لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر

سنڌي شاعريءَ جي مختلف دورن بابت لکيل تحقيقي مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر سروپچندر شاد آهي. شاد صاحب مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر“ ۾ قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي زماني واري شاعري کي ارڙهن دور ۾ ورهايو آهي. مون تفصيل سان هر دور ۾ اڀرندڙ نقطن، مضمونن ۽ شاعرانه نمونن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.“

Title Cover of book Sindhi Boli'a ja Sarjenhaar Shair

حيدر بخش جتوئي: (1901ع، 1970ع)

[b]اديبن ۽ نقادن جا رايا
[/b]
1954ع کان 1969ع جي ٻڪڙ ٻوساٽ واري ماحول ۾ ون يونٽ قائم ٿيڻ کان وٺي ان جي خاتمي تائين حيدر بخش جتوئي سنڌ جي هاري ليڊر هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ جو قومي اڳواڻ، سنڌ جي قومي اتحاد ۽ عوامي تحريڪن جي اتحاد جو علمبردار رهبر ٿي انهن پندرهن سالن ۾ حيدر بخش جتوئي ايوب شاهي ۽ ڊڪٽيٽرشپ ۽ پنجاب جي جاگيرداري نوڪر، شاهي سازش کي بي نقاب ڪندو رهيو.
[b]ٻه اکر. سوڀو گيانچنداڻي. جيئي سنڌ جيئي سنڌ
[/b]
هي غريب گهر جو ماڻهو هو سندس نوڪري جي زماني ۾ ايماندار رهڻ ڪري پئسو گڏ ڪري نه سگهيو. هو نوڪري کان ٻاهر نڪرڻ بعد، جي مشڪلاتن سامهون اچڻ واريون هيون، اُنهن جي پرواهه نه ڪيائين، بقول شاعر:
جنهن کي تار لڳي يار جي،
سا ڪيئن ڪندي گهر ٻار جي.
[b]جي.ايم. سيد باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي.
[/b]
هاري انقلاب جي مشن کي سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ ڦهلائڻ سان گڏ، حيدربخش جتوئي جو وڏو ڪارنامو هي هيو جو هن، هارين جا سچا هڏڏوکي ورڪر پيدا ڪيائين. هي سندس خوشنصيبي پڻ هئي جو کين پاڻ جهڙا جوشيلا، سرڦريا ۽ سرويچ ساٿي همرا ٿيا. جن آخري دم تائين تحريڪ سان توڙ نڀائي اُنهي هٿ ۾ مرحوم مولوي نذير حسين جتوئي، قاضي فيض محمد، عبدالجبار، ۽ غلام محمد لغاري جا نالا قابل ذڪر آهن.
[b]علي احمد بروهي. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي
[/b]
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سنڌ ڌرتي جو هڪ عظيم انسان هو، اهڙا انسان ورلي جنم وٺندا آهن. هونئين سنڌ ڌرتي ڪيئي جوڌا جوان پيدا ڪيا آهن پر هن دؤر ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙو جوش، اثر انگيز جذبو پنهنجي ڪاز سان ايمانداري، وطن سان محبت ۽ مظلوم عوام سان همدردي رکندڙ، ٻيو ڪو به شخص نظر نٿو اچي.
[b]نور محمد شيخ. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
[/b]
اسان جو هم صفت معصف حيدر بخش سنڌ جي آزادي لاءِ اڪيلو ئي لڙندو رهيو. وڏي واڪي چوندو رهيو:
”وڪي جنهن سنڌ پياري، تنهن تي لعنت،
ڪيو جنهن ڪم ڪجارو، تنهن تي لعنت،
وجهي ٿو جڳ سارو، تنهن تي لعنت!
ٿيون قربان تو تان، سنڌ پياري.
[b]غلام محمد لغاري. باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي
[/b]
[b]حيدربخش جتوئي جي زندگي جو احوال:
[/b]حيدربخش جتوئي آڪٽوبر 1901ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ بکو ديري ۾ غريب هاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن جي پيءُ جو نالو الهداد جتوئي هو. الهداد غريب هو، پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ جي لاءِ ڪو به پئسو وغيره نه هو. هن پنهنجي پُٽ حيدر بخش جتوئي کي اُتي جي عام اسڪولن ۾ پڙهايو هو ڏاڍو ذهين ۽ محنتي هو پرائمري کان وٺي ميٽرڪ تائين اُن سُٺي پڙهائي ڪئي. غريبي جي ڪري هن کي في وغيره معاف ڪئي. هو پنهنجي هوشياري سان هر سال پهريون نمبر کڙندو هو. استاد به هن کي چاهيندا هئا. ۽ هن جي همت افضائي ڪنداهئا. شاگرد به هن جي هوشياري جي ڪري هن کي ڏاڍو چاهيندا هئا. ڪنهن شيءِ جي کوٽ ٿي ويندي هئي ته هو اُن کي تحفي طور اُهي شيون آڻي ڏيئي خوش ٿيندا هئا.
حيدر بخش جتوئي پڙهائي جي وقت ڏاڍي محنت ڪندو هو. استادن جي عزت ڪندو هو ۽ شهر جا شاهوڪار ماڻهن هن جي مدد لاءِ اسڪالرشپون جاري ڪيون. اُنهن جي ڪري اُن جي همت وڌي ۽ ڏاڍي محنت ڪري ميٽرڪ ۾ سڄي علائقي ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو. هن 1923ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. اُن کان پوءِ حيدر بخش ڊي جي سنڌ ڪاليج (ڏيارام ڄيٽمل) سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي اُتي ان جي مالي مدد به ٿيندي هئي. اُن جي هوشياري ۽ ذهانت نه صرف اُتي جي شاگرد ساراهيندا هئا پر اُتي جااُستاد به اُن سان ڏاڍي محبت ڪندا هئا ۽ همٿائيندا هئا ته هو پڙهي ۽ نمبر حاصل ڪري ۽ پنهنجي زندگي کي ٺاهي. ڪاليج جي پرنسپال مسٽر شاهاڻي ۽ وائس پرنسپال پروفيسر بوٿاڻي هن جي مدد ڪندا هئا ۽ ڏاڍو چاهيندا هئا. هو محنتي هو ۽ پنهنجي پڙهائي جي ڪري ذهني طرح اهڙو ته مضبوط ٿيو جو زندگي جي آخري گهڙي تائين سختين کي سهندو رهيو ۽ پنهنجو مان مٿي ڪندو رهيو. ڪاليج جي پرنسيپال مسٽر شاهاڻي حيدر بخش جي باري ۾ ائين لکيو آهي ته: Look at this hyder Bakhsh! His face shows intellect. هن حيدربخش ڏي ڏسو! سندس منهن مان عقل تو بکي.
هن 1927ع ۾ بي.اي. پاس ڪئي. پرهائي سان گڏوگڏ هن شاعري ڪرڻ به شروع ڪئي ۽ اُتي جي ادبي گروپ سرسوتي ۾ شموليت ڪئي. بي.اي. پاس ڪرڻ کان پوءِ هو نوڪري ۾ آيو ۽ هيڊ منشي ٿيو ۽ روينيو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ مختيارڪار بڻيو. هو ڏاڍو اصول پرست هو. رشوتون نه وٺندو هو ۽ قائدن ۽ قانونن مطابق ڪم ڪندو هو. هو ڪنهن جي به سفارش ڪو نه مڃيندو هو. غير قانوني ڪمن سان هن کي ڏاڍي نفرت هئي. انهي ڪري اُتي جا وڏيرا ۽ غلط ڪم ڪرائيندڙ ماڻهو هن کي ڪو نه چاهيندا هئا. هو اصول پرست ۽ همت وارو هو. وقت جي حالتن کيس مجبور ڪيو ته هو نوڪري ڇڏي ڏئي. ڪن وڏن روينيو آفيسرن ان کي ائين ڪرڻ نه ڏنو. هن مختلف هنڌن تي نوڪري ڪئي گهٽ پگهار جي ڪري هو پنهنجي زندگي ڏکيائي سان گذاريندو هو. هن ڪيترين ئي علائقن ۾ نوڪري ڪئي. جهڙوڪ: بدين، رتديري ۾ ۽ قنبر ۾ هيڊمنشي طور ڪم ڪيو ۽ ڏوڪري، بدين جميس آباد، ڊگري ۽ گهوٽڪي ۾ مختيارڪار طور ڪم ڪندو رهيو. هن نوڪري ڪندي ماڻهن جون ڏاڍيون خدمتون ڪيون. هو ٺاٺ ٺوٺ کان پري رهيو ۽ صرف هڪ سچي سرڪاري نوڪر جي طرح هو پنهنجا فرض ايمانداري سان سرانجام ڏيندو رهيو. هو سچو سرڪاري ڪارندو هو. هو سڀني جا سچا ۽ اصولن وارا ڪم ڪري خوش ٿيندو هو. هو ڪڏهن به غلط ڪم نه ڪندو هو ۽ انگريز آفيسرن جي به سفارش نه مڃيندو هو، هو ناراض ٿيندا هئا. ته به غلط ڪم نه ڪندو هو، هن جي هڪ دوست جمع خان جعفري کيس صلاح ڏني ته اصول پسندي ته ايترو سختي سان قائم رهڻ فائدي ۾ ناهي، هن کي مسٽر جمع خان جعفري جي ڳالهه نه وڻي ۽ اُنکي چيائين ته معاشري ۾ ڪيتريون ئي غلط ڳالهيون ۽ ڪم جاري آهن اُنهن کي ڪيئن ڇڏي ڏجي.
حيدر بخش جتوئي ايترو ته سخت هوندو هو جو ڪنهن کي به همت نه ٿيندي هئي ۽ هو رشوت جي ذريعي هن کان ڪو غلط ڪم ڪرائي سگهن.

[b]انقلاب پسند آفيسر:
[/b]1930ع واري ڏهاڪي ۾ هن کي ترقي پسند لٽريچر مليو. هو قادر بخش نظاماڻي، سوڀي گيانچنداڻي ۽ ترقي پسند ۽ روشن خيال اڳواڻن سان ملڻ لڳو. هن جي خيالن ۾ تبديلي آئي ۽ هو وڏو ۽ مضبوط ليکڪ بڻجي ويو. هن تي ڪنهن به ظلم نه ڪيو ۽ هن ڪنهن کي به تڪليف نه ڏني ۽ هو وڌيڪ مقبول ٿيو. پهرين مهاڀاري لڙائي کان پوءِ هو نوڪري کان بيزار ٿي ويو ۽ عام ماڻهن جي خدمت ۽ مدد ڪرڻ لاءِ سوچيائين.
هن سينئر ڊپٽي ڪليڪٽر جي عدهي کان استعيفيٰ ڏئي، هاري ڪميٽي ۾ شامل ٿيو. هو هن هاري ڪاميٽي جو جنرل سيڪريٽري بڻيو ۽ مرڻ گهڙي تائين هو اُنهي عهدي تي ڪم ڪندو رهيو، استعيفيٰ ڏيڻ تي هن جايار دوست ڪاوڙيا ۽ هن کان پري ٿي ويا. هاري ڪاميٽي ۾ رهندي هن غريبن جي لاءِ زمينون هٿ ڪري ڏنيون. هن 1950ع ۾ هاري ڪاميٽي جو آئين جوڙيو. هن هارين جي تنظيم سازي ڪري انهن کي باخبر بڻايو ۽ انهن جي دل وجان سان ڪم ڪيو. اُنهن وڏيرن ۽ اثر وارن اڳواڻن جي طرفان هارين ۽ نارين تي ظلم ڪيا ۽ هاري ڪاميٽي جي عملي اُنهن کي ڪورٽن ۾ وجهي للڪاريو ۽ اُنهن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو.
حيدر بخش جتوئي هارين جي حقن کي مقرر ڪرڻ ۽ اُنهن جي بچاءُ واسطي قانون ٺهرائڻ لاءِ تحريڪ شروع ڪئي. حيدربخش جتوئي تحريڪ هلائي ۽ اُها تحريڪ ايڏي مضبوط هئي جو سرڪار کي مجبور ٿي ايڪٽ پاس ڪيو. جنهن جي ذريعي سب غلط ڪم ڪار بند ٿي ويا ۽ هارين کي انصاف ملڻ شروع ٿيو. اُن کان پوءِ ون يونٽ ٺهيو اُن ڪري ملڪ ۾ نفرتون وڌيون ۽ عوام لاءِ ٿيندڙ ڪم رولي ۾ اچي ويا. ونيونٽ ٽٽڻ کان پوءِ به اُهي نفرتون اڃا به قائم آهن. حيدربخش جتوئي ون يونٽ جي خلاف ٻه ڪتابڙا لکيا ”سنڌ سان ناانصافي (ٻه ڀاڱا)“ ۽ ”اچو ته پاڪستان بچايون“ لکيا جن ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلمن جو بيان ٿيل آهي.
اُن کان پوءِ هن ٻيا ٻه جامع مقالا ”پاڪستان ۾ جمهوريت يا آمريت جي عنوان سان لکيا. عدالتي پابندين جي خلاف هن وري هڪ ٻيو ڪتاب ”ڊيموڪريسي اينڊ اِن جئس آف دي چيف جسٽس“ لکيو. اُن کان پوءِ ڇڪتاڻ پيدا ٿي. هاءِ ڪورٽ حيدربخش جتوئي جي اپيل کي رد ڪري ڪيس کي سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪليو. جنهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ردڪري گورنر جنرل جو آمريت وارو فيصلو بحال ڪيو ۽ حڪومت ڊاهڻ ۽ سنڌ کي ٽوڙڻ جو فيصلو ڏنو. جنهن کي ماڻهن قبول نه ڪيو. ان ڪيس کان پوءِ جمهوريت پسند ماڻهن جي اڳيان پيش ڪيو ويو. حيدربخش جتوئي سنڌ ۾ ٿيندڙ ٻين ظلمن بابت ٻه ٻيا ڪتاب لکيا جنهن تي هن کي قيد ڪيو ويو.
سنڌ جي اديبن، شاعرن، ويڪلن، استاد اڳواڻن ۽ عوام جي مخالفت هلندي رهي ۽ آخر ون يونٽ ٽٽو ۽ سنڌ کي صوبي جي حيثيت به ملي. هو سنڌ کي آزار ۾ ڏسي 21 مئي 1970ع تي رحلت ڪري ويو.

[b]سوڀي گيانچنداڻي طرفان حيدر بخش جتوئي جو ورتل هڪ انٽرويو:
[/b]سنڌ جي وڏي اديب ناول نگار ۽ ڪالم نگار طرفان حيدر بخش جتوئي جو ورتل هي انٽرويو (Interview) ڳالهه ٻول جي سنڌي علم ادب ۾ وڏي اهميت آهي، هي ڳالهه ٻول سچي ۽ جرئت مندانه آهي، هن ۾ سوڀي گيانچداڻي حيدربخش جتوئي جي زندگي ادبي صلاحيتن سماجي خدمتن کي هوشياري ڏيارڻ، همت سماجي خدمتن جي سچي پچي تصوير پيش ڪئي هي ڳالهه ٻول پڙهندي ائين پيو لڳي ڄڻ حيدر بخش جتوئي اسان جي سامهون بيٺو آهي ۽ پنهنجن ادبي صلاحيتن کي بيان ڪري رهيو آهي. هي انٽرويو 21 مارچ 1970ع تي ورتو ويو.
هي انٽرويو ڪامريڊ جتوئي جي وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ريڪارڊ ڪيو هو. انٽرويو وٺڻ وقت جتوئي صاحب سخت ڪمزور هئا. اُنهي ڪري هن انٽرويو ۾ ڪي ڪچيون ڳالهيون به شامل آهن، اُنهن کي بنا ڦيرڦار جي ڏنو ويو آهي. سوڀي گيانچنداڻي جي ڳالهه ٻول ڪافي صاف سٿري آهي. هن ۾ حيدر بخش جتوئي جي شروعاتي زندگي بابت ڪافي معلومات ڀريل آهي. هو آڪٽوبر 1901ع ۾ پيدا ٿيو. اُن پنهنجي تعليم تمام سٺي نموني شروع ڪئي. ۽ سڄي علائقي ۾ ڏاڍو مشهور رهيو هن ڪاميابي سان 1923ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ پهريون نمبر آيو. هو شوق سان پڙهندو هو ۽ استاد هن کي چاهيندا هئا ۽ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ هن کي همٿائيندا هئا. هن جا مائٽ غريب هئا، اُنهي ڪري في وغيره ڪا نه ڏئيڻي پوندي هئي اُن جي ذهنت، هو شياري ۽ فرمانبرداري جي ڪري هن کي اسڪالرشپون به ملنديون هيون. هن 1927ع ۾ بي.اي. پاس ڪئي ۽ سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو. مختيارڪار به ٿيو. حيدربخش جتوئي شاعري جو شوقين هو. هن اُن وقت جي قائم ڪيل ادبي سرستوتي گروپ ۾ شامل ٿيو ۽ يارن، دوستن سان گڏ ڏاڍو ادبي ڪم ڪيو. هو آزاد خيال هو. انگريزن کان نه ڊڄندو هو ۽ نه ٺهندو هو. هو اصول پرست هو ۽ رشوت کان پري هو. هن جي طبيعت اصول پرستي تي ٻڌل هئي۽ ڪنهن کي همت نه ٿيندي هئي ته هو ان کي رشوت آڇي. هن مختيارڪار جي نوڪري کي جاري رکيو. هن ڏوڪري، بدين، جميس آباد، ڊگري ۽ گهوٽڪي وغيره ۾ نوڪري ڪئي. اُها هن کي نه وڻي ڇاڪاڻ ته رشوت جاري هئي ۽ ماڻهن ۾ محبت ڪا نه هئي ۽ سماج جون حالتون به سٺيون نه هيون. هن کي انڪم بورڊ اسٽيٽ ۾ نوڪري ملي. اُتي هن کي وقت مليو ته هو پنهنجي ادب ۾ ڪيل ڪم جاري رکي هن کي 1938ع ۾ رشين ادب جا ڪي ڪتاب مليا. هن جي خيالن ۾ تبدلي آئي ۽ هن جو ڌيان هاري تحريڪ ۾ ويو. هن زمينن ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ۽ هاري گيت جي شروعات ٿي. رشيا جي لڙائي کان پوءِ هن نوڪري ڇڏي ڏني ۽ هاري تحريڪ ۾ شامل ٿيو. هو هاري تحريڪ جو جنرل سيڪيٽري ٿيو ۽ پوءِ هو صدر ٿيو ۽ مرڻ تائين اهو عهدو ماڻيندو رهيو. هو ۽ ان جو خاندان غريب هئا ۽ هر قسمن جون سختيون سهندي به پنهنجن اصولن ته قائم رهيا ۽ عزت ماڻيندا رهيا. دائود پوئي کان مليل ڪتاب هن تي وڏو اثر ڪيو. هن پنهنجن مضمونن ۽ سعرن ۾ اُن جي مواد کي سچائي، ايمانداري ۽ ڪاريگري سان پيش ڪيو آهي.
ڊارون هن تي وڏو اثر ڪيو ۽ برفا روشا حيدر بخش جتوئي جي شعري ۾ ڪئي پر تعصب جو نالو نه هو، ماڻهن سان محبت ڪندڙ مٺڙو انسان هو. هن ڪي ئي ڪتاب لکيا تن مان ڪي هي آهن: تحفه سنڌ، آزادي قوم ۽ ٻيا به ڪي ڪتاب آهن جن۾ گهڻا گيتن جاڪتاب آهن. هن جي ڪتاب ”شڪوه“ تي اعتراض ورتا ويا ۽ هن تي ڪافي الزام لڳا.
سنڌ جي ڪن يارن ۽ شاعرن هن کي ڏاڍو تنگ ڪيو اها پنهنجي چالاڪي ۽ هوشياري جي شاعري جي ذريعي پاڻ کي بچائيندو رهيو. اخبارن وغيره ۾ ماڻهو هن جي خلاف لکندا رهيا. سنڌ جي ٻن عزت دار شاعرن ۽ مضمون نگرارن جهڙوڪ دين محمد وفائي ۽ محمد هاشم هن جي خلاف ڪجهه به نه لکيو. حيدر بخش جتوئي جو لکيل ڪتاب شڪوه، علامه اقبال جي شعر مان مناقب ٿي لکيل آهي، جيڪو اعلامه اقبال جي ڪلام کان وڌيڪ اثر رکڻ وارو آهي. هن ٻڌايو ته جڏهن صحيح خيالات انسان جي دماغ ۾ وڌندا ۽ هو غلط چوڻ ڇڏي ڏيندا تڏهن هن شڪوه کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جو شوق جاري ٿيندو ۽ هرڪو ماڻهو خدا کي خدا سمجهي اُن جي خدائي مطابق هلندو.
هاري تحريڪ سان حيدر بخش جتوئي ڏاڍا ڪم ڪيا. هن هاري ڪاميٽي جي ٺهرئڻ ۾ ڪافي ڪم ڪيو هن ڪي اهڙا قانون ٺهرايا جيڪي هارين جا مددگار ٿي سگهيا ۽ ٿيندا رهن ٿا. هن ايڪٽ پاس ڪرايو. ڪجهه هارين کي زمينون مليون ۽ هارين ۾ بيداري جاڳي ون يونٽ جي خلاف هن هڪڙو ڪتاب لکيو ان جو نالو آهي “Injustice to Sindh” حيدر بخش جتوئي کي ون يونٽ خلاف ڪم ڪندي ڏاڍيون تڪليفون پيش آيون ۽ سزائون به مليون. حيدر بخش جتوئي شاعري ۾ سنڌ جي هارين نارين کي ته پنهنجي ڪلام ۾ ڪافي ڪجهه لکيو آهي. مثال طور:
ڀاءُ آ پنهنجو هر انسان، پنهنجو آهي هي ايمان،
پنهنجو آهي هي اسلام، جيئي سنڌ جيئي سنڌ.
هڪڙو مصرع ۾ چيو آهي ته:
جيئي هنڌ جيئي سنڌ، جيئي جيءُ مٺو.
هر هنڌ، پنهنجو آهي هي پيغام،
جيئي سنڌ جيئي سنڌ.
حيدربخش جتوئي ۽ هاري ڪاميٽي جي ڏاڍي گلا ٿي ۽ اُن جي ميمبرن تي غداري جا الزام ڳايا ويا، پر هو ڪو نه مڙهيا، حيدربخش جتوئي جو چوڻ آهي ته: We shall survive all the mean aggression that any people or combinations of people threaten to practice against us, so I have no such fear. هن زور زبردستي کان پاسو ڪري پاڻ ۾ ٻڌي قائم ڪن، هي هڪ سنڌي شعر حيدر بخش جتوئي جي سنڌ لاءِ ۽ سنڌي هارين ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن لاءِ وڏي نصيحت آهي.
سنڌي فرزند اُٿي زور نظر پيدا ڪر،
جو وجهي ٿرٿلو دنيا ۾ اثر پيدا ڪر،
نئون چراغ، نئون خورشيدو تعمير پيدا ڪر،
نئون گلزار ۽ هٻڪار ۽ پيدا ڪر،
جو انهي سان ئي همراز آ آزادي ۽ قوم!
حيدر بخش سنڌ جو سدا حيات شاعر آهي ۽ ان جي شاعري ۾ شعور آهي هو هڏڏوکي ۽ محنتي انسان هو. هن سنڌ جي ترقي لاءِ سب ڪجهه ڪيو. هن غريبن ۽ هارين جي فائدي لاءِ قائدا ۽ قانون ٺاهيا ۽ اُنهن مان هارين نارين کي گهڻو فائدو ٿيو ۽ ٿيندو رهي ٿو. هن جيئي سنڌ جو نعرو ايجاد ڪيو ۽ اُنهن خدمتن جي ڪري هن کي باباءِ سنڌ سڏيو وڃي ٿو.

[b]حيدر بخش جتوئي جي شاعري:
[/b]حيدر بخش جتوئي هڪ منفرد شاعر هو ۽ اُن جي شاعري ، انصاف جي شاعري آهي همت جي شاعري آهي ۽ جدوجهد جي شاعري آهي هن ۽ هن جي خاندان غربت جي زندگي گذاري پر حق کي نه ڇڏيائون. هن گهڻي تعليم حاصل ڪري پاڻ کي پنهنجي خاندان کي ۽ سماج کي سڌارڻ جو وڏو ڪم ڪيو. حيدر بخش جتوئي جديد سنڌي دور جو ٽيون نمبر شاعر هو. ٻيا ٻه هن جا ساٿي شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام هئا. هن پنهنجن ساٿي شاعرن جو ساٿ ڏنو ۽ شاعري ڪري معاشري کي متاثر ڪيو. شيخ اياز معاشري ۾ همت کي جاڳايو. نارائڻ شيام نيڪي ۽ شرافت جي شاعري ڪئي.
حيدر بخش جتوئي انقلابي شاعري ڪري معاشري ۾ همت ۽ مظلومن جي واکاڻ ڪئي ۽ اُنهن کي باهمت بڻايو. هن جي شاعري علم عروز جي اصولن مطابق لکيل آهي. اُن جي شعرن جو وزن مضبوط آهي ۽ هن جا ڪافيا عوامي آهن. هن جي شاعري هر موضوع تي ٿيل آهي. هن جي شاعري ۾ نرمي آهي. پر سختي به سهڻ جهڙي آهي. هن تمام گهڻي شاعري ڪئي هن گيت به لکيا، نظم به لکيا، غزل به لکيا ۽ شڪايت ناما به لکيا، هن جو مواد مضبوط آهي ۽ اُنهي جي پيش ڪش نئي نرالي ۽ عام شاعرن کان الڳ آهي. هن جي شاعري جا لفظ عوامي نه پر سختي سان ڀريل ۽ مضبوط آهن جن جي ذريعي هن هر برائي، ڏاڍائي ۽ بداخلاقي کي ننگو ڪري ڇڏيو آهي.
حيدر بخش جتوئي انصاف پسند ۽ اصول پرست شاعر هو. هو امن پسند هو ۽ چاهيندو هو ته سماج ۾ امن قائم رهي ۽ امن کي ٽوڙڻ واريون ريتون ۽ رسمون نه هجن. هو چاهيندو هو ته ماڻهو ماڻهو پاڻ ۾ محبت سان گڏجي رهن ۽ سٺا ڪم ڪري پاڻ سٺا ٿين ۽ سُٺائي کي پکيڙڻ لاءِ سٺا ڪم ڪندا رهن. هو براين سان ڏاڍي نفرت ڪندو هو ۽ اُنهن ۾ وڪوڙيل ماڻهن کي نه چاهيندو هو ۽ اُنهن جي ڏاڍي بُرائي ڪندو هو. جڏهن هن ڏٺو ته معاشرو بگڙجي پيو ڏاڍا ماڻهو ڏاڍايون ڪن پيا، رشوت وڌندي رهي ٿي. ڪوڙا ملا ۽ مولوي مذهبي ڳالهين کي غلط نموني پيش ڪن پيا ۽ ماڻهو اُنهن جي ڪري گهمراء ٿين پيا ۽ حق معاشري مان غائب ٿي رهيو آهي ته هن پنهنجي شاعري ۾ اُنهن ڳالهين کي ڏاڍو ننديو. هن ڏٺو ته غلط ڳالهين جي ڪري غلط ڪاريون وڌي رهيون آهن ته هن سماج جي سڌاري لاءِ انقلابي شعر لکڻ شروع ڪيا. سُٺن ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن اُنهن کي پسند ڪري خوب همٿايو. هو سچائي، ايمانداري ۽ همت سان لکندو رهيو. جيئن ته ڪوڙن بُرن ۽ تعصب پرست ماڻهن کي قابو رکجي. اُن جو مقصد هو ته سماج مان غلط ريتون ۽ رسمون نڪري وڃن ۽ ڪوڙن ۽ ڪٽر ماڻهن کي موقعو نه ملي ته هو عام ماڻهن جي زندگين ۾ محبت خوشحالي ۽ برائي کي ڪو ڌڪ نه رسائين.
حيدر بخش جتوئي سماج ۾ انصاف رکڻ لاءِ ڏاڍي جدوجهد ڪئي ۽ هڪ انقلاب پسند شاعر بڻجي سماج ۾ انصاف ۽ حق جي لاءِ گهڻو ڪجهه لکيو. هو سچو هو ۽ سچ جي لاءِ هر قسم جي برائي، رشوت ڏاڍائي ۽ غلط ڪارين کي همت سان روڪڻ جي لاءِ لکيو. هن سختيون به سٺيون ۽ وڏيرن ۽ڪوڙن ملن، وڏيرن ۽ غلط ڪم ڪندڙ ڏاڍن جون ڏاڍايون به ڏٺيون پر هو موڙيو نه ۽ همت سان روڪيندو رهيو ۽ ماڻهن کي همٿائيندو رهيو ته هو غلط ڪم نه ڪن، وڏيرن اڳيان وڪجي نه وڃن ۽ ڪوڙن کي سڃاڻن ۽ ان جي زير اثر رهڻ کان بچن. هن ماڻهن کي سيکاريو ته خدا سڀني ماڻهن جو پيدا ڪندڙ آهي. اُهي پاڻ ۾ برابر آهن ۽ ڪو به ننڍو وڏو ناهي. ملا ۽ وڏيرا انهن ڳالهين جي ڪري اُن کي ڏاڍو تنگ ڪرڻ لڳا، هن کي انصاف کان پري رهڻ جا جدا جدا طريقا استعمال ڪرڻ لڳا. حيدر بخش جتوئي جي زندگي ڏاڍي ڏکي ٿي وئي ۽ سرڪاري نوڪري جي دوران هن کي انصاف نه ڪرڻ لاءِ هن کي لوڀ ۽ لالچ ۽ دٻاءُ ۽ ڌڙڪن جي ذريعي پريشان ڪيو پر مجاهد ۽ دلير شاعر ٿي اُنهن ڳالهين جو ڪو به اثر نه ٿيو ۽ هن هڪ لاجواب سنڌي نظم لکي جنهن ۾ هن الله جي حڪمن کي غلط نموني ۾ پيش ڪرڻ وارن ڪوڙن ماڻهن کي هن سختي سان ڌڪاريو آهي ۽ ماڻهن کي خبردار ڪيو آهي ته هو اُنهن غلط حرڪتن کان پري رهن. هو هر وقت سچا رهن ۽ سچائي جي اصولن کي قبول ڪن ۽ ڪوڙن ماڻهن کي سمجهن ۽ معاشري ۾ نابرابري ٿيڻ نه ڏين. هو چوندو هو ته قدرت سچي آهي ۽ قدرت جا قانون سچا آهن ۽ ڪو به انهن کي بدلائي سماج کي ٽوڙي نٿو سگهي. صرف قدرت قانون سچا آهن ۽ اُنهن تي هلڻ لازمي آهي، جيئن ته پيار رهي برابري رهي ۽ امن رهي.
حيدر بخش جتوئي هارين ۽ نارين جو وڏو ساٿي هو. هن هاري ڪاميٽي ۾ شموليت حاصل ڪري، وڏو رتبو حاصل ڪيو. هن هارين جي ڏکن، سورن کي سمجهيو ۽ اُنهن کي حل ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. جلد ئي ڪي هارين جي ڀلائي وارا قائدا قانون ٺهيا. جن جي ذريعي اُنهن جي ڏکن ۽ مصيبتن کي دور ڪرڻ جا موڪليا مليا هاري خوش ٿيا ۽ اُنهن جي تحريڪ به ڏاڍي مضبوط ٿي. حيدر بخش جتوئي رشوتي لالچي ۽ ٺڳ، وڏيرن جي ڏاڍاين کي ڏاڍو ڏکارو ٿيو، پر هن هار نه مڃي. اُنهن جي حقن جي لاءِ ڌر ڌر ڊوڙندو رهيو ۽ ان تي سختيون ٿينديون رهيون پر هڪ دلير ۽ انصاف پسند اڳواڻ پاڻ کي مصيبت ۾ وجهي رشوتي ججن ۽ اُنهن جي فيصلن کي ڪو نه مڃيو.
اهڙن حالتن جي ڪري سڄي معاشري ۾ ڏڦيڙ پکڙجي ويو. نفرتون وڌي ويون ۽ قاعدي قانون تي اعتبار به گهٽجي ويو. ڪوڙا سياستدان ۽ سرڪاري ڪارندا ميدان ۾ لهي آيا ۽ ون يونٽ جهڙو برو قانون ٺاهي ملڪ کي ڏاڍو نقصان پهچايو ويو. صوبا ختم ٿي ويا هئا. انصاف ختم ٿي ويو ۽ نفرت ۽ بدانتظامي جو نظام قائم ٿي ويو. ماڻهن جو اتحاد ٽٽي ويو ۽ ملڪ جي سلامتي پڻ خطري ۾ اچي وئي. حيدر بخش جتوئي هاري ڪانفرنس سان گڏ ون يونٽ کي ٽوڙڻ لاءِ ميدان ۾ اچي ويو. سنڌ جي صلح پسند اڳواڻن هن جو ساٿ ڏنو هن ون يونٽ جي دور ۾ ٿيندڙ غير اخلاقي ۽ غير سياسي براين کي پنهنجن ڪتابن ۾ بيان ڪري عام سنڌين کي خوش ڪيو حيدربخش جتوئي ۽ اُن جي ساٿين تي سختيون ٿيون. اُنهن کي ڌڙڪا مليا ۽ اُنهن کي قيد به ڪيو ويو. سنڌ جي انصاف پسند ججن ماڻهن ۽ شاگرد تنظيمن جي مسلسل گڏجاڻين ۽ ڪوشش سان ون يونٽ ٽٽو ۽ مظلومن کي انصاف مليو. سنڌ وري به الڳ صوبو بڻجي ويو. انهي دور ۾ سنڌ جو بابا سائين شاعر حيدر بخش جتوئي هن فاني جهان کي ڇڏي ويو. اچو ته حيدربخش جتوئي جي شاعري جو جائزو وٺي هن کي سوچون سمجهون ۽ عمل ڪري سنڌ ۾ امن کي قائم ڪري سنڌ کي جنت بنايون.
ٿو مرد ٿئي ڪجهه تفنگ تير سهي،
سهي ڪري سور ڪي راز ٿو سرير سهي.
*-*-*
قوم ساري ٿي هينئر ڳائي ترانو تنهنجو،
اٿ هاري اجهو آيو آ زمانو تنهنجو.
*-*-*
اي امريڪي ائٽم جام، لعنت توتي صبح ۽ شام،
تو برپا ڪيو قتل عام! توکان ٿيو انسان بدنام.
*-*-*
سلامت سدين سان سنڌ پياري!
سلامت راحت جان، سنڌ پياري!
سدا خوش حال، خندان سنڌ پياري،
سدا سرسبز شادان، سنڌ پياري.
تون پنهنجي جند ۽ جان، سنڌ پياري،
ٿيون قربان تو تان، سنڌ پياري.
*-*-*
وڏيرا چون ٿا، وڏا جان آهيون،
تمندار سردار سلطان آهيون،
ضعيفن جي لئه قهر يزدان آهيون،
۽ ڏاڍن جا نوڪر ۽ دربان آهيون.
حريت جي جذبي کان بيجان آهيون،
اڃا ڀي چون ٿا، ته انسان آهيون.
*-*-*
آدمي قدرت جو سو حصو ٿيو،
جنهن جو قدرت ساڻ ڪجهه جهڳڙو ٿيو،
پنهنجي جُرئت ساڻ ڪم سولو ٿيو،
پنهنجي پورهئي ساڻ هو پختو ٿيو.
ڪينو فتنو ٿئي برباد،
قرب محنت زنده آباد.
*-*-*
پنهنجو آهي هي پيغام،
جيئي سنڌ جيئي سنڌ.
*-*-*
موت نه توکي ماري سگهيو!
وقت نه توکي ڳاري سگهيو!
سنڌ نه توکي وساري سگهيو!
جان کان برتر هوش محمد،
سنڌ جو دلبر هوش محمد.
*-*-*
ڀريو ڀل خانن کي! ڪيو قابو جوانن کي،
مرايو مهربانن کي نهوڙيو نڪته دانن کي،
اجهايو شعدانن کي ڇڏيو ڪاٽي زبانن کي،
پڙهو قومي ترانن کي ته پاڪستان زنده آباد.
حيدر بخش جتوئي جي شاعري جو پيغام:
حيدر بخش جتوئي جو فڪر ۽ اُن جي شاعري نيون ۽ نراليون آهن. هن جي شاعري سنڌ جي مسڪينن ۽ مظلومن جي لاءِ آهي. هن پنهنجي هڪ ڪتاب شڪوه،۽”تحفه سنڌ“ ۾ ڏتڙيل عوام جو ذڪر ڪري پاڻ کي انصاف پسند شاعر ثابت ڪيو آهي. هن سنڌ جي مسڪينن ۽ مظلومن لاءِ گهڻو ئي ڪم ڪيو. اُنهن جي ڏکن سکن جو ذڪر ڪري اُنهن کي قابلِ عزت بنائڻ جي جدوجهد ڪئي آهي. هو پنهنجن شعرن ۾ توڙي جلسن ۾ اُنهن جي ڪمن کي ساراهي اُنهن کي قابل قدر ماڻهو بنائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو هو. اُن ڪري هن جي مقبوليت وڌندي رهندي.
حيدربخش جتوئي، سن 1901ع ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم هن پنهنجي ڳوٺ بکو ديري مان پرائي. اُتي جي سماجي ۽ معاشي حالتن کان هو ڏاڍو متاثر ٿيو. هن تي تقريبن چئن قسمن جي ماحول سان واسطو پيو آهي. لاڙڪاڻي ضلع جي مشهور سرسبز ۽ جهولندڙ ٻنيون ۽ پوکون آهن، اُتي جي وهندڙ پاڻي به ان تي وڏو اثر ڪيو، پر غريب هارين جي حالتن به هن تي اثر وڌو، جيڪو آخري گهڙي تائين قائم رهيو. جيڪو هن جي شاعري ۾ هر هنڌ موجود آهي. ڪراچي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ به اُتي جي زندگي رنگين ماحول کي ڏسي هن جي دل تان ٻهراڙي وارا نظريا نه مٽيا ۽ اُنهن جي ياد هن کي ستائيندي رهي ته هو مظلوم ماڻهن کي جاڳائي ۽ اُنهن جي حالتن کي بدلائي. ڪراچي ۾ رهندي به قنبر کي ياد ڪري ٿو.
سُڳداسي سنڌي سهڻا، چاندي مثل ٿا چلڪن،
هٻڪار ۾ مُطر، ڪن ٿا قنبر،
مٺڙيون پٻڻ جون ڏوڏيون، بهه بشيار آهن،
کائن وڏا ننڍا ٿا، سڀ عام جام قنبر!
ھو قنبر جي ماڻهن جي واکاڻ هيئن ٿو ڪري ته:
ڪهڙا نمڪ ڀريا هن، قنبر جا آدمي سڀ،
پاڻي نمڪ ڀريو ٿا، پيئن مدام قنبر،
پائن سفيد ڪپڙا، چهرا هميشه چهرا،
ڪهڙو ڪلر جو آهي، تاثير تام قنبر.
حيدر بخش جتوئي سنڌ سان ۽ سنڌ جي ماڻهن سان ڏاڍي محبت ڪندو هو. ڪراچي ۾ رهندي هن ادبي ۽ سياسي ڪتاب نظر مان ڪڍيا. هندستان مان ايندڙ ماڻهن ۽ سياسي اڳواڻن جي خيالن جو به هن تي اثر پيو. هن جي شاعري ۾ سوز ۽ عشق نالي ماتر به موجود نه آهي. هن جي شاعري عام سنڌي مسڪينن ۽ مظلومن جي شاعري آهي. جنهن ۾ هاري، هر، ڏاٽو ۽ ڪوڏر جهڙا لفظ نظر اچن ٿا. هن جي هي شعر پڙهي ان جي فڪر کي سمجهي سگهجي ٿو.
ڀلي آئين، جي آئين، درياءُ شاهه،
ٿي ”راوي“ اچي تنهنجي ديدار تي،
۽ ”ستلج“ ۽ ”جهلم“ نمسڪار تي،
ٿين مست ٿيون تنهنجي للڪار تي،
ٿين توتي قربان، فتنا پنهنجي ڪن جان،
ڏين پاڻ پنهنجو، لهن وصل تنهنجو،
ڀلي آئين جي آئين دريا شاهه.
هن ۾ حيدر بخش درياء شاهه جي واکڻ ڪري پاڻ کي به خوب مشهور ڪيو آهي. هن جي نظم ڏاڍي مشهور ۽ انمول آهي. 1927ع ۾ هن بي.اي. جو امتحان پاس ڪيو ۽ پوءِ سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو ۽ مختيارڪار طور ڪم ڪندو رهيو هن ايمانداري ۽ هوشياري سان ڪم ڪري ڏاڍي عزت پاتي. هو رشوت خورن جي خلاف هو ۽ سرڪاري نوڪري ڪندي هن نه ڪنهن جي سفارش قبول ڪئي ۽ نه وري رشوت ورتائين. هن پنهنجي شاعري جي ڪتابن جهڙوڪ ”تحفه سنڌ“ ۽ ”شڪوه“ لکي سنڌي معاشري ۾ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو، ۽ ماڻهن جي الزام تراشي به هن کي اصول پرستي کان روڪي نه سگهي. هو حق پرست هو ۽ حق کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو. سن 1943ع ۾ سرڪاري نوڪري ڇڏي ملڪي خدمت ۾ لڳي ويو ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شريڪ ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. ڪافي سخيتون ڏٺائين پر سچ چوڻ کان نه ڪيٻايائين. 1947ع ۾ جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو ته حيدر بخش ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هڪ نظم چيائين
سوز ۾ جان سڙي خاڪ ٿي، ڇاڇا نڪتا،
”حيدر“ اکين مان سندءِ باهه جا شعلا نڪتا،
ذري ذري مان اُهي خاڪ مان واڪا نڪتا،
ديس جا جيڪي به دشمن هئا، نڪتار نڪتا،
آزادي کان پوءِ هن هارين نارين جي مسئلن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن هاري کي خوب ساراهيو ۽ همٿايو.
تنهنجي محنت ٿي ڪري ڪڻڪ ۽ جوئر پيدا،
ڌوڙ مٽي منجهان موتي ۽ جواهر پيدا،
باغ باغات گلستان معطر پيدا،
آهي ڇا ڇا نه ڪيو ڏاٽي ۽ ڪوڏر پيدا،
هي جهان آهه ڪرامت ۽ فسانو تنهنجو،
اُٿ اي هاري، اجهو آيو زمانو تنهنجو.
هن ٻئي ڪلام ۾ هارين جي ڏاڍي واکاڻ ڪئي آهي.
سنڌ جا ساهه ۽ سردار ۽ دلبر هاري،
قوم جا هار ۽ سينگار ۽ زيور هاري،
تنهنجي احسان جي هيٺ آهه بشير هر هاري،
ٿيا زمانو ۽ زمين تنهنجي ثناگر هاري،
قوم ساري ٿي ڳائي هينئر ترانو تنهنجو،
اُٿ اي هاري اجهو آيو آ زمانو تنهنجو.
حيدر بخش جتوئي جو پيغام آهي ته هاري جيڪو سڀني جو يار ۽ مددگار آهي، اُن کي جاڳي عوام جي خدمت ڪرڻ لازمي آهي، هو اُتي هر هلائي پيداوار حاصل ڪري ۽ ملڪ جي ماڻهن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ محنت ڪري.

[b]حيدر بخش جتوئي جي شاعري جون خصوصيتون:
[/b]حيدر بخش جتوئي سنڌ جو هڪ وڏو مجاهد شاعر هو. اُن جي شاعري مجاهدن واري شاعري آهي. جنهن ۾ هر ظلم ۽ ڏاڍائي کي چڱي طرح بيان ڪيو ويو آهي. هو انصاف پسند هو ۽ ان جي شاعري ۾ ڪٿي به ناانصافي ناهي.
هن جي شاعري حق جي شاعري آهي، سچ جي شاعري آهي ۽ انصاف پسندي جي شاعري آهي. هو زندگي ۾ ڪڏهن به ناانصافي نه ڪندو هو ۽ ڪنهن کي به ڪرڻ نه ڏيندو هو. اُن هڪ سچي مجسٽريٽ جيان ڪم ڪيو ۽ ڪنهن کي به همت نه هئي ته هو ان کي ناپسندي وغيره جي اصولن کان پري ڪري سگهي. هو سچو انسان هو ۽ انصاف کي هر حالت ۾ قائم رکڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهندو هو.
هي امن پسند هو ۽ چاهيندو هو ته امن هر حالت ۾ قائم رهي، هو پنهنجي زندگي ۾ وڏيرن ۽ ڏاڍن جي خلاف هوندو هو. ظلم ۽ ڏاڍائي هن جا دشمن هئا. ظالم ۽ ڏاڍا هن کان ڊڄندا ها. هو ڪنهن به حال ۾ ڏاڍن جو ساٿ نه ڏيندو هو ۽ اُنهن جي طرفان ٿيندڙ براين ۽ ڏاڍان کي نه صرف ناپسند ڪندو هو پر انهن کي پنهنجي شاعري ۾ نفرت جي نگاهن سان ڏسندو هو. هو اُنهن جي بُراين کي نفرت سان ڏسندو هو، هو هڪ بهادرن انسان هو ۽ ڪنهن کان به ڪو نه ڊڄندو هو.
هو هڪ سچو ۽ حق پرست انسان هو. ان جي شاعري ۾ هر هنڌ ڪوڙ، ٺڳي ۽ نفرت جي خلاف ۽ سچ چوڻ تي خوش ٿيندو هو. دٻاءُ وغيره سهي به ڪوڙ نه ڳالهائيندو هو. ۽ ڪوڙن جي سازش ۽ غلط ڳالهين کي مڙسي سان ۽ جرئت سان ڏسندو هو ۽ اُنهن جي غلطي عوام اڳيان آڻيندو هو. عام ماڻهن هن جي جرئت کي سارهائيندا هئا.
هو هارين نارين مسڪينن ۽ مظلومن جو طرف دار هو. همت ۽ جرئت سان اُنهن جو بچاءُ ڪندو رهندو هو. ڪوڙا مُلا، مولوي ۽ وڏيرا هن کي مجبور ڪرڻ لاءِ ته هو اُنهن جو ساٿ نه ڏئي. پر هو اُنهن جي نه ٻڌندو هو. هو هر هنڌ اُنهن جي خلاف رهندا ۽ ڏاڍائين کي ختم نه ٿيڻ ڏيندا هئا. جتوئي صاحب ڏاڍو مضبوط ارادن وارو ماڻهو هو ۽ هارين نارين ۽ مظلومن کي نه صرف بچائيندو هو پر کين همٿائيندو هو ته هو حق ته هلن ۽ پاڻ ۾ مِٽ ۽ محبت سان رهن ۽ غلط ڪم نه ڪن.
حيدر بخش جتوئي معاشري کي سڌارڻ لاءِ همت جو قائل هو. هو چاهيندو هو ته هر ڪو ماڻهو پنهنجو ڪم ڪار باقائدگي سان ڪري ۽ سستي ۽ قائلي کان بچندو رهي. هو اجاين ۽ ڪوڙين ڳالهين کان پري رهن. هو اهڙ اڪم نه ڪن جن جي ڪرڻ سان اُهي مايوس ۽ ڊڄڻا بڻجي وڃن. هو کيس ٻڌائيندو هو ته معاشري ۾ ڪي خرابيون ضرور آهن ۽ ڪي غير قانوني رسمون، ريتون ۽ رواج موجود آهن ۽ اُنهن کي گهرجي ته هو اُنهي کي سمجهن ۽ اُنهن کان پري رهن جيڪڏهن اُهي ائين ڪندا ته هو جرئتمند ٿي هر طرح سان خوش رهندا. هو سچا انسان آهن ۽ هو پاڻ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙين ريتن ۽ رسمن ۽ رواجن کي قبول نه ڪن ته اسان جو معاشرو سٺو رهندو. اسان جي زندگي خوشحال ٿيندي ۽ اسان حق پرست ٿي هر برائي کي ختم ڪري ڇڏينداسين.
حيدر بخش جتوئي سچو هو ۽ سچائي ته مضبوطي سان رهندو هو. هن کي سچائي کان هٽائڻ لاءِ ڌڙڪا ڌاٻا ملندا هئا، هن تي الزام به لڳندا هئا. پر هو مجاهد شاعر اُنهن کان ڊڄي ڪري پنهنجي سچائي تي ڪو به حرف اچڻ نه ڏيندو هو. هن دور جا ماڻهو به اُن جي سچائي اصول پرستي ۽ اخلاقي جرئت جو ذڪر ڪندا رهن ٿا.

[b]حيدر بخش جتوئي هڪ انقلابي شاعر:
[/b]حيدر بخش جتوئي هڪ انقلابي شاعر ۽ محنتي انسان هو. اُن جي انقلابي شخصيت ۽ تاريخ ساز ڪارناما وڏا مشهور ۽ همٿائيندڙ آهن. هن دور ۾ هن جا علمي ۽ عملي ڪارناما جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ بي مُل آهن. اُنهن جي ڪري هن ڪيترين ئي تحريڪن ۾ حصو ورتو ۽ مقبول رهيو.
هن بنا هٿيارن ۽ لڙائن جي ذريعي ڏکين حالتن ۾ سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ شاعري کي ڏاڍو زور وٺايو اُنهي ڪري سنڌ قائم ۽ دائم آهي ۽ پنهنجي رسمن ۽ رواجن کي مضبوط بڻايو. حيدر بخش جي عظمت دريا خان ۽ دودي کان گهٽ نه آهي. هن پنهنجي علم ۽ همت جي ذريعي اهڙا ته علمي ۽ ادبي ڪارناما سر انجام ڏنا ته سنڌي قوم سجاڳ ٿي نه صرف پاڻ کي مضبوط بڻايو پر سنڌ جي شهرت کي بلندين تائين پهچايو هو باشعور ۽ جدوجهد ڪندڙ انسان هو. هن وڏيون ڪوششون ڪري تعليم حاصل ڪئي. هو نيڪ امن پسند ۽ جرئت مند انسان هن. اُن کي سماجي بُراين ۽ ملڪي ڇڪتاڻ هڪ جي باوجود جان جي پرواهه نه ڪندي ماڻهن جي خدمت ڪئي ۽ ڏاڍائي ۽ ڏاڍن سان وڙهيو ۽ اُنهن کي ماڻهن جي اڳيان للڪاريو. حيدر بخش جتوئي ذهانت ۽ همت جي ڪري هميشه هڪ تاريخ ساز هستي طور مشهور آهي. اُن جا ڪارناما ذهين انسانن وانگر سماج ۾ مشهور آهن ۽ اُنهن تي جدوجهد سان اڄ به عمل ڪري وڏن جوڌن ۽ انقلابي اديبن جيان سماج ۾ وڏو انقلاب آڻي سگهجي ٿو. حيدر بخش جتوئي قديم ۽ جديد علم ۽ جرئت جو مالڪ هو.
حيدر بخش جتوئي شاعرانه دل ۽ دماغ وارو حساس ۽ سٻاجهو انسان هو. بلند شخصيت جو مالڪ هو ۽ پنهنجي تاريخ ساز ۽ انقلابي شاعري جي ڪري واقعي هڪ وڏو انقلاب آڻڻ جي سچين ڪوششين جي ڪري سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. هو حوصلي مند ۽ جرئت مند هو ۽ ڪنهن کان به ڊڄڻ وارو نه هو. هو اصول پرست هو، ايماندار هو ۽ جدوجهد ڪندڙ انسان هو. ذاتي شهرت جي خلاف هو ۽ ان نٿي چاهيو ته هو ذاتي ملڪيت گڏ ڪري پاڻ کي وڏو ڪري. هن ايمانداري جدوجهد ۽ سماجي براين کي ختم ڪري پاڻ کي عوام ۾ ڏاڍو مقبول بڻايو.
هو درويش صفت ماڻهو هو، سادگي واري زندگي گذاريندو هو ۽ حيدر بخش جتوئي ٺٺ ٺانگر کان پري رهيو ۽ آڪڙ ساڪڙ وارو نه هو. هو هر ڪنهن سان عزت ۽ مان سان ملندو هو ۽ هيڻن جو يار مددگار هو. ڪوڙا مُلا ۽ مولوي هن کان ڊڄندا هئا. ڇو ته هو پنهنجي شاعري ۾ اُنهن جي غلط ڪمن ڪارين کي ڏاڍو ڌڪاريندو هو. اُهي لطيف سائين جي نظر ۾ ڪنا ۽ ڪميڻا هئا، لطيف اُنهن ماڻهن جو ڪردار هن بيت ۾ هيئن چيو آهي ته:
ان پر نه ايمان، جيئن ڪلمه گو ڪوٺائين،
دعا تنهنجي دل ۾ شرڪ ۽ شيطان،
منهن ۾ مسلمان، اندر آذرو آهين.
ڪوڙن ماڻهن حيدر بخش جتوئي کي ڏاڍيون تڪليفون پهچايون. اُن جي شاعري تي چوٽون ڪيون ۽ اُن کي ڪافر به سڏيو، حيدر بخش اُنهن جي ڏاڍاين ۽ بُرن خيالن کي هڪ لاجواب ۽ انقلابي شاعري جي ڪتاب شڪوه ۾ اعلامه اقبال وانگر خوب ننديو ۽ للڪاريو آهي. اُن چيو آهي ته انسان هڪ مثالي هستي آهي هو سچو آهي ۽ سچن اصولن جي لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏئي ڇڏيندو آهي. هو سچن مذهبي ريتن ۽ رسمن تي هلي هڪ سچي مسلمان وانگر عدل ۽ انصاف موجب زندگي گذارڻ جي لاءِ جدوجهد ڪندو رهندو آهي. هن جي ڳالهين کي ڪوڙن ماڻهن ۽ ڪوڙن وڏيرن وڏي تحريڪ هلائي ۽ هن کي مسلمان سمجهڻ کان به انڪار ڪيو. هن کي هر هنڌ بدنام ڪيو ويو ۽ ان تي عجيب عجيب الزام لڳايا ويا. هو خاموش ته ٿيو پر پنهنجي شاعري ۽ عملن جي ذريعي اهو ٻڌايو ته بنا هن جي ڪلام پڙهڻ جي ڪري هو. اهڙيون اهمقانه حرڪتون ڪري رهيا آهن ۽ سچ کي ڪوڙ بنائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن جڏهن هو هن جي ڪلام کي پڙهندا ته اُنهن جي دماغن ۾ صحيح سوچ پيدا ٿيندي ۽ هو ڄاڻي سگهندو ته هي سڄي ڪائنات الله جي طرفان خلقيل آهي ۽ ان جي اصولن تي عمل ڪرڻ ايمان آهي.
پوءِ هو پنهنجن غلط طور ۽ طريقن کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ پنهنجا ڪوڙا قائدا ۽ قانون ٺاهي نفرت، حسد ۽ تعصب کان توبع تائب ٿيندا. سچ پچ حيدر بخش نه ڪوڙو آهي نه ڪافر آهي ۽ نه ئي ويڙهاڪ، هو سچو مسلمان آهي ۽ سچن مسلماني اصولن تي عمل ڪندڙ ماڻهو سٺا ۽ سچا آهن ۽ الله سائين اُنهن جي ڪمن ڪارين کي پسند ڪندو.

[b]حيدر بخش جتوئي جون ادبي خدمتون:
[/b]حيدر بخش جتوئي هڪ قابل عزت شخصيت هئي. جنهن پنهنجي علم ۽ عمل جي ذريعي سنڌ ۾ ڪيئي نوان نوان ادبي ڪارناما سرانجام ڏيئي سنڌي علم ۽ ادب کي وڌايو. هن بي ڊپي شاعر سنڌي شاعري ۾ نوان نوان مضمون آڻي وڏو انقلاب آندو جنهن سنڌ جي ماڻهن جي خراب حالتن کي سڌاري سنڌي ماڻهن جي عظمت کي وڌايو. هن کان اڳ ۾ سنڌي ادب ۽ شعر جي حالت هڪ جهڙي هئي. جنهن ۾ نه ڪا نواڻ هئي نه وري ڪو جرئت ڀريو پيغام هو. سڀئي ساڳيون ساڳيون ڳالهيون چئي ادب ۽ شاعري جي لاءِ رڪاوٽ بڻجي ويا. اهڙيون حالتون حيدر بخش جتوئي جهڙي مجاهد شاعر ۽ باشعور انسان جي لاءِ قابل ۽ قبول ڪو نه هونديون. هن همت، بي ڊپائي، جرئت ۽ ذهني جدوجهد سان اهڙي رُڪاوٽي حالتن تي قابو پاتو ۽ سنڌ ۾ ۽ انقلابي شاعري جي شروعات ڪئي.
حيدربخش جتوئي پنهنجي ڄاڻ ۽ مطالعي سان شعر ۾ نواڻ آڻي سنڌ ۾ بيداري پيدا ڪئي ۽ سنڌي شاعرن ۽ اديبن جي لاءِ هڪ نئي راهه گهڙي، هن خوشحالي، شاعري کي بند ڪرڻ لاءِ ڏاڍي جدوجهد ڪئي ۽ نقل پرست ۽ بي همت شاعرن کي شعور ڏيڻ جي لاءِ انقلابي قدم کنيو. هن پنهنجي شاعري ۾ اهڙن جي عمل کي روڪڻ جي جرئت ڪئي. هن هارين نارين جي ڀلائي لاءِ ناحق، وڏيرن ۽ رشوتي آفيسرن جي خلاف لکيو. اُنهي ڪري علائقي ۾ حالتون بدلجڻ لڳيون عام ماڻهن کي خبر پوندي رهي ته اهڙا ماڻهو ڪوڙا آهن، بزدل آهن، بي دل آهن ۽ ڪمزور ۽ هيئن جا دشمن آهن. هو چاهين ٿا ته غريب ۽ مسڪين اُنهي جا ٻانها ٿي رهن ۽ بنا پئسن جي اُنهن جي نوڪري ڪندا رهن. حيدر بخش جتوئي اهڙن ماڻهن جي خلاف هڪ وڏي تحريڪ آهي.مضبوط دل وارا ماڻهو ۽ پنهنجي ٻڌي ۽ جدوجهد جي ذريعي اُنهن جي خلاف آواز اٿارڻ لڳا ۽ اُنهن کي بدنام ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ لڳا ۽ حيدر بخش جتوئي جي اڳواڻي هيٺ جلسا جلوس به ڪرڻ لڳا. هن همت ۽ جرئت سان اهڙين ملڪ دشمن، وڏيرن، جاگيردارن ۽ رشوتي سرڪاري نوڪري ڪندڙ ماڻهن جي زندگي کي پريشانين سان ڀري ڇڏيو. غريب ۽ مسڪين ماڻهو جيڪي ڪمزور هئا پر ڪائر نه هئا. ٻانها ٿي رهڻ لاءِ ڪوڙن ۽ بزدل مُلن، مولوين ۽ وڏيرن جي خلاف لکي اُن کي ڏاڍو متاثر ۽ بدنام ڪيو. عام ماڻهن جي همت وڌي ۽ معاشري ۾ ڪوڙن جي لاءِ نفرت به وڌن. بيوس ۽ مظلوم ماڻهو جرئت مند ٿي ميدان عمل ۾ اچي ويا. حيدر بخش جتوئي جيڪو هڪ وڏو ۽ جرئت مند شاعر هو. تنهن اُنهن حالتن ۾ اهڙي ته شاعري ڪئي جو سڄي علائقي ۾ انقلابي حالتون پيدا ٿيڻ لڳيون. هارين نارين جا حوصلا وڌي ويا. هر هنڌ ڪوڙن مُلن ۽ وڏيرن جي خلاف جلسا ٿيڻ لڳا
قدرت جا عجيب رنگ اکيون کولي ڏسو،
الله کي انڌا ٿي مگر ڳولي ڏسو،
الله ڏسو ڪهڙو آ قدرت جي خلاف،
دنيا کي انهي رولي وڌو ڀولي ڏسو.
حيدر بخش جتوئي هاري گيت جوڙي ادب ۾ وڏي نواڻ آندي. هن هارين جي خراب حالتن کي عوام اڳيان پڌرو ڪري اُنهن جي اهيمت کي اجاگر ڪيو. هاري به سجاڳ ٿي ويا اُنهن محنت ڪري زمينن مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اُنهن جو مان وڌيو ۽ سماج ۾ اُنهن جي عزت ٿيڻ لڳي. ماڻهن اُنهن کي ساراهڻ شروع ڪيو ۽ اُنهن جي مسئلن کي سمجهي عوام ۾ سڌارا آڻن لاءِ جدوجهد ڪرڻ لڳا. حيدر بخش جتوئي جيڪو هارين جو يار مددگار هو. تنهن هارين جي لاءِ خوب لکيو ۽ اُنهن جي محنت ۽ جرئت جي ساراهه ڪري اُنهن جي عظمت کي وڌايو. هن هاري گيت ۾ هارين جي محنت، مشڪت ۽ خدمتن جي واکاڻ ڪئي.
هاري تنهنجو هي نظام اشرف ۽ آباد رهي،
جو به بيڪار آ بدڪار آبرباد رهي،
جو به مزدور آ هاري آ سدا شاد رهي،
ديس سرسبز رهي زنده ۽ آزاد رهي.
هاري ۽ ناري محنتي آهن ۽ پنهنجي ۽ عوام جي خدمت ڪري سماج ۾ سڌارا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. عظيم آهن ۽ محنت ڪري سڄي معاشري کي خوشحال بنائڻ وارا آهن. اُنهن جي عظمت کي سلام:
هاڻي محنت کي مليو درجو عبادت جو آهه،
هاڻي محنت ئي ٻيو نالو ڪرامت جو آهه،
پورهيو اڳ وانگي نه اڄ بوج مصيبت جو آهه،
پورهيو اڄ باعث فرحت ۽ مزو فطرت جو آهه.
حيدر بخش جتوئي سنڌ جي ۽ ثقافت جي ڏاڍي واکاڻ ڪئي آهي. سنڌ اُن جي ماءُ آهي ۽ سنڌي هن جا ڀائر ۽ يار آهن. سنڌ جي هر شيءِ واکاڻ جوڳي آهي. حيدر بخش جتوئي سنڌ جي ثقافت جي شين کي هڪ نئين انداز ۾ پيش ڪري ڄڻ ادب ۾ هڪ نئين روايت جو اضافو ڪيو آهي. هن سنڌو درياء کي بي پناهه عطمت بخشي هڪ لاجواب نظم جوڙيو آهي. جيڪو قيامت تائين ڳايو ويندو ۽ حيدر بخش جو شان وڌندو رهندو.
سنڌ پاڙ ساري جهان جو آ تخت،
جتي مينهن موتين سندو آهه سخت،
وهي ٿو هٿان هر هميشه جو بخت،
هي دنيا ۾ آهي وهشتي درخت،
جوڳا هي لهي ٿو، ڪٿي ڀي رهي ٿو،
فرنگي ۽ هنڌي، جپاني ۽ سنڌي!
منجهان اهڙن سندر سخي بارگاهه،
ڀلي آئين جي آئين درياهه شاهه.
اهڙي امر نظم جو هي ٻئي مصرع به ڏسو:
ڀلا ٻيڙي تنهنجي ڇهڻي آسمان،
چڙهڻ مٿس حيدر مثل آس مان،
هي سچ نوح جي ڪشتي جي آسمان!
ڀلا اوج تنهنجي! ڀلا موج تنهنجي،
عجب تنهنجون ڇوليون! ڏين وهه جو لوليون،
هي لوليون ٿيون ٻوليون ڪري نئين ساهه!
ڀلي آئين جي آئين درياهه شاهه.
ڪوڙن ماڻهن سرڪاري حڪمت کي غير مذهبي نموني لکيو آهي ۽ ماڻهن کي گهمراء ڪري ڇڏيو. انهي ڪري هو صحيح شيءِ سمجهي نه سگهيا، صحيح کي غلط سمجهڻ لڳا، سچ کي ڪوڙ سمجهڻ لڳا ۽ ماڻهن کي الله ۽ هن جي حڪمت کي سمجهڻ کان قاصر رهيا. ائين هر هنڌ فطنو ڇانئجي ويو. ماڻهن ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿي ويو ۽ هو بيوڪوفين واريون حرڪتون ڪرڻ لڳا. ڪوڙن ماڻهن جي اهڙن حرڪتن حيدر بخش جتوئي کي ڏاڍو ڏکايو ۽ اُنهن کي نئين طرز ۾ شڪوه ۾ پيش ڪيو آهي.
حيدر بخش جتوئي اُنهن جي ڪوڙن حرڪتن کي ائين پيش ڪيو آهي.
مون کي افسوس ٿو الله جي حالت تي اچي،
مون کي حيراني ٿي انسان جي حماقت تي اچي،
مون کي کل ٿي کڻي حڪمت جي جهالت تي اچي،
مون کي شرم گهڻو منهنجي حماقت تي اچي،
مون کي ٿو خوف ۾ ماري هي نزاڪت منهنجي،
ليڪ تنقيد ٿي آهي رهي عادت منهنجي.
هن شعر ۾ حيدربخش جتوئي سچ پچ الله جي عظمت کي نه للڪاريو آهي پر ڪوڙن ماڻهن جي طرفان پيش ڪيل ڪوڙن ڳالهين کي ماڻهن اڳيان پيش ڪيو آهي. شڪوه جي ڪري حيدربخش جتوئي جي ڏاڍي بيعزتي ٿيندي هئي ۽ ڪوڙن ماڻهن ان کي ننديو آهي ان جي گلا ڪئي آهي. هن کي مسلماني جي درجي مان به ڪڍي ڇڏيو آهي. حقيقت اُها آهي ته ڪوڙن ماڻهن الله ۽ اُن جي اصولن کي غلط نموني ۾ پيش ڪري ماڻهن کي ايڏو ته گهمراه ڪيو جو اُنهن پنهنجي ڪوڙ کي سچ سمجهيو ۽ حيدر بخش جتوئي طرفان بيان ڪيل سچ کي ڪوڙ سمجهي ان کي خوار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
حيدر بخش جتوئي مسلمان آهي ۽ سچو آهي ۽ اُن تي الزام هڻي اُن کي بدنام ڪيو ويو آهي. حيدربخش جتوئي چوي ٿو ته هن نظم کي هوشياري سان پڙهڻ ۽ ڪوڙن ماڻهن جي الله ۽ ان جي قائدن کي غلط نموني پيش ڪري وڏو گناهه ڪيو آهي. جيڪڏهن انهي نظم کي خيال سان پڙهبو ته سچ هي آهي ته قائم ۽ دائم آهي اُن جا اصول سچا آهن ۽ اُنهن کي ڪوڙي نموني پيش ڪري ڪوڙا مُلا ۽ مولوي ڄاڻ خوار ٿي جڳ جي سامهون اچي رهيا آهن.
حيدر بخش جتوئي هڪ وڏو انقلابي شاعر هو هن پراڻين صنفن ۾ انقلابي رنگ ڀري ڪمال ڪيو آهي ۽ ڄڻ ڪي نيون صنفون خلقيون آهن، هي هڪ غزل آهي پر اُنهن جو مواد نئون ۽ نرالو آهي.
ملو سڙي ٿو بزم اسان جي ڏسي ڏسي،
سيني سندس ۾ ڪيني جي آتش ڀري ڀري.
هن نظم جي مصرع نئي نرالي ۽ حيرت ۾ وجهندڙ آهي.
هر ڪنهن کي هلڻو آهي هي فاني وطن ڇڏي،
پيارا عزيز دوست ۽ گلشن چمن ڇڏي،
هن تخت زمين کي هزارين وڃن ڇڏي،
هو ڪو وڄائي وارو وڃي انجمن ڇڏي.
حيدر بخش جتوئي سنڌي شاعري ۾ نوان ۽ نرالا موضوع آڻي نيون ۽ نراليون صنفون پيدا ڪري جهونن صنفن ۾ نئون رنگ ۽ انداز آڻي وڏو ڪم ڪيو آهي. هي حيدر بخش جي ادبي ڪارنامن جو مختصر هڪ نمونو آهي.

[b]حيدر بخش جتوئي جو اسلوب:
[/b]پنهنجن خيالن کي صفائي ۽ چٽائي سان ظاهر ڪرڻ جي فن کي اسلوب يا طرز يا تحرير چئبو آهي. اسلوب کي انگريزي ۾ اسٽائل چئبو آهي. اُهو ضروري آهي ته سهڻن ۽ اثر انگيز موضوع کي ظاهر ڪرڻ لاءِ اسلوب به سهڻو ۽ اثر انگيز هئڻ گهرجي. جتي مواد سهڻو آهي ۽ جنهن کي سهڻي اسلوب ۾ پيش ڪيو ويو آهي ته اُهو ادب جو سهڻو ادبي ڪارنامو پيش ڪندو.
حيدر بخش جتوئي هڪ نيارو ۽ نرالو شاعر آهي ته اُن جو اسلوب به نرالو ۽ نيارو آهي. اُن جي مشهوري جا سبب آهن. سهڻا ۽ سُريلا نوان ۽ نرالا ۽ خيالت ۽ اُنهن سان گڏ نئون نرالو ۽ آزاد اصلوب جي اُن جا خيال انقلابي آهن، ته اُن جو اسلوب به انقلابي آهي. جي هن جا خيال ساراهه جوڳا آهن ته اُن جو اسلوب ۾ نئون طرز ۽ ادا موجود هوندو آهي. جي هن جا خيال عوامي آهن ته ان جي طرز ۽ ادا به نئي ۽ نرالي آهي جي هن جا خيال فطنن کي روڪڻ وارا آهن ته هن جو اسلوب تخي ڇُري جيان تکي ۽ ڏنگي ڌڙ آهي. هو نه صرف پنهنجن نون نرالن ۽ انقلابي خيالن جي ڪري مشهور ۽ معروف آهن پر هن جو اسلوب اثر انگيز ۽ متاثر ڪُن آهي. گهڻن نقادن جو چوڻ آهي ته حيدر بخش جهڙا خيال ۽ اسلوب ٻئي ڪنهن شاعر جي شاعري ۾ نظر نه ايندا.
حيدر بخش هارين ۽ نارين جو اڳواڻ آهي هو اُنهن کي چاهي ٿو ڇاڪاڻ ته اُهي محنت سان مٽي مان سون اُچاريندا آهن ۽ خوشحالي ڦهلائيندا آهن. حيدر بخش جتوئي اُن جي مسڪيني ۽ غريبي کي بلڪل نئين ۽ نرالي طرز ۾ ۽ تحرير ۾ پيش ڪري سنڌي شاعري کي نئون رنگ ۽ نئون رس ڏنو آهي.
توکي انگريز ٿي ڦريو ۽ زميندار لٽيو،
وياج ڦورن ٿي ڦريو توکي عملدار لٽيو،
توکي پيرن تي ڦريو قوم جي سردار لٽيو.
توکي بيدردي سان هر هڪ پي نمڪخوار لٽيو.
مسڪينن ۽ غريب هاري جي اهڙي نئين اسلوب بيان ڪري اُن جي زندگي ۾ همت جو ڪهڙو نه سهڻو نمونو پيش ڪيو آهي.
تنهنجي طاقت جي اڳيان هرڪا ٻي طاقت ٿي ختم،
تنهنجي حملي اڳيان انگريز حڪومت ٿي ختم،
ظالم انگريز سان انگريز جي اُمت ٿي ختم،
يعني جاگيري زمينداري جي لعنت ٿي ختم.
*-*-*
هاري سڀني جو يار آهي محنت اُن جو هٿيار آهي،
ان جي طاقت اڳيان هر شيءِ بيڪار آهي.
حيدر بخش جتوئي سنڌ کي ماءُ سمجهي ٿو ۽ ان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو. هن سنڌو دريا جي جنهن اسلوب ۾ ڪئي آهي، سو امر آهي. هن اُنهي انمول نظم ۾ سنڌو دريا جي موجودگي، هلڻي رفتار، دريائي ميدانن، ريگستاني رستن ۾ هلڻ کي ڏاڍو جرئت مند ۽ حسين نموني ۾ بيان ڪري نه صرف درياکي ساراهيو آهي پر پنهنجي بي سهارا ڪري پاڻ کي سنڌ جو سپوت پٽ ظاهر ڪيو آهي.
آهي ٿي پختي پڪي هاري حڪمت برپا،
سيني تي علم ۽ سائنس جي ترقي برپا،
يعني ٿيا تجربا فڪرات ۽ محنت برپا،
جن وسيلي ٿي جهان ۾ ويئي جنت برپا،
ڪهڙو نه تيز دريا آهي، ڪهڙي نه تيز رفتار آهي ۽ ڪهڙو نه اثر انگيز اسلوب آهي.
حيدر بخش جتوئي جرئتمند آهي ۽ فطني بازن جي فطنن کي ڏکئي ۽ تيز نموني ائين ظاهر ڪيو آهي. ڄڻ ڇري پيو هلائي جڏهن فطني بازن ڪوڙن ماڻهن، مذهب ۽ مذهبي اصولن کي پنهنجي غلط نموني ۾ پيش ڪيو ته هر هنڌ فطنا جاري ٿي ويا ۽ دنگا فساد مچي ويا.حيدر بخش جتوئي، پنهنجي ڪتاب شڪوه ۾ ڇُري جيڙي اسلوب ۾ بيان ڪيو آهي. اُنهي بيان تي ڪي ماڻهو خوش ٿيا ته ڪوڙن ماڻهن ۽ فڪني باز وڏيرن اُن کي ننديو.
تڏهن حڪمت نه هئي ٽو ۾ جهالت نه هئي.
ڇا تي قادر تون هئين ڪاٿي ۾ قدرت نه هئي.
تو ۾ جذبو ته هو جشن نه هئي حڪمت نه هئي.
قهر ۽ رحم نه هو تن جي ضرورت نه هئي.
*-*-*
منهنجو هو عشق علم ٻيو معشوق نه هو
تون نه خالق هيئن تنهن وقت ڪو مخلوق نه هو.
بي خبر انسانن قائلين ۽ جهايلن ، ڪوڙن ماڻهن جي چورڻ تي وڏا فساد مچايا . ۽ حيدر بخش جتوئي تي الزام لڳيا ، للڪاريو ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏينون حيدر بخش جتوئي ماڻهن کي خبردار ڪيو آهي. ته هو حق تي هلن ۽ ڪوڙن ماڻهن جي ڪوڙن ۽ غلط خيالن کان پري رهن. خدا حاضر ناظر آهي. ۽ غلط خيالين کان پري رهن. خدا حاضر ناظر آهي . ھو حق جو حامي آھي، ۽ محنت ڪشش ۽ سچن کي پسند ڪندو آهي.حيدر جتوئي گهڻن ئي موضوعن تي شاعري ڪئي آهي ۽ پنهنجي نياري انداز بيان ۾ اُنهن کي پيش ڪر ڏاڍوي مقبوليت مائي آهي. هن غزل جو معزو عجيب آهي جنهن کي نياري انداز بيان ڪيو ويو آهي.
آخر ته موت ايندو گهوري چوائي وجهندي
هن موٽ بحسيا جي ڏاڍي تکي تير آه
حيدر بخش جتوئي عام خيالن کي ڪهڙين عمدي اسلوب ۾ بيان ڪري اُن کي معني بخش بنايو آهي
ٿا گهرون گڏجي دعا پاڪ جي سارا هه ڪري
سا به لطيف و عطا تون متان الله ڪري
اي بردار رهي شل تون سان سدا فتح قريب
تو کي رب شاد رکي تنهني سکي ساهه ڪري
حيدر بخش جتوئي جو اسلوب اعليٰ آهي ۽ زور آهي اثر وارو آهي، ۽ معنيٰ خيز آهي .

[b] حيدر بخش جتوئي جي شاعري جي اهميت:
[/b]حيدر بخش جتوئي نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز جديد دور جا ٽي وڏا اديب ۽ شاعر هئا. اُنهن سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڪافي تبديليون آنديون ۽ سنڌي شاعري کي مالا مال ڪيو.
حيدر بخش جتوئي هڪ هر دل عزيز شخص انقلاب پسند ۽ هارين جو وڏو رهنما هو. هو سچو هو، بلند اخلاق هو، ۽ ڪنهن کان به ڊڄڻ وارو نه هو. هن زندگي ۾ ڪافي تڪليفون سٺيون پر جهڪيو ڪو نه، هو هارين جو سچو ساٿي هو ۽ عظيم رهنما هو. هن هاري ڪاميٽي ٺاهي ۽ هاري گيت کلي اُنهن کي مقبول بڻايو هو. هارين جو ڏاڍو قدر ڪندو هو. ڇاڪاڻ ته اُهي کيت کيڙي اِن اُپائي ماڻهن کي خوشحال بنائڻ ۾ وڏي مدد ڪن ٿا. هارين کان سواءِ ڄڻ سڄي سر زمين واري جو ڍير آهي.
حيدر بخش جتوئي وڏو انقلاب پسند هو ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ کي نه چاهيندو هو ۽ ڏاڍ ڪندڙ، وڏيون ڪوڙن ماڻهن کي جيڪي هارين ۽ اڻ چڙهيل ماڻهن کي مذهب بابت غلط ڳالهيون ٻڌندا هئا تن کي دشمن سمجهندو هو، هن اُنهن ماڻهن کي پنهنجي انقلابي ڪتاب ”شڪواه“ ۾ خوب ننديو آهي، انهي ڪري وڏيرن هن تي ڪوڙا الزام لڳائي هن جي سچائي ۽ ايمانداري کي نقصان پهچائڻ جون ڪئي ڪوششيون ڪيون پر هن اُنهن جي ڪا به پرواهه نه ڪئي ۽ پنهنجي سچ جي راهه تي چمڪندو رهيو.
جتي سچ جي ضرورت هوندي، جتي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ کي جهڪائڻ جي ضرورت هوندي ۽ جتي غريبن ۽ مسڪينن ماڻهن کي مدد ۽ رهنمائي جي ضرورت هوندي اُتي ماڻهو حيدر بخش جتوئي جي شاعري پڙهي ميدان عمل ۾ اچي مقابلو ڪرڻ لاءِ آقا رهندا.
سنڌي فرزند، اُٿي زور نظر پيدا ڪر!
جو وجهي ٿرٿلو، دنيا ۾ اثر پيدا ڪر!
نئون چراغ، نئون خورشيد و قمر پيدا ڪر،
نئون گلزار ۽ هٻڪار ۽ ڪر پيدا ڪر.


[b]مددي ڪتاب
[/b](1) ٻه اکر. سوڀو گيانچنداڻي جيئي سنڌ جيئي سنڌ.
(2) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي. جي.ايم. سيد.
(3) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي. علي احمد بروهي.
(4) باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي. نور محمد شيخ.
(5) باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي. غلام محمد لغاري.
(6) هسٽري آف سنڌي لٽريچر. (انگريزي) ايل ايڇ اجوائي. سهاتيه اڪيڊمي نيو دهلي.