ڪھاڻيون

اڌوريون خواهشون!

هن مجموعي جو ليکڪ نئين ٽهيءَ جو نوجوان ڪهاڻيڪار ساجد حسين سومرو آهي.
سنڌ اندر هن مهل ساجد حسين سومرو سميت جيڪي به نوجوان مستقل مزاجي سان لکي رهيا آهن سي نه صرف ڪهاڻي لکن پيا، بلڪ ڪالم، مضمون، تنقيد توڙي تحقيق واري ميدان ۾ به پاڻ ملهائن پيا. ساجد حسين سومرو اِهڙي المناڪي سماج ۾ هوندي قلم وسيلي جيڪا جدوجهد ڪئي آهي ۽ جهڙي ريت ڀوتارن ۽ انهن جي ڪمدارن جي اک ۾ ڪنڊو ثابت ٿيو آهي سا ڳالھ فخر لائق آهي. اڄ جي نوجوان کي به ساجد حسين سومرو وانگر بي باڪي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. پنهنجي علم، ڏات ۽ عقل و فهم وسيلي کيس وقت جي فرعونن سان جنگ جوٽڻ کپي.
Title Cover of book اڌوريون خواهشون!

فيسبوڪي دوست جو وڇوڙو

فيسبوڪي دوست جو وڇوڙو

هو هڪ اعليٰ سوچ جو مالڪ هو، سندس تعلق ته امير گهراڻي سان هيس پر طبيعت بلڪل غريباڻي هيس، ادب اخلاق ۽ ڳالهائڻ ۾ رس چس ايتري جو پرائي کي به پنهنجو ڪيو ڇڏي، الطاف هو ته نوجوان پر دنيا جي ريتن ۽ رسمن کان اهڙو ته واقف هو ڄڻ هڪ صدي جو فرد هجي، هو مون کي سڳي ڀائرن وانگر سمجهندو هو، پنهنجي پرسنل ڳالھ به مون سان ئي شيئر ڪندو هو جڏهن شام جو وڻندڙ پهر ٿيندو هو تڏهن ميسيج ڪري چوندو هو،
يار ساجد ڪٿي آهين؟
چوندو هيس الطاف سائين مان گهر آهيان.
پيارا گهر ڇا پيو ڪرين؟
بس بابا فارغ آهيون مڙئي سعادت حسين منٽو جون ڪهاڻيون پيا پڙهون،
چوندو هو توبه توبه تنهنجو ته سڄو ڏينهن پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ گذرندو آهي، هاڻي ڇڏ پڙهڻ کي شام ٿي وئي اٿئي اچ ته پارڪ ۾ ڪچهري ڪيون. هي هڪ عجيب اتفاق هو ته الطاف جڏهن به ميسيج ڪندو هو يا امر جليل، جي ڪهاڻين جو ڪتاب، يا وري سعادت حسين منٽو جي ڪهاڻين جو ڪتاب يا وري طارق عالم جو ناول " رهجي ويل منظر " منهنجي هٿ ۾ هوندو هو. الطاف اڪثر مون کي چوندو هو ساجد تون پڙهي پڙهي انڌو يا ته چريو ٿي ويندين.
آئون چوندو هيس ٻيو ڇا ڪيون يار غريب ماڻهو آهيون نوڪري پاڻ کي ملي ڪونه، مڙيئي لکڻ پڙهڻ سان دل جو اٽڪيل آ، بس اهي ڪتاب ئي آهن جنهن سان پنهنجي سنگت آهي، هي ڪتاب آهن ته گونگا پر هنن کي ڏسڻ سان وڏي ڄاڻ مليو وڃي، الطاف پاڻ به علم جو اڃيو هو، انگريزي ته ائين ڳالهائي ڄڻ انگريز هجي، پارڪ ۾ هو علامه اقبال جا شعر ته آئون مرزا غالب جا شعر ٻڌائيندو هيس، فيشني ڇوڪرو هو،
جڏهن به پارڪ ۾ ملاقات ٿيندي هئي، هو آمريڪي راڳي جسٽن بيبر يا ايڪون جا ڪلام ٻڌائيندو هو ته آئون ڀارت جي راڳي ڪمار سانو، سونو نگم، يا وري ادت نارائڻ جا ڪلام ٻڌائيندو هيس. الطاف سان دوستي جو داستان ڪجھ هيئن آهي جو هن مون ڏي فيسبوڪ تي فرينڊ ريڪوئيسٽ موڪلي. منهنجي فرينڊ لسٽ ۾ تقريبن سياسي سماجي اڳواڻ، شاعر، صحافي، اديب، ۽ ليکڪ آهن، تنهن ڪري آئون ريڪوئيسٽ به ادب جي اڃن جي Confirm ڪندو آهيان، الطاف جي جڏهن ريڪوئيسٽ آئي تڏهن مون هڪدم هن جي پروفائيل کوليم. سوچيم جيڪڏهن همراه علم، ادب جو ڄاڻون آهي ته ريڪوئيسٽ Confirm ڪندس نه ته Pending ۾ رکي ڇڏيندس،
آئون جڏهن الطاف جو پروفائيل کوليم تڏهن سندس I.D ۾ ڪا به سياسي، يا ادبي پوسٽ ڏسڻ ۾ ڪونه آئي صرف جسٽن بيبر جون اسٽائلش تصويرون ڏسڻ وٽان مليون،
تڏهن هن جي ريڪوئيسٽ Pending ۾ رکي ڇڏيم،
تقريبن هن جي ريڪوئيسٽ چار يا پنج ڏينهن Pending ۾ پئي هئي.
آخر هڪ ڏينهن هن Massanger ۾ ميسيج ڪيو.
صاحب ريڪوئيسٽ ته confirm ڪيو.
چيم حاضر بابا ڪيان ٿو.
چيائين وڏي مهرباني.
وري ٻي ڏينهن هن ميسيج ڪيو،چيائين پنهنجو مڪمل تعرف ڪرايو؟
آئون پنهنجو مڪمل تعرف ڪرايم. چيائين هونء ته مان ادبي لکڻيون ڪونه پڙهان پر اوهان جون لکڻيون اڪثر مان پڙهندو آهيان، بهترين لکندا آهيو.
الطاف کان پڇيم اوهان ڪير ۽ ڪٿان کان آهيو؟
چيائين مان اوهان جي ڳوٺ کان تقريبن 8 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي پري ويٺو آهيان.
ائين ئي مسلسل massanger تي رابطو ٿيندو رهيو.
هڪ ڏينهن الطاف ميسيج ڪيو.
ساجد توهان سان ملڻو آهي ڪڏهن ۽ ڪٿي ملندائو.
چيم جتي اوهان چئو.
چيائين اڄ شام 5 وڳي گلاب پارڪ ۾ اچجو.
ٺيڪ آ سائين آئون اچي ويندس.
شام جو ٺيڪ 5 وڳي پارڪ ۾ ملاقات ٿي، پوءِ اها ملاقات هر روز جو معمول بڻجي وئي، ملاقات وقت اسان وٽ رڳو علم جا موضوع جا هوندا هئا، چند ڏينهن ۾ اسان ٻنهي جي دوستي ايتري ته جٽادار ۽ مستحڪم ٿي وئي ڄڻ ننڊپڻ جا دوست هجون،
آخري ڏينهن ۾ هو ڏاڍو پريشان نظر ايندو هو، پڇڻ تي معلوم ٿيندو هو ته،مون کي ڪجھ به ڪونهي. اها آچر جي اڀاڳي شام هئي جڏهن الطاف سان آخري ملاقات کانپوء ملاقاتن وارو سلسلو بند ٿي ويو. الطاف سان ملاقات کانپوء جيئن ئي آئون ڳوٺ واپس آيس. گهر پهچڻ شرط ئي موبائيل جي گهنٽي وڳي. ڪال اٽينڊ ڪيم ته روئڻ جو آواز آيو پڇيم خير ته آهي ڪير ٿا ڳالهايو؟
سسڪندي دانهون، ڪوڪون ۽ رڙيون ڪندي چيائين مان الطاف جو والد آهيان، او منهنجا پيارا پٽ، منهنجو ٻچڙو الطاف ٽرالر جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو،
منهنجون رڙيون نڪري ويون، ڇا الطاف فوت ٿي ويو،