شخصيتون ۽ خاڪا

افلاطون کان البرٽ ڪاميو تائين

هن ڪتاب ۾ عالمي ڏاهن افلاطون، ارسطُو، سوفوڪليس، لونجائنس، فرانسس بيڪن، جان ڪِيٽس، چارلس ڊڪنز، گوئِٽَي، ٽالِسٽاءِ ۽ البرٽ ڪاميو جون ادبي ڪٿائون، قصا ۽ زندگيون تاريخي ۽ ادبي پس منظر ۾ لکيل آھي. ھي ڪتاب نوجوان ليکڪ رفيق کوسو لکيو آھي.
ڪتاب اندر جيڪي بي بھا جيون ڪٿائون، فلسفين ۽ اديبن جي پورهئي جي ٿوري گهڻي جهلڪ اسان جي دوست رفيق کوسو صاحب اسان کي پسائِي آهي اهو سندس ڪتابن سان عشق، ادب سان چاه ۽ عالماڻي ڊسڪورس جو هِڪ اهم ثبُوت آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2923
  • 1001
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رفيق کوسو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book افلاطون کان البرٽ ڪاميو تائين

يَوحان وَولف گانگ گوئِٽَي 1749___1832عيسوي سال

نيِپولين هن کي ڏِسندي ئي هِڪدم چئي ڏنو هو ته “بيشڪ هي هِڪ انسان آهي”__اَرڙهين صدي ۾ جَرمن فَلسفو (German Philosophy)، شاعري ۽ ناول نويسي ۾ يُورپ دنيا ۾ ڀرپُور انداز سان اُڀري نروار ٿي پيو هو. جڏهن جرمني ۾ اَيميونل ڪانت(Emunal Kant) جهڙن فلسفِين جي پيدائش روشن خيالي (Enlightenment) کي جنم ڏنو هو؛ جنهن ۾ اِنسان سوچڻ سان گڏ هر شي کي سائنِسي نظر سان جاچڻ ۽ پرکِڻ لڳو. اُنهي سان گڏ؛ هي اهو ئي دور هو جنهن ۾ چَرچ آخري پساه ڀريندي دَم ٽوڙي رهي هُئي ۽ اِنسان صَدين کان جڪڙيل مذهبي وَهم پرستي جي زنجيرُن کان به پنهنجي جند آجي ڪرائڻ جي جُستجُو ۾ لڳو پيو هو! تڏهن هِڪڙي شاعِر ناول نويس، ڊرامه نِگار ۽ فلسفِي (Philosopher) جنم ورتو هو.
هن وٽ آسمان کي ڇُهڻ جُون خُواهشُون هيُون ۽ زندگي کي سمجھڻ جُون تمنائُن سان گڏ تجربن ڪرڻ جي همٿ به اندر ۾ سمايل هئي__بي سبب رلُڻ، رُوح ۾ بيقراري ۽ لاپرواهِي هئڻ سان گڏ اُميدن جي توازن سان هُو دنيا ۽ معاشري سان هم آهنگ به رهندي ٿي آيو هو! اُنهي هَم آهنگي جو هِڪڙو سبب اهو به هئو ته هن جي سيني ۾ ٻه رُوح هُئا؛ هڪ ته هُو حُسن پرست شاعِر هو ته ٻيو هُو هميشه پنهنجي اندر ۾ هڪڙو حقيقت پَسند انسان ئي هُيو. هُو ائين به چوندو هو ته “مُنهنجي اندر ۾ ٻَه رُوح آهن ۽ ٻئي پنهنجي پنهنجي ڪَشمُڪش ۾ آهن هڪ رُوح ٻئي رُوح تي غالب ٿيڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهي”
يُوحان وَولف گانگ گوئِٽي (Johann Wolfgang von Goethe) دريا ڦائِن جي ڪناري واري شهر فرانڪفرٽ (Frankfurt)، جرمني ۾ 28 آگسٽ 1749ع جي وقت ٻيپهري جي ڄائو هو__هُن جي ابتدائي تعليم گھر ۾ ئي هن کي ڏني وئي هُئي؛ بعد ۾؛ جنهن ۾ هُن يُورپ جي قديم ۽ جديد ٻولين کان ويندي مَذهب (Religion)، سائِنس (Science)، جاگرافِي (Geography) ۽ اَدب (Literature) کي پڙهِيو هو. هن کي ننڍپڻ کان ئي گھَوڙي سواري (Horse Riding) جو تَمام گھڻو شوق هو__مَوسِيقي ۾ به هن جي تمام گھڻي دلچسپي هئي؛ پر اَچانڪ هُن پنهنجا سڀ شوق هڪڙي ڏينهن ڇڏي ڏِنا هئا!
جَڏهن گوئِٽي سورنهن سالن جو ٿيو ته هُن جي پيءُ هن کي وڪالت پڙهڻ لاءِ لائِپزِنگ يُونيوَرسٽي ۾ داخل ڪرايو جتي هُن وڪالت سان گڏ اَدب ۽ فلسفي جو به گھرو مُطالِعو ڪيو هو. ٽنِ سالن تائين اُنهي ساڳي يُونِيورسٽي ۾ رهڻ دوران هڪ ڏينهن اَچانڪ گوئٽي جي طبيعَت خراب ٿي پئي جنهن کان پوءِ مَجبُورن هُن کي گھر واپس ورڻو پئجي ويو هو__۽ گھر پُهچڻ کان چند مهينا بعد گوئٽي صحتياب ٿي ويو هو. هاڻي هن جي پيءُ هن جي داخلا اِشٽراس بَورگ يونيورسٽي ۾ ڪرائِي جِتان هُن وڪالت جي سند ورتي ۽ اُنهي سان گڏوگڏ اِشٽراس بَورگ ۾ هُن طِب (Medicine)، ڪِيميائي علم (Chemistry) ۽ علم برقي جو به ڪافي مُطالعو ڪيو هو .

1770ع ۾ جڏهن گوئِٽي جي داخلا اشٽراس بَورگ ۾ ٿي هُئي تڏهن اُتي رهڻ دوران هن جي ملاقات هَرڊر(Herdar_______هرڊر جي باري ۾ وڌيڪ اڳتي اسان تفصيلي جائزو وٺنداسين) نالي هِڪڙي شخص سان ٿي جنهن گوئٽي جي زندگي تي تمام گھڻو مُثبت اَثر وڌو هو. گوئِٽي لاءِ هَرڊر عجيب_وَ_غريب شَخص هو__۽ هرڊر عقُل جي مُقابلي ۾ اَحساسن جي شدت، تيزي ۽ تربيت تي زور ڏيندو هو؛ ۽ هُن جي خيال ۾ “شاعِري جو مَقصد صِرف تفريح نه هو، پر هُن جي نظر ۾ شاعِري ۽ شاعِر جو ڪم قومي جذبن کي اُڀارڻ آهي ۽ اُنهن کي اِخلاقي ۽ عَملي سطح تائين پُهچائڻو آهي”. اُن کان علاوه هَرڊر هَميشهه پنهنجي دور واري يُورپي معاشري (European Society) ۽ يورپ تي تنقيد ڪندو رهيو هو. اُنهي حوالي سان هرڊر به ڪَيترائِي مَضمُون لکيا هُئا جيڪي تَنقيد ۽ اَدب تي مُبني هُيا ۽ اَهڙي طرح گوئٽي هرڊر جي محبت ۾ اچي “ گوئٽي” بڻجي ويو هو .
هرڊر جو اثر گوئِٽي جي زندگي تي ايترو ته پيو جو هُن فرانس جي لِکڻين کي نقل ڪرڻ ڇڏي ڏنو__۽ جَرمن طرز جو خَيال پَرست بڻجي ويو هو. هاڻي هُن رُوح جي گھرائين تائين پنهنجي مَقصدن کي تلاش ڪيو هُئو! اهو هڪ اهڙو دور هو جنهن ۾ يورپ جون پُراڻيون روايتون دَم ٽوڙي رهيُون هُيون ۽ اَدبي ميدان ۾ به جَرمني اندر (Strum and Drang) اِسٽرم اَينڊ ڊِرينگ جي تَحريڪ هلي هئي جيڪا (1770 کان 1780) ڏهن سالن تائين جاري رهي پر اُن تحريڪ اُنهن ڏهن سالن اندر اَدب جي هڙني پراڻين روايتُن جي ڏنل ڀت کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو هو! اُنهي تحريڪ کي جنم ڏيڻ وارو ماڻهو به ھَرڊرر هو، جنهن بعد ۾ ان دور جي ليکڪن گوئٽي، بورگر، هامن، مِرڪ ۽ فريڊرِڪ ڪِلنجر کي موهي وڌو هو .
اِسٽرم اَينڊ ڊرينگ جي ميدان ۾ شَيڪسپِيئر جي فِطرت_پَرستي، پُراڻن خيالن ۽ جَين جَيڪز رُوسَو جي پيروي ڪرڻ تي وڏو دخل پيدا ٿي پيو هو! رُوسو پنهنجي دور ۾ هر طرح سان نمايان رهيو هو ۽ هُن پنهنجي هَمعصرن جي وچ ۾ خيالن جي وڏي گرمجوشي پيدا ڪري ڇڏي هُئي__۽ بعد ۾ اُنهن سڀني گڏجي جذبن جي ميدان اندر بَغاوت واري رُوحن کي جنم ڏنو هو___۽ فطرت پرست نوجوانن کي کڻي اَچي اهڙي راھ تي بيهاريائون جتي رُڳو تنهائي هُئي، طوُفان جو شور هو، موسيقي جُو اندر کي ڇيڙي جَلترنگ ڪرڻ واري جذباتي احساسن سان گڏ اذيت ڀريا نغما به هئا! اهڙي طرح فطرت_پَرست بڻجي اُهي نوجوان روايتن جي خلاف بغاوت ڪرڻ ۽ خيال پرستي کان مُتاثر ٿي هر ننڍي وڏي تڪليف تي ماتم ڪرڻ لڳندا هئا__۽ ڳوڙها ڳاڙڻ شروع ڪندا هئا! پر هاڻي جَرمني ۽ جَرمن قوم جو خيال بلڪل تبديل ٿي چُڪو هو__هُنن جو چوڻ هو ته “جيڪڏهن جَرمن قوم بڻجڻو آ ته سچائي اندر تخليق ٿيل رومانوي جذبن جي طوفانن تي سوار ٿيڻو پوندو؛ پُراڻن قانونن کي ٽوڙڻو پوندو، ۽ هر لحاظ کان فطرت جي پيروي ڪندي فطرت سان هر حال ۾ هلڻو پوندو” .
1771ع ۾گوئٽي پنهنجي وڪالت جي سَند وصول ڪري واپس پنهنجي گھر فرانڪفرٽ پهتو؛ جتي پوءِ هُن وڪالت شروع ڪري ڇڏي هئي؛ پر وڪالت ڪرڻ ۾ هن جي ڪنهن به قسم جي ڪا به دلچسپي ڪان هئي__۽ وڪالت جي بدران هن جو لاڙو ادب ڏانهن وڌندو ٿي ويو هو. انهي وقت فرانڪفرٽ ۾ رهڻ دوران هُن جي پي ڏٺو ته گوئٽي جون سرگرميون وڪالت بدران ادب ڏي وڌي رهيو آهن تڏهن هن گوئٽي کي وَيٽزلر جي عدالت ۾ وڪالت لاءِ موڪلي ڇڏيو .
1772ع ۾ گوئٽي ويٽزلر پهتو ۽ وڪيلن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو هو؛ پر هن کي اُتي ججن جي گھٽ پگھار هئڻ ڪري عدليه ۾ رشوت جو جهان ڏسڻ ۾ آيو؛ ۽ جتي ڪنهن به قسم جو کيس انصاف يا نظم ۽ ضبط نظر نٿي آيو__۽ ان کان علاوه اُتي ايندڙ مجرم ڄڻ پنهنجا مسئلا پاڻ عدالت ۾ وڙهي هڪٻئي سان حل ڪندا هئا! انهن سڀني مسئلن گوئٽي جي وڪالت تان دل کڻائي ڇڏي ۽ هاڻي هن وڪالت جي سرگرمين کي ڇڏي ڪري يُوناني ادب مثلا هومر (Homer) ۽ پِنڊار (Pindar) کي پڙهڻ شروع ڪيو هو.
ويٽلرز ۾ ڪافي نوجوانن جي دوستي گوئٽي سان ٿي جنهن کان پوءِ گوئٽي کي انهن سان گڏجي گھمَندي ڦرندي مزو اچي ويو هو؛ انهن دوستن سان گڏجي گوئٽي ڪلبن ڏانهن وڃڻ لڳو، جتي بعد ۾ هلي ڪري هُو ان ڪَلب جو ميمبر به بڻيو. دوستن جي وچ ۾ رهڻ سان گوئٽي کي ڄڻ هڪ نئين مصرُوفيت ملي وئي هئي جتي هو ادب فَنوُن لطِيفه ۽ پنهنجي فلسفي کي بيان ڪري وٺندو هو .
انهي دوران ساڳي شهر ۾ گوئٽي جي ملاقات ڪَينسٽر (Kenster) نالي شخص سان ٿي جيڪو هن کان عمر ۾ ته اٺ سال وڏو هو پر ان باوجود ٻنهي جي وچ ۾ ڪا ذهني ھِڪ رنگي ضرور هئي! جيڪو ٻنهي کي هڪٻئي جي گھڻو ويجھو وٺي آئي هُئي__ٻنهي جي ملاقاتن هڪٻئي کي بيحد مُتاثر ڪيو جنهن کان پوءِ هڪ دفعيِ ڪينسٽر، گوئٽي جي باري ۾ پنهنجي هڪڙي دوست کي خط لکندي لکي ٿو؛
“ته منهنجي ملاقات هتي گوئٽي نالي هڪ شخص سان ٿي آهي جيڪو ٽيويهه سالن جو آهي. هنجو تعلقُ امِير خاندان سان آهي ۽ هي هِتي وڪالت سکڻ آيو آهي. گوئٽي تمام قابل ذهن ماڻهو آهي ۽ هن جي خيالن ۾ پُختگي ۽ رنگِيني سمايل آهي؛ اهو ائين ته هِي ڳالهائڻ وقت لفظن سان عَڪس جوڙيندو ويندو آهي ۽ هن جي جذبن ۾ جوش آهي! پر ان سان گڏوگڏ هن کي پاڻ تي قابو رکڻ جي صلاحيت جي به خبر آهي، هن کي پنهنجي آبرو ۽ فيشن جي پرواه ناهي؛ جيڪو سندس جيءُ ۾ ايندو اٿس انجو اظهار هُو کلي عام ڪري وجھندو آهي ڇو ته هن کي پابنديون ناهن وڻنديون ۽ پابندين کان سندس نفرت آهي. هي هر اُن وقت جڏهن ٻين ڪمن ڪارن کان فارغ هوندو آهي ته ٻارن سان کيڏڻ ۾ لڳي ويندو آهي. هن کي ٻارن سان گھڻي محبت ۽ عورتُن لاءِ تمام گھڻي عزت هوندي آهي__فلحال ته هُن وٽ زندگي جو ڪو به اصول ناهي پر مُونکي يقين آهي تمام جلد هُو پنهنجي زندگي جا اصول به جوڙي وٺندو. هِڪڙِي وڏي خُوبي هنجي اها به آ ته هي پنهنجن فيصلن ۾ ڪنهن کان به مشورو نه وٺڻ کي ترجيح ڏيڻ جو قائِل آهي__ڇو ته پنهنجي فيصلن ۾ ٻين کي آڻي هُو پنهنجي خيالن ۾ رَنڊڪ پيدا ڪرڻ نه چاهيندو آهي. هِڪڙي ٻي ڳالهه اها به آهي ته هِي هَميشه شڪ کان پري ڀڃڻ ۽ حقيقت تي غور ويچار ڪرڻ جو عادي آهي__هِن کي نه ئي ڪنهن عبادت ۾ شريڪ ٿيڻ ايندو آ ۽ نه ئي وري ڪڏهن مان هن کي گِرجا ويندي ڏٺو آهي__هي هميشهه پُڇڻ تي اهو ئي جواب ڏيندو آهي ته “مون کي عيسائيت سان محبت ضرور آ پر مذهب تي پادرين جي قبضي ڪرڻ وارو عمل مون کي پسند نه آهي”. هي هميشهه سچائي ۽ حقيقت جو مُتلاشي نظر ايندو آهي، اهو ان لاءِ ته هي ننڍي عمر ۾ ئي گھڻو ڪجھ پڙهي چڪو آهي__غور ۽ فڪر ڪرڻ به جو عادي بڻجي چڪو آهي؛ ڪمائي کائڻ واري علم کان سواءِ هن کي ٻين تمام علم جي شاخن سان دلچسپي آهي”! .
زندگي کي اصولن تحت گذارڻ لاءِ گوئٽي لاءِ شايد اهو وقت اچي ويو هو جڏهن هاڻي هتي گوئٽي جي مُلاقات هتان جي مشهور شهري مِسٽر بَوف (Mr: Boaf) جي ڌي شارلَوٽِي (Charlote) سان ٿي هئي. جنهن کي پيار مان “لوٽي” يا “ لوٽشن” به سڏيندا هئا. شارلوٽي بيحد حسِين، نازُڪ ۽ خوش طبيعت هئي پر گوئٽي وانگر ڪتاب پڙهڻ سان هنجي ڪا به دلچسپي ڪان هئي؛ تنهن باوجود به هُو ڪجھ نه ڪجھ پڙهڻ جي عادي ضرور هئي. هي گھڻو تڻو وقت گھر جي ڪمن ڪارين ۾ مصروف رهندي هئي؛ ڇو ته هن جي ماءُ کي فوت ٿئي ٻه سال گذري چڪا هئا__جنهن وقت هن جي ماءُ هن کي اڪيلو ڇڏي وڃي خدا حقيقي سان ملي هئي ان وقت شارلوٽي جي عمر سورنهن سال هئي ۽ تڏهن کان گھر جُون سڀ زميواريون هُن جي حوالي ٿي ويون هيون. شارلوٽي جون ڀيڻيون ۽ ڀائر به هئا ۽ هُوءَ گھر جي صفائي ۽ خاندان جي دَيک ڀال وارا سمورا ڪم ڪندي هئي ۽ ننڍڙن ڀائرن جي پرورش کان ويندي رڌ پچاءُ وارا سمورا ڪم ڪار به هن جي ذمي هوندا هئا. هُوءَ ايتري ته صبر واري هئي جو اهي سڀ ڪم ڪار ڪندي هن ڪڏهن به تنگي محسوس نه ڪئي ۽ نه وري ڪا زندگي کان شڪوه شڪايت ڪئي هُئائين!
قسمت جو راز شايد گوئٽي ۽ شارلوٽي کي ملائڻ هو ۽ هڪ دفعي ٻنهي جي ملاقات هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ “لِپرٽ هاوِزن” ۾ ٿي__جتي پهرين دفعي گوئٽي شارلوٽي کي رقص ڪندي ڏٺو هو؛ انهي دوران گوئٽي جو دوست ڪَينسٽر به انهي دعوت ۾ گوئٽي سان گڏ اُتي موجود هو. ڪينسٽر گوئٽي جو اخلاقي محبوب بنجي چڪو هو! جنهن دعوت کان موٽندي هڪ ٻيو خط پنهنجي ساڳي دوست ڏانهن لکيو هو، جنهن ۾ هن گوئٽي جي اخلاقيات کي ڪجھ هن طرح بيان ڪيو؛
“گوئٽي هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪ هنڌ رقص جي دعوت ۾ موجود هو ۽ مان به ساڻس گڏ هيس__ڊاڪٽر گوئٽي هڪ قابل ماڻهو ۽ حقيقي انسان آهي. هن فطرت ۽ اخلاقيات جو گھرو مُطالعو ڪيو آهي جنهن هن جي هر انداز ۾ خُوبصُورتي پيدا ڪري ڇڏي آهي. رقص ۾ شرڪت دوران هن کي ڪنهن به عورت سان ملندي يا ڳالهائيندي ڪنهن به قسم جي خوشي نه ٿي؛ پر اتي موجود هڪڙي مائِي شارلوٽي هڪدم هن جي نظرن جو مرڪز بڻجي وئي هُئي! شارلوٽي ۾ ڪنهن به قسم جو اُمنگ يا خوبصورتي ته نظر ڪان ٿي آئي پر اُن باجود هن جي چهري ۾ ڪا خاص دلڪشي ۽ اِنٽِلئَڪچُوئسِي ضرور هُئي__۽ ڪا سادگي هئي يا ڪا شاعراڻي تازگي! شارلوٽي کي رقص سان بيحد محبت آهي، جڏهن هوءَ رقص ڪندي آهي تڏهن بي حد خوش نظر ايندي آهي__۽ فطرت جي حُسن ۾ گوئٽي کي شارلوٽي جي دلچسپين جو علم به ٿيو هو. گوئٽي کي اها خبر به نه هئي ته شارلوٽي جي زندگي ڪنهن ٻئي سان منسوب ٿيل آهي! يعني هُو ڪنهن ٻئي شخص جي مڱيندي هئي. اُن باوجود؛ بي خبري جي دنيا ۾ ئي سهي گوئٽي تمام خوش نظر پئي آيو. هونئن ته گوئٽي هر وقت خوش رهڻ جو عادي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن بي حد دلگِير ۽ اُداس نظر ايندو آهي. هِن جي خوشي ۾ مونکي هڪ سبب نظر ايندو آهي هن جي اداسي مونکي سدائين بي سبب لڳندي آهي”!
گوئٽي جون نظرون شارلوٽي تي ۽ ان جي رَقص تي ڄميل هيون؛ ٻئي ڏينهن گوئٽي شارلوٽي جي گھر هُن سان مِلڻ ويو هو___گذريل رات ته گوئٽي هن کي رقص ۽ هن جي خوش طبيعتي مان گھڻو لطف اندوز ٿيو هو، پر؛ هاڻي هي شارلوٽي کي ٻئي روپ ۾ ڏسي هن جي سادگي تي وڌيڪ موهجي پيو هو__“اُها سادگِي شارلوٽي جي گھر جا ڪم ڪار دوران گوئٽي کي نظر آئي هُئي”
زندگي شايد گوئٽي کي هُن جي اصولن ڏانهن وٺي وڃي رهي هئي. هن وٽ اُن وقت خوشي به هئي؛ پر هي ان کان بلڪل اڻڄاڻ هو ته اها خوشي هن کي هر وقت اذِيتون ڏيندي رهندي ۽ هن وٽ چند يادن کان سوءِ ڪجھ به نه بچندو! پنهنجي آتم ڪٿا ۾ گوئٽي شارلوٽي جي باري ۾ لکي ٿو ته “شارلوٽي بيحد سادي طبيعت جي عورت هئي ٻيو ته هن جنهن شخص (پنهنجي مڱيندي) سان محبت ڪرڻ شروع ڪئي هئي اُهو به هن لائق هو__۽ هُو هن جو هر طرح سان رفيقِ حَيات بڻجڻ لاءِ تيار هيو. هن هر طرف کان پنهنجي لاءِ مُسرت ۽ خوشي وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هو__مُلاقاتن جي سلسلي ان شخص کي پنهنجي پاڻ کان بي قابو ڪري وڌو هو (هتي گوئٽي پنهنجي باري ۾ چئي رهيو آهي)__هُو دل شِڪسته ٿيڻ لڳو ۽ هن کي شارلوٽي ۾ هڪ دوست هئڻ واريون سموريون خُوبيون نظر اچڻ لڳيون هيون. شارلوٽي مستقبل کان بي پرواھ حال ۾ زندگي کان لُطف اندوز ٿيڻ پئي چاهي ۽ هُن صرف ملاقاتي دوستي کي زندگي جي خوشي سمجھي! ۽ هُو شخص هن جي عدم موجودگي کي محسوس پيو ڪري__ڪجھ ملاقاتن جي لهرن ۾ بنجر زمين اندران محبت واري فضا جا گل نڪرڻ شروع ٿيا هُئا__وقت ٻنهي کي هڪ رفتار سان کڻي هلڻ لڳو هو؛ ڪڏهن ڪڏهن شارلوٽي جو مڱيندو به گڏ هوندو هو! پر؛ انهن ٽنهي کي ڪنهن به قسم جي ڄاڻ نه هئي ته ڪيئن اُهي ٽئي هِڪٻئي جا دوست ٿي رهڻ لڳا هئا .
گوئٽي محبت جو پُتلو بڻيو هو ۽ هُن ڀوڳيو هو تنهائي ۾! جنهن کي هن پنهنجي هڪڙي خوبصرت ناول ۾ شارلوٽي (Charlote) ۽ ورٿر (Werther) جي روپ ۾ لِکي پنهنجي ناڪام محبت جو ڏُکايل اظهار ڪيو آهي. هُن ڄڻ انهي ناول ۾ محبت ڪندڙ گوئٽي جي ڪردار ورٿر کي ماري پاڻ خودڪشِي ڪئي هئي! حقيقت ۾ شايد هي اهو نه ڪري سگھيو هو؛ پر شارلوٽي ۽ ورٿر جي ڪهاڻي گوئٽي جي زندگي مان ڪيئن ڦُٽي نڪتي؟ ان لاءِ گوئٽي جو لکيل ناول جوان ورٿر جون پيڙائون The Sorrows of Young Werther تي ننڊڙي نظر وجھڻ لازمي آهي.

[b]جَوان وَرٿَر جو قِصو Sorrows of Young Werther
[/b] ورٿر (Werther) هڪ اهڙو ڪردار آهي جنهن کي گوئٽي پنهنجي زندگي جي ترتيب سان لکيو آهي.

ورٿر يعني گوئٽي؛ اُنهي پنهنجي لکيل ناول ۾ ورٿر )گوئٽي( پنهنجي شارلوٽي سان ناڪام محبت جو احوال ۽ ذڪر ڪندي ورٿر جو انت آڻي ڇڏي ٿو! ورٿر جيڪو انهي ناول ۾ گوئٽي جو هم عمر آهي ۽ ذهِين هئڻ سان گڏ هن ۾ ظاهري طور تي قابليت جي ڪٿي به کوٽ نه ٿي نظر اچي__۽ طبيعتن ۾ هن جي بَي_حَد هلچل ۽ رنگِيني سمايل آهي. فطرت جو عاشق ۽ پڄاري هئڻ سان گڏ آزادي پسند ۽ نوڪرين کان پري ڀڄڻ واري هن نوجوان کي دنيا جا ڌنڌا پسند نه آهن ۽ هن کي سفارتخاني ۾ نوڪري به ملي ٿي پر اتان هُو استعفا ڏئي ٿو ڇڏي .
هن جو ننڍپڻ مُسرت ۽ شادمانين سان گذريو؛ هن کي پنهنجي ننڍپڻ ۾ پنهنجي ڏاڏِي جو پرين واريون ٻڌايل ڪهاڻيون هن جي ذهن ۾ خيالن ۽ عڪسن کي جنم ڏينديون رهيون جن سان هن کي بي حد محبت هئي. انهي ڳوٺ جي ڀرسان جتي هي رهندو هو هڪ دلفريب پهاڙ ۽ درياءُ جو حقيقي منظر هو__جتي ويهي ڪري ورٿر انهي پهاڙ تي چڙهڻ جا عڪس پنهنجي ذهن ۾ جوڙيندو رهندو هو. پاڙي جي ٻارن سان کيڏڻ ۾ هن کي پنهنجي ننڍپڻ جي زندگي ۾ آزاد هُئڻ جو احساس ٿيندو هو!
انهي ننڍپڻ واري زندگي کان اڳتي؛ ورٿر جڏهن پنهنجي جواني کي پهتو ته هن جي ملاقات هڪڙي ڇوڪِري سان ٿي جيڪا هن کان عمر ۾ وڏي هئي__انهي هَم نشِيني ورٿر جي صلاحيت کي بَيدار ڪيو هو، پر اها دوستي ۽ مُحبت گھڻو وقت نه هلي سگھي هُئي؛ ڇو ته ان جي چند ڏينهن کان پوءِ ان ڇوڪرِي جي موت ٿي وڃي ٿي ۽ هاڻي ورٿر رنج ٿي ڪري تنهائي جي زندگي بسر ڪرڻ تي مجبُور ٿئي ٿو! پر انهي دوران هڪڙي ٻي ڇوڪِري لِيو نَورا (Leonora) سان هن جي اچانڪ ملاقات ٿئي ٿي، جيڪا ورٿر تي فِدا ٿي پئي ٿي پر ورٿر جي دل ۾ هن لاءِ ڪنهن به قسم جي محبت وارو جذبو پيدا نه ٿيو ۽ هي انهي کان پري رهڻ لڳندو آهي .
برحال اهو زمانو هُو مزي ۾ گذاريندو ۽ معصُومِيت جي بي چڪري واري زندگي کان اڳتي نڪرندو اچي جواني ۽ شباب جي خاردار زندگي ۾ قدم ٿو رکي جنهن ۾ فرَيب، جگر جلندي ۽ طبيعتن ۾ بيچيني محسوس ڪري ٿو.
يورپ ۾ جڏهن ٿڌ واري موسم ختم ٿيندي آهي تڏهن بهار جو ظهُور جنت جو ڏيک هوندو آهي. هر طرف سبز چراگاهُون، گُلن جي خوشبُو، فِضا ۾ پوپٽن جو رَقص ڪرڻ ۽ انهي سڀني فطرتي نظارن کي ڏسي ڪري دل نچڻ لڳندي آهي ۽ انهي ماحول ورٿر جي زندگي ۾ شرمساري ۽ بي خُودي جي عالم کي پيدا ڪيو هو_پر هن جي نگاھ اڃان ڪنهن ٻي بهار جي انتظار ۾ هئي ۽ اها بهار هن کي جون مهيني ۾ نظر آئي جنهن مهل هن شارلوٽي کي هڪڙي دعوت ۾ ڊانس ڪندي ڏٺو هو! ۽ ورٿر جي ان وقت ملاقات کان پوءِ هن جي بَيباق دل هن جي هٿن مان وئي هلي، ۽ دل سان گڏ هن جي صبر به هنجو ساٿ ڇڏيندي وئي. ورٿر کي اها به خبر هئي ته شارلوٽي جي زندگي البرٽ (Albert) نامي شخص (هنجي مڱيندي) سان جڙيل آهي پر ان جي ڳڻتي بغير هي پنهنجي خيالن ۾ هر وقت مست رهيو.
اهڙي طرح ٻنهي جي وچ ۾ ملاقاتن جا ڏينهن گذرندا رهيا__تان جو جڏهن جولائي جي هڪڙي شام شارلوٽي جو مڱيندو البرٽ به اتي اچي پهچندو آهي ۽ هو شارلوٽي ۽ ورٿر کي اُتي ڏِسندو آهي. البرٽ هڪ نيڪ سِيرت انسان آهي پر هن جي اچڻ سان ورٿر جي حرارت ۽ عاشق مزاجي سَرد بڻجي ويندي ٿي__۽ هن جي طبيعت ۽ ڍنگ ۾ نه اها روانگي رهي ٿي ۽ نه ئي اُها الهامي شَفتگِي___ورٿر ۾ معاملي کي سمجھڻ جي نزاڪت هئي تنهنڪري ان وقت البرٽ جي هوندي هن لاءِ چپ رهڻ ئي مناسب هوندو هو .
انهي ورٿر جي نا اميد زندگي جي نزاڪت اتي اچي پهتي ته هو البرٽ سان خودڪشي تي بحث ڪري ٿو ۽ انهي عمل کي صحيح قرار ڏيڻ لڳي ٿو.
هن جي زندگي جون سڀ تمنائون ڄڻ کليل قبر حوالي ٿي ويون هُيون! ۽ هنجو پنهنجي پاڻ تا ن ضابطو ٽٽندو رهي ٿو__اها خبر جڏهن هن جي دوست وليم (William) کي پوي ٿي ته هو ورٿر کي تاڪيد ڪندو ٿو رهي ته هُو اتان واپس هليو اچي پر ورٿر هر بار ڪيترائي بهانه تلاش ڪري اتي ئي رهڻ کي ترجيح ڏيندو ٿو رهي! برَحال 11 سيپٽمبر جي ڏينهن بغير ڪنهن اطلاع ڏيڻ جي هو اُتان هليو وڃي ٿو ۽ اتي ناول جو پهريون حصو ختم ٿئي ٿو؛
ناول جي ٻئي حصي جي شروع ۾ اسان کي پڙهڻ دوران خبر پوي ٿي ته ورٿر کي سُفارتخاني ۾ مُنشي جي نوڪري ملي ٿي__۽ اُنهي دوران هو پاڻ کي ڪم ڪارن ۾ مصروف رکي شارلوٽي جي يادن کان پري سُڪون وٺڻ جي ڪوشش ڪري ٿو! انهي نوڪري مان ورٿر کي ويتر چڙ لڳڻ لڳي ٿي__ڇو ته سفير صحيح مزاج جو ماڻهو نه هوندو آهي ۽ وري مٿان غير قانوني قسم جو ماڻهو هوندو آهي__برحال انهي نوڪري دوران هن کي امير طبقي جي ماڻهن وچ ۾ رهڻ ۽ انهن جي زندگين کي پرکڻ جو به موقعو ملي ٿو؛ جتي هن ڏٺو ته هر ڪو ڪُرسي ۽ پيسي جي لالچ سان گڏوگڏ عُهدن تي اڳيان اچڻ جا رستا ڳولڻ جي جُستجو ۾ آهي! هن کي پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ به ايندي هئي ۽ افسوس ڪرڻ به لڳندو آهي__اُنهي طرح هنجو اُهو سال ڪم ڪندي گذري وڃي ٿو.
فيبروري ۾ هن کي خبر پوندي آهي ته البرٽ ۽ شارلوٽي جي شادي ٿي وئي آهي! ۽ هو خط لکي هُنن ٻنهي کي مبارڪباد چوندو آهي. مارچ مهيني ۾ انهي سفارتخاني ۾ ڪم ڪندڙ ورٿر جو دوست ڪائُونٽ (Kount) ورٿر کي پنهنجي گھر اچڻ جي دعوت ڏئي ٿو، ۽ جڏهن ورٿر ڪائونٽ جي گھر ويندو آهي اتي اتفاق سان امِيرن جو ٽولو انهي دعوت تي جَمع ٿيل هُوندو آهي. ان وقت جي يورپي اميرن جو اصول هوندو هو ته هو پاڻ کان گھٽ درجي جي ڪنهن به ماڻهو سان ملڻ يا ڳالهائڻ پسند نه ڪندا آهن! ۽ اهڙي طرح ورٿر کي اُتي اچي ڪري پڇتاءُ ٿئي ٿو. ان کان علاوه اتي موجُود هڪ ڄاتل سُڃاتل عورت سان جڏهن ورٿر ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اُها مائي هن کي نظر انداز ڪري ٿي ڇڏي، ۽ آخر هڪڙو ماڻهو اڳيان اچي ورٿر کي چئي ٿو ته “توهان مهرباني ڪري هتان هليا وڃو!” اهو سڀ ٻُڌي ورٿر کي تمام گھڻي ڪاوڙ ٿي اچي__دئونس ۽ ڪاوڙ جي حالت ۾ ورٿر پنهنجي گھر پهچي ٿو ۽ انهي مهيني پنهنجي سفارخاني جي نوڪري مان استعفيٰ ڏئي ٿو ڇڏي.
مئي مهيني ۾ هي سير تفريح تي نڪري ٿو ۽ جُون جي آخر ۾ هنجي دِل وري هن کي شارلوٽي طرف موٽڻ تي مجبور ڪري ٿي! جڏهن ورٿر شارلوٽي جي گھر پهچي ٿو تنهن وقت البرٽ هن جي سُٺي آڌرڀاءُ ڪندو آهي؛ پر ورٿر کي هر شي بدلِيل نظر ايندي آهي__نه اها زمين نه اهو ساڳيو آسمان، نه اها دل رهي نه اُهو ساڳيو حوصلو! هر شي هن کي بيگاني لڳندي آهي ۽ ڪنهن به شي ۾ هن کي لُطف ناهي ايندو. هِن جُون سڀ خواهشون ۽ ارمان هن جي ڳوڙهن ۾ سمائجي زمين تي هيٺ ڪِري جذب ٿي ويندا آهن! ڇا بچيو هو؟ ڪجھ به ته نه!
شارلوٽي هاڻي البرٽ جي زال بڻجي چڪي هئي پر ان باوجود به شارلوٽي ورٿر سان ويهي پل گهارڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ مان لنوائِيندي ڪان هئي .
شارلوٽي کي پنهنجي ۽ ورٿر جي طبيعت ۾ هڪ طرح سان هم آهنگي نظر ايندي هئي ۽ هُو اِهو به چاهيندي (سوچِيندي) آهي ته “ڪا پنهنجي سهيلِي ڳولهي انجي شادي ورٿر سان ڪرائي جيئن ورٿر هميشهه شارلوٽي جي ويجھو رهي ۽ ٻنهي جي ملاقات ٿيندي رهي”.
ورٿر___! پر ورٿر وٽ هاڻي ڪو به مقصد نه هو هُن وٽ ڪو به مستقبل نه هو؛ ۽ هر طرف هن کي اونداهي نظر ٿي اچي، اها ڪهڙي شي آهي جيڪو هر تڪليف کان سڪون ڏئي سگھي؟ ۽ انهي نااميدي کان بچائي سگھي__ها اهو مَذهب آهي! هي مذهب طرف جھڪڻ لڳي ٿو__پر هن جي دل ۾ يقين ۽ عقيدي بدران شڪ جو فلسفو سمايل آهي ته پوءِ هن کي مذهب مان ڪيئن تسلي ملي ها!؟
هنکي اونداهين راتين سان محبت ٿيڻ لڳي هئي؛ برسات ۽ طوفاني راتين کي پنهنجو ساٿي ٿو سمجھي ۽ انهي برساتي ۽ طوفاني راتين ۾ اڪيلو سير لاءِ ٻاهر نڪري ٿو__پر هن جي دل جي وحشت نه ٿي گھٽجي ۽ هن کي ايئن لڳندو آهي ڄڻ هن جو آخري وقت ويجھو پيو اچي! هن جي محبت شارلوٽي هن کي نصيب نه ٿي ۽ هو اڪيلو رهجي ويو هو. هن کي خبر هئي ته شارلوٽي ۽ البرٽ پنهنجي زندگي ۾ بَيحد خوش آهن ۽ ان باوجود به ورٿر پنهنجي ضابطي واري قوت کي سنڀالي نه سگھيو. هي شارلوٽي جي محبت ۾ مُڪمل طور گرفتار ٿي برباد ٿي ويندو آهي ۽ هُو (شارلوٽي) پنهنجي زندگي کي انهي پنهنجي مزاج ۾ گذاري ٿي؛ ۽ ورٿر کي هي تنهايون ۽ رسوايون نصيب ٿين ٿيون، هاڻي هي هر وقت موت جو در کڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
مرڻ وارو فيصلو____!پر ڪيئن؟ هي سوچي ٿو مرڻ کان هڪ دفعه پهرين هن کي شارلوٽي سان ملڻ گھرجي؛__شايد آخري بار!
آخرڪار البرٽ جي موجودگي ۾ ڪِرسمس واري ڏينهن کان هڪڙو ڏينهن پهرين ورٿر شارلوٽي جي گھر پُهچي ٿو ۽ پنهنجي مُحبت ۽ ان ۾ شدت کي شارلوٽي جي اڳيان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو__ورٿر جون اکيُون ڀرجي اچن ٿيون ۽ ٻئي بَيتابي جي عالم ۾ سُڏڪا ڀرين ٿا! ورٿر شارلوٽي کي پنهنجي رُوح ۾ ڀري هن جي چپن کي پنهنجن چپن سان ملائي ڇڏي ٿو__شارلوٽي هٽي وڃي ٿي ۽ هُن کي احساس ٿيندو آهي ته هوءَ البرٽ جي زال آهي! ۽ پنهنجين ازدواجي زميدارين جو هُن کي احساس ٿيڻ لڳي ٿو؛ بيتابي جي عالم ۾ اُٿي شارلوٽي پنهنجي ڪمري طرف ڊوڙي وڃي اندران در بند ڪري ٿي ڇڏي ۽ ورٿر نااميدي جي عالم ۾ هن کي سڏي ٿو؛ پر اندران ڪو به جواب نٿو ملي ۽ ورٿر واپس هليو ويندو آهي.
هي ٻئي ڏينهن وري شارلوٽي جي گھر ايندو آهي ۽ البرٽ کان موڪلائي هن کي چوندو آهي ته “مان سفر تي پيو وڃان تنهن ڪري مونکي تُنهنجو پسٽول گھرجي”__البرٽ هِن کي پنهنجو پستول ڏيندو آهي ۽ هن کي خيال رکڻ جي تلقين به ڪندو آهي. ورٿر اُهو پِستول کڻي اُتان نڪري ٿو ۽ رات جو ٻارهين بجي شارلوٽي کي الوداع چئي پنهنجي ڪمري ۾ پنهنجو پاڻ کي انهي ساڳي پستول سان ماري ٿو___“ورٿر مري چڪو آهي”! اها خبر جڏهن شارلوٽي کي پئي ٿي ته هُو بيهوش ٿي البرٽ جي پيرن ۾ ڪري پئي ٿي__پر هاڻي ڇا ٿيندو ورٿر ته مري چُڪو هو!

[b]اِسٽرم اَئنڊ ڊرينگ، مُختصر جائزو
[/b] يورپ اندر ڀڙڪِي پيدا ٿيل انقلابن جي باھ، يعني فَرانس ۽ آمرِيڪا جي انقلابن يورپ جي هڙني مُلڪن اندر پنهنجو اثر ڏسيو هو؛ جَنهن مان اُن وقت سڀني مُلڪن اَندر فرانس ۽ آمرِيڪا جهڙا اِنقلاب ته ڪون آيا___پر، تنهن باوجود اُنهي ٻنهي اِنقلابن يُورپ اندر اَدب ۽ آرٽ جي توازن کي رَومانوي عنصرن جي پيمانن تي طورڻ جي ڪوشِش ضرور ڪئي هُئي__جيئن اِنگلينڊ اَندر رُومانوي شاعري سان گڏ اُتان جي پُوري اَدب اندر به رُومانيت جو جادُو ڇائنجي ويو هو. پوءِ ته وري اَرڙهين صدي تائين يُورپ جي شهر جَرمنِي اَندر رَوشن خيالي (Enlightenment) جو ظهُور به ٿي چُڪو هو__جتي هاڻي اُتان جي فلسفين ۽ شعُور سان سَلهاڙيل ماڻهُن دُنيا جي رَوين کان ويندي دُنيا جي هر علم کي مادي بنيادن تي جاچڻ ۽ سَمجهڻ جي ڪوشش ڪَئي هُئي.
يورپ اندر جرمني اُهو مُلڪ آهي جتي ارڙهين صدي تائين گهڻي کان گهڻا فلسفِي پيدا ٿيا؛ جَن بعد ۾ روشن خيالي (Enlightenment) جي ناري کي جنم ڏنو هو. جرمني اهو ئي مُلڪ آهي جتان ايمينِيول ڪانت ۽ فرڊرڪ نطشي جي پوئلگن بعد ۾ دنيا جي معالمن کي مادي حواسن ذريعي پرکڻ جو درس ڏنو هو. پر انهي وقت جرمني اندر هڪڙي تحريڪ جُڙي اُٿي هُئي؛ اُن تحريڪ جي حياتِي به ڪا وڏي ڪان هئي ۽ انهي جو روش به صرف ڏهن سالن تائين ئي هلِي سگهيو هو__۽ اُنهي تحريڪ کي اِسٽرم ۽ ڊرينگ (Strum and Drang) جي نالي سان ياد رکيو ويو هو. جرمني اندر اها ڪا سياسي يا مذهبي تحريڪ بِلڪُل ڪان هئي؛ پر اُها هڪڙي اَدبي رومانوي تحريڪ (Literary Romantic Movement) هُئي__جنهن ۾ جرمني جي ڪلاڪارن کي پهرئين دفعي اهو احساس ورايو هو ته “فطرت ئي صِرف اِنسان جي جذبن کي حقيقي مُسرت جو دڳ ڏسي سگهي ٿو”.
رومانوي تحريڪ جي نارَي جو بنياد هونئن ته يُورپ اندر جان جَيڪسن رُوسو (John Jacques Rousseau) ۽ جارج هَيمن (George Hamann) ئي رکيو هو، پر پوءِ اُنهي تحريڪ ادب اندر سمائجي يورپ جي ڪيترن ئي مُلڪن تائين پکيڙ کاڌِي هئي. انهي رومانيت (Romanticism) جو جامد اثر پهريون اثر انگلينڊ (England) اندر ڦهليو هو؛ ۽ اهُو رومانوي اثر اُتان جي شاعرن وَرڊس وَرٿ (Wordsworth) کان ويندي جان ڪِيٽس (John Keats) وارن تي به پيو هو جَن پنهنجي دور ۾ انهي اثر کي وڏي جذباتي انداز سان قبُولي انهي جي عهد جي نمائِندگي ڪئي هُئي.
اسٽرم ائنڊ ڊرينگ ڄڻ جرمني اندر نوجوان ڪلاڪارن جي هڪڙي تحريڪ هُئي ۽ انهي جي شروعات گوئٽي ۽ جَوهان گاٽ فِرائيڊ وان هَرڊر (Johan Gottfried von Herder) گڏجي ڪئي هُئي__گوئٽي جنهن وقت اِشٽراس بَورگ (Strasbourg) يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ويو هو تنهن وقت هُن جي مُلاقات هرڊر سان ٿي هُئي. هرڊر پنهنجي اندر ۾ هِڪڙو رومانوي شخص هو جيڪو هميشه جرمن رومانوي لوڪ (Romantic folk songs) گيتن کان ويندي وليم شيڪسپيئر جي ڪلا کان به تمام گهڻو مُتاثر رهيو هو، ۽ انهي وقت انهي تحريڪ جي اديبن جو خيال اهو به هيو ته “شيڪسپيئر ڊرامن واري دُنيا جو هِڪڙو ذهين ڪلاڪار هُيو جنهن پنهنجي ڊرامن ۾ وقت (Time)، تسلسل (Unity) ۽ جاءِ (Place) جهڙن عنصرن جي وڏي ڪاريگري ڏيکارَي ڊرامن جي شاندار اُڻت ڪئي هُئي”__گوئٽي جي هرڊر سان مُلاقات واري لَمحن گوئِٽي تي گهرو رَومانوي اثر ڇڏيو هو ۽ اُنهي دور ۽ تحريڪ جو مُعتبر ڪلاڪار به گوئٽي ئي رهيو جنهن جي لکڻين اُن وقت جرمن قوم جي جذبن کي رومانوي واٽ تي هلڻ ڪاڻ اُتساهيو هو!
اُن وقت جي جَرمن اديبن کي يُورپ اندڙ وڌندڙ سرمائيداري نظام کان ويندي سائنس ۽ سوچ ذريعي پيدا ٿيندڙ خيالن (Enlightenment) کان ڄڻ جذباتي طور چِڙ ٿي پئي هُئي؛ ۽ اُنهي سڀني پَهلوئن جي خلاف اِسٽرم اينڊ ڊَرينگ ڄڻ هِڪڙو رومانوي نارو هُيو__جنهن ۾ اُن وقت جي اديبن ۽ ڪلاڪارن جو خيال هو ته “وڏن ۽ اوچن فلسفِي بحثن کا اڳ اسان جرمن قوم کي پنهنجي مُعاشري اَندر جُڙندڙ رَوين کان ويندي پنهنجي روح اندران پيدا ٿيندڙ جذبن جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي”
انهي کان علاوه سورهين ۽ سترهين صدي ڌاري جرمني جي چانسلر بِسمارڪ آسٽريا ۽ هنگري جهڙين رياستن کي به جرمني جي تسلط هيٺ آڻي ڇڏيو هو؛ جنهن ۾ هاڻي ارڙهين صدي تائين اُنهن رياستُن اندر به انتشار جنم وٺي رهي هُئي ۽ اُهي زورَي جرمني اندر آيل رِياستون پنهنجي آزادي طرف رُک رکي رهيون هُيون__۽ اِسٽرم اينڊ ڊَرينگ تحريڪُن جي پوئلڳن کي هاڻي جرمني اندر پنهنجي قومي احساس به اچي ورايو هو!
انهي کان علاوه اِسٽرم ايند درينگ تحريڪ جو مقصد اُن وقت جرمني جي نوجوان کي پنهنجي اندر ۾ ڦاٿل جذبن جي ڄار کان آزاد ڪرائڻ هو__جنهن ۾ نوجوان تقريبن بيگانگي جو شڪار رهڻ لڳا هُئا؛ ۽ انهي کان علاوه انهي تحريڪ جي نمائندن پنهنجي فن ۽ ڪلا ۾ سَولِي ۽ رومانوي ٻولي جو اظهار ڪري فلسفي جي ڏُکي ۽ مُنجهائيندڙ ٻولي مان آجپو ٿي چاهيو هو.
انهي دور ۾ ناول، ڊرامي ۽ شاعري کان ويندي موسيقي اندر به رومانوي جِدت جو ظهور ٿيو هو. جيئن گوئٽي جو تخليق ڪيل ساروز آف ينگ ورٿر (Sorrows of Young Werther) جنهن اُن وقت يوُرپ جي نوجوانن جي اُن وقت جذباتي طور نمائندگي ڪئي هوئي يا انهي کان پوءِ ڊارڪٽر گوئٽي جو لکيل شاهڪار ڊرامائي شاعري (Dramatic Poem) فائوسٽ (Faust) به اسٽيج جي وڏي ۾ وڏي ڪَلا طور مڃيو ويو هو. انهي وقت يورپ جي ٻين اديبن جيان گوئٽي اٽلي ۽ يورپ جي ٻين مُلڪن جو سفر ڪيو هو؛ ۽ هُن اُتي وڃي اتان جي تهذيب ۽ تعميرسازي کان ويندي گُذريل هڙني ڪلاڪارن جي فن جو مُعائنو ڪيو هو ۽ پوءِ رومانوي شڪل ۾ انهي سڀني کي پنهنجي جذبن اندر ۾ سانڊهي اَچي جَرمني پُهتو هو.
اسٽرم اينڊ ڊرينگ واري رومانوي تحريڪ جي اندر، تنهن باوجود به، اهڙن ماڻهن دلچَسپي ڪانه ڏسِي جيڪي شين ۽ جذبن جي اَندازن کي سوچڻ (Reasoning) واري مدار اندر ٿي کڻي آيا هُئا__انهي کان پوءِ فرانس اندر سترهين صدي جي شروعات ۾ جُڙيل هڪڙي ٻي تحريڪ به اسٽرم اينڊ ڊرينگ واري رومانوي تحريڪ جي فن، ڪلا ۽ ادبي دُنيا اندر مُخالفت ڪئي هُئي___اُنهي تحريڪ کي بَئروڪ (Baroque) جو نالو ڏنو ويو هو__۽ انهي بَئروڪ (Baroque) واري تحريڪ جو مقصد اُن وقت فرانس اندر مذهبي آرٽ ۽ فَن جِي پيروي ڪرڻ ۽ اُن کي ترجِيع ڏيڻ هو، جنهن دوران فرانس ۾ اُنهي وقت جي ڪَلاڪارن مارٽِن لوُٿر (Martin Luther) واري خيال جي پَوئِلڳي سان گڏ آرٽ ۽ مُجسمي سازِي ۾ به مذهبي فن کي پنهنجي جَذبن سان نِروار ڪيو هو__۽ اُنهي تحريڪ جي ڪَلاڪارن وٽ ڪِلاسِڪيِت جو وڏو مان هو ۽ رَومانوِي جذبن کان ويندي رومانوي خيالن واري دُنيا هُنن لاءِ ڄڻ ڪا خاص اهميِت جوڳي شي ڪان هُئي!
اسٽرم اينڊ ڊرينگ واري تحريڪ جي باقاعدي شُروعات فريڊرڪ مئسيمِلن ڪِلنگر (Friedrich Maximilian Klinger) جي لکيل ڊرامي اسٽرم اينڊ ڊرينگ کان ئي ٿي هُئي ۽ اهو ڊرامو هُن سَئِلر ٿيٽر ڪمپني (Seyler Theatre Company) لاءِ لکيو هو___ائبل سَئِلر (Abel Seyler) نالي هِڪڙي واپاري ماڻهو انهي ڪمپني جو بُنياد 1769ع ڌاري وڌو هو. ڪِلنگر جي اُنهي ڊرامي جو موضوع آمريڪا جي انقلاب اندر پيدا ٿيندڙ وڳوڙ هُيو__جنهن ۾ هُن اِهو ٿي ڏسڻ چاهيو هو ته “ڪيئن نه آمريڪا جي انقلاب دوران وڳوڙن جنم ورتو هو ۽ اِنساني اندر مان جذبا هوا جِيان اُڏامي ڌنڌلا بڻجي چُڪا هُئا”__۽ انهي ڊرامي لکڻ ۽ اسٽيج تي ڏسڻ کان پوءِ جرمني اندر ماڻهن کي عقُليت (Rationalism) سان گڏ پنهنجي اندر جي جمالياتي جذبن (Aesthetic Pleasure) جي خبر پوڻ به شُروعات ٿي هُئي
انهي تحريڪ اندر اُنهي وقت ڪافي بحث مباحثا ٿيا؛ اُنهي سان گڏ اِنهي ڳالھ تي به سوال اُٿاريا وايا ته “انهي تحريڪ اسٽرم اينڊ ڊرينگ جا حقيقي سرواڻ ڪير هُئا”!؟___۽ انهي بحث سان گڏ اُن وقت گوئٽي، هرڊر ۽ جيڪوب مائيڪل رِنولڊ لينز (Jakob Michael Reinhold Lenz) کي انهي دور جي حقيقي اڳواڻي ڪندڙ ڪلاڪار سڏيو ويو هو__جن شاعري، ڊرامي ۽ ناول اندر جمالياتي ۽ رومانوي پهلوئن جي عڪسن کي نمايا ڪيو هو!
هرڊر انهي دور جو رَومانوري رَهبر هوندي به اَيمينيوئل ڪانت جي دوستي ۾ رهيو__جنهن کان پوءِ 1773ع ڌاري هُن مضمونن جو مجموعو به لکيو؛ جيڪو شيڪسپيئر ۽ اوسين (Ossian) جي رَومانوي عنصرن جي پيروي جو هڪڙو مثال هو. انهي اِسٽرم ائنڊ ڊرينگ وارِي تحريڪ دوران ادب جي دُنيا اندر ڪردار جيڪي به ڪِردار نڀائي رهيا هُئا تن جو ڪِردار وڳوڙ (Violence) ۽ مُنافِقتُن کان هٽيل رهيو___۽ اُهي ڪِردار سدائين پنهنجي جذبن واري پلاندن جي وَر چڙهيل رهُيا__ يا انهي سان گڏ انهي تحريڪ جي ڪردارن اندر انسان دوستي وارو عنصر وڏي پئماني تي نمايا هو جنهن جو مثال اسان کي گوئٽي جي کُٽل (Unfinished) لکڻي پروميٿس (Prometheus) مان به ملي ٿو___۽ انهي دور ۾ لکڻين جو سڄو تعلق اُن وقت اُتي موجوده صدي جي انساني جذبن سان هم_آهنگ ئي هو__۽ انهي سان گڏ اها تحريڪ اعليٰ خانداني ۽ شهنشاهي رَوين جي به خلاف هوئي جو انهي تحريڪ جي اڳواڻن جو قول هو ته “اعليٰ طبقن ۽ شهنشاهي تِرز ماڻهن جي اندر ۾ فطرت ۽ رومانوي جذبن کان ويندي پنهنجائپ جو ڪو به قدر ناهي هوندو”
انهي دور جي ليکن وٽ مُحبت ۽ عشق ۽ انسانيت ئي اصل جذبي جو نالو هو، ۽ جنهن جي پورائي جو فرض اسان کي گوئٽي جي ڏسيل ناول ساروز آو ينگ ورٿر ۾ به پڙهڻ لاءِ مِليو__جنهن ۾ عشق جي جذبي کي سڀ کان اعليٰ سمجهي وڇوڙي جي باھ کي ورٿر خودڪشي جي نالي سان جَهڪو ڪندي نظر اچي ٿو! يا انهي کان پوءِ 1781ع ڌاري فريڊڪ شلر (Friedrich Schiller)، داءِ رَئبر (Die Räuber) نالي هِڪڙو ميلوڊرامه (Melodrama___اهڙن ڊرامن جو تعلق سُرور ۽ انساني جذبن سان هوندو آهي) لکيو هو، جنهن ۾ ٻن امير (Aristocrat) ڀائرن جو قصو بيان ٿيل آهي__جنهن ۾ اُهي ٻئي ڀائر هِڪڙي ئي جاگِير جي مالڪِي (Ownership) حاصل ڪرڻ لاءِ هِڪٻئي سان ورهن ٿا!
اِسٽرم ائنڊ ڊرينگ واري ڏهن سالن جي تحريڪ ادب کان علاوه موسيقي اندر به رومانوي جِدت کي جنم ڏنو هو___جنهن ۾ ڪِرسٽوَف وِلِيبَئلڊ گَلڪ (Christoph Willibald Gluck) ترنمي گِيت (Ballet) ، ڊَن جُئان (Don Juan) لکيو هو؛ انهي گيت کي به جرمني جي ڪلاڪارن اِسٽرم ائنڊ ڊرينگ جي رنگ سان رنگي انهي کي پنهنجي قومي موسيقي اندر جدت جو نالو ڏئي ڇڏيو هُئائون__مزي جي ڳالھ ته اها هُئي! جو ڪِرسٽوَف وِلِيبَئلڊ جو جنم ته پئرس ۾ ٿيو هو پر هُن جي گيتن جرمن قومي ڪلاڪارن کي به موهي وڌو هو__يا انهي کان پوءِ جرمني جي اسٽيج تي جين جيڪسن روسو (Jean Jacques Rousseau) جي ڊرامي پِگميليئن (Pygmalion) کي ڏيکاريو ويو هو جنهن انهي ڊرامي اندر هلندڙ موسيقي کان ويندي تماشي ۽ گيتن اندر به موسيقي جي ڪردار کي اڳيون مقام ڏنو ويو هو جنهن کان گوئٽي به تمام گهڻو مُتاثر ٿيو!
اُنهي دوران موسيقي جي نواڻ کان پوءِ آسٽريا جو شهر وِئانا (Vienna) موسيقي جو شاندار مرڪز بڻجي ويو هو__۽ انهي سان گڏ جرمني اندر به هاڻي اوپيرا (Opera) جو بُنياد پئجي چُڪو هو جيڪو موسيقي جو ٿيٽر سڏيو ويندو هو ۽ جتي موسيقي جا گُر ڏسِڻ سان گڏوگڏ موسيقي سِکڻ ۽ سَيکارڻ وارو ماحُول به سدائين جُڙيل رهندو هو__ٻي ڳالھ اها ته اوپيرا جو سڀ کان پهريان بُنياد اٽلي ۾ پيو هو جنهن کان بعد اُن جا بُنياد فلورينس ۽ جرمني ۾ به پئجي چُڪا هُئا؛ انهي دوران جرمني ۾ موسيقي جي دُنيا جا وڏا نالا جوسِف هائيڊن (Joseph Haydn) ۽ وَالف گينگ اَمئيڊَس مَوزارٽ (Wolfgang Amadeus Mozart) به هُئا__هائيڊن جي موسيقي اندر تڏهن به ڪلاسڪي عنصر ڪٿي نه ڪٿي موجود هُيو، پر موزارٽ جي سارنگي (violin) جي سُرن اندران نِج اِسٽرم ائنڊ ڊرينگ جي رومانوِي خُوشبو اَچڻ لڳي هُئي__۽ موزارٽ کان بعد صدين تائين ماڻهو موزارٽ جي سُرن کان مدهوش ٿيندا رهيا جنهن ۾ گهڻو پوءِ آئسنٽائين جو به پسنديده موسيقار موزارٽ ئي هيو ۽ هُو پاڻ به اڪثر سارنگي تي موزارٽ جي موسيقي جي سُرن کي ڇيڙيندو رهندو هو!
وَرٿر ۽ ناوِل جي شُهرت
ساروز آف ينگ ورٿر 1774ع ۾ پهرين دفعا چپيو هو ۽ انهي جي شايع ٿيڻ کانپوءِ ماڻهن اُنهي جو نهايت پرجوش اِستقبال ڪيو ۽ وڏي تعداد ۾ پڙهيو__ڇو ته ارڙهين صدي جي خيال پرستي جو سڀ خصوصيتون اُن ناوِل ۾ صاف نظر آيون هُيون. اهو گوئٽي جو وڏو ڪمال هو ته هُن ورٿر کي اُنهي عهد جو اهڙو آئينو بنايو هو جنهن ۾ هر شخص پنهنجن جذبن جي صحيح تصور کي ڏسي ٿي سگھيو.
جرمني ۽ يورپ ۾ ان وقت خيال پرستي هر ماڻهو جي خُصوصيت ۽ هڪ رُوحاني بيماري جي درجي تائين پهتل هئي جتي جذبن جي باھ کي ڳوڙهن سان وسائڻ جي هر ماڻهو ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو! يورپ بيقراري ۽ دردمندي جو فيشن بڻجي چڪو هو ۽ عيسائين تي سَخت عقلي تنقيد ڪرڻ وارو دور هو__هر ڪو آزادي ۽ فڪر آزادي واري عمل تي روان دوان ٿيڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل هو.
گوئٽي جي اُنهي لکيل ناول هر طرح سان ان دور ۾ ماڻهن جي دلين ۽ ذِهنن تي بادشاهت ڪئي هُئي__جنهن کان پوءِ يورپ جي پراڻن خيالن ۽ رواجن تي هر ڪو کلي عام تنقيد ڪرڻ جو عادي بڻجي چڪو هو. آزاد فڪر ۽ آزادي جي عمل جو هر طرف شور برپا هو ۽ ايتري قدر جو هر ڪو ان دور ۾ ورٿر پيو بڻجڻ چاهي! سوسائٽي جو هر روايتي نظام درهم برهم ٿيڻ لڳو! هو ۽ انهي جو وڏو اثر شادي مُرادي جي پراڻي رسمن تي پيو هو. اُهو ائين ته ورٿر کان پوءِ يورپ ۾ ڪيترائي اهڙا زنده دل ماڻهو پيدا ٿيا؛ جن شادي جهڙي مُبارڪ رسم کي پٺ تي اڇلائي پنهنجي هَمسايِن جي زالن سان کُلم کُلا محبت ڪرڻ لڳا هئا__اها باھ گوئٽي جي پيدا ڪيل ورٿر جي لڳل هئي جنهن يورپ جي هر ماڻهو کي سڙڻ ۽ جَلڻ تي مجبور ڪيو هو.
انهي گوئٽي جي ناول ۾ ورٿر (Werher) وارو داستان عام طور تي سڄي مُحبت گوئٽي جي حَقِيقِي زندگي جو عَڪس آهي پر آخر ۾ ورٿر جو موت گوئٽي جي هڪڙي دوست جو عمل آهي___جنهن کي گوئٽي پنهنجي ناول جو آخري منظر ڪري پيش ڪيو آهي__ان کان علاوه گھڻي شُهرت هن ناول کي ورٿر جي خُودڪشِي مان مِليو هو__يَروشلم (Jerosulem) نالي شخص جيڪو گوئٽي جو دوست هو ۽ هُن بيگانگي جي عالم ۾ خودڪشي ڪئي هئي__جنهن کي گوئٽي فرض سمجھي پنهنجي محبت جي داستان ۾ جاءِ ڏئي پنهنجي عشق ۽ دوستي ٻنهي جو فرض نڀايو هو.
جهڙي شُهرت ۽ مقبُوليت هن ناوِل کي مُختلف ملڪن ۾ نصيب ٿي ايئن اڄ تائين ايتري جلد ڪنهن ٻئي ناول کي نه ٿي هئي.
اُن وقت يُورپ جي مُختلف ملڪن ۾ نوجوانن جي اُها حالت ٿي وئي هئي جو انهن ورٿر وانگر پوشاڪ پائڻ شروع ڪيو هو__۽ ڪيترن ئي عورتُن پنهنجي خُشڪ مِزاج مڙسن کان تنگ ٿي ڪري ورٿر جي دِلنواز مُحبتن مان لطف وٺڻ جون تمنائون ڪرڻ لڳيون هيون! ورٿر ۽ شارلوٽي تي نظم لکيا ويا هئا جن کي ماڻهن روڊن رستن تي رومانوي انداز ۾ ڳايو ۽ وڄايو هو. جرمني اُهو ملڪ هو جتي گوئٽي ۽ ورٿر جو ظهور ٿيو هو، پر يورپ جي تقريبن ملڪ جي رهندڙ هر ماڻه جو اهو ئِي ساڳيو حال هو__هر ڪنهن جي ذهن تي ورٿر قبضو ڄمائي چڪو هو__۽ ان کان علاوه ڪيترن ئي عاشِقن ۽ جذباتي نوجوانن ورٿر کي پنهنجو آئيڊل سمجھي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي! مُحبت جي جذبن کان ويندي خودڪشي جو جذبو يورپ جي نوجوان لاءِ فيشن بڻجي چڪو هو.
انهي زماني جو انگريزي ليکڪ رچرڊسن (Richadrson) جيڪو ان وقت هڪڙي چاپي خاني ۾ نوڪري ڪندو هو ٻڌائي ٿو ته “ورٿر جي شايع ٿيڻ کان پوءِ ڪيتريون ئي نوجوان ڇوڪرِيون هِن وٽ اينديون هيون ۽ هن کي اَيلاز ڪنديون هيون ته هُو کين پنهنجي عاشقن ڏانهن ورٿر جي تِرز جهڙا خط لکي ڏئي”!__يعني جهڙي طرح گوئٽي پنهنجي دوست ڏي خط لکي پنهنجي عشق جي عڪاسي ڪئي هُئي اهڙي طرح هر محبت ڪرڻ واري عورت شارلوٽي بڻجڻ پئي چاهي، ۽ هر نوجوان مرد ورٿر جي ڍنگ جو ڪردار بڻجڻ پيو چاهي!
انهي دور ۾ هر ماڻهو جي دل ۾ مُحبت هُئي ۽ جذبو به هو؛ پر اهي سڀ جذبا گوئٽي جي ورٿر ڇپجڻ کان پوءِ ڪنهن به رَسم رواج ۽ پابندين جي پرواھ ڪرڻ بغير هر هنڌ ۽ سر عام ظاهر ٿيڻ لڳا هئا___ورٿر انهي دور جي جذباتي جمُود کي ٽوڙيو هو ۽ اظهار جي آزادي پنهنجي طاقت وٺندي رهي هئي! انهي لاءِ ٿامس ڪارلائيل (Thomas Carlyle) وڌيڪ چيو ته “انهي دور جي اثر کي تمام گهڻن ماڻهن محسوس ڪيو هو پر انهي اثر کي پيدا ڪندڙ آواز گوئٽي جو هو جنهن اُنهي دور ۾ انهي جذبي کي محسوس ڪيو هو جيڪو هزارن ماڻهن جي دلين اندر ڌڙڪي رهيو هو؛ هن پنهنجي خُداداد تخليقي قوت سان ۽ هڪ شاعر هئڻ جي حَيثيت سان انهن هزارين دلِين جو آواز بڻيو هو ۽ هُنجي ورٿر لکڻ واري ڪارنامي هن کي انهي دور جو ترجُمان بڻائي ڇڏيو هو”.