اچو ته پنهنجي ڌرتيءَ کي بچايون
ريوڊي جيزو ۾ ماحولياتي آلودگيءَ جي خاتمي لاءِ ڪوٺايل سربراهه ڪانفرنس کانپوءِ اهو معاملو انتهائي اهميت اختيار ڪري ويو آهي. دنيا جا ملڪ جيڪي پهريان صرف هڪ ٻئي جي تباهيءَ جو سامان تيار ڪرڻ واري خفقان ۾ غلطان هيا. هاڻ سڄي دنيا جي تباهيءَ لاءِ اڀرندڙ هن آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ سوچ ويچار ڪرڻ جي حد تائين اڳتي آيا آهن. ڇا ڪاڻ ته ان نئين آپدا کي منهن ڏيڻ ۽ ان جي تڪڙي اوسر آڏو بند ٻڌڻ تي ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ اهڙائي اختلاف موجود آهن، جهڙا سندن اميري ۽ غريبي بابت تصور تي هلندڙ آهن.
دنيا جنهن تيز رفتاريءَ سان ترقيءَ جون منزلون طئه ڪري رهي آهي، اهڙيءَ ئي تيزي سان پنهنجي تباهيءَ ۽ بربادي لاءِ پڻ سامان گڏ ڪرڻ ۾ رُڌل آهي. عالمي پئماني تي قدرتي وسيلا جن ۾ ٻيلا، حيوانيات، صاف پاڻي ۽ صاف هوا وغيره شامل آهن، سي تيزي سان برباد ٿي رهيا آهن. هٿيارن جي ڊوڙ ۽ انهن جي استعمال ۽ ترقي يافته ملڪن طرفان ائٽمي ڌماڪا ڪرڻ سبب تابڪاريءَ جي اثرن سڄي دنيا جي فضا کي زهريلو بڻائي ڇڏيو آهي. اسان اڳ تمام گهٽ وسيلن ۽ سهولتن هوندي به صاف هوا ۽ شفاف پاڻيءَ جهڙي قدرتي تحفي کان ته محروم نه هئاسين. هاڻ اعليٰ کان اعليٰ درجي جي سهوليتن ۽ سائنس جي برق رفتار ترقيءَ هوندي به گندي پاڻيءَ جي استعمال ۽ زهريلي آبهوا واپرائڻ سبب نت نين ۽ هيبت ناڪ وبائن جو شڪار آهيون. هٿيار پنهوار ۽ زندگي جي ٻين ضرورتن لاءِ سامان تيار ڪندڙ ڪارخانا ڏينهن رات ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ اوڳاڇي آبهوا کي گندو ڪري رهيا آهن. ٻيو ته ڇڏيو پر ترقي يافته ملڪن جي ڪارخانن جو خارج ٿيندڙ سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ ماحول کي تيزي سان بگاڙي رهيو آهي. لکين ٽنن جي حساب سان روزانو ڪارخانن مان فاضل زهريلو مواد سمنڊ ۾ اڇليو وڃي ٿو. جنهن ڪري هڪ طرف ته سامونڊي جيوت، جنهن ۾ مڇي ۽ ٻي سامونڊي مخلوق تيزي سان پنهنجو وجود وڃائي رهي آهي ته ٻئي طرف سمنڊ جو پاڻي آلودگي جو شڪار ٿي رهيو آهي. سمنڊ جو پاڻي ته ڇڏيو پر اسان جي هنن پرڪارن سبب درياهن، ندين سميت پاڻي جا زير زمين ذريعا پڻ آلودگي جو شڪار ٿي رهيا آهن. ڪارخانن جو بچيل زهريلو مواد، شهرن جو گندو پاڻي وغيره درياهن ۾ وهايو پيو وڃي. جنهن ڪري هاڻي پاڻي جو اهو ذريعو به زهريلن اثرن کان محفوظ رهي نه سگهيو آهي.
اسان جي ملڪ پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ ته ماحولياتي آلودگيءَ ۾ جيئن پوءِ تيئن اضافو ٿي رهيو آهي. سامونڊي جيوت، سنڌونديءَ جو پاڻي، ٻيلا، ڍنڍون، پکي پکڻ، جهنگلي جانور ان آلودگيءَ جو شڪار ٿي اسان کي تباهيءَ ۽ برباديءَ ڏانهن ڌڪي رهيا آهن. حڪمرانن کي ته ان ڳالهه جو فڪر ناهي، پر اسان به ان معاملي ۾ پنهنجي جوابداري کان غافل رهيا آهيون. اٽلندو حڪمران ان سڄي تباهيءَ ۽ برباديءَ واري باهه کي تيز ڪرڻ لاءِ ان کي ٻارڻ مهيا ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ هٿ وٺي مختلف بهانن سان ٻيلن کي تباهه ڪيو پيو وڃي. ڪڏهن ڌاڙيلن جي آڙ ۾ ٻيلن کي باهيون ڏنيون وڃن ٿيون ته ڪڏهن وري ڏوڪڙن جي لالچ ۽ هوس ۾ حڪمران ٽولا ۽ ڪامورا شاهي ٻيلن ۾ وڍ وجهي رهيا آهن. هر سال وڻڪاريءَ واري مهم جي اعلانن باوجود نوان وڻ پوکڻ ته ٺهيو پر اٽلندو ندين، نالن، واهن، شاخن ۽ رستن جي ڪنارن تي بيٺل وڻن کي ناس ڪيو وڃي ٿو. جنهن ڪري سنڌ تيزيءَ سان ان قدرتي نعمتن کان محروم ٿي رهي آهي. ٻيلن جي تباهه ۽ برباد ٿيڻ سبب هڪ طرف برسات نه پئي پوي، ته ٻئي طرف سنڌ جي زرخيز زمين سم ۽ ڪلر جو کاڄ ٿي تباهه ٿي رهي آهي. ڪيئي سرسبز پٽ بيابان ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. جنهن ڪري لکين ماڻهو گذرسفر جي وسيلن کان محروم ٿي رهيا آهن. ٻيلن جي تباهيءَ سبب جهنگلي جيوت جو به خاتمو اچي رهيو آهي. ڪيترائي جانور، چوپايو مال، پکي ۽ جيت جڻيا سنڌ جي ڌرتيءَ تان گم ٿي چڪا آهن. هڪ طرف ٻيلن جي غير فطري موت سبب جانورن ۽ پکين جي آزاد اوسر رڪجي وئي آهي ته ٻئي طرف ڏيهه ۽ پرڏيهه جي شڪارين کي شڪار جي کليل اجازت يا ساهوارن کي قتل ڪرڻ جي پرمٽ ملڻ ڪري ڪيئي ناياب نسل جا جانور ۽ پکي زندگين تان هٿ ڌوئي رهيا آهن.
سنڌ ۾ درياهي پاڻي جي هٿراڌو کوٽ پيدا ڪري سامونڊي کاري پاڻي کي مٺيون زمينون ڳڙڪائڻ جو پروانو ڏنو ويو آهي. درياهه ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري سمنڊ جو پاڻي مٿي چڙهي رهيو آهي. جنهن ڪري زرخيز زمينون تباهه ٿي رهيون آهن. ان سان گڏ سنڌ جي سامونڊي ڪنارن جي ڀروارن علائقن ۾ هزارين چورس ميلن جي اندر مٺي پاڻي جا زيرزمين ذخيرا ڪڙا ۽ ڪسارا بڻجي رهيا آهن. جيڪڏهن حڪمرانن طرفان سنڌو درياهه جي پاڻي کي هڙپ ڪرڻ واري اها روش هلندي رهي ته هڪ طرف پاڻي جي کوٽ سبب ٻيلا تباهه ٿي ويندا ته ٻئي طرف سامونڊي پاڻي مٿي چڙهي لکين انسانن جي حياتي وارن ذريعن کي هميشه لاءِ ناس ڪري ڇڏيندو. جيڪا ڳالهه انساني تاريخ جو هڪ وڏو الميو هوندي.
اسان جي ٻيلن سان گڏوگڏ پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڍنڍون پڻ سڪي ٺوٺ ٿي رهيون آهن. جنهن ڪري سنڌ جو قدرتي حسن مرجهائجي رهيو آهي. منڇر ۽ ڪينجهر سميت ٻين ڍنڍن کي تازي پاڻي فراهم نه ٿيڻ ڪري ڍنڍن جي پاڻي تي پلجندڙ مڇي موت جو شڪار ٿي رهي آهي. سائبيريا سميت اتراولهه جي ٻين ملڪن کان ايندڙ رنگ برنگي پکين جي ولرن جي آمد بند ٿي رهي آهي. پاڻي خشڪ ٿيڻ ڪري بهه، پٻڻ، لوڙهه سميت پاڻي ۾ ٿيندڙ ٻيون سبزيون ۽ ميووا موڪلائيندا پيا وڃن.
سنڌ جي قدرتي حسن سان ان هاڃي جا ذميوار جتي حڪمران آهن، اتي اسان به ان ڏوهه کان پلئه آجا ڪرائي نه ٿا سگهون. جيڪڏهن حڪمران ٻيلن ۾ وڍ وجهي رهيا آهن ته اسان وري رستن، شاخن ۽ واهن جي ڪنارن سميت ٻنين ٻارن تي بيٺل وڻن جو قتلام ڪري رهيا آهيون. ان ڪري گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ڌرتي سان محبت ڪندڙن ۽ ان جي قدرتي سونهن ۽ سوڀيا سان عشق ڪندڙن کي ”اچو ته پنهنجي ڌرتي بچايون“ وارو نينهن جو نعرو بلند ڪري ميدان ۾ ڪڏي ڪاهي پوڻ گهرجي ۽ هتان جي هر جاندار، اهو وڻ هجي يا ٻوٽو، جانور هجي يا پکي پکڻ، ان کي بچائڻ لاءِ جنگ جوٽڻ گهرجي. هتان جي وسيلن جي بي حساب لٽ مار ۽ زيان کي روڪڻ لاءِ احتجاج ڪرڻ گهرجي. سنڌو جي پاڻيءَ سميت ان جي ڪنارن وارن ٻيلن ۽ ان ۾ رهندڙ جانورن، پکين پکڻن جي جياپي واري جنگ ۾ ثابت قدميءَ سان جدوجهد ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسان تيزيءَ سان وڌندڙ ماحولياتي آلودگيءَ کي منهن نه ڏنو ته پوءِ نه صرف اسان قدرت جي حسين ۽ بي بها نعمتن کان محروم ٿي وينداسين، پر پاڻ به گُهٽجي گُهٽجي موت جي منهن ۾ هليا وينداسين.
(ڇپيل، روزاني سنڌ سجاڳ ڪراچي، 9 آگسٽ 1992ع )