1
پر اڄ مونسان منهنجي گهر واري ۽ منهنجوپٽ نور هلي رهيا هئا. جنهن ڪري اسان کي صرف منهنجا ٻار ۽ قادر ايئرپورٽ تائين (See Off) ڪرڻ آيا.
ٻارن کان موڪلائي اسان انٽرنيشنل ڊپارچر لائونچ ۾ آياسين. جتي ڪسٽم ۽ اميگريشن کان واندا ٿي، جيستائين جهاز وڃي تيسائين اميگريشن شفٽ انچارج جي آفيس ۾ اچي ويٺاسين. جتي اميگريشن آفيسر ممتاز ميرجت چانهه پياري ۽ پڻ نئون ايئرپورٽ ڏيکاريو ۽ جهاز جي گيٽ تائين اسان سان گڏ هليو. نئون ايئرپورٽ اڳوڻي ايئرپورٽ کان تمام سٺو ۽ وڏو آهي. شل اهڙي نموني سان سنڀال به ٿئيس. ڪراچي ۾ آغا خان اسپتال کي ٺهي ڪيترائي سال ٿيا آهن، پر سٺي سارسنڀال ڪري نئين لڳي پئي آهي. پر حڪومي ادارن جو ته حال ئي ڪونهي. جڳهه اڃا ٺهي مس تيار ٿيندي ته مرمت پئي گهرندي، سو جناح ٽرمينل ٺاهيو ته سهڻو اٿن پر شل اهڙي سنڀال به ٿيئس. اسان ايئرپورٽ بلڊنگ مان ئي جهاز ۾ چڙهياسين. پي آئي اي جو جهاز اسان کي کڻي ڀلي ولايت ڏانهن روانو ٿيو. جهاز ۾ اسٽيورٽ سنڌي هو. جنهن اسان جي سٺي خدمت ڪئي. هوائي جهاز ۾ سج لهڻ کان پوءِ ۽ رات اچڻ کان اڳ آسمان ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙي ته سهڻي روشني ڏسڻ ۾ ايندي جو دل مست ٿي پوندي آهي. اڄ به آسمان ۾ اهڙو ئي خوبصورت منظر هو. جيڪوڪافي وقت ڏسندا رهياسين. جهاز ۾ (James Bond) جي فلم ڏيکاريائون ۽ ماني کارايائون. ڪراچي کان جدو چئن ڪلاڪن جي فلائيٽ آهي. جدو رات جو روشنيءَ ڪري تمام خوبصورت لڳي رهيو هو. جيڪو ڄڻ ته ڪو يورپ جي شهر جو ڏيک ڏيئي رهيو هجي. هونئن عمري ۽ حج تي وڃڻ وارا جدي ايئرپورٽ تي لهڻ شرط مڪي هليا ويندا آهن. جدو هڪ تمام سهڻو شهر آهي. جنهن کي موجوده حڪومت وڏي چاهه سان سنواريو ۽ سينگاريو آهي، جتي ميلن ۾ پکڙيل بيچ سمنڊ اندر تمام سهڻو ڦهارو جيڪو ميلن ۾ ڏسڻ ۾ اچي، جده ۾ بهترين قسم جون يورپين رسٽورينٽ ۽ فائيو اسٽار هوٽلون، وڏيون وڏيون سپر مارڪيٽون جتي عورتون ۽ مرد گڏ پيا خريداري ڪن ۽ پڻ (Mcdonold) ۽ K.F.C جي هوٽلن ۾ عورتون توهان کي ٻاهر بئنچن تي برقعن ۾ برگر کائيندي ملنديون.
جدي شهر جي بازارن جي رونق ڪنهن به يورپ جي شهر کان گهٽ نه آهي، هڪ ڳالهه جيڪا مقامي ماڻهن لاءِ ڪا اهميت ڪانه ٿي رکي، پر سيآهن لاءِ وڏي اهميت جي ڳالهه آهي. سا آهي سخت گرمي جنهن ڪري ماڻهو شام ٿيڻ کانسواءِ هن ملڪ ۾ ڪٿي به نڪريو نه ٿي سگهيو. خاص ڪري جيڪو ماڻهو آمريڪا ۽ يورپ کان پيو اچي ۽ عمرو ڪريو واپس ملڪ پيو وڃي تنهن کي گرمي اڌ مئو ڪري ڇڏي. ايشيا جا ٻيا سهڻا شهر جهڙوڪ ٽوڪيو، سينگارپور، هانگ ڪانگ به گرم آهن. پر جدو ۽ دبئي انهن کان به وڌيڪ گرم آهن.
جدي شهر جي سهڻين کي روشنين کي ڏسندي دل پئي چاهيو ته جهاز ڀلي آسمان ۾ پيو ڦري ۽ اسين اهو منظر صبح تائين ڏسندا رهون. پر جهاز Runaway تي لٿو ۽ هڪ عجيب قسم جي بس جيڪا هيٺ مٿي پئي ٿئي. جنهن ۾ پنجهاهه کن مسافر چڙهيا ته سندس گيٽ بند ٿي ويو. اها بس مٿان کان هيٺ ٿي وئي ۽ عام بسن وانگر هلڻ لڳي نه ته اڳ ۾ مٿي هئڻ ڪري بس نه پر الاهي ڇا پئي لڳي. اسان غير ملڪي هوائي ڪمپنين لاءِ ٺهيل ايئرپورٽ ڏانهن هلڻ لڳاسين، جدي ايئرپورٽ تي ٻه ٽرمينل آهن. هڪ سعودي ايئرلائين لاءِ جيڪو تمام وڏو ۽ سهڻو آهي. ٻيو ٻين ملڪن جي.
هتي آيل هوائي جهاز لاءِ جيڪو نه ته ايڏو سهڻو ۽ نه وڏو آهي. اسان ايئرپورٽ تي لٿاسين ته اسان کي جهاز وارن لائين ۾ بيهاريو. جتي اميگريشن هلندي ڪائونٽر تي ويٺل همراهه جنهن اميگريشن ٿي ڪئي. سو اٿي هليوويو. ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ به ڪونه آيو. مون هڪ خالي ڪائونٽر تي ويٺل اميگريشن آفيسر کي چيو ته اسان ان ڪائونٽر تي اچئون ته ڏٺم همراهه کي ڳالهه نه وڻي. ڇو ته هن ايئرپورٽ تي ايندڙ گهڻو ڪري اهي ماڻهو هوندا آهن. جيڪي ملازمت لاءِ هن ملڪ ۾ ايندا آهن. سي ويچارا حڪم جي بندا هڪ لفظ به نه ڪڇندا آهن. ايئرپورٽ جو اسٽاف به سمجهندو آهي ته هن ايئرپورٽ تي هر ايندڙ شايد نوڪريءَ سانگي آيو آهي. تنهن کي هو ليکيندا ئي ڪونه آهن ۽ نه وري مسافر خود ڪو لفظ به وات مان ڪڍندا. واقعي مون ڏٺو ته وڏي تعداد ۾ فلپائن، ٿائيلينڊ، سلون، انڊونيشيا جا اهڙا ماڻهو، جنکي هڪ بئگ سامان جو ٿيلهو جيڪي هتي روزگار سانگي پهتا هئا انهن جي ڪاغذن جي جانچ پڙتال ۾ گهڻو وقت ٿي لڳو. سڀ مسافر هنن کي ائين ٿي لڳا. نيٺ تنگ ٿي P.I.A جي هڪ ملازم کي چيم ته ٻيلي هن جٺ مان جند چڏا ۽ مون اردو ۾ ڳالهايو پر هن همراهه مونسان سنڌيءَ ۾ ڳالهايو، هن ڪائونٽر تي اميگريشن وارن سان ڳالهائي مون کي هلڻ لاءِ چيو. هن سمجهيو ته اسان ٻه ڄڻا آهيون. يعني آءُ ۽ منهنجي گهرواري، پر جو نور کي اسان سان هلندي ڏٺائين ته مونکي چيائين ته مون هنن کي ٻڻ لاءِ چيو هو سو هو وري ٽئين کي ڏسندا ته ناراض ٿيندا. مون کيس چيو ته اها ڪا ايڏي وڏي ڳالهه ته ڪانه آهي، کلي چيائين ته سائين وڏا مٿي ڦريل آهن. اسان ساڻن گڏ ڪم ڪريون، اسان کي خبر آهي، پر اچو. اسان ڪائونٽر تي وياسين. اسان جا پاسپورٽ P.I.A جي آفيسر جي هٿ ۾ هئا پاسپورٽ ڪائونٽر تي ويٺل عرب وٺي ڪمپيوٽر تي اسان جي عمري جي ويزا چيڪ ڪري پاسپورٽ واپس ڪيا.
مون سڄي دنيا ڏٺي آهي. يورپ، آمريڪا، جاپان جتي نشي جي شين آڻڻ جيڪري ايئرپوٽن تي تمام گهڻي سختي آهي. پر ايئرپورٽ تي قائم سڀني ڊپاٽيمينٽن جي اها ڪوشش هوندي آهي ته مسافرن کي جلد از جلد فارغ ڪريون. آمريڪا ۾ ته واپسيءَ ۾ ڪابه چيڪنگ نه آهي. نه ڪسٽم نه اميگريشن، پنهنجي ملڪ جي ڊوميسٽڪ فلائيٽن وانگر ڇو ته جيڪو ماڻهو ملڪ مان وڃي ٿو تنهنجي پاڻ مهرباني، اسان کيس روڪي وري پاڻ وٽ ويهارينداسين ته ڪونه، پوءِ وڃڻ مهل هي هيترو سارو اسانجو ۽ هنن جو وقت ڇو ضايع ڪريون. پر غريب ملڪن ۾ ايئرپورٽ جو عملو ڀائيندو ته مسافرن جو سامان نه اسانجو آهي. پر ڪپڙا به لاهي وٺئونس ۽ ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرندو ته پوليس، ٽئڪسي وارا ۽ بشني اصل ڦري ڏول ڪري ڇڏيندس.
پر شاهه لطيف وانگر:
ڏکئي ڏمر نه آهي بکي کل نه اڄهي،
اگهاڙي وهانءُ ويو ويچاري وسري.
سو اهي ماڻهو ويچارا جيڪي روزگار سانگي پنهنجو ديس ڇڏي پرديس ٿا وڃن سي اهڙين ويڌنن تي هري ويا آهن.
ايئرپورٽ تي ٿوري ڪرنسي مٽائي ٻاهر نڪتاسين ته رات جو به گرمي پئي محسوس ٿي. اسان سمجهيو ته ٻاهر صفا عربي لڳي پئي هوندي، پر لنڊن ۽ دبئي ايئرپورٽ وانگري هت به پنجابي. ٽئڪسي ڊرائيور جام ڏٺم. جدو هجي يا مڪو يا مدينو هجي، مطلب ته هر هنڌ توهان کي پنجابي ملندو.
بقول اسان جي لنڊن جي يار پهلراج ڀوراڻي جي ته سائين پنجابي هڪ مينهن وڪڻي ته هتي پهچيو وڃي ۽ پوءِ وڃي ڪروڙن کي پهچن. هر هنڌ سندن گرائين اڳ ۾ سندن خدمت لاءِ ويٺا آهن. سعودي
عرب ۾ سنڌي به ڪافي تعداد ۾ آباد آهن، جن ۾ ڪي ته تمام گهڻي وقت کان آباد آهن. جيڪي تمام وڏي طاقت جا مالڪ آهن. جن ۾ ڪامل سنڌي به شامل آهن، جيڪو پهريان سعودي حڪومت جو ڊفينس منسٽر هو. پوءِ سعودي ايئرلائين جو مئنيجگ ڊائريڪٽر به هو. تيل پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ هاڻي اچڻ تي سختي ٿي آهي نه ته اڳ ۾ پنهنجي ملڪ ۾ ايندڙ ماڻهن جي خود همت افزائي ڪندا هئا.
اسان به وڏي ڪشادي ڪارجنهن کي هت ليموزين چون سا جدي لاءِ هائر ڪئي. جنهن تقريبن ڪلاڪ جي سفر کانپوءِ اچي اسان کي مڪي ۾ پهچايو، ٽئڪسي 150 ريال ورتا. جدي ۽ مڪي جي وچ وارو 45 ميل رستو روشنين سان جهومر لڳو پيو هو. جهڙو سٺو رستو هو اهڙي سٺي لائٽنگ هئي. جيڪا يورپ جي ڪنهن به Motor way کان گهٽ نه هئي. پر برساتن نه پوڻ ڪري ساوڪ جو بلڪل نه هئڻ ۽ گهڻي گرميءَ جي ڪري ٽوئرسٽ اهڙن ملڪن ۾ ڪونه اچن. پر حج، زيارتين، غير ملڪي تيل ڪمپنين ۽ ٻين غير ملڪي فرمن ڪري ٻاهريان ماڻهو هت اچن. مڪي شهر ۽ زيارتن وارين ڪجهه جڳهين ۽ جدي روڊ تي حڪومت سنڌ مان نم خاص ڪري اسان جي ڳوٺ ٻني ۽ پراڻن هالن مان نم جون چڪيون ۽ نموريون گهرائي هتي وڏي تعداد ۾ نم لڳايا آهن. جن ڪجه ساوڪ ڪئي آهي ۽ ان مان هاڻ وڃن نمن کي وڌائيندا. ڪجهه عرب ملڪن ۾ ايڏي دولت اچي پئي آهي. جو جيڪر هنن ملڪن ۾ ايڏي گرمي نه هجي ته ڏاڍا ٽوئرسٽ اچن ۽ انهن مان ڏاڍي دولت ڪمائين.
مغربي يورپ جي ملڪن جي ايڏي وڏي ترقيءَ جو راز اصل سيآهن جو وڏي تعداد ۾ هتي اچڻ ۽ سڄي دنيا جي شاگردن جو هتي تعليم لاءِ اچڻ آهي. جنهن مان هنن کي تمام گهڻي آمدني ٿي ٿئي. باقي هٿيار ته رشيا ۽ چين به مغربي ملڪن وانگر پيا وڪرو ڪن. پر انهن ملڪن ۾ ٽوئرسٽ نه جي برابر وڃن ۽ يورپين ملڪن ۾ سياري کانسواءِ سڄو سال ٽوئرسٽن سان ڀريا پيا هوندا آهن. صرف اٽليءَ جي هڪ شهر وينس Vience جو مثال وٺو جنهن جي آدمشماري ٽي لک آهي. پر صرف هڪ سال ۾ ٻه ڪروڙ ٽوئرسٽ اچن. ٻه ڪروڙن ماڻهن مان هي ڇا ته دولت ڪمائيندا هوندا. اهو ته ٿيو هڪ شهر جو مثال، سڄي يورپ ۾ ڇا ته دوولت ايندي هوندي، سڄي دنيا جي دولت خود به خود کِسڪيو هتي پهچي. يورپ کانسواءِ ايشيا ۾ پڻ فارايسٽ ۾ تمام گهڻا ٽوئرسٽ اچن.
عمري تي وڃڻ کان اڳ ڪافي دوستن کان عربستان بابت ڄاڻ ورتم ۽ پڻ معلوم ڪيم ته ڪٿ رهجي. ڪافي دوستن ٻڌايو ته مڪي ۾ هوٽل نسيم يا نسيم فندق (عربي ۾ هوٽل کي چون فندق) سو اسان ٽئڪسي واري کي چيو ته اسان کي مڪي ۾ هوٽل نسيم وٽ لاهج.
قدرت جون مونتي لک مهربانيون آهن، جو مونکي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ڏسڻ جو موقعلو مليو.
منهنجو ٻارپڻ پنهنجي ڳوٺ ۽ ٻني ۽ حيدارآباد ۾ گذريو. پاڪستان کي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين يعني منوڙي کان تورخم تائين ڏٺم.
نوجواني ممبئي، ڪولمبو، ڪئينڊي، بئنڪاڪ، پتايا، مڪائو، هانگ ڪانگ، فلپائين، مليشيا، جاپان جي مئي خانن، مساج هائوسن، نائيٽ ڪلبن، بيچز ۽ سڄي مغربي يورپ جي ملڪن ۽ آمريڪا جي حسين شهرن ۾ گذري. هاڻي الله سائين جا لک ٿورا جو پيريءَ ۾ دنيا جي هن پاڪ ۽ مقدس شهر کي ڏسڻ ۽ هت عبادت ڪرڻ جا ڪيئي موقعا ڏنا، هي دنياجو اهو خوشنصيب شهر آهي، جنهن کي الله سائين خود شانائتن لقبن سان نوازيو آهي. قرآن شريف ۾ هن مقدس شهر کي ڪيترن ئي نالن سان پڪاريو آهي. مثال:
1-ببکته المبارڪا
2-ام القريٰ
3- بلد الامين
الله سائين هن پاڪ شهر کي قرآن شريف ۾ پنهنجو شهر ڪري ياد ڪيو آهي.
پاره عم جي سورته ”التين“ ۾ ارشاد فرمايو آهي :
ترجمو: ”قسم آهي انجير ۽ زيتون جو ۽ طورسينا ۽ هن پر امن شهر (مڪته المڪرم) جو، يعني الله سائين هن مقدس شهر جو قسم کڻي ياد فرمايو آهي.
ٻئي هنڌ قرآن شريف ۾ رب پاڪ فرمائي ٿو ته (آل عمران 94) جنهن جو ترجمو آهي: ”بيشڪ سڀ کان اول گهر جيڪو انسان جي عبادت لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي، اهو مبارڪ شهر مڪو آهي. ان سڄي عالم لاءِ هدايت جو رستو آهي، حضرت عبدالله بن عدي کان روايت آهي ته حضرت محمد صلعم جن فرمايو آهي ته : ”خدا جو قسم الله وٽ تون (مڪه مڪرم) سڄي ڌرتيءَ تي سڀ کان وڌيڪ محبوب ۽ بهتر آهين.“ مڪي ۾ حضور صعلم جن پيدا ٿيا ۽ هت خانه ڪعبه، حجر اسود، مسجد الحرام جنهن ڏانهن سڄي دنيا جاڪروڙين مسلمان منهن ڪري عبادت ڪن ۽ سڄي دنيا جا مسلمان هن شهر ۾ حج ۽ عمره جي سعادت لاءِ اچن ٿا. ان پاڪ شهر جي زيارت جو نصيب ٿيڻ هڪ وڏي سعادت آهي. مڪي شريف کي هڪ شرف پڻ حاصل آهي ته مسلمان کانسواءِ ٻيو ڪوبه ماڻهو هن شهر ۾ داخل ٿي نٿو سگهي.
جيڪا رب پاڪ جي مهربانين سان اسان کي به سعادت نصيب ٿي. اسان جي ڪار اچي هوٽل نسيم وٽ بيٺي، جنهن مان لهي اسان هوٽل ڏسڻ وياسين. پر اسان کي نه وڻي، تهن ڪري ٽئڪسي واري کي چيو ته ڪا ٻي هوٽل ڏيکار، جنهن ڀر ۾ ئي ٻي هوٽل احجاز نالي هڪ هوٽل ڏيکاري. اسان سڀني کي پسند آئي. چوويهه ڪلاڪن مسواڙِ هڪ سو ريال هئي. اسان چانهن پي مسجد عمرا يا عائيد ڏانهن ٽئڪسيءَ ۾ روانا ٿياسين. ڇو ته اسان احرام گهر کان نه ٻڌي روانا ٿيا هئاسين. پوءِ جيڪو گهر کان احرام ٻڌي نه نڪري، سو انهيءَ مسجد ۾ احرام ٻڌي ٻه نفل پڙهي عمري جي نيت ڪري پوءِ عمري لاءِ بيت الله ۾ اچي عمرو ڪري، احرام ڪپڙي جي ٻن اڻ سبيل ٽڪرن کي چئبو آهي. جن مان هڪ ٽڪرو گوڏ لاءِ ته ٻيو ٽڪرو مٿئين حصي لاءِ، احرام جي گوڏ وارو حصو ڍرو ٿئي ته احرام مٿان ڪا شيءَ ڇڪي ٻڌي سگهجي ٿي.
احرام ۾ مٿو اگهاڙو هوندو آهي، احرام ٻڌڻ واري کي محرم چئبو آهي، ۽ هو ڪن خاص پابندين هيٺ اچي ٿو. جيڪو عام حالتن ۾ صباح ٿيل آهن. پر هاڻ عمري جي نيت: ترجمو : ”اي الله پاڪ آءُ عمرو ڪرڻ جو ارادو ٿو رکا، منهنجي لاءِ آسان ڪج ۽ قبول فرمائج.“
عمري جي معنيٰ آهي. ”زيارت “ شرعي طريقي ۾ ميقات (مڪه پاڪ جي حرم جون مقرر ڪيل حدون) احرام ٻڌي خانه ڪعبه جو طواف، صفا ۽ مروه پهاڙين جي وچ ۾ سعي ڪري وار ڪترائڻ يا ڪوڙائڻ کي عمرو چئبو آهي. حج فرض آهي پر عمرو فرض نه آهي ۽ عمرو ادا ڪرڻ سخت موده آهي. حج لاءِ وقت مقرر آهي، پر عمري لاءِ ڪوبه وقت مقرر نه آهي. يعني ٻارنهن ئي مهينا عمرو ڪري سگهجي ٿو.
خانه ڪعبه، بيت الله، ڪعبته الله يا الله پاڪ جو گهر اهو مسجدا الحرام جي وچ ۾ 50 فوٽ ڊگهي مستطيل عمارت آهي. جنهن جي ويڪر 35 فوٽ ۽ ڊيگهه 45 فوٽ آهي. اڀرندي ۽ اترين ڪنڊ تي ڀت ۾ ”حجر اسود“ لڳل آهي.
بيت الله جي تعمير ۾ ڀوري سليٽي رنگ جي وڏن پٿرن کي استعمال ڪيو ويو آهي، پاڪ عمارت جي مٿان ڪاري رنگ جو ريشمي غلاف چڙهيل آهي. جنهن تي سونهري اکرن سان قرآني آيتون لکيل آهن.
آئون منهنجي گهر واري مومل سنڌو ۽ پٽ نور محمد بيت الله جي اڳيان بيهي اکين کي ڇنڀڻ کان روڪي ڪعبته الله ڏانهن نهاري دعا گهري (چون ٿا ته ائين ڪرڻ سان جيڪا به دعا گهربي سان قبول پوندي) دعا ڪهڙي يعني مرشد سائين جو هي بيت:
جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏي گهران،
ريءَ ٿنڀين، ريءَ ٿوڻئين، تون ڇپر تون ڇانءُ،
ڪڄاڙو، ڪهانءُ، توکي معلوم سڀڪا.
سائينم، سائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين. شاهه
مون منا ۽ نور کان پڇيو (آئون پنهنجي گهرواري کي منا ۽ پٽ نور محمد کي نور چوان) جنهن مان معلوم ٿيو ته پهرين اک منهنجي پوءِ منا جي آخر ۾ نور جي بند ٿي اسان طواف جي نيت پڙهي طواف شروع ڪيو، نيت جو ترجمو: ”اي الله آئون تنهنجي هن مقدس گهر جو طواف صرف تنهنجي اطاعت ۽ رضامنديءَ لاءِ شروع ڪريان، تون ان کي قبول فرماءِ ۽ منهنجي لاءِ آساني ڪرڻ فرماءِ.“ طواف حجر اسود کان شروع ٿئي ٿو، وري واپس حجر اسود وٽ پهچڻ تي هڪ ڦيرو پورو ٿئي ٿو. اهڙن ٽن ڦيرن کي (دمل) چئبو اهي. جنهن ۾ ٿورو تيزيءَ سان پٻن تي هلڻو پوندو اهي. باقي چار ڦيرا معمولي رفتار سان طواف ڪجي.” حضور پاڪ صعلم جن پڻ حج ۽ عمره ۾ ائين طواف ڪندا هئا. (بخاري و مسلم)
طواف وقت ايتري رش نه هئي نه گرمي هئي. اسان بيت الله جو طواف ڪري صفا ۽ مروه سعي جي ڪئنچيءَ سان ٿورا وار ڪٽرائي پوءِ اچي بيت الله ۾ نفل پڙهيا ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي.
طواف صرف فرض نمازن جي دوران نه ٿئي، نه ته سڄو سال جاري آهي. سڄي دنيا جا مسلمان ماڻهو بيت الله جو چئوگرد طواف ڪندا رهندا آهن. اسان سڄي رات عبادت ڪئي ۽ فجر جي نماز پڻ بيت الله ۾ پڙهي، پوءِ ناشتو ڪري پنهنجي هوٽل جي ڪمري جي ايئرڪنڊيشن هلائي سمهي رهياسين. منهنجي اک ان وقت کلي جڏهن منا ۽ نور اڳئين نماز پڙهي واپس ڪمري تي پهتا، اسان هوٽل کان ٻاهر مانيءَ لاءَ روانا ٿياسين، پاڪستاني کاڌن جون هوٽلون گهڻو ڪري سڀ پنجابين جون هيون، ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هوٽلون بنگالين جون هيون، کاڌي ۾ سڻڀ تمام گهڻو استعمال ڪن، انهن هوٽل جو اگهه گهڻو ڪري هڪ جهڙو آهي، جيڪو هن ريت آهي:
ڪڪڙ جو ٻوڙ 6 ريال
ڪڪڙ جو تڪو 5 ريال
ڪوبه ٻيو ٻوڙ 5 ريال
چانور سادا 3 ريال
ڌورو ڏهي 1 ريال
ڪوڪوڪولا، پيپسي يا سيون اپ بوتل 2 ريال پاڻيءَ جي وڏي بوتل 2 ريال.
باقي نان يا مٺا زردي جهڙا چانور ننڍي پليٽ ۾ مفت ڏين، تمام گهڻو سڻڀ هجڻ جي باوجود کاڌا ڏاڍا مزيدار هئا. کائڻ کانپوءِ هضم به جلد ٿي ويندا هئا، نه ته پاڪستان ۾ گهڻي سڻڀ وارو کاڌو اصل هضم ئي نه ٿئي، ٻنپهرن جي ماني کائي واپس هوٽل تي آياسين، هوٽل تي پهچي ڪراچي فون ڪري ٻارڙن سان ڳالهايوسين ۽ سندن خيريت معلوم ڪئي سين. هت عربستان ۾ هڪ روزاني اردو اخبار به نڪري جنهن ۾ گهڻو ڪري پاڪستان جون خبرون يا پاڪستاني جيڪي سعودي عرب ۾ رهڻ وارن جي مسئلن سان ڀري پئي آهي. باقي سعودي عربستان جي خبر ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ، اها اخبار مڪي، مديني ۽ جده ۾ هر وڏي بڪ اسٽال تان ملي، جيڪا اسان هتان جي انگريزي اخبار سان گڏ هي اردو اخبار به روزانه باقائدگي سان وٺندا ۽ پڙهندا هئاسين، ته جيئن ملڪ جي حال احوال کان باخبر رهون.
ٻاهر تمام گهڻي گرمي هئي تنهن ڪري ٻاهر نماز کانسواءِ وڃڻ جو ته سوال ئي ڪونه ٿيو جيسين وڃي گرميءَ تي هرون، سو مجبورن ڪمري ۾ ويهي اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ لڳاسين.شام جو شهر جي بازارن جو چڪر لڳايوسين، بازارن ۾ ڪوريا ۽ جاپان جو مال آمريڪا ۽ يورپ کان زياده نظر آيو. هونئن به دنيا جي مارڪيٽن ۾ توهان کي هر عام استعمال جي شيءَ آمريڪا ۽ يورپ جي ڏسڻ ۾ ايندي، نڪي ٻئي ڪنهن ملڪ جون مثال مشروبات جنهن ۾ ڪوڪاڪولا، پيپسي، جوس ۽ دوائن جون ڪمپنيون، ڪافي چانهن جون ڪمپنيون، مثال لپٽن، بروڪباند ۽ بيشمار سگريٽن جون ڪمپنيون، صابڻ، سرف، پئنسلون، پينون، جوراب، ڊبل روٽيون ۽ بسڪيٽ يعني عام استعمال جون سڀ جون سڀ ڪمپنيون آمريڪا ۽ يورپ جون آهن. انهن تي مغربي سرمائيدار ڪنهن کي هٿ به رکڻ نه ٿو ڏئي. باقي ڪمپيوٽر ، سي ڊي ايس (موٽر سائيڪلون) ۽ ڪارون اهي ڪي عام استعمال جون شيون نه آهن، پر هت مڪي ۾ ڪجهه عام استعمال جون شيون به ڪورين ۽ جاپاني ڏسڻ ۾ آيون، جن ۾ پرس، شرٽس ۽ ٽارچون شامل هيون، مون ۽ منا ڪجهه پرفيوم ورتا، نور ڪجهه شرٽون ورتيون. ڪافي دير شهر مان چڪر هڻي وري واپس ڪعبته الله ۾ حاضر ٿياسين. جتي سڄي رات عبادت ڪئي سين. ”بيت الله“ جي چوڌاري واري مسجد کي ”مسجد الحرام “ چيو وڃي، جنهن کي حضرت ابراهيم بيت الله سان گڏوگڏ قائم ڪيو.
حضرت ابو ذر رضه کان روايت آهي ته ”مون رسول الله صلعم کان پڇيو ته هن ڪائنات تي پهرين ڪهڙي مسجد قائم ٿي، ته پاڻ فرمايائون ته ”مسجد الحرام“.“
مسجد الحرام 45 ايڪڙن تي ڦهليل آهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت پنج لک ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا. مسجدا الحرام ۾ هڪ نماز جو ثواب هڪ لک نمازن جي برابر آهي. اسان ڪيڏا نه خوش نصيب آهيون جوڪيتريون ساريون راتيون اسان کي مسجد الحرام ۾ عبادت ڪرڻ جو موقعو مليو.
صبح فجر نماز پڙهي ناشتو ڪري واپس پنهنجي هوٽل ڀيڙا ٿياسين، ننڊ ته ڄڻ اسان جو رستو جهليو ويٺي هئي، شام ڌاري ننڊ مان اٿيس ته نور ۽ منا ٻئي ڪونه هئا، جيڪي ٻن ڪلاڪن کان پوءِ آيا ۽ پاڻ بيت الله ۾ عبادت لاءِ ويا هئا.
ٻئي ڏهاڙي صبح سوير اسان کي مديني شريف وڃڻو هو، سو اسان اڄ رات پڻ سڄي رات عبادت ڪئي ۽ ان کان اڳ مڪي شهر جو ڪار ۾ چڪر لڳايو، مڪي جو شهر ”الحجار“ صوبي جو مکيه شهر آهي. جيڪو سعودي عرب جي مغرب ۾ آهي ۽ سندس پکيڙ 10 ميل 26 ڪلوميٽر آهي، مڪي جي آدمشماري 15 پندرنهن لک آهي. مڪو پهرين دمشق پوءِ بغداد ۽ مصرين جي ماتحت رهيو. آخر ۾ مڪي جا حاڪم ترڪ رهيا جن کي 1916ع ۾ شريف حسين ابن علي نيڪالي ڏني ۽ بادشاهه ٿيو.
1924ع ۾ مڪي تي عبدالعزيز ابن سعود قبضو ڪري حاڪم ٿيو. جيڪو خاندان اڃا تائين حاڪميت ڪندو اچي. مڪي جي گورنر کي امير به چون. جيڪو مڪي، جده ۽ طائف جو پڻ گورنر آهي. جنهن کي سعودي عربستان جو بادشاهه مقرر ڪري، جيڪو جده، مڪي ۽ طائف جو حاڪم آهي. سڄي امن امان جو ذميوار آهي. جيڪو سڌي طرح سان وزارت داخلا جي ماتحت آهي، مڪي ۾ 14 چوڏنهن ميمبرن تي چونڊيل ميونسپالٽي پڻ آهي، مڪي ۾ 1979ع کان هڪ بهترين يونيورسٽي پڻ آهي، جنهن جي ماتحت ڪيئي ڪاليج آهن.
يونيورسٽيءَ جو نالو The Ummal - Gura University آهي. انهيءَ کانسواءِ مڪي ۾ سعودي عربين انسٽيٽيوٽ فار هائير ايڊيوڪيشن پڻ آهي. سڄي سعودي عربستان وانگر هت پڻ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ مفت تعليم آهي. تعليم، ٽرانسپورٽ ۽ رستن جي صفائي ۽ سيڪيورٽيءَ جو سڄي عربستان وانگر مڪي ۾ پڻ بهترين بندوبست ٿيل آهي.