درد جو مرهم ڪيو درد جو مرهم ڪيو ڪجهه ته مونتي دم ڪيو مرڪ ڏيو يا مون جيان نيڻ پنهنجا نم ڪيو جڳ سموري جون اکيون حسن مون ۾ ضم ڪيو غم پيو اي عاشقو! روح کي پرنم ڪيو جنت الفردوس سنڌ ڇو پيا جهنم ڪيو؟ موت ڏيو يا زندگي ڪو ته هڪڙو ڪم ڪيو