مختلف موضوع

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو (مختصر تاريخ)

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سِگا) سنڌ جي اها تنظيم آهي جيڪا 1972ع کان وٺي سنڌ ۾ نه صرف علم، ادب ۽ شعور جي لاٽ ٻاري رهي آهي پر سماجي کيتر ۾ به مسلسل 47 سالن کان سرگرم آهي. سِگا جون سڄي سنڌ، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ 120 کان مٿي شاخون آهن جن مان هڪ مورو شهر ۾ به آهي. هن ڪتاب ۾ سگا مورو شاخ جي مختصر تاريخ سان گڏ مورو شاخ جي گذريل ٽن سالن جي ڪارڪردگي جي مڪمل رپورٽ شامل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 1505
  • 402
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو  (مختصر تاريخ)

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو
سهيڙيندڙ: اسلم عباسي
موضوع: مختصر تاريخ
ڇاپو: پهريون
سال: 2018ع
ڪمپوزنگ: مهراڻ لغاري ۽ نجف لغاري
ٽائٽل ۽ ڇپائي:
انٽيل ڪميونيڪيشنز، حيدرآباد، سنڌ
سنڌ. فون: 03332607541
قيمت: 400 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن:
2019ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر

اسٽاڪسٽ:
حيدرآباد: ڪويتا بُڪ شاپ، ذوالفقار بُڪ ڊپو، ڪاشف گاڏهي حيدرچوڪ
ڪراچي: سگا آفيس رمپا پلازا، ايس. اي بُوڪ ڪارنر (اردو بازار)، مورو: سنڌ ڪتاب گهر


رابطي لاءِ:
0300-3062922, 0300-3251655



Sindh Graduates Association [SGA] Moro
[Short History]
Compiled By Aslam Abbasi
First Edition: 2018
Composing: Mehran Laghari & Najaf Laghari
Title & Printed by: Intel Communications,
Hyderchowk, Hyderabad.
Published by: SGA-Moro, Sindh.
Cell: 0300-3062922
Price: Rs. 400-00

ارپنا

ارپيان ٿو

خاموش سماجي خدمتگذار
مانواري سائين عبدالغفور ڪلهوڙو
جي نالي،
جنهن، ڪينجهر ڪمرشل سينٽر جوڙايو
جنهن مان هزارين نوجوانن فني تعليم سِکي
روزگار حاصل ڪيو.

ــ اسلم عباسي

سگا جو تصور

سگا جو تصور
سنڌ ۾ پُرامن ترقي يافته سماج اَڏڻ

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن مورو (مختصر تاريخ)“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب موري سان تعلق رکندڙ سماجي ڪارڪن، ليکڪ ۽ شاعر اسلم عباسي سهيڙيو آهي.
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سِگا) سنڌ جي اها تنظيم آهي جيڪا 1972ع کان وٺي سنڌ ۾ نه صرف علم، ادب ۽ شعور جي لاٽ ٻاري رهي آهي پر سماجي کيتر ۾ به مسلسل 47 سالن کان سرگرم آهي. سِگا جون سڄي سنڌ، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ 120 کان مٿي شاخون آهن جن مان هڪ مورو شهر ۾ به آهي. هن ڪتاب ۾ سگا مورو شاخ جي مختصر تاريخ سان گڏ مورو شاخ جي گذريل ٽن سالن جي ڪارڪردگي جي مڪمل رپورٽ شامل آهي.
ھي ڪتاب سِگا مورو شاخ پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري اسلم عباسيءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ليکڪ پاران

مورو شهر، علم ادب جي حوالي کان سنڌ ۽ هند ۾ مشهور آهي. هيءُ شهر سماجي ڪمن ڪارين ۾ پڻ هميشه اڳڀرو رهيو آهي. ورهاڱي کان پوءِ ڪيترائي سماج سڌارڪ ۽ علم دوست هتان هند لڏي هليا ويا ان ڪري هڪ وڏو خال پيدا ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ اندر پهرئين سماجي ۽ غير سرڪاري تنظيم 1972ع ڌاري، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي نالي سان ڪراچي ۾ وجود ۾ آئي. تنظيم جي بانيڪارن ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، شمشيرالحيدري ۽ هڪ گمنام شخص سائين بخش عباسي پڻ شامل آهي، جيڪو اصل ۾ ڳوٺ سونهري فارم دائم خان ڪلهوڙو جو رهواسي هو. 1986ع ڌاري مورو ۾ سگا تمام گهڻي متحرڪ رهي متحرڪ ساٿين ۾ نظير احمد قاضي، عظيم سنڌي، نثار احمد ميمڻ، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن جن جي سماجي ڪمن کان متاثر ٿي مون 1991ع ڌاري سگا مورو ۾ ميمبر شپ حاصل ڪئي، ان بعد سگا ساٿين هر هڪ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، مظهرالدين ميمڻ، ولي محمد روشن، نظير احمد ڀنڊ، غلام حسين بلوچ، عبدالمجيد جمالي، محمد ابراهيم شيخ، عبدالرسول سومرو ۽ ٻين سان تعلق جڙيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين برقرار آهي.
18-2015ع ڌاري سگا شاخ مورو جي صدارتي عهدي ملڻ بعد ٽن سالن تائين نظر حسين ميمڻ، نائب صدر، حفيظ الرحمن شيخ، جنرل سيڪريٽري، وزير فرهاد سولنگي، جوائنٽ سيڪريٽري، وسيم الرحمن شيخ، پريس سيڪريٽري، سرفراز ميمڻ خزانچي ۽ ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي دوستن ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، عظيم سنڌي، نثار احمد ميمڻ، اسد الله سولنگي، ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، غلام اصغر ميمڻ زاهد حسين ڏيپر، قاضي شفيع محمد ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي سگا مورو جي سماجي ڪمن ڪارين ۾ حصو ڳنڍيوسين. سگا آفيس جي مرمتي ڪم ڪار لاءِ مقبول احمد ميمڻ ۽ خيراتي ڪمن ۾ مالي تعاون ڪندڙ امداد بلوچ، سگا مرڪز ۽ جميل احمد ميمڻ کي وساري نه ٿو سگهجي.
هن ڪتاب ۾ سگا مورو جي بنيادي مختصر تاريخ ۽ ٽن سالن واري ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪجي ٿي جنهن ۾ سماجي ڪمن ڪارين تعليم، صحت، ثقافت، ۽ ٻين شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ميڊيڪل ڪئمپون، چمڙي جي بيمارين واريون ڪئمپون، تعليمي سيمينار، سماجي جاڳرتا، نوجوانن لاءِ شعوري ۽ علمي ڄاڻ وارا پروگرام ۽ ثقافتي ميڙاڪا، ڪتابي ميلا، صوفي محفلون، ۽ عالمن اديبن، تاريخدانن سان ڪچهريون ۽ رهاڻيون شامل آهن. اميد ته نوجوانن جي سماجي رهنمائي لاءِ هي ڪتاب اتساهه وارو ڪردار ادا ڪندو. سگا جي مرڪزي چيئرمين محترم رفيق احمد جعفري جو ٿورائتو آهيان جنهن هن ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ مون کي همٿايو ۽ ڪتاب جي ڇپائي ۾ مدد ڪئي.

اسلم عباسي
صدر سگا مورو

جاڳو جاڙيجا سما سک مَ سُمهو

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن 1972ع کان پنهنجيون سرگرميون شروع ڪيون ۽ گذريل 46 سالن ۾ انيڪ ڳوٺن ۽ شهرن تائين پنهنجو پيغام پهچايو سگا جو مقصد سنڌ جي پڙهيل ماڻهن کي منظم ڪري پٺتي پيل سنڌ جي خدمت پنهنجي مدد پاڻ جي اصول هيٺ ڪرڻ رهيو آهي. ان لاءِ هن تنظيم جو نعرو ”پرامن خوشحال سنڌ“ رهيو آهي. هن ساٿ ۾ گذريل عرصي ۾ هزارين ساٿين پنهنجون بي لوث خدمتون ڏنيون آهن ۽ هڙان وڙان مدد ڪئي آهي.
گذريل چند سالن کان سنڌ سرڪار هن سگهاري تنظيم جي مقصدن جي سرپرستي ڪرڻ لاءِ مالي امداد ڪري ٿي.
نوجوان قيادت کان اميد ڪري سگهجي ٿي ته اهي سگا جي مقصد کي ضرور تڪميل جي منزل تي پهچائيندا.
سِگا مورو شاخ بيحد پراڻي ۽ هڪ بنيادي شاخ آهي جنهن تاريخي ڪم سرانجام ڏنا آهن. موري جا ساٿي مرڪزي سگا جي مک رهنمائن مان آهن مورو سگا جي دل آهي.
منهنجو لاڳاپو هن شاخ سان اول کان ئي رهيو آهي ڪجهه سالن کان پيرسنيءَ سبب محترم اسلم عباسيءَ جي پريت جي پيغامن کي به اونائي نه سگهيو آهيان. ان لاءِ بيحد افسوس اٿم.
گذريل ٽن سالن جي شاندار ڪارڪردگي مثالي آهي هر شاخ جا ساٿي ان نموني جون سرگرميون قائم ڪري سگهن ٿا. بهتر ٿيندو ته هر شاخ پنهنجي آفيس ۾ لائبرري قائم ڪري جيڪا روزانو شام جو مناسب وقت تي کليل رهي جيئن ساٿي ان کي پنهنجي ملاقات جو وسيلو بنائي سگهن هي ساٿ صرف خلوص جي بنيادن تي قائم آهي ۽ قائم رهي سگهي ٿو. وطن سان محبت پنهنجي غريب ۽ ڏکويل ماروئڙن جي خدمت ئي سگا کي منفرد بنائي ٿي.
ٻيائي من مان ڪڍي سچائيءَ سان سفر سان سچا ٿيو ته پوءِ خوشحالي ماڻڻ جي منزل پري ڪانهي.
هن وقت جڏهن آئون هي سٽون لکي رهيو آهيان ته ٿر ۾ ڪارو ڏُڪار آيل آهي انسان ۽ جانور بکيا ۽ اڃايا آهن سگا ڇا ٿي ڪري سگهي؟ فوٽو ڪڍرائڻ کانسواءِ پيارن ماڻهن جي دل جي ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪريو. سگا جي قيادت ۽ ٿر جي شاخن کي گڏجي سهڪاري ڪم ڪرڻ کپن. اَن، چارو ۽ پاڻي ئي بنيادي ضرورتون آهن. ان طرف ساٿي ڌيان ڏين ته شايد سنگهارن کي سک ملي سگهي.
آئون موري شاخ سان محترم ڊاڪٽر لائق زرداريءَ جي وڇوڙي تي گهري ڏک ۾ شريڪ آهيان مرحوم مڻيادار ماڻهو هو. اهڙن ماڻهن جي اُدم کي زندهه جاويد ڪرڻو آهي.
سگا جي هن سرگرم سٿ ۾ نياڻين جي شرڪت تمام گهٽ آهي ايئن ڇو آهي ان جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ کپن. نوجوانن کي سگا جي سٿ ۾ شامل ڪريو ته جيئن هي سٿ سگهارو ٿئي.
هن وقت ميمبرشپ صرف مرڪزي چونڊن لاءِ ڪئي وڃي ٿي جيڪو لاڙو بيحد هاڃيڪار آهي ۽ مقصدن کان پري ڌڪي ٿو.
مورو شاخ پاران هي ڪتاب سهيڙي سگا جي تاريخ جو هڪ شاندار ورق ترتيب ڏنو ويو آهي جنهن ۾ ساٿين جا تفصيل به ڏنل آهن هي سنڌ جي سماجي تاريخ جو هڪ اهم ڪتاب آهي. اسلم عباسي ۽ سندس ساٿين کي سڪ ڀريا سوين سلام ۽ مبارڪون.

ساٿ سلامت، سنڌ سلامت
سليمان شيخ

ڪاتِبَ! لِکِين جئن

سماجي سرگرمين جي ماحول ۾ انسان انفرادي توڙي اجتماعي طور تي اهڙا انيڪ عمل ڪندو رهي ٿو، جن سان انساني خدمتن جي حوالي سان نه فقط ڏکويل انسانن جي تڪليف ۾ گهٽتائي ۽ آٿت جا اهڃاڻ نظر اچن ٿا، بلڪه علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين سان دلين ۾ سرهائي، ماحول ۾ سونهن ۽ تاريخي طور علم ۽ ادب ۾ اضافو ٿئي ٿو. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته اِهي سمورا عمل انفرادي ۽ اجتماعي طريقن سان ٿيندا ته رهن ٿا پر انهن کي سهيڙي محفوظ ڪرڻ جو رجحان تمام گهٽ آهي. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي سموري تاريخ ۾ شروعاتي دؤر کان وٺي هيستائين اهڙيون تمام گهڻيون علمي، ادبي، ثقافتي ۽ انساني خدمتن جون سرگرميون ٿينديون رهيون آهن، پر اهو هڪ وڏو نقصان نظر آيو آهي ته انهن کي گهڻو ڪري جنهن طريقي سان ٿيڻ گهرجي، انهن کي دستاويزي صورت ۾ محفوظ نه ڪيو ويو آهي، جيڪو تنظيمي طور هڪ وڏو خال آهي. اهو ضرور ٿيو آهي ته ڪجهه شاخن توڙي مرڪز طرفان انهن عملن ۽ يادگيرين کي محفوظ رکڻ جي ڪوشش ٿي آهي. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن مورو شاخ جنهن طريقي سان هن ڪتاب جي صورت ۾ پنهنجي ڪار گذارين کي دستاويزي صورت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهيءَ لاءِ شاخ جي سمورن ساٿين نه فقط پنهنجي ڪوششن سان ڪيل عملن کي دستاويزي طور محفوظ ڪيو آهي پر هيءَ ڪوشش ٻين ساٿين لاءِ به هڪ مثال بنجي، انهن جي شوق ۽ اهڙي عمل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ همٿائڻ جو سبب بڻجندي.
سگا موري شاخ جي سرگرمين سان گڏ وابسته شخصيتن جي به هڪ طويل تاريخ آهي، جيڪا خود پنهنجي يادن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جيترو مواد رکي ٿي، هتي ايترا نالا ذهن ۾ اچن ٿا جن جي جاکوڙ سبب سگا موري شهر ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. وڇڙي ويندڙ پر نه وسري سگهندڙ شخصيتن جن ۾ ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، پروفيسر سيد علي بخش شاهه، ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ، پروفيسر شفيع محمد ميمڻ، غلام رضا ميمڻ، واحد بخش شيخ، محمد نوح ميمڻ ۽ ٻيا ڪيترا جن پنهنجو وقت ۽ پنهنجي ڏات ڏيئي سگا کي سرخرو ڪيو.
اسان انهن ساٿين کي به نٿا وساري سگهون جن جو تعلق سڌي طرح سگا مورو شاخ سان ته نه هو پر انهن سگا مرڪز جي سٿ ۾ شامل ٿي سڄي سنڌ ۾ پنهنجون خدمتون ڏنيون. خاص طور تي مظهرالدين ميمڻ، مشتاق احمد قاضي، اسدالله کيڙو ۽ ٻيا ڪيترا جيڪي پنهنجي پيار ۽ سچائيءَ سان انساني خدمتن ۽ سماجي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پنهنجي ڏات جا ڏيئا روشن ڪري ويا.
هن ڪتاب ۾ شامل سمورين تاريخي ڪاميابين لاءِ جاکوڙيندڙ ساٿين کي جَس هجي، جن موري شاخ کي پنهنجي عملن ماضيءَ وانگر زنده رکيو آهي. سگا مورو شاخ جي ڪجهه سرگرمين ۾ مون کي به دوستن وٽ شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو، جيڪا ڳالهه منهنجي لاءِ پڻ اعزاز جو باعث آهي.
اُميد ته هي ڪتاب نه فقط موري شاخ جي سرگرمين جي دستاويز طور پذيرائي ماڻيندو، پر سگا جي ساٿ ۾ ٻين دوستن ۾ پڻ پنهنجي محنتن کي محفوظ بنائڻ لاءِ اُتساهه جو سبب ٿيندو. سگا مورو شاخ جي دوستن لاءِ پيار ۽ پنهنجائپ سان ڀٽائيءَ جي هنن سٽن سان سندن ڪاميابيءَ لاءِ دعاگو رهندس.
ڪاتِبَ! لِکِين جئن، لايو لامُ اَلف سِين
اَسان سڄڻ تئن، رهيو آهي روح ۾.
(شاهه سائين)

رفيق احمد جعفري
چيئرمين
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن

سگا مورَي جون خدمتون

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، سنڌ جي متحرڪ، سماجي تنظيم آهي جيڪا 70 جي ڏهاڪي کان وٺي سنڌي عوام ۾ سماجي ۽ ثقافتي جاڳرتا لاءِ جاکوڙ ڪندي رهي آهي، خاص طور تي تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن تنظيم ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ ٻين سربراهن جي اڳواڻيءَ هيٺ 70 ۽ 80 جي ڏهاڪي ۾ پاڻ ملهايو. عوامي ۽ سماجي ڀلائيءَ جي مقصدن ۽ جدوجهد جي ڪري تنظيم تي بندش وڌي وئي. پر سگا جي پُرخلوص ۽ نيڪ نيت ساٿين همٿ نه هاري ۽ جدوجهد جو جهنڊو بُلند رکيائون. سگا انهيءَ دؤر ۾ سماجي سجاڳي ۽ تحريڪ هلائي، جنهن دور ۾ اين.جي.اوز جو ڪلچر اڃا نه آيو هو پر پنهنجي مدد پاڻ هيٺ ۽ نيڪ انسانن جي سهڪار سان تنظيم سنڌ جي جهرجهنگ، ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ وڃي ’سماجي تحرڪ‘ کي جنم ڏنو، پر هاڻي سگا جو اهو عروج نه رهيو آهي. پر پوءِ به سگا جو قافلو هلندو رهي ٿو ۽ لاٽ ٻرندي رهي ٿي.
سگا سنڌ جي سماجي تحريڪ ۾ تعلقي موري جا ساٿي ۽ اڳواڻ پڻ رهيا آهن. انهن ۾ اسدالله کيڙي، مظهرالدين ميمڻ، ولي محمد روشن پنهنجو پاڻ ملهايو ۽ مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي.
مون کي ياد ٿو اچي ته 80 جي ڏهاڪي ۾ موري شهر ۽ ان جي آسپاس جي ڳوٺن لاءِ سماجي ڪارڪن عبدالحق ميمڻ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.
ڪچي ۾ ٻوڏ اچي يا موري ۾ ريل وارو حادثو هجي، سگا پاران مفت ميڊيڪل ڪئمپ هجي يا تعليمي نمائشون هجن يا روشن تارا اسڪول جون سرگرميون هُجن ته انهن ۾ اسان جو ساٿي عبدالحق ميمڻ بي لوث سماجي ڪارڪن جيان سڀني کان اڳڀرو رهيو. جڏهن به موري جي سماجي تحريڪن ۽ خدمتن جي تاريخ لکي ويندي ته اها عبدالحق ميمڻ جي ذڪر کانسواءِ اڻپوري رهندي.
خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته 1976ع کان وٺي سگا مورو به پنهنجو ڪردار نڀائيندي رهي آهي. پر تنظيم تي ڪافي عرصو اڳ ماٺ ڇانئجي وئي هئي پر 2015 کان وٺي وري اسلم عباسي، ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ، اسد سولنگي، نثار احمد ميمڻ، وزير سولنگي ۽ ٻين نوجوان ساٿين جي تحرڪ سان سگا مورو هڪ ڀيرو وري سرگرم ٿي آهي. اميد آهي ته هنن ساٿين جي محنتن سان تنظيم هڪ ڀيرو وري عروج ماڻيندي ۽ پنهنجن بنيادي مقصدن ۾ ڪامياب ٿيندي.
سگا ماضيءَ ۾ مورو جي سگا کي جهڙي ريت سائين قاضي نذير ۽ بشيرالدين ميمڻ، سائين علي بخش شاهه، ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ، سائين محمد نوح ميمڻ، عظيم سنڌي ۽ ٻين اڳتي وڌايو، اسان جا نوجوان ساٿي به انهن جي نقش قدم تي هلي سگا مورو کي سدائين زندهه ۽ متحرڪ رکندا ايندا.
سچ ته اسلم عباسيءَ جهڙا محنتي ۽ اورچ نوجوان سگا جو اثاثو آهن. سچ ته اسلم عباسي، سنڌ گريجوئيٽس مورو جي تاريخ مرتب ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻڻ تي جَسُ لهڻي. اسلم، هن کان اڳ ضلعي نوشهري ۽ تعلقي مورو جي تاريخ تي ڪتاب سهيڙي چُڪو آهي، مٺل ڪمالاڻي جي بيمثال ڪتاب ”مورو ناهي ٿورو“ کان پوءِ اسلم عباسي جي ڪتابن به موري جي تاريخ تي تحقيق جي ڪم کي اڳتي وڌايو آهي.
سنڌ جي ادبي، ثقافتي، سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي تاريخ تي به مڪمل تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. ۽ اها تحقيق ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيڻ گهرجي.
سگا موري جي تاريخ جيان جيڪڏن سنڌ جون ٻيون برانچون به ڪتاب ڇاپين ته سگا سنڌ جي مڪمل تاريخ سهيڙڻ ۾ مدد ملندي. هن ڪتاب ۾ سگا سنڌ جي تاريخ جون به جهلڪيون موجود آهن. ڪتاب ۾ رپورٽون، عهديدارن جا نالا ۽ پروفائيل ته ڏنا ويا آهن، پر اڃا به بهتر ٿئي ها ته ان پوري تاريخ ۾ سگا مورو جون وڌيڪ Success Stories به ڏنيون وڃن ها ته جيئن ايندڙ سماجي ڪارڪنن جي وڌيڪ رهنمائي ٿئي ها ۽ انهن ۾ اتساهه پيدا ٿئي ها. اُميد ته ايندڙ ڪتاب ۾ اُهي ڏنيون وينديون. بهرحال، اسلم عباسيءَ کي جَسُ هجي، جو هُو نه رڳو سگا مورو جي صحت ۽ تعليم جي بهتريءَ جي ڪمن ۾ سدائين مصروف هوندو آهي، پر ساڳئي وقت علمي، ثقافتي ۽ ادبي ڪمن ۾ اڳڀرو آهي.

ادريس جتوئي

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو مختصر تعارف

پاڪستان ۽ هندستان ٺهڻ کان اڳ يعني 1947ع کان پهرين سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي هندو ۽ مسلمانن جو پاڻ ۾ مضبوط سماجي رشتو ۽ ناتو هوندو هو. ۽ سنڌ اندر سنڌي سماج جي رهڻي ڪهڻي، ريتون رسمون ۽ رواج سڀ هڪجهڙا هوندا هئا. جيڪي مذهبي مت ڀيد کان اعليٰ هوندا هئا نيڪ ۽ خيراتي ڪمن جو مضبوط تصور هوندو هو پاڻي خاطر کوھ کوٽرائڻ نه رڳو انسانن لاءِ پر جانورن لاءِ به الڳ پاڻي پيئڻ جا حوض گڏ ٺهرايا ويندا هئا، مسافر خانه، ڌرم شاله، خيراتي اسپتالون، اسڪول ۽ مڪتب ٺهرائڻ، غريب مسڪينن ۽ يتيمن جي پر گهور لهڻ مطلب ته فلاحي ڪمن جو تمام گهڻو رواج هوندو هو.
ورهاڱي بعد سنڌ مان سنڌي هندن لڏ پلاڻ ڪئي، نتيجي طور مڊل ڪلاس، وڏي تعداد ۾ واپاري، استاد، تعليميدان، هنر مند هندستان لڏي هليا ويا، ۽ خيراتي ڪمن جو تصور گهٽجي ويو وڏن شهرن سکر، حيدرآباد ڪراچي ۽ ٻين هنڌن تي لڏي آيل پناهگير آباد ٿيندا ويا واپار ۽ مارڪيٽ تي قبضو ٿيندو ويو، سنڌي ماڻهو جاگيرداري ڪلاس مان نڪري نه سگهيو.
سرڪاري سطح تي ضلعي عملدارن ڊپٽي ڪليڪٽرن وٽ ريڊڪراس ۽ هلال احمر جهڙا سرڪاري پرستي هيٺ هلندڙ فلاحي ڪمن ڪارين ذريعي ٿيندا هئا.
سنڌ ورهاڱي بعد جلد ئي ون يونٽ ۾ جڪڙجي وئي ۽ سنڌ جي پڙهيل لکيل، اديبن، شاعرن، استادن قلم ڪارن، پورهيتن هڪ وڏي تحريڪ هلائي ته جيئن ون يونٽ جو خاتمو ٿئي، شاگردن ۽ اديبن ۾ قومي تحريڪ جو اُڀار پيدا ٿيو ۽ ون يونٽ خلاف هڪ مزاحمتي ڀرپور تحريڪ جنم ورتو، سنڌ ڀڙڪي اٿي.
سنڌي سوڀارا ٿيا، ون يونٽ جو خاتمو ٿيو. سنڌ جا ڪيترائي آفيسر، فني ماهر ۽ ٻيو سرڪاري ملازم عملو لاهور ڇڏي ڪراچي پهتا، جن جي رهائش ٻارڙن جي تعليم ۽ سماجي ميل ميلاپ جا ڪيترائي مسئلا هئا، ، ان وقت اها ضرورت هئي ته سنڌي پڙهيل طبقي جي هڪ سماجي جماعت ٺاهي وڃي، جيڪا پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجا مسئلا حل ڪري سگهي ۽ جتي حڪومت جي مدد درڪار هجي اتي حڪومت سان لهه وچڙ ۾ اچي مسئلن جو سائنسي حل ڳوليو وڃي انهن مسئلن ۾ به سڀ کان اهم مسئلو نوڪري پيشه سنڌي ماڻهن جي اولاد جي تعليم هو ڇاڪاڻ ته انگريزي ۽ اردو ميڊيم اسڪول ۾ وڃڻ سبب سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ روايتن سان ايندڙ نسل جي لاتعلقي ۽ هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين هڪ خال پڻ پيدا ٿي رهيو هو.
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو پايو وجهڻ لاءِ 22 فيبروري 1971ع ڌاري ڪيفي نيويارڪ صدر ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، شمشيرالحيدري، مراد علي جوڻيجو ۽ مورو شهر سان تعلق رکندڙ سائين بخش عباسي گڏيا.
ان بعد 6 اپريل 1971ع ڌاري ڪيفي نيويارڪ صدر ڪراچيءَ ۾ هڪ وڳي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ هي ڪم ڪار هڪ سال تائين متاثر رهيو ملڪ اندر عام چونڊون ٿيون جنگ لڳي اوڀر پاڪستان الڳ ٿي بنگلاديش ٿيو ۽ سنڌ ۾ ٻوليءَ جا فساد ٿيا پر ڪوششون جاري رهيون. 4 جون 1972ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ مختيار مغل جي جڳھ تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي پهرين ساليانيون چونڊون ٿي گذريون جنهن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
صدر محمد بلال سيال، نائب صدر شمشير الحيدري، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، جوائنٽ سيڪريٽري سائين بخش عباسي، مالي سيڪريٽري بخش علي لاکو، انفرميشن سيڪريٽري محمد صالح شيخ هئا 29 سيپٽمبر 1972ع تي سگا جماعت کي 1860ع جي ايڪيهين ايڪٽ تحت رجسٽرار جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز وٽ رجسٽر ڪرايو ويو.
هنن ڳالهين تي سگا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ طئي ڪيو ويو.:
1. سنڌ جي نجات جو واحد وسيلو تعليم آهي.
2. ماڻهن ۾ سماجي شعور پيدا نه ٿيندو، ايستائين پنهنجا سياسي مقصد به نه سمجهي سگهندا.
3. تعليم يافته ۽ پڙهيل لکيل گريجوئيٽ هن ايسوسيئيشن جا ميمبر ٿيندا.
4. تعليم جي انهيءَ معيار ۾ ڊاڪٽر، وڪيل پروفيسر، اديب، شاعر آهن. پئسو، سماجي حيثيت اثر رسوخ، ذهني علمي صلاحيتون يڪجا ٿيڻ سان هڪ اهڙي سماجي تحريڪ هلائي سگهجي ٿي جو پڙهيلن وسيلي اڻپڙهيلن جي خدمت ڪري سگهجي.
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڪراچي تائين محدود هوندي هئي ۽ اتان جي سماجي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندي رهي. 14 جولاءِ 1974ع تي، سگا جون سنڌ اندر شاخون قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ آئين ۾ ترميم ۽ ڦير ڦار لاءِ هڪ ٺهراءِ پاس ڪيو ويو ته جيئن ڪراچي ائين سنڌ جي ٻين شهرن جي گريجوئيٽس درميان لاڳاپا شروع ڪري سگهجن. آئين ۾ ضروري ترميم ڪرڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين حيدرآباد شاخ لاءِ ڪوششون ورتيون ويون. مورو لاءِ محمد خان سومري کي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو هي ليٽر 21 مارچ 1976ع تي سگا PECHS سوسائٽي ڪراچي آفيس مان ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي صحيح سان جاري ٿيو، جنهن ۾ مورو شاخ کي رجسٽرڊ ڪوڊ نمبر 05 جاري ڪيو ويو.
21 اپريل 1976ع تي ليٽر نمبر SGA/1/76 سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ مورو جي جنرل سيڪريٽري محمد خان سومرو طرفان مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڏانهن ڏياري موڪليو ويو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته مورو شاخ سگا جي عهديدارن جي چونڊ 28 مارچ 1976ع آچر ڏينهن ٽائون هال مورو ۾ ٿي گذري جنهن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا آهن.
صدر: محمد ايوب وينجهر، نائب صدر: محمد اسحاق چنه، جنرل سيڪريٽري: محمد خان سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري: نذير احمد قاضي، خزانچي: رحيم بخش ميمڻ، اطلاعات سيڪريٽري: عظيم سنڌي، ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي: صلاح الدين پنهور، گل حسن ڪانڌڙو، شفيع محمد ميڻ غلام رسول سرهيو، عبدالقادر ابڙو،
11 اپريل 1976ع آچر ڏينهن صبح جو سگا مرڪز جو وفد ايسوسيئيشن جي شاخ مورو جو افتتاح ڪيو جنرل باڊيءَ جي گڏجاڻي جي صدارت ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ڪئي ۽ خاص مهمان مورو جي شهيد عبدالرزاق سومري جو والد سائين محمد سليمان سومرو هو، هن موقعي تي ڊاڪٽر شريف ميمڻ پڻ آيل هو، سگا شاخ مورو جي پهرين باڊيءَ تي اها ذميواري رکي وئي ته عام ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن بابت شعور پيدا ڪري ۽ سماجي ڪمن جي اهميت پيدا ڪرڻ هئي ان وقت سگا طرفان شهر مورو ۾ سماجي ڪمن جي شروعات ڪئي وئي.
1978ع ڌاري سگا شاخ مورو طرفان مختلف سرڪاري اسڪولن جي پرائمري اسڪولن ۾ 10 عدد پنکا ڏنا ويا. 15 عدد واٽر ڪولر فراهم ڪيا ويا ۽ 6 عدد پاڻي لاءِ سيمينٽ جون ٽانڪيون ٺهرائي ڏنيون ويون اکين جي بيمارين جي ڪئمپ لڳرائي وئي ۽ 35 نوجوانن کي نوڪريون پڻ ڏياريون ويون هن ئي سال کي سگا طرفان سڄي سنڌ ۾ “لطيف سال” قرار ڏئي ملهايو ويو ۽ سڄي سنڌ ۾ عام موڪل جو پڻ مطالبو ڪيو. 1979ع ۾ ضلعي نوابشاھ جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جي گڏجاڻي سگا شاخ مورو ۾ ٿي. 1980ع ۾ ٻارڙن کي قرآن شريف جي درس ڏيڻ لاءِ سينٽر کوليو ويو هن ئي سال کي ٻارن جو تعليمي سال ڪري ملهايو ويو ۽ 16 نومبر 1979ع پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ “ڪل سنڌ ٻالڪ ميلو” لڳايو ويو اسڪول شادي خان ڍلو ۾ ٻه ڪمرا تعمير ڪرايا ويا.
1980ع کي صحت جو سال ڪري ملهايو ويو مورو شاخ ۾ پڻ ڊرگ بئنڪ قائم ڪئي وئي جنهن ۾ ضرورتمندن، غريبن ۽ بيمارن کي دوائون فراهم ڪيون ويون.
1982ع ڌاري شاخ طرفان مضمون نويسي جو مقابلو بعنوان ”قومن جو عروج ڪردار جي تعمير سان آهي“ منعقد ڪيو ويو ان سان گڏ تقريري مقابلو” مار ٻار جي سنوار آهي ٿي گذريو.
1982ع ڌاري دادو، مورو پل ٺهڻ جي خوشيءَ ۾ سگا شاخ مورو ۽ سگا شاخ دادو طرفان پل تي هڪ پروگرام، ”ڳانڍاپو“ ٿي گذريو جنهن ۾ استاد بخاري پڻ شريڪ ٿيو مورو شاخ سگا جا عهديدار ۽ ميمبر ۽ دادو شاخ سگا جا عهديدار ۽ ميمبر دادو مورو پل تي گڏيا، هڪٻئي کي هار پاتا ۽ ڀاڪر پائي مليا، جيئن استاد بخاريءَ جو هڪ شعر پڻ آهي ته:
ٽٽي پوندي استاد دادو جي دلڙي،
بخاري کان مورو، متان موڪلائي.
هن سال 1982ع کي سگا مرڪز طرفان ”ڳوٺ سڌار سنگت“ طور سڄي سنڌ ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو.
1983ع ڌاري سگا شاخ مورو جي ميزباني هيٺ ستون ساليانو ڪنوينشن مهراڻ ڪاليج مورو هاسٽل موجوده بحريه فائونڊيشن ڪاليج ۾ ملهائڻ جو اهتمام ڪيو ويو 15 ۽ 16 اپريل تي هي پروگرام منعقد ڪيو ويو.
سنڌ جي مختلف شهرن مان سگا شاخن جا عهديدار، ميمبر ۽ اديبن جي ڀرپور شرڪت رهي هاسٽل گرائونڊ جي ٻاهرين روڊ واري ديوار تي مختلف رنگن جا جهنڊا لڳل هئا، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته ڪا بين الاقوامي ڪانفرنس آهي برسات سبب پنڊال ڪري پيو پر بعد ۾ ان کي وري کوڙيو ويو. سگا ساٿين سان گڏ مورو جي شهرين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اندازي موجب 300 کن ماڻهن شرڪت ڪئي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ولي محمد روشن ڪاروائي هلائي جڏهن ته صدارت چيئرمين سگا ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ڪئي. ۽ ساڻس گڏ اسٽيج تي شاخ جي جنرل سيڪريٽري قاضي نذير کي پڻ ويهاريو ويو تلاوت ڪلام مولانا عزيزالله ٻوهيو ڪئي جڏهن ته ڊاڪٽر ادل سومري شاھ جا شعر پڙهيا ننڍڙن ٻارڙن هڪ گيت جو منظر پيش ڪيو.
سگا شاخ مورو اپريل 1983ع ڪنوينشن ۾ ڪجھ ٺهراءَ پاس ڪيا جيڪو ڊرافٽ برانچ جنرل سيڪريٽري قاضي نذير تيار ڪيو هو. ڪالا باغ ڊيم خلاف ٺهراءُ پڻ پيش ڪيو ويو.
ملڪ ۾ مارشلا نافد هئي، جنرل ضيا ملڪ جو صدر هو هڪ اردو اخبار ۾ سگا خلاف خبر هلائي وئي ۽ جلد ئي حڪومت سگا تي بندش هنئي ته ڪو به سرڪاري ملازم هن جماعت جو ميمبر نه هوندو نتيجي طور ڪيترائي ڊاڪٽر، انجنيئر، ليڪچرار، استاد ۽ ٻيا سرڪاري ملازم سگا کي ڇڏي ويا، ۽ اهڙو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ بعد مختيار ڪار مورو کان تصديق ڪرائڻ بعد پنهنجن کاتن ۾ جمع ڪرايا ته سندن سگا سان ڪوبه تعلق نه آهي هن صورتحال ۾ سگا کي ڪاپاري ڌڪ لڳو.
1983ع ۽ 1986ع دوران ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سنڌ اندر قتل و غارت ٿي 1988ع ۾ پ پ پ اقتدار ۾ آئي ۽ محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي وزيراعظم بڻي ته سگا تان بندش سرڪار طرفان ختم ڪئي وئي ۽ سرڪاري ملازمن کي سگا ميمبر ٿيڻ جي اجازت ملي.
مورو شاخ اهڙي اعلان بعد سگا سرڪاري ملازمن کي ٻيهر ميمبر شپ ڏني ۽ سال 1989ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ سگا طرفان سچل ڪانگريس ملهائي وئي هند ۽ سنڌ جي اديبن شرڪت ڪئي ۽ وفد مورو ۾ پڻ گهمڻ آيو.

سگا مورو شاخ ۾ رهندڙ عهديدار

سال 1976ع:
محمد ايوب وينجهر: پاڻ اصل شهر موري جو رهواسي رهيو آهي، ڪتاب مورو ناهي ٿورو جي ليکڪ مٺل ڪمالاڻي سندس وڏڙن جو ذڪر ڪيو آهي ته اهي اصل درسن جا ويٺل هئا ۽ پوءِ وينجهر سونارا موري شهر ۾ لوهرن جي پاڙي ۾ اچي آباد ٿيا. محمد ايوب وينجهر جا ٻه ڀائر دين محمد وينجهر تپيدار ۽ علي محمد ايڪسائيز انسپيڪٽر هئا. هن وقت پاڻ پيرسن آهي. سگا شاخ مورو جي پهرين صدر هئڻ جو کيس اعزاز حاصل آهي پيشي جي لحاظ کان پاڻ وڪالت ڪندڙ آهي بزرگ ۽ با اصول وڪيل آهي سندس سماجي خدمتون سگا شاخ ۽ مهراڻ ڪلب مورو جوڙائڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو آهي. ان کان علاوه مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو پڻ جوڙايائين ۽ پاڻ پهريون پرنسپال پڻ ٿيو، کيس اولاد جي نعمت عطا نه ٿي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو بنياد رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين.

سال 1976ع:
محمد خان سومرو: سندس والد جو نالو قادر بخش سومرو آهي، سندس جنم 14 اپريل 1947ع ڌاري موري شهر ۾ ٿيو. سندن رهائش سومرا پاڙو موجوده ريشم گلي وارو علائقو آهي. سندس هڪ ڀاءُ محمد عثمان سومرو آهي. پاڻ پرائمري تعليم مين پرائمري اسڪول سائين محمد ڇتل سرهيي وٽان حاصل ڪئي. ان بعد ميٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول سرهيا محلا ۾ هوندو هو اتان ڪيائين. انٽر ڪامرس ۽ گريجوئيشن ڪيائين. نيشنل بئنڪ ۾ کيس ڪيشيئر جي نوڪري ملي، ان کان پوءِ يو بي ايل بئنڪ ۾ آفيسر ٿيو. جتان وائيس پريزيڊنٽ ٿي رٽائرڊ ڪيائين. خان محمد پنهور جي دوستي سبب سگا شاخ مورو قائم ڪرايائين ۽ سگا شاخ مورو جي پهرين جنرل سيڪريٽري هئڻ جو کيس اعزاز حاصل آهي پاڻ شهر مورو جو رهواسي هن وقت ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي. کيس اولاد ۾ پنج نياڻيون ۽ ٻه پٽ عبدالحميد سومرو اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ ٻيو محمد وسيم سومرو قاسم آباد حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.

سال 1977ع:
ڊاڪٽر بشيرالدين ميمڻ: پاڻ اصل درٻيلي شهر جو رهواسي هو، ان بعد 1965ع کان پوءِ موري ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين. ڊاڪٽري جي پيشي سان وابسته هو. ان وقت موري ۾ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر صرف ٻه يا ٽي هئا. جن ۾ ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ ۽ ٻيو ڊاڪٽر محمد عظيم پٺاڻ. کيس سماجي ڪم ڪار ڪرڻ جو گهڻو شوق هوندو هو. اهو ئي سبب هو جو پاڻ سگا شاخ مورو جو مسلسل ٽي دفعا صدر رهيو، پاڻ مورو ۾ بشير ڪلينڪ نالي اسپتال هلائيندو هو جيڪا نيشنل بئنڪ لڳ هئي سگا ۽ ٻين سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ سگا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين بعد ۾ حيدرآباد منتقل ٿي ويو ۽ اتي وصال ڪري ويو. روشن تارا اسڪول ٺهرائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيائين، موري ۾ سندس رهائش لوهرن جي پاڙي ۾ هئي، جتي اڄڪلهه هڪ پرائيويٽ اسڪول وي پي ايس هلندڙ آهي. سندس هڪ پٽ فيصل بشير هن وقت سنڌ پوليس ۾ ايس پي آهي ۽ ٻيو پٽ پڻ آفيسر آهي. جيڪي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهن.

سال 1977ع:
پروفيسر نذير احمد قاضي: سندس جنم 9 فيبروري 1940ع تي موري جي قاضي خاندان جي معزز محمد قاسم جي گهر ۾ ٿيو. پاڻ ادب ۽ سياسات ۾ ايم اي آهي. پاڻ هڪ بهترين سنڌي ٻوليءَ جو اديب، افسانه نويس، شاعر، ڪهاڻيڪار، سماج سڌارڪ ۽ استاد رهيو آهي. ڪتاب ’مورو ناهي ٿورو‘ جي ليکڪ محمد مٺل ڪمالاڻي موري شهر جي قاضي خاندان بابت تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. ان کان علاوه نوجوان محقق پروفيسر شمشاد احمد سومري پڻ قاضي خاندان تي تحقيق ڪئي آهي. جنهن جو ذڪر ڪتاب مورو تاريخ ۽ ثقافت ۽ ضلعو نوشهروفيروز (تاريخ جي آئيني ۾) سهيڙيندڙ اسلم عباسي به شامل آهي. پاڻ موري شهر ۾ ڪيترائي علمي، ادبي، سماجي ۽ تعليمي ادارا جوڙايا، سندس اعليٰ خدمتون آهن. مهراڻ ڪاليج مورو ۾ بهترين تعليمي خدمتون ڏنائين ۽ هزارين شاگرد پيدا ڪيائين. پاڻ سگا شاخ جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. موري کان پوءِ پاڻ سچل آرٽس ڪاليج حيدرآباد ۾ ڪافي عرصو رهيو. هن وقت رٽائرڊ ۽ ڪراچيءَ ۾ گلشن حديد ۾ رهائش پذير آهي.

سال 1979ع:
عظيم سنڌي: سندس والد جو نالو محمد يوسف سولنگي آهي. سندس جنم 1 مارچ 1952ع ڌاري موري شهر ۾ ٿيو. پاڻ ايم اي سنڌي ادب ۾ خيرپور يونيورسٽي مان ڪيائين. 1972 ڌاري شاگرد يونين ۽ مهراڻ ڪاليج مورو جو اڳواڻ پڻ رهيو. ان کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت مورو جو پهريون سيڪريٽري پڻ ٿيو. ون يونٽ، ٻولي فسادن بعد شهيد عبدالرزاق سومري جي شهادت کان پوءِ موري جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي، ثقافتي ميڙاڪن ۽ تنظيمن جو روح روان رهيو آهي. علم پرائي اڳتي وڌائڻ ۽ نوجوانن کي همٿائڻ ۾ سندس اهم ڪردار ادا رهيو آهي. سگا ۾ بنيادي ميمبر هئڻ سان گڏ ڪافي عرصو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو ۽ صدر پڻ رهيو مورو جي علمي ادبي ۽ سماجي ثقافتي سرگرمين جو مرڪز رهيو آهي بقول خاڪي جويي جي ته مورو عظيم سان گڏ عظيم آهي پاڻ مشهور سنڌي رسالي ساڃاھ جو پبليشر پڻ رهي چڪو آهي. سگا سان اڃان ساٿ نڀائيندو پيو اچي سگا مرڪزي باڊيءَ ۾ پڻ ميمبر رهيو آهي. پاڻ هڪ بهترين سماجي ورڪر، اديب، شاعر، ليکڪ، نقاد آهي. سندس هڪ شاعري جو ڪتاب مٽيءَ جي مهڪ پڻ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. سندس اولاد ٻه پٽ مجيب الرحمان ۽ حبيب رحمان ڪراچي ۾ آفيسر ۽ رهائش پذير آهن.

سال 82-1981ع:
پروفيسر واحد بخش شيخ: پاڻ موري شهر جي زميندار گهراڻي شيخ خاندان سان تعلق رکندڙ هو. سندس وڏڙن ۾ رئيس خاوند ڏنو خان شيخ مشهور ۽ معروف رهيو آهي. ڪتاب مورو ناهي ٿورو جي ليکڪ مٺل ڪمالاڻي مورو جي شيخ خاندان جو ذڪر ڪيو آهي ته هي زميندار گهراڻو رهيو آهي. سندس والد جو نالو مرحوم محمد خان شيخ هو، مهراڻ ڪاليج مورو ۾ اسسٽنٽ پروفيسر رهيو سگا شاخ مورو جو صدر پڻ رهيو سندس تعليمي خدمت سان گڏوگڏ سماجي خدمتون پڻ ساراھ جوڳيون هيون پاڻ روشن تارا اسڪول ڪاميٽي جو صدر پڻ رهيو. ان سان گڏوگڏ مهراڻ ڪلب، مهراڻ ڪلچرل سوسائيٽي ۽ مهراڻ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۾ پڻ سماجي خدمتون ڏنائين ۽ سال 2009ع ڌاري وصال ڪري ويو، سندس هڪ پٽ مظهرالدين شيخ حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


سال 82-1981ع:
ڊاڪٽر محمد لائق زرداري: سندس جنم 23 آگسٽ 1944ع ڌاري موري تعلقي جي ڳوٺ محمد موسيٰ زرداري ۾ ٿيو، 1970ع ۾ ايم اي سياسات جي ڊگري وٺڻ بعد تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي 1980ع ڌاري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان حاصل ڪيائين ۽ سڄي زندگي تعليم جي شعبي ۾ خدمتون ڏنائين. سگا شاخ مورو جو جنرل سيڪريٽري رهيو پاڻ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري رکندڙ هو تعليم کاتي مان پرنسپال جي عهدي تان رٽائرمينٽ ڪيائين ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف پڻ رهي چڪو آهي سنڌ حڪومت جي ثقافت واري کاتي ۾ ڊائريڪٽر جنرل بلاول انسٽيٽوٽ آف هسٽري ۽ ريسرچ نوابشاھ پڻ رهيو 2 جولاءِ 2017ع ڌاري وفات ڪري ويو. سندس مشهور ڪتاب تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو، سنڌ جي سياسي جدوجهد، والي سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙو، ڪيم روح رهاڻ مطلب ته سندس 15 کن ڪتاب لکيل ڇپجي چڪا آهن.

سال 84-1983ع:
شفيع محمد ميمڻ: 84-1983ع ڌاري سگا شاخ مورو جو جنرل سيڪريٽري رهيو پاڻ بهترين استاد رهيو ۽ رٽائرمينٽ ڪيائين ميمڻ محلا مورو جو رهندڙ هو ڪافي عرصو ٿيو آهي جو هي فاني جهان ڇڏي ويو آهي. سندس اولاد هن وقت نوابشاھ ۾ رهائش پذير آهي.

سال 1985ع:
غلام رسول سرهيو: سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن تي سرڪاري طرح بندش وڌي وئي ته هن تنظيم جو ڪوبه سرڪاري ملازم ميمبر ۽ عهديدار نه رهندو ان کان پوءِ سگا موري شاخ ۾ ڪيترائي سرڪاري ملازم سگا جي ميمبر شپ تان استعيفا ڏئي ويا. جنهن کان پوءِ سگا اندر موري شهر جي معزز شهرين، واپارين ۽ عام سٺن ماڻهن کي ميمبر ڪيو ويو ته جيئن سگا مورو پنهنجا سماجي ڪم ڪار ڪري سگهي. غلام رسول سرهيو پڻ شهر جو هڪ معزز ۽ شريف خاندان سان تعلق رکندڙ سگا ساٿي آهي. 1985ع ڌاري سگا شاخ مورو جو صدر رهي چڪو آهي پاڻ شهر جي سرهيا خاندان سان تعلق رکندڙ آهي سگا سان سٺو نڀاءُ ڪيائين ان سان گڏوگڏ روشن تارا اسڪول مورو جي سنڀاليندڙ مهراڻ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو صدر پڻ رهيو آهي پيشي جي لحاظ کان بزنس مين آهي ۽ پاڻ سال 2002ع ڌاري ملڪ اندر ناظمي دور ۾ يونين ڪائونسل نمبر 3 شهر مورو جو ناظم پڻ رهي چڪو آهي.

سال 1985ع:
ڊاڪٽر محمد سليمان سولنگي: سندس جنم 4 فيبروري 1952ع ۾ جمعو خان سولنگي ڳوٺ حافظ خان محمد سولنگي ۾ ٿيو. 1980ع ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان حاصل ڪيائين. شاعري جي شروعات 1968ع کان ڪيائين. نظم، بيت، وائي ۽ غزل لکيا اٿس. شروعاتي دور ۾ مظهر سنڌي جي تخلص سان لکندو هو. پاڻ ڪهاڻيون، تنقيدي مضمون لکندو رهي ٿو. هڪ پڙهيل لکيل، باشعور، وطن پرست ۽ سنڌ دوست آهي. 1985ع ڌاري سگا شاخ مورو جو جنرل سيڪريٽري رهيو پاڻ سگا مرڪزي باڊيءَ ۾ پڻ رهي چڪو آهي صحت کاتي ۾ ڊاڪٽر رهيو آهي پاڻ سماجي خدمت سان گڏوگڏ علم ادب جو ڄاڻو ۽ آزاد نظم جو بهترين شاعر پڻ آهي سندس تازو ڪتاب ”چنڊ سمنڊ ۽ پٿر اکيون“ ڪويتا پبليڪيشن پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ذهين ۽ سياسي سماجي شعور رکندڙ آهي هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي. سندس هڪ پٽ امداد حيدر سولنگي ايڊووڪيٽ آهي ۽ ٻيو سجاد ظهير کاٻي ڌر سان وابسته آهي.

سال 87-1986ع:
ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ: سندس جنم 25 آگسٽ 1957ع ڌاري شهر مورو ۾ ٿيو. هن جي والد جو نالو سيٺ محمد جڙيل ميمڻ بولاڻي آهي. پرائمري تعليم سيد احمد شاھ اسڪول، ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مورو ۽ انٽر سائنس گورنمينٽ ڪاليج نوابشاھ مان ڪيائين. ان بعد ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڄامشوري مان 1982ع ڌاري ڪيائين. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي سماجي ڪمن ڪارن ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو ۽ 87-1986ع ڌاري سگا شاخ مورو جو صدر رهيو سگا جو همدرد ۽ هڏوڏوکي رهيو آهي پاڻ هڪ بهترين سماجي ورڪر پڻ رهيو آهي سگا سان گڏوگڏ ٻين به ڪيترن ئي سماجي تنظيمن روشن تارا اسڪول، مهراڻ ايجوڪيشن فائونڊيشن، مهراڻ سٽيزن ڪلب، انجمن حسيني، سنڌ ميمڻ جماعت جي مختلف عهدن تي رهيو ۽ اڃان تائين سندس وابستگي رهندي اچي ٿي. پاڻ سول اسپتال مورو ۾ ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ عهدي تي رهيو ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي مان رجسٽرار جي عهدي تان رٽائرمينٽ حاصل ڪيائين. سندس اولاد ۾ ٻه نياڻيون ۽ ٽي پٽ عديل فارماسسٽ، ڊاڪٽر راحيل ۽ شرجيل سافٽويئر انجنيئر آهن.

سال 89-1988ع:
عبدالمجيد ميمڻ: سندس والد حاجي محمد رمضان ميمڻ اصل ڳوٺ کاهي ممڻ نوشهروفيروز جا هئا. جيڪي ورهاڱي کان اڳ مورو ۾ لڏي آيا. عبدالمجيد ميمڻ جو جنم شهر موري ۾ ٿيو. پاڻ هتي ئي تعليم پرائي ۽ نوڪري بدران واپار ۽ ڪاروبار کي ترجيح ڏني. مين روڊ مورو تي سندس شاندار انگلش بوٽ هائوس جو ڪاروبار هو. پاڻ بلدياتي اليڪشن ۾ ڪائونسلر پڻ ٿي گذريو. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو ۾ ميمبر پڻ ٿيو. ان بعد 89-1988ع ڌاري سگا شاخ مورو جو صدر پڻ رهيو مورو شهر جي سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو ورتائين مورو شهر جي مڙني علمي ادبي سماجي ۽ ثقافتي تنظيمن سان هيمشه ڀرپور سهڪاري رهيو ڪجهه حالتن سبب مورو شهر مان لڏي حيدرآباد هليو ويو آخري وقت ۾ بيماري ۾ مبتلا رهيو ۽ انتقال ڪري ويو پاڻ سگا مرڪزي رهنما مظهر ميمڻ جو ڀاءُ هو. سندس اولاد انجنيئر عبدالوحيد ميمڻ ۽ ٻيا ڀائر حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهن.

سال 87-1986ع:
نثار احمد ميمڻ: سندس والد جو نالو بصرالدين ميمڻ هو. سندس وڏڙا اصل ۾ گچيري شهر جا رهواسي هئا. ڪتاب مورو ناهي ٿورو جي ليکڪ محمد مٺل ڪمالاڻي هن خاندان جو ذڪر ڪيو آهي. سندس جنم تاريخ 5 ڊسمبر 1961ع ڌاري موري ۾ ٿيو. پرائمري تعليم موري شهر مان حاصل ڪيائين ۽ انٽر مهراڻ ڪاليج مورو مان ڪيائين. گريجوئيشن ڪرڻ بعد سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو ميمبر بڻيو. 1983ع ڌاري سگا مرڪزي ڪنوينشن مورو ۾ ٿيو ۽ ان کان پوءِ سماجي ڪمن ڪارين ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو. سندس امڙ جيجل پڻ شهر اندر غريب مسڪين، بي پهچ ماڻهن جا طبي علاج ڪندي هئي ۽ گهر ۾ ديني تعليم جو درس پڻ ڏيندي هئي. پاڻ سگا شاخ موري جو ڪافي عرصي تائين جنرل سيڪريٽري رهيو برانچ ۾ سماجي سرگرمين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين اڄ ڏينهن تائين سندس سڃاڻپ سگا حوالي سان آهي مڃتا طور کيس شيلڊ پڻ مليل آهي. سگا کان علاوه مورو جي ٻين ڪيترن ئي سماجي تنظيمن سان لاڳاپيل رهندو پيو اچي يونايٽيڊ ايجوڪيشنل ويلفيئر سوسائٽي جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ موري شهر جي علمي ادبي، سماجي، ثقافتي، تنظيمن سان پڻ لاڳاپيل آهي. سگا سان گڏوگڏ فقيرن، صوفين، درويشن ۽ درگاهن سان عقيدت مندي ۽ روحاني تعلق رکندو اچي ٿو. سندس هڪ پٽ مسرور جان نثار سرڪاري ملازمت ڪري حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.

ڄام انيس الرحمان: سندس جنم 3 اپريل 1964ع ڌاري ٿيو. سندس والد جو نالو ڄام امام بخش آهي. پاڻ پرائمري تعليم مين پرائمري اسڪول مورو مان حاصل ڪيائين ۽ ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شهدادپور مان 1980ع ڌاري ڪيائين. مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو مان مڪينيڪل جي شعبي ۾ انجنيئرنگ جي ڊگري 1989ع ڌاري حاصل ڪيائين. ان بعد سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ جو ميمبر ٿيو ۽ بعد ۾ پاڻ سگا مورو شاخ جو صدر رهيو آهي سگا سان سٺو ساٿ نڀايائين اڃا تائين پڻ بهترين همدرد ۽ ميمبر آهي سئي سدرن گئس ڪمپني ۾ انجنيئر آهي سندس وقت ۾ سگا شاخ مورو ڪافي سرگرم رهي. جن ۾ صحت جي شعبي ۾ ميڊيڪل ڪئمپ، چمڙي جي بيمارين واري ڪئمپ، هفتيوار مناهي ڳوٺ ۾ جمعا ڪلينڪ ان سان گڏوگڏ ثقافتي ميڙاڪا ۽ تعليمي شعبي ۾ سيمينار ۽ پروگرام شامل آهن.

شفيق احمد ميمڻ: شفيق احمد ميمڻ جو جنم 1968-11-25 تي شهر مورو ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو سائين استاد مشتاق احمد ميمڻ آهي. سندس رهائش سيد محلا ۾ اٿس. پاڻ پرائمري تعليم سيد احمد شاھ اسڪول مان ورتائين. ان بعد ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مورو مان ڪيائين. انٽر سائنس مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو مان 1985ع ڌاري ڪرڻ بعد قائدِ عوام يونيورسٽي نوابشاھ ۾ اليڪٽريڪل جي شعبي ۾ داخلا حاصل ڪيائين ۽ 1990ع ڌاري انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪيائين. جنهن کان پوءِ سگا جو ميمبر بڻيو ۽ 93-1992ع ڌاري شاخ مورو جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. پاڻ تمام ذهين ۽ هوشيار آهي قائد عوام يونيورسٽي ڪاليج نوابشاھ مان انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪيائين KESC ڪراچي ۾ انجنيئر رهيو هن وقت سعودي عرب ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي.

سال 91-1990ع:
عبدالحميد ميمڻ: ولد محمد ابراهيم ميمڻ جو جنم 1962-09-05 تي مورو ۾ ٿيو 91-1990ع ڌاري سگا شاخ مورو جو صدر ٿيو پاڻ نوجوان ۽ همٿ وارو آهي سگا جي ڪمن ڪارين ۾ ڀرپور حصو ورتائين پيشي جي لحاظ کان وڪيل ۽ بلڊرز پڻ آهي مورو شهر ۾ رهائش جي جديد سهولتن جو رواج پاڻ وڌائين شهر اندر باءِ پاس لڳ مورو باءِ پاس ٽائون رٿا سندس ڪامياب ڪوششون ثابت ٿيون ان کان علاوه گارڊن سٽي هيون سٽي، بزم اوينيو ۽ ٻيون هائوسنگ پلاٽ اسڪيمون پڻ هلائي رهيو آهي سندس هڪ ڪتاب آتم ڪٿا ’گهاريل گهڙيون‘ پڻ ڇپيل آهي مڃتا طور کيس ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليل آهن.

97-1996ع:
اياز محمد راڻو: ولد محمد حسن ميمڻ جو جنم 1960-05-03 ڌاري موري ۾ ٿيو، 97-1996ع ڌاري سگا شاخ مورو جو جنرل سيڪريٽري رهيو. سگا جو پراڻو ساٿي ۽ ورڪر آهي پاڻ اصل مورو شهر جو رهواسي هئڻ سان گڏوگڏ ڪراچيءَ ۾ پڻ رهائش پذير آهي سگا جي ڪمن ڪارين ۾ هڙان وڙان گرمي توڙي سردي، پروگرام، سالگرھ تقريبون ڪنوينشن ۾ نمايان نظر پيو ايندو. سگا جو اڻٿڪ ۽ جاکوڙي ورڪر آهي ۽ بلڊ بئنڪ ڪيمپون لڳرايون مڃتا طور کيس سگا طرفان ايوارڊ شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ مليل آهن.

99-1998ع:
حفيظ الرحمان شيخ ولد قادر بخش شيخ 1963-08-21 تي مورو شهر ۾ جنم ورتو، پرائمري تعليم سيد احمد شاھ اسڪول مورو مان ورتائين. ان بعد ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. انٽر مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو مان 1981ع ڌاري ڪيائين. ان بعد لا ڪاليج حيدرآباد ۾ وڪالت جي ڊگري 1984ع ڌاري پاس ڪيائين. جنهن کان پوءِ پاڻ وڪالت جي شعبي ۾ داخل ٿيو. سگا شاخ موري جو ميمبر پڻ ٿيو ۽ 99-1998ع ڌاري سگا شاخ جو صدر پڻ رهي چڪو آهي سندس خانداني تعلق شهر جي زميندار گهراڻي شيخ خاندان سان آهي پاڻ نوجوان ۽ جستجو ڪندڙ، همدرد ۽ هڏ ڏوکي پڻ آهي پيشي جي لحاظ کان وڪالت ۽ زمينداري ڪندو رهي ٿو 2002ع ڌاري بلدياتي اليڪشن ۾ تعلقي مورو جو نائب ناظم پڻ رهي چڪو آهي سال 18-2015ع ۾ سگا شاخ مورو جو جنرل سيڪريٽري چونڊجي آيو. سندس عرصي ۾ بلڊ بئنڪ، ڪئمپ، ملهه رانديون ٻيون سرگرميون پڻ رهيون، کيس مڃتا طور سگا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ مليل آهي.

غلام نبي سيال ولد عبدالله خان سيال: 24 مئي 1966ع ڳوٺ حاجي جان محمد سيال ۾ جنم ورتو. تعليم حاصل ڪرڻ بعد رائيس ايڪسپورٽ ڪارپوريشن ۾ ملازمت اختيار ڪيائين ۽ ڪافي عرصو سرڪاري ملازم پڻ رهيو. سنڌي آرٽ ۽ فن سان سندس بيحد دلچسپي رهي ۽ ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن ۽ فن جي دنيا ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ حصو ورتائين. ان بعد کيس سماجي ڪمن ڪارين جو شوق پيدا ٿيو ۽ سگا ۾ ميمبرشپ حاصل ڪيائين. جنهن کان پوءِ سگا موري ۾ 99-1998ع ڌاري شاخ جو جنرل سيڪريٽري بڻيو. سگا سان تمام گهڻو ساٿ نڀايائين. ڪافي عرصو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو بعد ۾ ڪراچي سگا هيڊ آفيس ۾ ڪجهه وقت ملازمت اختيار ڪيائين پوءِ مرڪزي انفرميشن سيڪريٽري پڻ بڻيو. هن وقت نوابشاھ وفاقي حڪومت جي تعليمي پراجيڪٽ ۾ آفيسر آهي هن جي عرصي ۾ مورو شاخ ۾ چمڙي ڪيمپ، ليڪچر پروگرام، تعليمي ڪانفرنس، ڪلچر پروگرام ٿي گذريا کيس مڃتا طور ايوارڊ پڻ مليل آهن.

02-2000ع:
نظر حسين ميمڻ ولد ڪوڙو خان ميمڻ: 1958-08-09 مورو شهر ميمڻ محلا ۾ جنم ورتو، پرائمري تعليم احمد شاھ اسڪول ۽ ميٽرڪ هاءِ اسڪول مورو مان ڪيائين. انٽر ۽ بي اي مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو مان ڪيائين. کيس سماجي ڪمن ڪارين ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق رهيو ۽ پاڻ سگا ۾ ميمبر شپ حاصل ڪيائين. ان بعد سال 2001-2000ع ڌاري سگا شاخ مورو جو صدر رهيو پاڻ سگا جو پراڻو ساٿي آهي ان کان علاوه ٻين به ڪيترين ئي سماجي تنظيمن حاجي ڀلي ڏنو ميمڻ ويلفيئر ايسوسيئيشن، ينگ ميمڻ ويلفيئر، الفلاح مورو سان لاڳاپيل رهيو آهي سندس ذاتي ڪوششون پڻ فلاحي ڪمن لاءِ وڌ ۾ وڌ رهيون آهن بلڊ بئنڪ، زڪوات عشر ۽ ٻيا پڻ سندس انيڪ خيراتي ڪم ساراھ جوڳا آهن کيس ايوارڊ پڻ مليا آهن سال 18-2015ع ڌاري سگا شاخ مورو ۾ نائب صدر رهيو آهي ۽ سگا مرڪز طرفان کيس بهترين ورڪر جو ايوارڊ پڻ مليو. سندس اولاد انجنيئر فيصل نظر، انجنيئر ياسر نظر ۽ آصف نظر بئنڪ آفيسر آهي هن وقت حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.

04-2002ع:
فقير عبدالجبار ميمڻ: سندس جنم 4 اپريل 1956ع ڌاري مورو شهر ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو عبدالله خان ميمڻ هو. جيڪو سنڌ حڪومت جي ٻيلي کاتي ۾ رينج فاريسٽ آفيسر ٿي رهيو ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن سجاول، سانگهڙ، شڪارپور ۽ ٻين هنڌن تي ملازمت ڪيائين. هن پرائمري تعليم مين پرائمري اسڪول مورو ۽ ميٽرڪ هاءِ اسڪول مورو مان ڪرڻ بعد انٽر ۽ بي اي مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو مان ڪيائين. پاڻ نوڪري ڪرڻ بدران ڪاروبار کي وڌيڪ اهميت ڏني سندس مهراڻ بڪ اسٽور جي نالي سان ڪتاب گهر کيڙا بازار ۾ رهيو آهي. سگا شاخ جو پراڻو ميمبر آهي ڪافي عرصو شاخ ۾ خزانچي جي عهدي تي رهيو ۽ سال 03-2002ع ڌاري سگا جو صدر بڻيو، سگا سان سندس پراڻو ساٿ آهي هن وقت پاڻ سئي گئس ڪنيڪشن واسطي ٺيڪيدار طور ڪاروبار ڪندو رهي ٿو. سندس اولاد ۾ ٽي پٽ عبدالشڪور نادرا ۾ آفيسر، غلام شبير ۽ عبدالرسول ميمڻ شامل آهن جيڪي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ رهائش پذير آهن.

رضا ايوب لانگاھ: سندس جنم 9 مئي 1969ع ۾ مورو شهر ۾ بيگن پير محلا ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو ولي محمد لانگاھ آهي. پرائمري تعليم مين پرائمري اسڪول مورو مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ هاءِ اسڪول مورو 1985ع ڌاري، انٽر مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو مان حاصل ڪيائين ان بعد ايم اي سنڌي، ايڪانامڪس ۽ پوليٽيڪل سائنس شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. 1992ع کان تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجا فرائض انجام ڏئي رهيا آهن. 1985ع کان وٺي ادبي دنيا ۾ آيا جنهن ۾ شاعري، نثر نويس، مضمون نگاري ۽ سنڌ ادب لاءِ لکندا رهن ٿا. هن وقت تائين 31 سنڌي ڪتابن جا مهاڳ لکي چڪا آهن. سندس شاعري جا 2 ڪتاب مارڪيٽ ۾ ڇپجي چڪا آهن. جن ۾ هڪ ڪتاب دعائون ننڊ مان جاڳيون سال 2014ع ۽ ٻيو مان دراوڙ ديس جو 2018ع ۾ ڇپجي اچي چڪا آهن. ڪجهه وقت لاءِ سگا شاخ جو جنرل سيڪريٽري رهيو ۽ سنڌي ادبي سنگت سان ويجهڙائي رهي اٿس.

06-2004ع:
غلام رضا ميمڻ: سندس والد زوار فقير حاجي نور محمد ميمڻ 1952ع ڌاري هالا شهر کان لڏي موري ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. کيس اولاد غلام رضا ميمڻ، محمد خان ميمڻ، اشفاق احمد ميمڻ ۽ محبوب ميمڻ عطا ٿيا. پاڻ شاهي بازار مورو ۾ سونارڪو دوڪان کوليائين ۽ موري شهر جي راڄن ڀاڳن، برادرين، ذاتين ۽ رهواسين سان محبت ۽ فقيراڻي صحبت اختيار ڪيائون. جنهن ڪري کين سڀئي شهر واسي عزت ۽ احترام جي نگاھ سان ڏسندا هئا. غلام رضا ميمڻ جو جنم 1 مئي 1959ع تي ٿيو. پرائمري تعليم سيد احمد شاھ اسڪول، ميٽرڪ هاءِ اسڪول مورو، انٽر مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو مان ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم اي اڪانامڪس جي ڊگري حاصل ڪيائين. بنيادي طرح سماجي ڪمن ڪارين ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو ۽ سگا جي ميمبرشپ پڻ حاصل ڪيائين. ان بعد سال 06-2004ع ڌاري سگا شاخ مورو جو صدر بڻيو. پاڻ ڪيترائي فلاحي ڪم ڪيا. سگا جو پراڻو ورڪر، ساٿي همدرد ۽ قومپرست نظريي سان تعلق رکندڙ هو. سگا مڃتا طور کيس لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو سندس ڀاءُ محمد خان ميمڻ سگا شاخ مورو جو نائب صدر رهيو آهي جيڪو موري شهر جي سماجي ڪمن ڪارين ۾ پڻ اڳڀرو آهي. ان سان گڏوگڏ شهر اندر سونارا ايسوسيئيشن جو صدر ۽ شهري امن ڪاميٽي جو پڻ عهديدار آهي ۽ سماجي خدمتون سرانجام ڏيندو رهي ٿو. غلام رضا ميمڻ جو انتقال 2005ع ڌاري ٿيو. ۽ سندس تدفين هالا شهر جي مخدوم سرور نوح درگاھ جي احاطي ۾ واقع قبرستان ۾ ٿي. کيس اولاد ٻه نياڻيون ۽ ٽي پٽ آهن جن ۾ آصف رضا پڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو جو ميمبر آهي.

محمد حنيف سومرو ولد محمد صفر سومرو 2 آڪٽوبر 1965ع ڌاري مورو شهر ۾ جنم ورتو، سندن اصل رهائش سبزي مارڪيٽ مورو ۽ بعد ۾ الصادق ڪالوني مورو ۾ رهائش پذير ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم مين پرائمري اسڪول مورو مان حاصل ڪئي. ان بعد ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مورو مان 1981ع ڌاري ۾ پاس ڪيائين. انٽر مهراڻ ڪاليج مورو مان ڪرڻ بعد گريجوئيشن ۽ ايم اي ڪيائين. سرڪاري ملازمت ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ذاتي ڪاروبار کي وڌيڪ ترجيح ڏني ۽ ان سان گڏوگڏ علم ادب ۽ سياسي سماجي شعور حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي ورتائين ۽ عوامي تحريڪ ۾ سرگرم عمل رهيو. سماجي ڪمن ڪارين ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو ۽ سگا جو ميمبر ٿيو ان بعد سال 06-2004ع دوران جنرل سيڪريٽري رهيو ۽ سگا جي سماجي ڪمن ۾ حصو ورتائين. ان کان پوءِ وڪالت جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن وقت ڪراچي ۾ هاءِ ڪورٽ اندر پريڪٽڪس ڪندو رهي ٿو ۽ اتي رهائش پذير آهي.

سال 09-2006ع ۽ 2012-2009ع ۽ 15-2012ع:
غلام الله ميمڻ ولد عبدالڪريم ميمڻ جو جنم تاريخ 3 مارچ 1963ع ڌاري موري شهر ۾ ٿيو. ڪتاب مورو ناهي ٿورو جي ليکڪ مٺل ڪمالاڻي مورو جي قديم راڄن جو احوال ۾ ميمڻ قبيلي جي مختلف پاڙن بابت لکيو آهي. جنهن ۾ سندن بولاڻي پاڙي جو ذڪر ڪيو ويو آهي. سندس وڏو ڀاءُ امان الله ميمڻ ۽ ننڍا ڀائر عزيز الله ۽ غلام مجتبيٰ آهن. پاڻ پرائمري تعليم بعد ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مورو مان ڪيائين ۽ انٽر مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو مان حاصل ڪيائين. ان بعد لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل ايل بي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان حاصل ڪيائين. وڪالت جي شعبي ۾ داخل ٿيو. هن وقت هاءِ ڪورٽ جو وڪيل آهي. تعلقي بار ايسوسيئيشن مورو جو صدر پڻ رهي چڪو آهي. پاڻ انتهائي ذهين قابل وڪيلن ۾ شمار ٿئي ٿو. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو جو پراڻو ساٿي ۽ ميمبر آهي. سال 09-2006ع ۽ سال 12-2009ع ۽ 15-2012 شاخ اندر سگا جو صدر چونڊجي آيو سال 2009ع ڌاري سگا جو مرڪزي ڪنوينشن مورو ۾ يونائيٽيڊ پبلڪ اسڪول باءِ پاس ٽائون مورو ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ سڄي سنڌ جي سگا ساٿين شرڪت ڪئي ٽن ڏينهن وارو ڪنوينشن نومبر 14 تاريخ سال 2009ع ۾ شروع ٿيو هن جي عرصي ۾ شاخ اندر چمڙي ڪئمپ، هيپاٽائيٽس ۽ مختلف ڪيمپ پڻ لڳايون ويون آهن. سال 2010ع ڌاري آيل مهاٻوڏ دوران متاثرين جي مالي مدد لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتائين، سندس سماجي ڪمن ڪارين ۾ تعليمي، ثقافتي ۽ صحت جي شعبن ۾ سرگرميون تمام گهڻيون رهيون آهن. سندس هڪ پٽ انجنيئر ٻيو ايڊووڪيٽ نالي مٺو ۽ هڪ نياڻي ڊاڪٽر آهي.

شفيع محمد ڀٽي ولد حاجي ڳهڻو ڀٽي جو جنم 1964-01-14 تي ڳوٺ ڏتل ڀٽيءَ ۾ ٿيو، پرائمري تعليم ڳوٺ ڏتل ڀٽيءَ ۾ ورتائين ۽ ميٽرڪ گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز مان ورتائين. ان بعد زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ روزگار سانگي زرعي دوائن جي مختلف ڪمپنين ۾ رهندو آيو آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو ۾ سال 2002ع ڌاري ميمبر شپ حاصل ڪيائين ۽ ان بعد سال 09-2006ع ۽ سال 12-2009ع ۽ سال 15-2012ع ڌاري شاخ سگا مورو جو جنرل سيڪريٽري رهيو. سگا جو همدرد ۽ جاکوڙي ورڪر آهي سندس سماجي خدمتون پنهنجي علائقي لاءِ پڻ ساراھ جوڳيون آهن. پاڻ هن وقت ڏيپارجا شهر ڳوٺ سڌار سنگت ۽ ٻين سماجي تنظيمن سان وابسته رهندو اچي ٿو. هن وقت لوڪل باڊيز جي اليڪشن کانپوءِ يونين ڪائونسل صالح پور جو چيئرمين پڻ آهي.

18-2015ع ۽ 21-2018ع:
اسلم عباسي ولد حاجي الهداد عباسي موري ڀرسان ڳوٺ علي بخش ڪلهوڙو ۾ 25 نومبر 1968ع تي جنم ورتو. لکڻ جي شروعات 1985ع کان شروع ڪيائين. شروعات ۾ آزاد نظم ۽ ٽيڙو لکيا. بعد ۾ نثرنويسي لکڻ شروع ڪيائين. علم و ادب ۽ تاريخ سان بيحد دلچسپيءَ جي سبب ڪيترائي تاريخي سيمينار منعقد ڪرايا آهن ۽ سنڌ جي تاريخ متعلق هيٺيان ڪتاب ايڊٽ ڪيا آهن، جن ۾:
1- ميان غلام شاهه ڪلهوڙو ــ سنڌ جو شاهجهان
2- ڪلهوڙو دؤر: هڪ مطالعو
3- ضلعو نوشهروفيروز: تاريخ جي آئيني ۾
4- مورو: تاريخ ۽ ثقافت
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن مورو سان 1991ع کان وٺي وابستگي رهي اٿس ۽ ڪيترائي دفعا شاخ ۾ ميمبر ڪاروباري ڪميٽي رهندو اچي ٿو. سال 18-2015ع ۽ 21-2018ع سگا موري شاخ جو صدر چونڊجي آيو آهي.

وزير فرهاد سولنگي ولد محمد يوسف سولنگي 5 جون 1967ع ۾ ڳوٺ مياڻي ٺٽ ڳوراهو ۾ ڄائو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتائين ۽ مئٽرڪ مٺياڻي هاءِ اسڪول مان ڪيائين. پيشي جي لحاظ کان بهترين اُستاد آهي. پاڻ مٺياڻي کان لڏي موري شهر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي آهي. ۽ مورو شهر جي علمي، ادبي ادارن، سماجي تنظيمن، ثقافتي ۽ ڊراميٽڪ سوسائٽين جو روح روان آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي. هن وقت سگا شاخ مورو جو جنرل سيڪريٽري آهي. ان سان گڏوگڏ پاڻ بهترين اديب، شاعر، ليکڪ، ڊرامانگار، اداڪار ۽ شو بز جي دنيا ۾ پڻ لکندو رهي ٿو. هن وقت به سندس ڪيترائي تحقيقي مضمون، مقالا ۽ شخصيتن بابت پروفائيل ڇپجندا رهن ٿا. پاڻ هڪ بهترين علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي شخصيت به آهي.

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جا ڪراچي ۾ مورائي ساٿي

اسد الله کيڙو:
موري تعلقي جي اولهه ۾ سنڌو درياھ لڳ تاريخي ڳوٺ ملڪ جيڪو ڏيپارجه لڳ آهي. کيڙا خاندان زمينداري ۽ سياست ۾ مشهور رهيو آهي. اتان جو رهواسي اسدالله کيڙو جو جنم 4 مارچ 1936ع ڌاري رئيس محمد بخش خان کيڙي جي گهر ۾ ٿيو. پرائمري تعليم مقامي اسڪول ڳوٺ ملڪ ۾ حاصل ڪيائين. جتي هندو استاد پڙهائيندا هئا. مئٽرڪ پنهنجي سئوٽ رئيس علي اصغر کيڙي سان گڏ لوڪل گورنمينٽ نوابشاھ مان 1954ع ڌاري پاس ڪيائين. ان بعد سنڌ مسلم ڪاليج سائنس ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ ويو. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي ايس سي آنرز ۽ ايم اي پوليٽيڪل سائنس جي 1958ع ڌاري ڊگري حاصل ڪيائين ۽ پوءِ ايل ايل بي وڪالت جي ڊگري به ورتائين. گورنمينٽ ڪاليج نوابشاھ ۾ ڪجهه عرصو سرڪاري ملازمت ليڪچررشپ پڻ ڪيائين. ان بعد زمينداري ۽ وڪالت ڪرڻ شروع ڪيائين. قاضي احمد ڀرسان سندس زمين هوندي هئي. سگا جو مرڪزي چيئرمين پڻ رهيو. 13 آگسٽ 2016ع تي وفات ڪيائين. سندس تدفين دادو ۾ ٿي، ڇاڪاڻ ته سندس اباڻو خاندان دادو ۾ رهندو هو. کيس ڪوبه اولاد عطا نه ٿيو. غريب، مسڪين، بي پهچ ماڻهن جي مدد پڻ ڪندو رهندو هو ۽ دوست يارن جو ڀرجهلو پڻ هو. آخري ڏينهن ۾ جن هارين سندس خدمت ڪئي ۽ پرگهور لڌي، انهن کي موٽ ۾ 70 ايڪڙ زمين لکت ۾ ڏيئي ڇڏيائين. جيڪو سندس زندگيءَ جو وڏو سماجي ڪارنامو آهي.

غلام نبي مورائي:
غلام نبي مورائي سگا جو تاحيات ميمبر آهي. مورائي صاحب گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي. شاگردي واري زماني ۾ ڪيئي ڀيرا جيل ويو. 1970ع واري يحيٰ خان جي مارشل لاءِ واري زماني ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي جي جيلن ۾ ڇهه مهينا قيد ڪاٽيائين. سرڪاري نوڪري دوران سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب ۾ NHA جو جنرل مينيجر ٿي رهيو موري شهر جي سماجي ڪمن ۾ هميشه اڳڀرو رهيو سنڌ جي قومي تحريڪ جو قابل اعتماد ساٿي ان وقت قومي گيت ڳائي عوام کي سجاڳيءَ جو پيغام ڏنو. 1988ع ۾ ٿيندڙ لساني جڳهڙن ۾ قاسم آباد ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر جي حيثيت سان متاثر ٿيندڙ سنڌي ماڻهن جي جنهن نموني سان مدد ڪئي اها پنهنجو مثال پاڻ آهي سندس مثالي ڪارڪردگي عيوض 1990ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران کيس گولڊ ميڊل ايوارڊ ڏنو ويو. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي ’مهراڻ ٽي وي چينل‘ حيدرآباد جو مالڪ آهي.

عبدالرحمان سيال:
عبدالرحمان سيال سگا جي پراڻن ساٿين ۾ ليکيو وڃي ٿو. سگا لاءِ پنهنجي هڙان وڙان گهڻو ڪجهه ڪندو رهندو آهي سيال صاحب چانورن جي اداري رائيس ايڪسپورٽ ڪارپوريشن ۾ ڊائريڪٽر رهي چڪو آهي پاڻ شهر موري کان ٿورو پري ڳوٺ جان محمد سيال جا رهاڪو آهن ۽ هن وقت ڪراچي ۾ رهائش پذير آهن ۽ سگا ڪراچي شاخ جا صدر پڻ رهي چڪا آهن مرڪزي عهديدار پڻ رهي چڪو آهي.

ولي محمد روشن:
سڀ کان وڌيڪ عرصو مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي خدمتون انجام ڏيندڙ جناب ولي محمد روشن سگا جي اوائلي ساٿين ۾ ڳڻيو وڃي ٿو پاڻ اصل موري کان اُتر نوان جتوئي روڊ ڀرسان ڳوٺ دودو ڀنڀرو جا رهاڪو آهن. پاڻ انتهائي قوت برداشت جا مالڪ، ڪم جا ڪوڏيا مڙني ڪارڪنن سان محبت رکندڙ آهن، روشن صاحب سرڪاري ملازمت تان رٽائر ڪيائين ۽ سال 12-2009ع لاءِ سگا مرڪزي سيڪريٽري جنرل پڻ رهي چڪو آهي.

مولا بخش چنڊ:
مولا بخش چنڊ صاحب سگا ڪراچي شاخ جا جنرل سيڪريٽري رهي چڪا آهن پاڻ هر وقت فلاحي ڪمن ۾ مشغول هوندا آهن سندس شمار سگا جي محنتي ساٿين ۾ ليکيو وڃي ٿو هن وقت ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي اصل موري شهر کان اوڀر طرف ٿورو پري چنڊن جي ڳوٺ جا رهاڪو آهن.

سائين بخش عباسي:
سائين بخش سگا جي بنيادي ميمبرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو پاڻ اصل موري کان 8 ڪلوميٽر پري اوڀر طرف ڳوٺ دائم ڪلهوڙي جا رهواسي آهن. سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪرڻ بعد انڪم ٽيڪس ۾ ملازمت اختيار ڪيائين عباسي صاحب ڪافي وقت سگا ۾ سرگرم رهيو هن وقت ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي.

قاضي مشتاق احمد:
قاضي مشتاق احمد سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جا ميمبر ۽ همدرد رهيا آهن پاڻ وفاقي توڙي صوبائي ملازمت دوران ڪيترن ئي هنڌن تي ڊائريڪٽر ۽ سيڪريٽري رهيا. قاضي صاحب سنڌ جي ماڻهن کي نوڪرين ڏيارڻ جي سلسلي ۾ ڪافي مددگار رهيا آهن ۽ ڪيترن ئي نوجوانن کي نوڪريون پڻ وٺرائي ڏنيون اٿن پاڻ اصل موري جا آهن. سال 2018ع ڌاري وصال ڪري ويا آهن.

پروفيسر مظهرالدين ميمڻ (مرحوم)
ايسوسيئيشن جي لاءِ هڪ سرمايو هيو جنهن جو خال شايد ئي ڀرجي سگهجي مظهر مرحوم سگا لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيو هو سگا لاءِ هڪ بهترين منتظم هيو. جيئن ته سندس شعبو درس وتدريس هيو ان ڪري پاڻ سگا جي روشن تارا اسڪولن لاءِ جنهن نموني رٿابندي ڪيائين اها پنهنجو مٽ پاڻ هئي پاڻ سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي ڪافي سال رهيا سگا لاءِ پنهنجي پاڻ ارپيندڙ هن عظيم هستي کي سگا جا ساٿي هميشه ياد رکندا سندس مزار موري شهر جي خليفي قبرستان ۾ آهي. سندس فرزند ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ سگا جو ميمبر ۽ هر سال مفت چمڙي ڪئمپ لڳائيندو رهي ٿو. سندس ٻيو فرزند پرويز احمد هن وقت همدرد يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ رجسٽرار آهي.

اشارت حسين ميمڻ:
اشارت حسين مميڻ ولد محمد صديق ميمڻ ”دلبر“ جنم سيد محلا مورو ۾ ورتائين. پاڻ هن وقت ڪراچي ۾ KESC ۾ ملازم آهي گڏوگڏ ڪافي عرصي کان سگا ميمبر ۽ سگا هيڊ آفيس ۾ شام جو ملازمت به ڪندو رهي ٿو سگا جي بهترين ورڪر ۽ سٺن ساٿين ۾ ليکيو وڃي ٿو تازو پاڻ هڪ ڪتاب ”سگا سهائي“ سال 2008ع ۾ سهيڙيو آهي ۽ مرتب پاڻ آهي.

1976 کان 2018 تائين عهديدارن ۽ ميمبرن جو تفصيل:

سال 1976ع:
محمد ايوب وينجهر (صدر)
محمد اسحاق چنه (نائب صدر)
محمد خان سومرو (جنرل سيڪريٽري)
نذير احمد قاضي (جوائنٽ سيڪريٽري)
عظيم سنڌي (اطلاعات سيڪريٽري)
رحيم بخش ميمڻ (خزانچي)
صلاح الدين پنهور (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
شفيع محمد پنهور (مميبر ڪاروباري ڪاميٽي)
عبدالقادر ابڙو (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
گل حسن ڪانڌڙو (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
غلام رسول سرهيو (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)

سال 1977ع:
ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ (صدر)
محمد خان سومرو (نائب صدر)
نذير احمد قاضي (جنرل سيڪريٽري)
محمد صديق ”دلبر“ (جوائنٽ سيڪريٽري)
عظيم سنڌي (اطلاعات سيڪريٽري)
رحيم بخش ميمڻ (خزانچي)

سال 1978ع:
ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ (صدر)
رب پرتو انصاري (نائب صدر)
عظيم سنڌي (جنرل سيڪريٽري)
سليم جمال ميمڻ (جوائنٽ سيڪريٽري)
رحيم بخش ميمڻ (خزانچي)
اختر مورائي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
صلاح الدين پنهور (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
عبدالقيوم صديقي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
نذير احمد قاضي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
محمد نوح ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
رسول بخش ٻگهيو (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)

سال 1979ع:
ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ (صدر)
محمد خان سومرو (نائب صدر)
عظيم سنڌي (جنرل سيڪريٽري)
اختر مورائي (جوائنٽ سيڪريٽري)
عطا محمد ميمڻ (اطلاعات سيڪريٽري)
غلام نبي سمون (خزانچي)
سيد علي بخش شاھ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
حاجي محمد عاقل سولنگي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
نذير احمد قاضي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
جان محمد ايم عطار (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
صلاح الدين پنهور (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
رب پرتو انصاري (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)

سال 1980ع:
ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ (صدر)
اختر مورائي (نائب صدر)
عظيم سنڌي (جنرل سيڪريٽري)
غلام الله ميمڻ (جوائنٽ سيڪريٽري)
غلام نبي سمون (خزانچي)
رب پرتو انصاري (اطلاعات سيڪريٽري)
ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
محمد زمان پنهور (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
جمال الدين مومن (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
جان محمد ايم عطار (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
صلاح الدين پنهور (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
محمد هارون ٻلال (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)

سال 82-1981ع:
واحد بخش شيخ (صدر)
اختر مورائي (نائب صدر)
ڊاڪٽر محمد لائق زرداري (جنرل سيڪريٽري)
عبدالله خان ڪورائي (جوائنٽ سيڪريٽري)
رب پرتو انصاري (خزانچي)
محمد يونس سولنگي (اطلاعات سيڪريٽري)
سيد علي بخش شاھ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
محمد صديق دلبر (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
منظور احمد قريشي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
نذير احمد قاضي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
صلاح الدين پنهور (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
محمد هارون ٻلال (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
عظيم سنڌي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)

سال 84-1983ع:
نذير احمد قاضي (صدر)
محمد علي قاضي (نائب صدر)
شفيع محمد ميمڻ (جنرل سيڪريٽري)
هارون ٻلال (جوائنٽ سيڪريٽري)
رب پرتو انصاري (خزانچي)
عظيم سنڌي (اطلاعات سيڪريٽري)
سيد علي بخش شاھ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
احسان علي لغاري (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
محمد بخش سيهڙ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
نذير احمد سومرو (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
محمد صديق دلبر (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
واحد بخش شيخ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
حاجي رسول بخش ٻگهيو (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
حاجي محمد يونس سولنگي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
محمد ڇٽل ابڙو (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)

سال 1985ع:
غلام رسول سرهيو (صدر)
عبدالجبار ميمڻ (نائب صدر)
ڊاڪٽر محمد سليمان سولنگي (جنرل سيڪريٽري)
باز محمد سيال (جوائنٽ سيڪريٽري)
غلام مرتضيٰ ميمڻ (اطلاعات سيڪريٽري)
غلام عباس سرهيو (خزانچي)
ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
شير علي سومرو (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
سيد محرم علي شاھ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
غلام رضا ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
محمد بخش سيهڙ ( ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
امام الدين سولنگي ( ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
نثار احمد ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
عظيم سنڌي ( ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)ڍ

سال 87-1986ع:
ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ (صدر)
عبدالجبار ميمڻ (نائب صدر)
نثار احمد ميمڻ (جنرل سيڪريٽري)
شير علي سومرو (جوائنٽ سيڪريٽري)
سيد مظهر علي شاھ ڪاظمي (اطلاعات سيڪريٽري)
ڊاڪٽر سليمان سولنگي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
اعجاز حسين لغاري (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
نظر حسين ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
عظيم سنڌي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
محمد بخش سيهڙ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
احسان علي لغاري (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
غلام الله ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
نذير احمد ٻگهيو (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
سال 89-1988ع:
عبدالمجيد ميمڻ (صدر)
عبدالحميد ميمڻ (نائب صدر)
نثار احمد ميمڻ (جنرل سيڪريٽري)
غلام الله ميمڻ (جوائنٽ سيڪريٽري)
قاضي نورالدين (اطلاعات سيڪريٽري)
نظر حسين ميمڻ (خزانچي)
احسان علي لغاري (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
محمد بخش سيهڙ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
نذير احمد ٻگهيو (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
عبدالجبار ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
عظيم سنڌي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
ڊاڪٽر سليمان سولنگي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
نذير احمد ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)

سال 91-1990ع
عبدالحميد ميمڻ (صدر)
غلام رضا ميمڻ (نائب صدر)
نثار احمد ميمڻ (جنرل سيڪريٽري)
غلام الله ميمڻ (جوائنٽ سيڪريٽري)
نذير احمد مميڻ (اطلاعات سيڪريٽري)
عبدالجبار ميمڻ (خزانچي)
رسول بخش ٻرڙو (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
غلام رسول ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
عظيم سنڌي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
منظور علي جيسر (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
احسان علي لغاري (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
ڄام انيس الرحمان ( ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
شفيق احمد ميمڻ ( ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
عبدالستار ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
ڊاڪٽر سليمان سولنگي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)

سال 93-1992ع:
ڄام انيس الرحمان (صدر)
نثار احمد ميمڻ (نائب صدر)
شفيق احمد مميڻ (جنرل سيڪريٽري)
غلام الله ميمڻ (جوائنٽ سيڪريٽري)
عبدالرزاق ڪورائي (اطلاعات سيڪريٽري)
عبدالجبار ميمڻ (خزانچي)
ڊاڪٽر وجھ الدين ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
زاهد پرويز ڀٽي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
ڊاڪٽر سليمان سولنگي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
غلام الله ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
اعجاز رسول ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
ڊاڪٽر ممتاز ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
عبدالستار ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
عظيم سنڌي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
محمد اسلم عباسي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)

سال 95-1994ع:
ڄام انيس الرحمان (صدر)
ڊاڪٽر وجيهه الدين ميمڻ (نائب صدر)
نثار احمد ميمڻ (جنرل سيڪريٽري)
محمد اسماعيل ٻرڙو (جوائنٽ سيڪريٽري)
بشير احمد لغاري (اطلاعات سيڪريٽري)
اياز محمد ميمڻ (خزانچي)
ڊاڪٽر غلام شبير چوهاڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
عبدالجبار ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
عبدالجبار سومرو (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
امتياز حيدر ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
محمد صديق دلبر (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
حفيط الرحمان شيخ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
نظر حسين ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
اياز علي ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
محمد اسلم عباسي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)

سال 97-1996ع:
عظيم سنڌي (صدر)
غلام رضا ميمڻ (نائب صدر)
اياز محمد راڻو ميمڻ (جنرل سيڪريٽري)
نظر حسين ميمڻ (جوائنٽ سيڪريٽري)
بشير احمد لغاري (اطلاعات سيڪريٽري)
حفيظ الرحمان شيخ (خزانچي)
محمد صديق دلبر (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
شير علي ساٽي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
غلام اصغر سرهيو (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
محمد اسلم عباسي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
آفتاب احمد منگي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
عبدالجبار ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
لياقت علي ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
محمد يونس ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
ذوالفقار علي ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)

سال 99-1998ع:
حفيظ الرحمان شيخ (صدر)
نظر حسين ميمڻ (نائب صدر)
غلام نبي سيال (جنرل سيڪريٽري)
شميم اقبال سومرو (جوائنٽ سيڪريٽري)
انور ساگر ڪانڌڙو (اطلاعات سيڪريٽري)
عظيم سنڌي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
غلام رضا ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
اياز علي ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
آفتاب احمد منگي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
محمد اسلم عباسي (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
عبدالجبار ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
شهباز سومرو (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
لياقت علي ميمڻ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)
محمد حنيف سومرو (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي)

سال 2000ع کان 2002ع تائين عهديدار:
نظر حسين ميمڻ (صدر)
حفيظ الرحمان شيخ (نائب صدر)
غلام نبي سيال (جنرل سيڪريٽري)
عبدالحفيظ ميمڻ (جوائنٽ سيڪريٽري)
بشير احمد لغاري (پريس سيڪريٽري)
فقير عبدالجبار ميمڻ (خزانچي)

ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي:
غلام رضا ميمڻ
شهباز سومرو
خادم حسين شيخ
شير علي سومرو
محمد يونس ميمڻ
امتياز حيدر ميمڻ
ڪاشف مورائي
محمد حنيف سومرو
رضا لانگاھ

سال 2002ع کان 2004ع تائين عهديدار
فقير عبدالجبار ميمڻ (صدر)
پروفيسر شمشاد احمد سومرو (نائب صدر)
رضا ايوب لانگاھ (جنرل سيڪريٽري)
ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ شيخ (جوائنٽ سيڪريٽري)
ڪاشف اقبال ميمڻ (خزانچي)
بشير احمد لغاري (پريس سيڪريٽري)

ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي:
نظر حسين ميمڻ
غلام نبي سيال
حفيظ الرحمن شيخ
شير علي ساٽي
غلام رضا ميمڻ
رحمت الله شيخ
اسلم عباسي
ماھ لقا شيخ (عورت ميمبر)

سال 2004ع کان 2006ع تائين عهديدار:
غلام رضا ميمڻ (صدر)
نظر حسين ميمڻ (نائب صدر)
محمد حنيف سومرو (جنرل سيڪريٽري)
حفيظ الرحمان شيخ (جوائنٽ سيڪريٽري)
فقير عبدالجبار ميمڻ (خزانچي)
شمشاد احمد سومرو (پريس سيڪريٽري)

ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي:
وڪيل غلام الله ميمڻ
عبدالحفيظ ميمڻ
اسلم عباسي
عظيم سنڌي
شير علي سومرو
ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ
بشير احمد لغاري
وزير فرهاد سولنگي

سال 2006ع کان 2009ع تائين عهديدار:
غلام الله ميمڻ وڪيل (صدر)
نظر حسين ميمڻ (نائب صدر)
شفيع محمد ڀٽي (جنرل سيڪريٽري)
وزير فرهاد سولنگي (جوائنٽ سيڪريٽري)
فقير عبدالجبار ميمڻ (خزانچي سيڪريٽري)
بشير احمد لغاري (پريس سيڪريٽري)

ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي:
اسلم عباسي
غلام نبي سيال
پروفيسر شمشاد احمد سومرو
عظيم سنڌي
امام الدين سولنگي
عبدالحفيظ ميمڻ
حفيظ الرحمان شيخ
محمد حنيف سومرو
ڪاشف اقبال ميمڻ

سال 2009ع کان 2012ع تائين عهديدار:
غلام الله ميمڻ وڪيل (صدر)
محمد خان ميمڻ (نائب صدر)
شفيع محمد ڀٽي (جنرل سيڪريٽري)
مسعود احمد پيرزادو (جوائنٽ سيڪريٽري)
فقير عبدالجبار ميمڻ (خزانچي)
بشير احمد لغاري (پريس سيڪريٽري)


ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي:
اسلم عباسي
غلام نبي سيال
امام الدين سولنگي
عبدالحفيظ ميمڻ
غلام مصطفيٰ ڀٽي
عاشق حسين ميمڻ
محمد رفيق ميمڻ
آصف رضا ميمڻ
ڪاشف اقبال ميمڻ

سال 2012ع کان 2015ع تائين عهديدار:
غلام الله ميمڻ وڪيل (صدر)
نظر حسين ميمڻ (نائب صدر)
شفيع محمد ڀٽي (جنرل سيڪريٽري)
حفيظ الرحمان شيخ (جوائنٽ سيڪريٽري)
غلام مصطفيٰ ڀٽي (خزانچي)
بشير احمد لغاري (پريس سيڪريٽري)

ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي:
اسلم عباسي
غلام نبي سيال
امام الدين سولنگي
عبدالحفيظ ميمڻ
غلام مصطفيٰ ڀٽي
عاشق حسين ميمڻ
محمد رفيق ميمڻ
آصف رضا ميمڻ
ڪاشف اقبال ميمڻ

سال 2015ع کان 2018ع تائين عهديدار :
محمد اسلم عباسي (صدر)
نظر حسين ميمڻ (نائب صدر)
حفيظ الرحمان شيخ (جنرل سيڪريٽري)
وزير فرهاد سولنگي (جوائنٽ سيڪريٽري)
سرفراز ميمڻ (خزانچي)
وسيم الرحمان شيخ (پريس سيڪريٽري)

ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي:
ڊاڪٽر محمد لائق زرداري
عظيم سنڌي
ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ
نثار احمد ميمڻ
ڊاڪٽر وجھ الدين ميمڻ
اسد الله سولنگي
قاضي شفيع محمد
زاهد ڏيپر
غلام اصغر ميمڻ

سال 2018ع کان 2021ع تائين عهديدار :
محمد اسلم عباسي (صدر)
ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ (نائب صدر)
وزير فرهاد سولنگي (جنرل سيڪريٽري)
پروفيسر شمشاد احمد سومرو (جوائنٽ سيڪريٽري)
مخدوم اظهار احمد (پريس سيڪريٽري)
زاهد ڏيپر (خزانچي)

ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي:
ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو
اسدالله سولنگي
پروفيسر محمد سليمان سيال
زاهد حسين سيال
قاضي شفيع محمد قريشي
نظر حسين ميمڻ
حفيظ الرحمان شيخ
راشد مسعود عباسي
جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو

سگا شاخ مورو پنهنجي سماجي سرگرمين ذريعي تعلقي موري ۽ شهر آس پاس ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪئي آهي ۽ سماجي شعور ڏنو آهي. پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ سماجي ساڃاھ پيدا ڪئي آهي سگا جي ڪمن ڪارين کي سامهون رکندي ڪيترن ئي ماڻهن مختلف تنظيمون ۽ NGOs رجسٽرڊ ڪرايون آهن ۽ مختلف اهم ايجنڊا تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ سٺو ڪردار نڀائي رهيون آهن اهو اعزاز سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن کي آهي.
سگا شاخ مورو جو گذريل 42 سالن جو سفر سماجي ڪمن جي تاريخ سان ڀرپور شاندار آهي جنهن ۾ خاص طرح تعليم بابت سيمينار ڪوٺرائڻ بهترين استادن کي مڃتا طور ايوارڊ ڏيارڻ، غريب ۽ محنتي شاگردن ۾ مفت ڪتاب ۽ اسڪول ڊريسون ورهائڻ، اسڪولن اندر تعليمي معيار بابت سروي ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ صحت جي شعبي ۾ جمع ڪلينڪ ڳوٺ مناهين ۾ هلندڙ هئي جنهن ۾ ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، مقامي ڳوٺاڻو راهوجو ۽ اسڪائوٽ گروپ جو مظفر گلاباڻي خدمتون سرانجام ڏيندا هئا. اکين جي ڪئمپ، چمڙي بيماري بچاءُ واسطي ڪئمپ، هيپاٽائيٽس علاج، رت جي بلڊ بئنڪ، ثقافت ۽ ڪلچر بابت، ملهه راند، ڪٻٽي، ڪتابي ميلا، علمي، ادبي پروگرام ميوزيڪل پروگرام ۽ ٻيا ڪيترائي علمي، ادبي، تاريخي، ثقافتي ميڙاڪا منعقد ڪرائڻ ۾ سگا مورو پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. روشن تارا اسڪول سڄي سنڌ ۾ سڀ کان اول سگا مورو شاخ 1978ع ڌاري شروع ڪيو. بعد ۾ مهراڻ ايجوڪيشن سوسائٽي جوڙائي ان حوالي ڪيو ويو جيڪو اڄ ڏينهن تائين مورو ميونسپل ڪاميٽي طرفان مليل پلاٽ تي جوڙايل عمارت روشن تارا اسڪول نالي سان هلندڙ آهي. ان کان علاوه سگا شاخ مورو کي آفيس پڻ مورو ميونسپل ڪاميٽي ۾ ٻن ڪمرن تي مشتمل بلڊنگ مليل آهي جنهن ۾ آفيس لائبرري فرنيچر ۽ ٻيون ضرورت واريون شيون موجود آهن.


حوالا :
1. سوونيئر سلور جوبلي نمبر 2001ع سگا شاخ مورو، سهيڙيندڙ غلام نبي سيال
2. ڪتاب سگا سڪ سمونڊ سال 2002ع سگا جو تاريخي دستاويز سهيڙيندڙ: ماستر حيدر بخش.
3. سگا سهائي، 2009ع سهيڙيندڙ، اشارت حسين ميمڻ 1972ع کان ساليانيون رپورٽون 2007ع تائين
4. سگا شاخ مورو بابت معلومات، عظيم سنڌي تاريخ 28 فيبروري 2010ع
5. نثار احمد ميمڻ، سابق جنرل سيڪريٽري سگا مورو کان ورتل معلومات.
6. ڪتاب ”مورو ناهي ٿورو“، ليکڪ محمد مٺل ڪمالاڻي، 1987ع
7. ڪتاب ”مورو: تاريخ ۽ ثقافت“، سهيڙيندڙ: اسلم عباسي، 2010ع
8. رئيس علي اصغر کيڙي کان مليل معلومات، 2018ع

سگا مورو ٽي ساله ڪارڪردگي رپورٽ براءِ سال 18 -2015

---

رسم حلف برادري تقريب سال 18-2015ع

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ مورو جي نئين چونڊجي آيل باڊي براءِ سال 2015-18 جي رسم حلف برداري تقريب تاريخ 2-سيپٽمبر 2015، اربع ڏينهن شام 6 بجي ويزن پبلڪ اسڪول شيخ محلا مورو جي احاطي اندر ٿي گذري، جنهن جي صدارت سگا ساٿي محترم منظور احمد اڄڻ، مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ڪئي، جڏهن ته مهمان خاص پيرل کوسو مرڪزي سيڪريٽري سگا هيلٿ ۽ اعزازي مهمانن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ۽ گدا حسين کوکر پرنسپال بحريه ڪاليج مورو هئا.
ڪاروائي جي شروعات برانچ جي جنرل سيڪريٽري حفيظ الرحمان شيخ شاھ سائين جي شعر سان ڪئي جڏهن ته تلاوت ڪلام پاڪ جي سعادت نظر حسين ميمڻ حاصل ڪئي، ان بعد محترم منظور احمد اڄڻ، سگا مورو جي چونڊ جي آيل نئين باڊي براءِ سال 2015-18 چيف اليڪشن ڪمشنر سگا سنڌ جي اجازت ۽ نوٽيفڪيشن مطابق عهديدارن کان حلف کڻايو، جن ۾ هر هڪ محمد اسلم عباسي صدر, نظر حسين ميمڻ، نائب صدر, حفيظ الرحمان شيخ جنرل سيڪريٽري، وزير فرهاد جوائنٽ سيڪريٽري، وسيم الرحمٰن پريس سيڪريٽري، سرفراز ميمڻ خزانچي طور حلف کنيو. جڏهن ته ڪاروباري ڪاميٽي جا 9 ميمبر حلف کڻڻ واسطي تقريب ۾ شريڪ نه ٿيا. جن کي باضابطا دعوت جو اطلاع پڻ پهتل هو.
محمد اسلم عباسي سگا صدر شاخ مورو آيل مرڪزي سگا اڳواڻن ۽ معزز مهمانن جا ٿورا مڃيا، سگا ساٿين، پريس ميڊيا، معزز شهرين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، حلف برداري رسم تقريب سادي ۽ پروقار رهي، سگا برانچ ساٿي اسد سولنگي، ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، تعليمي ماهر سيد محسن علي شاھ، ڊاڪٽر غلام شبير ميمڻ، معزز شهري محمد اسحاق ڪورائي پڻ سگا جي ڪمن ڪارين ۽ سماجي ڪارگزاري تي روشني وڌي. اعزازي مهمان محترم گدا حسين کوکر چيو ته سگا سنڌ جي خدمتن ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي ۽ سماجي ڪمن ڪارين جي ڪارگذاري لاٰءِ نيوز ليٽر هفتيوار/ ماهوار جاري ڪيو وڃي.
سگا سابق جنرل سيڪريٽري برانچ مورو پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري مخاطب ٿيندي چيو ته سگا مورو ڪافي عرصي کان سست رفتاري سان ڪم ڪري رهي آهي، سگا لائبريري ۽ آفيس بند پيل آهن، اهل علم ۽ سماج ۾ مڃتا رکندڙن کي سگا ميمبر شپ ڏياري وڃي ۽ هن شڪايت ڪندي چيو ته سگا جي سينيئر ساٿين کي هاڻي بيباڪ نٿو ڪيو وڃي، مرڪزي عهديدارن وٽ اهڙي شڪايت درج ڪرايون ٿا، جنهن جو نوٽيس وٺن، نئين چونڊجي آيل باڊي کي مبارڪ ڏيندي اميد رکون ٿا ته سگا جو پراڻو نالو روشن ڪندا.
مرڪزي سگا ساٿي پيرل کوسو مهمان خاص طور ڳالهائيندي چيو ته سگا جا سنڌ ۾ صحت، تعليم، آرٽ ڪلچر، ۽ خيراتي ادارا هلي رهيا آهن، روشن تارا اسڪول، اسلام آباد ۾ سگا هاسٽل بهترين پراجيڪٽ آهن، سنڌ حڪومت سگا جي ڪارڪردگي مان مطمئن هئڻ تي گڏاپ پبلڪ اسڪول پڻ اسانجي حوالي ڪيو ويو آهي ۽ هر سال سگا لاءِ بجيٽ پڻ رکي ويندي آهي، نئين آيل باڊيءَ کي مبارڪون هجن، اميد ته ماضيءَ جي ڪوتاهين ۽ شڪايتن کي دور ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.
صدارتي تقريب کي خطاب ڪندي محترم منظور اڄڻ چيو ته مورو سنڌ جو اهم شهر آهي جيڪو نه رڳو سگا پر علم و ادب ۾ پڻ اڳڀرو آهي، سگا سنڌ جي ماڻهن جي ڳانڍاپي جو نالو آهي، اميد ته ساٿي سگا مورو شاخ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. اسان کين مبارڪباد چئون ٿا سنڌ جي تعليم ۽ ترقيءَ واسطي سگا جا جاکوڙي ورڪر بي لوث خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن هاڻ اسانکي نوجوان Youthلاءِ پڻ ڪم ڪرڻو آهي.
آخر ۾ جنرل سيڪريٽري حفيظ الرحمان شيخ مهمانن جا ٿورا مڃيا.

سنڌ جو ثقافتي ورثو بچايو قومي ڪانفرنس

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ طرفان سنڌ هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سوسائٽي مورو جي تعاون سان 25 سيمپٽمبر 2015ع بروز اربع شام 4 بجي ”سنڌ جو ثقافتي ورثو بچايو“ قومي ڪانفرنس “ميان جا قبا” مورو کان اوڀر طرف 10 ڪلوميٽر النور شگر مل ڀرسان سنڌ جي قومي تاريخي ۽ ثقافتي ماڳ ۽ سنڌ جي ڪلهوڙا دور جي ”تخت گاھ محمد آباد“ ۾ ٿي گذري جتي سنڌ مٿان 35 سال حڪومت ڪندڙ ميان نور محمد ڪلهوڙو جو مقبرو آهي. هن پروگرام جي صدارت سيڪريٽري ثقافت سنڌ ڊاڪٽر نياز عباسي جي حوالي ڪئي ويئي هئي.
پروگرام ڪانفرنس “سنڌ جو ثقافتي ورثو بچايو” ۾ شرڪت لاءِ مهمانن جي آمد 4:30 بجي شروع ٿي ويئي سڀ کان اول معزز مهمانن کي قديم آثارن جي تاريخي ماڳ بابت ڄاڻ ڏني ويئي ۽ پڻ وزٽ ڪرائي ويئي. پروگرام جي صدارت اڳوڻي نگران صوبائي وزير حڪومت سنڌ مانواري ڊاڪٽر شفقت حسين عباسي حوالي ڪئي ويئي جڏهن ته مهمان خاص محترم منظور اڄڻ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل سگا ۽ اعزازي مهمان هر هڪ محترم پيرل کوسو مرڪزي سيڪريٽري صحت سگا، پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري صدر سنڌ هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سوسائٽي، محترم محبوب جوکيو صدر پريس ڪلب دولتپور ۽ ثقافت کاتي پاران محترم ايوب جمالي نمائندي طور شرڪت ڪئي پروگرام جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ٿي جيڪا نظر حسين ميمڻ سعادت حاصل ڪئي ان بعد جنرل سيڪريٽري سگا شاخ مورو حفيظ الرحمن شيخ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا. سنڌ جو ثقافتي ورثو بچايو ڪانفرنس کي خطاب ڪرڻ لاءِ پروفيسر شمشاد احمد سومرو، سنڌ رويو ايڊيٽر عرفان عباسي، محترم ادريس جتوئي، مجتبيٰ جوکيو، پروفيسر محمد خان ڏاهري ۽ اسلم عباسي صدر سگا شاخ مورو ۽ ٻين ڪانفرنس متعلق پنهنجا ويچار ونڊيا.
هن موقعي تي مهمانن کي اجرڪ جا تحفا ۽ ڪتاب “منشور الوصيت ودستور الحڪومت” جيڪو ميان نور محمد ڪلهوڙي فارسي ۾ لکيو هيو ۽ پوءِ سنڌي ترجمو ٿيو اهو پڻ مهمانن کي پيش ڪيو ويو.
اعزازي مهمان محترم پيرل کوسو تقرير ڪندي چيو ته سنڌ جي آثارن، تاريخي ماڳن ۽ ثقافت کي بچائڻ لاءِ سڀني ماڻهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سگا مورو اڄوڪو پروگرام منعقد ڪري ثابت ڪيو آهي ته سگا سنڌ جي ثقافت جي وارث آهي، پريس ڪلب دولتپور جو صدر محبوب جوکيو ثقافتي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته سگا سنڌ کي سڄي سنڌ اندر ثقافتي ڏينهن ملهائڻ گهرجن. اعزازي مهمان محمد ايوب جمالي چيو ته اڄوڪي پروگرام ۾ سيڪريٽري ثقافت ڪن مجبورين سبب شريڪ نه ٿي سگهيو آهي هن چيو ته آثارن ۽ تاريخي ماڳ مڪانن کي بچائڻ لاءِ ثقافت کاتي کي اوهان جي تعاون جي ضرورت آهي اعزازي مهمان ڊاڪٽر محمد لائق زرداري چيو ته سگا سنڌ جي وارث آهي ان ڪري سڄي سنڌ ۾ آثارن جي تحفظ لاءِ هڪ قومي ڪانفرنس سگا طرفان ڪرائي وڃي، مهمان خاص محترم منظور اڄڻ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي تاريخ، سنڌي ٻولي ثقافت ۽ آثارن ۽ تاريخي ماڳن جي بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ سگا جو اولين فرض آهي مورو سگا ساٿين کي جس آهي جن هي ثقافتي ڪانفرنس منعقد ڪري تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي نومبر ۾ سگا طرفان ٻولي ڪانفرنس ڪوٺرائي ويئي آهي صدارتي خطاب ڪندي ڊاڪٽر شفقت حسين عباسي چيو ته اڄوڪي ثقافتي ڪانفرنس سگا طرفان منعقد ڪئي ويئي آهي جنهن لاءِ کين جس هجي سڄي سنڌ ۾ آثارن جي حالت جهرندڙ آهي جيڪي مڪمل تباھ ٿي رهيا آهن سگا کي سڄي سنڌ اندر سڀني ماڳن کي بچائڻ لاءِ هڪ ڏينهن ملهائڻ گهرجي. ڪانفرنس ۾ هيٺيان مطالبا ۽ قراردادون پيش ڪيون ويون:
1. سگا سنڌ طرفان سنڌ جي مڙني تاريخي ماڳ مڪانن ۽ آثارن، جي بچائڻ لاءِ سڄي سنڌ اندر قومي ڏينهن ڪري ملهايو وڃي.
2. ثقافت کاتي حڪومت سنڌ طرفان هن تاريخي ماڳ “ميان جا قبا” جي تحفظ لاءِ 10 ڪروڙ روپيا منظور ڪيا وڃن.
3. سياحن جي سهولتن خاطر ريسٽ هائوس بجلي، پيئڻ جو پاڻي ۽ ضروري سهولت ڏنيون وڃن.
آخر ۾ لنگر تقسيم ڪيو ويو ۽ ڪانفرنس جي پڄاڻي 8:00 بجي رات ٿي.

5 آڪٽوبر استادن جو عالمي ڏينهن

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ مورو طرفان 5- آڪٽوبر 2015ع بروز سومر ڏينهن استادن جو عالمي ڏينهن “World Teachers Day” گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول (مين پرائمري اسڪول) مورو ٽائون ۾ ملهايو ويو. تعليم کاتي اندر سنڌ جي ۽ ملڪ جي استادن جي عظمت، محنت ۽ اڻٿڪ بي لوث خدمتن عيوض هاءِ اسڪول مورو ۾ صبح جو سوير 8 بجي استادن ۽ شاگردن سان گڏجي اسيمبلي دوران مانوارن استادن کي سلام پيش ڪيو ويو. آجياڻي تقرير ڪندي سگا جنرل سيڪريٽري حفيظ الرحمن شيخ چيو ته سگا مورو شاخ اڄ ”سلام ٽيچر“ پروگرام منعقد ڪري ناميارن استادن کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ اميد ڪريون ٿا ته معاشري ۾ جيڪو اصل مقام استاد جو آهي ان کي قائم رکڻ ۾ سگا پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. ان بعد سگا ساٿي ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي استاد جي عظمت، اهميت ۽ ڪردار بابت تفصيلي تقرير ڪئي، گڏوگڏ سگا ساٿين نظر حسين ميمڻ ۽ وزير فرهاد، منير احمد سيال هيڊ ماستر هاءِ اسڪول، راشد عباسي ۽ استادن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ شاگردن پڻ تقريرون ڪيون. استادن کي گلن جا هار پارايا ويا.
آخر ۾ سگا صدر شاخ مورو محمد اسلم عباسي سڀني جا ٿورا مڃيندي، استادن جي عالمي ڏينهن جي اهميت ۽ استادن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته سنڌ کي فخر آهي، انهن استادن تي جن ٻهراڙين ۾ وڻن جي ڇانو هيٺ رهي به شاگردن کي تعليم ڏني ۽ گڏوگڏ تربيت پڻ ڪئي ۽ کين منزل تي پهچايو. سگا سڄي سنڌ اندر سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ اڄ تعليمي پروگرام منعقد ڪري ثابت ڪيو آهي ته سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن مورو هن عالمي ڏينهن تي سڄي سنڌ ۽ دنيا سان قدم ملايو بيٺي آهي اهڙي طرح هي پروگرام 8 بجي شروع ٿيو ۽ 9 بجي ختم ٿيو آخر ۾ سگا ساٿين کي هيڊ ماستر طرفان خراج تحسين پيش ڪيو ويو ۽ شڪريو ادا ڪيو.

”صوفي محفل“ 5 ڊسمبر 2015ع تي ملهايل

سگا شاخ مورو طرفان 5 ڊسمبر 2015ع ڇنڇر شام تي مورو شهر ۾ يونائيٽيڊ اسڪول باءِ پاس ٽائون مورو ۾ سچل سرمست ڊيولپمينٽ اينڊ ريسرچ سينٽر جي تعاون سان صوفي محفل پروگرام ٿي گذريو. صدارت درگاھ سچل سرمست جي گادي نشين جي ننڍي ڀاءُ پير خواجه نظر الحق ڪئي جڏهن ته خاص مهمان منظور اڄڻ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل سگا سنڌ هئا. پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، عظيم سنڌي ادريس جتوئي، اسد سولنگي، ايڊوڪيٽ امداد سولنگي، سگا صدر اسلم عباسي، نظر حسين ميمڻ ۽ ٻين کي اسٽيج تي ويهاريو ويو. ڪاروائي جنرل سيڪريٽري حفيظ الرحمن شيخ ۽ وزير فرهاد سولنگي هلائي. معزز مهمانن کي ڀليڪار چوڻ لاءِ سگا صدر اسلم عباسي تقرير ڪندي چيو ته اسان تمام گهڻا ٿورائتا آهيون سڀني مهمانن جا، ان بعد آيل مهمانن، اديبن، شاعرن، سچل جي زندگي ۽ تصوف بابت پنهنجا ويچار ونڊيا ۽ تقريرون ٿي گذريون.
آخر ۾ صوفي راڳين ڀورل ڀٽي، تنوير فقير، ۽ جويو فقير ڪلام ڳائي داد حاصل ڪيو هي سگا مورو طرفان بهترين صوفي محفل ٿي گذري جنهن ۾ اديبن، سگا ساٿين ميڊيا صحافين ۽ معزز شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي هي محفل شام 7 بجي شروع ٿي ۽ رات دير تائين جاري رهي آخر ۾ لنگر پڻ کارايو ويو.

”ڪتابي ميلو“ 7 جنوري 2016ع

موجوده دور ۾ اسان جي سماج ۾ عام طور اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته هي جديد سائينسي دور جيڪو انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ گلوبلائيزيشن جي دور عام ماڻهو کي ڪتاب جي پهچ کان پري رکيو آهي پر اڄ به ڪتاب جي حيثيت پنهنجي جاءِ تي اهم جڳهه والاري ٿي. اڄ جو نوجوان جڏهن ته پنهنجي پروفيشنل ايجوڪيشن تي تمام گهڻو زور ڏئي رهيو آهي اهو ان جو معاشي مسئلي کي حل ڪرڻ جو وسيلو سمجهي ٿو پر اسان جي سماج جي بناوٽ تهذيبي قدر ۽ تاريخي ورثي، ادب، سياست، ٻولي جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، جيڪا اسان جي سنڌي ادب ۾ ڪيترن ئي دانشورن جي نور جو نچوڙ آهي ۽ اهو آهي اسان جي ڪتابن جي دنيا. ڪتابن جي انهيءَ اهميت کي ۽ حيثيت کي مدي نظر رکندي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن اهو فيصلو ڪيو ته پنهنجي نوجوانن کي ڪتاب پڙهڻ لاءِ هڪ دعوت فڪر ڏجي جيئن هو پنهنجي سليبس کان هٽي ڪري ڪتابن جي دنيا جا ٻيا پاسا ۽ رخ به جاچي سگهن ان سلسلي ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو طرفان نوجوانن ۾ علمي، ادبي، تاريخي، ثقافتي ڄاڻ ۽ سنڌ سان شناسائي سنڌ جي تهذيب و تاريخ متعلق معلومات لاءِ ڪتابي ميلو ستين جنوري 2016ع تي پريس ڪلب مورو ۾ منعقد ڪيو ويو. ڪتابي ميلو سنڌيڪا اڪيڊمي جي تعاون سان ٿي گذريو.
ڪتابي ميلي جو افتتاح مرڪزي سيڪريٽري ثقافت سگا سنڌ شهاب الدين شاهاڻي ڪيو ۽ معزز مهمانن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، پريس ڪلب مورو جي صدر نواب اصغر علي ڪورائي ۽ سگا شاخ موري جي صدر محمد اسلم عباسي ان سان گڏ سگا جي ساٿين نظر حسين ميمڻ، حفيظ الرحمان شيخ، وزير فرهاد سولنگي، سرفراز ميمڻ، راڻو اياز ميمڻ ۽ عظيم سنڌي سان گڏ مورو پريس جا صحافي ۽ موري جا معززين شهري موجود هئا. جڏهن ته موري جي علمي ادبي، سياسي، سماجي تنظيمن کان علاوه مختلف اسڪولن ۽ تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ استادن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ يونائيٽيڊ پبلڪ اسڪول مورو، ويزن پبلڪ اسڪول مورو، ماروي گرلس ڪاليج مورو، روشن تارا اسڪول مورو، مهراڻ ڪاليج مورو، اقرا پبلڪ اسڪول مورو، انٽيليجنسيا پبلڪ اسڪول، پرفيڪٽ پبلڪ اسڪول جي شاگردن ۽ استادن پڻ شرڪت ڪئي، جڏهن ته پ ٽ الف، سپلا، گسٽا جي مقامي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي، ان کان علاوه هن ڪتابي ميلي ۾ سگا شاخ ڦل جي پروفيسر بخشل علي چانڊئي جي اڳواڻي ۾ هڪ سماجي وفد ميلي ۾ شرڪت ڪئي.
دولتپور کان هڪ اديبن جي وفد پروفيسر ارشاد علي اوٺي جي سربراهيءَ ۾ شرڪت ڪئي، سگا قاضي احمد برانچ مان ممتاز علي ميمڻ، حاڪم علي اوٺي احمد خيام پڻ شرڪت ڪئي، ان کان علاوه ساس شاهپورجهانيان ساس نيو جتوئي ۽ جوهي، دادو، سڪرنڊ، نوابشاھ، نوشهروفيروز مان آيل اديبن ميلي ۾ اچي ڪتابن جي خريداري ڪئي ۽ سنڌيڪا اڪيڊمي جي ڏنل لائبريري پيڪيج مان ڪتابن جا ڪيترائي آرڊر بڪ ڪرايا ويا، جن ۾ ايس ايس پي خالد مصطفي ڪورائي، رسول بخش گچيرائي ۽ ٻيا ڪيترائي اديب شامل هئا.
جڏهن ته اسٽال تي موجود ٻاراڻي ادب، سنڌ جي تاريخي ادب، سماجيات، آٽو بايوگرافي، علمي ادب، فلاسافي ۽ شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب موجود هئا، جڏهن ته ميلي ۾ مورو ۽ ان جي پسگردائيءَ جي علم و ادب دوستن جهجهي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته هي ڪتابي ميلو ٻن ڏينهن تي مشتمل هيو. جنهنڪري اسٽال تي پڙهندڙن جي رش پهرئين ڏينهن کان شروع ٿي وئي. ڪتابي ميلي ۾ وڏن کان علاوه عورتن ۽ ٻارڙن به تمام گهڻي تعداد ۾ شرڪت ڪري ڪتابن ۾ دلچسپيءَ سان گڏوگڏ ڪتابن جي خريداري پڻ ڪئي. جڏهن ته ميلي جي سيلزمين جو خدمتون سميع سجاد ميراڻيءَ ڏنيون.
ڪتابي ميلي جي ٻئي ڏينهن تي يعني 8 جنوري 2016ع تي جمعي ڏينهن منجهند جو 4:00 بجي پريس ڪلب مورو جي هال ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي ڪتاب ”منهنجي دنيا“ تي هڪ علمي ادبي ويهڪ ٿي. جنهن جي صدارت سگا مرڪزي وائيس چيئرمين محترم پيرل کوسو، مهمان خاص مرڪزي سيڪريٽري جنرل منظور اڄڻ، سنڌيڪا اڪيڊمي چيئرمين نور احمد ميمڻ، اعزازي مهمانن ۾ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، پريس ڪلب صدر مورو نواب اصغر ڪورائي، نظير احمد ميمڻ هئا، ڪاروائي برانچ جنرل سيڪريٽري حفيظ الرحمان شيخ هلائي، پروگرام جي شروعات الله پاڪ جي ڪلام سان ٿي، جيڪا تلاوت نظر حسين ميمڻ ڪئي.
آجياڻي تقرير ڪندي سگا موري جي صدر اسلم عباسي آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اڄوڪي تقريب سگا باني ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي ڪتاب ”منهنجي دنيا“ متعلق رٿي وئي آهي. هي ڪتاب پنجاھ سالن جو تاريخي رڪارڊ آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي سماجي معاشي، علمي، صحت، آدمشماري، ڳوٺاڻي ترقي، دانشورن جو ڪردار، سنڌي نوجوانن جا مسئلا، سياستدانن جون سنڌ سان ويساھ گهاتيون، اسلام آباد جا سنڌ مٿان مڙهيل فيصلا ۽ ٻيا انيڪ موضوع شامل آهن. جن تي ڀرپور لکيو ويو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌين جي ڪراچي مالڪي جون فڪري تحريرون پڻ رقم ٿيل آهن. هي ڪتاب سگا ساٿين سان گڏو گڏ سنڌ جي هر باشعور ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن کي پڙهڻ گهرجي.
سنڌيڪا اڪيڊمي جي چيئرمين نور احمد ميمڻ ڪتاب تي تفصيلي گفتگو ڪندي سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جو پڻ ذڪر ڪيو، هن چيو ته ڊاڪٽر سليمان شيخ هي ڪتاب لکي پنهنجو فرض نڀايو آهي ۽ سنڌ جي مسئلن کي چٽو ۽ واضح تحرير ڪيو اٿس. اڄ ڪلهه ملڪ جي اندر چين جي اقتصادي راھ داري منصوبي بابت تذڪره ٿي رهيا آهن ۽ ٻين صوبن جا سياستدان پنهنجي قوم لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن پر افسوس جو سنڌ حڪومت ڪو به اهڙو قدم نه کڻي رهي آهي جيڪو ساراھ لائق هجي، هن وڌيڪ چيو ته هن وقت ملڪ اندر ٿيندڙ آدمشماري ۾ سنڌ جا وارث سجاڳي ڪن ڇاڪاڻ ته ڌاريا سنڌين کي اقليت ۾ ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيا آهن ۽ اسان اگهور ننڊ ۾ ستا پيا آهيون. اڄ جو نوجوان هنن تاريخي ڪتابن جو مطالعو ڪري ۽ مستقبل لاءِ سنڌ جي تعمير ۾ مثبت ڪردار ادا ڪن. ان بعد عظيم سنڌي، نظير احمد ڀنڊ، نظير احمد ميمڻ، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، رفيق احمد سرهيو، منظور اڄڻ پڻ ڪتاب تي ڳالهايو.
آخري ۽ صدارتي تقرير ڪندي پيرل کوسو چيو ته ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ سنڌ جي سماجي جاڳرتا ۾ اهم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اڄ جي دور جو رول ماڊل آهي اچو ته سندس فڪر ۽ سگا جي پروگرام کي سڄي سنڌ ۾ پکيڙيون ۽ سڀئي ماڻهون گڏجي سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺون.
سگا مورو طرفان هن ٿيندڙ ڪتابي ميلي ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي جي ڇپايل ڪتابن جن ۾ تاريخ، علمي ادبي، سائنسي ۽ ٻاراڻي ادب جي ڪتابن ۾ تمام گهڻي دلچسپي رهي ۽ سڄو ڏينهن سوين ڪتابن جا پڙهندڙ ايندا ويندا رهيا ۽ خريداري ڪندا رهيا، اڪيڊمي طرفان خاص پيڪيج تحت ڪتابن تي 50 سيڪڙو رعايت ۽ لائيبرري واسطي 40 هزار جا ڪتاب 12 هزار ۾ ڏنا ويا. اهڙي طرح هي ڪتابي ميلو ٻن ڏينهن بعد رات دير تائين پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.

ڳوٺ هوت خان بهراڻي ۾ميڊيڪل ڪئمپ

سگا شاخ مورو جي گڏيل سهڪار سان تنظيم وليج ويلفيئر ايسوسيئيشن ڳوٺ هوت خان بهراڻي لڳ نوان جتوئيءَ ۾ تاريخ 16-01-2016ع ڇنڇر ڏينهن صبح جو 8 کان شام 5 وڳي تائين مفت ميڊيڪل ڪئمپ ٿي گذري، مريضن کي مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون ۽ ٽيسٽون ڪيون ويون.
ڪئمپ اندر مختلف ڊاڪٽرن فزيشن، دل جي بيمارين جا ماهر، دل جا ڊاڪٽر، ECG ڪرڻ، ۽ هيپاٽائيٽس جون ٽيسٽون چيڪ ڪرڻ واريون سهولتون پڻ موجود هيون چيڪ اپ ڪرائيندڙ مريضن جو تعداد 2200 رهيو. هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جون 250 ٽيسٽون ٿي گذريون جنهن مان اندازي موجب 100 ماڻهن تي Positive رزلٽ آئي، جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال ۽ تشويشناڪ آهي، غلام نبي بهراڻي، غازي خان بهراڻي، وسيم عطر بهراڻي، مانجهي بهراڻي، خادم بهراڻي، عنايت غازي بهراڻي، شمن بهراڻي، عابد بهراڻي ۽ ٻين ڀرپور حصو ورتو.
جڏهن ته سگا مورو شاخ طرفان بينر، پمفليٽ، FM ريڊيو، اخبار ۽ ميڊيا جي ذريعي مفت ميڊيڪل ڪئمپ ۾ اچڻ لاءِ علائقي ۽ آس پاس وارن ڳوٺن کي ڄاڻ ڏني وئي، ۽ مڪمل سهڪار ڪيو ويو، ڪئمپ دوران اسلم عباسي، نظر حسين ميمڻ، سرفراز ميمڻ، وزير فرهاد، اياز محمد راڻو ميمڻ ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ سگا ميمبر جيڪو ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ سول اسپتال مورو پڻ هئا جن صبح کان شام تائين ڪئمپ ۾ ڀرپور حصو ورتو.

محبت جي عالمي ڏينھن تي ايوارڊ تقريب

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ مورو علمي ادبي، ثقافتي، ميڙاڪا، محفلون ۽ پروگرام ڪرائيندي رھي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه لاءِ پڻ پاڻ پتوڙيندي رھي ٿي، سنڌ جي اديبن، شاعرن، تاريخدانن، قلمڪارن ۽ ڏات ڌڻين کي مڃتا ڏيڻ واسطي سگا جي ھميشه کان اھا روايت رھي آھي، اھڙي ئي روايتن کي قائم ڪندي سگا شاخ مورو ۽ ماھوار رسالي ريکائون ڪراچي جي چيف ايڊيٽر رحمت پيرزادي جي سھڪار سان محبت جي عالمي ڏينھن 14 فيبروري 2016 بروز آچر صبح جو 11 وڳي يونائيٽيڊ پبلڪ اسڪول باءِ پاس ٽائون مورو ۾ مشاعرو ۽ ڪتاب ”صليب جاڳ اسان جي“ جي مھورت تقريب ٿي گذري، جنھن جي صدارت سنڌ جي ناليواري اديب مير محمد پيرزادو ڪئي، جڏھن ته خاص مھمان ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ھئا. ۽ اعزازي مھمانن ۾ گدا خاصخيلي، معشوق ڌاريجو جن پڻ هئا. سگا مورو صدر اسلم عباسي آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ماھوار رسالي ريکائون سان گڏجي اڄوڪو پروگرام ٿي رھيو آھي جنھن ۾ تعلقي موري جي اديبن، شاعرن، قلمڪارن ۽ ڏات ڌڻين جو قدر ڪندي کين اسان مڃتا ايوارڊ ڏئي رھيا آھيون، ان موقعي تي مورو تعلقي جي نامور تاريخدانن، اديبن ۽ شاعرن کي ايوارڊ ڏنا ويا جن ۾ ھر ھڪ رسول بخش گچيرائي، پروفيسر شمشاد احمد سومرو، امداد سولنگي، اسلم عباسي، رزاق مستوئي، ادريس جتوئي، عظيم سنڌي، رضا لانگاھ، عرفان عباسي، وزير فرھاد سولنگي، سڪندر جروار، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، نجم سرھيو، عبداللھ جيسر، ڊاڪٽر سليمان سولنگي، رکيل مورائي، اسد سولنگي، محبتي ملاح، ڄام صنم سنڌو، ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن، اديبن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا، ان بعد مشاعرو ٿي گذريو جنھن ۾ ڪيترن ئي شاعرن شاعري ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو، آخر ۾ ريکائون ماھوار رسالي جي چيف ايڊيٽر رحمت پيرزادي سگا شاخ مورو جا سھڪار ڪرڻ تي ٿورا مڃيا اھڙي طرح ھي علمي ادبي ۽ ايوارڊ تقريب پروگرام شام جو 4 وڳي اختتام تي پھتو. آخر ۾ مهمانن کي ايڊووڪيٽ امداد سولنگيءَ طرفان منجهند جي ماني پڻ کارائي وئي.

مفت چمڙي ڪيمپ ۽ هيپاٽائيٽس ميڊيڪل ڪئمپ

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ مورو جي طرفان تاريخ 21 فيبروري 2016ع آچر جي ڏينهن سول اسپتال مورو ۾ حاجي ڀلي ڏنو ميمڻ جي ياد ۾ مورائي برادرس جي گڏيل سهڪار سان هڪ ڏينهن واري مفت چمڙي بيمارين واري ڪئمپ ۽ هيپاٽائيٽس بي جي مريضن کي سڃاڻپ واسطي ڪئمپ جو بندوبست ڪيو ويو. سول اسپتال مورو جي ميڊيڪل سپريٽينڊنٽ ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ ۽ هيپاٽائيٽس پروگرام جي انچارج ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر جي تعاون سان اسپتال اندر ڪئمپ ٿي گذري. ڪراچي کان ڊاڪٽرن جي آيل ٽيم واڊپ جي اڳواڻ ڊاڪٽر منظور احمد ميمڻ ۽ ڊاڪٽر جاويد علي ميمڻ رات جو 4 وڳي سگا نائب صدر ۽ حاجي ڀلي ڏنو ميمڻ ويلفيئر اسوسيئيشن مورو جي اڳواڻ نظر حسين ميمڻ جي رهائش گاھ تي پهتا، جتي کين آرامي ڪيو ويو ۽ صبح جو ناشتي بعد ڊاڪٽرن جي ٽيم کي سول اسپتال مورو ڪئمپ ۾ پهچايو ويو. هي ڪئمپ صبح جو 10 وڳي شروع ٿي جتي چمڙي بيمارين جي سوين مريضن مردن، عورتن، ٻارڙن جو تعداد پهتو ۽ هيپاٽائيٽس علاج واسطي پڻ سوين مريض پهتا ڊاڪٽرن جي ٽيم مختلف ڪمرن ۾ ويهي ۽ مريضن کي چڪاسڻ شروع ڪيو ۽ کين مفت دوائون پڻ ڏيندا رهيا.
ٻئي طرف سگا شاخ مورو جي عهديدارن ۽ ميمبرن هر هڪ اسلم عباسي، حفيظ الرحمان شيخ، وزير فرهاد سولنگي، سرفراز ميمڻ وسيم رحمان شيخ، بشير احمد لغاري، نثار احمد ميمڻ اسڪائوٽ گروپ مورو مظفر گلاباڻي پڻ ورڪرن سميت انتظام سنڀاليا، جڏهن ته مورو شهر جي صحافين ۽ معززين هر هڪ نثار احمد ميمڻ، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ عرفان عباسي، منظور حب، فقير دين محمد ڪلهوڙو، وحيد مستوئي، اختر لغاري، جاني مورائي، ملڪ شبير، اعجاز علي ميمڻ، ڊاڪٽر غلام شبير ميمڻ، سيد محسن علي شاھ ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽ گڏوگڏ بشير احمد ميمڻ مورائي ۽ هادي مورائي پڻ شريڪ ٿيا.
هن موقعي تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي مرڪزي سيڪريٽري هيلٿ رفيق احمد سرهيو ۽ مرڪزي سيڪريٽري ثقافت شهاب الدين شاهاڻي ڪئمپ ۾ پهتا جن ڊاڪٽرن ۽ مريضن کان بيمارين متعلق معلومات حاصل ڪئي، هن موقعي تي ڊاڪٽر گلزار احمد ميمڻ کي سگا مرڪز طرفان شيلڊ پڻ ڏني وئي، جڏهن ته حاجي ڀلي ڏنو ميمڻ ويلفيئر ايسوسيئيشن طرفان ليڊي ڊاڪٽر کي اجرڪ جو تحفو ڏنو ويو، چمڙي ڪئمپ گذريل 7 سالن کان هر سال لڳندي رهندي آهي جنهن ۾ سگا مورو پنهنجون خدمتون ۽ سهڪار ڪندي رهي ٿي، مورائي برادرس آيل ڊاڪٽرن ۽ عملي جي تعريف ڪئي، چمڙي ڪئمپ ۾ خدمتون ڏيندڙ ڊاڪٽرن، سندن عملي، سگا ورڪرن کي منجهند جي ماني ڄام انيس رحمٰن سابق صدر سگا جي رهائش گاھ تي کارائي وئي، شام جو 4 وڳي ڪئمپ جو اختتام ٿيو، چمڙي ڪئمپ ۾ اندازي موجب 2500 ماڻهن کي چيڪ ڪرڻ بعد مفت دوائون ڏنيون ويون، جڏهن ته هيپاٽائيٽس جي 250 ماڻهن کي تپاسيو ويو جن مان 28 ماڻهن ۾ مرض جي سڃاڻپ ٿي. جيڪا پڻ ڳڻتي جوڳي رپورٽ آهي. آخر ۾ سگا شاخ مورو جي عهديدارن طرفان حاجي ڀليڏنو ميمڻ مورائي ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ واڊپ ڪراچي جا ٿورا مڃيا، گڏوگڏ سول اسپتال مورو جي ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ جي تعاون جو پڻ شڪريو ادا ڪيو ويو، جن هن مفت چمڙي ڪئمپ ۾ مالي ۽ اخلاقي تعاون ڪيو ۽ خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ اميد رکجي ٿي ته عام ماڻهن جي ڀلائي ۽ فلاح بهبود لاءِ سرندي وارا تعاون ڪندا رهندا ۽ سگا شاخ مورو خدمتون ڏيندي رهندي، اهڙي طرح هي ڪئمپ شام 5 وڳي پڄاڻي تي پهتي ۽ ڊاڪٽرن جي آيل ٽيم ڪراچي واپس رواني ٿي وئي.

”زندگي گذارڻ جو حقيقي مقصد“ ليڪچر پروگرام

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ طرفان تاريخ 31 مارچ 2016ع بروز خميس جي ڏينهن منجهند 3 وڳي پريس ڪلب مورو ۾ ليڪچر پروگرام عنوان ”زندگي گذارڻ جو حقيقي مقصد“ ٿي گذريو ليڪچر ڪار نوجوان سماج سڌارڪ ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو جن هئا. هن پروگرام جي صدارت سگا مورو جي سابق جنرل سيڪريٽري نثار احمد ميمڻ ڪئي، جڏهن ته مهمان خاص سگا ساٿي نظر حسين ميمڻ, عظيم سنڌي، صدر اسلم عباسي، ۽ پريس ڪلب صدر مورو نواب اصغر ڪورائي هئا. ليڪچر ڪار ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو موضوع تي ليڪچر ڏيندي چيو ته “زندگي گذارڻ جو حقيقي مقصد” انسانذات جي خدمت ڪرڻ آهي ۽ جيڪو ٻين جي خدمت ڪري ٿو اهو ئي زندگيءَ جو حقيقي معراج ماڻي ٿو.
هن چيو ته موجوده دور ۾ سنڌي سماج کي نئين سر سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ لاءِ ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي سگا مورو کي جس آهي جنهن سماجي کيتر ۾ وڏو انقلاب ۽ شعور آندو آهي سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهن تي تاريخي فرض آهي ته سماج جي بهتر خدمت ڪن ۽ زندگيءَ جي مقصد کي سمجهن. هڪ ڪلاڪ تائين ليڪچر ڏيندي هن زور ڀريو ته مذهب پڻ انسانيت جي خدمت جو درس ڏئي ٿو. پنڊال ۾ شريڪ سگا ساٿين، عالمن، اديبن، استادن، سماج سڌارڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ سوالن جوابن جو پڻ سيشن ٿي گذريو
صدارتي تقرير نثار احمد ميمڻ ڪئي ۽ عظيم سنڌي پڻ ويچار ونڊيا اهڙي طرح ليڪچر پروگرام پڄاڻي تي پهتو.

”مورو شهر جا سماجي مسئلا ۽ انهن جو حل“ ميونسپل چيئرمين مورو جي مان ۾ آجياڻو

سگا مورو شاخ طرفان تاريخ 11 سيپٽمبر 2016ع آچر ڏينهن صبح يونائيٽيڊ پبلڪ اسڪول باءِ پاس ٽائون مورو ۾ نئين چونڊجي آيل چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو نظير احمد ميمڻ جي مان ۾ آجياڻو ۽ ”مورو شهر جا سماجي مسئلا ۽ انهن جو حل“ بابت پروگرام ٿي گذريو. پروگرام جي صدارت سگا مرڪزي وائيس چيئرمين پيرل خان کوسو ڪئي خاص مهمان نظير احمد ميمڻ هئا، جڏهن ته اعزازي مهمان محترم منظور اڄڻ سگا مرڪزي سيڪريٽري جنرل، رفيق احمد سرهيو مرڪزي سيڪريٽري هليٿ سگا هئا. پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، ادريس جتوئي، عرفان عباسي اعزازي مهمان هئا. تلاوت ڪلام جي سعادت نظر حسين مميڻ حاصل ڪئي جڏهن ته مهمانن جي آجيان جنرل سيڪريٽري برانچ مورو حفيظ الرحمن شيخ ڪئي
وزير فرهاد سولنگي ڪاروائي جا فرائض انجام ڏيندي پنڊال ۾ ويٺل معزز ساٿين هر هڪ نثار احمد ميمڻ، ڊاڪٽر وجيهه الدين ميمڻ، پروفيسرشمشاد احمد سومرو، سيد محسن علي شاھ، اياز راڻو، اديب ليکڪ اسد سولنگي، سيد نظير احمد شاھ کي مورو جي مسئلن بابت ڳالهائڻ لاءَ سڏ ڪيو ، جن نئين چونڊيل چيئرمين کي مبارڪباد ڏيندي شهر جي سماجي مسئلن کي پڻ اجاگر ڪيو مسئلا پڻ ٻڌايا ۽ توقع ظاهر ڪئي ته سگا مورو پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ۽ نئين چيئرمين مان اميد ڪريون ٿا. ان بعد اسٽيج تي ويٺل اعزازي مهمانن هر هڪ سابق صدر سگا غلام الله ميمڻ، چيف ايڊيٽر ماهوار سنڌ رويو عرفان عباسي تعليمي ماهر ۽ اديب محمد ادريس جتوئي، تاريخدان ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، پڻ ويچار ونڊيا ۽ سگا مورو شاخ جي هن پروگرام کي ساراهيو ۽ اميد جو اظهار ڪيو ته سگا مورو آئنده به اهڙا پروگرام منعقد ڪندي رهندي هنن چيو ته سنڌ جي معاشري کي سٺن سماج سڌارڪن جي ضرورت آهي.
سگا اڳواڻ محترم رفيق احمد سرهيو نئين چونڊيل چيئرمين کي مبارڪ ڏيندي چيو ته اوهان نوجوان آهيو ۽ سگا جا ميمبر پڻ رهي چڪا آهيو ان ڪري شهر جي بهتري ۽ ڀلائيءَ واسطي ڪم ڪندا. صحت، صفائي، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ پڻ خدمتون سر انجام ڏيندا. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن گذريل چوئيتاليھ سالن کان سنڌ جي عوام خاطر صحت، تعليم، ثقافت ۽ ٻين شعبن ۾ خدمتون ڏئي رهي آهي، سگا مورو شاخ کي جس آهي جيڪا مختلف وقتن تي محدود وسيلن تحت سماجي سرگرميون ڪري رهي آهي.
سگا صدر مورو اسلم عباسي آيل سڀني شهرين، سگا ساٿين صحافين، تعليمي ماهرن، استادن پنڊال ۾ موجود ڪائونسلرن هر هڪ دوست علي سولنگي، لالا غلام مجتبيٰ ڪلهوڙو، سعد الله ڪلهوڙو سيد ڪوڙل شاھ، ڊاڪٽر غلام شبير ميمڻ، ۽ ٻين آيل مهمانن، سگا مرڪزي ساٿين جا ٿورا مڃيا ۽ نئين چونڊجي آيل چيئرمين نظير احمد ميمڻ کي مبارڪ باد پڻ ڏني. ان بعد مهمان خاص چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو محترم نظير احمد ميمڻ کي سڏ ڪيو ويو، جنهن استاد بخاريءَ جي شعر سان شروعات ڪئي.
جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو،
جو جيءَ جياري اهو جيئندو رهندو،
مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آ،
جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو.

سڀ کان اول سگا مورو جا ٿورا مڃيندي هن چيو ته منهنجي لاءِ اڄوڪي تقريب اعزاز آهي ۽ مونکي هيءَ عزت ملي آهي ۽ واعدو ٿو ڪريان ته هن منصب تي ويهي ايمانداري ۽ سچائي سان عوام جي خدمت ڪندو رهندس، هن سگا جي لائيف ميمبر ٿيڻ لاءِ پڻ اعلان ڪيو ۽ سگا مورو جي سماجي ڪمن کي ساراهيو هن چيو ته نوجوانن واسطي بهترين لائبرري شهر ۾ تعمير ڪرائي ويندي.
آخري ۽ صدارتي خطاب ڪندي پيرل خان کوسو چيو ته سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ کي جس آهي جنهن شهر جي سماجي مسئلن ۽ حل بابت اڄوڪي تقريب منعقد ڪئي آهي سگا مرڪز طرفان پڻ نئين چونڊيل چيئرمين ميونسپل مورو محترم نظير احمد ميمڻ کي مبارڪ باد ڏجي ٿي. سگا سنڌ ۽ سنڌ جي ڌرتي ڌڻين لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهي ٿي. مورو شهر اهم تاريخي ۽ ثقافتي شهر آهي منهنجو پڻ ننڍپڻ مورو ۾ گذريو آهي، مورو شهر جا ڪيترائي سماج سڌارڪ، تعليمي ماهر ۽ سياستدان مشهور آهن، اهڙيءَ طرح تقريب صبح يارهين وڳي شروع ٿي ۽ ٻين وڳي اختتام تي پهتي آخر ۾ مهمانن کي منجهند جي ماني پڻ کارائي وئي. انتظامن ۾ سگا ساٿين هر هڪ نظر حسين ميمڻ، حفيظ الرحمن شيخ، سرفراز علي ميمڻ، زاهد ڏيپر، قاضي شفيع محمد ۽ ٻين حصو ورتو. ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو، ظهيرالدين سومرو، عرفان عباسي پاران سهڪار پڻ ڪيو ويو.

ڀٽائيءَ جي سر ڪيڏارو تي ليڪچر پروگرام

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو طرفان 7 آڪوٽبر 2016ع بروز جمعي جي ڏينهن 4 وڳي ”لطيف لائبرري“ سگا آفيس مورو ۾ حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي ”سر ڪيڏارو“ تي ليڪچر پروگرام ٿي گذريو، صدارت ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ ڪئي ليڪچر ڪار محترم اسد سولنگي هئا جڏهن ته اعزازي مهمانن ۾ هر هڪ ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، عرفان عباسي، عظيم سنڌي، نثار احمد ميمڻ، نظر حسين ميمڻ هئا. سگا صدر مورو اسلم عباسي آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ڪاروائي وزير فرها د سولنگي هلائي ۽ تلاوت ڪلام جي سعادت نظر حسين ميمڻ حاصل ڪئي.
ليڪچر ڪار محترم اسد سولنگي ڀٽائيءَ جي مختلف رسالن مان حوالا ڏيندي سر ڪيڏارو بابت ڀرپور ليڪچر ڏنو هن چيو ته هن سر ۾ ڀٽائي سرڪار جنگ جا منظر، بهادري قرباني همٿ ۽ حق سچ جو تذڪرو ڪيو آهي ۽ دين اسلام خاطر حضرت امام حسين عليه السلام جي قرباني، بهادريءَ کي ساراهيو آهي ليڪچر پروگرام ۾ سگا ساٿين، اديبن، شاعرن، صحافين، معزز شهرين، استادن، تعليمي ماهرن، ۽ ڀٽائيءَ جي عاشقن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سگا ساٿي مظهرالدين ميمڻ جي ياد ۾مفت چمڙي ڪيمپ

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ طرفان تاريخ 6 نومبر 2016ع آچر ڏينهن صبح 9 وڳي تعلقه سول اسپتال مورو ۾ سگا ساٿي ۽ مرڪزي روح روان پروفيسر مظهرالدين ميمڻ مرحوم جي ياد ۾ هڪ ڏينهن واري مفت چمڙيءَ جي بيمارين واري ڪيمپ ٿي گذري . ڪيمپ مرحوم مظهرالدين ميمڻ جي لائق فرزندن ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ ماهر اسڪن ڊزيز ۽ سندس ڀاءُ جيڪو پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ سنڌ حڪومت ڪراچيءَ ۾ آفيسر آهي. جن جي ذاتي دلچسپي ۽ تعاون سان ڪراچي مان چمڙي ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم دوائون کڻي رات جو ساڍي يارهين وڳي مورو پهتا، سگا ساٿين نظر حسين ميمڻ ۽ ٻين سندن استقبال ڪيو ۽ پنهنجي جنم ڀوميءَ تي اچڻ لاءِ کين مبارڪباد ڏني ـ
رات جو آرامي ٿيڻ بعد صبح سوير اٺين وڳي سگا نائب صدر نظر حسين ميمڻ ۽ حاجي ڀليڏنو ميمڻ ويلفيئر ٽرسٽ مورو جي سرگرم ساٿي امان الله مورائي کين ناشتو ڪرائڻ بعد سول اسپتال مورو وٺي آيا، ٻئي طرف تعلقه سول اسپتال مورو جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر عبدالڪريم ڏاهري بهترين تعاون ڪندي اسپتال احاطي ۾ ڪيمپ جا انتظام مڪمل ڪرايا، جيڪي سگا صدر اسلم عباسي ۽ ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ فرائض انجام ڏنا. سول اسپتال مورو ۾ صبح جو سوير سگا صدر اسلم عباسي، جنرل سيڪريٽري حفيظ الرحمان شيخ، جوائنٽ سيڪريٽري وزير فرهاد، پريس سيڪريٽري وسيم الرحمان شيخ، خزانچي سرفراز علي ميمڻ ساٿين ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ، اسڪائوٽ گروپ مظفر گلاباڻي، زاهد ڏيپر، قاضي شفيع محمد طرفان اسڪول جا استاد پڻ مفت چمڙي ڪيمپ ۾ رضاڪارانه خدمتون ڏيڻ لاءِ پهتا، جڏهن ته سگا ڪراچي شاخ جو سابق جنرل سيڪريٽري اياز محمد ميمڻ ”راڻو“ خاص مرڪزي چيئرمين سگا جي هدايتن تي ڪيمپ ۾ پهتو. جاکوڙي صحافي فقير دين محمد ڪلهوڙو، ميڊيا رپورٽنگ لاءِ جاني مورائي، رياض عالماڻي ايڇ ٽي وي آواز ٽي وي ، ڌرتي جي ڪوريج ڪرڻ لاءِ پڻ پهتا ـ
سگا طرفان هن مفت چمڙي ڪيمپ جو افتتاح ۽ پروگرام جي صدارت ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر نوشهروفيروز ڊاڪٽر مظهر علي ڪلهوڙو ڪئي، جڏهن ته هن موقعي تي ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، سگا صدر اسلم عباسي، نائب صدر نظر حسين ميمڻ، جنرل سيڪريٽري حفيظ الرحمان شيخ، سرفراز علي ميمڻ، امان الله مورائي، امام الدين سولنگي، وسيم رحمان شيخ ۽ ٻيا سگا ساٿي پڻ موجود هئا. جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر مورو عدنان رشيد پڻ ڪيمپ جو دورو ڪيو. هيلٿ ڊيپارٽمينٽ نوشهرو فيروز جي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر مظهر علي ڪلهوڙو افتتاح ڪندي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سگا مورو سماجي خدمتن ۾ پاڻ مڃايو آهي. اڄوڪي هن مفت چمڙي ڪيمپ مان سوين مريض فائدو حاصل ڪندا ۽ هن قسم جون مفت طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ سگا پنهنجو پاڻ مڃايو آهي. هن مورو سگا صدر اسلم عباسي هيلٿ ڪاميٽي چيئرمين نظر حسين ميمڻ کي مبارڪباد پڻ ڏني ۽ آئنده به تعاون ڪرڻ جو مڪمل يقين ڏياريو. ان بعد پاڻ سگا ساٿين سان گڏجي سول اسپتال احاطي اندر ڪيمپ دوران چيڪ اپ ڪندڙ ڊاڪٽرن طرفان مريضن کي طبي معائنو ڪندي ڏٺو ويو ۽ دوائن جي اسٽور جو پڻ دورو ڪيو. عورتن، ٻارڙن ۽ مردن مريضن جي وڏي انگ ۾ شرڪت رهي. شهر مورو ۽ ان جي آس پاس پسگردائي ڳوٺن سونهري فارم، شاهپور، دولتپور، دادو مورو پل، ملڪ، ڏيپارجا، ڪانڌڙا ڪالوني، نوان جتوئي، مٺياڻي، سڌوجا، ڦل، مناهي ۽ آس پاس جي رهواسين جي وڏي انگ ۾ شرڪت رهي. سگا شاخ ڦل جو وفد پروفيسر بخش علي چانڊيو، اڪرم ڦل، خالد ميمڻ ۽ چانڊيو صاحب جي اڳواڻي ۾ پهتو ۽ ڪيمپ جو دورو ڪيو.
ڊاڪٽر جاويد ميمڻ ۽ سندس ٽيم اٺن ڊاڪٽرن تي مشتمل هئي، اندازي موجب ٻه هزار مريضن کي تپاسيو ويو ۽ مفت بهترين دوائون پڻ ڏنيون ويون. سگا طرفان لڳايل مفت چمڙي ڪيمپ ۾ مورو شهر جي معززين سگا ساٿين، سماج سڌارڪن ۽ سول سوسائٽي نمائندن هر هڪ نثاراحمد ميمڻ، لال خان، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، سيد محسن علي شاھ، ڪائونسلر ملڪ شبير، ڊاڪٽر غلام شبير ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال، پروفيسر افتخار ٻگهيو، راڻو غلام مصطفي، ڄام ذوالفقار، جاويد مصطفي ڪانڌڙو، فهد رضا ايڊووڪيٽ، تصور ميمڻ، امام الدين سولنگي، ولي محمد ميمڻ، اڪبر ميمڻ، محمد عاقل، آصف نظر ميمڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي معززين جي آمد ۽ شرڪت رهي. هي ڪيمپ صبح 9 وڳي کان 3 وڳي تائين جاري رهي آخر ۾ ٻاهران آيل ڊاڪٽرن، سگا ساٿين، اسڪائوٽ گروپ، ورڪرن ۽ ڪيمپ ۾ حصو وٺندڙ ۽ خدمتون ڏيندڙن جي مان ۾ منجهند جي ماني جو اهتمام ڊاڪٽر مظهر علي ڪلهوڙو ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر طرفان سندس رهائشگاھ تي رٿيل هو. جتي سڀني مانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڊاڪٽر صاحب سڀني جو آڌر ڀاءُ ڪيو، اهڙي طرح شام چئين وڳي ڊاڪٽر جاويد ميمڻ ۽ سندس ٽيم واپس ڪراچي رواني ٿي وئي ـ

ڪتابي ميلو ڊسمبر 2016ع

سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جو هڪ تعلقو مورو به آهي هن شهر سان منسلڪ تاريخي شهر واهڻ ۽ وستيون آباد رهيون آهن هاڻي به پنهنجي تاريخي روايتن کي سانڍيو اچي. (مڪن مورو) جي نالي ڳوٺ شهر بڻجي ويو پوءِ تعلقو ۽ سب ڊويزن ٿيو هن شهر ۾ ڪيترائي عالم، ڏاها، حڪيم، شاعر، سگهڙ، تاريخدان پيدا ڪيا آهن جيڪي جڳ مشهور ٿيا ۽ مورو جي عزت بڻجي ويا آهن هن ڌرتي اهڙن جوڌن کي جنم ڏنو آهي جن ڌرتي ڌڻي واسين لاءِ پاڻ پتوڙيو خدمت ڪئي جن پنهنجي حياتي ۾ اهڙا ڪم ڪري ڏيکاريا جن جا ادا ڪيل ڪردار امر ٿي ويا اڄوڪي مستقبل جي ايندڙ نسل لاءِ هميشھ يادگار مثال قائم ڪري ويا. اهڙن املهه انسانن ۾ هي مورو جا مڻيادار ماڻهو سنڌ جي مٽي مان پيدا ٿيل آهن جن کي رب پاڪ سڃاڻپ سمجهه، پرک ڏني آهي اهل قلم عالم، شاعر، صحافي، وڪيل سياستدان مطلب ته هر ميدان ۾ مهان ماڻهو پيدا ڪيا جن پنهنجي پنهنجي ڪم کي نروار ڪيو، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ طرفان مورو پريس ڪلب جي احاطي ۾ ڪتابي ميلي جي چئن ڏينهن واري تقريب ٿي گذري.
14 ڊسمبر 2016ع اربع ڏينهن تي افتتاحي تقريب ٿي، جنهن جي صدارت شهاب الدين شاهاڻي سيڪريٽري ثقافت سگا ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان سنڌيڪا اڪيڊمي جو نور احمد ميمڻ هئا، صدارتي خطاب ڪندي شهاب الدين شاهاڻي چيو ته ڪتاب انسان جو بهترين دوست آهي ۽ اسان سڀني کي سنڌ جي اندر ڪتابن پڙهڻ جي رجحان کي اڳتي وڌائڻو پوندو، سگا مورو شاخ کي جس آهي جنهن اهڙو ڪتابي ميلو منعقد ڪري مورو شهر ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. نور احمد ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته موجوده انفرميشن ٽيڪنالاجي، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ جي وڌندڙ سهولتن سبب ڪتابن جي مطالعي جو رجحان گهٽجي رهيو آهي جيڪو نوجوانن جي لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار آهي، جڏهن ته يورپ اندر اڄ به ڪتابن سان چاھ آهي ضرورت ان ڳالهه جي آهي سنڌ جا ساڃاھ وند ماڻهو ڪتابي ميلا منعقد ڪرائي سنڌ اندر تعليم جي عمل کي تيز ڪن. ان موقعي تي موري جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي، شخصيتن، شهرين، مورو جي اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين، استادن، وڪيلن، وڏي دلچسپي سان ڪتاب ورتا.
تاريخ 15 ڊسمبر خميس ڏينهن سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ مورو پاران پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي ڪتاب “مورو جا مڻيادار ماڻهو” جي مهورتي تقريب مورو پريس ڪلب ۾ ٿي گذري نوشهروفيروز جي ضلعي چيئرمين عبدالستار عباسي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ نور احمد ميمڻ، منظور اڄڻ، پيرل کوسو، اسلم عباسي، عظيم سنڌي، معشوق ڌاريجو، عرفان عباسي، ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي ضلعي چيئرمين عبدالستار عباسي چيو ته مورو شهر ۾ ادبي لحاظ سان انيڪ ماڻهو پيدا ٿيا آهن جنهن ۾ راشد مورائي، محمد ڇتل سرهيو، جان محمد ايم عطار، محمد صديق پرهياڙ، سيد علي بخش شاھ، مولانا عبدالخالق خليق مورائي، مولانا محمد عثمان ميمڻ، قاضي محمد فضل الحق ۽ ٻين مورو جي تمام گهڻي پذيرائي ڪئي ۽ تعليم لاءِ پڻ جاکوڙيو آهي، ڊاڪٽر محمد لائق زرادري به جس لهڻي جنهن مورو جي ادب سميت ٻين شعبن ۾ ڀرپور جدوجهد ڪري پاڻ مڃايو آهي ۽ انهن وسري ويل انمول ماڻهن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ۽ نوجوان نسل ۾ اتساھ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪتاب (مورو جا مڻيادار ماڻهو) لکي مورو جي شخصيتن کي سنڌ جي عوام کي هڪ تحفو ڏنو آهي جيڪو نوجوانن لاءِ هڪ بهترين هٿيار آهي نوجوان انهن کي پڙهي پنهنجي ماضي جي تاريخ کي ۽ وڏڙن جي ڪيل خدمتن ۽ محنتن کي سٺي لفظن ۾ ياد ڪن جيئن اسان جو معاشرو محنت جي جذبي سان شرسار ٿيئي، ان موقعي تي ڪتاب جي ليکڪ، اديب، دانشور، تاريخدان، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري چيو ته مورو هڪ اهڙو شهر آهي جنهن جي مٽي مان ڪيترائي نالي وارا ڏاها سياستدان، تعليمي ماهر، ادب سان لاڳاپيل اديب پيدا ٿيا آهن جن مان ڪافي اسان جا سينئر دوست جيڪي اڄ اسان ۾ نه آهن انهن کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ۽ سندن جي ڪيل خدمتن کي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ سهيڙي آندو آهي جيئن اڄ جو نوجوان کين پڙهي سندن نقشي قدم تي هلي، ان موقعي تي وزير فرهاد سولنگي، اظفر سعيد ميمڻ، ۽ ٻين پڻ مورو جي مڻيادار ماڻهن تي ڳالهائيندي چيو ته پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر مورو ملڪ اسرار 1987ع ۾ سنڌ جي مشهور حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙو تي سيمينار ڪرايو هيو، هن جيڪي ڪتاب لکيا جن ۾ ( والي سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙو) پڻ شامل آهي جڏهن ته مورو جي تاريخ تي پڻ ان وقت جي اسسٽنٽ ڪمشنر بدر الدين اڄڻ جي ڪوششن سان 1988ع ۾ اديب ۽ استاد مٺل ڪمالاڻي (مورو ناهي ٿورو) ڪتاب ڇپرائي نئون باب رقم ڪيو جڏهن ته ڪجھ رهجي ويل شخصيتن کي پروفيسر محمد لائق زرداري پنهنجي هن ڪتاب (مورو جا مڻيادار ماڻهو) مارڪيٽ ۾ آڻي مورو واسين کي هڪ بهترين تحفو ڏنو آهي، گدا حسين کوکر، رضا ايوب لانگاھ، حفيظ شيخ، ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، نظر حسين ميمڻ، علي اصغر ڪورائي، عمران سنڌي، زاهد ڏيپر، ۽ ٻين پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي ڪتاب تي روشني وڌي، جڏهن ته تاريخ 16 ڊسمبر جمعي ڏينهن تي محفل مشاعرو سگا مورو ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو طرفان پريس ڪلب ۾ ٿيو جنهن ۾ مورو ۽ آسپاس جي علائقن کان ڪهي آيل شاعرن، ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته مشاعري جي صدارت نالي واري اديب ۽ شاعر عظيم سنڌي ڪئي. هن خطاب ڪندي چيو ته سنڌي شاعري کي هن وقت سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن کي شاعري ۾ آڻي حالتن کي تبديل ڪري سگهجي ٿو جيڪڏهن ان شاعري ۾ 71ع ون يونٽ واري دور جو جذبو شامل آهي ان لاءِ نوجوان جيڪي لکڻيون ڏنيون آهن اهي سنڌي ادب لاءِ هڪ سٺو سونڻ آهي شاعري اندر جي اظهار جو بهترين ذريعو آهي اها شاعري جنهن ۾ سماج، ريتن، رسمن، ۽ حالتن کان سواءِ سنڌ جي اهنجن جو تذڪرو هجي اهڙي قسم جي شاعري دل ۾ جگهه پيدا ڪري سگهي ٿي ان موقعي تي عاشق دادوي ۽ رزاق مستوئي چيو ته شاعري نه صرف اندر جي اظهار جو ذريعو آهي پر سياسي سماجي اٿل پٿل ۽ حالتن کي بيان ڪرڻ جو ذريعو پڻ آهي جنهن ڪري ڌرتي جي سماجي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جاکوڙي سگهجي ٿو جڏهن ته محبتي ملاح، علي خان عادل لغاري، بهاول لغاري، مهجور غلام حيدر، پنهنجون نڪور لکڻيون پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو ۽ عنايت سولنگي، نعيم ابڙو ترنم ۾ شاعري ٻڌائي سامعين کي جهومائي ڇڏيو ان کان علاوه معشوق محسن ابڙو، وسيم عباس ميمڻ، سميع سجاد ميراڻي، بالا بلوچ، ساگر اعجاز دونگهه، حاڪم علي جسڪاڻي، يونس راهو، جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو، غلام مصطفيٰ عقاب ڇڄڙو مورائي، ايڊووڪيٽ راحب خان ٻگهيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏهن ته آخر ۾ محفل موسيقي ۾ مدد سنڌي چوهاڻ، ۽ سندس سنگ صوفياڻو ڪلام ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
چوٿين ڏينهن جي موقعي تي محفل موسيقي جو پروگرام مورو پريس ڪلب ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ نالي واري فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ان موقعي تي محفل جي صدارت ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاهري، مهمان خاص فهيم احمد ميمڻ، حبدار سخيراڻي، عرفان عباسي هئا جڏهن ته هنن خطاب ڪندي چيو ته موسيقي ٿڪل ذهنن کي سڪون پهچائي ٿي ۽ ان وسيلي پنهنجي ثقافت کي هٿي ملي ٿي جڏهن ته مهمان کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپيون پارايون ويون آخر ۾ سهراب فقير خميساڻي، قادر بخش عمراڻي، ۽ نوجوان راڳي حبدار سخيراڻي ۽ ٻين شاه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، صوفي راڳ ڳائي محفل کي جهومائيندا رهيا، اهڙي طرح پريس ڪلب مورو ۾ چئن ڏينهن وارو ڪتابي ميلو پڄاڻي تي پهتو. تقريبن کي سرانجام ڏيندڙ صحافين محمد بخش عالماڻي، سومر سولنگي، اختر علي لغاري، اعجاز ڪورائي، بشير احمد بلوچ، خدا بخش ميمڻ. محمد اسحاق ڪورائي، محمد صالح کوسو، آفتاب احمد سومرو، وحيد رزاق مستوئي، رياض احمد عالماڻي، جاني مورائي، منظور لغاري، آيل مهمان جو آڌرڀاءِ ڪيو ۽ کين سنڌ جي سوکڙي ٽوپي اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا.

رکيل مورائيءَ جي مان ۾ ادبي ميڙاڪو

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ مورو طرفان 7 جنوري 2017، سنڌ جي نامياري ڀلوڙ شاعر اديب ليکڪ رکيل مورائي جي مان ۾ ادبي تقريب سگا آفيس مورو ۾ منقعد ڪئي وئي جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي ادبي شخصيتن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سڀ کان اول وزير فرهاد سولنگي ڪارروائي هلائيندي صاحب رهاڻ جو تعارف ڪرائيندي چيو ته الله رکيو (رکيل مورائي) جو جنم 09 اپريل 1965ع ڌاري مورو کان پنج ڪلوميٽر اوڀر طرف ڳوٺ حاجي مالڪ ڏنو ماڇي ۾ هڪ غريب هاري چاچي جاڙي خان جي گهر ۾ ٿيو غربت سبب مئٽرڪ تائين پڙهي سگهيو ان کان پوءِ هن درزڪو پورهيو ڪري پيٽ گذران ڪرڻ لڳو. هن لکڻ جي شروعات 1980ع کان ڪئي. سائين راشد مورائي جي زير اثر رهي قومي تحريڪ ۽ علمي ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو هن سنڌي ادب کي اٺ ناياب ڪتاب ڏنا آهن جن ۾ شاعري، ادب تاريخ، پروفائيل خاڪا، ۽ خطن تي مشتمل ڪتاب ڏنا. هن پنهنجي قلمي پورهيئي ۾ تمام وڏو نالو ڪمايو هن سچل، سامي، شاه، سنڌي ٻولي، ۽ محترمه شهيد راڻي تي ڪتاب ڏنا سندس قلمي پورهيئي کي هنڌ ۽ سنڌ ۾ تمام گهڻي مڃتا ملي، جڏهن ته هن سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت تي پڻ گهڻو لکيو آهي رکيل مورائي سڄي سنڌ جي علمي ادبي ڪاڄن ۾ پڻ ڀرپور شرڪت ڪندو رهي ٿو. ان بعد سگا شاخ مورو جي صدر محمد اسلم عباسي آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سگا مورو طرفان اڄ ادبي تقريب ڪوٺائي وئي آهي جيڪا پياري دوست ۽ نامياري اديب رکيل مورائي جي مان ۾ رٿيل آهي هن چيو ته مورو شهر علم ادب جي حوالي کان سڄي سنڌ ۽ هنڌ ۾ سڃاتو وڃي ٿو هتان جون ٻه مشهور شخصيتون ناصر مورائي ۽ راشد مورائي اڄ اسان وٽ موجود نه آهن پر رکيل مورائي انهي تسلسل کي بحال رکيو پيو اچي اسان کيس پنهنجي اباڻي شهر ۾ رهاڻ ملهائيندي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون هن موقعي تي صحافي فقير دين محمد ڪلهوڙو رکيل مورائي کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو جڏهن ته ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، عظيم سنڌي، وزير فرهاد نظر حسين ميمڻ، سرفراز ميمڻ، ۽ سگا ساٿين کيس گلن جا هار پارايا ان موقعي تي تاريخ دان محقق پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ڳالهائيندي چيو ته رکيل مورائي هند ۽ سنڌ ۾ مڃتا ماڻيندڙ هڪ ڀلوڙ اديب ۽ شاعر آهي جنهن قلمي پورهئي ذريعي پنهنجو پاڻ ملهايو آهي ۽ هن ڪيترائي ڪتاب سهيڙيا آهن سندس ڪيل پورهيو تعريف لائق آهي، نامياري اديب عظيم سنڌي چيو ته راشد مورائي ۽ رکيل مورائي سنڌ جا ٻه وڏا ماڻهو آهن نوجوان رکيل جنهن جي شخصيت هڪ اعزاز آهي هن پورهيو ڪري زندگي جي شروعات ڪئي سنڌي علم ادب ۾ پاڻ مڃايو آهي سگا جي نائب صدر نظر حسين ميمڻ چيو ته رکيل مورائي اسان جو بهترين دوست آهي پر هو يارن جو به يار آهي سندس لکڻين ۾ سنڌ جي مجبور عوام جو درد سمايل آهي سندس ڪيل علمي پورهيئي کي عزت ۽ احترام جي نگاه سان ڏٺو وڃي ٿو، نوجوان صحافي اعجاز ڪورائي چيو ته رکيل ادب جي حوالي سان هڪ وڏو نالو آهي جنهن جو خدمتون ادب لاءِ وسارڻ جهڙيون ناهن اسان کي اهو فخر آهي ته رکيل مورائي مورو جي مٽي مان ڳوهيل آهي ادبي حوالي سان ٿيندڙ هر پروگرام ۾ شرڪت ڪري مورو وارن جو مان مٿانهون ڪيو آهي، وزير فرهاد سولنگي رکيل مورائي جي قلمي پورهئي تي ڳالهائيندي چيو ته رکيل سنڌي ادب ۽ تاريخ جي حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي هن سنڌ جي اديبن ۽ هند جي قلمڪارن وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو آهي ان کان علاوه هن صحافتي ميدان ۾ پنهنجي قلم وسيلي پاڻ مڃايو آهي، پروفيسر شمشاد سومرو چيو ته رکيل موجود دور ۾ نوجوان اديبن لاءِ هڪ اتساھ ڪار جو ڪردار نڀائي رهيو آهي سندس قلمي پورهئي کي سنڌي ادب ۾ قدر جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو، رکيل مورائي جي ذاتي دوست ۽ اديب سڪندر سانوڻ ڪورائي ڳالهائيندي چيو ته رکيل سان منهنجو ننڍ پڻ کان نينهن جو ناتو رهيو آهي پاڻ گهڻ رخي شخصيت ۽ هڪ شفيق دوست جي شخصيت جو مالڪ آهي جيتري هن ۾ ڏات آهي اوترو پاڻ کي هي ڪجھ به ناهي سمجهندو پر هي پنهنجي اندر ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکي ٿو ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو جي ڪائونسلر ۽ نامياري شاعر محبتي ملاح پنهنجي تقرير ۾ چيو ته رکيل مورائي جي شاعري ۾ هن ڌرتي جي سونهن ۽ سوڀيا جا رنگ ڀريل آهن ۽ اهڙي طرح سندس نثر ۾ سنڌ جي ماروئڙن جي اهنجن جا عڪس چٽيل آهن جنهن ۾ سنڌي سماج جي تاريخي حيثيت جي ڄاڻ ملي ٿي پاڻ سنڌي ادبي سنگت مورو شاخ جو سيڪريٽري، پڻ رهي چڪو آهي هن جي دور ۾ علمي ۽ ادبي پروگرام گهڻي انداز ۾ ڪيا ويا. آخر ۾ صاحب رهاڻ رکيل مورائي سگا مورو جا ٿورا مڃيندي چيو ته اڄ دوستن مون کي پنهنجي جنم ڀومي تي جيڪو مان ۽ عزت بخشي آهي ان لاءِ آءٌ دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيان ٿو هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته منهنجو ادبي سفر مورو کان شروع ٿيو ۽ هند ۽ سنڌ جي اديبن تائين پهتو جنهن ڪري هند ۽ سنڌ جي نالي وارن ليکارن، شاعرن، اديبن، سان ويجهڙائي جو ناتو جڙيو جنهن ۾ کيس شيخ اياز، يوسف شاهين، تاجل بيوس، عبدالغفار تبسم، شمشير حيدري، تاج بلوچ، لڇمڻ ڪومل، هري موٽواڻي، ڊاڪٽر جگديش ڪمار لڇاڻي، ۽ ٻيا ڪيترائي نالي وارا اديب شامل آهن جن سان نينهن جو ناتو ۽ ڳانڍاپو جڙيو ان موقعي تي زاهد ڏيپر، نعمت الله سولنگي، فقير دين محمد ڪلهوڙو، اياز علي سولنگي، سرفراز علي ميمڻ، ۽ ٻين اديبن پڻ خطاب ڪيو.

مچ ڪچهري ڳوٺ دودو ڀنڀرو لڳ منانهين

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو طرفان نامياري سماج سڌارڪ ۽ سگا جي سابق چيئرمين ۽ سيڪريٽري جنرل ولي محمد روشن جي سهڪار سان مورو لڳ مناهين ڀرسان سندس اباڻي ڳوٺ دودو ڀنڀرو ۾ تاريخ 21 جنوري 2017 ڇنڇر شام آچر رات سياري جي سرد موسم ۾ سنڌ جي روايتي مچ ڪچهري ٿي گذري ـ
جنوري مهيني جي سرد سيءَ ۾ مورو شهر کان شام 4 وڳي قافلو سگا ساٿين جو روانو ٿيو جنهن جي اڳواڻي ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ڪئي ۽ ساڻس گڏ اديب، شاعر، سگهڙ، راڳي ۽ سماجي ورڪرن، صحافين جو وڏو انگ هو. مورو کان اتر طرف نوان جتوئي روڊ سان تاريخي ڳوٺ مناهين ڀرسان ڳوٺ دودو ڀنڀرو جي ٻاهران سرنهن جي ڦولار، انبن جو باغ، کجين جا وڻ، ڪڻڪ جي فصل واري ساوڪ سچ پچ ته موسم جي لحاظ کان حسين منظر لڳي رهيو هو. هر طرف سنڌ جي زرعي ۽ خوشحاليءَ جو منظر چٽيل هو جيڪو روح کي فرحت ڏئي رهيو هو ـ
ڳوٺ دودو ڀنڀرو ۾ ولي محمد روشن پنهنجي پٽن غلام شبير ڀنڀرو، ممتاز علي ڀنڀرو، عزيزن، رشتيدارن خان محمد ڀنڀرو، مرتضيٰ ڀنڀرو، سگا ورڪر قربان ڀنڀرو ۽ ٻين سميت مهمانن جي آڌر ڀاءُ لاءِ نيڻ وڇايو ويٺو هو ته ايتري ۾ سڀ سگا مورو شاخ جا سڀئي عهديدار ۽ ميمبر حفيظ الرحمان شيخ، نظر حسين ميمڻ، وزير فرهاد، امان الله مورائي، قاضي شفيع محمد، سرفراز ميمڻ، ڊاڪٽر عدنان اسلم عباسي ۽ ٻيا ڪيترائي صحافي اختر لغاري، جاويد ڪانڌڙو، فقير دين محمد ڪلهوڙو، وحيد مستوئي سميت سندس اوطاق ۾ 5 بجي پهتا، سندس اوطاق سنڌ جي تاريخي، ثقافتي، روايتي خوبصورت لانڍي جيڪا ڏسڻ وٽان آهي، لانڍي سامهون خوبصورت پارڪ سائي ڇٻر، ان مٿان رنگين بلبن جي جهرمر دل کي موهي رهئي هئي مچ ڪچهري وارو پنڊال خوبصورت ڊيڪوريشن، رنگين روشنين سان سينگاريل هو. اسٽيج تي سگا مورو طرفان مچ ڪچهري وارو ثقافتي بينر لڳل هو. ڀٽائي جو شعر لکيل هو:
سـر نسريا پاند، اتـر لڳا آءُ پرين
مون توڪارڻ ڪانڌ، سهسين سکائون ڪيون.
معزز مهمانن جي آهستي آهستي آمد ٿيندي رهي، ڳوٺ دودو ڀنڀرو جي آس پاس تاريخي ۽ ثقافتي ڳوٺن مناهين، ڳوٺ هوت خان بهراڻي، نوان جتوئي، ٺوڙها، پراڻا جتوئي، ڏيپارجا، ملڪ، ڪانڌڙا ڪالوني، مورو شهر کان اديب، شاعر، سگهڙ، فنڪار، آرٽسٽ، تعليمي ماهر، سماج سڌارڪ، سياسي، سماجي ورڪر ادريس جتوئي، حق نواز ميمڻ، حبيب خاصخيلي، آصف راهوجو، اياز لنجار، اسلم ڪوريجو، شهبيگ بهراڻي، سيد منظور علي شاھ منظور، سگهڙ قادر بخش بهراڻي ۽ سگا جا ساٿي مختلف برانچن ڦل، نوشهروفيروز، محرابپور، ڪنب، خيرپور، ٺاروشاھ، ڪاڇو، دادو، سيوهڻ، قاضي احمد، ڪلوئي ۽ ٻين شهرن کان پهتا. انتظار جو گهڙيون تڏهن ختم ٿيون جڏهن سگا مرڪزي قيادت چيئرمين رفيق احمد جعفري، وائيس چيئرمين پيرل خان کوسو، سيڪريٽري جنرل منظور اڄڻ، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل شمس ساريو، سيڪريٽري ماليات اسماعيل پنهور، سيڪريٽري ڪلچر شهاب الدين شاهاڻي، عبدالطيف ڪرٽيو، نور محمد سيال سي اي سي ميمبر سگا سميت لانڍيءَ اوطاق ۾ پهتا. سڀ کان اول ولي محمد روشن طرفان معزز سڀني ميمبرن کي رات واري ماني کارائي وئي، جنهن ۾ سرنهن جو ساڳ، پلي، بههَ، جوئر ٻاجهريءَ جي ماني، مطلب ته سندس دسترخوان ڪُشادو ۽ دعوت ڪنهن معتبر شاديءَ کان گهٽ نه هئي.
مچ ڪچهري جي ڪاروائي سگا صدر مورو ٺيڪ اٺين وڳي شروعات ڪئي، صدارت چيئرمين سگا رفيق احمد جعفري حوالي ڪئي. تلاوت ڪلام پاڪ جي نائب صدر سگا شاخ نظر حسين ميمڻ سعادت حاصل ڪئي، برانچ مورو جنرل سيڪريٽري حفيظ الرحمان شيخ آيل مهمانن جي آڌر ڀاءُ ڪئي، جڏهن ته معزز مهمانن کي سگا برانچ مورو ساٿين طرفان اجرڪ جا تحفا اوڍايا ويا. ان بعد مچ ڪچهري جي مهمان نواز ولي محمد روشن کي سڏ ڪيو ويو، جنهن آيل سگا مرڪزي قيادت جو شڪريوادا ڪندي چيو ته اڄوڪي هن مچ ڪچهري پنڊال ۾ ويٺل سڀني سڄڻن جا مون مٿان ٿورا. سگا برانچ مورو منهنجي پنهنجي شاخ آهي. مورو منهنجي پهرين سڃاڻپ آهي. اوهان مونکي مان ۽ عزت بخشي آهي. اسان ۽ اوهان سڀ سنڌ ۽ سگا جا وارث آهيون. سگا گذريل پنجيتاليھ سالن کان تمام ڊگهو سماجي سفر ڪيو آهي ۽ اهو ڏاڍو ڏکيو اڙانگو ۽ تڪليف وارو دور رهيو آهي. جڏهن وسيلا نه هوندا هئا، مارشل لا واري دور ۾ سگا ساٿين کي وڏيون تڪليفون آيون. سنڌ سان عشق ۽ جنون وارو جذبو سڄي زندگي رهندو آيو آهي. هن وقت آدمشماريءَ جي ڳڻپ وارو مرحلو اچي رهيو آهي. سنڌ جي ماڻهن کي اپيل آهي ته هو ٻولي واري خاني ۾ پاڻ سنڌي لکرائين ته جيئن اسان اقليت ۾ تبديل نه ٿي وڃون ـ
نامياري تعليمي ماهر ۽ ساڃاھ وند ادريس جتوئي کي پڻ تقرير ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو، جنهن چيو ته سنڌ جون ٻهراڙيون ثقافتي رنگن سان ڀريل آهن. هي ڳوٺ دودو ڀنڀرو تاريخي ۽ ثقافتي ڳوٺ آهي. سگا مورو جي صدر اسلم عباسي ۽ ٻين ڪارڪنن کي جس آهي جن هي مچ ڪچهري پروگرام ٻهراڙيءَ ۾ منعقد ڪيو آهي. سگا سنڌ جي سماجي ڪمن ۾ هن علائقي جي شخصيتن اسد الله کيڙو، مظهرالدين ميمڻ، عبدالرحمان سيال، سائين بخش عباسي ۽ ولي محمد روشن جون خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. اڄوڪي مچ ڪچهري نئون اتساھ بخشيندي. هن علائقي جا ڪيترائي ٻيا به سماج سڌارڪ آهن، جن پنهنجي علائقن ۽ ڳوٺن جي ماڻهن لاءِ سڄي زندگي پاڻ پتوڙيو آهي، جن ۾ ڳوٺ هوت خان بهراڻي امداد بلوچ بهراڻي ۽ غلام نبي بهراڻي جون خدمتون آهن. ولي محمد روشن سڄي زندگي سگا کي ارپي آهي. جيڪو هڪ رول ماڊل آهي، هن چيو ته سنڌ جي سماجي ترقيءَ ۾ سگا جو اهم ۽ تاريخي ڪردار رهيو آهي، هن چيو ته سگا جي مرڪزي قيادت کي هن علائقي ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪريون ٿا. سگا جي سماجي خدمتن وارو فلسفو ۽ پيغام سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عام ڪيو وڃي، مرڪزي چيئرمين رفيق احمد جعفري سنڌ جي البيلي عاشق شمشيرالحيدري جو ڀاءَ آهي، جيڪا فخر لائق ڳالهه آهي. شمشير سنڌ جو اڻموٽ ڪردار رهيو آهي. سنڌ جي تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ سگا سميت سنڌ جي سڀني ساڃاھ وندن کي مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ـ
ان بعد مچ ڪچهري جي شروعات هن علائقي ٺٽ ڳوراهو ڳوٺ مياڻي جي مشهور سازندي الغوزي نواز غلام نبي سولنگي ڪئي جنهن الغوزي تي سنڌ جي روايتي سرن جون مختلف ڌنون پيش ڪري محفل کي گرمائي ڇڏيو. نوجوان فنڪار ۽ راڳي رئوف مگسي سرن کي ڇيڙيو شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ جا ڪلام پيش ڪري محفل کي گرمائي ڇڏيو. جڏهن ته حنيف چانڊيو پڻ پنهنجي سريلي آواز سان محفل کي جهومائي ڇڏيو ـ
مچ ڪچهري دوران شاعرن هر هڪ ائڊووڪيٽ امداد سولنگي ۽ عظيم سنڌي پنهنجي شاعريءَ جو نئون ڪلام پيش ڪري داد حاصل ڪيو. جنهن بعد سنڌ جي سريلي راڳي ۽ اڀرندڙ نوجوان فنڪار شاهنواز سولنگي ڀٽائي سرڪار جي وائي، استاد بخاري جا گيت ۽ شمشيرالحيدري جو ڪلام پيش ڪيو.
تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،
ڄڻ ته سنڌو جي ٻي ڪناري ويو.
هڪڙو شمشير هو زماني ۾،
ســـو به دنيا مــان اڄ گـــذاري ويو،
سگا مرڪزي چيئرمين محترم رفيق احمد جعفري سگا مورو جي جوائنٽ سيڪريٽري وزير فرهاد سولنگي جي هٿان پنج هزار روپيه فنڪار شاهنواز سولنگي کي ڏياريا.
سگا صدر اسلم عباسي جو مرتب ڪيل مورو بابت ڪتاب مورو تاريخ ۽ ثقافت سوکڙي طور معزز مهمانن کي ولي محمد روشن هٿان تحفي طور پيش ڪيو ويو. جڏهن ته نامياري، تاريخدان ڊاڪٽر محمدلائق زرداري جا تاريخي ڪتاب پڻ وزير فرهاد هٿان معزز مهمانن کي پيش ڪيا ويا، آخر ۾ فقير عبدالغني صوفياڻي ڪلام پيش ڪري محفل کي رونق بخشي ڇڏي ـ
آخري ۽ صدارتي تقرير ڪندي سگا چيئرمين سنڌ رفيق احمد جعفري چيو ته سگا مورو شاخ کي جس آهي جنهن اڄ مچ ڪچهري پروگرام ڪيو آهي ۽ اسانکي پڻ محبت ڏئي سگا ساٿين ولي محمد روشن جي ڳوٺ ۾ ڪوٺ ڏئي گهرايو ويو آهي. سگا جا ساٿي سنڌ اندر بي لوث سماجي خدمتون ڏئي رهيا آهن. مورو شاخ جي ساٿين جي ڪارڪردگي تي فخر آهي.
سگا هميشه سنڌ جي اهم سماجي ۽ قومي مسئلن تي پڻ ڪردار ادا ڪندي آئي آهي، هن چيو ته اڳيان جلد اهم آدمشماري ڳڻپ وارو سلسلو شروع ٿيڻ وارو آهي. سنڌ ۾ رهندڙ سڀني مستقل آباد ماڻهن سنڌ ڌرتي سان پنهنجو ناتو جوڙيندڙن گهرن ۾ ٻوليون ڳالهائيندڙن بلوچي، بروهي، سرائڪي، ڍاٽڪي، گجراتي، مارواڙي، اردو، پنجابي ۽ ٻين ٻولين بدران صرف سنڌي لکرائين ڇاڪاڻ ته ملڪ اندر ترقياتي رٿائون، روزگار وسيلا، ڪوٽا سسٽم، تعليمي ۽ صحت واريون سهولتون هر صوبي کي آدمشماري بنياد تي ملنديون آهن ـ
سگا سنڌ جي ساڃاھ ۽ شعور جو نالو آهي. اميد آهي ته اڄوڪي مچ ڪچهري مان اوهان سڀ سنڌ واسي نئون پيغام کڻي ويندا ۽ سماجي ڪمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، اهڙي طرح سگا مورو طرفان منعقد ڪيل مچ ڪچهري رات دير تائين جاري رهي، جنهن ۾ سگا سڄي سنڌ مان عهديدارن، ميمبرن، اديبن، شاعرن، سگهڙن، فنڪارن، تعليمي ماهرن، علمي ادبي، سياسي سماجي، تنظيمن سان لاڳاپيل، قومي ڪارڪنن هن مچ ڪچهري ۾ شريڪ ٿي ۽ قومي ٻڌي جو ثبوت پڻ ڏنو ـ

سنڌي آرٽسٽ رشيد چارڻ سان رهاڻ

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ طرفان 27 فيبروري 2017 سومر ڏينهن سنڌي فلم، ٽي وي ۽ اسٽيج ناٽڪ جي هدايتڪار، ڊرامه نويس، اداڪار ۽ سماج سڌارڪ رشيد چارڻ جي 64 هين سالگرهه ملهائي وئي. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان سنڌي ادبي سنگت نوان جتوئي جي ڪائونسلر سڪندر جروار ڪئي، جڏهن ته اسٽيج جي ڪاروائي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ مورو جي جوائنٽ سيڪريٽري وزير فرهاد سولنگي هلائي تقريب جي صدارت لاءِ سنڌي ٻولي جي ناليواري اديب، شاعر ۽ سگا مورو جي سينيئر اڳواڻ محترم عظيم سنڌي کي اسٽيج تي گهرايو ويو، ان کانپوءِ صاحب رهاڻ رشيد چارڻ کي سڏ ڪيو ويو، جڏهن ته ان موقعي تي معزز مهمانن ۾ ناليواري تاريخدان محقق پرفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، بحريا فائونڊيشن ڪاليج جي پرنسپال گدا حسين کوکر ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ مورو جي صدر ۽ نوجوان اديب محمد اسلم عباسي کي اسٽيج تي ويهاريو ويو، جنهن کان پوءِ اسٽيج تي ويٺل سڀني مهمانن ۽ صاحب رهاڻ کي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا ۽ کين گلن جا هار پڻ پارايا ويا. ان موقعي تي تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙ مهمانن کي آجياڻي لاءِ محمد اسلم عباسي کي گهرايو ويو جنهن سڀني آيل مهمانن جو ٿورا مڃيا، هن چيو ته هن وقت اسٽيج ناٽڪ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اچڻ سان زوال پذير ٿيو آهي پر ان جي باوجود ناٽڪ منڊلين جي اهميت کي وساري نٿو سگهجي اسٽيج ناٽڪ جي ذريعي سنڌي سماج ۾ ٿيندڙ ڪڌين رسمن رواجن ۽ روايتي ڏاڍ خلاف ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪري سگهجي ٿو. ان ڪري هن وقت اسٽيج ڊرامي ۽ ناٽڪ منڊلين کي زور وٺائي موجوده زوال پذير ٿيل هن صنعت کي ترقي ڏياري سگهجي ٿي. ان کان پوءِ نوجوان اديب رضا لانگاھ کي تقرير لاءِ سڏ ڪيو ويو، جنهن چيو ته هن وقت سڄي سنڌ بلڪه پوري ملڪ ۾ مذهبي انتهاپسندي وڌي وئي آهي ان ڪري هن وقت اسٽيج ناٽڪ ۽ ناٽڪ منڊلين کي هٿي وٺرائي ان جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. رشيد چارڻ جون فن جي دنيا ۾ تمام گهڻيون خدمتون آهن، هن فن جي دنيا ۾ 1971ع کان پير پاتو ۽ 46 سالن کان سنڌ جي هن اهم شعبي سان ساٿ نڀائيندو پيو اچي، رشيد چارڻ انهن 46 سالن ۾ 300 کان مٿي اسٽيج ناٽڪن ۾ ڪم ڪيو ان کان علاوه هن 200 کان مٿي ٽي وي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو جڏهن ته فنڪارن جي فلاح بهبود لاءِ مختلف تنظيمن جو بنياد وڌائون. اهڙي طرح هو هن فن ۽ ڏات کان علاوه سماجي ڪمن ڪارن ۾ پڻ اڳڀرو رهيو آهي. ان کان پوءِ محترم گدا حسين کوکر خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ميڊيا ۾ هڪ منفرد نوعيت جو ڪم ڪري پنهنجي الڳ سڃاڻپ ڪرائي آهي جنهن ڪري سنڌ جي فنڪارن ۾ هي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. جڏهن ته ڊاڪٽر محمد لائق زرداري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته رشيد چارڻ سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ميڊيا جي حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪري پنهنجو پاڻ مڃايو آهي سنڌ جو هي واحد فنڪار آهي جنهن نه رڳو فن جي دنيا ۾ نالو ڪمايو پر هي سماجي توڙي سياسي ڪمن ڪارن ۾ پڻ اڳڀرو رهيو آهي اڄ کيس دوست ۽ ساٿي لفظن جي ڀيٽا ڏئي کيس خراج تحسين پيش ڪري رهيا آهن. تنهنڪري مونکي خوشي ٿي رهي آهي ته اهڙين ڏات ڌڻين کي جيئري مڃتا ڏئي سگا مورو پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي، جڏهن ته هن پروقار تقريب ۾ دادو کان ڪافي اديب شاعر ۽ صحافي پڻ شريڪ ٿيا جن ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو جي اڳوڻن سيڪريٽرين جي ايم، وريام سنڌي، ضمير حسين ڪوريجو شامل هئا. ان موقعي تي وريام سنڌي چيو ته رشيد چارڻ فن جي دنيا جو اهو اداڪار آهي جنهن سنڌي اسٽيج ناٽڪ ۾ ون مين شو جو بنياد رکيو ان کان علاوه هن مختلف اخبارن ۾ پڻ ڪم ڪيو ۽ بحيثيت صحافي، رپوٽر، ڪالم نگار ۽ تجزيه نگار طور پنهنجو پاڻ مڃايو، هن جا روزاني آفتاب، عبرت ۽ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون پڻ ڇپيا، اڄوڪي ڏينهن تي کيس وڏي ڄمار جي دعا سان کيس خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. ضمير حسين ڪوريجو چيو ته رشيد چارڻ ذاتي زندگي ۾ پڻ هڪ شفيق انسان آهي پاڻ هميشه دوستن ۽ پاڙيسرين جو تمام گهڻو خيال رکندو آهي ۽ خاص ڪري مسڪين ۽ غريب، بي پهچ فنڪارن، اداڪارن، گلوڪارن، جي مالي سهائتا لاءِ پڻ جوڳا قدم کڻندو آهي. جنهن ڪري سنڌ جي فنڪارن ۽ عوام ۾ وڌيڪ مقبوليت رکي ٿو. ان موقعي تي موري جي اديبن شاعرن صحافين پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ پروفيسر شمشاد سومرو، سڪندر علي ڪورائي، مير خادم ملاح، جڏهن ته شاهپورجهانيان کان آيل صحافي محمد قاسم ٻگهيو عرف قاسم جاني، عبدالوحيد ڏاهري ۽ دادو کان عبدالغفار هنڱورو، نثار چارڻ، وحيد شيخ ۽ سينئر صحافي غوث جهتيال شرڪت ڪئي، ان موقعي تي غوث جهتيال پنهنجي تقرير ۾ چيو ته رشيد چارڻ سنڌي اسٽيج ناٽڪ جي حوالي سان جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو سنڌ جي فنڪارن ۽ اداڪارن لاءِ هڪ مثال جي حيثيت رکي ٿو، رشيد سنڌي ڊرامن ۾ مختلف نوعيت جا ڪردار ادا ڪيا آهن، جن ۾ هن جو مشهور ڪردار چاچو چڀڙ هيو، جنهن کي سنڌي عوام تمام گهڻو ساراهيو جڏهن ته هن مختلف هدايتڪارن سان ڪم ڪيو آهي جنهن ۾ محمد ايوب گاد، نبيل شيخ، رشيد خاصخيلي، منور سومرو ۽ ٻيا شامل آهن اڄ سگا شاخ موري طرفان هن سان ملهايل رهاڻ هڪ سٺو عمل آهي جنهن ڪري موري جا سگا ساٿي جس لهڻن، پروگرام جي صاحب رهاڻ رشيد چارڻ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جا تمام وڏا اداڪار ۽ آرٽ ڪلچر سان وابسته آرٽسٽ سڄي زندگي فن کي ڏيڻ کانپوءِ ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ گذاري ويا، جيڪا افسوس جهڙي ڳالهه آهي. هن سگا مورو جا ٿورا مڃيندي وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته مونکي دوستن عزت ۽ مان ڏنو آهي، جيڪو منهنجي لاءِ وڏو اعزاز آهي. سگا ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جا ٻه وڏا اهم ادارا آهن. هن چيو ته فنڪار ۽ آرٽسٽ هن شعبي ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ۽ ٻچن واسطي روزگار جا وڌيڪ وسيلا پڻ پيدا ڪن.
جڏهن ته صدارتي تقرير ڪندي عظيم سنڌي چيو ته هي فنڪار آرٽسٽ سنڌ جي ثقافت ۽ سڃاڻپ آهن، رشيد چارڻ فن ۽ آرٽ ذريعي سنڌ جي ڏکن سورن، غريب ۽ مسڪين پورهيت ماڻهن جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪئي آهي ۽ پنهنجي ڏات جي ذريعي سماج ۾ تبديلي آندي آهي.

ناصر مورائيءَ جي 16 هين ورسي تقريب

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ طرفان تاريخ 30 مارچ 2017ع خميس ڏينهن شام جو پنجين وڳي سگا لائبرري آفيس ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار، ليکڪ، صحافي، ناٽڪ نويس ۽ سنڌي ادب جي سگهاري شخصيت سائين ناصر مورائي جي 16 هين ورسي تقريب ٿي گذري، هن موقعي تي سندس ذاتي زندگي علمي، ادبي، سياسي، سماجي خدمتن کي روشناس ڪرائڻ لاءِ ليڪچر پروگرام پڻ ٿي گذريو جيڪو تحقيقي مقالو پروفيسر شمشاد احمد سومرو سامعين اڳيان پيش ڪيو. تقريب جي ڪاروائي هلائيندي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ موري جي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ نوجوان ليکڪ وزير فرهاد سولنگي صدارت لاءِ سنڌ جي ناليواري محقق ۽ تاريخدان ڊاڪٽر محمد لائق زرداري کي سڏايو. جڏهن ته معزز مهمانن ۾ سنڌ جو ناليوارو اديب ۽ شاعر عظيم سنڌي، سنڌي ٻولي جو ناميارو ڪهاڻيڪار، اديب ۽ علم سماجيات جو ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي، پي ٽي الف موري جي صدر ۽ ناصر مورائيءَ جي ڀائيٽئي سيد نظير علي شاهه ۽ سگا شاخ موري جي صدر محمد اسلم عباسي کي اسٽيج تي ويهاريو ويو، پروگرام جي شروعات لاکيڻي لطيف جي مشهور بيت :
جکرا جيئو شال آءُ مدو مور نه سڻان،
اڃان ڪالهوڻي ڪالهه اوهان ڏرت ٽاريا ڏيهه تان.
(شاھ)
سان ڪئي وئي. آجياڻي تقرير لاءِ سگا شاخ موري جي صدر محمد اسلم عباسي کي گهرايو ويو، جنهن سڀ کان اول سڀني آيل معزز مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ هن چيو ته ورهاڱي بعد مورو جون جيڪي مشهور شخصيتون ٿي گذريون آهن ناصر مورائي انهن مان هڪ آهي پاڻ برصغير جي تاريخ ساز شخصيت هو. سنڌ توڙي هند ۾ سندس ادبي نانءُ مشهور هو. پاڻ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو ڄاڻو هو ۽ مشهور ناٽڪ نويس ۽ ڪهاڻيڪار ٿي گذريو. وطن پرست ۽ سنڌ دوست هو. مورو واسين کي فخر آهي. سگا مورو طرفان اڄوڪو پروگرام منعقد ڪري خوشي محسوس ڪريون ٿا اميد ته اڄوڪو ليڪچر پڻ ڪارائتو رهندو. ان کان پوءِ وزير فرهاد اڄ جي شخصيت ناصر مورائي جي باري ۾ سامعين کي ٻڌايو ته ناصر مورائي جون علمي ادبي خدمتون موري واسين لاءِ ۽ سنڌ واسين لاءِ اتساھ جو رستو ڏيکارين ٿيون ۽ سندس شخصيت مان اڄ جو نوجوان پنهنجي زندگي جا دشوار رستن جا پيچرا ڳولي سگهي ٿو، جنهن کان پوءِ ليڪچرڪار پروفيسر شمشاد احمد سومري جو تعارف ڪرائيندي هن چيوته پروفيسر شمشاد ڪيترن ئي علمي ادبي مذهبي شخصيتن تي خاڪا لکي چڪو آهي ان کان علاوه هن سنڌي ٻولي کي ڪيترائي ڪتاب لکي ڏنا آهن. ان کان علاوه هن جون لکڻيون وقت به وقت سنڌي ٻولي جي نامور رسالن ۽ مئگزين ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون، جنهن ۾ مهراڻ، ريکائون، سنڌ رويو کان علاوه ٻيا ڪيترائي رسالا ۽ اخبارون اچي وڃن ٿيون، پروفيسر شمشاد جو تعلق هڪ علمي ۽ ادبي خاندان سان آهي سنڌ والد صاحب بيدار مورائي سنڌي ٻولي کي اڻ ڳڻيا ڪتاب لکي پاڻ کي سٺن اديبن ۾ شامل ڪيو آهي پروفيسر شمشاد اڄ ناصر مورائي جي شخصيت تي هڪ تفصيلي مقالو پيش ڪندو کيس کي گذارش آهي ته اوهان جي سامهون مقالو پيش ڪن.
ليڪچرڪار پروفيسر شمشاد احمد سومري پنهنجو تاريخي ۽ تحقيقي مقالو پڙهندي ٻڌايو ته ناصر مورائي جو والد مرحوم سيد جعفر شاهه هو جيڪو مشهور استاد ٿي گذريو آهي. کيس ڇهه ڀائر هئا، هن وقت سندس هڪ ڀاءَ سيد نثار علي شاھ آمريڪا ۾ قيام پذير آهي. اولاد ۾ کيس ٻه نياڻيون هيون، پاڻ جنگشاهي جي سادات گهراڻي مان شادي ڪيائين، ناصر مورائي جو پهرئين اپريل 1937ع ڌاري جنم ٿيو ۽ 29 مارچ 2001ع تي وفات ٿي، 30 مارچ تي سندس مڪلي جي قبرستان ۾ تدفين رسم ٿي گذري، سنڌي ادب ۾ سندس اهم ڪردار رهيو آهي. ناصر مورائي جڏهن پنجين درجي انگريزي ۾ پڙهڻ ويٺو ته سندس کي ڪهاڻي لکڻ جو شوق جاڳيو، ٻارن جي رسالي گلستان ۾ لکڻ جي شروعات ڪيائين. سنڌي فائنل جي امتحان ۾ هن مضمون لکيو جنهن کي استادن پهريون نمبر قرار ڏنو، ان بعد انهيءَ مضمون کي فائنل ۾ هر ايندڙ شاگرد کي اهو مضمون سونهين طور پڙهايو ويندو هو، انهي اعزاز کيس وڌيڪ اعتماد پيدا ڪيو، ۽ لکڻ تي آماده ڪيو. 1956ع ۾ هن ميٽرڪ پاس ڪئي ۽ 1957ع ۾ ناول لکيائين، جيڪو ساڳي سال راتيون جاڳن جي جي عنوان سان شايع ٿيو. هن ڪيترائي ناٽڪ، ڊرامه، ڪهاڻيون لکيون، نسيم کرل، طارق اشرف، حميد سنڌي، خادم حسين ابڙو ۽ ڪيترائي اڻ ڳڻيا ماڻهون سندس همعصر ٿي گذريا آهن.
خادم حسين ابڙي پنهنجي آتم ڪٿا جي ڪتاب ساھ جو سفر ۾ سائين ناصر مورائي جي زندگي تي ڪافي تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. ۽ سندس ٻالڪ پڻي، جواني ۽ سندس زندگي جي آخري ڏينهن تي تمام گهڻي تفصيل سان لکيو آهي. ناصر مورائي موري شهر جي مٽي مان جنم وٺندڙ هڪ محب وطن ۽ سنڌ پرست ۽ اصول پرست انسان هو، جنهن سڄي ڄمار زندگي جي اخلاقي ۽ انسانيت جي اعلي قدرن سان نڀاءُ ڪندي گذاري، ايوبي آمريت جي دور ۽ ون يونٽ خلاف سنڌ جي اديبن جي مزاحمتي جدوجهد ۾ ناصر مورائي جو ڪردار ڀرپور رهيو ايوب جي اليڪشن دوران فاطمه جناح جي حمايت ۾ سرِ عام جلسه ۽ جلوس منعقد ڪرايا، جڏهن ته سنڌ جا سمورا وڏيرا ايوبي آمريت سان سڻڀي ٽڪر جي بنياد تي گڏ ٿي بيٺا هئا ۽ ٻئي پاسي قائداعظم جي ڀيڻ فاطمه جناح ايوب جي خلاف اليڪشن ۾ حصو ورتو ان دور ۾ امداد محمد شاھ سڪرنڊ ۾ ۽ ناصر مورائي موري ۾ سندس اليڪشن مهم ۾ اڳڀرا رهيا ۽ اليڪشن ۾ ايجنٽ طور ويٺا، پاڻ زندگي جو ڳچ حصو درس و تدريس ۽ علم جي حصول ۾ گذاريائين. پاڻ ڪوٽڙي ۾ استاد پڻ رهيو ان کان علاوه هي ايريگيشن کاتي ۾ ڪلارڪ رهيو. جڏهن ته کاٻي ڌر جي ڪيترن ئي ملڪ جي اهم اڳواڻن سان سندس ويجهڙائپ به رهي پاڻ روس جي سفارت خاني ۾ مترجم جي حيثيت سان پڻ ڪم ڪيائين. ان کان علاوه اسٽيل مل ۾ ليبر آفيسر طور پنهنجو خدمتون سرانجام ڏنائين، جتي هن مزدورن جي حقن لاءِ پڻ جدوجهد ڪئي جيڪا ڳالهه سرڪار نامدار کي قبول نه پئي ۽ کيس نوڪري مان فارغ ڪري ڇڏيو، پنهنجي خوددار طبعيت هئڻ سبب هن کي ڪيترن ئي نوڪرين تان هٿ کڻڻو پيو، مزدورن جي حقن ۽ وطن دوستي، سنڌ دوستي هئڻ سبب هن ڪڏهن به سرڪار سان ٺاهه نه ڪيو ان ڪري هن کي زندگي ۾ ڪافي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو آخرڪار ريٽائر مينٽ کانپوءِ زندگي ڪراچي ۾ گذاري ۽ پنهنجي گذر سفر لاءِ شيخ سلطان ٽرسٽ بلڊنگ ۾ گهران ڀاڄي ماني پچائي کڻي کپائي ۽ گذر سفر ڪندو هو. وڏو خوددار شخصيت جو مالڪ هو. سندس سنڌي ٻوليءَ جي ڪيل خدمتن ۽ ادبي ڪاوشن ڪهاڻين تي مشتمل هڪ ڪتاب جو مواد گڏ ڪيو ويو آهي. جيڪو ڇپرائڻ جو ارادو آهي.
ليڪچر بعد معزز مهمانن برک ڪهاڻيڪار ۽ اديب ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي کي سڏ ڪيو ويو جنهن ناصر مورائي جي زندگي تي ڀرپور روشني وڌي ۽ مورو شهر جي تاريخي، علمي، ادبي، سياسي، سماجي پسمنظر تي تفصيلي گفتگو ڪئي ۽ مورو جي تاريخ بابت پڻ پنهنجا رايا پيش ڪيا. ان بعد سگا سابق صدر ۽ سماج سڌارڪ عظيم سنڌي پڻ ناصر مورائي بابت ٻڌايو ناصر مورائي جي ڀائٽي ۽ پ ٽ الف اڳواڻ سيد نظير احمد شاهه سگا مورو کي جس ڏنو جنهن اڄ سائين ناصر مورائي جي ياد ۾ 16 هين ورسي تقريب جو اهتمام ڪيو آهي. ۽ اعلان ڪيو ته ناصر مورائي متعلق گڏ ڪيل مواد کي ڪتابي شڪل ۾ جلدازجلد ڇپرايو ويندو.
صدارتي تقرير ڪندي ڊاڪٽر پروفيسر محمد لائق زرداري چيو ته سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو کي جس آهي جنهن اڄ ناصر مورائي جي زندگي ۽ خدمتن عيوض اڄوڪو ميڙاڪو ڪوٺايو آهي سگا مورو صدر اسلم عباسي نوجوان ۽ همٿ ڀريو آهي، جيڪو علمي ادبي محفلون ۽ ميڙاڪا ڪوٺائيندو رهي ٿو. ناصر مورائي تاريخ ساز شخصيت هو.
جڏهن ته هن پر وقار تقريب ۾ موري جي علمي، ادبي شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ئي جنهن ۾ اظفر سعيد ميمڻ، رضا لانگاھ، سيد مختيار علي شاھ، بابر علي مقدر علي ميمڻ، سڪندر علي جروار، مخدوم اظهار، نثار ميمڻ، مهجور غلام حيدر سولنگي، زاهد ڏيپر، شفيع محمد قريشي، وسيم ميمڻ، شامل هئا، جڏهن ته ميڊيا جي ساٿين جاني مورائي رياض عالماڻي، فقير دين محمد ڪلهوڙي اختر علي لغاري، الطاف حسين سومرو ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، آخر ۾ شرڪت ڪندڙ سڀني دوستن کي لنگر ڪرايو ويو ۽ اهڙي طرح تقريب پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.

مقبول احمد ميمڻ جي مان ۾ آجياڻي تقريب

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو طرفان سماجي خدمتون سرانجام ڏيندڙ مقبول احمد ميمڻ جي مان ۾ تاريخ 8 اپريل 2017ع ڇنڇر ڏينهن شام جو 7 وڳي سگا آفيس لڳ ميونسپل ڪاميٽي سابق بيڊ منٽن گرائونڊ تي شام جو آجياڻي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، مهمان خاص نظير احمد ميمڻ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو هئا. ڪاروائي تقريب عرفان عباسي هلائي، تلاوت ڪلام جي سعادت نظر حسين ميمڻ حاصل ڪئي ۽ مهمانن کي اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا. آجياڻي تقرير ڪندي اسد سولنگي چيو ته سگا مورو طرفان اڄوڪي تقريب مان واري مهمان ۽ موري واسين جي خدمت ڪندڙ ڪراچي کان ڪهي آيل مقبول احمد ميمڻ جي مان ۾ رکي وئي آهي. سندس قرب ۽ محبت آهي مورو واسين ۽ سگا سان. پاڻ به سگا جو ميمبر رهيو آهي. سگا سان ساٿ نڀائيندڙ ۽ سابق جنرل سيڪريٽري نثار احمد ميمڻ تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي آفيس بلڊنگ ميونسپل ڪاميٽي مورو طرفان الاٽ ٿيل آهي ۽ سماجي ڪمن ڪارين واسطي ڏني وئي آهي گذريل بارشن سبب سگا آفيس بلڊنگ، فرنيچر ۽ ڪتاب مڪمل ختم ٿي چڪا هئا. ۽ انهيءَ بلڊنگ جي نئين سر مرمت، ٽائل ماربل، رنگ، آفيس فرنيچر وغيره لاِ اسان ڀائو مقبول احمد ميمڻ جا ٿورائتا آهيون. جنهن ڊپٽي ڪمشنر نوشهرو فيروز، ميونسپل آفيسر مورو ۽ چيئرمين کي ذاتي طرح آفيس بلڊنگ جي مرمت لاءِ چيو ۽ سگا آفيس جي مرمت ۽ فرنيچر مهيا ڪيو ويو آهي ان سان گڏوگڏ مورو واسين جو ٻيو اهم مسئلو شهر ۾ نوجوانن لاءِ لائبرري جوڙائڻ جي رٿا آهي جيڪا درخواست پڻ سگا طرفان ڀاءُ مقبول احمد ميمڻ تائين پهچائي وئي آهي اميد آهي ته سندس ذاتي دلچسپي ۽ ڪوشش سان مورو ۾ لائبرري ٺهرائي ڏني ويندي. ميونسپل ڪاميٽي مورو چيئرمين کي عرض آهي ته سگا بيڊ منٽن گرائونڊ ۽ روڊ طرف سگا آفيس الڳ گيٽ پڻ بحال ڪيو وڃي. سگا صدر اسلم عباسي چيو ته سگا آفيس بلڊنگ کي مرمت جي سخت ضرورت هئي ۽ بارشن سبب ڪتابن ۽ فرنيچر کي پڻ سخت نقصان رسيو. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو مقبول احمد ميمڻ جي شڪر گذار آهي، سندن والد سائين محمد نوح ميمڻ جون پڻ هن علائقي لاءِ تعليمي خدمتون ساراهه جوڳيون آهن سندن ننڍو ڀاءُ جميل احمد ميمڻ پڻ جس لهڻي جيڪو سماجي ڪمن ڪارين ۾ مورو واسين ۽ سگا جي مدد ڪندو رهي ٿو. مورو شهر ۾ تاريخي قبرستان خليفو سائين درگاھ لڳ دادو روڊ مورو ۾ جنازي گاهه مسجد پڻ جوڙائي آهي جنهن جو اجورو کيس الله پاڪ ڏيندو. تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو نظير احمد ميمڻ چيو ته سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو 1976ع کان وٺي سماجي ڪمن ڪارين صحت، تعليم، ڪلچر ۽ ٻين شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي انهي ڪري اسان جو فرض آهي ته اسان سگا جي ۽ آفيس جي مالڪي ڪريون.
آخر ۾ تقريب جي مهمان خاص مقبول احمد ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته مان سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو ٿورائتو آهيان جن هن نيڪ مقصد ۾ مون کي شريڪ ڪيو ۽ مون کي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته اڄ ڪافي عرصي بعد سگا مورو آفيس ۾ دوستن سان ملڻ جو موقعو پڻ مليو آهي هن موري جي سماجي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارن تي زور ڀريو ته شهر جي خدمت ۾ عملي ڪردار ادا ڪن ۽ هن سلسلي ۾ اسان جو ساڻن ساٿ رهندو ڇا ڪاڻ ته مورو شهر منهنجو پڻ جنم ڀومي آهي ۽ مورو واسين جي خدمت ڪرڻ اولين فرض سمجهان ٿو ۽ پاڻ کي سگا کان ڌار نه ٿو ڪري سگهان اوهان سڀني جو ٿورائتو آهيان جن مون کي محبت ۽ پيار ڏنو آهي جيڪو هميشه ياد رهندو اهڙي طرح هي تقريب پنهنجي پڄاڻي تي پهتي ۽ مورو شهر جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن شاخ مورو طرفان ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو 23 -جولائي 2017ع آچر جي ڏينهن مورو پريس ڪلب ۾ ٿي گذريو جنهن جي صدارت سنڌ جي ناليواري اديب ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي ڪئي، جڏهن ته هن تعزيتي ميڙاڪي ۾ سياسي سماجي علمي ادبي، تنظيمن جي اڳواڻن شهرين صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام سان ٿي جنهن جي سعادت قاضي شفيع محمد کي نصيب ٿي جڏهن ته ان بعد آيل مهمانن کي سگا ساٿي نثار احمد ميمڻ آجياڻو ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر محمد لائق زرداري 1984ع ڌاري سگا شاخ مورو جو جنرل سيڪريٽري ٿي گذريو جنهن پنهنجي دور ۾ علمي، ادبي ۽ سماجي پروگرام ڪرايا. جڏهن ته هن وقت سال 2015-18ع، سگا مورو موجوده باڊي ۾ ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي رهيو سندس ساٿي سيد علي بخش شاھ، نذير احمد قاضي، ڊاڪٽر بشيرالدين ميمڻ، عظيم سنڌي ۽ ٻيا هئا جن مورو اندر سماجي ڪمن جي ابتدا ڪئي ۽ ڪيترائي اسڪول ٺهرايا، پريس ڪلب مورو جو صدر علي اصغر ڪورائي ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر محمد لائق زرداري سان منهنجي تمام گهڻي ويجهڙائپ هئي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پ پ پ جي پليٽ فارم تان مون جدوجهد ڪئي ۽ سائين سان ڪيتريون ئي يادون وابسته آهن پاڻ هڪ گهمندڙ ڦرندڙ تاريخ هيو ايم آر ڊي تي تحقيق دوران ڪيتريون ئي حقيقتون قلم بند ڪيون آهن جيڪي اڄ تاريخ جو حصو آهن. سپلا مورو ڪاليج جي اڳواڻ پروفيسر محمد يوسف شيخ تقرير ڪندي چيو ته ڊاڪٽر محمد لائق زرداري مهراڻ ڊگري ڪاليج ۾ پرنسيپال رهيو جنهن پنهنجي دور ۾ ڪاليج ۾ ڪيترائي تعليمي سيمينار ڪرايا ۽ تاريخ ۽ تحقيق تي ٿيندڙ پروگرام ڪرايا. مهراڻ ڊگري ڪاليج جي هاسٽل بحريا فائونڊيشن کي حوالي ڪرڻ خلاف سخت موقف اختيار ڪيو ۽ اين سي سي گرائونڊ قبضه خورن کان بچايو پر افسوس سندس بدلي ٿيڻ کان پوءِ اهي ٻئي ادارا ڪاليج ايڊمنسٽريشن کان ختم ڪرايا ويا پاڻ بهترين منتظم وقت جو پابند ۽ تدريسي عمل لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ انسان رهيو. پروفيسر افتخار ٻگهيو چيو ته ڊاڪٽر محمد لائق زرداري نوجوانن کي اتساھ ڏيندڙ ۽ رهنمائي ڪندڙ استاد هيو جنهن پنهنجي دور ۾ ڪيترا ئي نالي وارا شاگرد پيدا ڪيا جن اڳتي هلي زندگي جي هر شعبي ۾ پاڻ مڃايو اڄ ڊاڪٽر صاحب جو وڇوڙو انتهائي ڏک وارو مرحلو آهي اسان سندس خاندان سان ۽ سندس رفيقن سان دل جي گهراين سان ڏک ونڊيون ٿا. ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاهري تقرير ڪندي چيو ته سائين جو اسان جي خاندان سان تمام گهڻي ويجهڙائي وارو تعلق رهيو آهي ڇاڪاڻ ته اسان جو ڳوٺ شاهپور لڳ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي قبن جي ڀرسان آهي جتي سندن اباڻو قبرستان موجود آهي ۽ ميان صاحب سائين جي قبيلي جو مرشد پڻ آهي ان نسبت سان سندس اچڻ وڃڻ تمام گهڻو رهندو هو پاڻ هڪ شفيق انسان ۽ بهترين استاد رهيو آهي. دادو کان ڪهي آيل شاعر نذير نياز جويو ڳالهائيندي چيو ته سائين زرداري صاحب اسان دادو وارن سان به هر علمي ادبي پروگرامن ۾ ڀاڱين ڀائيوار رهندو آيو آهي سندس ڏنل پيار اسان کي هميشھ ياد رهندو سندس علمي خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي دادو ۾ سندس ادبي حلقو تمام وسيع هيو اسان هن موقعي تي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. نوجوان تعليمي ماهر علي محمد هليو ڳالهائيندي چيو ته سائين اسان جو استاد هيو سندس تمام گهڻيون علمي، ادبي سماجي خدمتون آهن. پروفيسر شمشاد احمد سومرو تقرير ڪندي چيو ته ڊاڪٽر زرداري سنڌ جي تاريخ ۾ تمام وڏو نالو آهي سندس پي ايڇ ڊي جو موضوع تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو رهيو جيڪو بعد ۾ ڪتابي شڪل ۾ ڇپيو ان بعد سندس ٻيو ڪتاب سنڌ جي سياسي جدوجهد تمام شاندار تاريخ جو حصو آهي سندس پي ايڇ ڊي دوران گائيڊ محترمه ڊاڪٽر حميد کهڙو هئي جڏهن ته تحقيق واسطي سائين جي ايم سيد جي لائبرري سن ۾ پڻ اڍائي سال گذرايا اهو ئي سبب آهي جو سندس ٻئي ڪتاب سنڌي ادب ۾ اهم جڳھ والارين ٿا. سگا شاخ ڦل جي صدر پروفيسر بخش علي چانڊيو چيو ته ڊاڪٽر محمد لائق زرداري سنڌ جي تاريخ ثقافت ۽ ماڳ مڪانن ۾ تمام گهڻي تحقيق ڪئي پاڻ اديبن فنڪارن آرٽسٽن ۽ سگهڙن سان تمام گهڻو پيار ڪندڙ هو ۽ مون کي پڻ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ همٿايائين. سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو جي سيڪريٽري ۽ نامياري شاعر تابش بخاري تقرير ڪندي چيو ته ڊاڪٽر زرداري دادو ۾ ٿيندڙ علمي ادبي تقريبن ۾ شريڪ رهيو خاص طرح تاريخي ماڳ مڪانن ميان نصير محمد ڪلهوڙو، ڪاڇو، جوهي، خدا آباد، ميان يار محمد ڪلهوڙو جا مقبره، جامع مسجد خدا آباد تي ٿيندڙ سيمينارن ۾ تحقيقي مقالا پيش ڪيا ۽ سنڌ جي تاريخ کي اجاگر ڪيو. چيمبر آف ڪامرس دادو جي صدر غلام قادر سولنگي تقرير ڪندي چيو ته ڊاڪٽر زرداري جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن هن جو ڪردار اڄ جي نسل لاءِ مشعل راھ آهي پاڻ وقت جو پابند ۽ واعدي جو پڪو سخن ور انسان هيو. سندس فرزند ۽ نوجوان ليکڪ نظير احمد زرادري ان موقعي تي چيو ته بابا سائين اسان کي هميشھ تلقين ڪندو هو ته سنڌ جي تاريخدانن، محققن، اديبن، شاعرن، سگهڙن، اهل علم ۽ اهل قلم جو قدر ۽ عزت ڪندا رهو سنڌي ادب ۾ سندس اڻ ڳڻيون خدمتون آهن بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽري ۽ ڪلچر نوابشاھ سندس خواب هو جيڪو سانڀيان ٿيو پاڻ ان جو پهريون ڊائريڪٽر جنرل رهيو ان دوران هن ڪيترائي ڪتاب انسٽيٽيوٽ جي طرفان ڇپرايا جنهن ۾ ڀلي پار ڏي سفر، دادلو درياھ، ٽماهي تحقيقي جنرل بلاول پڻ ڇپرايو. نوجوان ليکڪ اديب، سماج سڌارڪ ۽ سگا شاخ مورو جي صدر اسلم عباسي آيل مهمانن جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڊاڪٽر زرداري صاحب سنڌ جي تاريخ ۽ تحقيق ۾ قداور شخصيت رهيو آهي 1987ع ڌاري پاڻ سنڌ جي حاڪمران ۽ ڪلهوڙا دور جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙو واليءِ سنڌ سيمينار ڪرايو جنهن جي صدارت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر مظهر الحق صديقي ڪئي ۽ گڏو گڏ ملڪ جي ناميارن محققن، تاريخدانن پڻ شرڪت ڪئي ان بعد 1994 ڌاري پاڻ يونيسڪو اسلام آباد ۾ رهيا سندس ئي ڪوششن ۽ ذاتي دلچسپي سان 1996ع ڌاري ڪراچي ۾ انٽرنيشنل ڪلهوڙا ڪانفرنس ٿي گذري جنهن ۾ سنڌ، پنجاب، ملڪي توڙي غير ملڪي ايران، افغانستان ۽ هندستان مان آيل اسڪالرن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر صاحب جا تاريخ ۽ تحقيق ۽ مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن جيڪو سنڌي ادب لاءِ هڪ بي بها علمي خزانو آهي آخر ۾ صدارتي خطاب ڪندي نالي واري اديب ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي چيو ته ڊاڪٽر صاحب جو وڇوڙو سنڌي ادب ۽ تاريخ لاءِ وڏو هاڃيڪار آهي سنڌ جي تاريخ تي سندس تمام وڏو معياري ڪم ٿيل آهي تحقيق جي حوالي سان هن چيو ته سندس ڪتاب قلمي پورهيو آهن جيڪي سنڌ حڪومت ڪلچر کاتي جي ذميواري آهي ته انهن کي سنڀالين، پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري بلاول انسٽيٽيوٽ نوابشاھ جو بنياد وڌو جيڪو تحقيق جو سنڌ اندر پهريون ادارو آهي. هن مقالو پڙهندي ٻڌايو ته ڊاڪٽر زرداري جو جنم 23 آگسٽ 1943ع ۾ ڳوٺ موسيٰ خان زرداري ۾ احمد خان زرداري جي گهر ۾ ٿيو هن پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مڪرياري ۾ تعليم حاصل ڪري مورو هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ پنهنجي تعليمي سفر کي جاري رکندي 1980ع ڌاري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪئي. ان دوران هن ڪيتريون ئي نوڪريون ڪيون جنهن ۾ ناڪي منشي، کان ڊرائنگ ٽيچر 1965 ڌاري گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج سانگهڙ ۾ مقرر ٿيو ان کان پوءِ 1971ع ۾ گورنمينٽ سروري ڪاليج هالا ۾ علم سياست جو ليڪچرار مقرر ٿيو ان دوران هن سنڌ جي مختلف درسگاهن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون جڏهن ته پاڻ لکڻ پڙهڻ سان دلچسپي هئڻ ڪري ڪيترائي ڪتاب لکيا جنهن ۾ واليءِ سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙو، هسٽري آف سنڌ واليم هڪ واليم ٻه، غدار سنڌ، لنڊڪي کان لنڊن تائين، تاريخ ضلعو نوابشاھ، آتم ڪٿا ڪيم روح رهاڻ سندس مشهور ۽ معروف ڪتاب آهن جڏهن ته هن جا انگريزي ۾ ڪتاب وائيس آف ساليٽيوڊ ۽ هسٽري آف سنڌ گهڻي اهميت رکن ٿا ڊاڪٽر صاحب کي قلمي پورهيئي عيوض ڪيترائي ايوارڊ ۽ شيلڊون پڻ مليون هن پنهنجي سڄي زندگي علمي ۽ ادبي دنيا کي ارپي اڄ سندس وڇوڙي تي تمام ساٿي سوڳ وار آهيون ۽ اسان جي دعا آهي ته خدا تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي هن تعزيتي ميڙاڪي جي ڪاروائي سگا شاخ مورو جي جوائنٽ سيڪريٽري وزير فرهاد سولنگي هلائي جڏهن ته مورو ۽ ان جي آس پاس جي علمي ادبي سماجي، تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي جنهن ۾ طارق علي زرداري، ڪامريڊ يونس راهو، زاهد ڏيپر، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، عمران سنڌي، وحيد رزاق مستوئي، بشير لغاري، راڻو اياز ميمڻ، ضمير ڪوريجو، قاضي شفيع محمد، عزيز چنه، محمد سليمان سيال، فهد رضا ميمڻ، سعد الله ڪلهوڙو، ۽ ٻين شرڪت ڪئي، آخر ۾ سائين ڊاڪٽر محمد لائق زرداري لاءِ دعا مغفرت گهري وئي ۽ آيل مهمانن کي لنگر کارايو ويو.

زندگيءَ ۾ صاف پاڻيءَ جي پيئڻ جي اھميت جاڳرتا پروگرام

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو پاران تاريخ 18 آگسٽ 2017ع تي جاڳرتا پروگرام “عنوان زندگي ۾ صاف پيئڻ جي پاڻي جي اھميت” جي موضوع تي مورو پريس ڪلب ۾ ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ سياسي سماجي علمي ادبي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن شھرين استادن شاگردن صحافين سميت ھر مڪتب فڪر جي ماڻھن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جي ناليواري سماج سڌارڪ ليڪچر ڪار ڊاڪٽر غلام سرور ٻگھئي پاڻي متعلق ليڪچر ڏيندي چيو ته انساني زندگي سميت ھر جيوت جو جياپو پاڻي تي آھي پاڻي کانسواءِ انسان ڪجهه به ناھي پاڻي جي ذريعي ھن دنيا جي ترقي ۽ تعمير ٿئي ٿي. ھن چيو ته انساني زندگي ۾ صاف پيئڻ جي پاڻي جي اھميت تمام گھڻي آھي جنھن سان صحت جو پڻ سڌو سنئون تعلق جڙيل آھي دنيا ۾ زمين 25 سيڪڙو جڏھن ته پاڻي 75 سيڪڙو آھي جنھن مان 3 سيڪڙو پاڻي دنيا ۾ پيئڻ جي قابل آھي باقي 97 سيڪڙو پاڻي سمنڊ ۽ زمين اندر مٿان کان کارو آھي جيڪو انساني زندگي حياتي ۽ صحت لاءِ نقصانڪار آھي ھن چيو ته اسان جي آس پاس پيئڻ وارو صاف ۽ مٺو پاڻي جر زير زمين وارو خراب ٿي رھيو آھي جيڪڏھن اوھان جي پيئڻ وارو پاڻي 200 کان 300 ٽي ڊي ايس وچ ۾ آھي ته اھو استعمال لائق آھي ۽ پاڻي پيئڻ لاءِ بھتر آھي ملڪ ۾ اندازي موجب 84 سيڪڙو آبادي کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميثر ناھي باقي 16 سيڪڙو ماڻھن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ملي ٿو. پاڻي ۾ گدلاڻ انڊسٽريز جو زھريلو پاڻي سيوريج ۽ ڊرينيج جو پاڻي ۽ لائينن ۾ ملڻ سبب قدرتي جر وارو پاڻي خراب ٿي رھيو آھي. جيڪو وڌيڪ صحت لاءِ نقصانڪار آھي تازو ڪورٽ سڳوري ۾ سڄاڻ ڌرين ڪيس پڻ ڪيو آھي ته سنڌ جا ماڻھو گٽرن جو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا جيڪا ھڪ حقيقت آھي. ھن وقت جر خراب ٿيڻ ۽ پيئڻ جي پاڻي جي خراب ٿيڻ سبب انساني جسم ۾ پيٽ جون بيماريون وائرل ، گڙدن جون بيماريون ، ھيپاٽائيٽس بي سي ، ٽي بي ، ھاءِ بلڊ پريشر ۽ چمڙي جون بيماريون پيدا ٿين ٿيون، ٻارڙن ۾ بيماريون دست ، ڪالرا ، پوليو ۽ الٽيون پڻ ٿين ٿيون جنھن جي ڪري ڪئين وڏي تعداد ۾ مرد عورتون ٻار فوت ٿي ويا آھن وڏي انگ ۾ بيمارين ۾ تڙپي رھيا آھن. اسپتالن ڀيڙا ٿي چڪا آھن جيڪا ھڪ ڳڻتي جوڳي ڳالھ آھي صاف پاڻي نه ھئڻ ڪري انساني جانيون ضائع ٿي رھيون آھن سڄي سنڌ ھن اھم مسئلي جي لپيٽ ۾ گھيريل آھي. مگر حڪومتي ادارا خاموش بڻيل آھن ھن چيو ته مورو شھر جا 13 وارڊ تمام محله ڪالونيون ۽ علائقن ۾ جر جو صاف پاڻي ناھي 600 کان وٺي 2200 ٽي ڊي ايس تائين پاڻي چڪاس ۾ رزلٽ آئي آھي ان کان علاوه مورو جي ڳوٺن ۾ پڻ جر جو صاف پاڻي ناھي مورو شھر ۽ ڳوٺ پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم بڻيل آھن ماڻھو زھريلو پاڻي پي رھيا آھن جنھن ڪري ھن طرف خاص توجهه ڏيڻ جي ضرورت آھي حڪومت ميونسپل ڪاميٽي ۽ يونين ڪائونسلون فوري طور تي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ آرو پلانٽ جا منصوبا فوري طور تي لڳائين ان سلسلي ۾ ڪا به دير نه ٿيڻ کپي نه ته مورو شھر ۽ ڳوٺن جا ماڻھو معصوم ٻار مرد عورتون زھريلي پاڻي پيئڻ سبب انھن جون زندگيون ختم ٿي وينديون انھن جون زندگيون بچائڻ لاءِ سڄاڻ ڌريون سياسي سماجي علمي ادبي تنظيمن جا اڳواڻ ڪارڪن ڀرپور طريقي سان آواز اٿاري جاڳرتا مھم ھلائين ۽ حڪومت ۽ انتظاميه فوري طور تي ھنگامي بنيادن تي ماڻھن کي صاف پاڻي مھيا ڪن ۽ اھڙا پروگرام ھر شھر ۽ ڳوٺ ۾ منعقد ڪيا وڃن. ھن وقت جر خراب آھي سنڌ جا ماڻھو گٽرن جو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا. ماڻھن کي ھيٺيان صلاحون ۽ مشورا ڏجن ٿا اميد ته پنھنجي صحت ۽ آئندہ جي ايندڙ نسل کي بيمارين کان بچائڻ جي لاءِ ھيءُ اپاءُ ضرور وٺندا. ”پنھنجي گھر جي پيئڻ جو پاڻي ليبارٽريز مان چيڪ ڪرايو، ھٿرادو طريقن اوٻارڻ سان پڻ پاڻي صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، ڦٽڪي استعمال ڪرڻ وسيلي پاڻي پڻ صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، پراڻي طريقي موجب مٽن ۽ دلن ۾ پاڻي رکڻ سان سينور ٿيندو آھي، جيڪو پڻ پاڻي کي صاف ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو، گھر ۾ فلٽر استعمال ڪري سگھجي ٿو، موٽر بور ۽ نلڪن جو بور ڪرائڻ وقت خاص خيال رکيو وڃي، سنڌ حڪومت، ضلعي حڪومت، نوشھرو فيروز ۽ ميونسپل ڪاميٽي مورو طرفان وارڊن، محلن پاڙن ۾ آر او فلٽر پلانٽ لڳرايا وڃن ۽ ڊرينيج، سيوريج لائينون وڇائڻ وقت پيئڻ واري پاڻي جر جو خاص خيال رکيو وڃي، امير، دولتمند ماڻھو ۽ غريب حضرات کي پڻ عرض آھي ته پنھنجي طرفان ننڍا آر او فلٽر پلانٽ لڳرايا وڃن جيڪا انساني خدمت ۽ صدقه جاريه پڻ آھي.“ ان موقعي تي سگا مورو جي صدر اسلم عباسي ، صدر پريس ڪلب علي اصغر ڪورائي، ڊاڪٽر محمد يوسف نول، نثار احمد ميمڻ، وزير فرھاد سولنگي، ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ، نظر حسين ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ھن پروگرام ۾ خالد ساحل ڪيريو، سرفراز ميمڻ، اختر علي لغاري ، رياض حسين عالماڻي، جاني مورائي، بشير احمد لغاري، الطاف سومرو ،فقير دين محمد ڪلھوڙو ، افتخار احمد ٻگھيو، زاھد حسين سيال، سڪندر جروار، علي جان ميمڻ ، خادم حسين ڪلھوڙو ، مختيار احمد ٻگھيو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا ان کان اڳ ڊاڪٽر غلام سرور ٻگھيو طرفان شھر جي تمام وارڊن محلن ڪالونين ۽ ڳوٺن جو پيئڻ جو پاڻي مشين ذريعي چيڪ ڪرايو ويو جيڪو مڪمل طور تي پيئڻ جو پاڻي ناڪارا ثابت ٿيو جنھن تي فوري طور تي صاف پاڻي پيئڻ لاءِ ماڻھن کي مشوره ڏنا.

مظهرالدين ميمڻ جي ياد ۾ چمڙي ڪئمپ، نومبر 2017ع

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو طرفان تاريخ 5 نومبر 2017ع آچر جي ڏينهن صبح جو 8 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين گورنمينٽ بوائيز هاءِ اسڪول ٽائون (مين پرائمري اسڪول) مورو ۾ سگا ساٿي ناليواري سماج سڌارڪ ۽ سگا جي سابق مرڪزي سيڪريٽري جنرل پروفيسر مظهر الدين ميمڻ جي ياد ۾ هڪ ڏينهن واري چمڙي جي بيمارين واسطي مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي. جنهن ۾ ڪراچي جي اسپيشلسٽ چمڙي جي ماهر ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ ۽ ٻين ڊاڪٽرن حصو ورتو، سگا جي عهديدارن هر هڪ نظر حسين ميمڻ، حفيظ الرحمان شيخ، غلام اصغر ميمڻ وزير فرهاد سولنگي، زاهد ڏيپر، سرفراز ميمڻ، قاضي شفيع محمد ۽ ٻين صبح جو سوير ئي ڪئمپ واري هنڌ تي پهچي انتظامات سنڀاليا ۽ صبح جو مورو شهر ۽ ان جي پسگردائي ۽ ڳوٺن مان ڪيترائي غريب، بي پهچ، مسڪين ۽ چمڙي جي بيماري ۾ مبتلا مريضن جو وڏو انگ مردن، عورتن ۽ ٻارڙن جو ڪئمپ مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ پهتو، ان سان گڏوگڏ ڪراچي کان آيل ڊاڪٽرن جي ٽيم دوائن سميت ڪئمپ واري هنڌ صبح جو 8:30 وڳي تائين پهچي وئي، جڏهن ته مظفر گلاباڻي اسڪائوٽ گروپ، شهباز ڪورائي ورڪرن سميت ۽ ٻيا ڪيترائي ڪئمپ اندر خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ سگا ساٿي اسڪولي شاگرد ۽ سماجي ورڪر پڻ پهتا.
ڪئمپ جي افتتاحي رسم جي تقريب ٿي گذري جنهن جو افتتاح سگا چيئرمين رفيق احمد جعفري ڪيو ۽ دعا گهري وئي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن ۾ ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ، ڊاڪٽر مظهر علي ڪلهوڙو، پيرل خان کوسو مرڪزي وائيس چيئرمين، منظور اڄڻ مرڪزي سيڪريٽري جنرل، رفيق احمد سرهيو سيڪريٽري هيلٿ سگا ۽ مرڪزي عهديدارن هر هڪ شمس ساريو، عبدالطيف ڪرٽيو، جاويد انڙ، شهاب الدين شاهاڻي، نور محمد سيال، سريش ڪمار واڌواڻي، تاج محمد بلوچ، عظيم سنڌي، محمد ابراهيم ڀنڊ صدر خدا آباد ۽ سگا صدر اسلم عباسي جن هئا، جن سگا شاخ مورو طرفان هلندڙ ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽ ڊاڪٽرن سان ملاقات ڪري مريضن بابت ڄاڻ ورتي.هن موقعي تي سوين مريضن کي ڊاڪٽر صاحبان طبي معائنو ڪري ۽ دوائون پڻ ڏئي رهيا هئا، ان بعد سگا مرڪزي سڀني مهمانن کي اجرڪن جا تحفا سگا مورو جي ساٿين پيش ڪيا.
مهمانن جي آجيان لاءِ هڪ پروقار تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، جنرل سيڪريٽري حفيظ الرحمان شيخ آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪئي ۽ ٿورا مڃيا ان بعد سگا سينئر ساٿي عظيم سنڌي پڻ ڳالهائيندي چيو ته سگا مورو 1976ع کان وٺي سماجي خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، مورو سنڌ جي دل ۽ مرڪز واري حيثيت رکي ٿو، هن چيو ته ڊاڪٽر سليمان شيخ سان گڏ جن دوستن سگا جو بنياد وڌو هو، انهن ۾ چوٿون نمبر سائين بخش عباسي هو، جيڪو پڻ هن ئي مورو شهر سان تعلق رکندڙ آهي، ان بعد مرڪزي وائيس چيئرمين پيرل خان کوسو ڳالهائيندي چيو ته سگا سڄي سنڌ جي اندر چمڙي ڪئمپ ۽ اکين جي ڪئمپ لڳائيندي رهي ٿي جنهن مان هزارين ماڻهو فائدو حاصل ڪن ٿا. هن چيو ته مورو شهر سان منهنجي نيهن جو ناتو آهي ۽ سچ پچ سگا مورو ساٿي تمام گهڻو جس لهڻن. ان کان پوءِ سگا مرڪزي سيڪريٽري صحت رفيق احمد سرهيو ڳالهائيندي چيو ته اها هڪ حقيقت آهي ته سگا مورو تمام بهترين سماجي خدمتون سر انجام ڏئي رهي آهي، هن چيو ته زندگي جو حقيقي مقصد پڻ انسانيت جي خدمت آهي، سڄي سنڌ اندر سگا ڀرپور صحت جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، مرڪزي سيڪريٽري جنرل منظور اڄڻ ڪئمپ بابت افتتاحي تقريب دوران خطاب ڪندي چيو ته سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو اڄوڪي مفت چمڙي ڪئمپ سگا جي مرڪزي سابق سيڪريٽري جنرل مظهر الدين ميمڻ جي ياد ۾ لڳرائي آهي. جنهن تي کين جس آهي، ان سان گڏ ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ ڊاڪٽرن جي ٽيم ۽ دوائن سميت هتي اچي مريضن جي خدمت ڪئي آهي. جيڪو ساراھ جوڳو ڪم آهي، مورو برانچ سنڌ جي بهترين برانچن مان هڪ آهي ۽ سماجي کيتر ۾ ڪيترائي علمي ادبي، ثقافتي، ميڙاڪا، گڏجاڻيون، مچ ڪچهريون، ڪتابي ميلا منقعد ڪيا آهن ۽ گڏگڏ عام ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ مختلف موضوعن تي ليڪچر، سيمينار منقعد ڪرايا آهن.
سيڪريٽري تعليم جاويد انڙ چيو ته مظهر الدين ميمڻ سگا جو اثاثو هوسندس ڪتاب جنهن دل پيتا عشق دا جام تازو ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جيڪو هر سگا ساٿي کي پڙهڻ گهرجي ان ڪتاب ۾ سماجي ڪمن بابت ڄاڻ آهي، معاشري ۾ سماجي ڪمن ۾ ٽن طبقن جا ماڻهو حصو وٺندا رهن ٿا، هڪ اهي جيڪي مالي مدد ڪندا آهن، ٻيو اهي جيڪي وقت ڏيندا آهن ۽ ٽيا اهي جيڪي وقت ۽ مالي مدد ڪندا رهن ٿا.ان ڪتاب ۾ سگا جي تاريخ آهي، سچ پچ ته اڄوڪي ڪئمپ جو دورو ڪري اسان سڀني ساٿين کي ڏاڍو روحاني سڪون حاصل ٿيو آهي.
ڊاڪٽر مظهر ڪلهوڙو ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر نوشهروفيروز پڻ تقريب ۾ ٻاهران آيل سگا مرڪزي ساٿين کي ڀليڪار ڪندي چيو ته هي مورو شهر اسان جو به آهي، ان ڪري منهنجو فرض آهي ته سگا سان مڪمل سهڪار ڪري ۽ سماجي ڪمن ۾ هٿ ونڊايون، مورو شاخ جي دوستن کي جس آهي جيڪي هر وقت پاڻ پتوڙيندا رهن ٿا ۽ ڪنهن به پنهنجي سياسي ۽ ذاتي مقصد کان هٽي ڪري صرف عام ماڻهن جي ڀلائي واسطي سوچيندا رهن ٿا ۽ عملي ڪم ڪن ٿا، اڄوڪي هن مفت چمڙي ڪئمپ ۾ ڪيترن ئي مورو ۽ ان جي آس پاس رهندڙ غريبن کي فائدو پهچندو اميد آهي ته اهڙا چڱا ڪم ٿيندا رهن ۽ منهنجو ذاتي طرح مڪمل سهڪار پڻ رهندو.
آخر ۾ سگا چيئرمين رفيق احمد جعفري چيو ته سگا مورو مفت چمڙي ڪئمپ منعقد ڪرائي آهي جيڪو وڏو هڪ سماجي ڪم ڪيو آهي ۽ عام ماڻهن جي صحت ۽ ڀلائي واسطي ڪئمپ لڳرائي آهي. جيڪا سگا ساٿي مظهرالدين ميمڻ جي ياد ۾ ٿي رهي آهي. مورو برانچ گذريل ٻن سالن کان سماجي کيتر ۾ تمام وڏا ڪم ڪيا آهن. جيڪي ساراھ جوڳا آهن. مورو سگا سنڌ جي پنجون نمبر شاخ آهي، جنرل ضياالحق مارشل لا دور ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن تي جيڪا بندش پئي هئي اهو سگا ڪنوينشن 1983ع ڌاري مورو ۾ ٿي هئي ڇاڪاڻ ته سرڪار کان جيڪي مطالبا ڪيا ويا هئا، انهن ۾ هڪ مطالبو ڪالاباغ ڊيم نامنظور پڻ هيو ۽ جيڪوڊرافٽ تيار ڪيو ويو هو ۽ اهو پروفيسر نظير احمد قاضي سگا مورو جنرل سيڪريٽري تيار ڪيو هو، جيڪو سرڪار کي نه وڻيو ۽ ان جو سخت نوٽيس وٺندي سگا مٿان بندش پئي. مورو تحريڪن جو شهر آهي. ون يونٽ جي دور کان وٺي، ايم آر ڊي تحريڪ تائين شاندار جدوجهد ڪندڙ تاريخي شهر آهي، هن ئي شهر جا ڪيترائي علمي ادبي، سياسي، سماجي ۽ سماج سڌارڪ شخصيتون پيدا ٿيون، جن پنهنجي ڌرتي، وطن ۽ مسڪين ماروئڙن جي خدمت لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيو. سائين راشد مورائي پڻ هن شهر جي سڃاڻپ آهي، هن چيو ته سگا پنهنجي سماجي کيتر ۾ تعليم، صحت، ثقافت جهڙن شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي ۽ اهڙي طرح موجوده سگا مورو جي عهديدارن ۽ ميمبرن ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ بهترين ڪم ڪيو آهي. جنهن جو ڪريڊٽ سگا جي موجوده صدر اسلم عباسي ۽ سندس ساٿين کي آهي. سگا مرڪزي عهديدارن جي روانگي بعد ڪئمپ سڄو ڏينهن جاري رهي اندازي موجب 2000 مريضن کي چيڪ اپ ڪري مفت دوائون ڏنيون ويون اهڙيءَ طرح هي ڪئمپ منجهند 3 وڳي پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي. ڪراچي کان ڪهي آيل ڊاڪٽرن جي ٽيم جي رات جي رهائش، ماني ۽ صبح جو ناشتو چيئرمين مورو ميونسپل محترم نظير احمد ميمڻ طرفان بندوبست ڪيو ويو هو جڏهن ته منجهند جي ماني ڪائونسلر ملڪ شبير طرفان مهراڻ سٽيزن ڪلب مورو ۾ اهتمام ڪيو ويو هو جنهن لاءِ سگا مورو سندن ٿورا مڃيا.

ڪتابي ميلو ٽي ڏهاڙا علمي ادبي ثقافتي سرگرميون

سنڌ ۾ جڳن کان ميلن جي روايت رهي آهي. اهڙي قسم جي ميلي ملاکڙن ۽ ثقافتي سرگرمين راڳ رنگ جون محفلون ۽ ميڙاڪا ٿيندا رهيا آهن ۽ ڪجهه عرصي کان انهن روايتن کي وڌيڪ سگهارو بنائڻ لاءِ علمي ۽ ادبي ميلن جو لاڙو ۽ رجهان وڌي رهيو آهي. جنهن ۾ آرٽ ڪائونسل، پريس ڪلب ڪراچي، سنڌ ميوزيم حيدرآباد، حيدرآباد ڪلب، خانه بدوش ڪيفي حيدرآباد ۾ اهڙن ميلن ۾ مختلف سنڌي ادب جي عظيم شخصيتن جا ڏهاڙا پڻ ملهايا ويا. جنهن ۾ شيخ اياز ميلو ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. انهيءَ سلسلي کي اڳتي وڌائيندي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ طرفان 6 ڊسمبر 2017ع اربع ڏينهن کان 8 ڊسمبر جمعي شام تائين پريس ڪلب مورو ۾ شاندار ڪتابي ميلو سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ جي تعاون سان ٿي گذريو، سگا مورو طرفان هر سال لڳندڙ ڪتابي ميلو ٽيون ڀيرو منقعد ڪيو ويو. ڪتابي ميلي ۾ موري تعلقي ۽ آس پاس جي علائقن شاهپورجهانيان، دولتپور، دادو، مٺياڻي، نوشهروفيروز کان اهل قلم ۽ ڏات ڌڻين جي وڏي انگ جي شرڪت رهي، گڏوگڏ سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسڪولن جي شاگردن، شاگردياڻين، استادن ۽ والدين پڻ هن ڪتابي ميلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ خاص طرح ٻاراڻي ادب کان ويندي سنڌ جي تاريخ، ثقافت، سياست، سماجيات، سائنسي ۽ مذهبي ڄاڻ ڏيندڙن ڪتابن کي بيحد پسند ڪري خريد ڪيو ويو. جڏهن ته نوجوان وري انگريزي ادب، ڊڪشنريون، گرامر جي ڄاڻ، ڪيريئر گائيڊ ۽ روزگار حاصل ڪرڻ وارن ڪتابن جي خريداري ۾ مشغول رهيا.
سگا مورو طرفان ڪتابي ميلي دوران ٽئي ڏينهن لڳاتار علمي، ادبي تعليمي ۽ ثقافتي سرگرميون پڻ جاري رکيون ويون، جن ۾ عالمن، اديبن، استادن، قلمڪارن، شاعرن ۽ سول سوسائيٽي ميمبرن جي نمائندگي پڻ رهي. ڪتابي ميلي جي پهرين اربع ڏينهن ٺيڪ چئين وڳي افتتاحي رسم ٿي گذري. سگا جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل منظور اڄڻ، مرڪزي سيڪريٽري ثقافت شهاب الدين شاهاڻي، پروفيسر محمد سليمان سيال پرنسپال مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو، سگا صدر اسلم عباسي، عظيم سنڌي ڪتابي ميلي جو افتتاح ڪيو. ان سان گڏوگڏ سگا ساٿين وزير فرهاد، زاهد ڏيپر، قاضي شفيح محمد، سرفراز ميمڻ، اسد سولنگي پڻ معزز مهمانن سان گڏجي ڪتابي اسٽال جو دورو ڪيو.
افتتاحي رسم بعد مورو پريس ڪلب اندر هال ۾ سگا شاخ مورو طرفان هڪ علمي، ادبي تقريب سائين محمد ابراهيم جويو جي ياد ۾ تعزيتي پروگرام ٿي گذريو. صدارت سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ سنڌ لينگويج اٿارٽي جي اڳوڻي سيڪريٽري تاج جويو ڪئي. جڏهن ته مهمان خاص سگا جنرل سيڪريٽري منظور اڄڻ، شهاب الدين شاهاڻي ۽ ڪامريڊ هاشم کوسو هئا.
تعزيتي ميڙاڪي تقريب جي شروعات ۾ سڀ کان اول سگا موري جي ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي اسد سولنگي کي گهرايو ويو، جنهن آيل سڀني معزز مهمانن کي ڀليڪار ڪندي ۽ محمد ابراهيم جويي جي زندگيءَ بابت ڳالهائيندي چيو ته پاڻ هڪ عظيم انسان ۽ برصغير جي اهم شخصيت ۽ صديءَ جي هڪ مڪمل تاريخ رهيو آهي. هن فلسفي، ڏاهپ ذريعي سنڌي ادب ۽ سنڌي ماڻهن جي بي لوث خدمت ڪئي آهي ۽ انگريزي ادب مان ڪيترائي ڪتاب ترجما ڪيا ۽ اسان تائين پهچايا ۽ ان سان گڏوگڏ ڪيترائي ڪتاب لکيا. جيڪو سنڌ جي آئيندي نسل تي سندس احسان آهي. جويي صاحب سان اسان جو ذاتي تعلق پڻ هو. سنڌ صدين تائين کيس ياد ڪندي. ان بعد پروفيسر شمشاد احمد سومرو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سوين سالن بعد محمد ابراهيم جويي جهڙا انسان پيدا ڪندي رهندي آهي. هو هڪ خاموش خدمتگار هو ۽ وڏي سوچ ۽ فڪر رکندڙ سگهاري شخصيت هئي. سنڌي ادب ۾ سندس نالو ۽ نيڪي آهي. سنڌ جو حقيقي عاشق هو. پاڻ وڏو فلسفي ۽ ڏاهپ رکندڙ ڪمال جي شخصيت هو. سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب کي زنده رکندڙن منجهان هڪ هو. ان بعد دولتپور واسي پروفيسر ارشاد احمد اوٺو ڪيتريون ئي ساروڻيون ٻڌايون. هن چيو ته هڪ دفعي ڪنهن ڪم سانگي هڪ دوست کي وٺي سائين جويي صاحب ڏانهن ويس، سندس محبت، شفقت اڄ ڏينهن تائين وسري نه ٿي پاڻ ڇپر ۽ ڇانو هو. هر هڪ ملڻ واري ايندڙ ويندڙ ماڻهو کي ڀاءُ ڪري ڪوٺيندو هو. سندس وٽ ذات پات رنگ نسل جو ڪوبه فرق نه هو. برابريت واري هميشه رواداري رکندو هو.
تعزيتي ميڙاڪي کي مخاطب ٿيندي ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي چيو ته سائين ابراهيم جويي جو سنڌ مٿان احسان آهي ۽ ان سان گڏوگڏ خاڪي جويو ۽ تاج جويو به سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. سائين سان منهنجي واقفيت خاڪيءَ جويي ڪرائي، محمد ابراهيم جويو ڪتابن ۾ هميشه زنده رهندو. پاڻ حڪمت عمليون جوڙڻ جو ماهر هو. سنڌ وطن ۽ عام ماڻهن جي ڀلي لاءِ بيحد فڪرمند رهندو هو. وطن جو سچو ۽ حلالي پٽ هو. پاڻ هڪ تاريخ ساز شخصيت هو.
ان کان پوءِ عظيم سنڌي ڳالهائيندي چيو ته سگا مورو کي جس آهي جنهن اڄوڪو ڪتابي ميلو منعقد ڪرڻ سان گڏوگڏ هي علمي، ادبي تعزيتي ميڙاڪو پڻ ڪوٺايو آهي. جيڪو سچ پچ ته ساراھ جوڳو ڪم آهي. جويي صاحب جا اسان سنڌي قوم مٿان احسان آهن، هن چيو ته آءُ هڪ دفعي سائين سان مليس ۽ کيس ٻڌايم ته موري شهر جو آهيان ته هڪدم خوش ٿي وراڻيائين ته مورو واسي ڪراچيءَ جي پهرين مسلمان ميئر قاضي خدا بخش جو مون مٿان ٿورو آهي ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ مونکي اسڪالرشپ ڏنائين. جويو صاحب تمام وڏو املهه ماڻهو هو. اهڙا انسان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. سندس قلمي ۽ ادبي پورهيو تمام گهڻو آهي. هن ڪيترائي ادارا جوڙايا پاڻ هڪ خاموش خدمتگار هو. وڏو ذهين ۽ داناءَ انسان هو، هن سنڌ بچايو کنڊ بچايو جهڙا فڪر ڏنا.
تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي مهمان خاص سگا مرڪزي سيڪريٽري ثقافت شهاب الدين شاهاڻي چيو ته سائين محمد ابراهيم جويو جو جنم ضلعي دادو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٿيو، پاڻ غريب خاندان سان تعلق رکندڙ هو ۽ سندس شروعاتي زندگي ڏکن ۾ گذري پر پاڻ علم پرائي ۽ اعلي منزل تي پهتو، نه رڳو ايترو پر پاڻ هڪ عظيم انسان هو ۽ تمام وڏي شخصيت هو. سائين جي ايم سيد سان ويجهڙائپ هئڻ ڪري وطن پرست، سنڌ دوست ۽ قومپرست هو. هميشه سنڌ جي ماڻهن لاءِ زندگي وقف ڪئي ۽ سنڌي ادب ۾ خدمت ڪري وڏو مقام ماڻيو اٿس، ڪامريڊ هاشم کوسي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ محمد ابراهيم جويو جو وڏو مقام آهي پاڻ سائين جي ايم سيد سان گڏجي سنڌ جي خاطر تمام گهڻو ڪم ڪيو. وڏو اعلي ذهن جو مالڪ هو، سنڌ کي هن وقت به محمد ابراهيم جويو جهڙن ڪردارن جي سخت ضرورت آهي. اڄ جي سنڌ اوهان اسان پڙهيل لکيل ۽ شعور رکندڙ وطن پرست ماڻهن کان گُهر ٿي ڪري ته سندس لوئي ۽ لڄ جي حفاظت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيون.
سگا مرڪزي سيڪريٽري جنرل منظور اڄڻ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جي مڪمل تاريخ آهي. سگا مورو اڄوڪو هي تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺائي اهم ۽ تاريخي ڪم ڪيو آهي. اڄوڪي تعزيتي تقريب ڪتابي ميلي جي موقعي تي منقعد ڪئي وئي آهي. جويو صاحب جي زندگي سڄي ڄمار علم و ادب ڪتابن ۾ گذري، فلسفي ۽ ڏاهپ جو دڳ ڏسيندڙ هميشه علم جي روشني ڏيندو رهيو ۽ اسان نوجوانن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. اڄوڪو ڪتابي ميلو منعقد ڪري ۽ جويي صاحب کي ياد ڪرڻ ۽ ڀيٽا ڏيڻ هڪ سٺي روايت آهي، جنهن لاءِ سگا مورو ۽ جاکوڙي ساٿي اسلم عباسي جس لهڻي. جيڪو گذريل ٽن سالن کان مسلسل ڪتابي ميلا لڳرائي ۽ ٽئي ڏينهن علمي ادبي ثقافتي ميڙاڪا، محفلون ۽ مشاعرا ڪرائيندو رهي ٿو. سگا مورو سڀني ساٿين کي جس آهي.
سگا ڪتابي ميلي جي پهرين ڏينهن واري محمد ابراهيم جويي واري تعزيتي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي تاج جويو چيو ته سائين محمد ابراهيم جويو هڪ يتيم ۽ بي سهارا ٻار هو ۽ ڏکن ۾ پليو. سائين جي ايم سيد سان ويجهڙائپ ڪري تعليم حاصل ڪيائين. برصغير جي اهم سياسي اڳواڻن سان کيس ملڻ جو موقعو مليو. سنڌي ادب ۾ سندس ڪتاب، ڪهاڻيون ۽ شاعري به آهي. انگريزي ادب مان ترجما ڪري ڪيترائي ڪتاب ڏنائين.
سنڌ جي اندر ڪيترائي ادارا پڻ جوڙائڻ ۾ سندس وڏو اهم ڪردار رهيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل ڪاليج، مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج، زرعي يونيورسٽي ۽ ٻيا ڪيترائي تعليمي ادارا، درسگاهون جوڙائڻ، رٿائون ڏيڻ، ايڪٽ پاس ڪرائڻ، بجيٽ منظور ڪرائڻ ۽ ٺهرائڻ وارا بي مثال ڪم ڪيائين. سنڌ مٿان سندس احسان آهي. پاڻ هميشه غير تڪراري شخصيت رهيو. اهو ئي سبب آهي جو سائين جي ايم سيد کان ويندي رسول بخش پليجو ۽ کاٻي ڌر جون سڀئي سياسي شخصيتون کيس مان مرتبو عزت ۽ احترام ڏينديون هيون. هن زندگيءَ جي حقيقي مقصد کي سمجهي ورتو. سگا مورو کي جس آهي جنهن اڄ هي تعزيتي تقريب جو اهتمام ڪيو آهي.
ڪتابي ميلي جي ٻئي ڏينهن تي علمي ۽ تعليمي ليڪچر پروگرام عنوان (رول آف ڊجيٽل لرننگ) ٿي گذريو. جنهن ۾ جديد ڪمپيوٽر ۽ انفرميشن ٽيڪنالوجي واري تعليمي اهميت بابت سماج سڌارڪ ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو ليڪچر ڏنو. هن تقريب جي صدارت سگا مرڪزي وائيس چيئرمين پيرل خان کوسو ڪئي. جڏهن ته مهمان خاص سگا مرڪزي عهديدار نور محمد سيال ۽ رفيق احمد سرهيو هئا. ڪمپيئرنگ ڪندي نوجوان تعليمي ماهر سر قاضي شفيع محمد سڀني معزز مهمانن کي اسٽيج تي ويهاريو ۽ سگا صدر اسلم عباسي کي مهمانن جي آڌر ڀاءُ لاءِ سڏ ڪيو. جنهن آيل مهمانن ۽ ليڪچر ۾ ويٺل سڀني استادن، اديبن، شاگردن ۽ سول سوسائيٽي ميمبرن کي ڀليڪار ڪندي ۽ ليڪچرڪار جو تعارف پڻ ڪرايو. ان بعد ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهئي ليڪچر ڏيندي چيو ته هن وقت اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا ان کي ڪيترائي ايندڙ وقت ۾ چئلينجز آهن. ڪمپيوٽر، انفرميشن ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جديد علم ذريعي اهم ۽ تاريخي تبديليون اچڻيون آهن. ايندڙ وقت ۾ بايو ٽيڪنالوجي ۽ ڪمپيوٽر ۽ ڊجيٽل ايجادن ذريعي انسان تمام گهڻي تيز رفتاريءَ سان منزلون ماڻيندو. تصوراتي ۽ حيرت انگيز تبديليون اينديون. ڊجيٽل اوزارن ذريعي هن وقت خاص طرح ميڊيڪل سائنس ۾ وڏي ترقي ٿي رهي آهي. بيمارين بابت ڄاڻ پلاسٽڪ سرجري، پيوند ڪاري، انساني عضون جي ٽرانسپلانيٽيشن اهي سڀ مستقبل قريب ۾ ايجادون ٿڻيون آهن. بنا ڊرائيور ڪارون، گاڏيون هلنديون، انهن ۾ جديد آلات، سينسر نصب ٿيل هوندا، اکين ۽ ڪنن کان معزور ڏسي ۽ ٻڌي سگهندا. هن چيو ته ڊجيٽل سائنسي ترقيءَ سبب ميڊيڪل جي علاج جي سهولتن سبب انساني عمر ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. جايون، جڳهيون، بلڊنگون، روڊ، رستا ٿري ڊي ٽيڪنالاجي اچڻ سبب جلد از جلد ٺهي سگهندا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۽ سنڌ واسين نوجوانن کي ٽيڪنالاجي مهارت ۾ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ اسان مقابلو ڪري سگهون. هي دور مضبوط معاشيات ۽ اڪانامي بهتر ڪرڻ ۽ ان ۾ اڳڀرو ٿيڻ واري ڊوڙ ۾ شامل ٿي چڪو آهي ۽ مقابلو اهي ئي ڪري سگهندا جيڪي معاشي طرح سگهارا ۽ ٽيڪنالاجي ۾ مهارت رکندڙ هوندا. آخر ۾ سگا اڳواڻ رفيق احمد سرهيو ڳالهائيندي چيو ته اڄوڪو تعليمي ليڪچر تمام ڪارائتو آهي ۽ سنڌ جي نوجوانن کي ڊجيٽل تعليم ۾ اڳتي اچڻو پوندو ۽ ڀرپور صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. هن سگا مورو ساٿين کي ڪتابي ميلي ڪرائڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.
صدارتي خطاب ڪندي سگا وائيس چيئرمين پيرل خان کوسي چيو ته سگا مورو ماضيءَ جي روايتن کي برقرار رکندي هي ڪتابي ميلو منعقد ڪيو آهي ۽ گڏوگڏ هي ليڪچر پروگرام پڻ منعقد ڪرايو آهي سچ پچ اڄوڪو پروگرام تمام شاندار ۽ ڄاڻ ڏيندڙ آهي. ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهئي تي اسانکي فخر آهي. پاڻ هڪ ڊاڪٽر هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي سماج ۽ نوجوانن لاءِ هڪ يونيورسٽي وارو ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو. جنهن لاءِ کيس جس آهي. سگا سنڌ اندر روشن تارا اسڪول هلائي رهي آهي. اسان سگا روشن تارا اسڪول مئنجمينٽ کي سفارش ٿا ڪريون ته سڄي سنڌ اندر سگا روشن تارا اسڪولن ۾ ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهئي جا هي ڄاڻ وارا اهم موضوعن تي ليڪچر منقعد ڪرائي ته جئين نوجوان ڄاڻ حاصل ڪن، جيڪي مستقبل جا معمار آهن.
ڪتابي ميلي جي ٽئين ۽ آخري جمعي ڏينهن صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين صرف عورتن، اسڪولي شاگردياڻين ۽ نياڻين لاءِ مخصوص وقت مقرر ڪيل هو. ان دوران ڪيترن ئي اسڪولن جي شاگردياڻين، فيميل ٽيچرس ۽ عورتن پڻ ڪتابي ميلي جو دورو ڪري ۽ مختلف موضوعن بابت ڪتابن جي خريداري ڪئي ۽ سگا مورو کي جس پڻ ڏنو.
جڏهن ته ان ئي آخري ڏينهن شام جو سگا مورو طرفان محفل مشاعرو ٿي گذريو، جنهن جي صدارت نوجوان شاعر، اديب، ليکڪ ۽ ايڊووڪيٽ امداد سولنگي ڪئي. جڏهن ته مهمان خاص صدر پريس ڪلب مورو نواب اصغر ڪورائي هو ۽ سگهڙ شاعر علي گل ڀٽي هئا ۽ معزز مهمانن ۾ پروفيسر محمد خان ڏاهري، پروفيسر شمشاد احمد سومرو پڻ شريڪ ٿيا. ڪمپيئرنگ جا فرائض سر قاضي شفيع محمد سگا ساٿي سرانجام ڏنا.
سگا مورو جوائنٽ سيڪريٽري وزير فرهاد آيل سڀني مهمانن جي مان ۾ آجياڻي تقرير ڪندي ڀليڪار ڪيو ۽ چيو ته سگا مورو جي موجوده باڊي کي هن وقت اڍائي سال گذري چڪا آهن ۽ سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺي رهي آهي. خاص طرح تعليم، صحت، ثقافتي سرگرمين ۾ پاڻ مڃرايو آهي. هي ڪتاب ميلو مسلسل ٽن سالن کان ٿي رهيو آهي. هر سال ميلي دوران مختلف علمي، ادبي ثقافتي تقريبون پڻ ٿينديون رهن ٿيون. اڄ محفل مشاعرو آهي. هن موقعي تي پهتل اديبن، شاعرن کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا. ان بعد شعر پڙهڻ لاءِ سڀ کان اول سنڌي ادبي سنگت دادو کان آيل شاعر عاشق دادوي کي گهرايو ويو، جنهن پنهنجي نئين نڪور شاعري ۽ ترنم سان گيت پڻ ٻڌائي سامعين کي جهومائي ڇڏيو. ان بعد هر هڪ معشوق محسن ابڙو، غلام مصطفي عقاب ڇڄڙو، محبتي ملاح، مختيار شاھ، خادم بالادي، وزير فرهاد ، مجاز حيدر، اشرف سولنگي ۽ ٻين پڻ مشاعري ۾ شريڪ ٿي پنهنجا شعر ٻڌائي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
پروفيسر شمشاد احمد سومري چيو ته اڄ جي محفل ۾ شاعرن پنهنجو ڪلام پيش ڪري محفل کي رونق بخشي آهي ۽ اهو جس آهي سگا موري جي سڀني ساٿين کي هي ڪتابي ميلا ۽ علمي ادبي ثقافتي پروگرام زندگيءَ کي اتساھ بخشين ٿا. ان بعد پروفيسر محمد خان ڏاهري پڻ خطاب ڪندي چيو ته اڄ مشاعري ۾ ويهي شاعرن جو ڪلام ٻڌي روح کي فرحت ملي آهي. شاعر قومن جا سفير هوندا آهن. سگا ساٿي جس لهڻن.
ان بعد مشاعري جي مهمان خاص سگهڙ شاعر علي گل ڀٽي محفل ۾ خوب شاعري ٻڌائي ۽ سگهڙائپ جو فن پڻ پيش ڪيو. جنهن کان پوءِ مهمان خاص پريس ڪلب مورو صدر نواب اصغر ڪورائي چيو ته شاعر اديب سماج جا مهان ماڻهو هوندا آهن. جيڪي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف قلم کڻي لکندا رهن ٿا کين جس آهي.
آخري ۽ صدارتي تقرير ڪندي امداد سولنگي چيو ته سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيشن سڄي سنڌ ۾ بي لوث خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ هڪ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ سنڌ اندر هڪ سماجي انقلاب آندو آهي. سگا کي دنيا ليول تي پرکڻو پوندو. ون يونٽ جي ٽٽڻ کانپوءِ سنڌ جي ذهين ۽ قابل ماڻهن سنڌي ماڻهن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ سگا جو بنياد رکيو ۽ سماجي شعور پيدا ڪيو. مورو سگا شاخ ان جو تسلسل آهي. ساٿين کي جس آهي.
شاعري اندر جي احساسن ۽ جذبن جي ترجماني آهي. اڄ سنڌ جي اندر ڪيترائي نوجوان بهترين شاعري ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ ڀٽائي کانپوءِ شيخ اياز پيدا ٿيو، جيڪو پنهنجي دور جو بهترين شاعر رهيو آهي. ان بعد امداد سولنگي پنهنجي نئين نڪور شاعري ٻڌائي ۽ محفل کان داد حاصل ڪيو. آخر ۾ راڳي عابد سولنگي ڪلام ٻڌائي سامعين کي جهومائي ڇڏيو ۽ اهڙي طرح سگا مورو طرفان ڪتابي ميلو پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.

سنڌي ادبي سنگت مورو جي نوَن چونڊجي آيل عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو طرفان تاريخ 2 فيبروري 2018ع جمعي ڏينهن چئين وڳي سگا آفيس مورو ۾ سنڌي ادبي سنگت موري شاخ جي نئين سال لاءِ چونڊجي آيل سيڪريٽري نوجوان اديب، نقاد، ڀٽائي جي پارکو اسد سولنگي ۽ ٻين عهديدارن جي مان ۾ آجياڻي تقريب ٿي گذري، جنهن جي صدارت سينيئر اديب، شاعر سيد منظور علي شاھ ڪئي، جڏهن ته مهمان خاص اسد سولنگي جن هئا. ڪاروائي هلائيندي سگا ساٿي وزير فرهاد معزز مهمانن کي اسٽيج تي سڏايو، ان بعد سگا صدر اسلم عباسي ۽ جنرل سيڪريٽري حفيظ الرحمان شيخ کي مهمانن سان گڏ اسٽيج تي ويهاريو ويو.
سگا مورو جنرل سيڪريٽري حفيظ الرحمان شيخ تقريب ۾ شريڪ سگا ساٿين، سنڌي ادبي سنگت مورو جي مڙني عهديدارن ۽ ميمبرن جا ٿورا مڃيا، هن ڳالهائيندي چيو ته سگا ۽ ادبي سنگت جو پاڻ ۾ سنڌ دوستي وارو ناتو ۽ ڳانڍاپو آهي. سگا سنڌ اندر گذريل 45 سالن کان تعليم، صحت، ثقافت، روزگار ڏيارڻ سان گڏوگڏ سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندي پئي اچي. ڪيترائي علمي، ادبي ميڙاڪا، رهاڻيون اديبن، شاعرن سان شامون سگا رچائيندي رهي ٿي ۽ سنڌي ادبي سنگت پڻ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ تاريخ ساز ڪم ڪندي رهي ٿي. اڄ خوشي محسوس ٿي رهي آهي اڄوڪي هن تقريب ۾ سگا ساٿين، سنڌي ادبي سنگت مورو جي اديبن، شاعرن ۽ سماج سڌارڪن جي شرڪت ٿي آهي.
ان بعد نوجوان اديب ۽ تعليمي ماهر مخدوم اظهار سگا موري طرفان آجياڻي تقريب واري عمل کي ساراهيو ۽ سگا ساٿين کي جس ڏنو، هن چيو ته سگا مورو ماضيءَ ۾ شاندار سماجي خدمتون ڪيون آهن ۽ موجوده باڊي گذريل ٻن اڍائي سالن کان علمي، ادبي، ثقافتي ميڙاڪا ڪوٺرائڻ سان گڏوگڏ صحت جي شعبي ۾ ڪيمپون قائم ڪري غريب، مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي. هن چيو ته موجوده ڪمپيوٽر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي تيز ترقيءَ ۾ سماجي قدر گهٽجي رهيا آهن. معاشري ۾ بهتري آڻڻ لاءِ سنڌ ادبي سنگت ۽ سگا کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.
ان بعد ساس ضلعي نوشهرو فيروز جي رابطا سيڪريٽري اظفر ميمڻ کي سڏايو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي هن سگا مورو جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هي سٺي روايت آهي. سماج جي بهتري ڀلائي واسطي سگا پاڻ پتوڙيندي رهي ٿي. مورو سنڌ جو دل وارو شهر آهي. سگا ۽ ساس جو پاڻ ۾ محبت وارو تعلق آهي. سگا سڄي سنڌ اندر سماجي خدمتون ڏيڻ سان گڏوگڏ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ پڻ ڪم ڪندي رهي ٿي. ماضيءَ ۾ سچل ڪانفرنس، ڀٽائي ڪانفرنس، شاھ سچل سامي انٽرنيشنل ڪانفرنس، سنڌي ٻولي انٽرنيشنل ڪانفرنس جهڙا شاندار تاريخي ڪم تعريف لائق آهن. مورو سنڌي ادبي سنگت ۾ ڪافي عرصي کان سگا ساٿين پڻ ادب جي واڌاري لاءِ ڪم ڪيو آهي.
ان بعد نوجوان تاريخدان، محقق، سماج سڌارڪ ۽ تعليمي ماهر پروفيسر شمشاد احمد سومري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سگا موري کي جس آهي، هيءَ نئين سٺي روايت آهي. اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ سگهڙن جي سگا قدردان آهي. سنڌي ٻوليءَ ۽ تعليمي خدمتن ۾ سگا طرفان سنڌ ۾ هلندڙ روشن تارا اسڪول، گڏاپ پبلڪ هاءِ اسڪول ۽ ٻيا تعليمي پراجيڪٽ سنڌ ۾ تعليمي انقلاب آڻيندا ۽ سگا ساٿي جس لهڻن. جنهن کان پوءِ ڪامريڊ سڪندر ڪورائي خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪي تقريب ۾ شريڪ ٿي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ۽ اميد آهي ته سگا مورو طرفان علمي ادبي ميڙاڪا ٿيندا رهندا.
ان بعد سگا سينئر ساٿي ۽ سابق جنرل سيڪريٽري نثار احمد ميمڻ آجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سگا مورو ماضيءَ ۾ شاندار تاريخي سماجي ڪم ڪاريون ڪيون آهن ۽ انهن ساٿين ۾ اڪثريت اديبن جي رهي آهي، جن ۾ ناصر مورائي، راشد مورائي، عظيم سنڌي، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، قاضي نظير احمد، مٺل ڪمالاڻي، خان محمد پنهور، صلاح الدين پنهور، رسول بخش گچيرائي ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. سگا سنڌي ادب لاءِ پڻ پاڻ پتوڙيندي رهي ٿي ۽ ڪيترائي علمي، ادبي تاريخي ڪم شامل آهن، هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت مورو کي پنهنجي ذاتي آفيس هئڻ گهرجي ۽ ان لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن نئين ساس مورو جي چونڊجي آيل سيڪريٽري اسد سولنگي ۽ ٻين عهديدارن کي مبارڪ باد پڻ ڏني، هن چيو ته اسد سولنگي ماضيءَ ۾ ادبي سنگت لاءِ گهران وڙان وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.
جوائنٽ سيڪريٽري ساس مورو نوجوان شاعر اشرف سولنگي پڻ تقريب ۾ ڳالهايو سگا مورو جا ٿورا مڃيا، ان بعد سنڌ ڪائونسل واسطي چونڊجي آيل ڪائونسلر اديب رضا ايوب لانگاھ خطا ڪندي چيو ته اسد سولنگي ماضيءَ ۾ به بهترين سيڪريٽري رهيو آهي ۽ اميد آهي ته هن دفعي به ادبي سنگت لاءِ بهتر خدمتون سرانجام ڏيندو.
اسٽيج سيڪريٽري آجياڻي تقريب ۾ خطاب لاءِ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري جي صدر اسلم عباسي کي تقرير لاءِ سڏايو، هن سڀ کان اول سنڌي ادبي سنگت مورو جي نئين چونڊيل سيڪريٽري اسد سولنگي ۽ ساٿين کي مبارڪباد ڏني ۽ آجياڻي تقريب ۾ آيل سڀني معزز مهمانن جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته سگا سٿ ۾ شامل هئڻ سان گڏو گڏ سنڌي ادبي سنگت جي ميمبر هجڻ تي مون لاءِ فخر جي ڳالھ آهي. سگا اسان کي سماجي ڪمن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ شعور ڏنو آهي، جڏهن ته ادبي سنگت اسان جي سنڌي ٻولي، ادب ۽ وطن جي محبت جي ساڃاھ ڏني آهي. سنڌ جون هي ٻئي تنظيمون جاکوڙي رهيون آهن. معاشري ۾ سماجي ورڪرن ساڃاھ وندن ۽ اديبن شاعرن جو ڳانڍاپو رهيو آهي. سگا ٺاهڻ وقت پڻ ڊاڪٽر محمد سليمان شِخ سان گڏ جن پنجن دوستن بنياد وڌو هو انهيءَ سٿ ۾ ناميارو اديب، شاعر شمشير الحيدري پڻ شامل هو. سگا سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۽ واڌ ويجھ ۾ ڪيترن ئي علمي، ادبي شخصيتن، اديبن، شاعرن جا ڪتاب پڻ ڇپرائيندي رهي آهي.
ان بعد معزز مهمان ۽ سنڌي ادبي سنگت موري شاخ جي نئين چونڊجي آيل سيڪريٽري اسد سولنگي کي سڏايو ويو. جنهن سگا مورو ساٿين جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته سگا سنڌ اندر بهتر سماجي ڪم ڪاريون ڪري رهي آهي ۽ گڏوگڏ سنڌي علم ادب جي واڌ ويجھ لاءِ بهتر ڪوششون ڪري رهي آهي. اديبن، شاعرن جي قدردان آهي ۽ کين عزت بخشيندي رهي ٿي. هن چيو ته سگا ۽ ساس جون ڪوششون ۽ ڪم ڪاريون سنڌ دوستيءَ جو ثبوت آهن ۽ هڪٻئي سان محبت، هم آهنگي رهي آهي. ماضيءَ ۾ به سنڌي ادب لاءِ ذميواريون نڀايون آهن. موري شهر جي اديبن، شاعرن قلمڪارن جون سنڌي ادبي سنگت لاءِ ڪيل خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن.
آخر ۾ صدر محفل سيد منظور علي شاھ آجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو کي جس آهي. جن اڄ سنڌ جي اديبن، شاعرن، قلمڪارن جي تنظيم سنڌي ادبي سنگت مورو جي دوستن جي مان ۾ محبت واري محفل آجياڻي تقريب ڪوٺائي ۽ اسانکي محبت ۽ عزت بخشي آهي. هن چيو ته اديبن جو سماجي ڪارج هئڻ وقت جي ضرورت آهي. هي ٻئي ادارا سنڌ دوست رهندا اچن پيا ۽ هڪٻئي سان گڏجي ڀرپور خدمت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سگا موري گذريل ٻن سالن ۾ بهترين ۽ شاندار سماجي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ گڏوگڏ سنڌي ادب جي واڌاري عوام لاءِ ڪتابي ميلا منقعد ڪرايا آهن، جن ۾ پڻ علمي، ادبي تقريبون ۽ مشاعرا شامل آهن. سگا مورو ساٿي جس لهڻن، اهڙي طرح هي شاندار تقريب پنهنجي پڄاڻي تي پهتي ـ

ليڪچر پروگرام Opportunities For Youth in China

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو طرفان 3 مارچ 2018ع بروز ڇنڇر تي مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو جي هال اندر نوجوان ذهين ۽ قابل شاگردن جي مستقبل ۽ ڄاڻ واسطي ليڪچر پروگرام موضوع:
Opportunities For Youth in China
ٿي گذريو پروگرام جي صدارت پرنسپال پروفيسر محمد سليمان سيال ڪئي جڏهن ته مهمان خاص ميونسپل چيئرمين مورو نظير احمد ميمڻ هئا ڪاروائي جو آغاز سگا ساٿي قاضي شفيع محمد تلاوت ڪلام سان ڪيو ۽ ان بعد سگا صدر اسلم عباسي پنڊال ۾ ويٺل استادن، شاگردن ۽ معزز شهرين کي ڀلي ڪار چيو. ليڪچرڪار ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهئي جو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو ته ڊاڪٽر صاحب گذريل مهيني پاڙيسري ملڪ چين گهمي آيو آهي ۽ اتي ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ کيس وڃڻ جو موقعو مليو ۽ اتان پاڻ نوجوانن جي لاءِ ڪافي مواد پاڻ سان کڻي آيو آهي.
ليڪچرڪار ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهئي ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ملڪ پاڪستان جي پاڙيسري چائنه اندر ذهين قابل شاگردن لاءِ تمام گهڻا موقعا آهن جن مان فائدو حاصل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي هن ٻڌايو ته اسڪالرشپس ۽ سرڪاري خرچ تي سوين پاڪستاني نوجوان چين جي مختلف يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. اسان وٽ نوجوانن لاءِ ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيڻ کان علاوه ٻيو ڪو به آپشن موجود نه آهي جڏهن ته چين ڏانهن ويندڙ شاگردن جو وڏو تعداد انفارميشن ٽيڪنالاجي، بزنس ايڊمنسٽريشن، انوائرونمينٽ، مڪينيڪل، اليڪٽرونڪس ۽ ٻين مختلف سائنس ۽ روزگار وارن شعبن ۾ پڙهڻ وارن جو رجحان آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ ٻهراڙين ۾ رهندڙ نوجوان جن وٽ مالي وسيلا گهٽ آهن ۽ قابل ۽ ذهين آهن انهن کي چين اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃڻ گهرجي هن انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جديد دور ۾ گوگل تي سرچ ڪري سوين اسڪالرشپ واريون ويب سائيٽ موجود آهن جن جي کوجنا وسيلي نوجوان اڳتي وڌن ۽ پنهنجو مستقبل سنوارين.
آخر ۾ گورنمينٽ مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو جي پرنسپال پروفيسر محمد سليمان سيال، پروفيسر بخش علي چانڊيو، پروفيسر محمد يوسف شيخ، زاهد حسين سيال، مير نواز سيال، عبدالغفار ڪيريو ۽ ٻين ڪيترن ئي استادن معزز شهرين سول سوسائيٽي پريس ميڊيا نمائدن ۽ شاگردن جي وڏي انگ ڊاڪٽر صاحب جي ليڪچر جي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي ۽ آخر ۾ شاگردن طرفان سوالن جوابن جو سيشن پڻ ٿيو جن ۾ نوجوانن جي ذهن ۾ اڀريل سوالن جا جواب ڏنا ويا ۽ اهڙي طرح هي ليڪچر پروگرام پنهنجي اختتام تي پهتو.

ڪامريڊ ڄام ساقي جي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو

ملڪ جي سياست جي کاهوڙي ڪردار ڪامريڊ ڄام ساقي جي اوچتي وڇڙي وڃڻ تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو ۽ سنڌي ادبي سنگت مورو جي گڏيل سهڪار سان تاريخ 11 مارچ 2018ع آچر ڏينهن 10 وڳي سگا آفيس ۾ تعزيتي ميڙاڪو ٿي گذريو. ڪاروائي هلائيندي ساس موري جي جوائنٽ سيڪريٽري اشرف سولنگي تعزيتي ميڙاڪي جي صدارت لاءِ ڄام ساقي جي ويجهي ساٿي ۽ سينئر اديب عبدالله خان جيسر کي اسٽيج تي گهرايو. جڏهن ته مهمانن ۾ هر هڪ ڪامريڊ هاشم کوسو، عظيم سنڌي، وزير فرهاد سولنگي سان گڏ ساس مورو جي سيڪريٽري اسد سولنگي ۽ سگا صدر اسلم عباسي کي پڻ سڏايو ويو.
آيل مهمانن جي ڀليڪار ڪندي اسد سولنگي چيو ته سنڌ جي ترقي پسند سياست جي سرواڻ ۽ پيڙهيل طبقي جي اڳواڻ ڄام ساقي جي وڇوڙي کي ترقي پسند سياست ۾ هڪ اڻ وسرندڙ باب سمجهيو وڃي ٿو. ڄام ساقي روپوشي واري دور ۾ منهنجي والد محترم ۽ راشد مورائي وٽ اچي رهندو هو. اڄوڪي تعزيتي تقريب ۾ شريڪ سڀني ساٿين کي ڀليڪار چوان ٿو. ان بعد عوامي ورڪرس پارٽي جي امير لغاري تعزيتي ميڙاڪي ۾ پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته اڄ جي دور ۾ روشن خيال ۽ ترقي پسند سياست ڪندڙ نوجوانن لاءِ ڄام ساقي جي جدوجهد اتساھ جي علامت آهي. سندس ڪردار کي هميشه ياد رکيو ويندو. نوجوان تاريخدان ۽ اديب پروفيسر شمشاد احمد سومري چيو ته کاٻي ڌر جي سياستڪار ڄام ساقي پنهنجي دور ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن کي پنهنجي آماجگاهه بنايو جنهن ۾ ٻلهڙيجي، خيرپور، ميهڙ، سکر ۽ مورو اچي وڃن ٿا. سندس موري ۾ ڪيترن ئي روشن خيال ماڻهن محبوب شاھ، مٺل ڪمالاڻي، راشد مورائي، استاد محمد پريل سيال، ڊاڪٽر سليمان سولنگي، مولوي عزيز ۽ ٻين سان ويجهڙائپ رهي.
ان کانپوءِ عوامي ورڪرس پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل يونس راهو خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي کاٻي ڌر جي سياست ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي جو اهم ڪردار آهي. پاڻ پورهيت ۽ مزدور يونين جي تنظيمن کي متحرڪ ڪري منظم ڪيو. ون يونٽ ۽ مارشل لا خلاف ٿيندڙ مزاحمتي تحريڪن ۾ ڄام ساقي جو ڪردار تاريخ جو هڪ سونهري دور آهي. سندس 4 مارچ وارو يادگار شاگرد سياست وارو باب انتهائي شاندار لکيو وڃي ٿو. جنهن ۾ پروفيسر عمر ميمڻ، اقبال ترين، يوسف لغاري، ڄام ساقي، مسعود نوراني ۽ ٻيا شاگرد اڳواڻ اچي وڃن ٿا.
ان بعد مزدور ٽريڊ يونين اڳواڻ ۽ نوجوان ليکڪ استاد مخدوم اظهار ڄام ساقي سان پنهنجون ساروڻيون ٻڌائيندي چيو ته منهنجي پهرين ملاقات ساڻس سکر سينٽرل جيل ۾ ٿي. ان کانپوءِ کانئس متاثر ٿي سندس نظرئي ۽ فڪر سان لاڳاپيل ڪامريڊن سان ويجهڙائي ٿي. سندس ٻي شادي رڪن الدين قاسمي جي نياڻي اختر بيگم سان ٿي، جنهن ۾ مان به شريڪ ٿيس. ڪامريڊ هڪ باڪردار ۽ روشن خيال سياستدان هو، جڏهن ته هاڻ سياست ۾ اهڙا ڪردار نه رهڻ سبب گندگي ٿي وئي آهي. ڄام هميشه هر ملڻ واري ماڻهو کي چمي ڏئي ملندو هو. هن چيو ته پاڻ هميشه ڀٽائي جو شهر پڙهندو هو ته:
جي لوڻ لگين لائين، چيري چيري چم
مون نه ڪڏهن ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪم
جان جان دعوي دم، تان تان پرت پهنوارن جي.
ان کانپوءِ ڪامريڊ بهادر لانگاهه چيو ته ڄام جي وڇوڙي کان پوءِ مان هوش سنڀالي نه سگهيو آهيان، لکين ماڻهن ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ جان ڏئي ويو. جاگيردارن، وڏيرن ۽ ظالمن سرمائيندارن خلاف سندس ڪيل جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.
جنهن بعد سگا ساٿي ڪامريڊ وزير فرهاد سولنگي پنهنجون ساروڻيون ٻڌايون، هن چيو ته عام رواجي ماڻهن وانگر سرڪاري بسن ۾ سفر ڪندو هو. سفر ڪندي پورهيتن جي ٿيندڙ ميڙاڪن ۾ شرڪت ڪندو هو. سندس ملڻ جو انداز سادگي، سچائي ۽ پنهنجائپ جو سڀاءُ هو. هر ملندڙ کي ڪنڌ تي پيار منجهان چمي ڏيندو هو. هڪ ڀيري چميءَ جو مفهوم ٻڌايائين ته محبوب سرڪار پنهنجي ٻنهي ڏوهٽن کي چمي ڏيندو هو. مون انهيءَ سلسلي جي پيروي ڪندي اها روايت اپنائي آهي. ڊسمبر 1991ع ڌاري امن لانگ مارچ جيڪو ڪمون شهيد ڪراچي تائين هيو. ان ۾ سندس پير پٿون ٿي پيا ۽ سنڌ جي قومي شاهراھ تي آباد ٿيل ڳوٺن ۾ رهندڙن ماڻهن ڀرپور استقبال ڪيو. جنهن ۾ هاري، ناري، پورهيت، عورتون، ٻارڙا پنهنجي اکين ۾انقلابي سماج ۾ سندن منزل ڳولڻ جي هڪ اميد شامل هئي ۽ پنهنجي انهيءَ آس سان ته پنهنجا حق واپس ورائينداسين اچي ڄام کي ڀاڪر ۾ ڀريندا هئا ۽ شاندار استقبال ڪري پنهنجي محبتن جو اظهار ڪندا هئا.
ميڙاڪي ۾ ڪامريڊ مسرور چانڊئي پنهنجون يادگيريون ۽ ويچار ونڊيا. هن چيو ته ڄام ساقي تمام اهم سياسي اڳواڻ هو. هن سڄي زندگي مظلوم پورهيتن ۽ هارين لاءِ جدوجهد ڪئي. جڏهن ته اڄ سنڌ جو سياستدان مال ميڙڻ جي چڪر ۾ آهي. عوام ۽ ماڻهن سان محبت دوکو ۽ فريب آهي. اهڙن بدڪردار سياستدانن، وڏيرن، جاگيردارن ۽ ظالمن خلاف عوام کي اڳيان اچڻو پوندو ۽ ڪردار ادا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.
ساس ضلعي نوشهروفيروز سيڪريٽري اظفر سعيد ميمڻ پڻ خطاب ڪيو ۽ چيو ته سنڌ اندر نوجوانن ۾ فڪر پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. تعزيتي ميڙاڪي کي سياسي سماجي اڳواڻ عظيم سنڌي ڳالهائيندي چيو ته ڄام ساقي غريب مسڪين ۽ پورهيت ڪلاس سان تعلق رکندڙ اهم سياسي اڳواڻ هو ۽ تمام سگهارو ماڻهون هو. هن شاگرد تحريڪ جا ڪيترائي سندس واقعا پڻ ٻڌايا. هن چيو ته موري سان سندس پنهون وارو ناتو هو.
ان بعد سگا صدر اسلم عباسي ڳالهائيندي چيو ته ڄام ساقي پورهيت ۽ مزدور اڳواڻ هو. هڪ باڪردار سياسي ليڊر هو جيڪو ڪڏهن ڪين جهڪيو. هڪ صديءَ جي شاندار تاريخ آهي. هن چيو ته ون يونٽ ۽ ايوب جي مارشل لا بعد سنڌ اندر جي ايم سيد، رسول بخش پليجي ۽ ڄام ساقيءَ سياسي شعور پيدا ڪيو ۽ ان وقت سنڌ اندر سياسي اٿل پٿل هئي.
مهمان خاص ڪامريڊ هاشم کوسي تقرير ڪندي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جيڪا ڪيل جدوجهد اڄ جي نوجوان نسل لاءِ اتساهه جي علامت آهي. جيئن ملڪ اندر ملڪي سياست ڪندڙ ڌرين ۾ ترقي پسند ۽ روشن خيالي آهي اهڙي طرح قومپرستن ۾ به روايتي ۽ روشن خيالي جي ڌارا به شامل آهي. اسان جي قومپرست سياست سنڌ جي خودمختياري، لبرل ۽ روشن خيال آهي. ڄام ساقي هڪ انسان دوست، مدبر اڳواڻ ۽ سياسي رهنما هو، سنڌ جي پٺتي پيل ٿر جهڙي علائقي مان هو اڳتي نڪري آيو.
صدارتي خطاب ڪندي برک اديب ۽ ڄام ساقي جي ساٿي عبدالله خان جيسر چيو ته منهنجو ساڻس روح جو رشتو هو. 12 سال گڏ رهياسين تمام سچو ۽ مخلص سياسي رهنما هو. اڪثر تقريرن ۾ شاهه لطيف جا بيت پڙهندو هو جن ۾:

جکرا جيئو شال، آءَ مدومور نه سڻان
اڃا ڪالهوڻي ڪالهه، ڏرت ٽاريا ڏيهه جا،

نه ڪا ڪن فيڪون هئي، نه ڪي لڱ لهم،
بڻيو هو نه بت ۾ اڃان ڪي آدم
مون توهين سين سنڱ، اها ساڃاھ سپرين.
ڪامريڊ ڄام ساقي سان لانگ مارچ دوران ڪيتريون ئي يادون وابسته آهن. لانگ مارچ جڏهن هالا کان پهتي ته ڪامريڊ منهنجي ننڍڙي نياڻي سنڌو کي هنج تي کڻي تقرير ڪيائين، جنهن دوران تقرير ڪندي هن چيو ته هي پنڌ ڪجهه به نه آهي ۽ ڪڏهن به ٿڪ جو احساس نه ٿو ٿئي. جڏهن اهڙين نياڻين کي پنڌ ۾ ڏسان ٿو ته ٿڪ ئي لهي وڃن ٿا. ۽ پاڻ روئي ڏنائين. ڪامريڊ ڄام سنڌ جي تاريخ جو هڪ ارڏو ۽ ايماندار ڪردار آهي. سندس جدوجهد کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. سگا ساٿين ۽ ادبي سنگت موري جي ساٿين کي جس ڏيان ٿو. جن سندس ياد ۾ هي پروگرام ڪيو آهي. ۽ ڄام جي ڪيل جدوجهد کي نوجوانن تائين پهچايو آهي. اهڙي طرح هي پروقار تقريب پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.

ٿيليسيميا بابت سيمينار ۽ رت جو عطيو گڏ ڪرڻ لاءِ ڪئمپ

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو طرفان عام ماڻهن ۽ شاگردن ۾ ٿيليسيميا بيماري واسطي سماجي جاڳرتا ”Social Awareness“ پروگرام تاريخ 11 سيپٽمبر 2018ع اڱاري جي ڏينهن صبح 9 وڳي ماروي گرلس ڪاليج مورو ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ ٿيليسيميا پيشنٽ ويلفيئر سوسائيٽي نوابشاھ جي سهڪار سان انچارج معشوق علي ڪوريجو شاگردياڻين ۽ فيميل ٽيچرس کي گلن جهڙن ٻارڙن ۾ رت واري بيماري ۽ کوٽ سبب ٿيليسميا بابت آگاهي ڏني، ان ليڪچر ڏيندي چيو ته شادي کان اڳ ۾ نوجوان جوڙن کي رت جون ٽيسٽون ڪرائڻ گهرجن ته جئين مورثي بيماريون ۽ ٿيليسميا جي بيماري مطعلق آگاهي ملي سگهي. هن چيو ته سگا مورو کي جس آهي جنهن اڄوڪو پروگرام منقعد ڪرايو آهي. هن ٿيليسميا سينٽر نوابشاھ ۾ مريضن معصوم ٻارڙن جي فلم مووي پراجيڪٽر ذريعي هلائي ڏيکاري وئي ۽ هال اندر جذباتي منظر ٿي ويو ۽ نياڻيون ۽ ٽيچرس روئڻهارڪيون ٿي ويون. آخر ۾ پرنسپال ميڊم مسرت شيخ، پروفيسر حق نواز ميمڻ، پروفيسر افتخار احمد ٻگهيو سگا مورو جا ٿورا مڃيا.
ان بعد 11 وڳي مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو ۾ پرنسپال محمد سليمان جي تعاون سان ٿيليسميا بابت هڪ ٻيو ليڪچر پروگرام ٿي گذريو، جنهن ۾ انٽر ۽ بي ايس سي جي شاگردن ۽ استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پروفيسر بخش علي چانڊيو آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪيو ۽ ليڪچر ڏيڻ واسطي سگا نائب صدر ۽ چيئرمين هليٿ ڪاميٽي ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ ۽ معشوق ڪوريجو کي اسٽيج تي سڏايو، جن سڀ کان اول مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو انتظاميه جي تعاون جو شڪريو ادا ڪيو. ان بعد ٿيليسميا بامري بابت آگاهي پڻ ڏني ۽ پراجيڪٽر وسيلي نوجوانن ۾ شعور پيدا ڪيو ۽ اپيل ڪئي ته 5 محرم 16 سيپٽمبر 2018، آچر ڏينهن رت جو عطيو گڏ ڪرڻ لاءِ ٿيليسميا بلڊ ڊونيشن ڪيئمپ مهراڻ سٽيزن ڪلب احاطي ۾ لڳائي وئي آهي، اوهان سڀني کي خيراتي ڪئمپ ۽ رت ڏيڻ لاءِ اپيل ٿا ڪيون ۽ اهو پيغام پنهنجن عزيزن، دوستن، مٽن مائٽن کي به پهچائيندا ته جئين ضرورتمند معصوم گلن جهڙن ٻارڙن جي حياتي لاءِ کين رت جي ضرورت آهي. ان بعد پروفيسر مير نواز سيال، پروفيسر شمشاد احمد سومرو، صحافي علي شير ڏيپر، محمد حيات جويو پڻ ڳالهايو آخر ۾ سگا صدر اسلم عباسي ٿيليسميا بيماري بابت پنهنجا ويچار ونڊيا ۽ مهراڻ ڪاليج پرنسپال، استادن، سپلا اڳواڻن، سگا ساٿين، عام ماڻهن ۽ شاگرن جا ٿورا مڃيا.
تاريخ 16 سيپٽمبر 2018ع آچر جي ڏينهن مهراڻ سٽيزن ڪلب جي احاطي ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو جي طرفان ٿيلسيميا پيشنٽ ويلفيئر سوسائٽي سان مڪمل سهڪار ڪيو ويو، مورو شهر ۽ ان جي آس پاس بلڊ ڊونرس ڪئمپ واسطي شعوري ڄاڻ ۽ آگاهي ڏني وئي. هن موقعي تي سگا مرڪزي سيڪريٽري صحت محترم رفيق احمد سرهيو ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ ڳالهائيندي چيو ته سگا شاخ مورو جي دوستن کي جس آهي جن اڄوڪو هي رت جي عطئي گڏ ڪرڻ واري بلڊ ڪئمپ منعقد ڪئي آهي هن چيو ته رت جي کوٽ سبب معصوم گلن جهڙا ٻارڙا زندگيءَ جي جنگ هارائي ٿا وڃن ۽ ٿوري عرصي کانپوءِ مري ٿا وڃن جيڪو مٽن مائٽن عزيزن ماءُ پيءُ لاءِ وڏي تڪليف آهي ان جي بچاءُ واسطي عام ماڻهن ۾ اها سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته شاديءَ کان پهرين نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنهنجو بلڊ چيڪ ڪرائين ۽ ٿيليسيميا بيماريءَ کان بچڻ لاءِ ڄاڻ حاصل ڪن. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مرڪزي سطح تي سفارش ڪندي ته سنڌ اندر ڪم ڪندڙ برانچون ٿيليسيميا جي مرض ۾ مبتلا معصوم ٻارڙن جي لاءِ هن قسم جون بلڊ ڪئمپون قائم ڪري رت جو عطئو ڏئي ۽ انساني زندگين کي بچائينديون جيڪا وڏي کان وڏي سماجي خدمت آهي. سگا مورو ساٿين هر هڪ ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، نثار احمد ميمڻ، اسد الله سولنگي، پروفيسر شمشاد احمد سومرو، زاهد ڏيپر، زاهد حسين سيال، عظيم سنڌي، مخدوم اظهار، قاضي شفيع محمد، مظفر گلاباڻي، ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاهري، پروفيسر محمد سليمان سيال، پروفيسر بخش علي چانڊيو ۽ سگا شاخ مورو جي جنرل سيڪريٽري وزير فرهاد ۽ صدر اسلم عباسي پڻ ڪيمپ ۾ پنهنجو خدمتون سرانجام ڏنيون. ان موقعي تي مرڪزي سيڪريٽري هيلٿ رفيق احمد سرهيو سگا مورو ساٿين کي خراج تحسين پيش ڪيو.
جڏهن ته ٿيليسيميا سينٽر نوابشاهه جي نگران ڊاڪٽر محمد صادق سيال انچارج ڪئمپ معشوق علي ڪوريجو، محمد حيات جويو ۽ سندس ميڊيڪل عملي جي خدمتن کي ساراهيو، هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته اسان سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو جا ٿورائتا آهيون، جن ٿيليسيميا ۾ مبتلا معصوم زندگين کي بچائڻ لاءِ اڄوڪي ڪئمپ منقعد ڪئي آهي ۽ مڪمل سهڪار ڪيو آهي. اميد آهي ته آئينده به سگا شاخ مورو ساٿ نڀائيندي رهندي. ان کان علاوه شهر موري جي ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين نظير احمد ميمڻ، ڪائونسلر ملڪ شبير، ال امين جي محمد افضل آرائين، محمد اسلم آرائين، اسلم ڪوريجو، نصر الله ميمڻ، ڊاڪٽر محمد يامين ڪلهوڙو، ڊاڪٽر نصر الله سابقي، صحافي علي شير ڏيپر، فقير دين محمد ڪلهوڙو، محمد سومر سولنگي، عمران لغاري، وحيد مستوئي، جاني مورائي، الطاف سنڌي سومرو، رياض عالماڻي جڏهن ته ان کان علاوه مورو شهر جي سياسي، سماجي، علمي ادبي، ثقافتي تنظيمن جي اڳواڻن، شهرين، واپارين، عام ماڻهن وڏي انگ ۾ ڪئمپ ۾ شرڪت ڪئي ۽ رت جو عطيو ڏنو، هي ڪيمپ صبح 8 بجي کان شام 5 بجي تائين جاري رهي جنهن ۾ 250 ماڻهن جي رت چڪاسڻ جا جزا ورتا ويا جنهن ۾ 221 رت جون بوتلون حاصل ڪيون ويون، جڏهن ته باقي 27 ڄڻن کي هيپاٽائيٽس سي ۽ بي هئڻ ڪري رت نه ورتو ويو. جڏهن ته هن ڪيمپ ۾ عورتن پڻ شرڪت ڪئي جن ٿيليسميا ۾ مبتلا معصوم ٻارڙن جي زندگي بچائڻ واسطي پنهنجي رت جو عطيو ڏنو. ان کان علاوه ميڊيڪل اسٽاف ۽ ٻاهران آيل مهمانن کي منجهند جي ماني کارائي وئي. ان کان علاوه رت جو عطيو ڏيندڙن کي جوس پياريو ويو. جڏهن ته مهراڻ سٽيزن ڪلب مورو جي مک دروازي تي ايڪو سائونڊ ۽ هڪ ڪارنر جوڙيو ويو هو. جنهن تي عام ماڻهن کي رت جي عطيي لاءِ معلومات ۽ رت ڏيڻ واسطي اپيل ڪئي پئي وئي. اهڙي طرح هي رت گڏ ڪرڻ واري هڪ روزه ڪئمپ پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.

سگا مورو نئين باڊي براءِ سال 21-2018 حلف برداري تقريب

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ جي نئين چونڊجي آيل باڊي براءِ سال 2018 کان 2021 تائين جي عهديدارن ۽ ميمبرس ڪاروباري ڪاميٽي کي قسم کڻائڻ واري حلف برداري تقريب تاريخ 26 سيپٽمبر 2018ع بروز اربع شام 5 بجي سگا آفيس مورو ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ سگا مورو جي ٽن سالن لاء بنا مقابلي چونڊيل عھديدارن جي حلف برداري جي ھڪ پر وقار تقريب ٿي گذري جنهن جي صدارت نامياري سماج سڌارڪ ۽ سگا سينيئر ساٿي نثار احمد ميمڻ ڪئي. جڏهن ته مهمان خاص اليڪشن ڪميشن چيئرمين ڊاڪٽر وجھه الدين ميمڻ ۽ ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ هئا، ڪاروائي هلائيندي جنرل سيڪريٽري سگا برانچ مورو وزير فرهاد سولنگي آيل مهمانن کي ڀليڪار چئي ۽ باضابطه ڪاروائي هلائيندي قاضي شفيع محمد کي تلاوت ڪلام پاڪ لاءِ گهرايو ويو. ان بعد سگا ساٿين کي حلف کڻائڻ لاءِ ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ کي اسٽيج تي سڏايو ويو. جنهن چونڊيل عھديدارن ۽ ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبرن کي حلف کڻايو، حلف کڻندڙن ۾ سگا مورو جو صدر اسلم عباسي ، نائب صدر ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، جنرل سيڪريٽري وزير فرھاد سولنگي، جوائنٽ سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومرو، پريس سيڪريٽري مخدوم اظھار، خزانچي زاهد حسين ڏيپر، جڏهن ته ڪاروباري ڪاميٽي ميمبرن هر هڪ قاضي شفيع محمد، ڊاڪٽر غلام سرور ٻگھيو، راشد مسعود عباسي، پروفيسر زاھد حسين سيال، جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو شامل هئا. ان بعد سگا صدر مورو اسلم عباسي کي سڏايو ويو، جنهن آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ آجياڻي تقرير ڪئي، هن چيو ته سگا شاخ مورو جي تاريخ 42 سال پراڻي آهي جنهن ۾ اسان جي بزرگن، سماج سڌارڪ ۽ استادن سماجي ڪمن جي شروعات ڪئي ۽ ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪندي هن تنظيم جا بنياد وڌا. ان کان پوءِ پروفيسر شمشاد احمد سومري خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪي تقريب انتهائي اهم آهي جنهن ۾ ڪافي تجربيڪار دوستن جو سٿ شامل آهي. اميد آهي ته سگا ساٿي پنهنجي ڀرپور صلاحيتن سان موري واسين ۽ پسگردائي جي عوام جي خدمت ڪندا. ان کان پوءِ گسٽا اڳواڻ ۽ ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي سگا مورو جي راشد مسعود عباسي خطاب ڪندي چيو ته اڄ تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته هن معتبر سماجي پليٽ فار تان اسان کي اهو موقعو ڏنو ويو آهي ته جيئن اسان سماجي خدمتن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهون. تقريب کي خطاب ڪندي نوجوان سماج سڌارڪ ۽ ناليواري اديب ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهئي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي سماج کي هن وقت ڪيترن ئي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ۽ نوجوانن کي شعوري سجاڳي ڏيڻ واسطي ڪيترائي قدم کڻڻا پوندا ۽ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ان لاءِ صحت، تعليم ۽ ثقافتي سرگرمين کي هٿي وٺائڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي محنت ڪرڻي پوندي، سگا مورو جي نائب صدر ۽ چيئرمين صحت ڪاميٽي ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ چيو ته گذريل هفتي سگا مورو طرفان ٿيليسميا رت عطيو گڏ ڪرڻ واري ڪئمپ ٿي گذري جنهن ۾ 221 رت جون بوتلون حاصل ڪري ۽ گلڙن جهڙن معصوم ٻارڙن جيڪي رت جي موذي مرض ۾ ڦاٿل آهن انهن جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪئمپ لڳائي وئي ۽ گرلز ڪاليج مورو ۽ مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو ۾ ٿيليسيميا جي جاڳرتا بابت سيمينار منقعد ڪيا ويا. جنهن جي موٽ ۾ ماڻهن طرفان اسان کي ڀرپور سهڪار حاصل ٿيو. ان بعد ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ چيئرمين اليڪشن ڪاميٽي سگا مورو تقرير ڪندي نئين آيل باڊي کي مبارڪ ڏني. هن وڌيڪ چيو ته وقت جي اهم ضرورت آهي ته اسان پنهنجي سماجي سرگرمين ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪيون. ان لاءِ وڌيڪ نوجوانن کي هن سگا سٿ ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ کين موقعا ڏنا وڃن ته جيئن هو پنهنجي عوام جي ڀرپور خدمت ڪن. آخري ۽ صدارتي تقرير ڪندي نامور سماج سڌارڪ، سگا جي سينئر ساٿي ۽ سگا مورو جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري نثار احمد ميمڻ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سگا مورو 42 سالن کان صحت، تعليم، ثقافت ۽ ٻين سماجي خدمتن ۾ نمايان رھي آھي ھن جو مورو ۾ بنياد 1976ع ۾ پيو ۽ پھريون سگا صدر مورو محمد ايوب وينجھر، جنرل سيڪريٽري محمد خان سومرو ھئا ان بعد ڊاڪٽر بشيرالدين ميمڻ، قاضي نظير، عظيم سنڌي، سيد علي بخش شاھ، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، محمد نوح ميمڻ، واحد بخش شيخ، ڊاڪٽر سليمان سولنگي، عبدالمجيد ميمڻ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون جيڪي تعريف جي لائق آھن. 1983ع کان پوءِ سگا مورو ۾ اسان آياسين جنھن ۾ ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، ڄام انيس الرحمان وارو دور مورو شاخ جو سونھري دور ليکيو وڃي ٿو ان وقت ٻوڏ متاثرين جي مالي مدد چمڙي جي بيمارين واري ڪيمپ جمع ڪلينڪ ھفتي وار مفت سماجي خدمتون سر انجام ڏنيون ويون سگا مورو شاخ سڄي سنڌ ۾ سڀ کان اول انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ شاگردن لاءِ روشن تارا اسڪول قائم ڪيو لائبريري پڻ جوڙائي نثار احمد ميمڻ وڌيڪ چيو ته اسان نئين آيل عھديدارن کي مبارڪباد ڏيون ٿا ۽ اميد آھي ته اھي بھتر سماجي خدمتون سر انجام ڏئي پنھنجو فرض پورو ڪندا. ان پروقار تقريب ۾ موري شهر جي علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي تنظيمن جي اڳواڻن کان علاوه صحافين، شاگردن، شاعرن، اديبن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جن ۾ پروفيسر افتخار ٻگهيو، غلام اصغر ميمڻ، مختيار علي ٻگهيو، سرفراز ٻگهيو، صحافي دين ميمڻ ڪلهوڙو، علي شير ڏيپر، تيمور احمد رائو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اهڙي طرح هي پروقار تقريب پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.

5-آڪٽوبر 2018ع استادن جو عالمي ڏهاڙو

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ طرفان استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي 5 آڪٽوبر جمعي جي ڏينهن صبح جو 8 وڳي مين پرائمري هاءِ اسڪول ٽائون مورو ۾ اهم تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ استادن جي عظمت ۽ ڪردار کي اجاگر ڪرڻ لاءِ کين خراج تحسين پيش ڪيو ويو، هن تقريب ۾ سگا صدر محمد اسلم عباسي، نائب صدر ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، جنرل سيڪريٽري وزير فرهاد سولنگي، خزانچي زاهد حسين ڏيپر، ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي هر هڪ ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، قاضي شفيع محمد، راشد مسعود عباسي، سگا سينئر ساٿي ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ ۽ ٻين سگا ساٿين سميت شرڪت ڪئي، جڏهن ته هاءِ اسڪول مورو ٽائون ۾ اسيمبلي جي دوران معزز استادن هر هڪ سيد ٻڍل شاھ، هيڊ ماستر منير احمد سيال، گسٽا اڳواڻ راشد مسعود عباسي، مشتاق احمد سولنگي، رياض احمد ميمڻ، مختيار علي شاھ، اقبال عباسي، امان الله شيخ، غلام شبير ملاح، محمد يعقوب ڍلو، حاجي محمد حسين ابڙو، سيد عبدالڪريم شاھ، حافظ غلام اڪبر ڀٽو، احمد علي ڪنيال، حبيب الله کوسو، بشير حب، آفاق احمد ميمڻ، نديم پٺاڻ جهانگير ٻرڙو، عبدالجبار ڀنگر ۽ ٻين استادن سان گڏجي اسڪول جي سوين شاگردن استادن کي خراج تحسين پيش ڪئي. هن موقعي تي ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، هيڊ ماستر منير احمد سيال کي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو. جڏهن ته سگا ساٿين استادن کي گلن جا هار پارايا. ان موقعي تي گسٽا اڳواڻ راشد مسعود عباسي آجياڻي تقرير ڪندي چيو ته سگا شاخ مورو کي جس آهي جنهن اڄ استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي هاءِ اسڪول مورو ٽائون ۾ اچي استادن جي عزت ۽ همٿ افزائي ڪئي آهي ۽ استادن جي عظمت کي ۽ مان مٿانهون ڪرڻ لاءِ سلام پيش ڪيو آهي. سچ پچ ته ڏاڍي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته معاشري ۾ تنقيد کان علاوه تعميري ڪم ڪوبه نٿو ٿئي پر اڄ به مورو هاءِ اسڪول ٽائون ضلعي نوشهري فيروز جو اول نمبر اسڪول آهي جنهن ۾ شاگردن جي داخلا تمام جهجهي تعداد ۾ آهي، اسان هڙان وڙان ڪوششون ڪري هن اسڪول جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڏينهن رات جدوجهد ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته موري شهر واسي سول سوسائيٽي ۽ سگا ساٿي پڻ هن تعليم جي نيڪ ڪم ۽ هن اداري جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ اسان سان سهڪار ڪندا. آخر ۾ هن سگا جي ساٿين کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا، ان موقعي تي سگا صدر اسلم عباسي استادن جي عظمتن کي ساراهيندي چيو ته هن وقت گهٽ ۽ ٻوسٽ جي ماحول ۾ جيڪي استاد انتهائي ايمانداري سان تعليمي ميدان ۾ بي باڪ ٿي پنهنجو خدمتون ڏئي رهيا آهن اسان انهن جي عظمتن کي سلام پيش ڪيون ٿا ۽ آخر ۾ مهمانن جي خاطر توازئي ڪئي وئي، اهڙي طرح هي تقريب پڄاڻي تي پهتي. هن موقعي تي صحافي هر هڪ فقير دين محمد ڪلهوڙو، رياض احمد عالماڻي ۽ وحيد مستوئي پڻ شرڪت ڪئي. ان کان پوءِ 9 وڳي ڌاري گورنمينٽ مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو ۾ پڻ سگا مورو شاخ طرفان هڪ ٻي تقريب ٿي گذري جنهن ۾ ڪاليج جي پرنسپال محمد سليمان سيال، پروفيسر هر هڪ بخش علي چانڊيو، زاهد حسين سيال، اسد الله ميمڻ، محمد يوسف شيخ، عبدالغفار ڪيريو، مير نواز سيال، مظهر علي گانداهي ۽ ٻين استادن کي گلن جا هار پارائي استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي کين لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي. آجياڻي تقرير ڪندي مهراڻ ڊگري ڪاليج جي پرنسپال محمد سليمان سيال چيو ته سگا شاخ جي سٿ جا ٿورائيتا آهيون جن هن موقعي تي هن اداري ۾ اچي استادن جي عزت افزائي ڪئي آهي. هن موقعي تي ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ ۽ سگا صدر اسلم عباسي ويچار ونڊيندي چيو ته هر دور ۾ استاد جي عظمت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ۽ هن سماج جا اڏيندڙ استاد آهن. جن اسان جي معاشري ۾ شعوري بيداري سان گڏ پنهنجون صلاحيتون سماج جي تعمير لاءِ ارپيون آهن. مهراڻ ڊگري ڪاليج جي قيام لاءِ اسان جي بزرگن پنهنجو رت نچوڙيو ۽ هن اداري جا مضبوط بنياد رکيا. جنهن سبب هن اداري مان ڪيترائي ذهين شاگرد پيدا ٿيا جن ۾ ڊاڪٽر، انجنيئر، جج، وڪيل، استاد، عالم اڄ به سنڌ ۽ ان کان ٻاهر پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان سڀني کي گڏجي استادن جي عظمت کي بلند ڪرڻ سان گڏوگڏ تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ وارثي ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته تقريب ۾ شاگردن، استادن ۽ سگا ساٿين وزير فرهاد سولنگي، زاهد حسين ڏيپر، قاضي شفيع محمد، مختيار علي ٻگهيو کان علاوه سياسي سماجي، علمي، ادبي شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. ان بعد هاءِ اسڪول مورو جي هيڊ ماستر محمد اشرف گلاباڻي ۽ ذاڪر حسين ميمڻ کي پڻ اجرڪ جا تحفا سگا مورو طرفان پيش ڪيا ويا.جڏهن ته نامياري استاد مظهر الدين ميمڻ طرفان سگا ساٿين کي آجياڻو پڻ ڏنو ويو. ان سان گڏوگڏ نياڻين جي تعليمي اداري گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول مورو جي هيڊ مسٽريس ۽ فيميل ٽيچرس کي پڻ اجرڪ ۽ گلن جا تحفا پيش ڪيا ويا. اهڙي طرح سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ مورو طرفان استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي موري شهر ۾ مختلف تعليمي ادارن ۾ استادن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ تقريبون ٿي گذريون ۽ ٻئي طرف مورو شهر جي تعليمي ماهرن، علمي ادبي تنظيمن، صحافين ۽ ٻين ادارن سگا مورو جي اهڙي عمل جي واکاڻ ڪئي آهي.

گورک جو سفر

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مرڪزي ثقافتي شعبي طرفان 6 آڪٽوبر 2018ع بروز ڇنڇر شام سنڌ جي خوبصورت تاريخي ۽ تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن تي ”گورک ڪانفرنس“ ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سڄي سنڌ کان سگا ساٿين، تاريخدانن، اديبن، قلمڪارن، صحافين، ڏات ڌڻين ۽ فنڪارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ مورو طرفان سگا ساٿين جي قافلي ۾ هر هڪ اسلم عباسي، وزير فرهاد سولنگي، زاهد ڏيپر، ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاهري، اسدالله سولنگي، اسد الله سيال، اظفر سعيد ميمڻ، علي رضا حب، سيد ماجد علي شاھ، ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي ۽ ٻين سميت 14 ساٿين تي مشتمل قافلو صبح جو 11 وڳي موري مان روانو ٿي واهي پانڌيءَ پهتو. سگا شاخ ڪاڇو طرفان شهاب الدين شاهاڻي، غياث الدين شاهاڻي ۽ ٻين عهديدارن ۽ ميمبرن طرفان سگا ساٿين کي ڀليڪار چوڻ لاءِ واهي پانڌيءَ ۾ ڪئمپ لڳائي وئي هئي. جتي گورک ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ سگا برانچن جي ساٿين جي رجسٽريشن ڪرڻ بعد کين گورک تي وڃڻ لاءِ گاڏين جو بندوبست پڻ ڪيل هو. جتان هر هڪ برانچ جي ساٿين کي گاڏيون ڪرائي تي حاصل ڪري ۽ کين روانو ڪيو پئي ويو. اسان مورو شاخ جي دوستن ٽن گاڏين ۾ سوار ٿي گورک هل اسٽيشن تي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ واهي پانڌيءَ کان روانا ٿياسين. ڏيڍ ڪلاڪ جي مسافري بعد اسٽاپ 35 بوزدار تي گاڏين کي اڌ ڪلاڪ جي ساهيءَ لاءِ بيهاريو ويو. جتي منجهند جي ماني گڏجي کاڌيسين. ان بعد وري مٿي گورک ڏانهن روانا ٿياسين. جيڪو سفر پڻ هڪ ڪلاڪ جو آهي. اتي پهچڻ بعد جمن جمالي جي هوٽل تي سگا مرڪز طرفان آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪيو پئي ويو ۽ سندن رهائش ۽ کاڌ خوراڪ لاءِ نالا درج ڪيا ويا. اسان مورو برانچ جي ساٿين جي رهائش جمن جمالي جي هوٽل سامهون نوان ٺهندڙ هٽ جن جو ڪم اڃا هلندڙ آهي، هٽ نمبر 2 ۾ اسان کي رهائش ڏني وئي. ان بعد شام جو پنجين وڳي اسان گورک جبل جي آخري چوٽيءَ “بينظير پوائنٽ” گهمڻ وياسين جتي سوين سياح پڻ موسم جو مزو وٺي رهيا هئا. اوچتو اسان کي ڪي ٽي اين ٽيم جو سرواڻ سيد علي محمد شاھ لڪياري مليو جيڪو پڻ فلم ڀرڻ آيو هو. اسان کان پڻ انٽرويو ورتائين ۽ ڪي ٽي اين جي فلم ۾ شامل ڪيائين. گهمڻ کان پوءِ احساس ٿيو ته هي سنڌ جو تفريحي ماڳ ڪوھ مري کان گهٽ ناهي پر بد قسمتي آهي جو گورک کي ترقي وٺرائڻ وارو قدم سست رفتاري سان هلندڙ آهي. ان بعد اسان گهمي ڦري واپس گورک ڪانفرنس پنڊال ۾ پهتاسين جيڪو سگا ثقافتي سيڪريٽري شهاب الدين شاهاڻي طرفان سجايل هو.
رات جو اٺين وڳي گورک ڪانفرنس شروع ڪئي وئي. جنهن جي صدارت سگا جي مرڪزي چيئرمين رفيق احمد جعفري حوالي ڪئي وئي ان سان گڏ اسٽيج تي پيرل خان کوسو، منظور اڄڻ، شمس ساريو، رفيق احمد سرهيو، جاويد احمد انڙ، تاج محمد وساڻ، شهاب الدين شاهاڻي سان گڏوگڏ سگا جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي ميمبرن هر هڪ ولي محمد روشن، علي حسين بروهي، خادم ڪانڌڙو ۽ ٻين معزز مهمانن کي پڻ ويهاريو ويو. آجياڻي تقرير سگا مرڪزي سيڪريٽري ثقافت شهاب الدين شاهاڻي ڪئي. ان بعد گورک ڪانفرنس ۾ تحقيقي مقالا هر هڪ ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي، سميع الله ڀنڀرو، ممتاز علي ميمڻ، اسلم عباسي، پروفيسر بخش علي چانڊيو، نور محمد سومرو، اسير امتياز ۽ ٻين پڻ پنهنجا گورک جبل بابت ويچار ونڊيا. انهن چيو ته هي گورک جبل جي پهاڙي سنڌ جي ڪاڇي واري علائقي ۾ واقع آهي ۽ بلوچستان جي سرحد سان لڳ آهي. ڪاڇي اندر ميانوال تحريڪ جي سرواڻ ميان نصير احمد ڪلهوڙي جنهن ڳاڙهي جي علائقي کي پنهنجو مرڪز بڻايو ۽ مغلن خلاف ويڙھ ڪئي، آخرڪار مغلن سنڌ جي ڪلهوڙا قبيلي ميان يار محمد کي 1701ع ڌاري سنڌ جون واڳون حوالي ڪيون، گورک سنڌ جي ڪوھ مري آهي ۽ هڪ وڏو تفريحي مرڪز بڻجي سگهي ٿو. ان بعد پيرل کوسو، ذوالفقار شيخ، شمس ساريو ۽ ولي محمد روشن پڻ خطاب ڪيو. مرڪزي سيڪريٽري جنرل منظور اڄڻ ڪانفرنس ۾ پهتل سڀني سگا ساٿين، تاريخدانن، اديبن، شاعرن، قلمڪارن، صحافين ۽ ميڊيا جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اوهان سڀني کي جس آهي ته اڄ سگا جي سڏ تي پنهنجي تاريخي، ثقافتي آثارن، ماڳ مڪانن جي مالڪي ۽ وارثي ڪرڻ خاطر سگا طرفان ڪوٺايل “گورک ڪانفرنس” ۾ شريڪ ٿيا آهيو. صدارتي تقرير ڪندي سگا چيئرمين رفيق احمد جعفري چيو ته سنڌ جي ڌرتي پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي رنگن سان ڀريل آهي، سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان، آثار قديمه سڄي دنيا ۾ سڃاڻپ رکن ٿا. دنيا جي تهذيبن ۾ سنڌوءَ جي تهذيب شامل آهي. لکين سالن کان کير ٿر جبل جي هنج ۽ ڪاڇي جي علائقي ۾ هي تاريخي ماڳ گورک واقع آهي ان جي ترقي ۽ سياحن لاءِ سهولتون ميسر ڪرڻ سنڌ سرڪار جو ڪم آهي. ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۽ گورک ڊولپمينٽ اٿارٽي کان گهر ٿا ڪيون ته گورک بابت عالمي ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي. هي سنڌ جي ڪوھ مري آهي جيڪا سمنڊ جي سطح کان 6 هزار فٽ بلند آهي، ان بعد ڪانفرنس ختم ٿي ۽ آيل مهمانن کي رات جي ماني کارائي وئي. آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿي. جنهن ۾ سنڌ جي ناميارن فنڪارن غلام شبير شاهاڻي، خوشبو لغاري، احمد مغل ۽ ٻين سڄي رات سرد موسم ۾ سر وکيريا ۽ محفل ۾ موجود ماڻهن کي جهومايو اهڙي طرح هي سگا گورک ڪانفرنس رات جو پرھ ڦٽي مهل پنهنجي پڄاڻي تي پهتي ۽ صبح جو سوير آيل مهمان واپس پنهنجن پنهنجن ماڳن ڏانهن روانا ٿي ويا. ٻئي طرف واهي پانڌي، جوهي علائقن ۾ رهندڙ ڪاڇي واسين ”سگا گورک ڪانفرنس“ واري عمل کي ساراهيو آهي ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته گورک لاءِ ايندڙ بجيٽ اربين رپيا ڏني وڃي ٿي جنهن جو صحيح استعمال ڪرايو وڃي ۽ روزگار جا وسيلا پيدا ڪيا وڃن، گورک کي ترقي وٺرائي مقامي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪيو وڃي.

سنڌ جي هاري اڳواڻ قاضي فيض محمد جي ياد ۾ 36هين ورسي تقريب

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو برانچ طرفان تاريخ 14 آڪٽوبر 2018ع آچر ڏينهن صبح جو 10 وڳي سگا آفيس مورو ۾ سنڌ ادبي سنگت جي سهڪار سان سنڌ جي ناليواري سياستدان، هاري اڳواڻ، اديب، وڪيل ۽ فن موسيقي جي ڄاڻون ساهتي علائقي جي نامور شخصيت مرحوم قاضي فيض محمد جي 36 هين ورسي تقريب ملهائي وئي. ڪاروائي هلائيندي اشرف سولن ي پروگرام جي صدارت لاءِ پورهيت اڳواڻ ڪامريڊ سڪندر ڪورائي کي سڏايو جڏهن ته مهمان خاص پروفيسر افتخار احمد ٻگهيو، سگا صدر مورو اسلم عباسي ۽ ساس ضلع رابطا سيڪريٽري اظفر سعيد ميمڻ کي اسٽيج تي ويهاريو ويو. آجياڻي تقرير ڪندي ساس مورو سيڪريٽري ۽ ڪاروباري ڪاميٽي سگا اسد سولنگي چيو ته اڄ اسان سنڌ جي ناليواري مهان شخصيت قاضي فيض محمد جي 36 هين ورسي تقريب ملهائي رهيا آهيون جيڪو بريصغير جو تمام وڏو مهان ماڻهو ٿي گذريو آهي. هُن چيو ته سماج ۾ ٽن طبقن جا ماڻهو رهن ٿا. هڪڙا وڏا ماڻهو يعني وڏو ڪلاس ٻيا وچ ٿرا ماڻهو يعني مڊل ڪلاس ۽ ٽيان غريب ۽ پورهيت يعني پيڙهيل ڪلاس. معاشري ۾ چڱ ڀلائي ۽ بهتري وارو ڪردار مڊل ڪلاس کي ادا ڪرڻ گهرجي. پر ورهاڱي بعد سنڌ مان مڊل ڪلاس جي لڏپلاڻ ٿي ۽ افسوس ان بعد ٺهندڙ مڊل ڪلاس 1970ع کان پوءِ اهم ڪردار ادا نه ڪيو، پر قاضي فيض محمد سنڌ جو سچو، همدرد، هڏڏوکي ۽ پورهيتن جو دوست، وطن پرست انسان هو جنهن پنهنجي عملي زندگي گذاري ۽ ڪردار ادا ڪيو. اڄ به سنڌ کيس عزت جي نگاھ سان ڏسي ٿي. سيد امداد محمد شاھ ۽ قاضي فيض محمد سنڌ جا اڏول ڪردار آهن. ان بعد شاعر ۽ ايڊووڪيٽ مصطفيٰ ڇڄڙي ڳالهائيندي چيو ته قاضي فيض محمد کي مون ننڍپڻ ۾ موري جي وڪيل جان محمد سرهئي وٽ ايندي ڏٺو هو ۽ هو هڪ اديب ڏاهو انسان هو. سگا موري جي جنرل سيڪريٽري وزير فرهاد ڳالهائيندي چيو ته قاضي صاحب اصول پرست ۽ سنڌ دوست رهيو سياست ۾ هميشه حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو ۽ پاڻ شيخ مجيب رحمان سان پڻ گڏ رهيو. هن چيو ته هن وقت به سنڌ کي اهڙن ڪردارن جي سخت ضرورت آهي، جيڪي عملي زندگي گذارين، قاضي فيض محمد، سائين جي ايم سيد جي فڪر جو پڻ پوئلڳ هو ۽ هارين جي حقن لاءِ پڻ جدوجهد ڪيائين. هن چيو ته قاضي فيض محمد گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هيو. پاڻ وڏو قانوندان، موسيقي جو ڄاڻو هو. راڳ ۾ سندس استاد خان صاحب الله ڏنو خان نوناري هو، هي هارين جي جدوجهد لاءِ اوڙي پاڙي جي وڏيرن جي عتاب هيٺ رهيو ۽ هن جلاوطني به اختيار ڪئي. ان بعد نوجوان وڪيل امداد حيدر سولنگي خطاب ڪندي چيو ته قاضي فيض محمد هڪ نامور سياستدان هئڻ سان گڏوگڏ هارين ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ پڻ جدوجهد ڪئي هن حيدر بخش جتوئي سان گڏجي سنڌ هاري ڪاميٽي جو بنياد رکيو ۽ هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. هن چيو ته سنڌ جي اندر تمام ٿورا ماڻهو ملن ٿا. جن جو سنڌ دوستي ۾ عملي ڪردار رهيو آهي. تقريب ۾ مهمان خاص اسلم عباسي قاضي صاحب جي زندگي تي ڳالهائيندي چيو ته سندس جنم 23 نومبر 1908ع تي هالاڻي جي ڳوٺ ۾ ٿيو، ابتدائي تعليم هالاڻي ۾ ئي ورتائين ان بعد خيرپور ميرس ۽ نوشهروفيروز جي هاءِ اسڪول ۾ تعليم پرايائين. 1929ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين. 1935ع ۾ بي ايس پاس ڪئي، سن 1940ع علي ڳڙھ يونيورسٽي ۾ ايل ايل بي پاس ڪري نوابشاھ ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. جتي هن ننڍي کنڊ جي نامور شخصيت جواهر لال نهرو، مهاتما گانڌي، سڀاش چندر بوش، حسرت موهاني، مولانا عبدالڪلام آزاد، خان عبدالغفار خان ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪيون. سندس ذڪر سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب جنم گذاريم جن سين ۾ ڪيو آهي. 1928ع ڌاري سائيمن ڪميشن خلاف جدوجهد ۾ ساٿين سان پڻ گڏ رهيو، علامه آءِ آءِ قاضي جو سندس زندگي تي وڏو اثر هو پاڻ خاڪسار تحريڪ ۾ پڻ شامل رهيو. 1943ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. 1948ع ۾ هاري ڪاميٽي جا بنياد رکيا. پاڻ ايوبي مارشلا، ون يونٽ جدوجهد ۾ اڳيان رهيو، شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ ۾ نائب صدر جي عهدي تي رهيو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا جن ۾ ٻاويهه سو ٻاويهه شاهڪار ڪتاب ليکيو وڃي ٿو. پاڻ ڪيترائي چڪر قومي ڪم ڪندي جيل ۾ پڻ رهيو آخرڪار 74 سالن جي ڀرپور ڪامياب زندگي گذارڻ بعد 13 آڪٽوبر 1982ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس آخري آرام گاھ اباڻي قبرستان شهر هالاڻي ۾ آهي. هي سنڌ جو عظيم انسان هو. ان کان پوءِ اظفر سعيد ميمڻ پڻ قاضي صاحب جي زندگي تي ڳالهائيندي چيو ته سندس خاندان سان اسان جي وڏڙن جا ويجها تعلقات رهيا آهن. پاڻ هڪ عظيم سياستدان، هاري اڳواڻ، اديب ٿي گذريو آهي. اڄ جي دور ۾ اهڙن شخصيتن جي زندگي نوجوان نسل لاءِ اتساھ جو رستو ڏيکاري ٿي. ان کان پوءِ مهمان خاص پروفيسر افتخار احمد ٻگهيي ڳالهائيندي چيو ته قاضي فيض محمد هڪ بهترين وڪيل هو. هن چيو ته اسان جو ڳوٺ گچيري جي ڀرسان آهي. منهنجي والد جي زمين جو ڪيس هلندڙ هو. قاضي صاحب اسان جو وڪيل هو. بابا تمام غريب ماڻهو هو. ڪورٽ ۾ شنوائيءَ تي پهچڻ لاءِ ريل رستي بابا ويندو هو ۽ ٿرڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ وٺندو هو. قاضي صاحب وڪيل هوندي به پاڻ ٿرڊ ڪلاس ۾ سفر ڪندو هو. هن چيو ته اسان سان ڪيس جي فيءَ ۾ رعايت ڪندو هو ۽ ڪيترن ئي غريب، مسڪين، پورهيتن ۽ هارين جي مدد ڪندو هو. هُو بهترين انسان هو. اڄ سگا مورو کيس ياد ڪري سٺي روايت قائم ڪئي آهي.
آخر ۾ صدارتي تقرير ڪندي پورهيت اڳواڻ ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ موري جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪامريڊ سڪندر ڪورائي چيو ته سگا مورو کي جس آهي جنهن اڄوڪو هي پروگرام منقعد ڪري ماضي جي شاندار شخصيت بابت نوجوانن کي ڄاڻ ڏني آهي. قاضي صاحب پنهنجي زندگي مظلوم ۽ بي پهچ طبقي لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري. اسان کي گهرجي ته هن وقت سماج ۾ اهڙن عظيم انسانن جي ڏنل گس تي هلي سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪيون اڄ اسان کي قاضي صاحب جي جدوجهد مان تمام گهڻو اتساھ مليو آهي. سگا ساٿي ۽ موري جي ادبي سنگت جي دوستن هي پروگرام منقعد ڪري هڪ سٺي روايت قائم ڪئي آهي. اميد آهي ته اسان جي هنن ساٿين سان اڄ جو نوجوان شامل ٿي سماج ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار نڀائيندو. آخر ۾ آيل مهمانن کي ريفريشمينٽ ڪرائي وئي. اهڙي طرح هي شاندار ۽ پروقار تقريب پنهنجي پڄاڻي تي پهتي جنهن ۾ موري شهر جي سگا ساٿين، علمي، ادبي، سياسي سماجي شخصيتن ۽ ورڪرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

وڳر ڪيو وطن

محترم محمد اسلم عباسي صدر سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن مورو شاخ طرفان شاخ جو ترتيب ڏنل مفصل ۽ سيبتو احوال پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي ته پاڻ جتي سگا جا سرگرم ڪارڪن آهن، اتي کين مورو ۽ سگا شاخ مورو جي تاريخ سهيڙڻ ۽ سانڍڻ جو اونو آهي پاڻ اڳ مورو جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺندي سيمينار ڪوٺايا اٿن ۽ ڪتاب ”مورو: تاريخ ۽ ثقافت“ ٻيو ڪتاب ”ضلعو نوشهرو فيروز تاريخ جي آئيني ۾“ پڻ ترتيب ڏنو اٿن. اهو سندن مورو ۽ سگا سان دلي لڳاءَ جو مظهر آهي، جنهن لاءَ هو هر لحاظ کان جس لهڻن.
سنڌ صوبي ٺهڻ بعد ڪراچي سنڌ جو تخت گاهه ٿي پيو جنهن ڪري هڪ طرف ختم ٿيل نظام مان سنڌي ماڻهو ڪراچيءَ واپس آيا ۽ ٻيا سنڌ جي مختلف علائقن مان سنڌي ماڻهو ڪراچيءَ گڏ ٿيا. ظاهر آهي ته جتي ماڻهو گڏ ٿيڻ شروع ٿين، اتي سماجي مسئلا پيدا ٿين ٿا. جن کي حل ڪرڻ لاءِ سڄاڻ ساٿين جو گڏ ٿيڻ هڪ قدرتي عمل آهي اهڙيءَ طرح اسلم صاحب جي لکيل تاريخ مطابق 1971ع ۽ 1972ع ۾ سنڌ جي تمام اتم سوچ رکندڙ ساٿين سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جو بنياد رکيو. جيڪا ڪراچيءَ جي ڪيفي نيويارڪ کان رواني ٿي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کي سنڀاليندي اڄ پنجاب ۽ پاڪستان جي راڄڌانين لاهور ۽ اسلام آباد تائين پهچي چڪي آهي.
جڏهن سڄاڻ ساٿي گڏ ٿيندا آهن ته مثبت سوچون جنم وٺنديون آهن. اهڙيءَ طرح سڄاڻ ساٿين جي سوچ سگا جو تصور هيٺينءَ ريت ترتيب ڏنو.
سنڌ ۾ پر امن ترقي يا فته سماج اڏڻ
سگا جا مقصد ته ڪيترائي آهن پر سڀ کان اتم مقصد سنڌي ماڻهن ۾ سماجي جاڳرتا پيدا ڪري کين ترقيءَ جي راهه تي اهڙيءَ طرح گامزن ڪجي جو هو سنڌ ۽ پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ نه صرف گڏجي جدوجهد ڪن پر پاليسين جوڙڻ ۾ اهم ۽ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن ۽ پنهنجا سماجي مسئلا پاڻ حل ڪرڻ لائق بڻجي سگهن.
سماجي مسئلن ۾ تعليم، صحت، روزگار ۽ معاشر تي ترقي اچي وڃن ٿا. انهيءِ کان سواءِ سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ وڪالت ڪرڻ پڻ سگا جي مقصدن ۾ شامل آهن.
وڳر ڪيو وطن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾.
پسو پکيئڙن ماڻهئا ميٺ گهڻو،
(شاهه)
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جو تانڃي پيٽو اسان کي جتي جمهوري روايتن جو امانتدار ٿو بڻائي اتي هڪ ٻئي سان خلوص پيار، محبت، عزت ۽ احترام جا شهپارا ٿو پڙهائي، اسان جو فرض ٿو ٿئي ته جتي اسان مستقبل کي محفوظ ڪرڻ لاءِ روشن تارا اسڪولن جي زنجير ٿا وڇايون. اتي سماجي خدمتن وسيلي بي پهچ ۽ ڏتڙيل ماڻهن ۽ گهراڻن جي سهائتا ڪندي سندن همٿ افزائي ڪيون ۽ کين ترقيءِ جي ڊوڙ ۾ شامل ڪيون.
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي 46 سالن جي تاريخ ۾ سندس سماجي خدمتون اڪيچار آهن جن مان لکين ماڻهن کي فائدو مليو آهي ۽ سندس تعليمي ادارن مان هزارين ٻارن کي معياري تعليم ملي آهي اها سموري تاريخ ٻن صفحن تي لکڻ ممڪن ڪونه آهي انهيءَ سلسلي ۾ ڪيترن ساٿين زندگي جا خوبصورت ڏينهن ارپي ڇڏيا ۽ ڪيترن زندگيون ان سماجي جاڳرتا حوالي ڪري ڇڏيون جنهن جو ڦل اڄ هر ڪو حاصل ڪري رهيو آهي.
جيتري قدر مورو شاخ جو سگا جي سماجي ڪمن ۾ حصي جو تعلق آهي ته مورو منهنجو جنم ڀومي آهي ان جا ڪيترا ميمبر ساٿي پنهنجو پاڻ نڀاهي امر ٿي ويا ۽ مورو جو سگا مرڪز کي مستحڪم ڪرڻ ۾ تمام وڏو هٿ آهي اميد ٿي ڪجي ته مورو جا موجوده ۽ آئيندي ايندڙ ساٿي ايڏو وڏو ڪردار ادا ڪندا جو تاريخ جي ورقن ۾ سونهري اکرن سان لکيو ويندو.
مورو جون اهڙيون امر هستيون جيڪي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن جي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندي امر ٿي ويون، انهن کي جيڪڏهن تفصيل سان لکنداسين ته هڪ وڏو تاريخ جو باب جڙي پوندو.

ساٿ سدائين قائم.

ولي محمد روشن
سابق چيئرمين / ميمبر
مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن

پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ

سائينم، سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
(شاھ)
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سنڌ جي تاريخي، ثقافتي، علمي ۽ سماجي جاڳرتا واري معاشري ۾ سماجي امن، پرامن ۽ ترقي يافته سماج جي اڏاوت ۾ بحيثيت هڪ فرض شناس سول سوسائٽي، ملڪ ۾ پنهنجي تعليم يافته ساٿين جي سٿ جي ساٿ سان گذريل اڌ صديءَ کان جاکوڙ ڪري رهي آهي ۽ پنهنجي قومي ورثي جي امين ۽ محافظ هئڻ جا فرض ادا ڪري رهي آهي.
بيشڪ! سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پنهنجي آئين ۽ بانين جي واٽ ۽ طئي ڪيل منشور مطابق ملڪ جي هڪ فرض شناس اداري طور ”سگا پنهنجي بنيادي اصولن“: 1. پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ، 2. غفلت ۽ ڪاهلي کي ڀڄائڻ، 3. محبت ۽ امن جو پيغام پهچائڻ، 4. روشني پکيڙڻ واري بنيادي نقطن تي ڪاربند آهي ۽ پنهنجي وت ۽ وس آهر ڪاوشون ڪري رهي آهي. سگا جي پنهنجي مدد پاڻ ۽ ساٿين جي رضا ڪاراڻي ڪاوشن، اصولن ۽ پاڻ ارپڻ واري جذبي کي لکين سلام آهن. جيڪي گذريل اڌ صديءَ کان نسل در نسل اها سجاڳي جي جوت جلايو اچن ۽ بنا ڪنهن فرق جي سماج جي سمورن طبقن ۽ رنگ و نسل جي انسانن جون خدمتون ڪري رهيا آهن. سگا طرفان خاص طور تي تعليم کي عام ڪرڻ، صحت جي شعبي سان لاڳاپيل خدمتن ۽ مختلف بيمارين جي علاج جون هزارين مفت ڪئمپون، غربت جي خاتمي ۽ روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ رهنمائي، مدد ۽ معاشري ۾ علمي ادبي سرگرمين کي وڌائڻ ۽ هٿي ڏيارڻ لاءِ پڻ ڪاوشون ڪيون پيون وڃن.
يقينن سنڌو ماٿري جي علم، ادب ۽ فن جي خوبصورتي، سونهن ۽ سڀيتا پڻ جڳ ۾ مشهور آهي. اهڙي ريت، سنڌ ۽ سنڌي سماج جي قدرن ۽ محترم هستين جي ڪيل خدمتن ۽ سرواڻن جي ڪم ۽ جاکوڙ کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ۽ انهن جي علم ۽ فن جي محدود لفظن ۽ بيانن جي صورت ۾ اپٽار ڪرڻ ته ممڪن نه آهي. پر پريت ۽ فرض شناسي واري انهيءَ پنڌ جي پانڌيئڙن مان پرائڻ ۽ پنهنجي حياتيءَ کي بامقصد بنائڻ جو شوق ۽ جستجو ڪرڻ پڻ، هر ڪنهن لاءِ برحق آهي.
بيشڪ! سماجي خدمتن جي شعبي ۾ يقينن سگا مورو شاخ ۽ هتان جي فرض شناس ۽ جوهر پيدا ڪندڙ سرزمين، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي تنظيم ۽ قيادت مهيا ڪرڻ ۾ هميشه شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي. اهڙي ريت اڳتي پڻ اهو قدرت جي قانون وارو سلسلو جاري آهي ۽ مورو شاخ جي حوصلي وارن ساٿين ۽ تنظيم طرفان گذريل ٽن سالن جي مدي ۽ ڪيل ڪاوشن ۽ خدمتن کي سهيڙي ڪتاب جي صورت ۾ شائع ڪرڻ جو تمام مانائتو ۽ شاندار فيصلو ڪيو ويو آهي. اسان کي اميد آهي ته ته سگا مورو شاخ جي خدمتن بابت هي ڪتاب، نه صرف سگا جي ٻين شاخن لاءِ پڻ هڪ معلوماتي دستاويز ۽ رهنما ثابت ٿيندو، پر ان کان علاوه سمورن سماج سڌارڪ ساٿين لاءِ پڻ اتساھ ۽ حوصلا افزائي جو باعث ٿيندو.

ساٿ سدائين سلامت!

منظور حسين اڄڻ
سيڪريٽري جنرل
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن

ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي

1976ع کان 2018ع تائين مورو سگا ڪيئن قائم ٿي ڇا وهيو ۽ واپريو، ان جو عروج ۽ زوال سڀ ڪجهه پنهنجي اکين سان پاڻ ڏٺو اٿم، سگا جا ساليانه ڪنوينشن پهريون ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال حيدرآباد ۾ ٿي گذريو، ان کان وٺي هر سال ٿيندڙ ڪنوينشن تقريبن سڀ ڏٺا اٿم. ساليانه ڪنوينشن موري ۾ ٻه ٿي گذريا آهن. هڪ 2009ع ڌاري يونائيٽيڊ پبلڪ اسڪول باءِ پاس ٽائون مورو ۽ ان کان اڳ پهريون ڪنوينشن مهراڻ ڪاليج جي هاسٽل ۾ سال 1983ع ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف ٺهراءِ پاس ٿيو. اهو ڪنوينشن سگا جي ڪاميابي جو سبب ٿيو، ان بعد جنرل ضياءَ سگا مٿان پابندي مڙهي سرڪاري ملازمن پنهنجو سگا سان تعلق ختم ڪرڻ لاءِ مون کي جنرل سيڪريٽري جي چارج ڏئي رڪارڊ حوالي ڪري ۽ پنهنجون استعيفائون ڏئي، اهي مختيارڪار آفيس مان تصديق ڪرائي ۽ پنهنجي آفيسن ۾ جمع ڪرايون، جيڪي جنرل ضياءَ جي حڪومت ۾ پيش ڪيون ويون ته هاڻي اسان جو سگا سان ڪوبه تعلق نه رهندو. جنرل ضياءِ جو حڪم هو جنهن به تنظيم جي اڳيان پٺيان ملڪ جو نالو نه هجي اها ڪنهن به صورت ۾ نه کپي. خير سان جنرل ضياءَ جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ 1988ع ڌاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن تان اها پابندي ختم ٿي.
سگا مورو جي تاريخ ۽ ڪارڪردگي بابت آيل ڪتاب جي ليکڪ اسلم عباسي ڳوٺ علي بخش ڪلهوڙي جي محنت ڪش طبقي جو اڻٿڪ جدوجهد ڪندڙ پهريون پڙهيل لکيل ورڪر آهي جنهن جيڏانهن ڪيڏانهن اوندھ کي ختم ڪرڻ لاءِ روشني ٻارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پنهنجي گهر ڀاتين کي پنهنجي پيرن تي بيهاري، عزت ڀريو روزگار ڏياري، قومي خدمت جو سلسلو جاري رکيائين. مون سان سندس تعلق غلام مرتضيٰ ميمڻ معرفت 1982ع ۾ ان وقت جڙيو جڏهن مون کي به اڪيلو ۽ مايوس ڪرڻ جا سانڀاها پئي ٿيا. هن نوجوان شاھ عنايت ويلفيئر آرگنائيزيشن، مخدوم بلاول ويلفيئر سوسائيٽي ۽ سنڌ هسٽاريڪل سوسائيٽي جي پليٽ فارم تان علمي ادبي، سماجي ۽ ثقافتي پروگرام ڪري نالو ڪمايو. ايترو گهڻو جذبو مون ٻئي ڪنهن به ورڪر ۾ نه ڏٺو جهڙو اسلم ۾ ڏٺو. هينئر اسلم ۽ سندس محنت ڪش ٽيم سگا لاءِ هيڏو وڏو ڪم ڪري پاڻ لاءِ هر ڪنهن جي دل ۾ عزت پيدا ڪئي آهي.
اسلم جي سگا صدر ٿيڻ کان اڳ واري سگا مورو شاخ جو حال ڏسي اکين ۾ پاڻي اچي ويندو هو. جڏهن ته هاڻي برانچ جي بهترين سماجي ڪمن ڪارين کي ڏسي اکيون باغ بهار ٿيو پون. ان کان وڌيڪ هن جيڪو وڏو ڪم ڪيو آهي، اهو هي آهي ته سگا مورو جي مڪمل تاريخ به لکي آهي ته پنهنجي دور ۾ هن ڇا ڇا ڪيو، انهن سماجي، علمي، ادبي، تعليمي، ثقافتي ۽ صحت جي شعبي ۾ ڏنل سماجي خدمتن کي تفصيل وار لکي سگا مورو جي تاريخ رقم ڪئي آهي. بقول استاد بخاري جي ته:
وقت کي چادر ۾ ويڙهي رکبو نه آ،
ڊائري ۾ هر گهڙي ميڙيان ٿو پيو.
سامراجـي دٻدٻو دفنائبو،
انقلابي آدمي ميڙيان ٿـو پيو.
اسان کي پنهنجون ڳالهيون هوائن ۾ اڏائڻ جو وڏو شوق هوندو آهي پر انهن کي اکرن ۾ قابو ڪري قوم کي ڏيڻ لاءِ وقت ڪونهي. پنهنجي واهر پاڻ نه ڪنداسين ته ڪير ڪندو. هڪ ڳالهه اسلم لاءِ به چوان ته قدرت کيس زنده دلي جو جذبو به ڏنو اٿس، هو هڪ وقت سماجي ورڪر به آهي ته بهترين منتظم، مقرر، ليکڪ هئڻ سان گڏ بهترين انائونسر ۽ تاريخ سان گهري دلچسپي رکندڙ ارڏو ڪردار به آهي. ايتريون ساريون خوبيون ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ نظر اينديون آهن. اسلم عباسي کوڙ سارن رسالن ۾ پنهنجون لکڻيون ۽ صلاحيتون ڏنيون آهن. جڏهن ته سنڌ جي تاريخ ۽ ادب ۾ پڻ ڪجهه ڪتاب ايڊٽ ڪيا آهن. هي سگا مورو جي تاريخ تي آيل ڪتاب پنهنجي دور ۾ ڪيل خدمتن جو دستاويز آهي، جيڪو لکي نه رڳو موري جو مان مٿانهون ڪيو آهي پر تاريخي گهرج به پوري ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ لکيل تقريبن سڀني پروگرامن ۾ مان ذاتي طرح شامل ٿيو آهيان جي سڀ سو سيڪڙو پروگرام ڪامياب نظر آيا آهن. سگا صدر اسلم عباسي ۽ سندس ٽيم ساٿين: هر هڪ نظر حسين ميمڻ، حفيظ الرحمان شيخ، زاهد ڏيپر، قاضي شفيع محمد، وزير فرهاد ۽ ٻين جي سماجي ڪمن ڪارين سبب نه رڳو سگا مرڪز جا دوست پر سگا مورو جا سڀئي ساٿي ڏاڍا خوش ٿيا آهن.

ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي.

عظيم سنڌي

سگا ساٿي: اسلم عباسي

جڏهن واندڪائي ۾ اڪيلو ويهي سوچيندو آهيان ته اهي انسان جيڪي ننڍي ڄمار ۾ پنهنجي عمر کان وڏا ڪم ڪري مڃتا ماڻيندا آهن اهي ڪيڏا نه خوشنصيب آهن. انهن انسانن کان، جيڪي وڏي عمر ماڻي به ڪجهه نه ٿي سگهندا آهن. اهي ويچار ان وقت ذهن ۾ آيا جڏهن پنهنجي دوست ساٿي اسلم عباسيءَ جي جيون ۾ جهاتي پاتم.
اسلم عباسي اهو نوجوان اديب ۽ محقق آهي جنهن پنهنجي لکڻين جي شروعات 1985ع کان ڪئي. جڏهن هن سنڌي ادبي سنگت شاخ موري ۾ پير پاتو ۽ پنهنجي قلمي پورهئي جي شروعات ڪئي. پاڻ لکڻ، پڙهڻ کانسواءِ سماجي ڪمن ڪارين ۾ اڳڀرو ٿي سنڌ جي پيڙهيل طبقي لاءِ جاکوڙيندو رهيو آهي. ۽ سماجي اڻ برابريءَ ۾ تبديليءَ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري نهايت ايمانداريءَ سان مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري سنڌي ماڻهن جي ڏک سک ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهندو آيو آهي.
اسلم عباسيءَ جي شخصيت جا ڪيترائي علمي، ادبي، ۽ سماجي پهلو آهن. پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ سنڌي ادبي سماجي سنگت شاخ مورو جي پليٽ فارم تان ۽ مورو جي ڪيترن ئي علمي، ادبي، سماجي، تعليمي، تنظيمن اندر عهديدار ۽ سرگرم عمل رهندو پيو اچي ۽ مسلسل ڪم ڪندو رهيو آهي.
اسلم عباسيءَ 25 نومبر 1968ع ۾ ڳوٺ علي بخش ڪلهوڙو واقع مورو ۾ حاجي الهداد ڪلهوڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول سيد احمد شاهه مان 1978ع ۾ ورتي ۽ 1983ع ۾ وري هاءِ اسڪول موري مان مئٽرڪ پاس ڪري مهراڻ ڊگري ڪاليج موري مان 1985ع ۾ انٽر پاس ڪيائين. ان کانپوءِ هن 1991ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ايم اي (اقتصاديات) ۾ ڪئي. ان سان گڏوگڏ ڪينجهر ڪمرشل سينٽر مورو مان فني تعليم حاصل ڪيائين، جيڪو هڪ پُرخلوص انسان ۽ سماج سڌارڪ سائين عبدالغفور ڪلهوڙي جوڙايو. جنهن مان اڪثر غريب، مسڪين ۽ پورهيتن جي اولاد هزارن جي تعداد ۾ فني تعليم سکي بنا ڪنهن سفارش ۽ رشوت ڏيڻ جي سرڪاري نوڪريون ۽ عزت ڀريو روزگار حاصل ڪيو، انهن مان اسلم عباسيءَ به هڪ آهي. ان بعد هي نوجوان پنهنجي عملي زندگي ۾ لکڻ پڙهڻ، سماجي ڪمن ڪارين سان گڏ پنهنجي ڪٽنب جو به ڀرجهلو ٿيو.
اسلم عباسي پنهنجي وجود ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکي ٿو. علمي ادبي، سماجي، تاريخي، ثقافتي سيمينار ۽ ميڙاڪا ڪرائڻ سندس پسند جو مشغلو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ هن 1996ع ۾ ڪراچيءَ جي آواري ٽاور هوٽل ۾ هڪ شاندار انٽرنيشنل ڪلهوڙا سيمينار ۾ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري سان ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو ۽ شرڪت ڪيائين. سال 2002ع ڌاري حيدرآباد ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو سيمينار جو پريس سيڪريٽري طور ڪم ڪيو. ۽ ڪتاب ميان غلام شاھ ڪلهوڙو سنڌ جو شاھجهان پڻ مرتب ڪيائين. ان کان علاوه سال 2004ع ڌاري تخت گاهه خداآباد سيمينار سگا جي پليٽ فارم تان ٿي گذريو ۽ پاڻ نذير احمد ڀنڊ سان گڏ سيمينار ڪاميٽي جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو ۽ سنڌ جي عالمن اديبن تاريخدانن سان رابطه ڪري مقالا ۽ مضمون حاصل ڪري ڪتاب تخت گاھ خدا آباد ڇپائڻ ۾ مددگار رهيو. ان ڪتاب جو مرتب مرحوم نذير احمد ڀنڊ آهي. شاهه سچل سامي انٽرنيشنل ڪانفرنس سگا جي طرفان ڪراچي جي هوٽل بيچ لگزري 2004ع ۾ منعقد ٿيو ۽ پاڻ سگا جو مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي ميمبر پڻ رهيو. سال 2005ع ڌاري ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو پي ايڇ ڊي وارو ڪتاب ”ڪلهوڙا دورِ حڪومت“ پڻ ڇپرايائين ۽ ان جو پبلشر به رهيو. تاريخي، علمي، تحقيقي سيمينار ضلع نوشهرو فيروز 2007ع ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ پاڻ سيمينار ڪاميٽي جو جنرل سيڪريٽري رهيو. ۽ ڪتاب ضلعو نوشهرو فيروز تاريخ جي آئيني ۾ مرتب ڪيائين. ان بعد ساهتي پرڳڻي جي تاريخي شهر مورو بابت پڻ سال 2010ع ۾ تاريخي ۽ ثقافتي تحقيقي سيمينار مورو ۾ منعقد ڪيائين، ۽ مورو جي تاريخ بابت هڪ ڪتاب مورو تاريخ ۽ ثقافت سهيڙي ۽ ڇپرايائين.
اسلم عباسي سماجي ادبي پروگرامن کان علاوه سٺو ڪمپيئر پڻ آهي. هن مختلف پروگرامن ۾ اسٽيج ڪاروائي هلائي پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. ان کان علاوه ادبي پورهئي ۾ سندس چار ڪتاب ترتيب ڏنل آهن. جن ۾ 1. تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور بابت، ميان غلام شاھ ڪلهوڙو حاڪم سنڌ، 2. ڪلهوڙا دور هڪ مطالعو سال 2005ع 3. ضلع نوشهرو فيروز تاريخ جي آئيني ۾ ۽ چوٿون ڪتاب مورو تاريخ ۽ ثقافت سال 2010 ۾ آندائين. علمي ادبي سماجي ثقافتي خدمتن عيوض کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ شيلڊون ملي چڪيون آهن.
موري شهر ۾ هن وقت پاڻ ڪيترن ئي علمي ادبي سماجي ثقافتي ۽ تعليمي تنظيمن سان لاڳاپيل آهي جن ۾ سگا، سنڌي ادبي سنگت، مهراڻ سٽيزن ڪلب، يونائيٽيڊ اسڪول، سنڌ هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سوسائٽي، مورو ڊولپمينٽ فائونڊيشن ۽ ٻيا ڪيترائي ادارا سرفهرست آهن. مورو شهر جي بزرگ اديبن، استادن راشد مورائي، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، عظيم سنڌي ڊاڪٽر محمد سليمان سولنگي، نذير احمد قاضي، حافظ محمد بخش خاصخيلي، سيد علي بخش شاھ ۽ عبدالله جيسر جي صحبت ۾ رهندڙ هي سنڌ دوست نوجوان اديب، سماج سڌارڪ ڪيترن ئي ادب دوستن جو همعصر پڻ آهي، جن ۾ سرفهرست ادريس جتوئي، رکيل مورائي، پروفيسر شمشاد سومرو، وزير فرهاد سولنگي، احمد سولنگي، انور ساگر ڪانڌڙو، اسد سولنگي، عرفان عباسي، محبتي ملاح، اظفر سعيد ميمڻ، رضا ايوب لانگاھ، امداد سولنگي، سڪندر ڪورائي ۽ ٻيا ڪيترائي نوجوان اديب شامل آهن.
اسلم عباسي جڏهن ته هن وقت پنجاھ سالن جو ٿي ويو آهي پر سندس علمي ادبي، سماجي خدمتون سندس عمر کان مٿاهيون آهن. هن جي طبيعت تمام سٻاجهي ۽ پرخلوص شخصيت سبب علمي ادبي حلقن ۾ تمام گهڻي عزت ماڻي آهي. هن جي دوستن جو حلقو تمام وسيع آهي. سندس شخصيت جو سڀاءُ اهڙو ته تاثر وارو آهي، جو هر طبقي جا ماڻهو هن کي سٺي نظر سان ڏسندا آهن. پاڻ دوستن جي ڏکن سکن ۾ هر وقت گڏ هوندو آهي. پاڻ کان وڏن جو ادب ۽ احترام ته ڪير هن کان سکي. سندس گفتگو مهذب ۽ ورتاءُ پيار ڀريو هوندو آهي. هن نوجوان کي اڃا زندگي جون ڪيئي منزلون طئه ڪرڻيون آهن. الله پاڪ کيس ٽي فرزند: عاصم اسلم، ڊاڪٽر عدنان اسلم، اعتزاز اسلم ۽ هڪ نياڻي عطا ڪئي آهي. سال 18-2015ع ۾ پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ جو صدر چونڊجي آيو ۽ شاخ اندر سماجي ڪمن ۾ ڀرپورو حصو ورتائين ۽ ڪارگذاري لکت ۾ آڻي، اوهان سڀني جي سامهون هن ڪتابي شڪل ۾ پيش ڪئي اٿس. اميد ته هي سگا مورو جي تاريخ بابت اهم معلوماتي ۽ ڄاڻ ڏيندڙ ڪتاب ثابت ٿيندو.

وزير فرهاد سولنگي
جنرل سيڪريٽري
سگا، مورو

محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن

محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو اَگهائيو.

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ سنڌ جي پنجون نمبر پراڻي شاخ آهي. جيڪا 1976ع ڌاري قائم ٿي. سگا مورو جي سفر ۾ ڪيترائي ناليوارا سماج سڌارڪ، تعليمدان، ڊاڪٽر ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل ساٿي رهيا آهن. جن سماج ۾ تعليم، صحت، ثقافت ۽ روزگار ڏيارڻ واسطي خدمتون سرانجام ڏنيون. سگا مورو جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي تي نظر وجهجي ٿي ته سچ پچ سگا ساٿين کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. سڀني ساٿين پنهنجي پنهنجي دور ۾ ڀرپور سماجي خدمتون ڏنيون آهن. جن جو اجر کين ڌڻي پاڪ ڏيندو. مورو شهر سان منهنجو پڻ تعلق رهيو آهي. جن ۾ ننڍپڻ جا دوست ۽ ساٿي سائين راشد مورائي، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، محمد ادريس جتوئي، ڊاڪٽر اسدالله عباسي، غلام الله ميمڻ ايڊووڪيٽ، عبدالغفور ڪلهوڙو جج، عظيم سنڌي، محمد سليمان سيال، اسلم عباسي ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. جن سان اڄ ڏينهن تائين ميل جول رهندي اچي پئي. سگا مورو جي ڪيترن ئي سرگرمين صحت جي ڪئمپن، ڪتابي ميلا، ثقافتي، مچ ڪچهريون، ليڪچر پروگرامن ۾ شرڪت رهي آهي. سچ پچ تي مورو سنڌ جو دل وارو شهر آهي ۽ سگا مورو پڻ پنهنجي ڪارڪردگي سان سڄي سنڌ ۾ عزت ۽ محبت جي نگاھ سان ڏٺي وڃي ٿي. سگا مورو جي سڀني ساٿين کي جس آهي جن پنهنجو قيمتي ٽائيم ۽ هڙا وڙا ڪوششون ڪري سگا جي نالي کي روشن رکيو آهي. منهنجي دعا آهي سگا مورو ساٿي اڃا به هن سماجي سفر ۾ پنهنجون بهتر خدمتون سرانجام ڏيندا.

پيرل خان کوسو
مرڪزي وائيس چيئرمين سگا سنڌ

سگا مورو سنڌ جي متحرڪ شاخ

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو سنڌ جي انهن چند شاخن مان هڪ آهي، جيڪي بغير ڪنهن مستقل پراجيڪٽ جي مسلسل عملي ڪم ڪري رهي آهي. تعليم جون سرگرميون هجن يا صحت جون، يا سماجي ۽ ثقافتي، سگا مورو جي بي لوث ساٿين هر جاءِ تي پاڻ مڃايو آهي. سندن جذبا ڪڏهن ٿڪا ناهن ۽ سندن ٽيم ورڪ انتهائي مثالي آهي ۽ سگا جي ان اهم مقصد ”پنهنجو پاڻ سڃاڻ“ سان بلڪل ٺهڪي اچي ٿو. سگا مورو شاخ جا ساٿي جهڙي طرح اکين جي مفت ڪئمپن، چمڙي جي بيمارين جي علاج جون مفت ڪئمون ۽ مختلف بيمارين جي علاج جون مفت ڪئمپون هڻيل. غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي هڙئون وڙئون خدمت ڪري رهيا آهن. ان لاءِ سگا مورو شاخ جا ساٿي جس لهن. دعا آهي ته رب پاڪ سندن اهو جذبو ۽ خدمت قبول فرمائي ۽ سندن اها محنت سگا جي رضاڪارن لاءِ مشعل راھ بڻجي. سگا مورو جي مختصر تاريخ ۽ ٽي ساله ڪارڪردگي بابت ڇپجندڙ ڪتاب تي دلي طرح خوشي محسوس ڪريان ٿو ۽ ڪتاب جي ليکڪ اسلم عباسي کي جس ڏيان ٿو.

رفيق احمد سرهيو
سيڪريٽري صحت
(سگا مرڪز)

سگا مورو کي جَسُ هجي

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو بابت تاريخي ۽ تحقيقي مواد سان گڏوگڏ ٽي سالا ڪارڪردگي رپورٽ ڇپجي ڪتابي شڪل ۾ پڌري ٿي آهي. جنهن لاءِ سگا موري جي ساٿين کي جس هجي. جن هي تاريخي ڪم ڪري سنڌ واسين کي اتساھ ڏنو آهي. سگا مورو سنڌ جي انهن متحرڪ برانچن مان هڪ آهي. جن هڙا وڙا پاڻ پتوڙي سماجي ڪمن ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. صحت، تعليم ۽ ثقافتي سرگرمين کي هٿي وٺرائي هنن ساٿين پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. جن لاءِ موري جا سگا ساٿي کيرون لهڻن. خاص ڪري سگا صدر مورو اسلم عباسي، نظر حسين ميمڻ، حفيظ الرحمان شيخ، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، نثار احمد ميمڻ ۽ جنرل سيڪريٽري وزير فرهاد سولنگي جن کي هن موقعي تي مبارڪ باد پيش ڪريان ٿو ۽ اميد آهي ته هي ساٿي ماضي جي روايت برقرار رکندي اڳتي به بهتر خدمتون سرانجام ڏيندا.

محمد اسماعيل پنهور
سيڪريٽري ماليات
(سگا مرڪز)

سگا مورو ثقافتي شاخ

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ سنڌ جي منفرد شاخ آهي جنهن پنهنجي سماجي ڪمن ڪارين ذريعي سنڌ ۾ پنهنجي سرگرم شاخ هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي. سگا مورو جي تاريخ بابت آيل ڪتاب ۽ ڪارڪردگي کي پڙهندي سچ پچ ته مونکي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ۽ سگا صدر مورو اسلم عباسي کي جس ٿو ڏيان جنهن هي ڪتاب لکي نه رڳو سگا جي تاريخ سهيڙي آهي پر سنڌ اندر سڀني شاخن لاءِ سبق پڻ ڏنو آهي. سگا مورو سنڌ جي ثقافتي برانچ آهي جنهن جي ڪتابي ميلن، مچ ڪچهرين، سگهڙ ڪچهرين، مشاعرن، ليڪچر پروگرامن ۾ مونکي ڏسڻ جو موقعو مليو آهي. هن شاخ جا ساٿي محدود وسيلن هوندي به برانچ کي سرگرم رکيو پيا اچن. اسلم عباسي مونسان سنڌ جي ثقافتي ماڳ گورک ڪانفرنس دوران پڻ مونکي ڪيترائي نيڪ ۽ روشن مشورا ڏنا ۽ همٿايو. سگا شاخ مورو جا ساٿي تمام گهڻو سماجي ڪم ڪندا رهن ٿا ۽ اميد آهي ته ايندڙ ساٿي به سگا جي ڪمن ڪارين ۾ پڻ ڀرپور حصو وٺندا.

شهاب الدين شاهاڻي
سيڪريٽري ڪلچر
سگا مرڪز