گُڊ مارننگ جا ڦهڪا!
ٿيو ايئن جو 14 جون تي(GTAP) ڪانفرنس جي پهرئين ڏينهن لاءِ تيار ٿي، ڊيو هائوسنگ جي ڪِچن مان مفت جو ناشتو ڪيم. ناشتي ۾ پين ڪيڪس هُيا ۽ 3 اِن 1 ڪافي جا ڪجهه پيڪٽ آئون پاڪستان مان کڻي آيو هُئس، اها ڪافي پي صبح جو وقت پاس ڪيو. ڊيو هائوسنگ ۾ جوتا وري ٻاهر رکيل آهن، هر ڪنهن کي جوتا ٻاهر لاهي پوءِ اندر اچڻ جي اجازت آهي. اتان جوتا پائي ٻاهر نڪتس ته هلڪي هلڪي بوندا باندي واشنگٽن جي ٿڌڙي موسم جو اعلان ڪري رهي هُئي. جيئن ئي ٻاهر نڪتس ته هڪ انگريز پنهنجي ڪُتي کي گهمائي رهيو هو، جيئن ئي مون تي نظر پئي ته مسڪرائيندي چيائين،
”گُڊ مارننگ“
۽ اهو به ڪنڌ، اکين ۽ چپ جي مناسب ميل ميلاپ سان. مون به جواب ۾، ”گُڊ مارننگ“ جو فائر ڪيو. ٿورو ئي اڳتي وڌيس ته ٻه انگريزياڻيون جوگنگ ڊريس ۾ ڀڄنديون پئي آيون، انهن به مون کي مسڪرائيندي ۽ تقريبن نه ٻڌجندڙ آواز ۾، ساڳئي ئي انداز سان گُڊ مارننگ چيو. هاڻي مون کي شڪ ٿيو ته شايد منهنجي شڪل ڪنهن مشڪري ڪارٽون سان گهڻي ٿي ملي يا ته لڳان ئي ڪارٽون ٿو، جو پهريون دفعو جو ٽو پِيس پاتو هئم. اڃان ئي وڌيڪ حيرت ٿيڻ لڳي ته چڪر ڇا آهي ۽ شڪ ٿيم ته شايد فيسبوڪ تي منهنجا تمام گهڻا فوٽو هُجڻ سبب شايد آمريڪا جي هنن ماڻهن مون کي سُڃاتو آهي يا متان اڃان ئي ٻيو ڪو چڪر آهي. ڇاڪاڻ جو قائد عوام يونيورسٽيءَ جي ڪجهه سالن جي ٽيچنگ دوران اهو تجربو ٿيو توهان کي ڪاريڊور مان ويندي فقط اهي اسٽوڊنٽ سلام ڪندا جن کي يا ته توهان اُن سيمسٽر ۾ پڙهائي رهيا آهيو يا اُهي جن جي اڃان تائين رزلٽ انائونس نه ٿي آهي. جن کي پڙهائي چُڪا آهيو ۽ ان بئچ جي شاگرد کي سپلي نه لڳل آهي ته پُڻ سلام نه ڪيو ويندو. انهن سڀني مان علي اڪبر مهر شايد واحد شاگرد هوندو جيڪو هر حال ۾ هر صورت ۾ هميشه موجود هوندو هو ۽ دل سان هر ڪم ڪار لاءِ حاضر ٿي ويندو هو. سو واشنگٽن جي گُڊ مارننگ جي وٺ وٺان ٿيڻ کان پوءِ مون کي اهو ڏسي ڏاڍي حيرانگي ٿي ته هر ماڻهو سان نظر جيئن ئي ملي ته همراه اڳ ۾ ئي مسڪرائي رهيو هوندو آهي، انهي ۾ گورا، گوريون، ڪارا، ڪاريون، پوڙها ۽ پوڙهيون به شامل آهن. ڪارا ته سڄو ڏينهن جتي ڪٿي فل مستي ۾ پيا ٺينگ ٽپا ڏيندا.