6
اڄ ته آهيان ......................... عاشق نظاماڻي
سائين مُنهنجا! ڪيئن آهيو اوهين؟ يقينن چاڪ، چڱا ڀلا، جوڙ متارا ۽ آسُودا هُوندؤ، غمِ دؤران کان دُور ۽ غمِ جانان جي تصور ۾ گُم سُم هوندؤ، توڻي جو غمِ جانان جون گهڙيون ڏاڍيون پُرڪيف ۽ پُرلُطف آهن، پر فڪرِحيات جي ڦنڌن مان فُرصت ئي ڪٿي آهي، جو ماڻهو ٻي پاسي نيڻ کَڻي نهاري، ماڻهو جنهن کي هِن هيجاني ماحول ۾ مٿي کنهڻ جي مُهلت به مُيسر ڪونهي، اُن ماڻهوءَ کي حالتن جي حِسار مان پاڻ آجو ڪرائڻ نا ممڪن نه سهي، مُشڪل ضرور آهي، ۽ هُونئن به حياتِ جاويدان ۾ رُڳو غمِ مُحبت ئي اڪيلي سِرُ شريڪ سفر ناهي، هتي ته حسرتن جا هيڪاندا هُجوم آهن، جيڪي ايامن کان اِبنِ آدم جي ڪَڍ، ڪنهن ڪاوڙيل قافلي جي شڪل ۾ روان ۽ دوان آهن، اُنهن مڇريل ماڻهن جي جلوس جهڙين خواهشن جي خوف کان ماڻهو ڄڻ ته پنهنجي پاڻ ۾ پناهه وٺي ويٺل آهن، برابر اِنسان ڪاري مٿي جو ڌڻي ڏاڍو آهي، جيڪو آڏو ٽڪر ٽر متان روهه رتيون ٿيئن جهڙي حوصلي سان هٿيار بند آهي، پر وقت، واپاري پڙي ۾ بيٺل پُهروءَ وانگر پُٺيءَ تي هٿ هڻي اِهو چئي اڳتي وڌي وڃي ٿو ته ”مُنهنجي واري کان ڳالهه مٿي آهي“ ۽ ماڻهو پنهنجي آخري خواهش جي نيلاميءَ ۾ به ناڪامي نصيب ٿيڻ جو سُور نه سَهسائي سگهڻ جي ڪري ڪنهن ڪنڊيءَ جي ڳوُنڍ کي پُٺي ڏيئي ٻئي تِريون واريءَ تي کوڙي ڦان ٿي ويهي رهي ٿو، سو ڳالهه اِها آهي سڄڻوءِ! ته، اور بھی غم ہیں زمانے میں مُحبت کے سوا ، راحتیں اور بھی ہیں وصل کی راحت کی سوا، اِهي راحتون جن ماڻهوءَ کي رت ڪري ماريو آهي، اُنهن جي انگي حساب ۾ اگر ڪو کوڙو پاڻ ماڻهن جي جيون-رقمُ چڱيءَ طرح ونڊي ٿو ۽ جي ڪا پاڇي موچاريءَ مهل جي صورت ۾ بچي ٿي ته اسان اکيون پير ڪري هليا ٿا اچون. اوهان سان مِلڻ، ۽ اوهان سان هم ڪلام ٿيڻ، اوهان جن سان هڪڙو پنجن، ستن سالن تي ڦهليل آواز ننگر جو ريشمي سُٽ جهڙو رنگين ۽ نفيس و نازڪ رشتو جُڙيل آهي، جنهن کي حالتن جي ڪا به شوخ هوا ڇني نٿي سگهي، هِي جيڪو اوهان مانائتن مهربانن سان پيار ۽ پنهنجائپ جو تعلق آهي، اِهو ئي اسان جي ڪُل ميڙي چُونڊي آهي، ۽ اِهو ئي رشِتو، اهو ئي ناتو اسان کي ڇڪي هِتي آڻي هِن مائيڪرو فون تان اوهان سان هم ڪلام ٿيڻ تي مجبور ڪري ٿو، مَن جڏهن به اوهان سان مِلڻ لئه ماندو ٿئي ٿو، ۽ ساهه جڏهن به سيڏائي ٿو تڏهن اسان هليا ٿا اچون، سڀئي هنڌ وِهاڻا ۽ پٿراڻيون پوئتي ڇڏي بقول ڀٽائي جي؛
ماءُ! وِهاڻو وار، کڻ پٿراڻي پنهنجي،
جيڪي ڏنئي ڏيجَ ۾، سو سڄو ئي سنڀار،
وڃان ٿي وڻڪار، جو ڏِٺم پير پُنهونِ جو.
سامعين! بٽر فلاءِ جنهن کي پاڻ سنڌيءَ ۾ پوپٽ چَوندا آهيون، انتهائي نازڪ و نفيس هڪ اهڙو مُلائم جيت، جنهن جي جسم کي رُڳو ڇُهبو ته به ڀُري ڇڻي ختم ٿي ويندو آهي. پر خبر اٿئو ته اِن پوپٽ جي عُمر ڪيتري آهي؟ فقط چوڏهن ڏينهن، صرف چوڏهن ڏينهَن جي حياتيءَ ۾ اِهو رنگين پَرن وارو پوپٽ سڄو ڏينهن ۽ رات رُلي ٿو هِتي ۽ هُتي ڀٽڪي ٿو، ڪنهن نه ڪنهن شيءَ جي ڳولا ۽ تلاش ۾ اُڏندو رهي ٿو، هڪ گُل کان ٻي گُل تائين، هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ، هيڏانهن، هوڏانهن پوپٽ جي اِن ڀٽڪڻ ۽ بي جَپيءَ جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ فقط خوشبو حاصل ڪرڻ ۽ پوءِ فنا ٿي وڃڻ. آهي نه سبق آموز ڳالهه، هڪ بنهه ننڍڙو ۽ نازڪ معمولي قسم جو جيت، جنهن کي زندگيءَ به چوڏهن ڏينهن جي مليل آهي، پوءِ به هُو هڪ جاءِ ٿانيڪو ٿي ويهي نٿو. خاموش رهڻ هُن جي فطرت ۾ شامل ڪونهي، قدرت هُن جي طبيعت ۽ مزاج ۾ اِها مڻيا رکي آهي جو هُو ڏينهن رات رُلندو رهي ٿو، ڀَٽڪندو رَهي ٿو، سو به فقط خوشبو چُوسڻ يا حاصل ڪرڻ لاءِ، هي اسان اِنسانن لاءِ هڪ مثال آهي ته ايتري ٿوري عُمر ۾ به هُن کي خُوشبوءِ جي ئي تلاش آهي، هُو اِن معمولي ڄمار کي به ڪنهن بدبُوءِ جي حوالي ڪرڻ بجاءِ خوشبوئن ۽ گُلن سان ڀري ٿو. ڪڏهن ويهي ويچار ته ڪري ڏسو، ڪڏهن ويهي اِن ڳالهه تي غور ته ڪري ڏسو! اسان اِنسان اِن پوپٽ جي ڀيٽ ۾ ڪيڏي وڏي ڄِمار ماڻيون ٿا، پر خوشبوءِ جيڪا علامت آهي، چڱائي ۽ سُٺائي جي اُن بدران بدڪارين، بُڇڙاين، حوس ۽ لالچ پويان سڄي حياتي گهاري ڇڏيون ٿا، اِهي ننڍڙا جيت ۽ اِهي ننڍڙا ۽ معصوم پکي اسان لاءِ هڪ مثال آهن، پر ڪاش! اسان پنهنجي هِن هيڏي ساريءَ حياتي مان فقط چوڏهن ڏينهن ئي ڪڍي، ڪنهن چڱائي جي خُوشبوءِ، ڪنهن ڀلائي ۽ بهتريءَ جي خوشبوءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ وقف ڪريون ته هُوند هيءَ دُنيا حسين ٿي پوي ۽ هِن دُنيا کي حَسين بنائڻ ۾ موسيقيءَ جو به وڏو هٿ آهي، پر شرط آهي ته اِها موسيقيءَ ۽ شاعري، ڌُن ۽ آواز جي لحاظ کان پرفيڪٽ هُجي، اهڙي موسيقي روح کي راحت، دل کي سُڪون ۽ من کي موهه ڏيندي آهي. اعتبار نه اچي ته ٻُڌي ڏسو هي ڪلام.
ڪر ياد مِٺا ماڻهو.............. ثمينه ڪنول
سامعين! ڪنهن ڏيک جي يادگيري، ڪنهن منظر جي سار، جڏهن مَن جي وائيلي سان وچڙندي آهي، دل جي پوتيءَ جو پلاند پڪڙيندي آهي، هِنئين جي چُنيءَ سان چنبڙي پَوندي آهي، تڏهن ڪي عجيب منظر منظِر عام تي اُڀري ايندا آهن. بلڪل ائين جيئن هِي اُداس منظر! ٿر جي ئي ڪنهن شهر جي هڪ گلي آهي، اُن ئي گليءَ ۾ هڪڙو گهر آهي، ۽ اُنهي گهر جي دروازي تي ڪا نئين پَرڻجي آيل عورت ڳوٺان واپس ڇڏڻ لاءِ ڀيڙي آيل پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀائيٽيءَ کان موڪلائي رهي آهي، ڀاءُ ڀيڻ جي مٿي تي هٿ رکي چوي ٿو؛ ڏيڪري! هَمين اسين هَلان ٿا، هَمين ايئي جي گهر تهاجو اَهي، دل وڏي ڪري مائِتران نا وساري ٻيس. هَمين اي ساسِرا ئي تهاجا مائيتر اَهين. اُن وقت اُنهي پرڻجي آيل نياڻيءَ جي ڪيفيت ڪهڙي هُئي، سا هڪڙي خبر کيس هُئي ٻي خُدا کي، پر پاڻ جيڪو منظر ڏِٺو سو هِن طرح هو، اُنهي عورت جو ڀاءُ ۽ ڀائيٽي روڊ ڏيئي روانا ٿيا، جيستائين مٿن نظر پيئي ٿي، تستائين اُها عورت اُتي ئي گهر جي در وٽ گليءَ ۾ بيٺي رهي ۽ پنهنجي ويندڙ ڀاءُ جي وِکن ۾ ويڙهجي اَباڻي گهر جي يادُن ۾ گُم ٿيندي ٿي ويئي. ڪُجهه اڳتي هلي هڪ چؤنڪ وٽ وڃي، جتان کان اِها گلي غائب ٿئي ٿي، اُن عورت جي ڀائيٽيءَ پوئتي مُڙي نِهاريو، ۽ پوءِ پنهنجي پيءُ سان هينئن مُخاطب ٿِي. ابا! ڀُوئا اڃا تائين ڀيٽي اَهي ۽ يڪو آپان نا جوئي پيئي. اِها ڳالهه ٻُڌي رهيو سندس ڀاءُ کان به ڪو نه ٿِيو، تنهن به پوئتي مُڙي ڏٺو ته واقعي! اُتي ئي آهن جتي اوهان ڇڏيون، ۽ پوءِ هُن هڪ ٿڌو ساهه ڀَري ڌيءَ کي وَرندي ڏني ته؛ ڏيڪري! تهاجي ڀُئا چري اهي، آڦي ئي پڇي جائيس، ۽ اُن وقت سائينداد ساند جي هِنن سِٽن جي معنيٰ مونکي سمجهه ۾ آئي هُئي ته؛
هٿ اکين تان کڻان، هُو تنهن کان اڳي،
موڙ اُڪري وڃي ته ڏاڍو سُٺو.
۽ جڏهن پوءِ هُو ٻئي موُڙ اُڪري اکين کان اوجهل ٿِي ويس، تڏهن اُها عورت لوڻي تان هٿ لاهي ڀنل اکيون پوتيءَ جي پلاند سان اُگهي پنهنجي گهر ۾ گهڙي ويئي، ۽ ايئن ئي هڪ اُداس منظر سڄي ماحول کي سوڳوار بڻائي نظرُن کان ته غائب ٿي وڃي ٿو پر دل جي ويران رڻ مان درد جو هڪ وڏو واچُوڙو اُٿي ٿو، جيڪو پنهنجي پويان ڇڏي ٿو وڃي. هِي سوال ته ڇا ڪوئي عورت جي اِن درد کي محسوس ڪري يا بيان ڪري سگهي ٿو؟ مُنهنجي خيال ۾ عورتاڻي عذاب جي ڪنهن به ڪيفيت کي عورت بڻجي عورت وانگر ڀوڳڻ کانسواءِ بيان ڪري نٿو سگهجي.
آيل! مُنهنجو جو اچڻ اڙانگو ..... زرينه بلوچ
سامعين! جَواني واقعي اڙل وڇيرن جيئن هُوندي آهي، جيڪا نينهن جي نيئرن کانسواءِ ٻيا هڙئي ٻنڌڻ ڇنائي سگهي ٿي. ڪيتريون به مٿس پابنديون ۽ بندشون وِڌيون وڃن پر اِهو دؤراهڙو آهي جڏهن هوش تي جوش حاوي ٿِي ويندو آهي، سو به تڏهن، جڏهن ماڻهوءَ کي اِن الهڙ وهيءَ ۾ عشق جي لگار لڳي ته پوءِ جيڏانهن ڪريان پرک تيڏانهن سڄڻ سامَهُون هُوندو آهي. سو مون سان به ڪُجهه ايئن ٿِيو جو ڦوُهه جواني ۾ ڪٿي اکين جا لغڙ ڪاٽا ڪري ويٺس ڪم نه ڪار سڄو ڏينهن سُييريان جي سار پيءُ ته ڇٺيءَ ۾ ئي ڇورو ڪري وِيو هُئم، ٻه ڀينرون هُيون تن به پنهنجا گهر وڃي وسايا هُئا، باقي هِن هيڏي ساري جهان ۾ هڪڙي ماءُ هُيم، جنهن جون مون ۾ ٻٽيههَ دليون هُونديون هُيون، سو کيس عرض ڪريم ته امان! آئون تُنهنجي ڀاڻيجي جيڪا مُنهنجي ڀيڻن جي بَدي ۾ هُئي اُها ڪونه ٿو پَرڻجان بلڪِ مون هڪ هيرو هٿ ڪيو آهي، اهِو حاصل نه ڪيم ته پوءِ مومل مُئي ٻُڌندين مهندرا! سو ماءُ ويچاريءَ پُٽ جي خوشيءَ خاطر زهر جو ڍُڪ ڀَريو. هُونئن ڪا به ماءُ پنهنجي اولاد کي آڏي ناهي ڦِرندي. ڇو جو ماءُ کي پنهنجي پُٽ جي خوشيءَ ئي پياري هُوندي آهي. اولاد خوش ته ماءُ جون اکيون ٿڌيون. ويچاري مُنهنجي ماءُ محبوب جي مائٽن وٽ ويئي کين ڪيئي پُوتيون، پلاند وِجهي راضي ڪري مون لاءِ مُنهنجي محبوب جو سڱ وٺي آئي. هُن پنهنجن جو رنج سَٺو پر مُنهنجي مٿي تي موڙ ٻڌائين. مُنهنجي گهرواريءَ کي پنهنجي اڱڻ تي ڏسي امان ٻلهار پئي ويندي هُئي، پر هوڏانهن ”مَدي ڏيرن من ۾ آئون کِليو کُيڪاريان. واري ڪار هُئي سو ڌُريا ئي ڌاريان مِٽ مُئي جا نه ٿِيا. خير ڪُجهه ڏينهن خوش رنگ گذريا پر پوءِ جڏهن هُن جي هٿن تان حِنا سُڪڻ شروع ٿِي ته هُن به مُنهنجي ماءُ کان مُنهن مٽڻ شروع ڪيو ۽ سندس اندر ۾ اُها عورت جاڳي جيڪا مُڙس کي ذاتي ملڪيت سمجهي سمورا حق ۽ واسطا پاڻ وٽ محفوظ رکندي آهي. هن مُنهنجيءَ مُحبت ۾ ماءُ جي شراڪت کي به تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ڪافي ڏينهن ڏندن تي ڏنم. پر نيٺ هُن هڪ ڏينهن هِيءُ آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو ته هِن گهر ۾ يا ته ماڻهين رهندي يا آئون...
کيس کوڙ منٿون ڪيم پر هُوءُ مُڙي ڪا نه، ۽ پوءِ آئون هڪ پُلصراط تي اچي بيٺس هڪ طرف ماءُ جي مامتا هُئي، ٻي پاسيءَ حاصل جنين حال آئون نه جيئندي اُن ري“ سو نيٺ مون هارايو ۽ هُن کٽيو امان کي ڪنهن بهاني ڀيڻن وٽ ڇڏي آيس، ڪُجهه ڏينهن کانپوءِ هڪ ٻيو فرمان جاري ڪيائين ته هِي گهر وڪڻي شهر ۾ مُنهنجي مائٽن سان گڏ هلي رهون ٿا. سندس شاهي فرمان کي ٽارڻ مون مسڪين جي وس ۾ ڪو نه هو، سو اباڻو اجهو ڀُڳڙن مُٺ تي نيلام ڪري جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ ٿِيا ته اِها خبر جڏهن مُنهنجي ويچاري غريب الديار ماءُ وٽ پهتي ته هُوءِ اِهو صدمو برداشت ڪري ڪونه سگهي ۽ ادي وڏيءَ جي هنج ۾ اکيون پوريئين ته سندس ساهه جو پرديسي پکي پرواز ڪري ويو. مون جڏهن اِها خبر ٻُڌي تڏهن زمين مُنهنجي پيرن هيٺيان نڪري ويئي، پر چوَندا آهن ته پنهنجيءَ وڍيءَ جو نه ويڄ نه طبيب. سو هاڻ ڪري به ڇا ٿي سگهيس سواءِ پڇتاءُ جا ڳوڙها ڳاڙڻ ۽ هٿ مٽهڻ جي، ۽ هاڻ جڏهن به الهڏني جُوڻيجي جي آواز ۾ هِي ڪلام ٻُڌندو آهيان تڏهن اندر اڌ ٿي پوندو اٿم، جيءُ جُهري پوندو اٿم ۽ مُنهنجي ڪيفيت ڪنهن ڪُٺل پکيءَ جهڙي ٿي پَوندي آهي.
مُنهنجي پرديسياڻي ماءُ ......... الهڏنو جوڻيجو
سامعين! اڄ سنڌ جي هڪ اهڙي يگاني شاعر جي عُرس مُبارڪ جو ٻيو ڏينهن آهي، جنهن کي سنڌ سچل سرمست جي نالي سان سَڏي ۽ سُڃاڻي ٿي، درازن جو دوُلهه سچل سرمست ڪو رواجي درويش يا ولي هرگز ناهي، پر هُو سنڌ جي انقلابي شاعر شاهه لطيف وانگر هڪ اهڙو باغي شاعر هو، جنهن پنهنجي دؤرجي غلام سماج کان بغاوت جو جهنڊو بُلند ڪيو هو ۽ حَق جو نعرو هنيو هو، سندس ڪلام حق، سچ ۽ صُوفي ازم جو ڄڻ ته پيغام آهي، جنهن شاعر جي شاعريءَ ۾ مُحبت جي موج مستي ۽ معرفت جي موتين سان گڏ اناالحق ۽ هم اوست جا اُتم خيال اوتيل هُجن، اُنهي انقلابي شاعر کي پير ڪري پُوڄڻ ساڻس ناانصافي ناهي ته ٻيو ڇاهي! جنهن شاعر تصوف ۽ صُوفي ازم جي باريڪين کي پنهنجي لاجواب ۽ لازوال ڪلام ۾ قلمبند ڪيو آهي، اُنهي صُوفي شاعر کي سهي معنيٰ ۾ سمجهڻ، سندس فن ۽ فڪر جي ڦرهيءَ مان ڪاهڙ حاصل ڪرڻ بجاءِ کيس پُهتل پير سمجهي سندس درگاهه تي دلا ڀرڻ ۽ سندس مزار تي مُجاور بڻجي ويهڻ سندس ڏنل انقلابي تعليم جي نفي ناهي ته ٻيو ڇاهي! بدقسمتي اِها آهي جو اسان ڪنهن به شيءَ کي عقلي ۽ علمي بُنيادن تي پرکڻ ۽ پَروُڙڻ جا عادي آهيون ئي ڪو نه، ۽ نه ئي ڪنهن به ڳالهه يا چيز جي ڇنڊڇاڻ لاءِ ڪو سائينٽيفڪ طريقو، ڪو سائنسي اصول، ڪو مڪينزم، ڪو منطق ٿا استعمال ڪريون يا اپنايون، بلڪِ سدائين انڌن عقيدن تي ڀاڙيون ٿا ۽ اعتماد ڪريون ٿا، نتيجي طور اسان جي عوامي، انقلابي ۽ صُوفي شاعرن جي سڄي ڪِي ڪمائي، اسان جي اڻڄاڻائي ۽ عقيدي پرستيءَ جي وَرُ چڙهيو وڃي، ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي انقلابي شاعرن جي شاعريءَ کي نه رُڳو علمي ۽ عقلي بُنيادن تي سهي نموني سان سمجهون، پر سندن ڏنل شاعراڻي سبق مان به ڪُجهه پرايون، ڪا هڙ حاصل ڪريون، هِتي توڻي هُتي، مطلب ته ٻنهي جهانن جي نجاد، ڇوٽڪاري، ڀلائي واسطي، اها ئي اِنهن شاعرن سان سچي مُحبت ۽ حقيقي عقيدت آهي، ۽ هاڻ اچو ته سُهراب فقير ۽ سندس ساٿين کي ٻُڌون جيڪي سنڌ جي هِن سچل جي سرمستيءَ کي ڪُجهه هن طرح بيان ڪري رهيا آهن.
”جنهن دل پيتا .......................... عاشق نظاماڻي“.
سامعين! هڪڙي موسم، ٻي به صبحاڻي کان شروع آهي، يقينن اوهان حيران ٿيندا ته اِها وري ڪهڙي موسم آهي؟ پريشان ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ناهي. اسان ٿا اوهان کي اِن موسم جي اثرن کان آگاهه ڪريون. جي ها اِها موسم آهي سالياني امتِحان جي. جنهن ۾ فوٽو اسٽيٽ مشين وارن کان وٺي ڪاپي ڪلچر مافيا تائين جيڪي به ڌنڌوڙي فرد ۽ ٽولا هن ڪوئلي جي ڪاروبار ۾ هٿ ڪارا ڪندا آهن، اُنهن سڀني جا وارا نيارا هِن ئي سڻڀي سيزن ۾ ٿيندا آهن، رستي تي يا ڪنهن شهر جي چؤنڪ تي وڏا وڏا سائين بورڊ لڳل هوندا آهن، ڪٿي ڪي اشتهار به آويزان هوندا آهن، ڪنهن فِري ڪئمپ، يا ڪنهن ميلي ملاکڙي متعلق، اُنهن جي هيٺيان لکِيل هوندو آهي پاران، طرفان جنهن کي انگريزي وارا فرام چون ٿا، سو اُن پنهنجي پاران اڄڪلهه ايتري ته ترقي ڪئي آهي جو اُها هاڻ پنهنجي پاران مان ڦِري ٻي جي پاران جو روپ اختيار ڪري چُڪي آهي، جيئن مسواڙ تي شاديءَ جو ڀت ڪرڻ لئه ماڻهو ملي سگهي ٿو ائين ٻي جي پاران ونگار وهڻ لئه به ڏوجها ماڻهو ملي سگهِن ٿا ته پوءِ ڪا ڳڻتي يا ڳاراڻو ڇا جو؟ اوهان پاڻ يا اوهان جو لاڏلو لکي پڙهي نٿو سگهي ته ڪهڙي اربعا خطا ٿي پئي. اهِو ڪم ته آساني سان ٿي سگهي ٿو اوهان ڪنهن جي مُٺ گرم ڪري پنهنجي پاران جيڪو ڪم نٿا ڪري سگهو، سو ٻي جي پاران همراهه کي ويهاري ڪرائي سگهو ٿا، ڳالهه رُڳو سمجهڻ جي آهي، نٿا سمجهي سگهو ته نوشتهِء ديوار تحرير پڙهي ڏسو. جتي حڪيم ايڇ ايم سومري کانسواءِ به گهڻو ڪُجهه لکيل هُوندو آهي پر پاڻ اُن جي پَرواهه ڪڏهن ڪئي آهي، لکيل ته هوٽلن ۾ به هوندو آهي ته هِتي سياسي گُفتگو ڪرڻ منع آهي، يا ڪن جڳهين تي لکيل هوندو آهي سگريٽ ڇڪڻ ۽ گوڙ ڪرڻ کان پرهيز ڪريو. هاڻ ڏيو مُنهن! ماڻهو گونگا ته ناهين جو گُفتگو نه ڪن، ڪِري اسين ڊاڪٽر جي جهلڻ تي به ڪونه ڪريون سو هوٽلن ۽ بسن ۾ ويهي ٻٽاڪ نه هڻون ته ٻيو ڇا ڪريون، ٻي ڳالهه ته هر لکيل ڳالهه تي عمل ڪرڻ جو رُڳو پاڻ ٺيڪو ٿوروئي کنيو آهي. لکيل ته هر لاريءَ ۾ به ائين هوندو آهي ته ”مسافر پنهنجي سامان جو پاڻ ذميوار آهي“ ذميوار ته اسان پنهنجي پاڻ بابت به ناهيون مٿان وري اِهو حُڪم به اسان تي، اسان کي لاري ۾ ڊرائيور جي لڳ سان سيٽ ملي ويئي ته بالم ٿي ويهي رهنداسون پوءِ جي ڪو شاهينگ کيسو ڪتري وڃي ته ڪُهاجي لاريءَ مان لهڻ مهل سامان سيٽ تي رهجي وڃي ته ڇا، اسان ته بقول شمشير جي هڪ دل هُئي سا به ڪِٿ وساري ايندا آهيون يا ڪنهن لاريءَ ۾ مُرڳو اکيون ئي وڃائي ايندا آهيون.
مُرڪ پياري ۾ اکيون رهجي ويون.......... شفيع فقير
سامعين! ٻوڏ مُتاثرين جو جيڪو درد آهي، اُن جو رُڳو تصور ئي اِنساني احساسن کي ڇرڪائي ڇڏي ٿو. اُهي جيڪي ڪئمپن ۾ جيئڻ خاطر جيڏيون وڏا وس ڪري رهيون آهن، اُنهن جي بيوسيءَ جي هڪڙي جهلڪ هنن چند سِٽن مان به پسي سگهجي ٿي. هڪڙي ڪئمپ آهي جتي ڪا اُداس عورت ويٺل آهي، سندس گوڏي ته ڪائي نياڻي سُتل آهي، جيڪا پنهنجي ماءُ سان هيئن مُخاطب ٿئي ٿي.
امان! مُنهنجي اُها گڏي ڪٿي آهي، جيڪا ونواهه ۾ ويٺل هُئي؟
ڌيءُ اُها درياهه سان پرَڻجي ويئي.
پر امان! درياهه ۾ ته رُڳو پاڻي آهي، اُن وٽ گُڏو ڪٿي آهي؟
ها پُٽ! پاڻيءَ کي تُنهنجي گُڏي وڻي ويئي.
امان! گُڏي جو ڀرت ڀريَل گهگهو ڪيڏانهن ويو!
امڙ! اُهو سنڌوءَ جون لهرون لوڙهي ويون.
۽ امان! مُنهنجي گُڏيءَ جي مڱڻيءَ جي مُنڊي؟
ڌيءَ درياهه جون ڇوليون کنڀي کڻي ويون.
پر امان! ڇوليون مُنڊيءَ کي ڇا ڪنديون؟
شايد سنڌوءَ کي پارائينديون.
امان! سنڌوءَ جا هٿ ڪٿي آهن؟
نه امان! سنڌوءَ جا هٿ ڊگها آهن.
امان! گُڏيءَ جي اُها سڳي ڪٿي، جيڪا تون رنگين داڳن مان ٺاهي ڏني هُئي؟
ڌيءَ اُها به ويرُن حوالي ٿي ويئي.
۽ امان! هُو هار جيڪو مون مڻين مان جوڙيو هو؟
آيل! اُهو به درياهه ڦري ويو.
امان! درياهه ڌاڙيل آهي ڇا جو ڦُر ٿو ڪري؟
نه ڌيءَ! درياهه بادشاهه آهي.
امان! بادشاهه گُڏين جا گهر اُجاڙيندا آهن ڇا؟
نه ڌي بادشاهه ماڻهو آهن، اُٺ ٿوروئي آهن.
ته پوءِ درياهه اُٺ آهي ڇا امان؟
نه جيجان! درياهه به اُٺ ڪونهي پر .................
پر ڇا اَمان! ماٺ ڇو ٿي وئين؟ درياهه کان ڊڄين ٿي؟
ها ڌيءَ! درياهه جي دهشت اڳيان اُٺ ڪهڙي شيءَ آهي.
امان دهشت ڇا آهي؟
پُٽ! ڏاڍ، ڏهڪاءُ، ظلم، زبردستي دهشتگرد ئي ڪندا آهن.
ته پوءِ ڇا درياهه دهشتگرد آهي امان؟
نه مُنهنجي ڌيءَ! درياهه دهشتگرد ڪونهي.
ته پوءِ آخر امان درياهه ڇا آهي؟
جيجي! درياهه اسان جي جياپي جو ضامن آهي پر هيل الائي ڇو ڪاوڙيو آهي.
امان! اسان جي مِس ته تڏهن ڪاوڙبي هُئي جڏهن ڪو ٻار غلطي ڪندو هو.
ها ڌيءَ غلطيءَ جي ئي سزا ملندي آهي.
پر امان! گُڏي ڪهڙي غلطي ڪئي؟
نه ڌيءَ! گُڏي ڪا به غلطي ڪونه ڪئي هُئي.
ته پوءِ امان! درياهه مُنهنجي گُڏيءَ تي ڇو ڪاوڙيو؟
نه پُٽ! درياهه تُنهنجي گُڏيءَ تي ٿورو ئي ڪاوڙيو آهي؟
ته پوءِ ڪنهن تي ڪاوڙيو آهي امان؟
اُنهن تي ڌيءَ جن درياهه جي وهڪرن ۽ واٽن اڳيان وڏا بند ٻڌي، اُن کي پنهنجي عاشق يعني سمنڊ سان ملڻ کان روڪيو آهي.
پر امان! اِهو ڪم ته وڏن ماڻهن ڪيو آهي، گُڏيءَ ته ايئن نٿي ڪري سگهي نه؟
ها ڌيءَ! گُڏي ويچاري بي جان هُئي، اُن کي ڪهڙي مجال.
امان! ته پوءِ مُنهنجي گُڏي جو ڏاج درياهه ڇو کڻي ويو؟
ها ڌيءَ! درياهه کي به شايد ڪا ڌيءَ پَرڻائِڻي هُئي.
سائين مُنهنجا! ڪي ڪي ماڻهو ڳالهين جا ڳهير هُوندا آهن، ڳالهه کي ڳاٽي مان جهلي ائين گهُمائي، ڦيرائي ميدان تي سٽيندا جو ڳالهه ڪنهن سَت، سُري ڳُجهارت جئين ڀڄي ڀور ڀور ٿي ويندي، ته ڪي وري ست راڄي گهُرائي گڏ ڪري پوءِ پنهنجي ڳالهه جي گابال ڳنڍ کوليندا، ڳالهه ۾ ڀلي کڻي ڪو وزن يا بحر نه هُجي پر همراهه اُن کي اورڻ لئه الائي ڪهڙا ۽ ڪيترا اُهتمام ڪندا، جتي مرد مرد جي ذات ڪانڀ ڪڍي پٽڪي جي ور سان ٻوڪاني ٻڌي اچي ٿانَ ماري ويهندي، پوءِ سِج کُٽي يا ٻج کُٽي، اوڙي، پاڙي وارن جي اوٻاسيءَ جو ٺڪاءُ پيو پوندو، پر ڳالهه هوندي جيڪا ويندي پٽ ڪيئن وانگر کُلندي ته سوجهاڪو ٿي ويندو پر ڳالهه جو سنڌو نڪي سيڙهو. ڌراڙ وڇار ته وچان وچان اک جهلي اُٿي ويندا، پر جيڪي چار چڱا مُڙس ستين ڪوهين تا سيڙائي آيا هوندا اُهي ڏندن تي ڏيئي رات ڪٽيندا. ڳالهه ڪرڻ، ٻُڌائڻ ۽ کڻڻ جو به هر ڪنهن جو پنهنجو، پنهنجو انداز، ڏانءُ ۽ طريقو آهي، ڪي ڳالهه جو نڪو ڳوٺ اڏيندا، نڪي پيڙهه جوپٿر رکندا، رُڳو پاڳوٺي ٺوڪي پٽ تي ويهي ڳالهه مان ڳوڙهو ٺاهي ٺڪاءُ کڻي ميدان تي ڪرائيندا پوءِ کٽن ڀاڳ! ڪي وري اهڙا ڳالهير جو ڳالهه ڪرڻي هُونديَن مِٺيءَ جي پر جسين ماڻهن کي ڏيپلو، ڏاهلي، ننگر، ونگو، ڪلوئي، ڇاڇرو مطلب ته سَڄي ٿر جو سير ڪرائي گهُمائي ماندو ڪري نه ماريندا تيسين اصلي ڳالهه جي ڳنڍ نه کوليندا، چوندا ته اِها تمهيد ٿا ٻڌون. ڪي ڳالهه مان ڳالهه ڪڍڻ جا شاهه ڪاريگر ته ڪي ڳالهه مان ڳالهوڙو ٺاهي ڏيکاريندا، ڪي بڊي جي ڪڪرن جيئن گوڙ گهُمسان ته گهڻو ڪندا پر هونديون دٻي ۾ ٺِڪريون، ڪي ٻه ٺپي گُجهارت جيڏي ڳالهه لئه سڄي سال پيا سَبرندا ۽ ميدان تي ايندا ته چوندا دودو چنيسر هتا ڀائي، آپس ۾ وڙهي تباهه ٿي گيا، وات هتي اِتي اَڀان کڻي وڌائي، ڳالهه نه ڳالهه جو پايو پر همراهه کي جيڪا هُرکُر هوندي اُها ڇِنڊي پوءِ اُٿندو، ڪي ڳالهه ۾ ڳڀنيرتا ڀرڻ جا ڀڙ ته ڪي وري ڳالهه مان ڳڙ ڪڍي ڏيکارين. ڪن جي ڳالهين تي خلق کِل ۾ کيري ٿيو وڃي ته ڪِن جي ڳالهه هڪ ڪَن مان ٻُڌي ٻي ڪَن مان ڪڍيو ڇڏين. ڪِن وٽ ڳالهين جون ڳوٿريون بلڪِ ڳوُڻين ڀريل هونديون ته ڪي وري هوا ۾ لٺيون هڻندا ڦرن، يعني جيڪا ڳالهه ڪن اُن جي نه زمين نه آسمان سؤليءَ سنڌيءَ ۾ ته هرو ڀرون هٿ جي هڻندا آهن. ڪي واٽ ويندي راهه روڪي ٻانهن مان جهلي ڪنهن ٻاڪڙا هوٽل تي ويهاري چانهه پياري پنهنجي ڳالهه اوهان جي کيسي وجهي پوءِ جان ڇڏيندا. ڪي ڳالهه ۾ مرچ مصحالا ملائي پوءِ ڪندا ته ڪي وري ڳالهه ڪندا چٽي، جنهن ۾ کڙو نڪي مٽيءَ، هڪڙا مُنهن جا مورا جيڪي ڳالهه کي وات ۾ پيا ڦيريندا پر ٻاهر ٻڙڪ به ڪڍي نه سگهندا ۽ ٻيا وري ڪيئي ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ويڙهيو وتندا، اگر ڪٿي گوشي پرين گڏ جي وين ته سڀئي احوال اوريندي دير نه ڪندا، پر جي ڪنهن ڪنن تان وار وڌا ته پوءِ هيءَ شڪايت ڪندا ته ڳالهه نٿو ٻڌي.
ڳالهه نٿو مُنهنجي ٻُڌين ........ فوزيه سومرو
سامعين! اڄ نائين ڊسمبر آهي، ۽ نائين ڊسمبر رُشوت خلاف عالمي ڏينهُن آهي، اڄوڪي هِن عالمي ڏينهن جي حوالي سان، اسان اوهان کي ٻُڌائيندا هلون ته اُڄ پُوري دنيا ۾ رشوت ۽ بَد عُنواني خلاف ڀَرپُور نفرت جو اظهار ڪيو پيو وڃي، ۽ اُنهي عمل ۾ اسان جو مُلڪ به سڄي دُنيا سان هم قدم ۽ هم آواز آهي.
سامعين! دُنيا جو ڪو به مُهذب مُعاشرو رشوت جهڙي ناسُور کي چڱي شئي قطعي نٿو سمجهي، رشوت يا بدعُنوانيءَ جا هڪ نه پر هزارين قِسم آهن، پوءِ اِها قومي فرض ۾ ڪوتاهي هُجي يا پاڻ تي عائد ٿيل ڪِن ذميوارين ۾ بَدديانتي هُجي، امانت ۾ خيانت هُجي، ذخيره اندوزي هُجي، ناجائز مُنعافي خوري هُجي، تور ۽ ماپ ۾ کوٽ يا مِلاوٽ هُجي، اختيارن جو ناجائز استعمال هُجي، توڻي ذاتي اثر رسوخ ذريعي اثرانداز ٿيڻ جو عمل هُجي، ڪنهن اهل جي جاءِ تي نااهل جي سفارش هُجي، توڻي جائز ڪم لاءِ ناجائز طريقا استعمال ڪرڻ هُجي، مطلب ته رشوت ڪهڙي به صورت ۾ هُجي اُها ناجائز آهي، غلط آهي، گُناهه آهي ۽ قانوني توڻي اخلاقي جُرم آهي، جيڪو شخص رشوت ڏي يا وٺي ٿو اُهو اِنهي جُرم جو مُرتڪب بڻجي ٿو. مٿي ذڪر ڪيل ڏوهن مان اگر ڪو هڪ به ڏوهه ڪنهن فرد تي ثابت ٿئي ته اُهو سزا کائي سگهي ٿو. نه رُڳو هِتي هِن دُنيا ۾ پر رشوت ڏيندڙ توڻي وٺندڙ ٻئي جهنمي آهن. رشوت ۽ بَدعُنواني اسان جي پُوري سماج کي ڪنهن وچڙندڙ وَبا جيئن وڪوڙي ويئي آهي، هڪڙي ادنيٰ ڪلرڪ کان وٺي ڪنهن اعليٰ عملدار تائين شايد ئي ڪو اهڙو خُدا جو نيڪ بندو هُجي جيڪو انهي بُرائي کان بچيل هُجي، هِيءَ جيڪا رات جي پيٽ ۾ امير ترين ٿيڻ جي ڇتڪُتائي پيدا ٿي پئي آهي، اِها انسان جي ضمير کي ذلتن جي گٽر ۾ غوطا ڏيئي ماري ڇڏي ٿي ۽ اکين تي حَوسَ جون لِپريون چاڙهي ڇڏي ٿي، ماڻهوءَ مَنجهان ماڻهپو لڏي وڃي ٿو ۽ هُن ۾ پنهنجي پرائي جي ڪا به ساڃاهه ڪو نه ٿي رهي، پنهنجي مُلڪ توڻي ادارن جو احترام ختم ٿي وڃي ٿو ۽ هُو پنهنجي عيش و عشِرت خاطر خلقِ خُدا جي حقن تي ڌاڙا هڻي، اُنهن کي سندن جائز حقن کان محروم ڪري ڇڏي ٿو ۽ ايئن ڪرڻ سان اسان جا سمورا ادارا بَدعُنوانيءَ ۽ نااهليءَ جي وَرُ چڙهي وڃن ٿا، سموري سِرشتي جي ستياناس ٿي وڃي ٿي، نتيجي طور اسان جو پُورو مُعاشرو مَفلوج بڻجي وڃي ٿو. تنهنڪري سماجي شعور رکندڙ هر فرد تي اِهو فرض عائد ٿئي ٿو ته هُو پنهنجي مُعاشري کي هِن موُذي مرض کان نجات ڏيارڻ لئه ڀَرپُور ڪردار ادا ڪري، ماڻهن ۾ هِن سماجي بُرائي خلاف سُجاڳي پيدا ڪري ، رشوت ۽ بَدعُوانيءَ کان پاڪ مُعاشريءَ جي قيام لاءِ حڪومت ۽ رشوت ٽوڙ کاتي سان مُڪمل سهڪار ڪري.