙِي!
چٽو موقف آهي ته، وطن تي حڪمرانيءَ ڪندڙ جن جي آسري تي وطن واسين جي جان ۽ مال آهي، اُهي ئي ڌاڙيل، ڦورو، ٺڳ ۽ ايذائيندڙ ٿيا ته پوءِ وطن واسين جو ڪير ڌڻي ٿيندو؟ اُن ڪري انهن کي حڪمرانيءَ جو ڪوبه حق ناهي، جيڪي محافظ ٿيڻ بجاءِ خود لٽيرا بڻجن ٿا! اهو دوکو آهي! اها قومي غداريءَ آهي.
سُڻي ساڻيهه ڳالهڙي، لهي ويا لُوههَ،
اَندر جا اَندوهه، لٿا ڏک سُک ٿيا.
وطن جي ڳالهه ئي سُک جي نشاني آهي. وطن جو ذڪر ئي روح لاءِ راحت آهي. ڪيڏي به اذيت هجي، پر وطن جي ڳالهه ٻڌجي ٿي، يا ڪنهن کان سُڻجي ٿي ته اندر جا غم لهيو مٽيو وڃن ٿا. اهو وطن جي خوشبو جو ڪمال آهي، جو ساهه به سُرهو سُرهو ٿيو وڃي، وطن محبوب آهي. اهي انسان جيڪي وطن سان محبت ڪن ٿا اهي معتبر آهن.
لطيف وطن جي حب صرف انهيءَ داستان تائين محدود ناهي رکي، پر ٻين سُرن ۾ به لطيف وطن جي ڳالهه چانڊوڪيءَ وانگي پڌري ڪئي آهي.
سُر ڪاپائتي ۾ لطيف جو وطن سان عشق هڪ اڃان نئين درد جو داستان آهي. هتي لطيف هڪ نئين درد جي تاريخ جو مئورخ آهي.
نَه سِي وونئڻ وَڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
پَسو بازارُون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
لطيف وطن جي خوشحالي جا خواب ڏسندڙ صوفي هو. هن وطن جي ٻنين ۾ فصلن کي جھومندي ڏسڻ جي تمنا ڪئي هئي. هو وطن جي شهرن جي بازارين ۾ رونق ڏسڻ جو تمنائي هو. جڏهن جھوڪ ۾ شاهه عنايت جي سوشلسٽ تحريڪ ڳاٽ کنيو هو ته هر طرف رونق هئي. فصل ۽ پورهيت ٻهڪندڙ هئا. پر پوءِ 12 ذوالقعد 1129هجري 13 آڪٽومبر 1717ع ۾ سنڌ جي مقامي زميندارن، جاگيردارن، مُلن ۽ مغلن جي حمايت سان جڏهن جھوڪ تي راتاهو هڻي شاهه عنايت کي شهيد ڪيو ته جھوڪ ۾ شوسلسٽ تحريڪ جو خاتمو اچي ويو، اها تحريڪ خوشحاليءَ جي علامت هئي. لطيف ان تحريڪ جي خاتمي ۽ جھوڪ جي برباديءَ جو اهو نوحو آلاپيو آهي. جنهن ۾ واضع ڪري ٿو ته، منهنجي وطن ۾ ڦٽيون نه رهيون آهن، ڪپهه ڪتڻ واريون ڪيڏانهن گم ٿي ويو آهن! سنڌ جي بازارن ۾ ويرانيءَ ڏسي منهنجو هينئڙولوڻ جھڙو ڪسارو ٿي ويو آهي! پڌرو آهي ته لطيف وطن جو درد پنهنجي دل جو زخم ڄاتو آهي. ڇو جو هو قوم ۽ وطن دوست فرد آهي. هو قوم جو رهبر شاعر آهي. مٿيون بيت پورچوگيزن جي ٺٽي تي ڪاهه جو به عڪس آهي.
پائي پاند ڪپاهه، جي مون آتڻ نهاريا،
کڻي ڪا، نه پَساهه، سَرتيون وڃي سُتيون.
آئون پاند ۾ ڪپاهه کڻي ڪتڻ وارين جي پڇا ۾ نڪتيس، اچي سمورا آتڻ نهاريم، اکيون چئني پاسي گهمايم ته من ڪا سُگھڙ ڪتڻ واري نظر اچي، پر مايوس ٿيس. ڪوبه نظر نه آيو! ايئن لڳم هتي ته ڪو ساهه به نه پيو کڻي! سرتيون ڪٿي وڃي سُمهي رهيون آهن، ڄڻ ته ڌرتي جو هر رنگ مري ويو آهي! ڇا ته درد آهي! جيڪو لطيف بيان ڪيو آهي! ڇا ته ويراني آهي، جيڪا هينئون ٿي کائي!
وِيا مور مَري هنج نه رَهيو هيڪڙو،
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو!
سُر ڏهر ۾ اهو المياتي نظارو لطيف جي دانهن ٿي اُڀريو آهي. اُهي مور جيڪي وطن جي سُونهن هئا، جيڪي رقص ڪري هينئان ٺاريندا هئا، جن جو کنڀ کنڀ حسن جي علامت هو، جن جو ٽهوڪو ٽهوڪو نياپو هو، الا! اهي سڀ مور مري ويا آهن!
سنڌ جون هوائون سوڳ ٿي ويون آهن. وطن ۾ مور هاڻي ناهن رهيا، سنڌ جو روح انهن کان سواءِ اٻاڻڪو ٿو لڳي! هاڻ وطن جي مٽيءَ، وطن جو پاڻي ڪني ڪانيرَن ۽ ٻگهن حوالي ٿي ويل آهي. اڇو پاڻي انهن لڙ ڪري ڇڏيو آهي! وطن وڻ مثل آهي، جيڪو ڇانءُ ۽ ميوو ڏئي ٿو، هاڻ ان وطن جي ٽارين تي چٻرا اچي ويٺا آهن! انهن اتي آکيرا ٺاهي ڇڏيا آهن. وطن انارڪي ۽ لٽ مار جي ور چڙهي ويو آهي. سنڌ کي سوئر گھيري ويا آهن. لٽيرن سنڌ تي قبضو ڪري ورتو آهي. اهو تاريخي سانحو ٿيو آهي، لطيف وطن جي برباديءَ تي رُنو آهي. اها برباديءَ وقت به وقت ٿيندي ڏٺي اٿس! توڙي جو درياهه فطري طور رخ تبديل ڪيا آهن، پر رخ مٽڻ ڪري وطن واسين جي جيڪا تباهي ٿي آهي، لطيف جي دل ۾ اها برباديءَ به ڪنڊو ٿِي ڇُپي آهي:
سُڪي ڍور ڍَيون ٿيو، ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو،
سو پاڻي پٽيهل ۾، اڳيون نه آيو،
ماڙين ميڙائو، ڪِنهين ڪِنهن ڀِيڻئين!
پٽيهل درياهه جي سُڪڻ جو الميو، لطيف کي سوڳوار ڪندڙ آهي، ڄڻ ته اهي ڪک ۽ ڊَڀ پٽيهل جي ڪنڌيءَ تي نه پر اُهي سائين جي سيني مٿي اڀريا آهن! اها آهي وطن سان عاشقيءَ، جو لطيف کي ماڻهن جي خوشحالي ۽ چرپر نظر ناهي آئي ته اداس ٿي ويو آهي. عشق جي انتها جي حد ته اها آهي جو لطيف مهراڻ تي اڀريل ڪَنڊي سان به مخاطب ٿي پيو چوي ته: ”اي ڪنڊا، جي توکي مهراڻ جي مالڪن جي وڇوڙي جو درد آهي ته تون ماڳهين پنهنجين ٽارين جي ٻور مٿان سڱر ئي پيدا نه ڪرين! وطن ۽ ويڙهيچن جي درد ۾ ڀائيوار ٿيڻو اٿئي ته پوءِ ماتم ڪر!“
لطيف جو وطن سان عشق ايڏو وڏو آهي جو ان کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ناممڪن آهي. لطيف کي اهو تاريخي شعور هو ته سنڌ مختلف وقتن ۾ ڪيڏي عظيم ڌرتيءَ رهي آهي. جتان تهذيب اُڀري آهي. عظيم گلدار ثقافت سِرجي آهي. سنڌ پاڻي جو وطن رهيو آهي. اهو پاڻي پِي دودا خلجين سان وڙهيا آهن. سنڌي قوم خوشحال زندگيءَ گذاري آهي. سنڌ ايڏي ته خوشحال رهي آهي جو سنڌ جي اُڀ تي ڪونجون اڏاڻيون آهن، سنڌ جي آب تي هنج اچي پير پسائيندا رهيا آهن. سنڌ ۾ اهي عوام ۽ قوم دوست اڳواڻ موجود هئا، جن وطن جي حفاظت لاءِ ننڊ نٿي ڪئي! ماڻهن دعا پئي ڪئي ته شل اهي جُنگ جوان سدا سلامت رهن، ڇو جو اهي قوم ۽ وطن جا قلعا آهن. سنڌ ۾ بڊا ماڻي پنري جھڙا محبوب اڳواڻ موجود هئا، جيڪي وطن نه فقط پر دلين جا به حاڪم هئا. انهن جي ڪري ڊپ ۾ چور ۽ شڪاريءَ مٿو لڪايو پيو هلندا هئا. غاصبن کي سنڌ ڏي ميريءَ اک کڻڻ جي جرئت نه ٿيندي هئي. هن وطن ۾ جادم جکرو ساهه کڻندو هو، جنهن جي سخاوت جي هاڪ هئي. لطيف انهن وطن پرستن کي پيار مان ائين ساراهيو آهي ڄڻ انهن کي موتين ۽ گُلن جا هار پارايا اٿس.
لطيف سنڌ جي سومرين جي عظمت کي ياد ڪيو آهي، جيڪي خلجي اڳيان نه جھڪيون هيون، ابڙن انهن سامن لاءِ پنهنجا سِر ارپيا هئا! تت اهو آهي ته لطيف سنڌ جي عظمت جو عاشق آهي، هن وطن دوستيءَ کي ايمان جو درجو ڏنو آهي. وطن دوستيءَ لطيف جي شاعريءَ جو روح آهي، جنهن جو نياپو اهو آهي ته، وطن سان جيڪو به انسان عشق نٿو ڪري اهو اسان مان ناهي، ڪو ٻيو آهي! اهو پوءِ خلجيءَ جو حامي آهي، جنهن ٻاگھيءَ جي مٿي جي پوتي لاهڻ جي تمنا ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي! لطيف جي قوم دوستي مذهب جي بنياد سان واسطو رکندڙ ناهي! لطيف مذهب کي قوم دوستيءَ کان الڳ روحاني حقيقت سمجھي ٿو. لطيف جي قوم دوستي جو بنياد هڪ ڌرتيءَ، هڪ ٻوليءَ، هڪ تهذيب ۽ هڪ قوميت آهي، جنهن جو نالو سنڌيت آهي. اهي ماڻهو ڀلي مختلف مذهبن، نظرين، ڌرمن، فرقن ۾ ورهايل هجن، قوم جي حوالي ۾ هڪ قوم جو حصو آهن. قوم جي نالي اهي ڳنڍيل آهن، جدا ناهن. اهو ئي لطيف جو قومي نظريو چٽو ٿيل آهي. سنڌ ۾ لطيف جيڪي به ڪردار چونڊ ڪيا آهن، اهي سنڌي آهن، جنهن کي لطيف پوري وجد سان بيان ڪيو آهي. مومل هجي، راڻو هجي، سورٺ هجي، ڏياچ هجي، مارئي هجي يا سهڻي هجي، سسئي هجي يا ليلان هجي. نوريءَ هجي يا تماچي هجي، جوڳي هجن يا سنياسي هجن، لاهوتيءَ هجن يا ڪاپڙي هجن. لاکا هجن يا جکرا هجن، ريٻاري هجن يا جاڙيجا هجن، واڻيا هجن سامي هجن، پر اُهي قوميت جي ڌارا ۾ لطيف سموئي پيش ڪيا آهن. انهن جو رشتو ناتو هن وطن سان آهي. اُهي وطن ڄاوا آهن. ان ڪري لطيف انهن جي ڪردار کي عطر ڪري پيش ڪيو آهي. جڳ ۾ مشهور ته ليليٰ ۽ مجنون ۽ شيرين فرهاد جا قصا به آڳاٽا هئا، پر لطيف انهن جي ويجھو به نه ويو، ڇو جو لطيف کي سُڌ هئي ته اُهي فرضي قصا آهن! هتي آئون ڀٽائي جي ان عظمت کي اسان جي محترم ڏاهي رسول بخش پليجي جي هنن سٽن سان پيش ڪندس ته: ”هو سچو مومن هو، اسلام جو پيرو ۽ توحيد پرست هو، پر هُن عرب ۽ ايران جي بدران پنهنجي دل جو ڪعبو، بدنصيب ۽ پياري وطن سنڌ کي بڻايو. ايران جي آبجو ۽ شيراز جي باغن ۾ ٽڙندڙ سَرو، سمن، لاله، نرگس، ۽ سُنبل جي بدران هن پنهنجي وطن جي پُسين، پيروئن، ڏونرن جي حُسن جا نغما ڳايا. جتي ان وقت جي هند ۽ سنڌ جا نام ڪَٺيا شاعر بهادريءَ ۾ رستم سهراب ۽ اسفند يار جا مثال ڏيندا هئا، اُتي هو پنهنجي وطن جي رحم ڪرم، عنايت، محبوبيت، ۽ بي نيازيءَ جي شان بيان ڪرڻ لاءِ حَسين استعارا ڳولي ٿو ته کيس وطن جا دلير ۽ بانڪا ياد پون ٿا، ۽ هو خدا کي پنهون، تماچي، جکري، چنيسر، راڻو ۽ سپڙ سڏي ٿو! هِيءُ ڳالهه آهي جا ڪنهن به عرب، ايراني، هندي يا سنڌيءَ شاعر نه ڪئي آهي. هُن جي انهيءَ خوبصورت دليريءَ اڳيان خود روميءَ جھڙي مست جي مسوري آڳ ۽ جلال عاجز ٿا لڳن! لطيف هر ڳالهه ۾ پنهنجي دؤر جي ٻين شاعرن کان نرالو آهي. هُن کي سنڌي ٻوليءَ سان عشق آهي. هو ان زبان جو اهو جوهري آهي جنهن وٽ ماڻڪن جا مٽ ڀريا پيا آهن.“
مَٿي ٽٻڪ ٽُٻڪڙا، چڪندرا اچن،
کُڙيون کَه ڀَڪليون،پگھر سِر پيرن،
اِي وَڙ وَيڙهيچن، مون لوڏان ئي لَکيا.
اڄ جي سنڌ کي مارئي جي شڪل ۾ ڏسڻ گھرجي! بلڪل اُها ائين ئي آهي.
لطيف جي قوم دوست فڪر جي روشنيءَ ۾ اسان سنڌ ڌڻين کي اهو طئي ڪرڻو آهي ته اسان هِن ڌرتيءَ لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ ۽ هاڻ ڇا ڪرڻ گھرجي! ڏسڻو اهو آهي ته لطيف کان پوءِ پوئين ٽن سئو سالن ۾ سنڌ جي تاريخي حيثيت ڪٿي بيٺي آهي؟ سنڌ ڪلهه ڇا هئي، اڄ ڇا آهي؟ سنڌ جون روايتون ڪهڙيون رهيون آهن! ۽ اڄ سنڌ جو مزاج ڌارين تهذيبن جي ور چڙهي ڪهڙي شڪل ۾ سامهون آهي!؟ لطيف وطن جي عشق جي تشريح مڪمل ڪري ڇڏي آهي. هاڻ اسان کي پنهنجي عشق جي تشريح ظاهر ڪرڻي آهي! ٽانڊو کڻڻ اچڻ وارا گھر ڌڻي ڪيئن بڻجي ويا آهن؟ سنڌ کي ڪهڙن مونجھارن سان منهن ڏيڻو پيو پوي؟ انهي جو حل اسان کي ڪڍڻو آهي. سنڌ جي وجود تي جيڪي به زخم آهن، انهن جو علاج اسان کي ڳولڻو آهي. جيئن لطيف سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ فڪر جي مالڪي ڪئي آهي، ائين ئي اسان کي به سنڌ جي روح، مزاج ۽ سيڪيولر فڪر جي مالڪي ڪرڻي آهي.
لطيف جو قومي فڪر ڇا آهي؟ سرڪاري سطح تي سنڌين جي اسيمبلي هوندي به ان جي ڪابه تشريح ناهي ڪئي وئي. آئيندي به اهي لطيف کي فقط هڪ درويش واري فڪر ۽ فلسفي ۾ ئي پيش ڪندا رهندا، ڇو جو انهن جو مقصد سنڌي قوم کي سجاڳي ڏيڻ نه پر غافل رکڻ جي ايجنڊا آهي! هو لطيف کان ڊڄن ٿا، ڇو جو لطيف انهن جي ارادن کان بنهه منفرد شاعر ۽ فلاسفر آهي. انهن جا ارادا سنڌيءَ قوم کي سمهاري استحصال ڪرڻ جا آهن! ان ڪري لطيف کي سمجھڻ جو ڪم خود سنڌيءَ قوم کي سر انجام ڏيڻو پوندو! لطيف کي سمجھڻ پاڻ کي سمجھڻ ساڳي ڳالهه آهي. لطيف کي سمجھڻ قومي وحدت کي سمجھڻ هڪڙي ڳالهه آهي!
هن ديس ۾ اصل تاريخ مُنڍ کان ئي گم ڪيل آهي. ڪوڙ تي سندرو ٻڌو ويو آهي. اسان جي معصوم ذهنن کي گمراهه ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو ويو آهي. وطن پرستن جي ڪردار تي کنيل آڱرين جو ڪورس پڙهائي هتي ذاتي مفاد حاصل ڪيا ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو قومي وجود ۾ ڏار پيدا ڪري هنن پنهنجو مقصد حاصل ڪيو آهي، جن ماڻهن جو هن قوم سان نه ڪو واسطو نه رشتو رهيو آهي اهي هيرا ۽ سورما ۽ فاتح ڪري پيش ڪيا ويا آهن. مقصد رڳو اهو آهي ته سنڌي قوم پنهنجي اصليت نه ڄاڻي اونداهي ۾ رهي. اهڙي صورتحال ۾ لطيف سان رجوع ڪرڻ پنهنجي درد جي دوا کي هٿ ڪرڻ برابر آهي. لطيف کان غافل ٿيڻ پنهنجي برباديءَ کي يقيني بڻائڻ برابر آهي!
قرآن شريف به اها شاهدي پيش ڪري ٿو ته: ”اوهان کي قومن ۽ قبيلن جي صورت ۾ پيدا ڪيو ويو آهي، ته جيئن اوهان جي شناخت قائم رهي سگھي!“
لطيف جو قوم دوستي وارو فڪر اِنهي فرمان جو تسلسل آهي.