ڪالم / مضمون

نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

محمود مغل لکي ٿو:
”هن ڪتاب ۾، ڏاڏاهي صاحب تقريبن اڌ صديءَ جو سفر طئه ڪيو آهي. سندن نثر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هٿن جي جاءِ تي، دل جون آڱريون لکي رهيون آهن. لهجي ۾ ڪا بناوٽ ڪانهي ۽ قلم جي ڪاٽَ ۾ پنهنجي جاءِ تي اُها تِکائي آهي، جيڪا ڪنهن ڪالم جو مزاج بڻجي سگهي ٿي. سندن تحريرن ۾ ٻي خاص ڳالهه سندن موضوع آهن. عام رواجي ڳالهين کي بي انتها گهرائپ ۽ ڳُوڙهائپ سان کِلندي کِلندي ڏاڏاهي صاحب بيان ڪري ويا آهن.
ڏاڏاهي صاحب، ڪمال مهربان وجود آهن. وٽن جيڪِي ڪجهه آهي، انهيءَ جي کين ڄاڻ آهي ۽ جيڪِي ڪجهه نه اٿن، انهيءَ جي به سُڌ رکن ٿا ۽ اهو مٿن، سهڻي جو ڪيڏو نه ڪرم آهي. “
Title Cover of book نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

من موهيندڙ ماڻهو

لطيف سرڪار جي سهڻي ۽ صدوري سرزمين سنڌ، مانائتن محبتي مٺڙن ماڻهن سان ڀري پئي آهي، ڪنهن جو ذڪر ڪري ڪنهن جو ڪجي، پر انهن ۾ ڪي انتهائي دلربا ۽ پرڪشش شخصيتون هونديون / ٿينديون آهن. قرب وارو ڪوثر ٻرڙو بلاشبه اهڙو ئي پيارو ۽ من موهيندڙ ماڻهو آهي، سدائين مرڪ منهن تي، جڏهن به ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ساڻس ملڻ وڃبو هو ته ڏسندي ئي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي ڀاڪر پائي ملندو هو. پورو عرصو ته ياد ناهي پر ڀانيان ٿو ته اٺ سال کن غلام قاسم ‘ڪوثر’ ٻرڙو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي بحثيت پروڊيوسر رهيو، اسان جو ٿوري وقت ۾ پيار وڌي عشق جي حد تائين پهچي ويو، ليڪن اها خبر اڄ تائين ڪنهن کي به پئجي نه سگهي ته اسان ٻنهي مان عاشق ڪير ۽ معشوق ڪير آهي.
ڪيڏو نه خوش قسمت آهي ڪوثر جو هڪ ئي وقت مخلص دوست، خوبصورت شاعر، نثر نويس ۽ بهترين براڊڪاسٽر آهي. سندس دوستن جو حلقو وسيع آهي پر پاڻ مون تي خصوصي طور تمام گهڻو مهربان رهيو آهي. حيدرآباد مان جڏهن بدلي ٿيو ته يارن دوستن سندس پُرتڪلف الوداعي دعوتون ڪيون ۽ آخر ۾ پاڻ وري پنهنجن يارن قربدارن جي پروقار دعوت ڪيائين، جنهن ۾ آئون باوجود بيمار هئڻ جي به هلي وڃي حاضر ٿيس، ڇو جو قرب وارن جي قربائتي ڪوٺ تي پاڻ کڻائي به وڃي پهچبو آهي، سو وڃي پهتس. رات جي ماني کائي جڏهن موڪلايوسين ته مون سميت الائجي ڪيترا سندس دوست لڙڪ روڪڻ جي ڪوشش ڪندي به روڪي نه سگهيا هئا. ظاهر آهي ته ان مهل ڪوثر صاحب جي ڪهڙي حالت هوندي ! ڪوثر سندس غزل ۾ الائي ڪنهن کي چيو آهي ته، ”تون منهنجو صنم آهين، مان تنهنجو صنم آهيان“ پر اسين سمورا دوست کيس پنهنجو ’صنم‘ ٿا سمجهون.
سچ پچ ڪوثر صاحب جي آفيس، آفيس گهٽ اوطاق وڌيڪ لڳندي هئي. شاعر، اديب، فنڪار، اداڪار، صداڪار، صحافي، ڪمپيئر ۽ ٻيا دوست ڪرسيون والاريو ويٺا هوندا هئا. خوبصورت آواز جو مالڪ انائونسر ۽ صداڪار محمد علي ٻگهيو مرحوم به هر وقت حاضر هوندو هو. ڪڏهن ڪوثر صاحب موجود نه هوندو هو ته منهنجي خاطر تواضع محمد علي ٻگهيو مرحوم ڪندو هو. غفور گل کان سواءِ مذڪوره اوطاق نما آفيس ٻُسي ٻُسي پئي لڳندي هئي. ان کان علاوه استاد فيروز گل مرحوم ۽ امين ارباب پڻ حاضر هوندا هئا. سنجيده ڪچهريءَ سان گڏوگڏ کل ڀوڳ جو سلسلو به جاري رهندو هو. منجهند جي ماني ڪڏهن محمد عثمان منگي صاحب سان گڏ ‘فاران’ هوٽل ۾ وڃي کائبي هئي ته ڪڏهن ڪوثر صاحب پريس ڪلب جي ڪينٽن تان ماني گهرائي مانجهاندو ڪرائيندو هو ۽ ڪڏهن وري اسان جو سهڻو فنڪار غفور گل، گول بلڊنگ جي ڀرواري سندس گهران پراٺا ۽ تريل پٽاٽا کڻي ايندو هو. جيڪي ڏاڍا لذيذ هوندا هئا.
ڪڏهن ائين به ٿيندو هو جو آئون سويري پهچي ويندو هوس. ڪوثر صاحب سيٽ تي موجود نه هوندو هو ۽ جيڪڏهن اتفاق سان ’صبحِ مهراڻ‘ جي سلسلي ۾ ٻئي با اخلاق ۽ باصلاحيت ڪمپيئر ’ملاح سسٽرس‘ آفيس ۾ هونديون هيون ته وڏي عزت ۽ احترام سان ڀليڪار ڪنديون هيون ۽ هڪدم پٽيوالي کي سڏي چانهه بسڪيٽ به گهرائي وٺنديون هيون. مطلب ته ڪوثر صاحب جي ڪمي محسوس ٿيڻ نه ڏينديون هيون. ‘صبح مهراڻ’ ته جاري و ساري آهي. ليڪن ٻنهي ڪمپيئر ڀينرن جي ڪمي اڄ تائين محسوس ٿئي پئي. الله سائين خوش رکين.
منهنجي ناقص تجربي مطابق نوڪريءَ وارن ماڻهن / دوستن مان ٽرانسفر ٿيڻ کان پوءِ ڪو ورلي ياد ڪندو آهي، سچ پچ ته ڪوثر ٻرڙي ۽ محمد عثمان منگيءَ انهي ڳالهه کي غلط ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ۽ خط توڙي ٽيليفون وسيلي ياد پئي ڪيو آهي. ڪوثر صاحب ريڊيو خيرپور، ريڊيو پاڪستان تربت ۽ لاهور مان به وقت بوقت ياد ڪندو رهندو هو ۽ اهو سلسلو هينئر به جاري آهي، وري اسان ٻنهي جو مشترڪه دوست ۽ ثقافتي شخصيت محمد عثمان منگي ٽنڊي الهيار مان بدلي ٿي وڃڻ کان پوءِ سجاول هجي يا سانگهڙ، موري هجي يا ماتلي ،سکر هجي يا شهدادپور ٽيليفون جا ڪڙڪا ڪندو رهيو. سو ڳالهه پئي ڪيم قرب واري ڪوثر ٻرڙي جي، ڪجهه سال پهرين پاڻ پنهنجي پهرئين شعري مجموعي لاءِ ٻه ٽي اکر لکڻ جو حڪم ڪيائين ۽ مون به هن مضمون / تاثر جهڙيون ڪچيون ڦڪيون ڪجهه سٽون لکي حڪم جي تعميل ڪئي. وري ٿيو هيئن ته ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ سندس يادگيرين تي مشتمل نثر جو بهترين ڪتاب ياد گهر اچي پهتو. جنهن ۾ مون ناچيز جو ذڪر، فوٽو ۽ خط وغيره شامل ڪرڻ جو شرف بخشيائين. ڪوثر صاحب ’ياد گهر‘ ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور، لاڙڪاڻي، تربت ۽ لاهور بابت ايتري معلومات مهيا ڪئي آهي جو پڙهڻ وارو ائين پيو ڀائيندو ڄڻ هو پاڻ پنهنجن اکين سان اهي اسٽيشنون ۽ شهر ڏسي گهمي آيو آهي.
آئون بنا خوشامد سچ ٿو چوان ته ڪوثر ٻرڙي جهڙي يار ويس، قرب ۽ سچائي هر هڪ ۾ نه پر ڪن چند محبتي ماڻهن ۾ هوندي آهي. ڪوثر صاحب جا اسان پارن ڪيترن ئي دوستن تي ٿورا آهن، جيڪي لاهي نه سگهيا آهيون، ليڪن ڳائبا ضرور پيا. دعاگو آهيان ته الله تعاليٰ کيس ٻچڙن سميت خوش رکي، شال سدائين مرڪندو ۽ مهڪندو رهي. (آمين)

[ڇپيل: ’ادب‘ ڊسمبر 2003ع]