سنڌ شناسي

اڳوڻن سنڌين جو ڏيساور سان واپار

”سنڌ سوداگرن جي زمين آهي. سنڌ جا وڻجارا پراڻي زماني کان ڏورانهان ڏيهه ڏوري، وڻج واپار ڪري، پنهنجي ملڪ کي مالا مال ڪندا هئا. هو وڏا تاجر ۽ قابل جهازران هئا. ساري دنيا سندن اڳيان ” ٻيلو ٻه ٻلانگهون “ هئي. تاريخ شاهد آهي ته اسان سنڌين جو ساري جڳ ۾ ڌاڪو هو. واپاري ڏس ۾ اسانجو وقار بلند هو. ڀٽ ڌڻي جو سر سامونڊي ۽ سر سريراڳ انجو گواهه آهي ته اسان تجارتي دنيا۾ ڪيڏي نه عظمت جا مالڪ هئاسين . سنڌي واپاري پرڏيهي واپار مان ايڏو ته ناڻو ڪمائي ايندا هئا جو سندن ست پيڙهيون رڄ ڪنديون هيون. مون پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪري، هن موضوع تي تاريخي حقيقتون پيش ڪيون آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 2471
  • 568
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اڳوڻن سنڌين جو ڏيساور سان واپار

(1) عربستان جو تجارتي تعارف

عربستان هڪ ريگستاني ۽ جابلو علائقو آهي ان ڪري هت ڪا پوک ۽ آبادي نه ٿي ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو هن کي غير زرعي ماٿري چئبو آهي. هتان جي ماڻهن پنهنجي گذران ۽ خوراڪ لاءِ تجارت ۽ واپار کي ڌنڌو بنايو. تجارت عربن جي معيشيت ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي. عرب قديم زماني کان ئي واپار ڪندا هئا. تاريخن ۾ اچي ٿو ته هو حضرت مسيح کان به گهڻيون صديون اڳ تجارت جي شغل سان وابسته هئا. تورات ۽ يونان جي نهايت قديم ڪتابن ۾ سندن واپار جا بي شمار واقعا موجود آهن،جن مان انهن جي هن ڌنڌي ۾ قدامت معلوم ٿئي ٿي. هڪ نهايت پراڻي روايت آهي ته ” جن ماڻهن حضرت يوسف ع کي سندس سنگدل ڀائرن کان خريد ڪري مصر جي رئيس فوطيغار جي هٿن ۾ وڪرو ڪيو، سي بنو اسماعيل ع جا عرب هئا. جيڪي حضرت عيسى ع کان سترهن سئو سال اڳ واپار ڪندا هئا. ( نقوش رسول نمبر ج 3 – ص نمبر 66) اهي عرب جلعاد مان گرم مصالحا ۽ بلسان مان روغن مصر آڻيندا هئا. عربن جي تجارت جيڏي قديم هئي، تيڏي وسيع ۽ عالمگير هئي. ڊاڪٽر گستاولي بان لکي ٿو ته ” عربن جي تجارت دنيا جي چوٿين حصي تائين ڦهليل هئي . چين جي مشرقي ڪنارن مجمع الجزائر کان وٺي، جمل الطارق تائين، عربي واپارين جا جهاز، تجارت لاءِ ڦرندا رهندا هئا. آفريڪا، ايران، خطا، هندستان، ترڪستان، روس، ايشيا ۽ ڪوچڪ وغيره جي سرزمين سندن قافلن جو مرڪز هئي.“ ( تمدن عرب – ص نمبر 68) مطلب ته پراڻي زماني ۾ دنيا جي ساري تجارت عربن جي هٿ ۾ هئي ۽ ٻن هزار سالن تائين عرب ملڪ جي سرزمين دنيا جو تجارتي مرڪز رهي. ان ڪري ئي سڪندر مقدوني ارادو ڪيو هو ته هو پنهنجي ملڪ جي گادي جو هنڌ ۽ مرڪز عرب کي بنائي. ( بحواله نقوش – ص نمبر 66) بقول ڊاڪٽر لي بان ” پراڻي زماني ۾ عربن دنيا ۾ اهو ڪم ڪيو جيڪو يورپ ۾ ونيس ” تشقه التاثير “ جي زماني ۾ ڪيو هو.“ ( تمدن عرب – ص نمبر 68)
عربن جا پراڻي زماني ۾ مصر، هند، سنڌ، ايران، چين، روم، يونان، آفريڪا، بابل، فنيقيا، شام وغيره ملڪن سان تجارتي تعلقات هئا. هو انهن ملڪن ۾ بري ۽ بحري ٻنهي رستن کان ايندا ويندا هئا. بري تجارت قافلن رستي ٿيندي هئي ۽ بحري تجارت لاءِ، هو ڏورانهن علائقن ڏانهن جهازن رستي اچ وڃ ڪندا هئا ۽ ويجهن علائقن ۾ ٻيڙين کان ڪم وٺندا هئا. سندن بحري تجارت بري کان وڌيڪ هئي. عربن جا جن ملڪن سان تجارتي تعلقات هئا، تن مان سنڌ کان سواءِ ڪي هي آهن.

[b](1) مصر
[/b] مصر سان عربن جي تجارت تمام پراڻي آهي عنطف رابع ( مصر جو شهنشاهه) 305 ق م ۾،بحر احمر جي ڪناري هڪ تجارتي مشن روانو ڪيو هو، جنهن ۾ قيمتي شيون، جواهرات ۽ جانور هئا. مصر جي ملڪئه هتشو 1582ع ۾ هڪ ٻيڙو تجارت لاءِ موڪليو هو. عرب مصر ڏانهن، بحر احمر جي رستي ويندا هئا. خليج – سوئيز کان نيل تائين به، انهن هڪ واٽ ٺاهي هئي. عرب تاجر مصر مان اناج، جانور، ٿانو، شيشو وغيره هندستان آڻيندا هئا ۽ هتان خوشبوءِ، پنبه، ياقوت کڻي ويندا هئا. مصري هندستاني مال، عربن کان خريد ڪندا هئا.

[b](2) فنيڪا
[/b] صور کي فنيڪا چوندا هئا. هي حضرت مسيح کان، ڇهه سئو سال اڳ تباهه ٿيو هو. هن سان عربن جا گهرا لاڳاپا هئا. هت هو خشڪي ۽ سامونڊي بنهي رستن کان ايندا هئا. صور جا رهاڪو تن جهازراني جا ماهر هئا، تڏهن به هو، بحر احمر هند کان پري پڃندا هئا . يمن ۽ عدن جا عرب صور ۾، هر قسم جا نفيس ۽ خوشبودار مصالحا ۽ قسمين قسمين قيمتي پٿر، ڪيمخواب، سو ن،ارغواني چوغا، ڀرت ڀريل پوشاڪون ۽ سڀني قسمن جا ڪپڙا آڻيندا هئا.

[b](3) بني اسرائيل
[/b] بني اسرائيل ۽ عربن جي واپار جو ذڪر، تورات ۾ به آهي . بني اسرائيل روماني شيون، فنيڪيا مان ۽عربي، هندي، سنڌي ۽ چيني پئداوار عربن کان خريد ڪندا هئا. منجمله، حضرت سليمان عليه السلام جو،جيرام جي ڀائيواري سان، سمنڊ جي رستي اوفير ( سنڌ) مان سون گهرائڻ جو ذڪر ڪيو آهي.

[b](4) بابل
[/b] بابل قديم زماني کان تجارت جو مرڪز هو. هي ملڪ فرات ۽ دجله جي ڪناري تي هو. هن جا تجارتي لاڳاپا هند، سنڌ ايران سان به هئا. هي ماڻهو هند، سنڌ جي اترئين علائقن سان بري ۽ بحري تجارت ڪندا هئا. بحري رستي خليج فارس هو. جنهنجي وچ ۾ شيراز هو. ان رستي گجرات وغيره. ملڪ هئا انهن جو بري رستو، ايران ۽ افغانستان کان ٿيندو ويندو هو. عرب بابل قافلن رستي ايندا هئا، جيڪي کانئن هند سنڌ چين ۽ آفريڪا جي ملڪن جي پئداوار خريد ڪندا هئا. ( تاريخ قديم سنڌ – ص نمبر 80)

[b](5) ايران
[/b] ايران سان عربن جا گهاٽا تجارتي تعلقات هئا. کين ايراني تجارت ۾ عروج حاصل هو. انهن ڏينهن ۾ مدائن جيڪو عراقي عرب آهي ايران جي تجارت جو مرڪز هو.

[b](6) چين
[/b] چين سان عربن جو واپار، بري، بحري ٻنهي رستن سان هلندو هو. سندس بحري رستو سواحل عرب يا خليج فارس کان شروع ٿي چين ويندو هو. جن رستن جي وچ ۾ سواحل هند سيلان، سيام، مجمع الجزائر وغيره پوندا هئا. بري رستو ايران، دشت قفچان، ترڪستان، بڪتريا وغيره ملڪن مان ٿنيدوهو. عرب مسيح کان ڪيتريون ئي صديون اڳ چين ۾ ايندا هئا. مسٽر آرنولڊ لکي ٿو ت ” عربن کي واپار ۾ مسيح کان هڪ صديون اڳ چين ۾ ايندا هئا. مسٽر آرنولڊ لکي ٿو ت ” عربن کي واپار ۾ مسيح کان هڪ صدي اڳ چين ۾ ڪمال عروج حاصل هو. چين ۾ عربن جي واپار ۾ جواهرات، مرجان، فرش ۽ سوٽي ڪپڙو هو. انهن جي شين جي عيوض اطلس، ڪيمخواب، چيني جا ٿانو، چانهه، دوائون، افيون، سيماب، شورو، ٽين ۽ جواهرات خريد ڪندا هئا. ( تاريخ چين – ص نمبر 14)

[b]آفريڪا [/b]
هن ملڪ سان به عربن جا خاص تجارتي ناتا هئا. هت جشن ۽ ڪارٿيج سندن مرڪز هئا. مورخ استرابو لکي ٿو ته ” آفريڪا ۾ عرب، جيره کان ايندا هئا.“

[b] (7) يونان
[/b] يونان سان عربن جو پراڻو تجارتي لاڳاپو هو. هيروڊوٽس ( وفات 444 ق م) لکي ٿو ته ” هنجي ڏينهن ۾ يونان ۾ عربن جي تجارت اوج تي هئي.“ يونانين عرب قسمين قسمين مصالحا، خوشبودار شيون، ملبوسات ۽ جواهرات وغيره وڪرو ڪندا هئا، جن کي هو هند، سنڌ، چين ۽ پنهنجي ملڪ مان آڻيندا هئا. هيروڊوٽس وڌيڪ لکي ٿو ته ” ايلوا ۽ لوبان جي تجارت يونان سان صرف عرب ئي ڪندا هئا.“ ( تجارت العرب، قبلا الاسلام - نقش رسول نمبر ج 3)
عرب مٿين ملڪن سان جيڪي شيون خريد ڪندا هئا تن مان مکيه هي آهن. دالچيني، ڪارا مرچ، ناريل گوگل، عنبير، لونگ، جوتري، الاچي، لوبان، ڪافور، عود، بيد، ريشم عاج، چيني جا ٿانو، پشم، بانس، گدامڙي، گهوڙا، گڏهه، اٺ، قيمتي ڪپڙو، معدنيات، ٽين، سيماب، سون، چاندي، قهوو بخور، مشڪ وغيره. يمن ۾ سون، خوشبودار شيون ۽ جواهرات آندا ويندا هئا. ملڪئه سبا، هڪ سئو ويهه قنطار سون، ڪيترائي عطريات ۽ قيمتي جواهرات حضرت سليمان عليه الاسلام کي موڪليا هئا.
عربستان ۾ ڪيترائي شهر واپاري مرڪز هئا. جتي عرب سوداگر، دنيا مان مال آڻي وڪرو ڪندا هئا. انهن مان مکيه مرڪز هي هئا.

[b](1) يمن
[/b] عرب ۾ يمن جي تجارت نهايت قديم آهي. هتا جا سوداگر اعلى درجي جو شيون وڪرو ڪندا هئا.

[b](2) عدن
[/b] هي يمن جي مشهور تجارت گاهه هئي. ڊاڪٽر لي بان، ادريسي جي حوالي سان لکي ٿو ته ” عدن ۾ سنڌ، هند ۽ چين کان طرح طرح جون قيمتي شيون اينديون هيون.جواهردار تلوارون، جائفل، رڱيل چمڙو، زرهه، مشڪ، زين، ڪارا مرچ، ناريل، پست، الاچي، دالچيني،گلنگ، جوتري، هريڙ آبنوس، ڪافور، لوئنگ، ڪباب، کنڊ ۽ مختلف قسمن جون نباتات، ريشمي ڪپڙو، اعلى درجي جو مخمل، عاج ۽ بيد هت وڪرو ٿيندو هو.

[b](3) جيره
[/b] هي شهر بحرين ۾ هو ۽ تمام وڏو تجارتي مرڪز هو. هت ايران، شيراز، سنڌ، هندستان ۽ آفريڪا کان سامان ايندو هو.

[b](4) طفاريه
[/b]هي عربستان جي مشهور تجارت گاهه هئي اهل يمن هتان هندوستان تجارت ڪندا هئا. ان ڪري هن علائقي ۾ هندوستان جا اڪثر وڻ، ناريل ۽ پان هت ايندا هئا.

[b] (5) مڪو
[/b] هي حجاز جو مشهور شهر هو. هتي قريش جا وڏا وڏا تاجر رهندا هئا ۽ يمن، شام، عراق، مصر وغيره ملڪن مان تجارتي قافلا ايندا هئا.

[b](6) جدھ
[/b]هتان عربن جي بحري تجارت شروع ٿيندي هئي ۽ هتان ئي اهي حبش، مصر، آفريڪا ۽ هند سنڌ ويندا هئا. ابن خرداز به لکي ٿو ته ” جدي ۾ هند، سنڌ، زنجبار، حبش ۽ فارس جون شيون ملن ٿيون.“

[b](7) جبرهه
[/b] هي عراق ۾، تجارت لاءِ سڀ کان مشهور هو. هت هندستان، سنڌ، چين، ايران وغيره ملڪن جو واپاري مال ايندو هو.

[b] (8) ابله
[/b] هي درياءَ فرات ۽ دجله جي ميلاپ وٽ شهر هو. فرات ۽ دجله ۾ هلندڙ جهازن جو لدگرهه گاهه هت هو. هت هند، سنڌ ۽ شيراز کان مال ايندو هو. ( سيد علي بلگرامي – عربن جي تجارت )

[b](9) تدمور ۽ بعلبڪ
[/b] هي ٻيئي شهر شام جا خاص تجارتگاهه هئا، جن کي حضرت سليمان عليه الاسلام ٺهرايو هو. ڊاڪٽر لي بان لکي ٿوته ” هن شهرن جو هندوستان جي خشڪي ۽ خليج فارس جي رستي، تجارتي لاڳاپو هو. هي ماڻهو هتان جيڪو مال کڻي ويندا هئا سو شام موڪليندا هئا ۽ هي ڪاروان هنن شهرن ۾ ايندا هئا.“ تدمور کي حضرت سليمان عليه الاسلام ان ڪري ٺهرايو هو ته جيئن اهي شهر، تجارت جو مرڪز بڻجن. جتي فرات جا سوداگر مصري تاجران سان پنهنجو تجارتي مال بدلائين، رومين جي زماني ۾ هند، سنڌ جي پئداوار به هتان روم ويندي هئي. ( تجارت العرب – نقوش – رسول نمبر ج 3، ص نمبر 68)
عربستان ۾ ڪيتريون ئي تجارتي پڙيون هيون. جتي ساري دنيا جو واپاري وکر وڪامندو هو. انهن مان مکيه بازارون هي آهن.

[b](الف) سوق دومت الجندل
[/b] هي بازار پهرئين ربيع الاول ۾ دومت الجندل ۾ کلندي هئي.

[b](ب) سوق هجر
[/b] هي بازار حمير ۾ 9 ربيع الثاني تي کلندي هئي.

[b](ث) سوق عمان
[/b] هي بازار جمادي الاول جي پوئين تاريخ ۾ حمير ۾ کلندي هئي.

[b](ج) سوق مشقر
[/b] هي بازار جمادي الاخر جي پوئين تاريخن ۾ مشقر ( بحرين ) ۾ لڳندي هئي.

[b](د) سوق صحار
[/b] هي بازار صحار شهر ( جيڪو بحرين ۾ هو) ۾ رجب مهيني ۾ لڳندي هئي.

[b](ح ) سوق عدن
[/b] هي بازار رمضان شريف جي اوائل ۾ کلندي هئي.

[b](خ ) سوق صنعا
[/b] هي بازار رمضان شريف جي آخر ۾ لڳندي هئي.

[b](ر) سوق حضر موت
[/b] هي بازار ذوالقعد ۾ لڳندي هئي.يعقوبي ان جو نالو الرابيت ٻڌايو آهي.

[b]( ز ) صق حباشه
[/b]هي بازار، يار بارق ( هي شهر فنونا ۾ آهي، جيڪي مڪي کان يمن طرف آهي)

[b](س) سوق عڪاظه
[/b]هي بازار عرب جي سڀني بازارن کان وڏي ۽ مشهور هئي. ان جو افتتاح طائف ۾ ذوالقد جي پهرين تاريخ تي ٿيندو هو ۽ اها هڪ مهينو ويهه ڏينهن کليل رهندي هئي. جنهن ۾ عرب جا سڀ قبيلا گڏ ٿيندا هئا. ان کان سواءِ هفتي ۾ هڪ ڏينهن سومر تي هميشه کلندي هئي، جنهن ۾ تر جا ويجها ماڻهو ايندا هئا. عڪاظه ۾ سوداگرن کان هڪ قسم جو ٽئڪس به وٺبو هو، جنهن کي عرب نڪس چوندا هئا.

[b](ش) سوق الشجر
[/b] هي بازار مڪي جي ويجهو، محبته هنڌ جي ويجهو لڳندي هئي ( تجارت العرب – سيد شمس القادري، نقوش رسول نمبر ج 3، ص نمبر 66، ۽ عرب وهند عهد رسالت ۾، ص نمبر 39) عرب جا ڪيترائي قبيلا تجارت پيشه هئا. جن مان مکيه هي آهن.

[b]1. بنو قحطان
[/b] هن قبيلي کي، تورات ۾ يقطان سڏيو ويو آهي. هو يمن جا رهندڙ هئا. تجارت کان اڳ هي قبيلو زراعت جو ڌنڌو ڪندو هو. سندن تجارت نهايت وسيع هئي. بنو اسماعيل عليه حضرت مسيح عليه کان 17 سئو سال اڳ واپار ڪندا هئا. سندن تجارت خاص ڪري، مصرسان هلندي هئي. هو سڀني عربن ۾ شاهوڪار هئا.

[b]2. بني آدوم
[/b] عرب جا مشهور سوداگر هئا. سندن شهر دومه هو جنهن کي ” دومته الجندل “ چوندا هئا. پراڻي زماني ۾ اتر، ڏکڻ جي وچ ۾ هڪ طرف آرام ۽ بابل ٻئي طرف هند، سنڌ ۽ مصر جي تجارت لاءِ رستي جو ڪم ڏيندو هو. (3) بنو قريش
هي عربستان جو مشهور قبيلو هو،جنهن جو خاص ڌنڌو به تجارت ڪرڻ هو. ابن خلدون لکي ٿو ته ” فرش جي لغوي معنى آهي ڪسب ۽ گڏ ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته هي ماڻهو واپار ڪندا هئا، ان ڪري کين قريش سڏيو ويندو هو. قرآن شريف جي سورت قريش ۾ به سندن تجارت جو ذڪر ڪيو ويو آهي. واپار ڪرڻ ڪري هو ايڏا ته شاهوڪار هئا جو سندن دولت ۽ حشمت جي ساري عرب ۾ دٻدٻو هوندو هو. سندن تجارت جا مرڪز شام، يمن، حبش، فارس ۽ مصر هئا. هوسال ۾ ٻه دفعا سفر ڪندا هئا. سندن تجارتي شهر حجاز، مڪو، جدو ۽ خيبر هئا.(فتوح الملدان – بحواله سه ماهي مهراڻ – 1975/ 1)
هنن قبيلن کان سواءِ يمن، عمان ۽ بحرين جا قبيلا به تجارت ڪندا هئا. عرب بائده مان مشهور تاجر قومون عمائقه، عاد، ثمود ۽ حمير هيون.