بهادر ٽالپر ڇتو مادراڻي
پيارا مير حاجن پنهور
اميد ته اوهان خوش هوندؤ. اوهان پنهنجو تازو شعري مجموعو ”رنگ، خوشبو ۽ گل“ مون کي جنهن پاٻوهه مان گفٽ ڪيو آهي ان لاءِ آئون ڇا چوان؟! سواءِ ان جي ته ”ٿورا، نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا“.
پيارا! اوهان فون تي ڪجهه ڏهاڙا پهرين چيو هو ته آئون اوهان جو ڪتاب پڙهي ڪي ريمارڪ به ڏيان... مون اوهان جو ڪتاب اڃا مڪمل پڙهيو ڪونهي ۽ شايد منهنجي اها وڏي ۾ وڏي ڪمزوري آهي ته آئون ڪا به شيءِ مڪمل طور پڙهي نه سگهندو آهيان. پر جيڪو ڪجهه پڙهندو آهيان ته پنهنجي ليکي ڌيان سان پڙهندو آهيان. معصوميت جنهن هيٺ رهي ڪو شاعر پنهنجي شاعري سرجيندو آهي. مون لاءِ اهو سوال رهيو آهي ته اهڙي معصوميت پڙهندڙ ۾ به هئڻ کپي يا نه...؟! ”معصوميت“ جو لفظ مون ان ڪري استعمال به آندو آهي جو گهڻن شاعرن لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته اُهي پنهنجي شاعري ۾ معصوم لڳندا آهن. انهن جي شاعري تضع (ٺاهه ٺوهه) کان آجي به ان ڪري هوندي آهي ڇاڪاڻ ته هو معصوم هوندا آهن. معصوم لفظ توڙي ان جي ڪيفيت جي تفصيل ۾ وڃڻ بدران جيڪڏهن آئون چوان ته رات ستارن سان سونهي ٿي. نئين نويلي ڪنوار گهونگهٽ ۾ ئي سونهندي آهي ۽ هڪ شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ ئي سونهندو آهي ته بجا ٿيندو. سونهن جنهن جو عام تصور ڇا به هجي؟! پر هڪ شاعر وٽ اهو جُدارو ئي هوندو اهي. شاعر ڪوجهي ۽ ڪاري ماڻهو ۾ به سونهن تلاش جي جستجو رکندو آهي ته پٿر مان ڪنهن مصور جيان حسين تصوراتي مورت لفظن جي مالها ۾ پوئي اچي اڳيان رکندو آهي، شاعري لاءِ ڪنهن چيو ته ”اها احساس جي تاريخ آهي“ انهن لفظن ۾ ٿوري ترميم ڪري ائين چئجي ته ”اها احساسن جو سمنڊ آهي“ ته به بجا ٿيندو. ڇاڪاڻ ته احساس ئي ٻين ڪجهه شين سوڌو شاعريءَ جي جنم جا سرچشما آهن. شاعر طويل رستي جا مسافر هوندا آهن. اهو رستو، جنهن جون راتيون به طويل هونديون آهن ته ان جا ڏينهن به اياز جي لفظن ۾ ”ڪڙهائيءَ جيئن ڪڙهندا“ آهن. هڪ باشعور شاعر وٽ طويل رات هڪ استعاري طور هوندي آهي ۽ هو ان استعاري کي مختلف هنڌن تي مختلف نموني ٽريٽ ڪندو رهي هو. جيئن اوهان پنهنجي هڪ غزل جي شعر ۾ رات کي اظهاريو آهي. ”توکي ساري رات اسان هو، تارن سان گڏ ڪاٽيو ٽاڻو“ رات فطرت جي مظهرن مان هڪ سهڻو مظهر آهي. سهڻو ان معنيٰ ۾ ته اهو ڏينهن جي اهميت جي آشنائي ڏي ٿو. جيڪڏهن رات نه هجي ها ته ڏينهن جي اهميت ئي ڪهڙي هئي؟! ائين ئي ڀلا جدائي نه هجي ها ته ڪنهن کي رات جي وڳڙي م سارڻ ڪهڙي معنيٰ ٿي رکي سگهيو؟! جدائي جو ٽاڻو (وقت) به ڏاڍو تلخ ٿئي ٿو. هونئن ته هڪ شاعر جي نصيب ۾ ڪيتريون ئي تلخيون اينديون آهن ۽ هو انهن تلخين کي نازڪ جذبن ۽ احساسن جي رنگن جي آميزش ۾ رڱي شاعريءَ ۾ پرکي ٿو. پر هڪڙي اهم ۽ تلخ حقيقت خود هن لاءِ زندگي به آهي. زندگيءَ ۾ ڇا وهي واپري ٿو؟ ڪهڙا ڏک ڏاکڙا، ڪهڙيون خوشيون مسرتون ۽ حسناڪيون زندگي آڇي ٿي؟! اهڙين ڳالهين کي ٻين شاعرن جيان اوهان به موضوع سخن بنايو آهي. مجموعي طور تي اوهان اجتماعي توڙي انفرادي ڏک پيڙائون ۽ زندگيءَ جا مختلف الميا پنهنجي شاعري ۾ آندا آهن. تصوف جيئن ته هاڻي همعصر دور جو گهڻي ڀاڱي موضوع نه رهيو آهي پر اوهان جي نظم: ”تون خدا کي ڪٿ پيو ڳولين؟“ ۾ ان جو اُهاءُ ملي ٿو. ان مان مون کي ائين لڳو ته اوهان روايت کي به پنهنجي شعاري ۾ گڏ کڻي هلڻ گهرو ٿا. منهنجي دعا آهي ته اوهان جي شاعري روايت جي رنگ سان گڏ ”جدت جو سنگ“ به ماڻي ۽ جدت جو سنگ ماڻن لاءِ مطالعي ۽ مشاهدي سان گڏ رياضت جي به ضرورت پوندي ۽ يقيناً اوهان اهڙين ڳالهين کان آگاهه هوندا!
فقط نيازمند
بهادر ٽالپر ڇتو
مادراڻي - ضلعو بدين