سفرناما

ٻنون ٽو ٽوڪيو

”ٻنون ٽو ٽوڪيو“ ۾ جپان جي سياسي تاريخ کي به نه وساريو ويو آهي ۽ ليکڪ بادشاهن ۽ سياسي نظام تي پڻ تبصرا ڪندو آيو آهي. اها حيرت جي ڳالهه بيان ڪئي وئي ته ايٽم بم واري واقعي کان جپاني نوجوان ڪنهن ٻئي زاوئيءَ کان ڏسن ٿا. هيرو شيما ۽ ناگا ساڪيءَ تي ڦِريل موت جي راڪاس تي سڄي دنيا سان گڏ خود جپان ۽ اسان سنڌين به ماتم ڪيو آهي، پر جپانين ان قيامت مان جيئڻ جو رستو ڳولي ڪڍيو ۽ ڏک ۽ صدمي کي حوصلي ۽ شڪتي ۾ بدلائي ڇڏيو. سچ پچ ته هنن ٽوڪيو کي ”مشرقي گادي“ ثابت به ڪري ڏيکاريو ۽ ٻڌايو ته ڦٽن سان چور چور ڪا قوم ڪهڙي ريت دنيا جي ٽيون يا چوٿون نمبر شاهوڪار قوم ٿي سگهي ٿي.
Title Cover of book ٻنون ٽو ٽوڪيو

4

هاڻي اسان کي پري کان ٽاور ڏسڻ ۾ اچي ٽوڪيو ۾ جيڪڏهن ڊگهيون ڊگهيون عمارتون نه هجن ته جيڪر ٽاور هر هنڌ کان ڏسڻ ۾ اچي. پر گهڻ ماڙ عمارتون ٽاور کي گهيريو بيٺيون آهن، جنهن ڪري ٽاور ڏسڻ ۾ نٿو اچي سگهي. اسان جي وئگن اچي بيٺي. اسان جون ٽڪيٽون اڳ ۾ ئي ٽوئر وارن خريد ڪري ڇڏيون هيون. ٽاور ۾ داخل ٿيڻ جي في هن ريت آهي. وڏن لاءِ 600 يين ۽ اسڪولي ٻارن لاءِ 650 يين، ڪنڊر گارٽن جي شاگردن لاءِ 200 يين، ٽاور جي اندر واري عجائب گهر ۾ داخلا في هن ريت آهي:
وڏن لاءِ 750 يين
اسڪولي ٻارن لاءِ 400 يين
ڪنڊر گارٽن شاگردن لاءِ 400 يين.
اسان سڀئي لفٽ ذريعي ٽوڪيو ٽاور جي ٻي طبقي (2nd Floor) تي پهتاسين. ٻئي طبقي تي هوٽلون ڪافي گهر ۽ خريداري لاءِ ڪيترائي دڪان هئا. اڃا صبح جو ٽاڻو هو انهي ڪري ڪوهيڙو تمام گهڻو ڇانيل هو، جنهن ڪري سڄو شهر ڪوهيڙي جي ڄار ۾ ويڙهيل هو، مون اندازو لڳايو ته جيڪڏهن ڪوهيڙو نه هجي ها ته سارو شهر پنهنجي حسن و جمال ۽ رنگينن سان جرڪندو ڏسڻ ۾ اچي ها. ڪوهيڙي ۾ به هڪ پنهنجي نوعيت جي نزاڪت هوندي آهي. مون خليل جبران کي پڙهندي سندس لکڻين ۾ اڪثر لبنان جي پهاڙين تي ڇانيل ڪوهيڙي جو ذڪر ڏٺو آهي. هن جي مصوريءَ تي به ڳوڙهي نظر ڪبي ته انهن تي به ڪوهيڙو ڇانيل ڏسڻ ۾ ايندو. ڪوهيڙو در حقيقت شعر و ادب ۾ پراسراريت جي علامت آهي. ٽوڪيو جي مٿان ڇانيل ڪوهيڙي کي ڏسندي آءٌ تصور جي دنيا ۾ کوئجي ويس ۽ ويچار جي وهڪري ۾ لڙهندي نه ڄاڻان ڪٿان کان ڪٿان وڃي نڪتس.
ها سو ڳالهه پي ڪيم ٽوڪيو ٽاور جي. ٽوڪيو ٽاور ٺهڻ جو ڪم 29 جون 1957ع ۾ شروع ٿيو ۽ 23 ڊسمبر 1958 ۾ ٺهي راس ٿيو. سندس مٿانهون حصو 23 جون 1967ع تي عام ماڻهن جي ڏسن لاءِ کوليو ويو. ٽوڪيو ٽاور دنيا جي مشهور ايفل ٽاور (Eiffel Tower) کان به وڏو آهي، جيڪو پيرس ۾ واقع آهي. توهان جپان جي ماڻهن جي هنري ۽ ڪاريگري مهارت جو اندازو هن ڳالهه مان لڳايو ته ايفل ٽاور 70000 ٽن لوهه مان ٺهي راس ٿيو، جڏهن ته ٽوڪيو ٽاور وڏي هئڻ جي باوجود 4000 ٽن لوهه مان جڙي تيار ٿيو آهي. ٽاور نارنگي ۽ اڇي رنگ جو آهي، انهن ٻن رنگن جي چونڊ جو ڪارڻ اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته نارنگي رنگ ڪوهيڙي جي هئڻ جي باوجود پري پري کان ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ اڇو رنگ امن جو شباب آهي. ٽوڪيو ٽاور جي مختلف طبقن (Floors) تي سرڪاري ۽ خانگي ادارن جون آفيسون ۽ شورو مس (Show Rooms) آهن. هيءُ ٽاور جيڪو سياحت جي خيال کان اهم جڳهه آهي، اتي جپاني جديد ٽيڪنالاجي ۽ هنرمندي جو اعليٰ شاهڪار به آهي، هي ٽاور ٽي وي جي ڪيترن چئنلن، ٽوڪيو ريڊيو جي ايف ايم سسٽم، گورنمينٽ ريلوي جي مواصلاتي سسٽم، موسميات کاتي، هوائي جهازن جي موسمي معلومات لاءِ اسٽيشن طور پڻ ڪم ايندو آهي. اسان اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ ٽاور ۾ گهمندا رهياسين، انهي کانپوءِ مشهور امپريل پيلس پلازا ۽ امپريل ايسٽ گارڊن ڏانهن روانا ٿياسني. امپريل پيلس روايتي قسم جو شاهي محل آهي، جنهن جي شان شوڪت جو وڏو چرچو آهي. امپريل پيلس ۾ وقت جو بادشاهه ۽ سندس راڻيءَ جي رهائش گاهه آهي، هي محل چوديواري سميت اٽڪل 250 ايڪڙن ۾ ڦهليل آهي هي محل شوگن (Shogun) يعني وچئين دور جي جپاني حڪمرانن جي رهائش گاهه به رهيو آهي.
محل جي ٻاهرين ڀت جي ٿولهه 15 فٽ آهي، محل اندر وڃڻ جي اجازت نه آهي، پر محسل سان گڏ امپريل ايسٽ گارڊن، جيڪو محل جو هڪ حصو آهي، ان ۾ سومر ۽ جمعي تي وڃڻ جي اجازت هوندي آهي، اسان ڪاٺ جي ٺهيل هڪ تمام وڏي دروازي مان لنگهي اندر وياسين، دروازي تي صرف هڪ پهريدار بيٺل هو جنهن سان اسان جي گائيڊ جپانيءَ ۾ ڪجهه ڳالهايو ۽ تنهن کان پوءِ اسان اندر باغ ۾ داخل ٿياسين. سڄو باغ جپان جي پنهنجي خاص وڻندڙ قسم جي وڻن سان سينگاريل هو.
جپان ۾ 90 سيڪڙو گل سائي قسم جا ٿيندا آهن. ۽ باقي پنهنجي گلن جيان مختلف رنگن جا ٿيندا آهن. جپان جو مشهور قومي گل ”گل دائودي“ آهي. جيڪو، هٿ جي چنبي جيڏو ڏاڍو پيارو گل ٿيندو آهي ۽ هن جا رنگ به مختلف ٿيندا آهن. عام طرح اڇي رنگ جي گل دائودي کي گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي ۽ اهو واقعي ٿيندو بهٻين جي ڀيٽ ۾ وڏو ۽ سهڻو آهي. گل جو ٻوٽو ٻج يا قلم مان ڦٽندو آهي پر هن جون ٽاريون پاڙ کان مٽي ڇنڊي الڳ لڳائبيون آهن. اهڙي ريت هڪ ٻوٽي مان سوي ٻوٽا پيدا ڪري سگهبا آهن. هيءُ ٻوٽو سياري جي موسم ۾ گل ڏيندو آهي. ۽ اهي گل ڪافي ڏينهن تائين ٽاريءَ ۾ ٽڙيا بيٺا هوندا آهن. هيءُ ٻوٽو گهڻي پاڻي بيهڻ ڪري سڙي ويندو آهي. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ هر سال سياري جي موسم ۾ گل دائودي جي نمائش به ٿيندي آهي.
امپريل ايسٽ گارڊن ڪو ايڏو ۽ ايترو سهڻو نه هو پر بادشاهي باغ هئڻ ڪري هن جي وڏي اهميت هئي. هن باغ ۾ هڪ بهترين قسم جي ننڍي ڍنڍ پڻ هئي. انهي ڍنڍ جو نظارو ڏسي، باغ جي هڪ هوٽل ڀيڙا ٿياسين، جتي ڪافي پيتيسين ۽ پوءِ ٻاهر نڪتاسين، هاڻي اسان کي آساڪوسا ڪئينون ٽمپل (Asa Kusa Kanon Tamples) ڏانهن وڃڻو هو.
هيءُ ٽئمپل جپان جي بهترين ٽئمپلس (مندرن) مان هڪ هو. هن جي اوچائي سندس عظمت ۽ شان شوڪت جي شاهدي ڏيئي رهي هئي. هيءَ بينڪاڪ واري ايمرالڊ ٻڌ ٽئمپل جيان ويڪرو ۽ وسيع هو، پر تڏهن به هن جي ڀيٽ ۾ گهڻو ننڍو هو. اتي يعني بينڪاڪ ۾ ايمرالڊ ٻُڌ ٽئمپل لاِ ماڻهن جي دلين ۾ گهڻو احترام هو. پر هتي اهو جذبو ڪجهه جھڪو محسوس پي ٿيو. جيتوڻيڪ جپان جا 78 سيڪڙو ماڻهو ٻڌ ڌرم سان واسطو رکن ٿا. ٽيمپل ۾ ڪافي دير تائين هيڏانهن هوڏانهن گهمندا رهياسين، ٽيمپل جي اڏاوت روايتي ٻڌ مندرن جهڙي هئي ۽ منجھس ٻڌ جون پٿر مان تراشيل ڪيئي مورتيون رکيل هوين، پٿر جي بيجان ٽڪرن کي سنگتراشن جي هنر مند هٿن جان عطا ڪري ڇڏي هئي. مختلف مورتين جي عضون جي بيهڪ ۽ چهرن جي تاثرات هڪ مخصوص انداز ۽ فڪر جي عڪاسي پي ڪئي.
آءٌ به گهمندي گهمندي ۽ ڏسندي وائسندي هزارها سال پويان جي دنيا ۾ کوئجي ويس. مونکي محلن ۾ رهندڙ راجائي گهراڻي جو هي نوجوان سچ جي ڳولا ۾ گيڙو رتو لباس ڪري بن بن ڀٽڪندو ڏسڻ ۾ يو. هماليه جي پهاڙن ۽ ميداني وادين ۾ هن سچ ڏوريندي پير پٿون ڪري ڇڏيا، پر سندس همٿ هن جو ساٿ نه ڇڏيو. سچ جي تلاش هن جي اُڃ کي ويتر وڌائيندي رهي. رشين سان رهاڻيون، سنياسين سان ساٿ، جوڳين جو تپسيائون ۽ يوگين جو دم ڪشيون هن جي من کي ويتر ماندو ڪنديون رهيون. هي ڪنهن ازلي اڃايل روح جيان شب و روز بيچين بيقرار ۽ آتو هيو. فلسفي، منطق، يوگ وديا، علم نجوم، رياضي ۽ ڌرمي پستڪن جي مڙني چشمن جي چس چکيندي به هن جي اڃ نه اجھامي.
پچان، کامان، پچران، لڇان ۽ لوچيان
تن ۾ تئونس، پرين جي پيان نه ڍاپان
جي سمنڊ منهن ڪيا ته سر ڪيائي هيڪ ئي

جيڪا مام ڌرمي پستڪن نه سمجھائي، جيڪا ڳنڍ رشين ۽ فلسفين ساڃهه جي، نهن سان نه کولي، تنهن خبر لهڻ لاءِ ٻڌ هماليه جي اوچي برف پوش چوٽيءَ ڏانهن نهار اڇلائي، آبشارن جي سرمدي گيتن ڏانهن ڪن ڏنو، ندين ۽ دريائن جي حيات بخش وهڪرن کي عبرت جي اک سان ڏٺو، پرهه جي پکيئڙن جي لنوندڙ مٺڙين لاتين ڏانهن ڌيان ڌريو، چين ۾ ڳٽ پيل غلامن ۽ ڌرمي ڀيد ڀاوَ جي شڪار انسانن جي نٻل ۽ نستن جسمن ۽ هيسيل هيڊ ٿيل چهرن کي نماڻائي ۽ همدردي سان ڏٺو. گھاٽ گھاٽ تان گھمرو ڪيو ۽ واهڻ واهڻ جو واءُ ورتو، اگھاڙن پيرن اجاڳ پهاڙن جا پنڌ جھاڳيا، بڙ جي ڇانوَ ۾ ڏينهن جا ڏينهن ويهي ورت، رکيا بدن جو ماس ڪوري فڪر جي عقاب کي کارائي هارائڻ جي جيت جو راز پاتو، مونکي جڏهن ورت وارو ٻڌ (Fasting Buddha) ڏسڻ ۾ آيو ته مون ايئن ڀانيو ته ٻڌ جي هن پڃري ۾ مسڪين جي جھوپڙيءَ ۾ ٻرندڙ ڏيئي جي لاٽ جيان اندر ۾ ڪا جوت جرڪي رهي آهي. اها لاٽ ئي راڄ ڀاڳ سک آرام قربان ڪري ماڻيل هن جي ڪل موڙي آهي، هن جون گهرن ڌوڏن ۾ پيل اکيون انهي ماڻيل موڙي تي ڏاڍيون سرهيون ۽ مطمئن آهن. آءٌ تصور جي وهڪرن ۾ لڙهندي ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهتو هوس ته ايتري ۾ سندم ساٿيءَ ڪلهو ٺپريندي چيو، ”ٻيلي هل ته ٻاهر جو هلي واءُ وٺن.“ ايئن تصور جو سلسلو ٽٽي ويو ۽ اسان مندر ڇڏي ٻاهر نڪري آياسين.
ٽئمپل سان گڏ هڪ بازار هئي. هيءَ بازار بلڪل حيدرآباد جي شاهي بازار وانگر لڳي ٿي. فرق صرف ايترو هو جو اها اسانجي حيدرآباد واري شاهي بازار جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ صاف سٿري هئي ۽ مٿان سڄي ڇانيل هئي.
اسان جپان جنهن مسوم ۾ وياسين سا ڪراچيءَ جي مئي مهيني جهڙي گرم موسم هئي. اپريل، مئي ۽ سيپٽمبر جي مهينن مند موزون هوندي آهي. تنهن ٽنهي مهينن ۾ وري سيپٽمبر جو مهينو سڀ کان وڌيڪَ بهتر هوندو آهي.
اسانجي سياحت جا سونهان يعني ٽوئر وارا اسان کي گنزا ۾ ڇڏي، گهمڻ ڦرڻ جا سٺا مشورا ڏيئي موڪلاڻي ڪري ويا. اسان گنزا ۾ سپر مارڪيٽن ۾ چڪر هڻندي ٿوري گهني خريداري ڪئي.
وقت ڪافي ٿي ويو هو ۽ بک به ستائڻ لڳي سو ٽيڪسي ۾ چڙهي اچي هوٽل آشوڪا وٽ لٿاسين، هوٽل جي مئنيجر ورما اڄ به دير سان اچڻ ۽ ماني نه ه ئڻ جو راڳ آلاپيو. اسان جي پيٽ ۾ بک کان آنڊا پي وٽا سو اسان به هڪ نهٻڌيس ۽ چيوسينس ته اڄ ته اسين به خالي موٽڻ وارا نه آهيون، تنهنجي ماني رکيل هوندي سا ئي کڻي اچ. همراهه نيٺ ڪرڪي ڪڻڪي ماڻيءَ جو آرڊر ورتو. جيستائين ماني اچي تيستائين جپان جي ليبر پرابلمس جي شڪايت ڪندو رهيو. چوي: سائين هتي جپان ۾ مشيني ماڻهو (Roboot) به ايجاد ڪيا اٿن، پر تڏهن به ليبر پرابلم هر ڏينهن وڃي سنگين ٿيندو. باقي سڄي دنيا ۾ ماڻهو ڪن سڄي ڏينهن يا اڌ ڏينهن لاءِ ٻول تي مزدوري، پر هتي جپان ۾ ماڻهو ڪم ڪن ڪلاڪن ۽ منٽن جي حساب سان، سو به تمام مهانگي ملهه تي، آخر ۾ پاڻ هيئن به چيائين ته هتي جا ماڻهو ٻين ملڪن جي ماڻهن وانگر ڪم چور نه آهن، پنهنجي ڊيوٽي جو سڄو وقت تمام محنت ۽ ايمانداري سان ڪم ڪندا آهن.