مختلف موضوع

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو پڌرنامو ۽ جوڙجڪ

”سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو پڌرنامو ۽ جوڙجڪ“ پيش ڪري رهيا آهيون. اها گهُر کوڙ دوستن ڪئي هئي. سنڌي ادبي سنگت جي عهديدران کي عرض آهي ته هن پڌرنامي ۾ جيڪي به آئيني تبديليون ٿين ته اسان کي ان بابت آگاهي ڏين جيئن وقت سر ڪتاب گهر ۽ آنلائين ايڊيشن ۾ به ترميمون ڪري سگهون.
  • 4.5/5.0
  • 3134
  • 693
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو  پڌرنامو ۽ جوڙجڪ

سنڌ سلامت پاران

اوهان دوستن اڳيان ”سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو پڌرنامو ۽ جوڙجڪ“ پيش ڪري رهيا آهيون. اها گهُر کوڙ دوستن ڪئي هئي. سنڌي ادبي سنگت جي عهديدران کي عرض آهي ته هن پڌرنامي ۾ جيڪي به آئيني تبديليون ٿين ته اسان کي ان بابت آگاهي ڏين جيئن وقت سر ڪتاب گهر ۽ آنلائين ايڊيشن ۾ به ترميمون ڪري سگهون.
ٿورائتا آهيون پياري دوست، سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ ۽ سنڌ سلامت جي سڄڻ ساجد سنڌيءَ جا جنهن سمبارا پبليڪيشن پاران سافٽ ڪاپي موڪلي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

سنگت پاران

سنڌي ادبي سنگت ـ سنڌ، ٻولي، ادب ثقافت ۽ ڌرتيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ اهڙي سگهاري تنظيم آهي جنهن جي هر هڪ عهديدار ۽ ڪارڪن هميشه سنگت جي جوڙيل آئين جي پاسداري ڪندي جمهوري روايتن کي برقرار رکيو آهي، ڪنهن به تنظيم کي هلائڻ لاءِ ان جو آئين ۽ منشور انتهائي اهم هوندو آهي، سنگت جو به هڪ آئين آهي جنهن جي بنياد تي سمورو ڪار ونهنوار هلي رهيو آهي، پهرين مئي 2007ع تي ان وقت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جنهن سان مان به جوائنٽ سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ گڏجي ڪم ڪيو سنگت جي ڪارڪنن جي گُهر تي آئين ڇپرائي دوستن اڳيان پيش ڪيو هُيو. جنهن ۾ عورت جوائنٽ سيڪريٽريءَ جي عهدي کي به شامل ڪيو ويو هُيو، ٻيهر سنگت جي اڪثر سيڪريٽري ۽ ميمبرن آئين جي ڪاپيءَ جي گُهر پئي ڪئي انهن جي گُهر کي سامهون رکندي، سنگت آئين جي ڪاپي پهرين مئي 2012ع تي جيئن جو ڇپائي وئي ۽ وري 18 مئي 2014ع تي مورو جي سنڌ ڪائونسل واري اجلاس ۾ ڪجھ آئيني تبديلين کان پوءِ ٻيهر آئين ڇپرائي ساٿين اڳيان پيش ڪجي ٿو. اميد ته سنگت جا ساٿي پنهنجون سرگرميون ۽ فيصلا سنگت جي قاعدن ۽ جوڙجڪ کي سامهون رکي ڪندا ته جيئن اجايا مونجهارا ۽ مسئلا پيدا نه ٿين.
سنڌ سلامت سنگت سلامت


[b]ڊاڪٽر مشتاق ڦل
[/b]سيڪريٽري جنرل
سنڌي ادبي سنگت ـ سنڌ
آگسٽ 2014ع
E-mail: drmushtaquephull@hotmail.com

سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جو پڌرنامو

اسان سنڌي زبان جا اديب، شاعر، دانشور، مصور، فنڪار ۽ ”سنڌي ادبي سنگت سنڌ“ جا ميمبر، سنڌي زبان ادب، ثقافت ۽ تهذيب جا رکوالا آهيون.
اسان جو اهو ايمان آهي ته پاڪستان گهڻ قومي ۽ گهڻ ثقافتي وحدتن جو ملڪ آهي ۽ انهن وحدتن جون زبانون هن ملڪ جون قومي زبانون آهن.
اسان ادب جي افاديت ان جي سماجي ڪارج ۽ عظيم انساني قدرن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ان جي اهميت کان پوري ريت باخبر آهيون. ان ڪري اسان ادب کي واندڪائيءَ جي وندر ۽ ذهني عياشي نه، پر پنهنجي قوم، عالمي امن ۽ انسان ذات جي مجموعي ترقي لاءِ اهم ذريعو سمجھون ٿا. اسان کي سنڌي زبان ۽ ادب جي عظيم ۽ انفرادي ڪلاسيڪي ورثي تي فخر آهي، ان ڪري اسان جي راءِ ۾ اهو ضروري آهي ته جديد دور جو اديب، پنهنجي انهيءَ ورثي جو اونهو مطالعو ڪري، ان جي شاندار روايتن کي پنهنجو ڪري. اجاري اڳتي وٺي هلي، ان سان گڏوگڏ اسان ادب ۾ نون تجربن ۽ رجحانن جي اهميت کان پڻ واقف آهيون ۽ انهن جا حامي آهيون. اسان جي اها تمنا آهي ته سنڌي ادب ڪنهن به ريت بين الااقوامي معيار کان هيٺ نه هجي. اسان جو به سڄي دنيا جي اديبن جيان، اهو ايمان آهي ته سمورا ملڪي، غير ملڪي ۽
بين الا اقوامي مسئلا، حق، انصاف، صداقت، سهپ، رواداري، امن ۽ اتحاد جي اصولن موجب نبيريا وڃن. جن جي اُپٽار گڏيل قومن جي پڌرنامي ۾ ڪيل آهي، انسان جي تخليقي قوتن کي هيچ سمجھڻ ڪنهن به قوم يا نسل کي ٻيءَ قوم يا نسل کان مٿانهون ڀانئڻ، يا ملڪ، مذهب، رنگ، ٻوليءَ ۽ عقيدت جي مت ڀيد سبب انسانن جي وچ ۾ ويڇو وجھڻ، اسان جي نظر ۾ نه فقط غلط، پر انسان ذات لاءِ هاڃيڪار پڻ آهي. اسان هر قسم جي ڦرلٽ، ضمير ۽ زبان جي پابنديءَ جا مخالف آهيون.
اسان پنهنجي شعور، فڪر ۽ فن کي سدائين آزاد ۽ ڪٽرپڻي کان پري رکنداسين ۽ ڪنهن به قسم جي لالچ، دٻاءَ، خوف، تعصب رک رکاءَ ۽ مصلحت آميزيءَ کانسواءِ پنهنجي ضمير جو اظهار ڪندا رهنداسين ۽ اسان جو قلم انهن سڀني مقصدن لاءِ وقف رهندو، جن جو اظهار هن پڌرنامي ۾ ڪيل آهي.

[24 جنوي 1970ع واري سنڌ سنگت ڪائونسل جي سکر واري ميڙ ۾ منظور ڪيل هن پڌرنامي کي ٻيهر ترميمن ۽ سڌارن سان 8- نومبر 1996ع تي سنڌ سنگت ڪائونسل جي حيدرآباد واري اجلاس ۾ منظور ڪيو ويو].

سنڌي ادبي سنگت، سنڌ (رجسٽرڊ) جي جوڙجڪ

[b]سنڌي ادبي سنگت، سنڌ (رجسٽرڊ) جي جوڙجڪ
[/b](13 ڊسمبر 1998ع تائين درست ٿيل)

[b]1. نالو:
[/b]تنظيم جو نالو سنڌي ادبي سنگت،سنڌ رهندو، (هيٺين قاعدن قانونن ۾ ”سنڌ سنگت“ سڏي ويندي)

[b]2. لاڳاپو:
[/b]”سنڌ سنگت“ خالص ادبي تنظيم ٿي رهندي، جنهن جو ڪنهن به سياسي پارٽي/تنظيم سان واسطو نه رهندو.

[b]3. مرڪزي آفيس
[/b]سنڌ سنگت جي مرڪزي آفيس حيدرآباد ۾ رهندي (جيسين تائين آفيس جو قيام عمل ۾ اچي، ان عرصي تائين سيڪريٽري جنرل واري شهر ۾ رهندي.)

متا ۽ مقصد

[b] 4. متا ۽ مقصد:
[/b]

1. سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت جي بقا، بهبودي ۽ ترقي لاءِ ڪوشش وٺڻ.
2. سنڌي اديبن، شاعرن، مصورن، فنڪارن ۽ سنڌي ٻوليءَ سان لڳاءُ رکندڙن کي وقت به وقت گڏ ڪرڻ.
3. پراڻي سنڌي ادب کي ٻيهر ڇپائڻ ۽ جديد ادب کي اهميت ڏئي شايع ڪرائڻ.
4. سنڌ۽ ملڪ اندر مختلف قومي وحدتن ۽ دنيا ۾ موجود ادبي تنظيمن سان ناتا قائم ڪرڻ.
5. سنڌ جي بزرگ هستين، شاعرن ۽ اديبن جي فن ۽ فڪر جي باري ۾ سيمينار، ورڪشاپ، ڪانفرنسون ڪوٺائڻ ۽ ورسيون ملهائڻ.
6. سنڌ جي جدا جدا شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سنڌ سنگت جي شآخن قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ.
7. سنڌ جي جدا جدا شهرن ۽ ڳوٺن ۾ لائبريريون قائم ڪرڻ.
8. اديبن شاعرن، مصورن ۽ فنڪارن جي مالي مدد لاءِ هڪ ٽرسٽ قائم ڪرڻ، جنهن جو نالو ”سنڌ سنگت، ڀلائي ٽرسٽ“ هوندو.
9. سنڌ سنگت پاران ٽماهي ادبي مخزن جاري ڪرڻ، جنهن جو نالو ”سنگت“ هوندو.
10. تخليقي، تحقيقي، ترجمي ۽ تنقيدي ادب جا ڪتاب ڇپائڻ.
11. معياري سنڌي ادب کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرائڻ ۽ ٻين ٻولين جي معياري تخليقن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائڻ.

ميمبر

[b]5. ميمبر
[/b]
(الف) سنڌ جي جدا جدا شهرن ۽ سنڌ کان ٻاهر جتي به ادبي سنگتون برپا ٿيل آهن ۽ جيڪي آئينده وجود ۾ اينديون ۽ جن جا متا ۽ مقصد ”سنڌ سنگت“ جي متن ۽ مقصدن جھڙا هوندا ۽ منجهن بنيادي اختلاف نه هوندو. سي سنگت جون شاخون ۽ ميمبر ٿي سگهن ٿيون. سنگت ۽ شاخن ۽ ميمبرن ٿيڻ کانپوءِ سندن الڳ نالو ۽ سڃاڻپ ختم تصور ڪئي ويندي.
(ب‌) انهن ادبي سنگتن کي ”سنڌ سنگت ‎“ جي ميمبر ٿيڻ لاءِ ”سنڌ سنگت“ جي ڪاروباري ڪميٽي کي اهڙي درخواست ڪرڻي پوندي.
(ٻ) سنڌ سنگت سان الحاق يا ميمبريءَ لاءِ شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ٺهراءُ هئڻ ضروري آهي.
(پ) درخواست ”سنڌ سنگت“ (سيڪريٽري جنرل) ڏانهن مخاطب ٿيل هوندي ۽ ان سان مٿئين پيٽي فقري مطابق ٺهراءُ جي ڪاپي، شآخن جي عهديدارن جا نالا، ميمبرن جي فهرست، ٺهرائن سميت، ميمبر شپ فارمن جا ڪائونٽر فائيل وغيره، شامل هوندا.
(1) سنڌ سنگت جو ميمبر اهو ٿي سگهي ٿو، جيڪو اديب هجي ۽ سنڌي ادب جي مختلف صنفن جي واقفيت رکندو هجي.
(2) سنگت جو ميمبر يا عهديدار ڪنهن ٻي تنظيم جو ميمبر توڙي عهديدار ٿي سگهندو، پر ڪنهن سياسي تنظيم جو عهديدار نه ٿي سگهندو.
(3) گهٽ ۾ گهٽ ڪچي ميمبر طور ڇهه مهينا شاخ جي گڏ جاڻين ۾ شريڪ ٿيو هجي. ان بعد هو ازخود مستقل ميمبر جا حق حاصل ڪري سگهندو.

[b]نوٽ: هيءَ شرط، ادبي طور مڃيل ۽ جديد ادب جي لاڙن جي ڄاڻو اديب سان لاڳو نه هوندو.
[/b] [i][/i]

مرڪزي عهدي تي بيهڻ لاءِ معيار، سالياني في

[b] (6) مرڪزي عهدي تي بيهڻ لاءِ معيار:
[/b]1. سنڌ سنگت جي مرڪزي عهدي جي اميدوار لاءِ لازمي هوندو ته اهو ادبي حلقن ۾ ڄاتل سڃاتل، جديد ادبي لاڙن کان واقف ۽ همعصر ٻولين جي ادب بابت ڄاڻ رکندڙ هوندو.
2. هن جي سنڌي ادبي سنگت سان گهٽ ۾ گهٽ پنج سال وابستگي رهي هجي.

[b](7) سالياني في:
[/b]”سنڌ سنگت“ جي هر شاخ کي هر سال ٻه سؤ (200) روپيا سالياني فيءَ طور ڏيڻا پوندا.

[b](8) ڪاروباري سال:
[/b]سنڌ سنگت جو ڪاروباري سال، پهرين جنوريءَ کان 31 ڊسمبر تائين هوندو.

سنڌ سنگت ڪائونسل

[b] (9) سنڌ سنگت ڪائونسل:
[/b]
(الف) مرڪزي عهديدارن ۽ جدا جدا شآخن جي عيوضين واري ميڙ کي ”سنڌ ڪائونسل“ ڪوٺيو ويندو ۽ اهي عيوضي ”سنڌ سنگت ڪائونسل“ جا ميمبر ڪوٺيا ويندا.
(ب‌) سنڌ سنگت جي هر شاخ کي سالياني عام ميڙ لاءِ سنڌ سنگت کي 200 روپيا عيوضي يا ڊيليگيشن في (سالياني في 300 روپين سان گڏ) ڏيڻا پوندا.

[b](10) سنڌ سنگت ڪائونسل جو ساليانو ميڙ:
[/b](الف) سنڌ سنگت ڪائونسل جو ساليانو ميڙ هر سال ڊسمبر مهيني ۾ ڪوٺايو ويندو. ڪن غير رواجي حالتن سبب ڪاروباري ڪاميٽي اهو عرصو وڌائي سگهي ٿي.
(ب‌) ڪائونسل جي سالياني ميڙ ۾ هيٺيون ڪاروبار هلايو ويندو:

1. ڪائونسل جي گذريل ميڙ جو ڪاروبار بحال ڪرڻ.
2. سنڌ سنگت جي گذريل سال جي ادبي ۽ تنظيمي ڪارڪردگيءَ ۽ صورتحال جي رپورٽ ۽ آڊيٽر جو تپاسيل حساب ڪتاب بحال ڪرڻ.
3. سنڌ سنگت لاءِ هيٺيان مرڪزي عهديدار چونڊڻ (اهي عهديدار تيسين پنهنجو عهدو سنڀاليندا رهندا، جيسين سندن جاءِ تي نوان عهديدار چونڊجي اچن.)

اهي عهديدار هر ٻئي سال چونڊبا.

(i) سيڪريٽري جنرل
(ii) جوائنٽ سيڪريٽري
(iii) عورت جوائنٽ سيڪريٽري
(iv) خزانچي
(v) آڊيٽر
سيڪريٽري جنرل وٽ پريس سيڪريٽري مقرر ڪرڻ توڙي هٽائڻ جا به اختيار هوندا ۽ پريس ترجمان جي مقرري واري مدي کي آئيني عهدي واري حيثيت حاصل هوندي.

4. جوڙجڪ جي قاعدن ۽ قانونن ۾ درستين، ڦير ڦار، سڌارن ۽ واڌارن تي ويچار ڪرڻ ۽ ضرورت موجب نوان قاعدا ۽ قانون جوڙڻ.
5. ٻيو ڪو ڪم ڪار، جو اڳ ايجنڊا ۾ڄاڻايل هوندو.
6. ٻيو ڪو به معاملو، جيڪو صدر جي اجازت سان ايجنڊا تي رکيو ويندو.

[b](11) ڪائونسل جي ميڙن ۾ ميمبرن جو گهربل لازمي تعداد:
[/b]ڪائونسل جي عام ميڙ جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ ميمبرن جو گهربل لازمي تعداد ڪل ميمبرن جو 3/1 يا (50 ميمبر، ٻنهي حالتن ۾ جيڪو عدد گهٽ هوندو) ٿيندو. جيڪڏهن عام ميڙ ۾ اهو گهربل تعداد موجود نه ٿي سگهيو ته اهوملتوي ڪيو ويندو. ملتوي ٿيل ميڙ جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ ميمبرن جي لازمي گهربل تعداد جي ضرورت نه رهندي، پر انهيءَ ميڙ ۾ فقط اهو ڪاروبار هلي سگهندو، جو اڳئين ميڙ جي ايجنڊا ۾ ڄاڻايل هوندو.

سنڌ سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽي

[b] (12) سنڌ سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽي:
[/b](الف) سنڌ سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي مبيمبرن جو مقرر تعداد نه هوندو ۽ اهو هيٺينءَ ريت هوندو:
1. سنڌ سنگت جا عهديدار
2. ضلعي رابطا سيڪريٽري
3. هر شاخ جو سيڪريٽري
(ب) سنڌ سنگت جي ڪاروباري ڪميٽيءَ جو ميڙ، چئن مهينن ۾ هڪ دفعو ضرور ڪوٺائڻو پوندو، وڌيڪ ميڙ ڪيترا به ٿي سگهن ٿا. اهي ميڙ سهوليت پٽاندر، وقت به وقت، سنڌ جي جدا جدا حصن ۾ ٿيڻ کپن.
(ٻ) سنڌ سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميڙ لاءِ ميمبرن جو لازمي گهربل تعداد، ڪل ميمبرن جو ٽيون حصو هوندو.

بي اعتماديءَ جي رٿ ۽ خالي جايون ڀرڻ

[b] (13) بي اعتماديءَ جي رٿ ۽ خالي جايون ڀرڻ:
[/b]
(الف) مرڪزي عهديدار (جيڪو ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو به ميمبر آهي) خلاف بي اعتمادي جي رٿ رڳو سنڌ سنگت ڪائونسل آڏو ئي اچي سگهندي. اهڙيءَ رٿ جو اڳواٽ اطلاع واسطيدار عهديدار يا ميمبر ۽ سنڌ سنگت ڪائونسل کي هڪ مهينو اڳواٽ ڏيڻ ضروري ٿيندو. واسطيدار عهديدار يا ميمبر کي سنگت ڪائونسل آڏو روبرو يا لکت ۾ صفائي پيش ڪرڻ جو حق هوندو، اهڙي رٿ جي منظوريءَ لاءِ سنڌ سنگت ڪائونسل جي ڪل ميمبرن جي 2/3 اڪثريت جو ووٽ ضروري هوندو.

{بي اعتمادي جي رٿ يا استعيفا، يا بنيادي ميمبريءَ جي خاتمي سبب يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري مرڪزي عهديدار جي خالي ٿيل جاءِ، سنڌ سنگت ڪائونسل جي ميڙ تائين عارضي طور تي ڀرڻ جو اختيار مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ کي هوندو.}

اختيارون ۽ جوابداريون

[b] (14) اختيارون ۽ جوابداريون:
[/b]

[b](الف) ڪاروباري ڪاميٽي:
[/b](i) سنڌ سنگت جو سمورو ڪاروبار هلائڻ.
(ii) سنڌ سنگت جون سڀ اختياريون عمل ۾ آڻڻ.
(iii) نين شاخن کي الحاق ڏيڻ يا رد ڪرڻ.

[b](ب) سيڪريٽري جنرل:
[/b](i) سنڌ سنگت جو آئيني ۽ تنظيمي سربراهه هوندو.
(ii) سنڌ سنگت طرفان سموري لک پڙهه ڪرڻ ۽ سنڌ، سنڌ کان ٻاهر جي ادبي تنظيمن سان رابطا رکڻ ۽ انهن سان لکپڙهه ڪرڻ.
(iii) سنڌ سنگت ڪائونسل ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميڙن جون ڪاروايون درج ۽ بحال ڪرائڻ.
(iv) سنڌ سنگت ڪائونسل ۽ ڪاروباي ڪاميٽيءَ جي ميڙن لاءِ ميمبرن کي جوڳا اطلاع ڏيڻ.
(v) سنڌ سنگت ڪاروباري ڪميٽيءَ طرفان سمورو ڪاروبار هلائڻ.
(vi) سنڌ سنگت جو رڪارڊ رکڻ.
(vii) تنظيمي ڪمن لاءِ عارضي ڪو به ميمبر يا ڪميٽي مقرر ڪرڻ.
(viii) سنگت جي ڪارڪردگيءَ متعلق مواد، پبليڪيشن ڪاميٽي جي حوالي ڪرڻ، جيڪا ٽن ميمبرن، سيڪريٽري جنرل، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خزانچي تي ٻڌل هوندي.
(ix) هنگامي طور”سنگت“جي فنڊ مان ڏهن هزارن روپين تائين خرچ ڪري سگهي ٿو.

[b](ٻ) جوائنٽ سيڪريٽري
[/b]1. سيڪريٽري جنرل کي ڪاروبار ۽ ڪم ڪار ۾مدد ڏيڻ.
2. سيڪريٽري جنرل جي غير حاضريءَ ۾ سندس اختاريون ۽ جوابداريون سنڀالڻ.

[b](ٻ-الف): عورت جوائنٽ سيڪريٽري
[/b](i) سنڌ سنگت جي آئين موجب سنگت جي مرڪزي عهدن تي ڪنهن به عورت ميمبر کي بيهڻ جو حق آهي، جيڪو حق ڪا به عورت ميمبر استعمال ڪري سگهي ٿي.
(ii) آئين جي فقري 14 جي (ت) جي viii موجب خواتين شاخن لاءِ خاتون رابطا سيڪريٽري جي چونڊ جي شق موجود آهي. اُن ڪري سنڌي عورت اديبن لاءِ عورت جوائنٽ سيڪريٽري جي ڌار پوسٽ رکي وڃي ٿي.
(iii) عورت جوائنٽ سيڪريٽريءَ جي چونڊ، مرڪزي سنڌ ڪائونسل جي سالياني اجلاس ۾ ٻين مرڪزي عهديدارن وانگر ساڳئي طريقه ڪار موجب ٿيندي.
(iv) خواتين جوائنٽ سيڪريٽري کي آئين جي فقري 14 (ٻ) وارا ساڳيا اختيار حاصل هوندا.
• سيڪريٽري جنرل کي ڪاروبار ۽ ڪم ڪار ۾ مدد ڏيڻ.
• سيڪريٽري جنرل جي غير حاضريءَ ۾ سندس اختياريون ۽ جوابداريون سنڀالڻ

[b](پ) خزانچي:
[/b](i) سنڌ سنگت جو مالي حساب ڪتاب رکڻ.
(ii) سيڪريٽري جنرل معرفت سنڌ سنگت جي شاخن کان ساليانيون ۽ ٻيون فيون وصول ڪري رسيدون جاري ڪرڻ.
(iii) سنڌ سنگت جو ساليانو حساب ڪتاب مرڪزي آڊيٽر کان تپاس ڪرائڻ ۽ ڪاروباري ڪميٽيءَ جي انهيءَ ميڙ ۾ پيش ڪرڻ، جنهن ۾ ڪاروباري ڪميٽيءَ جي رپورٽ بحال ڪئي وڃي.

[b](پ) آڊيٽر
[/b]سنڌ سنگت جو حساب ڪتاب تپاسڻ ۽ ان جي تصديق ڪرڻ.

[b](ت) ضلعي رابطا سيڪريٽري ۽ ان جا اختيار:
[/b](i) هر ضلعي ۾ موجودسنگت جون شاخون، مرڪزي چونڊ وقت پنهنجي واسطيدار ڪائونسلرن (جن ۾ شاخن جا سيڪريٽري) به هوندا. ذريعي ضلعي رابطا سيڪريٽري چونڊينديون. مرڪزي چونڊ وقت ڪنهن ضلع جو رابطا سيڪريٽري ڪن سببن جي ڪري نه چونڊجڻ جي صورت ۾ ان جي چونڊ چونڊيل مرڪزي عهديدارن يا سندن نمائندي جي موجودگي ۾ ضلعي جون شاخون پنهنجي ڪائونسلرن وسيلي چونڊينديون.
(ii) ضلعي رابطا سيڪريٽري مرڪزي ڪاروبار ڪاميٽيءَ ۽ سنڌ سنگت ڪائونسل جا ميمبر هوندا، پر مرڪزي چونڊن ۾ ووٽ نه ڪري سگهندا.
(iii) شاخن جون رپورٽون، ساليانون فيون ۽ بقايائون وٺي مرڪز کي موڪليندا.
(iv) مرڪز ۽ شاخن جي وچ ۾ رابطي جو ڪم ڪندا.
(v) شاخن جون چونڊون مرڪز جي مشوري سان ڪرائيندا.
(vi) ضع رابطه سيڪريٽريءَ کي تنظيمي ڪم لاءِ ضلعي جي هر شاخ ساليانيو 50 روپيا ڏيندي.
(vii) خواتين شاخن لاءِ ڌار خاتون رابطا سيڪريٽريءَ جي چونڊ ٿيندي، جنهن کي ووٽ فقط خواتين شاخن جون ڪائونسلر ڏينديون.

سنڌ سنگت جا پئسا ۽ ڏيتي ليتي

[b] (15) سنڌ سنگت جا پئسا ۽ ڏيتي ليتي:
[/b](الف) سنڌ سنگت جا پئسا، ڪنهن به بئنڪ ۾ رکيا ويندا. بئنڪ ۾ کاتو سنڌ سنگت جي نالي سان رهندو. ٻئي عهــــديدار اڪائونٽ کولي رقم ڪڍائي سگهندا.
(ب) سنڌ سنگت جا فنڊ مٿين مقصدن لاءِ ئي خرچ ٿيندا.
(ٻ) سنڌ سنگت جي خرچ جي منظوريءَ جو اختيار ڪاروباريءَ ڪميٽي کي هوندو. پر ضروري تڪڙين ۽ هنگامي حالتن ۾ سيڪريٽري جنرل هڪ وقت 10000 روپيا بنا اڳواٽ منظوريءَ جي خرچ ڪري سگهندو. پر کيس اهو خرچ، ڪاروباري ڪميٽيءَ جي ميڙ ۾
منظور ڪرائڻو پوندو، پبليڪيشن ۽ لکپڙهه جو خرچ انهيءَ شرط کان آجو رهندو. ڇاڪاڻ ته پبليڪيشن تي سيڙايل رقم بطور خرچ نه، پر سيڙپ طور استعمال ٿيندي، جيڪا وڪري بعد وصول ٿيندي. سيڙپ واري گهربل رقم ڪاروباري ڪاميٽيءَ کان منظور ڪرائي ويندي ۽ ڏيتي ليتي / نفعي نقصان جو حساب ڪتاب ڪاروباري ڪميٽي جي اڳيان رکيو ويندو.

ميڙن لاءِ اطلاع

[b] (16) ميڙن لاءِ اطلاع:
[/b](الف) سنڌ سنگت ڪائونسل جي عام ميڙن لاءِ اطلاع ٽپال ،ايس ايم ايس،اي ميل،توڙي ضلعي رابطه سيڪريٽرين معرفت ۽ ٻئي ڪنهن مناسب طريقي سان ڏنو ويندو ۽ اخبار ۾ اعلان به ڪيو ويندو. اهو اعلان گهٽ ۾ گهٽ مهينو اڳ ڪيو ويندو.
(ب) ڪاروباري ڪميٽيءَ جي ميڙ جو اطلاع، ٽپال ،ايس ايم ايس،اي ميل توڙي ضلعي رابطه سيڪريٽرين معرفت ۽ ٻئي ڪنهن مناسب وسيلي ذريعي ڏنو ويندو، ان ميڙ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه هفتا اڳواٽ اطلاع ڏيڻ ضرور ٿيندو.

لکت ۾ طلب

[b] (17) لکت ۾ طلب:
[/b](الف) ڪنهن خاص ڳالهه لاءِ سنڌ سنگت ڪائونسل جي ميمبرن جي چوٿين پتي يا 25 ميمبر (ٻنهي حالتن ۾ جيڪو عدد گهٽ هجي) لکت ۾ طلب ڪري سگهن ٿا ته سنڌ سنگت ڪائونسل جو عام ميڙ ڪوٺايو وڃي، اهڙي گهر تي سيڪريٽري جنرل اهو ميڙ ڇهن هفتن اندر ڪوٺائڻ لاءِ ٻڌل رهندو. سيڪريٽري جنرل طرفان ميڙ نه ڪوٺائڻ سبب اهي ميمبر ميڙ ڪوٺائڻ لاءِ مجاز هوندا.
(ب)سنڌ سنگت ڪاروباري ڪميٽي جي ميڙ ڪوٺائڻ لاءِ جيڪڏهن ڪاروباي ڪميٽيءَ جي 10 ميمبرن طرفان لکت ۾ گُهر اچي ته سيڪريٽري جنرل اهو ميڙ ٽن هفتن ۾ ڪوٺائڻ لاءِ ٻڌل رهندو.
(ٻ) اهڙن ميڙن ۾ رڳو اهو ڪاروبار هلندو، جنهن جي لکت ۾ گهر ڪيل هوندي.

رايا وٺڻ، ميڙن جي صدارت، جوڙ جڪ ۾ درستيون

[b] (18) سرڪيولر رستي رايا وٺڻ.
[/b]ڪنهن به ڳالهه لاءِ ڪاروباري ڪميٽي جو ميڙ ڪوٺائڻ ضروري نه سمجهي. سيڪريٽري جنرل، انهي نسبت لاءِ ميمبرن کان سرڪيولر يا ٽپال رستي حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ سادي اڪثريت جي راءِ پٽاندر عمل ڪري سگهي ٿو.

[b](19) ميڙن جي صدارت:
[/b]سنڌ ڪائونسل، ڪاروباريءَ ڪميٽيءَ ۽ سب ڪميٽيءَ جي ميڙن جي صدارت سنڌ سنگت ڪائونسل يا مرڪزي ڪاروباري ڪميٽيءَ جو ڪو به ميمبر ڪندو، ووٽن جي هڪ جيترائيءَ جي حالت ۾ کيس فيصلي واري ووٽ (ڪاسٽنگ ووٽ) استعمال ڪرڻ جو حق هوندو.

[b](20) ننڍيون ڪميٽيون مقرر ڪرڻ:
[/b]سنڌ سنگت ڪاروباري ڪميٽي، وقت به وقت مختلف مقصدن لاءِ ننڍيون ڪميٽيون مقرر ڪري، انهن کي ڪي جوابداريون سونپي سگهي ٿي.

[b](21) جوڙ جڪ ۾ درستيون:
[/b]سنڌ سنگت جي جوڙجڪ ۾ درستيون ۽ ڦيريون ڦاريون، سنڌ سنگت جي سالياني عام ميڙ ۾ ٿي سگهن ٿيون. اهي درستيون ۽ ڦيريون ڦاريون تڏهن بحال سمجهڻ ۾ اينديون. جڏهن ميڙ ۾ حاضر ٿيل ڪل ميمبرن مان 2/3 ميمبر گهٽ ۾ 75 ميهبر (ٻنهي حالتن ۾ جيڪو تعداد گهٽ هوندو) درستين ۾ ڦيرين ڦارين جي فائدي ۾ ووٽ ڪندا.

سنڌ سنگت جا پيٽي قاعدا

[b] سنڌ سنگت جا پيٽي قاعدا (مقامي شاخن لاءِ)
[/b](13 ڊسمبر 1998ع تائين درست ٿيل)

[b]1. نالو:
[/b]هنن قاعدن جو نالو ”سنڌ سنگت“ جا 13 ڊسمبر 1998 وارا ئي قائدا (مقامي شاخن لاءِ) هوندو.

[b]2. عمل ۾ اچڻ:
[/b]هي پيٽي قاعدا 9 نومبر 1996ع کان وٺي عمل ۾ ايندا ۽ هر مقامي شآخ سان لاڳو ٿيندا.

[b](3) ميمبر شپ:
[/b]سنڌ سنگت جي متن، مقصدن ۽ گهربل معيارن (آئين جي فقري 2 ۾ موجود) سان اتفاق رکندڙ ڪو به شخص، ڪنهن به مقامي شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ کان، سنڌ سنگت جي مقرر ڪيل فارم تي (ڏسو ضميمو 1) درخواست سان گڏ مقرر في ڏئي، ميمبر ٿي سگهي ٿو.

[b]4. مقامي شاخ:
[/b](الف) ڪنهن به ڳوٺ يا، شهر جا ست يا ان کان وڌيڪ، سنڌ سنگت جي متن، مقصدن ۽ معيارن سان اتفاق رکندڙ اديب، ”سنڌ سنگت“ (سيڪريٽري جنرل) کان منظوري وٺي، شاخ قائم ڪري سگهن ٿا، پر ان شاخ جو باقاعدي الحاق، جوڙجڪ جي فقري 5 هيٺ مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي ڪندي.
(ب) ڪنهن به شهر، ڳوٺ يا اداري جون ست يا ان کان وڌيڪ، سنگت جي متن مقصدن (۽ معيارن) سان متفق خواتين، مٿي ڄاڻايل فقري واري طريقي سان شهر، ڳوٺ يا اداري ۾ ”خواتين شاخ“ قائم ڪري سگهن ٿيون.
(ٻ) ڪا به نئين شاخ، سنڌ سنگت کان اجازت وٺڻ بعد گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا ڪم ڪرڻ کانپوءِ پڪي الحاق لاءِ درخواست ڏئي سگهندي.
(پ) ان نئين شاخ جا نمائندا،مرڪزي ڪاروباري ڪميٽيءَ جي گهٽ ۾ گهٽ ٻن اجلاسن ۾ ميمبر طور شرڪت ڪندا ته جيئن اهي سنگت جي ڪاروهنوار کي سمجهي سگهن.
(ڀ) ڇهن مهينن وارو شرط اهڙين نين شاخن سان لاڳو نه ٿيندو، جيڪي اڳ قائم هيون. پر غير سرگرم رهڻ يا آئيني ضرورتن پوريون نه ڪرڻ سبب ختم ڪيون ويون هيون. اهڙين شاخن جا ميمبر اديب،شاخ جو الحاق ختم ٿيڻ واري ڏينهن کان هڪ سال اندر رجوع ڪندا ته بحاليءَ جي ذمري ۾ ايندا ۽درخواست ڏئي پنهنجي شاخ مرڪزي ڪاروباري ڪميٽي کان بحال ڪرائي سگهن ٿا.
(ٺ) اهڙين شاخن جو الحاق پاڻ مرادو ختم ٿي ويندو، جيڪي لڳاتار ڪاروباري ڪميٽيءَ جي ٽن اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪنديون.
(ٽ) اهڙين شاخن جو الحاق پاڻ مرادو ختم ٿي ويندو، جن جا نمائندا، ٻن ”سنڌ سنگت“ ڪائونسل اجلاسن ۾ لڳاتار شرڪت نه ڪندا.

[b]5. متا ۽ مقصد:
[/b]مقامي شاخن جا متا ۽ مقصد ساڳيا ”سنڌ سنگت“ وارا هوندا.

[b]6. عهديدار:
[/b]مقامي شاخ جا چار عهديدار هوندا.

[b]1. سيڪريٽري، 2. جوائنٽ سيڪريٽري، 3. خزانچي، 4. آڊيٽر.
[/b]
[b]7. ڪاروباري ڪميٽي:
[/b]مقامي ڪاروباري ڪميٽيءَ جي ميمبرن جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ پنج يا ڪل ميمبر جو 1/3 حصو هوندو ٻنهي حالتن ۾ جيڪو وڌيڪ هجي). شاخ جا سمورا عهديدار، ڪاروباي ڪميٽيءَ جا ميمبر هوندا. سنڌ سنگت جي ڪائونسل تي هڪ ڪائونسلر چونڊڻ جو اختيار شاخ جي جنرل باڊي کي هوندو، جنهن جو مدو هڪ سال هوندو.

[b]8. عام ميڙ
[/b]مقامي شاخ جا ڪل ميمبر عام ميڙ ٺاهيندا، جنهن کي شاخ جي عهديدارن ڪاروباري ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۽ ڪائونسلر چونڊڻ جو اختيار هوندو.

[b]9. ميمبر شپ جو خاتمو ۽ بدلي:
[/b](الف) هيٺين سببن جي ڪري ميمبر شپ ختم ٿي ويندي.
جيڪڏهن ڪو به ميمبر ڇهن مهينن تائين في نه ڏيڻ سان گڏ ڇهن مهينن تائين بنا ڪنهن اطلاع جي گڏجاڻين ۾ شريڪ نه ٿيندو يا ٻنهي مان ڪا به هڪ ڪوتاهي ڪندو ته سندس ميمبرشپ خارج ٿي ويندي،بنا نوٽيس جي ميمبر شپ خارج ڪرڻ جو اختيار شاخ جي ڪاروبار ڪاميٽي کي هوندو، پر ميمبر شپ ختم ٿيڻ کانپوءِ ٽن مهينن اندراڳين بقايا ۽ معيار وڌائڻ جي درخواست ڏيڻ تائين ماهوار في ادا ڪرڻ سان اهو شخص ميمبر ٿي سگهي ٿو. اهڙي درخواست قبول يا رد ڪرڻ جو اختيار شآخ جي مرضيءَ يا ويچار (Discreation) تي ڇڏيل هوندو، ختم ٿيل ميمبر شپ سالياني چونڊ کان اڳ بحال نه ٿي سگهندي. شاخ ۾ چونڊ کان اڳ بحال نه ٿي سگهندي. شاخ ۾ چونڊن کان نئين ميمبر شپ هڪ مهينو اڳ تائين ٿي سگهي ٿي.


[b]2. ميمبر شپ جي منتقلي/معطلي، استعيفائن جي بحالي:
[/b]جيڪڏهن مقامي شاخ جي ڪاروباي ڪميٽي، ان نتيجي تي پهچي ٿي ته سندس ڪو ميمبر، تقرير، تحرير يا عمل سان سنڌ سنگت جي مفادن ۽ آئين خلاف ڪجھه ڪري رهيو آهي ته سندس ميمبر شپ معطل ڪري، سموري رپورٽ، لاڳاپو رکندڙ، مواد سنڌ سنگت ڏانهن موڪليندي، سيڪريٽري جنرل، ان ميمبر کان وضاحتي بيان زباني يا لکت ۾ يا ٻنهي طريقن سان وٺڻ بعد ان فيصلي کي رد يا بحال ڪندو. اهڙي فيصلي خلاف اپيل ٻڌڻ جو حق رڳو مرڪزي ڪاروباري ڪميٽيءَ کي هوندو.
(ب) ڪنهن به مقامي شاخ جي ميمبر جو پنهنجي شاخ جي حدن مان لڏي وڃڻ. سبب، سندس ميمبر شپ پاڻ هرتو لڏي وڃڻ واري شاخ ڏانهن منتقل ٿي ويندي، پر کيس پهرين شاخ کان بي باقيءَ جو سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻو پوندو.

[b]9. اختلاف:
[/b]ڪنهن به ميمبر يا ميمبرن ۾ تنظيمي معاملن تي اختلاف يا تڪرار جي حالت ۾ لکت ۾ شڪايت ملڻ تي سيڪريٽري جنرل سنڌ سنگت، ننڍي ڪميٽي مقرر ڪري، ان معاملي کي حل ڪرائيندو. جوآخري فيصلو هوندو.

[b]11. مقامي شاخن جا فنڊ:
[/b](الف) مقامي شاخ هيٺينءَ طرح پنهنجا فنڊ قائم ڪندي:
1. داخلا في پنجاهه روپيا
2. ماهوار في ٽيهه روپيا
3. سرڪاري، نيم سرڪاري، خانگي ادارن، جماعتن ۽ فردن کان غير مشروط امدادون ۽ عطيا وٺڻ سا (بشرطيڪه اهڙي طريقي ورتل رقم جو 15 سيڪڙو لازمي طرح سنڌ سنگت کي ڏنو وڃي)
4. ثقافتي ۽ ادبي نمائندن ۽ ميڙن ڪوٺائڻ سان.
(ب)مقامي شاخن جا پئسا، سنڌ سنگت جا مقصد ماڻڻ لاءِ ئي خرچ ڪيا ويندا.
(ٻ) اهي پئسا ڪنهن ويجھي بئنڪ يا پوسٽ آفيس ۾ (جنهن جو فيصلو شاخ جي ڪاروباري ڪميٽي ڪندي) رکيا ويندا ۽ خزانچي ۽ سيڪريٽري گڏ بينڪ / پوسٽ آفيس سان وهنوار ڪندا. سيڪريٽري جي غير حاضريءَ ۾ جوائنٽ سيڪريٽري اهي اختيار استعمال ڪندو.

[b]12. شاخ جو خاتمو:
[/b](1) جيڪڏهن ڪنهن مقامي شاخ جي ميمبرن جو تعداد ستن کان گهٽ رهجي وڃي ته اها شاخ پڻ هرتو ختم ٿي ويندي ۽ ان جي ملڪيت ۽ رڪارڊ، سنڌ سنگت پنهنجي تحويل ۾ وٺندي. جيڪڏهن اُتي ٻي شاخ قائم نه ٿي سگهي ته اهي پئسا ۽ ملڪيت سنڌ سنگت پنهنجي طور خرچ ڪرڻ جي مجاز هوندي.
(2) جيڪا شاخ ڇهه مهينا سرگرم نه رهي ۽ پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ لاڳيتو ڇهن مهينن تائين موڪلي نه سگهي ته ان جي الحاق جي خاتمي جو سوال ايندڙ ڪاروباري ڪميٽيءَ جي ميڙ ۾ رکيو ويندو، جنهن جي فيصلي خلاف ڪا به اپيل نه ٿيندي.
(3) جيڪا به شاخ ٻن سالن تائين لاڳيتو سالياني في ادا نه ڪندي، ان جو الحاق خودبخود ختم ٿي ويل سمجھيو ويندو.
(4) فقري 12 هيٺ ختم ٿيل ڪا به شاخ يا ان جو ميمبر، سنڌ سنگت جو نالو استعمال نه ڪري سگهندي/سگهندو ۽ جي ڪندي/ڪندو ته مٿس قاعدي جي ڪاروائي ڪئي ويندي، جنهن لاءِ ان ڪورٽ کي عمل جو اختيار هوندو، جنهن جي حدن اندر مرڪزي آفيس واقع هوندي، ٻي ڪنهن مقدمي بازيءَ جي صورت ۾ اهڙي ئي ڪورٽ کي سماعت جو اختيار هوندو.

[b]13. جوڙ جڪ لاڳاپو:
[/b]مقامي شاخ جي عهديدارن، ڪاروباري ڪميٽيءَ ۽ عام ميڙ جي فرضن ۽ اختيارين، عملن ۽ طريقه ڪار بابت يا ٻين ڏسن ۾ جن جي هنن پيٽي قانونن ۾ خاص موجودات ڪانه آهي. تن سان سنڌ سنگت جي جوڙجڪ جا واسطيدار فقرا لاڳو هوندا.

سنڌ سنگت جا پيٽي قاعدا (چونڊ بابت)

1. هنن قاعدن جو نالو ”سنڌ سنگت وارا پيٽي قاعدا (چونڊن بابت)“ هوندو.
2. هي قاعدا، نئين سر 13 ڊسمبر 1998ع کان وٺي لاڳو ٿيندا.
3. سنڌ سنگت جي عهديدارن جي چونڊ هر ٻئي سال، سالياني عام ميڙ ۾ ٿيندي. اهڙي ميڙ جي گڏجاڻي جي اطلاع سان گڏ ووٽرن جي فهرست ۾ موڪلي ويندي.
4. اهڙي سالياني عام ميڙ کان اڳ ڪاروباري ڪميٽي هڪ مرڪزي چونڊ ڪميٽي تشڪيل ڏيندي، جا ٽن ڄڻن تي مشتمل هوندي جن ۾ هڪ ان جو پرزائيڊنگ آفيسر هوندو، جو ان جو سربراهه به هوندو، اها ڪميٽي سارو چونڊ جو ڪاروبار هلائيندي،ان جو هڪ ميمبر سيڪريٽريءَ جا فرائض ادا ڪندو.
5. مرڪزي چونڊن لاءِ ڪميٽي جو سرابراهه ۽ ميمبر ساڳئي شهر جا هوندا.
6. چونڊ ڪميٽي، نامزدگيءَ جي فارمن جي وصوليءَ، چڪاس، نالن جي پڌرائيءَ ۽ دستبرداريءَ وغيره لاءِ تاريخون ۽ وقت مقرر ڪندي، پر اهو شيڊيول يا وقت جو وچور، اليڪشن کان 15 ڏينهن اڳ تائين هئڻ گهرجي، جنهن۾ ووٽرن ڏانهن آخري فهرست (اميدوارن جي) موڪلڻ به شامل آهي. ڪائونسلرن جون حتمي لسٽون مهينو اڳ پڌريون ٿي شاخن تائين پهچڻ گهرجن ۽ چونڊ تائين ان ۾ ڪا به تبديلي يا واڌارو نه ٿيڻ گهرجي.
7. هر اميدوار پنهنجي نامزدگيءَ جو اطلاع پرزائيڊنگ آفيسر ڏانهن رجسٽرڊ ٽپال رستي، يا چونڊ ڪميٽيءَ جي سيڪريٽريءَ کي هٿو هٿ ڏئي رسيدوٺڻ سان پيش ڪري سگهي ٿو.
8. ڪنهن هڪ مرڪز جي عهدي لاءِ تجويز يا تائيد ڪندڙ،ٻئي اميدوار کي ساڳئي عهدي لاءِ تجويز يا تائيد ڪري نه سگهندو.
9. ڪائونسلرن جي حتمي لسٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ نالن ۾ ڪا به ڦير ڦار نه ٿيندي (سواءِ موت جهڙي صورتحال لاڳو ٿيڻ جي). هر اميد وار جي نامزدگي ڪو به ڪائونسلر تجويز ڪري سگهي ٿو. ۽ ڪو به هڪ ڪائونسلر ان جي تائيد ڪندو، اهوڪائونسلر ڪنهن به شاخ جو ٿي سگهي ٿو. پر اميدوار ۽ تجويز ۽ تائيد ڪندڙ ڪائونسلر لاءِ لازمي آهي ته ان کي پنهنجي شاخ جو سيڪريٽري ميمبر شپ ۽ بي باقيءَ جو سرٽيفڪيٽ ڏيندو. اميدوار کي پنهنجي قبوليت لکڻي پوندي. اهڙو مقرر نامزدگيءَ جو فارم مناسب تعداد ۾ چونڊ ڪميٽي هر شاخ ڏانهن ميڙ جي نوٽيس سان گڏ موڪلي ڏيندي.
10. مرڪزي عهدي لاءِ اميدوار جي نامزدگي في 500 روپيا ۽ ضلعي رابطا سيڪريٽري لاءِ 300 روپيا هوندي.
11. ڪو به ميمبر، جنهن ڏانهن شاخ جي ماهوار في ٽن مهينن جي بقايا رهيل آهي. سو اميدوار بيهي نه سگهندو، نه نالو تجويز ڪري سگهندو ۽ نه ئي تائيد ڪري سهگندو، نه ئي ووٽ ڏيڻ جو مجازهوندو. ان ڪري نامزدگيءَ جي فارم سان اميدوار تجويز ڪندڙ تائيد ڪندڙ جي بي باقي جو سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻ جي صورت ۾ ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهي ٿو.
12. مرڪزي چونڊن ۾ نامزدگي فارم رد ٿيڻ جي صورت ۾ ٻن ڏينهن اندر چونڊ ڪاميٽيءَ وٽ اپيل ڪري سگهبي.
{نوٽ مرڪزي چونڊن ۾ شاخ جي ڪائونسلرن کي سالياني الحاق ۽ ڊيليگيشن في جي ادائگي کانپوءِ مرڪزي خزانچي/سيڪريٽري جنرل کان بي باقيءَ جو سرٽيفڪيٽ وٺڻو پوندو. انهي کانپوءِ انهيءَ شاخ جا ڪائونسلر ووٽ ڏيڻ جا مجاز هوندا. ڪائونسلرن کي ووٽ ڏيڻ وقت ”سنگت سڃاڻپ ڪارڊ“ ڏيکارڻ لازمي هوندو.}
13. اميدواريءَ تان دستبرداري به لکت ۾ فقري 6-موجب پيش ڪئي ويندي. دستبرداريءَ بعد باقي بچيل اميدوارن جي فهرست ووٽرن ڏانهن ٽپال رستي موڪلي ويندي ۽ پڻ اخباري رستي پڌري ڪئي ويندي.
14. چونڊون، ڳجهيون ۽ بئليٽ پيپر رستي ڪرايون وينديون. مقرر بئليٽ پيپر پرزائيڊنگ آفيسر پنهنجي صحيح سان ۽ ڪائونٽر فائيل تي ووٽر جي صحيح وٺڻ کانپوءِ جاري ڪندو. هر بئليٽ پيپر جي پويان پرزائيڊنگ آفيسر پنهنجي مهر هڻندو ۽ صحيح وجھندو.
بئليٽ پيپر ڇپرايا، سائيڪلو اسٽائيل ڪرايا يا فوٽو اسٽيٽ ڪرايا ويندا، پر ٿوري تعداد هجڻ جي صورت ۾ چونڊ ڪميٽي اُهي هٿن سان ڪاربن ڪاپيءَ رستي به ٺهرائي سگهي ٿي.
15. اعتراض ۽ اختلاف وارن ووٽن جي حالت ۾ انهن جو فيصلو پرزائيڊنگ آفيسر ڪندو. جو آخري قطعي هوندو. ڪنهن به ٻن يا وڌيڪ اميدوارن جي هڪ جيترن ووٽن کڻڻ جي حالت ۾ انهي اميدوارن جي چونڊ جو فيصلو ڪڻن رستي ڪيو ويندو. يا ٻنهي جي رضامنديءَ سان هڪ هٿ کڻڻ جي صورت ۾ ڪيو ويندو.
ووٽن جي ڳڻپ حاضر اميدوارن يا سندن ايجنٽن ۽ چونڊ ڪميٽيءَ جي ميمبرن آڏو ڪئي ويندي ۽ چونڊ جي وچور وارن شين تي پرزائيڊنگ آفيسر ۽ حاضر اميدوار صحيح ڪندا.
16. چونڊ جي فيصلي خلاف ڪنهن اعتراض يا اپيل کي ٻڌڻ جو اختيار رڳو چونڊ ڪميٽيءَ کي هوندو، جا اهڙي معاملي جو نبيرو چونڊ بعد ٻن مهينن اندر ڪندي ۽ اهو آخري قطعي فيصلو هوندو.
17. چونڊ ڪميٽيءَ جو ڪو به رڪن، پرزائيڊنگ آفيسر يا سيڪريٽري چونڊ ۾ اميدوار بيهڻ جو مجاز نه هوندو. مقامي شاخن جي چونڊ سان به مٿيان قاعدا لاڳو رهندا پر:

1. مقامي شاخ جي چونڊ هر سال سالياني عام ميڙ ۾ ٿيندي.
2. شاخن جون سالياني چونڊون هر صورت ۾ ڊسمبر ۽ جنوري مهينن ۾مڪمل ڪرايون وينديون.
3. شاخن جي سالياني چونڊ ڪرائڻ جو اختيار ان ضلعي جي رابطا سيڪريٽري کي هوندو. سندس يا مرڪز جي اجازت کانسواءِ ڪرايل چونڊ کي تسليم نه ڪيو ويندو. رابطا سيڪريٽري نه هجڻ جي صورت ۾ مرڪز يا سندس پاران مقرر ڪيل نمائندو ئي چونڊون ڪرائڻ لاءِ با اختيار هوندو.
4. چونڊ سبب ڪميٽي، نامزدگيءَ کان دستبرداري ۽ آخري فهرست جي پڌرائيءَ لاءِ وقت جو وچور اهڙي نموني ٺاهيندي، جيئن چونڊ کان گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڏينهن اڳ اهو عمل پورو ٿي وڃي.
5. شاخ جي نامزدگي فارم في 50 روپيا هوندي.

[b] نوٽ؛ مرڪز توڙي شاخن ۾ نيئن چونڊيل باڊيءَ کي اڳوڻي باڊي سمورو رڪارڊ هڪ مهيني اندر منتقل ڪرڻ لاءِ پابند هوندي.
[/b]

ضميمو -1

[b] ضميمو -1
(ڏسو ”سنڌ سنگت“ جي 1998ع واري پيٽي قاعدن جو فقرو-3)[/b]

سنڌي ادبي سنگت سنڌ
(ميمبري جو فارم)

(هتي تصوير لڳايو)

نمبر:................... (.................. شاخ) تاريخ......................
نالو پورو ذات سميت: .........................................................................................
ادبي نالو............................................... ڪرت........................عمر......................
ڄم جو هنڌ.........................................................................................................
تعليمي لياقتون................................. ادب جي صنف............................................
ادبي خدمتون ....................................................................................................
عارضي پتو................................................... مستقل پتو ...................................
آئو سنڌي ادبي سنگت جي متن ۽ مقصدن سان شامل راءِ آهيان ۽ ان جو/جي ميمبر ٿيان ٿو/ٿي ۽ ان جي في ادا ڪريان ٿو/ٿي.
تاريخ....................... صحيح ميمبر جي

منظور/نامنظور صحيح سيڪريٽري
سنڌي ادبي سنگت
”سنڌ سنگت لاءِ“
نمبر:............................... (....................... شاخ) تاريخ.........................................
نالو پورو ذات سميت: ......................................................................................... ....................................................................................
ادبي نالو.............................................................................................................. ڪرت..........................عمر..........................................
ڄم جو هنڌ......................................................................................................... ....................................................................................
تعليمي لياقتون................................. ادب جي صنف............................................ ....................................................................................
ادبي خدمتون .................................................................................................... ....................................................................................
عارضي پتو................................................... مستقل پتو ................................... ......................................................................................
فون .......................................
صحيح سيڪريٽري
س ا س شاخ.........

ضميمو -2

[b]ضميمو -2
(چونڊ بابت)[/b]
(ڏسو ”سنڌ سنگت“ جي 1998ع واري پيٽي قاعدن جو فقرو-6)

[b]نامزدگيءَ جو فارم
[/b]
سنڌي ادبي سنگت، سنڌ شاخ.................................
مانوارا پرزائيڊنگ آفيسر
چونڊ سب ڪميٽي سال..................................ع
سنڌي ادبي سنگت، / شاخ................................
پيارا سائين،
آءٌ........................................... ولد................................ ميمبر شاخ.....................
محترم.....................................ولد................................ ميمبر شاخ.....................
جو نالو سنڌي ادبي سنگت سنڌ/شاخ................................. جي سال................ع وارين رٿيل چونڊن ۾ ........................... عهدي / ميمبر ڪاروباري ڪميٽيءَ طور تجويز ڪريان ٿو/ٿي.

تاريخ...........................ع نالو صحيح تجويز ڪندڙ جي
ميمبر / ڪائونسلر شاخ.....................
آئون مٿين تجويز سان متفق آهيان.
نالو ۽ صحيح تائيد ڪندڙ جي
ميمبر ــــ ڪائونسلر شاخ .........

(اميدوار جو نالو ۽ صحيح)
ميمبر / ڪائونسلر شاخ.....................

”سرٽيفڪيٽ“ـــــ مٿئين اميدوار ڏانهن شاخ جي ڪا به بقايا رهيل ناهي ــــ سيڪريٽري شاخ ...........

ضميمو -3

ضميمو -3 (چونڊ بابت)
(ڏسو ”سنڌ سنگت“ جي 1998ع واري پيٽي قاعدن (چونڊ بابت) جو فقرو-3)

(الف)

(بئلٽ پيپر)

سنڌي ادبي سنگت سنڌ


سال........................ع واريون چونڊون
جريان نمبر.......................................ووٽر جي فهرست جو نمبر..............................
صحيح ووٽر جي) صحيح پرزائيڊنگ آفيسر جي)
............................هتان ڦاڙيو وڃي..............................

سيڪريٽري جنرل
(1) نالو اميدوار نشان ()هڻڻ جي جاءِ
(1) نالو اميدوار
جوائنٽ سيڪريٽري



خزانچي


آڊيٽر

[img]https://i.imgur.com/NXNrAxI.jpg[/img]

ضميمو -4

ضمينو 4

(ب)

(بئلٽ پيپر)

[img]http://farm5.staticflickr.com/4597/25388957758_0c05ef9e09_o.jpg[/img]