ڪھاڻيون

اٽي اجھي لٽي جي ڳولا

ممتاز مصطفيٰ هڪ نوجوان ڪهاڻيڪار طور ڪهاڻين ۾ پنهنجي نفسياتي ۽ روحاني روين سميت پنهنجي سماج جي اصل شڪل بيان ڪرڻ جو ساهس رکي ٿو، جنهن سبب سندس ڪهاڻين ۾ زندگي موجود آهي، جيڪا ڪهاڻي پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿي.
Title Cover of book اٽي اجھي لٽي جي ڳولا

فقير ويهي يا وڃي

ٽاڪ منجهند جو هڪ جهور پوڙهو، لٺ آڌار تي، بگل ۾ ڇٻي وجهيون منهنجي گهر جي کڙهه ڏانهن اچي رهيو آهي. دل ۾ سوچيم ته هيڏي ساري ميري ڏاڙهي سان، بدبودار ڪپڙا پهريندڙ شخص، ڪير ٿي سگهي ٿو؟ جسم نازڪ نفيس، ساهه اڌارو، کڻڻ وارو گهر ۾ نٿو ويهي؟ دل ۾ خيال آيو پڇانس ته صحيح......
مان نم جي ڇانءُ کان ٻه قدم کڻي هن طرف وڌيس.ڍ
”پوڙها ڪير مڙس آهين؟“ منهنجي پڇڻ سان پوڙهي تي فرق ئي نه پيو. هو کڙهه جي وچ تي ڪانڀ ڪڍي ويٺو. دل ۾ باهيون ته ڏاڍيون ٿي آيون، پر اسي مت کسي ڏسي ٻيهر پڇيم، ”پوڙها ٻڌين نه ٿو، هيڏا سڏ، ڪوڪرون....“
”آهه الله، ڪو ملندو، ڊوڍو“ پوڙهي وري ٽئين ٻڌائي، مان هن کي حيرت سان ڏسندو رهيس، هن جي عجيب طبيعت ۽ تلسمي ڏٺي نه پڳي تڏهن مون چيو،
”هيڏي ڏاڙهي، پيرسني عمر ۽ پِن. عجيب فقير آهين“ پوڙهو پنهنجي مستي ۾ مگن رهيو، ڄڻ سمجهيائين ڪجهه نه ٿي.
”الائي خير ملندو يا چوندا معاف ڪر.......“ پوڙهو پنهنجو پاڻ سان مخاطب ٿيو. منهنجي مٿان پڇ پڇان واري ريهسل بند نه ٿي، پڇڻ سان ڀريل اکيون مون ڏي کڻندي نه ڪيائين هم نه تم ”تنهنجي پڇڻ جو جواز؟“ هاڻ مون سمجهيو ته ٻيلي هن منهنجا سوال ٻڌا آهن مگر..... پوءِ مون به دير نه ڪئي ”ها ها مان هر عمر وارن کان، عمر جي حساب سان پڇندو آهيان. سوچيم بزرگ آهين، من ڪا چڱي ڳالهه ملي وڃي“
پر اڄ جا ڇوڪرا ته پوڙهن مان بيزار آهن.... ها هو به صحيح آهن. هُجين لالڻ ته لال به ميڙن“ هو ڀڻ ڀڻ ڪرڻ کانپوءِ اونهي سوچ ۾ هليو ويو، شآيد جواني جي ڪا ياد اچي ويئي هُيس.
”هونءَ به، گهڻا ڏينهن ٿيا آهن، واندي ويٺي. خدا جي ڏني مان ڪجهه ٻڌاءُ ته ڪهاڻي لکان“ مان مخاطب ٿيس، تڏهن پوڙهي چيو ”ڪنهن تي“
”تو تي.....“
”مون تي“
”ها ها“
”ڇا ملندئي؟“
ملي نه ملي، ڪردار ته آهين!“
”ها ابا ڇا چيئي؟“ پوڙهي نه سمجهيو ته ٺهه پهه پڇيائين، مون ڪردار جي وضاحت نه ڪئي ته وري چيائين ”ڪهاڻي لکڻ کانپوءِ سُڪو، پارو ٿو ٽڪر ڏيندين......“
”ڏيندس“ مون ها مس ڪئي تڏهن مشڪي چيائين.
”..... اڳي در تي آيل فقير خالي نه موٽندا هئا. هاڻ نه گهر جي نياڻين ۾ ئي ذرو آهي ۽ نه مردن وٽ خيال ته. .......... گهڻن درن کان گهرڻ بعد، وڃي ڪو ٿو خير ڏئي. ها ابا سا به بسم الله هن بکئي پيٽ ڪارڻ“ چئي، وڏو شوڪارو ڀريو. هي اهو چوڻ کانپوءِ ڊڄي ۽ رڦي رهيو هو، ته متان سچ چوڻ بدلي، ڪو هن ڪمزور هڏن تي، لٺيون وسائي يا ڇڙٻي وٺي، مون سڄي ڪلهي تي هٿ رکي هن کي آٿت ڏني ”ڊڄ نه چپ، سڀ ڪجهه ملندئي، مان انهن مان نه آهيان، مان اديب آهيان، هن سماج تي، هر ڪردار تي گهري نظر اٿم ضرورت پوڻ تي ان ريتن رسمن خلاف تحريرون لکندو آهيان“ پوڙهي مون کي ڪو وڏو ڀرجهلو سمجهي ٻئي هٿ مٿي کنيا ”ها رب راضي ٿئي...... دير ئي ناهي“
پوڙهو شخص سڪل چُتڙن کي زمين تي رکي ويٺو. ڪلهي مان ڇٻو ڪڍي پنهنجي اڳيان رکيائين، جنهن ۾ منهنجو خيال هو ته ڪا ماني ساني رکي هوندي، لٺ ٻنهي ٽنگن وچان ڏئي سيني سان لائي ويٺو رهيو. مان هن کي ڏسندو رهيس. هو مونکي گهوري ڏسندو رهيو. هن جي دل تي ڪو اهڙو اوتارو آيو، جنهن ڌنڌلين اکين مان گرم ڳوڙها ڪيرايس. آنسو ڳريل ڳٽن تان گس ٺاهيندي، ميري ڏاڙهي کي ڌوئيندي، پئي پٽ تي ڪريا. مون هن جي دل جي، بند ٿيل باب کي ڇو کوليو؟ جو هو روئي پيو، مون اندر جي ان جذبن سان بغاوت ڪئي جن ائين ڪرڻ کان به نه روڪيو. مون پاڻ تي قابو پائيندي پوڙهي کي آٿت ڏني. هن جو اٿيل سمنڊ بيهي رهيو. هو چپ رهيو. مان چپ رهيس. ٻن منٽن جي معنى خيز خاموشي کانپوءِ، هن جهڪيل ڪنڌ مٿي کنيو. اکين وسڻ کانپوءِ پڇڻ جو ويس پهريون، هي ٻڏندڙ آواز ۾ مخاطب ٿيو ”مان ڪردار آهيان، ڪهاڻي لکندين؟“
”ها“
”چڱو لک داستان“
”جي“
”پٽ مان تو وانگر، پي کي، هڪڙو پٽ هيس، پيءُ سان ارهه زورايون، ڪٿي ڇڙٻڻ ۽ ڪٿي بي ادبي به ڪري وٺندو هيس. بابا وصال کان پهرين لڏائو قبيلي جي هڪ عورت سان شادي ڪرائي، مائي کي پهرين مڙس مان ٻه پٽڙا هيا، پر ان جي اتفاقي موت بعد، ان قبيلي جي وارثن، اها عورت موٽرائي، ته جيئن ٻيا پئسا ڪمائي وٺون. مائي کي اڳين ٻارن کي جبري ڇنيو ويو. مان سڀ ڪجهه ڄاڻندي به جواني جي باهه ٺارڻ لاءِ، اکيون پوري ويٺس، اهي معصوم ڇوڪرا، سڀني کان لڪي، ماءُ کي سڪ مان ملڻ ايندا هئا. مون آئنده گهر واري کي ٻارن سان ملڻ کان روڪيو، ٻئي دفعي ٻار ملڻ آيا ته مون ڇوڪرن اڳيان، رکيل ماني کسي ورتي. ماءُ تي لٺيون وسايون، ٻارن کي مار ڪڍي. ماءُ ڏاڍي رني. ڇوڪرا روئيندي اڻ ڄاتل منزل ڏانهن روانا ٿيا. مون کي گهر واري مان هڪ پٽ ڄائو، سو به للُ چريو ۽ مست، زندگي جي گاڏي گهلبي رٽائرمينٽ تي اچي رسي، پينشن جي پئسن مان ٻه ٽي جريب زمين جا ورتم، ته ڪجهه پئسا، پٽ کي ڏنم، پئسا کٽا ته پٽ زمين کپائڻ جي ڪئي، جهليم ته ماءُ پيءُ ٻنهي کي لوڌيائين. هاڻ نه گهر آهي نه تڙ، نه اڳيان ڇوڪرا ٿا ڳولئي ملن، ته پنهنجي ڪيئي جي معافي وٺان. مان هن غمگين اسٽوري ۾کوئجي ويس، پر اهو به سوچيم، ته هن اڃا داستان ڇيڙيا، ته پوءِ ڪهاڻي وڏي ٿي ويندي، رسالي ڇپرائڻ وارا حضرات ڇاپڻ کان نابري واري ويهندا.
”هيڻي اڳئي پلڻ ولاڻي“ ڪار ڪندي پوڙهي کي کڻي بس ڪرايم، مان خير ڏئي جان ڇڏائڻ لاءِ، کڙهه ٽپي، اندر وڃڻ لڳس، پوڙهي پويان چيو ”نه تڙ آهي نه ڇانورو ۽ نه عملي جستجو ته پوءِ اهڙي ادا، لکڻ جي ضرورت......“ مان ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو، پويان ٻي رڙ ٿي ”فقير ويهي يا وڃي“.