آپگهات جا واقعا ۽ آزاد ٿيل قيدي
آئون پڪ سان نٿو چئي سگهان ته چلي جي سپاهين هٿان، جيڪي فاشسٽ ٽولي جي چرچ تي انسانن جي روپ ۾ وحشي جانور ٿي پيا هئا، ڪيترن ڄڻن خوفناڪ ايذائن تي موت کي ترجيح ڏني. بهرحال انهن جو تعداد تمام گهڻو هو. ڪجهه ڄڻن ڪاڪوسن ۾ پتلونن جي پٽي سان پاڻ کي ڦاهو ڏنو، ٻين وڏن اسٽينڊن جي مٿين سيٽن تان ٽپ ڏيئي پنهنجو ميڄالو ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. اسان تي ڦاسين کان وڌيڪ مايوس ڪندڙ اثر انهن آپگهاتن جو پئجي رهيو هو. اسان ان وقت اڃان به وڌيڪ نراس ٿي ويندا هئاسين جڏهن پنوشي جي هڪ ٻئي شڪار جو لاش ملڻ مهل آفيسرن کي اهو چوندي ٻڌندا هئاسين ته ”ظاهر آهي ته ڪتي جي پٽ جو ضمير صاف نه هو. بهرحال، هن اسان جون ڪجهه گوليون بچائي ڇڏيون“.
انهيءَ نموني اوهگنس جي يونيفارم ۾ اهي وحشي، پنهنجو ردعمل ظاهر ڪندا هئا جڏهن کين ڪنهن اهڙي شخص جو لاش ملندو هو جنهن کي سندن مار ۽ ايذائن آپگهات ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو.
هڪجهڙائي رڳو انهن ڏکوئيندڙ واقعن جي ڪري ئي نه ٽٽندي هئي. خوشي ۽ اميد جون اهڙيون گهڙيون پڻ اينديون هيون، جڏهن آفيسر لائوڊ اسپيڪرن تي اهو اعلان ڪندو هو ته ”جن همراهن جا نالا پڙهيا وڃن اهي فوري طور گهر وڃڻ لاءِ ڊسڪو نيگرو جي سامهون صف ۾ اچي بيهن“.
آزادي! نيٺ پنوشي جي قيدين لاءِ آزادي!.
جيئن آفيسر نالا پڙهندو ويندو هو تيئن پنهنجن گهرن ڏانهن موٽندڙ مرد ۽ عورتون اسٽيڊيم جي مختلف حصن مان نڪري اچي مقرر ٿيل جاءِ تي جمع ٿيڻ لڳندا هئا. خوشيءَ جا ڳوڙها سندن ڳلن تان پيا ڳڙندا هئا. اسان به، جيڪي ڪاسائين جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل هوندا هئاسين، کين ڏسي خوش ٿيندا هئاسين، کين پيار ڪرڻ کان سواءِ هر قسم جون صلاحون ڏيندا هئاسين ته ”ساٿي پنهنجون اکيون کليل رکجو.... هي ڪتا پاڇي وانگر توهان جي پويان لڳل هوندا... منهنجن پراڻن يارن کي ٻڌائي ڇڏجو ته آئون هت قيد ۾ آهيان..... فلاڻن فلاڻن سان ملڻ نه وسارجو... منهنجي زال کي ٽيليفون ڪري کيس اهو ٻڌائي ڇڏجان ته آئون اڃا جيئرو آهيان کيس پريشان نه ٿيڻ گهرجي....“.
”آزاد، جيئن سج، اڀرڻ مهل هوندو آهي“.
اوچتو اهو گيت شروع ٿي ويندو هو ۽ ان ۾ جيئن جيئن هر پاسي جا ماڻهو شامل ٿيندا هئا تيئن وڌيڪ قوت اچي ويندي هئي. هي گيت بلڪل انهي نموني اوچتو اڏامندو هو، ڄڻ بغاوت جو جنگي ترانو هجي، ڄڻ اميد جو روشن ڪرڻو هجي. تشدد جو شڪار قيدين جي دلين مان نڪرندڙ هي خاص گيت نه هو. بلڪل خاموشيءَ سان ۽ بنا ڪنهن اشاري جي هر چپ بلڪل هڪ جهڙي انداز ۾ چرپر ۾ ايندو هو ۽ پورو اسٽيڊيم ”انٽرنيشنل“ جي گيت سان گونجڻ لڳندو هو.
”اها آخري ويڙهه آهي، هر ڪنهن کي پنهنجي جاءِ تي بيهڻ ڏيو“.
انهيءَ سان گڏجي هڪ ٿيندي انقلابين جا ٻيا گيت ڦٽڻ لڳندا هئا: ”سوشلسٽ جنگ جي ميدان ۾“ نيٺ ”انٽرنيشنل“ ۽ مارسيليز“ ڳائڻ وارن جا آواز ”وينسيريموس“ ۾ گڏجي ويندا هئا. اهڙا ڏينهن به هوندا هئا جڏهن ٿورا ماڻهو آزاد ٿيندا هئا ۽ اهڙا ڏينهن به هوندا هئا جو سوين محب وطن پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿيندا هئا.
انهن ڏينهن تي سڄي اسٽيڊيم ۾ اڇا رومال ائين پيا جهومندا هئا جيئن ڪبوتر اڏامي رهيا هجن. ماڻهو پنهنجون ڀيڙيل مٺون کڻي مٿي ڪندا هئا. وڏن اسٽينڊن تي بيٺل ماڻهو گهڻي عرصي تائين انهيءَ تشدد ۽ ايذائن واري مرڪز مان روانو ٿيڻ وارن جي مرڪن، اميد ڀريل نظرن ۽ پراعتماد چهرن کي وساري نه سگهندا هئا.
بهرحال اڃا ڪجهه ڏينهن مس گذرندا هئا جو اسان نهايت تلخيءَ سان انهيءَ ڳالهه کي محسوس ڪندا هئاسين ته اسان پاران گهر ويندڙن کي ”پنهنجيون اکيون کليل رکجو دوستو“ واري صلاح بلڪل صحيح هئي.
ڇاڪاڻ ته، معمول موجب گهڻا موٽي واپس ايندا هئا. ڪجهه ايتري حد تائين جو اڃا گهر به نه پهچندا هئا جو سپاهي کين ويجهي پاسي وارين گهٽين مان ۽ ڪڏهن ايوينڊا گريشيا مان، انهيءَ ڳالهه جي پڪ ڪرڻ کان پوءِ ته خاص فوج سندن مٽِن مائٽن کي گهٽين مان هٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي جيڪي اسٽيڊيم جي مرڪزي در تي اکيون وجهيو ويٺا هئا، ٻيهر گرفتار ڪري وٺندا هئا. ٻيهر کين پڇاڳاڇا ۽ ايذائن جو نشانو بڻايو ويندو هو ۽ وري کين ”جن کان پڇاڳاڇا ٿيڻي آهي“، واري گروپ سان مارچ ڪرايو ويندو هو.
ڪجهه قيدين کي ته چار چار ڀيرا ”آزاد“ ڪري ٻيهر گرفتار ڪيو ويو هو ۽ کين ڪيترن ڏينهن تائين ايذاءَ ڏيندڙ مرڪزن ۾ ”خاص شديد سلوڪ“ جو نشانو بڻايو ويندو هو.
نيشنل اسٽيڊيم ۾ منهنجي قيد جي آخري ڏينهن ۾ اسان جي محافظن پنهنجي سمجهه مطابق هر طريقي سان اسان جي رهڻ جون جايون بدلايون. اسان کي هن يا هُن کولي ۾ موڪلڻ لاءِ ڏنل سبب صفا بي بنياد هئا. هڪ ڏينهن تي هڪ نمونو هوندو هو ته ٻئي ڏينهن تي ٻيو ۽ جيڪڏهن هنن مان ڪنهن جي مٿي ۾ اها ڳالهه ويٺي ته وٽس ڪا سٺي رٿا آهي ته پوءِ ٽئين ڏينهن تي ٽيون نمونو هوندو هو.
اسان کي عزيزن ۽ ٻين ماڻهن پاران ايڪتا جي اظهار لاءِ ڪپڙن، سگريٽن ۽ کاڌي جي شين جا جيڪي پارسل موڪليا ويندا هئا اهي چلي جي ريڊ ڪراس جي عورتن جي خيراتي هٿن ۾ وڃي پهچندا هئا، جن جو اسٽيڊيم جي سپاهين سان نمونو ٿيل هو. کولي مٽجڻ تي ان رحم جوڳي سامان سميت ڪلاڪن جا ڪلاڪ اهو ٻڌڻ لاءِ بيهڻو پوندو هو ته اسان کي ڪٿي موڪليو پيو وڃي. نالن جون اهي فهرستون وچ واري وڏي اسٽينڊ تي ڇت جي هيٺان بيٺل آفيسر مائيڪرو فون تي پڙهي ٻڌائيندو هو. اسان جو ڳاڻيٽو هزارن ۾ هئڻ سبب اهو سلسلو ڪلاڪن تائين پيو هلندو هو.
اسان صبح جو ڇهين وڳي صفن ۾ بيهڻ شروع ٿيندا هئاسين. ساڍي ستين تائين اسان مان سڀ قيدي اتي هوندا هئا. فيلڊ ۽ ٽريڪ جي مقابلن لاءِ استعمال ايندڙ اڳوڻي ميدان جو هڪ هڪ انچ ڀريل هوندو هو. پوءِ جيئن اسان کي نون ڊريسنگ رومن واريون کوليون ۽ وڏا اسٽينڊ ڏنا ويندا هئا تيئن گهڻو وقت گذرندو ويندو هو. انهيءَ معاملي جو هڪ ٻيو رخ اهو هو جو محافظ اسان کي نيرن ڪرائڻ وساري ويهندا هئا ۽ اسان کي منجهند جي ماني تائين، جيڪا شام چئين وڳي مهل ملندي هئي، بک برداشت ڪرڻي پوندي هئي.
جتي ڪو ماڻهو چوندو هو ته ”هن ڊريسنگ روم ۾ موجود سڀني کي حڪومت ۽ پاپولر يونٽي بلاڪ جي بي حيثيت ماڻهن سان گڏ رکيو ويندو ۽ شرطن سان آزاد ڪيو ويندو، جڏهن ته هن جاءِ جي هر ماڻهوءَ کي گهر ۾ قيد رکي سگهجي ٿو“.
ڪو ٻيو ڀڻ ڀڻ ڪندو هو ته ”ڊريسنگ روم ۾ موجود هر ماڻهو تي فوجي ٽريبونل ۾ ڪيس هلايو ويندو.“
وري ٽيون پنهنجو خيال ڏيکاريندو هو ته ”جهونا آءُ ائين ڪو نه ٿو سمجهان. کين آزاد ڪيو ويندو، پر سنتياگو جي 30 ڪلوميٽرن جي حدن ۾ رهڻ لاءِ چيو ويندو“.
”نه بلڪل نه“ چوٿون ڄڻو اعتراض ڪندو هو. ”کين آزاديءَ سان گهمڻ ڦرڻ جي اجازت هوندي پر پوليس ۽ فوجي اختياريءَ وارن کي ٻڌائڻو پوندن ته هو ڪڏهن ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن ۽ واپس موٽڻ تي کين مقامي فوجي اختياري جي چيف کي رپورٽ ڪرڻي پوندي“. اسان سپاهين کان سبب معلوم ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر سندن سدائين هڪ جواب هوندو هو ته:
”اسان کي ڪا خبر ناهي. حقيقت ۾ هتي ڪنهن ماڻهو کي ڪا خبر ناهي. هر ماڻهوءَ کي بس حڪم جي پوئواري ٿي ڪرڻي پئي“.
بهرحال اهو سلسلو وڌندو ويو. قيدين کي هيڏانهن يا هوڏانهن منتقل ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو. رڳو اِها ڳالهه صاف نظر اچي رهي هئي ته نيشنل اسٽيديم کي جلد راندين جي مقابلن لاءِ خالي ڪرايو ويندو.
ڀتين ۽ وڏن اسٽينڊن کي رنگ روغن ڪرڻ جو ڪم شروع ٿي ويو هو. عملي جي رهڻ جي جاين کي چڱي ريت صاف ڪيو ويو هو. هڪ ڏينهن فٽبال ايسوسيئيشن جي بين الاقوامي فيڊريشن (FIFA) ۽ چليءَ جي قومي فٽبال ايسوسيئيشن جا عيوضي ڪم جي رفتار جو معائنو ڪرڻ لاءِ اسٽيڊيم آيا. اها ڳالهه ته چٽي هئي ته اسان کي هتان ڪڍيو ويندو، پر ڪٿي، انهيءَ جي ڪا ڄاڻ نه هئي. هر قسم جي اندازن جا تيز ڇوڙيا ويا، جن مان ڪجهه ٿورن ڏينهن اندر صحيح ٿابت ٿيا.
هڪ ڄڻي چيو ”لاريڪونا ڊامپو ۾ تشدد جي نئين ڪئمپ ٺاهي اٿن“.
ٻئي واڌارو ڪندي چيو ”اهو رڳو پرڏيهين لاءِ آهي“.
ٽئين دعويٰ ڪئي ته ”اسان کي چاڪابوڪو ۾ قلمي شوري جي کاڻين ڏانهن اماڻيو ويندو“.
”اسان مان رڳو ڪجهه ڄڻن کي آزاد ڪيو ويندو“.
چوٿين چيو: ”ٻين کي سنتياگو جي مختلف جيلن ۽ بئرڪن ۾ موڪليو ويندو“.