تعارف
مرحوم خدا بخش هاليپوٽو جي باري ۾ ڪجهه حقيقتون بيان ڪرڻ ضروري آهن، ڇاڪاڻ ته هن جو ڪلام هن کي شاعر ظاهر ڪري ٿو پر اُهي ڪهڙيون حقيقتون هيون، جيڪي هن جي شاعرانه زندگي جون آئينه دار آهن، جيئن ته طبيعتن پاڻ هڪ موڊي انسان هو، جنهن ڪري هر عام و خاص سان متوصل ٿي نه سگهيو. هن تنهائيءَ ۾ گهڻو وقت گذاريو، اُنهيءَ جو ڪارڻ جيڪو محسوس ڪيو ، اُهو اِهو هو ته هو هڪ سچو ۽ کرو ماڻهو هو، جنهن ڪري اڪثر و بيشتر عام و خاص هن کان لهرائيندا هئا. بهرحال دليري ۽ بيباڪي هن جي سڃاڻپ هئي، هي پُر اعتماد رهندو به هو ۽ واقعي هوندو به هو ۽ ڀروسي لائق انسان هو سواءِ مصلحت جي هن ڪوڙ ڪونه ڳالهايو، مون هن کي زندگيءَ ۾ ڪنهن کان به ڊڄندي نه ڏٺو سواءِ ابدي عدالت جي خوف کان جڏهن هي انهي ڪيفيت ۾ ايندو هو ته ڏاڍو روئندو هو، مون هن کي ڪيئي ڀيرا هن حالت ۾ ڏٺو، يعني خدا جو خوف رکندڙ انسان هو، آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو ۽ پنهنجو پاڻ کان سوال پڇندو آهيان ته هي ايڏو دلير ۽ بيباڪ ڇو هُيو، گهري سوچ فڪر بعد هن نتيجي تي پهچندو آهيان ته هي خود غرض ۽ مفاد پرست نه هو، ڪنهن جي ملڪيت يا مال تي هن جي نظر نه هئي. مطلب ته لالچي ته نه هو ته بزدل به نه هو، رب العزت جو احسان آهي، اهڙو ڪو حادثو هن جي ذهن تي اثر انداز نه هو ۽ نه ٿيو ورنه خطرناڪ موڙ اختيار ڪري ها، وري اهڙي طبيعت جي برعڪس هي مهمان نواز سادگي پسندتمسخر پسند رحم ڪرڻ وارو جنهن سان ٺهي، تنهن تان قربان ٿيڻ وارو وفا لفظ جو مجسمو چئجي ته وڏاءُ نه ٿيندو، جنهن سان محبت ڪيائين، توڙ نڀايائين عهدو پيمان جو پيڪر هو ۽ هڪ غيرت مند انسان هو، انسان فطرتي غلطين جو گهر آهي. هن کان ڪي اهڙيون غلطيون ٿيون، جيڪي نه ٿيڻ کپنديون هيون پرسراري طور هي هڪ بهترين انسان هو. نالائقن ۽ منافقن لاءِ آزار هو ۽ فضيلت ڀرين لائق دوستن جو يار هو، وفادارن جو غلام هو.
زندگيءَ جي منفي پهلوءَ ۾ مرحوم ڪن دنيوي نعتن کان محروم رهيو، جنهن جو هن جي ذهن تي گهرو اثر هو. کيس اولاد نه هو، جيئن اڪيلو آيو، تيئن بنا وارث جي دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو دنيا ۾ هر انسان جي اها خواهش هوندي آهي ته کيس ياد ڪرڻ ۽ ياد رکڻ لاءِ هن جو وارث هجي ان حقيقت کي مد نظر رکي مون اهو شدت سان محشوس ڪيو ته ڇو نه مرحوم جي احساس محروميت کي درپرده رکي هن جي شاعرانه ڪلام کي ڪتاب جي شڪل ڏئي هن جو لازوال وارث منظرعام تي اندو وڃي. الله پاڪ جي نوازش سان آئون انهي ڪم ۾ ڪامياب ٿيس. الحمدالله شاعري جي مواد ۾ بيت، ڪافيون، گيت، رباعي ۽ غزل شامل آهن. مون فقط غزل تي علم عروض جي تقطيع تي ڪم ڪيو آهي. شايد ڪجهه غزل مرڳوئي بدلجي ويا، ليڪن خيال ساڳيو رهيو. مون ساڻس گهڻو وقت گذاريو. انهي ڪري طبيعتن آئون سندس واقف هوس، بهر ڪيف الله جي ذات مون کي سرخرو ڪيو ۽ خدا بخش خاضح جو ڪتاب هٽڙي جو گل توهان جي هٿن ۾ آهي ۽ ضايع ٿيڻ کان بچي ويو. شڪر الحمدالله.
هن ڪتاب جو نالو ”هٽڙي جو گل“ رکيو ويو آهي. هٽڙي خدا بخش ”خاضع“ جي ماءُ آهي ۽ هي گل سندس پٽ آهي، جيڪو سندس سيني ۾ دفن آهي. هن گل جي خوشبو هٽڙي جي هوائن ۽ فضائن ۾ تاقيامت گهلندي رهندي ۽ سندس محبت جي جذبي کي پکيڙيندي رهندي. شل قدرت سندس روح غريق رحمت ڪري. (آمين.
ادا خدا بخش ”خاضح“ ۽ خدن ٻئي تخلص طور استعمال ڪيا آهن. خاضح جي معنيٰ آهي. نوڙت ۽ انڪساري رکندڙ. هن ڪتاب جي آخر ۾ بابا حاجي عبدالحيات هاليپوٽو جا چند ابيات ڏنا اٿم، جيڪي سندس خيال جي عڪاسي ڪن ٿا. الحمدالله ضايع ٿيڻ کان بچي ويا.
[b] حفي الحفيظ اَلحفن
[/b]فيبروري 2004