نامياري شاعر ۽ ليکڪ موهن ڪلپنا جي مختصر آتم ڪٿا جو ڪتاب ”بُک عشق ادب“ اوهان اڳيان پيش آهي. موھن پنھنجي آتم ڪٿا ۾ دل کولي سڀڪجهھ لکيو آھي. اھوئي سبب آھي جو موھن جو نالو؛ اسان سمورن سنڌين جي دلين تي اُڪريل آھي ۽ ان کي ڪو به مٽائي نه ٿو سگھي. هو لکي ٿو:
”جھاز ھليو ۽ مان آھستي آھستي سنڌ جي ڌرتيءَ کان پري ٿيندو ويس. سڀ ته ياد اٿم.
خيال آيم ته ھوا جو جھوٽو بڻجي وڃان ۽ سنڌ جي زمين، مڪانن ۽ ماڻھن کي چمڻ شروع ڪريان. ڪتو ٿي وڃان ۽ سنڌ جي رستن تي ھلڻ شروع ڪريان. ڀنگي ٿيان ۽ سنڌ جي زمين تي ٻھاري ڏئي ان جي مٽيءَ سان سنانَ ڪريان. شايد چيز جو قدر وڃائڻ مھل پائبو آھي“.
آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
بک عشق ادب
- 5.0/5.0
- 5742
- 1699
- 4 سال اڳ
- 0

سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”بُک عشق ادب“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ليکڪ موهن ڪلپنا جي مختصر آتم ڪٿا آهي.موھن پنھنجي آتم ڪٿا ۾ دل کولي سڀڪجھ لکيو آھي. اھوئي سبب آھي جو موھن جو نالو؛ اسان سمورن سنڌين جي دلين تي اُڪريل آھي ۽ ان کي ڪو به مٽائي نه ٿو سگھي. هو لکي ٿو:
”جھاز ھليو ۽ مان آھستي آھستي سنڌ جي ڌرتيءَ کان پري ٿيندو ويس. سڀ ته ياد اٿم.
خيال آيم ته ھوا جو جھوٽو بڻجي وڃان ۽ سنڌ جي زمين، مڪانن ۽ ماڻھن کي چمڻ شروع ڪريان. ڪتو ٿي وڃان ۽ سنڌ جي رستن تي ھلڻ شروع ڪريان. ڀنگي ٿيان ۽ سنڌ جي زمين تي ٻھاري ڏئي ان جي مٽيءَ سان سنانَ ڪريان. شايد چيز جو قدر وڃائڻ مھل پائبو آھي“.
هي ڪتاب 2002ع ۾ سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين رزاق بجير جا جنهن هن ناول کي فيسبوڪ پيج تي قسطوار ڪمپوز ڪري رکيو آهي ۽ اسانکي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ به رکڻ لاءِ موڪليو. پياري راشد شر کي جس هجي جنهن هن ناول جون سڀ قسطون سهيڙي ڪتابي شڪل ڏني. پروف جون چُڪون ڪمپوز ڪندڙ ۽ اسان طرفان سمجهجو.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ موھن ڪلپنا
- ڇپيو ويو 2002
- ڇپائيندڙ سنڌي ساهت گهر
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 21/Jun/2017
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 1699 ڀيرا