4. سُر بروو سنڌي
سُکن وٺي ڏُکن کي، محڪُم ڏني موڙ،
جا پَرِ کَٽئ کوڙَ، ساپَرِ سُورِن سين ٿئي.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 380 سال 1900ع)
اَڄُ پِڻُ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسِتُ پيهي دَرِ آئِيو،
سُکَنِ اَچي ڏُکَنِ کي، مُحڪَمُ ڏِني موڙَ،
جا پَرِ کَٽيءَ کوڙَ، ساپَرِ سورَنِ سين ٿِئي.
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 384 مڪتبه برهان )
اَڄُ پَڻِ جُڙِئَمِ جوڙَ، جيئَن دوسِتُ پيهي دَر آيو،
سُکَنِ وَٺِي ڏُکَنِ کي، مَحڪُم ڏِنِي موڙَ،
جَا پَرِ کوٽَنَ کوڙَ، سَا پَرِ سُورَنِ سان ٿي.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 404 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)
اَڄُ پڻُ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسَتُ پيهِي دَرِ آئِيو،
سُکَنِ وٺي ڏُکَنِ کي، مَحڪُم ڏنِي مُوڙَ،
جا پَرِ کَوٽَنِ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ ساٿِيين.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 505 سال 2013)
اڄ پڻ جُڙِيَمِ جوڙَ، جيئن دوست پيهي در آئيو،
سکن وٺي ڏکن کي، محڪَمُ ڏني مُوڙَ،
جا پَرِ کَوٽَنَ کوڙَ، ساپر سورن سين ٿي.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ ص457-458سال 1995)
اڄ پڻ جُڙيم جوڙ، دوست پيهي در آئيو،
سکن وٺي ڏکن کي، محڪم ڏني موڙ،
جا پر کٽيءَ کوڙ، ساپر سورن سين ٿي.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر بروو سنڌي ص 502سال 1994 )
اَڄُ پِڻُ جُڙيَم جوڙَ، دوست پيهِي دَرِ آئِيو،
سُکن وٺي ڏُکن کي، مَحڪُم ڏني موڙ،
جا پَرِ کٽئ کوڙَ، ساپَرِ سُورَنِ سِين ٿئي.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 422 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )
اَڄُ پُن جُڙِيَمِ جوڙَ، دوس پيهِي دَرِ آئِيو،
سُکهَنِ اَچي ڏُکهَنِ کهي، مَحکَمُ ڏِنِي موڙَ،
جَا پَرِ کَهَٿريَ کهوڙَ، سا پَرِ سُورنِ سَان تهِي.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 491 بااختيار ادارو سال 1994 )
اڄ پڻ جڙيم جوڙ، دوست پيهي در آئيو،
سُکنِ وٺي ڏُکنِ کي، محڪُم ڏني موڙ،
جا پَرِ کَٽئ کوڙُ، ساپَرِ سُورن سين ٿئي.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 505 بااختيار ادارو سال 1994 )
اَڄُ پُڻ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسَتُ پيهِي دَرِ آئِيو،
سُکَنِ وَٺِي ڏُکَنِ کي، مَحڪَمُ ڏِنِي موڙَ،
جا پَرِ کَٽِيءَ کور، ساپَرِ سُورَڻِ سين ٿِئِي.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 640 سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
اَڄُ پُڻ جُڙيَمِ جوڙَ، دوستُ پيهِي دَرِ آئِيو،
سُکَنِ وَٺي ڏُکَنِ کي، مَحڪُمَ ڏِنِي موڙ،
جا پَرِ کَٽِريءَ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِئِي.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 97 سال 2009 سنڌ ثقافت)
اَڄُ پُڻِ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسُ پيهِي دَرِ آئِيو،
سُکَنِ اَچِي ڏُکَنِ کي، مَحڪُمُ ڏِنِي موڙَ،
جا پَرِ کَٽِيَ کوڙَ، ساپَرِ سُورَنِ ساڻُ ٿِي.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 369 سال 2013ع روشني)
اڄ پڻ جُڙيم جوڙ، دوست پيهي در آئيو،
سکن وٺي ڏکن کي، محڪم ڏني موڙ،
جا پر کٽيءَ کوڙ، ساپر سورن سين ٿئي.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 392سال 2009ع مهراڻ)
اَڄ پڻ جُڙيم جَوڙ، جِيئن دوست پيهي در آيو،
سُکن وٺي ڏکِن کي، مُحڪم ڏَني موڙ،
جا پر کَٽِين کَوڙ، سا پَر سُورن سين ٿئي.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر بروو سنڌي ص 287 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
اڄ پڻ جُڙيم جوڙ، دوست پيهي در آئيو،
سکن وٺي ڏکن کي، محڪم ڏني موڙ،
جا پر کٽيءَ کوڙ، سا پر سورن سين ٿئي.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 502 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
اڄ پڻ جڙيم جوڙ، دوست پيهي در آئيو،
سکن وٺي ڏکن کي، محڪم ڏِني موڙ،
جا پر کيٽن کوڙ، ساپر سورن ساڻ ٿي.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 229 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)
اَڄُ پُڻُ جُڙيم جوڙَ، دوستُ پيهي درَ آئيو،
سُکَنِ وَٺي ڏُکَنِ کي، مَحڪُم ڏِني موڙَ،
جا پَرِ کوٽَنِ کوڙَ، ساپَرِ سُورَنِ ساٿِيين.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو (چونڊ ڪلام) سُر بروو سنڌي ص 220 سال 2011ع مهراڻ)
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جيئن)، (دوست، دوسُ)، (آئيو، آيو)، (اچي ڏکن، وٺي ڏکن)، (کٽيءَ، کوٽن، کيٽن، کٽين، کٽري)، (کور، کوڙ)، (سان ٿئي، سين ٿي، سين ٿئي)
الف. جيئن: هي لفظ فقط ٽن صاحبن لکيو آهي، ممتاز مرزا، ٻانهون خان شيخ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي. اسان انهن صاحبن جي لکيل لفظ کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت ۾ هن ڪري مناسب نه ٿا سمجهون جو اهو لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه اسان جي تحقيق مطابق بيت ۾ فرمايو ئي نه آهي. اهو هن ڪري چئون ۽ لکون ٿا ته جيڪڏهن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه لفظ ”جيئن“ بيت جي پهرين مصرع ۾ فرمائي ها ته ٻي مصرع ۾ لفظ ”تيئن“ ضرور فرمائي ها. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جو هي دستور رهيو آهي ته لفظ ”جيئن بعد تيئن“ ۽ ”جتي جيتريون الفاظ بعد، تتي تيتريون“ الفاظ فرمايا آهن جيئن لفظ ”جيئن“ سيّد عبدالعظيم ۽ ممتاز مرزا بيت جي پهرين مصرع ۾ پنجون نمبر لکيو آهي. اسان جي اهڙي راءِ جي تصديق انهيءَ ئي بيت جي آخري مصرع منجهان ڪري سگهو ٿامصرع ملاحظه فرمايو:
”جاپر کوٽن کُوڙ، ساپر سورُن سين ٿِي“
هن مصرع ۾ ”جاپر“ بعد ”ساپر“ الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايا آهن.
ب. دوست، دوسُ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي هن بيت ۾ لفظ ”دوس“ فقط ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ غلام محمّد شاهواڻي لکيو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه ، اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”دوس“ نه فرمايو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته بيت ۾ لفظ ”دوست“ جي ”ت“ ماترائن واري وزن کان وڌيڪ نه آهي. هن لفظ جي تخفيف جي ضرورت نه آهي. تنهنڪري اسان جي تحقيق مطابق مٿين صاحبن لفظ ”دوس“ غلط لکيو آهي.
ت. آئيو، آيو: لفظ ”آيو“ ٻانهي خان شيخ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي. هنن صاحبن اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت ۾ نامناسب لفظ استعمال ڪيو آهي. هن جي هڪ ماترا کٽل آهي. ”آئيو“ نهايت ئي موزون لفظ آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَرحه ڪڏهن به ناموزون لفظ استعمال نه ڪيو آهي. ٻين مٿي ڄاڻايل صاحبن لفظ ”آئيو“ درست لکيو آهي.
ث. اچي، وٺي: جن صاحبن لفظ ”وٺي“ لکيو آهي، تن اسان جي تحقيق مطابق غلط لفظ استعمال ڪيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هڪ بيت فرمايو آهي :
تنيـن ڏکن کي شاباس، جنين مون سين گهاريو،
جـڏهـن پــريـن سين ملياس، ته ويچارا وري ويا.
هن بيت منجهان ثابت ٿئي ٿو ته سسئي سان ڏک گڏ هئا. جڏهن سندس پرين (پنهل) آيو ته سُک آيا ۽ ڏک هليا ويا.
قارئين ڪرام! هي بيت به اهڙي قسم جو آهي،
”سُکن اچي ڏ کن کي محڪم ڏني موڙ“
انهن مثالن لکڻ بعد اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”اچي“ لکيو آهي تن درست لفظ لکيو آهي.
ج. کٽيءَ، کوٽن، کٽين، کٽري،کيٽن: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ”کهٿري“ لفظ لکيو آهي (ص491 ) جديد صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”کٽري“ لکبو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به لفظ ”کٽري“ (ص 77) تي لکيو آهي. اسان انهن ٻنهي صاحبن جي لکيل لفظ کي غلط قرار ڏنو آهي. اهو هن ڪري ته بيت ۾ اهو لفظ اُتراڌي لهجي وارو آهي. لاڙ ۽ وچولي سنڌ جو لهجو نه آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو اهو لفظ ”کٽي“ فرمايل آهي. جن صاحبن ”کٽي، کٽيءَ“ لکيو تن صاحبن درست لکيو. لفظ ”کيٽن“ فقير تاج محمّد نظاماڻي جي بيت ۾ لکيل آهي، اسان هي محسوس ڪيون ٿا ته اها غلطي ڪمپوز ڪرڻ واري جي آهي ۽ نه فقير تاج محمّد نظاماڻي جي. نظاماڻي صاحب ”کٽين“ مسودي ۾ لکيو ۽ ”کٽين“ لفظ سگهڙ حاجي الهداد جنجهي به لکيو. اسان جي تحقيق مطابق بيت ۾ لفظ ”کٽي“ زياده مناسب آهي. اهو هن ڪري ته ”کٽي“ واحد لفظ استعمال ڪيو ويو آهي.
ح. کور، کوڙ: لفظ ”کور“ صرف علامه آءِ آءِ قاضي جي بيت ۾ لکيل آهي. علامه صاحب کان اهڙي غلطي ٿي نه ٿي سگهي ڪمپوزر لفظ ”کوڙ“ بجاءِ لفظ ”کور“ لکڻ جي غلطي ڪئي.
ياد رهي ته! ”کوڙ“ يا ”کوڙي“ چئبو آهي ڪاٺ جي ان ٿُلهي ڦَٽي کي جنهن تي کٽي ڪپڙا ڪُٽيندا ۽ سٽيندا آهن.
خ. سان، ساٺ، سين: قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”سان ۽ سين“ لکڻ وارن غلط الفاظ لکيا آهن لفظ ”ساڻ“ ئي درست لفظ آهي جيڪو حضرت ڀٽ ڌڻيء رحه پنهنجي بيت ۾ فرمايو. اهو لفظ ”ساڻ“ فقط ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ساٺ“ لکيو آهي. اهو لفظ جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ساڻ“ لکڻ گهرجي.
د. ٿي، ٿئي، تهي، ٿيين: لفظ ”تهي“ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ اردو لپي ۾ لکيو آهي. اهو لفظ جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ٿي“ آهي. اهو لفظ ”ٿي“ ممتاز مرزا، فقير تاج محمّد نظاماڻي، غلام محمّد شاهواڻي ۽ ٻانهي خان شيخ اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو آهي. ۽ جن صاحبن لفظ ”ٿئِي“ لکيو تن به لفظ قديم سنڌي صورت خطيءَ مطابق درست لکيو ٻين صاحبن لفظ ”ٿئي“ کي زيرون زبرون نه ڏنيون آهن تنهنڪري سواءِ حاجي محمّد سمي ڪاتب جي ٻين صاحبن جي لکيل لفظ ”ٿِئِي“ (تهئي) کي نامناسب قرار ڏيون ٿا.
تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي:
[b]
اَڄ پُڻ جُڙِيم جُوڙ، دوست پيهِي در آئِيو،
سُکن اَچي ڏُکَن کي، مُحڪُم ڏِني موڙَ،
جَا پَر کَٽِيءَ کوڙَ، سَا پَر سُورَنِ سَاڻَ ٿِي.[/b]
معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته اڄ مُنهنجي محبوب سان منهنجو جوڙ جڙيو (محبوب سان منهنجو ميلو ٿيو) منهنجو دوست منهنجي گهر جي دروازي اندر گهڙي آيو ته سک ساڻس گڏجي آيا، انهن سکن اچي منهنجن ڏکن کي مون کان موڙي ۽ پري ڪري ڇڏيو. جيئن ڪپڙن ڌوئڻ وارو کٽي ڪاٺ جي ڦَٽي ۽ ڦَهري کي ڪپڙن ساڻ ڪُٽيندو ۽ سَٽيندو آهي، تيئن منهنجن سورن ساڻ به تعدي ٿي. سکن، ڏکن کي منهنجي پرين جي اچڻ کان پوءِ سَٽي وڌو.
*****
عشق اهڙي ذات، جو مانجِهي مُنجهائي مَيَنِ کي،
ڏِينهان ڏورڻُ ڏنگرين، رُوئڻُ سَڄيائي رات،
اُٿي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبوُبَن جِي.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 380 سال 1900ع)
عشقُ اَهڙي ذاتِ، جو مانجِهي مُنجهائي مَيَنِ کي،
ڏِينهان ڏورَڻُ ڏُنگَرِين، رُوئَڻُ سَڄيائي راتِ،
اُٿي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبوُبَنِ جي.
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 385 مڪتبه برهان )
عَشُقَ اِهڙِي ذَاتِ، جو مَانجِهي مُنجَهائي مَيَنِ کي،
ڏِينهَان ڏورَڻُ ڏُونگَرين، رُئَڻُ سَڄِيَائِي رَاتِ،
اُٿي ويٺي تَاتِ، مِيَان مَحبوُبَنِ جِي.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 407 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)
عِشقُ اَهڙِي ذاتِ، جو مانجهي مُنجهائي مَيَنِ کي،
ڏِيهان ڏورِنِ ڏُنگرين، رُئنِ سَڄائِي راتِ،
اُٿي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبُوبَنِ جِي.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 507 سال 2013)
عشق اهڙي ذات، جو مانجهي مُنجهائي مُينِ کي،
ڏينهان ڏورڻُ ڏنگرين، رئِن سَڄيائي رات،
اٿي ويٺي تات، ميان! محبوبن جي.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ ص458سال 1995)
عَشقُ اَهڙِي ذاتِ، جو مانجهِي مُنجهائي مَيَنِ کي،
ڏينهان ڏورَڻُ ڏونگَرين، روئَڻُ سَڄيائِي راتِ،
اُٿي ويٺي تاتِ، مِيان! مَحبُوبَنِ جِي.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 26سال 1994 )
عِشقُ اهڙي ذاتِ، جو مانجِهي مُنجهائي مَيَنِ کي،
ڏِينهان ڏورِنُ ڏُنگرين، رُوئڻُ سَڄِيائي راتِ،
اُٿي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبوبَن جي.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 423 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )
عشق اهڙي ذات جو مانجهي مُنجهائي مَيَنِ کي،
ڏِيهان ڏورِڻ ڏنگرين، روئَڻَ سَڄِيائي رات،
اُٿي ويٺي تات، مِيان مَحبوُبَن جِي.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 506 بااختيار ادارو سال 1994 )
عَشقُ اِهڙي ذاتِ، جو مانجِهي مُنجهائي مَيَنِ کي،
ڏِيهان ڏورڻ ڏوُنگَرِين، رُئڻ سَڄِيائِي راتِ،
اُٿِيي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبُوبَنِ جِي.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 641 سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
عِشقُ اِهَڙي ذاتِ، جو مُنجهائي مَيَنِ کي،
ڏِينهان ڏورَڻُ ڏوُنگَرَين، رُئنِ سَڄيائِي راتِ،
اُٿيي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبوُبَنِ جِي.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 96 سال 2009 سنڌ ثقافت)
عِشقَ اِهَڙِي ذاتِ، جو مانجِهي مُنجهائي،
ڏِيهان ڏورَڻُ ڏُنگَرِين، رُئَڻُ سَڄيائِي راتِ،
اُٿي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبوُبَن جِي.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 370سال 2013ع روشني)
عشقُ اهڙي ذات، جو مانجهي منجهائي مَيَن کي،
ڏينهان ڏورينِ ڏنگرين، روئڻ سڄيائي وات،
اُٿي ويٺي تات، ميان محبوبن جي.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 393سال 2009ع مهراڻ)
عَشق اهڙي ذات، مانجهي مُنجهائي مَين کي،
ڏينهان ڏورڻ ڏونگرين، روئڻ سڄيائي رات،
اُٿي ويٺي تاتِ، مَيان مَحبوُبَن جِي.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر بروو سنڌي ص 288 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
عشق اهڙي ذاتِ، جو مانجهي منجهائي مين کي،
ڏينهان ڏورينِ ڏونگرين، روئڻ سڄيائي وات،
اُٿي ويٺي تات، ميان مَحبوُبَن جِي.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 502 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
عشق اهڙي ذات، جو مانجهي مُنجهائي مَين کي،
ڏِينهان ڏورڻ ڏونگرين، روئڻ سڄيائي رات،
اُٿي ويٺي تات، مِيان مَحبوُبَن جِي.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 230 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)
عشقُ اِهَڙي ذاتِ، جو مانجِهي مُنجهائي مَيَنِ کي،
ڏِيهان ڏورِنِ ڏُنگَرِين، رُئنِ سَڄائي رات،
اُٿي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبوُبَن جِي.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو (چونڊ ڪلام) سُر بروو سنڌي ص 221 سال 2011ع مهراڻ)
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جو)، (مانجهي، منجهائي)، (مَيَنِ، مُين)، (ڏينهان، ڏيهان)، (ڏورڻ، ڏورن، ڏورين)، (سڄائي، سڄيائي)، (رات، وات)، (مِيان، ميان)
الف. جو: اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي بيت جي پهرين مصرع ۾ لفظ ”جو“ فرمايو آهي. جن صاحبن بيت ۾ لفظ ”جو“ نه لکيو آهي. تن جي لکيل بيت ۾ لفظن جو پاڻ ۾ ربط ۽ تعلق نه ٿو محسوس ٿئي ۽ مصرع بي چسي لڳي ٿي.
ياد رهي ته! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي بيت جي پهرين مصرع ۾ لفظ ”جو“ استعمال نه ڪيو آهي.
ب. منجهائي، مانجهي منجهائي: قارئين ڪرام! اسان مٿين ٻنهي فقرن کي مختلف انداز ۾ ورائي ڦيرائي لکي لکي ثابت ڪيو آهي ته ڪنهن به ڪاتب، مرتب ۽ محقق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي پهرين مصرع درست نه لکي آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته بيت جي پهرين مصرع کي جڏهن نثر ۾ لکيوسين ته هر ڀيري جملو اڻپورو لکجڻ ۾ پئي آيو. آخر اسان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ واري اڻ پوري لکيل بيت تي ٻيهر تحقيق ڪئي ته ان ۾ فقط لفظ ”منجهائي“ لکڻ مناسب لڳو ۽ ان جي اڳيان لفظ ”جو“ لکڻو پيو. ان بعد هي مصرع جڙي:
”عشق اهڙي ذات، جو مُنجهائي مَيَن کي“
هن مصرع جي معنيٰ ٿئي ٿي، ”عشق اهڙي طاقتور ذات ۽ اهڙي حيثيت ۽ حقيقت آهي جو پهلوانن کي منجهائي ٿي“ ڇڏي.
ت. مَيَنِ، مُين: لفظ ”مُين“ سيد عبدالعظيم کان ڀل وچان اتفاق سان ص 458 تي ”مُين“ لکجي ويو، تنهنڪري ممتاز مرزا به لفظ ”مُين“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ ”مَيَن“ آهي جنهن جون ٻه معنائون آهن. ”مَين، ميي جو جمع آهي، ميو اُٺ کي به چئبو آهي، ۽ لفظ مَين جي ٻي معنيٰ آهي، پهلوانن، طاقتور جوانن“
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ص 96 تي لفظ ”مَين“ جي معنيٰ وڏي طاقت ۽ صبر وارن لکي آهي. سگهڙ حاجي الهداد جنجهي، باگي جي ڏاني جي لفظ ”مين“ اعرابن کان سواءِ لکيو آهي، مناسب نه لکيو اٿن. غلام محمّد شاهواڻي لفظ ”مين“ لکيو ئي نه آهي.
ث. ڏينهان، ڏيهان: لفظ ”ڏيهان“ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِآءِ قاضي،عثمان علي انصاري، غلام محمّدشاهواڻي۽غلام مصطفيٰ مشتاق لکيو آهي. هنن صاحبن اهو لفظ اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”ڏيهه“ جي معنيٰ آهي ديس. تنهنڪري لفط ”ڏيهان“ جي معنيٰ ٿئي ٿي ديس کان، ڏيهه کان.
قارئين ڪرام! بيت ۾ لفظ ”ڏيهان“ بجاءِ ”ڏينهان“ لکڻ گهرجي. اهو درست لفظ، ديوان تارا چند شوقيرام، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ٻانهي خان شيخ، ڪلياڻ آڏواڻي، ممتاز مرزا، فقير تاج محمّد نظاماڻي، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ باگي جي ڏاني جي لکيو آهي.
ج. ڏورڻ، ڏورن، ڏورين: جن صاحبن لفظ ”ڏورڻ“ لکيو تن اسان جي تحقيق مطابق لفظ مناسب نه لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ڏورڻ مصدر آهي، هن بيت ۾ مصدر وارو لفظ مناسب نه ٿو لڳي مگر لفظ ”ڏورن“ مناسب لڳي ٿو ڇا ڪاڻ ته لفظ ”ڏورن“ بياني لفظ آهي. جيڪو عاشقن جي معشوق لاءِ ڳولڻ ۽ ڏورڻ واري عمل کي ظاهر ڪري ٿو. باگي جي ڏاني جي لفظ ”ڏورين“ لکيو آهي، جيئن ته اصل لفظ ”ڏورن“ آهي تنهنڪري لفظ ”ڏورين“ کي اسان نامناسب سمجهون ٿا.
ح. سڄائي، سڄيائي: جن صاحبن لفظ ”سڄائي“ لکيو تن اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ غلط لکيو آهي. اهي صاحبان آهن، عثمان علي انصاري ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق. اسان عثمان علي انصاري جي ڏکين لفظن واري پٽي جو مطالعو ڪيو ته ص 690 تي لفظ ”سڄيائي“ نظر آيو. جنهن جي معنيٰ لکيل آهي ”سڄي، پوري“. اسان کي تحقيق منجهان معلوم ٿيو ته انصاري صاحب جي بيت ۾ ”سڄائي“ لکڻ واري غلطي نه آهي مگر اها غلطي ڪمپوزر ۽ پروف ريڊر جي آهي. اسان غلام مصطفي مشتاق جي لکيل لفظن واري پٽي جو به مطالعو ڪيو ته اسان کي الفاظ ”سڄيائي توڙي سڄائي“ نظر نه آيا. جنهن ڪري اسان کي تحقيق دوران پڪ ٿي ته غلام مصطفيٰ مشتاق لفظ ”سڄائي“ بيت ۾ عثمان علي انصاري جي تقليد ڪندي غلط لکيو آهي.
قارئين ڪرام! بيت ۾ لفظ ”سڄيائي“ لکڻ گهرجي. اهو درست لفظ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام محمّد شاهواڻي، علامه غلام مصطفي قاسمي، سگهڙ الله داد جنجهي، باگي جي ڏاني جي، ٻانهي خان شيخ، ديوان تارا چند، ڪلياڻ آڏواڻي، ممتاز مرزا ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لکيو آهي.
خ. رات، وات: اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته فقط باگي جي ڏاني جي واري بيت ۾ لفظ ”وات“ لکيل آهي. اسان ڀانئيون ٿا ته لفظ ”رات“ بجاءِ لفظ “وات” لکڻ واري غلطي ڪمپوزر ۽ پروف ريڊر جي آهي.
د. مِيان، ميان: قارئين ڪرام! لفظ ”ميان“ جنهن کي نه زير، نه زبر ۽ نه پيش ڏيئي لکيو ويو آهي تنهن لفظ کي اسان يا اوهان منجهان ڪو به درست اُچار سان نه ٿو پڙهي ۽ اُچاري سگهي. تنهنڪري ممتاز مرزا، باگي جي ڏاني جي ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي جي لکيل لفظ کي ڇڏي باقي ٻين صاحبن جي لکيل لفظ ”مِيان، مَيان“ تي اسان تحقيقي ۽ تنقيدي عمل جاري رکيو. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو ته جن صاحبن لفظ ”مِيان“ لکيو (م اکر جي هيٺيان زير ڏني) تن وڏي ادبي غلطي ڪئي آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”مِيان“ فارسي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ سنڌيڪا لغات مطابق، حاڪم، مالڪ، والي، معلم، آخوند آهي (ص 786). اسان فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي کي جس ڏيون ٿا جنهن صاحب لفظ ”مَيان“ لکي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي فرمايل لفظ کي بيت ۾ سلامت رکيو ۽ افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته باقي صاحبان، ديوان تار چند کان وٺي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ تائين سڀني بيت ۾ غلط لفظ استعمال ڪيو.
تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.
[b]عِشقُ اِهَڙي ذَاتَ، جو مُنجهائي مَيَنِ کي،
ڏِينهان ڏورِن ڏونگَرِين، روئن سَڄيائي راتَ،
اُٿي ويٺي تاتَ، مَيان مَحبوُبَن جِي.[/b]
معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته عشق کي اهڙي روحاني ۽ نفسياتي طاقت ۽ حيثيت حاصل آهي جو طاقت وارن ۽ پهلوانن کي منجهائي ٿو وجهي. اهي مانجهي ۽ مَيا مڙس پنهنجي محبوب جي ڳولا ۾ ڏينهن جو ڏونگر ٿا ڏورن ۽ محبوب جي ياد گيري ۾ روئي روئي سڄي رات ٿا اکين تي ڪا ٽن. عشق جي وادي جي مَين (پهلوانن) ۽ مانجهين کي اُٿئي ويٺي تات ۽ طلب فقط محبوبن جي ئي آهي.