آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا

ڪتاب ”فوٽوگرافر جي آتم ڪٿا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنهن جو ليکڪ خواجه غلام علي کوساڻي آهي. سيد عالم شاه لکي ٿو: ”غلام علي بيشڪ وڏو ۽ رجسٽرڊ اديب نه آهي پر بنيادي طور تي هُو هڪ فوٽو يا وڊيو گرافر آهي ان ڪري سندس آتم ڪٿا جو هي ڪتاب ٻه اکرن بدران نقش گري يا تصوير ڪشيءَ جو هڪ شاهڪار لڳي ٿو. ...“
Title Cover of book فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا

اکر پڙهه الف جو

اکر پڙهه الف جو
”اسڪول جو دور“

14.13 سال عُمر، نور محمد هائي اسڪول ۾ پنجون ڇهون درجو پڙهندا هُئاسين، اسڪول ۾ مُنهنجو دوست عظيم هو، باقي شام جو، موڪل واري ڏينهن اسان جو راند جو ميدان ڏاڏا واري گلابي بلڊنگ جي پويان واري گهٽي هوندي هُئي جتي اسان دوست، جيڪي منهنجا سئوٽ، پڦاٽ چاچن جا پٽ هُئا، پر سڀ مونکان سال ٻه ننڍا هوندا هُئا، مان انهن جو ليڊر هوندو هئس، جيڪا راند مان چوندس اُها کيڏندا هُئاسين، سڀني تي ڏاڍا حڪم هلائيندو هُئس، هڪ ڀيري مون قانون ٺاهيو ته جيڪو ڇوڪرو گار ڏيندو يا غلط گُٿو اکر ڳالهائيندو اهو مون کي آنو ڏنڊ ڏيندو. ڪجهه ڏينهن موج ڪيم، پر پوءِ غريب عوام احتجاج ڪيو، بغاوت ڪئي. قانون مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اڪثر مان هٿ جا ڪوڙا جادو ٺاهي ڇوڪرن کي بيوقوف بڻائيندو هُئس. پندرهن سورهن سالن جو ٿيس ته ڪميونٽي جي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل ٿيس، مان قد جو ڊگهو هُئس، ان ڪري تيز بالنگ ڪندو هُئس، بيٽنگ به چڱي ڪندو هُئس، اسان نور محمد هائي اسڪول جي مسلم هاسٽل ۾ P.W.D گرائونڊ ۾ حُر ڪئمپ گرائونڊن تي ميچون ۽ ٽورنامينٽون کيڏندا هُئاسين، موڪل واري ڏينهن هيرآباد ۾ ماسي نبات واري گهٽيء ۾، ربڙ واري بال سان ڪرڪيٽ کيڏندا هُئاسين. پڙهائي ۾ مُنهنجي دل گهٽ لڳندي هُئي. ان ڪري هوشيار ته ڪو نه هُئس، پر بلڪل جهڏو به ڪو نه هُئس ٽيوشن به پڙهندو هُئس، سائين جمن ۽ سائين وڪيو کان جيڪي اسان جا اسڪول ٽيچر هُئا، اُن دور ۾ مسٽر بالادي (غلام حسين پالادي) تمام شاندار استاد ۽ هيڊ ماستر هو.... بحرحال مان ڪڏهين به فيل ڪو نه ٿيس. هر سال پاس ٿيندو هُئس.
عظيم ۽ مان دوست هئاسين، ڪڏهين ڪڏهين اسان ٻئي گهران ته ڪتاب کڻي اسڪول لاءِ نڪرندا هئاسين، پر بجاءِ اسڪول جي راڻي باغ گهمندا هئاسين، سگريٽ به پيئندا هئاسين، اسڪول جي موڪل ٿيندي هئي ته اسان ٻئي سول اسپتال واري پاسي روڊ تي بيهندا هُئاسين، پوءِ اُتان روزانو ٻه خوبصورت ڀينرون جيڪي سينٽ ميري اسڪول تلڪ چاڙهي ۾ پڙهنديون هيون، پنڌ هتان گذرنديون هُيون. اُهي اسان کي پسند هيون، يا سُٺيون لڳنديون هيون، اسان هنن جي پٺيان پٺيان. پر ڪافي فاصلي تان هلندا هُئاسين، هنن جو گهر به هيرآباد ۾ هو، گهر پهچائي پوءِ اسان به گهر هليا ويندا هُئاسين، اهو سلسلو به سال ڏيڍ تائين هليو. 15 سالن جي عمر ۾ عشق جو ڀوت سوار ٿيو، مان ۽ عظيم برادري جي ٻن ڪاٺياواڙي ڇوڪرين کي پسند ڪندا هئاسين. مون واري جيڪا سنهي ڊگهي قد واري خوبصورت ڇوڪري هُئي جنهنجو نالو نورجهان هو، عظيم واري جو نالو ممتاز هو. هو روزانو شام جو پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن سان گڏجي جماعت خاني وينديون هيون. وڃڻ واري ٽائيم تي اسان به ڏاڍا تيار ٿي، ٽيڊي پتلون پائي بيهندا هئاسين. هو اينديون هيون ۽ گذري وينديون هيون، ڪڏهين ڪڏهين ڪا اتفاقي نظر اسان تي پوندي هُئي ته اسان خوش ٿي ويندا هئاسين ۽ اُن هڪ نگاهه جا ڪيئي مطلب ڪڍندا هُئاسين. پر حقيقت ته اها هُئي جو هو انتهائي شريف نيڪ خاندان جون ڇوڪريون هُيون، عشق محبت ڏانهن هنن جو ڪو به ڌيان ڪو نه هو.
ڇوڪرين جون مائون اسان کي سمجهي ويون هيون ته هي ٻه ڇورا روز ٿا بيهن ۽ پٺيان پٺيان ٿا اچن، سو اُهي اسان کي ڪاوڙ ۽ نفرت سان ڏسنديون هيون، اسان به تمام ڊڄڻا ۽ شريف عاشق هُئاسين، ڪڏهين به ڪا اهڙي حرڪت ڪو نه ڪئي سين هنن جي پٺيان به فاصلي تي هلندا هئاسين، هنن کي اول جماعت خاني ۽ واپسي ۾ گهر پهچائي پوءِ ايندا هُئاسين. اسان ايئن سمجهندا هُئاسين ته ڇوڪريون ته اسان سان پيار ڪن ٿيون پر مائٽن جي خوف کان لفٽ نٿيون ڪرائين پر اصل ۾ ته ائين هرگز ڪو نه هو. سو اسان هلي هلي نيٺ بيزار ٿياسين، تڏهن اسان کي هڪ درويش ٽائپ فقير مليو. جيڪو سلاوٽن جي مسجد ٻاهران ويٺل هوندو هو. شايد ان به اسان کي روز انهن ڇوڪرين جي پويان ويندي ڏٺو هو. سو هڪ ڏينهن اسان وٽ آيو ۽ چيائين، توهان جون من مرادون ضرور پوريون ٿينديون، توهان جون محبوبائون به توهان لاءِ ائين ئي پيون تڙپن جيئن توهان آهيو، پر ڪجهه رڪاوٽون آهن، ڇوڪريون خوف ۾ مُبتلا آهن. مان توهان جي مدد ڪندس، ان رڪاوٽ جو ٽوڙ ڪندس، اهڙو عمل ڪندس جو محبوب توهانجي پيرن ۾ اچي ڪرندو. فقير چيو، ان لاءِ ٿورو صبر ڪرڻو پوندو، ڪاري جمعرات تي اهو عمل ڪندس، انلاءِ توهانکي ڪاري ڪڪڙ ۽ ٻيون به پسارڪيون شيون وٺي ڏيڻيون پونديون، ٿورو خرچ ٿيندو پر محبوب توهان وٽ پاڻ هلي ايندو. اسان فورن راضي ٿي وياسين، ٻنهي ڄڻن پنجاهه پنجاهه رپيا ڪڍي في الحال سئو رپيا هن کي ڏنا، هن هڪ هفتي کان پوءِ اچڻ لاءِ چيو. ڪاري جمعرات تي خبر ناهي ڪڏهين هُئي يا نه هُئي. اسان هفتي کان پوءِ فقير سان ملياسين، هن هڪ پُڙي ڪاغذ جي ڪڍي ۽ اسان کي چيائين هي جيڪا شئي آئون ڏيان ٿو. اها ڪا معمولي شئي ڪانهي، ان لاءِ ماڻهو هزارين رپيا خرچ ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن، پر اسان هر ڪنهن کي اها ڪو نه ڏيندا آهيون. بس جنهن لاءِ مٿان حڪم ٿيندو. ان کي ڏيندا آهيون. توهان ڀاڳن وارا آهيو، توهانجي مٿان کان سڻائي آهي. فقير اها پُڙهي ڏيندي چيو هي سُرمو آهي. پر هي ڪو معمولي سرمو ڪونهي وڏي ڪرامت وارو آهي، انتي مون چار راتيون عمل ڪيو آهي، بس توهان هن سُرمي جي هڪ هڪ ڪاني ٻنهي اکين ۾ لڳائڻ وقت محبوبه جو نالو ياد ڪري لڳائجو، اهو لڳائي پوءِ پنهنجي پنهنجي محبوب جي سامهون وڃجو بس هڪ ڀيرو هُن توهان جي اکين ۾ ڏٺو ته سمجهو پکي ڦاٿو. اسان ٻئي عاشق ڏاڍا خوش ٿياسين، ٻي ڏينهن ڏاڍو تيار ٿي، پنهنجي محبوب جو نالو دل ۾ وٺي سرمو لڳائي اچي روڊ تي بيٺاسين، شوق ۾ اسان ڪافي جلدي اچي ويا هئاسين، انتظار ڏکيو ٿي پيو هو، پر اسين بيٺا رهياسين، ٽائيم گذري ويو هو آيائي ڪو نه، اُن ڏينهن اسان جو سُرمو ضائع ٿي ويو پر خير سرمو اڃا بچيل هو. وري ٻي ڏينهن آياسين پر سُرمو لڳائي ڪو نه آياسين، اسان سوچيو ته ٿي سگهي ٿو اهو اڄ به نه اچن ۽ هي باقي ٿورو سرمو به ضائع نه ٿئي. اسان سوچيو ته جڏهين پري کان هنن جو ٽولو ايندو نظر تڏهن فورن سرمو لڳائي وٺنداسين. پوءِ ائين ئي ڪيوسين، پري کان هُنن کي ايندو ڏسي اسان ماچيس جي تيلي سان تڙ تڪڙ ۾ محبوب جو نالو وٺي سرمو لڳايو، سرمو ڇا لڳايو جلدي ۾ ڀنڀور کي باهه لڳائي هُئي، اکيون ڪاريون ڪري بيٺاسين، هنن جو ٽولو گذريو، پر سواءِ هنن جي ماءُ جي ٻيو ڪنهن به اسان کي ڪو نه ڏٺو، هاڻ اسين پريشان، سو اسان وري ٻي گهٽي مان تڪڙا تڪڙا ڦري وري هنن جي سامهون کان آياسين ۽ بلڪل هنن جي ڀر سان ڪراس ڪيوسين، هنن مان ڪن ڏٺو، ڪن جي هوائي نظر پئي، هاڻ اسان ٻڏتر ۾ ته خبر ناهي اسان واري محبوب ڏٺو يا نه، عظيم چيو يار مون واري ته ڏٺو آهي، پر مون کي پڪ ڪو نه هُئي، سو باقي جيڪو ٿورو سرمو بچيو هو. اهو مون ٻي ڏينهن استعمال ڪيو. ساڳي طرح وڏي جاکوڙ ڪرڻي پئي، ٻه ڀيرا هنن جي سامهون آيس، هن ڏٺو پر جهڙو ڪو نه ڏٺو، باقي ماڻس تمام غصي مان غور سان مون کي ڏٺو، هو سموريون حيران هيون ته هنن ڇورن کي ڇا ٿيو آهي جو اڳيان پويان پيا ڦرن، خير اسان ڏٺو ته هاڻ وڌيڪ ڊيگهه ڪئيسين ته پادر کائينداسين. ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا ڪو به نتيجو ڪو نه نڪتو، اسان هن فقير کي ڳوليو پر هو به اسان کان ٻه ٽي سئو رپيا ڦري گم ٿي ويو هو، بهرحال اسان ڏاڍو خوار خراب ٿي غالب جي ان سٽ جي صورت بڻجي وياسين.
”بهُت بي آبرو هوڪر تيري کوچي سي هم نڪلي....!!
1965ع واري انڊيا پاڪستان جنگ، بليڪ آئوٽ ۽ سائرن جا آواز، خوف ۽ حراس مون کي ٿورو ٿورو ياد آهي، ريڊيو تان جنگي گيت، شاستري ۽ هندن جي باري ۾ مزاحيا پروگرام، هوائي حملن جا هلڪا اولڙا ياد آهن، 1966 ۾ ٻوڏ آئي هُئي، درياهه ۾ زبردست چاڙهه هو، جنهن ملڪ ٻوڙهي ڇڏيا هُئا. اسان وارو درياهه جو هالا وارو بند ڀڄي پيو، نتيجي ۾ اسان واريون ٻنيون به ٻُڏي ويون هيون، سڀ فصل ختم ٿي ويا. اسين سخت مشڪل ۾ اچي وياسين، گذر سفر مشڪل ٿي ويو هو. نتيجي ۾ مون مئٽرڪ جو امتحان ڪو نه ڏنو ۽ پهريون ڀيرو مل ۾ نوڪري ڪئي. سائيٽ ۾ پاڪستان ٽيڪسٽائل مل ۾ ٽي مهينا مزدوري ڪئي، ٽن مهينن کان پوءِ زمين تان پاڻي سُڪيو ته اسان ٻاجهر جو فصل پوکيو جيڪو ٻوڏ واري سلٽ ۾ تمام ڀلو ٿيو هو، اگهه به سٺا هُئا. نتيجي ۾ سڀ نقصان پورا ٿي ويا. اهو پهاڪو درست ثابت ٿيو ته ”ٻڏي جا ٻيڻا“ ٿي ويا....... ٻي سال مون نائين ۽ ميٽرڪ جا امتحان ڏنا. پاس ٿيس.
35 ايڪڙ اسان جي زمين سرڪاري واٽر جي پوڇڙ ۾ هُئي. ان ڪري پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي. فصل سُڪڻ لڳا. ٻنيون غير آباد ٿي ويون. اسان جي حالت خراب ٿي وئي. مون وري گاهه جي ڪُتر جي ڪارخاني تي نوڪري ڪئي. اسان جي ڏاڏا ۽ بابا ڪوشش ڪئي ته زمين جي پاڻي جي پيچ بئراج واري واٽر تان ختم ڪرائي. اڪرم واهه، لائين چئنل مان پاڻي کڻڻ جي منظوري وٺون. اهو اڪرم واهه سڄو سال وهندو هو. جيڪو ايوب خان بدين ۽ لاڙ ۾ جيڪي فوجي جنرلن کي زمينون ڏنيون هيون. انهن لاءِ ڪڍرايو هو. ان واهه مان شروع ۾ ڪنهن به سنڌي زميندار کي پاڻي کڻڻ جو آرڊر ڪو نه هو. پر پوءِ ڪجهه ميرن پيرن ۽ سياست دانن اسپيشل اجازت نامه ورتا ۽ پاڻي کڻي رهيا هئا. ان بنياد تي اسان جي ڏاڏا به درخواست ڏني پر اسان غريب ننڍا ڪاشتڪار سو انڪار ڪري ڇڏيائون. ڏاڏا جيڪو اڳيئي عدالتن، ڪيسن ۽ قانونن جو ماهر هو، تنهن دعويٰ داخل ڪئي. ڏاڏا ٻين زميندارن جا ثبوت پيش ڪيا. تڏهين اسان ڪيس کٽيو.اسانکي به لائين چئنل تي پمپنگ مشين لڳائڻ جي اجازت ملي. اجازت ته ملي پر هزارون رپيا ڪٿان اچن جو اسان لائين چئنل تي پمپنگ مشين لڳايون. جنهن لاءِ پمپ کپن، پائيپ ۽ ڪوٺي ٺاهجي، زمين تائين ميل ڏيڍنئون واٽر ٺهرائجي. پوءِ اسان جي باهمت پوڙهي ڏاڏا ۽ بابا جدوجهد ڪئي. بابا امان جو ڪجهه سون وڪيو، ڪجهه بئنڪ ۾ گروي رکيو، ڪجهه قرض دوستن کان ورتو، باقي محنت ۽ مزدوري اسان پاڻ ڪئي. ڏاڏا روز عصر جو چئين بجي ننڊ مان اُٿي اسانجي گهر ايندو هو، امان کي چوندو مائي مٺا لولا ٺاهي. اسانکي ننڊ مان اٿاري مٺا لولا کارائي وٺي هلندو هو. چئنل تي، جتي ٻين مزدورن سان گڏ اسان کان به سخت ڪم ڪرائيندو هو. خير سائين مشين لڳي تيار ٿي پاڻي وهي هليو تڏهين ڏاڍي خوشي ٿي. مان ڪوڏر ڪلهي تي رکي پاڻي سان گڏ هلندو زمين تي پهتس، جڏهين سُڪل بنجر زمين ۾ پاڻي هلڻ لڳو تڏهين جيڪا خوشي اطمينان ۽ سڪون محسوس ٿيو، بيان کان ٻاهر آهي. رب جو شڪر ادا ڪيم.
مشين چالو ٿي، بابا مون کي سائيڪل وٺي ڏني، هاڻ روزانه صبح جو ستين بجي وڃي مشين چالو ڪري ٻنيءِ تي ويندو هُئس هارين نارين سان ڪم ڪار ڪري شام جو ڍڳيءَ جو کير کڻي واپس ايندو هُئس، بابا مون ساڻ واعدو ڪيو هو ته فصل لهندو ته اسڪوٽر وٺي ڏيندو. آهسته آهسته سڄي زمين آباد ٿي وئي، بابا مون کي هڪ پراڻو اسڪوٽر ارڙهين سون ۾ وٺي ڏنو. جنهن کي مون ۽ ماما عاشق علي ٺاهي جوڙي سينگاري تيار ڪيو هو.
سال ڏيڍ کان پوءِ بابا مون کي نئون سُپر اسڪوٽر وٺي ڏنو. جنهن تي مون جهنڊو به لڳايو هو. ان وقت سياست يا پارٽي وغيره ڏانهن ڌيان ڪو نه هو پر مون، ڳاڙهي ڪپڙي تي سنڌهه جي نقشي وارو جهنڊو لڳايو هو....
اسان جي ٻنيءِ تي ڪولهي هارين جو ننڍو ڳوٺ هو جتي ڇهه اٺ گهر ڪچا مٽيءِ جا جن ۾ ڪولهي ٻارين ٻچين رهندا هُئا. جڏهين پاڻي چالو ٿيو ۽ مون ٻنيءِ جو ڪم ڪار سنڀاليو، تڏهين بابا مون کي خاص طور ويهاري هڪ نصيحيت ڪئي، ته بابا هي پاڻ جا هاري ناري، هنن جا ٻار ٻچا ۽ نياڻيون اهي سڀ پاڻ جا ٻچا آهن. هي سڀ پاڻ جا حلالي پُٽ آهن، جيڪي پورهيو ڪري پاڻ کي کارائين ٿا، هي پاڻ جو ڪڙم قبيلو آهي، پاڻ جو رزق هنن وسيلي آهي ۽ هنن جو رزق پاڻ جي وسيلي سان آهي. هي ماڻهو پنهنجا آهن، هنن جي سار سنڀال ۽ مدد پاڻ کي ڪرڻي آهي، پاڻ هنن جا محافظ آهيون. هنن جي عزت ۽ خوشي پاڻ جي عزت ۽ خوشي آهي. ان ڪري هنن جيون نياڻيون پاڻ جون نياڻيون آهن. ان ڳالهه جو خاص خيال رکج. بابا اهو به ٻڌايو ته هي هاري ڪي اڄ ڪَل جا نوان هاري ڪونهن پر ڏيڍ سئو سالن کان پاڻ سان گڏ آهن. خير پوءِ اسين به هنن بزرگن کي چاچا، ماما، امان جيجان، ادي ۽ ڀيڻ چوندا هُئاسين، احترام ۽ عزت ڪندا هُئاسين، اسانجو وڏو هاري ۽ ڪمدار ليمبيو ڪولهي هو، انجي زال ڏاڍي خوبصورت هُئي، هاڻ ته پوڙهي هُئي، پر آثار ٻڌائين پيا ته عمارت شاندار هُئي، هنن جا ٻار به سُهڻا هُئا، پنج پٽ هڪ نياڻي، نياڻي جنهن جو نالو رادها هو، ماڻس تي وئي هُئي، اڇو رنگ، شيريون اکيون، سُنهري وار صرف ڪپڙن مان لڳندي هُئي ته ڪولهڻ آهي، رادها ڏاڍي تيز ۽ ڏنگي هُئي، اسان ڀائر ڀينر وانگر بي تڪليف هوندا هئاسين. ڳوٺ ۾ ٻه ٽي ڇوڪريون هيون. اسان پاڻ ۾ کل ڀوڳ چرچا ڪندا هُئاسين، رادها منهنجو چڙ جو نالو رکيو هو ٽانگارو. آئون ٻنيءَ تي ويندو هُئس ته چوندي، ”لي آوي گيو ٽانگارو،“ هو مونکي ٽانگارو ان ڪري چونديون هيون جو آئون سنهون ڊگهو هُئس، منهنجون ٽنگون به سنهيون ڊگهيون هيون، ان ڪري هنن اهو نالو ڏنو هو. اسين ڪولهين جي گهرن ۾ کائيندا پيئندا هئاسين، هولي واري تهوار تي ڇوڪريون اسانکي به رنگ هڻنديون هيون. ڏياريءَ تي جام مٺايون ۽ مٺا لولا کائيندا هُئاسين. بهرحال اهي چار پنج سال جيڪي ٻنين تي رهيس، شاندار هئا. اڪثر سوچيندو هُئس، هتي ئي گهر ٺاهجي ۽ رهجي. ڳوٺ جي ڀر ۾ وڏا انبن جا وڻ هئا جن تي چڙهي ويهڻ ۾ مزو ايندو هو. دل چوندي هئي ته ان وڻ تي ننڍو ڪمرو يا آکيرو ٺاهجي، کليل فضائن ۽ ساوڪن ۾ سُڪون ملندو هو. شايد اهڙي ئي ڪنهن لمحه ۾ ڊاڪٽر اقبال چيو هو،
”دامن مين کوهه ڪي اک، چهوڻا سا جهوپڙا هو“