تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ جون ڪجهه نراليون شخصيتون

ڪتاب ۾ دنيا جي 30 نامياري شخصيتن بابت سھيڙيل مضمونن جو ترجميڪار يوسف سنڌي آھي.
ڪتاب ۾ شيخ مجيب الرحمٰن جون اڻ پوريون يادگيريون، انڊونيشيا جو ڊڪٽيٽر سوهارتو، اسرائيل ايشمين کي ڪيئن اغوا ڪيو؟ ، پهريون خلائي مسافر ، جمال عبدالناصر جي ڪهاڻي ، ذوالفقار علي ڀُٽي جي آخري رات ، راڻي وڪٽوريا ۽ منشي عبدالڪريم، جارج حباش انقلابي اڳواڻ، اڇو تن جو اڳواڻ: ڊاڪٽر ڀيم رائو امبيڊ ڪر، آمريڪا جي اڪيلي ”عورت صدر“، جيوتي باسو؛ هندستان جو عظيم پُٽ ، هڪ سپاهي ڇوڪري جون يادگيريون، آمريڪا جو پهريون شهنشاهه، دنيا جي پهرين سرجن عورت، غريب اڇوت ڇوڪريءَ کان وزيراعليٰ بنجڻ تائين، برلن ڀت ٽوڙيندڙ سائنسدان، ڪرپشن خلاف جنگ کٽندڙ اڪيلي عورت، ڪارل مارڪس: نيست پيغمبر، بوليويا جو عوامي حڪمران، هٿياربند جدوجهد کان صدارت تائين، اوريانا فلاسي: تاريخ سان انٽرويو، انسانيت جي خدمت گذار جين ايڊمز، اُتساهه ڀريو جيون: روزا بونير، موچيءَ جو پٽ: جيڪو ٻارڙن جو وڏو اديب بڻيو، بل گيٽس: رول ماڊل ڪردار، دنيا جي پهرين ڪمپيوٽر پروگرامر: ايڊا لوليس، سوئيڪارنو: انڊونيشيا جو عظيم پُٽ، اسپارٽيڪس: آزادي پسندن جو عظيم هيرو، فيڊل ڪاسترو جو استاد: جوزي مارٽي ۽ جان رِيڊ: ڌرتي ڌوڏيندڙ ڏهه ڏينهن جهڙا مضمون شامل آھن.
  • 4.5/5.0
  • 1497
  • 1175
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book تاريخ جون ڪجهه نراليون شخصيتون

ڇپائيندڙ جا سڀئي حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب نمبر 357

پهريون ڇاپو: 2014ع
ڪتاب جو نالو : تاريخ جون ڪجهه نراليون شخصيتون
سنڌيڪار: يوسف سنڌي
ڪمپيوٽر لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي
ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي

ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com

قيمت : 250/= رپيا

ISBN 978-969-9866-05-0
“Tareekh Joon Kujh Niralyoon Shakhsiyatoon”
(An Autobiographies of Famous People)
Translated by: Yousuf Sindhi
Published by: Sindhica Academy,
B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400
Phone: 021-32737290, 0335-2233801 www.sindhica.org
Email: sindhica_academy@yahoo.com

اسٽاڪسٽ

سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
سنڌيڪا بوڪ شاب: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، -03352233802
سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهي سکر- ڀٽائي بوڪ هائوس حيدرآباد03223011560 - سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، وسيم ڪتاب گهر لکي در. سعيد بوڪ اسٽور، شڪارپور. سومرا بوڪ اسٽور ميهڙ، ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ 8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037

لکپڙهه لاءِ
سنڌيڪا اڪيڊمي
B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400

ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”تاريخ جون ڪجھه نراليون شخصيتون“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪتاب ۾ دنيا جي 30 نامياري شخصيتن بابت سھيڙيل مضمونن جو ترجميڪار يوسف سنڌي آھي.
ڪتاب ۾ شيخ مجيب الرحمٰن جون اڻ پوريون يادگيريون، انڊونيشيا جو ڊڪٽيٽر سوهارتو، اسرائيل ايشمين کي ڪيئن اغوا ڪيو؟ ، پهريون خلائي مسافر ، جمال عبدالناصر جي ڪهاڻي ، ذوالفقار علي ڀُٽي جي آخري رات ، راڻي وڪٽوريا ۽ منشي عبدالڪريم، جارج حباش انقلابي اڳواڻ، اڇو تن جو اڳواڻ: ڊاڪٽر ڀيم رائو امبيڊ ڪر، آمريڪا جي اڪيلي ”عورت صدر“، جيوتي باسو؛ هندستان جو عظيم پُٽ ، هڪ سپاهي ڇوڪري جون يادگيريون، آمريڪا جو پهريون شهنشاهه، دنيا جي پهرين سرجن عورت، غريب اڇوت ڇوڪريءَ کان وزيراعليٰ بنجڻ تائين، برلن ڀت ٽوڙيندڙ سائنسدان، ڪرپشن خلاف جنگ کٽندڙ اڪيلي عورت، ڪارل مارڪس: نيست پيغمبر، بوليويا جو عوامي حڪمران، هٿياربند جدوجهد کان صدارت تائين، اوريانا فلاسي: تاريخ سان انٽرويو، انسانيت جي خدمت گذار جين ايڊمز، اُتساهه ڀريو جيون: روزا بونير، موچيءَ جو پٽ: جيڪو ٻارڙن جو وڏو اديب بڻيو، بل گيٽس: رول ماڊل ڪردار، دنيا جي پهرين ڪمپيوٽر پروگرامر: ايڊا لوليس، سوئيڪارنو: انڊونيشيا جو عظيم پُٽ، اسپارٽيڪس: آزادي پسندن جو عظيم هيرو، فيڊل ڪاسترو جو استاد: جوزي مارٽي ۽ جان رِيڊ: ڌرتي ڌوڏيندڙ ڏهه ڏينهن جهڙا مضمون شامل آھن.
ھي ڪتاب 2014ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

شيخ مجيب الرحمٰن جون اڻ پوريون يادگيريون

اها 1952ع جي ڳالهه آهي عوامي مسلم ليگ، اوڀر پاڪستان جي شهر ’جمال پور‘ ۾ هڪ جلسو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مقرر ڏينهن تي عوامي مسلم ليگ جا اڳواڻ مولانا عبدالحميد ڀاشاني، شيخ مجيب الرحمٰن ۽ شمس الحق تقريرون ڪرڻ جي لاءِ جلسي گاهه پهتا. جلسو شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳ اڳواڻن کي سڌ ڏني ويئي ته حڪومت قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري اهو جلسو ٿي نٿو سگهي. اهو ٻڌي شيخ مجيب کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي، هن وڏي سڏ اعلان ڪيو ته هو جلسي کي خطاب ڪندو. پر مولانا ڀاشانيءَ کيس پوليس سان ٽڪرائجڻ نه ڏنو. کيس هڪ انوکي اٽڪل سُجهي.
مولانا پوليس کي ٻڌايو ته هو قلم 144 جي احترام ڪندا. پوءِ جلسي جي حاضرين کي مخاطب ٿي چيائين: ”هاڻ اسين سڀ دعا گهرڻ جي لاءِ هٿ مٿي کڻو.“ اُهو ٻُڌي پوليس وارن به هٿ مٿي کنيا. مولانا ڀاشانيءَ پوءِ دعا گهرندي حڪومت جي خلاف اهي سڀ ڳالهيون بيان ڪري ڇڏيون، جيڪي هن پنهنجي تقرير ۾ چوڻ ٿي چاهيون. ائين هن پنهنجي دل جي سڄي اوٻر ڪڍي ٻاهر ڪئي. اها ماجرا ڏسي شيخ مجيب، مولانا ڀاشاني جي نواڻ ۽ سمجهه کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو.
اهو دلچسپ واقعو بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمٰن جي اڻ پورين يادگيرين The Unfinished Memories مان ورتو ويو آيو آهي. جيڪي ويجهڙ ۾ بنگالي ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڇپيون آهن. 1967ع ۾ جڏهن شيخ مجيب اگر تله سازش ڪيس جي سلسلي ۾ ڍاڪا جيل ۾ قيد هو ته هڪ ڏينهن سندس زال بيگم فضيلت النسا ساڻس ملڻ آئي. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ بيگم فضيلت النسا چيس، جيل ۾ اوهان وٽ گهڻي وانڌڪائي آهي، ان مان فائدو وٺي پنهنجي آتم ڪهاڻي لکو، اها صلاح شيخ مجيب کي وڻي ۽ هن نوٽ بوڪن ۾ پنهنجون يادگيريون لکڻ شروع ڪيون. فيبروري 1969ع ۾ جڏهن شيخ مجيب آزاد ٿيو ته هو ننڍپن کان وٺي 1955ع تائين پنهنجي زندگي جا اهم واقعا لکي چڪو هو.
پوءِ شيخ مجيب، سياسي سرگرمين ۽ پوءِ بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ حڪومتي معاملن ۾ ايترو ته جنبي ويو، جو کيس پنهنجي آتم ڪهاڻي مڪمل ڪرڻ جو موقعو ملي نه سگهيو، تنهنڪري اها اڌ ۾ رهجي ويئي. شيخ صاحب چئن نوٽ بوڪن ۾ پنهنجون يادگيريون لکيون هيون. هو آزاد ٿيو ته اهي نوٽ بوڪ سندس ڪتب خاني ۾ منتقل ٿي ويا، پر شيخ صاحب اهي سدائين تالي ۾ بند رکندو هو ۽ ڪنهن کي به پڙهڻ جي لاءِ نه ڏيندو هو.هڪ ڏينهن هو نوٽ بوڪن ۾ ڪجهه ڏسي رهيو هو ته سندس وڏي ڌيءَ حسينه اچي ويئي، حسينه اهي نوٽ بوڪ پڙهڻ چاهيان ته هن چيس، ”جيستائين آءٌ جيئرو آهيان، تيستائين پڙهڻ جي ڪوشش نه ڪج. منهنجي مرڻ کان پوءِ تون اهي پڙهي سگهين ٿي“.
14 آگسٽ 1975ع جي رات شيخ مجيب پنهنجي گهروارن سميت قتل ڪيو ويو. ان هنگامي ۾ اهي چارئي نوٽ بوڪ هيٺ مٿي ٿي ويا. پوءِ اهي 2004ع ۾ شيخ فضل الحق موني جي پراڻي ميز جي خاني مان مليا. جانچ ڪرڻ تي خبر پئي ته شيخ مجيب اهي نوٽ بوڪ شيخ فضل الحق موني کي ٽائپ ڪرڻ جي لاءِ ڏنا هئا. شيخ فضل سندس ويجهو مائٽ هو ۽ ساڻس گڏئي 1975ع ۾ پنهنجي فوج جي هٿان مار جي ويوهو.
نوٽ بوڪ تمام زبون حالت ۾ هئا. شيخ مجيب جي ڌيءَ حسينه واجد انهن کي اتاري انهن جون ڪاپيون تيار ڪيون ۽ انگريزي ۾ ترجمو ڪرايو. 300 سؤ صفحن جي ان ڪتاب ۾ شيخ مجيب، پنهنجي گهراڻي، شاگرديءَ واري زندگي، ڪلڪتي ۾ مسلم ليگ جي سياست، عوامي ليگ ۽ لساني مسئلي جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.

بنگالي اڳواڻ جو جنم
شيخ مجيب الرحمٰن17ـ مارچ 1920ع تي تنگي پور نالي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ گوپال گنج ضلع جي سول ڪورٽ ۾ سرشيتدار هو. قد امت پسند ڪٽنب سان واسطو رکڻ جي باوجود شيخ مجيب جو ننڍي هوندي کان ئي سياست ۽ سيڪولرازم طرف رجحان ٿيو. 1940ع ۾ هو ‘آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس’ جو ميمبر ٿيو، ان وقت هو گوپال گنج هائي اسڪول ۾ پڙهي رهيو هو. ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ شيخ مجيب ڪلڪتي هليو ويو ۽ اتي اسلاميه ڪاليج (هاڻ مولانا آزاد ڪاليج) ۾ داخلا ورتائين. هاڻ هو سرگرميءَ سان سياست ۾ حصو وٺڻ لڳو. 1943ع ۾ هو بنگال مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ پنهنجي جوشيلي تقريرن وسيلي هو جلد ئي اهم اڳواڻن جي نظر ۾ اچي ويو. انهن ۾ حسين شهيد سهروردي سرفهرست هو. شيخ مجيب سهروردي کان ئي سياست جون هيٺ مٿانهون سکيون. هاڻ سهروردي نوجوان شيخ مجيب جو گرو ۽ اڳواڻ بڻجي ويو. ان وقت لکين مسلمان نوجوانن وانگر شيخ مجيب به اهو ئي سمجهندو هو ته پاڪستان حاصل ڪري، هندستان جا مسلمان پنهنجي مستقبل کي سنواري ۽ پنهنجي خوابن جي ساڀيان ماڻي سگهن ٿا، تنهنڪري هن وڌي چڙهي پاڪستان جي تحريڪ ۾ حصو ورتو. پر ان وقت تائين منجهس بنگالي قوم پرستي جو ٻج پڻ ڦٽي چڪو هو. جڏهن جو ثبوت خود شيخ مجيب جي آتم ڪهاڻي ٿي ڏي.
شيخ مجيب لکي ٿو. 1946ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو دهلي ۾ ڪنوينشن ٿيو. آئون به جناح صاحب، سهروردي ۽ ٻين بنگالي مسلم ليگي اڳواڻن سان گڏ اسٽيج تي ويٺو هوس. جڏهن به ڪو نعرو اردو ۾ ٿي لڳو ته اسان (نوجوان اڳواڻ) بنگاليءَ ۾ به نعرو هڻڻ شروع ڪري ٿي ڏنو. دراصل اسان بنگالي مسلمانن جا ٻه رخ هئا. هڪ اهو يقين ته اسين مسلمان آهيون ۽ ٻيو اهو ته اسين بنگالي آهيون.
ڪانگريسي اڳواڻ پاڪستان جي قيام جا سخت مخالف هئا، تنهنڪري پنهنجون گهرون مڃرائڻ لاءِ مسلم ليگ پهريون ڀيرو احتجاج ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪيو. ۽ 16 آگسٽ 1946ع تي ”ڊائريڪٽ ايڪشن“ ملهايو، دعا اها هئي ته ان ڏينهن مسلمان پرامن انداز ۾ هڙتال ڪن. ان ڏينهن ڪلڪتي ۾ صبح جو سوير ئي پر جوش مسلمان نوجوانن ڪوشش ڪئي ته شهر جا سڀئي دوڪان بند ڪرايا وڃن، جيئن هڙتال ڪامياب رهي. جڏهن هندو گهڻائي وارن علائقن ۾ دڪان بند ڪرائڻ جي ڪوشش ٿي ته جهيڙو ٿي پيو، جنهن جلد ئي فرقيوارڻن فسادن جي شڪل اختيار ڪري ورتي، فسادن جي دوران ٽن چئن ڏينهن ۾ چار هزار ماڻهو مارجي ويا. ان دوران شيخ مجيب مصيبت سٽيلن جي مدد ڪندو رهيو. هو لکي ٿو، ڪلڪتي جا هنڌو ڏاڍا ڊڄڻا هئا. هو ان وقت مسلمانن تي حملو ڪندا هئا، جڏهن کين هڪ ٻه مسلمان نظر ايندا هئا.
جون 1947ع ۾ شيخ مجيب اسلاميه ڪاليج مان بي ـ اي ڪري ورتي. ان مهيني کيس خبر پئي ته بنگال ورهايو ويو آهي. کيس اهو ڄاڻي بي حد ڏک ٿيو ته ڪلڪتي کي هندستان ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هو لکي ٿو، انگريز سرڪار خبر ناهي ڇو ڪلڪتي کي هندستان ۾ شامل ڪيو؟ اهو فيصلو آئون اڄ سوڌي سمجهي نه سگهيو آهيان.
سندس اڳواڻ حسين سهروردي ڪلڪتي ۾ ئي ٽڪي پيو. هن اتي مسلمانن جو سهارو بڻجڻ ٿي چاهيو. پرهن شيخ مجيب کي اوڀر پاڪستان وڃڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو اتي سڀني فرقن ۾ هم آهنگي ۽ محبت پيدا ڪج، جيڪڏهن اوڀر بنگال، ۽ اوڀر پاڪستان ۾ فساد ٿيا ته تباهي اچي سگهي ٿي. ڪوشش ڪج ته هندو اوڀر پاڪستان مان لڏپلاڻ نه ڪن.“ پر اوڀر پاڪستان مان ڪيترائي هندو، هندستان لڏي ويا.

نئين ديس ۾
شيخ مجيب ڍاڪا هليو آيو. ۽ اتي هن ڍاڪا يونيورسٽي جي قانون واري ڊپارٽمنٽ ۾ داخلا ورتي ۽ سياسي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺڻ لڳو. قيام پاڪستان کان پوءِ مسلم ليگ ۾ ڌڙي بندي عروج تي پهچي وئي هئي، ان کان بنگال مسلم ليگ به آجي نه هئي. جنهن جو پهريون لقاءُ جماعت جي شاگرد ونگ ’آل انڊيا مسلم ليگ اسٽوڊنٽ ليگ‘ جي ورهاست سان سامهون آيو. اربع 4 جنوري 1948ع تي حسين سهروردي جي حامي شاگرد اڳواڻن شيخ مجيب الرحمٰن ۽ نورالدين اوڀر پاڪستان اسٽوڊنٽ ليگ جو بنياد وڌو. جڏهن ته خواجه ناظم الدين جي حامي شاگرد اڳواڻ انور حسين ۽ شاهه عزيز الرحمٰن ’آل اوڀر پاڪستان مسلم اسٽوڊنٽ ليگ‘ قائم ڪري ورتي. ٻنهي تنظيمن جي نالن مان اها ڳالهه چٽي هئي ته ان ورهاست جي پويان نظرياتي جنگ (سيڪيولر بمقابله قدامت پسند) به هئي.

ٻولي جو مسئلو
پاڪستان جي قيام کانپوءِ، حڪومت پاڪستان، اردوءَ کي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. تنهنڪري اوڀر پاڪستان جي صوبائي حڪومت کي حڪم مليا ته اسڪولن ۾ تعليم جو ذريعو اردو هوندي. تنهن کان سواءِ سڪن، ٽپال جي ٽڪلين ۽ سرڪاري ڪاغذن تان بنگالي زبان جا لفظ ختم ڪيا ويا. پر بنگالي قوم پرستن اها صورتحال مڃڻ کان انڪار ڪيو. سندن گُهر هئي ته اوڀر پاڪستان ۾ اردوءَ سان گڏ بنگالي ٻوليءَ کي به قومي ٻولي بنايو وڃي. ان سلسلي ۾ ڍاڪا ۽ اوڀر پاڪستان جي ٻين شهرن ۾ شاگردن حڪومت جي خلاف احتجاجي جلوس ڪڍيا. پر بدقسمتيءَ سان حڪومت معاملي کي سنجيدگي سان نه ورتو، ائين اها تحريڪ سڄي صوبي ۾ پکڙجي ويئي. ان ئي احتجاجي تحريڪ اتي قومپرستيءَ جي جذبن کي اُڀاريو، جيڪا نيٺ بنگلاديش ٺهڻ جو سبب بڻي.
شيخ مجيب الرحمٰن ان تحريڪ جو سرگرم اڳواڻ ٿي اُڀريو. تنهن ڪري کيس 1949ع جي شروع ۾ ملڪ دشمن سرگرمين جي الزام ۾ ڍاڪا يونيورسٽيءَ مان ڪڍيو ويو. هو پوءِ مسلم ليگ کان بيزار ٿي بنگالي اڳواڻن سان وڃي گڏيو، جنهن جو اڳواڻ مولانا ڀاشاني هو. 23 جون 1949ع تي مولانا ڀاشانيءَ پنهنجي سياسي پارٽي آل پاڪستان عوامي مسلم ليگ جو بنياد رکيو. شيخ مجيب جي اسٽوڊنٽ ليگ ان جو حصو بڻجي وئي، هو پارٽي جو جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ان پارٽي جي قيام جو مقصد اهو هو ته پاڪستاني عوام کي طاقتور جاگيردارن جي خلاف متحرڪ ڪيو وڃي، جيڪي بنگالي اڳواڻن چواڻي مسلم ليگ تي قابض ٿي ويا هئا.

حڪومت سان مقابلو
هاڻ پوليس، شيخ مجيب جي پويان لڳل رهندي هئي، ڇو ته هو حڪومت جي نظرن ۾ کٽڪڻ لڳو هو. هڪ ڀيرو هن پنهنجي گهر جي ڇت تان پاڙي ۾ ٽپو ڏنو. دراصل کيس مولانا ڀاشاني هدايت ڪئي هئي ته پوليس جي هٿ متان چڙهين، نه ته سڀ سياسي سرگرميون بيهي رهنديون.
هڪ ڀيرو شيخ مجيب پنهنجي اڳواڻ کي چيو: آئون نيٺ به ته ڪيستائين پوليس کان ڀڄندو وتندس آءٌ ڪو غلط ڪم ته نه پيو ڪريان. تنهن تي مولانا ڀاشاني کيس هدايت ڪئي ته هو لاهور وڃي. پنهنجي گرو حسين شهيد سهروردي سان گڏجي، جيڪو پاڪستان اچي چڪو هو. تنهنڪري شيخ مجيب ڊسمبر 1949ع ۾ لاهور پهچي ويو. شيخ مجيب پنهنجي سرپرست کي ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون پوري ۽ سگهه سان نئين پارٽيءَ کي چٿڻ جي لاءِ نڪري پيون آهن. پر جڏهن کيس خبر پئي ته سهروردي ڪجهه ڏينهن جي لاءِ شهر کان ٻاهر ويل آهي ته مجيب ڏاڍو پريشان ۽ بي چين ٿي ويو. دراصل سندس کيسي ۾ رڳو ٻه روپيا وڃي بچيا هئا. تنهن کان سواءِ هن گرم ڪپڙا به پاڻ سان نه آندا هئا، تنهنڪري پنجاب جي سردي سندس ڏند کڙڪائڻ شروع ڪري ڏنا. نيٺ سهروردي جي ساٿين بنگالي نوجوان جي خبر گيري ڪئي ۽ سندس سار سنڀال لڌي. سهروردي موٽي آيوته هن شيخ مجيب کي هوٽل ۾ ترسايو ۽ اولهه پاڪستان جي سياستدانن سان ملرايو.
واپسيءَ جو سفر شيخ مجيب لڪندي ڇُپندي ڪيو ۽ پوليس سان لڪ لڪوٽي ڪندو رهيو. وڏن شهرن ۾ ريل بيهندي هئي ته انٽيلي جنس وارا کيس ڳولهڻ لاءِ پهچي ويندا هئا. ان مهل شيخ مجيب ڪنهن وڻ يا ڪنهن اڏ جي پويان لڪي بيهي رهندو هو ۽ ريل هلڻ شروع ڪندي هئي ته ڊوڙندو وڃي چڙهندو هو. ان دوران ڪڏهن هو ڪارو چشمو ته ڪڏهن هيٽ ۽ اوور ڪوٽ پائي پنهنجي شخصيت کي لڪائيندو ڳوٺ پهچي ويو.
جلد ئي سهروردي به آل پاڪستان عوامي مسلم ليگ جو حصو بڻجي، پارٽي جو اڳواڻ بڻجي ويو. سندس اڳواڻيءَ ۾، شيخ مجيب نئين سياسي پارٽي جي تنظيم سازيءَ ۾ مصروف ٿي ويو ۽ ان کي عوام ۾ مقبول بنائي ڇڏيائين. پر پارٽي کي اوڀر پاڪستان ۾ ئي مقبوليت حاصل ٿي.

محمد علي بوگر اسان مُنهان منهن
1954ع ۾ اوڀر پاڪستان جي صوبائي چونڊن ۾ ‘جگتو فرنٽ’ کي ڪاميابي ملي. اهو بنگالي قومپرست پارٽين جو اتحاد هو. جنهن ۾ ‘آل پاڪستان عوامي مسلم ليگ’ به شامل هئي. اهو اتحاد مسلم ليگ کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب به رهيو. هاڻ مولوي فضل الحق صوبي جو وزير اعليٰ بڻيو. شيخ مجيب زراعت وارو وزير مقرر ٿيو. هو ڪابينا ۾ سڀني کان ننڍي وهي وارو وزير هو.
ان زماني ۾ هڪ انوکو واقعو شيخ مجيب پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکيو آهي. هڪ ڏينهن (بنگالي) وزير اعظم محمد علي بوگرا جي صدارت ۾ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ان ۾ هو وزير اعليٰ مولوي فضل الحق سان نهايت تلخ ۽ ڪاوڙيل انداز ۾ پيش آيو. اهو منظر جوشيلي نوجوان شيخ مجيب کان سَٺو نه ٿيو ۽ هن وزيراعظم کي روڪيو. جنهن تي محمد علي بوگرا چڙي پيو ۽ هن ڪاوڙ مان چيو، ”مجيب الرحمٰن! مون وٽ تو بابت هڪڙو ٿلهو فائيل موجود آهي“ وزيراعظم هٿ سان اشارو ڪندي چيو.
پر نوجوان مجيب ڊڄڻ بدران وراڻيس، ”جناب ! اها قدرتي ڳالهه آهي ته منهنجي لاءِ ايڏو ٿلهو فائيل ٺاهيو وڃي. اها اوهان جهڙن ماڻهن جي ئي مهرباني آهي، جو مون پنهجي زندگي جو ڳچ عرصو جيلن ۾ گذاريو آهي. پر اسان (صوبائي حڪومت) به اوهان بابت فائيل تيار ڪيو آهي؟“
وزير اعظم پاڪستان ڇرڪي پڇيو، ”ڇا مطلب؟“
شيخ مجيب وراڻيس، ”1947ع ۾ جڏهن (اوڀر پاڪستان ۾) خواجه ناظم الدين ڪابينا ٺاهي ته اوهان کي ان ۾ شامل نه ڪيو ويو (تنهنڪري اوهين ناراض ٿي پيا) 1948ع ۾ جڏهن اسان ٻولي واري مسئلي تي احتجاج ڪيو ته اوهان اسان کي ڳجهي نموني ٻه سؤ روپيا ڦوڙي ڏني. ڇا اوهان کي اها ڳالهه ياد آهي؟ گهڻا ماڻهو پنهنجو ماضي وساري ٿا ڇڏين.“
جگتو فرنٽ، وفاقي حڪومت کان گهر ڪئي ته اوڀر پاڪستان کي وڌيڪ خود مختياري ڏني وڃي. جيڪا ڳالهه وفاقي حڪومت کي منظور نه هئي. تنهنڪري اهو بهانو بنائي 29 مئي 1954ع تي گورنر جنرل غلام محمد ’جگتو فرنٽ‘ جي حڪومت هٽائي ڇڏي. ان قدم تي ڪنهن به وزير احتجاج نه ڪيو. ايتريقدر جو وزير اعليٰ به خاموش رهيو. رڳو شيخ مجيب ئي احتجاج ڪيو، ته کيس گرفتار ڪري جيل ۾ واڙيو ويو. 1955ع ۾ شيخ مجيب جي زور ڀرڻ تي آل پاڪستان عوامي مسلم ليگ مان ’مسلم‘ لفظ ڪڍيو ويو. شيخ صاحب جو چوڻ هو ته پاڪستان ٺهي چڪو آهي، تنهنڪري هاڻ مذهبي يا فرقيواراڻي بنياد تي سياست ڪرڻ جي گهرج ڪونهي.

همعصر: سندس نظر ۾
شيخ مجيب جون يادگيريون 1955ع تائين پهچن ٿيون. پرسندن اولهه پاڪستان جي حڪمران طبقي سان ٽڪراءُ جاري رهيو، جيڪو نيٺ بنگلاديش جي قيام تي ختم ٿيو. پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ شيخ صاحب ڪيترن ئي ناليوارن سياسي اڳواڻن جي باري ۾ لکيو آهي، هن محمد علي جناح جو ذڪر احترام سان ڪيو آهي. پر اهو به لکيو آهي ته هن اردو کي بنگالين تي ٿاڦڻ ٿي چاهيو. سندس نظر ۾ لياقت علي خان مغرور ۽ سياسي حقيقتن کان بي خبر انسان هو. اهو ئي سبب آهي ته هن 1949ع ۾ وزير اعظم پاڪستان جي حيثيت سان ڍاڪا جو دورو ڪيو ته اتي صحافين جي پڇڻ تي وراڻيو، ”عوامي مسلم ليگ.. اها وري ڪهڙي جماعت آهي؟ پهريون ڀيرو نالو ٻڌو اٿم.“
گانڌي جو ذڪر ڪندي شيخ مجيب کيس ”جادوگر“ قرار ڏنو آهي، هو لکي ٿو، ڪلڪتي ۾ مسلمانن تي حملا جاري هئا، هندو ڪنهن به صورت ۾ کين بخشڻ جي لاءِ تيار نه هئا. پر گانڌي جي پهچڻ سان ئي ماحول بدلجي ويو ۽ هندو مسلم ڀائي ڀائي جا نعرا گونجڻ شروع لڳا. گانڌي پنهنجي قوم کي پنڊپهڻ جو گُر ڄاڻندو هو.

مائونٽ بيٽن جو ڪردار
آتم ڪهاڻي ۾ هندستان جي آخري وائسراءِ لارڊ بيٽن جي ڪردار جي ذڪر تفصيل سان ڪيو ويو آهي. جنهن جو تت اهو آهي ته جڏهن جناح صاحب مائونٽ بيٽن کي پاڪستان جو گورنر جنرل بنائڻ کان انڪار ڪيو ته هو آزاد مسلم مملڪت جي ئي خلاف ٿي ويو. پوءِ هن ڪيترن ئي معاملن ۾ ڳجهي نموني ڪانگريس جو ساٿ ڏنو ۽ پاڪستان کي هر ممڪن طريقي سان نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪئي شيخ مجيب لکي ٿو. ”هندستان ۽ پاڪستان جون سرحدون مقرر ڪرڻ جي لاءِ ذميواري سرريڊ ڪلف کي سونپي وئي. پر مائونٽ بيٽن ۽ ڪانگريس پر ٻاهريون ئي سرحدون مقرر ڪري ڇڏيون. تنهنڪري ريڊ ڪلف جي ئي ڳجهين رٿن کي عملي جامون پهرايو. آئون سمجهان ٿو ته جيڪڏهن هن مائونٽ بيٽن، پاڪستان جو گورنر جنرل بڻجي وڃي ها ته پڪ سان هن آزاد مملڪت کي نقصان نه پهچي ها. منهنجو ته اهو ئي خيال آهي“.
شيخ صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ سرونسٽن چرچل ۽ ابراهام لنڪن کي پنهنجو هيرو قرار ڏنو آهي. واضح رهي ته انهن پرڏيهي اڳواڻن جيان شيخ مجيب به شعله بيان مقرر هو، ۽ پنهنجي جوش خطابت سبب جلسي کي پنهنجي منڊ ۾ منڍي ڇڏيندو هو. آتم ڪهاڻي ۾ سڀاش چندر بوس ۽ قاضي نذر السلام جو به سٺن لفظن ۾ ذڪر ڪيو آهي.

مطالعي جي عادت
اهي يادگيريون بنگالي زبان ۾ لکيون ويون آهن، جنهن مان اها ڳالهه چٽي ٿي ته شيخ مجيب قلمڪاريءَ جو جوهر به رکندو هو، ان صلاحيت کي دراصل مطالعي جي عادت چمڪايو. سندس ڪتب خاني ۾ ادب، سياست، تاريخ، عمرانيات ۽ سائنس بابت سوين ڪتاب موجود هئا. اها لائبريري اڄ به سندس گهر (هاڻي ميموريل) موجود آهي.
14 آگسٽ 1975ع تي جڏهن فوجي سندس گهر ۾ گهڙيا ته شيخ مجيب برنارڊشا جو ڊرامو Man and Super Man پڙهي رهيو هو، ڍاڪا جي مشهور اخبار ”دي اسٽار“ جي چيف ايڊيٽر سيدبدرالحسن، شيخ مجيب جي مطالعي جي ذوق تي تبصرو ڪندي لکيو آهي.
”جڏهن سندس واسطو اولهه پاڪستان جي سياستدان سان پيو ته هن پنهنجي مطالعي جي عادت مان خوب فائدو ورتو، هن تاريخ پڙهي هئي. تنهنڪري هو پنهنجي ڳالهين ۾ سياسي، تاريخي، سماجي ۽ معاشي حقيقتن جا اهڙا ته زوردار دليل ڏيندو هو، جو سامهون وارو لاجواب ٿي ويندو هو. ذوالفقار علي ڀٽو سندس سڀ کان وڏو حريف هو. ڀٽو به مطالعي جو شوقين هو، پر هو سندس انا ۽ غرور ختم ڪري نه سگهيو. جڏهن ته شيخ مجيب جي نظر ۾ مطالعو هڪ فن هو، جيڪو هن صحت مندانه سياست ڪندي خوب آزمايو. اها سندس سياسي سمجهه ۽ مطالعي جي عادت ئي هئي. جو هن ڏاڍي نفيس انداز ۾ ايوب خان، جنرل يحيٰ خان، ۽ ڀٽي جهڙن سگهارن، پر چالاڪ اڳو اڻن کي منهن ڏنو.
اهي يادگيريون وڏي حد تائين انهن سببن کي چٽو ڪن ٿيون. جن هڪ سرگرم مسلم ليگي ڪارڪن، شيخ مجيب الرحمٰن کي بنگالي قوم پرست اڳواڻ بڻايو. تنهن کان سواءِ اهي وچين طبقي سان واسطو رکندڙ هڪ اهڙي نوجوان جو اثرائتو داستان به آهن، جنهن ڪجهه ڪري ڏيکارڻ ٿي چاهيو. تنهنڪري هن سياست جي ميدان ۾ وک وڌائي ۽ نيٺ پاڻ کي مڃائي ڏيکاريو.

انڊونيشيا جو ڊڪٽيٽر سوهارتو

انڊونيشيا جي سياسي تاريخ ۾ ٻه سياسي شخصيتون اهميت جون حامل آهن. انهن مان هڪ سوئيڪارنو ۽ ٻي شخصيت سوهارتو جي آهي، انهن ٻنهي شخصيتن ۾ وڏو بنيادي تضاد اهو آهي ته سوئيڪارنو پنهنجي ملڪ کي آزادي جي ڪنڌيءَ تي پهچايو ته سوهارتو، ملڪ تي جبر جون حالتون لاڳو ڪيون. انڊونيشيا جي انقلابي اڳواڻ سوئيڪارنو 1927ع ۾ انڊونيشي نيشلسٽ پارٽي (PNI) جو بنياد رکيو. ٻي مهاڀاري جنگ جي دوران جاپان 1942ع ۾ انڊونيشيا تي قبضو ڪري ورتو، جنهن ولنديزي اقتدار جي خاتمي جي راهه هموار ڪئي. جاپانين، سوئيڪارنو کي آزاد ڪري ڇڏيو، جنهن کي ولنديزين 1933ع کان فلورنس ٻيٽ تي نظر بند ڪري رکيو هو. 14 آگسٽ 1945ع تي جاپان جي شڪست کان پوءِ، انڊونيشيا اتحاد ين جي قبضي ۾ هليو ويو. پرٽن ڏينهن کان پوءِ انڊونيشي اڳواڻن ملڪ جي آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو. اها صورتحال ڏسي مائونٽ بيٽن جي اڳواڻي ۾ انگريزن انڊونيشيا تي حملو ڪري ڏنو. پر کين بدترين شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. 14 آگسٽ 1949ع تي سوئيڪارنو انڊونيشيا جو پهريون صدر ۽ محمد متا وزير اعظم ٿيو. اڳتي هلي سوهارتو، ملڪ جي چونڊيل صدر سوئيڪارنو جو تختو اونڌو ڪري، اقتدار تي قبضو ڪري ورتو ۽ هن هڪ آبر ۽ جابر حڪمران جي حيثيت سان ظلم جي اها تاريخ لکي جنهن کي انڊونيشي عوام ۽ دنيا ڪڏهن به وساري نه سگهندي. سوهارتو 27 جنوري 2008ع تي وفات ڪئي ۽ پنهنجي پويان آمريت ۽ ظلم تي ٻڌل هڪ بدترين داستان ڇڏي ويو.
سوهارتوءَ، انڊونيشيا جي ٻيٽ ’جاوا‘ جي ڳوٺ ’ڪيمو سوار گنا مولجا‘ ۾ هڪ ڳوٺاڻي گهراڻي ۾ 8 جون 1921ع تي جنم ورتو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هو 1940ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ بئنڪ ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. تنهن کان پوءِ هو ولنديزي بيٺڪي فوج ۾ هڪ مزدور جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳو. 1941ع ۾ سوهارتو هڪ فوجي اسڪول ۾ سارجنٽ جي تربيت حاصل ڪرڻ جي لاءِ سينٽرل جاوا، جي علائقي ”گومبوگ“ ويو. اڃا کيس سکيا وٺندي هڪ هفتو مس ٿيو هو. جو جاپان، انڊونيشيا تي حملو ڪري ڏنو. ولنديزي حڪومت هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. 1942ع ۾ سوهارتو جاپان جي بيٺڪي پوليس فورس ۾ شامل ٿيو. 1943ع ۾ کيس ولنديزين جي خلاف هٿيار بند سرگرمين جي لاءِ جاپان جي قائم ڪيل تنظيم ”پيٽا“ جو بٽالين ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو.
ٻي جنگ عظيم جي پڄاڻيءَ تي 14 آگسٽ 1945ع تي جاپان هٿيارڦٽا ڪري آڻ مڃي. ان ڏينهن سوهارتو انڊونيشين آرميءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، جيڪا 15 آڪٽوبر تي ٺاهي وئي هئي. هن انڊونيشيا تي قابض بيٺڪي ولنديزي سامراج جي خلاف آزادي جي جنگ وڙهي. ان دوران هو ٿرڊ رجمنٽ جو ڪمانڊر بڻايو ويو. پهرين مارچ 1949ع ۾ هو، ‘يوگياڪارتا’ جي جنگ ۾ نمايان ويڙهاڪ جي صورت ۾ سامهون آيو.
آزاديءَ کان پوءِ به هو بدستور فوج ۾ رهيو. هن ڪجهه عرصو ’سولا ويسي‘ ٻيٽ تي فوجي خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ پوءِ واپس ‘جاوا’ هليو ويو. مارچ 1953ع ۾ هو انفٽري ريجمنٽ 15 جون ڪمانڊر بڻايو ويو. 29 مارچ 1955ع تي انڊونيشيا جون پهريون جمهوري چونڊون ٿيون، جيتوڻيڪ انهن چونڊن ۾ ڪا به پارٽي اڪثريت حاصل ڪري نه سگهي، پر سوئيڪارنو جي ”انڊونيشين نيشلسٽ يونين“ (PNI) ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا. سوهارتو ترقي ڪندو جاوا ۾ ڊيپو نيگوار ڊويزن جو ريجنل ڪمانڊر مقرر ٿيو. ڪمانڊر بڻجڻ کان پوءِ هن ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو ته جيئن پنهنجي ڪمانڊر جي مدد واسطي فنڊ مهيا ڪري سگهجن. ان قسم جا فوجي ڪاروبار انڊونيشيا ۾ رائج هئا. فيبروري 1958ع ۾ فوجي ۽ مذهبي سياسي باغي وڏي تعداد ۾ سوئيڪارنو جي خلاف اُٿي کڙا ٿيا، آمريڪا، انڊونيشيا جي ڪميونسٽ حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي لاءِ انهن باغين جي پٺڀرائي ڪرڻ لڳي. جڏهن ته سوئيڪارنو کي سوويت يونين ۽ چين جو سهڪار حاصل هو.
ان دوران سوهارتو جي ڪاروباري سرگرمين جي خبر فوج جي اعليٰ اختيارن تائين پهتي، تنهنڪري کيس عهدي تان هٽايو ويو. پر ڪجهه وقت کان پوءِ کيس 1960ع ۾ برگيڊيئر جنرل بڻايو ويو. 1960ع ۾ سوئيڪارنو پارليامينٽ ٽوڙي ’گائيڊ ڊيموڪريسي‘ متعارف ڪرائي. نئين پارليامينٽ 1960ع ۾ قائم ٿي. ان پارليامينٽ جي ميمبرن جي گهڻائي ٿا ڦيل هئي ۽ ان هن ميمبرن جو واسطو فوج ۽ ڪميونسٽ پارٽي (PKI) سان هو.
سٺ واري ڏاڪي ۾ پي ـ ڪي ـ آءِ، جو اثر رسوخ ڪافي وڌي ويو هو ۽ انهن جي ميمبرن جو تعداد ويهن لکن تائين وڃي پهتو هو. تنهن کان سواءِ پارٽي سان ڪيترين ئي يونينن ۽ هاري ڪميٽين جو پڻ الحاق هو. پي ڪي آءِ ڪيترائي زرعي ۽ سماجي سڌارا ڪيا. 1960ع ۾ سوهارتو کي ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. 1963ع ۾ کيس آرمي اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جو ڪمانڊر بڻايو ويو. 1965ع ۾ سوهارتو جي زندگي جو فيصلي ڪندڙ موڙ آيو. ان سال انڊونيشيا جي فوج ۾ ڪميونسٽ عنصر وڌڻ سان ٻه واضح گروهه بڻجي ويا.هڪ گروهه سوئيڪارنو ۽ ڪميونسٽ پارٽي جو وفادار هو، جڏهن ته ٻيو، ان جو مخالف هو. چيف آف اسٽاف سوهارتو، ٻنهي گروهن جي پٺي ٺپرڻ لڳو.
30 سيپٽمبر تي ڪميونسٽن جي حامي فوجي آفيسرن چين نواز ڪميونسٽ پارٽي PKI جي مدد سان فوجي انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ان واقعي کان پوءِ سوئيڪارنو جي مخالف ڇهن جنرلن ۽ ناليوارين شخصيتن کي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو. ڪميونسٽ فوجي آفيسرن پاران انقلاب آڻڻ جو ڪوشش جي ناڪاميءَ سوئيڪارنو جي پوزيشن ڪمزور ڪري ڇڏي ۽ ڪميونسٽن جي خلاف وڏي پئماني تي ڪاروائي ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿيو. 16 آڪٽوبر تي سوهارتو کي باقاعده فوج جو ڪمانڊر بڻايو ويو.
انڊونيشيا ۾ سوهارتو جي شڪل ۾، سي ـ آءِ ـ اي کي هڪ اهڙو مهرو هٿ چڙهيو، جنهن جي صورت ۾ کيس پنهنجا سڀ مقصد حل ٿيندي نظر آيا. سي ـ آءِ ـ اي جو واحد مقصد انڊونيشيا جي ڪميونسٽ پارٽي ۽ ڪميونسٽن جو سدائين جي لاءِ خاتمو ڪرڻ هو. سوهارتو پي ڪي آءِ جي خلاف فوجي ڪارروائي جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. سوهارتو جو خاص نشانو پي-ڪي-آءِ جا ميمبر ۽ چيني نسل جا انڊونيشي رهاڪو هئا. فوج جبر ۽ تشدد جي حد ڪري ڇڏي ۽ لڳ ڀڳ ويهين لکن ڪميونسٽن کي قتل ڪري ڇڏيو.ان سان گڏ انڊونيشين فوج کي سوئيڪارنو جي حامي فوجين ۽ آفيسرن کان پاڪ ڪري ڇڏيو. سوئيڪارنو سياسي ۽ فوجي لحاظ کان اڪيلو ٿي پيو، ۽ سوهارتو انڊونيشيا جي سياست ۾ هڪ نئين سگهه بڻجي اڀريو.
مارچ 1966ع ۾ سوئيڪارنو کي پنهنجاسڀ اختيار، سوهارتو کي منتقل ڪرڻا پيا. سوهارتو ملڪ ۾ پنهنجو هٿ ٺوڪيو ”نيو آرڊر“ جاري ڪيو، جنهن تحت ڪميونسٽ پارٽي پي ـ ڪي ـ آءِ ۽ مزدور يونين تي پابندي وجهي، پارليامينٽ مان پي ـ ڪي ـ آءِ جي ميمبرن جو خاتمو ڪيو ويو. اخبارن تي سخت قسم جي سنسرشپ لاڳو ڪئي وئي. اولهه سان لاڳاپن جا پيچ پاتا ويا ۽ چين سان وڌندڙ لاڳاپن کي ختم ڪيو ويو. سڀني سويلين ادارن ۾ فوج جي مرڪزيت ۽ اثر رسوخ قائم ڪيو ويو. گهڻن اختيارن ملڻ ۽ سياست ۾ ملوث ٿيڻ جي نتيجي ۾ انڊونيشيا جي فوج ڪرپشن ۾ ڦاسندي وئي.
ڪميونسٽ پارٽي پي ـ ڪي ـ آءِ جي ٻيهر اُڀرڻ جي ڊپ سبب ٻن ڳجهين ايجنسين جو بنياد وڌو ويو. انهن مان هڪ جو نالو آپريشن ڪمانڊ فاردي رسٽوريشن آف سيڪيورٽي اينڊ آرڊر ”(Kopkamtib)“ ۽ ٻي ايجنسي جو نالو اسٽيٽ انٽيليجنس ڪوآرڊينيشن (Bakin) رکيو ويو. انڊونيشيا ۾ سياسي سرگرمين ۾ اها خراب حالت به آئي ته فوج ٻن لکن ماڻهن کي بغاوت جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو. انهن قيدين کي ٽن درجن ۾ ورهايو ويو. پهرين درجي ۾ پي ـ ڪي ـ آءِ جي اڳواڻن ۽ انهن سان جڙيل ماڻهن کي رکيو ويو، جن کي سنئون سڌو فوجي بغاوت ۾ ملوث قرار ڏنو ويو. انهن همراهن کي فوجي عدالتن ڦاسين ۽ عمر قيد جون سزائون ڏنيون. ٻي درجي ۾ اهي ماڻهو رکيا ويا، جيڪي باغياڻي سرگرمين ۾ گهٽ ملوث ڏٺا ويا ۽ انهن ماڻهن تي 1980ع تائين ڪيس هلندا رهيا. ٽي درجي انهن ماڻهن کي رکيو ويو، جيڪي پي ـ ڪي ـ آءِ جا ميمبر ۽ همدرد هئا، پر هو بغاوت ۾ شامل نه هئا. ٽي درجي جي گهڻائي کي آزاد ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ قيدين کي ڦاسين ڏيڻ جو عمل 1990ع تائين جاري رهيو.
مارچ 1967ع ۾ پارليامينٽ، سوئيڪارنو کي هر قسم جي سياسي اختيارن کان محروم ڪري، سوهارتو کي عبوري صدر مقرر ڪيو ۽ سوئيڪارنو کي سندس گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو، جتي هن نظر بندي ۾ ئي 21 جون 1970ع تي وفات ڪئي. ان سال انڊونيشيا، ٿائي لينڊ، فلپائن ۽ سنگاپور، ايسو سي ايشن آف سائوٿ ايسٽ ايشين نيشنز (A S E A N ) جي نالي سان پنهنجي هڪ ڌار علائقائي گروپ جي جوڙ جڪ ڪئي، سوهارتو، چين سان لڳاپا ختم ڪري چيني ٻوليءَ ۾ ڇپندڙ سڀني اخبارن کي بند ڪري ڇڏيو. 21 مارچ 1968ع تي سوهارتو پنجن سالن جي لاءِ صدر چونڊيو ويو. ايئن هو لڳاتار ڇهه ڀيرا انڊونيشيا جو صدر چونڊيو. 1989ع ۾ ٻاويهن سالن کان پوءِ سوهارتو چين سان لاڳاپا ٻيهر بحال ڪيا.
جيتوڻيڪ سوهارتو، انڊونيشيا ۾ آمريڪا جي مفادن جي حفاظت ڪندو رهيو، پر هن جي پاليسي سبب ملڪ اقتصادي ترقي جي منزلون طئي ڪندو رهيو. ٻي طرف سندس آمراڻي حڪومت ۾ انساني حقن جي حالت ڏينهن ڏينهن خراب ٿيندي وئي ۽ ان سان گڏ سوهارتو جي بدعنوانن جا قصا به عام ٿيندا ويا.
1970ع ۾ سوهارتو جي آمراڻي حڪومت جي بدعنوانين جي خلاف شاگردن وڏي پئماني تي مظاهرن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو. مخالف ڌر سوهارتو جي ڦرلٽ کي بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽين جي قيام جي گهر ڪئي. ڪميٽين پنهنجي رپورٽ ۾ ان ڳالهه کي مڃيو ته ڪرپشن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي چڪي آهي. رپورٽ جي پڌري ٿيڻ تي سوهارتو چڙي پيو ۽ هن ڪميشن ٽوڙي ڇڏي. 1971ع جي عام چونڊن ۾ سوهارتو جي حامي پارٽي ”ڪونگر“ 62.8 سيڪڙو ووٽن سان ڪامياب قرار ڏني وئي. مخالف ڌر سوهارتو تي کليل ڌانڌلين جو الزام هنيو. 1973ع جي چونڊن ۾ سوهارتو پنهنجي آمراڻي رويي جي حد ڪري ڇڏي. ۽ رڳو ٽن پارٽين گولڪر، دي يونائيٽڊ ڊيولپمينٽ پارٽي ۽ دي انڊونيشين ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي موڪل ڏني وئي. پارليامينٽ جي ويهه سيڪڙو ميمبرن سنئون سڌو سوهارتو کي صدر نامزد ڪري ڇڏيو. انڊونيشيا جي سڀني سرڪاري ملازمن کي ان ڳالهه جو پابند ڪيو ويو هو ته هو گولڪر پارٽي سان لاڳاپيل ايسوسي ايشنز سان جڙيل رهن ۽ چونڊن ۾ گولڪر پارٽي کي ووٽ ڏين.
1975ع ۾ سوهارتو ايسٽ تيمور ٻيٽ کي جيڪو انڊونيشيا جي پورچو گالي بيٺڪيت هو، فوجي ايڪشن جي ذريعي انڊونيشيا ۾ شامل ڪري ڇڏيو. سوهارتو پاران ان فوجي ايڪشن جي پهرين ٻن مهينن ۾ 60000 تيموري رهاڪو ماريا ويا، جيڪي ٻيٽ جي آبادي جو ڏهه سيڪڙو هئا.
1976ع ۾ سوهارتو حڪومت جي سڀ کان وڏي ڪرپشن قومي تيل ڪمپني ”پرتا مينا“ ۾ ڪئي وئي. جنهن ۾ ڏهن بلين آمريڪي ڊالرن جي ڌانڌلي جو اسڪينڊل سامهون آيو. 1978ع ۾ يونيورسٽي جي شاگردن هڪ ڀيرو ٻيهر سوهارتو جي خلاف مظاهرا شروع ڪري ڏنا. سوهارتو جي ڪرپشن جي ڪري، انڊونيشيا جي عوام جي گهڻائي غربت کان به هيٺ جي زندگي گذارڻ تي مجبور هئي. 1970ع ۾ انڊونيشيا ۾ غربت جو تناسب 14 سيڪڙو هو ۽ اهو 1990ع ۾ وڌي 60 سيڪڙو تائين پهتو. ورلڊ بئنڪ جي هڪ رپورٽ موجب ٻن ڏاڪن کان انڊونيشيا جي ترقياتي بجيٽ جو ويهن کان ٽيهه سيڪڙو حصو ذاتي ۽ سياسي مفادن تي خرچ ڪيو ويندو رهيو. ان حد کان وڌيل ڪرپشن ۽ غربت انڊونيشيا جي عوام جي ڪاوڙ کي جوالا مکي جو روپ ڏنو، جنهن ي سڄي انڊونيشيا ۾ باهه لڳائي ڇڏي، عوام رستن تي نڪري آيو ۽ پوڙهو سوهارتو نيٺ عوام جي اڳيان ڪنڌڀر اچي ڪريو.
فيبروري 1998ع ۾ انڊونيشيا جا ڪيترائي ٻيٽ سوهارتو جي خلاف احتجاج جي تصوير نظر اچڻ لڳا. ان صورتحال جي نتيجي ۾ انڊونيشيا شديد معاشي گهوٽالي جي ور چڙهي ويو. اڪثر بئنڪن جو ڏيوالو نڪري ويو. ڪرنسي جي قيمت رڪارڊ حد تائين گهٽجي وئي. حالتن ۾ سوهارتو جو ستون ڀيرو چونڊ کٽڻ جو اعلان ڪيو ويو. شاگردن پارليامينٽ کي گهيري ۾ وٺي لاٿو ۽ صدر سوهارتو جي استعفيٰ جي گهر ڪئي. 21 مئي تي پارليامينٽ جي دٻاءَ ۾ اچي سوهارتو صدارت تان استعفيٰ ڏي ڇڏي. ايئن ان فوجي آمر جو ٻٽيهن سالن جو دؤر پنهنجي پويان بي روزگاري، غربت ۽ لکين بي گناهه ماڻهن جي لاشن کي پويان ڇڏي پنهنجي انجام کي پهتو ۽ سوهارتو کي بدعنوانين ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جي الزام ۾ سندس گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو.
سوهارتو ڊگهي عرصي کان ڪيترين ئي بيمارين ۾ مبتلا هو، جن کيس اندرئي کائڻ شروع ڪري ڇڏيو. پنهنجي زندگي جي آخري دؤر ۾ هو ذهني مريض بڻجي چڪو هو، اهو شخص جيڪو انڊونيشيا جي اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ هو، تنهنجو ذهن به سندس اختيار ۾ نه رهيو. آخري دؤر ۾ سندس حالت رحم جوڳي بڻجي چڪي هئي، سوهارتو ان حالت ۾ 27 جنوري 2008ع ۾ وفات ڪئي ۽ پنهنجي پويان بدنامي ۽ ظلم جا نه مٽجندڙ داغ ڇڏي ويو.

اسرائيل ايشمين کي ڪيئن اغوا ڪيو؟

11 مئي 1960ع جي شام هئي، جڏهن ارجنٽائن جي گاڌي جي هنڌ ’بيونس آئرس‘ جي ضلع ’پورٽوماڊيرو‘ ۾ ڪار ٺاهيندڙ جرمن ڪمپني ’مرسڊيز بينز فيڪٽري‘ جي فورمين ريڪارڊو ڪلمينڊو پنهنجو ڪم پورو ڪيو ۽ گهر وڃڻ جي لاءِ بس ۾ چڙهيو. معمول موجب هو، پنهنجي مخصوص اسٽاپ تي لٿو ۽ هوريان هوريان پنهنجي گهر ڏانهن وڌڻ لڳو، جيڪو بس اسٽاپ کان ڪجهه فرلانگ ڀر پروهو. هو اڃا ٿورو ئي اڳتي وڌيو، جو کيس اوچتو پويان ٻن دستانا پاتل هٿن مضبوطي سان اچي جهليو. حملي ڪندڙ جو هڪ هٿ ريڪارڊو جي حيرت ۾ کليل وات جي اندر گهڙي ويو، جيئن هو وات بند ڪري نه سگهي. حملي ڪندڙ نٿي چاهيو ته ريڪارڊو پنهنجي ڏندن ۾ لڪيل سائنائڊ ڪيپسول کي چٻي خود ڪشي ڪري ڇڏي. حملي ڪندڙ جا ٻه ٻيا ساٿي، سندس مدد جي لاءِ اچي پهتا، ريڪارڊو کي پنهنجي ٻانهن ۾ سُئي چڀندي محسوس ٿي، جيڪا ڪجهه گهڙين کان پوءِ کيس هراحساس کان آجو ڪري ڇڏڻ واري هئي. ٽنهي حملو ڪندڙن ريڪارڊو کي گهليندي ڪجهه پرڀرو بيٺل گاڏي ڏانهن وٺي وڃڻ لڳا، جتي اڳ ۾ ئي بيٺل چوٿون اغوا ڪندڙ محتاط نظرن سان چئني طرفن ڏسندو ٿي رهيو. گاڏيءَ ۾ ويهندي ئي هڪ تيز سرٻاٽ ريڪارڊو کي ٻڌڻ ۾ آيو. جيڪڏهن تو ڪا حرڪت ڪئي ته گولي تنهنجي مٿي ۾ ڏار ڪري ڇڏيندي، اهو ٻڌندي ئي ريڪارڊو غنودگي جي حالت ۾ جرمن زبان ۾ بڙبڙايو، آئون پنهنجي قسمت جي لکئي کي قبول ٿو ڪريان.
مغوي ٻيو ڪير نه پر هٽلر جو ماسٽر مائينڊ جنرل ايڊولف ايشمين adolf eichmann هو، جيڪو ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ آمريڪي قيد مان ڀڄي، 1950ع ۾ ارجنٽائن ۾ روپوش ٿي ويو هو. جتي هو ڏهن سالن کان ريڪارڊو جي فرضي نالي سان رهيو پيو هو. ايشمين کي اغوا ڪندڙ اسرائيل جي بدنام زمانه ڳجهي تنظيم ’موساد‘ جا ايجنٽ هئا، جيڪي ڪيترن ئي مهينن کان ايشمين جي روزاني چرپر تي نظر رکندي، ڪنهن اهڙي موقعي جي ڳولا ۾ هئا، جڏهن کيس جلهي سگهن. ايشمين جي اغوا جو پهريون مرحلو خير خوبيءَ سان مڪمل ٿي چڪو هو. هاڻ ٻي مرحلي تي عمل ڪرڻو هو. يعني ايشمين کي ڳجهي نموني ارجنٽائن مان ڪڍي اسرائيل پهچائڻو هو، جتي مٿس لکين يهودين جي قتل جو ڪيس هلڻون هو.
ايشمين جي اغوا کان 50 سال پوءِ اسرائيل جي گاڌي جي هنڌ تل ابيت جي هيٽفو ٽسوٽ (Hathfu tsot) عجائب گهر ۾ هلندڙ سال 2012ع ۾ ان واقعي سان لاڳاپيل ڪيترين ئي شين جي نمائش ڪئي وئي، جنهن ۾ ايشمين جي اغوا ۾ استعمال ٿيندڙ ڪوڙو پاسپورٽ، بي هوش ڪندڙ سئي، دستانا، اغوا ۾ استعمال ٿيندڙ ڪوڙي نمبر پليٽ، ڪوڙو ڊرائيونگ لائسنس، موساد جي اها ڪئمرا، جنهن سان ارجنٽائن ۾ ايشمين جو پهريون فوٽو ڪڍيو ويو هو ۽ ايشمين جي استعمال ۾ رهندڙ شيون جهڙوڪ پلاسٽڪ جو سگار، پائپ، چشمو، ڪپڙا، ڪرنسي وغيره رکيل هئي. ان نمائش ۾ ايشمين جي اغوا بابت موساد جو اهو اصل فائيل به رکيو ويو هو، جنهن جو عبراني ڪوڊ نيم D Y B B U K هو. جنهن جي معنيٰ شيطاني روح آهي.
اوٽو ايڊولف ايشمين (Otto Adolf Eichsman) جرمنيءَ جي علائقي سولجن ۾ 19 مارچ 1906ع تي پيدا ٿيو. سندس پيءُ ايڊولف ڪارل ايشمين صنعت ڪار هو. 1914ع ۾ سندس امڙ جي چالاڻي کان پوءِ ايشمين گهراڻو آسٽريليا منتقل ٿي ويو. پهرين مهاڀاري جنگ جي دوران سندس پيءُ آسٽرو هنگرين فوج ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون هيون. جنگ جي پڄاڻي تي هن آسٽريليا ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو. ايشمين گريجوئيشن کان سواءِ مڪينڪ جي سکيا حاصل ڪئي، پر هو اها مڪمل ڪري نه سگهيو. 1923ع ۾ هو مڪينڪ جو ڪم ڇڏي پنهنجي پيءُ جي کاڻين جي ڪمپنيءَ سان سلهاڙ جي ويو. تنهن کان پوءِ هو مختلف تيل ڪمپنين ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪندو رهيو. ان دوران هو هٽلر جي قائم ڪيل نوجوانن جي تحريڪ جو ميمبر بڻجي چڪو هو. 1933ع ۾ هو جرمني موٽي آيو، جتي هن مارچ 1935ع ۾ ’ويرو نيڪا ليبل‘ نالي هڪ عورت سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس چار پٽ پيدا ٿيا. ايشمين پنهنجي ذهني صلاحيتن سبب جلد ئي هٽلر جي نظرن ۾ اچي ويو،جيڪو ان وقت سڄي دنيا تي جرمن قوم جي حڪمرانيءَ جا خواب ڏسي رهيو هو ۽ يهودين کان سخت نفرت ڪندو هو. جلد ئي ايشمين کي ليفٽنينٽ ڪرنل جي عهدي تي ترقي ڏئي کيس گسٽاپو سيڪشن چوٿين بي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. اهو کاتو يهودين بابت معاملن جي نگراني ڪندو هو. جنوري 1942ع نازي جرمني جي سينئير آفيسرن تي ٻڌل وينسي ڪانفرنس ((Wannsee conference ڪانفرنس کان پوءِ يهودين کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان رٿ جو نالو ”فائنل سلوشن“ رکيو ويو.ان رٿا جو انچارج ايشمين کي مقرر ڪيو ويو.
ايشمين، يهودين کي ختم ڪرڻ لاءِ قيدي ڪيمپ ۽ گئس چئمبر قائم ڪيا. پهرين جولاءِ 1943ع تي. ايشمين کي هٽلر جي نجي سيڪريٽري جو بورمين جو حڪم وصول ٿيو، جنهن ۾ يهودين کي ڪيسن جي سلسلي ۾ ڏنل اپيل جو حق ختم ڪيو ويو هو. يهودي دعويٰ ڪن ٿا ته ان رٿا تحت سٺ لک يهودين کي ماريو ويو هو.
جنگ جي پڄاڻي کان پوءِ ايشمين آمريڪي فوج جي هٿان گرفتار ٿيو. آمريڪي سندس شخصيت مان اڻ واقف هئا، تنهنڪري کين دوکو ڏيڻ جي لاءِ هن پنهنجو ڪوڙو نالو اوٽو ايشمين ٻڌايو. 1946ع جي شروع ۾ هو آمريڪي قيد مان ڀڄي ويو ۽ ڪجهه وقت اوڀر جرمنيءَ جي ڏورانهين ڳوٺ ۾ لڪو رهيو. 1948ع ۾ کيس ارجنٽائن اچڻ جي موڪل ملي. پر سندس رويو محتاط رهيو ۽ هن ان سهولت مان فوري طور تي فائدو وٺڻ کان پاسو ڪيو. 1950ع ۾ هو ريڪارڊ ڪليمنڊ جي فرضي نالي سان هڪ پناهگير جي حيثيت سان اٽلي پهتو. ۽ جنيوا جي انٽرنيشنل ڪميٽي آف دي ريڊڪراس هيومينٽرين پاسپورٽ ۽ ارجنٽائن جي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ٻنهي دستاويزن ۾ هن پنهنجو پاڻ کي ٽيڪنيشن ظاهر ڪيو هو.
مشهور جرمن آمريڪي نظريي ساز حنا آرمينٽيٽ (Hannah rantet) جو چوڻ آهي ته ايشمين کي ارجنٽائن ڀڄائڻ ۾ Odessa جو هٿ هو. (نازين جي پيرا ملٽري ايس ايس جي اڳواڻن ميمبرن تي ٻڌل تنظيم جيڪا ٻي جنگ عظيم کانپوءِ وجود ۾ آئي. جنهن جو هر نازي فوجين کي جرمني مان ڳجهي نموني ڏکڻ آ مريڪا ۽ وچ اوڀر ڀڄائڻ هو.) ايشمين جو اهو پاسپورٽ 2007ع ۾ انهن شاگردن جي هٿ چڙهيو، جيڪي ايشمين تي تحقيق ڪري رهيا هئا. کين اهو پاسپورٽ ارجنٽائن جي ڪورٽ آرڪائيوز مان مليو هو. 14 جولاءِ 1950ع تي ايشمين ارجنٽائن پهتو ۽ ايندڙ ڏهن سالن تائين هو بيونس آئريس ۾ معمولي قسم جون نوڪريون ڪندو رهيو. هن پنهنجي زال ۽ ٻارن کي به بيونس آئرس گهرائي ورتو.
ٻي مهاڀاري جنگ جي پڄاڻيءَ جي ٽن سالن کان پوءِ 1948ع ۾ اسرائيل وجود ۾ آيو ته ان جي ٻي سال اسرائيلي ڳجهي پوليس ’موساد‘ جو بنياد وڌو ويو. موساد جي شروعاتي مقصد ۾ هڪ مقصد اهو به هو ته سڄي دنيا ۾ لڪل انهن نازي فوجي آفيسرن کي ڳولهي سزائون ڏجن، جيڪي جنگ جي ختم ٿيڻ کان پوءِ جرمني مان ڀڄي ويا هئا. ان سلسلي ۾ ”موساد“ جو ساٿ ڏيندي سڄي دنيا ۾ پکڙيل يهودين ۽ نازي قيدي ڪئمپن مان ڀڄي ويل يهودين پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ نازي آفيسرن جي ڳولا شروع ڪري ڏني. ايشمين جي رهائش گاهه جي خبر پهريون ڀيرو 1954ع ۾ پئي. جڏهن نازين جو شڪاري نالي سان مشهور هڪ يهودي سائمن وسينٿل (Simon Wieseinthul) کي آسٽريليا سان واسطو رکندڙ هڪ يهودي خط لکيو، جيڪو بيونس آئرس ۾ رهيل هو. ان خط ۾ لکيل هو ته، مون گندي سوئر ايشمين کي ڏٺو آهي، هو بيونس آئرس جي ويجهو رهي ٿو ۽ هڪ واٽر ڪمپني ۾ ڪم ڪري ٿو. سائمن اهو خط ۽ ان سان لاڳاپيل ٻي ڄاڻ گڏ ڪري اسرائيل رواني ڪري ڇڏي. پر اها ڄاڻ اڻ پوري هئي، ايشمين بابت اهم ڄاڻ 1957ع ۾ موساد جي هٿ چڙهي. جيڪا ارجنٽائن ۾ رهندڙ لوٿر هرمين Lothor Hermann نالي سان هڪ جرمن يهودي وڪيل جي ڌيءَ سلويا ڏني هئي. سلويا، ايشمين جي وڏي پُٽ ڪلبوس ايشمين جي دوست هئي. هن جي پيءُ لوٿر انهن جيئرن بچي ويل يهودين ۾ شامل هو، جيڪي نازين جي قيدي ڪئمپ Dachau مان فرار ٿيا هئا. مذڪوره قيدي ڪئمپ ۾ ايشمين ڪجهه وقت انتظامي آفيسر طور مقرر ٿي آيو هو. ايشمين کان غلطي اها ٿي ته هن پنهنجو نالو ته بدلائي ريڪارڊو رکيو هو، پر هن پنهنجي ٻارن ۽ زال جي اصلي نالن کي ئي رهڻ ڏنو هو. ايشمين کي سندس پٽ ڪلبوس جي اجائي لئه بازي جي عادت ٻوڙي ڇڏيو. جيڪو پٽ پنهنجي خوبصورت دوست سلويا کي پنهنجي پيءَ جي سورهيائي جا قصا وڌائي چڙهائي ٻڌائيندو هو، کيس اها خبر نه هئي ته سلويا يهودڻ آهي. ڌيءَ اهي ڳالهيون پنهنجي پيءُ کي ٻڌايون ته هو ڇرڪي پيو، ۽ هن هڪدم جرمنيءَ جي ضلعي هسس جي چيف پراسيڪيوئرفريئربيور کي خط لکيو، جيڪو خود به نازي قيدي ڪئمپ مان ڀڳل يهودي هو. فريئر، لوٿر جو خط ملندي ئي اسرائيل جي پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل والٽر ايٽن سان رابطو ڪيو، جنهن ان ڳالهه کان موساد جي ڊائريڪٽر ايسر هيرل کي واقف ڪيو. نتيجي ۾ ايشمين بابت موساد پنهنجي جانچ جي شروعات ڪري ڇڏي .
ايشمين جي ڪيس تي ڪتاب لکندڙ ليکڪا ڊيبورا اپسٽيت لکي ٿي ”سلويا کي ايشمين جي آخري تصديق جو مشن حوالي ڪيو هو، تنهن ڪري سلويا، ڪلبوس سان ملڻ جي بهاني سان ايشمين جي گهر جا چڪر هڻڻ شروع ڪيا. هڪ ڏينهن جڏهن هوءَ ڪلبوس سان ملڻ جي لاءِ سندس گهر وئي ته دروازي تي سندس ايشمين سان ملاقات ٿي وئي. ۽ هن، سلويا سان پنهنجو تعارف ڪلبوس جي چاچي طور ڪرايو چيو ته ڪلبوس هيئنر گهر ۾ موجود ڪونهي. سلويا، ڪلبوس جي اوسيئڙي جي بهاني اتي ئي ويهي رهي ۽ ايشمين سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي. جڏهن ڪلبوس آيو ته هن ٻڌايس ته هي سندس پيءُ آهي.
موساد جا ايجنٽ ٻن سالن تائين هن جي باري ۾ جانچ ڪندا رهيا. ٻن سالن کان پوءِ موساد جو ايجنٽ زيوي هاروني ارجنٽائن آيو ۽ بيونس آئرس جي گئري بالڊي اسٽريٽ ۾ ايشمين جي گهر جو تفصيلي جائزو وٺڻ لڳو. ان دوران هو ايشمين جي هڪ تصوير ڪڍڻ ۾ به ڪامياب ٿي ويو. ان تصوير جي اسرائيل جي فورنيسڪ ماهرن، ريڪارڊ ۾ موجود ايشمين جي ٻين تصويرن سان ڀيٽ ڪئي ۽ انهن تصويرن ۾ ايشمين جي ڪنن جي هڪجهڙائي ثابت ٿي. جڏهن موساد کي پڪ ٿي هئي ته ريڪارڊو ڪليمنڊ نالي شخص ئي اصل ايشمين آهي ته اسرائيلي حڪومت ان جي اغوا جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايشمين کي سڃاڻڻ ۾ ارجنٽائن ۾ رهندڙ اسرائيل ڊفينس فورس (I D F) جي اتاشي ايزهاڪ ايلرون به اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ايشمين جي روز مره جي سرگرمين تي نظر رکي هئي. اپريل 1960ع ۾ زيوي سميت موساد جا ست ايجنٽ ايشمين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ارجنٽائن پهتا. اهي همراهه ڪيترن ئي ڏينهن تائين ايشمين جي روزمره جي اچ وڃ جو جائزو وٺندا رهيا. هنن ڏٺو ته ايشمين عام طور تي فيڪٽري مان بس جي ذريعي گهر ٿو اچي ۽ بس مان لهي 14 گيري بالڊي اسٽريٽ (جيڪا هاڻ 4261 اسٽريٽ سڏبي آهي) ۾ موجود پنهنجي گهر پنڌ ويندو آهي، تنهنڪري هنن کيس بس مان لهڻ کان پوءِ ويران رستي ۾ اغوا ڪرڻ جي رٿا تيار ڪئي. 11، مئي تي ست ئي ايجنٽ گهربل بس اسٽاپ تي پهتا ۽ اسٽاپ کان ٿورو پرڀرو بيهي ايشمين جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳا. کين اها رٿا ان مهل پوري نه ٿيندي محسوس ٿي، جڏهن ايشمين گهربل بس مان نه لٿو. اهو ڏسندي اغوا ڪندڙن ۾ بي چيني پکڙجي وئي. ٻي مصيبت انهن واٽهڙن جي هئي، جيڪي ايجنٽ جي گاڏي جي خرابي دور ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو خدمتون پيش ڪرڻ لڳا. موساد جي ايجنٽن، ايشمين جو انتظار ڪرڻ جي لاءِ گاڏي اهڙي طريقي سان بيهاري هئي، ڄڻ ان ۾ ڪا خرابي ٿي پئي هجي. بي چينيءَ جون اهي گهڙيون ان مهل ختم ٿيون، جڏهن اڌڪلاڪ جي انتظار کان پوءِ ايشمين ٻي بس مان لٿو. بس مان لهڻ کان پوءِ ايشمين جڏهن ٿورو پرڀرو ويران جاءِ تي پهتو ته موساد جي گاڏي جي تيز روشنيءَ ۾ سندس اکيون کيريون ٿي پيون. ايشمين گهٻرائجي ويو. ان وچ ۾ ٻن ايجنٽن کيس مضبوطيءَ سان کڻي جهليو، جيڪي سندس پٺيان پئي آيا. کيس جلهي گاڏي جي اندر ڌڪيو ويو. موساد اها ڪاروائي، ارجنٽائن جي حڪومت کي ٻڌائڻ کان سواءِ ڪئي هئي، تنهنڪري اها عالمي قانون جي ڀڃڪڙي هئي. ان سڄي منصوبي کي، موساد ”آخري آپريشن“ جو نالو ڏنو هو، بي حد ڳجهو رکيو ويو. ان ڪارروائيءَ ۾ موساد سان گڏ اسرائيل جي سيڪيورٽي ايجنسي شين بيٽ (Shin Bet) به حصو ورتو.
ايشمين کي اغوا ڪري، ارجنٽائن جي صوبي ”تيرا“ جي هڪ ڳجهي هنڌ تي رکيو ويو. اغوا ڪندڙن کي اسرائيل وفد جي ارجنٽائن سان واپس موٽڻ جو اوسيئڙو هو، جيڪو حڪومت جي دعوت تي ارجنٽائن جي اسپين کان آزادي جي ڏيڍ سو سالن جي سالگرا جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ارجنٽائن آيو هو. ان دوران ايشمين کان ٻين ڀاڄوڪڙ نازي ڏوهارين جي باري ۾ پڇا ڪئي وئي. ايشمين نازي ڊاڪٽر جوزف مينگلي (Joseph Mengele) جي ارجنٽائن ۾ موجودگيءَ جو انڪشاف ڪيو. مينگلي تي الزام هو ته هن ٻي مهاڀاري جنگ جي دوران نازين جي قيدي ڪئمپن ۾ موجود يهودين، خانه بدوش ۽ ٻين غير جرمنن کي بي هوش ڪرڻ کانسواءِ ئي مٿن ڀوائتا تجربا ڪندو هو ۽ جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو مري ويندا هئا. مينگلي پنهنجي انهن قدمن سبب قيدي ڪئمپن ۾ ”موت جو فرشتو“ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. مينگلي کي اغوا ڪرڻ باري ۾ موساد جا ايجنٽ ٻه چتائي جو شڪار ٿي ويا. ان واقعي جي ڪيترن ئي سالن کان پوءِ ايشمين جي اغوا ۾ ملوث موساد جي ايجنٽ رافي ايٽن (Rafi Eitan) بيان ڏنو ته ”جڏهن ايشمين، ارجنٽائن ۾ مينگلي جي موجودگي جو انڪشاف ڪيوته اسان بهتر اهو سمجهيو ته پهرين ايشمين کي پنهنجي منزل تي پهچايو وڃي، پوءِ مينگلي تي ڌيان ڏجي، ڪٿي ايئن نه ٿئي، جو مينگلي کي اغوا ڪرڻ جي چڪر ۾ ايشمين به هٿن مان نه نڪري وڃي. ڇو ته ٻنهي کي هڪئي وقت اغوا ڪري ارجنٽائن مان ٻاهر نيئڻ ۾ وڏا خطرا هئا. منهنجي رٿ اها هئي ته پهرين جلهيل پکيءَ کي پڃري ۾ واڙيو وڃي. پوءِ ٻي پکيءَ کي جلهڻ جي لاءِ ٻوڙن ۾ گهڙجي. نه ته هٿ آيل پهريون پکي به اڏري سگهي ٿو“. ايشمين جي گمشدگي کان ڇرڪي جوزف مينگلي ارجنٽائن مان ڀڄي ويو. پوءِ موساد جا ايجنٽ کيس سڄي دنيا ۾ ڳولهيندا رهيا، پر هو سندن هٿ نه چڙهيو، هو 1979ع ۾ برازيل جي شهر ”سائو پالو“ ۾ روپوشي ۾ ئي مري ويو.
نيٺ اها گهڙي اچي پهتي، جڏهن اسرائيلي وفد ارجنٽائن مان واپس وڃڻ لڳو. ايشمين کي بي هوشيءَ جي سُئي هڻي، اسرائيلي هوائي سروس ”ايل ال اسرائيل ايئر لائن“ جي عملي جيو وردي پهرائي وئي. ايئن کيس هوائي عملي جو بيمار فرد ظاهر ڪري، اسرائيلي وفد سان گڏ جهاز ۾ چاڙهيو ويو. ان مشن کي ايترو ته ڳجهو رکيو ويو، جو خود ارجنٽائن ۾ موجود اسرائيلي سفارت ڪار ابا ايبان (Aba Eban) کي به جيڪو پوءِ اسرائيل جي پرڏيهي وزير به ٿيو، کڙڪ پوڻ نه ڏني وئي. ان وقت ايبان ان ڳالهه کان اڻ ڄاڻ هو ته جنهن اسرائيلي جهاز کي هو ارجنٽائن مان روانو پيو ڪري،ان ۾ ايشمين ۽ موساد جا ايجنٽ سوار آهن. موساد ان رٿا جي ناڪامي جي صورت ۾ ”بي پلان“ ٺاهي رکيو هو. جنهن موجب ايشمين کي مال بردار بحري جهاز جي سرد خاني ۾ لڪائي ارجنٽائن مان اسمگل ڪرڻون هو.
ايشمين جو اغوا ارجنٽائن جي خودمختياريءَ جي منهن تي چماٽ هئي. ان واقعي سان سندس خودمختياري سخت نموني مجروح ٿي هئي، تنهنڪري پهرين ته ارجنٽائن ڳجهي نموني اسرائيل کان پڇا ڪئي، پر جڏهن اسرائيل ان مسئلي تي هٺ ڌرمي ڏيکاري ته ارجنٽائين اهو مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو. اسرائيل پاران. پرڏيهي وزير مسز گولڊ اميئر. جيڪا پوءِ اسرائيل جي وزيراعظم به ٿي، سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ٿي ۽ اهو موقف اختيار ڪيائين ته ايشمين کي موساد به پر ارجنٽائن جي يهودي شهرين پنهنجي طور تي اغوا ڪيو هو، تنهنڪري اسرائيل، ارجنٽائن جي قانونن جي خلاف ورزي نه ڪئي آهي. سلامتي ڪائونسل هڪ ٺهراءُ بحال ڪري، اسرائيل کي درخواست ڪئي ته هو ارجنٽائن جي قانونن جي ڪيل خلاف ورزي جي مناسب تلافي ڪري ۽ ايشمين کي سندس ڪيل ڏوهن موجب مناسب ڪاروائي ڪري. نيٺ ڳالهين ٻولهين جي ڪيترن ئي دورن کان پوءِ ارجنٽائن ۽ اسرائيل ان ڳالهه تي سهمت ٿيا ته اهو تڪرار ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي.
11ـ اپريل 1961ع تي يروشلم جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ ايشمين جي خلاف ڪيس جي ڪاروائيءَ جي شروعات ٿي. مٿس انسانيت جي خلاف ڏوهن، جنگي ڏوهن ۽ يهودين جي قتل سميت پندرهن الزام لڳايا ويا. ان ڪيس کي ٽن ججن جي بئنچ ٻڌو. اسرائيل جي اٽارني جنرل گيڊيون هوسنر Gideon Hausner کي چيف پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو ويو. ان ڪيس عالمي شهرت حاصل ڪئي ۽ ان جي ڪاروائي کي سڄي دنيا ۾ ڏٺو ويو. اخبارن ان ڪيس تي وڏا تبصرا ڪيا. اسرائيل جي حڪومت ڪجهه پابندين سان سڄي دنيا جي ميڊيا کي ان ڪيس کي سڌو سنئون نشر ڪرڻ جي موڪل ڏئي ڇڏي هئي. ڪيس جي شروع ۾ ڪيترن ئي شاهدن جا بيان ورتا ويا. انهن شاهدن ۾ ”هولو ڪاسٽ“ جا متاثر به شامل هئا، جن ايشمين جي خلاف شاهدي ڏني ته کيس قيدي ڪيمپن ۾ وٺي وڃڻ ۾ سندس وڏو ڪردار هو. ايشمين جي صفائي واري وڪيل عدالت وٽ احتجاج ڪيو ته کيس فرياديءَ جي شاهدن تي جرح ڪرڻ جي موڪل نه پئي ڏني وڃي. ڪيس جي سڄي ڪاروائي جي دوران ايشمين بار بار ان ڳالهه تي زور ڀريندو رهيو ته سندس يهودين جي سڌي قتل عام (هولو ڪاسٽ) ۾ ڪو به ڪردار نه هو، هن ته رڳو پنهنجي آفيسرن جي حڪم تي عمل ڪيو. ايشمين دعويٰ ڪئي ته هو رڳو طاقت جو هڪ ”ٽرانس ميٽر“ هو. هن چيو، ” مون ڪو به اهڙو ننڍو يا وڏو ڪم پنهنجي سينئر آفيسر يا هٽلر جي حڪم کانسواءِ نه ڪيو. فرياديءَ پاران هڪ اهم شاهد مائيڪل اي موسمانو کي پيش ڪيو ويو، جيڪو آمريڪي رياست پينسلوينيا جي سپريم ڪورٽ جي جج هو. هن 1945ع ۾ آمريڪي نيول آفيسر جي حيثيت سان ”نور مبرگ ٽرائل“ ۾ نازي آفيسرن کان پڇا ڳاڇا ڪئي هئي. مائيڪل شاهدي ڏني ته هٽلر جي ويجهي ساٿيءَ ”هرمين گوئرنگ“ خاص طور تي چيو هو ته ”اهو ايشمين ئي هو جنهن حڪم ڏنو هو ته ڪهڙن ملڪن ۾ يهودين کي مارڻو آهي.“
ايشمين جي بچاءَ ۾ سندس وڪيل جيڪي شاهد پيش ڪيا، اهي سڀ اڳوڻا نازي آفيسر هئا. جن کي رعايتون ڏنيون ويو هيون ۽ هو جرمني ۽ آسٽريا ۾ رهيل هئا. هنن ايشمين جي ڪيس ۾ شاهديون ڏيڻ لاءِ اسرائيل وڃڻ کان انڪار ڪيو، تنهنڪري هنن جا لکت ۾ بيان ورتا ويا، جيڪي ايشمين اهو موقف اختيار ڪيو هو ته هن رڳو پنهنجي اعليٰ علمدارن جي حڪمن جي تعميل ڪئي هئي. انهن شاهدن ۾ نازي پوليس جو سربراهه ’اوٽون ڪلمين‘ به هو، پنهنجي لکيل شاهديءَ ۾ چيو، ”ايشمين پنهنجي اختيارن کي وڏي بي رحمي سان استعمال ڪندو هو. هو پنهنجي اختيارن کي اورانگهي به ويندو هو ۽ سمجهندو هو ته منجهس سندس اڳواڻ هٽلر جو روح حلول ڪري ويو آهي.“ جرمني جي سيڪيورٽي سروسز جي اڳواڻي نازي برگيڊير جنرل پنهنجي بيان ۾ چيو ”ايشمين نيشنل سوشلزم تي مڪمل يقين رکندو هو ۽ هو نازي پارٽي جي اصولن تي سختي سان عمل ڪندو هو، ۽ وٽس ِٻين نازي آفيسرن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻا اختيار هوندا هئا.“
اهو ڪيس چوڏنهن هفتا هلندو رهيو ۽ آگسٽ 1961ع تي ختم ٿيو. ان دوران 1500 صفحن تي ٻڌل ڪيس جي ڪاروائي لکي وئي ۽ فرياديءَ پاران هڪ سؤ شاهد پيش ڪيا ويا، جن مان نوي ڄڻا نازين جي قيدي مرڪزن مان جيئرا بچي ويندڙ يهودي هئا. 15 ڊسمبر تي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ايشمين کي موت جي سزا ٻڌائي. ايشمين ان سزا جي خلاف اسرائيلي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي. 29 مئي 1962ع تي سپريم ڪورٽ، ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکندي، ايشمين جي درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ”ايشمين سڀ قدم پنهنجي سينيئر آفيسرن جي حڪم تي نه کنيا هئا، پر ڪجهه فيصلا پاڻ به ڪيا هئا ۽ يهودين بابت فيصلن ۾ هو خودمختيار هو.“
ايشمين جي اپيل رد ٿيڻ کان پوءِ وڏي تعداد ۾ هن جي لاءِ رحم جون اپيلون اچڻ شروع ٿي ويون. پر اسرائيلي صدر يتسحاق بن زيوي سڀئي اپيلون رد ڪري ڇڏيون، انهن اپيلن ۾ ايشمين جي زال ويرونيڪا جو صدر يتسحاق جي نالي ٽيلي گرام شامل هو، جنهن جو جواب صدر لکت ۾ ڏنو. ان جواب ۾ هن ‘عهدنامه عتيق’ جي ڪتاب سيمول پهرين جي آيت 15:33 جو حوالو ڏنو هو، اها آيت چوپٿي، ”اوهان جي تلوار عورتن کي محروم ٿي ڪري.تنهنڪري انهن محروم عورتن جي وچ ۾ اوهانجي ماءُ به هوندي.“
2011ع ۾ ڪجهه اهڙا دستاويز به سامهون آيا، جن مان خبر پئي ته ايشمين جي ڪيس ۾ اولهه جرمني جي حڪومت اثر اندز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. موساد هٿان ايشمين اغوا سبب اولهه جرمني جو چانسلر ڪونر ايڊينور جي حڪومت پريشان ٿي وئي. کيس خدشو ٿيو ته ڪٿي هن ڪيس جي دوران جرمني جا اهي اعليٰ سرڪاري عملدار بي نقاب نه ٿي وڃن، جن جو ماضيءَ ۾ نازي پارٽيءَ سان لاڳاپو هو. خاص طور تي هينس گلوبڪي، جيڪو چانسلر جو چيف آف اسٽاف جيڪو ڪونر ايڊينور جي ويجهن ساٿين ۾ ڳڻيو ويندو هو. تنهن ڪري ڪيسن جي رپورٽنگ جي بهاني جرمني جي ڳجهي اداري جي سربراهه رولف ورچل کي هڪ اخباري خاطؤ جو روپ ۾ اسرائيل موڪليو ويو. رولف، اسرائيل جي وڪيل استغاثه سان ويجها لاڳاپا قائم ڪيا ۽ ان ڳالهه جي پڪ حاصل ڪئي ته ڪيس جي ڪاروائي جي دوران هينس گلوبڪي ۽ ٻين نازي آفيسرن جا نالا نه ايندا. ان سلسلي ۾ رولف، وزيراعظم ڊيوڊ بن گوريان سان، هڪ اهم ملاقات جي بندوبست ڪيو. اڳتي هلي اسرائيل حڪومت جرمني جا تحفطات دور ڪرڻ جي حامي ڀري. ان دوران اولهه جرمني ۽ اسرائيل جي وچ هٿيارن جي وڪري جو هڪ وڏو سودو ٿيو، جنهن تحت جرمني جي حڪومت، اسرائيل جي لاءِ 240 ملين مارڪ ماليت جي فوجي امداد جي منظوري ڏني. تنهن ڪري ايشمين جي ڪيس دوران ۽ پوءِ ڪنهن به هنڌ هينس گلويڪي ۽ اڳواڻن نازي آفيسرن، جيڪي اولهه جرمني جو حڪومت ۾ اهم عهدن تي فائز هئا، جا نالا ظاهر نه ڪيا ويا.
31 مئي 1962ع جي اڌ رات ڌاري رمله جيل ۾ ايشمين کي ڦاسي ڏني وئي. يمني نسل جي يهودي جلاد شلوم ناگر جو بيان آهي ته: ”ايشمين پنهنجي زندگيءَ جي آخري ماني کائڻ کان انڪار ڪيو هو. ۽ هن فقط اسرائيلي شراب ”ڪارهن“ جي اڌ بوتل پيتي هئي. ڦاسي گهاٽ تي هن پنهنجي منهن تي ڪارو ڪپڙو پائڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو.“ ڦاسي گهاٽ تي ايشمين جا آخري لفظ هئا. ”جرمني زندهه آباد ـ آسٽريا زندهه آبادـ ارجنٽائن زندهه آباد.“ هي اهي ملڪ آهن، جن جو مون سان ويجهو لاڳاپو رهيو آهي، ۽ انهن کي آئون ڪڏهن به نه وساريندس. مون جنگي قانونن ۽ پنهنجي جهنڊي جي فرمانبرداري ڪئي هئي، آئون تيار آهيان.“
ايشمين کي ڦاسي ڏيڻ کان پوءِ، سندس لاش کي ساڙيو ويو. ٻي ڏينهن صبح جو پهرين جون تي اسرائيلي بحريه جي ڪشتي بوٽ جي ذريعي ان رک کي رومي سمنڊ ۾ وهايو ويو. اهو قدم ان ڪري کنيو ويو، جيئن مستقبل ۾ ايشمين جي ڪا ياد بڻجي نه سگهي.
ايشمين کي سڄي دنيا ۾ ڏاڍي مشهوري ملي، سندس اغوا ۽ ڪيس جي واقعن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا ۽ فلمون ٺاهيون ويون. ايشمين جي اغوا وقت موساد جو سربراهه ‘ايسر هيرل’ هو. جنهن 1996ع ۾ ان واقعي تي The House on Garbaledi Street نالي سان ڪتاب لکيو، ۽ ان ئي نالي آمريڪي ٽي وي چينل ٺاهي، ايشمين کان پڇا ڳاڇا ڪندڙ پوليس آفيسر ايونر ليس (Avnor less) 1983ع ۾ Eichmann Interrogated جي نالي سان ڪتاب لکيو. 2007ع ۾ هالي ووڊ Eichmann جي نالي سان فلم ٺاهي. ايشمين کي اغوا ڪندڙ ستن ايجنٽن ۾ شامل پيٽر ڊبليو ملڪن به 1990ع Eichmann in my hands جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو. جنهن تي 1996ع ۾ The Man who captured Eichmann جي نالي سان فلم ٺهي.

ايشمين ڪير هو؟
جرمنيءَ جي يهودين جي خلاف نفرت جي تاريخ اڻويهين صدي ۾ شروع ٿي هئي، پر هٽلر جي اقتدار ۾ ايندي ئي ان ۾ بي حد شدت اچي وئي. 1941ع ۾ يهودين جي آدم شماري ڪري کين باقي جرمن شهرين کان ڌار علائقن ۾ منتقل ڪيو ويو. شهر جي انهن پاڙن ۾ جتي يهودين کي رهڻ تي مجبور ڪيو ويو، تن کي Ghetto سڏيو ويندو هو. يهودين جي سڃاڻپ لاءِ گورنمنٽ حڪم جاري ڪيو ته ڇهن سالن کان وڏي عمر جا سڀئي مرد ۽ عورتون پنهنجي ڳچيءَ ۾ ڇهن ڪنڊن وارو (Star of David) وجهن. هو پنهنجي مخصوص پاڙن ما ن اسپيشل پاس کان سواءِ ڪيڏانهن به وڃي نٿي سگهيا، شام کان پوءِ ته انهن هنڌن تي مڪمل ڪرفيو هنيو ويندو هو ۽ ان کان پوءِ هڪ ٻيو اعلان ٿيو ته يهودي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ ٽيلي فون استعمال نه ڪندا.
1942ع ۾ هٽلر جي حڪومت منظم نموني يهودين کان سڀئي اليڪٽرانڪس جا اوزار، ٽائپ رائٽر ۽ سائيڪلون کسي ورتيون. دوڪاندار کي سختي سان چيو ويو ته هو يهودين کي گوشت، بيدا، کير ۽ مڇي وغيره هرگز وڪرو نه ڪن.
سيپٽمبر 1939ع ۾ جڏهن هٽلر پولينڊ تي چڙهائي ڪئي ته ٽيهه لک يهودي نازين جي رحم ۽ ڪرم ۾ آيا. هنن وارسا ۽ آسپاس جي شهرن ۾ وڏا وڏا ڪنسٽرڪشن ڪئمپ قائم ڪيا، جن ۾ انهن يهودين کي واڙيو ويو ۽ انهن ڪئمپن جي چوڌاري وڏيون وڏيون ڀتيون کڙيون ڪيون ويون. ڪئمپ جي چوڌاري هٿيار بند جرمن گارڊ مقرر هئا. ان دوران گورنمنٽ هڪ قانون پاس ڪيو، جنهن جي آڌار تي هڪ شخص جو جيڪڏهن ڏاڏو يا پڙ ڏاڏو به يهودي ٿي گذريو هو ته اهو به يهودي سڏبو، پوءِ ان جو هاڻوڪو مذهب ڀلي ڪهڙو به هجي. جيئن جيئن جرمن فوجون يورپ ۾ اڳيان وڌنديون ويون، ته اتي جي يهودين جا خراب ڏينهن ايندي ويا. اوڊولف ايشمين انهن ئي ڏينهن گسٽاپو جي Jewish section جو انچارج مقرر ٿيو. هونئن ته نازين پولينڊ تي حملي کان گهڻو اڳ يهودين جي خلاف منظم ڪاروائي شروع ڪري ڇڏي هئي. گورنمنٽ يهودين جي خلاف پهريون سوشل بائيڪاٽ پهرين اپريل 1933ع ۾ شروع ڪيو. اخبارن ۾ اشتهارن جي ذريعي ماڻهن کي اپيل ڪئي وئي ته يهودي دوڪاندارن، وڪيلن ۽ ڊاڪٽرن جو بائيڪاٽ ڪن. اڪثر جرمن رهاڪن حڪومت جي اپيل کي هاڪاري موٽ ڏيندي اهو ئي ڪجهه ڪيو. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان وڏي انگ ۾ يهودي شاگردن کي بنا ڪنهن سبب جي ڪڍيو وڃڻ لڳو. 1935ع ۾ ‘نيور مبرگ لاز’ جي لاڳو ٿيڻ سان گڏ يهودين سان شادي مرادي کي خطرناڪ ڏوهه قرار ڏنو ويو. ان قانون جو مقصد نج جرمن نسل جي برتري ثابت ڪرڻ هو. رڳو 1936ع جڏهن اولمپڪ رانديون جرمنيءَ ۾ ٿيون، هٽلر دنيا کي ڏيکارڻ جي لاءِ Anto Semitic policy ۾ ڪجهه مهينن جي لاءِ نرمي ڪئي. 1937ع کان ڪنهن به يهودي صنعت ڪار جي ڪمپني ڪنهن قانوني ڪاروائي کان سواءِ ئي بند ڪئي ويندي هئي.
9 جون 1938ع تي ميونخ ۾ يهودين جي سڀ کان وڏي عبادت خاني سنگيانگ کي گورنمنٽ هزارين تماشائي جي سامهون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ ٻين شهرن ۾ پڻ اهو عمل ورجايو ويو. ان ئي سال هڪ ٻي قانون موجب يهودين کي پاسپورٽ جي سهوليت کان محروم ڪيو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ جرمني ۾ صدين کان رهندڙ پولش نسل جي سترهن هزار يهودين کي ملڪ مان ڪڍيو ويو.
1939ع جي شروع ۾ گورنمنٽ، يهودين جون سڀئي قيمتي شيون کسڻ شروع ڪيون. گرمين جي مند ۾ رات جو نوين بجي ۽ سياري ۾ اٺين بجي کان پوءِ ڪنهن به يهوديءَ کي پنهنجي گهر مان ٻاهر نڪرڻ جي موڪل نه هئي.
20 جنوري 1942ع تي هٽلر جرمنيءَ ۾ هڪ اهم ڪانفرنس گهرائي، جنهن ۾ اوڊولف ايشمين سميت ڪابينا جي پندرهن اهم شخصيتن شرڪت ڪئي، اهو اسپيشل اجلاس بعد ۾ Wansee conference جي نالي سان مشهور ٿيو. ان ڪانفرنس ۾ فيصلو ٿيو ته يورپ جي 34 ملڪن ۾ پکڙيل يارهن ملين يهودين کي گڏ ڪرڻ انهن جو فائينل ساليوشن ڪڍيو وڃي، يعني انهن کي ختم ڪيو وڃي. نازي اڪثر يهودين جي قتل عام لاءِ Final solution special treatment, extermination Ro- settlement وغيره جا اصطلاح استعمال ڪندا هئا.
ان ڪانفرنس ۾ سهمتي راءِ سان فيصلو ٿيو ته يورپ کي مڪمل طور تي يهودين کان پاڪ کنڊ بنايو وڃي. هٽلر جي ان رٿا کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ايشمين کي ان جو Chief Executer مقرر ڪيو ويو. ساڻس وعدو ڪيو ويو ته جنگ ۾ جرمني جيت کان پوءِ کيس ”بوهيما“ ۾ هڪ وڏي جاگير عطا ڪئي ويندي ۽ گڏو گڏ کيس Jewish affairs جو ورلڊ ڪيسار مقرر ڪيو ويندو. ان کان پوءِ ايشمين ڏينهن رات هڪ ڪري ”فائينل سلوشن“ کي تيزيءَ سان مڪمل ڪرڻ ۾ جنبي ويو. هن موت کي باقاعده انڊسٽري بنائي پيش ڪيو. سندس قائم ڪيل ”ڊيٽ فيڪٽرين“ جي روزاني پيداوار ويهه هزار يهودين جا لاش هئا.
ايشمين يورپ جي مختلف ملڪن مان، جن تي جرمن فوجون قبضو ڪري چڪيون هيون، يهودين گهراڻن کي ريلن ۾ چاڙهي پولينڊ منتقل ڪرڻ شروع ڪيو، انهن جي لاءِ پولينڊ ۾ Auschwitz جي هنڌ تي دنيا جي سڀ کان وڏي ڪنسٽريشن ڪئمپ قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت لکين قيدي رکڻ جي گنجائش هئي. ان ڪئمپ جي چوڌاري هڪ وڏي ڀت هئي، جنهن تي بجليءَ جون تارون لڳل هيون. ٽرينون هزارين يهودين کي کڻي جڏهن ”وارسا“ پهچنديون هيون ته اسٽيشن تي ئي انهن جي ڳڻپ جو ڪم شروع ڪيو ويندو هو. عمر ۽ جنس جي حساب سان انهن جي درجي بندي ڪئي ويندي هئي. ننڍن ٻارن، پوڙهن ۽ بيمارن کي ڌار ڪيو ويندو هو ۽ پوءِ انهن کي ٽرڪن ۾ چاڙهي هڪ ويران جهنگل ۾ گولين سان اڏايو ويندو هو، جڏهن ته ڪم جي لائق مردن ۽ عورتن کي ڪئمپ ۾ قائم جنگي سامان ٺاهيندڙ فئڪٽرين ۾ لڳايو ويندو هو. ڪئمپ ڪمانڊر مٿن واضح ڪري ڇڏيندو هو ته هو جيڪڏهن ڀڄڻ چاهين ٿا ته وٽن فقط هڪ ئي رستو آهي، جيڪو ڪئمپ ۾ قائم بٺين جي چمينس مان وڃي ٿو. ان جو مطلب اهو هوندو هو ته هو سڙي مري دنهه ۾ تبديل ٿي آزاد ٿي سگهن ٿا.
اها اجتماعي قتل عام جي باري ۾ ايشمين پنهنجي ڊائري ۾ لکي ٿو:
“It was really terrible but quite necessary. Anyhow the fuehrer (Hitler) ordered it and I did not have anything to do with the annihilation. It was not a killer but a man who executed orders. I did the same thing as an allied Transport Officer did when he transferred bombs to the air-field without knowing if those bombs would be dropped on troops or on bridge or woman and children”
ايڊولف ايشمين عام طور تي يهودين جي قتل عام مهل پاڻ به موجود رهندو هو. ان قسم جي هڪ ٻي واقعي بابت هو لکي ٿو.
”ان ڏينهن ڏاڍي سخت سردي ۽ پارو پي وٺو. اسين ڏيڍ سؤ يهودين کي جن ۾ ٻار، ٻڍا، مرد ۽ عورتون شامل هئا، هڪ ويران هنڌ وٺي وياسين، جتي هڪ گڏيل قبر اڳ ۾ ئي کوٽي وئي هئي. قيدين کي پهرين اگهاڙو ڪري سيءَ ۾ ٺرڻ ڏنوويو، پوءِ سڀني کي قبر ۾ لهڻ جو چيو ويو. اهي ايترا ته بي وس ٿي چڪا هئا، جو انهن مان ڪنهن به مزاحمت نه ڪئي، اوچتو منهنجي نظر هڪ ننڍي وهيءَ جي ڇوڪريءَ تي پئي، جنهن جي هنج ۾ ٿڃ پياڪ ٻارڙو هو. ڇوڪري، ٻارڙو مون ڏانهن کسڪائي منٿ ڪري رهي هئي ته هن کي بچائي وٺ، آئون اهو منظر ڏسي اداس ٿي ويس، مون اڳيان وڌي، اهو ٻارڙو وٺڻ چاهيو، پر دير ٿي چڪي هئي. اسان جي ڪمانڊوز مٿن مشين گنن جا برسٽ هلائڻ شروع ڪري ڇڏيا. هڪ گولي ان ٻارڙي جي مٿي ۾ لڳي ۽ ان جو ميڄالو اڏي اچي منهنجي ڪوٽ کي لڳو. ۽ ان کان پوءِ آئون هڪدم ڊرائيور، سان گڏ اُتان هليو ويس، گهر پهچي مون اهو رت هاڻون ڪوٽ ڌئارڻ جي لاءِ ڏنو. ان کان پوءِ مون اعليٰ عملدارن کي درخواست ڪئي ته قيدين کي ختم ڪرڻ جو ڪو ٻيو مهذب طريقو اختيار ڪيو وڃي.“
پوءِ حڪومت واقعي به گولين سان قتل عام جو طريقو ترڪ ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته جنگ ۾ بارود جي سخت گهرج آهي هئي ۽ نازي ڪميشن ان بدران هڪ بي حد سستو ۽ سولو طريقو متعارف ڪرايو.
هر ڪئمپ ۾ وڏا وڏا گئس چئمبرس قائم ڪيا ويا، جن ۾ هڪ ئي مهل پندرهن هزار قيدين کي بند ڪري Cyclone-B گئس ڇڏي ويندي هئي، اها گئس ايتري ته خطرناڪ هئي، جو ڪجهه ئي سيڪنڊن م سڀئي قيدي دروازن ۽ درين کي لتون ۽ مڪون هڻندي، رڙيون ڪندي پورا ٿي ويندا هئا. ان کان ٺيڪ 25 منٽ پوءِ برقي پمپن جي ذريعي انهن چئمبرس مان گئس ڇڪي ويندي هئي، پوءِ قيدين جو هڪ گروپ انهن لاشن کي گهلي ٻاهر ڪڍندو هو، جت انهن جي جڙتي جي دوران انهن جي سون جا ڏند ڪڍيا ويندا هئا. قيدين کي گئس چئمبرس ۾ ڌڪڻ کان اڳ کين اگهاڙو ڪيو ويندو هو ۽ ان کان سڀ قيمتي شيون کسي ڪيمپ جي اسٽور ۾ جمع ڪيون وينديون هيون. ’آشوز ڪئمپ‘ ۾ ان قسم جا پنج گئس چئمبرس ٺاهيا ويا هئا. ٻيو مرحلو انهن لاشن جي ڊسپوزل جو هوندو هو، ان لاءِ به پنج بٺيون ٺاهيون ويو هيون. جتي پهرين لاشن کي چيري گرم ڪيو ويندو هو، جنهن سان سندن چرٻي گڙهي وڏن وڏن ديڳڙن ۾ گڏ ٿيندي هئي. اها چرٻي پوءِ صابڻ جي صنعت ۾ استعمال ڪئي ويندي هئي. پوءِ سڀني لاشن کي ڀڙڪندڙ باهه جي حوالي ڪيو ويندو هو. اهڙي هڪ بٺي ڏينهن ۾ 17280 لاشن کي ساڙي قلهيار ڪندي هئي. اهو ڦلهيار پوءِ درياهه ۾ وهايو ويندو هو. هڏين کي گڏ ڪري هڪ Grinding Machine ۾ پيٺو ويندو هو، ۽ ان مان زرعي ڀاڻ ٺاهيون ويندو هو. ان ڀاڻ بابت هڪ ڪئمپ ڪمانڊر پنهنجي ڊائري ۾ لکيو، ”ان ڀاڻ جي استعمال سان منهنجي ٻنين ۾ گوبين جي پيداوار سڄي جرمنيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿي...“
مارڻ جو هڪ ٻيو طريقو Ride in death car سڏبو هو. ان بابت به ايشمين پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو. ”سؤ کان وڌيڪ قيدين کي هڪ وڏي ٽرڪ جي ڪيبن ۾ ويهاريو ويو. هنن سمجهيو ته کين بي ڪئمپ ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. ٽرڪ جا دروازا پاڻ مرادو بند ٿي ويا. آئون ڊرائيور سان اڳين سيٽ تي ويهي رهيس پوءِ ڊرائيور، ٽرڪ چالو ڪئي ۽ هڪ رستي تي هلڻ لڳي. مون ڪنڌ ورائي ڪيبن جي شيشي مان ڏٺو ته قيدي آرام سان پنهنجي پنهنجي سيٽن تي ويٺا هئا. ڊرائيور هڪ بٽن دٻايو، جنهن سان قيدين جي ڪيبن ۾ هڪ خطرناڪ گئس پکڙجڻ شروع ٿي وئي. مون ڏٺو ته هڪدم سڀ قيدي رڙيون ڪرڻ ۽ تڙپڻ لڳا. پندرهن منٽن کان پوءِ اها ٽرڪ جڏهن هڪ آتشي بٺيءَ جي ڀرسان بيٺي ته سڀ قيدي مري چاڪ هئا.“
مئي 1942ع ۾ ايڊولف ايشمين اجتماعي قتل عام جا سڀ شاهد ۽ نشان ڊاهڻ جو حڪم ڏنو، ڇو ته اڪثر وڏين وڏين قبرن کي سرسري طور تي لٽي ڇڏيو ويو هو. انهن سڀني کي ڳاريو ويو، ايستائين جو اهي سڀ مٽي سان مٽي ٿي ويا.
انهن ئي ڏينهن ”آشوز ڪئمپ“ جي ڪئمپ ۾ ايڊولف ايشمين وبائي مرضن تي قابو پائڻ جي لاءِ جوزف مينگل نالي هڪ ڊاڪٽر مقرر ڪيو. ڊاڪٽر جوزف مينگل 1936ع ۾ ميونخ مان ڊاڪٽري پاس ڪرڻ کان پوءِ علم الانسان ۾ پي ـ ايڇ ـ ڊي ڪئي، هو Genetics ۾ ڏاڍي دلچسپي رکندو هو، بعد ۾ هن پنهنجو سياسي ڪئريئر شروع ڪري نازي پارٽي جي رڪنيت اختيار ڪئي. جوزف مينگل به سخت يهودي مخالف نظريا رکندو هو.
1934ع ۾ ’آئس وز‘ ڪئمپ ۾ ٽائفائيڊ جي وبا کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ڊاڪٽر مينگل هزارين ماڻهن کي مارائي ڇڏيو، حالانڪه کين انفيڪشن ٿيو ئي نه هو. هڪ ڀيري خوراڪ جي سخت کوٽ ٿي پئي ته هن چئن هزار عورتن کي مارائي اُن تي قابو پاتو. جوزف جيئن ته ماهر جينيات هو، تنهن ڪري کيس Race and Resettlement سيڪشن جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. ان شعبي ۾ يهودين جي نسلي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن شخص جي ڇهين يا ستين پيڙهي ۾ ڏاڏو يا پڙڏاڏو يهودي رهيو هوندو ته کيس يهوديت جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ‘آئس وز’ روانو ڪيو ويندو هو.
ڊاڪٽر جوزف، ڪئمپ ۾ هزارين ٻارن تي پنهنجا سائنسي تجربا ڪيا، انهن ۾ گهڻا ٻار جاڙا (Twins) هئا. تجربن جي دوران ڊاڪٽر جوزف انهن ٻارن کي ڏاڍي اطمينان سان چيريندو ڦاڙيندو هو. هڪ ڀيري ته هن لڳ ڀڳ پنجاهه ٻارن جي اکين جو رنگ بدلائڻ جي لاءِ سرنج جي ذريعي انهن اکين ۾ مصنوعي رنگ وجهڻ جي ڪوشش ۾ انهن سڀني کي انڌو ڪري ڇڏيو. ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر جوزف تي اهڙي ته جنوني ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي، جو هو پنهنجن هٿن سان ٻارن جو گلو گهٽي کيس ماري ڇڏيندو هو.
16 جنوري 1945ع تي جڏهن روسي فوجون ‘آئس وز’ (پولينڊ) پهتيون ته جرمن فوجي پنهنجي جان بچائڻ جي لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا. ڊاڪٽر جوزف مينگل به پنهنجن ٻين ساٿين سان گڏ هڪ ڪار ۾ ڀڄي ويو. هن پنهنجي تجربن جو سڄو رڪارڊ به پاڻ سان گڏ رکيو. ان ڏينهن کان پوءِ هو وري ڪڏهن به نظر نه آيو. جنگ جي پُڄاڻي کان پوءِ آمريڪين کيس ڳولهڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، پر هو ڪٿي به نه مليو.
ٻي مهاڀاري جنگ جي پڄاڻي تي اسرائيلي انگن اکرن موجب ايڊولف ايشمين جي نگراني ۾ سٺ لکن جي لڳ ڀڳ يهودين کي Final solution جي ٻل چاڙهيو ويو.
جرمن فوج هڪٻئي جي پويان شڪست کان پوءِ ايشمين کي يقين ٿي ويو ته هٽلر جو هڪ وڏي جرمن سلطنت جو خواب ڪڏهن به پورو ٿي نه سگهندو، هٽلر دعويٰ ڪئي هئي ته هو جنهن جرمن سلطنت جو بنياد رکڻ وارو آهي، هن لڳ ڀڳ هڪ هزار سالن تائين قائم رهندي. پر جيئن جيئن اتحادي فوج جي پيشقدمي وڌندي وئي، تيئن جرمن فوجون هر محاذ تي پٺيءَ هٽنديون ويون. هٽلر جا سڀ ساٿي يا ته مارجي ويا يا روپوش ٿي ويا. هيڏانهن جڏهن روسي فوجون هالينڊ ۾ داخل ٿيون ته ‘آشوز ڪئمپ’ جو نگران تڙ تڪڙ ۾ باقي قيدين جو صفايو ڪرڻ ۾ لڳي ويا.
ايڊولف ايشمين جو آشوز ڪئمپ جي انچارج کي جيڪو آخري سرڪاري حڪم نامون مليو، ان ۾ لکيل هو.
No one will walk out of Auschwitz. There is only one way, they leave through the chimney.
ايشمين گسٽاپو (ڳجهي پوليس) جو سمورو ڳجهو رڪارڊ ضايع ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. هن جرمن انڊسٽري ۾ بيگار طور تي ڪم ڪندڙ يهودين کي چئن ٽرينن ۾ چاڙهي آشوز موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي، پر روسين جي پيشقدمي ايتري ته تيز هئي، جو اهي ٽرينون ڪڏهن به پنهنجي منزل پهچي نه سگهيون،
هن آخري ڀيرو پنهنجي اسٽاف کي پنهنجي آفيس ۾ گهرايو، ڪيترن ئي راتين کان لڳاتار جاڳڻ سبب هن جون اکيون ڳاڙهيون ٿي چڪيون هيون. هن پنهنجن ساٿين کي صلاح ڏني ته هو هميشھ جي لاءِ روپوش ٿي وڃن، نه ته اتحادي کين جيئرو نه ڇڏيندا. ان کان پوءِ هن سڀني ساٿين سان هٿ ملائي کين روانو ڪيو. ٿوري دير تائين ايشمين پنهنجي ڪمانڊنٽ سان ڳالهيون ڪندو رهيو، ٻاهر هن جي لاءِ اسٽاف ڪار بيٺي هئي، پر هو آفيس جي پوئين دروازي مان ٻاهر نڪري رات جي وڳڙي ۾ گم ٿي ويو ۽ هو ايندڙ پندرهن سالن تائين گم رهيو.

پهريون خلائي مسافر

ماسڪو ۾ صبح جو اٺ لڳي ٻه منٽ ٿيا هئا، اها 12 اپريل 1961ع جي تاريخ هئي. روسي خلاباز ’يوري گيگرين‘ (Yuri Gagarin)پنهنجي خلائي جهاز ’وستويٰ‘ ۾ ويهي چڪو هو. هي اهو خلائي جهاز هو، جنهن کي کيس خلا ۾ پهچائڻون هو. ايئن بهادر ۽ ثابت قدم ’يوري‘ خلا ۾ پهچندڙ پهريون انسان بڻجي وڃي ها.
ڪجهه گهڙين کان پوءِ خلائي جهاز جي ڊيزائنر ’سرگئي ڪورليف‘ ساڻس رابطو ڪيو ۽ ”يوري! ڇا تون منهنجو آواز ٻڌي رهيو آهين؟ آئون توکي ڪجهه ٻڌائڻ ٿو چاهيان. جڏهن آخري هڪ منٽ جو اعلان ٿئي ته ان کي اُڏام ۾ وڌيڪ ڇهه منٽ لڳي ويندا، تنهنڪري پريشان متان ٿئين.“
”مون تنهنجو آواز ٻڌي ورتو آهي. آئون پريشان نه آهيان.“
”دراصل انهن ڇهن منٽن ۾ ننڍا وڏا ڪم ڪرڻا آهن.“ سرگئي جي چوڻ جو مطلب اهو هو ته ڪجهه ٽيڪنيڪي خرابين سبب اڏام ليٽ آهي. ٿوري دير کانپوءِ خلائي رٿا جو آفيسر ۽ يوري جو ساٿي لائن تي آيا، ”يوري! بور ته نه پيو ٿئين؟“
”جيڪڏهن ڪو گانو هلي ته مزو اچي وڃي.“
اها فرمائش ٻڌي سرگئي ساٿين کي حڪم ڏنو ته ڪو سٺو (گرامو فون) رڪارڊ ڳولهه... ڪجهه منٽن کان يوري ٻڌايو ته: ”تنهنجي لاءِ عشقيه گيت لڳايو ويو آهي.“
8 ـ 41: يوري پنهنجي خلائي جهاز ۾ چر پر محسوس ڪئي. ان مهل خلائي جهاز سان لاڳاپيل سامان هٽايو پي ويو. نيٺ جهاز اڏام جي لاءِ تيار ٿي ويو. ان مهل سرگئي، يوري کي ٻڌايو ته ”اسين هيٺ تهه خاني ۾ پيا وڃون.“ ان تهه خاني ۾ خلائي جهاز جو ڪنٽرول روم هو.
8 ـ 51: گانو وڃڻ بند ٿي ويو. سرگئي جو ڳنڀرو آواز لائن تي اڀريو، ”يوري! فقط 15 منٽ وڃي بچيا آهن.“
اهو ان ڳالهه جو اشارو هو ته يوري پنهنجا دستانا بند ڪري ۽ هيلمٽ صحيح پوزيشن تي کڻي اچي.
”جهاز جي چاٻي پوزيشن تي آڻ.“
”اگنيشن.“ ۽ جهاز جي راڪيٽ مان دونهه اٿڻ لڳو.
9 ـ 16: وستوڪ جا راڪيٽ پوري رفتار سان هلڻ لڳا هئا. هاڻ هڪ هڪ ٿي خلائي اوزار جهاز کان ڌار ٿيڻ لڳا هئا. راڪيٽ هلڻ سبب لوڏن ۾ واڌارو ٿي ويو هو.
يوري گيگرين پنهنجي سيٽ تي چست ٿيو ويٺو هو، جيڪڏهن خدا نه خواسته جهاز کي باهه لڳي وڃي ها، يا اهو تباهه ٿيڻ جي ويجهو هجي ته خود ڪار ڪرين کيس مٿي اڇلي ٻاهر ڪڍي ڇڏي ها. اهو ئي نه پر هو پاڻ به بٽڻ دٻائي ٻاهر نڪري سگهيو ٿي. پوءِ به اڪيلي سر خطرناڪ خلائي سفر تي وڃڻ هڪ بهادر ماڻهو جو ئي ڪم هو.
نيٺ اُڏام جي يادگار ۽ جادو ئي گهڙي اچي پهتي، يوريءَ کي ته ياد نه هو. پر پوءِ سندس ساٿين کيس ٻڌايو ته هن اڏام مهل چيو، يويخالي (هلندو هل).
”مون سيٽي جو آواز ٻڌو پوءِ زبردست گوڙ جو آواز پيدا ٿيو.“ يوري گيگرن پوءِ لکيو، ”راڪيٽ جنهن گڙ گڙاهٽ مان اُٿيو ته هڪ گهڙي ۾ سڄو جهاز ڏڪي ويو. گوڙ جهاز جهڙو ئي هو. پر ان جا سُر ٿورو مختلف هئا.“
9 ـ 7... خلائي جهاز هوا ۾ بلند ٿي چڪو هو. هوريان هوريان اهو آسمان جي وشالتا کي چيريندو مٿي وڃي رهيو هو.
9 ـ 08. ڪشش ثقل جي سگهه هاڻ مڪمل طور تي اثر انداز ٿيڻ لڳي هئي. هن جو چهرو پچي ويو. تنهنڪري کيس ريڊيو تي ڳالهائڻ ۾ تڪليف محسوس ٿيڻ لڳي.
ٿوري دير کان پوءِ يوري کي جهٽڪو لڳو ۽ هو اڳيان کسڪي ويو. کيس محسوس ٿيو ته هو خلا ۾ تري رهيو آهي. دراصل راڪيٽ جا بوسٽر ڌار ٿيا هئا. راڪيٽ هڪ گهڙي جي لاءِ بيٺو ۽ پوءِ هن جي رفتار وڌي وئي هاڻ هو پوري سگهه سان جهاز کي مٿي ڌڪي رهيا هئا.
9 ـ 11: هڪ ٻيو جهٽڪو لڳو. هاڻ خلائي جهاز راڪيٽ کان ڌار ٿي ويو. ڪروڙين روبل ماليت جي مشنري الڳ ٿي خلائي گند ڪچري ۾ شامل ٿي وئي. هاڻ وستوڪ کي باقي سفر هڪ راڪيٽ جي ذريعي ڪرڻو هو.
9 ـ 15.. 9 ـ منٽن جي اڏام کان پوءِ نيٺ يوري جو جهاز ‘خلا’ ۾ داخل ٿي ويو ۽ ان سان گڏ لرزش ۽ گڙ گڙاهٽ بيهي رهي، پر جهاز جا پنکا، وينٽي ليٽر، پمپ ۽ والو هلڻ جو گوڙ اچي رهيو هو. يوري ٻيهر هيڊ فون پائي ورتو. زمين وارا بي تابي سان هن جي آواز ٻڌڻ جي اوسيئڙي ۾ هئا. يوري چپ کوليا، ”خلا ۾ منهنجو وزن ختم ٿي چڪو آهي، مون کي ڪنهن به قسم جي ڪا پريشاني ڪونهي. پر آئون ڏاڍو خوشگوار ۽ مزيدار وقت گذاري رهيو آهيان.“
وستوڪ زمين کان 315 ڪلو ميٽر بلند ٿي چڪو هو. اهو پهريون تاريخي موقعو هو ته ڪو انسان ايتري مٿانهين تي پهتو هو. جهاز هوريان هوريان خلا ۾ تري رهيو هو. يوري پنهنجي ڪيبن جي سوراخ مان ٻاهر ڏٺو. ڪارو آسمان سامهون هو ۽ زمين جو هڪ منظر يوري جي سامهون اچي ويو. ان تي اوزون تهه ۽ ٻين گئسن جي نيري تهه ۾ ڏاڍي خوبصورت ڌنڌ ڇانيل هئي، ٿوري دير کانپوءِ چمڪندڙ سج به ظاهر ٿيو. پوري آسمان جو اهو منظر ڏسي ان جي منڍ ۾ منڍ جي ويو.
سندس جهاز اٺ سيڪنڊ في ڪلو ميٽر جي رفتار سان اوڀر طرف وڌي رهيو هو. کيس دنيا جو چڪر هڻڻ ۾ نوي منٽ لڳا. ايئن هو دنيا جي چوڌاري چڪر هڻڻ وارو پهريون انسان بڻجي ويو.
زمين تان سوال آيو. ”تون ڪيئن پيو محسوس ڪرين؟“
“اڏام ڏاڍي خوبصورتي سان جاري آهي. سڀئي مشينون سٺي نموني ڪم ڪري رهيون آهن، آسمان صاف آهي ۽ سڀ منظر چٽا آهن. مون کي ڪڪر نظر اچي رهيا آهن. آئون سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهيان. منهنجي سامهون ڏاڍو خوبصورت لقاء آهي.“
“دنيا جي چوڌاري چڪر”
وستوڪ خودڪار (آٽوميٽڪ) جهاز هو. تنهنڪري اهو پاڻ مرادو اڏندو رهيو. يوري مزي سان گذرندڙ وقت مان لطف وٺندو رهيو. ٿوري ديرکان پوءِ سائبيريا اچي پهتو. پوءِ زمين جو اهو اڌ شروع ٿيو، جيڪو اوندهه ۾ ٻڏل هو. ان مهل يوري کي تارا نظر اچڻ لڳا. اهي ڏاڍا سهڻا ۽ چمڪدار هئا، آسمان تارن سان ڀريل هو، زمين تان ايترا تارا نظر نه ايندا هئا.
نيٺ زمين طرف واپسي جي سفر جو وقت اچي ٿيو. کيس هدايتون مليون ته هو واپسي جي سڄي عمل جي جانچ پڙتال ڪري وٺي. يوري ڏٺو ته سڀ اوزار ٺيڪ نموني ڪم ڪري رهيا هئا. واپسي جي سفر جي لاءِ مخصوص راڪيٽ به پنهنجي جاءِ تي موجود هو.
صبح 10 ـ 25: اڏام شروع ٿيندي 69 منٽ تي چڪا هئا. ان مهل جهاز جا راڪيٽ هوريان هوريان هلڻ لڳا. جهاز ان مهل اولهه آفريڪا جي مٿان لنگهي رهيو هو. جڏهن خودڪار اوزار متحرڪ ٿيڻ سان واپسي جو سفر شروع ٿيو ته يوري سوچڻ لڳو ‘جڏهن دنياوارن کي هن اڏام جي خبر پوندي ته هو ڇا چوندا؟ پوءِ يوريءَ ياد ڪندي ٻڌايو ته ”ان مهل مون فقط پنهنجي امڙ کي ياد ڪيو. جڏهن آئون ننڍو هوس ته هوءَ منهنجي نرڙ تي چمي ڏئي، مون کي سمهڻ جي لاءِ روانو ڪندي هئي، کيس ڪهڙي خبر ته آئون ڪٿي آهيان؟“
يوريءَ جو ڪٽنب ’ماسڪو‘ کان ڏيڍ سؤ ڪلو ميٽر پري هڪ شهر ’غزستڪ‘ ۾ رهندو هو. ان ڏينهن يوري جي امڙ گهر ۾ گهر جي روزاني ڪمن ڪارين ۾ رڌل هئي. جڏهن ته پڻهنس ٻين هارين سان گڏ سرڪاري ٻنين جي ڪم ۾ رڌل هو. يوري جو پيءُ ٻني جو ڪم سنڀاليندو هو ۽ هن ئي پٽ کي زمين، آسمان ۽ ڪائنات بابت سائنسي ڄاڻ ٻڌائي هئي.
ننڍپڻ ۾ يوري ڏاڍو شرارتي ۽ چالاڪ هو. پر ٻي مهاڀاري جنگ جي دوران جنهن سندس ڪٽنب تڪليفن جو شڪار ٿيو ته هو سنجيده ٿي ويو. هو سٺو شاگرد هو ، رياضي ۽ طبيعات سندس پسند جا سبجيڪٽ هئا. جڏهن سندس هڪ ماسترياڻي کي ان اُڏام جي خبر پئي ته هن چيو، ”مونکي يوري جي دلنشين مرڪ اڄ به ياد آهي“ ۽ هن پنهنجي اها مرڪ سدائين ايئن سنڀالي رکي. اها ئي جيڪا ننڍ پڻ ۾ سندس ساٿي هئي.
يوري جي اڏام نهايت ڳجهي هئي، تنهنڪري سندس ڪٽنب ان بابت اڻ ڄاڻ هو. هن پنهنجي ماءُ کي ٻڌايو ته هو هڪ ڪاروباري دوري تي پيو وڃي، جڏهن ماڻهنس، پڇيس ته ”ڪيترو پري؟“ ته هن وراڻيس، ”گهڻو پري.“
ڪٽنب وارن کي ريڊيو جي ذريعي خبر پئي ته يوري ته خلا ۾ پهچي چڪو آهي. اها خبر ٻڌندي ئي سوين صحافي يوري جي گهر پهچي ويا. هنن بي تابي مان اهو ڄاڻڻ پئي چاهيو ته ”آخر يوري ڪير آهي؟“
صبح جو نوين بجي يوري جي امڙ ريل جي ذريعي ماسڪو رواني ٿي وئي، جتي هوءَ يوري جي زال ولايا ۽ ٻن ننڍين پوٽين سان رهڻ ٿي چاهيو. يوري کي موڪل ملي وئي هئي ته هو پنهنجي زال کي پنهنجي اڏام بابت ٻڌائي. پرهن ڏينهن غلط ٻڌايو يعني 14 اپريل ته جيئن هوءَ هرو ڀرو پريشان نه ٿئي.

تاريخي گهڙي
نيٺ واپسي شروع ٿي، پر اتفاق اهڙو ٿيو، جو اهي اوزار مقرر عمل موجب ڌار ٿي نه سگهيا، تنهنڪري جڏهن جهاز زمين جي فضا ۾ داخل ٿيو ته ڦاٿل اوزارن سبب بريڪ صحيح نموني نه لڳو ۽ جهاز لڏڻ لڳو. اها ڪنبڻي ايتري ته زوردار هئي، جو يوري کي ايئن لڳو ته هو بي هوش ٿي ويندو. نيٺ زبردست گرمائش اها تار ساڙي ڇڏي، جنهن جي ڪري اهي اوزار ڦاٿل هئا. تڏهن وڃي ڪنبڻي ختم ٿي، ۽ يوري جي پيٽ ۾ ساهه پيو. ان خرابي سبب يوري پنهنجي جاءِ مان ٻاهر نڪتو. هو ڪافي بلندي تي هو، پر پيراشوٽ کيس حفاظت سان زمين تي لاٿو.
هيڏانهن آمريڪا ۾ رات جو هڪ لڳي ستن منٽن تي آمريڪي ريڊار اسٽيشن کي معلوم ٿيو ته روسين هڪ راڪيٽ ڇڏيو آهي. 15 منٽن کان پوءِ الاسڪا جي آمريڪي چوڪي ۾ اها ڳالهه ٻولهه ٻُڌي هئي، جيڪا روسي خلاباز پنهنجن زميني ساٿين سان ڪري رهيو هو. پوءِ صبح جو ريڊيو ماسڪو وڏي فخر سان اهو اعلان ڪري رهيو هو ته ‘سو ويت يونين’ دنيا جو پهريون انسان خلا ۾ پهچائي ڇڏيو. اعلان کان پوءِ هڪ آمريڪي صحافي، پنهنجي خلائي اداري ناسا جي هيڊ آفيس فون ڪئي، هن ناسا جي علمدارن جو رد عمل ڄاڻڻ ٿي چاهيو. ناسا جي پريس آفيسر صحافي کي دٻ پٽيندي چيو، ”ڪير آهين تون ۽ توکي خبر ڪونهي ته هت سڀ سُتا پيا آهن.“
ان صحافيءَ ٻي ڏينهن اخبار ۾ هيڊنگ لڳائي، ”روسين انسان کي خلا ۾ پهچائي ڇڏيو، پر ناسا جو ترجمان چوي ٿو ته: آمريڪا سُتو پيو آهي.“
يوري گيگرين، ڏکڻ روس جي هڪ ڳوٺ ”سيلووڪا“ جي ڀرسان لٿو. اتي جي ڳوٺاڻن کيس دشمن جو جاسوس سمجهيو، پر يوري کين يقين ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته هو سندن ئي ديس ڀائي آهي. جلد ئي فوجي دستو به اُتي اچي پهتو. يوريءَ دستي جي سربراهه کي سلوٽ ڪندي چيو، ”ڪامريڊ ميجر ـ يو ـ ايس ـ ايس ـ آر خلاباز سينيئر ليفٽنينٽ گيگرين رپورٽنگ.“
آفيسر مرڪندي چيو، ”اڙي يار! تون به ميجر بڻجي چڪو آهين. حڪومت اُڏام جي دوران توکي ترقي ڏئي ڇڏي.“
يوري کي پوءِ هيلي ڪاپٽر ۾ نيو ويو. اتي سندس طبي تپاس ڪئي وئي. پوءِ هن هڪ ڏينهن آرام ڪندي گذاريو: پوءِ هو ماسڪو پهتو جتي هو پنهنجي فخرمند والدين، زال ۽ ٻارن سان مليو.
ٽيپهري جو هو ’لينن عجائب گهر‘ جي چبوتري تي پهتو. جتي روسي صدر ’نڪيتا خروشيف‘ ۽ ڪيترن سون ماڻهن سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. يوريءَ اتي ڏاڍي من موهيندڙ تقرير ڪئي ۽ ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون. روسي عوام گهڻو خوش هو. هنن انهن تاريخي گهڙين مان وڏو لطف ماڻيو. ڇو ته هڪ انسان آسمانن تي وڃي پهتو هو ۽ اهو انسان روسي هو.
يوري گيگرين نه رڳو روسين، پر سڄي دنيا جي ماڻهن کي پنهنجي من موهيندڙ مرڪ ۽ مهذب طور طريقن سان متاثر ڪيو. هو جديد خلائي دور جي هيري جي حيثيت سان يورپ، ڪئناڊا ۽ پوءِ ڪيوبا تائين ويو. واپسي وطن اچڻ کان پوءِ حڪومت کيس تجرباتي اُڏامن لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو.
27 مارچ 1968ع تي يوري هڪ مگ جهاز ۾ معمول جي اڏام تي ويو، پر خراب موسم سبب جهاز ڪري تباهه ٿي ويو. يوري پنهنجي جان بچائي نه سگهيو. هو ڪجهه ڏينهن اڳ ئي 34 سالن جو ٿيو هو. جيتوڻيڪ کيس تمام مختصر زندگي ملي، پر کيس اهو منفرد اعزاز حاصل رهندو ته هو خلا ۾ پهچندڙ پهريون انسان هو.

جمال عبدالناصر جي ڪهاڻي

مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به سُک ۽ اطمينان جو ساهه نه کنيو آهي، جدوجهد منهنجي زندگيءَ جو ٻيو نالو آهي. هوش سنڀالڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، مون ڪيترائي ڏک، اهنج ۽ تڪليفون سٺيون آهن. آئون 1918ع ۾ اسڪندريه جي ويجهو هڪ ڳوٺ ”بيني مود“ ۾ پيدا ٿيس. جنهن زماني ۾ مون هن دنيا ۾ اک پٽي، ان وقت منهنجو ملڪ ڏاڍي خراب حالت ۾ هو. وطن جي پاڪ ۽ پوترسر زمين تي ظلم ۽ بربريت جي حڪمراني هئي. بُک ۽ بيروزگاريءَ جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. سڄو مصر ٻٽي مصيبت ۾ مبتلا هو. هڪ طرف پاشائن جو ظلم هوته ٻي پاسي برطانوي سامراج جي پرماريت هئي. مصر جو نوي سيڪڙي کان به وڌيڪ آبادي فاقن ۾ مبتلا هئي. دنيا جو سڀ کان اوچو ۽ اعليٰ ڪپهه پيدا ڪرڻ وارا سٺي لباس کا محروم هئا.
منهنجو پيءُ عبدالناصر حسين ”بيني مود“ ۾ سڀ پوسٽ ماستر هو. جڏهن مون هوش سنڀاليو ته منهنجي ماسيءَ مون کي ڏاڍي پيار ۽ اُڪير مان ٻڌايو ته جنهن ڏينهن تون پيدا ٿيو هئين، ان ڏينهن سندس ڀيڻ يعني منهنجي ماءُ جو چهرو ايئن پي ٻهڪيو، ڄڻ سج جي روشنيءَ ۾ وهتو هجي، کيس منهنجي جنم جي تاريخ يعني 15 آڪٽوبر ان واقعي جي ڪري چٽي طرح ياد هئي، جڏهن هن مون سان مٿين ڳالهه ڪئي ته اهو 1926ع جو زمانو هو. ان مهل آئون اسڪول وڃي رهيو هوس ته ڪنهن مون کي ٻڌايو ته منهنجي مٺڙي امڙ گذاري وئي آهي. اهو ٻڌي منهنجي اکين جا بند ڀڄي پيا. امڙ جي وڇوڙي جي غم آئون اڃا سوڌي وساري نه سگهيو آهيان. جيتوڻيڪ منهنجي دل ۽ دماغ ۾ سندس مامتا جي تصوير ايتري گهٽ وهيءَ ۾ اڀري نه سگهي هئي. وقتي طور تي منهنجي ماسيءَ جي لفظن منهنجي اندر ۾ اُلا ٻاري ڇڏيا هئا.
1930ع ۾ ’هائير سيڪنڊر‘ جي امتحان کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته نهر سيئز جي علائقي ۾ برطانوي سامراج جي بربريت مصري رهاڪن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. سڄي اُپت تي واپاري قوم غاصباڻو قبضو ڪري چڪي هئي ۽ جيڪو ڪجهه مصر جي خزاني ۾ ايندو هو، اهو نالي ماتر هو ۽ سو به ”شاهي محلات“ ۽ عياشي جي لاءِ هليو ويندو هو. منهنجا سنگتي مون کي شرميلو ۽ اٻوجهه تصور ڪندا هئا. پر وطن جي درد ۽ هم وطنن جون تڪليفون مون کان ڏٺيون ڪو نه ٿي ٿيون ۽ مون سياسي پارٽين جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. پنهنجي قوم جي ڀلائي ۽ بهتريءَ جي ڪوشش جي نتيجي ۾ مون کي جيل جي لوهي سيخن پويان ڌڪيو ويو. جيل ۾ وڃي مون محسوس ڪيو ته اها جانورن جي طنبيلي کان به بڇڙي جاءِ آهي. جيل ۾ هئڻ جي دوران مون قيدين جي شعور ۽ احساس جي انهن جذبن کي جنجهوِڙڻ ۽ جاڳائڻ شروع ڪيو، جيڪي ڪنهن زندهه قوم جي لاءِ ضروري آهن . جيل جي اندر مليل تڪليف منهنجي لاءِ رهبريءَ جو ڪم ڪيو ۽ آءٌ سياست کي ڇڏڻ بدران وڌي چڙهي ان ۾ حصو وٺڻ لاءِ بي تاب ٿي ويس.
جيل مان نڪرڻ کان پوءِ مون ”ملٽري ڪاليج“ ۾ داخلا جي لاءِ درخواست ڏني. پر منهنجي اها درخواست رد ڪئي وئي. اهو هڪ يادگار انٽرويو هو، جيڪو مون فوجي اڪيڊميءَ جي ڪائونسل ۾ ڏنو هو. برطانوي فوجي آفيسر به ان ڪائونسل ۾ موجود هئا. مون کان جيترا به سوال پڇيا ويا، مون انهن جا صحيح جواب ڏنا. انٽرويو بورڊ مون کان هي سوال به پڇيو ته مون 1935ع جي مظاهرن ۾ حصو ورتو هو؟ ظاهر آهي ته مون کان ڪوڙ ڳالهائڻ نه پُڳو. ڪوڙ کان مون کي ايتري ئي نفرت آهي، جيتري انتظار کان. مون ‘هاڪار’ ۾ جواب ڏنو. بورڊ مون کان پڇيو ته تون امير آهين يا نه؟- اڳ ۾ تنهنجي ڪٽنب مان ڪو ٻيو شخص فوج ۾ آفيسر ٿي گذريو آهي يا نه؟ انهن سڀني سوالن جو مون وٽ جواب ”نه“ ۾ هو. بهرحال مون جهڙي ڇهن فوٽن واري هڏ ڪاٺ واري نوجوان کي رڳو ان ڪري داخلا نه ڏني وئي ته آئون 1935ع ۾ برطانوي شهنشاهيت جو خلاف مظاهرن ۾ حصو وٺڻ سبب جيل جي هوا کائي چڪو هوس.
ان انٽرويو جي انجام کان با خبر ٿي، مون قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڏني، پر جلد ئي مون محسوس ڪيو ته لاقانونيت ۽ شهنشاهيت جو هن دور ۾ قانون جو ماهر ٿي، بنا مفاد جي خدمت ڪري نٿي سگهجي. ان عرصي دوران مون کي پنهنجي ضمير جو خون ڪرڻو پوندو. آئون ٻيو سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار هئس، پرضمير کي قتل ڪرڻ جي ليڪ منهنجي هٿ ۾ شروع کان ئي نه هئي. ٻه سال ٻيا به گذري ويا ۽ 1938ع منهنجي زندگيءَ ۾ داخل ٿي ويو. آئون قانون جي تعليم هڪ سال اڳ حاصل ڪرڻ ڇڏي، ملٽري ڪاليج ۾ داخلا وٺي چڪو هئس. نئين سال منهنجي لاءِ نئون لباس آندو. اهو لباس سيڪنڊ ليفٽينٽ جو يونيفارم هو. وقت جو ڪئلينڊر هڪ هڪ مهينو ڪري مهيني ۽ سال جا صفحا اهڙي طرح ورائيندو ويو، جيئن سُڪل وڻ، سڪل پنن کي ڪيرائي ڇڏيندا آهن.
مصري عوام اڃا به زندگي جي هڻ وٺ ۾ غلامن وانگر ڦاٿل هئي. نه انهن کي ڳالهائڻ جي ۽ نه ئي وري ٻولهائڻ جي موڪل هئي. نه ئي وري هو سُکي زندگي گذاريندا هئا. هو هڪ اهڙي جيل جا باندي هئا، جنهن ۾ هو صبح ۽ شام محنت ۽ مزدوري ڪرڻ کان پوءِ شام جو رکو سکو ٽڪر ڀور کائي سمهي پوندا هئا.
جنگ جا ڪارا ڪڪر هڪ ڀيرو ٻيهر يورپ جي فضائن تي ڇانئجي ويا. هڪ جنگ ان وقت شروع ٿي هئي، جڏهن آئون ڄائو هئس ۽ ٻي جنگ وري ان وقت شروع ٿي هئي، جڏهن مون ۾ جوانيءَ جو احساس جاڳيو هو. برطانوي حڪمرانن سڄي مصر کي ڪوڙا واعدا ۽ ڏٽا ڏئي، پاڻ سان جنگ ۾ شامل ڪيو هو، جرمنيءَ جو هٽلر ۽ اٽلي جو موليني شينهن وانگر گرجي رهيا هئا. مصر انهن جي لاءِ قرباني جو ٻڪرو هو.
آئون به ان جنگ ۾ شامل هئس، ڪيپٽن جمال عبدالناصر جي حيثيت سان نه پر هڪ سواليءَ جي حيثيت سان، جنهن سان وعدو ڪيو ويو هو ته جنگ جيتڻ کان پوءِ مصر کي خوشحالي، شادابي ۽ سر سبزي جي چشمن ۾ وهنجاريو ويندو. پر انهن وعدن کي وفا ڪرڻ جي بدران انگريزن سازش ڪري فلسطين جو سر زمين کي يهودي پرمارن جي حوالي ڪري هڪ مستقل مصيبت کڙي ڪري ڇڏي. مون کي انگريزن جي وعدن ايترو ته خوش فهميءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو، جو مون ”الامين“، جو مورچو فتح ڪندي موت ۽ زندگيءَ کي هڪ جهڙو قرار ڏنو. ان مورچي جي فتح جو سهرو منهنجي مٿي تي ٻڌندي، مون کي ميجر بڻايو ويو. ظاهري طرح اهو هڪ وڏو فوجي اعزاز هو. منهنجي ڪلهن تي تارن جي جاءِ تي تاج لڳايو ويو. پر جڏهن انگريز پرمارن فلسطين جي مسئلي تي پنهنجي بي ايمانيءَ جو ثبوت ڏنو ته مون قاهره جي رستن تي پنهنجي فوجي وردي ڦاڙي، ان کي ٿڏا هنيا. ماڻهو ان منظر کان ڏاڍو متاثر ٿيا ۽ منجهن برطانوي سامراج خلاف نفرت ۽ حقارت جا جذبا جاڳيا.
ان بي ايمانيءَ منهنجا قدم پنهنجي اباڻي شهر بدران، فلسطين جي ميدان ڏانهن موڙي ڇڏيا. جتي مون ۾ جنون جي حد تائين پنهنجي زندگي قربان ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيو. مون کي ذلت جي زندگي کان نفرت آهي، مون ۾ انصاف جو خون ٿيندي ڏسڻ جي ڪڏهن به همت نه رهي آهي. صيهوني درندن سان وڙهندي مون ڪڏهن به نرمي کان ڪم نه ورتو ۽ نتيجو اهو نڪتو ته منهنجي کاٻي ڪلهي ۾ هڪ اسرائيلي سپاهي جي گولي اچي لڳي، گهڙي کن لاءِ مون ايئن محسوس ڪيو ته منهنجي سڄي جسم ۾ باهه گهڙندي پئي وڃي. مون نفرت مان ان گوليءَ کي ڪڍي ڦٽو ڪيو. عرب قومپرستيءَ جو جنون مون ته ايمان جي جذبي وانگر سوار هو، جيڪو مون کي جان جي قرباني ٿي ڀڙڪائي رهيو هو. بهرحال گوليءَ منهنجي اعصابن تي ايترو ته اثر ڪيو، جو نيٺ منهنجي ساٿين مون کي زبردستي اسپتال داخل ڪيو.
فلسطين کي يهودين جي قبضي مان آزاد ڪرائڻ جي لاءِ عرب فوج اها ڳالهه چڱي طرح محسوس ڪئي ته وٽن جديد هٿيارن جي سخت کوٽ آهي. ان لاءِ مصري فوج ۾ هڪ اهڙي جماعت جو بنياد رکيو ويو، جنهن کي ”آزاد آفيسرس“ جو نالو ڏنو ويو. اسپتال ۾ علاج جي دوران آئون لڳا تار عربن جي آئيندي جي باري ۾ سوچيندو رهيس. مصر جي غريب عوام ۽ مسڪين هارين جي خراب حالت منهنجي ڄڻ ننڊ ڦٽائي ڇڏي هئي. ”نهر سئيز“ جي علائقي ۾ برطانوي سامراج جون من مستيون ڪينسر جي مرض وانگر پکڙجي چڪيون هيون ۽ ان ڪينسر جو آپريشن ڪرڻ جي لاءِ ”آزاد آفيسرن جي انقلابي ڪائونسل“ جنرل نجيب جي اڳواڻي ۾ شاهه فاروق کي تخت تان لاهي، 1952ع ۾ ايڪيهن توپن جي سلامي ڏئي رومي سمنڊ جي خوبصورت ٻيٽ ”ڪاپيري“ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو .
شاهه فاروق ڪڏهن به پنهنجي عوام جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ڪو قدم نه کنيو. مصري عوام اٽي، لٽي ۽ اجهي لاءِ پريشان هئي، پر شاهه فاروق ”شاهي محل“ ۽ دنيا جي سهڻن ۽ مهنگن هوٽلن ۾ عيش ۽ عشرت ۾ مشغول هو. خود کيس اهو احساس هو ته هڪ ڏينهن کيس شاهي محل مان ڌڪي ڪڍيو ويندو ۽ سندس مٿي تي رکيل تاج ڪک پن تي اڏامي ويندو. هو چوندو هو، ”دنيا ۾ فقط ٻه بادشاهه رهندا، هڪ برطانيا ۾ ۽ ٻيو تاش تي پتن تي.“ ۽ شايد هن ان ڏينهن جي لاءِ سڀئي خوشيون هڪ ئي ڏينهن ۾ ماڻڻ ٿي چاهيون. بهرحال، شاهه فاروق جي عياشي جو جيڪو رد عمل ٿيو، سو هر جابر ۽ غاصب حڪمران لاءِ هڪ اڻ وسرندڙ سبق آهي. هيءَ دنيا عمل جي جاءِ آهي برائي ۽ ڀلائي جو بدلو هر ماڻهو کي، موت کان اڳ هن ئي جهان ۾ ملي وڃي ٿو.
ٻه سال ٻيا گذري ويا، جنرل نجيب به ان درد جي دوا ڳولهي نه سگهيو، جنهن سان پيداوار مصر صحتياب ٿي سگهي. نيٺ 1956ع ۾ کيس ذميوارين تان آجو ڪري مصري عوام وزير اعظم عهدو منهنجي حوالي ڪيو. وزير اعظم جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ مون ”قصر الڪونج“ ۾ رهڻ جي بدران، قاهره ۾ ٺهيل هڪ ننڍي جديد قسم جي گهر ۾ پنهنجي زال ۽ پنجن ٻارن سميت رهڻ شروع ڪيو. منهنجي ضمير مون کي ان ڳالهه جي اجازت نه ٿي ڏني ته منهنجي ملڪ جو عوام اٽي، لٽي ۽ اجهي کان محروم هجي ۽ آئون عيش عشرت سان محل ۾ رهان. منهنجي ٻنهي ڌيئرن بدي ۽ مونا، منهنجي زال طحيه ۽ ٽنهي پٽن خالد، عبدالحڪيم ۽ عبدالڪريم به محلن جي زندگيءَ کي پسند نه ڪيو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ نوانوي سيڪڙو ووٽن جي اڪثريت سان مون کي مصر جي جمهوري حڪومت جو صدر چونڊيو ويو. هن قسم جو اعزاز ڪنهن به جمهوري چونڊ ۾ اڳ ۾ ڪنهن ٻي شخص کي نه مليو هو. ڪجهه ماڻهن مون کي ڪميونسٽ قرار ڏنو، ڇو ته مون مصر کي اهڙو آئين ڏنو، جيڪو عوام کي اعليٰ قدرن جو تاجدار بنائڻ جو پيش خيمو هو. آئون اها ڳالهه چٽي ڪرڻ گهران ٿو ته آئون نه ڪميونسٽ آهيان ۽ نه ئي وري روسي ڪميونزم جو قائل آهيان. مصري سوشلزم ۽ روسي ڪميونزم ۾ وڏوفرق آهي. منهنجو مقصد مصر جو عوام جي خوشحالي ۽ عرب اتحاد کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.
”نهر سئيز“ ۽ ان جو مسئلو منهنجي زندگي جي شروعات کان وٺي منهنجي ڌيان جو مرڪز رهيو آهي. 1935ع ۾ مون کي ان ئي سلسلي ۾ جيل جي هوا کائڻي پئي، هاڻ جڏهن آئون مصر جي سڀني طاقتن جو مرڪز بڻجي ويو هوس ته ان سال يعني 1956ع ۾ مون ”نهر سئيز“ کي پرڏيهي قبضي ۽ اقتدار مان ڪڍي عوام جي هنج ۾ وجهي ڇڏيو. ان واقعي سڄي دنيا ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏي. انصاف پسند قوتن ان جو آڌر ڀاءُ ڪيو. جواهر لال نهرو ۽ مارشل ٽيٽو خوشيءَ مان نعرا هنيا. پر آمريڪا جي هُشيءَ تي فرانس، برطانيا ۽ اسرائيل مصر تي حملو ڪري، ان فيصلي کي واپس وٺڻ تي مجبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر آئون جبل جيان فيصلي تي اٽل رهيس. جنگ جي دوران مصري عوام کي گهڻين تڪليفن ۽ ڏکن کي منهن ڏيڻو پيو. تنهن هوندي به هنن هيڻي نه ٻولي. ۽ ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ حملو ڪندڙ سپاهين پنهنجن پنهنجن ملڪن جي فوجي بئرڪن ۾ شرم ۽ ڦڪائيءَ جي ڪري منهن لڪائڻ لاءِ مصر جا مورچا خالي ڪري هليا ويا. نهر سئيز کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ ڪنهن به صورت ۾ بين الاقوامي ڏوهه نه هو. اسان پنهنجي زمين تان پرڏيهي آفائن کي ڪڍي، ان کي پنهنجي سنڀال هيٺ آندو. ان قدم سان مصر کي گهڻي حد تائين اقتصادي مشڪلاتن کان ڇوٽڪارو ملي ويو.
”اسوان بند“ جي اڏاوت جي رٿا جيتوڻيڪ سؤ سيڪڙو منهنجي ذهن جي پيدوار نه آهي، پر تنهن هوندي به ان جي ٺاهڻ جي رٿا ۾ منهنجو ٿورو گهڻو حصو پتي ضرور آهي. آمريڪا ۽ ٻين سامراجي طاقت اُن رٿا جي لاءِ قرض جي صورت ۾ مالي ۽ مادي امداد ڏيڻ جي باوجود به بيوفائي جو ثبوت ڏنو. پر 1958ع ۽ روسي حڪومت، مصر جي مدد لاءِ تيار ٿي وئي. ان بند جي اڏاوت سان مصر جي پندرهن لک ايڪڙ زمين آباديءَ جي لائق ٿي ۽ لکين گهرن ۾ بجليءَ جا بلب ٻرڻ لڳا.
سوڊان کي آزاد ڪرڻ ۽ هڪ خود مختيار ملڪ ٺاهڻ جي لاءِ مون جيڪو قدم کنيو، مون کي خوشي آهي ته مصر جي ڪنهن به سياسي ڌر ان جي مخالف نه ڪئي، ايئن ڪنهن هل بکيڙي کان سواءِ ٻيئي ملڪ سدائين جي لاءِ هڪٻئي جا ساٿاري بڻجي ويا. پوءِ مون شام ۽ مصر جي وفاق لاءِ جدو جهد ڪئي، پر منهنجو اهو سپنو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سپنو ئي رهجي ويو. مون کي سڄي زندگي ايترو ڏک ڪڏهن به نه ٿيو هو، جيترو ان جي ٽٽڻ جي خبر ٻڌڻ سان ٿيو.

ذوالفقار علي ڀُٽي جي آخري رات

(جنرل ر) ڪي ـ ايم ـ عارف، جنرل ضياالحق جو ويجهو ساٿي هو. سندس چواڻي گهڻا ماڻهو کيس جنرل ضياالحق جو وزير اعظم سمجهندا هئا. 1988ع ۾ جنرل ضياالحق جي فضائي حادثي ۾ مري وڃڻ کان پوءِ، هن پنهنجي يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب WORKING WITH ZIA جي نالي سان لکيو. جنهن ۾ هن 1977ع کان وٺي 1988ع تائين پاڪستان جي اقتداري ايوانن ۾ ڇا ٿيو، جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ڪي اهم انڪشاف به ٿيل آهن. جڏهن اهو ڪتاب ڇپيو ته ان تي ڪافي تبصرا ۽ بحث مباحثا به ٿيا هئا. مون کي ڊاڪٽر مبارڪ علي جا لفظ ياد پيا اچن ته ”اڪثر رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ جنرل ۽ بيورو ڪريٽ پنهنجون آتم ڪهاڻيون لکي، واقعن ۽ تاريخ کي ٽوڙي مروڙي پنهنجي حق ۾ ۽ پنهنجي طريقي سان لکندا آهن.“ انهن لفظن جي روشنيءَ ۾ جنرل عارف جي ڪتاب ۽ ان ۾ ذڪر هيٺ آيل واقعن تي اڻ ڌريو قرار ڏئي، کيس انهن واقعن کان آجو قرار نٿو ڏئي سگهجي. ڇو ته هو به 5 جولاءِ 1977ع جي رات هڪ جهڙي تهڙي، پر جمهوري حڪومت جي خاتمي جي عمل ۾ برابر جو شريڪ هو.
هن ڪتاب ۾ ٻين ڪيترن ئي دلچسپ واقعن ۽ ڳالهين سان گڏ ذوالفقار علي ڀٽي بابت هڪ سڄو سارو باب The Tracgic End (دکدائڪ پُڄاڻي) جي نالي سان ڏنل آهي. جنهن ۾ هن ٻين ڳالهين سان گڏ ذوالفقار علي ڀٽي جي زندگي جي آخري رات 4 اپريل 1979ع کي نهايت دلچسپ نموني لکيو آهي. جيتوڻيڪ ڀُٽي جي آخري رات بابت ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون بحث هيٺ اينديون رهيون آهن، جن ۾ هڪ اها به آهي ته ان رات مٿس ايترو ته تشدد ڪيو ويو، جو هن جو روح پرواز ڪري ويو هو ۽ کيس فارملٽي پوري ڪرڻ جي لاءِ ڦاسي ڏني وئي هئي. هيٺ ان ڪتاب جي صفحي 298 کان 300 تائين جو ترجمو ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي آخري رات جي روئداد بيان ڪئي وئي آهي. (سنڌيڪار)
مسٽر ڀٽي کي جنهن مهل سندس موت خبر ٻڌائي وئي، ان گهڙي کان وٺي، زندگيءَ جي آخري گهڙي تائين کيس سخت نگراني ۾ رکيو ويو. ڊپ اهو هو ته متان هو جذبات ۾ اچي ڪا اهڙي حرڪت نه ڪري وجهي، جنهن جي ڪري افسوس نه ڪرڻو پئجي وڃي.
مسٽر ڀٽي جي گهرواري ۽ ڌيءَ (نصرت ڀٽو ۽ بنظير ڀٽو) 3 اپريل 1979ع تي شام جو ٽين وڳي تائين وٽس رهيون. شام جو ساڍي ڇهين بجي جيل سپرنٽيڊنٽ هڪ شاهد سان گڏ ڀٽي کوليءَ ۾ ويو. هنن ڏٺو ته هو فرش تي هڪ ڀت سان ٽيڪ ڏيو ويٺو هو. کانئس پڇيو ويو ته ڇاڪاڻ ته کيس صبح جو ڦاسي ڏني ويندي، تنهنڪري هو پنهنجي آخري خواهش ٻڌائڻ پسند ڪندؤ، پنهنجي خواهش ۽ وصيت لکائڻ پسند ڪندؤ؟ مسٽر ڀٽي ارادو ظاهر ڪيو ته هو ذاتي طور تي پنهنجي خواهش ۽ وصيت لکڻ ٿو چاهي. تنهنڪري کيس لکڻ جي لاءِ گهربل سامان ڏنو ويو. هن شڪايت ڪئي ته کيس ”موت جي سزا“ جو لکت ۾ حڪم نه ڏيکاريو ويو آهي. سپرنٽيڊنٽ کيس ٻڌايو ته اهو حڪم پهچي چڪو آهي ۽ قانون موجب جن ڏوهارين کي موت جي سزا ملي چڪي هوندي آهي، تن کي پنهنجا ڪاغذ ڏسڻ جو حڪم ڪونهي. مسٽر ڀٽي خواهش ظاهر ڪئي ته هو مسٽر عبدالحفيظ پيرزادي ۽ ڪجهه ٻين مٽن مائٽن سان ملڻ ٿو چاهي. کيس ٻڌايو ويو ته هاڻ ايترو وقت ڪونهي، ۽ وڌيڪ ملاقاتون ممڪن نه آهن. تنهن کان پوءِ هن شيو ڪرڻ جو سامان گهريو. ان ڳالهه ٻولهه دوران هو نارمل رهيو ۽ ڪنهن به پريشاني يا بي چينيءَ جو اظهار نه ڪيائين. سپرنٽيڊنٽ وٽس اڌ ڪلاڪ رهيو. جڏهن هو هليو ويو ته مسٽر ڀٽو اٿي بيٺو ۽ هلڻ چاهيائين، پر ٿڙڻ لڳو، تنهن کان پوءِ هن پنهنجي مشقتي عبدالرحمٰن کي سڏ ڪيو ۽ شيو ڪرڻ لاءِ پاڻي گرم ڪرڻ جو چيو ۽ چوڻ لڳو ”آئون ڏاڙهي واري ملان جهڙو موت مرڻ نٿو چاهيان.“
شام جو ست لڳي 27 منٽن تي هن ڪافيءَ جو ڪوپ پيتو ۽ شيو ڪئي، تنهن کان پوءِ رات جو اٺ لڳي پنجن منٽن تي ڪافي جو ٻيو ڪوپ پيتائين، تنهن کان پوءِ اوچتو سندس خود اعتمادي موڪلائي وئي، ۽ هن بي مقصد چئني طرفن ڏسڻ شروع ڪيو ۽ ٻارن جيان وڏي آواز ۾ روئڻ لڳو ۽ عبدالرحمٰن کان معافي گهرڻ لڳو ۽ چيائينس ”مون کي جلد ڦاسي ڏني ويندي“ ان بعد اٺ لڳي پندرهن منٽن کان وٺي نو لڳي چاليهن منٽن تائين رات جو ڪاغذ جي هڪ ٽڪري تي ڪجهه لکندو رهيو. ايئن پي لڳو سندس ذهن ۾ خيالن جو ميڙ ڊوڙي رهيو هو ۽ ذهني طور تي پريشان به آهي، پوءِ هن ميز تي شين کي ترتيب سان رکڻ ۽ وري انهن جي ترتيب ڦٽائڻ لڳو. هن اهو عمل ڪيترائي ڀيرا ورجايو. نو لڳي 55 منٽن تي هن ڏندن کي برش ڪيو. تنهن کان پوءِ سندس حرڪتون وڌيڪ بي ترتيب ٿي ويون. رات جو ڏهين بجي هن ڪاغذ جي هڪ ٽڪري سان پنهنجي کولي ٻهارڻ شروع ڪئي. تنهن بعد ڄڻ سندس اعتماد ٻيهر بحال ٿي ويو. هو بستري تي ليٽي پيو ۽ ڀت سان لڳو رهيو. رات جو ڏهين بجي کان يارهين لڳي پنجن منٽن تائين هو ٻيهر ڪجهه لکندو رهيو. هڪ ڀيري هن وارڊن کان پڇيو ته، ”کيس ڦاسي ملڻ ۾ اڃا ڪيتري دير آهي؟“
ان کان پوءِ مسٽر ڀٽي، ان وقت تائين جن ڪاغذن تي لکيو هو، انهن کي گڏ ڪري ساڙي ڇڏيو. هن عبدالرحمٰن کي سڏ ڪري چيو ته کولي صاف ڇڏ، سندس منهن لٿل هو. هو بستري تي ليٽي پيو ۽ اکيون ٻوٽي ڇڏيائين ايئن لڳو ڄڻ ستل هجي.
يارهن لڳي 59 منٽن تي ڊپٽي سپرنٽيڊنٽ سندس کوليءَ ۾ آيو ۽ مسٽر ڀٽي کي سڏ ڪيائين، پر ڪا به ورندي نه مليس ته هن ٽيلي فون جي ذريعي جيل جي سپرنٽيڊنٽ کي واقف ڪيو، جيڪو ٿوري ئي دير ۾ جيل جي ڊاڪٽر مئجسٽريٽ بشير خان سان گڏ اتي پهچي ويو. ڊاڪٽر مسٽر ڀٽي جي تپاس ڪئي ۽ چيو ته طبي لحاظ کان هو بلڪل فٽ آهي. مئجسٽريٽ کيس ٻانهن مان جلهي لوڏيو ته هو جاڳي پيو. مئجسٽريٽ پنهنجو تعارف ڪرائيندي پڇيس ته ڪا وصيت ڪرڻي اٿئي. مسٽر ڀٽو جيتوڻيڪ جسماني طور تي ڪمزور هو، پر ذهني لحاظ کان چست ۽ چاڪ هو. اهو ٻڌي هن هوريان هوريان چيو، ”وصيت ته ڪتابن ۾ لکي ويندي.“
جيل جي سپرنٽيڊنٽ هڪ ڀيرو ٻيهر ڊاڪٽر کي مسٽر ڀٽي کي تپاسڻ لاءِ چيو. تفصيلي تپاس کان پوءِ ڊاڪٽر ٻڌايو ته ”هو بلڪل فٽ آهي ۽ موت جي سزا جي ڊپ سبب صدمي واري ڪيفيت ۾ آهي.“
پوءِ چوٿين اپريل جي صبح جو هڪ لڳي 45 منٽن تي جيل سپرنٽيڊنٽ هڪ مئجسٽريٽ، جيل جي ڊاڪٽر ۽ جيل جي ٻن اسٽريچر بردارن سان گڏ کوليءَ ۾ گهڙيو. هن ڏٺو ته مسٽر ڀٽو پنهنجي بستري تي بي حس ۽ حرڪت ليٽيو پيو هو. مئجسٽريٽ کانئس هڪ ڀيرو ٻيهر پڇيو ته: ”هو ڪا وصيت ڪرڻ ٿو چاهي“ جواب ۾ هن ڪمزور ۽جهيڻي آواز ۾ چيو، ”مون ڪوشش ته ڪئي هئي، پر منهنجا خيال ايترا ته پريشان هئا، جو آئون اها ڪري نه سگهيس ۽ پوءِ مون اها وصيت ساڙي ڇڏي.“ کانئس پڇيو ويو ته هو ڦاسي جي تختي تائين پاڻ هلڻ چاهيندو يا کيس کڻي اتي پهچايو وڃي. ان جو ڪو به جواب نه مليو. ٿوري دير کان پوءِ هن چيو، ”افسوس جو منهنجي گهرواري به مون کي جيل ۾ ڇڏي هلي وئي.“ اهو منظر بي حد ڏکوئيندڙ هو. اهو مسٽر ڀٽي جي هنگامه خيز زندگي جو ائنٽي ڪلائمڪس چئي سگهجي ٿو.
مئجسٽريٽ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي سڏ پڇيو، ”هو ڪا وصيت ڪرڻ چاهي ٿو.“ جواب ۾ مسٽر ڀٽي ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو، ”هو اها لکائڻ ته چاهي ٿو، پر سندس ذهني حالت ان ڳالهه جي موڪل نه ٿي ڏي ته هو ٺيڪ طريقي سان سوچي سگهي.“ وقت تيزيءَ سان گذري رهيو هو ۽ ”موت جي سزا“ جي گهڙي اچي پهتي هئي. سپرنٽيڊنٽ هڪ ڀيرو ٻيهر پڇيس ”هو پاڻ هلندو يا کيس کڻي پهچايو وڃي.“ جڏهن ڪو به جواب نه مليوته سپرنٽيڊنٽ پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڪيو ته هو مسٽر ڀٽي کي کڻن. چئن ڄڻن گڏجي مسٽر ڀٽي کي کڻڻ چاهيو ته هن چيو. ”مون کي ڇڏي ڏيو.. مون کي ڇڏي ڏيو.“
چار ئي ڄڻا کيس اڱڻ ۾ کڻي آيا، کيس اسٽريچر تي ليٽائي سندس هٿ ٻڌا ويا. پوءِ کيس ڦاسي گهاٽ ڏانهن نيو ويو. لڳو ايئن پي ته مسٽر ڀٽو پنهنجي کوليءَ کان وٺي ڦاسي گهاٽ تائين هلڻ جي قابل نه هو. رستي ۾ هن ڪجهه به نه ڳالهايو. اسٽريچر کي ڦاسي گهاٽ کان ڪجهه اورتي رکيو ويو ۽ کيس اسٽريچر تان لاٿو ويو . هو بيهي رهيو ۽ جيل اسٽاف ڪجهه ڏاڪڻيون چڙهڻ ۾ سندس مدد ڪئي. هو ڦاسي جي تختي تي اڪيلو بيٺو هو، کيس ڪو به جهلي نه بيٺو هو، جڏهن ڦاسيءَ جو ڦندو هن جي ڳچيءَ ۾ وڌو ويو ۽ ٽوپي پئي چاڙهي وئي ته مسٽر ڀٽي بڙ بڙائيندي چيو، ”هن کي هٽايو، پري ڪيوس.“
اپريل مهيني جي ان اداس ۾ غمگين رات تي ماٺار ڇانيل هئي. سپرنٽيڊنٽ جيل جو ڊاڪٽر ڊيوٽي تي موجود ڪجهه ماڻهو اهو آخري منظر ڏسندي حيران ۽ خاموش بيٺا هئا. جيئن ئي ٻه وڳا، ليور ڇڪيو ويو، هڪدم ڪاٺ جا تختا ڌار ٿي ويا مسٽر ڀٽو ڦاسي جي ڦندي ۾ جهولڻ لڳو. ڪجهه دير کان پوءِ ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر اعلان ڪيو ته ”مسٽر ڀٽي جو روح پرواز ڪري چڪو آهي..خدا سندس روح کي سڪون عطا فرمائي.“ (آمين)

راڻي وڪٽوريا ۽ منشي عبدالڪريم

برطانيا جي راڻي وڪٽوريا جي محل ۾ ڪيترائي ايشيائي ملازم هئا، جن مان محمد بخش ۽ عبدالڪريم گهڻو مشهور ٿيا. اهي ٻئي 23 جون 1887ع تي راڻيءَ جي گولڊن جوبلي جي تقريب ۾ ڀرتي ڪري اسڪاٽ لينڊ ۾ موجود شاهي محل بالمورل BALMORAL ۾ مقرر ڪيا ويا. محمد بخش ڊگهي ۽ ڪاري رنگ جو باريش شخص هو. جڏهن ته چوويهن ورهين جو عبدالڪريم شڪل ۽ شبيهه جو موچارو، ڪڻڪ رنگو ۽ ڊگهي قد وارو جوان هو. محمد بخش کان وڌيڪ خوش پوش، هوشيار ۽ چالاڪ هو. اهي ٻئي راڻيءَ جا ذاتي خدمت گار هئا. جيڪي هر وقت راڻي جي ويجهو رهندا هئا. راڻي ماني کائيندي هئي ته اهي ٻئي سندس ڪرسيءَ جي پٺيان اوٽ سان بيٺا هوندا هئا.
راڻيءَ کي عبدالڪريم جو عادتون ۽ طور طريقا گهڻو پسند هئا. جن جي ڪري هو جلد ئي راڻي جو پسنديده بڻجي ويو. مشهور مورخ ڊيوڊ ڊف (DAVID DEFF) پنهنجي ڪتاب QUEEN VICTORIAS HIGH LAND JOUNELS جي صفحي 217 تي لکي ٿو:
”راڻي وڪٽوريه جو سيڪريٽري سرهينري پونسنبي (SIR PONSONBY) ٻڌايو ته هندستاني نوڪرن کي حاصل ڪري راِڻي ايئن خوش ٿي، جيئن ٻارڙو رانديڪا حاصل ڪرين خوش ٿيندا آهن.“
راڻيءَ وڪٽوريه، عبدالڪريم کي انگريزي سيکارڻ جي لاءِ هڪ استاد جو بندوبست ڪيو. انگريزي پڙهائيندڙ استاد کي جڏهن شاهي محل ۾ گهرائي ٻڌايو ويو ته کيس هڪ هندستانيءَ کي انگريزي سيکارڻي آهي ته هو گهڻو خوش ٿيو. انهن ڏينهن فقط هندستاني شهزادا ئي انگريزي پڙهڻ ۽ سکڻ جي لاءِ ولايت ويندا هئا. هن عبدالڪريم کي هندستاني شهزادو سمجهي انگريزي سيکارڻ شروع ڪئي. پرجلد ئي استاد کي خبر پئجي ويئي ته عبدالڪريم ڪو هندستاني شهزادو نه، پر راڻي وڪٽوريه جو خاص خدمت گار آهي.
3 آگسٽ 1887ع کان عبدالڪريم انگريزي سکڻ بدران راِڻي وڪٽوريه کي اردو پڙهائڻ شروع ڪري ڏني. ٻئي هر وقت هڪٻئي سان گڏ رهڻ لڳا. تنهنڪري تنقيد ڪندڙن جا وات بند رکڻ جي لاءِ راڻي وڪٽوريه کي اعلان ڪرڻو پيو ته ”هؤ عبدالڪريم کان اردو، هندستاني مذهبن، تهذيب ۽ تمدن جي باري ۾ سکي رهي آهي، اسان جا لاڳاپا فيلسوفانه، سياستدانه ۽ علمي قسم جا آهن. منهنجون سڀئي همدرديون، دل ۽ دماغ منشيءَ مان آهي.“ پوءِ جي واقعن راڻي وڪٽوريه جي انهي ڳالهين کي لفظ به لفظ سچ ثابت ڪيو.
اردو پڙهائڻ سان گڏ، منشي عبدالڪريم، راڻي کي ايشيائي کاڌا به رڌي کارائيندو هو. حاسدن کي اها ڳالهه نه وڻي، هنن راڻي کي ايشيائي کاڌن کان بدظن ڪرڻ جي لاءِ اها ڳالهه مشهور ڪري ڇڏي ته محل ۾ سُنڍ جي ڌپ ٿي اچي، پر راڻي انهن ڳالهين کي نظر انداز ڪري، بدستور ايشيائي کاڌا، مزي سان رڌائي کائيندي رهي.
اسٽينلي وين ٽراب (STANLEY WEIN TRUB) پنهنجي ڪتاب VICTORIA: BIO GRAPHY OF QUEEN جي صفحن 502 تي راڻي جي ڊائري مان هڪ اقتباس نقل ڪيو آهي.
”اڄ مون هندستانيءَ جا ڪجهه لفظ سکيا ۽ آئون عبدالڪريم سان ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ هن نتيجي تي پهتي آهيان ته هندستاني زبان ۽ ماڻهو ٻئي دلچسپ ۽ سوويٽ آهن. انهي جو تصور مون کي عبدالڪريم سان ملاقات کان اڳ نه هو.“
ساڳئي ڪتاب جي صفحي 506 تي ليکڪ لکيو آهي.
بالمورل محل ۾ راڻي عبدالڪريم جهڙي نموني کلندا ڪڏندا ۽ ڪچهري ڪندا آهن، اهي حرڪتون شاهي آدابن ۽ راڻي جي شان جي خلاف آهن. انهيءَ سان محل ۾ ڪم ڪندڙن جي دلين ۾ ڪيترا ئي شڪ شبها جنم وٺي رهيا آهن. سڀئي شاهي خدمتگار ۽ شهزادا انهن حرڪتن تي سڙن ٿا. منشي عبدالڪريم کي به انهيءَ جي خبر هئي، تنهنڪري هو انهن کي ستائڻ ۽ تنگ ڪرڻ جي لاءِ اڃا به وڌيڪ راڻيءَ جي ويجهو رهي، رقيبن جون دليون ساڙڻ جو ڪم ڪندو هو.
عبدالڪريم جي طلسماتي شخصيت راڻي وڪٽوريه تي وڏو اثر ڪيو. سيپٽمبر 1887ع ۾ راڻي وڪٽوريه ”سر هينري“ جي نالي پنهنجي خط ۾ لکيو: ”عبدالڪريم دلڪش شخصيت جو مالڪ آهي، آئون جڏهن ڪاغذن تي صحيحون ڪندي آهيان ته هو مون وٽ ويٺو هوندو آهي ۽ هڪدم ’مس چٽن سان‘ مس ايئن چوسي وٺندو آهي، جيئن ڀئونر، گل جو رس چوسيندو آهي.
سرهينري کي اها ڳالهه نه وڻي، جنهن جو اظهار هن هيٺين لفظن ۾ ڪيو.
”عبدالڪريم ۽ محمد بخش کي نوڪريون ڏيڻ جو مطلب اهو هو ته دنيا کي خبر پوي ته اسان جي ملڪ جون سرحدون دنيا جو ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آهن. پر راڻي ته مرڳي کين شهزادن وانگر محل ۾ جاءِ ڏني آهي.“
شروع ۾ عبدالڪريم جي فرضن ۾ ماني جي ميز تي راڻي جو خيال رکڻ هو. پر پوءِ کيس ڪاغذ تي راڻي جي صحيح واري مس کي سڪائڻ واري ڪم تي مقرر ڪيو ويو. منشي عبدالڪريم، راڻي وڪٽوريه کي ٻڌايو هو ته سندس پيءُ ڊاڪٽر وزيرالدين، آگري ۾ فزيشن آهي ۽ هو دنيا جي سهڻي روماني عمارت ”تاج محل“ جي شهر ”آگري“ جو رهاڪو آهي. اهو ئي آگرو، جتي دنيا جا پيار ڪندڙ تاج محل جي ڇانوَ ۾ وفا جي وچن کي نباهڻ جا قسم کڻندا آهن. عبدالڪريم جو چوڻ هو ته هو ان سهڻي عمارت جي پاڇي ۾ رانديون ڪندي وڏو ٿيو آهي. هن روزگار جي شروعات ”آگري جيل“ ۾ ڪلارڪ جي حيثيت سان ڪئي. سندس هاڻوڪو ڪم سندس اڳوڻي ڪم کان گهٽ آهي. تنهنڪري کيس سندس مرتبي موجب ڪم ڏنو وڃي.
راڻيءَ ترقي ڏئي کيس پنهنجو منشي مقرر ڪيو. منشي کي مناسب پگهار ڏيڻ کان سواءِ راڻي کيس پنهنجي ذاتي پرس (Privy Purse) مان به پئسا ڏيندي هئي. پئسن کان سواءِ راڻي کيس اها پڻ موڪل ڏني ته هو پنهنجي ڪٽنب کي به انگلينڊ گهرائي. موڪل ملندي ئي عبدالڪريم جو سڄو ڪٽنب، جنهن ۾ سندس زال، گود ورتل پٽ عبدالرشيد، سس ۽ ٻيا مائٽ شامل هئا، لنڊن اچي شاهي رهائش گاهه ۾ رهڻ لڳا.
11 جولاءِ 1890ع تي راڻي وڪٽوريه وائسراءِ هند لارڊ لئنسڊائون کي لکيو. ”عبدالڪريم هڪ مثالي ۽ ڀروسي جوڳو خدمتگار آهي، تنهن ڪري کيس دهلي درٻار ۾ عزت ڀري جڳهه ۽ آگري ۾ جاگير ڏني وڃي.“ راڻي وڪٽوريه پهرين آگسٽ 1890ع تي ساڍي ٽين بجي ”وائسراءِ هنڌ“ کي شملي ٽيلي گرام موڪليو، جنهن ۾ منشي کي آگري جي ڀرپاسي جلد کان جلد جاگير ڏيڻ جو حڪم ڏنو. 28 آگسٽ 1890ع تي وائسراءِ کي هڪ ٻيو ٽيلي گرام مليو. وائسراءِ هنڌ، راڻي وڪٽوريه کي لکيو ته ”آگري جي ڀرپاسي زمين ملڻ ڏکي آهي، تنهنڪري جيئن ئي زمين ملندي تيئن منشي عبدالڪريم کي الاٽ ڪئي ويندي.“
23 سيپٽمبر 1890ع تي راڻي وڪٽوريه ”وائسراءِ هنڌ“ کي خط لکيو. اهو خط منشي عبدالڪريم پاڻ سان گڏ کڻي هندستان روانو ٿيو. راڻي خط ۾ لکيو هو ته: ”منشي کي جلد جاگير ڏني وڃي.“ منشي جو والد ڊاڪٽر وزيرالدين جيڪو ٽيٽيهن سالن جو نوڪريءَ کان پوءِ رٽائرڊ به ٿيو هو، تنهن کي مناسب پينشن ڏني وڃي. ڊاڪٽر وزيرالدين جي جاءِ تي سندس ناٺي ”ڊاڪٽر عالم الله“ کي مقرر ڪيو وڃي. منشي جڏهن دهلي دربار پهچي ته کيس سرڪاري سطح تي خوش آمديد چيو وڃي.
منشي عبدالڪريم کي ان ئي جهاز ۾ سفر ڪرڻو هو، جنهن ۾ ”وائسراءِ هنڌ“ جي بيگم سفر ڪري رهي هئي. ان ڳالهه جي ڪري به راڻي خوشي هئي، ڇو ته سندس خواهش هئي ته منشي کي قدر جي نظرن سان ڏٺو وڃي. ”وائسراءِ هنڌ“ عبدالڪريم کي دهلي دربار ۾ سرڪاري سطح تي ڀليڪار ڪرڻ کان لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر صلاحڪارن جي صلاح سان راڻي وڪٽوريه جي هر دلعزيز نوڪر منشي عبدالڪريم کي سرڪاري طور تي ڀليڪار چئي وئي. سرڪاري آدابن طور وائسراءِ جي بيگم سان ملاقات جو پڻ بندوبست ڪيو ويو. منشي کي معززين ۾ شامل ڪرڻ کان سواءِ، آگري ۾ جاگير به ڏني وئي. البت عبدالڪريم جي پيءُ کي ”دهلي دربار“ ۾ جڳهه ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو، جو هن جي ڪا به ذاتي حيثيت نه هئي.
جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، راڻي منشي عبدالڪريم تي مهربانيون وڌنديون ويون ۽ اهي ماڻهن کان ڳجهيون رهي نه سگهيون، اها حقيقت به آهي ته جڏهن دلي رابطا سگهارا ٿيندا آهن ته ماڻهوءَ کي پنهنجي محبوب هستيءَ جي هر شيءِ وڻڻ لڳندي آهي ۽ ان سان پيار ڪرڻ لڳندو آهي. شايد اهو ئي سبب هو، جو راڻي وڪٽوريه ”اوز بورن هائوس“ Osborne House سان گڏ هڪ هنڌستاني انداز جو ”دربار روم“ ٺاهڻ جو حڪم ڏنو.
”اوز بورن هائوس“ ۾ واڌو درٻار روم جي ڊزائننگ جي ذميداري، لاهور ميوزم جي سربراه جان لاڪ وڊڪلپنگ (John lock wood kpling) جي حوالي ڪئي وئي. ان اهم ڪم جي جي لاءِ اڏاوت جا ڪيترائي ماهر مقرر ڪيا. پر آخري فيصلو ”ميو اسڪول آف انڊسٽري آرٽ“ جي شاگرد ڀائي رام سنگهه جي تيار ڪيل ڊزائنن جي حق ۾ ٿيو. جيڪو راڻي منظور ڪري ورتو. اهڙ طرح اوز بورن هائوس سان گڏ واڌو دربار روم تيار ڪيو ويو. جنهن جي ٺاهه ٺوهه هندستاني دستڪارين، فرنيچر ۽ نوابن پاران ملندڙ ناياب ۽ قيمتي سوکڙين سان ڪئي وئي. محل جي ان حصي ۾ وڃڻ سان ئي ڪنهن هندستاني محل جو گمان ٿيندو هو.
راڻي وڪٽوريه پنهنجو گهڻو وقت انهيءَ ”دربار روم“ ۾ گذاريندي هئي. عبدالڪريم سان ڳالهين مان راڻي کي خبر پئجي وئي هئي ته هندستان ڪافي سهڻوملڪ آهي. راڻي وڪٽوريه ان وقت ڊگهي سفر جي سٽ سهي نه نٿي سگهي، تنهنڪر هن اندر جي اجهائڻ لاءِ اهو دربار روم اڏ رايو هو. راڻي وڪٽوريه انهيءَ ڳالهه جي سختي سان قائل هئي ۽ هن سختي سان حڪم ڏنو ته محلات ۾ ڪا به جديد تبديلي نه ڪئي وڃي، پر هن ڀيري راڻي پاڻ ئي پنهنجي حڪم کي وساري حڪم ڏنو ته درٻاري روم ۾ بجلي لڳائي وڃي، جيئن هوءَ سولائي سان هرشيءِ ڏسي سگهي.
هو 25 اپريل 1889ع تي راڻي وڪٽوريا جيڏانهن به ويندي هئي منشي ساڻس پاڇي وانگر گڏ رهندو هو، پرنس آفس ويلز جي دعوت تي سينڊر نگهم (Sandri ngham) وئي. معمول موجب عبدالڪريم به ساڻس گڏ هو. راڻي جي مان ۾ شاهي دعوت ۾ ٽن سؤ شاهي مهمانن جي ويهڻ جو بندوبست هو. شاهي نوڪرن جي لاءِ ڌار جڳهه هئي جڏهن راڻي دعوتي هال ۾ پهتي ته منتظيمن منشي کي ٻڌايو ته هو نوڪرن سان ڌار ٿي ويهي. اهو ٻڌي منشي بگڙ جي پيو ته آئون نوڪر ناهيان. منتظمين منشي کي سمجهايو ته هي ءَ نج شاهي گهراڻي جي تقريب آهي ۽ تنهنجو شاهي گهراڻي سان تعلق ڪونهي. انهي تي منشي احتجاج طور دعوت جو بهشڪار ڪري واپس پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو. عبدالڪريم جي ناراضگي تي راڻيءَ جو سک سان ويهڻ ممڪن نه هو. نيٺ راڻي مداخلت ڪئي ۽ حڪم ڏنو ته منشي عبدالڪريم کي ساڻس گڏ ويهاريو وڃي. حڪم تي عمل ٿيو ۽ منشيءَ کي راڻي وڪٽوريه جي کاٻي پاسي ويهاريو ويو. شاهي گهراڻي ۾هڪ بديشي کي شامل ڪرڻ ۽ راڻيءَ پاران نوڪرن سان اهڙو سلوڪ شاهي ماڻهن کي صفا نه وڻيو، تنهنڪري منشي جي اچڻ تي سڀ خاموش ٿي ويا. سڀئي ٽهڪ، سڀئي مذاق ۽ ٻهڪندڙ چهرا منشي جي اچڻ تي ڪو مائجي ويا. هاڻي راڻي جي مقربين کي پهريون ڀيرو هڪ پرڏيهي جي عزت ۽ تڪريم جو کليل احساس ٿيو ۽ منشي عبدالڪريم کي انگلينڊ جي شاهي فردن جي رد عمل کان واقفيت ٿي.
1890ع ۾ بريمر گيمز Brae mar games جي موقعي تي راڻي جي حڪم تي منشي عبدالڪريم کي شاهي گهراڻي سان گڏ ڪرسي ڏني وئي، جنهن تي ڊيوڪ ڪناٽ Duke of Connaught سخت احتجاج ڪيو. پر راڻي وڪٽوريه جي سيڪريٽريءَ کيس سمجهايو ته ان مسئلي تي راڻي ڪنهن جي به نه ٿي ٻڌي، جيڪڏهن ڪو احتجاج وغيره ٿو ڪري ته راڻي کيس شاهي اعزازن کان محروم ٿي ڪري ڇڏي. تنهنڪري حالتن جي نزاڪت کي نظر ۾ رکندي شاهي گهراڻي جي ماڻهن خاموشيءَ سان منشي کي قبول ڪري ورتو. نومبر 1895ع ۾ راڻي وڪٽوريه جو پرسنل سيڪريٽري ‘سرهينري پونسنبي’ گذاري ويو. راڻي اها اهم ذميواري منشي عبدالڪريم جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. تنهنڪري 9 ڊسمبر 1895ع تي هڪ پريس نوٽ جاري ڪيو ويو. جنهن ۾ چيل هو:
”منشي عبدالڪريم، انگلينڊ ۾ خدمتگار جي حيثيت سان آيو هو. پوءِ راڻي صاحبه کائنس اردو سکڻ شروع ڪئي. هاڻ منشي عبدالڪريم کي پرائيويٽ سيڪريٽري آف انڊيا جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. سندس ذميواري ۾ انڊيا گورنمينٽ سان لکپڙهه ڪرڻ آهي. هن کان اڳ اها ذميواري ”سر هينري پونسنبي جي هئي. منشي جو دفتر ۽ ذاتي اسٽاف آهي.“
منشي عبدالڪريم نهايت اهم ذميواري سنڀالي ورتي، پر انهي سان سرڪاري سطح تي راڻي وڪٽوريه لاءِ ڪافي تڪليفون پيدا ٿي پيون. اعليٰ سرڪاري حلقن ۾ اهي افواهه گشت ڪرڻ لڳا ته عبدالڪريم جو واسطو هندستان سان آهي، تنهن ڪري حڪومت جا اهي ڳجها ڪاغذ جيڪي راڻيءَ وٽ منظوري لاءِ اچن ٿا، سي منشي عبدالڪريم پڙهي وٺي ٿو، ۽ ايئن حڪومت جا ڳجها راز پڌرا ٿي وڃن ٿا. انهيءَ طبقي وائسراءِ هنڌ لارڊ ايلگن Lord Elgin کي منشي عبدالڪريم جي باري ۾ وڌيڪ معلومات گڏ ڪرڻ جي لاءِ لکيو، انهيءَ معلومات وٺڻ جو مقصد اهو هو ته منشي عبدالڪريم ڪنهن ڳجهي مشن تي ته هتي آيل ڪونهي. پر گهڻي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ به منشي خلاف ڪو ثبوت ملي نه سگهيو. انهيءَ سازش ۾ راڻي جو سيڪريٽري فريڊرڪ ۽ ٻين ڳورن ملازمن کان سواءِ حڪومت جي ڳجهي اداري جا ماڻهو پڻ شامل هئا، پر انهن سڀني جي مخالفت عبدالڪريم جي ڪجهه به بگاڙي نه سگهي ۽ هر هنڌ کين مات کائڻي پئي. راڻي وڪٽوريه جي شاهي چيف فزيشن ‘ڊاڪٽر ريڊ’ چواڻي ”منشيءَ جي زال بيمار ٿيندي هئي ته انهن جي علاج لاءِ راڻي شاهي ڊاڪٽر موڪليندي هئي“ ريڊ چواڻي ته: ”ڪڏهن ڪڏهن ته کيس به وڃڻو پوندو هو.“ راڻي کي جڏهن اها خبر پئي ته منشي کي ڪو به اولاد ڪونهي ته راڻيءَ پنهنجي ذاتي معالج ڊاڪٽر ريڊ سان صلاح ڪئي. ڊاڪٽر چيو ته بيگم ڪريم کي پنهنجي طبي تپاس ڪرائڻ کپي. راڻي وڪٽوريه 12 ڊسمبر 1893ع تي منشي کي خط ۾ لکيو:

پيارا عبدل!
مون ڊاڪٽر ريڊ سان توهان جي بيگم جي باري ۾ ڳالهايو آهي، ته هو اولاد جهڙي نعمت کان محروم آهي. ڊاڪٽر صلاح ڏني آهي ته بيگم ڪريم کي گهرجي ته هو پنهنجي اندروني ۽ بيروني طبي معائنو ڪرائي. هن وقت برطانيا ۾ هزارين اهڙيون عورتون آهن، جيڪي اولاد جهڙي نعمت کان محروم آهن. تنهن ڪري پريشان ٿيڻ جي ضرورت ڪونهي.“
راڻي وڪٽوريه پنهنجي ذاتي ڊاڪٽر ريڊ تي گهڻو ڀروسو ڪندي هئي، ۽ کيس نسلي متڀيد کان مٿانهون سمجهندي هئي، هڪ ڀيري جڏهن کيس خبر پئي ته ڊاڪٽر ريڊ منشيءَ جي پيءُ کي علاج لاءِ لنڊن جي اسپتال موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ته راڻي کي گهڻي ڪاوڙ لڳي.
راڻي وڪٽوريه جي ذاتي معالج، ڊاڪٽر ريڊ جي چوڻ موجب گلاسٽ شيل (Glass at shiel) جيڪو لاڪ ميوڪ Lock muck ۾ آهي. جيڪا راڻي جي بي حد ذاتي ۽ وڻندڙ آرام گاهه هئي. راڻي ذهني دٻاءُ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اڪثر ڪري پنهنجي مڙس ”پرنس البرٽ“ سان گڏ اُتي راتيون گذاريندي هئي. راڻي جڏهن چاليهن سالن جي ٿي ته پرنس البرٽ گذاري ويو. البرٽ جي لاڏاڻي کان پوءِ راڻي گهڻو پريشان رهندي هئي، پر جان برائون نالي هڪ اسڪاٽس نوجوان جي دوستي جي ڪري راڻيءَ جي پريشاني ۾ ڪمي ٿي. تنهنڪري راڻي موڪلون ملهائڻ جي لاءِ مسٽر برائون سان هت اچڻ لڳي. پر 1882ع مسٽر برائون جي وفات کان پوءِ راڻي اهو فيصلو ڪيو ته هوءَ آئنده ڪڏهن به اها رهائش گاهه استعمال نه ڪندي، پر 17 آڪٽوبر 1889ع تي راڻيءَ پنهنجو ارادو بدلائي ڇڏيو ۽ عبدالڪريم سان گڏ رات اتي وڃي گذاري.
فيبروري 1890ع ۾ منشي بيمار ٿي پيو. منشي جي بيماريءَ راڻي وڪٽوريه کي بي چين ڪري ڇڏيو. راڻي منشي جي تيمارداري جي لاءِ هن جي گهر به ويندي هئي. ڊاڪٽر ريڊ جي چوڻ موجب پهرين مارچ 1890ع تي راڻي، منشي جي چڱڀلائي پڇڻ جي لاءِ سندس گهر وئي. جتي هوءَ منشي کان اردو پڙهڻ کان سواءِ، دفتري ڪاغذن تي صحيحون به ڪندي رهي. منشي جي ڪنڌ جو معائنو ۽ منشي جي بستري جا وهاڻا به پاڻ ئي ٺيڪ ڪندي هئي.
منشي عبدالڪريم هڪ چست ۽ باريش نوجوان هو. هو هندستاني شهزادن جيان چوغو پائي، چيلهه تي پٽو ٻڌندو هو. پٺيءَ کان سواءِ سونهري ڪمر بند ۽ مٿي تي نوابي طرز جي پڳهه ٻڌندو هو. هو شڪل ۽ شبيهه ۽ ڪپڙي لٽي ۾ هندستاني شهزادو لڳندو هو. منشي جو شهرت جيڪا اڃا تائين شاهي دربار تائين محدود هئي، سا هاڻ اخبارن جي ذريعي عوام تائين وڃي پهتي، لندن مان ڇپجندڙ وڏين روزانين اخبارن وڏيون وڏيون سرخيون هڻي، راڻي وڪٽوريه کان اهو پڇڻ شروع ڪيو ته منشي عبدالڪريم جو شاهي گهراڻي سان ڪهڙو واسطو آهي، ۽ مٿس ايتريون مهربانيون ڇو پيون ڪيون وڃن. ڪجهه اخبارن اهو به ڦاٽ ڦاڙيو ته منشيءَ جو لاڳاپو ڪنهن هندستاني شاهي ڪٽنب سان نه پر هو هڪ معمولي شخص آهي، تنهن ڪري کيس پنهنجي حدن اندر رکيو وڃي، پر اخبارن ۽ ماڻهن جي احتجاج تي راڻي جي دل ۾ عبدالڪريم جي اهميت گهٽجڻ بدران اڃا به وڌي وئي.
راڻيءَ سوچيو ته دنيا عبدالڪريم جي خلاف ٿي وئي آهي، تنهن ڪري متان هو بي دليو ٿي هتان هليو نه وڃي. تنهن ڪري هن اهو ثابت ڪرڻ جي لاءِ ته سندس دل ۾ عبدالڪريم جي لاءِ ڪيتري عزت آهي، هن کيس شاهي محل ”بالمورل“ جي ڀرسان شاهي رهائش گاهه فراهم ڪئي. منشي پنهنجي ڪڙم سميت ان سرڪاري رهائش گاهه ۾ رهڻ لڳو. جتي ڪڏهن ڪڏهن راڻي وڪٽوريه پاڻ هلي وڃي منشي جي گهر سندس زال ۽ ٻين ڀاتين سان ملندي هئي، ۽ سندن خيريت پڇندي هئي. 9 ڊسمبر 1893ع تي راڻي پنهنجي ڌيءَ کي جيڪو خط لکيو، تنهن ۾ منشي جي زال جو ذڪر ڪندي لکيو اٿس:
”منهنجي خيال ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي، جو برطانيا ۾ پردي دار عورتون آيو آهن، انهن مان هڪ منشي جي زال آهي، جيڪا ساڙهي ٿي پائي، اها خوش شڪل عورت پنهنجون اکيون سدائين جهڪيل رکندي آهي. جڏهن ته ٻي عورت سس آهي، جيڪا ساڙهيءَ جي بدران ريشمي چوڙيدار پاجامو پائيندي آهي، انهيءَ لباس ۾ هوءَ عورت بدران مرد نظر ٿي اچي، اهي ٻئي عورتون برقعو پائينديون آهن.“
راڻيءَ شاهي گهراڻي جي ٻين فردن کي به منشيءَ جي گهر موڪليندي هئي، راڻيءَ جي چوڻ تي هندستان جي اڳوڻي وائسراءِ جي زال بيگم لينٽن به 19 آڪٽوبر 1895ع تي منشي جي گهر وئي، جتي هن وزيٽنگ بوڪ تي صحيح ڪئي. انهيءَ ڪتاب تي ليڊي لينٽن، شاهي گهراڻي جي ٻين ڀاتين جون صحيحون به ڏٺيون. شاهي گهراڻي کان سواءِ راڻي پنهنجون نوڪرياڻيون موڪلي منشيءَ جي اهل ۽ عيال جي خبر چار پئي وٺندي هئي. هڪ ڀيري راڻي پنهنجي خدمت تي مقرر هڪ نوجوان نوڪرياڻي کي شاهي گارڊ جي نگراني ۾ منشي جي گهر موڪليو، ته جيئن هوءَ منشي جي ٻارن جي خيريت پڇي اچي. انهيءَ نوڪرياڻي واپسيءَ تي پنهنجا جيڪي تاثرات بيان ڪيا اهي ليکڪ ‘اسٽينلي ونروب’ پنهنجي ڪتاب ”بايو گرافي آف وڪٽوريه ڪوئين“ نالي ڪتاب جي صفحي 573 کي لکيا آهن.
”منشي عبدالڪريم جي زال ٿلهي ۽ عام عورتن کان مختلف هئي، ڪڻڪائي رنگ جي انهيءَ خوبصورت عورت پنهنجي آڱرين، ڪنن، ٻانهن، ڳچي ۽ پنهنجي قيمتي ڪپڙن کي به سونا زيور پاتا هئا. مٿي تي هڪ چادر هيس، جنهن جي ڪناري سون جي ڌاڳي سان تيار ڪئي وئي هئي ۽ هن جي جسم تي پاتل ڪپڙا، نج ريشم جا هئا، منشي جي زال انگريزي ۾ به ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي ٿي. هن انهيءَ ڳالهه جو اظهار ڪيو ته کيس سردي وڻندي آهي. سندس سرڪاري رهائش گاهه جي چوڌاري ويهه فوٽ اوچي واڙ هئي. گهر کي نج هندستاني طريقي موجب سجايو ويو هو. گهر ۾ گهڙڻ سان ايئن ٿو لڳي ته اسين سؤ سال پراڻي ڪنهن محل ۾ اچي ويا آهيون.
ان ئي ڪتاب جي صفحي 573 تي لکيل آهي ته راڻي وڪٽوريه جيتري اهميت ملڪي مسئلن کي ٿي ڏي، تيترو ئي ڌيان منشي عبدالڪريم ۽ سندس دوستن جي فلاح ۽ بهبود تي ٿي ڏي. انهيءَ سلسلي ۾ راڻي ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڪافي عرصي تائين اهو بحث هلندو رهيو ته کاڌي جي ميز ۽ ملڪي معاملن ۾ منشي عبدالڪريم جي حيثيت ڪهڙي آهي.
15 جنوري 1895ع تي سر هينري فرٽس پونسنبي، وائسراءِ هنڌ کي لکيو ته ”آئون سوچيان ٿو ته اسين ڀاڳوان آهيون، جو منشي جي گهر جي صفائي ڪرڻ وارا اسان سان گڏ ويهي ماني نٿا کائين.“ 25 جنوري 1895ع تي سر هينري فرٽس پونسبي، واسراءِ هنڌ کي هڪ ٻيو خط لکيو:
”گذريل هفتي واري خط کان پوءِ راڻيءَ مون کي چيو ته آئون اوهان کان خط لکي پُڇان ته منشي عبدالڪريم اوهان کي جيڪو ڪرسمس ڪارڊ روانو ڪيو هو، اهو اوهان کي مليو يا نه؟“
شاهي گهراڻي جا ماڻهو، نوڪر چاڪر، اعليٰ علمدار ۽ اخبارون سڀ منشي جي پويان هٿ ڌوئي پئجي ويا ته کيس شاهي محل مان ڪيئن ٻاهر ڪڍجي، پر رقيبن کي انهيءَ وقت سخت پريشاني ٿي جڏهن ڊسمبر 1892ع ۾ منشي جو هڪ ٻيو دوست رفيع الدين به منشي سان گڏ شاهي محل ۾ نظر اچڻ لڳو. رفيع الدين، مڊل ٽيمپل ان مان ”بار ايٽ لا“ پاس ڪيو هو. (ڪن مورخن جو خيال آهي ته هو لندن ۾ قانون جو شاگرد هو). رفيع الدين هڪ ذهين شخص هو. جيڪو 1865ع ۾ پونا ۾ پيدا ٿيو. کيس خبر هئي ته منشي ۽ راڻي جي وچ ۾ ڪافي گهرا لاڳاپا آهن، هن منشي تي زور ڀريو ته هو راڻي وڪٽوريه کي چئي کيس ترڪيءَ ۾ برطانيا جي سفير جو عهدو ڏياري. راڻي وڪٽوريه ڪڏهن به منشي جي سفارش رد نه ڪئي هئي. هن ڀيري به هن 1895ع برطانوي وزيراعظم لارڊ سالسبري کي لکيو ته هو عبدالڪريم جي دوست رفيع الدين کي ترڪي ۾ سفارتي ذميداريون سونپيون وڃن. انهيءَ موضوع تي ڪافي وقت تائين وزير اعظم ۽ راڻي جي وچ ۾ لکپڙهه ٿيندي رهي. منشي عبدالڪريم ۽ رفيع الدين اخبارن ۾ پنهنجي حق ۾ ڪجهه ليک به لکرايا. ان سلسلي ۾ The Standard ۾ هڪ مضمون ڇپيو. جنهن جو عنوان هو، ”هندستان جو تمام وڏو دانشور“ ان مضمون ۾ لکيل هو ته منشي عبدالڪريم ۽ رفيع الدين مسلمان آهن، تنهن ڪري مسلمان ملڪن سان دوستاڻا ناتا پيدا ڪرڻ جي لاءِ اهو ضروري آهي ته رفيع الدين کي سفارتي عهدو ڏنو وڃي. پر جواب ۾ وزيراعظم سالسبري چيو ته اها هڪ اهم سفارتي ذميواري آهي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته رفيع الدين اهم راز ٻين ملڪن کي وڪڻي ڇڏي.
”دي اسٽرينڊ مئگزين“ سدائين راڻيءَ جي باري ۾ سٺيون ڳالهيون ڇپيندو رهندو هو. رفيع الدين ۽ منشي عبدالڪريم اخبار جي چيف ايڊيٽر سان مليا ۽ کيس راڻي جي ذاتي ڊائري ڏيکاري، جنهن ۾ راڻي وڪٽوريه اردو ۽ انگريزي لکندي هئي. اخبار راڻي جي هٿ جي لکيل اردو لکت ڇپي، جنهن جو مقصد اهو هو ته مخالفن کي خبر پوي ته منشي واقعي به راڻي کي هندستاني (اردو) جي تعليم ڏئي رهيو آهي. ٻيو اهو به ظاهر ٿئي ته رفيع الدين جا ترڪيءَ جي سلطان سان سٺا لاڳاپا آهن، جن مان برطانيا. رفيع الدين جي ذريعي فائدو وٺي سگهي ٿو. انهن ڪوششن جي هوندي به وزير اعظم ”سالسبريءَ“ رفيع الدين کي ڪو به سفارتي عهدو نه ڏنو.
11 مارچ 1897ع تي راڻي وڪٽوريه فرانس جو دورو ڪيو، جنهن ۾ ساڻس گڏ ويندڙن ۾ منشي جو نالو سڀني کان مٿي هو. جنهن جو مطلب اهو به هو ته منشي عبدالڪريم به سڀني سان گڏ ‘شاهي دعوت’ ۾ شرڪت ڪندو. ڦڪائي کان بچڻ جي لاءِ وزيراعظم ‘سالسبري’ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار منشي کي گڏ وٺي وڃڻ کان لنوائي رهيا هئا، تنهنڪري هنن راڻي جي ذاتي خدمتگارن کي سمجهايو ته هو راڻي کي چون ته منشي کي گڏ نه نيو وڃي. راڻي جي ذاتي سيڪريٽري جڏهن ان ڳالهه جو اظهار راڻي سان ڪيو ته راڻيءَ کي ڪاوڙ لڳي، جو هن ميز تي رکيل سڀ شيون کڻي پٽ تي ڦٽي ڪيون. مورخ لکن ٿا ته اسان اُن کان اڳ ڪڏهن به راڻيءَ کي ايتري ڪاوڙ ۾ نه ڏٺو هو. حالتن جي نزاڪت کي سامهون رکندي وزيراعظم ‘سالسبري’ راڻي وٽ ويو ۽ وڏي منطقي انداز ۾ راڻي کي باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته فرينچ انگريزن کان مختلف آهن، هو هر شيءِ کي غلط نظرن سان ڏسن ٿا. اهڙين حالتن ۾ اهو ڊپ آهي ته متان فرانس جا ماڻهو منشي سان بدتميزي نه ڪري وجهن. تنهنڪري منشي کي پاڻ سان نه نيئڻ جو فيصلو ڪيو وڃي. وزيراعظم وڌيڪ چيو، ”انهي جي باري ۾ منهنجو ذاتي تجربو آهي ته فرينچ ڪي سٺا ماڻهو نه آهن، ڇاڪاڻ ته منهنجي فرانس ۾ هڪ ”هاليڊي ولا“ آهي، جنهن ڪري مون کي ماڻهن جي رويي جي خبر آهي.“
منشي عبدالڪريم کي ان سازش جي خبر پئي ته هو پنهنجي دوست رفيع الدين سان گڏجي ”انگلش چينل“ اُڪري فرانس پهچي ويو. سرڪاري وفد کي خبر پئي ته هنن راڻي کي ٻڌائڻ کان سواءِ رفيع الدين کي 48 ڪلاڪن جي اندر ئي فرانس مان واپس وڃڻ جي لاءِ چيو. انهيءَ دوران وزير اعظم، وائسراءِ هنڌ کان منشي عبدالڪريم ۽ رفيع الدين جي باري ۾ ڳجهيون رپورٽون گهرايون. وزيراعظم جي ڪوشش هئي ته انهن ٻنهي جي خلاف غداري، جاسوسي ۽ ٻيا الزام هڻي، راڻي جي دل ۾ انهن جي خلاف نفرت پيدا ڪئي وڃي. پر وائسراءِ جيتريون به انڪوائريون ڪرايون، انهن ٻنهي جي خلاف ڪو به الزام ثابت ٿي نه سگهيو. تنهن هوندي به وزيراعظم سالسبريءَ، راڻي تي لڳاتار دٻاءُ جاري رکيو ته انهن ٻنهي کي سرڪاري رازن کان پري رکيو وڃي. راڻيءَ وزيراعظم سان واعدو ڪيو ته هوءَ رفيع الدين کي محل ۾ گهڙڻ نه ڏيندي، پر منشي عبدالڪريم جي ڪري، رفيع الدين کي سفارتي ذميواريون ڏيارڻ جي ڪوشش جاري رکي. منشي عبدالڪريم جي باري ۾ راڻي، وزيراعظم کي ٻڌايو ته، ”منشي رواني سان انگريزي لکي ۽ پڙهي نه ٿو سگهي، تنهنڪري سرڪاري رازن جي ظاهر ٿيڻ جو امڪان ڪونهي.“ پر ان سان گڏ راڻي اهو به چوندي هئي ته هوءَ جيڪو لفظ پڙهي نٿي سگهي، تنهن جي پڙهڻ ۾ منشي سندس مدد ڪندو آهي، انهيءَ ٻٽي بيان سان وڌيڪ مونجهارا پيدا ٿيا.
چئني پاسن کان منشي ۽ رفيع الدين جي خلاف سازشن جي ڄار وڇائجڻ جي باوجود به منشيءَ همت نه هاري ۽ راڻي وڪٽوريه کي صلاح ڏني ته رفيع الدين کي ڪو شاهي اعزاز عطا ڪيو وڃي. راڻي ”ها“ به ڪئي، پر اعزاز حاصل ڪرڻ کان اڳ ئي رفيع الدين، بد دل ٿي شاهي محل مان هليو ويو. جڏهن اها خبر راڻي کي پئي ته هن 27 ڊسمبر1898ع تي وزيراعظم سالسبري کي لکيو:
”رفيع الدين احمد جي خلاف الزام تراشين ۽ بهتانن کان بد دل ٿي، مسٽر احمد محل ڇڏي هليو ويو آهي.“
رفيع الدين بيريسٽري پاس ڪرڻ کان پوءِ هندستان هليو ويو. جتي هن عملي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. 1909ع هو بمبئي ڪونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. 1928 ۾ هو بمبئي گورنمنٽ ۾ وزير ٿيو. 1932ع ۾ کيس ”سر“ جو خطاب مليو. زندگي جا آخري ويهه سال هن پونا ۾ گذاريا،جتي هو پنهنجن دوستن ۽ يارن کي منشي عبدالڪريم ۽ راڻي وڪٽوريه جون ڳالهيون پيو ٻڌائيندو هو. رفيع الدين 1954 ۾ پونا ۾ فوت ٿيو.
برطانيا جي تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو هو، جو هڪ هندستاني کي شاهي محل ۾ اهم ذميواريون سونپيون ويون. عبدالڪريم راڻي جي خط و ڪتابت ۽ ٻين معاملن کي سٺي نموني هلائيندو هو. راڻي جي چوڻ تي 1890ع ۾ وان اينجلي عبدالڪريم جو پورٽريٽ به تيار ڪيو. عبدالڪريم جي راڻي سان جيئن جيئن ويجهڙائپ ٿيندي وئي، تيئن هو ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهندو ويو. ايتري ويجهڙائپ ۽ مهربانيون حاصل ڪرڻ وارو منشي عبدالڪريم حاسد ماڻهن جي اکين ۾ کٽڪڻ لڳو.
جن ڏينهن منشي عبدالڪريم ‘انڊيا سيڪريٽري’ جي حيثيت سان ڪم ڪندو هو، ان دوران هن راڻي کي درخواست ڏني ته شاهي محل جي شروعاتي ڏينهن ۾ هن جون جيڪي تصويرن ”خانسامان“ جي حيثيت سان ڪڍيون ويون آهن، تن کي تلف ڪيو وڃي. منشيءَ راڻيءَ کي ٻڌايو ته انهن تصويرن کي ڏيکاري رقيب کيس تنگ ڪن ٿا ۽ طعنا ڏين ٿا. تنهن ڪري راڻيءَ جي حڪم تي انهن سڀني تصويرن کي ختم ڪيو ويو،جن ۾ کيس ”خانسامان“ جي حيثيت ۾ ڏيکاريو ويو هو.
24 مئي 1899 تي راڻي وڪٽوريه، منشي عبدالڪريم کي برطانيا جي سول سروس جو سڀ کان وڏو اعزاز ‘سي ـ آءِ ـ اي’ عطا ڪيو. اهو اعزاز سول سروس جي سينيئر اعليٰ عهدن تي مقرر ملازمن کي ڏنو ويندو هو، راڻي سڀني قاعدن نظر انداز ڪندو منشي کي Companion of Indian Empire CCI جو اعزاز عطا ڪيو. منشي اهو اعزاز پائي انگريزن کي ساڙيندو هو.
راڻي وڪٽوريه جي ذاتي سيڪريٽري فريڊرڪ جيڪو اڳ ۾ هندستان ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو هو، تنهن راڻي کي ٻڌايو ته عبدالڪريم جو واسطو ڪنهن شاهي گهراڻي سان نه آهي، پر هو هڪ معمولي عطار (Apothecary) آهي. تنهن ڪري اُن گهٽ حيثيت واري ماڻهوءَ کي ايتري گهڻي اهميت نه ڏني وڃي. راڻي کي فريڊرڪ جي ان ريمارڪ تي گهڻي ڪاوڙ لڳي ۽ هو ڪافي عرصي تائين راڻي جي عتاب هيٺ رهيو.
راڻي جو استدلال هي هو ته برطانيا جا ٻه آرچ بشپ به ته گروسر ۽ ڪاسائي جو اولاد هئا. جيڪڏهن هو ايتري مٿانهين عهدي تي پهچي سگهن ٿا ته پوءِ عبدالڪريم به انهي عهدي تي ڪم ڪري سگهي ٿو. وڏن عهدن تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ وڏن گهراڻن جي نه پر علم، قابليت ۽ صلاحيت جي گهرج هوندي آهي. ان واقعي کان پوءِ راڻيءَ عبدالڪريم جي اڃا به وڌيڪ حمايت ڪرڻ شروع ڪري ڏني، ايئن عبدالڪريم جي دل راڻي جي دل سان ڌڙڪڻ لڳي.
راڻي ۽ نوڪر جي اها لازوال محبت ۽ هم آهنگي سڄي زندگي قائم رهي، اها ڪهاڻي، جنهن جي شروعات 23 جون 1887ع تي صبح جو ناشتي جي وقت ”ونڊ سر ڪيسل“ ۾ ٿي هئي، تنهن جي پڄاڻي 22 جنوري 1901ع تي راڻي وڪٽوريه جي چالاڻي سان ٿي. راڻي جي وفات کان پوءِ ‘ايڊ ورڊ ڇهون’ تخت تي ويٺو. منشي عبدالڪريم جي خواهش تي کيس راڻي جي آخري ديدار جي موڪل ڏني وئي، منشي ڏاڍي ڏکاري اندار ۾ انهيءَ ڪمري ۾ ويو، جنهن ۾ راڻي جو مڙهه رکيل هو. ماتمي جلوس ۾ به منشي جي لاءِ جڳهه مخصوص ڪئي وئي. آخر ۾ هو تعزيت جي لاءِ بادشاهه سان به مليو. راڻي جي وفات کان پوءِ منشي پنهنجي ڪڙم سميت آگري موٽي آيو. جتي هو ڪڏهن ڪڏهن شاهي اعزاز پائي شهر ۾ گهمندو هو.
منشي عبدالڪريم کي ڪو به اولاد نه هو. هن عبدالرشيد نالي هڪ ٻارڙي کي گود ورتو هو. عبدالڪريم جي گهراڻي جا ماڻهو اڃا به دنيا جي مختلف ملڪن ۾ آباد آهن.
روزينه وزرم (ROZINA VISRAM) پنهنجي ڪتاب. AYAHS LASCERS AND PRINCES جي صفحي 33 تي لکيو آهي.
”راڻي وڪٽوريه جي چالاڻي کان پوءِ ڪنگ ’ايڊ ورڊ ڇهين‘ حڪم جاري ڪيو ته راڻي ۽ عبدالڪريم جي سموري لکپڙهه ۽ ڳجهن رازن کي ساڙيو وڃي.“
تنهنڪري ان مقصد جي لاءِ منشي جي سرڪاري رهائش گاهه ”فروگ مور ڪاٽيج“ ۾ باهه ٻاري سڀني واسطيدارن ڪاغذن کي ساڙيو ويو، اها ڳالهه اڄ سوڌي راز بنيل آهي ته انهن ثبوتن ۽ ڪاغذن کي ڇو ساڙيو ويو، انهي سان ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪيترائي سوال پيدا ٿين ٿا، جن جو جواب سڀاڻي جو ڪو مورخ اچي ڏي ۽ انهي اهم رازن تان پڙدو کڻي. راڻيءَ جي وفات کان پوءِ منشي عبدالڪريم گهڻو اداس رهڻ لڳو، انهي غم ۽ پريشاني ۾ هن واپس آگري اچي پنهنجي رهائش گاهه ”ڪريم لاج“ ۾ زندگي جا باقي ڏينهن گذاريا.
منشي عبدالڪريم ان ئي گهر ۾ 1909ع ۾ وفات ڪئي، وفات کان پوءِ منشي وٽ راڻي جا جيڪي ذاتي ڪاغذ پٽ رهجي ويا هئا، اهي به منشي جي زال کان وٺي ساڙيا ويا. فقط اهڙيون ڪجهه لکتون رهڻ ڏنيون ويون جيڪي راڻي جي پنهنجي هٿن سان لکيل هيون.

جارج حباش انقلابي اڳواڻ

هو هوريان هوريان موت ڏانهن وڌي رهيو هو. هن جي اکين ۾ آزاد صبح جا گلابي سپنا ڀڄي رهيا هئا. هو جيڪو پنهنجي مادر وطن جي هنج ۾ وڃڻ لاءِ تياري ڪري رهيو هو. پر سندس آدرشن کيس پٿر ڪري ڇڏيو هو.
”هيلو آئون عمان جي جارڊن اسپتال مان ليليٰ خالد ڳالهائي رهي آهيان“ پري الجزيره جي آفيس جي گهنٽي ڇرڪي اُٿي ۽ ڏکاري آواز ۾ اها خبر ٻڌي وئي، جيڪا ٻڌي ڪو به اهڙو فلسطيني حريت پسند هوندو، جنهن جون اکيون نه ڀنيون هونديون. الحڪيم.. جارج حباش گذاري ويو.
جارج حباش اردن جي شهر ’ليدا‘ ۾ 1925ع يا 1926ع ۾ جنم ورتو. سندس گهراڻو ’يوناني ڪليسا‘ جو قدامت پسند پوئلڳ هو. سندس پيءُ اناج جو هڪ سکيو ستابو واپاري هو. حباش شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي علائقي ۾ ئي پرائي ۽ وڌيڪ ڊاڪٽري جي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ”بيروت“ ۾ آمريڪن يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو. ان دوران 1948ع ۾ يهودين ۽ عربن جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي وئي، کيس واپس ’ليدا‘ وڃڻو پيو. اها جنگ نيٺ اولهائين قوتن جي سازشن جي نتيجي ۾، سندن ئي ڇانوَ ۾ ‘اسرائيل’ جي قيام تي پوري ٿي. اسرائيل فوج حباش جي ڪٽنب کي ٻين ڏهن هزار ماڻهن سان گڏ ملڪ مان ڌڪي ڪڍي ڇڏيو. ان دوران سوين ماڻهون ۽ ٻارڙا اسرائيلي درندگي جو شڪار ٿي ويا. تاريخ ۾ ان کي موت ڏانهن سفر (DEATH MARCH OF LADDA) جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ان جنگ ۾ يهودين فوج ’ليدا‘ جو شهر ’اردن‘ کان کسي ورتو ۽ ان کي ‘لورڊ’ جي نالي سان اسرائيل ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ فلسطين جون ملڪيتون ضبط ڪري ورتيون. حباش کي پنهنجي ڪٽنب سان گڏ لبنان جي گادي جي هنڌ بيروت ۾ پناهه گير جي حيثيت سان زندگي گهارڻ تي مجبور ٿيڻون پيو.
حباش، ان وقت ان وهيءَ ۾ هو ، جڏهن انسان پنهنجي خوبصورت خوابن جي اُڻت پيو ڪندو آهي، پر ان مصيبت سندس اندر قيامت برپا ڪري ڇڏي. 1950ع ۾ هو اسرائيل جي والار جي خلاف ڪم ڪندڙ نوجوانن جي تنظيم YOUTH OF VENGCANCE نالي گروپ ۾شامل ٿي ويو. 1951ع ۾ ميڊيڪل جو امتحان سٺي نموني پاس ڪيائين ۽ پنهنجي ساٿي ’وادعي حداد‘ سان گڏجي عمان ۾هڪ ڪلينڪ کولي.
ان زماني ۾ مصر جي اڳواڻ جمال عبدالناصر عرب قومپرستي واري فڪر سبب عربن ۾ وڏو مقبول هو. نوجوان حباش به ان کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو. ۽ پنهنجي ساٿين فلسطين حداد،ڪويتي احمد الخطيب ۽ شام جي هاني لمهندي سان گڏجي ”عرب نيشنلسٽ موومينٽ“ جو بنياد رکيو. ان هلچل جو مقصد فلسطين کي آزادي ڏيارڻ ۽ مارڪسز ۽ لينن ازم جي پرچار ڪرڻ هو. 1952ع جي آخر ۾ هن فلسطيني پناهگيرن جي ٻارن لاءِ هڪ اسڪول به کوليو. 57 ـ 1965 ۾ کيس اردن جي بادشاه ” شاه حسين“ جي تختي اونڌي ڪرڻ جي شازش ۾ ملوث قرار ڏنو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هو روپوش ٿي ويو ۽ 1958ع ۾ شام کان وڃي نڪتو. اردن ۾ کيس پرپٺ سرا ٻڌائي وئي. اها بغاوت اردن جي ”نيشنل گارڊ“ ۾ شامل فلسطيني ميمبرن ڪئي هئي. ان واقعي کان پوءِ شاه حسين اردن ۾ مارشلا لاڳو ڪري، سڀني سياسي پارٽين تي پابندي وجهي ڇڏي. شام ان زماني ۾ ”مصر“ سان ‘يونائيٽڊ عرب ريپبلڪ’ جو حصو هو. پراهو اتحاد 1961ع ۾ ٽٽي پيو ۽ شام ۾ بعث پارٽي ٻيهر اقتدار ۾ اچي وئي. جنهن حباش کي ڏيهه نيڪالي ڏني ۽ کيس واپس بيروت وڃڻو پيو.
1964ع ۾ هن ’عرب نيشنلسٽ موومنيٽ‘ ۾ شامل، فلسطينين جي علائقائي ڪمانڊ جي بنياد رکيو ۽ نئين صف بندي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ٽن سالن تائين جدو جهد ڪندو رهيو. ان وقت تائين حباش هڪ پختي ۽ سمجهدار مارڪسٽ جي حيثيت سان حالتن جو تجزيو ڪرڻ جي لائق ٿي چڪو هو. ان جنگ کيس حالتن جو سائنسي تجزيو ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏياريو. هن مختلف عرب رياستن تي نظر وڌي ته محسوس ٿيس ته سڀئي عرب حڪومتون بادشاهتن، آمريتن ۽ نالي ماتر جمهوري حڪومتون آهن. ۽ سڀئي حڪمران ذاتي بچاء ۽ پنهنجي اقتدار جي دوام لاءِ ڪوشان آهن ۽ ڪو به حقيقي طور تي عرب قومپرستيءَ تحت قدم کڻڻ جي جرئت نٿو رکي. گهڻي غور ۽ ويچار کان پوءِ جارج صٻاش ڊسمبر 1967ع ۾ ‘پاپولر فرنٽ’ (PFLP) جو بنياد رکيو. جنهن ۾ ’هيروز آف ري ٽرن‘ فلسطيني محاذ آزادي جهڙا فلسطيني گروهه ۽ عرب نيشلسٽ موومينٽ به شامل ٿي ويا. ۽ اتفاق راءِ سان ڊاڪٽر جارج حباش کي ان جو پهريون سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. جيتوڻيڪ پاپولر فرنٽ جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ به فلسطين جي آزاديءَ لاءِ مختلف تنظيمون جدوجهد ۾ رڌل ۽ متحرڪ هيون. انهن ۾ ياسر عرفات جي الفتح به شامل هئي. پر اولهائيون حڪومتون، جن اسرائيل جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، انهن جي ميڊيا انهن تنظيمن جي سرگرمين کي نظر انداز ڪري رهي هئي. پر جارج حباش جي ‘پاپولر فرنٽ’ جي ڪاروائين يورپ ۽ آمريڪا کي لوڏي ڇڏيو. حباش پنهنجي تنظيم کي مارڪسٽ لينسٽ قرار ڏنو ۽ پاڻ عرب ازم جو نظريو ڇڏي ڏنو. پر عربن جي اتحاد لاءِ ڪو ششون جاري رکيون. تنظيم ‘اسرائيل’ کي هڪ نسل پرست رياست قرار ڏيندي، ان جي مڪمل خاتمي جدوجهد جي شروعات ڪئي ۽ کليو کلايو اولهائين طاقتن کي للڪاريو. پاپولر فرنٽ هڪ سيڪيولر فلسطيني رياست جي قيام لاءِ هٿيار بند جدوجهد جي حامي آهي. تنظيم اسرائيلي جهازن ۽ سفيرن کي اغوا ڪرڻ شروع ڪيو. (ليليٰ خالد جو به هن ئي تنظيم سان واسطو آهي، جنهن اسرائيلي جهازن کي اغوا ڪرڻ سبب وڏي مشهوري ماڻي). هي اهو ئي دور هو، جڏهن فلسطيني مسئلو عالمي سُڌ ٻُڌ جي ذريعن ۾ فليش پوائنٽ بڻجي ويو ۽ پاپولر فرنٽ جون خبرون دنيا جي وڏين وڏين، اخبارن ۾ پهرين صفحن تي وڏين هيڊنگس سان ڇپجڻ لڳيون.
1968ع ۾ جارج حباش کي شام ۾ گرفتار ڪيو ويو، پر هو جلد ئي اتان ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان دوران هن جا پنهنجي ويجهي سنگتي ’وادعي حدود‘ سان اختلاف به سامهون آيا، پر ٻئي گڏجي بدستور فرنٽ ۾ ڪم ڪندا رهيا. 1969ع جي پاپولر فرنٽ جي ڪانفرنس ۾ ’نايف حواتمه‘ ۽ ’ياسر عبدرا‘ جي اڳواڻيءَ ۾ انتهائي کاٻي ڌر جو هڪ ڌڙو، ”پاپولر ڊيموڪريٽڪ فرنٽ“ جا نالي سان ڌار ٿي ويو. ان ڌڙي اڳتي هلي، ”ڊيموڪريٽڪ فرنٽ براءِ آزادي فلسطين (DFLP) جو نالو اختيار ڪيو. ان دوران ياسر عرفات جي پي ـ ايل ـ او، پاپولر فرنٽ ۽ جارج حباش جي سڀ کان وڏي نقاد رهي. پر حباش، ياسر عرفات جي پي ـ ايل ـ او يا الفتح سان پنهنجن اختلافن کي ڪڏهن به هوا نه ڏني ۽ سدائين صبر ۽ رواداري کا ڪم ورتو ته جيئن فلسطين جي آزاديءَ واري تحريڪ کي نقصان نه رسي. ان سڄي عرصي دوران هن اردن ۾ انقلابي تبديليون آڻڻ تي ڌيان مرڪوز رکيو. ان وقت فلسطين جي گوريلا تحريڪ جو هيڊ ڪواٽر اردن ۾ ئي هو. حباش جو خيال هو ته اسرائيل کي نه رڳو هٿيار بند جدوجهد ذريعي سوڙهو ڪجي، پر مٿس نفسياتي دٻاءُ به برقرار رکڻ به ضروري آهي.
1970ع جي شروع ۾ ’جارج حباش‘ دنيا جي چئن خطن آمريڪا، يورپ، ايشيا ۽ ايراني نارمان اولهه جي فضائي ڪمپنين جا چار هوائي جهاز اغوا ڪرايا ۽ انهن جهازن مان مسافرن کي حفاظت سان ڪڍي، تباهه ڪيو ويو، فرنٽ ايئر فرانس جو هڪ جهاز به اغوا ڪرايو، جڏهن ته اسرائيل جي لوڊ (اڳوڻي ليدا) ايئر پورٽ تي پڻ حملو ڪيو ويو. جنهن ۾ 27 ڄڻا مارجي ويا. ان دوران ”سوئس ايئر“ جي هڪ جهاز تي به حملو ڪري 47 ماڻهو ماري ڇڏيا. 1970ع ۾ ئي فرنٽ ’عمان انٽرنيشنل‘ جي هوٽل ۾ 80 ماڻهن کي يرغمال بنائي ورتو. ان موقعي تي ياسر عرفات، سندس ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پي ـ ايل ـ او جي سينٽرل ڪميٽيءَ مان فرنٽ جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي. 1970ع ۾ ’ڊاسنز فيلڊ هاءِ جيڪنگ‘ جي واقعي کان پوءِ، اردن جي شاه حسين فلسطينن جي خلاف ڪاروائي/ آپريشن جي شروعات ڪئي ۽ هزارين فلسطينين کي ماري ڇڏيو (شاهه حسين فلسطينين جي خلاف اها ڪاروائي پاڪستاني فوجي جٿن جي مدد سان ڪئي، ۽ پاڪستاني فوجي جٿن جي قيادت برگيڊيئر ضياالحق ڪري رهيو هو، جيڪو پوءِ پاڪستاني فوج جو سربراه بڻيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو انڌو ڪري ملڪ جو حڪمران بڻجي ويهي رهيو)، ان دوران پاپولر فرنٽ جي ڪارڪنن ”بليڪ سيپٽمبر“ جي نالي سان ڪاروايون جاري رکيون.
1972ع ۾ ڪم جي گهڻائي جي ڪري حباش جي صحت جواب ڏيڻ شروع ڪيو ۽ هو فرنٽ ۾ وڌيڪ متحرڪ رهڻ کان لاچار رهڻ لڳو. پر هو سياسي سطح تي بدستور متحرڪ هو. 1974ع ۾ جڏهن فلسطين جي قومي ڪائونسل (P N C) ٻن رياستن اسرائيل ۽ فلسطين جي قيام جي حق ۾ قرارداد منظور ڪئي ته هن پاپولر فرنٽ کي، پي ـ ايل ـ او کان الڳ ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي تنظيم کي عراق جي حمايت يافته محاذ Rejeionist Front ۾ شامل ڪيو،. ان کان پوءِ جڏهن 1977ع ۾ جڏهن مصر جي صدر انور السادات، اسرائيل سان لاڳاپا وڌائڻ شروع ڪيا ته فلسطيني ڌڙن ان جي خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي، جنهن ۾ حباش جو پاپولر فرنٽ به شامل ٿي ويو. فرنٽ 1975ع ۾ لبنان جي گهر ويڙهه دوران شاهه خلاف رهيو. نيٺ 1982ع ۾ آمريڪا جي چوڻ تي فرنٽ کي بيروت کان ڪڍيو ويو.
فرنٽ جا پي ـ ايل ـ او سان لاڳاپا به سٺا نه رهيا، پر 1983ع ۾ جڏهن الفتح ۾ ڦوٽ پئي ته فرنٽ ان صورتحال مان هرگز فائدو نه روتو ۽ بلڪل اڻ ڌريو رهيو.
1980ع واري ڏاڪي ۾ حباش جي صحت بگڙڻ لڳي ۽ هو تنظيم ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڃائڻ لڳو. ان دوران، فرنٽ، شام جي حافظ الاسد جي ”بعث پارٽي“ سان اتحاد ڪيو، جيڪو ياسر عرفات جي اسرائيل جي حق ۾ اعتدال پسندي جي خلاف هو. 1992ع ۾ جارج حباش اردن موٽي ويو.

اوسلو ٺاهه
1993ع ۾ جڏهن اوسلو (ناروي) ۾ ياسر عرفات ”ٺاهه“ تي صحيحون ڪيون ته حباش ۽ سندس ”پي ـ ايل ـ ايف ـ پي“ مڪمل طور تي ياسر عرفات جي خلاف ٿي ويا ۽ هن مٿس، فلسطيني جدوجهد کي وڪڻڻ جو الزام هنيو. حباش دمشق ۾ ياسر عرفات ۾ ”اوسلوٺاهه“ جي خلاف هڪ اتحاد جوڙيو، جنهن ۾ حماس ۽ اسلامي جهاد جهڙين تنظيمن به شرڪت ڪئي. پر بعد ۾ حباش پنهنجي تنظيم جي سخت اصولن جي پابندي ڪندي، ياسر عرفات سان ٻيهر لاڳاپا بحال ڪيا، ۽ ”اوسلو ٺاهه“ جي مخالفت برقرار رکندي، فلسطيني سياست ۾ پنهنجو سگهارو ڪردار ادا ڪندو رهيو. پر اهو تضادي رويو سندس تنظيم کي اڏوهي لڳڻ کان بچائي نه سگهيو، هڪ پاسي فلسطيني اسلامي تنظيمون ۽ ٻي طرف فلسطيني اسٽيبلشمينٽ جي حمايت يافته تنظيم الفتح سندس خلاف ٿي ويون، 1995ع کان پوءِ فلسطيني سياست ۾ پي ـ ايل ـ ايف ـ پي جو ڪردار تمام گهڻو گهٽجي ويو. تنظيم جي نئين سيڪريٽري جنرل ابو علي مصطفيٰ جي اڳواڻي ۾ 2006ع جي فلسطيني چونڊن ۾ 42 سيڪڙو پاپولر ووٽ حاصل ڪيا. ابو علي مصطفيٰ کي ”بي انتقاده“ جي دوران، اسرائيل شهيد ڪري ڇڏيو.
1990ع جي آخري سالن ۾ حباش جي صحت وڌيڪ خراب ٿي وئي، پر هن فلسطيني سر زمين تي قدم رکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سندس خيال هو ته فلسطين ۾ داخل ٿيڻ جو مطلب ”اوسلو ٺاهه“ کي مڃڻ ٿيندو ۽ هن پنهنجي موقف کي هرگز ڪمزور ڪرڻ نٿي چاهيو. هن 2000ع ۾ تنظيم جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تان استيفيٰ ڏئي ڇڏي. ۽ پي ـ ايل ـ ايف ـ پي جو تحقيقي مرڪز قائم ڪرڻ جي ڪوشش ۽ تنظيم جي اندروني سياست ۾ متحرڪ رهيو. هو هڪ سچو مارڪسي هو ۽ سڄي زندگي فلسطين جي آزادي لاءِ وڙهندو رهيو. هن جي زندگي جي هر گهڙي جدوجهد ۾ گذري. الحڪيم جارج حباش سڄي دنيا جي آزادي پسندن ۽ فلسطين جو هيرو ۽ دلين جي ڌڙڪن بڻيل رهندو.

اڇو تن جو اڳواڻ: ڊاڪٽر ڀيم رائو امبيڊ ڪر

ڊاڪٽر ڀيم راؤ رام جي امبيڊڪر، 4 اپريل 1891ع تي هندستان جي پرڳڻي سي ـ پي، جي هڪ ننڍي ڳوٺڙي ”مئو“ ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو ”رام جي“ هو، هن پٽ جو نالو ’ڀيم‘ رکيو. ڀيم جي، جو پتا فوج ۾ صوبيدار هو. کيس پنهنجي پُٽ کي پڙهائڻ جي وڏي خواهش هئي. جڏهن هو فوج مان رٽائرڊ ٿيو ته سندس مالي حالتون خراب ٿي ويون. ڪجهه وقت کان پوءِ هن جي امڙ وفات ڪري وئي. جنهن جو ‘رام جي’ کي سخت ڏک ٿيو.
ماءُ جي وفات کان پوءِ ڀيم جي پالنا سندس پڦيءَ ڪئي. کيس ننڍي هوندي ئي مهاڀارت ۽ رامائڻ پڙهايون ويون. ڀڄن به ٻڌائيندا هئا، جنهن سان سندس شخصيت ۾ سوچ ۽ ويچار جي صلاحيت پيدا ٿي. شروعاتي تعليم کان پوءِ ڀيم کي هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. جتي کيس هڪ نئين تجربي مان گذرڻون پيو. ڪلاس ۾ کيس ٻين ٻارن سان گڏ نه ويهاريو ويو، جنهن ڳالهه سندس معصوم ذهن تي گهرا اثر ڇڏيا، کيس پهريوين ڀيرو ذاتين جي اوچ نيچ جي فرق کي منهن ڏيڻو پيو. نه رڳو اهو، پر جڏهن رسيس ٿيندي هئي ته کيس مُٽ مان پاڻي ڪڍي پيئڻ جي موڪل به نه هئي. پر اسڪول جو پٽيوالو کيس ٻُڪ ۾ پاڻي پياريندو هو. هو سوچيندو هو ته منهنجي پيءَ مون کي رامائڻ ۽ مهاڀارت جي تعليم ڏني آهي، جنهن ۾ ڪٿي به ڌرم جي نالي ۾ انسانن سان گهٽ وڌائي جو نه چيو ويو آهي ۽ نه وري انسانن کي نفرت جي تعليم ڏني وئي آهي.
”هڪ ڏينهن هو بيل گاڏي تي سفر ڪري رهيو هو ۽ اڌ رستو گذرڻ کان پوءِ گاڏر کانئس پڇيو، ”پٽ! تون ”گوري ڳوٺ“ ۾ ڪنهن وٽ پيو وڃين؟“
هن وراڻيو: پنهنجي پتا رام جي سکپال وٽ پيو وڃان.
اهو ٻڌي گاڏي وارو صفا باهه ٿي ويو. ”رام جي سکپال ته اڇوت آهي. تو ته منهنجي گاڏي ۽ ڍڳا ڀرشٽ (ناپاڪ) ڪري ڇڏيا آهن. لهو منهنجي گاڏي تان، هاڻ توکي پاڻ سان گڏ وٺي نه هلندس.“
ڀيم گاڏي واري کي چيو، ”مون کي رستي جي خبر ڪونهي. تون مون کي کڻي هل.. آئون توکي ٻيڻو ڀاڙو ڏيندس..“
جنهن تي گاڏيءَ وارو راضي ٿي ويو. ”ٺيڪ آهي! پوءِ کڻي گاڏي ۽ ڍڳن کي ڌوئي ڇڏيندس.“
اها ڳالهه ڀيم جي ذهن ۾ بار بار سوال اٿاريندي رهي ته ٻيڻو ڀاڙو ڏيڻ سان، ناپاڪي ڪيئن ٿي ختم ٿئي. اهو ڪيئن ممڪن ٿيو.
هڪ ڀيرو سخت اُس ۾ ڀيم کي سخت اُڃ لڳي ته هن کوهه مان پاڻي ڪڍي پي ورتو. اهو منظر پنڊتن ڏسي ورتو ۽ اڇوت چئي کيس پٿر هنيا، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هٿ سان مارين ها ته سندن هٿ ناپاڪ ٿي وڃن ها.
هڪ ڏينهن ڀيم جي پڦيءَ چيس، ”پٽ! تنهنجا وار ڪافي وڏا ٿي وياآهن.. اچ ته ڪٽي ننڍا ڪريانوَ.“
ان تي ڀيم وراڻيس، ”آئون ان حجام کان لهرائيندس.. جنهن کان سڀ وار ٺهرائيندا آهن.“
پڦيءَ چيس، ”پُٽ! حجام تنهنجا وار نه لاهيندو.“
ڀيم وراڻيو، ”ڇو؟ منهنجن ۽ ٻين جي وارن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“
اڇوت عورتن کي پڙهڻ جي موڪل نه هئي، تنهنڪري سندس پڦي، سندس سوال جو جواب ڏئي نه سگهي.
اسڪول ۾ هڪ استاد ڀيم کي پاڻ سان گڏ ويهاري ماني کارائي، جيڪا ڳالهه ٻين کي نه وڻي، بعد ۾ ڀيم کي ممبئي جي ”اليفئنٽ اسڪول“ ۾ داخل ڪرايو ويو. انهن ڏينهن وڏن شهرن ۾ به ڇوت ڇات جون نفرتون موجود هيون. هڪ ڏينهن ڪلاس ٽيچر ڀيم کي بورڊ وٽ گهرايو ته سڀئي ڇوڪرا هُل ڪرڻ لڳا ته، ”سائين! ڀيم کي اُت نه گهراءِ! ڇو ته اُت اسان جي ماني جا ٿانوَ رکيا آهن. جيڪي ڀيم جي ڪري ڀرشت (ناپاڪ) ٿي ويندا.“
هڪ ڏينهن امبيڊڪر هيڊ ماستر وٽ ويو ۽ چيائين، ”سائين! آئون سنسڪرت پڙهڻ ٿو چاهيان.“
جنهن تي هيڊ ماستر وراڻيس، ”تون اڇوت آهين.. سنسڪرت نٿو پڙهي سگهين. تون فارسي پڙهه.“
اهي سڀ ذات ۽ ذلت جون ڳالهيون برداشت ڪندي امبيڊڪر پنهنجي تعليم جو سلسلو اڳيان وڌائيندو رهيو. هو چيرٽي روڊ وٽ هڪ باغ ۾ وڃي پڙهندو هو. اتي سندس ملاقات هڪ سماجي ڪارڪن ‘ليڪو شڪر’ سان ٿي. نيٺ اهو ڏينهن به آيو جڏهن دلت ذات جو هي سلڇڻو ٻار پنهنجي طبقي جو اهو پهريون ڇوڪرو ثابت ٿيو، جنهن ميٽرڪ پاس ڪئي.
ان کان پوءِ ڀيم انٽر ڪاليج ۾ داخلا ورتي. جڏهن پرنسپال في جي ڳالهه ڪئي ته وٽس في جي لاءِ ٽڪو به نه هو. ڀيم جو پيءُ رام جي، سماجي ڪارڪن ”ليڪو شڪر“ وٽ ويو ۽ ڪاليج جي في بابت ٻڌايو ته هو اها ڏئي نه سگهندو. اهو سماجي ڪارڪن بڙودا جي مهاراجا وٽ ويو ۽ ان جي باري ۾ درخواست پيش ڪيائين. جنهن تي راجا ڀيم جي لاءِ ماهوار وظيفو مقرر ڪيو، گڏو گڏ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ کيس بڙودا ۾ ڪلرڪ جي نوڪري به ملي وئي. ان دوران ڀيم جو والد رام جي ديهانت ڪري ويو. ان کان پوءِ ڀيم رائو، ليڪو شڪر سان گڏيو ته هن کيس صلاح ڏني ته تون بڙودا جي راجا وٽ وڃ. ڇو ته هن جي ذريعي ڪجهه شاگردن کي پڙهڻ جي لاءِ ٻاهر موڪليو پيو وڃي، ٿي سگهي ٿو ته تنهنجو نالو به ان فهرست ۾ اچي وڃي.
ڀيم، بڙودا جي راجا وٽ هليو ويو. ڀاڳ ڀلا هئس، جو سندس نالو به ٻاهر ويندڙ شاگردن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو. پر شرط اهو هو ته کيس ڏهن سالن تائين رياست بڙودا جي نوڪري ڪرڻي پوندي. ڀيم جولاءِ 1913ع ۾ نيويارڪ پهتو. اتي جي روشن خيالي ڏسي هو ڏاڍو متاثر ٿيو. اتي ڪو به سماجي ٻنڌڻ يا فرق نه هو. 1915ع ۾ هن اي ـ ايم ـ ايڇ پاس ڪئي ۽ ٻي سال پي ـ ايڇ ـ ڊي جي ڊگري مڪمل ڪئي. ايئن هن نيويارڪ ۾ تعليم مڪمل ڪري ورتي ۽ قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ جي لاءِ لندن هليو ويو. پر لندن پهچندي ئي کيس تار ملي ته بڙودا جي ديوان کيس واپس گهرايو آهي. هو واپس بڙودا پهتو، پر اسٽيشن تي کيس ڪير به وٺڻ جي لاءِ نه آيو. هو مجبوريءَ ۾ رات ٽڪڻ جي لاءِ هوٽل پهتو، پر کيس ڪنهن به هوٽل ۾ جاءِ نه ملي، ڇو ته هوٽل مالڪن جي پڇڻ تي هو ٻڌائي ڇڏيندو هو. ”هو اڇوت آهي.“ هن وڪالت ڪرڻ جو سوچيو، پر وٽس ڪتابن خريدڻ لاءِ پئسا نه هئا. تنهنڪري هو صبح کان وٺي شام تائين ’برٽش ميوزيم لائبريري‘ ۾ پڙهندو هو، جو اتي بنا پئسن جي ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ ملي ويندا هئا. هو صبح جو ناشتي مان هڪ سينڊ وچ بچائي کڻي ايندو هو، جيڪو هو ٻن پهرن جو کائيندو هو.
هڪ ڏينهن لائبريري انچارج کي ان ڳالهه جي خبر پئجي وئي ته هن کيس آفيس ۾ گهرائي چيو، ”تو پاڻ سان گڏ ماني آندي ۽ لائبريري ۾ کاڌي؟ تو لائبريري جي ڊسيپلين جي خلاف ورزي ڪئي آهي، تنهنڪري آئنده آئون توکي لائبريري ۾ اچڻ جي موڪل نه ٿو ڏئي سگهان.“
امبيڊڪر چيس، ”سائين! هن ڀيري معاف ڪيو، آئنده ڪڏهن به ايئن نه ڪندس.“
انچارج چيس، ”آئون ڏسندو آهيان ته تون صبح کان وٺي شام تائين رڳو پيو پڙهندو آهين. تون ٻين ماڻهن جيان منجهند جي ماني کائڻ جي لاءِ ٻاهر ڇو ڪو نه ويندو آهين.“
اهو ٻڌي امبيڊڪر وراڻيس، ”سائين! ٻاهر وڃي ماني کائڻ منهنجي پهچ کان مٿي آهي. تنهنڪري آئون صبح جي ناشتي مان هڪ سينڊ وچ بچائي کڻي ايندو آهيان، جيڪو منجهند جو کائي پاڻي پي وٺندو آهيان.“
اها ڳالهه ٻڌي انچارج چيس، ”هن ڀيري توکي معاف ٿو ڪريان، پر شرط اهو آهي ته آئنده منجهند جي ماني مون سان گڏ کائيندين.“ امبيڊڪر مجبوريءَ جي حالت ۾ اهو شرط مڃي ورتو.
ڊاڪٽر امبيڊڪر ‘بشڪ’ نالي هڪ پارٽي ٺاهي ۽ 1927ع ۾ ’مهاڊ‘ ۾ سڀني اڇوت قومن جو هڪ وڏو جلسو منعقد ڪيو. جنهن ۾ هن چيو، ”چار سال اڳ مهاڊ ميونسپلٽي اسان کي تلاءَ مان پاڻي ڀرڻ جي موڪل ڏني هئي، پر ڊپ سبب اسان اڃا تائين اتان پاڻي نه ڀريو آهي. هلو ته اڄ هلي ڀريون.“
امبيڊڪر سڀني کي وٺي تلاءَ تائين ويو. پر ماڻهن کي اتان پاڻي ڀرڻ ۾ ڊپ پي ٿيو. اهو ڏسي ڊاڪٽر امبيڊڪر اڳيان وڌي پاڻي ڀري پيتو تاريخ ۾هڪ نئين باب جو وڌاروڪيو.
ڊاڪٽر امبيڊڪر ”اڇوت شرڪت ڀارت“ نالي هڪ رسالو ڪڍيو. جنهن ۾ هن پنهنجن ماڻهن کي ناسڪ جي ‘ڪالا رام’ مندر ۾ پوڄا پاٽ ڪرڻ جي باري ۾ لکيو هو. مارچ 1930ع کان هن مندر جي دروازي تي پرامن بک هڙتال شروع ڪري ڏني. بک هڙتال کي هڪ مهينو ٿي ويو. ۽ سالياني رٿ ياترا جو ڏينهن اچي ويو. امبيڊڪر چيو، ”جيڪڏهن ٻنهي طرفن جا طاقت ور همراهه گڏجي رٿ ڇڪين ته اسين بک هڙتال ختم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون.“
پر رٿ ياترا کان اڳ ئي اوچي ذات وارا هنڌو رٿ اتان ڇڪي کڻي ويا. ان کان پوءِ ڀيم ۽ سندس ساٿي احتجاجي مظاهرا ڪندا رهيا، جنهن سبب مندر هڪ سال تائين بند رهيو.
امبيڊڪر جي زال مذهبي عورت هئي. هڪ ڏينهن هن امبيڊڪر کي چيو، ”ڀڳوان جي درشن جي لاءِ پنڊريو هلڻ جي منهنجي وڏي خواهش آهي.“
”پر اسان کي مندر ۾ گهڙڻ ڪير ڏيندو.؟“ امبيڊڪر چيو.
زالهنس چيس، ”ته ڇا ٿي پيو؟ اسين دروازي وٽ بيهي ئي ڀڳوان جو درشن ڪري سگهون ٿا.“
امبيڊڪر وراڻيس، ”مون کي اها ڳالهه پسند ڪونهي ته اسان کي ڀڳوان جي مورتي کان پري رکيو وڃي. اسين پنڊريو ڇو وڃون؟ اسين پنهنجي محنت سان دکي ماڻهن جي دل سان خدمت ڪري، سندن لاءِ قربانيون ڏئي هت ٻيو پنڊريو ٺاهيندا سين.“
هڪ ڏينهن امبيڊڪر کي خبر پئي ته حڪومت ڌار چونڊن جي گهر مڃي ورتي آهي. اهو ٻڌي هن چيو ته اها اسان جي جيت آهي، پر گانڌيءَ ذات پات جي بنياد تي ڌار چونڊن جي خلاف هو، تنهنڪري امبيڊڪر کي اتان هٿ کڻڻو پيو.
ڊاڪٽر امبيڊڪر اڇوتن جي هڪ جلسي ۾ تقرير ڪندي چيو هو، ”جيڪڏهن ڌرم اوهان کي انسان نٿو مڃي، جيڪو اڻ پڙهيل کي اڻ پڙهيل ۽ غريب کي غريب ڪري رکڻ ٿو چاهي. اهو ڌرم نه پر بد دعا آهي.“
1942ع ۾ وائسراءِ هنڌ ڊاڪٽر امبيڊڪر کي پنهنجو وزير بڻايو ته هن پنهنجي اعزاز ۾ ڪوٺايل هڪ تقريب ۾ تقرير ڪندي چيو، ”آئون غريبن ۾ پيدا ٿيو آهيان. آئون پٽ تي ۽ تڏي تي ستو آهيان. پنهنجي دوستن جي لاءِ ۽ سڄي دنيا جي لاءِ منهنجا جذبا ساڳيا آهن.“
هندستان جو پهريون آئين ”ڊاڪٽر امبيڊڪر“ تيار ڪيو هو. آئين موجب ذات پات جي فرق جي ڪابه موڪل ڪونهي. جيڪڏهن ڪو شخص، ٻي شخص کان رڳو ان ڪري نفرت ڪندو ته اهو ننڍي ذات جو آهي، ان کي ڏوهه سمجهيو ويندو.
ڊاڪٽر امبيڊڪر 14 آڪٽوبر 1965ع تي ٻُڌ ڌرم قبول ڪيو. ساڻس گڏ سندس ٽي لک ساٿين به ٻڌ ڌرم قبول ڪيو. سندس چوڻ هو، ”ٻڌ ڌرم انسانن کي محبت ڪرڻ جو درس ٿو ڏي.“
ڊڪٽر امبيڊڪر ڊسمبر 1965ع ۾ دهليءَ ۾ چالاڻو ڪيو.

آمريڪا جي اڪيلي ”عورت صدر“

2 آڪٽو بر 1919ع تي صبح جو ڇهين وڳي ايڊٿ بولنگ رات جو ڇهون ڀيرو گهري ننڊ مان اٿي ۽ هوريان هوريان وکون کڻندي پاسي واري ڪمري ۾ پهتي، جتي سندس مڙس ”وڊورو ولسن“ ليٽيل هو. آخر سندس دعائون اگهايون ۽ آمريڪا جو صدر سمهي چڪو هو. هن سک جو ساهه کنيو. ولسن ان بستري تي ستل هو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ ابرهام لنڪن جي استعمال هيٺ رهيو هو. 62 سالن جي صدر کي هڪ هفتي کان پوءِ معمول جي ننڊ آئي هئي. مٿس پهريون ڀيرو رياس الي نواءِ، ۾ مصيبتن جو پهاڙ اچي ڪريو. دراصل صدر ولسن گذريل ٽن مهينن کان سڄي ملڪ ۾ گهمي ڦري اها مهم هلائي رهيو هو ته آمريڪا کي ”ليگ آف نيشنز“ ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. پر ڊگهن دورن کيس ايترو ته ٿڪائي ڇڏيو، جو هو مٿي ۾ شديد سور محسوس ڪرڻ لڳو هو. جڏهن سندس زال ايڊٿ مٿس اها مهم ملتوي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ته هن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. پر وائٽ هائوس پهچي به صدر بي قرار رهيو ۽ هن پنهنجي رٿا کي هر صورت ۾ مڪمل ڪرڻ ٿي چاهيو.
2 آڪٽوبر تي هو سڄو ڏينهن ستل رهيو. رات جو اٺين بجي ايڊٿ ٻيهر ڪمري ۾ وئي ته هو جاڳي رهيو هو. بيگم، مڙس کي پاڻي پياريو، ان مهل هن محسوس ڪيو ته صدر جي ساڄي ٻانهن جهولي رهي هئي. ان مهل صدر چيس ”مون کي ايئن پيو لڳي ته منهنجو ساڄو هٿ نه آهي. ٿوري مالش ته ڪريم.“ پوءِ وري چيائين، ”پهرين مون کي غسل خاني وٺي هل.“ بيگم کيس غسل خاني پهچايو ۽ خود صدر جي ذاتي ڊاڪٽر ”ڪيري گرين“ کي فون ڪئي. جيئن ئي ڳالهه ٻولهه ختم ٿي ايڊٿ غسل خاني ۾ ڪنهن شيءِ جي ڪرڻ جو آواز ٻڌو. هوءَ ڊوڙي اتي پهتي ته ڏٺائين ته ولسن فرش تي ٻي هوش ٿيو پيو هو. ٿوري دير کان پوءِ ڊاڪٽر ڪيري سندس تپاس ڪري رهيو هو. هو نه رڳو صدر جو ذاتي ڊاڪٽر هو، پر سندس گهرو دوست به هو، سندس چهري تي انو مان جو لهرون به ڊوڙي رهيون هيون ۽ هن ڏکاري لهجي ۾ چيو، ”بيگم ولسن! صدر صاحب تي فالج جو حملو ٿيو آهي. سندس سڄو ساڄو جسم بي حس ۽ حرڪت ٿي چڪو آهي.“
ايڊٿ اها خبر وڏي حوصلي سان ٻڌي. پوءِ هو شديد ٿڪاوٽ جو شڪار پر پنهنجي اڏول مڙس کي ڏکارين نظرن سان ڏسڻ لڳي. کيس 19 آگسٽ جو ڏينهن ياد آيو. ان ڏينهن صدر سينٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽيءَ جي سامهون شاندار ۽ جذباتي تقرير ڪئي.سندس چوڻ هو ته آمريڪاکي ”ليگ آف نيشنز“ ۾ لازمي طور تي شامل ٿيڻ گهرجي، پر ڪميٽيءَ جا ميمبر ڄڻ ته ڪنن ۾ ڪپهه وجهيو ويٺا هئا. ان ڏينهن صدر ولسن پنهنجي محبوب زال کي ٻڌايو ته، ”انهن جي سامهون بين وڄائڻ جو ڪو به فائدو ڪونهي، مون کي عوام وٽ وڃڻو پوندو، اهو ئي کين سڌو ڪندو.“
پر ڊاڪٽر ان مهم جو زبردست مخالفت هو . هن صدر کي چئي ڏنو ته ”جيڪڏهن مهم شروع ٿي ته اها اوهان کي ماري ڇڏيندي.“
اهو ٻڌي صدر ولسن ڪجهه گهڙيون ”يادگار واشنگٽن“ تي نظرون کپائي رکيون. پوءِ چيو، ”هائو دوست! تون صحيح ٿو چوين، پر منهنجي ڪلهن تي وڏي ذميواري آهي. جيڪڏهن (آمريڪي) سينٽ، معاهدو (ورسائي) منظور نه ڪيو ته جنگ (پهرين مهاڀاري جنگ) جو نتيجو اجايو ويندو. جڏهن آمريڪي فوجين هٿيار کنيا هئا ته مون ساڻن واعدو ڪيو هو ته اها جنگ سڀني جنگين جو خاتمو ڪري ڇڏيندي. جيڪڏهن مون ٺاهه منظور ڪرائڻ ۾ پنهنجو سڄو زور نه لڳايو ته ڪوڙو سڏبس، مونکي هر قيمت تي مهم تي نڪرڻو آهي.“
ايڊٿ ولسن کي اهو ڏينهن به ياد آيو، جڏهن صدر، فرانسيسي شهر سور نيسز، ۾ موجود آمريڪي فوجين جي قبرستان ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪيو هو، جڏهن هو ڏاڍي جذباتي اندار ۾ انهن ماڻهن جو قربانيون ياد ڪرڻ لڳو، جن امن جي خاطر پنهنجيون جانيون قربان ڪيون هيون ته حاضرين روئي پيا هئا. صدر ولسن جي اکين ۾ پڻ لڙڪ اچي ويا هئا. ۽ ايڊٿ به لڙڪ ڳاڙيا هئا. هوءَ پنهنجي مڙس سان بي انتها محبت ڪندي هئي، تنهنڪري کيس لاچار ڏسي مٿس غم ۽ ڏک جو جبل ڪري پيو هو.

عجيب بحران
ايندڙ ٻن ڏينهن تائين صدر ولسن موت ۽ حياتي جي ڇڪتاڻ ۾ مبتلا رهيو، جڏهن ماهر سندس علاج ڪري رهيا هئا ته واشنگٽن ۾ اها ڳالهه پکڙجي وئي ته صدر تمام گهڻو بيمار آهي. ان خبر گادي واري هنڌ ۾ افواهن جي بازار گرم ڪري ڇڏي. هڪ افواهه اهو به هو ته فرانسيسي طوائف وٽ وڃڻ سبب هو آتشڪ جي مرض ۾ متبلا آهي. ٻي افواهه کيس چريو قرار ڏنو ويو. ثبوت طور چيو ويو ته وائٽ هائوس جو هڪ دريءَ ۾ لوهي سيخون لڳي ويو آهن (حقيقت ۾ اهي لوهي سيخون ويهه سال اڳ صدر ٿيو ڊور ويلٽ جي دور ۾ لڳايون ويون هيون، ته جيئن سندس ٻارڙا، بيس بال کيڏن ته شيشا محفوظ رهن). جيئن ته معائني واري ٽيم ۾ ذهني ۽ اعصابي مرضن جو ماهر ”ڊاڪٽر ايف ايڪس ڊرڪم“ به شامل هو، تنهنڪري ٻي ڏينهن منجهند تائين سڄي نيويارڪ ۾ اها خبر پکڙجي وئي ته صدر گذاري ويو آهي. ان موقعي تي ايڊٿ ولسن ڊاڪٽرن کي چيو ته ”اوهان مون کي صدر جي بيماري جي باري ۾ صحيح ٻڌايو ته جيئن آئون سچائي کي عوام جي سامهون آڻي سگهان.“
ڊاڪٽرن پاران ڊاڪٽر ڊرڪم جواب ڏنو، ”بيگم ولسن! صدر صاحب جو دماغ سئو سيڪڙو درست آهي. مڪمل طور تي صحتياب ٿي سگهي ٿو. عظيم سائنسدان لوئي پاسچر تي به ان قسم جو فالج ڪريو هو. پر هو مڪمل طور تي صحت مند ٿي ويو. پر صحتياب جي لاءِ ضروري آهي ته صدر ڪيترائي مهينا آرام ڪري. جيڪڏهن پريشان ڪندڙ مسئلن سندس پٺ نه ڇڏي ته فالج سندس زندگي به وٺي سگهي ٿو.“
ايڊٿ ڊاڪٽر کي ايئن ڏٺو، ڄڻ هوءَ چري ٿي وئي هجي، پوءِ هن وات پٽيو، ”ڊاڪٽر صاحب! صدر تائين جيڪا ڳالهه پهچندي آهي، اهو مسئلو ئي هوندي آهي. تنهنڪري کيس مسئلن کان ڪيئن ٿو محفوظ رکي سگهجي.؟“
ڊاڪٽر ڪم وراڻيو، ”مادام! اها پڪ ، سان بي حد تشويشناڪ صورتحال آهي. پر آئون سمجهان ٿو؛ ان جو حل اوهان وٽ آهي. ڪا به سرڪاري ڳالهه يا ڪم هجي ته پهرين اوهين اهو ڏسو. پهرين مسئلي جي چڱي طرح جانچ پڙتال ڪريو ۽ ڏسو ته ڇا اهو واسطيدار کاتن جي سربراهه جي مدد سان حل ٿي سگهي ٿو؟ ته پوءِ اهو صدر تائين پهچائڻ جي گهرج نه رهندي. ياد رکج! جڏهن به تو ڪو مسئلو صدر تائين پهچايو.. ته ايئن سمجهجان ته زخم تي چاقو جو هڪ وار ڪيو ويو آهي.“
ايڊٿ کي ڏاهي ۽ تجربي ڪار ڊاڪٽر جون ڳالهيون دل سان لڳيون. پر هن چيو، ”ڇا اهو مناسب ڪونهي ته صدر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.؟ ايئن نائب صدر ٿامس مارشل حڪومت سنڀالي وٺندو.“
نائب صدر ’ٿامس مارشل‘ جو واسطو انڊيانا رياست سان هو. هو واجبي عقل ۽ ڏاهپ وارو شخص هو. ٻي پاسي آمريڪي تاريخ جو ڏاڍو نازڪ دور گذري رهيو هو. اهڙين حالتن ۾ مارشل کي صدر بڻجندو ڏسي ڊاڪٽر مارڪم گهٻرائجي ويو. هن ايڊٿ کي سمجهايو. صدر، ليگ آف نيشنز جي لاءِ پنهنجي زندگي داءَ تي لڳائي ڇڏي آهي. هان جيڪڏهن صدر کان استعيفيٰ ڏياري وئي ته مون کي ڊپ آهي ته سندس تندرستي جي رهيل کهيل اميد به ختم ٿي ويندي. ٻيو ته آئون سمجهان ٿو ته بي حس ۽ حرڪت هئڻ جي باوجود به صدر ولسن اڃا به سڀني آمريڪي اڳواڻن کان ڳري شخصيت آهي .
ايڊٿ ڊاڪٽر جا دليل مڃي ورتا. هونئن به هوءَ حڪومت معاملن کان اڻ ڄاڻ نه هئي. هوءَ 18 ڊسمبر1915ع تي صدر سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌي هئي. ان ڏينهن کان وٺي هوءَ غير معمولي انداز ۾ صدر جي مصروفيت جو حصو بڻجي وئي هئي. صدر ولسن تنهائي پسند انسان هو. تنهنڪري اڪيلو ئي آمريڪا جو اعليٰ ترين آفيس هلائڻ جو عادي ٿي ويو هو، ايتريقدر جو هو اڪثر پنهنجا پيغام پاڻ ئي ٽائپ ڪندو هو ۽ ڪجهه ذاتي دوستن سان صلاح مشورو به ڪري وٺندو هو. انهن دوستن ۾ مٿاهين صدر جي زال به هئي. ۽ سڀني کان وڌيڪ ويجهي به. صدر هڪ جذباتي انسان هو. اهو ئي سبب هو جو جڏهن آگسٽ 1914ع ۾ سندس پهرين زال گذاري وئي ته هو جسماني ۽ جذباتي طور تي شڪست ۽ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويو. اهو پڻ عجيب اتفاق هو، صدر ولسن جيئن ئي سهڻي ۽ فهميدي ايڊٿ کي ڏٺو ته مٿس عاشق ٿي پيو ۽ ٻن مهينن جي اندر ئي کيس شادي جي آڇ ڪيائين، پر ايڊٿ ٻڏتر جو شڪار ٿي وئي. اهو ڏسي صدر کيس نياپو موڪليو، ”ننڍي ڇوڪري! منهنجي نظر ۾ وقت جي پيمائش هفتن يا مهينن جي بدران انسان جي تجربن مان ٿئي ٿي.“
ايڊٿ کي هاڻ زندگي نهايت اهم فيصلو ڪرڻو هو. ماضي جي جهروڪن ۾ ڏسندي کيس ياد آيو ته صدر ولسن سڀني خيالن ۽ احساسن جو ساڻس ذڪر ڪندو رهندو هو. جڏهن پهرين مهاڀاري جنگ شروع ٿي ته هو رات جو دير تائين ڪمن ۾ رڌل رهندو هو. ايڊٿ به هر ممڪن سندس مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. آخر ۾ ايڊٿ کي شادي کان ڪجهه وقت اڳ وارا ڏينهن ياد آيا ته هن صدر سان شادي ڪرڻ تي هائوڪار ڪئي، انهن ئي ڏينهن هڪ عورت صدر ولسن جي خلاف اسڪينڊل کڙو ڪيو، سندس چوڻ هو ته صدرکيس عشقيه خط لکيا هئا، هاڻ هوءَ اهي خط سامهون آڻڻ ٿي چاهي، پوءِ خبر پئي ته ان اسڪينڊل جي پويان صدر جا مخالف سياستدان هئا.
اسڪينڊل جي ڪري صدر ولسن شديد نفسياتي دٻاءَ ۾ اچي ويو. هڪ ڏينهن هن پنهنجي ٿيندر زال کي لکيو ته هوءَ چاهي ته منڱڻي ٽوڙي سگهي ٿي. خط ملڻ تي ايڊٿ هڪ سڄي رات ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار رهي. نيٺ هن فيصلو ڪري ورتو ۽ صدر ولسن کي لکيو.. ”آئون توسان وعدو ڪري چڪي آهيان، جيڪو مون کي سڀ کان وڌيڪ پيارو آهي. آئون توسان ئي بيٺل هونديس. پر ڪا ذميداري سمجهي يا رحم کائي نه پر محبت خاطر! مشروب مٺو هجي يا ڪڙو. اسين گڏجي اهو پيئنداسين ۽ کل خوشيءَ سان زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪنداسين.“ هاڻ اهي ئي لفظ ايڊٿ جي ذهن ۾ گونجڻ لڳا، کيس خبر هئي ته هاڻ اهو ڪڙو مشروب پيئڻ جو وقت اچي ويو آهي. کيس پنهنجي مڙس جي زندگي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي سڀني صلاحيتن کي استعمال ڪرڻو آهي، ايئن دنيا کي امن جو تحفو ملي سگهي ٿو.

ماتحتي جو دور
ايندڙ ٽن مهينن تائين آمريڪا جي حڪومت ”ايڊٿ ولسن“ هلائي ۽ ان جي اڇي ۽ ڪاري جي مالڪ رهي. ان دوران کيس نه رڳو ڪانگريس، ڪابينا ۽ اخبارن جي تنقيد برداشت ڪرڻي پئي، پر صدر جي تنقيد به سهڻي پئي. دراصل جڏهن صدر کي هوش آيو ته ان اسٽينو گرافر کي گهرائي ڪجهه اهم خط لکرائڻ ٿي چاهيا، پر ايڊٿ کيس اهو ڪم ڪرڻ نه ڏنو. جنهن تي صدر ٿورو چڙيو، پر ايڊٿ کيس آرام ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ ايڊٿ معاملن بابت پاڻ مرادو حڪم جاري ڪيا، پر هوءَ سڄي عمر پنهنجي زندگي جي ان دور کي ”ماتحتيءَ جو دور“ چوندي رهي. بيماري صدر کي ايترو ته ڪمزور ڪري ڇڏيو هو، جو هو رڳو ڪجهه جملا ئي ڳالهائي ٿي سگهيو. فيصلا ڪرڻ ته پنهنجي جاءِ تي هو ڪيترن ئي قانونن تي صحيح ڪرڻ کان به لاچار هو. تنهنڪري ڪيترائي قانون سندس صحيح کان سواءِ، قانون جو حصو بڻجي ويا. اها حقيقت آهي ته هو صدر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ جي لائق نه هو، پر ان وقت آمريڪي آئين ۾ اهڙو ڪو فقرو موجو نه هو، جيڪو اهڙي صورتحال ۾ سڀني جي رهنمائي ڪري سگهي. اڳتي هلي ڪانگريس پنجويهين ترميم منظور ڪئي، جنهن جي آڌار تي صدر جي نااهليت تي نائب صدر کي اقتدار سنڀالڻ جو اختيار ملي ويو. سينيٽرن ۽ ٻين سرڪاري آفيسرن کان جيڪي پيغام ايندا هئا، هوءَ انهن کي چڱي طرح پڙهي انهن جو تت تيار ڪندي هئي. شروع ۾ هوءَ روزانو ڏهه منٽ ئي ملڪي معاملن جي باري ۾ صدر سان ڳالهائي سگهندي هئي، پر هوريان هوريان اهو عرصو وڌندو ويو.

مون کي عزت پياري آهي
ايڊٿ پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکي ٿي، ”جيئن ئي صدر اعصاب بحال ٿيا ته هو مون کان هزارين سوال پڇڻ لڳو. هن خاص طور تي ”ورسائي ٺاهه“ بابت ڄاڻڻ ٿي چاهيو. نومبر جي شروع ۾ ايڊٿ کيس سينيٽ ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻ ”گلبرگ هچوڪ“ سان ملڻ جو موڪل ڏني، هچوڪ صدر کي ٻڌايو ته مخالف ڌر ٺاهه ۾ ڪجهه تبديليون ٿي چاهي، جيڪڏهن صدر اهي منظور ڪري ته سينيٽ مان منظوري ملي ويندي. پر صدر معاهدي ۾ معمولي تبديلي ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. جڏهن صدر ڳالهه مڃڻ جي لاءِ تيار نه ٿيو ته هچوڪ ۽ ٻين سينيٽرن ايڊٿ کان مدد گهري، کين به احساس هو ته جيڪڏهن معاهدو منظور ٿي ويو ته صدر جي صحت تي سٺو اثر پوندو. تنهنڪري هڪ موقعي ته هن صدر کي چيو، ”وڊرو! منهنجي خاطر تبديليون مڃي، ان جنجال مان جند ڇڏائي.“ اهو ٻڌي صدر بنا دير جي چيو، ”منهنجي ننڍي ڇوڪري! مون کي غلط واٽ نه سمجهائي. مون ٺاهه تي صحيح ڪئي آهي ۽ هاڻ اهڙو ڪو به اخلاقي يا قانوني جو از ڪونهي، جو اُن ۾ تبديليون ڪري سگهان. اها ڳالهه جرمنن جي لاءِ به آهي. دراصل هن وقت آمريڪي قوم جي عزت داءُ تي لڳل آهي، نه ته مون کي تبديلين تي ڪو به اعتراض نه هجي ها. منهنجون هزار زندگيون هجن ته به پنهنجي عزت ۽ شان مٿان قربان ڪري ڇڏيان.
ايئن صدر ۽ مخالف ڌر ۾ ٺاهه تي زبردست جنگ جاري رهي. جڏهن ڪو نبيرو نه ٿيو ته 19 مارچ 1920ع تي ڪانگريس جي اجلاس ۾ ٺاهه رد ٿي ويو. ان شڪست صدر ولسن جي صحت سڌرڻ نه ڏني ۽ هن صدر جي حيثيت سان پنهنجو آخري سال مفلوج جيان گذاريو.ان دوران ايڊٿ لڳاتار سندس ويجهي ساٿڻ ۽صلاحڪار رهي. جڏهن اهو جوڙو 1921ع ۾ وائٽ هائوس مان روانو ٿيو، تڏهن به ايڊٿ ساڳي محبت ۽ جذبي سان بيمار مڙس جي خدمت ڪندي رهي، ايستائين، جيستائين 3 فيبروري 1924ع تي ولسن وفات ڪئي.
اها حقيقت آهي ته آمريڪي تاريخ جي بي حد نازڪ موڙ تي ”ايڊٿ ولسن“ هڪ سپر پاور جو ڪارو بار سنڀال ثابت ڪري ڏيکاريو ته ذهانت، اٽلٽا ۽ بهادرِيءَ ۾ عورت ڪنهن به مرد کان گهٽ ڪونهي. ڊاڪٽر ”ڪيري گري سن“ پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ ايڊٿ بابت لکيو آهي ”هڪ ڊاڪٽر گهڻو جلد نه رڳو مريض جي پر آسپاس جي نفسيات کي چڱي طرح سمجهي وڃي ٿو. صدر جي بيماري جي دوران بيگم ايڊٿ ولسن جنهن بهادري، سهپ ۽ قوت جو مظاهرو ڪيو، اهڙو مون گهٽ انسانن ۾ ڏٺو.“
ايڊٿ ولسن پنهنجو ڪردار سٺي نموني نڀايو ۽ آمريڪي تاريخ ۾ امر ٿي وئي. تنهڪري مورخ کيس ”آمريڪا جي پهرين عورت صدر“ ۽ ”ڳجهي صدر“ جي منفرد يقين سان ياد ڪندا آهن.
ايڊٿ بولنگ 15 سيپٽمبر 1872 تي ورجينيا رياست ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ سرڪٽ ڪورٽ جو جج هو. هن بنيادي تعليم گهر ۾ پرائي، سندس پهرين شادي 1896ع ۾ نارمن گالٽ سان ٿي. 1903ع ۾ وٽن هڪ ٻارڙو پيدا ٿيو. جيڪو ٽن ڏينهن کان پوءِ گذاري ويو. ويم دوران خرابي سبب ايڊٿ وري ڪڏهن به ماءُ بڻجي نه سگهي. 1908ع ۾ اوچتو نارمن گالٽ گذاري ويو ته ايڊٿ هن جي جيولري جو دوڪان سنڀاليو ۽ اهڙي ڪاميابيءَ سان هلايو، جو کيس ڪڏهن به مالي تنگي نه ٿي. هوءَ پنهنجي مهذب پڻي ۽ نرم طبيعت جي ڪري واشنگٽن ۾ گهڻي مشهور هئي. سندس مشهوري جو هڪ راز اهو به هو ته هوءَ پهرين اليڪٽرڪ ڪار هلائيندڙ هئي. 1914ع جڏهن ولسن جي زال گذاري وئي ته سندس هڪ مائٽياڻي ”هيلن بونز عارضي“ خاتون اول بڻجي وئي. هڪ تقريب ۾ ايڊٿ ۽ هيلن جي ملاقات ٿي ته ٻئي ساهيڙيون بڻجي ويون. پوءِ هيلن ئي هن جي صدر سان ملاقات ڪرائي.سندن شادي 18 سيپٽمبر 1915ع تي ٿي. صدر ولسن جي موت کان پوءِ ايڊٿ واشنگٽن ۾ ئي رهي. 1961ع ۾ هن صدر جان ايف ڪينبدي جي حلف برداري جي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ساڳئي سال اها با وقار خاتون 28 ڊسمبر تي چالاڻو ڪري وئي.

جيوتي باسو؛ هندستان جو عظيم پُٽ

17 جنوري 2010ع تي جيوتي باسو، ڪلڪتي جي ’سالٽ ليڪ اسپتال‘ ۾ پرلوڪ پڌاريو. سندس چالاڻي تي هندستاني وزيراعظم ڊاڪٽر من موهن سنگهه کيس ”هندستان جو عظيم پٽ“ قرار ڏنو. هندستان جو اهو عظيم پٽ 8 جولاءِ 1914 ۾ مشرقي بنگال جي ضلع ”نارائڻ گنج“ (اڳوڻي اوڀر پاڪستان) جي ڳوٺ ’بردي‘ ۾ جنم ورتو. سندس ڄم جو نالو ’جيوتي ڪرن‘ رکيو ويو. سندس پيءُ ’ڊاڪٽر نشي ڪانت باسو‘ هڪ معمولي گهراڻي مان هو. البت سندس امڙ ’هيم لتا‘ جو واسطو اپر مڊل ڪلاس سان هو. 1920ع ۾ جيوتيءَ کي جيوتي باسوءَ جي مختصر نالي سان ’ڌرم تلا ڪلڪته‘ جي لوريٽو اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. هن 1925ع ۾ سينٽ زيوئير St : Xavier اسڪول ۾ منتقل ڪيو ويو. هن 1935ع ۾ انٽرنس هندو ڪاليج (پريزيڊنسي ڪاليج) مان ڪيو. ان کان پوءِ کيس قانون جي تعليم پرائڻ لاءِ انگلينڊ موڪليو ويو. ان ئي ڏاڪي جي آخر ۾ هن لندن اسڪول آف اڪنامڪس ۾ اقتصاديات جي ناليواري ’استاد هيرالڊ لاسڪي‘ جا ليڪچر به اٽينڊ ڪيا. انهن ئي ڏينهن ۾ سندس ڪميونسٽ پارٽي ان گريٽ برٽين جي ڪارڪنن ۽ عهديدارن سان ملاقاتون ٿيون ۽ نالي واري ڪميونسٽ فلسفي رجني رام دت جي صحبت ته سندس ڪايا ئي پلٽائي ڇڏي. هو آيو ته قانوندان بڻجڻ هو، پر قدرت کي کانئس ٻيو ڪم وٺڻو هو. 1940ع هن مڊل ٽيمپل مان بيرسٽري جي تعليم مڪمل ڪئي ۽ ساڳئي سال هو هندستان واپس وري آيو.
انگلينڊ ۾ هن سياسي سرگرمين جي شروعات اتي تعليم پرائيندڙ هندستاني شاگردن کي هڪ پيلٽ فارم تي گڏ ڪري هندستان جي آزادي جي تحريڪ کي تيز ڪرڻ سان ڪئي. تعليم جي دوران هن هندستان شاگردن جي تنظيمن انڊيا ليگ ۽ لندن مجلس ۾ به شموليت اختيار ڪئي. 1938ع ۾ جڏهن جواهر لال نهرو ۽ ان کان پوءِ سڀاش چندر بوس لنڊن آيا ته انهن سان شاگردن جي ملاقات جو بندوبست ڪرڻ هن جي ئي بلي هو. تنهن کان سواءِ ’لندن مجلس‘ جي رُڪن جي حيثيت سان هن هندستاني اڳواڻن جي برطانيا جي ليبر پارٽي جي اڳواڻن سان ملاقات جو ڪرائڻ جو فرض به ادا ڪندو رهيو. ڪميونسٽ پارٽي آف گريٽ برٽين سان باسو جو تعارف، سندس دوست ”پوپيش گپتا“ ڪرايو. هن سي ـ پي ـ جي ـ بي ۾ شامل ٿيڻ جو ارادو ڪيو، پر پارٽي جو ان وقت جي سيڪريٽري جنرل هيري پولٽ (Harry pollt) کيس روڪيو، ڇو ته سي ـ پي ـ جي ـ بي تي هندستان ۾ پابندي لڳل هئي. هيريءَ جو خيال هو ته ’سي ـ پي ـ جي ـ بي‘ ۾ شامل ٿيڻ سان جيوتي باسو کي هندستان ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو.
1940ع ۾ جيوتي باسوءَ ڪلڪتي هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجو نالو بئريسٽر جي حيثيت سان رجسٽر ڪرايو، پر هن ڪميونسٽ پارٽي جي لاءِ ڪل وقتي طور تي ڪم ڪرڻ ٿي چاهيو، تنهنڪري هو هڪ ڏينهن به وڪالت جي پرئڪٽس ڪري نه سگهيو. پارٽيءَکيس ”فرينڊز آف سوويت يونين“ ۽ ”انٽي فاشسٽ رائيٽرز ايسوسيئيشن“ ڪلڪتي جي سيڪريٽري جا فرض ادا ڪرڻ جي ذميداري سونپي. هو پارٽي جي رڪن جي حيثيت سان پارٽي جي انڊر گرائونڊ قيادت سان رابطا برقرار رکڻ جو ذميدار پڻ هو. اهو 1944ع هو، جڏهن کيس ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا، ريلوي جي مزدورن ۾ ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن جي ئي ڪوششن سان ’بي ـ اين ريلوي ورڪرز يونين‘ ۽ ’بي ـ ڊي ريل روڊ ورڪرز يونين‘ جو انضمام ٿيو ۽ بنگال آسام ريل روڊ ورڪرز يونين جو بنياد پيو، جنهن جو پهريون سيڪريٽري ”جيوتي باسو“ هو. 1946ع ۾ هو ريلوي ورڪرز جي ڇڪ مان بنگال اسيمبلي جي لاءِ ميمبر چونڊيو ويو.
47 ـ 1946ع ۾ جڏهن هو صوبائي اسيمبلي جو ميمبر هو، بنگال تي ڏاڍا سخت سال هئا. هارين ۽ زميندارن جي وچ ۾ فصل جي بٽائي جي خراب سلوڪ جي خلاف ”ڀاگا تحريڪ“ هلي رهي هئي، جنهن ۾ تشدد جو عنصر به شامل هو ۽ ان سان گڏوگڏ طبقاتي فساد به زورن تي هئا. شهرن ۾ مزدورن جون هڙتالون روزمره جو معمول هيون. جيوتي باسو انهن ڏينهن، رات ڏينهن هارين ۽ مزدورن جي محاذن تي ڪم ڪيو. ڪارڪنن کيس هر هنڌ پاڻ سان گڏ بيٺل، نعرا هڻندي ۽ پوليس جا ڏنڊا کائيندي ڏٺو.
جيوتي باسو، 1953ع کان وٺي 1961ع تائين ڪميونسٽ پارٽي جي صوبائي ڪميٽيءَ جي سيڪريٽري طور ڪم ڪيو. 1951ع ۾ کيس پارٽي جي سينٽرل ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1964ع کان وٺي آخر تائين پارٽي جو پولٽ بيورو جو ميمبر رهيو. 2008ع ۾ هو پارٽي جو اوڻيهين ڪانگريس ‘ڪي ـ پي ـ بي’ جو خاص مهمان (Special Guest) هو.
آزاديءَ کان پوءِ جيو تي باسو اولهه بنگال جي قانون ساز اسيمبلي جي لاءِ ’باره نگر‘ مان چونڊيو ويو. ان کان پوءِ 1957، 1962، 1967، 1969، 1971، 1977، 1982، 1987، 1991ع ۽ 1996ع ۾ لڳاتار ميمبر چونڊيو رهيو. رياستي اسيمبلي جي ميمبر هئڻ جي باوجود به هو، 1950ع ۽ 60 وارن ڏاڪن ۾ ڪيترائي ڀيرا، مختلف الزامن ۾ گرفتار ۽ آزاد ٿيندو رهيو. ان دوران هو. ڪيترائي ڀيرا انڊر گرائونڊ به رهيو.
1962ع ۾ ’ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا‘ (سي ـ پي ـ آءِ) جي نيشنل ڪائونسل جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪندڙ 32 ميمبرن ۾ جيوتي باسو به شامل هو. 1964ع ۾ ڏهن نظرياتي بنيادن تي ڪميونسٽ پارٽي (مارڪسٽ) جو بنياد رکيو ويو ته جيوتي باسو ان جي پولٽ بيورد ميمبر مقرر ٿيو. واڪ آئوٽ ڪندڙ 32 ميمبر پارٽي جي کاٻي ڌر سڏبا هئا ۽ چين نواز هئا. انهن همراهن 7 کان وٺي 11 جولاءِ تائين تنالي (انڌرا پرديش) ۾ هڪ ڪنوينشن ڪوٺايو، جيڪو ‘تنالي ڪنوينشن سان ياد ڪيو ويندو هو. پارٽي عملي جهڪاء جي حوالي سان ٽن گروهن ۾ ورهايل هئي، هڪ گروهه بين الاقوميت پسند (Internationalist) سڏبو هو. چين ـ هندستان جنگ جي دوران جيوتي باسو جي بين الاقوامي پرستن سميت ڪميونسٽ اڳواڻن جي اڪثريت چين کي فوقيت ڏني. بعد ۾ سي ـ پي ـ ايم جي هزارين چين نواز اڳواڻن ۾ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو.
جيوتي باسو هڪ ڪرشماتي شخصيت جو مالڪ ۽ پنهنجي موقف تي ڄمي بيهڻ وارو اڳواڻ هو. پنهنجا ته هن سان محبت ڪندا هئا، پر مخالف به هن کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نٿي سگهيا. وزير اعليٰ ’ڊاڪٽر بدن چند روئي‘ جي دور ۾ جيوتي باسو مخالف ڌر جو اڳواڻ هو. نوجوان هئڻ جي باوجود به هن پنهنجو ڪردار اهڙي ته خوش اسلوبيءَ سان نباهيو، جو ’ڊاڪٽر بدن چند روئي‘ سخت نظرياتي اختلافن جي هوندي به ساڻس محبت ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو. ان دوران جيوتيءَ حڪومت جي پاليسين جي خلاف اهڙا ته مظاهرا ڪرايا ۽ جلوس ڪڍرايا جو حڪومت تنگ ٿي پئي ۽ عوام سندس ديوانو ٿي پيو، خاص ڪري نوجوانن ۽ شاگردن ۾ ته هن جي مقبوليت پنهنجي عروج تي هئي. هو ريلوائي جي مزدورن جو ته اڳواڻ هو ئي، پر هن استادن جي پگهارن ۾ واڌاري جي لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪئي ۽ هلچل هلائي، جو هو انهن حلقن جو پڻ ترجمان بڻجي ويو.
1964ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي ورهائجي وئي ته جيوتي باسو کي ڪميونسٽ (مارڪسٽ) جي پولٽ بيورو جي ’نون رتنن‘ ۾ شامل ڪيو ويو. 1967ع ۾ ڪانگريس پارٽي جي شڪست کان پوءِ کيس ڊپٽي چيف منسٽر بڻايو ويو، جڏهن ته وزيراعليٰ ‘اجوءِ مکر جي’ هو. 1970ع ۾ ’آنند مارگس‘ پٽنا ۾ مٿس قاتولاڻو حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ هو ذري گهٽ بچي ويو. 1971ع جي چونڊن ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (مارڪسٽ) اولهه بنگال ۾ چونڊون کٽي ورتيون، پرکيس حڪومت سازي جي اجازت نه ڏني وئي ۽ صوبي ۾ صدارتي راڄ لاڳو ڪيو ويو. 1972ع ۾ ڪانگريس هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊون ڪرايون ۽ دل کولي ڌانڌليون ڪيون، جنهن سبب جيوتي باسو ”باره نگر“ واري پنهنجي سيٽ کان محروم ٿي ويو. ان چونڊيل اسيمبليءَ کي جيوتي باسو ”دوکي بازن جي سڀا“ جو نالو ڏنو هو. ڪميونسٽ پارٽي (مارڪسٽ) ايندڙ پنجن سالن تائين صوبائي اسيمبلي جو بائيڪاٽ جاري رکيو.
جيوتي باسو، ڪميونسٽ پارٽي (مارڪسٽ) جي انهن اڳواڻن مان هو، جن انتهائي خراب ۽ بحراني حالتن ۾ به پارٽيءَ جو جهنڊو بلند رکيو. ستر واري ڏاڪي ۾ اولهه بنگال فسطائي دهشت گردن جو ڳڙهه بڻيل هو. اهو جيوتي باسو ۽ سندس ساٿين جو ڪمال هو، جو هنن هڪ بگڙيل صوبي کي سڌي رستي تي هلايو. 1977ع جي چونڊن ۾ بورزوائي قيادتن جا پير اُکڙجي ويا. انهن چونڊن جي نتيجي ۾ پارٽيءَ کيس صوبي جي وڏ وزارت سنڀالڻ جي هدايت ڪئي. هن اها ذميداري ڏاڍي سهڻي نموني نبائي ، جو لڳاتار 2000ع تائين پارٽيءَ کي ان عهدي لاءِ ڪو ٻيو مناسب ماڻهو نظر ئي نه آيو. هو 21 جون 1977ع کا وٺي 6 نومبر 2000ع تائين لڳاتار وڏو وزير ٿيندو رهيو. آخر ۾ نيٺ پنهنجي ڪرندڙ صحت جي ڪري هن وڌيڪ چونڊون وڙهڻ کان معذرت ڪئي، پر پنهنجي پويان ايندڙن جي لاءِ معيار جي للڪار ڇڏي، سندس وڏ وزارت جو ڊگهو دور هندستان ۾ هڪ رڪارڊ آهي.
پنهنجي اقتدار جي دوران هن اولهه بنگال ۾ بي مثال زرعي سڌارا لاڳو ڪيا. اهي سڌارا ”پنچائت راڄ نظام“ تي ٻڌل هئا. غريب هارين ۽ ننڍن زميندارن کي سندن حقن کان واقف ڪيو ويو ۽ پنهنجي حق جو بچاءُ ڪرڻ سيکاريو ويو. بگڙيل اولهه بنگال محبت ۽ ڀائيچاري جي اهڙي رشتي ۾ ڳنڍ جي ويو، جو شينهن ۽ ٻڪري هڪ ئي تڙ تان پاڻي جو منظر نظر اچڻ لڳو. ان دوران بابري مسجد کي شهيد ڪرڻ يا ان کان اڳ 1984ع ۾ اندرا گانڌي جي قتل ۽ ان کان به اڳ پنجاب ۾ سک علحدگي پسندن جي تحريڪن ۽ درٻار صاحب تي حملي جهڙا واقعا ٿيا ۽ سڄو هندستان سياسي گهوٽالي جي ور چڙهندو رهيو، پر اولهه بنگال اڪيلوصوبو هو، جتي نه هندن ڪنهن مسلمان کي تڪليف ڏني ۽ نه ڪنهن سک ڪنهن هنڌو کي ڪرپان هنئي. اندرا گانڌيءَ جي قتل تي سڄو هندستان، سکن جي خلاف اٿي کڙو ٿيو، پر اولهه بنگال ۾ ان واقعي کي تشدد جو بهانو نه بنايو ويو.
ڪميونسٽ پارٽي (مارڪسٽ) اولهه بنگال جي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو. ماڻهن جي اقتصادي ۽ سماجي مسئلا نبيريا. پر هڪ موقعو اهڙو به آيو، جنهن ۾ هو پنهنجي حڪمت عمليءَ ۾ مار کائي وئي. 1996ع ۾ هڪ موقعو اهڙو به آيو، جڏهن هندستان جي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ جي لاءِ ”جيوتي باسو“ جي راهه ۾ ڪابه رڪاوٽ نه هئي، پر پارٽيءَ جي پولٽ بيورو حڪومت ۾ شامل نه ٿيڻ جو فيصلو ڪري، سندس راهه ۾ رڪاوٽ کڙي ڪري ڇڏي. جيوتي باسو هڪ اصول پسند سياستدان هو ، هن پولٽ بيورو جي فيصلي کي مڃيندي، ان عمل کي پارٽي جي تاريخي عظيم (Historic Blunder) قرار ڏنو. پارٽي جي انڪار ”جنتا دل“ جي ايڇ ـ ڊي ديو گوڙا وزير اعظم ٿيو.
2000ع ۾ ڏينهن رات جي سخت محنت ۾ جدوجهد جيوتي باسوءَ کي ٿڪائي وڌو. 86 سالن جي عمر ۾ هن محسوس ڪيو ته هاڻ هو وڌيڪ ڪم نه ٿو ڪري سگهي ۽ وڏ وزارت کانئس نه ٿي هلي، تنهن کان سواءِ هو هاڻ بيمار به رهڻ لڳو هو. اهو سوچي هن وڏ وزارت ڪميونسٽ اڳواڻ بدها ديپ چاريا جي حوالي ڪئي. ۽ پاڻ رٽائرڊ ٿي ويو. پر پوءِ به هو پارٽي جي معاملن ۾ حصو وٺندو رهيو. 2005ع ۾ دهلي ۾ ٿيل ڪميونسٽ پارٽي (مارڪسٽ) جي ارڙهين ڪانگريس ۾ کيس هڪ ڀيرو ٻيهر پولٽ بيورو جو ميمبر چونڊيو ويو. هن رٽائرمينٽ جي موڪل گهري، پر پارٽي سندس ڇانوري کان محروم ٿيڻ نه ٿي چاهيو، تنهنڪري 2006ع تائين سندس درخواست ويچار هيٺ رهي ۽ نيٺ رد ڪئي وئي ۽ کيس پنهنجي ان عهدي تي اپريل 2008ع جي (اوڻيهين) ڪانگريس تائين ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. جيوتي باسو، هندستان جي کاٻي ڌر جي اڳواڻن لاءِ مشعل راهه آهي ۽ جمهوريت پسندن ۽ سيڪيولر قوتن جي لاءِ علامت جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي. ڪميونسٽن لاءِ هو رول ماڊل آهي، هن سيکاريو ته ڪميونسٽن ۽ ترقي پسندن کي پارليماني ادارن ۾ ڪيئن ڪم ڪرڻو آهي، ۽ ان راهه جي ذريعي ماڻهن جي ڪيئن خدمت ڪجي. سوويت يونين جي ڊهڻ کان پوءِ جڏهن سڄي دنيا ۾ سوشلزم ۽ ڪميونزم تي هڪ غير معتبر ۽ نا قابل عمل نظريي هئڻ جو گمان ڪيو ويو ته اهو جيوتي باسو ۽ سندس ساٿي ئي هئا، جن نظرياتي ساک کي خراب ٿيڻ نه ڏنو. مارڪسزم ۽ ليننزم کان هڪ انچ به پٺتي نه هٽيا ۽ نظرياتي وفاداري برقرار رکيائون. هو رڳو ”ڪتابي ڪيڙي“ قسم جو اڳواڻ نه هو، پرهن پنهنجي عمل ۽ پنهنجي تجربي کي وڌيڪ اعتبار جوڳو سمجهيو. هن مري به پاڻ کي بيڪار لاش بڻجڻ نه ڏنو، پر پنهنجي جسم کي انسانيت جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.

هڪ سپاهي ڇوڪري جون يادگيريون

”آئون جڏهن پهريون ڀيرو جنگ ۾ حصو بڻيس ته منهنجي عمر فقط ٻارهن سال هئي.“
اها عمر ته راندروند، کيل تماشن، مائٽن کان نين نين فرمائشن جي آهي. پر هن جي هٿ ۾ بندوق ڏني وئي. هو گلن پوپٽن جي بدران رت جي رنگ ۽ بارود جي بوءِ سان خوشي چڪائڻ لڳو.
سيراليون (Sierra Leone) سان واسطو رکندڙ نوجوان اسماعيل جي ڪهاڻي سڄي دنيا جي انهن لکين ٻارن جي دکدائڪ زندگي جي به منظر ڪشي ٿي ڪري، جن کي حالتن جي جبر يا هٿياربند ويڙهاڪن زبردستي ننڍڙن هٿن ۾ هٿيار کڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. اسماعيل خوش قسمتيءَ سان، يونيسيف جي ڪري، پنهنجي رت هاڻي ۽ ويڙهو زندگي ڇڏي، اڄ هڪ عام نوجوان جيان خوشين ڀري ۽ پر سڪون زندگي گذاري رهيو آهي. سال 2006ع ۾ هن پنهنجي ننڍپڻ جي تلخ يادن تي ٻڌل ڪتاب”A long way gone“ جي عنوان سان لکيو. هي ڪتاب نه رڳو ليکڪ جي ذاتي الميي جي تصوير ڪشي ڪري ٿو، پر ٽين دنيا، خاص ڪري آفريقا کنڊ جي جنگ سٽيل ملڪن جي رهواسين ۽ خاص طور تي انهن ملڪن جي ٻارن جي سورن ڀري زندگي تي پڻ روشني وجهي ٿو.
اسماعيل جو وطن سيراليون اپريل 1961ع ۾ پنهنجي آزاديءَ کان وٺي 2002ع تائين لڳاتار بغاوتن ۽ گهرو ويڙهه جو شڪار رهيو. هڪٻئي کان بلڪل ڌار ثقافت ۽ زبان رکندڙ مختلف قبيلن تي ٻڌل هي ملڪ مذهبي لحاظ کان به ٻن نمايان فرقن ۾ ورهايل آهي. آباديءَ جو 60 سيڪڙو مسلمان، 30 سيڪڙو عيسائي ۽ باقي 10 سيڪڙو مختلف مقامي مذهبن جا پوئلڳ آهن. ان صورتحال ۾ ان ملڪ تي قابض رهندڙ برطانوي سامراج جي ويڙهايو ۽ حڪومت ڪرايو واري پاليسي ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڪيو ۽ هيرن جهڙي قيمتي ڌاتوءَ سان مالامل هي علائقو، ڪيترن ئي ڏاڪن کان گهرو ويڙهه ۽ بدعنوانين جي ڪري سخت بک ۽ غربت جو شڪار ٿي ويو. سيراليون ۾ رتوڇاڻ جي واقعن جو سبب قبائلي، مذهبي ۽ علائقائي نفرت هيرن جون کاڻيون به آهن. اڪثر هٿياربند ٽولا انهن کاڻين تي قبضي لاءِ هڪٻئي سان وڙهندا ۽ معصوم شهرين جو رت وهائيندا آهن.
اسماعيل (Ismail Beah) 1980ع ۾ سيراليون جي هڪ ڳوٺ ”موگ بويمو“ (Mogbwemo) ۾ جنم ورتو. ان ڳوٺ جي رهاڪن جو گذر سفر ماهي گيريءَ تي هو. هڪ هڪ خوش باش ۽ زندگيءَ مان گهر گهڙي لطف ماڻڻ ۾ مصروف رهندڙ ٻارڙو هو. کيس موسيقيءَ سان گهڻي دلچسپي هئي، هن کي پنهنجي مادري زبان ۽ انگريزي جا ڪيترائي گيت ياد هئا. جيڪي هو مقامي سطح تي پروگرامن ۾ ٻڌائي ماڻهن جون دليون وندرائڻ سان گڏ کانئن داد به وٺند هو. کيس ڊانس جو پڻ ڏاڍو شوق هو ۽ هو مختلف تقريبن ۾ پنهنجي خوبصورت ڊانس سان موجود ماڻهن کي پنهنجو مداح بڻائي وٺندو هو. پر اسماعيل جي خوشين، گيتن ۽ ٽهڪن سان ڀري زندگي سندس ساٿ ڇڏي وئي.
1993ع ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جاري گهرو ويڙهه جي باهه اسماعيل جي پرامن ڳوٺ تائين به اچي پهتي. هٿياربند باغين، هن جي والدين ۽ ننڍي ڀاءُ سميت ڳوٺ جي تمام گهڻن ماڻهن کي بي درديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. ان وقت ٻارهن سالن جو اسماعيل پنهنجين وڏي ڀاءُ سان گڏ ڀرواري ڳوٺ ويل هو. ان المناڪ واقعي اسماعيل جي زندگيءَ جو رخ ئي موڙي ڇڏيو ۽ ڳائڻ وڄائڻ ۽ ڊانس سان دلچسپي رکندڙ ٻارڙو هڪ هٿياربند جٿي ۾ شامل ٿي موت جي ڀوائتي راند جو حصو بڻجي ويو ۽ سندس گڏيل دوستن تلوئي ۽ محمد گڏجي هڪ ”ريپ ميوزڪ ڊانس گروپ“ جي شروعات ڪئي هئي. ان وقت اسماعيل فقط اٺن سالن جو هو. ريپ ميوزڪ سان اسماعيل جي شناسائي سندس ڳوٺ ۾ ڀرسان ٿورو ترقي يافته علائقي ”موبمي“ ۾ ٿي هئي. اسماعيل ۽ سندس سنگتي اڪثر هفتيوار موڪل واري ڏينهن ”موبمي“ ويندا رهندا هئا. اتي هو هڪ سوئمنگ پول ۾ ترندا هئا ۽ بازار ۾ رکيل جهازي سائيز جي اسڪرين واري رنگين ٽيليويزن ۾ گم ٿي ويندا هئا. ان علائقي ۾ سندس دلچسپي جو هڪ ٻيو سامان يورپي سيلاني هوندا هئا، جن جي ڳوري رنگت کيس حيران ڪري ڄڻ مٿن جادو ڪري ڇڏيندي هئي.
هڪ ڏينهن هنن ٽي وي ڪارن نوجوانن جي هڪ ميوزيڪل گروهه کي نهايت تيز ۽ وڏي آواز ۾ گيت ڳائيندي ڏٺو. ان منظر سندس موسيقي جي شوق کي مهميز ڏني ۽ هنن جي دلين ۾ پنهنجو ميوزيڪل گروپ جوڙڻ جو خيال اُڀريو. اڳتي هلي ”موبمي“ اچي ٽي وي تي موسيقي جا پروگرام ڏسڻ، خاص طور تي ڪارن نوجوانن جي گروپن جي موسيقي مان لطف وٺڻ سندس معمول بڻجي ويو. اسماعيل لکي ٿو: ”مون کي خبر ڪونهي ته هو جنهن قسم جي موسيقي پيش ڪري رهيا هئا، ان جو نالو ڇا آهي. آئون ته رڳو ان ڳالهه کان متاثر هئس ته اهي ڪارا همراهه انگريزي ڳالهائڻ ڄاڻندا هئا ۽ ڏاڍي روانيءَ سان انگريزي ڳالهائيندا هئا.“
اسماعيل جي ڀاءُ جڏهن هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي ته اتي رقص ۾ موسقي جي بنيادي رمزن کان واقفيت رکندڙ ڪجهه شاگردن سندس رهنمائي ڪئي ۽ انهن اهو علم اسماعيل ۽ سندس دوستن تائين پهچايو. ايئن اهو گروپ ڳائڻ ۽ رقص جي بنيادي اصولن کان متاثر ٿي ۽ محنت ڪري پنهنجو ”ميوزيڪل گروپ“ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
اسماعيل جو چوڻ آهي ته کيس رقص جو جنون جي حد تائين شوق هو. گڏوگڏ هو گيت ياد ڪري به لطف اندوز ٿيندو هو. ڇو ته اسماعيل چواڻي، ”گيتن ۾ شاعري هئي ۽ ان جي ڪري منهنجي انگريزي لفظن جي ذخيري ۾ وڌارو ٿيندو هو. اسماعيل سندس ڀاءُ ۽ سندس دوست موسيقي جي دنيا ۾ نالو ڪمائڻ جي ڌن ۾ مگن هئا. ان مقصد جي لاءِ هو ڏينهن رات رقص جي مشق ڪندا هئا ۽ انگريزي گيت ياد ڪندا هئا. ايئن سندن شوق پورو ٿيڻ سان گڏ سندن انگريزي به سٺي ٿيندي وئي، کين هڪٻئي کي ڪا ڳالهه چوڻي هوندي هئي ته هو انگريزي گيت جا ڪي خاص ٻول ڳالهائيندا هئا.
جلد ئي سندن نئون ٺهيل ميوزڪ گروپ سندن ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي علائقي ۾ مشهور ٿي ويو ۽ کين مختلف علائقن ۾ رقص ۾ موسيقي جي پروگرامن ۾ ۽ مقابلن ۾ شرڪت جي لاءِ گهرايو ويندو هو. اهڙو ئي هڪ دعوت نامو کين جنوري 1993ع هڪ ڳوٺ ”ميٽرو جونگ“ مان مليو ۽ ان دعوت ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اسماعيل سندن وڏو ڀاءُ جونيئر ۽ تلوئي روانا ٿيا. جڏهن ته سندن چوٿون ساٿي محمد، جيڪو اسماعيل جو ويجهو دوست هو، ڪنهن سبب جي ڪري هنن سان گڏ وڃي نه سگهيو. سفر تي روانو ٿيڻ مهل وٽن گيتن سان ڀريل ڪيترائي نوٽ بوڪ به هئا ۽ ريپ سونگز جا ڪيترائي البم پڻ. ناچ ۽ گاني جي شوقين هن همراهن پنهنجي وضع قطع پوپ سنگرن جهڙي بڻائي رکي هئي. يعني بيگي جينز، جن جي هيٺان شرٽس، ڍريون قميصون ۽ انهن قميصن جي هيٺان ٻانهن کانسواءِ ٽي شرٽس پاتل هين. هنن جي لاابالي شرارتي ۽ طبيعتن، پنهنجي ڳوٺ کان وٺي مئٽرو جونگ جو سروهن ميلن تي ٻڌل فاصلو پنڌ طئي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ کلندا ڪڏندا، شرارتون ڪندا، هڪٻئي جي پويان ڊوڙندا، ڪنهن مهل پکين جو شڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ ڪنهن مهل وري ڪنهن ڀولڙي جي پويان ڊوڙڻ لڳا، رستي ۾ اسماعيل جي ناناڻن جو ڳوٺ ٿي آيو. هو ٿوري دير جي لاءِ اتي ترسيا ۽ کائي پي، وري پنهنجي منزل طرف وڃڻ لڳا.
”ميٽرو جونگ“ پهچي هنن ان ڳوٺ ۾ پنهنجي دوستن گبريلا ۽ ڪالوڪو جي گهر قيام ڪيو. رات گذارڻ کان پوءِ اسماعيل ۽ سندس سنگتي ڳائڻ ۽ ناچ جو رياض ڪرڻ لڳا، جڏهن ته سندن ميزبان دوست اسڪول هليا ويا، پر هو معمول جي ابتڙ ٻين بجي کان اڳ، اسڪول ۾ موٽي آيا. جڏهن هنن گبريلا کان جلد موٽي اچڻ جو سبب پڇيو ته هو چوڻ لڳو، ”استادن ٻڌايو ته باغي“ موگ موبمو تي حملو ڪري ڏنو آهي، تنهن ڪري اسڪول ايندڙ اطلاع تائين بند ڪيو ويوآهي. پنهنجي ڳوٺ تي حملي جي خبر ٻڌي اسماعيل ۽ سندس ساٿي صفا هَڄي ويا. اها دل ڏاريندڙ خبر ٻڌي اسماعيل ۽ سندس ساٿين پنهنجو سامان سيهڙيو ۽ انديشن ۽ وسوسن ۾ گهيريل واپس گهر روانا ٿي ويا.
اسماعيل چوي ٿو ته، ”مون کي ان ڳالهه تي يقين ئي نه هو ته ڪو جنگ اسان جي گهرن تائين پهچي چڪي آهي.“ هن جي نظرن اڳيان پنهنجي ننڍي ڀاءُ ۽ پنهنجي ماءُ، پيءُ جا چهرا گهمي ويا. هن ٽي ڏينهن اڳ پنهنجي پيءُ کي ڏٺو هو. سندس پيءُ ٻي شادي ڪري پنهنجي پهرين زال ۽ ٻارن کان الڳ ٿي ويو هو. اسماعيل چواڻي، ”ان مهل آئون گهر جي اڱڻ ۾ ويٺو هوس ۽ جڏهن مون ڏٺو ته منهنجو پيءُ هوريان هوريان هلندو پئي آيو. هو پنهنجي ڪم تان موٽيو هو. هو مون کي ڏسي مرڪيو، پوءِ مون ڏانهن اچڻ جي لاءِ وک وڌايائين، جو ان گهڙيءَ منهنجي ويڳي امڙ به اچي نڪتي ۽ ان کي ڏسڻ کانپوءِ هن مون کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، مون ڏاڍي ڏکيائي سان پنهنجا لڙڪ روڪيا ۽ گهر اندر گهڙي ويس.“
اسماعيل ۽ سندس سنگتي هڪ مسافر بردار ٻيڙيءَ ۾ چڙهي درياهه جي ٻي ڪنڌي طرف روانا ٿيا. جتان کان کين پنهنجي ڳوٺ پهچڻ لاءِ وڌيڪ ڪيترن ئي ميلن جو سفر ڪرڻو هو. درياهه جي ٻي ڪنڌي تي پهچي هو بي تابي مان پنهنجي گهرن ڏانهن ڊوڙڻ لڳا. رستي ۾ کين سندن ڳوٺ مان ايندڙ لاتعداد ماڻهو مليا، انهن مان هڪ عورت هنن کي ڏسي رڙ ڪري چيو، ”اوهين جيڏانهن هاڻ وڃو پيا، اُتي هاڻي چوڌاري رت ئي رت آهي.“ پر هو هر ڊپ کان بي نياز ٿي پنهنجي گهر ڀاتين جي خبر وٺڻ لاءِ ڊوڙڻ لڳا. اڃا هو ڳوٺ کان ڪيترائي ميل پري هئا ۽ هنن جن دليون پنهنجي گهر ڀاتين جو حال احوال معلوم ڪرڻ جي لاءِ بي چين هيون، جو کين رستي تي ڪيترن ئي هنڌن تي زخمي مردن، عورتن ۽ ٻارڙن کي تڪيلف جي شدت سبب رڙيون ڪندي ۽ مرندي ڏٺو. کين مانهن جي واتان سندن سڄي گهر جي اُجڙي وڃڻ جو داستان معلوم ٿيو. اهو سڀ ڏسي ۽ ٻڌي اسماعيل جو مٿو ڦرڻ ۽ زمين گهمندي محسوس ٿيڻ لڳي. نيٺ اسماعيل ۽ سندس ساٿين پنهنجي ڳوٺ ”ميٽرو جونگ“ جي بدران واپس ورڻ جو فيصلو ڪيو. ڇو ته هاڻ کين پڪ ٿي چڪي هئي ته سندن ڳوٺ تباهه ٿي چڪو آهي ۽ سندن سڀئي مٽ ۽ مائٽ مارجي چڪا آهن.
ان کان پوءِ اسماعيل جي زندگي صفا بدلجي وئي. اهو کلمک ڇوڪرو جيڪو رقص ۽ موسيقي سان دل وندرائيندو هو، سو پنهنجي ننڍي ڀاءُ، پيءُ ۽ ماءُ کان پوءِ هڪ ڏينهن پنهنجي وڏي ڀاءُ کان به وڇوڙي ويو ۽ حالتن جي هٿان ٿڏا کائيندو هڪ هٿياربند گروهه تائين وڃي پهتو. ان گروهه، اسماعيل جي هٿن ۾ هٿيار ڏئي ڇڏيا ۽ اهو هڪ ننڍو ڇوڪرو جيڪو رت ڏسي بدحواس ٿي ويندو هو، وڏي سولائيءَ سان ٻين جو رت وهائڻ لڳو.
اهو ننڍڙو سپاهي (Child Soldier) اسماعيل لڳ ڀڳ ٽن سالن تائين رت جي راند جي وارداتن ۾ حصو وٺندو رهيو. هو سيراليون جي گاڌي واري هنڌ ”فري ٽائون“ ۾ رهيل هو. اهو شهر ۽ آسپاس جا علائقا سندس گروهه جي سرگرمين جو مرڪز هئا. سندس چوڻ آهي ته لاش ۽ رت ڏسي هو ايترو ته بي حس ٿي چڪو هو جو ڪنهن کي ماري ڇڏڻ هن جي لاءِ ڪنهن راند کان وڌيڪ حيثيت نه رکندو هو. ٽن سالن جي دوران هن الائجي ڪيترن ماڻهن کي ماري ڇڏيو. هو چوي ٿو ته، ”مون تمام گهڻن ماڻهن کي قتل ڪيو. مون کي ياد ڪونهي ته ڪيترا ماڻهو منهنجي هٿان مارجي ويا. مون کان بچڻ لاءِ ماڻهن جي رڙين، دانهن، منٿن ۽ فريادن جو مٿس ڪو به اثر نه ٿيندو هو.“
اسماعيل ۽ سندس هم عمر ساٿي ذهني سڪون جي لاءِ منشيات واپرائيندا هئا. سندس چوڻ آهي ته، ”اسين خاص طور تي ماڻهن جو قتل عام ڪرڻ کان اڳ منشيات واپرائيندا هئاسين. نشي جي حالت ۾ اسين بي خوف ٿي ويندا هئاسين ۽ اسان تي جنون طاري ٿي ويندو هو. ان حال ۾ اسين ماڻهن کي، جن ۾ عورتون، مرد، ٻار ۽ ٻڍا شامل هوندا هئا، بي درديءَ سان ماريندا هئاسين.“ قتل جي وارداتن کان علاوه واندڪائي جي وقت ۾ به اسماعيل نشو ڪندو هو ۽ ايئن هو پنهنجي مائٽن ۽ ڀائرن کي وسارڻ جي ڪوشش ۽ ذهني سڪون حاصل ڪندو هو. هن جي زندگي بي مقصد بڻجي چڪي هئي. اسماعيل موجب هن جي دل ۾ رڳو هڪ ئي جذبو وڃي رهيو هو ۽ اهو هو ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي خواهش پنهنجي ان دور جي شرمندگي ۽ ندامت جو اظهار ڪندي هو چوي ٿو، ”آئون درندو بڻجي ويو هوس.“
پر اهو درندو، ٻيهر جيئرو جاڳندو ۽ جذبن کي محسوس ڪرڻ وارو حساس ۽ خوش باش انسان بڻجي ويو. سندس زندگي ۾ تبديلي تڏهن آئي، جڏهن 1996ع ۾ ٻارڙن جي معاملن جي سلسلي ۾ گڏيل قومن جي قائم ڪيل اداري ”يونيسيف“ کيس اتفاقي طور تي بحالي جي لاءِ چونڊي ورتو. اسماعيل جي چونڊ يونيسيف جي ان پروگرام جو حصو هو، جنهن موجب جنگ جي بٺي ۾ اڇلايل ٻارن کي شهري ۽ مهذب زندگي طرف واپس آڻڻون هو. يونيسيف سان لاڳاپو اسماعيل لاءِ نئين حياتي جو نياپو بڻجي ويو. يونيسيف جا واسطيدار عملدار کيس نيويارڪ وٺي ويا. جتي هن منشيات جي استعمال مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو ۽ گڏوگڏ تعليم سان پنهنجو لاڳاپو ٻيهر ڳنڍيو. هن هاءِ اسڪول جي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هڪ مقامي ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ اتان هن 2004ع گريجوئيٽ ڪئي. اهڙي طرح پنهنجي ڪوشش ۽ ٻين جي مدد سان ڪالهه جو اهڙو ويڙهاڪ ڇوڪرو اڄ ڪلهه پڙهيل لکيل ۾ مهذب ۽ خوش باش نوجوان بڻجي چڪو آهي.
زندگيءَ ڏانهن واپسيءَ جي سفر ۾ يونيسيف سان واسطو رکندڙ هڪ خاتون ”لارا سمز“ سندس وڏي مدد ڪئي، جنهن کي هو پنهنجي ماءُ سمجهي ۽ سڏي ٿو. ان کانسواءِ هو هڪ رضاڪار خاتون ”ايسٽر“ جو به دل سان ٿورائتوآهي، جنهن سندس آمريڪي ”ريپ ميوزڪ“ سا دلچسپي دريافت ڪري ورتي ۽ کيس هڪ ”واڪ مين“ ۽ ڪيتريون ئي ڪيسٽون سوکڙي طور ڏنيون. ايئن اسماعيل هڪ ڀيرو ٻيهر موسيقيءَ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو ۽ اسماعيل واسطو پنهنجي ننڍپڻ جي ان دور سان ٻيهر جڙي ويو، جڏهن رقص ۽ موسيقي ئي سندس زندگي هئي. اهو رجحان سندس بحاليءَ ۾ ڏاڍو اهم ثابت ٿيو.
اسماعيل ننڍي وهيءَ جي سپاهي جي حيثيت سان گذاريل پنهنجي دور کي ڀوائتو خواب قرار ٿو ڏئي. هو چوي ٿو، ”مون جيڪي ڪجهه ڪيو، اُن تي ندامت جو عملي اظهار ڪرڻ جي لاءِ چيو وڃي ته آئون خودڪشي ڪري ڇڏيان.“ سندس چوڻ آهي ته کيس جيڪا نئين زندگي ملي آهي، ان کي هو ڀرپور طريقي سان پر لطف انداز ۾ گذارڻ جو خواهشمند آهي.
پنهنجي ڪتاب جي باري ۾ سندس چوڻ آهي ته اهو ڪتاب هن دنيا جو ننڍي وهيءَ جي سپاهين طرف ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ لکيو آهي. اسماعيل جي نظر ۾ چائلڊ سولجر جو مسئلو رڳو سيراليون جو ڪونهي. سندس چوڻ موجب اهو مسئلو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ درپيش آهي. ان سلسلي ۾ هو سريلنڪا جو مثال ٿي ڏئي. اسماعيل اڄ هڪ ذميوار ۽ پرامن شهريءَ طور زندگي گذاري رهيو آهي. پر سندس زندگيءَ ڏانهن واپسيءَ جو سفر ڏاڍو ڏکيو رهي. تنهن ڪري هو چوي ٿو، ”مهذب سماج ڏانهن واپس ورڻ ننڍي وهيءَ جي سپاهي بڻجڻ کان وڌيڪ ڏکيو آهي.“
اسماعيل جي اهو قول اسان جي دنيا ۾ هر دم وڌندڙ ظلم ۽ تشدد طرف اشارو ٿو ڪري. اهو هڪ قوم جو ٻي قوم ۽ هڪ گروهه جو ٻي گروهه تي ظلم آهي. جيڪو دنيا۾ تشدد جي رجحان کي وڌائي چڪو آهي. هونئن ته ان ظلم ۽ تشدد تي ٻارڙا ان صورتحل جي ڳري قمت ادا ڪري رهيا آهن. افغانستان، عراق، فلسطين، ڪشمير ۽ سريلنڪا ۽ قبائلي تڪرارن سان منهن ڏيندڙ آفريڪي ملڪن جا ان ڳڻيا ٻارڙا هڪ طرف يتيميءَ غربت سبب ننڍپڻ جي خوشين کان محروم ٿي چڪا آهن ته ٻئي طرف انهن جو جنسي استعمال به ٿئي ٿو ته ڪٿي کين سپاهي طور به استعمال ڪيو وڃي ٿو.

آمريڪا جو پهريون شهنشاهه

دنيا ۾ ڪي همراهه اهڙا به آهن، جيڪي اهو سمجهندا اهن ته وٽن هر مسئلي جو حل موجود آهي ۽ دلچسپ ڳالهه وري اها آهي ته اسان کي پنهنجي زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي اهڙن ماڻهن سان واسطو پوي ٿو. جيڪي ڪوڙ، ٻٽاڪ ۽ لئه بازي ۾ پُڙن تي پُڙ هوندا آهن. ڪي وري اهڙا هوندا آهن جيڪي دنيا جي مسئلن تي سنجيدگيءَ سان غور ۽ ويچار ڪندي، انهن کي نبيرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهڙن ٿورن ماڻهن ۾ ”جوشوا مارٽن“ به ڳڻيو وڃي ٿو. هو آمريڪي تاريخ جي وڏي دلچسپ شخصيت آهي، جنهن ”شهنشاهه نارٽن“ جي نالي سان مشهوري ماڻي. کيس ڪيترا ماڻهو سينٽ (بزرگ) ته ڪي وري چريو، ته ڪي وري هڪ مسخرو ۽ ڪي ڏکويل انسان سمجهندا آهن.
”جوشوا ابراهام نارٽن“(Joshua Abraham Norton)1819ع ۾ لنڊن ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ سٺو واپاري هو، جيڪو پُٽ جي جنم کان پوءِ هڪدم ڏکڻ آفريڪا هليو ويو. نارٽن جو ٻالڪپڻو اتي ئي گذري. وڏو ٿيو ته پڻهنس سان گڏ واپار گر سکڻ لڳو. هو ذهني ۽ هوشيار نوجوان هو. تنهن ڪري ترت ئي ڪامياب واپاري بڻجي ويو. 1849ع ۾ سندس پيءُ گذاري ويو. کيس پنهنجي پيءُ جي ملڪيت مان چاليهه هزار ڊالر مليا. اها رقم کڻي جوشوا پنهنجو ڀاڳ آزمائڻ لاءِ ساڳئي سال آمريڪا جي شهر ”فرانسسڪو“ هليو ويو.
جوشوا پنهنجي موڙي ريئل اسٽيٽ ڪاروبار ۾ لڳائي. کيس خبر هئي ته ڪڏهن ۽ ڪيئن سرمائيڪاري ڪجي. تنهن ڪري اندڙ ٻن ٽن سالن تائين سندس ملڪيت اڍائي لک ڊالرن تائين وڃي پهتي ۽ سندس ڳاڻيٽو شهر جي معززين ۾ ٿيڻ لڳو. پر پوءِ هڪ غلط قدم کيس برباد ڪري ڇڏيو. ٿيو هيئن جو 1853ع ۾ سخت ڏڪار جي ڪري چين چانورن جي برآمد تي پابندي هڻي ڇڏي. نتيجي ۾ ”سان فرانسسڪو“ سميت ٻين آمريڪي شهرن ۾ چانورن جو اگهه 9 سينٽن مان 7 سينٽن تائين وڃي پهتو. انهن ئي ڏينهن ۾ جوشوا کي خبر پئي ته ”پيرو“ مان هڪ بحري جهاز 91 هزار ڪلو چانور کڻي پيو اچي. هن اهو مال 25 هزار ڊالرن ۾ خريد ڪري ورتو، کيس يقين هو ته هتي هي ٻيڻو فائدو ڪمائيندو.
پر اها جوشوا جي بدبختي هئي، جو جلدئي چانورن سان ڀريل ڪيترائي جهاز سان فرانسسڪو پهچي ويا. ايئن چانورن جو اگهه في ڪلو اٺ سينٽ ٿي ويو. هاڻي جوشوا ان بنياد تي اهو سودو ختم ڪرڻ ٿي چاهيو ته چانور جو معيار سٺو ڪونهي. ايندڙ ٽن سالن تائين جوشوا ۽ چانورن جي واپارين جي وچ ۾ ڪيس هلندو رهيو. جوشوا هيٺين عدالتن مان ته ڪيس کٽي ويو، پر رياستي (ڪيلي فورنيا) سپريم ڪورٽ فيصلو سندس خلاف ڏنو.
1957ع ۾ جوشوا کي هڪ ٻيو وڏو ڌڪ لڳو. هن جي ريئل اسٽيٽ جي جن ڪمپنين ۾ سرمائيڪاري ڪئي هئي، انهن جو ڏيوالو نڪري ويو، ايئن جوشوا جي سڄي موڙي ٻُڏي وئي. ايندڙ سال تائين نوبت اُتي وڃي بيٺي جو هو پئسي پئسي جو محتاج ٿي ويو. صدمي ۽ غربت جي ڪري هو شهر ڇڏي الائجي ڪيڏانهن هليو ويو ۽ هڪ سال کانپوءِ واپس آيو. واپسي تي ماڻهن هڪ بدليل جوشوا کي ڏٺو. هاڻي هو آمريڪا جي قانوني ۽ سياسي نظام کي کليل نموني تنقيد جو نشانو بنائڻ لڳو. سندس دعويٰ ڪئي ته حڪومت جو سڄو نظام رڳو اثر ۽ رسوخ ۽ دولتمندن جي ڀَر ٿو کڻي. ماڻهو سندن ڳالهيون مرڪندي ٻڌندا هئا. ان ٻڏتر واري ڪيفيت جي حالت ۾ جوشوا 17 ڊسمبر 1859ع تي معاملن کي پنهنجي هٿ ۾ کڻندي، ”شهنشاهه آمريڪا“ هئڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. هن اهو فرمان ”خاص“ ڪاغذ تي ڇپرايو ۽ اخبارن جي آفيس ۾ ورهائي ڇڏيو. هن جو اعلان ڪجهه هن ريت هو، ”عام ۽ خاص ماڻهن جي زوردار درخواست تي، جوشوا نارٽن، رهندڙ سان فراسسڪواعلان ٿو ڪري ته هو اڄ کان ”آمريڪا جي گڏيل رياستن“ جو شهنشاهه بڻجي ويو آهي. ان حيثيت سان آئون سڀني رياستن جي نمائندن کي حڪم ٿو ڪريان ته هو فيبروري جي پهرين تاريخ تي مٿينءَ شهر جي ”اوپيرا هال“ ۾ گڏ ٿين ته، جيئن ملڪ جي نظام ۽ قانون ۾ تبديليون آڻي سگهجن، ايئن اسان جو ملڪ خوشحالي ۽ استحڪام جي راهه تي هلڻ لڳندو.“
نارٽن پهريون آمريڪا جي گڏيل رياستن جو شهنشاهه
اخبارون جڏهن ڦاٽل ڪپڙن ۾ جوشوا کي ڏٺو ته کيس هڪ چريو سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏيو. پر شهر جي هڪ وڏي اخبار ”سان فراسسڪو بليٽن“ جي ايڊيٽر کي اهو اعلان ايترو ته سٺو لڳو جو هن اهو اخبار جي پهرين صفحي تي ڇپي ڇڏيو. اهو اعلان پوءِ ٻين اخبار پڻ ڇپيو ۽ ايئن جوشوا سڄي شهر ۾ مشهور ٿي ويو.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته شهرين اهو اعلان وڏي دلچسپي ۽ ڌيان سان پڙهيو ۽ هنن ڄڻ جوشوا کي آمريڪا جو شهنشاهه مڃي ورتو. اهو جمهوريت جو ڪرشمو هو يا جوشوا جي خراب حالت جو جادو، بهرحال ماڻهن سوچيو ته جيڪڏهن هو شهنشاهه بڻجڻ چاهي ٿو ته کيس بڻجڻ ڏيو. ايئن آمريڪا ۾ شايد پهريون ۽ آخري ڀيرو ماڻهو هڪ ڳالهه تي سهمت ٿيا. ايئن شهنشاهه نارٽن جي بينظير ۽ ظريفانه ”ايڪمن سالن“ جي دور جي شروعات ٿي.
جلد ئي ”شهنشاهه“ ڪنهن کان نيري رنگ جي پراڻي فوجي وردي ۽ هڪ زنگيل تلوار حاصل ڪري ورتي. جيڪا هو روزانو پائي ۽ تلوار هٿ ۾ کڻي ٻاهر نڪرندو هو. بازارين ۾ گهمندو هو، عوام سان ملاقاتون ڪندو ۽ وقت بچندو هئس ته سرڪاري ڪمن جي جاچ جونچ لهڻ جي لاءِ به پهچي ويندو هو. جيئن ته شهر جا سڀئي ماڻهو سندس طبيعت کان واقف هئا، تنهن ڪري ڪير به شنهشاهه جي آمد يا پڇا ڳاڇا تي اعتراض نه ڪندو هو. جلد ئي جوشوا ڪٿان ٻَڙن واري هڪ ٽوپي به حاصل ڪري ورتي، ايئن هو گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي حليي مان ڪو بادشاهه ئي لڳندو هو.
هوريان هوريان هو عام ماڻهن جو هيرو بڻجي ويو. جنهن جو ڪارڻ اهو هو ته هو حڪمرانن تي وڏي واڪي تنقيد ڪندو هو ۽ ڏکويل ماڻهن جون ڌيان سان ڳالهايون ٻڌندو هو. هو هڪ ٻاجهارو، رحم دل ۽ ٻين جا ڏک سور ونڊيندڙ هو. ان جي ڪري هو ”سان فراسسڪو“ جي رهاڪن لاءِ هڪ منفرد ۽ امن پسند انسان بڻجي ويو. آمريڪا جو اهو شهنشاهه سڄي عمر هڪ پراڻي، سراءِ جي ڪمري ۾ رهيو. کانئس مسواڙ نه ورتي ويندي هئي. هڪ ڪرسي ۽ روزاني جي استعمال جو ڪجهه سامان، سندس ڪمري جي ڪُل ڪائنات هئي، جوشوا مختلف هوٽلن ۾ وڃي پيٽ پوڄا ڪندو هو. هوٽل وارا به کيس مفت ۾ ماني کارائيندا هئا، ڇو ته هو شهنشاهه جو هو. حقيقت ۾ جيئن جيئن هن جي شهرت وڌي، تيئن کيس ضرورت جي هر شيءِ جهڙوڪر مفت ۾ ملڻ لڳي.
جوشوا، پنهنجي اقتدار جي دوران ڪيترائي ”فرمان“ اخبارن ۾ ڇپرايا (جيڪي مفت ۾ ڇاپيا ويا.) شهنشاهه بڻجندي ئي هن پارليامينٽ جي ضرورت نه سمجهي. تنهن ڪري هن 12 آڪٽوبر 1851ع تي هڪ فرمان جي ذريعي آمريڪي ڪانگريس ٽوڙي ڇڏي. فرمان ۾ جوشوا لکيو:
”ڪانگريس تي ڪرپٽ ۽ دوکي بازن جي اجارا داري آهي، جيڪي عام ماڻهن جي مسئلن ۽ تڪليفن کي نمايان ٿيڻ نه ٿا ڏين. ميمبر کلي عام قانونن جو مذاق ٿا اُڏائين. ويچارو عام شهري ڪسمپرسي جي حالت ۾ زندگي گذاري رهيو آهي ۽ کين ڪو به سهارو ميسر ڪونهي.“
سياستدانن، بيوروڪريسي ۽ اميرن جي خلاف نارٽن جو جهاد آخر تائين جاري رهيو. هڪ مهيني کان پوءِ هن آمريڪي فوج کي حڪم ڏنو ته اها ڪانگريس جي ميمبرن کي ڌڪي ڪڍي ظاهر آهي ته آمرڪي حڪومت ۽ فوج انهن ”شاهي فرمانن“ تي ذرو به ڌيان نه ڌريو. ڪانگريس جي ميمبرن پنهنجون سرگرميون جاري رکيون. پر هو حڪومت جي مخالف اڳواڻ جي ڪري عوام جي اکين جو تارو بڻجي ويو. البت پوءِ شهنشاهه اهو ٺاهه ڪري ورتو ته سند س”سلطنت“ ۾ ڪانگريس ڪم ڪري سگهي ٿي.
نارٽن جي ڪيترن ئي فرمانن مان اها ڳالهه ظاهر آهي ته هو ”چريو“ نه هو. پر کيس سماج جي طبقاتي نطام باغي ٿيڻ تي مجبور ڪيو هو. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سندس ڪيترائي فرمان کيس هڪ ڏاهو ۽ عقل وارو انسان ثابت ڪن ٿا. جهروڪ: ورجينيا جي گورنر، غلامي جي خلاف جدوجهد ۾ مصروف مشهور اڳواڻ ”جان برائون کي ڦاسي ڏني هئي ته 2 ڊسمبر 1859ع تي نارٽن هڪ فرمان جاري ڪيو ته ورجينيا جي گورنر کي هٽايو وڃي. ايئن هن عوام جي احساس جي صحيح ترجماني ڪئي.
جڏهن آمريڪا ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي ته هن ابراهام لنڪن کي ڪيترائي دوستانه خط لکيا، جيڪي ليجنڊري صدر دلچسپي ۽ ڌيان سان پرهندو هو. گهرو ويڙهه جي پڄاڻي تي شهنشاهه نارٽن عالمي اڳواڻن جي اڳيان اها رٿ رکي ته هو هڪ اهڙو ادارو جوڙين، جنهن ۾ دنيا جون قومون گڏجي ويهي پنهنجا اختلاف دور ڪن (ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته اها ليگ آف نيشنز ۽ پوءِ گڏيل قومن کي ٺاهڻ جي رٿ هئي.) هو مذهبن ۽ انهن جي فرقن جي وچ ۾ فسادن ۽ جهيڙن جهٽن جو سخت مخالف هو.
1870ع ۾ نارٽن فرمان جاري ڪيو ته سان فراسسڪو ”نار“ ۾ مٽي ڀري وڃي ته جيئن شهري حڪومت کي وڌيڪ زمين ملي سگهي (ويهين صديءَ ۾ اهوئي عمل ڪيو ويو.) 1872ع ۾ هن تجويز ڪيو ته سان فراسسڪو ۽ اوڪلينڊ کي پل جي ذريعي ملايو وڃي. (اها پُل سندس مرڻ کان پنجاهه سال پوءِ ٺهي. ڪيترن ئي ماڻهن ان پل جو نالو مارٽن رکڻ ٿي چاهيو، پر اوڪلينڊ سٽ ڪونسل اها رٿ منظور نه ڪئي) گويا هو شهرين جي آرام ۽ سڪون جي لاءِ وقت کان اڳ منصوبا پيش ڪري رهيو هو.
شهر ۾ ڪو سرڪاري منصوبو اڏاوت هيٺ هوندو هو ته نارٽن پنهنجي شاهي لباس ۾ اُتي پهچي ڪم جي جاچ پڙتال ڪندو هو. جڏهن پوليس ۽ فائر برگيڊ وارا سالياني پريڊ ڪندا هئا ته شهنشاهه وڏي ٺٺ سان وڃي انهن جو معائنو ڪندو هو ۽ هو به هن ڏانهن خاص ڌيان ڏئي لنگهندا هئا. جڏهن به ماڻهو هن جي آسپاس گڏ ٿيندا هئا ته هو مختلف موضوعن تي کين پُرمغز ليڪچر ڏيندو هو، کيس ڪٿي بلدياتي ادارن جي ڪوتاهي يا گند ڪچرو نظر ايندو هو ته هو ”ميونسپالٽي“ وارن کي حڪم ڏيندو هو ته هو اهو صاف ڪن. ايئن هو هڪ لحاظ کان شهر جو سرپرست بڻجي ويو.
ان زماني ۾ آمريڪي، چينين جي سخت خلاف هئا. هو اڪثر سان فراسسڪو جي چائنا ٽائون ۾ ڦڏو فساد ڪندا رهندا هئا. هڪ رات پنجاهه سٺ آمريڪي، چائنا ٽائون جا دوڪان ڦرڻ ۽ لٽڻ جي لاءِ گڏ ٿيا. پر شهنشاهه نارٽن انهن جو رستو روڪي ورتو. هن پهرين ته کين حڪم ڏنو ته هو اڳيان نه وڌن، پوءِ بائبل ڪڍي وڏي آواز ۾ پڙهڻ لڳو، ڪجهه ئي منٽن۾ ميڙ منتشر ٿي ويو. ايئن هڪ ”چريي“ جينين کي زبردست مالي نقصان کان بچائي ورتو. 1867ع ۾ هڪ نوجوان پوليس آفيسر آرمنڊ بارئبر، نارٽن کي گرفتار ڪري ورتو. هن سندس ”پاڳل خاني“ ۾ علاج ڪرائڻ ٿي چاهيو، پر شهرين کي هن جي گرفتاريءَ جي خبر پئي ته طوفان کڙو ٿي ويو. ماڻهو پوليس اسٽيشن پهچي آفيسر جي خلاف مظاهرا ڪرڻ لڳا. اخبارن ”شهنشاهه“ جي گرفتاريءَ تي انتهائي تيز اداريا لکيا. نيٺ ان احتجاج کان گهٻرائجي پوليس جي سربراهه ”پيٽرڪ ڪرولي“ چوويهن ڪلاڪن جي اندر ئي نارٽن کي آزاد ڪري ڇڏيو. يٽرڪ ڪرولي، ”شهنشاهه“ کي گرفتار ڪرڻ تي رسمي طور تي معذرت به ڪئي ۽ صحافين کي ٻڌايو ته ”ايڪس لينسي“ ڪو به رت نه وهايو آهي، نه وري ڪو خون ڪيو آهي ۽ نه ئي وري ڪا ڦرلٽ ڪئي آهي. گويا اهو بادشاهت ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي.“ نارٽن به سخاوت جو مظاهرو ڪندي ڏوهاري پوليس آفيسر کي معاف ڪري ڇڏيو. ان واقعي کانپوءِ ”سان فراسسڪو“ پوليس جي سپاهين کي جڏهن به ”نارٽڻ“ نظر ايندو هو ته هو کيس سليوٽ ڪندا هئا.
شهنشاهه نارٽن حقيقت ۾ مفلس هو، پر سڀئي شهري ساڻس محبت ڪندا هئا ۽ کيس عزت جي نظر سان ڏسندا هئا. 1865ع کانپوءِ هو پنهنجي مهر ۽ صحيحن سان ڪرنسي نوٽ ڇاپڻ لڳو. هو جڏهن به ڪٿي ماني ٽڪي کائيندو هو يا ڪافي شيءِ شغل خريد ڪندو هو ته اهي ئي ڪرنسي نوٽ استعمال ڪندو هو. هوٽل وارا ۽ دڪانن وارا راضي خوشيءَ شهنشاهه صاحب کان نوٽ وٺندا هئا. اڄ نارٽن جا قدردان سندس ڇاپيل 50 سينٽ، ڊالرن ۽ 15 ڊالرن جا نوٽ، هزارين ڊالرن ۾ خريد ڪري وٺندا آهن. هو ڪڏهن ڪڏهن اوپيرا به ڏسڻ ويندو هو ته سندن شاهن جيان ڀليڪار ڪئي ويندي هئي ۽ کيس وي آءِ پي سيٽ تي ويهاريو ويندو هو.
نيٺ 1870ع ۾ آمريڪي حڪومت به نارٽن جي پاڻمرادي حيثيت کي ڪنهن نه ڪنهن حد تائين مڃي ورتو. ان سال قومي آدمشماري ٿي ته پنجاهه سالن جو جوشوا نارٽن جو ڌنڌو ”شهنشاهه“ لکيو ويو. سان فراسسڪو جي شهري حڪومت به کيس اعزاز بخشيو. جڏهن سندس ڪپڙا صفا پراڻا ٿي ڦاٽي ويا ته حڪومت کيس نئون لباس عطا ڪيو. ان موقعي تي هڪ تقريب به ٿي ۽ شهنشاهه نارٽن فراخدليءَ سان اهو تحفو قبولي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. آخري سالن ۾ اهو به افواهه پکڙيو ته هو فرانس جي شهنشاهه لوئس جو پٽ آهي (شڪل ۽ شبيهه ۾ ساڻس ملندڙ جلندڙ هو) ۽ اهو ته هو امير ماڻهو آهي، پر ڪنجوسي جي ڪري فقيرن جهڙي زندگي پيو گذاري.
8 جنوري 1880ع جي شام جو نارٽن ”ڪيلي فورنيا اڪيڊمي آف سائنسز“ ۾ ليڪچر ڏيڻ ويو. جو مٿس دل جو دورو پيو. ماڻهن کيس هڪ دم اسپتال پهچايو، پر هو علاج کان اڳ ئي گذاري ويو. مرڻ کانپوءِ شهنشاهه جي گهر مان جيڪو سامان نڪتو، ان ثابت ڪري ڇڏيو ته هو هڪ انتهائي غريب انسان هو. هن جي کيسي مان پنج ڊالر نڪتا. نجي سامان جي ماليت فقط اڍائي ڊالر هيس. اها خبر جلد ئي سڄي شهر ۾ پکڙجي وئي. شهري حڪومت نارٽن کي عام غريباڻي تابوت ۾ دفنائڻ ٿي چاهيو، پر شهر جي واپارين هڪ خاص فنڊ قائم ڪيو. شهرين به دل کولي ان ۾ ڦوڙي ڏني. ايئن ان فنڊ جي بدولت هڪ قيمتي تابوت خريد ڪيو ويو ۽ سندس جنازو هڪ شهنشاهه جي شايان شان نڪتو.
10 جنوري، آچر جي ڏينهن مارٽن جو جنازو ”سان فراسسڪو“ جي گهٽين ۾ گهمايو ويو. سخت سردي جي هوندي به ٽيهه هزار شهرين، ڏکويل دلين ۽ غمگين چهرن سان پنهنجي شهنشاهه جوآخري ديدار ڪيو. ان ميڙ ۾ ڦاٽل ميرا ڪپڙا پاتل فقير به هئا ته قيمتي ڪپڙا پاتل امير به. سيڪيولر سوچ رکندڙ به هئا ته پادري به! مطلب ته اهو موقعو شهر جي وڏي سماجي تقريب بڻجي ويو. نارٽن کي شهري حڪومت جي خرچ تي دفنايو ويو. سندس قبر تي لڳل ڪتبي تي شهنشاهه جو لفظ اڪريل آهي. نارٽن جي شخصيت تاريخ جي ڏندڪٿا ۾ گم نه ٿي، پر هينئر به شهنشاهه جا چاهيندڙ سندس سالگرا يا ورسي جي موقعي تي گڏ ٿي کيس ياد ڪندا ۽ الميا خوشي جا گيت ڳائيندا آهن.
مشهور مزاحيو ليکڪ ”مارڪ ٽوين“ ساڻس مليو هو. اڳتي هلي ٽوين پنهنجي عالمي شهرت يافته ناول ”ايڊوينچرز آف هڪل بري فن“ ۾ بادشاهه (ڪنگ) جو ڪردار هن کي ئي سامهون رکي تخليق ڪيو. تنهن کانسوءِ ”رابرٽ لوئي اسيفنس“ به نارٽن کي پنهنجي ناول The Wrecker جو ڪردار بڻايو. ايئن هن جي شخصيت ادبيت کي پڻ متاثر ڪيو. شهنشاهه نارٽن کي ان ڪري چاهيو ويو ته هو ٻين بادشاهن جي ابتڙ عوام جو مخالف نه پر انهن منجهان هو. هن ماڻهن کي موقعو ڏنو ته هو آمريت ۽ شهنشاهيت جو مذاق اڏائين. گڏوگڏ انهن ۾ اهو حوصلو به پيدا ڪيو ته هو کليل نموني حڪومت تي تنقيد ڪن.

دنيا جي پهرين سرجن عورت

ايلز بيٿ جو واسطو برطانيا سان هو. هوءَ 9 نومبر 1821ع تي ”جرسٽل، ۾ پيدا ٿي. سندس پيءُ کنڊ سازيءَ جو ڪاروبار ڪندو هو، پر سندس گهراڻي کي ان وقت ذر سفر جي ڳولا ۾ آمريڪا لڏي وڃڻو پيو، جڏهن سندس پيءَ مسٽر ”بليڪ ويل“ ڪاروباري گهٽائي سبب صفا ترين ڀروهي رهيو. ايلز بيٿ جو گهراڻو، آمريڪي يراست ”اوهايم“ جوشهر ”سنسائي“ ۾ وڃي رهيو، هتي هن ”چقندر“ مان کنڊ ٺاهڻ جو ڌنڌو ڪرڻ چاهيو، پر ڀاڳ سندس ساٿ نه ڏنو ۽ هو ڏالاڻو ڪري ويو. مسٽر بليڪ ويل جي وفات سان ايلز بيٿ ويل اک ڇنڀ ۾ پيءُ جي ٿڌي ڇانوَ کان محروم ٿي تپندڙ اُپس ۾ اچي وئي. هي اهو دور هو جڏهن آمريڪا ۾ غلاميءَ جي خلاف تحريڪن جي ڪري ماحولو خراب ٿي چڪو هو. نئون سيسي شعور جنم وٺي رهيو هو. ”انسانن جو واپار بند ڪريو“ جا نعرا لڳي رهيا هئا. انهن تحريڪن، جلسن، جلوسن ۽ عوامي تحريڪن ايلز بيٿ ويل جي ذهن کي انقلابي بنائڻ شروع ڪيو. پنهنجي تعليم جي دوران هن پهريون ڀيرو عورتن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي سلسلي ۾ ٿيندڙ هڪ جلسي ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي بي باڪ تقرير سان حاضرين کي تمام گهڻو متاثر ڪيو هو.
ايلز بيٿ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ ٿي چاهيو، ان ڳالهه جو اظهار هن پنهنجي هڪ بيمار ساهيڙيءَ سان ڪيو، جيڪا ريڙهه جي هڏيءَ جي مرض ۾ مبتلا هئي. جواب ۾ ان اتفاقي طور تي هڪ اهڙو جملو چيس، جنهن ايلزبيٿ جي لاءِ ڪامياب زندگي جو رستو کولي ڇڏيو. هن چيس، ”تون محنتي آهي، صحتمند به آهين، تو وٽ وقت به آهي، تون ڊاڪٽري ڇو نه ٿي پاس ڪرين. جيڪڏهن منهنجو علاج ڪا ليڊي ڊاڪٽر ڪري ته منهنجي اڌ بيماري گهٽجي وڃي.“
ان زماني ۾ ”ليڊي ڊاڪٽر“ جو خيال آمريڪا ۾ رهندڙ ڪنهن به عورت جي لاءِ عجوبي کان گهٽ نه هو. ايلزبيٿ کي اهو خيال وڻيو، هوءَ ذاتي طور تي بيماري جي نالي کان به ڊڄي ٿي. تنهن ڪري ان وقت تائين هن ڪڏهن به طب جي ڪنهن ڪتاب کي هٿ ۾ کڻي به نه ڏٺو هو. پر ان رات ايلزبيٿ اهو فيصلو ڪيو ته، ”عورت جيڪڏهن ڊاڪٽر جي پيشي طرف ڌيان ڏئي ته هوءَ بيمارين جي طوفان جي سامهون اڪيلي بند ٻڌي سگهي ٿي.“ اهو پڪو ارادو ڪري هوءَ 1847ع ۾ آمريڪي رياست فلاڊلفيا وڃي نڪتي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ ميڊيڪل جي تعليم جي لاءِ سڀ کان وڏو مرڪز تصور ڪيو ويندو هو. اُتي هن هڪ بخي اسڪول ۾ داخلا وٺي اناٽامي جو مطالعو شروع ڪيو ۽ گڏوگڏ ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا جي لاءِ درخواست ڏني، پر ڪو به ڪاليج کيس داخلا ڏيڻ جي لاءِ تيار نه هو. هر ڪاليج مان انڪار جو جواب لڳ ڀڳ ساڳيو ئي هو ته، ”عورتن جي لاءِ ميڊيڪل جي تعليم جي شموليت موجود ڪونهي. اهو سلسلو ڪيترن ئي مهينن تائين جاري رهيو. نيٺ سندس هڪ واقفڪار آمريڪي ڊاڪٽر وارنگٽن مايوسيءَ جي حالت ۾ کيس مشورو ڏنو ته، ”ايلزبيٿ! اهو سڀ بيڪار آهي انهن ڪاليجن مان ڪو به توکي داخلا نه ڏيندو. جيڪڏهن توکي ڊاڪٽري پڙهڻي آهي ته مردانه ڪپڙا پائي ۽ پئرس هلي وڃ!“ ڊاڪٽر وارنگٽن جي ان خيال کي ان مهل عملي شڪل ملي، جڏهن فلاڊفلفيا جي هڪ ميڊيڪل ڪاليج سندس جذبي کي ساراهيندي کيس ”مشروط داخلا“ جي آڇ ڪئي، پر آمريڪا يا آمريڪا کان ٻاهر ويس بدلائي ڪاليج پڙهن نه ٿي چاهيو. ايلزبيٿ رڳو ليڊي ڊاڪٽر ئي بنجڻ نه ٿي چاهيو، پر هوءَ عورتن جي حقن لاءِ جهاد به ڪري رهي هئي. ”رڳو فلاڊلفيا ڇو،. ٻي ڪنهن هنڌ ڀاڳ آزمائڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي.“ هن وڏي بهادريءَ سان سوچيو ۽ نيويارڪ جي ”جنيوا يونيورسٽي“ ۾ ميڊيڪل جي لاءِ درخواست ڏياري موڪلي. نيٺ کيس پنهنجن اٽل ارادن جو ڦل مليو ايلز بيٿ بليڪ ويل کي داخلا ملي وئي. ميڊيڪل جي پنجن سالن جي بدران ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ کيس ڏسڻ لاءِ آيو. اخبارن ۾ اها خبر وڏين سرخين سان ڇپي ۽ پهريون ڀيرو فلاڊلفيا ۽ جنيوا جي عورتن کي خبر پئي ته جيڪڏهن ڪا عورت ڊاڪٽر بنجڻ چاهي ته صنفي نفرت جو پهاڙ به سندس رستي جي رڪاوٽ بڻجي نه ٿو سگهي.
ڊگري وٺي ايلز بيٿ فلاڊفليا پهتي ته انهن ئي ڊاڪٽرن سندس وڏي پذيرائي ڪئي، جن هن جي پهرين پنهنجين ڪاليجن ۾ داخلا ٿيڻ نه ٿي ڏني. ايلزبيٿ ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ ڊاڪٽري تي ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيا. ليڪچرن جي دوران شاگردن پاران پڇيل سوالن کيس هڪ نئين منزل ڏيکاري. ”مون کي اسپيلائيزيسن ڪرڻ گهرجي.“ هن ماٺ مٺيءَ ۾ پنهنجو سامان کنيو ۽ لنڊن وڃي نڪتي. پر لنڊن پهچڻ کان پوءِ هوءِ بيمار ٿي پئي ۽ ان بيماريءَ جي نتيجي ۾ سندس هڪ اک جي نظر ختم ٿي وئي، پر ان هوندي به هن اهو ڪم ڪري ڏيکاريو، جنهن جي لاءِ هوءَ آئي هئي. ايلز بيٿ ويل دنيا جي پهرين عورت هئي، جيڪا سرجن بڻي. هن هڪ اهڙو ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ ٿي چاهي، جنهن ۾ عورتن کي سولائيءَ سان داخلا ملي سگهي، هن نه ٿي چاهيو ته جن پريشانين ۽ ڏکن کي کيس منهن ڏيڻو پيو ۽ عورت ڊاڪٽر بنجڻ جي لاءِ جيڪي مشڪلاتون سٺائين، ٻين عورتن کي به اهي برداشت ڪرڻيون پيون. اهو سوچي هن ”ايلز بيٿ بليڪ ويل ميڊيڪل اسڪول راچسٽر نيويارڪ“ جو بنياد رکي. نتيجي ۾ مردن جي تعصب ۾ مخالفت جو هڪ طوفان کڙو ٿي ويو. پر ايلز بيٿ ڪنهن جي به پرواهه نه ڪئي. وٽس پئسن جي کوٽ هئي. پئسن جي کوٽ پوري ڪرڻ جي لاءِ هن عورتن جون مينابازارون لڳايون، موسيقيءَ جا پروگرام ڪوٺايا، چيرٽي شو ڪرايا ۽ ويمن پروٽيڪٽس مهم هلرائي. هيءَ عورت ڊاڪٽر پنهنجي ڊاڪٽريءَ جي سڄي ڪمائي ميڊيڪل ڪاليج جي اڏوات تي خرچ ڪندي رهي. هڪ ڪامياب سرجن جي باوجود به هن پنهنجو وقت تنگدستيءَ ۾ گذاريو. ننڍپڻ ۾ غلاميءَ جي خاتمي لاءِ هلندڙ تحريڪن هن جي ذهن کي جيتريقدر انقلابي بڻايو، هو، ايلز بيٿ جي سوچ انهن سڀني انقلابن کي سچ ثابت ڪري ڏيکاريو.
ميڊيڪل جي فهرست ۾ هڪ وڌيڪ ڪاليج ۽ نالي ”بليڪ ويل ميڊيڪل اسڪول“ جو واڌارو ٿيو. لنڊن ۾ ميڊيڪل ڪاليج، ايلز بيٿ جي ڪامياب ڪوشش جي احترام ۾ هن جي تصوير پنهنجي ڪاليج ۾ لڳائي ڇڏي. ايلز بيٿ ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو ۽ آمريڪا ۽ آمريڪا کان ٻاهر سڄي دنيا جي عورتن جي لاءِ هن ميڊيڪل جي تعليم جا دروازا کولي ڇڏيا. ايلز بيٿ ثابت ڪري ڏيکاريو ته ڪنهن عورت جي ڪاميابيءَ لاءِ ڪنهن پارليامينٽ کان ويمن پروٽيڪشن بل پاس ڪرائڻ جي گهرج نه هوندي آهي. اصل پروٽيڪشن عورت جو پنهنجو سچو جذبو آهي، جيڪو کيس منزل تائين پهچائڻ لاءِ اونداهن رستن ۾ احساس جي روشني فراهم ڪري ٿو. عورتن جي حقن جي حفاظت ڪندڙ ڪا به تنظيم، انساني حقن جي ڪا به آرگنائيزيشن، ڪا به ايمنسٽي انٽرنيشنل، ڪا به اين جي او سندن مفادن جو تحفظ ڪري نه ٿي سگهي. جيڪڏهن ڪنهن پاسان تحفظ آهي ته اهو صنفي متڀيد جي باوجود به دنيا جي پهرين سرجن عورت جو اعزاز ڏياري سگهي ٿو ۽ پنهنجي بقا جي جدوجهد جي لاءِ بل ئي منظور ٿيندو آهي ۽ ان لاءِ ڪنهن ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي گهرج نه هوندي آهي.

غريب اڇوت ڇوڪريءَ کان وزيراعليٰ بنجڻ تائين

هندستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جتي عورتون سياست ۾ سدائين نمايان رهنديون پيون اچن. اندرا گانڌي جي سياسي بصيرت ۽ ڏاهپ جا ته گهڻا مداح رهيا آهن، جيڪا هندستان جي وزيراعظم رهي. شريمتي پرتيپا پاٽيل 2007ع کان 2012ع تائين ملڪ جي صدر رهي. هن وقت ڪانگرس جي صدر سونيا گانڌي آهي. پارليامينٽ جي اسپيڪر ميرا ڪماري، مخالف ڌر جي اڳواڻ سشما سورج، عورتون آهن. نه رڳو اهو، پر هندستان جي چئن اهم رياستن، اتر پرديس (مايا وتي) بنگال (ممتا بينرجي) تامل ناڊو (جي لليتا) ۽ دهلي (شيلا ڊڪشٽ) ۾ به حڪومتون عورتون جي هٿ ۾ آهن.
مٿين عورتن مان هڪ عورت مايا وتيءَ جو پروفائيل ٿورو مختلف آهي. مٿيون سڀ عورتون اعليٰ برهمڻ گهرانن سان واسطو رکن ٿيون. جيتوڻيڪ ميرا ڪماري جو واسطو برهمڻ ڪٽنب سان ڪونهي، هوءَ اڳوڻي هندستاني نائب وزيراعظم ”جڳ جيون رام“ جي ڌيءَ ۽ خوشحال گهراڻي سان لاڳاپيل آهي. پر مايا وتي انهن سڀني مان هيئن مختلف آهي ته هوءَ هڪ غريب اڇوت گهراڻي ۾ پيدا ٿي ۽ پوءِ هن محنت ڪئي ۽ پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪري معاشري ۾ عزت وارو مقام حاصل ڪيو. هن جي زندگيءَ جي ڪهاڻيءَ ۾ سڀني ماڻهن جي لاءِ اهو سبق موجود آهي ته حالتون کڻي ڪيتريون به ڏکيون ڇو نه هجن پر ثابت قدمي ۽ محنت سان ڪاميابي نيٺ به ملي وڃي ٿي.
ماياوتي نينا ڪماري 15 جنوري 1956ع تي دهليءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد ڀرپور ديال، مواصلات کاتي ۾ ڪلارڪ هو ۽ هو نوڪريءَ جي سانگي سان ئي دهلي ۾ رهيل هو، نه ته هن جو واسطو ”بلند شهر“ (هاڻي غازي آباد) جي ڳوٺ ”بادل پور“ سان هو. هو اڇوتن جي چمار ذات سان واسطو رکندو هو. (پاڪستان ۾ خاڪروب/ڀنگيءَ کي چمار به سڏيو وڃي ٿو. پر سنسڪرت ۾ ان لفظ جي معنيٰ آهي، چمڙي جو ڪم ڪندڙ.)
ننڍپڻ ۾ ماياوتي پنهنجي ڏاڏيءَ ”منگل سين“ جي گهڻو ويجهو هئي. پڻهنس سان لاڳاپا ته شعور سنڀاليندي ئي خراب ٿي ويس، منگل سين، پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ برطانوي هندستان جي فوجيءَ جي حيثيت سان شريڪ ٿيو هو. پهرين پوٽي هئڻ جي ڪري ماياوتي سندس لاڏلي هئي. ماياوتي به پنهنجي ڏاڏي جي عقل ۽ ڏاهپ، اصولن ۽ انسان دوستي کي واکاڻيندي هئي. بادل پور جا سڀئي ڳوٺاڻا اصول پسند ۽ حق گو منگل سين جي عزت ڪندا هئا ۽ کانئس صلاحون ۽ مشورا وٺندا هئا. ماياوتي پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکيو آهي ته ”گهڻو ڪري هو ئي ڳوٺاڻن جي جهيڙن ۽ ٻين معاملن جو فيصلو ڪندو هو.“
اها منگل سين جي وڏائي چئبي جو هن زال جي وفات کانپوءِ ٻي شادي نه ڪئي، جيتوڻيڪ هو اڃان جوان هو. ان وقت پرڀوداس ڇهن مهينن جو هو، پر منگل سين ان ڊپ سبب شادي نه ڪئي ته متان سندس ويڳي ماءُ ظالم نه ثابت ٿئي. هن پوءِ اڪيلي سر پرڀو داس، کي پالي تاتي وڏو ڪري، پنهنجن پيرن تي بيهاريو. پر سندس پٽ روحاني طور تي وڌيڪ سگهارو نه نڪتو. جڏهن پرڀو داس جي زال هڪٻئي جي مٿان ٽن ڌيئرن کي جنم ڏنو ته هن دوستن ۽ مائٽن جي ڳالهين اچي ٻي شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. تنهن ڪري ماياوتيءَ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي پيءُ جو ذڪر سٺن لفظن ۾ نه ڪيو آهي. پرڀو اهو سمجهيو ٿي ته اها سندس ذميواري آهي ته پٽ کي جنم ڏئي پنهنجي ڪٽنبي سلسلي کي اڳتي وڌائي. ڌيئرن جي جنم کان پوءِ هن پنهنجي زال سان ذلت وارو سلوڪ روا رکيو ۽ ان ڳالهه ماياوتي جي ڪاوڙ کي وڌايو.
نيٺ ”منگل سين“ مداخلت ڪئي. پيءُ جي دڙڪي داٻ ۽ ٿُڪ لعنت کانپوءِ پرڀو ٻي شادي ڪرڻ جو ارادو ملتوي ڪيو. ماياوتي لکي ٿي، ”منهنجي ڏاڏي چيو، منهنجون پوٽيون، ڪٽنب جو نالو نسب جاري رکڻ جون اهل آهن. جيڪڏهن سندن صحيح تعليم ۽ سٺي تربيت ڪئي وڃي ته هو پٽن جهڙائي ڪارناما سرانجام ڏئي سگهن ٿيون.“ ڪجهه سالن کان پوءِ نيٺ پرڀوداس وٽ پٽ جنم ورتو، هاڻ وري قدرت سندس زالس تي ايتري ته مهربان ٿي جو هڪٻئي جي پويان ڇهن پٽن کي جنم ڏنو.
هڪ عام هندستانيءَ جيان هاڻ پرڀو جي ڌيان ۽ شفقت جو مرڪز پٽ بڻجي ويا. ايئن ماياوتي جي مايوسيءَ ۾ واڌارو ٿيو. هن پٽن کي ته سٺن اسڪولن ۾ داخل ڪرايو، پر نياڻيون سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهڻ لڳيون. جتي ماسترياڻيون پڙهائڻ جي بدران سڄو ڏينهن ويٺيون ڪچهريون ڪنديون ۽ ڊاڙون ڊشو هڻنديون هيون. پرڀو کي يقين هو ته پٽ ئي سندس مستقبل آهن، تنهن ڪري کين ڌيان جي گهرج آهي. هوڏانهن ماياوتي پنهنجي شاندار تعليمي ڪارڪردگي جي ڪري سڀني کي ڇڙڪائي ڇڏيو، پر پڻهنس مٿس هڪ رپيو به خرچ نه ڪيو.
تنهن ڪري 1993ع ۾ ماياوتيءَ پنهنجي پيءُ سان سٺو سلوڪ نه ڪيو. ان سان بي ايس پي (بهوجن سماج واري پارٽي). سماجوادي پارٽيءَ سان گڏجي يو پي ۾ حڪومت ٺاهي. ماياوتي بي ايس پي جي ٻي نمايان هستي هئڻ جي ڪري طاقت ۾ وزيراعليٰ ملائم سنگهه يادو سان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هئي. جڏهن بادل پور ۾ اها خبر پهتي ته هڪ ڏينهن ڳوٺ جا وڏڙا گڏجي پرڀو وٽ ايا ۽ ساڻس فرمائش ڪيائون ته هو پنهنجي ڌيءُ کي چئي سندن مسئلا حل ڪرائي. پرڀو لکنؤ ويو ۽ ماياوتيءَ تي زور ڀريائين ته هوءَ بادل پور جي خاص سرڪاري رٿائن جو اعلان ڪري. پر ماياوتيءَ مٿس چٿر ڪندي چيو، ”اڙي! تون مون وٽ ڇو آيو آهين؟ پنهنجي پُٽن وٽ وڃ، جن کي خاندان جو نالو روشن ڪرڻو آهي، کين چئو ته هو ڳوٺ ۾ اسڪول ۽ اسپتال اڏرائين.“
بهرحال جڏهن پرڀوءَ ڏٺو ته پٽن بدران وڏي ڌيءُ تعليمي ميدان ۾ اڳتي وڌي رهي آهي ته هو مٿس ڪجهه ڌيان ڏيڻ لڳو. جڏهن ماوياتيءَ مئٽرڪ پاس ڪئي ته کيس اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي اجازت ملي وئي. پوءِ هن مقامي ڪاليج مان بي اي ڪئي ۽ هن وڪيل بڻجڻ جو فيصلو ڪيو.

انقلاب جو کڙڪو
اها 1977ع جي سردين مند جي ڳالهه آهي. ماياوتي ايل ايل بي جي پهرينءَ سال ۾ هئي، جو هن ”انڊين سول سروس“ جو امتحان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. اهو فيصلو ڪرڻ کانپوءِ هوءَ پڙهڻ کي لڳي وئي ۽ رات جو دير تائين جاڳندي پڙهندي رهندي هئي. هن جي خواهش هئي ته امتحان پاس ڪري دپٽي ڪمشنر بڻجي. اوچتو هڪ رات جي ساڍي نوين بجي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي ۽ مطالعي ۾ غرق ماياوتي ڇرڪي پئي. اها ٺڪ ٺڪ غيرمعمولي هئي، ڇو ته ڪو به مائٽ يا دوست رات جو هن مهل نه ايندو هو. جڏهن هن دروازو کوليو ته ڪاشي رام کي ڏسي حيران ۽ پريشان ٿي وئي. ڪاشي رام ان وقت تائين هندستان اڇوتن جو محبوب اڳواڻ بڻجي چڪو هو. ماياوتي ڪجهه جلسن ۾ هن جون تقريرون به ٻڌيون هيون. اها ڪاشي رام سان ماياوتي جي پهرين ملاقات هئي. جيڪو ووٽ گهرڻ آيو هو.
اڇوتن جي اڳواڻ ماياوتيءَ جي چوڌاري پکڙيل ڪتابن ڏانهن اشارو ڪندي پڇيو، ”ڇا توکي هي سڀ ڪتاب پڙهڻا آهن؟ هيترو پڙهي ڇا ڪندينءَ؟“ ماياوتيءَ پاڻ کي هيڏي وڏي اڳواڻ جي نظرن جو مرڪز پاتو ته ٿوري شرمائجي وئي. پوءِ همت ڪري چيائين، ”آئون انڊين سروس جو امتحان ڏئي رهي آهيان ۽ چاهيان ٿي ته ڊپٽي ڪمشنر بڻجي پنهنجي ماڻهن جي خدمت ڪريان.“ ڪاشي رام وراڻيو، ”آئون سمجهان ٿو ته تون غلطي ڪري رهي آهين.“ تنهن کان پوءِ هن جيڪي جملا چيا، تن ماياوتي جي بدن ۾ سنسي ڊوڙائي ڇڏي. ڪاشي رام اڳ ڪٿي ڪندين چيو، ”تنهنجي بهادري ۽ اڇوتن جون حالتون سڌار جو جذبو واکاڻ جوڳو آهي، تون جيڪڏهن منهنجو ساٿ ڏين ته آئون واعدو ٿو ڪريان ته توکي ايڏو وڏو اڳواڻ بڻائي ڇڏيندس جو هڪ ته ڇا ڪيترائي ڪليڪٽر تنهنجي اڳيان فائيل کنيون تنهنجي حڪم جا منتظر هوندا. ان وقت ئي تون حقيقي معنيٰ ۾ اڇوتن جي مسئلن کي نبيري سگهندين.“
ڪاشي رام پوءِ هڪ ڪلاڪ تائين ماياوتيءَ سان ڳالهيون ڪندو رهيو. هو مختلف سماجي ۽ سياسي موضوعن تي ڳالهائيندا رهيا. جيتوڻيڪ موضوع اڇوتن جي تاريخ ۽ اهي ظلم هئا، جيڪي خاص طور تي برهمڻن ڪيا هئا. ٻنهي ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته قومي پارٽين جا معاملا برهمڻن جي هٿن ۾ آهن ۽ هو اڇوتن سميت سڀني هيٺين طبقن جي پرماريت ڪري رهيا آهن. ڪاشي رام 22 سالن جي نوجوان ڇوڪريءَ کي ٻڌايو ته ”بابا امبيڊڪر، کان پوءِ اڇوتدربدر ڀٽڪي رهيا آهن. جيڪڏهن سندن ۽ سماج جي ٻين پڙهيل طبقن جي رهنمائي ڪئي وڃي ته هو به ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي هلي سگهن ٿا.“
حقيقت ۾ ان هڪ ڪلاڪ ماياوتيءَ جي دل ۽ دماغ ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. کيس احساس ٿيو ته اهڙي سماج ۾ واقعي به سرڪاري آفيسر جو ڪردار صفا محدود آهي. جتي سڀئي معاملا سياسي پارٽين ۽ سياستدانن جي هٿن ۾ هجن. پر سوال هي هو ته ڇا هوءَ ڪاشي رام جي توقع تي پورو لهي سگهي ٿي؟ ان ملاقات کان پوءِ سوچن ماياوتي کي گهيري ۾ وٺي لاٿو. هاڻ هڪ خيال کيس اڀارڻ لڳو ته هوءَ سرڪاري نوڪريءَ کي لت هڻي، سياست جي ميدان ۾ ڪُڏي پوي. پر ٻي گهڙيءَ ڊپ سبب سندس وار اڀا ٿي ويا ته جيڪڏهن ڪاميابي سندس قدم نه چميا ته سندس ڪيريئر تباهه ٿي ويندو، پوءِ ته هوءَ نه گهر جي رهندي ۽ گهاٽ جي! نيٺ گهڻي سوچ ۽ ويچار کان پوءِ هن سياست اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اهو فيصلو ڪرڻ ۾ ايندڙ سياسي مهم جوئي جي سنسني خيز تجربن ۽ واقعن به اهم ڪردار ادا ڪيو. کيس خبر هئي ته اصولن ۽ قانونن ۾ جڪڙيل سرڪاري نوڪري کيس هڪ هنڌ قيد ڪري ڇڏيندي.
پر، پرڀو داس ڌيءَ جي فصيلي تي سخت ناراض ٿيو. کيس ڪاشي رام صفا نه ٿي وڻيو، ڇو ته هو سندس خواهشن خون ڪري رهيو هو. پرڀوءَ ته اهو خواب ڏٺا هئا ته جڏهن ماياوتي ڊپٽي ڪليڪٽر بڻجندي ته هو ڳوٺ ۾ ڪنڌ اوچو ڪري هلندو. هونئن به ٽيهه سال اڳ سياست ۾ اڇوت اڳواڻن جي ڪا به حيثيت نه هئي ۽ نه ئي وري ڪو سونهرو آئيندو. پرڀو داس شروع ۾ ته اها ڪوشش ڪئي ته سندس ڌيءَ سياست ۾ نه اچي، پر جڏهن کيس ان ڳالهه ۾ ناڪامي ٿي نه پڻهنس ماياوتيءَ کي رٿ ڏني ته جيڪڏهن کيس سياستدان ئي بنجڻو آهي ته پوءِ ڪنهن قومي جماعت جهڙوڪ ڪانگريس ۾ شامل ٿئي، هو اڪثر ڌيڻس کي طنزيه لهجي ۾ چوندو هو، ”ڪاشي رام جهڙي کوٽي سڪي جي پٺيان هلي، تون ڪائونسلر به بڻجي نه سگهندينءَ.“
گهڻين ڪوشش جي باوجود به جڏهن پيءُ ڌيءُ کي ڳالهه مڃائي نه سگهيو ته هڪ ڏينهن صفا بر ٿيندي چيائينس، ”ڪاشي رام سان ملڻ بند ڪر، نه ته هڪدم منهنجي گهر مان نڪري وڃ.“ هيڏانهن ماياوتي جي خودداري به عروج تي هئي، هن پڻهنس جي ڌمڪي ٻڌي ته اصل ديري ئي نه ڪيائين، هڪدم ڪپڙا هڪ بيگ ۾ وڌائين ۽ ٻاهر نڪري آئي. هن جي منزل هاڻ ڪاش رام جي آفيس هئي. ماياوتي کيس سڄو قصو ڪري ٻڌايو ۽ چيو ته هاڻ هوءَ سڄي زندگي اڇوتن جي ڀلائي ۽ بهتري جي لاءِ ڪم ڪرڻ ٿي چاهي. ايئن ماياوتي زندگيءَ جي نئين واٽ تي هلڻ لڳي.
ماياوتي ڪجهه وقت ته آفيس ۾ گذاريو ۽ پوءِ ڀرسان ئي هڪ ڪمرو مسواڙ تي ورتو. هاڻ هوءَ ڪاشي رام جي تنظيم بي- اي- ايم- سي- ايف (آل انڊيا بيڪ وارڊ اينڊ مائنوريٽي ايمپلائيز فيڊريشن) جي سرگرمين ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ لڳي. ان سان گڏ هن هڪ مقامي ڪاليج ۾ داخلا به ورتي ته جيئن بي ايڊ ڪري سگهي.هن اسڪول ۾ اڇوت ٻارن کي تعليم ڏيڻ ٿي چاهي. ٻن سالن کان پوءِ بي ايڊ ڪري هوءَ هڪ اسڪول سان واڳجي وئي.

عملي سياست جي شروعات
ڪاشي رام (1934ع-2006ع) بنيادي طور تي هڪ سوشل ورڪر هو. هن اڇوتن جي حالتن کي سڌارڻ لاءِ پنهنجي سڄي زندگي ارپي ڇڏي هئي. 1984ع ۾ هو سياستدان جي روپ ۾ سامهون آيو. جڏهن ته هن ”بهوجن سماج وادي پارٽيءَ“ جو بنياد رکيو. ان وقت تائين ان حلقي ۾ ماياوتي کي اهم مقام حاصل ٿي چڪو هو، تنهن ڪري هوءَ نئين سياسي پارٽي جي نمايان اڳواڻ بڻجي وئي. اهوئي سبب آهي، جو 1985ع ۾ جڏهن ضمني چونڊون ٿيون ته پارٽي لوڪ سڀا (قومي اسيمبلي) جي چونڊن ۾ بجنور ۾ ماياوتيءَ جو مقابلو اڇوتن جي هڪ ٻي اڳواڻ رام ويلاس ۽ اڳوڻي نائب وزيراعظم جڳ جيون رام جي ڌيءَ ميرا سان هو. ان زماني ۾ راجيو گانڌي جي مقبوليت پنهنجي عروج تي هئي، تنهن ڪري ڪانگريسي اميدوار ميرا سولائيءَ سان کٽي وئي. پر ماياوتي ۽ پارٽي جي ٻين اڳواڻن حوصلو نه هاريو.
بي-ايس-پي جي اڳواڻ ايندڙ پنجن سالن تائين نه رڳو يو پي ۾ پر مدهيا پرديش، پنجاب، دهلي ۽ هريانه جي مختلف حصن ۾ پنهنجي پارٽيءَ کي منظم ڪندا رهيا.هنن خاص طور تي اڇوتن جا ڪيترائي مسئلا حل ڪيا ۽ ڏکين موقعن تي کين سهارو ڏنو. ايئن پارٽي اڇوتن ۾ مقبول ٿي وئي. ٻئي پاسي ڪانگريس جي مقبوليت گهٽجي رهي هئي، جنهن کي اڪثر اڇوت ووٽ ڏيندا بي-ايس پي کي ان ڪري به مقبوليت ملي جو اُن ۾ هنڌو، مسلمان، سک ۽ ٻڌ سڀني مذهبن جا اڳواڻ شامل هئا ۽ ڪنهن کي به ٻي تي عقل ۽ ڏاهپ ۽ محنت جي ڪري برتري حاصل نه هئي. اوڀر يو-پي ۾ بي-ايس-پي جي تنطيم سازي جو بار مسلم علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جي ليڪچرار ڊاڪٽر مشهود احمد جي ڪلهن تي هو ۽ هن اتي پارٽي کي مقبول بنايو.
پارٽي اڳواڻ جي محنتن رنگ لاٿو ۽ 1989ع جي چونڊن ۾ بي-ايس-پي کي لوڪ سڀا جي ٻن ۽ يو پي اسيمبلي جي تيرهن سيٽن تي ڪاميابي ملي، ماياوتي بجنور مان چونڊ کٽي پهريون ڀيرو لوڪ سڀا ۾ پهتي. 1991ع پارٽيءَ کي لوڪ سڀا جون ست ۽ رياستي اسيمبليءَ جون يارنهن سيٽون مليون ڪاشي رام کي 1991ع جي چونڊن ۾ وڌيڪ سيٽون ملڻ جي اميد هئي، پر سندس خواب عملي ساڀيان ماڻي نه سگهيو. دراصل يو پي ۾ چمار ٽڙيل پکڙيل هئا ۽ بي ايس پي جي هر اميدوار جي لاءِ اهو ضروري هو ته هو پنهنجي تڪ ۾ اڇوتن سان گڏ ٻين طبقن جا ووٽ به حاصل ڪري. اهوئي سبب آهي، جو بي ايس پي ها چمارن کانسواءِ ٻين ذاتين ۽ مسلمانن کي به پنهنجي طبقي ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
1993ع ۾ ڪاشي رام رياستي چونڊن کان ڪجهه وقت اڳ ملائم سنگهه يادوي جي ”سماج وادي پارٽي“ سان چونڊ اتحاد ڪيو ته جيئن برهمڻن جي پارٽي ڀارتيا جنتا پارٽي سان مقابلو ڪري سگهجي. جيتوڻيڪ اهو اتحاد غيرفطري هو، پر ان سان بي ايس پي کي وڏو فائدو ٿيو ۽ هن چونڊن ۾ 67 سيٽون حاصل ڪيون. سماج وادي پارٽيءَ کي 109 سيٽون مليون ۽ ٻنهي پارٽين گڏجي يو پي ۾ حڪومت ٺاهي جيتوڻيڪ بي جي پي 177 سيٽون کڻي سڀني کان وڏي پارٽي بڻجي وئي هئي.
پر پاڻ ۾ سخت اختلافن سبب اهو اتحاد هلي نه سگهيو ۽ 1995ع ۾ ٽٽي پيو. هاڻي ڪاشي رام ۽ ماياوتي، بي جي پي جي مدد سان حڪومت جوڙي، ايئن هڪ ”چمار عورت“ ماياوتي يو پي جي وزيراعليٰ بڻجي نئين سياسي تاريخ لکي. ان زماني ۾ ماياوتيءَ کي، ڪاشي رام جي ڪٺ پتلي سمجهيو ويندو هو، وزيراعليٰ بڻجي سندس قائدانه صلاحيتون سامهون آيون. هوءَ هڪ هڪ زندهه دل ۽ من موهڻ واري شخصيت جي مالڪ هئي، جنهن کان سنجيده ڪاشي رام محروم هو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن جي دليري سڀني کي متاثر ڪيو. هن فقط چئن مهينن جي اندر اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته هڪ اڇوت عورت به انهن سگهارن برهمڻ سرڪاري آفيسرن جو مزاج درست ڪري سگهي ٿي، جيڪي اڇوتن کي ”ڪوئن“ کان وڌيڪ اهميت نه ڏيندا هئا. ايئن ماياوتي وزيراعليٰ بڻجندي ئي پنهنجي چوڌاري اڇوت سرڪاري آفيسرن کي گڏ ڪيو. هوءَ خاص طور تي اڇوت مخالف آفيسرن سان سختي سان پيش ايندي هئي. ڄڻ ماياوتي کيس ڪيترن ئي سالن کان اهو وساريل سبق ياد ڏياريو ته هو عوام جا آقا نه پر نوڪر آهن. گڏوگڏ ماياوتيءَ نه رڳو عوام ۽ پارٽي جي ڀلائي جي لاءِ حڪم ڪيا، پر هوءَ ذاتي مفادن سان لاڳاپيل سياستدانن کان به نفرت ڪندي هئي.
ڇاڪاڻ ته بي ايس پي ۽ بي جي پي جو اتحاد به غير فطري هو. تنهن ڪري اهوبه جلد ئي ٽٽي پيو. برهمڻ پنهنجي مٿان اڇوتن جي حڪومت گهڻو وقت برداشت نه ٿي ڪري سگهيا. بهرحال اقتدار ۾ اچڻ سان قومي سطح تي عوام ۽ ماهرن کي احساس ٿيو ته اتر پرديش ۾ بي جي پي ۽ ڪانگريس کانسواءِ هڪ ٻي سگهه به اڀري رهي آهي، جنهن جي اڳواڻ ۾ ماياوتي ڪرشما تي شخصيت رکي ٿي.
1996ع جي رياستي چونڊن ۾ وري به ڪنهن سياسي جماعت کي اڪثريت ملي نه سگهي. هن ڀيري بي ايس پي، ڪانگريس سان چونڊ اتحاد ڪيو ته جيئن کيس برهمڻن جا ووٽ به ملي سگهن. تنهن ڪري بي ايس پي جي اڳواڻن تي منافقت جو الزام لڳو، پر ڪاشي رام ۽ ماياوتيءَ جو چوڻ هو ته هو اقتدار ۾ پهچي ئي اڇوتن جي حالت کي سڌاري سگهن ٿا ۽ اڇوت مخالف سرڪاري نظام ختم ڪري سگهن ٿا. تنهن ڪري منزل تائين پهچڻ جي لاءِ برهمڻن جو سهڪار حاصل ڪرڻ ضروري ۽ سوچيل سمجهيل چال هئي. سياسي سرڪس جي ان دور ۾ بي ايس پي هڪ ڀيرو ٻيهر جي بي پي سان اتحاد ڪري حڪومت جوڙي. طئي اهو ٿيو هو ته پهرين ڇهه مهينا ماياوتي وزيراعليٰ هوندي، پوءِ اقتدار بي جي پي جي ڪلياڻ سنگهه جي حوالي ڪيو ويندو، پر ماياوتيءَ جو دور ختم ٿيو ته اهو اتحاد ٻيهر ٽٽي پيو. 2002ع ۾ واري ماياوتي بي جي پي سهڪار سان وزيراعليٰ جي عهدي تي پهتي. پر ايندڙ سال ٻيهر دوريون پيدا ٿيو.
2007ع جي رياستي چونڊن ۾ کان اڳ بي ايس پي جو باني ڪاشي رام چالاڻو ڪري ويو. هاڻي اهو چيو پئي ويو ته پارٽي جو زوال شروع ٿي ويو آهي، ڇو ته ماياوتي يا ڪنهن ٻئي اڳواڻ ۾ ايترو دم ڪونهي، جو ان کي سنڀالي سگهي، پر مخالف ماياوتي جي صلاحيتن ۽ عوام ۾ سندس مقبوليت جو غلط اندازو لڳايو ويو هو. چونڊن ۾ بي ايس پي کي 403 کان 206 سيٽون مليون. ايئن هوءَ اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي قابل بڻجي وئي. 1991ع کان پوءِ اهو پهريون موقعو هو، جو ڪنهن سياسي جماعت کي ايتري مقبوليت ملي هئي.
ماياوتيءَ جون شخصي خوبيون ۽ خاميون
ماياوتي مقبوليت جو راز اهو آهي ته هوءَ عوام سان واسطو ٿي رکي. هنن جيان ئي ڳالهائي ٻولهائي ٿي ۽ زندگي گذاري ٿي. هوءَ عام ماڻهن جي تڪليف کان چڱيءَ طرح واقف هئي ۽ انهن کي دور ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي هئي. اقتدار جو نشو وڏن وڏن جڳادرين کي مغرور ۽ تڪبر ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو آهي، سڄي ڪئي ڪمائي چٽ ڪري ڇڏيندو آهي، پر اهي اخلاقي بيماريون اڃا ماياوتي جي ويجهو نه لڙيون آهن. جيتوڻيڪ هوءَ سرڪاري آفيسرن سان ڏاڍو سخت رويو رکندي آهي، پر اهو کين سڌي رستي تي آڻڻ جو هڪ ڍنگ به ٿي سگهي ٿو. هندستان جا اڇوت ته خاص طور تي ماياوتيءَ کي پنهنجي راڻي، هيروئن ۽ سردارڻ سمجهندا آهن ۽ ساڻس ملڻ وارا کيس ”ڀيڻ“ چئي مخاطب ٿيندا آهن. شروع ۾ ماياوتي برهمڻ جي سخت خلاف هئي، تنهن ڪري تقريرن سندس رويو جارحاڻو هوندو هو ۽ هوءَ رنگ برنگي لفظ استعمال ڪندي هئي. جهڙوڪ: هوءَ برهمڻن جو مذاق اڏائيندڙ هي شعر پڙهندي هئي:
تلک، ترازو اور تلوار
ان کو مارو جوتی چار۔
پر هاڻ سندس مزاج ۾ اعتدال اچي چڪو آهي. کيس احساس ٿي ويو آهي ته نفرت جي سياست جو ڪو به مستقبل ڪونهي. تنهن ڪري هوءَ سماج جي سڀني طبقن کي پاڻ سان گڏ وٺي اڳتي وڌڻ چاهي ٿي. اهوئي سبب آهي، جو هن 2007ع جي چونڊن ۾ برهمڻن ۽ مسلمان اميدوارن کي به ٽڪيٽون ڏنيون. يو پي جا ٻه ڪروڙ مسلمان ڪافي عرصي کان ڪنهن اهل ۽ طاقتور مسلمان اڳواڻ کان محروم آهن. ماضي جي تلخ تجربن جي ڪري سندن ڪانگريس ۽ بي جي پي تي ڀروسو ختم ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري اونداهي سرنگ ۾ کيسن بي ايس پي ئي اميد جي ڏياٽي نظر آئي، تنهن ڪري هاڻوڪين رياستن چونڊن ۾ اڪثر مسلمانن بي ايس پي کي ووٽ ڏنا.
جيئن ته ماياوتي سڄي نظام کي وڙهي رهي آهي، تنهن ڪري چوندي آهي ته سندس زندگي کي خطرو آهي. پر سڀني خطرن جي باوجود به هوءَ پنهنجي مورچي تي ڄمي بيٺي آهي. هن سڄي ملڪ جي اوڇتن کي نئون حوصلو ۽ ڀروسو ڏنو آهي. يو پي ۾ هاڻ اڇوت بي انصافي تي خاموش نه ويهندا آهن، ڇوته کين خبر آهي ته رياست جي حاڪم هنن مان ئي آهي. هاڻ يو پي ۾ غريب غربي سان جابر سرڪاري آفيسرن جو سلوڪ بهتر آهي. ماياوتي خاص طور تي پوليس کاتي جو ٽڪ مان وار ڪڍي ڇڏيو آهي. سندس هاڻوڪي دور ۾ 688،17 پوليس آفيسرن ۽ سپاهين کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو آهي. ماياوتي حڪومت، ان سان گڏوگڏ اڇوتن جي ڳوٺن جي حالت سڌارڻ ۾ به مصروف آهي. اتي نوان ٽيوب ويل، اسپتالون، اسڪول وغيره اڏيا پيا وڃن.
سڀني اڳواڻن جيان ماياوتي به اڪثر تنقيد جي ڇريءَ هيٺ ايندي رهندي آهي، مٿس به ڪيترائي الزام هنيا ويندا آهن. جهڙوڪ: مٿس پهريون الزام اهو لڳو ته هن شادي ڪرڻ کانسواءِ ”ڪاشي رام“ سان تعلقات قائم رکيا هئا. پر ماياوتي برملا چيو، سندس لاءِ پيءُ جهڙي حيثيت رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهوئي سچ هو، تنهن ڪري الزام کي مقبوليت ملي نه سگهي.
وزيراعليٰ بنجڻ کانپوءِ ماياوتي تي هر ممڪن ذريعي کان دولت گڏ ڪرڻ جو الزام لڳو ۽ اها حقيقت به آهي ته هاڻي هوءَ اربين رپين جي جائداد جي مالڪ آهي.پرماياوتي جو چوڻ آهي ته اها دولت سندس نه پر پارٽي جي ملڪيت آهي. تنهن کانسواءِ اها دولت غير قانوني ذريعن وسيلي نه پر پارٽي کي ملندڙ عطين، سرمائيڪاري ۽ مختلف ڪاروبار ڪرڻ سان گڏ ٿي آهي. اڻ ڌري ماهرن ان ڳالهه طرف اشارو ڪيو آهي ته ماياوتي سڀني سياستدانن کان وڌيڪ ٽئڪس ٿي ڀري، جيڪڏهن اها دولت ناجائز هجي ها ته اها ظاهر ڪرڻ بدران لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ها.
ماياوتيءَ تي هڪ وڏو الزام اهو نه آهي ته هوءَ پنهنجي سالگره شان ۽ شوڪت سان ملهائيندي آهي. تنهن کان سواءِ ذاتي مشهوريءَ لاءِ رياست ۾ هنڌ هنڌ تي پنهنجا مجسما ٺهرائي رهي آهي. انهن سڀني سرگرمين تي ڪروڙين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، ڇا اهو چڱو نه ٿئي ها ته اهي پئسا اڇوتن جي زندگيءَ جو معيار وڌائڻ تي خرچ ڪجن ها؟ ان سلسلي ۾ ماياوتي جي حامين جو چوڻ آهي ته هندستان ۾ اڇوتن جي پنهنجي مخصوص تاريخ آهي، عام هندو ته ساڻن گڏ کائڻ پيئڻ کان لنوائين ٿا. برهمڻن ته مٿن مندرن جا دروازا به بند ڪري ڇڏيا آهن. گويا اڇوت ديوي ۽ ديوتائن کان به محروم ٿي ويا، وٽن عبادت جي لاءِ هڪ به ”آئيڪون“ نه رهيو. جڏهن ماياوتي اڇوت اڳواڻن (جهڙوڪ: امبيڊڪر، شاهو مهاراج، پريار، ڪاشي رام وغيره) جا مجسما عوامي چونڪن ۾ کوڙيا ويا ته اهي اڇوتن لاءِ مقدس علامتون بڻجي ويا. تنهن ڪري هو مجسمن جي اڏاوت کي صحيح سمجهن ها ۽ اهو ڪارنامو به سرانجام ڏيڻ تي ماياوتي کي واکاڻين ٿا. تنهن ڪري انهن مجسمن درحقيقت ماياوتي جي مقبوليت ۾ واڌارو ڪيو.
ڪجهه ماهر چون ٿا ته ماياوتي جي عروج جو هڪ سبب هندستاني سماج جو تبديل ٿيڻ به آهي. هاڻ معاشري ۾ اڳ جهڙو تعصب ۽ نفرت موجود نه آهي. ان سچائي کان انڪار ممڪن ڪونهي، پر اها حقيقت آهي ته ماياوتي بنيادي طور تي پنهنجي خوداعتمادي، محنت ۽ ڏاهپ جي ڪري ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. ماياوتي تي ته ٻيڻون وزن هو. هوءَ هڪ پٺتي پيل معاشري ۾ عورت هئڻ سان گڏ اڇوت به هئي. پر هن مڙسيءَ سان سڀني تڪليفن ۽ ڏکيائين کي منهن ڏنو ۽ پوءِ شهرت ۽ دولت ۽ عزت سندس هنج ۾ اچي ڪريون. هن خاص ڪري اترپرديش ۾ روايتي سياست جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا، جيڪا اوچي ذات جي هندن جي چوڌاري ڦرندي هئي. ماياوتي اڇوتن جي خاطر تن، من ۽ ڌن واري ڇڏيو. هن اڃا تائين شادي به نه ڪئي آهي.
مذهبن ۾ موجود تضادن کيس مذهب کان بيزار ڪري ڇڏيو. هوءَ برهمڻن طرف اشارو ڪري چوي ٿي: ”جيڪو مذهبي هئڻ جي باوجود ٻين تي ظلم ۽ جبر ٿو ڪري ته ان جي سڄي عبادت ۽ رياضت جو ڪهڙو فائدو؟“ ماياوتي ماضي ۾ هندواڻين رسمن رواجن جو مذاق اڏائي برهمڻن کي چيڙائي چڪي آهي، تنهن کان سواءِ هن هڪ ڀيرو اهو چئي سنسني پکيڙي ڇڏي هئي ته، ”گانڌيءَ اڇوتن جي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو.“

هندستان جا اڇوت
هندستان ۾ اڇوتن جو تعداد لڳ ڀڳ ويهه ڪروڙ آهي. اهي 66 ذاتين ۾ ورهايل آهن. گذريل هڪ سئو سالن ۾ لکين اڇوت مسلمان، عيسائي ۽ ٻُڌ بڻجي چڪا آهن. پر هندو اڇوت اڃا به تمام گهڻا آهن. انهن مان سڀني کان گهڻو تعداد اتر پرديش ۾ رهي ٿو، جتي سندن آبادي لڳ ڀڳ سوا ٽي ڪروڙ آهي. اتي 87 سيڪڙو ٻهراڙين ۾ رهن ٿا. هندو اڇوتن جي وڏين ذاتين ۾ چمار، مهار، ڀنگي، چؤر، ڌوٻي وغيره شامل آهن.
هندستاني آئين موجب هندستان ۾ ذات پات جو نظام ختم ٿي چڪو آهي. پر هندستان جي ٻهراڙين ۾ اهو اڃا به جاري آهي. روز مرهه جي سرگرمين ۾ اوچي ذات جا هندو اڃا به اڇوتن سان ماضيءَ جهڙو ذلت وارو رويو ئي رکن ٿا. جهڙوڪ: هو رڌڻي ۾ گهڙي نه ٿا سگهن، سندن کاڌي پيتي جا ٿانوَ ڌار آهن ۽ کين ذري پرزي تي ماريو ۽ ڪٽيو وڃي ٿو. البت تعليم جي ڪري شهرن ۾ اهو تعصب گهٽجي چڪو آهي. اڄڪلهه هندستان ۾ اڇوتن جي حالت اڳ جي ڀيٽ ۾ هزار ڀيرا سٺي آهي. ماضيءَ ۾ ڪنهن اڇوت جو رڳو پاڇو ئي ڪنهن برهمڻ يا کتري تي پئجي ويندو هو ته هو هڪدم وهنجڻ پنهنجو فرض سمجهندو هو. سڀئي اڇوت ڳوٺن کان ٻاهر گندين وسندين ۾ رهندا هئا. اوچي ذات جا هندو سندن بي عزتيون ڪندا هئا، جنهن جي ڪري اڇوت پاڻ کي هندو نه سڏرائيندا هئا. جيتوڻيڪ هو هندو رسمون رواج اختيار ڪندا هئا. ماياوتي اڇوتن جون حالتون سڌارڻ ۾ رڌل آهي، پر ڪجهه اڇوت اڳواڻ مٿس اهو الزام هڻن ٿا ته اقتدار مان فقط هوءَ ۽ سندن پارٽي جا ڪارڪن ئي فائدو ماڻي رهيا آهن. يو پي ۾ اڇوتن جي اڪثريت جي حالت اڃا به انتهائي غريب ۽ پٺتي پيل آهي.

پڙهيل ماڻهن جي پارٽي
بي ايس پي (بهوجن سماج وادي پارٽي) جو بنياد 1984ع ۾ هڪ اڳوڻي ليبارٽري اسسٽنٽ ڪاشي رام رکيو. هو گذريل تيرهن سالن کان اڇوتن جون حالتون سڌارڻ ۽ انهن جي حقن جي خاطر هندستاني حڪومت ۽ سرڪاري ادارن سان ويڙهه ۾ رڌل هو. بي ايس پي کان اڳ ڊاڪٽر امبيڊڪر جي ريپبلڪ پارٽيءَ اڇوتن جي مفان لاءِ ڪم ڪندي هئي، پر جڏهن اها ڪانگريس ۾ ضم ٿي وئي ته برهمڻن سندس پر ئي ڪٽي ڇڏيا، تنهن ڪري خاص ڪري اتر پرديش ۾ بي ايس پي کي وڌڻ جو موقعو ملي ويو.
شروعاتي سالن ۾ ته بي ايس پي جي ڪارڪردگي سٺي نه رهي، پر پوءِ يو پي ۾ تيزيءَ سان سندس ووٽ بئنڪ وڌڻ لڳو. نيٺ 2007ع جي چونڊن ۾ 403 سيٽن مان 206 سيٽون کٽي سڄي ملڪ کي حيران ڪري ڇڏيو. پارٽي کي مقبول بنائڻ ۾ ڪاشي رام جو دماغ ۽ ماياوتي جي جوش ۽ جذبي وڏو ڪم ڏنو. تنهن کانسواءِ ڪجهه ٻيا سبب به هئا. جن بي ايس پي کي مقبول بنائڻ ۾ مدد ڪئي جهڙوڪ: اڪثر هندستاني وڏين سياسي پارٽين تان پنهنجو ڀروسو ختم ڪري چڪا ته علائقائي پارٽيون وجود ۾ اچڻ لڳيون. ڪاشي رام ۽ ماياوتي سياست به ٻين کان مختلف ڪئي. هو ڪڏهن به ڪانگريس، انتهاپسند هندن يا ڪميونسٽن جا ساٿي نه ٿيا. تنهن ڪري بي ايس پي جو ڍانچو ٻين سياسي پارٽين کان ٿورو ٻئي نموني ۾ جڙيو. پارٽي جي اعليٰ اڳواڻي ڪجهه اڳواڻن تي مشتمل آهي. تنهن کانپوءِ ننڍا وڏا سڀ عهدا ڪارڪنن وٽ آهن، جيڪي پارٽي لاءِ ووٽ گڏ ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته بي ايس پي تي ڪنهن جي به اجاراداري نه آهي، تنهن ڪري چونڊن مهل پارٽي ٽڪيٽون سڀئي اڳواڻ پاڻ ۾ سلاح مصلحت ڪري ڏيندا آهن. آخر ۾ هڪ دلچسپ نقطو هيءُ به آهي ته بي ايس پي ڪڏهن به احتجاج جي سياست نه ڪئي آهي. جيتوڻيڪ ٻيون پارٽيون احتجاج جو روپ اختيار ڪري ئي وڌنديون آهن. اها به ڌيان طلب ڳالهه آهي ته سماج جي پڙهيل ماڻهن جي نمائندا جماعت قومي اُفق تي ظاهر ٿيڻ جي لاءِ ڪڏهن به احتجاج جو سهارو نه ورتو. سياست جي ماهرن جي راءِ موجب اها حڪمت عملي بي ايس پي لاءِ فائدي واري ثابت ٿي. هن پارٽيءَ چونڊن جو رستو اختيار ڪيو ۽ هُل هنگامن ڪرڻ کانسواءِ عوام ۾ مقبول ٿيندي وئي.

20 ڪروڙ ماڻهن جو صوبو
هندستاني رياست يو پي (اتر پرديش) ۾ لڳ ڀڳ 20 ڪروڙ ماڻهو رهن ٿا. يعني جيڪڏهن اهو ڌار ملڪ بڻجي وڃي ته اهو انڊونيشيا کان پوءِ دنيا جو پنجون نمبر وڏو ملڪ هوندو. رياست ۾ 80 سيڪڙو آبادي هندو، 18 سيڪڙو مسلمانن جي آهي. باقي سک، ٻڌ، عيسائي ۽ جين وغيره آهن.
آبادي گهڻي هئڻ جي ڪري يو پي ڪيترن ئي معاملن ۾ ٻين هندستاني رياستن کان پٺتي آهي، (هندستان ۾ صوبي کي رياست ۽ صوبائي اسيمبليءَ کي رياستي اسيمبلي سڏيو ويندو آهي)، پر گذريل ويهن سالن ۾ ان جو سياسي ماحول گهڻو بدلجي چڪو آهي. اڳ ۾ گهڻا هندو ۽ مسلمان ڪانگريس يا بي جي پي کي ووٽ ڏيندا هئا، پر هاڻ خاص طور تي ڳوٺاڻن هندن ۽ مسلمانن جي اميدن جو مرڪز بي ايس پي بڻجي چڪي آهي. گذريل رياستي چونڊن ۾ راهول گانڌي رياستي چونڊن ۾ وڏي پئماني تي مهم هلائي، پر کيس گهڻي ڪاميابي نه ملي. ان موقعي تي هڪ ڀيري ماياوتيءَ، راهول تي طنز ڪندي چيو هو، ”موصوف اڇوتن سان اٿي ويهي ۽ کائي پئي ته ٿو، پر پوءِ خاص صابڻ سان وهنجي ٿو.“
اتر پرديش کي اهو به اعزاز آهي ته ڪيترن ئي هندستاني وزيراعظمن جو واسطو هن رياست سان هو. هاڻي هن جي واڳ ماياوتيءَ جي هٿن ۾ آهي ۽ اها فطري ڳالهه آهي ته هوءَ به وزيراعظم جا خواب ڏسي رهي آهي. هونئن به هڪ سياستدان جي زندگيءَ جي عروج جو نقطو اهوئي هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته رياست مان 80 ميمبر چونڊجي لوڪ سڀا ۾ وڃن ٿا، تنهن ڪري مستقبل ۾ ماياوتي ان عهدي تي پهچي سگهي ٿي.

گهڻو ٽئڪس ڏيندڙ سياستدان
اها ڳالهه به حيرت ۾ وجهندڙ آهي ته هندستان ۾ سڀ کان گهڻو ٽئڪس ڀريندڙ سياستدان سماج جي هيٺين طبقي اڇوتن سان واسطو ٿي رکي. گذريل سال (2010ع) ۾ ماياوتيءَ 26 ڪروڙ، 26 لک رپيا ٽئڪس پياري سياستدانن ۾ پهرين نمبر تي آئي. ٻئي پاسي هندستان جي امير سياسي گهراڻي گانڌي خاندان جو ڪو به ڀاتي ٽئڪس ڏيندڙ 200 نمايان شخصيت ۾ شامل نه آهي. ماياوتي تي اهو به الزام هنيو وڃي ٿو ته هن سياست ۾ اچي تمام گهڻي دولت ميڙي آهي. پرماياوتي چوي ٿي اها سندس نه پر عوام جي آهي، تنهن ڪري شايد سرڪار خزاني ۾ تمام گهڻي رقم جمع ڪرائڻ جو اعزاز به سندس حصي ۾ آيو آهي. هوءَ پهرين 20 سڀني کان وڌيڪ ٽئڪس پياريندڙن ۾ شامل آهي.

برلن ڀت ٽوڙيندڙ سائنسدان

گذريل صديءَ جي نوي واري ڏهاڪي ۾ اوڀر يورپ جون ڪميونسٽ حڪومتون هڪٻئي جي پويان ڊهي اچي پٽ پيون ۽ نيٺ يورپ کي ڌار ڪندڙ ”برلن ڀت“ به ڊهي پئي. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڪير هو، جنهن سڀ کان پهرين ڪميونسٽ دنيا جي بنيادن کي لوڏيو. ڇا اهو سرد جنگ ويڙهاڪ آمريڪي صدر رونالڊ ريگن هو؟ يا سوويت يونين جو اڳواڻ ميخائل گوربا چوف؟ يقيني طور تي ڪميونسٽن جي زوال ۾انهن ٻنهي اڳوانن جو وڏو حصو آهي، پر مورخن جو چوڻ آهي ته پهرين چڻنگ هنگريءَ ۾ڀڙڪي. اتي هڪ جوشيلي حياتيات دان ”جانوس درگا“ ڊينيوب درياءَ تي اڏجندڙ هڪ ڊيم جي اڏاوت جي سلسلي ۾ مهم هلائي، ته ڏسندي ئي ڏسندي اها ڪميونسٽ دنيا جي وڏي مخالفانه هلچل بڻجي وئي. ان مهم جي نتيجي ۾ 1989ع ۾ هنگريءَ ۾ پهرين غير ڪميونسٽ حڪومت قائم ٿي، جنهن اقتدار سنڀاليندي ئي ڊيم جي اڏاوت روڪي ڇڏي. هن ٻيو انقلابي قدم اهو کنيو ته آسٽريا سان لڳ پنهنجي سرحد کولي ڇڏي. ايندڙ ڏينهن ۾ مشرقي جرمني ۽ هنگري حڪومت جا شهري هزارن جي تعداد ۾آسٽريا ۽ اولهه جرمني پهچي ويا.ايئن معاملا ڪميونسٽ حڪومتن جي هٿن مان نڪرندا ويا ۽ نيٺ ”برلن ڀت“ جي ڊهڻ سان يورپ ۾ انقلاب اچي ويو.
”برلن ڀت“ جي ٽٽڻ جو داستان 1981ع کان شروع کان ٿئي ٿو. ٿيو هيئن جو هنگري جي گادي جي هنڌ ”بوڊا پسٽ“ جي هڪ ٻٽيهن سالن جي حياتيات جي سائنسدان ”جانوس درگا“ ڪيترائي سال پنهنجي ملڪ جي اڪيڊمي ”اڪيڊمي آفا سائنسز“ سان لاڳاپيل رهڻ کان پوءِ بيزاري جو شڪار ٿي پيو. تنهن ڪري هن پيشو بدلائيندي هڪ سائنسي رسالي ”بوردار“ سان هڪ ليکڪ ۽ محقق جي حيثيت سان لاڳاپو پئجي ويو ۽ هو ان ۾ ماحولياتي مسئلن تي تحقيقي مضمون لکڻ لڳو. ڪجهه وقت کانپوءِ کيس خبر پئي ته حڪومت ”ڊينوب موڙ“ (Bend) تي پارڪ پئي ٺهي. اهو ”بوڊا پسٽ“ کان ٻاهر هڪ تاريخي هنڌ هو، ماضي جي گادي جو هنڌ ان ئي هند تي هو. درگا اتي پهتو ۽ رهواسين کان پڇيائين ته، ”ڇا هو پارڪ جي اڏاوت جي حق ۾ آهن، جيڪو هڪ تاريخي قلعو ڊاهي ٺاهيو پيو وڃي.“
ان دوري ۾ ”درگا“ جي مقامي سرڪاري عملدارن سان ملاقات ٿي. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ هڪ عملدار درياءَ جي ٻيلي طرف هڪ مشهور ”پڪنڪ اسٽاپ“ ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو ته جلد اهو هنڌ هڪ وڏي ڊيم ۾ ٻڏي ويندو. ڊيم جي تياريءَ جي رٿا هڪ مشهور ”بدنام زمانه“ سرڪاري تنظيم تيار ڪئي آهي، جيڪا رڳو ”واٽر مينجمينٽ“ جي نالي سان سڃاتي ويندي آهي.
هاڻ ”درگا“ کي تجسس ٿيو ته اهو ڊيم ڪهڙي بلا آهي؟ هن تحقيق ڪئي، ته مٿس انڪشاف ٿيو ته اهو ڊيم علائقي جي ماحوليات کي تباهه ڪري ڇڏيندو. درگا پنهنجي تحقيق جو نچوڙ پنهنجي هڪ تحقيقي مضمون ۾ لکيو ۽ اهو ڇپجڻ لاءِ موڪلي ڏنو. درگا ٻڌائي ٿو ته “بودا جي ادارتي بورڊ ۾ واٽر مينجمينٽ (تنظيم) جي هڪ ايجنٽ به موجود هو. جنهن آخري گهڙين ۾ اهو مضمون ڪڍرائي ڇڏيو، جيڪو مضمون وري ڪڏهن به ڇپجي نه سگهيو. مون کي ڏاڍو افسوس به ٿيو ۽ ڪاوڙ به لڳي، پر گڏوگڏ ان حرڪت منهنجي تجسس ۾ وڌيڪ واڌارو ڪيو. هاڻ آئون اهو ڄاڻن جي ڪوشش ڪرڻ لڳس ته نيٺ به حڪومت ڇاجي ڪري ڊيم جي بابت معلومات لڪائڻ ٿي چاهي؟“
ان وقت تحقيق جا ذريعا محدود هئا ۽ ڪو به ليکڪ حڪومت جي قدمن تي کلي تنقيد ڪري نه ٿي سگهيو. بهرحال، درگا اهو معلوم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته ان ڊيم جو نالو ”ناگائما روس ڊئم“ (اهو ڊينيوب درياهه تي هنگرين وسندي ناگائما روس جي ڀرسان ٺهڻو هو.) تحقيق سان کيس معلوم ٿيو ته جيڪڏهن ڊيم تعمير ٿيو ته ڏيڍ لک ايڪڙن تي پکڙيل ٻيلو پاڻي هيٺ اچي ويندو. پکي، پکڻ ۽ نباتاب جي ٻن سئو قسمن جي رهائش جا هنڌ مٽجي ويندا ۽ ٽي لک انسان پيئڻ جي پاڻيءَ جو مهڙ وڃائي ويهندا. ٻين لفظن ۾ ڊيم جا نقصان وڌيڪ ۽ فائدا گهٽ هئا۽ اهائي ڳالهه هنگري جي حڪومت لڪائي رهي هئي. ”ناگائما روس“ ڊيم فطري حسن ۽ جمال سان مالامال ”ڊينوب موڙ“ کي صنعتي سلطنت ۾ بدلائي ڇڏي ها. هاڻ سوال اهو هو ته هنگري جي شهرين کي ڪير انهن خوفناڪ انڪشافن کان واقف ڪري ها؟ هونئن به ڊيم جي اها رٿ ٻن ملڪن هنگري ۽ چيڪو سلواڪيا گڏجي تيار ڪئي هئي ۽ ان کي سوويت يونين جي آشيرواد حاصل هئي، جنهن پنهنجن جهازن کي ”ڊينيوب“ ۾ آسٽريا تائين پهچائڻ ٿي چاهيو. تنهن ڪري ايڏي وڏي رٿا جي مخالفت ڪرڻ جو خطرو ڪير کڻي ها؟
بهرحال ”درگا“ همت ڪئي ۽ ڊيم تي مضمون لکڻ لڳو. سندس ڪجهه لکڻيون سنسر کان بچي ڇپجي ويون. ايئن جلد ئي کيس ڪجهه هم خيال ملي ويا. تنهن کانسواءِ مخالف ڌر جي ڪجهه اڳواڻن به ساڻس رابطو ڪيو، ايئن درگا پنهنجي مهم ۾ اڪيلو نه رهيو. پر ايندڙ ڪجهه سالن تائين رڳو ٽن چئن همراهن جو خيال هو ته ڊيم جي اڏاوت روڪي سگهجي ٿي. باقي ٻيا هڪ حد تائين وڃڻ کي ئي غنيمت سمجهندا هئا. درگا، واٽر مينجمينٽ تي زور ڏنو ته اها ڊيم تي عوامي بحث ۽ مباحثو ڪرائي. پر مينجمينٽ انڪار ڪري ڇڏيو. هاڻ درگا ۽ سندس ساٿين بيورو ڪريٽس سان رابطو ڪيو، هنن به سندن ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. هڪ ڀيري درگا ۽ سندس ساٿين ڳالهين لاءِ زور ڀريو ته آفيسرن، نوڪرن جي هٿان کين ڌڪا ڏياري ٻاهر ڪڍرائي ڇڏيو. درگا ٻڌائي ٿو ته، ”هاڻ اسان کي احساس ٿيو ته رڳو ڳالهيون ڪرڻ ۽ لکڻ سان ڪجهه به نه ٿيندو.“ اهو سوچي 1984ع ۾ درگا، پنهنجي ساٿين سان گڏ هڪ غير سرڪاري تنظيم ”ڊينوب سرڪل“ (هنگري زبان ۾ ڊوناڪور) قائم ڪئي.
ڊينوب سرڪل هنگري جي پهرين اين جي او هئي، جيڪا ڊيم جي مخالفت ۾ ٺاهي وئي هئي. ان جو بنياد رکندي درگا اعلان ڪيو ته، ”اسين سرڪار سنسر شپ قبول نه ٿا ڪريون. اسين اهو سوچي عمل ڪنداسين ته اسين هڪ جمهوري سماج ۾ جيئرا آهيون.“ پر اها تنظيم غير قانوني هئي، ڇو ته حڪومت ان کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏي. تنهن ڪري ڊينوب سرڪل، زير زمين ڪم ڪرڻ لڳو. ان ڊيم جي خلاف ڪتابڙا لکي ڳجهي نموني ڇپرايا ۽ هنگريءَ جي شهرين ۾ ورهايا. حڪومتي سختي جي باوجود به سرڪل جون سرگرميون آهستي آهستي وڌنديون ويون. تنظيم حڪومت جي خلاف هڪ غير معمولي قدم هي کنيو ته ڏهن هزار صحيحن تي ٻڌل هڪ پٽيشن تيار ڪئي ته ڊيم نه ٺاهيو وڃي. ان دوران سرڪل، اولهه جي ماحوليات جي ماهرن سان رابطا ڪيا ۽ کين دعوت ڏني ته هو ”بوڊ اپسٽ“ اچي، ڊيم جي مخالفت ۾ پريس ڪانفرنس ڪن.
هنگري حڪومت سڀني اخبارن، رسالن ۽ ريڊيو کي حڪم ڏنو ته هو ڊيم بابت ڪا به خبر يا لکت نه ڇپين. جواب ۾ سرڪل اولهائين اخبارن ۽ رسالن ۾ پنهنجا مضمون ڇپرائڻ لڳو. 1985ع ۾ درگا ۽ ڊينوب سرڪل کي عالمي شهرت نصيب ٿي، جڏهن کين سويڊن جو رائٽ لائيولي هيڊ (Right Iively hood) ايوارڊ سان نوازيو ويو. (اهو انعام عام طور تي نوبيل انعام جو متبادل سمجهيو ويندو آهي.) حڪومت درگا تي زور ڀريو ته هو اهو انعام قبولڻ کان انڪار ڪري پر درگا حڪومت دٻاءَ ۾ نه آيو ۽ دليري جو نئون مثال قائم ڪيو.
فيبروري 1986ع ۾ درگا ڊيم جي خلاف ”بوڊ اپسٽ“ ۾ ”ماحولياتي واڪ“ جو پروگرام ٺاهيو. پوليس کيس ۽ سندس ساٿين کي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن اهو واڪ ٿيو ته رتوڇاڻ به ٿي سگي ٿي. درگا سميت، ڊينوب سرڪل جي همراهن پرامن احتجاج ڪرڻ ٿي چاهيو. تنهن ڪري مارچ پاسٽ جي رٿ رد ڪئي وئي. پر ويهن پنجويهن همراهن کي مارچ جي ملتوي ٿيڻ جو اطلاع ملي نه سگهيو ۽ هو مقرر هنڌن تي پهچي ويا. انهن۾ آسٽروي ماحوليات دان به شامل هئا. پوليس منتشر ڪرڻ جي لاءِ لاٺي چارج ڪئي ۽ رٻڙ جون گوليون هلايون. ايئن ڪميونسٽ حڪومت جي خلاف جيڪو احتجاج هڪ فرد کان شروع ٿيو هو، اهو هاڻي هوريان هوريان هڪ جماعتي نظام جي لاءِ للڪار بڻجڻ لڳو.
ان احتجاج هنگري جي سياسي فضا بدلائي ڇڏي. اڳ ۾ معمولي جلسي ڪرڻ يا جلوس ڪڍڻ جي لاءِ سرڪاري موڪل ضروري هئي. پر هاڻي سڄي هنگريءَ ۾ بنا اجازت جي ننڍا ننڍا سرڪار مخالف مظاهرا ٿيڻ لڳا. جڏهن عوام سرڪاري نظام جي خلاف اٿي کڙو ٿيو ته پوليس حرڪت ۾ اچي وئي. ڊينوب سرڪل سان لاڳاپيل سڀني اڳواڻن تي زور ڀريو ته هو پنهنجون سرگرميون ختم ڪري ڇڏين. ان وقت تائين درگا مشهور سائنسي رسالي ”سائنٽفڪ آمريڪن“ جي هنگرين ايڊيشن جو ايڊيٽر بڻجي چڪو هو. حڪومت جي دٻاءَ وجهڻ تي انتظاميا کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. پر بيرزگاري ٿي به ”درگا“ حڪومت جي خلاف ڄميو رهيو.
1988ع تائين ڊيم جو معاملو مخالف ڌر جي لاءِ بنيادي موضوع بڻجي ويو. درگا ٻڌائي ٿو ته، ”ان زماني ۾ سڌو سنئون حڪومت تي تنقيد ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو. پر ڊيم جي مخالف گهٽ خطرناڪ هئي. تنهن هوندي به ان قدم ڪميونسٽ حڪومت جي نفي ٿي ڪئي.“
ڊيم مخالف مهم جو نتيجو اهو نڪتو ته ”هنگرين ڪميونسٽ پارٽي“ ۾ اختلاف ظاهر ٿيا. ڪٽر اڳواڻن ڊيم ٺاهڻ جي حق ۾ هئا. سڌار پسندن جي خواهش هئي ته رٿا رد ڪئي وڃي ۽ سندن چوڻ هو ته عوام ان رٿا جو شديد مخالف آهي ۽ ٻيو ته ملڪ مالي طور تي ايترو سگهارو ته ڪونهي، جو ڪروڙين رپين جي رقم خرچ ڪري سهي. پر اڻ پسند اڳواڻ ”اسٽالن جي نظريي“ تحت وڏن ڊيمن کي خوشحالي ۽ ترقيءَ جي نشاني سمجهندا هئا.
اها ڳالهه به ذڪر جوڳي آهي ته سڄي ڪميونسٽ اوڀر يورپ جي آخري سالن ۾ اتي ماحوليات بابت احتجاج ان جو زوال تيز ڪري ڇڏيو. جتي 1975ع کان پوءِ نوجوان اين جي اوز قائم ڪري، ماڻهن کي ماحول صاف ڪرڻ بابت ٻڌائڻ لڳا. ڪميونسٽ حڪومت انهن کي بي ضرر سمجهي، کانئن ڪا پڇا ڳاڇا نه ڪئي، پر هوريان هوريان اهي ماحولياتي تنظيمون حڪومتن خلاف عوامي احتجاج جو ذريعو بڻجي ويون. چيڪو سلوالڪيا ۾ انساني حقن جي تنطيم ”چارٽر 77“ وڏي پئماني تي ماحولياتي مسئلن کي اجاگر ڪيو. پولينڊ ۽ اسٽونيا ۾ ڪيتريون ئي عالمي تنظيمن ”فرينڊز آف انٽرنيشنل ارٿ“ سان سلهاڙجي فضائي گدلاڻ جي خلاف احتجاج ڪرڻ لڳيون. بلغاريا جي ماحولياتي ماهرن هڪ اين جي او ”ايڪو گلاسنو سٽ“ جو بنياد رکيو، جنهن جي پليٽ فارم تان 89-1988ع ۾ زبردست مظاهرا ٿيا. ان زماني ۾ وڏا وڏا ڊيم ”اسٽالن ازم“ جا نشاني هئا، تنهن ڪري اهي عوام جي ڪاوڙ جو نشانو بڻيا. اهوئي سبب ته جڏهن گورباچوف، روس ۾ عملي سڌارن جي شروعات ڪئي ته سندس پهريان حڪم اهي هئا ته سائيبرين ڊيم جي رٿا ختم ڪئي وڃي. ان ڊيم جي ذريعي سائبيرين دريائن جو پاڻي ”ارل سمنڊ“ جي ڀرپاسي جي ٻنين تائين پهچايو وڃي ها.
پر ماحولياتي سائنس ڪميونسٽ حڪومت ڪيرائڻ ۾ سڀ کان گهڻو اثر هنگري ۾ ڏيکاريو. 1988ع جي شروعات حڪومت چيڪو سلواڪيه سان ٺاهه ڪيو ته ڊيم جي تياري جو ڪم تيز ڪيو ويندو. جلد ئي انجنيئر ”ناگائما روس“ ۾ درياهه جي کوٽا ڪرڻ لڳا. هاڻي ته ماڻهن جي ڪاوڙ پنهنجي عروج تي پهچي وئي. ان وقت تائين ماحولياتي جمهوريت بابت ڪيتريون ئي غير سرڪاري تنظيمون وجود ۾ اچي چڪيون هيون، هنن ”ڊينوب سرڪل“ ۾ ”درگا“ جي قيادت ۾ ڊيم جي خلاف ”بڊ اپسٽ“ ۾ عظيم الشان مظاهرو ڪيو. ان مظاهري ۾ سٺ هزار مردن ۽ عورتن شرڪت ڪئي. وڌيڪ اهو ته مظاهرو ڪندڙن ڊيم تي ريفرينڊم ڪرائڻ جي لاءِ سٺ لک صحيحون گڏ ڪيون.
انهن مظاهرن جي ڪري ڪميونسٽ حڪومت جي اٿارٽي خطري ۾ پئجي وئي. پارليامينٽ ۾ اصلاح پسندن جو اثر وڌندو ويو. نيٺ پارليامينٽ ۾ ڊيم تي بحث هيو ته ڊيم سڄي هنگرين قوم جي ڌيان جو مرڪز بجي ويو. آخري ڏينهن ۾ اهو بحث ٽي وي جي ذريعي سڄي هنگري ۾ ڏيکاريو ويو. انهن زبردست تبديلين جو نتيجو اهو نڪتو ته مئي 1988ع ۾ هنگري جي ڪميونسٽ مرد آهن. صدر ”قادر جانوس“ استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ٿي پيو. ان جي جاءِ تي اصلاح پسند اڳواڻ ”ڪارولي گروز“ ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري جنرل مقرر ٿيو، هن هڪدم سڌارن جو عمل شروع ڪري ڏنو. ان دوران ڊيم جي مخالفت ۾ مظاهرا جاري رهيا. نيٺ مئي 1989ع ۾ اصلاح پسند اڳواڻ ”ناگائما روس ڊيم“ رٿا رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان اعلان تي سڄي ملڪ ۾ خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو. تنهن کانسواءِ حڪومت هڪ ٻيو قدم کنيو ته هنگري ۽ آسٽريا جي سرحد تي لڳل لوهي واڙون هٽائي ڇڏيو مورخ ان عمل کي ”لوهي پردي“ ۾ پهريون سوراخ قرار ڏين ٿا.
آسٽريا جي سرحد کلڻ جو اعلان ٿيو ته اوڀر جرمنيءَ کان هزارين جرمن ٻارن ٻچن سميت هنگري پهچي ويا. جيئن ئي واڙون هٽيون، جرمن قافلن جي پويان قافلا ويانا روانا ٿي ويا. ايئن اولهه يورپ طرف ايندڙ پويون دروازو کلي ويو ۽ ”برلن ڀت“ جي ڪا به اهميت نه رهي، ڪجهه ئي هفتن جي اندر اوڀر جرمني جا بي وس گارڊ ان مڇريل هجوم کي خاموشيءَ سان ڏسي رهيا هئا، جن ”برلن ڀت“ کي هنڌان هنڌان ڀڃي ڇڏيو هو.
سوال اهو آهي ته ڇا ”جانوس درگا“ جي مهم ”برلن ڀت“ جي ڊاهڻ جي عمل کي تيز ڪري ڇڏيو؟ درگا ان ڳالهه سان سهمت آهي. هن جو چوڻ آهي ته، ”ڪميونسٽ حڪومتون ناڪام ٿي چڪيون هيون ۽ انهن جو زوال يقيني هو. پر آئون سمجهان ٿو ته اسان جي ڪوششن سان اهو زوال چار پنج سال اڳ ۾ آيو. ڊيم جو مسئلو دراصل حڪومت جي خلاف عوامي غم ۽ ڪاوڙ جو ذريعو بڻجي ويو، جنهن کيس نهوڙي نيو.“
تصوير جو ٻيو پاسو
هنگري جي ڪيونسٽن جي دعويٰ آهي ته ”ناگائما روس“ ڊيم ملڪ ۽ قوم جي لاءِ فائدي وارو هو، پر گندي سياست اُن کي پنهنجو نشانو بڻائي ورتو. اولهائين حڪومتن، هنگري جي ماحولياتي ماهرن کي تمام گهڻا پئسا ڏنا ته جيئن هو ڪميونسٽ حڪومت جي خلاف سازشون ڪن. ايئن ان قسم جي سازش جي ذريعي ڪميونسٽ دنيا ۾ افراتفري پيدا ڪئي وئي. ماحوليات جي ڪيترن ئي ماهرن ان جي فائدن ڏانهن به اشارا ڪيا آهن ۽ جيڪي ڊيم جي ٺهن سان هنگريءَ جي عوام کي ميسر اچن ها. جهڙوڪ: صاف بجلي (نه ته هيستائين هنگري ۾ گهني تڻي بجلي ڪوئلي تي ٺهندي آهي)، تنهن کانسواءِ خوفناڪ ٻوڏن جو به خاتمو اچي وڃي ها، جن ماضي ۾ وڏي تباهي مچائي هئي. آخر ۾ اهو فائدو ٿئي ها ته سڄو سال ڊينوب ۾ جهاز راني ممڪن ٿي وڃي ها. تنهن ڪري انهن ماهرن جي نظر۾ ڊيم جي رٿا سائنسي يا ماحولياتي نه پر سياسي بنيادن تي ختم ڪئي وئي.

ڪرپشن خلاف جنگ کٽندڙ اڪيلي عورت

ان مهل ڊورا سخت ڪاوڙ ۽ ڏک ۾ هئي ڏک ان ڪري هئس ته ”ذيابيطس“ ۾ مبتلا سندس ڀيڻ گذاري وئي هئي ۽ ڪاوڙ ان ڪري هيس ته سندس ڀيڻ موت جو منهن ۾ ان ڪري هلي وئي ته کيس ڊاڪٽرن جعلي انسولين ۽ جعلي اينٽي بائيو ٽڪس کارايون هيون ۽ ڊورا کي ان ڳالهه جي پورو يقين هو. کيس خبر هئي ته سندس ڪيترائي هم وطن مرد ۽ زائفائون مليريا ۽ ٽي بي جهڙيون موت مار بيمارين ۾ مبتلا زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيا آهن، پر ان بيماري ۾ کين رڳو کنڊ جا ٺهيل شربت يا چاڪ مان ٺهيل گوريون ڏنيون وينديون آهن. نقلي دوا ساز انهن دوائن جي پيڪنگ اهڙي ته مهارت سان ڪن ٿا، جو اصلي دوائون ٺاهيندڙ به نقلي دوائون سڃاڻن ۾ غلطي ڪري ٿا وڃن. ڊورا کي اها به خبر هئي ته ٿي سگهي ٿو ته نقلي دوائن جو ايندڙ شڪار هوءَ پاڻ يا سندس گهر جو ڪو ٻيو فرد نه بڻجي وڃي.
جنهن ڏينهن سندس ڀيڻ فوت ٿي، ان ڏينهن هوءَ پنهنجو پاڻ کي سخت بي وس محسوس ڪري رهي هئي هوءَ هڪ اهڙي ملڪ ۾ پي رهي، جتي هر هنڌ نقلي دوائن جو راڄ هو. نائيجيريا جو شمار دنيا جي انهن ڪجهه ملڪن ۾ ٿيندو هو، جتي نقلي دوائون سڀ کان گهڻيون وڪرو ٿينديون هيون. نقلي دوائون، غير معياري ڪاسميٽڪس جو سامان، صحت کي نقصان ڏيندڙ وراڪ ۽ ٻيون پروڪٽس سڀ نائيجريا ۾ ئي گڏ ٿي رهيون هيون، اهوئي ڪارڻ هو، جو ٻين آفريقي ملڪن نائيجريا مان ايندڙ ڪيترين ئي شين، خاص ڪري دوائن تي پابندي هڻي ڇڏي هئي. جڏهن ته نائيجريا جي ماڻهن جو به پنهنجي صحت جي نظام تان ڀروسو کڄي چڪو هو. حقيقت ۾ ان ڪلچر جا سڀ کان وڏا نگهبان هتان جا سرڪاري ادارا هئا. هتي نيشنل ايجنسي فارڊرگ اينڊ فوڊ منسٽريشن (نينفڊيڪ) قائم ڪئي وئي هئي، جنهن جو مقصد دوائن ۽ کاڌ خوراڪ جي شين جي معيار تي نظر رکڻ هو، پر اهو ادارو هڪ دروازو بڻجي چڪو هو، جتي ڪمپنين رشوت ڏئي ملڪي مارڪيٽ ۾ داخل ٿي وينديون هيون. پوءِ کين کليل ڇوٽ هوندي هئي ته جيئن وڻين، تيئن ڪن ۽ ماڻهن کي شيون خريد ڪرڻ تي مجبور ڪن. ٻيو ته ٺهيو پر ملٽي نيشنل ڪمپنين به نائيجرين ماڻهن کي سڻڀو گرهه سمجهي ورتو هو. هو ٻين ملڪن ۾ پنهنجي موجود گهڻ مدتي دوائون گڏ ڪري ۽ انهن تي نئين ايڪسپائري تاريخ هڻي نائيجريا ۾ وڪرڻ لاءِ پيش ڪنديون هيون. ايئن هو پنهنجي گهڻ مدتي فوڊ آئٽمز به وڪڻندا هئا.
ملٽي نيشنل ادارن جي باري ۾ خيال ڪيو ويندو آهي ته اهي انسانيت نواز هونديون آهن ۽ غيرمعياري شيون وڪرو ڪرڻ بابت سوچي به نه ٿيون سگهن، پر نائيجريا ۾ ڪاروبار ڪندڙ ملٽي نيشنل ادارن جي باري ۾ اها ڳالهه غلط ثابت ٿي ۽ واضح ٿي ويو ته انهن جي انسانيت نوازي، ديانتداري، سڀ انهن جي پنهنجن ملڪن تائين محدود هوندي اهي، يا وري انهن قومن تائين، جتي سندن جعل سازي هلي نه ٿي سگهي. اهي ملٽي نيشنل ادارا غربت ۽ پٺتي پيل سماجن جي ماڻهن کي جانورن کان به بدتر درجو ڏيندا آهن.
پر جڏهن، ڊورا ڪيم اڪيونيلي، کي نيفڊيڪ جي ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو ته هن هر حالت ۾ نقل سازن کي شڪست ڏيڻس جو پڪو ڪري ورتو. هن عهدي جي چارج وٺندي ئي ٻي ڏينهن کان ميڊيسن مارڪيٽن، اسپتالن ۽ ڪلينڪن جا اوچتا دورا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. پوءِ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي سهڪار سان سڄي ملڪ ۾ سروي ڪرايائين ته خبر پيس ته مارڪيٽن ۾ اڌ کان به وڌيڪ دوائون نقلي آهن ۽ وڏي پئماني تي وڪرو ٿي رهيون آهن. جڏهن ته اسپتالن ۾ غير معياري ۽ اڳ ۾ استعمال ٿيل ڊرپس مريضن کي لڳايون پيون وڃن. ظلم ته اهو هو ته سرجن دل جي آپريشن ڪرڻ کانپوءِ دل کي ٻيهر ري اسٽارٽ ڪرڻ جي لاءِ اينڊر رينالين (رت جي گردش تي اثر وجهندڙ مادو جيڪو هيبحان پيدا ڪري ٿو) به نقلي استعمال ڪن ٿا. آپريشن کان اڳ مريض کي بي هوش ڪندڙ يا ان جي جسم کي سُن ڪرڻ جي لاءِ به غيرمعياري دوائون ڏنيون وينديون هيون. آپريشن جي دوران مريض کي ڀلي ڪيڏي به تڪليف ٿئي، سرجن کي اُن جو الڪو نه هو.
پوءِ ڊاڪٽر ڊورا ڪيم اڪيونيلي، اهو سڀ ڪجهه تبديل ڪري ڇڏيو. هن هڪدم ”ڪائو“ نالي شهر جي دوائن جي مارڪيٽ کي ٽن مهينن جي لاءِ بند ڪري ڇڏيو. ان دوران ايجنسيءَ جي عملدارن هڪ لک چاليهه هزار پوائوننڊز جون دوائون ضبط ڪيون، پر ملڪ ۾ ڪرپشن ڪلچر ايترو ته گهرو هو، جو ان قسم جي هڪ اڌ ڪارروائي سندس ڪجهه به بگاڙي نه ٿي سگهي. تنهن ڪري ڊاڪٽر ڊورا عورتن تي ٻڌل انسپيڪٽرن ۽ فارماسسٽن جي هڪ نئين تيم جوڙي، ڊورا مردن تي ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي. سندس خيال هو ته مرد رشوت جي سامهون مزاحمت ڪرڻ جي همت نه ٿا ڪري سگهن. ان کان پوءِ نقلي دوائون گهرائيندڙن جي خلاف ڌڙا ڌڙ ڪيس داخل ٿيڻ لڳا. ماڻهن ڊورا جي انهن ڪوشش کي ڏٺوته خوشيءَ جو اظهار ڪيو. هاڻي ڊاڪٽر ڊورا ماڻهن لاءِ بنا تخت ۽ تاج جي راڻي بڻجي چڪي هئي.
هڪ پاسي عوام نقلي دوائون وڪرو ڪندڙن جي خلاف ڪاررواين تي خوشيءَ جو اظهار ڪري رهيا هئا ته ٻئي پاسي جعل ساز حيران ٿي ويا. هنن پنهنجي خلاف ڪاررواين جو ڪڏهن سوچيو به نه هو. پهرين ته جعل سازن ڊاڪٽر ڊورا کي ڪمپورومائيز ڪرڻ جي آڇ ڪئي. مختلف ڪمپنين تحفن، مراعتن ۽ مفادن جي آڇ ڪئي، پر جڏهن هوءَ ڪنهن به قسم جي لالچ ۾ نه آئي ته کيس ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ ۽ بليڪ ميل ڪرڻ لڳا، پر ڊورا ثابت قدم رهي. هاڻ ان مافيا جي غنڊن ”نينفڊڪ“ جون آفيسون ساڙڻ شروع ڪيون. هنن انسپيڪٽرن کي به ماريو ڪٽيو. ڊاڪٽر ڊورا ۽ سندس ٻارن کي قتل ڪرڻ جو الٽميٽم جاري ڪيو ويو. پر انهن سڀني حرڪتن جي هوندي به ڊاڪٽر ڊورا پٺتي نه هٽي ته نيٺ کيس مارڻ جي سٽ سٽي وئي. هڪ ڏينهن اوچتو ان وقت ڊورا جي راهه روڪي وئي، جڏهن هوءَ ڪار ۾ سوار ٿي هڪ دوري تي وڃي رهي هئي ته هڪ شخص ڊاڪٽر ڊوڙا تي انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني. گولين سان ڪار جي ونڊو اسڪرين تباهه ٿي وئي. ان حملي ۾ ڊاڪٽر ڊورا زخمي ضرور ٿي پر الله تعاليٰ کيس ڄڻ ته نئين حياتي عطا ڪئي.
جعلسازن جو خيال هو ته ڊورا هاڻ وري هنن جي خلاف فعال نه رهندي، پر سندس خيال غلط ثابت ٿيو. هوءَ اڳ کان به وڌيڪ سرگرميءَ سان ميدان ۾ اچي وئي. اهو ڏسي هڪ ڀيرو ٻيهر آگسٽ 2001ع ۾ ڇهه هٿياربند همراهه سندس گهر ۾ گهڙي آيا ۽ ٻن ڪلاڪن تائين سندس ٻاهر نڪرڻ جوانتظار ڪندا رهيا، پر خوشقسمتيءَ سان ڊورا گهر ۾ نه هئي، غنڊن کي خبر نه هئي ته ڊورا سندن اچڻ کان اڳ ۾ ئي گهر مان نڪري ڪنهن ٻئي شهر وڃي چڪي هئي. پوءِ انهن ”لاگوس“ ۾ سندس ليبارٽريءَ تي حملو ڪيو، اها تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏي.
پوءِ هيئن ٿيو جو جولاءِ 2003ع ۾ صحت جو عالمي ادارو به جعل سازن جي خلاف ان جنگ ۾ شريڪ ٿي ويو. ”انٽرنيشنل چلڊرنز هارٽ فائونڊيشن“ جي هڪ وفد نائيجريا جو دورو ڪيو. هو مريض ٻارڙن جي علاج لاءِ ”اينوگو“ جي هڪ ٽيچنگ اسپتال ۾ پهتا. پهرين ته سڀ ڪجهه ٺيڪ هلي رهيو هو ۽ پر جڏهن آپريشنون شروع ٿيون ته پرڏيهي ڊاڪٽرن وٽ اها ڳالهه کُلي وئي ته مريض کي ”اينڊر ريناليٽن“ جي بدران سادي پاڻيءَ جون انجيڪشنس هنيون ويون آهن ۽ پوءِ چار ٻارڙا سندن مائٽن جي اکين جي اڳيان گذاري ويا.
ان ڏينهن جيڪو ڪجهه ٿيو، ڊاڪٽر ڊورا جي جاءِتي ٻيو ڪو هجي ها ته اهو اشو دٻائڻ جي ڪوشش ڪري ها. پر ڊاڪٽر ڊورا هڪدم مارڪيٽ مان وڏي پئماني تي نقلي ”اينڊر ريناليٽن“ اعصابن کي رليڪس ڪندڙ دوائون ۽ غيرمعياري ڊرپس به جهليون ۽ گڏوگڏ هڪ نئون منصوبو عمل ۾ آڻن جي لاءِ ترتيب ڏيئي، مهم کي وڌيڪ جامع بڻايو ويو. هان نقل سازن سان ڳالهين ٻولهن، کيس ايجوڪيٽ ڪرڻ ۽ کين قائل ڪرڻ جي حڪمت عملي ترتيب ڏني وئي ۽ تعليم سکيا جي ان مهم ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرڪ ميڊيا کي به استعمال ڪيو ويو ۽ خبردار ڪندڙ نوٽس به ڇپيا ويا ۽ رستن تي بورڊ به هنيا ويا. قومي اخبارن ۾ نقلي ۽ اصلي دوائن جي سڃاڻپ جي لاءِ اشتهار به ڇپيا ويا. پوسٽر ۽ پمفليٽس به هنيا ويا. ورڪشاپ ۽ سيمينار به ڪرايا ويا ان سان گڏوگڏ اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجاڻين جو سلسلو به جاري رهيو. ان سان گڏوگڏ ڊاڪٽر ڊورا ڪجهه بيا فيصلا به ڪيا جهڙوڪ:
(1) هر اهڙي دوا تي نائيجريا ۾ داخلا تي پابندي وڌي وئي جنهن تي For Export only لکيل هوندو هو. ڊاڪٽر ڊورا جو چوڻ هو ته دوا ساز ادارا جيڪي دوائون پنهنجي ملڪ ۾ استعمال نه ٿا ڪري سگهن. اهي ٻيا ملڪ ڇو استعمال ڪن؟
(2) هن هندستان کان پوءِ چين جي ٽيهن ڪمپنين تي پابندي وجهي ڇڏي، ڇو ته گهڻيون تڻيون نقلي دوائون، اتان ئي تيار ٿي اينديون هيون.
(3) نقلي شين جي خلاف شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ ملڪ جي سڀني هاءِ اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ مضمون لکڻ جا مقابلا ڪرايا ويا. کٽندڙ کي نقد انعام ۽ سندن اسڪولن کي ڪمپيوٽر ۽ ٽيليويزن سيٽ ڏنا ويا. ساڳئي طرح اسڪولن ۾ وڏي تعداد ۾ ”ڪنرزيومر سيفٽي ڪلب“ قائم ڪيا ويا، جن جو مقصد باشعور معاشري جو قيام هو.
تنهن کانسواءِ نقلي دوائن جي برآمد جي روڪٿام جي لاءِ به ڪجهه قدم کنيا ويا. جهڙوڪ:
(1) نيفڊيڪ جا عملدار دنيا جي هر اُن فيڪٽري جو معائنو ڪندا، جيڪا نائيجريا ۾ دوائن جو ڪاروبار ڪرڻ جي خواهشمند هوندي، جيڪڏهن عملدار دوا ساز فيڪٽري جي معاملن کان مطمئن ٿيندا هئا ته ان جي رجسٽريشن ٿيندي هئي. اهوئي اصول ڪاسميٽڪس ۽ فوڊ آئٽمز جي درآمد ڪندرن تي لاڳو ڪيو ويو
(2) هندستان، چين ۽ مصر ۾ پنهنجا تجزيي ڪار مقرر ڪيا ويا، جيڪي نائيجريا موڪلڻ کان اڳ دوائن جي تپاس ڪندا هئا
(3) نائيجريا ۾ درآمد ڪندڙن کي پابند ڪيو ويو ته هو دوائون گهرائڻ کان اڳ نيفڊيڪ کي اطلاع ڪن.
(4) بئنڪن کي پابند ڪيو ويو ته هو دوائون درآمد ڪندرن جا ڊاڪيومينٽس تڏهن قبولين، جڏهن اهي نيفڊيڪ کان تصديق ٿيل هجن.
(5) بندرگاهن تي چيڪنگ جي معيار کي سخت ڪيو وڃي.
(6) نقل سازيءَ ۾ ملوث هئڻ جي ڪري ٻن وڏين مارڪيٽن کي ٽن کان پنجن مهينن جي لاءِ بند ڪيو ويو.
(7) ماڻهن کي خبردار ڪيو ويو ته جيڪڏهن ڪنهن ويئر هائوس مان نقلي دوائون جهليونويون ته ويئر هائوس جي ايراضي جنهن به فرد جي ملڪيت هوندي، ان کي ڏوهه ۾ برابر جو شريڪ سمجهي گرفتار ڪيو ويندو ۽ ويئر هائوس سرڪار ضبط ڪري وٺندي ۽ ماڻهن کي پابند بڻايو ويو ته هو پنهنجي ايراضي ۽ جايون جعلي ڌنڌي ۾ استعمال ٿيڻ نه ڏين.
(8) بسين ۾ بازارن ۾ نقلي دوائون وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويو.
(9) ميڊيڪل اسٽور وارن کي پابند ڪيو ويو ته هو هڪ گوري وڪڻن جي به خريدار کي رسيد ڏئي، جنهن تي ميڊيڪل اسٽور جا نالو ۽ پتو لکيل هجي. هاڻ جيڪڏهن ڊاڪٽر يا مريض نقلي دوا جي شڪايت ٿي ڪئي ته واسطيدار ميڊيڪل اسٽور واري کي سوگهو ڪيو ويندو هو ۽ ان جي مدد سان نقل سازيءَ جي سڄي زنجير قابو ۾ اچي ويندي هئي.
(10) نيفڊيڪ جا انسپيڪٽر 24 ڪلاڪن جي دوران ڪنهن به مهل، ڪٿي به پهچي چيڪنگ ڪندا هئا.
(11) شروعاتي پنجن سالن جي دوران هڪ هزار کان به وڌيڪ ڇاپا هنيا ويا ۽ 14 اربن جون نقلي دوائون ضبط ڪري ذيان ڪيون ويون ۽ ڪيترن ئي نقل سازن کي عدالتن سزائون ڏنيون.
(12) ملٽي نيشنل ڪمپنين تي سخت معيار لاڳو ڪيا ويا. اهڙين دوائن ٺاهيندڙن ۽ وڪرو ڪندرن جو پيڇو ڪيو ويو، جن جون دوائون دل جي سور جو سبب بڻجنديون هيون.
(13) نيفڊيڪ جا عملدار دوائن، ڪاسميٽڪس ۽ فوڊ آئٽمز جي مقامي پيداوار تي سخت نظر رکندا هئا ۽ ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته ڪا به شيءِ انهن عملدارن جي چيڪنگ کانسواءِ مارڪيٽ تائين پهچي نه سگهي.
(14) هر دوا ليباريٽري ٽيسٽ ۽ ٻين تقاضائن پورين ٿيڻ کان پوءِ ئي رجسٽرڊ ٿيندي هئي. رجسٽريشن فقط پنجن سالن جي لاءِ ٿيندي هئي. ان کانپوءِ اُن جي اڳواڻي معيار کي نظر ۾ رکيئي فيصلو ڪيو ويندو هو ته ايندڙ پنجن سالن جي لاءِ رجسٽر ڪجي يا نه. جڏهن ته هر بل ميڊيسنز جي رجسٽريشن جو عرصو هڪ سال هوندو هو.
(15) اهو قانون جوڙيو ويو ته امپورٽر دوائون رڳو 10 سالن تائين درآمد ڪندو ۽ پوءِ اها مقام سطح تي تيار ٿيندي.
(16) حڪومت زمين رستي دوائن جي درآمد تي پابندي وجهي ڇڏي. درآمدي مقصدن جي لاءِ فقط ٻه ايئرپورٽ ۽ ٻه بندرگاهه استعمال ٿيندا هئا.
(17) اُن مهم جي نتيجي ۾ ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر هر فرد ۽ ڪمپني کي اهو باور ڪرايو ويو ته هاڻي نائيجريا ۾ نقلي دوائن جي لاءِ ڪا به جاءِ ڪونهي. نتيجي ۾ نقلي دوائن ۽ پروڊڪٽس ۾ 90 سيڪڙو ڪمي ٿي. ياد رهي ته 2001ع ۾ مارڪيٽ نقلي دوائن جي موجودگي 90 سيڪڙو هئي.
(18) مهم جي نتيجي ۾ مقامي انڊسٽري جي پيداوار ۾ شاندار واڌ ٿي ۽ 5 سالن جي اندر 22 نيون ڪمپنيون وجود ۾ آيون.
(19) فارما سيوٽيڪل صنعت ۾ ٿيندڙ سيڙپڪاريءَ ۾ غيرمعمولي واڌارو نوٽ ڪيو ويو.
(20) ٻين آفريقي ملڪن ”ميڊ ان نائيجريا“ دوائن تان پابندي هٽائي ڇڏي.
(21) اصلي دوائن جو ڪاروبار ڪندڙ ڪيتريون ئي گهڻي قومي ڪمپنيون نائيجريا ۾ واپس اچي ويون.
(22) اسپتالن ۾ ٿيندڙ موتن جي رپورٽن ۾ غير معمولي ڪمي ڏسڻ ۾ آئي.
ڊاڪٽر ڊورا اڪيلي سر انهن موت ورهائيندرن جي خلاف جدوجهد جو فيصلو ڪيو. سندس راهه ۾ ڪيتريون ئي ڏکيائون آيون، جيڪي انسان جي ڪاميابيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهن ٿيون. ڊاڪٽر ڊورا جعلساز مافيا کان سوکڙيون، رعايتون ۽ مفادن جو ڪو پئڪيج قبول ڪري مزي سان زندگي گذاري ٿي سگهي، پر هن پنهنجي لکين هم وطنن ۽ انهن جي ايندڙ نسلن جي مفاد کي عزيز رکيو. ان بهادر خاتون جي ڪرپشن جي خلاف جدوجهد تي 2003ع ۾ ڪرپشن جي خلاف ڪم ڪندڙ بين الاقوامي اداري ”ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل“ ”انٽيگريٽي ايوارڊ“ ڏنو. ساڳئي طرح 2005ع ۾ ”سلور برڊ ڪميونيڪيشنز“ کيس ”سال جي بهترين شخصيت“ قرار ڏنو. انٽيگريٽيڊ ورلڊ سروسز، ايڊورڊ ڪيسي فار ڊيموڪريسي ۽ فارڊيوئينڊ انٽرنيشنل سميت مختلف ادارن کيس ”ايوارڊ آف ايڪسيلينس“ ڏنو، جڏهن ته کيس آفريقا جي بهترين خاتون قرار ڏنو ويو. آگسٽ 2006ع ۾ ”ٽائم ميگزين“ کيس ”سهوڳي دور جي 18 هيروز“ مان هڪ قرار ڏنو.
ڊاڪٽر ڊورا جو چوڻ آهي ته نقلي دوائن جهڙي برائي مليريا ۽ ايڊز جهڙن مرضن ۽ ڌاڙي جهڙي ڏوهن کان به خطرناڪ آهي، ڇوته مليريا کان محفوظ رهي سگهجي ٿو، ايڊز کان به پري رهي سگهجي ٿو ۽ ڌاڙيل به ڪنهن کي جان سان مارڻ جو ارادو ڪري نه ايندا آهن، پر نقلي دوائون ٺاهيندڙ ۽ وڪرو ڪندڙن جو مقصد ئي ماڻهن کي قتل ڪرڻ آهي. ڊورا چوي ٿي ”نقلي دوائون دهشتگردي جي بدترين شڪل آهي، جيڪا عام صحت جي خلاف روا رکي وڃي ٿي.“
ڊورا چوي ٿي ته هن ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪري حيرت ۾ وجهندڙ نتيجا حاصل ڪيا آهن. سندس چوڻ آهي ته نقلي دوائن جي خلاف جدوجهد ڪندڙن کي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته نقلي مال تيار ڪندڙ ادارا ان ڳالهه کان خائف هوندا آهن ته هنن جي پراڊڪٽ جي نقلي هئڻ جي خبر ماڻهن کي نه پوي. هوءَ ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ٿي ڪري ته دنيا جون ڪي حڪومتون پنهنجن ملڪن ۾ معياري دوائن جي موجودگيءَ کي يقيني بنائڻ جي حوالي سان سخت ترين قاعدا ۽ قانون لاڳو ڪنديون آهن، پرکين ان ڳالهه جو ڪو به فڪر نه هوندو آهي ته سندن ملڪ جا ڪي ادارا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ موت ورهائيندا وتن.

ڊورا جي زندگيءَ جو سفر
14 جولاءِ 1954ع ۾ جنم وٺندڙ ”ڊاڪٽر ڊورا ڪيم اڪيونيلي“ تعليم حاصل ڪرڻ جي دوران ۽ ان کانپوءِ هيستائين پنهنجي زندگي جي هر مرحلي ۾ غيرمعمولي ڪارڪردگي ڏيکاريندي اسڪالر شپون ۽ ايوارڊ حاصل ڪندي رهي آهي. پوءِ فارماسٽ طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ ان ميدان ۾ پنهنجون ذميداريون ادا ڪندي رهي. کيس نوجوانن کي تعليم ڏيڻ جو شوق هو، تنهن ڪري هوءَ جز وقتي ليڪچر طور به ڪم ڪندي رهي. بلدياتي ادارن ۾ پڻ مختلف عهدن تي رهي.
سائنسدان ۽ دانشور جي حيثيت سان هن ڪيترين ئي ملڪي ۽ غيرملڪي سائنسي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ مقالا پڙهيا. هن جا لکيل مضمون مختلف مخزنن ۾ ڇپجندا رهياآهن. ڊورا هڪ ڪتاب جي ليکڪا به آهي. پنهنجي سڀني پرڏيهي ملڪي مصروفيتن جي باوجود به هن ڪڏهن به شاگردياڻين سان پنهنجو واسطو نه ٽوڙيو ۽ لڳاتار تدريسي خدمتون سرانجام ڏيندي رهي. سندس مڙس ڊاڪٽر جي سي اڪيونيلي، نائيجريا يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي، ڇهن ٻارن جي ماءُ ڊاڪٽر ڊورا گذريل چئن سالن کان انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي جي وزير جي حيثيت سان ڪم ڪري رهي آهي.

ڪارل مارڪس: نيست پيغمبر

اوڻيهين صديءَ ۾ يورپ ٻن عظيم شخصيتن کي جنم ڏنو: ڪارل مارڪس ۽ چارلس ڊارون، ڊارون جي دريافتن سائنسي دنيا ۾ وڏي اٿل پٿل آڻي ڇڏي. جڏهن ته مارڪس جي پيش ڪيل سماجي ۽ معاشي نظرين انقلاب جون راهون روشن ڪري ڇڏيون. مارڪس سائنسي انداز ۾ اهو ثابت ڪيو ته اهي پيداواري رشتا جاگرافيائي ماحول ۾ پداوار جي اوزارن جي نوعيت سان متعين ٿين ٿا. معاشرو انهن کي پنهنجي گُهرجن موجب بدلائيندو رهندو آهي. پيداواري رشتن ۾ تبديليءَ سان سماجي انقلاب اچي ٿو. مارڪس انهن نظرين جي مدد سان سرمائيداري نظام کي جانچيو، پرکيو ۽ ان جي ڪُک مان جنم وٺندڙ نئين نظام جي نشاندهي ڪئي، جنهن کي دنيا سوشلزم ۽ ڪميونزم جي نالي سان ڄاڻي ٿو. اهي نالا جيڪڏهن سرمائيدارن تي ڏڪڻي طاري ڪري ڇڏين ٿا ته ٻئي طرف سماج جي پٺتي پيل طبقن جي زندگي کي بدلائڻ جي لاءِ کين توانائي ۽ سگهه فراهم ڪن ٿا. تاريخ شاهد آهي ته مارڪس جي نظرين جي گرمائش ۾ پورهيتن، وڏن وڏن پرمان جا بُت ڊاهي پٽ ڪري پيداواري ذريعن کي پنهنجي هٿن ۾ وٺي دنيا تي ثابت ڪري ڇڏيو ته اڄ به پرماريت کان پاڪ برابري تي ٻل نظام قائم ڪري سگهجي ٿو.
ڪارل مارڪس 5 مئي 1818ع تي جرمنيءَ جي شهر ”ٽرائز“ ۾ ورتو. مارڪس جو پيءُ بائنرخ مارڪس هڪ خوشحال وڪيل هو، جنهن مارڪس جي جنم کان ڪيترا سال اڳ پنهنجو اباڻو مذهبي يهوديت ڇڏي عيسائيت اختيار ڪئي هئي. مارڪس شروعاتي تعليم مقامي اسڪول ۾ حاصل ڪئي. هن 1835ع ۾ اسڪول ڇڏڻ مهل جيڪو الوداعي مضمون لکيو، اُن مان سندس انسان دوست خيالن جو چڱي طرح اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پنهنجي مضمون ”ڌنڌي جي چونڊ“ ۾ مارڪس لکي ٿو ته، ”ڌنڌي جي چونڊ ڪرڻ مهل اسان کي انسانذات جي ڀلائيءَ جو خاص خيال رکڻ گهرجي.“
مارڪس جي مڱڻي سندس ننڍپڻ جي دوست جينيءَ سان ٿي هئي، جنهن جو پيءُ ”لڊونگ ويسٽ فالين“ خانداني نواب هو، جڏهن ته جيني جي امڙ اسڪاٽ لينڊ جي نوابزادي هئي. مارڪس پنهنجي پيءُ جي هدايت تي ”برلن يونيورسٽيءَ“ ۾ داخلا ورتي. 1841ع ۾ هن ”جينا يونيورسٽي“ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. تعليم سامن واندو ٿيڻ کانپوءِ هن بون يونيورسٽيءَ جي فلاسافي ڊپارٽمنيٽ ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام رهيو، تنهن کانپوءِ هن صحافت جو رخ ڪيو ۽ ”رائي نشس زائي تونگ“ نالي اخبار سان لاڳاپجي ويو. آڪٽوبر 1842ع مارڪس ان اخبار جو ”چيف ايڊيٽر“ مقرر ٿيو. مارڪس جي ادارت ۾ ”رائي نشس زائي تنگ“ جي اشاعت ٽيڻ تي وڌي وئي. مارڪس هارين جي حقن ۽ پريس جي آزاديءَ جي حمايت ۾ ڪيترائي ليک لکيا. سنسر شپ جي مخالفت ڪندي مارڪس لکيو، ”سنسر شپ انساني سرشت جي نفي آهي. سنسر شپ پريس کي اهو باور ٿي ڪرائي ته اوهان بيمار آهيو ۽ حڪومت اوهان جي ڊاڪٽر آهي. پر اهو ڊاڪٽر اهو ڳوٺاڻو جراح آهي، جيڪو انساني بدن جو هر اهو حصو وڍي اڇلي ٿو، جيڪو کيس خراب ٿو لڳي. ان صورتحال جا ذميدار اخباري مالڪ به آهن، جن صحافت کي سڳوري مشن يا قومي فرض جي دوران واپار بڻائي رکيو آهي.“
1843ع ۾ مارڪس ۽ اخباري مالڪن جي وچ ۾ اختلاف ٿي پيا، جنهن جي، نتيجي ۾ مارڪس کي اخباري نوڪري ڇڏڻي پئي. ساڳئي سال جون ۾ هن جي جيني سان شادي ٿي وئي. مارڪس جي لاءِ هاڻ جرمني ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪا گنجائش نه رهي، تنهن ڪري هو پنهنجي پراڻي دوست آرنلڊ روج جي دعوت تي پنهنجي نئين ڪنوار سميت پئرس روانو ٿيو. آرنلڊ روج، پئرس مان جرمن زبان ۾ هڪ نظرياتي رسالو ڪڍڻ ٿي چاهيو. مارڪس ساڻس شامل ٿي ويو، پر ان رسالي جو فقط هڪ ئي پرچو ڇپجي سگهيو ۽ بند ٿي ويو. البت ان رسالي جي ڪري مارڪس جي اينگلس سان ملاقات ٿي، ٻنهي جي خيالن ۾ هڪجهڙائپ، جلد ئي هڪ عظيم دوستيءَ ۾ بدلجي وئي، جيڪا مرڻ تائين قائم رهي. فريڊرڪ اينگلس جو پيءُ دولت مند صنعتڪار هو، پر اينگلس کي ڪاروبار سان ڪا به دلچسپي نه هئي، کيس فلسفي ۽ اقتصاديات جي مسئلن ۾ سر کپائڻ جو شوق هو. جڏهن پڻهنس کيس پنهنجي فيڪٽري جي سار سنڀال لاءِ مانچسٽر موڪليو ته اينگلس کي برطانوي مزدورن جي حالتن کي ويجهڙ کان ڏسڻ جو موقعو مليو.
انهن ڏينهن پئرس جون گهٽيون ۽ بازارون انقلابي نعرن سان ٻُرائجي رهيون هيون. مارڪس به شهر جي انقلابي حلقن ۾ شامل ٿي ويو. هن جو رابطو جرمن مزدورن سان به هو، جيڪي روزگار سانگي پئرس ۾ رهيل هئا ۽ جرمنيءَ جي ڳجهين انقلابي تنظيمن سان لاڳاپيل هئا. جرمن حڪومت کي جڏهن مارڪس جي انهن سرگرمين جي خبر پئي ته هن فرانسي حڪومت تي دٻاءُ وڌو جنهن جي ڪري مارڪس کي پئرس مان برسلز (بيليجم) منتقل ٿيڻو پيو. ان وقت هو هڪ ٻارڙيءَ جو پيءُ بڻجي چڪو هو. برسلز ۾ رهائش دوران هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، سوشلسٽ خيالن جو پرچار شروع ڪيو. مزدورن جي ڪلبن ۾ سوشلزم تي ليڪچر ڏنا ۽ اينگلس سان گڏجي پهريون ڀيرو لنڊن ڪميونسٽ ليگ جي جلسن ۾ شريڪ ٿيو. هيءَ اها ئي ”ڪميونسٽ ليگ“ هئي، جنهن جي هدايت تي مارڪس ۽ اينگلس ”ڪميونسٽ پڌرنامو“ لکيو. جنهن جي ڇپجڻ سان ئي سڄي دنيا ۾ هوليرو مچي ويو ۽ ڏيڍ سئو سالن کان به وڌيڪ عرصو گذري وڃن جي باوجود به ان جي مقبوليت ۾ ڪا به ڪمي نه ٿي آهي.
ان ڪتاب ۾ مارڪس ۽ اينگلس سائنسي سوشلزم جا بنيادي اصولي، مول ۽ متا بيان ڪيا، سندس چوڻ آهي ته سرمائيداري نظام هڪ خاص وقت ۾ پڌرو ٿيل آهي، پر هاڻ ان جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، ڇو ته ڪارخانن ۽ فيڪٽرين وغيره ۾ پيداواري عمل ته اشتراڪي ٿي ويو آهي، پر پيداوار ۽ پيداواري ذريعا، ٻئي ڪجهه مخصوص ماڻهن جي ذاتي ملڪيت آهن. ان تضاد سبب سماج ۾ اقتصادي گهوٽالا ايندا رهندا آهن ۽ مزدور روزگار کان محروم ٿي ٿا وڃن، شين جي گهڻائي آهي، پر اهي شيون عام ماڻهن جي پهچ کان پري آهن. ان تضاد کي سرمائيداري نظام نيبري نه ٿو سگهي، ڇو ته اهو تضاد هن جي سرشت ۾ داخل آهي. تنهن ڪري پورهيت عوام جو اهو تاريخي فرض آهي ته هو اُن پراڻي نظام کي انقلاب جدوجهد جي ذريعي ختم ڪن.
”ڪميونسٽ پڌرنامي“ جي اشاعت کي اڃا ٿورا ڏينهن مس گذريا هئا، جو يورپ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر انقلاب جو هُل هلي ويو ۽ پئرس ۾ فيبروري 1884ع ۾ بادشاهه لوئي فلپ جو تختو اونڌو ڪيو ويو. انهن ڏينهن مارڪس ۽ اينگلس ٻئي برسلز هئا. هو پئرس وڃڻ جو سوچي رهيا هئا، جو پوليس ملڪ بدريءَ جا آرڊر کڻي اچي پهتي ۽ مارڪس گرفتار ٿي ويو، جيني مڙس جي خبر چار وٺڻ جي لاءِ ٿاڻي تي وئي ته کيس به بند ڪيو ويو. ٻئي ڏينهن جڏهن پوليس جي ان حرڪت تي شهر ۾ گوڙ متو ته مارڪس کي پوليس جي نگراني ۾ پئرس روانو ڪيو ويو، هو گهر جو سامان به پاڻ سان گڏ کڻي وڃي نه سگهيو. مارڪس ۽ اينگلس پئرس ۾ ئي هئا ته جرمني ۾ به انقلاب اچي ويو ۽ هي ٻئي ساٿي ڪولون روانا ٿي ويا، اينگلس ته عوامي فوج ۾ شامل ٿي وڙهڻ جي لاءِ هليو ويو، پر مارڪس ”ڪولون“ مان پنهنجي اخبار جاري ڪئي ۽ انقلابي سرگرمين ۾ پڻ شريڪ ٿيندو رهيو. جرمن سرڪار مارڪس جي لکڻين کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هئي. مٿس هڪ ئي وقت 23 ڪيس داخل ڪيا ويا، پر مٿس ڏوهه ثابت ٿي نه سگهيو ته مئي 1849ع ۾ کيس چويهن ڪلاڪن جي اندر جرمنيءَ مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو. مارس اخبار بند ڪئي ۽ ڇاپي خانو ڀڳڙن مٺ وڪڻي ملازمن کي پگهارون ڏنائين. جيني جي ڏاج جا چاندي جا ٿانوَ هڪ ڀيرو برسلز ۾ گروي رکيا هئائين، سي ٻيهر گروي رکڻا پيس. مارڪس پنهنجي زال ۽ ٽن ٻارن سميت پئرس موٽي آيو. پر اڃا ٽي مهينا به نه گذريا، جو حڪومت فرانس حڪم ڏنس ته چويهن ڪلاڪن جي اندر فرانس خالي ڪر. ان وقت مارڪس وٽ ايترا پئسا به نه هئا، جو زال کي گڏ وٺي وڃي سگهي. نيٺ هن مجبور ٿي، جينيءَ کي، جيڪا پيٽ سان هئي، ٻارڙن سميت پئرس ۾ ئي ڇڏيو ۽ پاڻ 24 آگسٽ تي لنڊن هليو ويو. اڳتي هلي هن جينيءَ کي به لنڊن گهرائي ورتو. مارڪس ۽ اينگلس کي فرانسي ۽ جرمني جي انقلابين مان وڏيون اميدون هيون، جيڪي پوريون ٿي نه سگهيون.
مارڪس ۽ جيني کي شاديءَ کانپوءِ شايد ئي ڪو سُک جو ڏينهن ڏسڻ نصيب ٿيو هجي، پر لنڊن ۾ ته مٿن مصيبتن جا پهاڙ ڪري پيا. وٽن آمدني جو ڪو به ذريعو نه هو ۽ نه ئي وري ڪو يارو مددگار. اينگلس به انهن ڏينهن ۾ اتي نه هو، جيڪو سندسن ڀرجهلو ٿئي ها، ان دوران مارڪس جي گهر ۾ چوٿين ٻارڙي جنم ورتو، جنهن سبب سندس مصيبتن ۾ اڃا به واڌارو ٿيو. فليٽ جو ڪرايو ادا نه ڪرڻ سبب گهر ڌڻيءَ کيس بيٺي پير گهر مان ڪڍي ڇڏيو. ان واقعي جو ذڪر ڪندي جيني 30 مئي 1850ع تي هڪ خط ۾ لکيو، ”سرڪاري ملازم آيا ۽ هنن اسان جي بسترن، چادرون، ڪپڙن ايتريقدر جو منهنجي ٿڃ پياڪ ٻارڙي جي پالڪي ۽ ٻارڙين جون گُڏيون به پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتيون ۽ اهي ويچاريون هڪ ڪنڊ ۾ بيٺيون لڙڪ ڳاڙينديون رهيون. پوليس اسان کي مشڪل سان ٻن ڪلاڪن جي مهلت ڏني، وفادار زال ان موقعي تي مڙس کي چيو، ”تون ايئن متان سمجهين ته انهن پريشانين کان گهٻرائجي آئون همت هاري ويهنديس. مون کي خبر آهي ته منهنجو پيارو مڙس، منهنجي زندگيءَ جو سهارو مون سان گڏ آهي. البت ان ڳالهه جو ڏک ضرور اٿم ته انهن پريشانين کيس اهڙي مهل ۾ اچي گهيريو آهي، جڏهن کيس توانائي، سڪون ۽ اعتماد جي گهرج آهي. افسوس جو ٻين جي مدد ڪري دلي خوشي محسوس ڪندڙ اڄ ڪلهه پاڻ ئي ڪيترو بي وس آهي.“
ان شام جو مارڪس ڊوڙڊڪ ڪري ڪٿان مسواڙ جي رقم هٿ ڪئي، تڏهن وڃي گهر جو ضبط ٿيل سامان واپس مليس. پر هن اهو سڀ ان مهل وڪڻي ڇڏيو ته جيئن ڪاسائي، نانوائي ۽ دوائن جو قرض ادا ڪري سگهي. ان کانپوءِ مارڪس لنڊن جي نهايت ڪني ۽ گهڻ آبادي واري علائقي ”سوهو“ ۾ ٻن ڪمرن تي ٻڌل فليٽ ۾ رهائش اختيار ڪئي. هو اُتي ڇهن سالن تائين رهيو. ان هنڌ ٻن سالن جي عرصي ۾ مارڪس جا ٻه ٻار خوراڪ جي کوٽ سبب گذاري ويا. ٻيو ٻارڙو مئو ته گهر ۾ دوا وٺڻ جيترا به پئسا نه هئس. هڪ ڀيرو ته کيس پنهنجي پتلون به گروي رکڻي پئي. پنهنجي مالي تنگيءَ جي باري ۾ مارڪس لکي ٿو، ”اسان جي حالتن هاڻ اها صورت اختيار ڪئي آهي، جو آئون گهر مان ٻاهر نڪري به نه ٿو سگهان، ڇو ته منهنجا ڪپڙا گروي رکيل آهن.“
ايترين خراب حالتن جي باوجود به مارڪس جي عزم ۾ ارادن کي ڪو به ٿيڙ يا لڏو نه آيو ۽ نه ئي وري ڪڏهن ڀُلجي به جينيءَ مڙس جي مصروفيتن تي نرڙ ۾ گهنج وڌا. پر هر ڏکئي وقت ۾ سندس همت وڌائيندي رهي. انهن ڏينهن جيني جي ڀاءُ جرمني جو داخلا وارو وزير هو، هن ڀيڻ کي لکيو ته ”تون واپس موٽي اچ آئون تنهنجي پرگهور لهندس.“ پر جينيءَ وراڻيس، ”مون مارڪس ۽ سندس خيالن سان شادي ڪئي آهي ۽ انهن ٻنهي جي جرمنيءَ ۾ داخلا بند آهي، تنهن ڪري مون کي اهڙي جرمني نه کپي.“
گهرو پريشانين جي باوجود به مارڪس پنهنجي ڌن ۾ لڳو رهيو. هو صبح جو سوير برٽش ميوزم هليو ويندو هو ۽ شام جو ستين بجي واپس گهر ورندو هو. پوءِ رات جو ڏيڍ بجي تائين ڪم ڪندو رهندو هو. اپريل 1850ع کان آگسٽ 1853ع تائين مارڪس اقتصاديات جي ڪتابن ۽ سرڪاري رپورٽن مان ورتل نوٽسن جا 23 رجسٽر ڀري ڇڏيا. ان دوران اينگلس به لنڊن پهچي ويو ۽ هڪ سال تائين اتي رهي واپس مانچسٽر هليو ويو ته جيئن مارڪس ٿوري گهڻي ڪفالت ڪري سگهي. آگسٽ 1851ع ۾ اخبار ”نيويارڪ ٽربيون“ جي ايڊيٽر ”چارلس ڊانا“ مارڪس کي اخباري خاطو ٿيڻ جي آڇ ڪئي، شرط اهو هو ته مارڪس هفتي ۾ ٻه خبرنامه موڪليندو. مارڪس لڳ ڀڳ يارهن سالن تائين اخباري خاطوءَ جي حيثيت سان پنهنجا فرض ادا ڪندو رهيو. پر جڏهن آمريڪا ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي ته ”نيويارڪ ٽريبيون“ غلاميءَ جي حمايت ۾ لکڻ شروع ڪيو ته مارڪس ”ٽريبيون“ کان ڌار ٿي ويو.
مارڪس سرمائيداري معيشيت جو اڀياس 1843ع ۾ شروع ڪيو هو. اهو سلسلو 24 سالن تائين جاري رهيو. ان دوران مارڪس ڪيترائي اهم ڪتاب لکيا ۽ مزدورن جي انقلابي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو. پر سندس سڄي زندگي جي محنت ۽ تحقيق جو نچوڙ ”داس ڪيپيٽال“ ڪتاب آهي، جنهن جي خاطر مارڪس پنهنجي صحت، خوشي ۽ گهريلو زندگيءَ، هر شيءِ قرباني ڪري ڇڏي.”داس ڪيپيٽال“ جو پهريون جلد سيپٽمبر 1867ع ۾ جرمن زبان ۾ ڇپيو ۽ جلد ئي فرينچ، روسي، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ان جو ترجمو ٿيو. ”داس ڪيپيٽال“ جا باقي جلد مارڪس جي زندگي ۾ ڇپجي نه سگهيا، جيڪي اينگلس مارڪس جي وفات کانپوءِ ڇپرايا. ”داس ڪيپيٽال“ ۾ مارڪس لکي ٿو ته ”سرمائيداري نظام ۾ هر شيءِ بازار ۾ وڪري جي لاءِ تيار ڪئي وڃي ٿي. اهي شيون پورهيت پيدا ڪن ٿا، پر پورهيتن کي جيڪا مزدوري ملي ٿي، ان جي بدلي ۾ هو مقرر وقت کان ڪيترا ڀيرا وڌيڪ ماليت جو سامان مهيا ڪري ٿو. ان واڌو پيداوار جو کين ڪو به اجورو نه ٿو ملي. اها واڌو پيداوار صنعتڪار جي نفعي، شاهوڪار جي وياج، زمين جي مالڪ جي ڍل ۽ مقاطي جي شڪل ۾ سرمائيداري طبقي ۾ ورهائجي وڃي ٿي.“
جنهن وقت ”داس ڪيپيٽال“ جو پهريون ڀاڱيو ڇپيو ته ان وقت مارڪس جي عمر پنجاهه سال کان به گهٽ هئي هو مضبوط هڏڪاٺ جو مالڪ هو ۽ روزانو سترهن ارڙهن ڪلاڪن ڪم ڪندي به نه ٿڪبو هو. پر جلاوطني جي تڪليف کيس وقت کان اڳ پوڙهو ڪري ڇڏيو. مارڪس کي ڪڏهن سڪون سان ٻن ويلن جي ماني به نصيب نه ٿي، پر ان هوندي به هن پنهنجي اصولن تي ڪو ٺاهه نه ڪيو. ظالماڻي سماجي نظام کي بدلائي، انصاف ڀريو نظام قائم ڪرن جو سندس اٽل ارادوڪڏهن به ڌنڌلو نه ٿيو. پر جسم نيٺ به جسم هوندو آهي، اهو انهن تڪليفن کي ڀلا ڪيترو سهي ٿي سگهيو، نتيجي ۾ سندس صحت خراب ٿيندي وئي ۽ مختلف بيمارين کيس گهيرو ڪرڻ شروع ڪيو. هڪ ڏينهن هو برٽش ميوزم ۾ پڙهندي پڙهندي بي هوش ٿي ويو ۽ سيني ۾ ايترو ته سور ٿيس، جو هن جي لاءِ ساهه کڻڻ به ڏکيو ٿي پيو.
ان دوران فرانس ۽ جرمني جي جنگ شروع ٿي وئي. 1870ع ۾ فرانس کي شڪست ملي ۽ نيپولين بوناپارٽ کي قيد ڪيو ويو. پئرس جا شهري پنهنجي نااهل حڪومت جي خلاف اُٿي کڙا ٿيا ۽ پئرس ۽ پنهنجي پئنچائتي حڪومت قائم ڪيائون. مارچ 1871ع ۾ ”پئرس ڪميون“ جي نالي سان مشهور اها حڪومت ٽن مهينن جي اندر ئي سرمائيدارن جي هٿان وڏي بي رحميءَ سان ختم ڪئي وئي. سوين هزارين مزدورن کي ڦاسيون ڏنيون ويون ۽ ڪيترن ئي جلاوطن ڪيو ويو. پئرس جي هٿين خالي مزدورن تي ٿيندڙ ظلم کي مارڪس وڏي شدت سان محسوس ڪيو ۽ هو فرانسي پناهگيرن جي امداد ۾ لڳي ويو. ان ڀڃ ڊڪ ۾ هن جي صحت تي ڏاڍو خراب اثر پيو. اڃا هن جي صحت ٿوري ئي سڌري جو جيني بيمار ٿي پئي. ڊاڪٽر کيس جگر جو ڪئنسر ٻڌايو. مارڪس رات ڏينهن جيني جي خدمت ڪئي، پر جيني جي حالت نه سڌري. نيٺ مارڪس جو حوصلو وڌائيندڙ جيني ڊسمبر 1881ع ۾ گذاري وئي. محبت جي اها شمع وسائي ته ڄڻ مارڪس جي زندگي به اونداهي ٿي وئي. اڃا جيني جي وڇوڙي جا وڍ نه ڀريا هئس، جو مارڪس جي وڏي نياڻي جيڪا پئرس ۾ پرڻيل هئي، اوچتو گذاري وئي. ان حادثي مارڪس جي رهيل کهيل سگهه به کسي ورتي. مارڪس جي ڦڦڙن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. نيٺ اهو انقلاب جنهن پورهيت طبقي کي جاڳائڻ جو اڏول ارادو ڪري رکيو هو، 14 مارچ 1883ع تي ڪرسي تي آرام ڪندي ابدي ننڊ سمهي پيو. مارڪس کي لنڊن جي ”هائي گيٽ“ قبرستان ۾ جيني جي ڀر ۾ دفنايو ويو.
مارڪس جي عظمت ۽ وڏائي تي علامه اقبال کيس پنهنجي هڪ شعر ۾ هن ريت خراج تحسين پيش ڪيو:
آن کلیم بے تجلی، آن مسیح بے صلیب
نیست پیغمبر، در بغل دارد کتاب۔

(اهو بنا تجلي جي ڪليم آهي، پيغمبر ته ڪونهي، پر سندس بغل ۾ هڪ ڪتاب آهي.)

بوليويا جو عوامي حڪمران

هو فقط ڇهن سالن جو هو، جو پنهنجي پيءُ سان گڏ ٻنين ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. جيئن سندس هٿ ونڊائي سگهي. ٿورو وڏو ٿيو ته مال چارڻ لڳو. تعليم جو سلسلو شروع ٿيو ته اهو اسڪول تائين پهچي رڪجي ويو. غريب مائٽن وٽ ايترا پئسا نه هئا، جو کس وڌيڪ تعليم ڏياري سگهن. تيزيءَ سان وڏي ٿيندڙ هن نينگر جو آئيندو ڏسڻ ۾ ته ڪو روشن نه ٿي آيو، پر قدرتي جا کيل به نرالا آهن. ان نينگر وڏو ٿي جڏهن ٻين جي ڏکن ۽ سورن کي سمجهيو ۽ انهن سان شامل ٿيو ته ڏسندي ئي ڏسندي هو لکين هم وطنن جي اکين جو تارو بڻجي ويو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو آيو، جو هو نه رڳو سندس دلين، پر دماغن تي به راڄ ڪرڻ لڳو. سندس زندگي جي ڪهاڻي جو تت اهو آهي ته، ”اسان جيڪڏهن پنهنجو پاڻ کي ٻين جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي ته کيس ان جو ڦل به واهه جو ملي ٿو.“
اهو بوليويا جي انقلابي حڪمران ”ايوو موراليس ايما“ جي ڪهاڻي آهي، جيڪو 26 آڪٽوبر 1962ع ۾ بوليويا جي هڪ پهاڙي ڳوٺ ”اسالاوي“ ۾ پيدا ٿيو. سندس واسطو مقامي قبيلي ”ايمارا“ سان آهي، پڻهنس هڪ غريب هاري ۽ اهڙ گهريلو عورت هئي. هو مٽي ۽ گاهه سان ٺهيل هڪ ڪمري جي گهر ۾ رهندا هئا، جنهن جي ڇت گاهه سان پڪي وئي هئي. موراليس جا ڇهه ڀائر ۽ ڀيڻون هئا، جن مان چار غربت سبب ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويا. ڪمري جي پکيڙ 3 باءِ 4 ميٽر هئي ۽ اهوئي ڪمرو رهڻ، رڌڻ پچائڻ لاءِ پڻ ڪم ايندو هو.
موراليس ڇهن سالن جو هو، جو پنهنجي ڪٽنب سان گڏ ”ارجنٽائن“ هليو ويو ته، جيئن اُتي ٻنين ۾ ڪمند جي ڪٽائي ڪري سگهي. اها ايمارا قبيلي جي قديم روايت هئي. ايئن غريب هارين کي چار ڏوڪڙ هٿ چڙهي ويندا هئا. قبيلي جي سڀ کان وڏي ديوي ”پاچامان ڌرتي ماءُ“ آهي. تنهن ڪري موراليس جا ماءُ ۽ پيءُ روزانو صبح جو ”ڌرتي ماءُ“ تي الڪوحل ۽ پتن جي ورکا ڪندا هئا، جيئن سندس ڏينهن سٺو گذري. سڀني ڳوٺاڻن رهاڪن وانگيان هو به فطرت جي ويجهو هئا ۽ ان کي پنهنجو دوست سمجهندا هئا.
ننڍپڻ ۾ موراليس کي فوٽ بال گهڻو پسند هو. ايتريقدر جو هو ”لاما“ (رڍون) چارڻ ويندو هو. تڏهن به ميدان ۾ پنهنجي ڪتي سان گڏ اڳڙين سان گڏ ٺهيل بال سان کيڏندو رهندو هو. موراليس ٻارهن سالن جو هو جو پيءُ سان گڏ ”الائن“ جو هڪ ڌڻ ڪاهي ڀر واري شهر۾ ويو. جتي پهچندي کين هڪ مهينو لڳي ويو. ان دوران موراليس چواڻي ”هوهڪ هزار اسٽار هوٽل جي پاڇي ۾ آرام ڪندا هئا.“ شهر پهچي هنن ”لاما“ وڪرو ڪيا ۽ پئسن مان کاڌي خوراڪ جون شيون خريد ڪيون. موراليس جي پيءُ هر ڇهن مهينن کان پوءِ هڪ چڪر شهر جو هڻندو هو.
ان کان اڳ اٺن سالن جي موراليس کي هڪ پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو هو. اسڪول ۽ گهر جي وچ ۾ ساڍن ٽن ميلن جي پنڌ هو. ڪڏهن ڪڏهن استاد کيس پنهنجي گهر به گهرائي وٺندا هئا، دراصل استاد جتي به هوند اهئا، موراليس علم پرائڻ جي شوق ۾ وٽن پهچي ويندو هو. ان ٻاجهاري ننڍپڻ مان موراليس ٽي سبق سکيا. ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهائج، ڪڏهن به وري نه ڪج ۽ ڪڏهن به ڪمزوري نه ڏيکارج.
موراليس چوڏهن سالن جو هو، جو هن فوٽ بال ٽيم ٺاهي پنهنجي تنظيمي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. هن لامائن (رڍن) جي ان وڪي ته جيئن بال ۽ ورديون خريد ڪري سگهجن. هو پنهنجي تر ۾ ڏاڍو مشهور هو، ڇو ته هو اڪثر ماڻهن جا ڪم ڪندو رهندو هو. سورنهن سالن جي عمر ۾ موراليس پڻهنس کان ”ارور“ نالي وسندي ۾ وڃڻ جي موڪل گهري ته جيئن اُتي هاءِ اسڪول ۾ پڙهي سگهي. هاڻ کيس اڪيلو رهي زندگين جي سختين جو مقابلو ڪرڻ سکڻون هو. جيئن ته سندس والدين کيس پئسو ڏوڪڙ موڪلي نه ٿي سگهيا. تنهن ڪري موراليس کي في، رهائش ۽ کاڌي پتي جي بندوبست لاءِ نوڪريون ڪرڻيون پيون. هو صبح جوالل وهاڻيءَ چئين بجي اٿندو هو ۽ جيڪا به عارضي نوڪري ملندي هيس، اها ڪندو هو. ايئن هن بيڪرين کان وٺي سرن جي بٺن تائين مزدور جي حيثيت سان ڪم ڪيو. منجهند کانپوءِ هو اسڪول ويندو هو. موراليس جا استاد ۽ هم ڪلاسي سندس ان محنت کي پسند ڪندا ۽ واکاڻيندا هئا.
مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ مالي طور تي وٽس ايتري بچت نه هئي، جو هو يونيورسٽي وڃي سگهي، تنهن ڪري لازمي فوجي خدمت کانپوءِ 1979ع ۾ هو واپس ”اسالاوي“ پهچي ويو. جيڪو بوليوين صوبي ”سڊا ڪارا ناس“ ۾ آهي. جتي هن پوکي راهي ڪندي زندگي گذارڻ ٿي چاهي، پر قدرت کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو. ٿيو هيئن جو 1980ع ۾ ”ال نينو“ عجوبي جي ڪري سڄي صوبي ۾ شديد ڏڪار پيو، جنهن ستر سيڪڙو ٻنين ۽ 50 سيڪڙو وهٽن جي خاتمو ڪري ڇڏيو ۽ سندن ٻنيون اجڙي ويون. نيٺ موراليس جي پيءُ سوچيو ته اسين هتي رهي ڪڏهن به سکيا ستابا ٿي نه ٿا سگهون. تنهن ڪري هو زمين وڪڻي اوڀر بوليويا جي ميداني علائقن ۾ پهتا.
هنن اوڀر بوليويا ۾ ”ڪوچا بامبا“ جي علائقي کي پنهنجي رهائش لاءِ چونڊيو. اتي هنن زمين خريد ڪئي ۽ پوکي راهي ڪرڻ لڳا. هو پهاڙن مان آيا هئا. تنهن ڪري ميداني علائقن جي ماحول ۽ موسم کين ڏاڍو پريشان ڪيو. پر هنن پنهنجي زمين تي مالٽا، گريب فروٽ، ڪيلا ۽ ڪمڪوا کي ڦٽندي ڏٺو ته خوشيءَ سبب ڪپڙن ۾ نه پي ماپيا. موراليس کي تر ۾ هڪ فٽ بالر جي حيثيت سان شهرت ملي، هو جنهن به مقابلي ۾ شرڪت ڪندو هو، ٻه ٽي گول ڪري پنهنجي ٽيم کي کٽرائي ڇڏيندو هو.
موراليس سماجي لڳ لاڳاپن رکڻ ۾ پڻ گهڻو سرگرم هو. اهوئي ڪارڻ آهي، جو هو هارين جي مقامي يونين ”سان فرانسسڪو“ جو رڪن بڻجي ويو ۽ 1981ع ۾ هڪ اهڙو واقعو پيش آيو، جنهن سندس دل ۽ دماغ تي گهرا اثر ڇڏيا ۽ کيس صفا بدلائي ڇڏيو. ٿيو هئين جو پوليس هڪ مقامي هاريءَ تي زور ڀريو ته هو منشيات فروشي جو ڏوهه قبولي، پر هاري لڳاتار انڪار ڪندو رهيو، جنهن ۾ نشي ۽ مدهوش سپاهيءَ ايترو ته ڪاوڙ ۾ آيا، جو هنن هاريءَ تي پيٽرول ڇٽڪاري کيس باهه ڏئي، جيئري ئي ساڙي ڇڏيو. ان واقعي موراليس کي ڌوڏي ڇڏيو. هو ٻڌائي ٿو:
”ان کان پوءِ مون فيصلو ڪري ورتو ته آئون هم وطنن کي آزادي ۽ انساني حق ڏيڻ، هتي امن قائم ڪرڻ جي خاطري ۽ فطري وسيلا محفوظ ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪندس.“
1983ع ۾ موراليس جو پيءُ چالاڻو ڪري ويو ته سڄي گهر جو بار به هاڻي مٿس اچي ڪريو.جيڪو هن ذميداري سان نباهڻ شروع ڪيو. گڏوگڏ يونين جي سرگرمين ۾ پڻ وڌي چڙهي حصو وٺندو رهيو. ان جي نتيجي ۾ هو 1985ع ۾ ”سان فرانسسڪو يونين“ جو جنرل سيڪريٽري بڻجي ويو. موراليس هر هنڌ هارين جي مسئلن کي ڏاڍي سٺي نموني ۽ جوش و خروش سان بيان ڪندو هو. ايئن هو آهستي آهستي هتي هارين جو مشهور اڳواڻ بڻجي ويو. 1988ع آمريڪي حڪومت جي دٻاءَ ۾ اچي ”بوليوين حڪومت“ ڪوڪا جي پيداوار گهٽائڻ جي رٿا تي عمل شروع ڪيو. ايئن هاڻي حڪومت ۽ ڪوڪا پوکيندڙ هارين جي نمائندن جي وچ ۾ سڌو سنئون ٽڪراءُ شروع ٿيو، جن ۾ موراليس به شامل هو.
بوليوين حڪومت آمريڪي ڊالرن جي ذريعي ”ڪوڪا ختم ڪيو“ رٿا شروع ڪئي هئي. هاڻ پوليس ۽ فوج جي وڏي انگ انهن علائقن کي گهيري ۾ وٺي لاٿو، جت ڪوڪا پوکي ويندي هئي. پوءِ هارين تي زور ڀريو ويو ته هو ڪوڪا نه پوکين. جن هارين نه مڃيو، انهن کي مار موچڙو ڪيو ويو ۽ انهن جي زالن جي بي حرمتي ڪئي وئي. مطلب نه حڪومت مفادن خاطر پنهنجن تي ماڻهن تي ظلم ڪرڻ لڳي.
هيستائين ته موراليس ۽ سندس ساٿي پنهنجون ٻنيون بچائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا هئا، پر هاڻ کيس احساس ٿيو ته بوليوين حڪومت ته پرڏيهي هٿن ۾ رانديڪو بڻيل آهي. هوءَ، ان طاقت جي اشاري تي هلندي لکين غريببن ۽ بيرزگارن کي استعمال ڪري رهي آهي. اهو سوچي هن حڪومت سان مزاحمت جو فيصلو ڪيو. موراليس هارين کي حڪم ڏنو ته اهي ڪوڪا پوکڻ کان روڪڻ لاءِ ايندڙ آفيسرن کي پنهنجن علائقن ۾ گهڙڻ نه ڏين. جڏهن هارين ۽ پوليس ۾ ٽڪراءُ ٿيو ته موراليس ۽ ٻين اڳواڻن کي قيد ڪيو ويو. ايئن هن پهريون ڀيرو جيل جي هوا کاڌي.
1989ع ۾ بوليوين حڪومت کيس رستي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو. سکيا ورتل ڪمانڊوز کيس اغوا ڪري، ماري ماري، پنهنجي پَر ۾ مئل سمجهي جهنگ ۾ ڇڏي ويا، پر اها بوليوين عوام جي خوشقسمتي هئي، جو موراليس جيئرو رهيو ۽ سندس جان بچائي وئي. ان حملي موراليس جي همت ٽوڙڻ بدران سندس حوصلا بلند ڪيا ۽ هو وڌيڪ شدت سان حڪومت جي خلاف ويڙهه ۾ لهي پيو. مٿس پوءِ به قاتلانه حملا ٿيندا رهيا، پرهو انهن مان بچندو رهيو.
جڏهن بوليوين حڪومت ظالماڻه قدم نه روڪيا ته 1994ع ۾ موراليس هزارين هارين ۽ مزدورن سان گڏ ”ڪوچا بامبا“ کان ڇهه سئو ميل دور گاديءَ واري هنڌ ”لاپاز“ تائين مارچ ڪيو. جيتوڻيڪ پوليس رستو روڪيو، پر هو وڙهندا نيٺ لاپاز پهچي ويا. شهرين سندس زبردست آجيان ڪئي کاڌو خوراڪ مهيا ڪئي وئي. عوامي حمايت سبب حڪومت معاهدو ڪرڻ تي مجبور ٿي پئي. پر جڏهن احتجاجي واپس گهرن ڏانهن موٽي ويا ۽ ملڪ ۾ امن امان قائم ٿي ويو ته حڪومت پنهنجي معاهدي تان ڦري وئي. ان واعده خلافي تي هارين ۾ تمام گهڻي ڪاوڙ پيدا ٿي. ان دوران موراليس جي شهرت ٻاهرين ملڪن تائين به پکڙجي وئي. 1994ع ۾ هن يورپي ملڪ جو دورو ڪيو ۽ ماڻهن کي ٻڌايو ته، ”آئون منشيات فروش نه آهيان، پر ڪوڪا پوکيندڙ هڪ هاري آهيان. آئون ڪوڪا پوکيندوآهيان، جيڪا هڪ فطري پوک آهي. آئون اها ڪوڪين ۾ بدلائي وڪرو نه ڪندو آهيان. هونئن به ڪوڪين يا منشيات ڪڏهن به انڊين سڀيتا جو حصو نه رهي آهي.“
حڪومت جي ان دوکي بازيءَ جي ڪري ”موراليس“ سميت سڀئي هاري ۽ قبائلي اڳواڻ ناراض هئا. پر اهم ڳالهه اها آهي ته هنن حڪومت جي خلاف پرتشدد تحريڪ هلائڻ جي بدران فيصلو ڪيو ته هڪ سياسي پارٽي ٺاهي پرامن طور تي اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. نتيجي ۾ مارچ 1995ع ۾ ”اسميبلي فاردي ساورنٽي آف دي ڪامن پيپل“ جو بنياد رکيو ويو. پر ان وقت به عدليه آمريڪا نواز حڪومت جي اثر هيٺ هئي. تنهن ڪري حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ ان تنظيم کي سياسي جماعت مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. نيٺ موراليس ۽ ٻين هاري اڳواڻن يونائيٽيڊ فرنٽ پاران 1997ع جي عام چونڊن ۾ حصو ورتو، اهو بوليون ڪميونسٽ پارٽين جو امتحان هو. چونڊن ۾ موراليس سڀني کان وڌيڪ ووٽ (70 سيڪڙو) حاصل ڪيا ۽ ڪاميابي ماڻي، اتحاد جا ڪل چار اميدوار کٽيا (ڪل سيٽون 130 هيون).
هڪ بوليوين اڳواڻ”ڊيوڊ آنيز هڪ سياسي پارٽي ”موومينٽ فار سوشلزم“ جو بنيادرکيو هو، پر هاڻ اها غيرفعال هئي. 1999ع ۾ موراليس، ڊيوڊ سان ٺاهه ڪري، ان پارٽي کي سرگرم ڪيو. ايئن ”موومينٽ فار سوشلزم“ قبائلي رهاڪن جي سياسي پارٽين بڻجي وئي. موراليس ئي ان جو پهريون صدر چونڊيو ويو. پارليامنيٽ ۾ موارليس قبائلي علائقن ۾ ڪوڪا جي پوک خلاف جاري جنگي آپريشن جي خلاف زوردار تقريرون ڪيون ۽ هن ان کي نسلي قتل قرار ڏنو. هن چيو ته ”هارين کي سپاهين ۽ فوجين جي خلاف وڙهڻ جو حق آهي.“
ان سخت تنقيد تي حڪومت صفا بگڙي پئي ۽ سرڪاري ميمبرن ووٽنگ ڪري موراليس کي پارليامينٽ مان خارج ڪري ڇڏيو. موراليس پنهنجي ميمبري ته کڻي وڃائي، پر بهادريءَ سان حڪومت کي للڪارڻ تي هو هارين ۽ قبائلين جو هيرو بڻجي ويو. کين موراليس جي شڪل ۾ اميد جو ڪرڻو نظر اچڻ لڳو. کيس پڪ ٿي وئي ته موراليس ئي سندن مسئلا نبيري سگهي ٿو. اهو ڪارڻ آهي، جو هارين ۽ مزدورن جي سڀني تنظيمن 2002ع جي چونڊن ۾ موراليس کي پنهنجو گڏيل اميدوار ڪري بيهاريو.
ووٽنگ کان چار ڏينهن اڳ ”وائسراءِ بوليويا“ آمريڪي سفر مائنويل روڪا ارشاد فرمايو ته ”جيڪڏهن ماڻهن انهن اڳواڻن کي چونڊيو، جيڪي ڪوڪا پوکڻ جي حق ۾ آهن ته ٿي سگهي ٿو ته آمريڪا بوليويا جي مالي مدد روڪي ڇڏي.“ پر ماڻهن تي آمريڪا سفير جي ان بيان جو الٽو اثر پيو. موراليس فقط 1.6 سيڪڙو ووٽن جي کوٽ سبب صدر بڻجي نه سگهيو. ”موومينٽ فار سوشلزم“ جا پارليامينٽ ۾ 27 سينٽ ۾ 8 ميمبر چونڊجي ويا. موراليس بيان ڏنو ته، ”آمريڪي سفير جي ڳالهين ٻولهين عوام جو ضمير جاڳائي ڇڏيو. مهرباني مسٽر روڪا.“
ايئن کڻي چئجي ته تحريڪ، بوليويا جي روايتي سياست ۾ طوفان پيدا ڪري ڇڏيو. چونڊن ۾ وڏا وڏا بت اچي ڊهي پٽ پيا. معمولي هاري اڳواڻن نالي وارن سياستدانن کي زبردست شڪست ڏني. ان موقعي تي موراليس خطاب ڪندي چيو، ”مون کي پنهنجي سڀيتا، پنهنجي لباس ۽ ڪوڪا تي فخر آهي. اهو اسان جي تاريخ ۾ پهريون موقعو آهي، جو هاري مقامي رهاڪو ۽ حقيقي ماڻهو پارليامينٽ ۾ گهڙيا آهن.“
نئين صدر ”سانشينز ڊي اوزوا“ جي حڪومت به آمريڪين جا پالتو بڻيل رهي. 2003ع ۾ آمريڪا جي دٻاءَ ۾ اچي بوليوين عوام تي هڪ نئون ٽيڪس مڙهڻ جو اشارو ڪيو. ”موومينت فار سوشلزم“ ان فيصلي جي سخت مخالفت ڪئي ۽ ٽيڪس جي نقصان وارن پاسن کان عوام کي واقف ڪيو. نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي ويو. صدر لوزوا گهٻرائجي ٽيڪس رد ڪري ڇڏيو، پر هاڻ عوام حقيقي تبديلي ٿي چاهي. جڏهن احتجاجي مظاهرا ختم نه ٿيا ته صدر 17 آڪٽوبر 2003ع تي آمريڪا ڀڄي ويو. هاڻ”ڪارلوس ڊياگو“ نئون صدر ٿيو، هو هارين ۽ قبائيلين جو همدرد هو. پر يورپي آبادڪارن جي اڳواڻن سندس هٿ ٻڌي رکيا هئا.
مئي 2005ع ۾ انهن اڳواڻن پئٽرول ۽ گئس جي پنجاهه سيڪڙو رائلٽي مقامي رهاڪن کي ڏيڻ کان انڪار ڪيو. موراليس وري به وڏي پئماني تي احتجاجي مظاهرا شروع ڪرايا، جنهن ۾ لکين قبائلي، هارين ۽ کاڻيون کوٽيندڙن مزدورن حصو ورتو، جڏهن ته حالتون ڪارلوس جي وس ۾ نه رهيون ته هن جون 2005ع ۾ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. هاڻ سپريم ڪورٽ جي هڪ رٽائرڊ جج ”ايڊورڊ ڊولٽري“ ملڪ جو نئون صدر ٿيو، جنهن ڊسمبر 2005ع ۾ نيٺ چونڊن جو اعلان ڪيو. هاڻي موراليس کي پنهنجي کٽڻ جو يقين هو، هن اعلان ڪيو ته، ”موومينت فار سوشلزم“ بوليويا تي حڪومت ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. اسين هاڻ ملڪ جي سڀ کان وڏي سگهه بڻجي چڪا آهيون ۽ هاڻ چونڊون کڻڻ ڪو مسئلو ڪونهي،پر اصل ڏکيائي اها آهي ته اسين حڪومت ڪيئن ڪنداسين؟“ چونڊن جو نتيجو توقع موجب نڪتو. موراليس 57.7 سيڪڙو ووٽ کڻي پنهنجي ملڪ ۾ صدر بڻجندڙ پهريون مقامي رهاڪو بڻجي ويو.

ذاتي زندگي
موراليس ڏاڍي سادي زندگي گذاري ٿو. جڏهن هو صدر چونڊيو ته ساٿين سان گڏ هڪ مسواڙي فليٽ ۾ رهندو هو. صدر چونڊجندي ئي هن پنهنجي پگهار ۾ پنجاهه سيڪڙو ڪميءَ جو اعلان ڪيو. جيڪو حيرت ۾ وجهندڙ واقعو آهي. (ٽين دنيا جي ملڪ ۾ ته سياستدان اقتدار ۾ ايندي ئي مال ميڙڻ ۾ لڳي ويندا آهن ۽ رات وچ ۾ ڪروڙ پتي بڻجي ويندا آهن.) هو اڃا سوڌي ڪنوارو آهي. شايد هن پنهنجي زندگي ملڪ ۽ قوم جي خدمت لاءِ ارپي ڇڏي آهي. هو آمريڪا ۽ سندس ساٿارين جو سخت مخالف آهي. وينزويلا جو صدر هو گوشاويز، عظيم انقلابي فيڊل ڪاسترو سندس ويجها دوست رهيا آهن.

انقلابي سياسي پارٽي
صدر موراليس جي سياسي پارٽي ”موومينٽ فار سوشلزم“ هڪ سوشلسٽ پارٽي آهي. اها بوليوڳا جي اڪيلي سياسي پارٽي آهي. جنهن کي 2005ع جي چونڊن ۾ واضح اڪثريت حاصل ٿي. پارٽي جو قيام ڪوڪا جو پوک ڪندڙن جي حقن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ عمل ۾ آيو. پر هاڻي اها بوليويا ۾ برابري، مقامي رهاڪن جي حقن، زرعي سڌارن ۽ آئيني سڌارن جي لاءِ سرگرم آهي. پارٽي غريبن ۽ مقامي رهاڪن ۾ گهڻي مقبول آهي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پارٽيءَ کي بوليويا ۾ آمريڪي سفير جي مخالفانه بيانن سبب مقبوليت ملي. جڏهن 2005ع ۾ چونڊون ٿيون ته آمريڪا بوليوڳن عوام کي اپيل ڪئي ته هو ”موومينٽ فار سوشلزم“ کي ووٽ نه ڏين، پر ماڻهن آمريڪا جي ڳالهه مڃڻ بدران موومينٽ جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي کيس ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ سگهاري پارٽي بڻائي ڇڏيو. اهوئي سبب آهي جو پارٽي آمريڪي سرمائيداري جي سخت مخالف آهي. موراليس جو چوڻ آهي ته، ”انسانذات سڀ کان وڏي خطرناڪ دشمن آمريڪي سرمائيداري آهي، جيڪي حڪومتون آمريڪا جي نقش قدم تي هلنديون، تن کي دير سوير عوامي انقلابن کي منهن ڏيڻو پوندو.“
جيتوڻيڪ ”موومينت فار سوشلزم“ کي ڳوٺن ۾ وڏي مقبوليت حاصل آهي، پر هاڻ شهر به سندس ڳڙهه بڻجي رهيا آهن. 2008ع جي ريفرينڊم ۾ موومينٽ مخالفن جي شهرن سانتاڪروز ۽ چوڪو سيڪا ۾ ترتيب وار 40 ۽ 49 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته پارٽي بوليوين وچولي طبقي ۾ پڻ مقبوليت حاصل ڪري رهي آهي.

موراليس حڪومت جا ڪارناما
جنوري 2006ع ۾ حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ صدر موراليس تيل ۽ گئس جي سڀني صنعتن کي قومي ملڪيت ۾ وٺي لاٿو. ايئن انهن کي ملٽي نيشنل ڪمپنين کان ڇوٽڪارو ڏياريائين. تنهن کانسواءِ حڪومت اعلان ڪيو ته کيس منشيات فروشي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ (آمريڪي) غير ملڪي فوج جي گهرج ڪونهي. ٻاهرين دشمنن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ موراليس سرڪار تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ انقلابي قدم کڻن لڳي. پهرين وک طور پورهيتن جي اجوري ۾ پنجاهه سيڪڙو واڌارو ڪيو ويو.
• حڪومت سڀ کان گهڻو ڌيان تعليم تي ڏنو. رٿا اها جوڙي وئي ته ايندڙ ٽن سالن ۾ وڌ ۾ وڌ اڻ پڙهيل رهاڪن کي لکڻ پڙهڻ سيکاريو وڃي. ان سلسلي ۾ قبائلي علائقن ۾ سوين اسڪول ۽ تعليمي مرڪز کوليا ويا. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو ٽن سالن جي اندر ئي خواندگي جو سيڪڙو 40 کان وڌي 90 سيڪڙي تائين وڃي پهتو. لکين قبائلي لکڻ ۽ پڙهڻ سکي ويا.
• هڪ انتهائي اهم نواڻ اها ڪئي وئي ته ڪيترن ئي اسڪولن ۾ مقامي ٻوليون ايمارا ۽ ڪيوچا پڙهڻ لازمي قرار ڏنيون ويون. (ملڪ جي ايليٽ طبقي جي زبان اسپيني آهي.) صدر موارليس، اهو سمجهي ٿو ته هڪ ملڪ پنهنجي قومي زبان اختيار ڪري ئي ترقي ڪري سگهي ٿو. موراليس جو چوڻ آهي ته جيڪو بوليوين پنهنجي اباڻي مادري ٻولي ڳالهائي نه ٿو سگهي، تنهن کي ڦڪو ٿيڻ گهرجي.
• مائٽن ۽ ٻارن کي تعليم ڏانهن راغب ڪرڻ جي لاءِ انوکو قدم کڻندي پهرين کان وٺي اٺين ڪلاس تائين هر ٻارڙي کي مناسب رقم ڏني وڃي ٿي، جيئن هو ڪتابن ۽ اسڪول في جو خرچ برداشت ڪري سگهن. ان اسڪيم موجب ويهن لکن ٻارن فائدو حاصل ڪيو.
• حڪومت لکين غريبن کي صحت جون مفت سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، جيڪي پهرين کين حاصل نه هيون. سرڪاري قدمن سبب بوليويا انهن ستن ملڪن ۾ سرفهرست آهي، جتي گذريل پنجن سالن جي جو دوران ٻارن جي موتن ۾ نمايان ڪمي ٿي آهي، موراليس جي حڪومت چاهي ٿي ته 2015ع تائين ملڪ ۾ مائرن جي موت جي شرح ۾ پڻ ڪمي اچي، سرڪاري سطح تي غريبن کي مفت ۾ مهانگن آپريشنن جي سهوليت به حاصل آهي.
• موراليس غريب ۽ بي سهارا پوڙهن ۽ پوڙهين جي لاءِ به هڪ رٿا شروع ڪئي، ان رٿا تحت ست لک پوڙها آرام سان زندگي گذارڻ جي قابل ٿي ويا.
• موراليس حڪومت سوشلسٽ هئڻ جي باوجود به پرڏيهي سرمائيڪاري کي رعايتون ڏئي ٿي، ته جيئن هو بوليويا ۾ سيڙپڪاري ڪن. ان عمل سبب 2006ع جي ڀيٽ ۾ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا چار ڀيرا وڌي ويا آهن.
• 2007ع ۾ موراليس حڪومت کاڻيون ۽ صنعتي ڪارخانا قومي ملڪيت ۾ وٺي لاٿا ته جيئن پرڏيهي ڪمپنيون بوليويا جا وسيلا لُٽي نه سگهن.
• موراليس حڪومت اقتدار سنڀاليندي ئي سڀني هارين کي ڪوڪا پوکڻ جي موڪل ڏئي ڇڏي. البت ڪوڪين ٺاهڻ ڏوهه آهي. حڪومت اولهه بوليويا ۾ ٻه پروسنگ پلانٽ لڳايا آهن، ته جيئن ڪوڪا مان چانهه بنائي سگهجي.
• 2009ع ۾ حڪومت قوم کي نئين آئين جي سوکڙي ڏني، جنهن جي ذريعي مقامي ماڻهن کي وڌيڪ حق مليا آهن.
وزارت ڌرتي ماءُ
صدر موراليس کي دنيا ۾ سڀني کان اهم ماحول دوست حڪمران هئڻ جو اعزاز حاصل آهي. هن”وزارت ڌرتي ماءُ“ قائم ڪري لکين ماحول دوست ماڻهن جون دليون جيتي ورتيون. ان وزارت تحت بوليويا ۾ ڌرتيءَ جا حق متعارف ڪرايا ويندا. نه رڳو اهو پر صدر موراليس اهڙي”عالمي آب و هوائي عدالت“ قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، جيڪا سبز مڪاني گئس جي اخراج کي نه گهٽائيندڙ حڪومتن کي سزا ڏئي سگهي.
ڌرتي سان محبت دراصل مقامي بوليوين رهاڪن جي سڀيتائي ۽ ثقافتي روايتن جو لازمي حصو آهي. جيتوڻيڪ هو عيسائيت قبولي چڪا آهن، پر اڄ به پاچا ماما (ڌرتي ماءُ) جي پوڄا ڪن ٿا ۽ صبح جو سوير اٿي نذر چاڙهين ٿا، ته جيئن سندن ڏينهن سٺي نموني گذري. مقامي رهاڪو هئڻ جي ناتي موراليس پاڻ کي زمين جو محافظ ٿو سمجهي.

بوليويا: هڪ نظر
ڏکڻ آمريڪا جي وچ ۾ واقع بوليويا جو شمار انهن بدقسمت ملڪن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي عرصي کان نسلي ۽ لساني اختلافن جو شڪار آهن. اتي آبادي جا ٽي نمايان گروهه آهن. پهريون مقامي يعني ڪيوچا (30 سيڪڙو) ۽ ايمارا (25 سيڪڙو) ٻيو ميٽيرو (30 سيڪڙو) يعني اهي مقامي رهاڪو جن جي ماءُ يا پيءُ يورپي هو ۽ ٽيون يورپي (15 سيڪڙو) جن ۾ اسپيني، جرمن ۽ ولنديري نمايان آهن.
1825ع ۾ اسپينين سان زبردست جنگ کان پوءِ بوليوين رهاڪن پنهنجي ملڪ کي آزادي ڏياري. ملڪ جو نامو مشهور ڏکڻ آمريڪي هيري سائمن بوليوار جي نالي جي پٺيان رکيو ويو. پر اهو نئون آزاد ٿيل ملڪ بيٺڪي طاقتن جي پنجوڙ مان نڪري نه سگهيو، جنهن۾ وڏوڪارڻ اهو هو ته سڀ مقامي رهاڪو اڻ پڙهيل هئا ۽ ملڪ جو ڪار وهنوار يورپي هلائي رهيا هئا. تنهن ڪري آزادي کانپوءِ به ملڪي انتظام انهن جي ئي هٿن ۾ هو.
ٻيو سبب اهو هو ته مقامي رهاڪن جي گهڻائي غريب هئي. هو مال چاري يا پوکي راهي ڪري گذر سفر ڪندا ها. گهڻا تڻا وڏا جاگيردار يورپي هئا. آزادي کانپوءِ ملڪ ۾ ڪارخانا لڳا ته انهن جا مالڪ به يورپي ئي هئا. صنعت ۽ واپار به انهن جي قبضي ۾ هو. ايتريقدر جو فوج جي اعليٰ عهدن تي پڻ يورپي مقرر هئا. انهن سڀني جي ڪري پهرين ئي ڏينهن کان مقامي رهاڪن ۽ يورپين جي وچ ۾ خاص ڪري معاشي، سياسي ۽ سماجي ميدانن ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي. ان ئي ڇڪتاڻ جو اهو نتيجو آهي ته بوليويا جي جديد تاريخ لڳ ڀڳ 200 بغاوتن سان ڀري پئي آهي. انهن جي وچ ۾ اها جنگ اڄ به جاري آهي.
يورپي ۽ انهن جا دلال اوڀر بوليويا ۾ رهن ٿا، جتي تيل گئس جا ذخيرا آهن. ياد رهڻ گهرجي ته بوليايا ۾، ونيزويلا کان پوءِ ڏکڻ آمريڪا ۾ گئس جا سڀ کان وڏا ذخيرا (750 ارب ڪيوبڪ ميٽر) موجود آهن. موراليس حڪومت سنڀاليندي ئي پهرين مئي 2006ع تي تيل ۽ گئس جي ذخيرن کي قومي ملڪيت ۾ وٺي لاٿو. اهو مقامي بوليوين رهاڪن جو پراڻو مطالبو هو. پر يورپين تي اها خبر وڄ بڻجي ڪري، جن تيل ۽ گئس جي ڪمپنين ۾ ڪروڙين رپين جي سيڙپڪاري ڪري رکي هئي. کين پوءِ ڪمپنين کان گهٽ منافعو ملڻ لڳو.
موراليس حڪومت جي ايندي ئي جڏهن آفيسر شاهيءَ کان وٺي فوج تائين مقامي رهاڪو ڀرتي ٿيڻ لڳا ته يورپين کي پنهنجو اثر گهٽجندي نظر آيو. اهوئي سبب آهي جو هنن اوڀر بوليويا ۾ عليحدگي جي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي. جيتوڻيڪ کين ڪاميابي ملي نه سگهي، پر يورپي چاهين ٿا ته کين پنهنجي اڪثريتي صوبي ۾ ايتري خودمختياري ملي وڃي، جو هو اتي موجود تيل ۽ گئس جو کوهن تي قابض ٿي سگهن. ٻئي طرف موراليس جي نظر ۾ اهي عليحدگي يا خوداختياريءَ جون تحريڪون بوليويا کي ٽوڙڻ جي لاءِ هلي رهيون آهن، تنهن ڪري هو انهن جو سخت مخالف آهي.
بيٺڪي دور ۽ آزادي کان پوءِ يورپين ڄاڻي ٻجهي مقامي رهاڪن کي علم ۽ تعليم کان پري رکيو ته، جيئن هو ئي اڇي ۽ ڪاري جامالڪ بڻيل رهن. هنن آزاد مارڪيٽ ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي وڌايو. هو ننڍي قد، ڪڻڪ رنگي ۽ سيڙپڪاري جي مخالف مقامي رهاڪن کان نفرت ڪندا هئا. جن جي گهڻائي اولهه بوليويا ۾ آباد اهي. پر 1985ع کان پوءِ يورپي دنيا ۾ آزادي جون تحريڪون هليون ته انهن بوليويا جي مقامي رهاڪن کي به متاثر ڪيو. هاڻ مقامي اڳواڻن ۽ رهاڪن کي احساس ٿيو ته هو اقليت جي هٿن ۾ رانديڪو بڻيل آهن، هنن ئي سڄي ملڪ جي وسيلن تي قبضو ڪري رکيو آهي ۽ هو ته اڳ جيان بدستور غلامن جهڙي زندگي گهاري رهيا آهن. اها سوچ اڀري رهي هئي، جو يورپين، آمريڪا جي دٻاءَ تي ڪوڪا جي پوک تي پابندي هڻڻ گهرجي، بس اتان کان مقامي رهاڪن جي جديد آزادي جي تحريڪ جي شروعات ٿي، جنهن جو نتيجو موراليس جي سوڀ ۽ حڪومت ۾ اچڻ جي صورت ۾ نڪتو.بوليويا، ڏکڻ آمريڪا جو غريب ترين ملڪ آهي. دراصل اهو يورپين جي ڦرلٽ، بدانتظامي ۽ گهرو ويڙهه سبب ترقي نه ڪري سگهيو. هاڻ هو 2006ع کان خوشحالي ۽ ترقي جي راهه تي هلي رهيو آهي. قدرت بوليويا کي ليٿم معدن جو دنيا ۾سڀ کان وڏو ذخيرو عطا ڪيو آهي. اهو معدن بيٽريون ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿو ۽ جڏهن به گاڏيون بيٽري تي هلڻ شروع ٿيو، بوليويا مستقبل جو سعودي عرب بڻجي ويندو.
بوليويا جي ڪل پکيڙ 8 لک اٺانوي هزار پنج سئو ايڪاسي هم چورس ڪلوميٽر آهي (پکيڙ جي لحاظ کان اهو دنيا جون 28 هون وڏو ملڪ آهي.) آبادي هڪ ڪروڙ کان ڪجهه وڌيڪ اٿس. جنهن ۾ 66 سيڪڙو شهرن ۾ رهن ٿا. 95 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ آهن. 90 سيڪڙو آبادي پڙهيل آهي. 40 سيڪڙو ماڻهو زراعت، 43 نوڪرين ۽ 17 سيڪڙو صنعت سان لڳاپيل آهن. 60 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان به هيٺ ٿي گذاري في ماڻهو آمدني 4600 ڊالر آهي. گئس، سويابين، تيل، زنڪ ۽ ٽيم اهم برآمدات، جڏهن ته تيل جي مصنوعات پلاسٽڪ، ڪاغذ، مشينري خوراڪ درآمدات ۾ شامل آهن. برازيل، آمريڪا، چلي، پيرو چين اهم واپار ساٿي آهن.

هٿياربند جدوجهد کان صدارت تائين

کيس اها خبر ته هئي ته هوءَ پنهنجي آسپاس رهندڙن جي حقن جي جدوجهد ۾ ڪا ڪيپ ته ضرور کٽندي، پر شايد کيس به ان ڳالهه جو اندازو نه هو ته سندس جدوجهد هڪ ڏينهن کي دنيا جي هڪ معاشي طور سگهاري ملڪ برازيل جي صدارت تائين پهچائي ڇڏيندي. اسين ذڪر 14 ڊسمبر 1947ع ۾ بلو هوريز ونئي، برازيل جي هڪ مڊل ڪلاس گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ ديلما وانا روسيفDilma Vana Rousseff جو ڪري رهيا آهيون جيڪا هينئر برازيل جي صدر آهي.
روسيف جو پيءُ جيلما جين ڊي سلوا جواباڻو وطن گيبروو (Gabrovo) هو. هن 1930ع ۾ بيرازيل ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي ۽ اتي ئي ازدواجي زندگي جي شروعات ڪيائين. اڪيلي اولاد هئڻ جي ڪري روسيف سان سندس گهڻي محبت فطري هئي، پر کيس روسيف عام ٻارن کان گهڻي مختلف محسوس ٿيندي هئي. انهي سبب جي ڪري هن زندگيءَ جي هر ميدان ۾ نه رڳو هن جي حوصلي افزائي ڪئي، پر ڪڏهن به مٿس پنهنجي مرضي مڙهڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
روسيف جي شروعات تعليم جي لاءِ دي ڪوليجو ازابيلا هينڊريڪس (The College lzabal Handrix) جڏهن ته پرائمري تعليم جي لاءِ ڪوليج نوسا سينوار دي سيون (College nossa senhora desion) جي چونڊ ڪئي وئي. پنهنجي پيءُ جي حوصلي افزائيءَ جي نتيجي ۾ روسيف پڙهائي جي هر مرحلي کي ڪاميابيءَ سان اڪرندي وئي. 1965ع پندرهن سالن جي عمر ۾ روسيف اعتدال پسند ”ڪوليج سيون“ کي ڇڏي، سينٽرل اسٽيٽ جي تعليمي اداري اڪوايڊ (aco-ad) پبلڪ اسڪول ۾ داخلا ورتي. آمريت جي خلاف جدوجهد ۾ حصو وٺڻ ان درسگاهه جي شاگردن جي روايت هئي. ان اسڪولن سان وابستگي کان پوءِ روسيف کي ملڪ جي سياسي صورتحال جو صحيح اندازو ٿيو. هوءَ اڳ ۾ ئي سوشلزم کان متاثر هئي پر هاڻ سندس زندگي هڪ نئين واٽ تي هلڻ لڳي. رومن ڪيٿولڪ نظرين جي مالڪ جيلما روسيف 21 سالن جي وهيءَ ۾ ئي ڪميونسٽ تنظيم ”نيشنل لبريشن ڪمانڊ“ جي هٿياربند سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳي. 1964ع ۾ هوءَ گوريلا گروپ ”ڪولينا“ ۾ شامل ٿي وئي، جنهن جو مقصد فوجي آمريت جي خلاف وڙهڻ هو. روسيف جا مائٽ سندس انهن سرگرمين کان اڻ ڄاڻ هئا ۽ هن به ٻڌائي کين پريشان ڪرڻ نه ٿي چاهيو، تنهن ڪري خاموشيءَ سان ڪم ڪندي رهي.
ڪولينا جي ”مينس گيرائس برانچ“ ڏاڍي سرگرم هئي. ان برانچ جي هٿياربند ڪارڪنن جو انگ هڪ ڊزن کان وڌيڪ نه هو. ان برانچتي بئنڪن کي ڦرڻ،گاڏين جي چوري ۽ بم ڌماڪن جا الزام هئا. پر انهن سڀني سرگرمين جي دوران جانين جو ڪو به نقصان نه ٿيو. اها ڳالهه 1969ع جي شروعات جي آهي، جڏهن ”مينس گيرائس“ هڪ بئنڪ ۾ ڌاڙو هنيو. بدقسمتيءَ سان ان ڦر جي نتيجي ۾ ان گروهه جي ميمبرن جي گرفتاري عمل ۾ آئي. پر تنظيم جي ٻين ميمبرن، پنهنجن ساٿين کي ڇڏائي ورتو. پر ان ڏينهن پوليس ان گروهه جي ٺڪاڻي تي ڇاپو هنيو. مينس گيرائس جي ڪارڪنن مشين گنن جو گهڻو استعمال ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه پوليس وارا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. ان حادثي ۾ مينس گيرائس جو هڪ اڳواڻ به گرفتار ٿيو، جنهن جي روسيف جي گهر اچ وڃ رهندي هئي. ان صورتحال جي ڪري روسيف هر رات جڳهه بدلائڻ تي مجبور ٿي پئي.
گهر بدريءَ کان اڳ روسيف ۽ سندس ساٿين پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ موجود تنظيمي حوالي سان سمورو مواد ذيان ڪري ڇڏيو. روسيف ڪجهه هفتا ”بيلو هاريز وتئي“ ۾ ٽڪي. ان دوران هوءَ لڳاتار ”ڪولينا“ جي صورتحال کان واقف رهڻ جي ڪوشش ڪندي رهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ تنظيم کيس ۽ سندس ساٿين کي ”ريوڊي جينرو“ منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي. اتي پهچڻ کانپوءِ ٺڪاڻي تي ڪولينا جي ميمبرن جي گهڻي انگ هئڻ سبب روسيف کي جاءِ نه ملي، تنهن ڪري هوءَ پنهنجي ماسيءَ جي گهر ۾ ٽڪي ۽ تسلسل سان تنظيم جي مدد ڪندي رهي.
ان دوران سندس ملاقات ”ڪارلوس فرينڪلن پيڪا سائوڊري ارائوجو“ سان ٿي. ٻئي هڪ ئي ملاقات ۾ هڪٻئي جي ويجهو اچي ويا. تنظيمي ۽ سياسي مصروفيتن ۽ هڪ جهڙن خيالن ٻنهي کي ايترو ته ويجهو آڻي ڇڏيون جو هو ٻئي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا. اها روسيف جي ٻي شادي هئي. ان کان اڳ 1968ع ۾ هڪ سال جي ملاقات جي نتيجي ۾ پاڻ کان پنج سال عمر ۾ وڏي آرمي جي ملازم ڪلايوڊوگالينو لنهارس سان شادي ڪئي هئائين، پر 1970ع جي شروع ۾ هن ڪلاڊيو کان عليحدگي اختيار ڪري ڪالورس ڊي ارائوجو سان شادي ڪري ورتي، جيڪو صحافي هئڻ سان گڏ ڪميونسٽ پارٽي جو رڪن ۽ مشهور قانوندان جو پٽ هو. برازيلين ڪميونسٽ پارٽيءَ ڪولينا ۽ پاپولر روي ليوشنري وين گارڊ جي اجلاس جي رٿ پيش ڪئي. ڪيترن ئي اجلاسن کانپوءِ انهن تنظيمن جو پاڻ ۾ انضمان ٿي ويو ۽ ريوليوشنري آرمڊ وين گارڊ پارلمرس (وي-اي-آر پالمرس) جو قيام عمل ۾ آيو. ارائوجو کي وي اي آر پالمرس جي ڇهن مکيه اڳواڻن ۾ چونڊيو ويو. ان سياسي جماعتن جو بنياد ماڪسزم ۽ مقصد انقلابي جنگ ۽ هڪ اهڙي اسٽيبلشمينٽ جو قيام هو، جيڪا پورهيتن تي ٻڌل هجي ها ته جيئن اها طاقت کي وس ۾ ڪري، سوشلزم پکيڙي سگهي. ڪن حلقن جو خيال آهي ته ان تنطيم کي هلائيندڙ ”روسيف“ هئي، جيڪا پئسن جو بندوبست به ڪندي هئي، پر ڪجهه ماڻهو ان ڳالهه کي درست نه ٿا سمجهن.
روسيف 18 جون 1969ع تي ”سائو پالو“ جي گورنر وٽ ٿيل چوري جي به ماسٽر مائينڊ سمجهي وڃي ٿي. جنهن ۾ چورايل مال جي ڪل ماليت 25 لک ڊالر هئي. اهو سندس هٿياربند جدوجهد جو سڀ کان فائدي وارو ڪم سمجهيو وڃي ٿو. پر گهڻي پئسي گڏ ڪرڻ جي باوجود تنظيم ۾ ٻڌي قائم رهي نه سگهي ۽ اها جلد ئي ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. هڪ گروهه هٿياربند جدوجهد جو حامي هو، جڏهن ته ٻيو پُرامن طريقن جو طرفدار هو. هٿياربند جدوجهد جي حامي گروهه جو نالو پيرا ملٽري وي پي آر رکيو ويو. جنهن جي اڳواڻي ”لمارڪا“ جي حوالي ڪئي وئي، جڏهن ته ٻيو گروهه ”وي اي آر پارلمرس“ جي نالي سان ئي ڪم ڪندو رهيو. روسيف جي حمايت ٻئي گروهه کي حاصل هئي.
وقت ايئن پئي گذريو، جو هڪ ڏينهن روسيف کي پنهنجي پارٽي جي ٽن اهم ميمبرن هوزي، الادو ۽ روبيرو جي گرفتاريءَ جو اطلاع مليو. روبيرو، پوليس جي تشدد جي دٻ جهلي نه سگهيو ۽ هن سائو پالو جي ”رائو روگا شابار“ جي نشاندهي ڪري ڇڏي، جيڪو تنظيمي ساٿين جي ملاقات جو هنڌ هو. 16 جنوري 1970ع تي پوليس ٽيم روبيرو کي مجبور ڪري ڏسيل بار ۾ وٺي وئي. پوليس اتي موجود تنظيم جي هڪ ٻئي ميمبر کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس پنهنجي ڪارروائي ختم ڪري واپس وڃڻ واري هئي جو غير متوقع طور تي روسيف اتي پهچي وئي ۽ جيئن ئي کيس ماحول ۾ ڇڪتاڻ جو احساس ٿيو ته هوءَ گهٻرائجي اتان ڀڄڻ لڳي، سندس ان حرڪت پوليس کي شڪي ڪري ڇڏيو. هنن روسيف کي روڪي سندس جڙتي ورتي ته وٽائنس هٿيار نڪتا، ايئن کيس گرفتار ڪيو ويو.
روسيف کي او پي اي اين هيڊڪوارٽر نيو ويو، جتي ٻاويهن ڏينهن تائين لتن، مڪن، ڏنڊن ۽ بجلي جي جهٽڪن سان سندس ميزباني ڪئي وئي. ساڻس گڏ هڪ قيدي عورت ”ميريا لوئيسا بلوڪا“ جو چوڻ آهي ته روسيف کي گاڏيجي تارن سان جهٽڪا ڏنا ويا. اڳتي هلي روسيف ساڻس تشدد ڪندڙن جا نالا شاهدن سميت عدالت ۾ پيش ڪيا. سخت تشدد جي ڪري روسيف تنطيم جي ڪجهه ٺڪاڻن جو پوليس کي پتو ٻڌائي ڇڏيو، پر ارائوجو ۽ مارياسلسني مارٽنز جهڙن سرگرم اڳواڻن جا نالا لڪائڻ ۾ ڪامياب رهي. روسيف کي نه رڳ ڇهن سالن ٽيپ جي سزا ڏني وئي، پر سندس ارڙهن سالن لاءِ سياسي حق به سکيا ويا. لڳاتار ڪوششن جي نتيجي ۾ 1972ع ۾ کيس جيل مان ڇوٽڪارو مليو. قيد وارن ڏينهن ۾ هوءَ غدودن جي بيماري ٿائرائڊ ۾ مبتلا ٿي چڪي هئي ۽ سندس وزن 20 ڪلو گهٽجي چڪو هو.
جيل مان ڇٽڻ کان پوءِ روسيف ڪجهه وقت پنهنجي گهروارن سان گذاريو ۽ پنهنجي حالت بهتر ڪئي. ان کان پوءِ هوءَ پارٽو لوالبچري منتقل ٿي وئي. جتي سندس مڙس پنهنجي سزا جا آخري ڏينهن گذاري رهيو هو. جنهن کي روسيف جي گرفتاري کانپوءِ 12 اگسٽ 1972ع تي گرفتار ڪيو ويو هو. روسيف پنهنجن ساهرن ۾ رهي ۽ لڳاتار پنهنجي مڙس سان رابطي ۾ رهي ۽ کيس سياسي ڪتاب ۽ ناول، اخبارن ۾ ويڙهي پهچائيندي رهي. جدوجهد جي نتيجي ۾ ارائوجو کي به آزاد ڪيو ويو.
جيل جون سختيون سهڻ کانپوءِ سڪون جو ساهه کڻندي ئي ”روسيف ريوگرينڊي ڊوسول فيڊرل يونيورسٽي“ جي اڪنامڪس ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي، جتان هن 1977ع ۾ گريجوئيشن مڪمل ڪئي. البت هن ڀيري پاڻ يونيورسٽي شاگردن جي تحريڪ ۾ حصو نه ورتائين. گريجوئيشن کان پوءِ هن ”فائونڊيشن آف اڪنامڪس اينڊ اسٽيٽڪس“ ۾ انٽرن شپ شروع ڪئي. فائونڊيشن ۾ سندس اميدوارين ۾ مختلف ادارن جي اسڪالرن پاران وصول ٿيندڙ مواد کي مرتب ڪرڻ هو. هوءَ نه رڳو ليڪچرز وصول ڪندي هئي، پر اسڪالرن جي بحث ۾ به حصو وٺندي هئي.
پنهنجي تعليمي سلسلي کي اڳيان وڌائڻ جي لاءِ روسيف 1978ع ۾ ڪمپيناس اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ ٻيهر داخلا ورتي ته جيئن اڪنامڪس ۾ پنهنجي ماسٽرس جي ڊگري مڪمل ڪري سگهي. ان دوران هوءَ اهڙن بحثن ۾ حصو وٺندي رهي، جن جي شروعات پارلمرس جي پراڻن ميمبرن ڪئي هئي، جن ۾ ارائوجو به شامل هو. اهي همراهه ڪارل مارڪس جهڙن فلسفي جي ڪارنامن کان متاثر ۽ سياسي منظرنامي ۾ اُڀرڻ جي لاءِ صحيح وقت جا منتظر هئا. روسيف يونيورسٽي ۾ داخلا ته ورتي، پر تعليم جي آخري دور ۾ پنهنجي ٿيسس جمع نه ڪرائڻ سبب ڊگري حاصل نه ڪري سگهي.
سٺي وقت جي اوسيئڙي ۾ روسيف جي زندگيءَ جا ڏينهن ”پارٽو اليچري“ ۾ گذرندا رهيا. ڊيموڪريٽڪ ليبر پارٽي (پي ڊي ٽي) جي مختلف چونڊ مهمن ۾ حصو ورتو. پنهنجو سياسي ڪيريئر جاري رکندي روسيف نيٺ 1989ع ۾ لولاڊي ڊي سلوار برازيل جي اڳوڻي صدر جنهن جي جاءِ (روسيف والاري) جي ورڪرز پارٽيءَ ۾ شامل ٿي وئي.
سياسي جدوجهد جي دوران روسيف کي جڏهن پنهنجي مڙس ”ڪارلوس ارائوجو“ جو ڪنهن ٻي عورت سان لاڳاپن جو پتو پيو ته هن 1994ع ۾ کانئس عليحدگي اختيار ڪري ورتي ۽ نيٺ 2000ع ۾ ٻنهي ۾ طلاق ٿي وئي. ازدواجي زندگيءَ جو لاهيون چاڙهيون هن جي سياسي جدوجهد جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي نه سگهي. هوءَ پنهنجي ڌيءَ پاؤلا روسيف ۽ پنهنجي ارادي جي پختگي سان مسلسل اڳتي وڌندي رهي.
2002ع ۾ ورڪرز پارٽي جو سربراهه لولاڊي سلواڊور برازيل جو صدر چونڊجي ويو. هن جنوري 2003ع ۾ روسيف کي ”توانائي پاليسي ڪاميٽي“ جو سربراهه مقرر ڪيو. پنهنجي شاندار ڪارڪردگي جي ڪري 2005ع ۾ کيس توانائي جو وزير مقرر ڪيو ويو، جيڪو عهدو برازيل ۾ وزيراعظم جي برابر سمجهيو وڃي ٿو. بدعنوانين جي الزام ۾ چيف آف پريذيڊنشل اسٽاف ”جوس ڊرڪيو، کي استعيفيٰ ڏيڻ پئي، جنهن جي متبادل طور صدر ”لولا ڊي سلوا“ جي ذهن ۾ فقط روسيف جي ئي نالو آهي. جنهن اها اهم ذميداري 21 جون 2005ع کان مارچ 2010ع يعني صدارتي چونڊن جو عمل شروع ٿيڻ کان پهرين تائين سنڀالي.
13 جون 2010ع تي ٻن سالن جي سوچ ۽ ويچار کان پوءِ روسيف، ورڪرز پارٽي پاران پنهنجي صدارتي مهم شروع ڪئي. سندس مقابلي ۾ سائو پالو اسٽيٽ جو گورنر ”جوزي سيرا“ هو. جيڪو سينٽر رائٽ اپوزيشن بلاڪ جو اميدوار هو. تنهن ڪري مقابلي کي ڏاڍو سخت سمجهيو پئي ويو. جوزي سيرا، ٻن سالن کان مقبوليت جي انتها تي هو. روسيف 3 آڪٽوبر تي چونڊن جي پهرين رائونڊ ۾ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهي، ڇو ته سندس حاصل ڪيل ووٽ 50 سيڪڙي کان گهٽ هئا. چونڊ مهم جي دوران روسيف جي مخالفن سندس پارٽي جي ڪارڪنن جي مالي بدعواني جي معاملن کي خاص طور تي اڇالڻ جي ڪوشش ڪئي. پر صدارتي چونڊن دوران اقتصادي ترقي جي ڪري عام ووٽرن روسيف جي سياسي پارٽي ورڪرز پارٽي جي ڪارڪنن جي بدعنوانين کي اهميت نه ڏني، اعتدال پسند سياستدان جي حيثيت سان مشهور روسيف کي ووٽ ڏيڻ جي لاءِ لکين برازيلي شهرين قطار لڳائي ووٽ وڌا. برازيل جي سٺ شهرن ۾ عوام نئين متعارف ڪرايل بائيو ميٽرڪ نظام تحت بيلٽ پيپرن تي پنهنجن آڱوٺن جا نشان هڻي ووٽ جو حق استعمال ڪيو. نيٺ جيلما روسيف جي جدوجهد رنگ لاتو ۽ هوءَ صدارتي ڊوڙ ۾ ملهه ماري وئي. سندس ڪاميابيءَ جي لاءِ اطلاع تي عورتن سميت سندس لکين حامي رستن تي نڪري آيا.
صدارتي چونڊن دوران 56 سيڪڙو کان به وڌيڪ شهرين سندس حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته سندس مد مقابل ”موزي سيرا“ کي 44 سيڪڙو ووٽ مليا. ايئن 2 نومبر 2010ع تي ٿيندڙ چونڊن جي نتيجي ۾ نيٺ برازيل جي صدر لولا ڊي سلوا جي اٺن سالن جو دور پڄاڻيءَ تي پهتو ۽ برازيل جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت کي ملڪ جو صدر بنجڻ جو موقعو مليو.

اوريانا فلاسي: تاريخ سان انٽرويو

مشهور اطالوي صحافڻ اوريانا فلاسي (Oriana Fallaci) 14 سيپٽمبر 2006ع تي ڇاتي جي ڪينسر سان جيهڙيندي، نيٺ زندگي جي بازي هارائي وئي. هن پنهنجي اباڻي شهر فلورينس ۾ 77 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. پنهنجي ڊگهي صحافتي ڪيريئر ۾ هن نهايت بي باڪ انداز ۾ انٽرويوز ڪيا ۽ اهڙي رپورٽنگ ڪئي، جنهن کي بنا وڌاءَ جي مثالي قرار ڏئي سگهجي ٿو. اسلام ۽ مسلمانن جي باري ۾ سندس خيال سٺا نه هئا. اٽلي سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ سندس ڪيترن ئي ڪتابن تي پابندي هڻڻ جي گهر ڪئي وئي. پر عدالتن اُن گهر کي سدائين رد ڪري ڇڏيو. ڪجهه تڪراري بيانن جي حوالي سان کيس عدالت ضرور گهرايو، پر هوءَ پنهنجي مرضيءَ سان ڳالهائيندي ۽ لکندي رهي.
ٻي مهاڀاري جنگ جي دوران فلاسي فاشسٽ قوتن جي باري ۾ چڱو موچارو مخالفانه رويو اختيار ڪيو. هوءَ سڄي دنيا ۾ آمريت جي خلاف به سرگرم رهي. شاگردن جي ڪيترن ئي تحريڪن کي هن پنهنجي لکڻين جي ذريعي سگهه بخشي. مشهور اطالوي اخبار ”ڪوريئر ڊيلا سيرو“ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ”فيرو سيوڊي بورني“ هڪ ڀيرو کيس سڀني کان وڌيڪ واقعا تي اطالوي ليکڪا قرار ڏنو هو. هن گهڻو ”واشنگٽن پوسٽ“ ۾ لکيو هو ته هوءَ اهڙي صحافڻ آهي، جنهن کي انٽرويو ڏيڻ کان ڪا به شخصيت انڪار ڪري نه ٿي سگهي. اوريانا فلاسيءَ يونيورسٽي آف فلورينس مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. سياست ۾ هوءَ لبرل ازم تي يقين رکندي هئي. سندس ڪنهن به مذهب سان لاڳاپو نه هو.
جوانيءَ ۾ فلاسيءَ جي بين الاقوامي شخصيتن جا انٽرويو ڪيا، انهن ۾ هينري ڪسنجر، ذوالفقار علي ڀٽو، شهنشاهه ايران رضا شاهه پهلوي، ولي برانٽ، ليخ ويلسيا، آيت الله خميني، والٽر ڪرونڪائٽ، ڪرنل معمر قذافي، سيمي ڊيوس جونيئر، ڊينگ زيائوپنگ،، ياسر عرفات، اندرا گانڌي، اليگزينڊر پانا گولس، بشپ ڊوم هلڊر ڪامرا، گولڊ اميئر، شيخ مجيب الرحمان ۽ سين ڪونري شامل آهن.
اوريانا فلاسي جي اسلام ۽ عربي ڪلچر جي باري ۾ لکيل ڪجهه مضمونن سبب وڏو گوڙ متو. سندس ٻه ڪتاب خاص طور تي اهو نظريو پيش ڪن ٿا ته يورپ کي اسلام کان خاطرو آهي. فلاسيءَ، اسلام جي وڌندڙ مقبوليت سان يورپ تي پوندڙ اثر ثقافتي اثرن جي باري ۾ لکڻ مهل سخت تعصبي انداز اختيار ڪيو، جنهن مان سندس نقادن ۾ واڌارو ٿيو. يورپ ۾ به کاٻي ڌر جا عنصر مٿس تنقيد ڪرڻ ۾ اڳڀرا رهيا. فلاسيءَ ٻي جنگ عظيم جي دوران ننڍي وهيءَ ۾ ئي فاشٽ قوتن جي خلاف سرگرم هڪ جمهوري گروهه Giuslizia Liberty ۾ شامل ٿي. سندس پيءَ ايڊوارڊ فلاسي الماريون ٺاهڻ جو ڪم ڪندو هو ۽ اٽلي ۾ مسولينيءَ جي حڪومت جي خلاف جدوجهد ڪندڙ سياسي ڪارڪنن سان ڪلهو ڪلهي ۾ گڏي ڪم ڪندو هو. اوريانا فلاسي ٻي مهاڀاري جنگ جي دوران جن جو بڇڙو روپ پنهنجي اکين سان ڏٺو هو. فلاسيءَ 1950ع ۾ `LL matlino doll` lta lia` نالي اخبار ۾ رپورٽر جي حيثيت سان ڪم شورع ڪيو. 1967ع کانپوءِ اوريانا فلاسي ويٽنام جي جنگ ۽ پاڪ ـ هندستان جي جنگ جي رپورٽنگ ڪرڻ کان سواءِ ڏکڻ آمريڪا ۽ وچ اوڀر جي جنگين گهرو جنگين جي رپورٽنگ کيس بين الاقوامي شهرت ڏني. هوءِ ”لي يوروپيو“ نالي رسالي جي نمائندگي ڪندي هئي. هن ڪجهه اخبارون ۽ ‘پوپوڪا’ نالي رسالي جي اڳ مٿس ٽي ڀيرا قاتلاڻو حملو ٿيو. هڪ ڀيرو ميڪسيڪو جي فوج کيس وارن مان جهلي ڏاڪڻين تان هيٺ ڪيرائي ڇڏيو ۽ پوءِ مئل سمجهي ڇڏي ڏنس. ’نيويارڪ ٽائمز‘ موجب اهو سڀ ڪجهه فلاسي ان ڪري برداشت ڪيو ته هن ميڪسيڪو ۾ شاگر هلچل جي حمايت ڪئي هئي.
اوريانا فلاسيءَ جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته هن يوناني آمريت جي خلاف سرگرم رهندڙ اليگزينڊر پانا گولس سان محبت به ڪئي ۽ ساڻس پرڻجڻ جي خواهشمند هئي. هن پانا گولس جي هڪ طويل انٽريوو به ڪيو، جيڪو سندس ڪتاب ”انٽرويوز ود هسٽري“ ۾ شامل آهي. پانا گولس 1976ع ۾ رستي جي هڪ حادثي ۾ پر اسرار طور مري ويو. فلاسي جو چوڻ هو ته کيس آمريت جي باقيات قتل ڪيو. فلاسي جي ڪتاب (A man) Un vomo اصل ۾ پانا گولس جي شخصيت ۽ حالتن کان متاثر ٿي لکيو ويو.
اوريانا فلاسي 1972ع ۾ ان وقت جي آمريڪي پرڏيهي وزير هينري ڪسنجر جو انٽرويو ڪيو. ان انٽريو ۾ ڪسنجر مڃيو ته ويٽنام جي جنگ بي مقصد هئي. ۽ ان جنگ ۾ ”منهنجي حيثيت هڪ ڪائو بواءِ جهڙي هئي، جيڪو گهوڙي تي سوار تي قافلي جي اڳيان هلندو آهي.“ بعد ۾ ڪسنجر مڃيو ته پريس جي ڪنهن نمائندي سان اڳ ۾ يا پو اهڙي خطرناڪ ڳالهه ٻولهه ڪڏهن به نه ٿي هئي.
فلاسيءَ يونيورسٽي اوف شڪاگو، بيل يونيورسٽي، هارورڊ يونيورسٽي ۽ ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ ليڪچرز به ڏنا کيس ٻڌڻ وارن جي ڪا به کوٽ نه هئي سڄي دنيا ۾ مٿس سندس نظرين سبب تنقيد ڪندڙ موجود هئا ته سندس مداحن جو به هڪ وڏو انگ موجود هو، جيڪو کيس ٻڌڻ لاءِ هر مهل تيار هوندو هو.
اوريانا فلاسي جي ڪتابن ۽ لکڻين جو دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو. هن نومبر 2002ع ۾ فلورينس ۾ پهريون ”يورپين سوشل فورم“ جي انقعاد جي موقعي تي فلورينس جي ماڻهن تي زور ڀريو ته هو پنهنجا دڪان نه کولين ۽ گهرن ۾ رهن. هن فورمکي فلورينس تي جرمن قبضي مان ڀيٽيو. ماڻهن هن جي ڳالهه تي ڌيان نه ڌريو. فورم منعقد ٿيو ۽ ڪو به اڻ وڻندڙ واقعو نه ٿيو.
فلاسي جي ڪتاب The Rage and the pride ۾ اسلام ۽ مسلمانن جي خلاف نسل پرستيءَ تي ٻڌل مواد جي ڪري 2002ع ۾ سوئيزر لينڊ جي اسلامڪ سينر سول ايسوسيئيشن آف جنيوا ۽ هڪ شهريءَ فلاسي تي ڪيس داخل ڪيو. نومبر 2002ع ۾ هڪ سوئس جج، سوئس پينل ڪوڊ جي فقري 260 ۽ 261 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي فلاسي جي خلاف گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ۽ اطالوي حڪومت کي درخواست ڪئي ته اها فلاسي کي گرفتار ڪري يا سوئيزرلينڊ جي حوالي ڪري. اطالوي ۽ انصاف واري وزير رابر ٽوڪا سيٽيل هڪ ريڊيو انٽرويو ۾ ٻڌايو ته سوئس درخواست ان ڪري رد ڪئي وئي ته اطالوي آئين اظهار جي آزادي تي ڪا به پابندي نه ٿو هڻي. فلاسي ان معاملي جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ” دي فور آف ريز“ ۾ ڪيو آهي.
2003ع ۾ نسل پرستيءَ جي خلاف ۽ عوام ۾ هڪ آهنگي جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم (MRAP) فرانس ۾ هڪ ڪيس داخل ڪيو ۽ عدالت کي استدعا ڪئي ته The Rage and the pride تي پابندي وڌي وڃي. عدالت ڪتاب تي پابندي جي درخواست سان گڏ اها درخواست به رد ڪري ڇڏي ته هر ڪاپي ۾ هڪ Disclaimer شامل ڪيو وڃي. مئي 2005ع يونين آف اٽالين مسلمز جي صدر عادل اسمٿ هڪ ڪيس داخل ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته فلاسي پنهنجي ڪتاب ”دي فورس آف ريزن“ ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون لکيون آهن، جن سان اهل اسلام جا جذبا مجروح ٿيا آهن. عدالت جون 2006ع ۾ ڪيس هلائڻ جي منظوري ڏني. فلاسي تي اسلام کي بدنام ڪرڻ جو الزام هنيو ويو. 12 جون تي ابتدائي سماعت تي، عدالت 25 جون تي طئي ڪيو ته اوريانا فلاسي 18 ڊسمبر تي عدالت ۾ حاضر ٿئي.
27 آگسٽ 2005ع تي فلاسيءَ پوپ بينڊڪٽ سان ملاقات ڪئي فلاسي لادين هئي، پر ان هوندي به پوپ جي احترام ڪندي هئي، ڇو ته هن 2004ع ۾ فلاسي جي ڇپجندڙ هڪ مضمون ”آف يورپ هسٽينر اٽ سيلف“ جي واکاڻ ڪئي هئي. ”ريزن ميگزين“ جي جون 2006ع جي شماري ۾ لکيل هڪ مضمون ۾ لکيڪا ڪيٽي ينگ لکيو ته: ”فلاسي جي ڪتاب دي رينج اينڊ دي پرائڊ“ ۾ اسلامي انقلاب پسندن ۽ صوماليا سان واسطو رکندڙ ويڙهي وارن ۽ گهوريئڙن کي هڪ سطح تي ڏيکاريو ويو آهي، جيڪي اٽلي جي گهٽين گهوپن ۾ گس هلندي پيشاب ڪندا وتندا آهن.“
”دي ائٽلانٽڪ“ ۾ ڪرسٽو فر هنچز لکيو، ”فلاسي ”دي رينج اينڊ دي پرائڊ“ جي وسيلي اهو ٻڌايو آهي ته اسلام جا باري ۾ ڪنهن به نموني لکڻ نه گهرجي. هن اوڀرن جي باري ۾ اهو ئي ڪجهه ٻڌايو آهي، جيڪو ٻيا گهڻا ماڻهو ٻڌائيندا آهن. يعني اهو ته منجهن صاف سٿري زندگي گذارڻ جو شعور ڪونهي ۽ هو مختلف بيمارين ۾ ورتل آهن.“
30 نومبر 2005ع تي ”سينٽر فار اسٽڊي آف پاپولر ڪلچر“ فلاسي کي ايوارڊ سان نوازيو. اهو ايوارڊ کيس ظلم جي خلاف ڄميو رهڻ جي اعتراف ۾ ڏنو ويو. 11 سيپٽمبر 2001ع (يعني نائين اليون) جي واقعن کان پوءِ فلاسي پاڻ کي ”اسلامي فاشزم“ جي خلاف بند ٻڌڻ جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو.
8 ڊسمبر 2005ع تي هن اطالوي شهر ميلان جو سڀ وڏو سول اعزاز ”ايمبرو گينو ڊورو“ حاصل ڪيو. چيو ته گيبريل البرٽين جي ساڄي ڌر جي انتظاميا اهو ايوارڊ سياسي بنياد تي ڏنو آهي. جنهن تي اطالوي يهودي ايترو تي ناراض ٿيا ، جو ان جي خلاف مهم هلايائون، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن اهو ايوارڊ وصول ڪرڻ کان انڪا ڪيو.
اوريانا فلاسي کي لکڻ پڙهڻ ڏانهن مائل ڪرڻ ۾ سندس پيءُ ۽ حالتن مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. ٻئي مهاڀاري جنگ جي دوران اٽلي جنهن تباهي سان دو چار ٿيو ۽ ملڪ تباهي جي جنهن ڪنڌي تي اچي بيٺو، انهن حالتن سوچڻ ۽ لکڻ جي لاءِ گهڻو ڪجهه هو، هن 16 سالن جي عمر ۾ طئي ڪري ورتو ته کيس هڪ ليکڪا جي حيثيت سان زندگي گهارڻي آهي. جيڪ ماڻهو فلاسي کي پڙهڻ تا تن کي اندازو آهي ته سندس لفظن ۾ ڪيترو ته تاثير آهي. هن سدائين جارحانه ۽ پر جوش انداز سان لکيو. سندس نظرين سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو. پر سندس تحريري تاثير کي نظر انداز ڪرڻ ممڪن نه آهي.
اوريانا فلاسي جو شمار ميڊيا جي انهن شخصيت ۾ ٿئي ٿو، جنهن جي سامهون ڳالهائڻ مهل ڪا به شخصيت نه رڳو محتاط رهندي هئي پر ڪڏهن پريشاني کي به منهن ڏيڻون پوندو هو. سندس سوال تيز ۽ پريشان ڪندڙ هوندا هئا. سندس بي باڪ انٽرويوئن کيس بين الاقوامي شهرت عطا ڪئي. انٽرويوز جي دوران سندس انداز ڏاڍو دلچسپ هوندو هو ۽ هوءَ منهان منهن شخصيت کي ڪنهن به حال ۾ ڪا به رعايت ڏيڻ جي لاءِ تيار نه هوندي هئي.
وجوديت ۽ ٻين فلسفن تي سندس گهري نظر هئي. ڪڏهن ڪڏهن زندگي ۽ موت ۽ ڪائنات جو باري ۾ گهرائي ۽ گيرائي سان ڪيل سوال ڪري هوءَ سامهون واري شخصيت کي بوکهلائٽ جي واٽ تي هلڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي هئي. ڪسنجر جي نخي زندگيءَ جي باري ۾ گهٽ ماڻهن کي خبر هئي. اها فلاسي جي مهرباني هئي ته هن جي معرفت ماڻهن کي ڪنسجر جي شخصيت ۽ سوچ جي باري ۾ گهڻو ڪجه ڄاڻڻ جو موقعو مليو. ڪسنجر پنهنجي باري ۾ کلي ٻڌايو ته کيس ٻين جي مٿان پنهنجي مرضي مڙهڻ ۽ گهڻو لطف محسوس ٿيندو آهي. سفاتڪاري جو ميدان ۾ سندس انداز ڪجهه اهڙو هو، جو عالمي اڳواڻن کي چٽو محسوس ٿيندو هو ته کين هٿ هيٺ رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته خود فلاسيءَ، هينري ڪسنجر سان انٽرويو کي پنهنجي بدترين انٽرويو سان ڀيٽيو آهي.
چيو وڃي ٿو ته اوريانا فلاسيءَ پاڪستان جي اڳواڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي کان انٽرويو ۾ هن اندرا گانڌيءَ تي ايتري ته سخت تنقيد ڪرائي هئي، جو 1972ع وارو شمار ”شمله ٺاهه“ لڳ ڀڳ ناممڪن نظر اچڻ لڳو هو. فلاسي ۾ هڪ گُڻ اهو هو ته هوءَ جنهن به شخصيت جو انٽرويو ڪندي هئي، ان جي باري ۾ ننڍين ننڍين ڳالهين کي به دلچسپي سان بيان ڪندي هئي.
اوريانا فلاسيءَ ڊگهي ماٺار 11 سيپٽمبر 2001ع کان پوءِ ٽوڙي ۽ اٽيل جي سڀ کان وڏي اخبار ” ڪوريئر ڊيلا سيرا“ ۾ هڪ مضمون لکيو، جيڪو پوءِ ”دي رينج آف دي پرائڊ“ ڪتاب ۾ تبديل ٿيو. فقط اٽلي ۾ ان ڪتاب جون ڏهه لک ڪاپيون وڪرو ٿيون. يورپ جي ٻين ملڪن ۾ به ڪتاب کي پڙهڻ وارا وڏي انگ ۾ سامهون آيا. ان ڪتاب جي بنياد تي فلاسيءَ تي نسل پرستي ۽ مسلمانن جي خلاف نفرت پکيڙڻ جو الزام هنيو ويو، سندس لکڻين کان ڌار نه ڪيو. هن هميشھ پنهنجي جذبن جي شدت کي پنهنجي لکت جو حصو بڻايو.
اوريانا فلاسيءَ سوين مضمون ۽ ڪيترائي ناول لکيا. جن مان سندس شخصيت چٽي طرح جهلڪندي نظر اچي ٿي. هن پنهنجي يادگيرين کي به ماڻهن تائين پهچايو. هن جي سڀ کان وڏي خوبي اها هئي ته هن دنيا جي ڪيترن ئي ناليوارن شخصيتن جي باري ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون بيان ڪيون آهن، جيڪي عام طور تي ماڻهن جي نظرن کان رهجي وينديون آهن.

انسانيت جي خدمت گذار: جين ايڊمز

ناليواري فلسفي ”سويڊن بورگ“ لکي ٿو ته: ”اصل خدمت اها آهي ته اجوري جي سَڌ کان سواءِ جي سيوا ڪئي وڃي.“ جين ايڊمز اُن واکاڻ جي لائق آهي. هن شڪاگو جهڙي ڳتيل آباديءَ واري شهر ۾ ”هل هائوس“ قائم ڪيو، جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو. هن پنهنجي زندگي اهڙن مانحن جي خدمت لاءِ ارپي، جيڪي غربت جو شڪار هئا. پر کيس پنهنجي ان خدمت جو ڦل به تمام گهڻو مليو، ڇو ته سندس ڳاڻيٽو نه رڳو پنهنجي وقت جي عظيم عورتن ۾ ٿئي ٿو، پر هوءَ آمريڪا جي سخي عورتن ۾ ڳڻي وڃي ٿي.
”جين ايڊمز“ جي ”هل هائوس“ آمريڪا ۽ ان کان ٻاهر تمام گهڻو اثر پکڙيو. جين آمريڪا جي ”الي نائس“ رياست ۾ ”سيبدا رويل“ جي هنڌ تي 8 سيپٽمبر 1860ع ۾ ڄائي. هوءَ پنهنجي ڀائرن ڀيڻن مان سڀني کان ننڍي هئي. جين اڃا ٿڃ پياڪ ئي هئي، جو ماڻهنس گذاري وئي، پڻهنس ڪامياب ڪاروباري ماڻهو هو. هو سورهن سال رياست جي سينٽ ميمبر به رهيو هو.
جين ايڊمز پيدائشي طور تي ڪمزور هئي. سندس ريڙهه جي هڏيءَ ۾ ور هو ۽ سڄي زندگيءَ ان ۾ مبتلا رهي، پر صحت جي خرابي باوجود به هوءَ فطرت جي هرپهلوءَ جو اُڀياس ڪندي رهي ۽ وڏي شوق سان علم پرائڻ ۾ رڌل رهي. هوءَ اڃا ستن سالن جي هئي، جو کيس ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته زندگيءَ ۾ سڀني جا ڀاڳ هڪجهڙا نه هوندا آهن. هوءَ اڃا ننڍڙي هئي، تنهن ڪري هوءَ غربت جي ڪارڻن ۽ نتيجن کي سمجهي نه ٿي سگهي. پر کيس اهو احساس ٿيندو هو ته اها فطرت جي وڏي نا انصافي آهي ته هڪڙا غريب هجن ۽ ٻيا امير. سندس چوڻ موجب ته هن جڏهن پهريون ڀيرو غربت جو نظارو ڏٺو ته مون ان فرق کي محسوس ڪيو ته ڳوٺن ۾ غربت جي باوجود به صحت مندي آهي. پر ننڍن شهرن ۾ غربت سان گڏ گندگي به آهي، جيڪا گهٽين ۾ نظر اچي ٿي. سندس چواڻي، ”مون کي ياد آهي ته مون پنهنجي بابا کان اهو سوال پڇيو هو ته ماڻهو هيترن ننڍن گهرن ۾ هڪٻئي جي مٿان ڪيئن سٿيا رهيا پيا آهن؟“ جڏهن هن مون کي جواب ڏئي ورتو ته مون پختي ارادي سان پنهنجو اهو عزم ورجايو ته آئون وڏي گهر ۾ رهنديس ته ضرور پر منهنجو گهر وڏن گهرن جي وچ ۾ نه هوندو، پر اهڙين ڦٽل ڦٽل ۽ تڪليف ڏيندڙ جهوپڙن جي وچ ۾ هوندو.
اڳتي هلي سندس اها خواهش پوري ٿي، جيتوڻيڪ سندس خواهش جي اونهائي ۾ جيڪو جذبو ڇوليون هڻي رهيو هيو، تنهن جي مڪمل جوڙجڪ ٿي نه سگهي هئي.
جين جڏهن اٺن سالن جي ٿي ته برابري جي اها خواهش سندس اندر ۾ چهنڊڙيون وجهي رهي هئي. ان دوران هوءَ هڪ آزمائش مان به لنگهي، کيس هڪ ڏاڍو سٺو ۽ نئون ڪوٽ مليو هو،جنهن تي کيس وڏو ناز هو. هڪ ڏينهن هوءَ ۽ سندس پيءُ اسڪول وڃي رهيا هئا ته ان مهربان شخص پنهنجي ڌيءَ کي چيو، پنهنجو اهو ڪوٽ لاهي گهر رکي ٻيو ڪو پراڻو ڪوٽ پائي هل، ڇو ته اتي ڪيترائي ٻارڙا هوندا جن کي اهڙا سٺا ڪپڙا نه هوندا ۽ تنهنجن ڪپڙن کي ڏسي کين دل ۾ ڌڪ لڳندا. جين لکي ٿي، ”مون هڪدم دل ۽ جان سان مڃي ورتي. ڇو ته آئون جڏهن بابا سان ڳوٺ جي گهٽين مان وڃي رهي هيس ته منهنجي دل اڃان خوشيءَ سان آشنا نه ٿي هئي، جيڪا قرباني ڏيڻ سان پيدا ٿئي ٿي.“
مسٽر ايڊمز ان صلح پسند عيسائي فرقي ۾ جنيمو، جيڪو ”ڪويڪر“ سڏبو آهي. سندس اُتم خيالن ۽ نصب العين جو سندس اولاد تي اثر ٿيڻ لازمي هو. پاڻ صدر ابراهام لنڪن جو دوست هو ۽ لنڪن کيس جيڪي خط لکيا هئا، تن جو هن ننڍڙي نينگريءَ تي گهرو اثر ٿيندو هو، مسٽر ايڊمز بابت چيو وڃي ٿو ته آمريڪا جي گهرو ويڙهه کان پوءِ جڏهن هر طرف رشوت جو بازار گرم هئي، پر ڪنهن کي به اها مجال نه هئي، جو کيس رشوت ڏي، هر خراب ماڻهو قدرتي طور تي کانئس ڊڄندو هو. مسٽر ايڊمز 1881ع ۾ چالاڻو ڪيو.
1877ع ۾ جڏهن جين ايڊمز عمر سترهن سال هئي ته هوءَ ”الي نائس“ جي ”راڪ فورڊ سمينري“ ۾ شريڪ ٿي، جيڪو اڳيا هلي ڪاليج بڻجي ويو. اتي هوءَ گهڻو تڻو يوناني زبان ۾ رياضيءَ جي تعليم حاصل ڪندي هئي، سندس چواڻي، ”تاريخ پڙهڻ جو شوق ان ڪري هئم، جو مون کي تاريخ جو هڪ وڏي ۽ بهترين استاد مليو هو. ٻيو ته ننڍي وهيءَ ۾ بابا مون کي پليو ٽارڪ جون لکيل جيونيون پڙهڻ جو چيو هو. ۽ آئون اهي جيونيون پڙهي، جيڪو ڪجهه سمجهه ۾ ايندو هئم، سو هوشياري سان ورجائيندي هيس ته هو مون کي هر ڀيري پنج سينٽ ڏيندو هو. اهڙي طرح ارونگ، واشنگٽن جي جيڪا جيوني لکي هئي، ان جي هر جلد ختم ڪرڻ تي هو مون کي پنجويهه سينٽ انعام ڏيندو هو.“
ڪاليج ڇڏڻ کان اڳ ئي جين اهو طئي ڪري ڇڏيو هو ته هوءَ پنهنجي زندگي ڪهڙي ڪم لاءِ ارپيندي. هن جي خواهش هئي ته ڊاڪٽريءَ جي تعليم حاصل ڪري ۽ غريبن سان گڏ گذاري جوانيءَ ۾ کيس غريبن جي امداد جو جيڪو گهرو احساس پيدا ٿيو هو، عمر وڌڻ سان اهو اڃا به گهرو ٿيندو ويس، ۽ هن پنهنجو پاڻ کي ان مقصد جي لاءِ تيار ڪرڻ شروع ڪيو ته هوءَ ان احساس کي عملي شڪل ڏي. ”راڪ فرڊ سيمينري“ مان واندي ٿيڻ کان پوءِ هوءَ سياري ۾ فلاڊ لفيا جي زناني ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخل ٿي، پر ريڙهه جي هڏيءَ جي بيماري سبب کيس ڊاڪٽر دير مچل جي اسپتال ۾ داخل ٿيڻو پيو ۽ چڱڀلائيءَ لاءِ کيس ٻن سالن تائين يورپ ۾ رهڻو پيو. پرڏيهه ۾ به هوءَ شهرن جي غربت پاڙن ۾ وڌيڪ پنهنجائپ محسوس ڪندي هئي. هن لندن جي ”ايسٽ اينڊ“ ۽ غريبن جي مفلسي ڏٺي ۽ هن انهن غريبن کي پوهه پارن وارين راتين ۾ نيلام ۾ سڙيل ڳريل ڀاڄيون ۽ ميوا وٺندي ڏٺو، هن هڪ ماڻهو کي رستي جي ڀر ۾ ويٺي بک سبب ڪچيون گوبيون به کائيندي ڏٺو.
جڏهن هوءَ ”ڊريسدن“ ۽ ”روما“ ۾ آرٽ جي تعليم پرائي رهي هئي ته هوءَ انهن گهٽ پگهار کڻندڙ مزدورن کي وساري نه سگهي. جيڪو پاڻ سان گڏ صفا ٿورو کاڌو منجهند جو کائڻ لاءِ کڻي ايندا هئا. هوءَ انهن ماين کي به وساري نه سگهي، جن جون آڱريون گجر جيان سخت ۽ ٿلهيون ٿي ويو هيون. جڏهن هوءَ واپس آمريڪا وري ته هن ٻه سال ”بالٽي مور“ ۾ ”جان هاڪنز يونيورسٽي“ ۾ ۽ گرميون ”الي نائس“ ۾ پنهنجي گهر ۾ گذاريون. هوءَ لکي ٿي، ”آئون اولهه جي هڪ رياست ۾ ويس، جتي مون وياج ۾ ڪجهه پئسا لڳايا هئا. اتي هارين جي خراب حالت ڏسي آئون ڏاڍي متاثر ٿيس، اتي گهڻي عرصي کان ڏڪار هو ۽ اتي مون هڪ اهڙو ڏيک به ڏٺو، جيڪو عمر ڀر جي لاءِ وساري نه سگهي آهيان. هڪ احاطي ۾ ڪيترائي سوئر گڏ هئا، جن جي پٺن جون هڏيون اٺ جو ٿوهي جيان اُڀري آيون هيون. اهي سڀ گڏجي هڪ سوئر کي کائي رهيا هئا. جيڪو يا ته ڏڪار ۽ بک وگهي مري ويو هو، يا انهن سڀني سوئرن ۾ ڪمزور هو، تنهنڪري اهو ٻين جو شڪار بڻجي ويو هو. هاريءَ جي زال ان منظر کي لاپرواهيءَ مان ڏسي رهي هئي. هوءَ مايوسيءَ ۽ نا اميديءَ مان بت بڻي پنهنجي خالي گهر جي دروازي تي بيٺي هئي. ٻه ٻار سندس پويان بيٺل هئا،جن کي هوءَ هر هر پويان ڌڪي رهي هئي ته جيئن هو اهو منظر ڏسي نه سگهن. پر هو هر ڀيري ٻاهر نڪري ٿي آيا. هنن جا وار سخت ۽ سج جي تپش سبب ڪارا ٿي ويو هئا. هنن جا ننڍا پير ايترا نه ڪارا ۽ سخت هئا ۽ انهن تي ايترا ته گهرا نشان پئجي ويا هئا،جو اهي ڪنهن جانور جا چنبا پي لڳا. اهي ٻارڙا نيم انسان لڳي رهيا هئا. جيتوڻيڪ بن مانس جيڪي نيم انسان سمجهيا ويندا آهن، سي به ڏاڍا خوش هوندا آهن، پر انهن ٻارڙن جي مهانڊن تي خوشيءَ جي ريکا به نه هئي.
انهن جي حالتن ۽ منظرن کي ڏسي، جن ۾ انسان، حيوانن کان به وڌيڪ بدتر ٿي نظر آيا، جين جي دل کي سخت ڌڪ لڳو ۽ هن پنهنجي زندگي ان مقصد لاءِ ارپي ڇڏي ته جيڪي انسان مصيبت ۾ گرفتار آهن، تن جي مدد ڪندي. جڏهن ”جين ايڊمز“ ٻيو ڀيرو لنڊن وئي ته ماچيس وڪڻندڙ ڇوڪرين جو هڪ جلسي ۾ شريڪ ٿي، جن هڙتال ڪئي هئي. هوءَ انهن جي تنگ دستي، گهٽ پگهار ۽ ڪاروبار جي ڏکوئيندڙ حالت ڏسي ڏاڍي متاثر ٿي. سندس چواڻي، ”انسانن جي مفلسي جو اهو نقشو، انهن ٻين نقشن کي گهرو ڪري ويو، جن جي ڪري منهنجي من کي ايترو سخت ڌچڪو لڳو هو.“
کيس ڏينهون ڏينهن اها خبر پوندي وئي ته جيڪڏهن انسان جي تمدن انسان جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي ته اهو خود غرضيءَ جو ذريعو بڻجي ٿو وڃي. ۽ ان سان روح کي سڪون ميسر نه ٿو ٿئي. هوءَ پنهنجي ماحول ۽ آرام آسائش کان قطعي مطمئن نه هئي.
ان زماني ۾ هوءَ ان نتيجي تي پهتي ته اهو بهتر ٿيندو ته شڪاگو ۾، جتي حاجت مندن جي گهڻائي آهي، هڪ اهڙو گهر حاصل ڪيو وڃي، جتي هوءَ پاڻ ۽ هن جهڙا ٻيا ماڻهو جيڪي غريبن ۽ حاجتمندن جي خدمت ڪرڻ ٿا چاهين، گڏجي سڏجي ڪم ڪن. جين ايڊمز پنهنجي ان رٿ جو ايلن اسٽار سان ذڪر ڪيو جيڪا سندس اسڪول جي ساٿي ۽ پراڻي جيڏڙي هئي. ۽ ان سفر ۾ ساڻس گڏ هئي. هن به ان رٿ جو زور شور سان حمايت ڪئي.
جنوري1889ع ۾ جڏهن هي ٻئي واپس آمريڪا موٽيون ته هنن شڪاگو ۾ هڪ اهڙي گهر جي ڳولا شروع ڪئي. جتي اها رٿ عمل ۾ آڻي سگهجي ڳولا ڦولا کان پوءِ کين 335 سائوٿ هال اسٽيشن اسٽريٽ ۾ هڪ وڏو گهر ملي ويو. ان وقت ان گهر جي هيٺين حصي ۾ آفيس ۽ گودام هو ۽ ان جي پويان هڪ ڌڌڙ ۾ ڀڀوت ڪارخانو هو. هن کان اڳ ان گهر کي ڪليسا جي هڪ جماعت ”لٽل سسٽرز آف دي پور“ ضعيفن جي رهائش لاءِ به استعمال ڪيو ويو هو. اهو گهر جيڪو اڳيان هلي ”هل هائوس“ مشهور ٿيو. سو هيئن هو ته ان جي هڪ پاسي ڪفن دفن جو انتظام ڪرڻ واري آفيس هئي ته ٻي پاسي حجام خانو هو.جڏهن جين ايڊمز اهو گهر حاصل ڪيو ته ان جي حالت ڪا ايتري سٺي نه هئي. پر جلد ئي اُن پراڻي گهر جي مرمت ٿي وئي ۽ 18 سيپٽمبر 1889ع تي مس ايڊمز ۽ مس اسٽار ان گهر ۾ منتقل ٿي ويون.
ان گهر جي مالڪياڻي ”هلين ڪلور“ هئي. هوءَ چارلز جي هل جي مائٽياڻي هئي. جنهن ڳچ ورهين اڳ اهو گهر جوڙايو هو. هو ان رٿ ۾ گهڻي دلچسپي وٺڻ لڳو ۽ گهر جي مسواڙ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين.هن ان رٿا لاءِ علائقي ۾ پنهنجي زمين به ڏني، جنهن تي پوءِ ”هل هائوس“ جا تيرنهن گهر اڏيا ويا. انهن گهرن جو نالو ”مسز هل“ جي نالي تي آهي.
هل هائوس پهرين شڪاگو جي ڀر پاسي ۾ هو هاڻي ان جي چئني طرفن اٽالين، يونانين، روسين، يهودين، بوهيمين ۽ ٻين قومن جي آبادي آهي. ۽ انهن جي دروازن تي انهن جو ميزوستل هوندو آهي. جنهن زماني ۾ سم ايڊمز، هل هائوس ۾ آئي، تنهن زماني ۾ ان جي ڀرپاسي جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪيو آهي، ”گهٽيون حد کان وڌيڪ ڪنيون آهن. اسڪول اڻپورو آهي. صفائيءَ جي قانون تي ڪو به عمل نه ٿو ڪري، گهٽين جي روشني خراب آهي. رستي جو فرش اکڙيل ۽ خراب حالت ۾ آهي ننڍين گهٽين ۾ ته ڪو به فرش نه آهي. طنبيلا ايترا ته گندا آهن، جو بيان نه ٿو ڪري سگهجي. سوين گهر اهڙا آهن، جن مان پاڻيءَ جي نيڪالي شهر کان ٻاهر نه ٿيندي آهي تنهنڪري گندگيءَ جي انتها آهي.
مٺائي جا دڪان تمام گهڻا آهن. ٺيڪيدار ايترا ته ظالم آهن. هو هنن اونداها تهه خانا، گندا طنبيلا، ننڍا ننڍا حجرا پنهنجي ڪاروبار لاءِ مسواڙ تي ورتا آهن. ڇو ته انهن جي مسواڙ گهٽ هوندي آهي. پوءِ ڀلي مزدورن جي صحت تي ان جو ڪهڙو به خراب اثر پوي.
تمام جلد ان نئين آباد ڪاريءَ جي تجويز لاءِ رضاڪار ملڻ شروع ٿي ويا. هڪ مائي روز صبح جو شهر جي اتر کان ننڍن ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ اچڻ لڳي. هڪ ٻي مائيءَ ٻارن جو ڪلب جوڙيو ۽ انهيءَ جو نالو ”ننڍڙن هيرن جو ڪليسا“ رکيو.انهي ڪلب جا ننڍڙا ٻارڙا پراڻي زمان جي بهادرن جا قصا ڪهاڻيون ٻُڌندو هئا ۽ پاڻ به هڪ ڏينهن شهرت حاصل ڪرڻ اج سپنا ڏسندا هئا. هل هائوس ۾ پهريون ڪرسمس جي موقع تي مس ايڊمز لکيو حي ته، ”ان جي باوجود جو منهنجو هٿ تنگ هو ۽ مون کي ٻارن جي لاءِ مٺائي ۽ بوٽن جو بندوبست ڪرڻو هو، پر مون ٻارن جي ڪلب ۾ ”ڪارل شوتر“ جي لکيل ابراهام لنڪن جي جيونيءَ جون پنجويهه ڪاپيون ورهايون.“
ڇوڪرين جي لاءِ سلائي ۽ ڀرٿ جا ڪلاس کوليا ويا. هو جيڪو ڪپڙا سبنديون هوين، سي کين ئي گهرکڻي وڃڻ لاءِ ڏنا ويندا هئا. سوا سال تائين جي ٻارن لاءِ نرسريءَ جو انتظام ڪيو ويو. جين ايڊمز لکي ٿي ته، ”اسان کي ترت انهن کير پياڪ ٻارڙن جو تعارف حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو. جن جو غريب ۽ محنتي امڙون پنهنجي ٻارن کي ته ڪنهن پاڙيسريءَ جي حوالي ڪري وينديونه هيون يا گهڻو تڻو کين پنهنجي ننڍي ڪمري ۾ بند ڪري ٻاهر ڪلف هڻي وينديون هيون. ان پاڙي ۾ اسان کي جيڪي ٽي لولا لنگڙا ٻار مليا هئا. انهن مان هڪ ثين ماڙ تان دريءَ مان ڪريو هو. ٻيو سڙي پيو هو. ٽين جي پٺ جي هڏي ان وقت مڙي وئي هئي جو ٽن سالن تائين لڳاتار کيس رنڌڻي جي ميز جي ٽنگ سان ٻڌو ويندو هو. ۽ فقط ٻنپهرن جو ٿوري دير جي لاءِ کوليو ويندو هو، جڏهن سندس وڏو ڀاءُ جيڪو فئڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندو هو، سو ڊوڙندو ايندو هو. هو ٻنپهرن جو کاڌو ساڻس گڏ کائيندو هو ۽ پوءِ وري کيس ٻڌو ويندو هو.
گرمين جي زماني ۾ اهو ممڪن ئي نه هو جو چلولن ٻارن کي بند ڪمرن ۾ مقفل ڪيو وڃي. چورن جي ڊپ کان اهو به ممڪن نه هو ته دروزا کليا ڇڏيا وڃن. تنهنڪري ڪمرا بند ڪري ٻارن کي سندن مائرون سڄو ڏينهن ٻاهر ڪڍي ڇڏينديون هيون. اسان پهريون گرميون جيڪي ان ڀرپاسي ۾ گذاريون، انهن ۾ اڪثر ننڍڙا ننڍڙا ٻار رلندا ڀٽڪندا ‘هل هائوس’ جو ورانڊي ۾ اچي نڪرندا هئا. اسين کين اتي ئي ترسائي ڇڏيندا هئاسين. منجهند جو کين ماني کارائيندا هئاسين. ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪو ٻارڙو ماني جي معاوضي طور سندس مٺ ۾ ڀيڪوڙيل گرم گرم سڪو اسان ڏانهن وڌائيندو هو. اهو سڪو سندس ماءُ ٻاهر وڃڻ مهل کيس ڏنو هوندو، ڪجهه وٺي کائج. ڪنڊر گارٽن جو وقت گذارڻ کان پوءِ اسان جا اهي ننڍڙا پتڪڙا مهمان اسان سمهڻ جي ڪمرن ۾ اچيو گوڙ ڪندا هئا، اسان مان ڪو سندن نگراني ڪندو رهندو هو. بهرحال انهن حالتن م هل هائوس ۾ نرسريءَ جو بندوبست ڪيو ويو.“
نوروز واري ڏينهن ‘هل هائوس’ ۾ وڏڙن جي مزمائي ڪئي وئي. پراڻا پاڙي وارا اچي مڙيا. وڌيڪ جهونن مهمانن جي لاءِ گاڏيءَ جو بندو بست ڪيو ويو. هتي هڙئي ٿوري دير جي لاءِ پنهنجو پنهنجون تڪليفون وساري ويٺا ۽ سڀني نئين سال جي آجيان ڪئي.
ماڻهو محتاج خاني جي نالي کان ڊنا ٿي. جين ايڊمز ”ڪوڪ ڪنٽري“ جي محتاج خاني مان ڪيترن ماڻهن کي ٻن هفتن جي لاءِ موڪل کان پوءِ خوش ٿي واپس ورندا هئا. سندن دلين ۾ انهن ڏينهن جي ياد رهندي هئي. ۽ هو اُن اوسيئڙي ۾ رهندا هئا ته هو ايندڙ سال ٻيهر ٻن هفتن لاءِ گهرايا ويندا. اهڙي طرح جين ايڊمز انهن جي لاءِ ڪنهن حد تائين آسائش ۽ ان کان به وڌيڪ اميد جي سهاري جو بندوبست ڪيو.
1890ع ۾ مزدورن جي سماجي علم جو ڪلب قائم ڪيو ويو. ان ۾ وڏا ناميار ماڻهو اچي هل هائوس ۾ تقرير ڪندا هئا.
محنت مزدوري ڪندڙ ڇوڪرين جي رهائش لاءِ هڪ ڪل پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تي ”جين ڪلب“ جي نالي سان قائم ڪيو ويو ۽ تمام جلد مشهور ۽ مقبول ٿي ويو. هڪ ٽرسٽيءَ جي هڪ دوست ان ڪلب جي لاءِ عمارت جي اڏاوت لاءِ ويهن هزارن ڊالرن جو عطيو ڏنو. پر جڏهن مسز ايڊمز کي خبر پئي ته هن اهو عطيو قبول ڪرڻ کان نا بري واري. ڪجهه ورهين کان پوءِ هڪ ٻي همدرد ان ڪلب جي لاءِ نئون گهر ٺهرائي ڏنو. سياري ۾ موسيقيءَ جون محفلون ٿينديون هيون. ۽ 1893ع ۾ ”هل هائوس“ ۾ موسيقيءَ جا ڪلاس شروع ڪيا ويا. جين ايڊمز غريبن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو جيڪو سپنو ڏٺو هو، سو هاڻ ڏينهون ڏينهن حقيقت بڻبو ويو.
هل هائوس کان سواءِ جين ايڊمز ٻين محاذن تي به خلق خدا جي حمايت ۾ وڙهي رهي هئي. هن وڙهي جڙهي الي نائس ۾ فئڪٽرين جو قانون پاس ڪرايو. جنهن جي آڌار تي مٺائيءَ جي دڪانن ۾ صفائيءَ جا قاعدا مقرر ڪيا ويا. ۽ اهو به طئي ٿيو ته چوڏهن سالن کان گهٽ عمر جا ٻار مزدوريءَ تي نه لڳايا وڃن. هوءَ شهر شهر جو دورو ڪندي رهي ۽ پنهنجي تقريرن ۾ پنهنجي خلوص سان ماڻهن جي ضميرن کي بيدار ڪندي رهي. سندس ڪوششن سان ٻيا به ڪيترائي سڌارا لاڳو ٿيا. مثال طور: مزدورن ۽ سرمائيدارن جا جڳهڙا نبيرڻ لاءِ هڪ سرڪاري بورڊ قائم ڪيو ويو. سرڪاري نگرانيءَ ۾ روزگار جو ڳولا جو هڪ کاتو کوليو ويو ۽ مزدورن جي لاءِ قانوني طور تي ٻيون به ڪيئي رعايتون لاڳو ڪيون ويون.
هل هائوس اڳ جيان هينئر به فلاح ۽ اصلاح جي تحريڪن جو وڏو مرڪز آهي. جن ايڊمز جي ڪري انهن بستين جو سڌارو ٿيو، جتي سلهه ڦهلبي هئي. هن جي محنت سان عوام جي لاءِ حمام قائم ڪيا ويا. هن ڪوڪين جي وڪري جي روڪٿام لاءِ سخت ڪوشش ڪئي ۽ 1907ع ۾ سندس ڪوششن سان ڪوڪين فروشيءَ کي قانوني ڏوهه قرار ڏنو ويو. جڏهن 1899ع ۾ ڏوهاري ٻارن جي عدالت قائم ٿي ته هل هائوس ان کي وڏي مدد ڪئي ۽ ان جي ڪري ٻارن جي ڏوهن ۾ گهٽتائي ٿي. جين ايڊمز اُن ڳالهه تي زور ڏيندي هئي ته ٻارن جي لاءِ وڌ کان وڌ راندين جا ميدان، ورزش ۽ تفريحات جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن سندن ذهني ۽ جسماني قوت جو رجحان ان طرف رهي. ڏوهن طرف نه ٿئي. ان مسئلي کي هن پنهنجي ڪتاب ”شهر جون گهٽيون ۽ جوانيءَ جو جوش“ ۾ گهڻو زور ڏئي بيان ڪيو آهي. پنهنجي عمراني نظريي ۽ نصب العين کي هن پنهنجي ٻين لکڻين ”جمهوريت ۽ سماجي اخلاقيات“ ۽ ”امن جو نئون نصب العين“ ۾ به بيان ڪيو آهي.
جين ايڊمز شڪاگو جي تعليمي بورڊ جي به ميمبر هئي. سالن تائين هوء وڏن وڏن ميڙن ۾ سڄي ملڪ ۾ تعليمي ۽ اصلاحي مسئلن تي ڏاڍي زور ۽ شور سان تقريرون ڪندي رهي. مئي 1910ع ۾ هن سينٽ لوئيس ۾ سماج سڌارڪ قومي ڪانفرنس جي صدارت ڪئي. جنهن بابت ”شڪاگو ڪومنز سوشل سلمنٽ“ جي باني ”ڊاڪٽر گراهام رومين ٽيلر“ جي راءَ آهي ته: ”سينٽ لوئيس جي ڪانفرنس جيڪڏهن ٻي ڪنهن سبب ڪري نه ته رڳو ان ڪري به يادگار رهندي جو ان جي صدارت ۽ رهبري ان سال جين ايڊمز ڪئي ۽ ماڻهن کي سماجي ڪمن ۽ سماجي انصاف جي مسئلن تي سندس بنيادي راءِ ٻڌڻ جو موقعو مليو.“
1895ع ۾ هوءَ ٽائيفائيڊ ۾ مبتلا ٿي. چاڪ ٿي ته صحت جي سڌاري لاءِ يورپ وئي. جتي روس ۾ سندس ملاقات ٽالسٽائي سان ٿي. هن سان ۽ ٻين يورپي دانائن سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ هن کي گفتگو جو موقعو مليو.
پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي شروع ٿيڻ جو کيس سخت صدمون هو. ڇو ته هوءَ ڏاڍي خلوص سان امن جي حامي هئي. ۽ لڙاين جي روڪٿام لاءِ ڏاڍي سرگرمين سان ڪم ڪندي رهي ۽ عڪسريت جي خلاف آمريڪي عورتن جي هڪ انجمن ورڪنگ ڪميٽيءَ جي ميمبر به ٿي. عورتن جي ”امن تنظيم“ جي پهرين صدر به چونڊي ۽ ”دائمي صلح جي لاءِ عورتن جي بين الاقوامي ڪيميٽي“ جي صدر به ٿي.
1919ع ۾ سندس خاص عزت افزائي اها ٿي جو کيس عورتن جي انٽرنيشنل ڪانگريس جو صدر چونڊيو ويو. 1910ع ۾ هوءَ هيگ جي امن ڪانفرنس، 1919ع ۾ زيورچ جي امن ڪانفرنس ۽ 1921ع ۾ ويانا جي امن ڪانفرنس ۾ به شريڪ ٿي.
مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن کان سواءِ سندس ڪجهه ٻيا ڪتاب به آهن، جن ۾ ”نئون ضمير ۽ هڪ پراڻي خرابي“ 1911ع ۾ شايع ٿوي. پنجن سالن کان پوءِ عورتن بابت سندس هڪ ٻيو ڪتاب شايع ٿيو. تنهن کان سواءِ ٻه ڪتاب ”هل هائوس“ بابت اٿس. ”هل هائوس ۾ ويهه ورهين“ ۽ هل هائوس ۾ ويهه سال ٻيا به“ جيڪي ترتيبوار 1910ع ۾ شايع ٿيا.
عورتن کي راءِ جو حق ڏيڻ جي تحريڪ ۾ به ”جين ايڊمز“ گرميءَ سان حصو ورتو. پر هوءَ صلح وارن طريقن جي وڌيڪ حامي هئي. جنهن قسم جو ٺاهه هوءَ پسند ڪندي هئي. تنهن بابت فلائڊ ڊيل پنهنجي ڪتاب ”دنيا کي اڏيندڙ عورتون“ ۾ لکيو آهي ته، ”اهو چئي نه ٿو سگهجي ته جين جي طبعيت ۾ ضد ۽ سختي آهي. اهو به نه ٿو چئي سگهجي ته هوءَ انهن مصلحت پسندن مان آهي، جيڪي خراب امن کي سٺي لڙائيءَ تي ترجيح ٿيا ڏين. اصل ڳالهه هيءَ آهي ته تخيل جي بلنديءَ سان گڏ همدردي سندس جبلت ۾ داخل آهي. تنهنڪري هوءَ لڙائيءَ ۾ پنهنجي حريف کي نفرت ۽ عداوت جي نظر سان ڏسي نه ٿي سگهي. هو ٻنهي جا نقطه نظر جانچيندي آهي. ۽ انهن مان هڪ ڌر غلط رستي تي ڇو نه هجي، هوءَ غلطي ڪندڙ ڌڙ جا دليل به سمجهي سگهي ٿي.“ جين ايڊمز پاڻ لکيو آهي ته، ”جيڪڏهن مظلوم سدائين حق تي هجي ته سولائيءَ سان ان جي حمايت ڪري سگهجي ٿي. پر ڏکيائي اها آهي ته هو مبهم طور تي حق تي هوندو آهي. پر هو بلڪل غلطيءَ تي نه هوندو آهي. سندس مخالف جيڪي کيس سمجهي نه ٿا سگهن. سي پنهنجي ۽ هن وچ ۾ تعصب جي ديوار کڙي ڪري ڇڏين.“
1923ع ۾ جاپان ويندي سندن ڏاڍو ڀوائتو آپريشن ٿيو.جنهن کان پوءِ هوءَ ڪڏهن به ٺيڪ نه رهي. 1931ع ۾ جنهن ڏينهن هي اعلان ڇپيو ته کيس ۽ ڊاڪٽر نڪولاس مري بٽلر کي امن جو نوبيل انعام مليو آهي، هوءَ ٻي وڏي آپريشن لاءِ بالٽي مور جي جان هاپڪنس اسپتال ۾ داخل ڪئي وئي. 21 مئي 1935ع ۾ پنجهتر سالن جي ڄمار ۾ هن وفات ڪئي. جنهن همدردي ۽ محبت سان هن غريبن جو سيوا ڪئي. انهيءَ مناسبت سان دنيا سندس عزت ۽ قدر ڪيو.

اُتساهه ڀريو جيون: روزا بونير

1870ع جي جنگ ۾ جڏهن پرشيا، فرانس تي جيتيو ۽ پرشيا جون فوجون ”فونٽين بلو“ جي وسنديءَ ۾ داخل ٿيون ته کين حڪم مليو ته روزا بونير جي گهر ۾ سندس تصويرن جي حفاظت ڪئي وڃي. فوجين سڄي وسنديءَ کي لٽيو ڦريو، تباهه ۽ برباد ڪيو، پر ”شاتوپي“ جيڪو هن مصوره جو گهر هو، بلڪل محفوظ رهيو. جيڪڏن فوجن کي اهو حڪم نه ملي ها ته ممڪن هو ته دنيا هن مصوره جي ڪيترن ئي تصويرن کان محروم ٿي وڃي ها.
روزا بونيرRosa Bonheur، 1822ع ۾ پئرس ۾ پيدا ٿي. سندس پيءُ خداداد صلاحيتن جو مالڪ هو. پر گهڻو ڪري هيئن به ٿيندو آهي جو صلاحيتون رکندڙ ماڻهو دنيا ۾ وڌي ويجهي نه سگهندا آهن. تنهن ڪري هو ڊرائنگ سيکاري پنهنجي ٻارن جو پيٽ پاليندو هو. ماڻهنس گهر گهر هلي وڃي پيانو وڄائڻ سيکاريندي هئي. پئرس جهڙي شهر ۾ ساڌي سوڌي نموني گهر هلائڻ ۽ ٻارن جو پيٽ پالڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. 1833ع ۾ ٿڪاوٽ ۽ غربت سبب ماڻهنس گذاري وئي.
ٽيئي وڏا ٻار، جن ۾ روزا به شامل هئي، ”شان زليزي“ جي هڪ رهائشي کٿاب ۾ موڪليا ويا. جنهن جي نگراني هڪ مائي ڪندي هئي. جيڪا ”امان ڪيٿرين“ سڏبي هئي.سڀ کان ننڍي ٻار کي مائٽن ڏانهن اماڻيو ويو. ٻن ورهين تائين ”امان ڪيٿرين“ ٻارن جي نگراني ڪندي کين اسڪول موڪليندي ۽ پنهنجي ٻارن جيان پاليندي رهي. پر روزا هن لاءِ مسئلو بڻجي وئي. هوءَ ضد ڪري گل ميڙيندي ۽ کيڏندي رهندي هئي. ٻاهرين نظارن مان لطف ماڻيندي هئي ۽ اسڪول وڃڻ جو نالو ئي نه کڻندي هئي. روزا انهن ڏينهن جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪيو آهي. ”انهن ٻن ورهين ۾جڏهن موسم سٺي هوندي هئي. آئون هڪ ڪلاڪ جي لاءِ به گهر ۾ اندر نه ٽڪندي هيس.“
نيٺ پڻهنس ٻي شادي ڪئي ۽ ٻارن کي واپس گهرايو. ٻئي ڇوڪرا آگسٽ ۾ ”اسادور“ اسڪول ۾ داخلا ٿيا ۽ انهن جو خرچ برداشت ڪرڻ جي لاءِ روزا جو پيءُ ”مسيو بونيراسي“ اسڪول ۾، هفتي جا ٽي ڏينهن ڊرائنگ سيکارڻ لڳو. جيئن ته روزا کي اسڪول سان ڪا به دلچسپي نه هئي. تنهنڪري پڻهنس کيس ڪو ڪار آمد هنر سيکارڻ چاهيو، هن طئي ڪيو ته کيس سلائيءَ جو ڪم سيکاريو وڃي.
پر هن نينگري جي لاءِ سلائيءَ جو ڪم سکڻ، اسڪول جي بند ڪمري جيان اڻ وڻندڙ هو. هوءَ ته ٻاهر نڪري گُل چونڊڻ ۽ ميڙڻ ڄاڻندي هئي. کيس ٻاهر نڪرڻ جي ايتري ته سَڌ هوندي هئي جو اسڪول ۾ ڄڻ ٻَڌي ويٺي هوندي هئي. تنهنڪري مجبور ٿي کيس گهر موڪليو ويو. سندس پيءُ پريشان ٿي ويو. ۽ هن نينگري کي جيڪا سندس لاءِ ڳنڀير مامرو بڻجي وئي هئي. هڪ اهڙي ئي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ چاهيو، جهڙي اسڪول ۾ سندس ٻئي ڇوڪرا پڙهندا هئا. ان نئين اسڪول ۾ جيڪو ”فوبرگ سان آن تو ان“ ۾ هو، روزا پنهنجي اسڪول جي سرتين ۾ گهڻي مقبول ٿي وئي. ڇو ته هوءَ پنهنجي استادياڻين جون عجيب ۽ غريب، کل جهڙيون تصويرون ٺاهيندي هئي. استادياڻين کي پنهنجون بگڙيل تصويرون ڏسي سخت ڪاوڙ ايندي هئي، پر هن ڇوڪري سٺي طبعيت ۽ تصويرن جي جولاني ڏسي، هو به داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهنديون هيون. انهن ماسترياڻين، انهن تصويرن کي هڪ البم ۾ هڻي رکيو هيو. پر روزا خوش ڪانه هئي. سڀاويڪ طور هوءَ ڏاڍي حساس هئي. اسڪول جي سختين ۽ پابندين کان سندس دل بغاوت ڪندي هئي. هوءَ پنهنجي هم ڪلاسين کي ريشمي ڪپڙا پاتل ڏسي پئي ڪڙهندي هئي. هيءَ لوهه جي چمچي سان کائيندي هئي ۽ سندس پيالو ٽين جو هو. پر سندس ساهيڙين وٽ چانديءَ جا ٿانو هئا. پهرين ته هو ڪڙهندي ۽ ڦڪي ٿيندي هئي. پوءِ اُداس ۽ بي چين رهڻ لڳي. غربت جي ڪارڻ، گهٽتائيءَ جي احساس کيس ايترو ته تنگ ڪيو، جو هوءَ بيمار ٿي پئي ۽ نيٺ کيس گهر موڪلڻو پيو.
هاڻي پڻهنس کيس تعليم ڏيارڻ جي تجويز ترڪ ڪري ڇڏي ۽ کيس پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو. روزا پڻهنس جي اسٽوڊيو ۾ وڌيڪ اچڻ شروع ڪيو. ۽ پڻهنس جيان هن به چتر چٽڻ شروع ڪيا. هوءَ مٽيءَ جا بت جوڙيندي ۽ پڻهنس جي تصويرن جو نقل ڪندي هئي. سندس اُداسي دور ٿي چڪي هئي.
اوچتو، مسيو بونير کي احساس ٿيو ته ڌيڻس کي مصوريءَ جي خداداد صلاحيت ملي آهي. تنهنڪري هن کيس احتياط سان مصور سيکارڻ شروع ڪئي، پوءِ هن کي ”لوڊر“ جي جڳ مشهور تصوير خاني ۾ موڪليو ته هوءَ اُتي دنيا جي ناليرن مصورن جي تصويرن جانقل ڪري. هتي هن ڏاڍي محنت ڪئي. ”لوڊر“ جو ڊائريڪٽر کيس ائين محنت ڪندو ڏسي چوندو هو. ”مون تمام گهٽ ماڻهن کي ايتري جوش ۽ خلوص سان محنت ڪندي ڏٺو آهي.“
هڪ ڏيهاڙي هڪ انگريز، سندس تصوير جي تختي جي ڀرسان بيهي، سندس همت افزائي ڪئي، ”منهنجي ڌيءَ، تون ته ڏاڍو سٺو نقل ٿي ڪرينءَ، جي تو دل سان محنت ڪئي ته هڪ ڏينهن وڏي آرٽسٽ بڻجي ويندينءَ.“ انهن لفظن سان سندس همت اڃا به وڌي. ان ڏينهن هوءَ جڏهن گهر وئي ته کيس اسڪول جا ڏينهن ياد آيا، جڏهن هوءَ لوهه جي چمچي سان کاڌو کائيندي هئي. ۽ سوچيندي هئي ته، هڪ ڏينهن آئون پنهنجي هم ڪلاسين ڇوڪرين جيان امير ۽ خوش قمست بڻجي ڏيکارينديس.“
روزا بونير، قديم مصورن جي تصويرن جون جيڪي ڪاپيون ڪيون، سي جلدي وڪجي ويون. انهن مان ٿوري گهڻي آمدني ٿيس. اهي سڀ پئسا روزا خوشيءَ سان پڻهنس جو حوالي ڪري ڇڏيا. ڇو ته پڻهنس کي پئسن جي گهڻي گهرج هئي ٻي زال مان ٻه ٻار به هئس ۽ هڪ تازو ڄائو هو، جنهن جو نالو زومين هو. روزا جي ڪمائيءَ جي هڪ هڪ ڪوڏي ستن ٻارن جي گهراڻي تي خرچ ٿيندي هئي.
هاڻي روزا جي عمر سترهن سال ٿي وئي هئي. کيس منظر ڪشي ۽ تاريخي تصويرون ٺاهڻ پسن هيون. پر هڪ ڏينهن ٻڪريءَ جي تصوير ٺاهيائين، جيڪا ايڏي ته وڻيس، جو اُن کان پوءِ جانورن جون تصويرون ٺاهڻ پنهنجو مشغلون ٺاهي ورتو. وٽس ايترا ته ڏوڪڙ به نه هئا، جو هوءَ نموني جي لاءِ جانور وٺي يا ڀاڙي تي وٺي، تنهنڪري هوءَ پنڌ ڪافي پري هلي ويندي هئي ۽ هارين جي وٿاڻن ۾ مال جي ڌڻن ۽ جانور ڏسي انهن جون تصويرون جوڙيندي هئي. انهن ڏينهن هوءَ کيسي ۾ ماني کڻي ويندي هئي،پر اتي پهچي ماني کائڻ وسري ويندي هيس۽ سڄو ڏينهن سخت محنت ڪري شام جو گهر موٽندي هئي. اڪثر هوءَ مينهن ۾ ڀڄي پوندي هئي ۽ جوتا گپ ٿي ويندا هئس.
تمام جلد هن جانورن جي اڀياس جو سولو طريقو ڳولي ڪڍيو. پيرس جي ٻاهر، جانورن جا ڪيترائي ڪوس گهر هئا. هيءَ نوجوان ڇوڪري جانورن کي ڪسندو ڏسي نه سگهندي هئي، پر پوءِ به هوءَ جانورن جي اڀياس لاءِ ويندي هئي ۽ دل ٻڌي جانورن کي ذبح ٿيندو ڏسندي هئي ته جيئن انهن جي مرندڙ سسيءَ جي تڙپ کي تصوير جي شڪل ۾ چٽي سگهي. هوءَ اتي ويهي رهندي هئي. ڪاسائي ۽ ڌنار گڏ ٿي ڏسندا هئا ته ڪيئن هن جي قلم مان تصويرون جڙنديون ٿيون وڃن.
ان دوران بونير گهراڻو ”رور مفور“ جي هڪ ننڍي گهر جي ڇهين منزل تي منتقل ٿي ويو. ٻئي ڇوڪرا آگسٽ ۽ اسادور آرٽسٽ بڻجي ويا هئا. هڪ مصور هو ۽ ٻيو سنگتراش. روزا سڄو ڏينهن تصويرون جوڙيندي هئي ۽ شام جو دڪاندارن جي لاءِ ڪتابن جون تصويرون ٺاهيندي هئي يا جانورن جون ننڍيون مورتيون ٺاهيندي هئي. غربت جي باوجود به هي گهراڻو خوش هو. ڇو ته هاڻ کين تخليقي ڪم جي واندڪائي هئي.
گهر جي ڇت تي روزا رنگبرنگي گلن جو هڪ ڀاغيچو ٺاهيو هو. جتي هن تصويرن جو نمونو ٺاهڻ لاءِ هڪ رڍ پالي رکي هئي، جنهن جي اُن وڏي ۽ ريشمي هئي. سندس ڀاءُ اسادور ان رڍ کي ڪلهي تي کڻي ڏاڪڻين تا هيٺ لاهيندو هو ته جيئن هوءَ گاهه چري سگهي ۽ پوءِ وري ڇهين ماڙ تي کڻي ويندو هئس.
جڏهن روزا اوڻيهه سالن جي ٿي ته هن پنهنجون تصويرون دنيا جي سامهون پيش ڪرڻ ۽ نقادن جي تنقيد ٻڌڻ جي جرئت ڪئي، هن پنهنجون ٻه تصويرون رڍون ۽ ٻڪريون ۽ به سها فنون لطيفه جي نمائش لاءِ موڪليون. ماڻهو اهي ڏسي ڏاڍا سرها ٿيا ۽ تنقيد نگارن سان توقع موجب مٿس سخت تنقيد ڪا نه ڪئي. ٻي سال هن جون ”چراگاهه ۾ جانور“ ”سائي ميدان ۾ هڪ ڳئون“ ۽ ”وڪامجندڙ گهوڙو“ تصويرون نمائش ۾ پيش ٿيون ۽ ماڻهن کي گهڻيون پسند آيون. ٻن سالن کان پوءِ روزا ٻارنهن تصويرون نمائش لاءِ موڪليون. هن جي تصويرن جي ٻنهي طرفن پڻهنس ۽ ڀاڻهنس جون تصويرون لڳل هيون. هي پهريون موقعو هو هو هنن ٻنهي جون تصويرون به نمائش جي لاءِ پيش ڪيون ويون هيون. نقاد ڏينهون ڏينهن سندس ڪم جي وڌيڪ واکاڻ ڪرڻ لڳا ۽ اها ويڙهه گهڻي سخت نه رهي جيڪا روزا هيستائين غربت جي خلاف وڙهي رهي هئي.
1848ع ۾ روزا جڏهن ستاويهن سالن جي ٿي ته هن کي حقيقي ڪاميابي نصيب ٿي. سندس هڪ بهترين تصوير تي کيس چانديءَ جو تغمو ڏنو ويو ۽ ان کي انگلستان سرڪاري خريد ڪيو. انعام ڏيندڙ ڪميٽيءَ جي صدر هڪ وڏي ميڙ جي سامهون روزا بونير کي تحفو ڏنو. تنهن کان سواءِ فرانس جي حڪومت پاران کيس هڪ چانديءَ جو گلدان پيش ڪيو ويو.
روزا جيان سندس گهراڻي جا ٻه ڏينهن تبديل ٿي ويا. مسيو بونير کي ڇوڪرين جون ڊيزائنون جوڙيندڙ کٿاب جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. پر غربت مان ڇوٽڪارو به مليو ته آخري وقت، ڇو ته ان سال ريمنڊ جو انتقال ٿي ويو. ان بابت روزا لکيو، ”هن جو تخيل عظيم هو. پر کيس اسان کي پالڻ لاءِ تعليم ۽ تدريس جو ڪم ڪرڻو پيو. ان ۾ ئي هن جو وقت گذري ويو. کيس مهلت ملي ها ته ٻين وڏن مصورن جيان هن جو نالو به جيئرو هجي ها.“
هاڻي پڻهنس جي جاءِ تي روزا کي کٿاب جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. ۽ سندس ڀيڻ جو ليٽ به ان ئي کٿاب ۾ پڙهائڻ لڳي. ان سال روزا جي اها جڳ مشهور تصوير جيڪا هاڻ لڪسمبرگ جي گيلريءَ ۾ آهي. تيار ٿي، ان جو نالو ”نروين ۾ هر هلائڻ جو ڏيک“ آهي. هاڻي روزا کان ڪيترين ئي تصويرن جون فرمائشون ٿيڻ لڳيون. پر وٽس اڌ کان وڌيڪ فرمائشون پوريون ڪرڻ جو وقت نه هو.
چار سال پوءِ، ارڙهن مهينن جي سخت محنت ۽ ڪاوش کان پوءِ سندس سڀ کان وڌيڪ مشهور تصوير ”گهوڙن جو ميلو“ تيار ٿي ۽ نمائش جي لاءِ پيش ٿي. ان تصوير کي نه رڳو فرانس، پر آمريڪا ۽ انگلستان ۾ به خوب داد ڏنو ويو. هڪ انگريز اها اٺن هزارن ڊالرن ۾ خريدي پوءِ نيويارڪ جي مسٽر اي-ٽي اسٽوارٽ ان کي پنهنجي مشهور ”نگارخاني“ جي لاءِ خريديو. نيٺ اها تصوير نيو يارڪ جي ”ميٽرو پولٽن ميوزيم آف آرٽ“ کي سوکڙي طور پيش ڪئي وئي.
اهي تصويرون ايڏيون ته مشهور ٿيون جو نيپولين ٽين جي صلاحڪارن کيس صلاح ڏني ته کيس فرانس جو سڀ کان وڏو اعزازي تمغو ”ليچن آف آنر جو صليب“ عطا ڪيو وڃي. جيتوڻيڪ کيس ”تيري“ ۾ ان سرڪاري ڊنر ۾ مدعو ڪيو ويو. جنهن ۾ فنون لطيفه جي اڪيڊميءَ جا اعليٰ اعزاز حاصل ڪندڙن کي گهرايو ويندو آهي، پر نيپولين ٽين کي اها همت ڪا نه ٿي، جو هو ”ليچن آف آنر“ جي صليب هڪ عورت کي عطا ڪري سندس خيال هو ته، عام راءِ ان کي پسند نه ڪندي ۽ کيس سدائين پنهنجي تخت جي ڦرجي وڃڻ جو ڊپ هوندو هو.
پر روزا کي اهو ملائتو تمغو ملي ويو. هينري بيڪن پنهنجي ڪتاب ”سينچري“ ۾ بيان ڪيو آهي ته اهو تمغو ڪيئن ڏنو ويو. شهنشاهه نيپولين ٽيو 1865ع جي سياري جي موسم ۾ ڪجهه وقت لاءِ موڪلون گذارڻ پئرس کان ٻاهر ويو هو. سندس جاءِ نشين تي پنهنجي راڻي کي جانشين بنايو هئائين. ”فونٽين بلو“ جي شاهي محل کان روزا بونير جو گهر ”شاتوبي“ بلڪل ويجهو هو. جڏهن راڻي اسٽوڊيو ۾ داخل ٿي ته هوءَ ڪم ۾ رڌل هئي. راڻيءَ کيس ڀاڪر پاتو ۽ پيار ڪيو. اها ملاقات ڪجهه گهڙين جي لاءِ هئي. راڻي جنهن تيزيءَ سان آئي هئي. ان تيزيءَ سان هلي وئي سندس سواري ۽ چهٻڪن جو آواز آيو ۽ پوءِ ماٺار ڇانئجي وئي. هن جي وڃڻ کان پوءِ روزا کي خبر پئي ته جڏهن راڻيءَ کيس ڀاڪر پائي پيار ڪيو هو، تنهن مهل سندس بلائوز ۾ ليجن آف آنر جو صليب لڳايو ويو هو.
پنهنجي عمر آخري حصي ۾ روزا کي بيلجيم جي شاهه اعزازي صليب جي سوکڙي عطا ڪئي. اهو پهريون موقعو هو جو اهو اعزاز هڪ عورت کي عطا ڪيو ويو. اسپين جي بادشاهه به سندس ڪم جي قدر دانيءَ طور کيس هڪ اعزازي نشان عطا ڪيو.
جنهن زمان ۾ هوءَ ”گهوڙن جو ميلو“ ۽ ٻيا شاهڪار تيار ڪري رهي هئي. کيس پنهنجي ڪاروبار جي سلسلي ۾ مردن سان واسطو پوندو هو ۽ هن مردن جهڙا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا. ان عجيب لباس سبب ڪي ڏاڍا دلچسپ واقعا پيش اچڻ لڳا. هڪ واقعو، جنهن جو روزا جي دوستن ذڪر ڪيو آهي، هي آهي ته جڏهن هوءَ ٻهراڙيءَ مان واپس وري ته کيس پنهنجي هڪ ساهيڙي جي بيماريءَ جو اطلاع مليو، هوءَ ڪپڙا بدلائڻ کان سواءِ مرداني لباس ۾ ئي کيس ڏسڻ هلي وئي ساهيڙينس سان گڏ پلنگ تي ويهي رهي. جڏهن ڊاڪٽر آيو ته اهو سمجهائين ته ڪو نوجوان سندس مريض سان گڏ ويٺو آهي. اهو احتياط طور پوئين پير موٽڻ لڳو. سندس بيمارساهيڙيءَ رڙ ڪندي چيو، ”اڙي هن کي جلدي گهراءِ، هو اهو سمجهي واپس پيو وڃي ته تون منهنجو عاشق آهين ۽ آئون هت پئي مران.“ روزا ڊوڙ پائي هيٺ لٿي ۽ ڊاڪٽر کي سڏي آئي مرداڻو لباس روزا کي ايڏو ته وڻيو جو، هن پنهنجي عمر جو وڏو حصو ان ۾ ئي گذاريو اهو ئي لباس هن تصوير ٺاهڻ ۽ خاڪن ٺاهڻ جي لاءِ ”اسڪا چستان“ جي پهاڙن “ ۽ ”پيري نيز“ کان ٿي اسپين جي سفر م استعمال ڪيو. سندس ساهيڙي ”مدسوزيل مڪاس“ سدائين ساڻس گڏ رهي. هوءَ به آرٽسٽ هئي، پر روزا بونير جيتري مشهور نه هئي. ”پيري نيز“ مان هي ٻئي ساهيڙيون هڪ اهڙي غيرآباد علائقي مان لنگهيون جو ڪڏهن ڪڏهن ته ڇهن ڇهن هفتن تائين کين خچرن ۽ خچر سوارن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه ٿي آيو. هڪ ڀيرو هيئن به ٿيو جو روزا ۽ سوزيل مڪاس فاقا ڪڍڻ لڳيون ۽ ڏيڏر جلهي انهن جو اڳيون ٽنگون تري کائڻ شروع ڪيون. ٻن ڏينهن تائين سندس اها ئي غذا رهي.
اسڪاٽ لينڊ ۾ هن آرٽسٽ هيٺيون تصويرون ٺاهيون! ”پهاڙي ماڻهو“، ”هائي لينڊ جي بلنديون تي صبح جو ڏيک“، ”هائي لينڊ ۾ هڪ ڍنڍ جي پار.“ هوءَ جتي به ويندي هئي، سندس آڌر ڀاءُ شاهي مهمان جهڙو ٿيندو هو. سر ايڊون لينڊ سير جيڪو پاڻ به آرٽسٽ هو ۽ جنهن بابت روزا اڳ ڪٿي ڪئي هئي ته هوءَ ساڻس شادي ڪندي، سو سندس شاهڪار تصوير ”گهوڙن جو ميلو“ ڏسي چوڻ لڳو، ”هيءَ تصوير منهنجي هبر بازي کان کڻي وئي. جيتوڻيڪ عورت مٿان هار مڃڻ خراب ٿو لڳي.“
روزا ڪيترا سال پئرس ۾ ”ريوداس“ ۾ رهي، جتي وٽس ڏاڍو خوبصورت اسٽوڊيون هو. اسٽوڊيو جي ڇت ۾ روشنيءَ جو بندوبست هو. ڀتين تي تصويرون هيون ۽ فرش تي پراڻا هٿيار، غاليچا، ٽوپيون، ڪپڙا، شينهن، چيتن ۽ لومڙن جون کلون پکڙيون پيون هيون. هر جمع جي شام جو اسٽوڊيو ۾ سندس دوستن جي عام دعوت ٿيندي هئي، جيڪي ٿوري وقت لاءِ ضرور ايندا هئا ۽ هن عجيب و غريب ڪمري ۾ آرام ڪندا هئا. روزا پاڻ تصويرون ٺاهڻ ۾ رڌل رهندي هئي.
ڪيترن سالن تائين روزا ”فونٽين بلو“ جي ويجهو ”شاتوپي“ ۾ رهي. اهو قلعو لوئي پائز ڏهين جون زماني جو ٺهيل هو. هينري بيڪن اُن جو ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي.
”مکيه دروازو ته آهني زنجيرن ۾ گهمي ٿو ۽ ان ۾ ڪاٺ جون دريون آهن، تنهن کان سواءِ هڪ ننڍو دروازو آهي، جنهن ۾ خانقاهن جي دروازي جي هڪ دري آهي. ۽ دروازن تائين وڃڻ جا دروازا عام طور تي بند رهندا آهن. ٻاهران ڪنهن کي گهرائڻو هوندو آهي ته روزا گهنٽي وڄائيندي آهي. گهنٽيءَ جو ٻيو سرو ڦاٽڪ جي ويجهو آهي. جڏهن گهنٽي وڄندي آهي ته بي شمار ڪتا ڀونڪڻ لڳن ٿا. ڀانت ڀانت جون ٻوليون ٻولين ٿا. جڏهن ڪتن جو پهريون راڳ ختم ٿئي ٿو ته هڪ ننڍو پالتو ڪتو ٻاهر اچي ڀونڪڻ لڳي ٿو ۽ اهو راڳ ٻيهر شروع ٿي وڃي ٿو. ان دوران پنڃرن ۾ جيڪي باز ۽ طوطا بند آهن، سي به اسٽوڊيو جي ڪنڊ ۾ جاڳي پون ٿا ۽ هو به ان سنگيت ۾ شامل ٿي وڃن ٿا.
گهر جي پويان هڪ وڏو باغ آهي، ان کان پوءِ هڪ اوچي ڀت آهي ۽ پوءِ ٻيلو. ويجهو ئي ساوڪ جو ميدان ۽ گلن جون ٻاريون آهن. موسم سٺي هوندي آهي ته ساوڪ جي ميدان ۾ هڪ ڍڳو ۽ هڪ ڳئون چرندا نظر ايندا آهن. اهي روزا جي تصويرون ۾ نموني جو ڪم ڏيندا آهن.
”اسٽوڊيو تمام گهڻو وڏو آهي. ان جي هڪ سري تي وڏو آتش دان آهي. جنهن جي ٿنبن جي تهه ۾ ڀاڻهنس اسادور بونير جا تراشيل ٻه اصل قدبت جهڙا ڪتا آهن. آتش دان جي ٻنهي طرفن روزا بونير جي ماءُ ۽ پيءُ جون تصويرون آهن. سڄو ڪمرو جانور جي بُهه ڀريل سرن سان آراسته آهي ۽ جهرڪين کي جتي به موقعو ملندو آهي. پنهنجو آکيرو جوڙي وٺنديون آهن.“
ان عجيب ماحول ۾، هن آرٽسٽ ڪيترائي سال ڪم ڪيو. ايستائين جو مئي 1899ع ۾ 77 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين. ۽ پنهنجي پويان پنهنجون شاندار تصويرون يادگار طور ڇڏي وئي.

موچيءَ جو پٽ: جيڪو ٻارڙن جو وڏو اديب بڻيو

پهرين ڊسمبر 1819ع جي ڏينهن صبح جو سوير هڪ ننڍي وسندي ”اوڊ سني“ مان هڪ چوڏهن سالن جون نينگر، پنهنجي ملڪ ڊنمارڪ جي گاڌي جي هنڌ ”ڪوپن هيگن“ روانو ٿيو. ان سنهڙي سيپڪڙي ۽ عمر جي ڀيٽ ۾ قد جي ڊگهي ڇوڪري وٽ ايترا پئسا به نه هئا جو هو ڪنهن ٽانگي ۾ ويهي سگهي. سندس جسم تي پراڻو ۽ ڦاٽل ڪوٽ ۽ پيرن ۾ پراڻا بوٽ هئس. هو ڪڇ ۾ هڪ ننڍڙي هڙ دٻائي ڪوپن هيگن جي رستي تي پنڌ وڃي رهيو هو. اهو موچيءَ جو پٽ پنهنجو ڀاڳ آزمائڻ جي لاءِ ڪوپن هيگن وڃي رهيو هو. کيس پرين جي ڪهاڻين جو شهزادن جيان پنهنجي ڪاميابي ۽ آخري فتح جو مڪمل يقين هو.
ڇا هو ڪامياب ٿيو؟ ڇا سندس محنت رنگ لٿو؟ ڇا هو جنهن مقصد جي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي بيواهه امڙ کي ڇڏي ڪوپن هيگن وڃي رهيو هو. اهو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو؟ هي سوال ان همت واري ۽ صفاغريب نينگر جي زندگي جي ڪهاڻيءَ ۾ ملن ٿا. هڪ موچيءَ جو پٽ هو. سندس ننڍپڻ ۾ ئي پيءُ گذاري ويو هوس. بيواهه ماءُ جي خواهش هئي ته سندس پُٽ درزي ٿئي. پر هو ته اديب ۽ مشهور ڊراما نويس بنجڻ جا سپنا ڏسي رهيو هو. کيس جيڪو به ڪتاب هٿ چڙهندو هو اهو ڌيان سان پڙهندو هو، جيتوڻيڪ سندس تعليم پنجن درجن کان اڳيان نه وڌي سگهي هئي. هن ڪوپن هيگن وڃڻ جو ارادو ڪيو ۽ روزانو ماڻهنس کان وڃڻ جو موڪل گهرڻ لڳو. نيٺ سندس ماءُ، سندس مرحوم پيءُ جو ڪوٽ ڪڍيو ۽ وڍي سُبي کيس ننڍو ڪري ڏنو. ويچاريءَ وٽ پنهنجي پٽ کي ڏيڻ لاءِ ٻيو ڪجهه هو به ڪو نه، ڇو ته اها ئي سندس آخري موڙي هئي.
ڪوپن هيگن ويندڙ رستي تي هلندي هلندي جڏهن کيس ٻيپهري اچي ٿي ته سندس ڀر مان هڪ گهوڙي گاڏي اچي لنگهي. ڪو چوان کي هن سنهڙي ڇوڪري تي رحم اچي ويو ۽ کيس ٻين مسافرن سان گڏ ويهڻ جي موڪل ڏنائين. ان زماني ۾ ريلون يا موٽرون ته نه هيون، تنهنڪري سفر بگهين يا گهوڙي گاڏين ۾ ڪبو هو. 4 ڊسمبر 1819ع تي ان نينگر کي ”فيڊڪر برگ“ نالي ڳوٺ ۾ لاٿو ويو. اهو ڳوٺ ڪوپن هيگن کان ڪجهه ميلن جي فاصلي تي هو ۽ گاڌي واري شهر ۾ داخل ٿيندڙ هر شخص کان محصول ورتو ويندو هو. ان نينگر وٽ ته ڀاڙي جي لاءِ به ٽڪو به نه هو، سو محصول ڪٿان ڏي ها. تنهنڪري پنڌ هلڻ لڳو ۽ ڪوپن هيگن ۾ داخل ٿيو.
ڪوپن هيگن ڊنمارڪ جو سهڻو ۽ بارونق شهر آهي. ٻن ڏينهن تائين ته اهو ڳوٺاڻو نينگر اکيون ڦاڙي شهر جي وڏين عمارتن ۽ باغن کي ڏسندو رهيو. 8 ڊسمبر ته هو پڇائيندي پڇائيندي ناليواري موسيقار سيوني جي گهر جي دروازي تي پهتو ته نوڪرياڻي پڇس، ”ڇوڪرا ڪهڙو ڪم اٿئي؟“
”آئون مانواري سيوني سان ملڻ ٿو گهران، مون کي ڳائڻ جو شوق آهي ۽ مون ڪجهه ڊراما به لکيا آهن، جيڪڏهن منهنجي سيوني صاحب سان ملاقات ٿي وڃي ته آئون کيس شاگردي جي لاءِ درخواست ڪريان. آئون ٿيٽر ۾ نالو پيدا ڪرڻ ٿو گهران. ٻن ڏينهن کان مون ڪجهه به نه کاڌو آهي.“ نينگر آخري جملو ڏک ڀرئي آواز ۾ چيو. نوڪرياڻي ڇوڪري جون عجيب ڳالهيون ٻڌي ڏاڍي حيران ٿي ۽ اندر پنهنجي آقا کي ان عجيب مهمان جي باري ۾ ٻڌائڻ جي لاءِ وئي. موسيقار، سيوني پنهنجن ڪجهه شاعر، ڊرما نويس ۽ اديب دوستن جي دعوت ۾ رڌل هو. جڏهن نوڪرياڻي کيس عجيب ڇوڪري جي باري ۾ ٻڌايو ته ان مهل سيوني ۽ سندس سنگتي وڏي موج ۾ هئا. هنن نوڪرياڻي کي چيو، ”ڇوڪري کي اندر وٺي اچ، ڪجهه گهڙين جي لاءِ دل لڳي رهندي.“
نوڪرياڻي ڇوڪري کي اندر وٺي آئي. ڇوڪرو ڪجهه گهڙين تائين ته اکيون ڦاڙيون ڪمري جي شان ۽ شوڪت کي اکيون ڦاڙي ڏسندو رهيو.
”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ سيوني پڇس.
”هانز ڪرسچن اينڊرسن.“ Hans Christian Andersen ڇوڪري وراڻيو ۽ پوءِ پنهنجي مختصر زندگي جي ڪٿا ٻڌائي ۽ ادب ۾ نالو پيدا ڪرڻ جو خواهش جو اظهار ڪيو ۽ سيوني ۽ سندس سنگتي جيڪي ساڻس دل لڳيءَ ۾ مذاق جو سوچي رهيا هئا، سي هاڻ ڌيان ۽ سنجيدگي سان ڇوڪري جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳا ۽ هو ان کان ايترو ته متاثر ٿيا، هو هنن ان بي يارو مددگار ڇوڪري جي مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
اينڊرسن کين ٻڌايو ته هو هڪ ڊانسر بنجڻ ٿو چاهي، پر ڊانس ڪرڻ مهل سندس ڪمزور ٽنگون ڏڪڻ ٿيون لڳن. پوءِ هن چيو هو راڳي بنجڻ ٿو چاهي، پر هن جي آواز جي پهرين تان ئي ڦاٽي وڃي ٿي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن هڪ ڊرامو شاهي ٿيٽر جي ڊائريڪٽر کي ڏنو. ڊائريڪٽر ان ڊرامي تي لکيو: هن قسم جون بيڪار شيون ٿيٽر ۾ پيش ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. هن ۾ ته هجي جون به اڻ ڳڻيون غلطيون آهن. ايئن کيس هر طرف ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو، پر هن همت نه هاري. هو ڊراما، نظم ۽ ڪهاڻيون لکندو رهيو. هاڻ هو ڪوپن هيگن ۾ سڀني اديبن ۽ شاعرن ۾ مشهور ٿي ويو هو. انهن مان ڪي ته سندس مذاق اڏائيندا ۽ کيس چريو سمجهي، پنهنجي محفلن ۾ مٿس کلندا هئا. پر اهو ڇوڪرو ڪوپن هيگن ۾ ئي رهيو ۽ ڪجهه مهينن کان پوءِ ڪوپن هيگن جي شاهي ٿيٽر جي ڊائريڪٽر جو نارلين، اينڊرسن جي شوق کي ڏسي کيس اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو ۽ ان اسڪول جي هڪ استاد وٽ اينڊرسن جي رهڻ جو بندوبست به ڪيو. اينڊرسن جي زندگي ۾ اسڪول جي اهو زمانو مصيبت جو وقت هو. هو پنهنجي قد جي ڪري ننڍن ٻارن ۾ ”لم ڍينگ“ مشهور ٿي ويو. هو شعر ته لکي ٿي سگهيو، پر نقشي تي ڪوپن هيگن ٻڌائي نه سگهيو. تنهنڪري ٻار سندس مذاق اڏائيندا هئا ۽ استاد ساڻس سختيءَ سان پيش ايندا هئا. هو هن جي لکڻ جو شوق کي به سٺي نظر سان نه ڏسندا هئا. تنهنڪري اينڊرسن اهو بدنصيب شاگرد هو، جنهن جو اسڪول يا ان کان ٻاهر ڪو به دوست يا همدرد نه هو. هو ويچارو هن دنيا ۾ پاڻ کي اڪيلو سمجهندو هو.
1828ع ۾ هن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. اهو هن جو پهريون ۽ آخري امتحان هو. هاڻ هو پنهنجو سڄو وقت ڪهاڻيون لکڻ ۾ گذاريندو هو. ان عرصي ۾ هن جرمني، آسٽريا ۽ فرانس جو سفر به ڪيو. 1835ع ۾ سندس پهريون ناول ڇپيو، جيڪو ڏاڍو پسند ڪيو ويو ۽ ان جو جرمن زبان ۾ ترجمو ڪيو ويو. ستن سالن کان پوءِ ان ناول جو انگريزي زبان ۾ به ترجمو ٿيو. هاڻ اينڊرسن اديبن جي قطار ۾ ڳڻجڻ لڳو. شاه ڊنمارڪ ان موچي جي پٽ جي شوق ۽ ذوق کان متاثر ٿي هن جي لاءِ ساليانو وظيفو مقرر ڪيو. هاڻ اينڊرسن کي روزي ڪمائڻ کان ڪنهن حد تائين ڇوٽڪارو ملي ويو. پوءِ اينڊرسن پهريون ڊرامو لکيو. جيڪو شاهي ٿيٽر ۾ پيش ڪيو ويو. جڏهن اهو ڊرامو ختم ٿيو ۽ اينڊرسن هڪ دوست جي گهر پهتو ته شهرت سان گڏ سندس ڪيترا دوست بڻجي چڪا هئا. اتي اينڊرسن زور زور سان روئڻ لڳو. دوست جي زال سمجهيو ته ڊرامو ناڪام رهيو آهي ۽ اينڊرسن پنهنجي ناڪاميءَ تي روئي پيو تنهنڪري هن ڏڍ ڏيندي چيس، ”ڪڏهن ڪڏهن مشهور ليکڪن جي ڊرامن کي تماشائي پسند نه ڪندا آهن، تنهنجو ته اهو پهريون ڊرامو هو، توکي همت هارڻ نه گهرجي.“ جواب ۾ اينڊرسن زور سان سڏڪو ڀري چيو، ”منهنجو ڊرامو ته تماشائين ڏاڍو پسند ڪيو ۽ هنن ڊراما نويس زندهه باد جا نعرا به هنيا.“
”ته پوءِ ان خوشي جي موقعي تي اهو روئڻ ۽ پچڪڻ ڇو.؟“ اينڊرسن جي زندگيءَ ۾ اها عجيب ڳالهه هئي ته هو خوشي ۽ ڏک، ٻنهي موقعن تي بي اختيار روئڻ لڳندو هو. هن جي طبعيت ايتري ته سادي هئي، جو سڄي يورپ ۾ مشهور ٿي ويو. ته به سندس طبعيت جي سادگي نه وئي. هو بنا هٻڪ ٻڌائيندو هو ته هو هڪ موچيءَ ۽ مفلس بيواهه جو پٽ آهي ۽ سندس اها شهرت سندس اڻٿڪ محنت ۽ ڪجهه ماڻهن جي مهربانيءَ جو نتيجو آهي ۽ هو جڏهن به پنهنجي اها ڪهاڻي ٻڌائيندو هو ته سندس اکين مان بي اختيار لڙڪ جاري ٿي ويندا هئا.
1835ع ۾ هن پرين جي ڪهاڻين جو ڪتاب شايع ڪيو. ڪتاب تي ”ٻارن لاءِ ڪهاڻيون“ لکيل هيون، پر انهن ڪهاڻين کي هر عمر جي شخص ايترو ته پسند ڪيو، جو اينڊرسن کي بار بار چيو ويندو هو ته هو ان قسم جون ڪهاڻيون لکي. اينڊرسن جي خواهش هئي ته اهي ماڻهو کيس ملڪ جو سڀ کان وڏو ڊرامه نگار ۽ ناول نويس سمجهن. هن ڪيترائي ڊراما ۽ ناول لکيا، پر سندس ٻارن جي لاءِ لکيل ڪهاڻين جو ايترو ته چرچو ٿيو، جو فقط ٻن سالن ۾ يورپ جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ انهن جو ترجمو ڇپجي ويو. اهي ڪهاڻيون ايتريون ته سٺيون ۽ ادبي لحاظ کان ايتريون ته مٿانهون هيون، جو ڊنمارڪ جي وڏن وڏن اديبن انهن کي شاهڪار قرار ڏئي ڇڏيو. انهن اديبن جو خيال هو ته ”اينڊرسن جون اهي ڪهاڻيون سدائين جيئريون رهنديون. وقت گذرڻ سان گڏ ماڻهو سندس سڀ شعر، ناول، ڊراما ۽ سفر ناما وساري ڇڏيندا. پر اينڊرسن پنهنجي وانڌڪائي جي وقت ۾ جيڪي ڪهاڻيون ٻارن لاءِ لکيو هيون، اهي يورپ جي ادب جي هڪ خاص سوکڙي ثابت ٿينديون،“ انهن جو خيال صحيح ثابت ٿيو. اڄ دنيا جي ڪا به اهڙي زبان نه آهي، جنهن ۾ اينڊرسن جي انهن ڪهاڻين جو ترجمو نه ٿيو هجي.
اينڊرسن شادي نه ڪئي. هو سڄي عمر ادبي ڪمن ۾ رڌل رهيو. نيٺ 4 آگسٽ 1875ع تي جڏهن سندس عمر سٺ سال ٿي ته هو ڪجهه ڏينهن بيمار رهڻ کان پوءِ گذاري ويو. سندس جنازو سندس ڳوٺ ”روڊنسي“ نيو ويو ۽ اتي وڏي عزت ۽ شان سان دفنايو ويو.
ڪجهه عرصي کان پوءِ ”روڊنسي“ ۾ هائنز ڪرسچن اينڊرسن“ جي ياد ۾ هڪ عجائب گهر ٺاهيو ويو. جنهن ۾ اينڊرسن جي هٿ جون لکيل ڪهاڻيون، سندس استعمال ۽ ايندڙ شيون، سندس لکڻ جي ميز ۽ ڪرسي رکي وئي. عجائب گهر جي ٻاهر اينڊرسن جو هڪ وڏو مجسمون کوڙيو ويو. هر سال ”روڊنسي“ ۾ ٻارن جو ميلو لڳي ٿو ۽ پري پري کان ٻارڙا اينڊرسن جي اُن عجائب گهر کي ڏسڻ لاءِ ايندا آهن. ان ميلي ۾ اينڊرسن جي ڪهاڻين جا ڏاڍا خوبصورت ڪتاب سستي اگهه ۾ وڪرو ڪيا ويندا آهن.
هائنز ڪرسچن اينڊرسن پنهنجي بي مثال شخصيت ۽ سچن جذبن ۽ ادبي گُڻن جي ڪري ڏينهن قيامت تائين ياد ڪيو ويندو ۽ سندس ڪهاڻيون، پنهنجو جادو جڳائينديون رهنديون.

بل گيٽس: رول ماڊل ڪردار

سال 2011ع ۾ مشهور آمريڪي رسالي ”فوربس“ دنيا جي با اثر شخصيت تي ٻڌل هڪ فهرست ڇپي. شايد اوهان کي اهو انومان هجي ته سڀ کان مٿانهو نالو آمريڪي صدر جو هوندو. يا وري چيني يا روسي وزيراعظم جو. اوهان جو اندازو غلط آهي. اهو مٿانهون مقام ”بل گيٽس“ کي عطا ٿيو، جيڪو دنيا جو ٻيون نمبر امير ترين شخص آهي.
پر سندن ان اعزاز حاصل ڪرڻ جو سبب طاقت، دولت يا شهرت نه آهي، پر کيس اهو اعزاز اُن ڪري ڏنو ويو ته هو گذريل پندرهن سورهن سالن کان ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪرڻ ۾ رڌل آهي. هن جيڪي اربين ڊالر ڪمايا، انهن جو وڏو حصو غريب بيمارن جي صحت بهتر بنائڻ ۽ خرچ ڪري ڇڏيا. اڄ بل گيٽس 54 ارب ڊالرن جي ملڪيت رکي ٿو، پر جيڪڏهن هو پنهنجا 28 ارب ڊالر (2464 ارب روپيا) پنهنجي فلاحي تنظيم ”بل اينڊ ميلنڊ گيٽس فائونڊيشن“ کي نه ڏي ها ته اڄ هو ميڪسيڪو جي ڪاروباري همراهه ڪارلوس سليم کان وڌيڪ دولت مند هجي ها،
جيڪو 74 ارب ڊالرن جو مالڪ آهي.
”بل اينڊ ميلنڊ فائونڊيشن“ جو بنيا 1994ع ۾ رکيو ويو. اُن وقت کان وٺي اها فلاحي تنظيم صحت، غربت جي خاتمي ۽ تعليم جي وڌاري لاءِ 25 ارب ڊالر (2200 ارب روپيا) خرچي چڪي آهي. ان ڳالهه مان ان تنظيم جي پکيرڙ جو اندازو لڳا سگهجي ٿو. هن وقت ان تنظيم وٽ 37 ارب ڊالر (3256 ارب روپيا) کان به وڌيڪ اثاثا آهن. جيڪا ڳالهه کيس دنيا جي سڀ کان وڏي غير سرڪاري فلاحي تنظيم بنائي ٿي.
ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪرڻ بل گيٽس جو مشن بڻجي ويو آهي، ايتريقدر جو ان عظيم جذبي سندس سڀئي دنياوي جذبا ۽ خواهشون ختم ڪري ڇڏيون آهن. ماڻهو سڄي زندگي جائز ۽ ناجائز طريقن سان وڏي محنت ۽ وٺ پڪڙ کان پوءِ عام طور پئسا اُن ڪري ڪمائيندا آهن ته پنهنجن ستن پيڙهين لاءِ ڪجهه ڇڏي وڃن. پر بل گيٽس جي حياتي جو مقصد بلڪل ٻيو آهي. بل گيٽس ۽ سندس زال ميلنڊهه جا ٽي ٻار آهن. پندرهن سالن جو جيمز، ٻارهن سالن جي ردوري ۽ نون سالن جي فوب. سڀني مائٽن جيان بل ۽ ميلنڊهه کي به پنهنجن ٻارن سان محبت آهي. انهي جي ڪري هئڻ ته ايئن گهرجي ته هو پنهنجن ٻارن جي هر جائز ۽ ناجائز خواهش پوري ڪن. پر بل اهو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته سندن ٻارن کي سندس ملڪيت مان تمام گهٽ حصو ملند، يعني هر ٻار هڪ ڪروڙ ڊالر (88 ڪروڙ روپيا) جيتوڻيڪ اها ڪا معمولي رقم نه آهي. پر بل جي اڻ ڳڻي دولت ڏسي، اها اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهي. دراصل بل پنهنجي باقي سڄي دولت انسانيت جي ڀلائي ۽ بهتريءَ جي لاءِ خرچڻ ٿو چاهي. بل گيٽس جو موقف آهي ته هن پنهنجن ٻارن کي هر آسائش ۽ سهوليت مهيا ڪري ڏني آهي، هو کين اعليٰ ۽ معياري تعليم به ڏياري رهيو آهي. هڪ پيءُ پنهنجي اولاد کي جيتريون به دنياوي نعمتون ڏئي سگهي ٿو، اهي کين ميسر آهن. تنهنڪري هاڻ اها سندن پنهنجي ذميواري آهي ته هو پنهنجن پيرن تي بيهن ۽ دولت، عزت ۽ شهرت ڪمائين. ان سوچ تحت بل گيٽس، محنت ۽ ذهانت جي آڌار تي ڪمايل پنهنجي سڄي دولت ٻارڙن کي ڏيڻ نه ٿو چاهي.
بل جي 1994ع ۾ شادي ٿي ۽ ان ئي سال سندس مٺڙي امڙ ميري ڇاتيءَ جي ڪينسر سبب گذاري وئي. ميريءَ جي موت گهروارن کي اُداس ڪري ڇڏيو، پر خاص ڪري سندس مس بل سينئر کي احساس ٿيو ته زندگي گذارڻ جي خاطر ڪو مقصد ضرور هجڻ گهرجي. کيس اهو لکت ۾ نوٽ بار بار ياد پي آيو، جيڪو ميريءَ، شاديءَ واري ڏينهن پنهنجي ننهن کي ڏنو هو: ”جن انسانن کي گهڻي (دولت) ملي، انهن کان (ڏيڻ جي) توقع به گهڻي هوندي آهي.“ تنهنڪري امڙ جي موت کان متاثر ٿي بل، پيءُ جي چوڻ تي هڪدم پنهنجي فلاحي تنظيم جو بنياد وجهي ڇڏيو.

دنيا بدلائڻ جو ارادو
ڪاروباري سرگرمين ۾ رڌل بل گيٽس کي هوريان هوريان ڏکويل انسانيت جي مسئلن جو احساس ٿيو. هن پڪو پهه ڪيو ته هو پنهنجي دولت ۽ اثر رسوخ کي استعمال ڪري عريبن جي حالت بدلائي ڇڏيندو. تنهنڪري هن 2008ع ۾ ”مائيڪرو سافٽ ڪمپني“ کان ڌار ٿي، پنهنجو سمورو وقت فلاحي سرگرمين جي لاءِ ارپي ڇڏيو. هو پنهنجي مشن خاطر اهڙا قدم کڻڻ کان به نه ٿو مڙي، جنهن کي ڪيترائي ماڻهو تڪراري سمجهندا آهن. جهڙوڪ: بل گيٽس چاڊ وڃي پهتو، جتي هن چاڊ جي صدر ”ادريس ڊيبي“ سان گڏ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ۽ ساڻن سٺو وقت گذاريو. سندس ان قدم تي اولهائين ميڊيا واويلا مچائي ته بل گيٽس آمريڪا جي دشمنن سان هٿ پيو ملائي. دراصل هاڻ بل گيٽس وٽ ڪاميابي جو معيار اهو آهي ته هو ڪيترن ماڻهن جون زندگيون ٿو بچائي ۽ ڪيترن کي معذور ٿيڻ کان روڪي سگهي ٿو. تنهنڪري هو پنهنجي مشن جي ڪاميابيءَ لاءِ هر ان شخص سان هٿ ملائڻ جي لاءِ تيار آهي، جيڪو طاقت، اثر رسوخ ۽ سرمايو رکندو هجي، پوءِ ڀلي اهو آمر هجي يا اسمگلر، چاڊ جو شمار دنيا جي صفا غريب ملڪن ۾ ٿئي ٿو. اتان جي اسي سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان به هيٺ ٿي گذاري، تنهنڪري بل گيٽس جنرل ادريس سان مليو ته جيئن هو غربت جي خاتمي جي سلسلي ۾ اثرائتي سرڪاري پاليسي ٺهرائي سگهي.
بل گيٽس جو چوڻ آهي ته، ”منهنجي نظر ۾ هر انسان جي زندگي قيمتي آهي ۽ جيڪڏهن اها خطري ۾ آهي ته ان کي محفوظ رکڻ منهنجي ذميواري آهي. اها به هڪ قسم جي سيڙپڪاري آهي، پر يونٽ وڪڻن ۽ فائدو ڪمائڻ کان ٿوري مختلف! پر اها به قابل پئمائش آهي ۽ ايئن ڪرڻ ۾ اهو به ممڪن آهي ته اوهين بهترين منزل تي يقين رکو ۽ اتي پهچڻ جي جاکوڙ ۾ پنهنجي زندگي به داءَ تي لڳائي ڇڏي.“
هن وقت بل گيٽس جي سامهون سڀ کان وڏو ڪم اهو آهي ته هو سڄي دنيا ۾ غريبن ۽ خاص ڪري ٻارن کي نشانو بڻائيندو بيمارين جو ٽوڙ ڪندڙ ويڪسين تيار ڪرايون وڃن. انهن بيمارين ۾ ارڙي، مليريا، هيپاٽائٽس بي، روٽا وائرس، ايڊز وغيره شامل آهن، ان سلسلي ۾ ڇهن ارب جي لاڳت سان هڪ زبردست طبي رٿا جاري آهي. ماهرن چواڻي اهو طبي تاريخ جو سڀ کان وڏو فلاحي منصوبو آهي. اهو شروع ڪرڻ جو سبب اهو آهي ته نه رڳو ويڪسينون ايجاد ڪرايون وڃن، پر اهي سستيون به هجن، جيئن غريب ماڻهون سولائي سان سان اهي خريد به ڪري سگهن. بل چوي ٿو، ”جيڪڏهن ارڙي جي ويڪسين ويهن پنجويهن روپين ۾ دستياب هجي ته دنيا جو ڪو به ٻارڙو ان مرض ۾ مبتلا نه ٿو ٿي سگهي.“
اهو مٿين منصوبي جو ئي اعجاز آهي، جو اڄڪلهه ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ ارڙي جي سستي ويڪسين دستياب آهي. اها بيماري پنهنجي جوڀن واري دور ۾ هر سال 15 لک ماڻهو ماري ڇڏيندي هئي. پر هاڻ اهو انگ ٽن لکن تي وڃي بيٺو آهي. اهو بل گيٽس جو ئي ڪارناموآهي، جنهن پنهنجي دولت ۽ شهرت جي مدد سان اهو عظيم ڪارنامو سر انجام ڏنو. ذڪر جوڳي ڳالهه آهي ته 56 سالن جي بل گيٽس اڃا ايترو پوڙهو ڪونهي، جو موت کيس ڊيڄاري، اڃا هو عمر جي ان حصي ۾ آهي، جو جيڪڏهن چاهي ته زندگيءَ جون سڀ آسائشون دل کولي ماڻي سگهي ٿو. کيس دنيا جهان جون نعمتون به حاصل آهن، پر هن سڀني آسائش کي تياڳي پنهنجي مشن کي ترجيح ڏني ۽ زال سان گڏجي غريبن جي وچ ۾ گهمي ڦري، اٿي ويهي ٿو. بل گيٽس چوي ٿو:
”منهنجي خواهش اها آهي ته پنهنجي ڪوشش سان، سڄي دنيا ۾ انسانن جي موت جي شرح کي 80 سيڪڙو تائين گهٽائي ڇڏيان. جيڪڏهن آئون ۽ منهنجي ٽيم اهو نشان حاصل ڪري نه سگهي ته مون کي ڏاڍو صدمو رسندو. ان جي معنيٰ اها هوندي ته اسان پنهنجو ڪم صحيح نموني نه ڪيو آهي.“
جيڪڏهن ڪو، ڪجهه ڪلاڪ بل گيٽس سان گڏ گذاري ته هن جي دل خوش ٿي وڃي ٿي. ان وقت کيس مستقبل جي هڪ اهڙي دنيا نظر اچي ٿي، جنهن ۾ ڏک، پيڙائون ۽ مسئلا گهٽ هوندا. ان وقت کيس اهو سونهري موقعو به ملي ٿو ته هو انساني تاريخ جي عظيم ترين ڪاروباري دماغ ۾ جانچي، ۽ سندس Vision جو مشاهدو ڪري سگهي. اهي غير معمولي دماغي صلاحيتون ئي آهن، جن جي آڌار تي بل گيٽس اڻ ڳڻيا مونجهارا سلجهائي، مائيڪرو سوفٽ جهڙو شاندر ادارو کڙو ڪيو. هاڻ انهن ئي صلاحيتن کي ڪتب آڻي، هو بني نوع انسان کي درپيش تڪليفن کي ختم ڪرڻ ٿو چاهي. ان ڪم ۾ سندس زال ساڻس گڏ آهي، ۽ ٻنهي اهو پڪو پهه ڪري ورتو آهي ته هو پنهنجي طاقت ۽ موڙي جي ٻَل تي دنيا کي ضرور بدلائيندو.

مالٿس سان منهان منهن
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته بل گيٽس بيمارين جي خلاف جهاد هڪ اهڙي نظريي جي بنياد تي ڪيو، جنهن مشهور برطانوي مفڪر ”ٿامس مالٿس“ جي ٻن صدين کان اٽل هليو ايندڙ نظرين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. انهن نظرين جو جوهر اهو آهي ته: جيئن ته ڌرتي جي گولي تي وسيلا گهٽ يا وڌ ٿي نه ٿا سگهن، تنهنڪري آباديءَ ۾ بي حساب واڌارو هڪ نه هڪ ڏينهن انسانيت کي ختم ڪري ڇڏيندو. بل ۽ ميلنڊهه به ڪنهن وقت ان تي نظرييي تي ايمان رکندا هئا.
1994ع ۾ پنهنجي شادي کان پوءِ بل ۽ ميلنڊهه گهمڻ ڦرڻ جي لاءِ آفريقا به ويا. جتي هنن جهنگلن ۾ شڪار ڪيو ۽ خونخوار جانور کي هرڻن جي پويان ڀڄندي ڏٺو. پر جلد ئي سندن ڌيان اُتي رهندڙ ڳوٺاڻن ڏانهن ٿيو. هنن ڏٺو ته لڳ ڀڳ هر گهراڻو پنجن کان ڏهن ڀاتين تي ٻڌل آهي. عورتن جو حامله رهڻ معمول جي ڳالهه آهي. عورتون گهرو ڪم ڪار ڪندي، ٻارن کي به سنڀالينديون ۽ ايندڙ جي تياريءَ ۾ پڻ مصروف رهن ٿيون. ڳوٺن ۾ غربت تمام گهڻي آهي، تنهنڪري ٻارڙن کي پيٽ ڀري ماني کائڻ جو موقعو به نه ٿو ملي. يا هو عام بيماري ۾ مبتلا هوندا آهن ته به کين موت اچي نهوڙيندو آهي. مطلب ته نان سان پليل بل گيٽس ۽ ميلنڊهه پهريون ڀيرو آفريقا ۾ وڃي پنهنجي اکين سان غربت ڏٺي ته اها ڪيتري ته ڀوائتي آهي. پوءِ ماءُ جي وفات گرم لوهه تي ڌڪ جو ڪم ڪيو ۽ ايئن بل گيٽس انسانيت جي فلاح لاءِ عملي قدم کڻڻ لڳو. پر مالٿس جي نظريي جي اثر هيٺ بل گيٽس کي يقين هو ته دنيا جي آبادي گهٽ ٿيڻ سان انسانيت کي درپيش مسئلن جهڙوڪ: غربت، بي رزوگاري وغيره مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو. تنهنڪري هن سڀ کان پهرين ترقي پذير مڪلن ۾ هلندڙ خانداني رٿا بندي جي پروگرامن کي مالي مدد ڏني. انهن پروگرامن جو مقصد عورتن کي حمل ٿيڻ کان روڪڻ جا طريقا سيکارڻا هئا. بل گيٽس جي نظر ۾ دنيا کي خوشحال ۽ ترقي يافته بنائڻ جو اهو ئي سولو طريقو هو. ان وقت کيس ويڪسين ٺاهڻ ۽ دوائون ايجاد ڪرڻ بي معنيٰ لڳو. هن سمجهيو ٿي ته ٻارن جون جانيون بچائڻ سان دنيا جي آباديءَ ۾ تمام گهڻو واڌارو ٿيندو. ايئن غربت ۾ گهڻ آبادي وارن ملڪن ۾ غربت يا گهرو ويڙهه سبب هو نيٺ موت جي کاڄ بڻجي ويندا.
ٻي طرف هن هڪ ارب ڊالرن جي لاڳت سان آمريڪا ۾ هڪ تعليمي رٿا شروع ڪئي، مدعا اها هئي ته قومي تعليمي نظام ۾ سڌارا متعارف ڪرايا وڃن. ان وقت سندس خيال هو ته هڪ ڪلاس ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻار هئڻ سان هر هڪ ٻار کي استاد جو ڀرپور ڌيان حاصل ٿي سگهندو. پر اهو فارمولو اڳتي هلي ناڪام ثابت ٿيو. دراصل بل گيٽس کي باوقار نتيجا پسند آهن، پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته کيس سڀ عظيم ڪاميابيون ڪجهه ڀيرا ناڪام رهڻ کان پوءِ مليون. جهڙوڪ: ونڊوز کي مڪمل طور تي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ کيس ٽي Vision ايجاد ڪرڻا پيا. ايئن ڊالر ذيان ٿي ويس. پر بل گيٽس جي خوبي اها آهي ته هو ناڪامي کان پوءِ به همت نه ٿو هاري، ٻي خوبي اها اٿس ته جيڪڏهن ڪو هڪ نظريو يا خيال غلط ثابت ٿيو ته هو هٺ ڌرمي نه ٿو ڏيکاري، پر هڪدم واٽ بدلائي ٿو ڇڏي. تنهنڪري تعليمي رٿائن دوران جڏهن اهو ثابت ٿيو ته ڪلاس ۾ ٻارن جي گهٽ وڌيڪ سان ڪو به فرق نه ٿو پوي، پر استاد جو تعليمي معيار بنيادي شيءِ آهي. تنهنڪري بل ڪروڙين ڊالر خرچ ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي رٿا بدلائي ڇڏي.
صحت جي رٿا بنديءَ ۾ به هو اهڙي تجربي مان گذريو. 1998ع ۾ ’بل اينڊ ميلنڊهه فائونڊيشن‘ جو سربراهه بل جو پيءُ گيٽس سينئر هو. هڪ ڏينهن هن صحت جون مختلف رٿائون سر انجام ڏيندڙ تنظيمن جو اجلاس سڏرايو، ان ۾ بل گيٽس به شريڪ ٿيو. اجلاس جو بنيادي موضوع هو ڄم روڪ طريقا ڳولهڻ. پر ڪن تنظيمن جي رپورٽن ۾ لکيل انگن اکرن بل گيٽس کي بي چين ڪري ڇڏيو ۽ هو انهن جو مطالعو ڪرڻ ۾ محو ٿي ويو. انهن روپورٽن پڙهڻ سان بل تي انڪشاف ٿيو ته ڪنهن به سماج يا قوم ۾ موت جي شرح گهٽي ته اُتي سالياني پيدائش جو تناسب به گهٽجي ويو. ايئن ان سماج ۾ ٻيهر آبادي وڌڻ جو تناسب به معمول تي اچي ويو. مطلب اهو ته کين اڪثر والدين ان ڪري ڏهه ٻارنهن ٻارڙا پيدا ڪندا آهن ته کين خبر هوندي آهي ته سندن گهڻا ٻار بک ۽ بيمارين سبب مري ويندا.
ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته جيڪڏهن ماءُ ۽ پيءُ کي ان ڳالهه جي خبر هجي تي ته ٻارڙا پوري عمر پائيندا ته هو فطري طور گهٽ ٻار ڄڻيندا. اهو هڪ وڏو انڪشاف هو، تنهنڪري بل گيٽس صحت بابت پنهنجي سڀني رٿائن کي يو ٽرن ڏئي ڇڏيو. هاڻ هڪ ڄم روڪ رٿائن تي ڪم ڪرڻ بدران پيدا ٿيل ٻارن جون حياتيون بچائڻ تي اربين روپيا خرچڻ لڳو. بل چوي ٿو، ”جڏهن مون تي اهو انڪشاف ٿيو ته اسان ويڪسين خريدڻ جو فيصلو ڪيو.“

صحت جو جادوئي اوزار
1998ع ۾ بل چاهي ها ته ڪلينڪن ۽ ڊاڪٽرن جي مدد حاصل ڪري ٿي سگهيو، پر کيس اهو دائرو صفا محدود نظر آيو. صلاح مشوري کان پوءِ کيس اندازو ٿيو ته ڪروڙين ٻارن کي تندرستي عطا ڪندڙ طبي جادوئي اوزار ويڪسين آهي، ڇو ته ان ته گهٽ لاڳت ٿي اچي. پئسو ته ڪو به مسئلو نه هو. ويڪسين کي ان ڪري چونڊيو ويو ته اها گهٽ وقت ۾ توانائي سان بيمارين تائين پهچائڻ ممڪن هئي. تنهنڪري بل ۽ سڀني فلاحي سرگرمين ۾ شامل بيگم ميلنڊهه فيصلو ڪيو ته سندن موڙيءَ جو بهترين استعمال ويڪسين خريدڻ آهي، ڇو ته ايئن لکين انساني جانيون بچائڻ ممڪن آهي.
ويڪسين تي خاص ڌيان ڏي بل گيٽس طب جي شعبي ۾ انقلاب پيدا ڪري ڇڏيو. انقلابي ۽ جديد تبدليون آڻڻ ۽ هن مشهور آمريڪي مخير هستي ’راڪ فيلر‘ کي به پٺتي ڇڏي ڏنو، جنهن جي ’راڪ فيلر انسٽيٽيوٽ براءِ طبي تحقيق‘ ويهين صديءَ ۾ڪيتريون ئي نيون دوائون تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. بل گيٽس جو ڪارنامو اهو آهي ته هن ان وقت ويڪسين تي ڌيان ڏنو، جڏهن ڪيتريون ئي دواساز ڪمپنيون، انهن کي ڪن سين جي ڪري خطرناڪ قرار ڏئي. اهي ٺاهڻ لاءِ تيار نه هيون.
بل سڀ کان پهرين گڏيل قومن کي ڪروڙين ڊالر ڏنا ته جيئن اها ويڪسين خريد ڪري غريب ملڪن ۾ ورهائي سگهي. ان رٿا جي نگراني هڪ غير سرڪاري تنظيم پاٿ (پروگرام فار اپرو پرائٽ ٽيڪنالوجي هيلٿ) جي حوالي ڪئي وئي. اهو تحفو ڏيڻ جي سلسلي ۾ بل جي واشنگٽن ۾ شاندار گهر هڪ شاندار تقريب ڪوٺائي، جنهن ۾ ڪيترائي مشهور ڊاڪٽر سائنسدان شريڪ ٿيا. تقريب جي دوران بل اُتي موجود حاضرين کان سوال پڇيو ته، ”جيڪڏهن اوهان کي سائنسي تحقيق جي لاءِ گهربل رقم ملي وڃي ته ڇا نئين ويڪسين جي ايجاد ممڪن آهي؟“ جواب ۾ ڪيترن ئي طب جي ماهرن نوان خيال ۽ نظريا پيش ڪيا. ان ڳالهه مان اتساهه وٺي بل 1999ع ۾ پنهنجي موڙيءَ مان 21 ارب ڊالرن جي وڏي رقم ”بل اينڊ ميلنڊهه فائونڊيشن“ کي عطيو ڪري ڇڏي. ايئن هڪ انسان جي خدمت جي جذبي سبب، سڀ کان وڏي عالمي فلاحي تنظيم وجود ۾ آئي.
پر ويڪسين جي شعبي کي ڌيان مليو ته ان جا ڪيترائي ڳجها مسئلا به هڪٻئي جي پويان ظاهر ٿيڻ لڳا. پهريون اهو ته تمام گهٽ بيمارين جي ويڪسين دستياب هئي. تنهنڪري بل ڪروڙين ڊالر نيون ويڪسين ايجاد ڪرڻ جي لاءِ مهيا ڪيا. ايئن گردن ٽوڙ بخار، مليريا، گيسٽرو وغيره جون نيون ويڪسينون ايجاد ٿيون. هن جي موڙيءَ سان غريب ملڪن ۾ ويڪسينون محفوظ ڪرڻ جي لاءِ گودام ۽ ورهاست جو نظام وجود ۾ آيو. پر ظاهر آهي ته هيڏو وڏو ڪم بل گيٽس اڪيلي سر انجام ڏئي نه ٿي سگهيو. تنهنڪري ضروري هو ته دوا ساز ڪمپنيون به سندس ساٿ ڏين، پر ان هنڌ تي بل کي هڪ وڏي رڪاوٽ سان منهن ڏيڻو پيو. بل جي خواهش هئي ته وڏيون دواساز ڪمپنيون جهڙوڪ: ميرڪ، فائزر، اسمٿ ڪلائن وغيره سستي ويڪسين تيار ڪن ته جيئن اهي غريب ٻارن تائين پهچي سگهن، جن کي انهن جي وڏي گهرج هئي، پر ان زماني ۾ اهو نظريو طور تي پکڙيل هو ته ويڪسين استعمال ڪرڻ سان ٻارڙا اٽزم جو شڪار ٿي وڃن ٿا. تنهن کان سواءِ ويڪسين ٺاهڻ هڪ ڏکيو ۽ مهانگو عمل هو، تنهنڪري گهڻيون ڪمپنيون ويڪسين ٺاهڻ تي راضي نه هيون. رڪاوٽ هٽائڻ جي لاءِ به ٻه حل سوچيا. پهرين اهو ته دواساز ڪمپنين کي اهو باور ڪرايو وڃي ته هنن جي قيام جو مقصد وڌيڪ فائدو ڪمائڻ بدران انسانيت جي خدمت آهي. ٻيو اهو ته ڪمپنين کي تيار ٿيل ويڪسين جي وڪري لاءِ وسيع منڊيون ڏنيون وڃن. ته جيئن هو پنهنجي جائز فائدو ڪمائي سگهن. بل پنهنجي موڙي ۽ اثر رسوخ جي ڪري اهي ٻئي مسئلا نبيري سگهيو ٿي. وٽس جيترا پئسا هئا، هو چاهي ها ته اها سڀ ويڪسين خريد ڪري سگهيو ٿي.
اُن زماني ۾ گڏيل قومن جو ادارو يونيسيف غريب ملڪن جي ٻارن کي ارڙي، تشنج، کرٽيو، پوليو ۽ ٻارن جي ٻين بيمارين جي ويڪسين ڏيڻ تي مقرر هو. ان کي حڪومتن ۽ فلاحي تنظيمن جو مالي سهڪار حاصل هو تنهنڪري 1980ع کان 2000ع تائين يونيسيف مان فائدو حاصل ڪندڙ ٻارن جو تعداد ٻيڻو ٿي ويو هو. ان هزارين ڪارڪن ملازم رکيا، پر ان هوندي به غريب ملڪن ۾ هزارين ٻار پنهنجي زندگي وڃائي ويهندا هئا. ان خرابي جو سبب اهو هو ته ترقي يافته ملڪن ۾ ٻاراڻين بيمارين جون نيون دوائون ايتريون ته مهنگيون هونديون هيون، جو تنزانيا ۽ پاڪستان جي غريب ٻارڙن تائين پهچندي پهچندي انهن کي پندرهن ويهه سال لڳي ويندا هئا. ان سلسلي ۾ هو چوي ٿو. ”امير ملڪن جي ڀيٽ ۾ غريب ملڪن جي ٻارن کي پنجاهه سيڪڙو وڌيڪ خطرو هوندو آهي ته هو ڪنهن بيماري وگهي مري وڃن.“
ويڪسين سستي ڪرڻ ۽ نين ايجادن جي لاءِ بل اهو سوچيو ته اهو ڪم سرڪاري ۽ نجي شعبن جي اتحاد سان ئي ممڪن آهي، تنهنڪري غريب ملڪن جي حڪومتن پاران جيڪو سرمايو اچڻون هو، ان جي ذميواري بل گيٽس قبولي. پوءِ هن نجي شعبي يعني دواساز ڪمپنين تي دٻاءُ وڌو ته اهي فائدي تي انسانيت جي جذبي کي ترجيح ڏين. ويڪسين سستي ڪن ۽ نيون به ٺاهين. بل گيٽس تيار ٿيل مصنوعات جي لاءِ مارڪيٽ فراهم ڪرڻ جو واعدو به ڪيو. هن جي زبردست دٻاءَ جي ڪري نيٺ دواساز ڪمپنين گوڏا کوڙي ڇڏيا. تنهنڪري سندس پر خلوص ڪوششن جي نتيجي ۾ 2000ع ۾ هڪ تنظيم گيوي (گلوبل الائنس فار ويڪسينز اينڊ ايمونيزيشن) الائنس جو قيام عمل ۾ آيو. ان تنظيم جي سر پرستن ۾ بل اينڊ ميلنڊهه فائونڊيشن کان سواءِ ٻيون فلاحي تنظيمون، يونيسيف، گڏيل قومون ۽ وڏا دواساز ادارا شامل آهن.
تنظيم کي ڪامياب ۽ ٺوس بنيادن تي بيهارڻ لاءِ بل گيٽس اڍائي ارب ڊالرن جون قدر جو ڳو سرمايو فراهم ڪيو. ان کان سواءِ هن گهرج پوڻ تي هن سخت ۽ غير لچڪدار رويو به اختيار ڪيو، جنهن جي ڪري همعصر ۽ آمريڪن اينٽي ٽرسٽ ريگيوليٽر کاتو کانئس خوف ٿو کائي. ان سلسلي ۾ گيوي الائنس جو سربراهه ۽ مشهور سماجي ڪارڪن سيت برڪلي جو چوڻ آهي ته ”بل اهڙي پوڪر رانديگر جيان آهي، جيڪو هڪدم ميز تي سوين چپس پکيڙي همعصرن کي ڊيڄاري ٿو ڇڏي.“

ويڪسين جي قيمتن ۾ ڪمي
گيوي الائنس جي دماغن پنهنجو لائحه عمل ٻن بنيادي نقطن تي تيار ڪيو. پهريون اهو ته ترقي پذير ملڪن کي مجبور ڪيو وڃي ته هو به ويڪسين ۾ پنهنجو حصو وجهن، پوءِ ڀلي اهو ڏهه سيڪڙو ڇو نه هجي. ٻيو اهو ته احتساب جو جامع نظام اختيار ڪيو وڃي. هر ويڪسين جي شروع کان وٺي آخر تائين ريڪارڊ ڪيپنگ ڪئي وئي. ته جيئن اها هر صورت ۾ ٻارڙي تائين پهچي سگهي. تنهن کان سواءِ تنظيم ويڪسين جي ورهاست جو پڻ سٺو نظام تيار ڪيو. ايئن ترقي يافته ملڪن ۾ ٻارڙن جي ويڪسين فراهم ڪرڻ جو مربوط نظام وجود ۾ آيو. ان رٿا کي بل گيٽس کان سواءِ ڪيترن ئي فلاحي ادارن ۽ حڪومتن جي مالي مدد به حاصل هئي، جيڪا ڪاميابي جي ضمانت بڻجي وئي. ماضيءَ ۾ رٿائون ان ڪري ناڪام رهيون جو، سرمائي جي ڪميءَ سبب اهي اڌوريون رهجي وينديون هيون. ان جامع ويڪسين پروگرام هڪ ٻيو انقلابي اثر پيدا ڪيو. جڏهن دوا ٺاهيندڙ ادارن ڏٺو ته سڄي دنيا ۾ ويڪسين جي گهرج پيدا ٿي چڪي آهي ۽ فائدو به چڱو موچارو آهي ته هو به ان پاسي ڌياڻ ڏيڻ لڳا. تنهنڪري ويڪسين تيار ڪندي انهن ۾ چتا ڀيٽيءَ جنم ورتو ته ويڪسين جي قيمتن ۾ پاڻمرادو ڪمي ٿي وئي. وڌيڪ اهو ته گيوي الائنس ترقي پذير ملڪن جهڙوڪ: چين، برازيل ۽ هندستان جي دواسازن کي به ان ڳالهه تي اڀاريو ته هو به دوائون تيار ڪري تنظيم کي وڪرو ڪن.
اهو انقلابي ۽ بهترين قدم کڻڻ تي انهن جو ڦل به خوب مليو. گذريل سالن ۽ ٻارن جي پنجن عام بيمارين (خناق، ارڙي، تشنج ۽ کرٽئي سميت) کي ختم ڪندڙ ويڪسين جي قيمت ۾ 40 سيڪڙو ڪمي ٿي. ان دوران جگر جي ڪينسر کان محفوظ رکندڙ هيپاٽائٽس بي جي ويڪسين 68 سيڪڙو سستي ٿي. ايئن اهو ممڪن ٿي سگهيو ته لکين غريب ٻارڙا ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن. گليڪسو، اسمٿ لائن روٽا وائرس کان بچاءَ جي ويڪسين ”روٽاريڪس“ به ٺاهي ٿي.
اهو روٽا وائرس لکين ٻارڙن کي دستن جو شڪار بنائي ماري ڇڏيندو هو. ست سال اڳ ان جي قيمت لڳ ڀڳ نوَ هزار روپيا هئي. پر هاڻ اها فقط 200 روپين ۾ ملي پئي. اڀرندڙ هندستاني دوا ساز ڪمپني ”ڀارتي بائيوٽيڪ“ گيوي الائنس کي آڇ ڪئي ته اها ڪمپني ويڪسين 90 روپين ۾ وڪرو ڪري سگهي ٿي.نمونيا کان بچاءَ واري نئين دوا ”پري ونرني“ هن وقت سڀني کان مهنگي ويڪسين آهي، جيڪا فائزر تيار ڪري ٿي. گيوي الائنس اها دوا غريب ٻارڙن تائين پهچائڻ چاهي ٿي. تنهنڪري ويجهڙ ۾ فائز سان ٺاهه ڪيو آهي ته اها وڏي انگ ۾ دوا خريد ڪندي، جيئن ڪمپنيءَ کي فائدو ٿي سگهي، گيوي الائنس اها ويڪسين غريب ملڪن کي ٽن سئو روپين ۾ مهيا ڪندي، جڏهن ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ ان جي قيمت ”10 هزار“ روپيا آهي. اها ڳالهه به ذڪر جو ڳي آهي ته ”پري ونر“ ايجاد ڪرڻ جي سلسلي ۾ بل گيٽس ۽ ٻين مخير هستين ڪمپني کي ڪثير مالي مدد ڏني جيئن اها وڏي خرچ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهن.
ٻارن جي بيمارين جي خلاف جهاد ڪندي ”بل گيٽس“ ترقي يافته ملڪن کان به مدد گهري، جنهن لاءِ کيس مايوسي نه ٿي. برطانيا، آمريڪا ناروي ۽ ٻين ملڪن هيستائين بل گيٽس گائونڊيشن کي ٽي ارب ڊالر مهيا ڪيا آهن. تنهنڪري اربين جي لاڳت ويڪسين جو پروگرام شروع ٿيو ته نتيجا به سٺا حاصل ٿيا. گيوي الائنس هر سال ڪروڙين ڊالر ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪي ملڪن ۾ حڪومتن جي سهڪار سان خرچ ڪري ٿو، ته جيئن اتي جا رهاڪو ننڍا ننڍا ٻار بيمارين جو شڪار نه ٿين. جيئرا رهن ۽ پنهنجي زندگيءَ مان خوب مزو ماڻين ۽ ٻين جي به ڪم اچن. هينئر بل جو جوڙيل ويڪسين پروگرام هر سال 25 ڪروڙ ٻارن کي مختلف ويڪسينس فراهم ڪري ٿو. تنهنڪري انسان اُن جي قابل ٿي سگهيو ته اهو هر سال چوٽيهه لک ٻارن کي جگر جو سرطان پيدا ڪندڙ هيپاٽائٽس بي، ٻارهن لک ٻارن کي ارڙي، ڇهن لکن ٻارن کي گيسٽرو، پنج لک ٻارن کي وڏي کنگهه، ڏيڍ لک ٻارن کي پيلي بخار ۽ ٽيهه هزار ٻارن کي پوليو، جهڙن خطرناڪ بيمارين کان محفوظ رکي سگهجي. نمونيا ۽ دستن جو خاتمو ڪري به هزارين ٻارن جون زندگيون بچايون وڃن ٿيون.
گيوي لائنس 2001ع کان ڊسمبر 2011ع تائين پاڪستان ۾ جاري پنهنجي ويڪسين پروگرام تي لڳ ڀڳ 30-29 ڪروڙ ڊالر (يعني 26 ارب روپين کان به وڌيڪ) خرچ ڪري چڪو آهي. ايئن پاڪستان ٻارن جون قيمتي جانيون بچائڻ ۾ اُن اداري جو ڪردار به اهم رهيو آهي، جنهن جو خالق بل گيٽس آهي.

نئين منزل ڏانهن سفر
بل گيٽس هن وقت بني نوع انسان جي دشمن ٻن تاريخي بيمارين تي نظرون ڄمايو ويٺو آهي. پهرين مليريا، جيڪا اڄ به غريب ملڪن جهڙوڪ: هندستان، افغانستان، پاڪستان ۽ بنگلاديش وغيره ۾ موجود آهي. مليريا جو مقابلو ڪندڙ ويڪسين جي تياريءَ جي سلسلي ۾ بل گيٽس 20 ڪروڙ ڊالر خرچ ڪري چڪو آهي. ان ئي موڙي جي ڪري ”گليڪسو ڪمپني“ ويڪسين ٺاهي آهي، جيڪا مليريا تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪندي. جئين ته اها دوا مهنگي آهي، تنهنڪري بل اينڊ ميلنڊهه فائونڊيشن اها خريد ڪري سستي اگهه تي غريب ملڪن کي ڏيندي. جڏهن ته بل پوليو کي ڌرتي جو گولي تان ختم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي ايئن پوليو، ماتا ۽ Rinderpest کان پوءِ دنيا مان ختم ٿيندڙ ٽيون نمبر بيماري هوندي.
جيئن ته بيمارين جي خلاف بل جو ماڊل ڪامياب ثابت ٿيو آهي. تنهنڪري هو هيلٿ ڪيئر جو عالمي سفير بڻجي چڪو آهي. هاڻ هو مختلف ملڪن جا دورا ڪري، پنهنجي عالمي حيثيت جي ڪري حڪمرانن سان ملڻ ۾ ڪامياب رهي ٿو. هو امير ملڪن کان امداد طلب ڪندي، غريب ملڪن تي زور ڀري ٿو ته ضروري قدمن جي ذريعي بيماري، جهالت ۽ غربت جو خاتمو ڪن، ان سلسلي ۾ بل گيٽس مذاق ڪندي چوندو آهي، ”هاڻ ته ترقي پذير ملڪن جا حڪمران منهنجو نالو ٻڌندي ئي چوندا آهن. ”هاڻ اهو اچي ويو، جيڪو هر وقت ويڪسين ويڪسين ڪندو ٿو وتي ۽ اسان کي ٻڌائي ٿو ته اوهان جي ملڪ مان اڃا تائين پوليو جو خاتمو نه ٿيو آهي.“
اها حقيقت آهي ته دنيا ۾ بل گيٽس جي مخالفن جي کوٽ ڪونهي. سوشلسٽ کانئس اُن ڪري نفرت ڪن ٿا ته هو سرمائيدار آهي. يورپ ۾ ڪي ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته ويڪسين آٽزم پيدا ڪري ٿي. جيتوڻيڪ سائنسي کوجنا اها ڳالهه غلط ثابت ڪري چڪي آهي. ڪٿي وري پراڻ پسندي سندس رستو روڪي ٿي. جهڙوڪ: 2005ع ۾ اتر نائجيريا ۾ پوليو جو خاتمو ٿي ويو. پر انهن ئي ڏينهن ڪجهه مذهبي اڳواڻن اها فتويٰ ڏني ته پوليو جي ويڪسين حرام آهي، ڇو ته اها مردن کي سَنڍ ٿي ڪري. ان الزام ۾ ڪا به سچائي نه آهي، پر سوين مسلم گهراڻن ويڪسين استعمال ڪرڻ بند ڪري ڇڏي، تنهنڪري اتر نائجيريا ۾ ٻيهر پوليو ظاهر ٿي. ڪجهه تنظيمن بل گيٽس تي ان ڪري به چڙيل آهن ته صحت ۽ تعليم تي پنهنجا هڙئي وسيلي خرچ ڪري رهيو آهي، مطلب ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون وارو حال آهي.
نقاد اهو نه ٿا ڏسن ته بل گيٽس ۾ ڪيڏو وڏو انقلاب اچي چڪو آهي. پهرين مٿس پئسن ڪمائڻ جي ڌن سوار رهندي هئي. سندس اها ئي خواهش هئي ته پنهنجن نت نون خيالن جي سهاري سڀني تي ڇانئجي وڃن. پر هن جيئن ئي انسانيت جي ڀلائي ۽ بهبود تي سندرو ٻڌو ته هاڻ اهو ئي مشن زندگي جو مقصد بڻجي چڪو آهي. هاڻ هو سرمائيدارن جي قبيلي ۾ صوفي جي حيثيت رکي ٿو.
ٻي پاسي بل گيٽس کي وکائيندڙن جي به ڪمي ڪونهي. جهڙوڪ: طبي ڪمپني ”نووا رٽس“ ۾ تحقيق جي شعبي جي سربراهه ”اينڊرسن اوسوالڊ“ چوي ٿو، ”بل هڪ اهڙي سگهاري هستي ثابت ٿيو آهي، جنهن غريب ملڪن جي لکين ٻارن کي مرڻ کان بچايو آهي.“ ماتا جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ آمريڪي ماهر ”وسيم فوگ“ جو چوڻ آهي ته، ”گذريل هڪ ڏاڪي ۾ جيڪو انقلاب آيو آهي، اهو اسان جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو. انقلاب دنيا بدلائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.“
کرب پتي بل گيٽس پنهنجي واکاڻ کي ليکي ۾ ئي نه ٿو آڻي. هو پنهنجي ڪاميابين جو سهرو انهن ماهرن جي مٿي تي ٻڌي ٿو. جن ليبارٽرين ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري نيون ۽ طاقتور ويڪسين دريافت ڪيون آهن. پر سچ اهو آهي جيڪڏهن بل گيٽس سرمايو فراهم نه ڪري ها ته عمل جوڳيون رٿائون ۽ ويڪسينن جي ورهاست جو سٺو نظام ترتيب نه ڏي ها ته بيماريون بدستور لکين ٻارن کي موت جي منهن ۾ ڌڪينديون رهن ها.
ويجهڙ ۾ جڏهن بل کان پڇيو ويو ته هو ڪهڙي ڳالهه اهميت ٿو ڏي. ڪمپيوٽر سافٽ ويئر يا ويڪسين پروگرام کي؟ جواب ۾ هن وراڻيو، ”ڪمپيوٽر ايپلي ڪيشنز جي اهميت پنهنجي جاءِ تي پر جيتريقدر انساني جانين بچائڻ جو لاڳاپو آهي ته هو پڪ سان ويڪسينن کي فوقيت ٿو ڏي.“ ۽ اها هڪ وڏي سچائي آهي.

اسٽيو جابز رول ماڊل نه آهي
آڪٽوبر 2011ع ۾ جڏهن دنيا ۾ پرسنل ڪمپيوٽر متعارف ڪرائيندڙ آمريڪي موجد اسٽيو جابز وفات ڪئي ته ميڊيا سندس واکاڻ ۾ صفحن جا صفحا ڪارا ڪيا. کيس جينئس، عظيم ايجادون ڪندڙ ۽ نئين نسل جي لاءِ رول ماڊل قرار ڏنو ويو. پر هاڻ با شعور آمريڪي دانشور، آمريڪن کي اهو بارو ڪرائي رهيا آهن ته سيٽو بي شڪ وڏو موجد هو، پر کيس رول ماڊل بلڪل نه بنايو وڃي.
پهريون سبب اهو آهي ته شروع ۾ اسٽيو موجد هو، پر ايپل ڪمپني کي ترقي ڏيندي ڏيندي هو سرمائيدار بڻجي ويٺو، پوءِ سندس مقصد رڳو اهو وڃي رهيو ته وڌ ۾ وڌ پئسا ڪمايا وڃن. تنهنڪري هن دولت ڪمائڻ جي خاطر ناجائز طريقا به اختيار ڪيا. ايتريقدر جو هن صدر باراڪ اوباما تي زور ڀريو ته ڪارپوريشنن کي وڌيڪ آزادي ڏني وڃي ته جيئن هو پنهنجن ملازمن ۽ ماحول جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ کليل نموني ڪاروبار ڪري سگهن.
ٻيو ته اسٽيو جابز 8.3 ارب ڊالرن جي ذاتي ملڪيت ٿي رکي. تنهن کان سواءِ هن جي ايپل ڪمپني 76 ارب ڊالر ماليت جا اثاثا رکي ٿي. مطلب ته هن جو شمار امير ترين آمريڪين ۾ ٿيندو هو. پر اسٽيو سڄي زندگي غريبن جي ڀلائي ۽ بهبود جي لاءِ ڪا به رٿا شروع نه ڪئي، پر جڏهن هو ٻيهر ايپل ۾ آيو ته هن جاري فلاحي رٿن کي به ختم ڪري ڇڏيو. مرڻ مهل به کيس اهو ئي احساس ستائيندو رهيو ته کانئس پوءِ سندس ايپل ڪمپني جو ڇا ٿيندو. تنهنڪري هن دنيا وارن کي وراثت ۾ پنهنجي ڪمپني ۽ سڄي دولت هت ئي ڇڏي ويو.
هيڏانهن بل گيٽس کي ڏسجي ته هن جي ايجاد ڪلي ونڊوز آپريٽنگ سسٽم جي ذريعي ئي ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ حقيقي انقلاب آيو. سندس به ڊگهي عرصي تائين اهو ئي مقصد رهيو ته مائيڪرو سوفٽ جي ذريعي وڌ ۾ وڌ فائدو ڪمائي، پر جڏهن هو دولت ڪمائي ٿڪو ته هن فيصلو ڪيو ته هاڻ دنيا کي ڪجهه واپس به ڪيو وڃي. تنهنڪري هن هڪ فلاحي تنظيم قائم ڪئي. پوءِ هوريان هوريان هو فلاحي سرگرمين ۾ ايڏو ته مصروف ٿي ويو، جو هن پنهنجي سڄي ملڪيت ان جي نالي ڪري ڇڏي. جيتوڻيڪ دنياوي حوالي سان اهو گهاٽي جو سودو آهي. بل گيٽس پوءِ پنهنجي پنهنجون سڀئي صلاحيتون، طاقت ۽ دول، بيماري، غربت ۽ جهالت کي دنيا جي گولي تان هٽائڻ تي ڌر ڇڏيون.
تنهنڪري آمريڪي دانشور پنهنجي نئين نسل کي تنبيهه ڪري رهيا آهن ته هو مادي پرست ۽ سرمائيداريءَ جي آئڪون ‘اسٽيو جابز’ کي نه پر، لکين انسانن جون زندگيون بچائيندڙ بل گيٽس کي پنهنجو رول ماڊل بڻائين. هو ناليواري آمريڪي مخير هستي ‘اينڊريو ڪارينج’ جي ان چوڻيءَ کي ورجائيندا آهن، ”جيڪو انسان هڪ امير حيثيت سان مئو ته سمجهيو اُن جي زندگي اجائي وئي.“

دنيا جي پهرين ڪمپيوٽر پروگرامر: ايڊا لوليس

ڪمپيوٽر نالي جادو ئي مشين جا ڪرشما اڄ اسان کي چوڌاري نظر اچي رهيا آهن. زندگيءَ جو ڪو به اهڙو شعبو ڪونهي جنهن ۾ ڪمپيوٽر جو استعمال نه ٿيندو هجي. 1962ع ۾ ”نظريه ابلاغ“ جي ڪينيڊين فلاسافر ’مارشل ميڪ لوهن‘ ’گلوبل وليج‘ جو اصطلاح ايجاد ڪيو هو. مارشل، ان جو بنيادي ان ڳالهه کي قرار ڏنو هو ته برقي ٽيڪنالاجي، جنهن جي ڪري اطلاعن جي تيز رفتار پهچ ممڪن ٿي سگهي، دنيا جي عالمي ڳوٺ ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. پر اسان جي راءِ موجب جنهن ٽيڪنالاجيءَ گلوبل وليج جي اصطلاح کي حقيقي معنيٰ پهرائي، اها ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي آهي. اڄ ڊيسڪ ٽاپ، ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، اسمارٽ موبائل فونز، گيمنگ ڪنسولز ۽ ٻين دستي اوزارن جي صورت ۾ ڪمپيوٽر مان فائدو وٺڻ لاءِ ان ۾ مختلف سافٽ ويئر استعمال ڪيا وڃن ٿا، جيڪڏهن ڪمپيوٽر کي هڪ جسم تصور ڪجي ته سافٽ ويئرس ان جون ٻانهون آهن.
سافٽ ويئر يا ڪمپيوٽر پروگرامر جيڪو ماهر ڊيزائن ڪري ٿو، ان کي پروگرامر چئبو آهي. جيڪڏهن اوهان کي پڇيو وڃي ته دنيا جو پهريون ڪمپيوٽر پروگرامر ڪير هو ته نالي جي خبر نه هئڻ جي باوجود به اوهان جي ذهن ۾ اها ڳالهه ضرور ايندي ته ان جو واسطو پڪ سان ويهين صدي سان هوندو، ڇو ته ڪمپيوٽر گذريل صدي جي ايجاد آهي، پر اوهين اهو ڄاڻي ضرور حيران ٿي ويندا ته دنيا جي پهرين ڪمپيوٽر پروگرامر ’ايڊا لوليس‘Ada Lovelaceکي قرار ڏنو وڃي ٿو. جنهن جي وفات 1852ع ۾ ٿي، ان وقت ايڊا لوليس جي عمر 36 سال هئي.
ايڊا، 10 ڊسمبر 1815ع تي نالي واري برطانوي شاعر جارج گورڊ بائرن ۽ اين ايزا بيل ملبانڪي (اينا بيلا) جي گهر ۾ جنم ورتو. عالمي شهرت يافته شاعر جارج گورڊن بائرن، لارڊ بائرن جي نالي سان مشهور آهي، ڇو ته هو هڪ نواب ڪٽنب سان واسطو رکندو هو.
لارڊ بائرن جو اڪيلو جائز اولاد هئڻ جي باوجود ايڊا ننڍپڻ ۽ نوجوانيءَ تائين جو عرصو ڏکين حالتن ۾ گذاريو. لارڊ بائرن کي پُٽ جي اولاد جي خواهش هئي، پرکيس ڌيءَ جي جنم تي مايوسي ٿي ۽ هو سڄي عمر ايڊا کان ڄڻ ته لاتعلق ئي رهيو. ايڊا جي ماءُ جا لارڊ بائرن سان لاڳاپا خراب ٿيا ۽ پوءِ اها نوبت عليحدگي تي وڃي پهتي. قسمت جي ستم ظريفي اها آهي ته ايڊا پنهنجي امڙ جي محبت ۽ ڌيان به حاصل ڪري نه سگهي. هوءَ به ايڊا ڏانهن گهڻو ڌيان نه ڏيندي هئي ۽ اڪثر کيس پنهنجي ناني وٽ ڇڏي هلي ويندي هئي. مٿان وري ستم اهو ٿيو ته ايڊا ننڍپڻ کان ئي بيمار رهڻ لڳي هئي، اٺن سالن جي عمر ۾ ايڊا جي مٿي ۾ سور رهڻ لڳو، جنهن سان سندس نظر تي پڻ اثر پيو. چوڏهن سالن جي عمر ۾ ارڙي جي سخت حملي سبب هوءَ بستري داخل ٿي وئي. ڏيڍ سال تائين سخت بيمار رهڻ کان پوءِ ئي هوءَ بيساکين جي سهاري هلڻ گهمڻ جي قابل ٿي سگهي.
ايڊا لوليس بيمار هئڻ جي باوجود به پنهنجو تعليمي سلسلو ختم نه ڪيو ۽ باقاعدگي سان پنهنجن استادن کان علم حاصل ڪندي رهي، جيڪي کيس گهر پڙهائڻ ايندا هئا. اينا بيلا کي پنهنجي مڙس ۽ ان سان لاڳاپيل هر شيءِ سان سخت نفرت ٿي وئي هئي. تنهنڪري هن پنهنجي ڌيءَ کي شعر ۽ ادب جي بدران رياضي ۽ سائنس جي تعليم ڏيارڻ جو فيصلو ڪيو هو. ايڊا جي استادن ۾ وليم فرينڊ، وليم ڪنگ ۽ ميري سمر ولي جهڙا نالا شامل آهن. هن مشهور رياضي دان ۽ منطق جي ماهر ”آگسٽن مورگن“ کان به تعليم پرائي. عمر جي سترهين سال ۾ رياضيءَ جي سبجيڪٽ ۾ ايڊا جون غير معمولي صلاحيتون ظاهر ٿيڻ لڳيون هيون، جنهن جو اظهار اينا بيلا جي نالي لکيل هڪ خط ۾ ڊي مورگن به ڪيو هو. اڻويهين صدي جي نالي واري محقق ۽ سائنسي موضوعن تي ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪا ميري سمر ولي ۽ ايڊا جي وچ ۾ هڪ سگهارو لاڳاپو قائم ٿي ويو. جون 1833ع ميري جي ڪري ايڊا نالي واري شهرت يافته رياضيدان، فلسفي، موجد ۽ مڪينڪل انجنيئر چارلس هيچ سان متعارف ٿي، جيڪو مڪينڪل ڪمپيوٽر ”دفرينس انجن“ تي ڪم ڪري رهيو هو (چارلس کي باباءِ ڪمپيوٽر سمجهيو وڃي ٿو) ايڊا، ”ڊفرينس انجڻ“ ڏسي حيران ٿي وئي. هوءَ ان مشين جي سحر ۾ اهڙي ته گرفتار ٿي جو ”سمرولي“ سان پنهنجي ويجهي لاڳاپي کي استعمال ڪندي، چارلس وٽ گهڻو اچڻ لڳي. ايندڙ سالن ۾ چارلس جي اطالوي دوست فورچو ناٽو پرانڊي (Fortunate Prandi) سان به سندس شناسائي ٿي.
چارلس، ايڊا جي ذهانت ۽ سمجهه کان تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ هو کيس ”انگن اکرن جي جادوگرياڻي“ چوندو هو. 1842ع ۾ هيچ کي اٽيل جي ”ٽيورن يونيورسٽين“ ۾ اينا ليٽيڪل انجڻ تي ڪوٺايل سيمينار ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي سيمينار کان پوءِ هڪ نوجوان اطالوي انجنيئر ۽ مستقبل جي وزيراعظم Luigi Menabre هيچ جو ليڪچر، فرانسي زبان ۾ لکيو، جيڪو آڪٽوبر 1842ع ۾ جنيوا يونيورسٽي جي تعليمي جرنل ۾ ڇپيو. هيچ، ايڊا کي چيو ته هو ته ان مضمون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ايڊا، نه رڳو اهو ليک انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو، پر ان سان گڏ پنهنجي راءِ نوٽس جي صورت ۾ پڻ شامل ڪري ڇڏي. ان سڄي عمل ۾ نون مهينن جو عرصو لڳو. اهي نوٽس The Lady Dairy ۽ Taylor`s Scitfiec memoirs جي نالي سان ڇپيا. ايڊا، ايناليٽڪل انجڻ جي تياريءَ کي ڏکيو قرار ڏيندي چيو ته ٻيا سائنسدان سندس تصور کي مڪمل طور تي سمجهي نه سگهيا آهن ۽ برطانوي حڪومت کي به ان سان ڪا دلچسپي ڪونهي. البت، ايڊا، پنهنجي لکڻيءَ ۾ اهو چٽو ڪيو هو ته ”ايناليٽڪل انجڻ“ اصل ”فرينس انجڻ“ کان ڪيئن مختلف هوندي. ايڊا ان ضميمي ۽ برنو جي انگن کي ڳڻڻ جي طريقي کي پوري تفصيل سان بيان ڪيو. جيڪو انجڻ جي ٺهي وڃڻ جي صورت ۾ عمل جوڳو هجي ها (هيچ جي پهرين مڪمل انجڻ 2002ع ۾ لندن ۾ تيار ڪئي. ۽ ان ۾ ايڊا جي جوڙيل طريقي جي ڪاميابي سان آزمائش به ڪئي وئي). ايڊا جي وفات کي هڪ صدي گذري وڃڻ کان پوءِ 1953ع ۾ هيچ جا ايناليٽڪل انجڻ جي باري ۾ لکيل نوٽس ڇپيا ويا. انهن نوٽسن جي بنيادن تي هاڻ ايڊا کي دنيا جي پهرين ڪمپيوٽر پروگرامر ۽ سندس جوڙيل طريقي کي دنيا جو پهريون ڪمپيوٽر پروگرام قرار ڏنو وڃي ٿو. تنهن کان سواءِ اينا ليٽڪل انجڻ ڪمپيوٽر جو شروعاتي ماڊل سڏيو وڃي ٿو. ايڊا جي ڪم کي ان زماني ۾ وڏي پذيرائي ملي هئي. ناليوارو برطانوي سائنسدان مائيڪل فيراڊي پنهنجو پاڻ کي سندس مداح سڏيندو هو.
ايڊا کي سڄي زندگي سائنس ۾ ٿيندڙ اڳ ڀراين کان سواءِ انگن ۽ مسمريز جهڙن عملن سان به دلچسپي رهي. هيچ کي ”ايناليٽڪل انجڻ“ تي پنهنجي راءِ ۽ تجويزن ڏيڻ کان به هوءَ مختلف رٿائن تي ڪم ڪندي رهي. 1844ع ۾ هن پنهنجي دوست ورود نزو گريڪ سان دماغ جي حساب جو ماڊل تخليق ڪرڻ جي خواهش جي اظهار ڪيو، هو ته دماغ ۾ سوچون يا خيال ڪيئن ٿا پيدا ٿين ۽ اعصاب، احساس جو ادراڪ ڪيئن ٿا ڪن، جيتوڻيڪ هوءَ پنهنجي خواهش کي عملي جامون پهرائي نه سگهي، پر هن ڪوشش ضرور ڪئي. هوءَ اليڪٽريڪل انجنيئر اينڊريو ڪريو سان به گڏي ته جيئن ان مقصد جي لاءِ تجربا ڪري سگهن. 1851ع ۾ ڪينسر ۾ مبتلا ٿيڻ کان هڪ سان اڳ هن پنهنجي امڙ کي لکيل هڪ خط مان ظاهر ٿئي ٿو ته هوءَ رياضي ۾ موسيقي جا پاڻ ۾ ڳانڍاپي تي ڪم ڪري رهي هئي.
1834ع تائين ايڊا مختلف تقريبن ۾ باقاعدگي سان شرڪت ڪرڻ لڳي هئي. هوءَ رقص به ڪندي هئي ۽ حاضرين سندس ان فن جي مهارت کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا هئا. 8 جولاءِ 1835ع تي هوءَ بيرن وليم ڪنگ سان شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي اٺين ”بيرونس ڪنگ“ بڻجي وئي. وليم ڪنگ سائنسدان به هو، هن جي رهائش ”سري ڪائونٽي“ جو هڪ وڏي جاگير ۾ هئي، اها جاگير سندس ئي ملڪيت هئي. وليم ڪنگ مان ايڊا کي ٽي ٻار پيدا ٿيا، جن جا نالا باٽرن، اين ايزا بيلا، رايزا (جيڪا پوءِ ليڊي اين ملنٽ سڏي وئي) ۽ رالف گورڊن، 1838ع ۾ جڏهن سندس مڙس ”ارل آف لوليس“ بنايو ويو ته هو به ”ڪائونٽي آف لوليس“ سڏجڻ لڳي، جيتوڻيڪ ايڊا کي دنيا جي پهرين ڪمپيوٽر پروگرامر چيو وڃي ٿو، پر اولين ڪمپيوٽر پروگرامر ۾ سندس حصي تي به سوال اٿاريا ويندا رهيا آهن. 1990ع ۾ ڪمپيوٽر جي تاريخ جي ماهرا يلن جي بروصلي، پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو ته ايڊا پنهنجن نوٽسن ۾ جن پروگرامن جو ذڪر ڪيو آهي، انهن مان هڪ کان سواءِ سڀ پروگرام ٽي کان ست سال پهرين ئي هيچ تيار ڪري رکيا هئا. اها ڌار ڳالهه آهي ته هن اهي پروگرام ايڊا جي لاءِ ئي تيار ڪري رکيا هئا. جيتوڻيڪ ايڊا انهن ۾ خرابي (بگ) جي نشاندهي ڪئي هئي. ايلن موجب نه رڳو ان جو ڪو ثبوت موجود ڪونهي، پر ايڊا ايناليٽڪل انجڻ لاءِ ڪو پروگرام تيار ڪيو هو، پر هيچ سان لکپڙهه ظاهر ٿي ڪري ته هوءَ پروانگ جي الف بي کان واقف نه هئي.ڪيوريٽر ۽ ليکڪ ڊرون سويڊ پنهنجي ڪتاب ”دي ڊفرينس انجڻ (2001ع)“ ۾ ايلن جي بروصلي جي دعوا جي تائيد ڪئي ته اهي ڪم ايڊا جي نالي سان ڇپيا ضرور، پر انهن ۾ شامل سڀئي پروگرام هيچ اڳ ان ئي تيار ڪري رکيا هئا.
ايلن ۽ سويڊ جهڙن ماڻهن کان هٽي ڪري سرڪاري ۽ عوامي سطح تي ايڊا کي دنيا جي پهرين ڪمپيوٽر پروگرامر طور مڃيندي، سندس خدمتن جي عملي طور مڃتا ڪئي وئي آهي. آمريڪا جي دفاعي کاتي تخليق ڪيل ڪيترين ئي ڪمپيوٽر لينگويج ”ايڊا لوليس“ جي نالي سان منسوب ڪيو آهي. 1998ع کان برٽش ڪمپيوٽر سوسائٽي ”ايڊا لوليس ميڊل“ ڏئي رهي آهي. 2008ع ۾ ان سوسائٽي ڪمپيوٽر سائنس جي شاگردياڻين جي وچ ۾ سالياني مقابلي جي شروعات به ڪئي وئي. آڪٽوبر جي وچ واري ”ايڊا لوليس ڊي“ ملهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد سائنس، ٽيڪنالوجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي ۽ عورتن جي ڪارنامن کي اجاگر ڪرڻ آهي. برطانيا ۾ انڊر گريجويٽ عورتن جي لاءِ هر سال ”ايڊا لوليس ڪانفرنس“ ڪوٺائي ويندي آهي.

سوئيڪارنو: انڊونيشيا جو عظيم پُٽ

انڊونيشيا ٽن هزارن کان وڌيڪ ٻيٽن تي مشتمل ملڪ آهي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ ٻه سئو زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون.اها سرزمين قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، ان سرزمين هڪ اهڙي شخصيت کي جنم ڏنو، جنهن ٿوري ئي وقت ۾ سڄي قوم کي ٻڌي جي اڻ ٽٽ رشتي ۾ ٻڌي ڇڏيو. انڊونيشيا جو اهو اڳواڻ سوئيڪارنو 6 جون 1901ع ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ ”سوراياما“ ۾هڪ اسڪول ماستر هو. سندس امڙ ”بالي“ جي رهاڪو هئي. احمد کي ولنديزين تي تمام گهڻي ڪاوڙ ايندي هئي. جن جا ٻارڙا به ساڻس کيڏڻ پسند نه ڪندا هئا، کانئس نفرت ڪندا هئا. جو هو ڳوري نسل جو نه هو. کيس به ولنديزين کان ايتري ئي شديد نفرت هئي، جنهن کان هو سڄي زندگي جند ڇڏائي نه سگهيو.
سوئيڪارنو ننڍي عمر ۾ ئي هڪ اهڙي ڳجهي پارٽي جي منشور جو حلف کڻي ان جو سرگرم رڪڻ بڻجي ويو، جنهن جو مقصد ولنديزين (ڊچن) جي غلاميءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۽ کين انڊونيشيا مان ڌڪي ٻاهر ڪڍڻ هو. هو هڪ انقلابي اڳواڻ هو، جنهن انقلاب کي پنهنجو مذهب بنائي ورتو هو.
سوئيڪارنو انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ سان گڏو گڏ جيري بالڊي ، ڊينئن، مارڪس ۽ لينن جي ڪتاب جو مطالعو به وڏي باقاعدگيءَ ۽ شوق سان جاري رکيو. پر هو سڀ کان گهڻو هٽلر، مسوليني، روزيلٽ ۽ جارج وشنگٽن جي شخصيتن کان گهڻو متاثر ٿيو،
سوئيڪارنو 1926ع انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪري ورتي، پر هو انجنيئر بنجڻ جي بدران وڏن وڏن ميڙن ۾ تقريرون ڪرڻ لڳو. ماڻهو سندس تقريرون تي جهومي اٿندا هئا. کيس پنهنجي ٻولي کان سواءِ انگريزي، جرمن، فرينچ ۽ ولنديزي ٻولين تي پڻ عبور حاصل هو. هن پنهنجي تقريرن ۾ اسلام، عيسائيت ۽ سوشلزم جو اهڙو ته امتزاج پيش ڪيو، جو ديس واسين کي پنهنجو بنائي ورتو. 1927ع ۾ هن انڊونيشي نيشلسٽ پارٽيءَ جو بنياد رکيو، جنهن جو مقصد هو، ”انڊونيشيا جي جلد ۽ مڪمل آزادي.“ ان پارٽيءَ انڊونيشيا جي آزادي جي جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سوئيڪارنو جون اهي سرگرميون به حڪومت جي اک ۾ ڪنڊو هيون. تنهنڪري 1930ع ۾ کيس ٽيهن سالن جي عمر ۾ پهريون ڀيرو جيل ۾ وڌو ويو. هن انڊونيشيا جي آزادي تائين پنهنجي عمر جا تيرهن سال جيل ۾ گذاريا 1939ع ۾ جڏهن ٻي مهاڀاري جنگ شروع ٿي ته 7 ڊسمبر 1941ع تي جاپان به جنگ ۾ ڪاهي پيو. 1942ع جاپان ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻين ٻيٽن تي قبضي کان سواءِ انڊونيشيا تي پڻ قبضو ڪري ورتو ۽ سوئيڪارنو کي ملڪ بدر ڪري ”سماٽرا“ بيٽ ڏانهن موڪلي ڇڏيو. هن جاپانين جي ان ڪري به آجيان ڪرڻ شروع ڪئي، ڇو ته هن انڊونيشيا کي ولنديزين جي ٽن سئو سالن جي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ٿي چاهيو. ان جي نتيجي ۾ جاپاني حڪومت کيس انڊونيشيا جو ”ڪٺ پتلي“ صدر مقرر ڪري ڇڏيو ۽ سندس بلي اهو ڪم ڪيو ته هو پنهنجي قوم کي جاپانين جي حمايت جي سبق سيکاري، پر سوئيڪارنو، انهن کان وڌيڪ هوشيار هو، هن پنهنجي قوم تي اهو چٽو ڪري ڇڏيو ته هو اهو ناٽڪ جاپانين کي انڊونيشيا مان ڪڍڻ لاءِ کيڏي رهيو آهي.
1945ع جڏهن جاپان کي پنهنجي شڪست جو يقين ٿي ويو ته سوئيڪارنو جيڪو ان موقعي جي تاڙ ۾ هو، سو ميدان تي اچي ويو ۽ هن هارايل جاپانين کان هٿيار کسي ورتا، هنن جي هٿيارن جي وڏن وڏن ذخيرن تي قبضا ڪري جاپاني فوجي آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ 1945ع تي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. جنگ جي پڄاڻي تي اتحادين انڊونيشيا کي ٻيهر ولنديزين جي حوالي ڪري ڇڏيو. جن سوئيڪارنو کي صدر مڃڻ بدران گرفتار ڪري ورتو. جنهن جي نتيجي ۾ گوريلا ويڙهه شروع ٿي وئي، جيڪا چئن سالن تائين جاري رهي. نيٺ 1949ع گڏيل قومن، ڊچ حڪومت تي دٻاءُ وڌو، جنهن جي نتيجي ۾ ولنديزي، انڊونيشيا ۾ پنهنجي بيٺڪي حڪومت تان دستبردار ٿي ويا. سوئيڪارنو نئين حڪومت جو صدر ۽ وزيراعظم بڻجي ويو. هن اٺن سالن تائين ملڪ ۾ پالياماني جمهوري نظام قائم رکيو، جنهن موجب هو ٽن هزار ٻيٽن جي ٻارهن ڪروڙ عوام جي نمائندن جي سامهون جوابدار هو. ان دوران هن جيڪو سڀني کان اهم ڪارنامو سر انجام ڏنو، اهو تعليم عام ڪرڻ جي پروگرام تي عمل ڪرڻ هو، جنهن جي نتيجي ۾ انڊونيشيا ۾ ناخواندگي جو ٽيانوي سيڪڙو گهٽجي رڳو پنجيتاليهه سيڪڙو وڃي رهيو.
1956ع ۾ سوئيڪارنو آمريڪا جو دورو ڪيو، جتي آمريڪي صدر آئرا هاور رسمي طور تي سندس آجيان ته ڪئي، پر ڪنهن گر مجوشيءَ جو مظاهرو نه ڪيو. صدر سوئيڪارنو ان سلوڪ کي ماٺ مٺيءَ ۾ برداشت ڪري ويو جو هن سفيد فام قومن جي ذهنيت کي سمجهيو ٿي. پر هو جڏهن ماسڪو ويو ته سندس زبردست آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. روس مان واپس اچي 1959ع جمهوري پارلياماني نظام مخالفت شروع ڪري ڏني. پارليامينٽ کي معطل ڪري شخصي آمريت قائم ڪري ورتي، ان سان گڏ انڊونيشيا جي ٻن وڏين سياسي پارٽين تي پابندي وجهي، وڏي انگ ۾ سياسي مخالفن کي گرفتار ڪيو ويو. ان نئين نظام تحت ملڪ ۾ رڳو ٻه قوتون وڃي بچيون، هڪ فوج ۽ ٻي اشتراڪي پارٽي. هن ولنديزين جي خلاف سڄي ملڪ ۾ نفرت جي باهه ٻاري ڇڏي ۽ ولنديزي حڪومت، ادارن ۽ ڪمپنين جيڪا انڊونيشيا ۾ سيڙپڪاري ڪئي هئي، اها ضبط ڪرڻ شروع ڪري ڏني.
1950ع ۾ انڊونيشيا ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي ميمبرن جو تعداد ڏهه هزار هو، تيرهن سالن ۾ اهو تعداد وڌندي وڌندي ويهن لکن تائين وڃي پهتو. غير اشتراڪي ملڪن ۾ اها سڀ کان وڏي ڪميونسٽ پارٽي هئي.
هو زبانن جو ماهر هو ۽ هو آمريڪي ڪانگريس کي انگريزي ۽ جرمن پارليامينٽ کي جرمنيءَ ۾ خطاب ڪري چڪو هو. هو فرينچين سان فرانسي ۽ ڊچن سان ولنديزي ۾ ڳالهائيندو هو. زبان ڀلي ڪهڙي به هجي، پر هن جي تقرير انتهائي زوردار ۽ اثرائتي ۽ دلچسپ هوندي هئي، جو ماڻهو سندن زبان نه سمجهندي به سندس مداح ٿي ويندا هئا.
صدر سوئيڪارنو گذريل ڪيترن ئي سالن کان عالمي معاملن تي طوفان جيان ڇانيل هو. هن پاران ڪوٺايل 1955ع ۾ ”بنڊونگ ڪانفرنس“ جنهن پوءِ اڻ ڌري ڪانفرنس (نام) جو روپ ڌاريو، ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن، خاص ڪري، چين کي ان ڳالهه تي اڀاريو ته اهي ملڪ ڪنهن به لحاظ کان عالمي سياست کان ڌار رهي نه سگهن.
صدر سوئيڪارنو غير معمولي ذهانت کان ڪم وٺندي نه رڳو دوستن، پر دشمنن کان به ٻنهي هٿن سان امداد وصول ڪئي. اها ئي صورتحال ملڪ جي اندر به هئي. هن جا دشمن گهٽ ۽ دوست وڌيڪ هئا. آمريڪي حڪومت سوئيڪارنو جي ماسڪو ۽ پيڪنگ سان دوستيءَ کي ڪنهن لحاظ کان نظر انداز ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هئي. تنهنڪري انڊونيشيا جي لاءِ آمريڪي امداد جا سڀ دروازا بند ٿي چڪا هئا. انڊونيشيا ۾ آمريڪا جي سفير هارورڊ پي جونز، سوئيڪارنو تي ڪيترائي ڏانوڻ وڌا، پر سوئيڪارنو جي جارحاڻي انداز ۾ ڪو به فرق نه آيو. سچ اهو آهي ته ولنديزين جي ساڍن ٽن سئو سالن جي غلامي جي نتيجي ۾ انڊونيشيا جي هر ٻار توڙي ٻڍي ذهن ۾ اولهائين دنيا ۾ آباد سفيد فام نسل جي ماڻهن لاءِ سخت نفرت پيدا ٿي وئي هئي، ۽ هو ڪنهن به لحاظ کان کين پنهنجو دوست سمجهڻ جي لاءِ تيار نه هئا.
ڊسمبر 1957ع ۾ ايلن پوپ جي قيادت ۾ ”اتر سليبيز“ ۾ جيڪو سماٽرا جي گاڌي جو هنڌ آهي، متوازي حڪومت قائم ڪئي وئي، جنهن انڊونيشي فوج کي بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ شروع ڪيو. ايلن پوپ، انڊونيشيا ۾ آباد آمريڪي رهاڪو هو، جيڪو فوج ۾ اعليٰ عهدو رکندو هو، پر جلا وطن تي فلپائن ڀڄي ويو هو. بظاهر ته سوئيڪارنو سماٽرا جي بغاوت کي ڪا اهميت نه ڏني، پر اصل ۾ کيس ان جي نتيجن جو اندازو ٿي ويو هو، تنهنڪري هن فوج سماٽرا موڪلي ڏني. جواب ۾ سماٽرا جي هٿ ٺوڪي حڪومت اها غلطي ڪئي ته هن کليل نموني آمريڪا کان امداد گهرڻ شروع ڪري ڏني ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير ”جان فاسٽرڊلس“ جي لاءِ به پريشان ڪندڙ صورتحال پيدا ڪري ڇڏي دنيا کي ڏيکارڻ واسطي هن اڻ ڌريو هئڻ جو اعلان ڪيو.
سوئيڪارنو اوڀر يورپ جي ڪميونسٽ ملڪن کان هڪ سئو جنگي جهاز ۽ ٻيو جنگي سامان ۽ هٿيار حاصل ڪيا. ان دوران آمريڪي منافقت به پڌري ٿي پئي، ڇو ته سماٽرا جي ڪٺ پتلي حڪومت جو سربراهه جيڪو جڪارتا تي هوائي حملي جي لاءِ وڃي رهيو هو، حادثي پيش اچڻ سبب انڊونيشيا جي فوج جي هٿ چڙهي ويو. ۽ آمريڪي انتظاميا کي پنهنجو ڪردار بدلائي سوئيڪارنو کي چانورن ۽ ننڍن هٿيار جي فراهميءَ جي آڇ ڪرڻي پئي، ته جيئن ايلن پوپ جي جان بچائي سگهجي. پر انڊونيشين فوج جا جرنل ان ڳالهه تي قائم رهيا ته ايلن پوپ تي فوجي عدالت ۾ ڪيس هلايو وڃي ۽ ايئن ئي ٿيو، کيس موت جي سزا ڏني وئي، پر مون جي سزا تي عمل ڪرڻ بدران کيس جيل موڪليو ويو.
ان دوران مسٽر ڪينيڊي آمريڪا جو صدر چونڊيو ويو. هن سوئيڪارنو کي آمريڪا جي دوري جي دعوت ڏني. دوري تان واپس اچي ڇهن مهينن کان پوءِ ايلن پوپ کي نه رڳو ماٺ مٺيءَ ۾ آزاد ڪيو ويو، پر کيس آمريڪا به وڃڻ ڏنو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ انڊونيشيا کي ڪميونزم کان پري رکڻ جي لاءِ ڪروڙين ڊالرن جي طرح طرح جي امداد ڏني وئي.
سوئيڪارنو جي ڪن آمراڻن طريقن جي ڪري سندس سياسي مخالفت به شروع ٿي وئي ۽ کيس طنز طور”باباءِ قوم“ چوڻ شروع ڪيو. کيس ڀڀڪيدار تقريرون ڪندڙ ۽ ٻين کي بي وقوف بنائيندڙ مشهور ڪيو ويو. جڏهن اها شڪايت سوئيڪارنو تائين پهتي ته هن وڏو ٽهڪ ڏئي وراڻيو، ”جيڪڏهن آئون رڳو خطيب ئي آهيان ته پوءِ هو مون کان ڊڄن ڇو ٿا.“ سندس اشارو پنهنجي ساڍا ٽي لک فوج طرف هو، جيڪا روسي هٿيارن ۽ سامان سان هٿيار بند هئي ۽ تنهن کان سواءِ کيس ٽيهه لک انڊونيشي ڪميونسٽن جي حمايت پڻ حاصل هئي.
جيئن ئي آمريڪا روس جي پاليسين ۾ فرق اچڻ لڳو، باهمي جڳهڙا مفاهمت ۾ بدلجڻ لڳا، سوئيڪارنو جي سياست جو رخ ماسڪو کان هٽي پيڪنگ طرف مڙڻ لڳو، سندس پرڏيهي وزير سباندريو، عوامي جمهوريه چين جي وزيراعظم چوائن لائي سان ڳالهيون مهاڙيون ڪري چيني قيادت جي سرپرستي قبولڻ تي راضپو ڏيکاريو. سوئيڪارنو تي 1957ع کان وٺي 1962ع تائين قدامت پرست مسلم فرقي پاران پنج ڀيرا قاتلاڻه حملا ڪرڻ پڻ ڪيا ويا. جن ۾ هو بچي ويو.
انڊونيشيا جي آزادي وقت نيوگني ڊچ ايسٽ انڊيز جي هٿ هيٺ هو. تنهنڪري پندرهن سالن جي ڊگهي جدوجهد کان پوءِ 1962ع ۾ نيوگني جو اقتدار جمهوريه انڊونيشيا جي حوالي ڪيو ويو اڃا نيوگني (اولهه ايريان) جي دستاويز جي مس به نه سڪي هئي ته برطانيا جي اشاري تي 16 ڊسمبر 1962ع تي ملايا، سنگاپور، سرواڪ ۽ بورنير جو وفاق وجود ۾ آيو. ملائيشيا جي اها نئين حڪومت هڪ لک ستاويهه هزار ٽي سئو ميلن تي پکڙيل هئي، جتي هڪ ڪروڙ انسان آباد هئا. ملايا جي مملڪت ٻارهن سالن تائين ڪميونسٽ گوريلن جي خوني سرگرمين جو مرڪز رهي هئي، ملايا ۽ ملائيشيا جو وزيراعظم تنڪو عبدالرحمٰن جمهوريت جو قائل ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ سامراجي ۽ طاقتن جو سڀ کان وڏو دوست هو. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو سوئيڪارنو کي ملائيشيا جو وجود ڪنڊي جيان چڀندو هو.
سوئيڪارنو، ولنديزي نيون گنيءَ کي انڊونيشيا ۾ شامل ڪرڻ جي مهم هلائي، ان زوردار ۽ ڪامياب مهم آمريڪا ۽ ولنديزي ۽ آسٽريلوي اتحادين جي وچ ڇڪتاڻ وڌائي ۽ پوءِ هن 1961ع ۾ ملائيشيا جي مجوزه وفاق کي چٿڻ جو اعلان ڪيو ته سندس گرجدار اعلان وڏي گونج پيدا ڪئي ۽ سياست جي دنيا ۾ هڪ نئون گهوٽالو پيدا ٿي پيو، جيڪو ويٽنام جي گهوٽالي کان گهٽ نه هو. ملائيشيا جي خلاف ان مهم ۾ سوئيڪارنو پنهنجي ڇاپه مار دستن کي ميدان ۾ لاٿو، انهن دستن جو ڪم جنگ وڙهڻ نه پر اٿندي ويهندي ملائيشيا کي تنگ ڪرڻ هو. ان مقصد جي لاءِ هن بورنيو ۾ زبردست فوج تيار ڪئي، جو برطانيا، ملائيشيا ۽ ڪامن ويلٿ جي ڪن قومن کي سندس مقابلي ۾ سٺ هزار فوج جو مورچو قائم ڪرڻو پيو، سوئيڪارنو اعلان ڪيو ته پهرين جنوري 1965ع جي صبح ٿيڻ کان اڳ آئون ملائيشيا کي تباهه ڪري چڪو هوندس، جيتوڻيڪ اها اڳ ڪٿي صحيح ثابت نه ٿي، پر اهڙا قدم کڻڻ سوئيڪارنو کي ايندا هئا. صدر سوئيڪارنو پنهنجي ملڪ کي گڏيل قومن کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته افرو ايشيا جي اڪثر مديرن سندس ان فيصلي جي حمايت ڪئي ۽ اهو ڏاهپ ڀريو قرار ڏنو. ملائيشيا کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو ميمبر چونڊڻ ته انڊونيشيا احتجاج طور گڏيل قومن کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو. انڊونيشيا جو خيال هو ته اُن فيصلي جي ڪري گڏيل قومن تان ڀروسو ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ سامراجيت ۽ پرماريت جي خلاف انقلابي تحريڪن ۾ دنيا جي عوام جي حوصلي افزائي ٿيندي. سوئيڪارنو جو چوڻ هو ته وڏين طاقتن جي ڪري گڏيل قومون بدنام ٿيون آهي. تنهنڪري جيڪڏهن هن پنهنجي نئين سر تنظيم نه ڪئي ته دنيا جي انسان دوست ملڪن کي ان جي متبادل گڏيل قومون ٺاهڻي پوندي.
انهن سڀني ڳالهين، ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ اولهائين اثر جي لاءِ هڪ وڏو خطرو پيدا ڪري ڇڏيو. ويٽنام کان پوءِ اهو ٻيو خطرو هو، جيڪو اولهائين اثر ۽ اولهائين تهذيب جو جاني دشمن هو. ويٽنام ۾ آمريڪا جي خراب ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي آمريڪي عملدار اهو چوڻ لڳا هئا ته جيڪڏهن ويٽنام، آمريڪا جي هٿن مان نڪري ويو ته اوڀر ايشيا ۾ آمريڪا جو خير ڪونهي، ان کان پوءِ هڪ هڪ ڪري هن خطي جا سڀ ملڪ آمريڪا کان موڪلاڻي ڪندا. جيڪڏهن ايئن ٿيو ته اهو اعزاز ان علائقي جي فقط هڪ شخص کي حاصل ٿئي ها، جنهن کي انڊونيشي عوام بونگ (ڀاء) ڪارنو سڏيندا هئا.
گڏيل قومن کي ڇڏڻ جي نتيجي ۾ انڊونيشيا ان جي مختلف ادارن جي امداد ۽ صلاحن کان محروم ٿي ويو. ايئن انڊونيشيا سڄي دنيا کان ڪٽجي ويو ۽ ان جي اقتصاديات وڏي گهوٽالي جو شڪار ٿي وئي. قلعي ۽ رٻڙ جي پيداوار ۾ زبردست ڪمي ٿي وئي. ولنديزي وڃڻ مهل چرپر جو جيڪو نظام ڇڏي ويا هئا، اهو چڱي طرح جاري رهي نه سگهيو، ڇو ته فالتو پرزا دستياب نه هئا ۽ نه ئي وري اهو نظام هلائڻ وارا، ڇهن مهينن جي اندر اگهه چوٽ چڙهي ويا۽ هر وڏي شهر ۾ اڌا اگهاڙا ٻارڙا ۽ بکيا ماڻهو پنندي نظر اچڻ لڳا. ملڪ جي اقتصادي صورتحال تي خود سوئيڪارنو به خوش نه هو، هڪ ڀيري کيس اهو چوندي ٻڌو ويو ته، ”معاشيات جي نالي سان منهنجي مٿي ۾ سور پوڻ ٿو لڳي.“ هو اولهه گني تي قبضو ڪرڻ لاءِ ملڪ جو اسي سيڪڙو بجيٽ ان مهم تي خرچڻ لڳو هو. ٻي مصيبت اها آئي ته ملائيشيا کي آمريڪا کان امداد ملڻ لڳي هئي.
انڊونيشيا گذريل پندرهن سالن ۾ آمريڪا ۽ روس کان جيڪا امداد حاصل ڪئي هئي، ان جو وڏو حصو هٿيارن تي خرچ ڪيو ويو. تنهن کان سواءِ چين کان جيڪي پنج ڪروڙ ڊالر قرض ورتا ويا اهي جنس جي بدل سدل تي خرچ ٿيا، جنهن جي انڊونيشيا کي ڪا خاص گهرج به نه هئي. انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ حد کان وڌيڪ افراط زر هو. انڊونيشي روپئي جي قيمت گهٽجي وئي، اها حالت تباهه ٿيڻ واري آهي.
ان دوران انڊونيشيا جي وزيراعظم دفاع جنرل نازو شيون جي قيادت ۾ اها تحريڪ شروع ٿي وئي ته انڊونيشيا کي چين جو پڇ لٽڪلئو ٿيڻ کان بچايو وڃي. جڪارتا ۾ ”سباندريو کي ڦاسي ڏيو“ جا پوسٽر لڳي ويا. جنهن جي رد عمل ۾ نازو شيون پنهنجي ڪابينا مان ڪميونسٽن کي ڪڍي ڇڏيو ۽ پارليامينٽ جي ستونجاهه ميمبرن کي معطل ڪري ڇڏيو. سباندريو تي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو، پر سباندريو جي حامين نازو شيون ۽ سندس ڪيترن ئي ساٿين کي اغوا ڪيو ويو. انهن مان ڇهن کان ماريو ويو، پر جنرل سوهارتو، جيڪو سوئيڪارنو کان پوءِ ملڪ جو صدر ٿيو. اتفاق سان بچي ويو. هو سوئيڪارنو جي محل کي فوج جي گهيري ۾ ڏئي ڇڏيو. سوئيڪارنو فرار ٿي هوائي اڏي تي پنهنجي ويجهي ساٿي عيدت کي گرفتار ڪري قتل ڪيو ويو. جاوا ۽ ٻين هنڌن تي هزارين ڪميونسٽن کي گولين سان اڏايو ويو. انڊونيشي فوج جي هٿان ان انقلاب ۾ هڪ لک انڊونيشي ماريا ويا.
سوئيڪارنو اڃا تائين پنهنجو پاڻ کي انڊونيشيا جو سربراهه سمجهندو هو، ايتريقدر جو شاگردن سندس خلاف ۽ سندس حڪومت کي ختم ڪرڻ جا نعرا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا. 11 مارچ 1966ع تي جنرل سوهارتو جي حڪم سان محل تي قبضو ڪري سوئيڪارنو ۽ سباندريو کي گرفتار ڪيو ويو ۽ کانئن زبردستي دستاويزن تي صحيحون ورتيون ويون ته هن سڀ اختيارجنرل سوهارتو جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. سباندريو تي ڪيس هلائي کيس گوليءَ سان اڏائڻ جي سزا ڏني وئي. سوئيڪارنو کان ”باپڪ“ کان سواءِ سڀ اعزاز واپس ورتا ويا ۽ کيس محل ۾ رهڻ جي موڪل ڏني وئي. هاڻ سندس ڪا به حيثيت نه هئي. پر هو پنهنجي پراڻي عادت موجب ڪو ٻڌي يا نه ٻڌي حڪم ۽ فرمان جاري ڪندو رهيو. پر هوريان هوريان کيس احساس ٿي ويو ته هاڻ کيس ڪو به نه ٿو مڃي. هو اڪثر پرڏيهي اخبار نويس کي چوندو هو ته، ”جيڪڏهن مون کي اڄ به ڪو اها ڳالهه سمجهائي ته مون کان ڪهڙيون غلطيون ٿيون آهن ته آئون پنهنجي اصلاح ڪري وٺندس.“
1967ع ۾ سوهارتو کيس حڪم ڏنو يا ته هو جڪارتا مان هليو وڃي يا وري فو جي عدالت ۾ ڪيس کي منهن ڏي. هن مجبور ٿي جڪارتا مان وڃڻ جو قبوليو ۽ گمناميءَ ۾ هليو ويو. بي شمار انڊونيشي اڃا به ساڻس محبت ڪندا هئا ۽ کيس پنهنجو هيرو سمجهندا هئا. گمنامي واري عرصي دوران سندس رت جو دٻاءُ وڌي ويو ۽ گردن جي تڪليف ۾ پڻ مبتلا ٿي ويو. نيٺ هو 1970ع ۾ جڪارتا جي هڪ فوجي اسپتال ۾ گذاري ويو.

اسپارٽيڪس: آزادي پسندن جو عظيم هيرو

اٽليءَ جي گاڌي جو هنڌ روم، حضرت عيسيٰ عليھ السلام جي جنم کان هڪ هزار سال اڳ جابلو، پر سرسبز علائقو هو. آبادي گهٽ هيس. آريائي قبيلن جي شان ۽ شوڪت، ڪجهه وسنديون آباد ڪري چڪي هئي اٽلي جي ڏکڻ ۾ يوناني آباد هئا. جڏهن ته مرڪزي حصي ۾ هڪ غير آريائي آباديءَ ”ايطر سڪاني“ رهندي هئي ۽ جنهن مختلف آريائي قبيلن کي ماري مڃايو هو. ڇهين صدي زبل مسيح ۾ ”ايطر ساڪان“ بادشاهت جو دٻدٻو ختم ٿي ويو ۽ روم، اشرافيه طبقي جي ريپبلڪ بڻجي ويو. پتريشيائي گهراڻن تي ٻڌل لاٽ صاحبن جو هڪ طبقو اُڀري آيو هو ۽ پبليشيائي فرقو محڪوم بڻجي ويو. اهي محڪوم پبليشيائي ماڻهو ڪيترين ئي صدين تائين پنهنجي آزادي ۽ حق حڪومت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جي لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا ۽ نيٺ ان ۾ ڪاميابي ماڻيائون.
پنجين صدي قبل مسيح ۾ رومن سلطنت جون حدون وسيع ٿيڻ لڳيون. ان وقت تائين ته ايطر سڪانين سان ويڙهه ۾ رڌل هئا. اهي ايطر مڪاني ان وقت هميشه جي لاءِ ختم ٿي ويا، جڏهن هڪ طرف يونانين انهن جي خلاف ڪاروائيون شروع ڪري ڏنيو ته ٻي پاسي اترکان گال قبيلا مٿن آفت بڻجي اچي ڪڙڪيال. رومين، ايطر سڪانين تي سوڀ ماڻي، سڄي روم اٽليءَ تي قبضو ڪري ورتو. ٻي پاسي سڪندر جي سلطنت به وکري وئي ۽ اها سلطنت سندس هڪ ساٿيءَ پائرس سکيا ورتل فوج گڏ ڪري اٽلي تي حملو ڪري ڏنو، ۽ 270 ق ـ م ـ ۾ ٻن محاذن تي رومين کي شڪست ڏني، هن کين ان ڏانهن ڌڪي ڇڏيو ۽ پاڻ سسلي طوف پيش قدمي شروع ڪيائين پر ان وقت سسلي جي ويجهو دنيا جو عظيم ترين شهر ۽ واپاري مرڪز ڪارٿيج هو، جنهن جي ڀرپور مدد سان رومين پائرس کي شڪست ڏئي ڀڄائي ڇڏيو. ايئن روم جي سلطنت وسيع ٿي وئي ۽ هاڻ سندس رستي ۾ واحد عظيم واپاري سگهه وڃي بچي هئي، جنهن جو نالو ڪارٿيج هو.
لڳ ڀڳ اڍائي سئو سال قبل مسيح ۾ روم ۽ ڪارٿيج جي وچ ۾ جنگيون شروع ٿيون. جيڪي Punic wars جي نالي سان مشهور آهن. انهن ڊگهين جنگين جي نتيجي ۾ نيٺ رومين کي سوڀ نصيب ٿي ۽ ڪارٿيج کي (149 ق ـ م) ۾ زبردست شڪست ملي. روم جي طاقت وڌندي وئي. سندس قبضي هيٺ آيل علائقو وسيع ٿي ويو ۽ هزارن جي تعداد ۾ ڪارٿيج جا رهاڪو غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيا ويا. هاڻ سامي نسل رياستن ۽ شهرن مان فقط جوڊيا جو آزاد علائقو بچيو هو جنهن جي مرڪز ”يروشلم“ تي 96 ق ـ م ۾ رومين قبضو ڪري ورتو . 390 ق ـ م کان وٺي 240 ق ـ م تائين جو زمانو اهو هو، جڏهن روم آزاد آبادگارن جي ريپبلڪ رهيو. ان دور ۾ وڏا وڏا رستا ٺهيا ۽ ماڻهن کي روم جي شهريت ملندي وئي. ان دور ۾ هر ولاريل علائقو رومي تهذيب ۾ گهلي ملي ويندو هو ۽ فاتح ۽ مفترح جدا نه پر هڪ وحدت بڻجي ويندا هئا.
پر 240 ق ـ م کان پوءِ جو مرحلو نئون هو. سسلي فتح ڪري. ان کي رومين جو فتح ٿيل علائقو قرار ڏنو ويو. ان جا خزانا ۽ زمينون رومين جي حوالي ڪيون ويون. ان جنگ ۾ اڻ ڳڻيا غلام هٿ چڙهيا، ان کان اڳ رومن ريپبلڪ جي آبادي گهڻو ڪري شهريت حاصل ڪيل آبادڪارن تي ٻڌل هئي. فوجي خدمتون به انهن جي ذمي هُيون. فوجي خدمتون انجام ڏيڻ جي دوران سندن زمينون قرضن هيٺ دٻجي ويون ۽ اتي هڪ نئين ۽ وسيع زرعي غلامي اڀرڻ لڳي. جڏهن هو فوج مان واپس وريا ته هنن پنهنجي پيداوار کي سسلي ۽ خود روم جي نين جاگيرن ۾ غلامن جي اپايل پيداوار سان مقابلي ۾ ڏٺو. ريپبلڪ جي خصوصيت بدلجي چڪي هئي. نه رڳو سسلي روم جي قبضي ۾ هو، پر عام ماڻهو به اميرن جي قرضن هيٺ دٻيل هو. روم هاڻ امير ماڻهن جي ريپبلڪ بڻجي چڪو هو. روم جا آبادگار سپاهي سڀني حقن کان محروم ٿي چڪا هئا. هن کان چونڊن جون رعايتون کسجي چڪيون هيون. سينٽ، ريپبلڪ جو حڪمران ادارو هو. ٻي نمبر تي اهي ماڻهوهئا، جن سگهارن آفيسرين سينٽ ۾ ويهاريو هو. ٻين لفظن ۾ سينٽ وڏن زميندارن ۽ واپارين جو ايوان هو. اهو ايوان رومي سياست جو مرڪز هو. روم جو عام ماڻهو پيڙهيل حالت ۾ هو. کانئن زمينون کسجي چڪيون هجن. هو غلاميءَ جي فائدي واري پيداوار مان بي دخل ٿي چڪو هو، ۽ وٽس ڪا به سياسي سگهه نه رهي هئي. وٽس هاڻ اظهار جو رڳو هڪ ئي ذريعو وڃي بچيو هو بغاوت. روم جي پهرين ۽ ٻي صدي قبل مسيح جي داخلي سياست جي تاريخ ناڪام انقلابي بغاوتن جي تاريخ آهي. انهي بغاوتون ۽ گهرو لڙايون جاگيرون ختم ڪرڻ، زمينون آزاد آباگارن کي واپس ڪرڻ ۽ قرض جي بي ضبطگي جي خاطر ٿينديون رهيون. اٽلي به ان جي آرامي جي وسيع پسمنظر ۾ 73 ق ـ م، ۾ اسپارٽيڪس جي اڳواڻي عظيم بغاوت ٿي.
اسپارٽيڪس هڪ پيدائشي غلام هو، جنهن کي قتل ڪرڻ جي سکيا ڏني وئي هئي ته جيئن خاص حڪم تي جوڙيل آکاڙن ۾ غلام، غلام کي قتل ڪري، واندن، بيڪار ۽ بدڪار آقائن جي تفريح جو سامان مهيا ڪري سگهن. اهڙي لڙائي کي ”گليڊي ايٽر“ چوندا هئا.
اسپارٽيڪس 70 يا 80 گيلڊي ايٽرن سان گڏ آکاڙي جي فوجين سان وڙهيو ۽ کيس شڪست ڏئي. ان اسڪول جي سڀني گليڊي ايٽرن سان گڏجي ”ڪاپوا“ جي فوجي ڇانوڻيءَ مان باتياتيس جي مدد جي لاءِ آيو، پر اسپارٽيڪس کيس ماري ڊوڙائي ڪڍيو، هن آقائن جي ظالماڻي ۽ ڌپاري حڪمرانيءَ جي خلاف بغاوت جو ڀڀڙ ڀڙڪايو. مايوس مردن، عورتن ۽ ٻارن رڌڻن، طنبيلن ۽ ٻنين ٻارن مان نڪري رومن ايمپائر جي خلاف عظيم ترين بغاوت ۽ سندس رهنمائيءَ ۾ حصو ورتو. اسپارٽيڪس رڳو غلامن جو ڪمانڊو ۽ اڳواڻ ئي نه هو، پر هو سندن بهترين دوست ۽ مهربان پيءُ به هو. هو هڪ عاشق به هو ته نظريي دان پڻ، سندس بهادري، سمجهه، ساڃاهه، حمت عملي ۽ روشن مستقبل تي سندن يقين ئي دراصل اهي گر هئا جيڪي آزاديءَ جي جنگ ۾ وڙهندڙ عوام (هيٺين ۽ پيڙهيل طبقي ۽ غلام قوم) جا رهندا هوندا آهن. سال 72 قبل مسيح جي غلامن جي بغاوت کي چٿڻ جي لاءِ ٻه وڏيون سرڪاري فوجون موڪليون ويون. پر غلامن کين تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. ۽ رومي سلطنت جا بنياد ئي لوڏي ڇڏيا. اها بغاوت 73 ق ـ م ـ ۾ شروع ٿي ۽ 71 ق ـ م تائين جاري رهي 71 ق ـ م ۾ هڪ ٻي وڏي فوج کي ناڪام ڪرڻ کان پوءِ اهو انقلاب ناڪام ٿيو. (پر انقلاب جڏهن ناڪام ٿيندا آهن ته اهي ٻ شڪل ۾ ظاهر ٿيندا آهن.)
اسپارٽيڪس جن ۾ وڙهندي شهيد ٿيو. سندس ويجها ساٿي يا ته لڙائيِءَ ۾ مارجي ويا، يا وري گرفتارٿي انهن ڇهن هزارن ساٿين سان گڏ رستي سان گڏ صليب تي ٺوڪيا ويا، ۽ رت ڳاڙهي ڳاڙهي شهيد ٿيا. اسپارٽيڪس جي فڪري، نظرياتي، ڪامريڊ ۽ محبوب زال وارنيانا، سندس پُٽ کي جنم ڏئي دشمن فوج جي ڪمانڊر انچيف جي قبضي ۾ هلي وئي، جنهن کي هن Slave Love بنائڻ ٿي چاهيو، پر جنهن عورت پاڪ اسپارٽيڪس جو پيار پاتو هجي، اها ڪنهن ٻي سان ڪيئن ٿي دل لڳائي سگهي.
ورنيانا کي گراڪس نالي هڪ دولتمند، پاڙي جي بدمعاشن جي ذريعي جرنيل جي گهر مان اغوا ڪرايو. پر هن کيس به ٺڪرائي ڇڏيو. تنهن ڪري کيس جرنيل جي پهچ کان ڪنهن ڏورانهين ڏيهه روانو ڪري ٿو ڇڏي. هو ورنيانا کي آزاد ڪرڻ جي سند عطا ڪري پوءِ خودڪشي ڪري ٿو ڇڏي.
اسپارٽيڪس رڳو غلامن جي (73 ق ـ م) جي آزادي جي جنگ جو هيرو نه هو، پر هو ته هڪ بُلند نظري ۽ سڳورن انساني رشتن جي لاءِ وڙهي ويندڙ هر ويڙهه جي لاءِ رهبري جو نشان ۽ علامت آهي. ها عوامي جنگ جو پنهنجو اسپارٽيڪس ضرور هوندو آهي. پوءِ ڀلي، ان جو رنگ،نسل، مذهب، زبان ۽ قوميت اصل اسپارٽيڪس کان ڪيتري به مختلف ڇو نه هجي. دنيا جو هر ڦُريل، لٽيل ۽ مظلوم ۽ محڪموم طبقي ۽ قوم جي تحريڪ آزادي ۽ هڪ اڳواڻ ضرور موجود هوندو آهي، ٻين لفظن ۾ اسپارٽيڪس جهڙو اڳواڻ موجود هوندو آهي. بي شڪ اهي اڳواڻ اڳ ۾ گهڙيل ۽ تراشيل نه هوندا آهن. پر آزاديءَ جي جنگ جي صفن مان ڪو شخص اوچتو ئي اوچتو سپاهي مان اسپارٽيڪس بڻجي ويندو آهي ۽ پوءِ هو پنهنجي ساٿي انسانن کي پنهنجي اک جي اشاري سان متحرڪ ڪري، بلڪه درياهن جا وهڪرائي بدلائڻ جو حڪم ڏيندو آهي. ۽ هو حڪم جي تعميل ڪندا آهن. انهن محبوب ۽ مقبول اسپارٽيڪس جي آمد جوسلسلو پڪ سان ان وقت تائين جاري رهندو، جيستائين انساني سماج مان مقدس ترين شيءِ يعني نجي ملڪيت جو خاتمو نه ٿو ٿئي، ان کان پوءِ به مائرون اسپارٽيڪس ڄڻڻ بند نه ڪنديون ۽ محبوبائون اسپارٽيڪس کي پيار ڪري کين مافوق الفطرت ديوتا بنائڻ کان روڪڻ بند نه ڪنديون، جيتوڻيڪ اهي مائرون ۽ محبوبائون ٿورو مختلف هونديون. ڇاڪاڻ ته هاڻ انهن جي مد مقابل رومن سلطنت نه پر هڪ ٻيو ڀوائتو سپر پاور هوندو.
پلو ٽارخ اسپارٽيڪس کي نه رڳو عظيم روم ۽ عظيم جسماني سگهه قرار ڏنو، بلڪه هو سندس نظر ۾ سڀ کان وڌيڪ ”عقلمند ۽ مهذب“ انسان هو. ڪارل مارڪس اسپارٽيڪس کي پنهنجو هيرو قرار ڏنو ۽ کيس، ”سڄي قديم انساني تاريخ ۾ سڀني کان وڌيڪ شاندار شخص ۽ عظيم جرنيل قرار ڏنو، جيڪو ڪردار ۾ پاڪ هو ۽ قديم پر ولتاريه جو حقيقي نمائندو هو.“
ان بغاوت جي بار ۾ مشهور انقلابي لينن لکيو ته اسپارٽيڪس انهن عظيم بغاوتن جي تمام وڏن هيرن مان هو، جيڪي غلامن ٻه هزار سال اڳ برپا ڪيون هيون. روم جي بظاهر انتهائي سگهاري سلطنت، جنهن جو سڄو دارو مدار غلاميءَ تي هو، ڪيترن ئي سالن تائين انهن غلامن جي زبردست بغاوت جا ڌڪ کائيندو رهيو، جن اسپارٽيڪس جي اڳواڻيءَ ۾ متحد ٿي وڏي هٿيار بند فوج ٺاهي هئي.
اسپارٽيڪس جديد زماني جي انقلابن لاءِ اتساه (Inspiration) هو. ”جرمن ڪميونسٽ“ پارٽيءَ جو پهريون نالو ”سپارٽيسٽ ليگ“ هو، اسان جي دور جو هو دلعزيز هيرو پي گويرا، اسپارٽيڪس جو تمام وڏو مداح هو. اسپارٽيڪس جي زندگي ۾ جدوجهد ٿي مشهور ليکڪ هاورڊ فاسٽ هڪ شاندار ناول لکيو. ( ان ناول جو سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي) جنهن ۾ هن لکيو، اسپارٽيڪس جي اڳواڻي ۾ غلامن جي اها جنگ بهادر مردن ۽ عورتن جي ڪهاڻي آهي. جيڪي قديم زماني ۾ ٿي گذريا آهن ۽ جن جا نالا ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهجن. ان ڪهاڻي جي هيرن انساني وقار ۽ آزاديءَ کي عزيز رکيو آهي ته اهي ماڻهو، جيڪي کيس پڙهندا منهنجا ٻارڙا ٻيا، اهي پنهنجي مستقبل جي لاءِ سگهه حاصل ڪن ۽ ظلم ۽ بديءَ جي خلاف جدوجهد ڪن ته جيئن اسپارٽيڪس جي خواب اسان جي دور ۾ پورو ٿي سگهي.“

فيڊل ڪاسترو جو استاد: جوزي مارٽي

گبرئيل گارشيا ماڪيز چواڻي، ”جوزي مارٽي“ فيڊل ڪاسترو جي سري کان رکيل ليکڪ آهي. مارٽي نه رڳو فيڊل ڪاسترو جي پسندجو ليکڪ آهي، پر هو ته سندس آئيڊيل ۽ سونهون به آهي ۽ حقيقت اها آهي ته جوزي مارٽي فقط ڪاسترو جو ئي نه سڄي ڪيوبا ۽ بين الاقوامي انقلابن جو هيرو آهي. مارٽي، ڪيوبائي انقلاب جو سڌو سنئون استاد هو. هن جون لکڻيون ڪاسترو ۽ سندس ساٿين جون سدائين رهنما هيون. جوزي مارٽي رڳو ڪيوبا جو ئي نه سڄي آمريڪا جو هو، آمريڪا جو سڄي ويهين صديءَ جو هو.
مارٽي پڌري نموني سوشلسٽ ته نه هو، پر هو ڪارل مارڪس جو احترام ڪندو هو. ڇاڪاڻ ته مارڪس نهايت سهڻي نموني پاڻ کي هيڻن ۽ اٻوجهه ماڻهن جي پُڙ ۾ وجهي ڇڏيو هو. مارٽيءَ گوئٽي مالا تي لکيل پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو، ”تمام گهڻي دولت نا انصافي آهي، اها ته تمام گهڻن ماڻهن جي هٿن ۾ هئڻ کپي. اهڙن ماڻهن جي هٿن ۾ جيڪي صحيح معنيٰ ۾ انهيءَ جا حقدار هجن. گهٽ زمين رکندڙ ججهي تعداد ۾ هجن ته قوم امير هوندي آهي. جنهن ۾ ٿورائي امير ماڻهن جي هجي، اها قوم امير نه هوندي آهي، پر امير ته اها سڏبي، جنهن جو هر ماڻهون گڏيل دولت ۾ ڀاڱي ڀائيوار هجي.“
مارٽي هڪ وڌو مفڪر ۽ سچو سامراج دشمن انسان هو، هو پئسي ڏوڪڙ، موڙي، ڪمپني، انهن سڀني کي سامراج جو وڏو هٿيار سمجهندو هو. سندس چوڻ هو ته : جڏهن ڪو شخص چوي ٿو ”معاشي اتحاد“ ته اصل ۾ هو اهو چئي رهيو هوندو آهي ته سياسي اتحاد، مارٽيءَ جو پڪو ايمان هو ته هن قومن کي آزاد رهڻ جي خواهش هجي ته کين واپار ۾ آزاد ٿيڻون پوندو. (آءِ – ايم – ايف ته ڪافي پوءِ ظاهر ٿي.)
فلسفي جي دنيا ۾ خدا جي تصور تي اڻ ڳڻيا نظريا موجود آهن. مارٽي تمام وڏو انسان هو، جيڪو اڃا ارڙهن سالن جي وهيءَجو هو هن هڪ مضمون لکيو، جنهن جو عنوان هو، ”ڪيوبا ۾ سياسي قيد“، اهو اصل ۾ سندس پنهنجو قصو هو، جڏهن هو عمر جي سورهين سال ۾ گهڙيو ته کيس نهايت بي درديءَ سان ماري ڪُٽي قيد ڪيو ويو هو. ان ليک ۾ هو لکي ٿو، ”خدا موجود آهي پر سٺن نظرين ۾ جيڪو سٺو آهي. اهو خدا آهي.“ اسان جي دور جي انقلابي استاد سائين ڪمال خان شيرانيءَ جي دعويٰ آهي ته ”خدا“ پشتو لفظ آهي، جيڪو اصل ۾ ”خئه دائي“جي بگڙيل شڪل آهي. يعني ”سٺو آهي“ خه دائي... حيرت ٿي ٿئي ته مارٽي کان وٺي ڪمال خان تائن هر سٺي ۽ وڏي انسان کي، ميڪارٿيءَ کان وٺي پاڪستاني ميڪار ٿين. ”بي خدا“ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. مارٽيءَ فقط اهو ڪونهي چيو ته، ”جيڪو سٺو آهي، اهو خدا آهي.“ پر هو ته سماج ۾ موجود اخلاقي اصولن تي سختيءَ سان عمل ڪندو هو. ڀلا، اخلاقي اصولن کان سواءِ به ڪنهن انقلاب جو سوچي سگهي ٿو؟
ساڳئي نموني مارٽي جي وطن جي سڄڻائپ به متاثر هئي. هو انساني وقار ۽ عزت کي سڀني کان اهم سمجهندو هو.
جوزي جوليان مارٽي پيريز 28 جنوري 1853ع تي ”هوانا“ ۾ جنم ورتو. هو ماريانو مارٽي نالي هڪ اسپيني همراهه جو پُٽ هو، جيڪو نوڪريءَ تان رٽائرڊ مينٽ ڪرڻ کان پوءِ چوڪيداري ڪندو هو. سندس امڙ جو نالو ”ليونار پيريز ڪابريرا“ هو. هو پنهنجي ستن ڀيڻن جو وڏو ڀاءُ هو. سندس ملڪ اسپين جو غلام هو، تنهنڪري هن پنهنجي ملڪ جي اسپين کان آزاديءَ ٿي چاهي، ڇو ته سندس ملڪ ۾ ٻانهپ جو باقاعده رواج هو ۽ هن ان جو خاتمو ٿي چاهيو. اها ڏاڍي دلچسپ ڳالهه آهي ته اپريل 1865ع ۾ آمريڪا جي صدر ابراهام لنڪن جي قتل جي خبر ٻڌي آمريڪا دشمن مارٽي پنهنجي ساٿي شاگردن سان گڏجي ماتم ڪرڻ لڳو هو. ڇاڪاڻ ته ان شخص پاڙيسري ملڪ ۾ ٻانهپ (غلاميءَ) جي خاتمي جو فرمان جاري ڪيو هو.
اسپين جي چئن سؤ سالن جي غلاميءَ مان ڪيويا جي آزاديءَ جي جدوجهد، دنيا جي رزميه تاريخ جي شاندار ڪهاڻي آهي. مارٽي پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ اسپين جي خلاف به وڙهيو ته آمريڪا جي خلاف به ڪيوبا جي لاءِ ٻئي سامراج هئا. ڇاڪاڻ ته آمريڪا، اسپين کي تڙي ڪيويا ۾ خود پنهنجا پير کپائڻ جي چڪر ۾ هو. مارٽيءَ کي آمريڪا جي ارادن جي چڱي پي پروڙ هئي ۽ هو آمريڪا جي انهن ارادن جي خلاف سخت مضمون لکندو رهيو. هڪ ڀيري هن لکيو، ”آئون هن راڪاس (آمريڪا) جي اندر رهي چڪو آهيان ۽ هن جي آنڊن جي پکيڙ کان واقف آهيان.“
مارٽي وطن جي آزادي، شهري آزادين ۽ انساني عظمت جو ويڙهو سورهيه هو. هن پندرهن سالن جي عمر ۾ ئي آزاديءَ جي ويڙهه شروع ڪئي ۽ جلد ئي عوام جي ڀرپور محبت ۾ عزت ماڻي، سندس هڪ چوڻي آهي ته ”جبلن تان لڙڪندڙ پٿرن جيان سٺا نظريا مڙني رڪاوٽن ۽ بندشن جي باوجود به پنهنجي مقصد تائين پهچي وڃن ٿا. انهن جي رفتار گهٽ ۽ وڌ ته ڪري سگهجي ٿي، پر انهن کي روڪي نٿو سگهجي. بيشڪ، جدوجهد ئي انسان کي فلاسافر بنائي ٿي.“
۽ پڙهندڙ ساٿيو اوهين جيڪڏهن پاڻ کي سخت معيار تي پرکڻ لاءِ ضد ٻڌيو بيٺا آهيو ته پوءِ مارٽي جو هي قول آزمايو.
”جيڪو شخص هڪ خراب حڪومت جي تابعداري ڪري ٿو، اهو ايماندار ڪونهي،“ ڀلا هي جملو به پڙهي ڏسو.
”چوڻ“ جو بهترين طريقو ”ڪرڻ“ آهي.“
1869ع ۾ هن پنهنجي پهرين سياسي لکڻي اخبار جي لاءِ لکي، ساڳئي سال هن پنهنجو منظوم ڊرامون به ڇپايو ۽ ساڳئي سال سندس مشهور ”سانيٽ“ به چپيو. اهي سڀ لکڻيون آزاديءَ جي خواهش ۽ ان لاءِ جدوجهد تي اُڀارڻ جي لاءِ جذبو پيدا ڪرڻ تي ٻڌل هيون.
جوزي مارٽي انساني آزادين جو وڏو طرفدار هو. سندس هي ڪيترو ته خوبصورت ارمان آهي. ”اي آزادي! تون جنهن وٽ آهين، اهي توکي نٿا سڃاڻن ۽ وٽ ناهين، تن کي تنهنجي لاءِ ڳالهيون ڪرڻ جي بدران توکي حاصل ڪرڻ گهرجي.“
جوزي مارٽي پنهنجي باغياڻين تقريرن ۾ لکڻين جي ڪري، بيٺڪي حاڪمن جي اک جو ڪنڊو بنجي چڪو هو. ڇاڪاڻ ته هو رد عمل ڏيکاريندو هو. جواب ڏيندو هو. اظهار ڪندو هو. مثال طور؛ جنوري 1869ع ۾ ڪيوياجي هڪ شاگرد کي رڳو ان ڏوهه ۾ موت جي سزا ڏني وئي ته هن هڪ اسپيني فوجي آفيسر جي گس تان پاسي تي ٿيڻ ۾ دير ڪئي هئي، ٻي ڏينهن جو هڪ باغياڻون نظم ڇپيو.
آڪٽوبر 1869ع ۾ اسپين جي حڪومت کيس غدار سڏي جيل ۾ وجهي ڇڏيو. مارٽي مڃيو ته ڪيويا تي اسپين جي حڪمراني کان نفرت ٿو ڪري کيس ڇهه سال سخت پورهئي سان ٽيپ ڏن وئي. جيتوڻيڪ قانون موجب سورهن سالن جي وهي وارو ”ٻار“ سمجهيو ويندو هو، پر زور اڳيان زاري، جيڪو ڏاڍو سو گابو. جنهن پورهئي کيس سخت بيمار ڪري وڌو، کيس جيل مان ڪڍي، هڪ ٻيٽ ڏانهن جلا وطن ڪيو ويو ۽ پوءِ کيس اسپين روانو ڪيو ويو.
اسپين ۾ هن قانون جي تعليم پرائي، هو اتي ڪيويا تي اسپين جي حاڪميت جي خلاف ليک لکندو هيو. قانون جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ هو فرانس هليو ويو، جتي سندس مشهور ليکڪ ”وڪٽر هيوگو“ سان ملاقات ٿي. اتان هو ميڪسيڪو ۽ پوءِ گوئٽي مالا هليو ويو. ڇو ته ڪيويا ۾ گهڙڻ تي مٿس پابندي لڳل هئي. اتي به هو ڪيويا جي آزاديءَ لاءِ تقريرون ڪندو، لکندو ۽ ڳالهائيندو رهيو، نيٺ 1877ع ۾ هو هڪ فرضي نالي ”مارٽي“ سان ڪيويا ۾ داخل ٿيو ۽ اتي هن تاريخ جي استاد جي حيثيت سان نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي. 1879ع ۾ هو هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتار ٿيو ۽ اسپين جلاوطن ڪيو ويو. بيٺڪي حاڪمن جي خلاف سازش ڪرڻ جي الزام ۾ جلاوطن ٿيل مارٽي، اسپين ڇڏي آمريڪا هليو ويو. اوهان هاڪيءَ جي مئچ جي دوران سڌو نشر ٿيندڙ تبصرو ٻڌو هوندو. ته بال سميع الله، سميع الله کان شهباز، شهباز، کان کسجي فلاڻي، ۽ فلاڻي کان ويو فلاڻي ڏانهن. اهو ئي هلا جوزيءَ جي جلاوطنين جو هو. آمريڪا مان وينزيويلا، اتان آمريت ڪڍيس ته 1881ع تي ”نيويارڪ ايوننگ پوسٽ“ جي ايڊيٽر جي نالي خط لکيو، جنهن ۾ هن لکيو.
”مانوارا سائين! آئون هي خط ان مضمون جي حوالي سان لکي رهيو آهيان، جيڪو پهرين “مينو فيڪچرز آف لفيا“ ۾ ڇپيو آهي ان مضمون ۾ ڪيويا جي آزادي جي تحريڪ جو ناڪاري ۽ تعصب پرستيءَ واري انداز ۾ تجزيو ڪيو ويو آهي ۽ آمريڪا کي پٻي ڏني ويئي آهي ته هو اسپين کي ڪيويا مان تڙي، پاڻ ان تي والار ڪري ڪو به غيرت مند، ايماندار ۽ ڌرتي سان محبت رکندڙ ڪيويائي رهاڪو، اهڙي صورتحال کي بنهه ڪو نه قبوليندو، ته سندس ملڪ هڪ اهڙو ملڪ (آمريڪا) اچي ولاري ڪري، جنهن جا اڳواڻ کيس حقارت مان ڏسن ٿا. ڪو به، غيرتمند ۽ ديانتدار ڪيويائي اهڙن ماڻهن کي ڪو نه قبوليندو، جيڪي سندن اهليت کي نٿا مڃين، کين ذليل ڪن ٿا ۽ مٿن گند اڇلين، ٿي سگهي ٿو ته ڪيويا جا ڪجهه رهاڪو اڻ ڄاڻائي جي ڪري ڪيويا کي، آمريڪا جي حاڪميت ۾ ڏيڻ جي لاءِ راضي به کڻي هجن، پر اهي ماڻهو جيڪي آزادي جي جنگ وڙهي چڪا آهن، جلا وطنيءَ جي زندگيءَ گذاري رهيا آهن. ۽ هتي پنهنجي ذهني ۽ جسماني پورهئي جي ذريعي بنجر زمين کي آباد ڪري رهي آهن، ڪڏهن به ڪيويا تي آمريڪا جي قبضي کي ڪو نه قبوليندا، کين انهيءَ جي ضرورت به ڪونهي.
هو ان قوم جا مداح آهين، جنهن ڪيئن نه پنهنجي آزاد ي جي عمارت کڙي ڪئي آهي پر هو انهن ڊراين کي پسند نٿا ڪن. جيڪي ان عظيم مملڪت جي اندر دل ۾ پکڙجندڙ خطرناڪ جراثيمن جيان پنهنجي تباهي ۾ رڌل آهن. هو ان ملڪ جي ناليوارن پُٽن کي پنهنجو سمجهن ٿا ۽ آمريڪا جي گڏيل رياستن جي ڪاميابي کي انسانيت جي ڪاميابي سمجهن ٿا. هو اهو نٿا مڃين ته حد درجي جي خود پسندي، دولت جو جوف ۽ ڊگهي جدوجهد جي ذريعي ماڻيل آجائپ جي باري ۾، ڊگهي عرصي کان جاري فخر جوڳن آلاپن جو سلسلو آمريڪا کي هڪ اهڙي مثال آزاد قوم ۾ بدلائي ٿو، جتي ڪو به نقطو لالچ نه هوندو ۽ انصاف ۽ نيڪو ڪاري کي پائمال ڪري فتح ۽ فائدو حاصل ڪرڻ جي سڌ ڪا نه وڌندي، اسين لنڪن جي ملڪ سان ايتري ئي محبت ٿا ڪريون. جيتري اي – ڪي – ڪنگ (هڪ آمريڪي صحافي، جيو آمريڪي انتظاميا کي ميڪسيڪو تي قبضو ڪرڻ جي هشي ڏيندو هو.) جي ملڪ کان ڊپ ٿا محسوس ڪن.
اسين مفلس، رولو ۽ اخلاق کان ڪريل ڄامڙا نه آهيون، جيئن ”مينو فيڪچرز“ چيو آهي ته وري اسين کوکلا، ڳالهير ۽ بي عمل ماڻهو آهيون، اسان گهڻو ظلم سَٺو آهي. اسان آزاد ٿين جي لاءِ بهادرن جيان وڙهيا آهيون. ڪڏهن ڪڏهن ته ديون جيان به اسين ماٺار کي ٽوڙي چڪا آهيون، اسان جو نڀاڳ اهو آهي ته اهي ماڻهو اسان جو احترام نه ٿا ڪن، جن ڪڏهن به ضرورت مهل اسان جي مدد نه ڪئي آهي.“
ان ليک جي پڇاڙيءَ ۾ چيو ويو آهي ته، اسين مڙسي ۽ عزت کان محروم هئڻ جي ڪري هيتري ڊگهي عرصي کان اسپين جي غلاميءَ ۾ آهيون ۽ اسان جون بغاوتون به ايتريون اثرائتيون نه رهيو آهن، انهن کي ته رڳو تماشو ئي سمجهڻ گهرجي. تاريخ ۽ ڪردار کان اڻ ڄاڻائي جو ان کان وڌيڪ عبرت ۾ وجهندڙ مظاهرو شايد ئي ڪڏهن سامهو آيو هجي. جيترو ان ڪريل الزام ۾ سامهون آيو آهي. هڪ تماشو! ٻاهرين مبصرن اسان جي جدو جهد کي هڪ عظيم رزميئي سان ڀيٽيو آهي. اسان جو سڄو ملڪ اٿي کڙو ٿيو آهي. آزادي جي لاءِ ماڻهن پنهنجو تن، من ۽ ڌن واري ڇڏيو آهي. جن علائقن م اسين آزاد ٿياسين. اتي اسان ٻانهپ جي نظام کي ختم ڪري ڇڏيو. پنهجي شهر پنهنجي هٿن سان ساڙي ٻيل ۾ ڳوٽ وساءِ پاسين ۽ فئڪٽريون... اسان جي جدو جهد ختم نه ٿي آهي. نئون نسل، پنهنجي مانوارن وڏڙن جي جانشين جو حق ادا ڪرڻ جي اهليت رکي ٿو. جڏهن کان اها جنگ جاري آهي، تڏهن کان سوين ماڻهو جيلن جي اونداهين ۾ موت جي کاڄ بنجي چڪا آهن. آزادي جي اها ويڙهه اسان جي پوين پساهن تائين جاري رهندي. اسين آزاديءَ جو ملهه ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، اسان جي شهيدن جو رت ۽ قبضو ڪندڙن پرڏيهي ڪار خانيدارن جي لاءِ زمينون فراهم ڪرڻ جو وسيلو ڪو نه بنيا.
جوزي مارٽي هڪ شهر کان ٻي شهر۾، ڪيويا جي جلاوطنن ۽ پناهگين کي ڳولهيندو ۽ ”ڪيويائي انقلابي پارٽي“ ٺاهيندو رهيو. ان ئي پارٽيءَ کي اسپين جي خلاف ٽين ۽ آخري آزادي جي ويڙهه جوٽڻي هئي. ها ويڙهه 1895ع ۾ شروع ٿي. مارٽي ۽ سندس مارٽيءَ 1898ع ۾ اسپين جي فوج کي ته شڪست ڏني. پر اسپين جي جاءِ اچي آمريڪا ولاري. ائين اڻويهين صدي ختم ٿي ته ڪيويا جو مالڪ بدلجي چڪو هو ۽ ڪيويا جو جهنڊو پنهنجي ملڪ جي گادي جي هنڌ تي ڦڙڪي نه سگهيو، ۽ نيٺ 1902ع ۾ ڪيويا کي آزادي ملي.
جيئن اسين ٻڌائي چڪا آهيون ته مارٽي ان زماني ۾ به جڏهن اسپين جي خلاف ڪيوبا جي آزادي جي ويڙهه هلي رهي هئي. آمريڪا جي ارادن کان اڻ ڄاڻ نه هو. هن جي دور انديش اکين ڏسي ورتو هو ته آمريڪا کي پنهنجي صنعتي پيدوار جي لاءِ نيٺ منڊين جي سخت گهرج ۽ ڳولا آهي. سندس معاشي گهوٽالي، سندس ميڊيا جي وات ۾ اها ڳالهه وجهي ڇڏي هئي ته آمريڪا يا ته ڪيويا کي اسپين کان خريد ڪري وٺي يا کانئس کسي وٺي، ڇاڪاڻ ته ڪيويا جي هڪ فائدي وارو زرخيز ملڪ هو، جنهن کي ”ميڪسيڪو نار“ ۾ هڪ اسٽريجٽڪ پوزيشن به حاصل هئي. ايتريقدر جو 1989ع ۾ واشنگٽن ۾ هڪ ڪانگريس ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ ان ڳالهه تي بحث مباحثو ته يا ته ڪيويا کي خريد ڪيو وڃي يا مٿس قبضو ڪيو وڃي.
مارٽي به پرماريت جي وڏن مخالفن مان هو، هو پنهنجي ڳالهه تي اٽل رهيو، ته ”ڪيويا کي مڪمل آزاديءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه کپي.“ سندس خيال ۾ ڪيويا جي مستقل جو مفاد آمريڪا سان نه پر ٻين لاطيني آمريڪا جي بردار ملڪن سان لاڳاپيل هو، تنهنڪري کيس ڪيويا ۽ آمريڪا جا مفاد هڪٻئي جي ٽڪراءُ ۾ نظر ٿي آيا.
1895ع ۾ هو پاڻ کي ان ڪيويائي جنگ ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ آمريڪي ساحلن تان روانو ٿيو، جنهن کي هو ٻاهر ويهي منظم ڪندو رهيو هو. تنهن ڪري هو ڪيويا جي آزادي پسندن سان گڏجي ان ويڙهه ۾ جُنبي ويو. جنگ جيڪا بارود ۽ هٿيارن جي راند هوندي آهي. پر هي شخص پنهنجي نظريي ۾ مقصد سان ايترو ته سختي سان جڙيل هو، جو اُن کي اتان هٽڻ جو تصور به نه هو. ان مقصد تان هٽڻ، سندس چواڻي، ”ان مهل ممڪن آهي، جڏهن اتر سمنڊ ڏکڻ جي سمنڊ سان گڏجي يا عقاب جي بيدن مان نانگ جا ٻچا ڦٽن.“ ڪيويا روانو ٿيڻ کان اڳ پهرين اپريل 1895ع تي هن پنهنجي ادبي وصيت اسان جو هي جسماني طور هيڻو، پر وڏي حوصلي ۽ مقصد سان سرشار ۽ دانشور مارٽي، اهو ويڙهو پُٽ ٻائتاليهن سالن جو مارٽي، آزادي جي ويڙهه جي قربان گاهه ڪيويا ۾ هڪ ننڍڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي اچي ٿو، هو پنهنجي ڊائري ۾ مترنم انداز ۾ لکي ٿو، ”ڇنڊ ڳاڙهو ٿيندو ٿيندو نظر آيو ۽ اسين هڪ جابلو ڪنڌي تي لٿاسين.“ ۽ سدا حيات (شهيد) ٿئي ٿو. کيس پيرا گولي هنئي ويئي هئي. هو عشق جو نگرانيءَ ۾ انساني آزادي جي لاءِ وڙهندو امر ٿي ويو. سندس هڪ نظم جون سٽيون آهن.
مون کي اونداهيءَ ۾ متان دفنائجو،
ڪنهن غدار جي موت جيان،
آءُ هڪ سُٺي ڪردار وارو شخص آهيان،
۽ هڪ سورهيه ماڻهو جيئن،
چاهيان ٿو ته جڏهن مران ته،
منهنجو منهن سج ڏانهن هجي.
بلوچستان جي مارٽي، يوسف عزيز چيو هو.
سفر عشق نه منزل نه مقام دارد
مارٽيءَ جو نالو انسانن کي گڏ ڪندڙ سورهيه سرويچن جي وڏي ڪتاب جي دکدائڪ باب ۾ سونهري لفظن سان لکيو ويندو. ڪيويا جو اهو شهيد نه رڳو صدي جو سڀ کان وڏو مقرر ۽ ادبي شخصيت هو، پر هي حقيقي شان، مان وارو گُڻائتو شاعر به هو. هو صحافي، تجزيي نگار ۽ عمل جو ماڻهو هو، هن جي عزت ۽ احترام رڳو انڪري نه آهي، هو ڪيوبا جي آزاديءَ جو ويڙهه جو سرويچ سپاهي هو، پر ان کان به وڌيڪ هو هڪ شهيد آهي.
اسپين، پرماري اسپين، بيٺڪي اسپين، جنهن جي خلاف مارٽي وڙهيو ۽ ان حد تائين سخت انداز ۾ وڙهيو، جو کيس مارڻ کان پوءِ سندس لاش به وارثن جي حوالي نه ڪيو، ۽ اسپيني فوجين لاوارثي ۾ کيس 27 مئي 1895ع ۾ ”هوانا“ ۾ دفنائي ڇڏيو. پر مارٽي جو هي نظم ته پڙهي ڏسو، جنهن ۾ هو اسپين جي ڪيڏي نه عزت ٿو ڪري، نظم جو عنوان آهي، ”اسپين جي ناچڻي.“
منهنجو ڏڪندڙ ۽ ويران روح
رات ٿيندي ئي اڪيلو ٿي وڃي ٿو،
هڪ ”شو“ پيو ٿئي، هلو ته ڏسي اچون،
اسپين جي ”ناچڻي“ نچڻي آهي.

چڱو ٿيو جو هنن
دروازي تان جهنڊو لاهي ڇڏيو،
ڇاڪاڻ ته مون پڪو پهه ڪيو هو ته
اتي وڌيڪ نه ويندس،
جتي اهو جهنڊو ڦڙڪندو هوندو.

اسپين جي ”ناچڻي“ اندر گهڙي ٿي
ايڏي شانائتي،ايتري هيڊي
”ڇا هوءَ گيليشيا مان آئي آهي؟“
نه غلط ٿا چون،
هوءَ ته آسمان مان آئي آهي
کيس بل فائٽرن وارو لباس پاتل آهي
۽ گهري ڳاڙهي رنگ جي ٽوپي به،
سهڻا ڀڙڪندڙ لونگ جي خوشبوءِ وارا ڪپڙا.
۽ ڀرون ڪيڏا نه سٺا ٿا لڳنس،
ڪارا ۽ من موهيندڙ ڀرون
۽ ڪاريون چيرويون، دل ڇڪيندڙ اکيو آهن سندس،
۽ سندس ڪن ته اهڙا اڇا آهن، ڄڻ برف
سهائي، جهر مر ڪندڙ مڌر ساز
هوءَ آئي شال ۾، چوغي ۾
سڳوري مريم جي پنهنجي تشبيهه
هوائن ۾ نچڻ
سندس ڪنڌ للڪار جي انداز ۾ اُچو هو
ڪلهن تي ٻانهن بنا قبا پکڙيل
گول ٻانهن مٿي تي چن فريم ٺهيل
هوءَ پنهنجا پير زور سان پٽ تي هڻي ٿي
سندس توريل تڪيل پيرن جي کڻڻي، گهڻن کي چيري ٿي
ڄڻ هو وک هڪ خنجر هجي،
۽ اسٽيج تي گلڪاري ڪندي
مردن جي ڀڳل دلين سان گڏ
جشن جو احساس روشن آهي،
هن جي اکين جي باهه ۾
ننڍن ڳاڙهن نقطن واري شال هاڻ اُڏي ٿي
هوا ۾
جو هوءَ گهمي ٿي.

هوءَ ڦري جهومڻ ٿي لڳي
ڪُن بنجي ٿي وڃي، هو پويان هٽي ٿي ۽ پوءِ جهڙپ ٿي ڏي
شال کي پکيڙي ٿي،
پنهنجو اڇو چوغو ڏيکارڻ لاءِ
سندس سڄو بدن جهومي ٿو، ڏسڻ واري جو ساهه نپوڙي ٿو وٺي
سندس لکيل ‘ڌن’ بر علائي ٿي
هو نچي ٿي پيئي، هن جر وات ۾ هڪ گلاب آهي.
هوءَ هر وقت پنهنجي پيرن جي کُڙين کي پٽ تي هڻي ٿي،
پوءِ مڙي ٿي، هوا ۾ هوريان
ڊگهيءَ ڳاڙهن نقطن واري چادر
۽ سڀني ڏانهن اکيون ڪندي
هڪ ڊگهيءَ ساهه ۾ سڀني کي حد ڇڏي ٿي وڃي،

اسپين جي ناچڻي واهه واهه جي ڪئي،
ڳاڙهي ۽ اڇي هئي، هن جي چادر
اهو ڏڪندڙ اڪيلو روح
پوءِ موٽي آيو پنهنجي ڪوٺڙيءَ ۾.

اسپين!تون تاريخ جو وڏو ڏوهاري آهين. تو نه رڳو مارٽي جهڙي انسان جو قتل ڪيو پر سندس ڪيويا کي به پاڻ سنڀالي نه سگهين. مارٽي کي شهيد ڪرڻ کان پوءِ هڪدم تو ڪيويا آمريڪي صدر کي وڪڻي ڏنو، بڇڙا بيٺڪار!.
پر، مارٽي کي اوهان جي ان ڏيوالپڻي جي خبر هئي، تنهنڪري هن وطن جي آزاديءَ جتي تحريڪ جا ٻه مقصد رکيا.
(1) اوهان کان آزادي ۽ آمريڪا جي وڌندڙ طاقت کي ڪيويا کي پري رکڻ.
(2) پنهنجي آزاد ڪيل ملڪ ۾ سماجي انصاف ۽ منصفاڻون معاشي نظام قائم ڪرڻ.
مارٽي ڪيويا جي آزادي جو پيامبر، پنهنجي آدرش کي هيئين ٿو بيان ڪري”منهنجو اهو آدرش آهي ته ڪيويا جي آزادي سان آمريڪا کي ويسٽ انڊيز تائين پکڙجڻ کان روڪيو وڃي ۽ کيس اسان جي کنڊ جي ٻين علائقن تي قبضو ڪرڻ نه ڏنو وڃي. مون هيستائين جيڪو ڪجهه ڪيو آهي يا هن کان پوءِ ڪندس، اهو ان ئي مقصد جي لاءِ هوندو.“
مارٽي جو پنهنجي ماڻهن جي باري ۾ خيال ته ڏسو، ”اسين تندور ٻاريون ٿا جيئن انهي ۾ سڀني لاءِ مانيون پڄائي سگهون. آئون جيڪڏهن جيئرو رهيس ته سڄي عمر ان تندور جي سامهون گذاري ڇڏڻ جي لاءِ تيار آهيان. ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بنائي سگهان ته ڪنهن کي مانيءَ کان محروم ته نه پيو ڪيو وڃي. خاص ڪري اهڙن ماڻهن کي، جيڪ پاڻ سان اٽو آڻي نه سگهيا آهن.“
جوزي مارٽي انسانن ۾ محب، ٻڌي ۽ ڀائپي جو وڏو حامي هو، هو نيڪي کي فيشن بنائي ڇڏڻ جو حامي هو. هو هر وقت بيٺڪيت، غلامي ۽ نا انصافي جي خلاف هڪ منصفاڻي ۽ لازمي ويڙهه شروع ڪرڻ ۽ اها منظم ڪرڻ ۽ جنبيل رهي. ڪيويا جي آزادي جي خاطر هن جو پهريون رت هو جيڪو رهيو ۽ هن جي پهرين زندگي هئي. جيڪا ايثار ۽ ذات جي قرباني جي علامت بڻي.
مارٽي 19 مئي 1895ع جي ڏينهن هن ڌرتي جي سڀني رهاڪن جي جيئڻ جي حق جي خاطر قتل ٿيو. هن پنهنجي هڪ دوست کي لکيل خط ۾ چيو، ”آئون روزانو پنهنجي وطن ۽ پنهنجي فرض نباهڻ جي خاطر زندگي محروم ٿيڻ جي خطري ۾ آهيان ڇاڪاڻ ته آئون پنهجي فرض کي سمجهان ٿو ۽ اهو انجام ڏيڻ جي جرئت اٿم.“
مارٽي ڪيڏو نه زبردست ماڻهو هو، هڪ انقلابي، هڪ فلسفي، هڪ پبلشر، هڪ صحافي، هڪ سياسي مفڪر، شاعر، اڳواڻ! هن جي سڀني لکڻين ۾ آزادي، جمهوريت ۽ انصاف جو تصور اوهان سان وڏي پاٻوهه سان ڀاڪر پائيندو، هن جي وسيع تجربي ۽ علم، هن جي لکڻين کي وڏو شاهوڪار ۽ ابدي بنائي ڇڏيو.
ابديت جي ڳالهه ٿي رهي آهي ته اهو جملو ڏسو، جيڪو هن اڄ کان ڏيڍ سئو سال اڳ لکيو هو ۽ جيڪو اڃا سوڌي عمل جوڳو آهي. ”پنهنجي زندگي قربان ڪري ڇڏڻ اوهان جو حق آهي. پر فقط تڏهن اوهين، اها خود غرضي کان پاڪ ڪري قربان ڪريو..“ هن ته ايستائين به چيو ته ”هڪ خود غرض ماڻهو چور هوندي آهي.“
اهو بي لوث، خود غرض ۽ پاڻ پڏائڻ کان آجو مارٽي جڏهن قتل ڪيو ويو ته، ان کان پوءِ اسپين سڀ ڪجهه ڪچلي ڇڏيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر تباهي مچائي ڇڏيائين، پاڙيسري ملڪ آمريڪا ۽ اسپين جي ڪيويا تي قبضي جي لاءِ پاڻ ۾ لڙايون ٿينديون رهيون. ڪڏهن اسپين جا حاڪم ته ڪڏهن آمريڪا. نيٺ 1902ع ۾ ڪيويا آزاد ٿيو.
جوزي مارٽي سڄي دنيا ۾ قومي آزاديءَ جي تحريڪن جي لاءِ مشعل راهه جي حيثيت رکي ٿو. هو اُن ڳالهه کي غير فطري قرار ڏيندو هو ته هڪ اڌر سڃاڻپ ۽ ثقافت واري ملڪ تي ٻيو ملڪ قبضو ڪري وٺي.
جوزي مارٽي، سماج ۾ عورتن کي برابريءَ جي حيثيت ڏيندو هو، هن جو عقيدو هو ته قومن جون هلايل تحريڪون فقط ان وقت ڪمزور ٿين ٿيون، جڏهن انهن جي عورتن جي دلين ۾ تحريڪ جي حمايت گهٽ هجي، پر جڏهن عورتون چر پر ۾ اچي وينديون آهن، اهي عورتون جيڪي فطري طور تي ماٺيڻيون هونديون آهن، ڪنهن ڪم جي لاءِ قائل ٿي وينديون آهن ته پوءِ اهي تحريڪون پنهنجو مقصد ضرور ماڻينديون آهن.
مارٽيءَ کي ووٽ تي ۽ چونڊن تي به پورو ڀروسو هو. هن ووٽ جي باري ۾ لکيو، ”اهو اک کولي ٿو، ڏڪي ٿو، سمهي ٿو، پنهنجو جسم وڪڻي ٿو، غلطيون ڪري ٿو، کيس وڪرو ڪيو وڃي ٿو، ووٽر جانور ۾ بدلجيو وڃي، پولنگ بوٿن جو گهيرو ڪيو وڃي ٿو. بيلٽ باڪس کسيا وڃن ٿا. نتيجا بدلايا وڃن ٿا. اعليٰ عهدن کي هٿ ڪيو وڃي ٿو. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود به اهو مڃڻو پوندو ته ووٽ هڪ حيران ڪندر ۽ فتح نه ٿيندڙ هٿيار آهي. انسان پنهنجا معاملا هلائڻ جي لاءِ جيڪي انداز ٺاهيا آهن، انهن مان ووٽ سڀني کان وڌيڪ اثرائتو ۽ نتيجو ڏيندڙ انداز آهي.“
2008ع ۾ مارٽيءَ جي لکڻيون سورهن جلدن ۾ ڇپجي چڪيون آهن. هن جون سٺيون ۽ عزت لائق لکڻيون ٻارن جي لاءِ لکيل ڪتاب آهن. انهن ۾ ”سونهري دور“ سڀني کان وڌيڪ پڙهي ويندي آهي، هن جا اخباري مضمون، دلچسپي سان پڙهيا ويندا آهن. مارٽي ٻاويهن سالن جي عمر ۾ صحافيت ۾ قدم رکيو تنهن کان سواءِ هن اڻ ڳڻيا خط لکيا هئا. سندس شاعري به گهڻي پسند ڪئي وڃي ٿي. هن پنهنجي شاعريءَ جا پنهنجي زندگي ۾ به مجموعا ڇپرايا هئا. سندس شاعريءَ کي سڄي لاطيني آمريڪا ۾ سٺي موسيقيءَ سان ڳايو وڃي ٿو ۽ ماڻهن ۾ گهڻي پسند ڪئي وڃي ٿي.
چون ٿا ته هن هڪ ناول به لکيو هو.
لاطيني آمريڪا توڙي، سڄي دنيا ۾ آزادين جا پرچارڪ، جوزي مارٽي کي پنهنجو قومي آزادي ۽ سوشلزم جو هيرو قرار ڏين ٿا. خاص ڪري ڪيويا جا ماڻهو ته هن جا سياسي ۽ نظرياتي مريد آهن، هو ڪيويا جي مارڪسٽ انقلابي حڪومت جي لاءِ نظرياتي ترياق جو سرچشمو آهن. اڄ هن جون لکڻيون سڄي لاطيني آمريڪا ۾ آمريڪي سامراج جي خلاف نظرياتي هٿيارن جو ڪم ڏيئي رهيو آهن.
ڪيويا کان سواءِ، سڄي لاطيني آمريڪا ۾ مارٽي جا وڏا وڏا بت کُتل نظر ايندا. ڪيويا ۾ هوانا جي سڀ کان وڏي هوائي اڏي جو نالو مارٽي انٽرنيشنل ايئرپورٽ آهي. سندس جنم جي هنڌ ”لاهبانا“ جو هوائي اڏو سندس نالي سان منسوب آهي، سندس نالي ته هڪ سڄو شهر ”مارٽي“ آباد ڪيو ويو آهي. ڪيويا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ”مارٽي“ جي نالي سان رستا آهن.
مارٽي هر سٺي انسان جي دل ۾ موجود آهي.

(شاهه محمد مري جي ڪتاب ”فيڊل ڪاسترو“ تان ترجمو ڪيل)

جان رِيڊ: ڌرتي ڌوڏيندڙ ڏهه ڏينهن

پهريون آمريڪي شهر، جتي سڀ کان پهريون مزدورن ’ڪولچاڪ‘ جي فوج کي موڪلڻ جي لاءِ فوجي سامان کي جهاز تي چاڙهڻ کان نابري واري اهو شهر ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي ”پورٽ لينڊ“ هو. ان ئي شهر ۾ جان ريڊ 22 آڪٽوبر 1887ع ۾ جنم ورتو.
سندس پيءُ انهن سخت جان ۽ کليل دل وارن پيشروئن مان هو، جن جي تصوير ڪشي ’جيڪ لنڊن‘ پنهنجي آمريڪي اولهه بابت ڪهاڻين ۾ ڪئي آهي. هو تجسس وارو ذهين رکندڙ هو ۽ کيس دوکي ۽ دولاپ کان نفرت هئي، هو بااثر ۽ دولتمندن جي طرفداري ڪرڻ جي بدران. اُنهن جي مخالفت ڪندو هو ۽ جڏهن ٽرسٽن، رياست جي ٻيلن ۽ قدرتي دولت تي قبضي ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي چنبا پکيڙيا ته هن ٽرسٽن، جي خلاف جدوجهد ڪئي. کيس تنگ ڪيو ويو. ماريو ۽ ڪُٽيو ويو ۽ نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو، پر هن ڪڏهن به دشمن کان هار نه مڃي.
ائين ’جان ريڊ‘ جي پيءُ هن جي لاءِ هڪ شاندار ورثو ڇڏيو، هڪ مجاهدو جو رت، اعليٰ قسم جو ذهن ۽ سرڪش روح. جان جون صلاحيتون جلد ئي نکرڻ لڳيون، هاءِ اسڪول جي تعليم ختم ڪرڻ کان پوءِ هو ’هارورڊ‘ ويو. هارورڊ تيل جي بادشاهن، ڪوئلي جي نوابن ۽ فولاد جي وڏن واپارين جي پُٽن جي يونيورسٽي هئي. انهن کي خبر هئي ته چئن سالن جي راندين، عيش ۽ بي عمل سائنس جي بي عمل اُڀياس کان پوءِ هو جڏهن اُن يونيوريسٽيءَ مان نڪرندا ته مٿن ”ريڊيڪل ازم“ جو پاڇو به نه پوندو ۽ واقعي به ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سوين هزارين آمريڪي نوجوان ان قسم جي موجود نظام جو علبردارن، رجعت پرستيءَ جي سفيد گارڊن جي حيثيت سان پروارن چڙهندا هئا.
جان ريڊ، هارورڊ ۾ چار سال گذاريا، جتي سندس ذاتي دلڪشي ۽ رويي، هر شخص کي سندس مداح بنائي ڇڏيو. هن جو دولت مند ۽ امير ماڻهن جي اولاد سان روزاني جو واسطو هو، هن عمرانيات جي وفادار اُستادن جا ٺاهوڪا ليڪچر ٻُڌا. سرمائيداريءَ جي مها پنڊتن يعني معاشيات جي پروفيسرن جا وعظ ٻڌا ۽ هن اهو ڪرشمو ڪري ڏيکاريو ته دولتمندن جي حڪمرانيءَ جي ان ڳڙهه ۾ هڪ ”سوشلسٽ ڪلب“ منظم ڪيو، اهو انهن جي منهن تي هڪ چماٽ هئي، جنهن پنهنجو پاڻ کي اهو دلاسو ڏنو ته اها بس ڇوڪراڻي وهيءَ جي هڪ ڌُن آهي، هنن چيو، ”جڏهن ڪاليج مان نڪرندو ۽ دنيا ۾ قدم رکندو ته سندس ريڊيڪل ازم ٿڌو ٿي مٿي مان هوا ويندي.“
جان پنهنجي تعليم ختم ڪري ڊگري حاصل ڪئي ۽ وشال دنيا ۾ قدم رکيو ۽ رات وچ ۾ اها جيتي ورتي. اها هن پنهنجي جيالي پڻي، پنهنجي جوش ۽ پنهنجي قلم سان جيتي. هو اڃا شاگرد ئي هو ته هن هڪ مزاحيه اخبار ”ليمپون“ جي ايڊيٽر جي حيثيت سان پاڻ کي هلڪي ۽ تابعدار قسم جو مالڪ ثابت ڪري ڇڏيو. هاڻ هن نظمن، ڪهاڻين ۽ ڊرامن جو هڪ سڄو سلسلو تخليق ڪيو. پبلشرن مٿس آڇن جو مينهن وسائي ڏنو. با تصور رسالا کيس حيرت انگيز اجورو ڏيندا هئا ۽ وڏيون اخبارون کانئس بين الاقوامي واقعن تي تبصرا لکڻ جي گذارش ڪندوين هيون.
ائين هو دنيا جي رستن تي ”جهان گرد“ بنجي ويو. جن ماڻهن سيهوڳي معاملن کان باخبر رهڻ چاهيو ٿي، تن لاءِ ضروري هو ته هو ”جان ريڊ“ جي پويان هلندا رهن، ڇاڪاڻ ته جتي به وڏيون شيون هونديون هُيون. اُت جان ريڊ هڪ طوفاني پکيءَ جيان اڳ ڇنڀ ۾ پهچي ويندو هو.
پيٽرسن ۾سوتي ڪپڙي جي ڪارخانن جي هڪ هڙتال ڀڙڪي هڪ انقلابي طوفان بنجي وئي ۽ جان ريڊ ان جي وچ ۾ موجود هو، ڪولوراڊو ۾ راڪ فيلر جا غلام پنهنجن ٻرن مان نڪري آيا ۽ هنن هٿياربند گارڊن جي ڏنڊڻ ۽ رائفلن جي باوجود به واپس ٻرن ۾ وڃڻ کا نابري واري، ۽ جان ريڊ اُتي به باغين جي پٺڀرائي ڪرڻ جي لاءِ موجود هو، ميڪسيڪو ۽ غريب هارين بغاوت ڪئي ۽ ”پانجوويلا“ جي اڳواڻيءَ ۾ حڪومت جي مرڪز ڏانهن وڌيان ته جان ريڊ به گهوڙي تي سوار انهن سان گڏ هو.
تازي ڪارنامي جو هڪ بيان ”ميٽروپاليٽن“ رسالي ۾ ۽ پوءِ هڪ ڪتاب ”انقلابي ميڪسيڪو، ۾ ڇپيو. جان ريڊ قر مزي ۽ ويران پهاڙين ۽ ريگستان جي وشالتا جو بيان ڪيو آهي. جيڪي، ”چئني ڏسائن راڪاس جيڏين نانگ ڦڻين جيان ۽ ڪنڊيدار ٻوڙن جي حفاظت ۾ هيون.“ وشال ميدانن ۽ انهن کان به وڌيڪ اُن جي آبادي کيس پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏيو هو، جنهن کي زميندار ۽ ڪيٿولڪ ڪليسا بي رحميءَ سان لُٽيندا هئا. هن انهن ماڻهن کي جابلو چراگاهن مان مال جا ڌڻ هڪليندي، آزادي جي فوجن ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ بي تاب، رات جو ٻرندڙ باهه جي مچن جي چوڌاري پنهنجا گيت ڳائيندي، ٿڌ ۽ بک جي باوجود به، ڦاٽل ڪپڙن، اگهاڙن پيرن سان زمين ۾ آزاديءَ جي لاءِ بهادريءَ سان وڙهندي ڏٺو ۽ بيان ڪيو.
سامرا جي جنگ ڇڙي ۽ جان ريڊ اُتي پهتو، جتي توپن جي گونج هئي. فرانس ۾ جرمني، اٽلي، ترڪي، بلقان ۽ هتي روس ۾ به ”زار شاهي“ آفيسرن جي دغا بازيءَ کي بي نقاب ڪرڻ ۽ يهودين جي منظم قتل عام ۾ سندن سازباز هئڻ کي ثابت ڪرڻ وارن اطلاعن کي گڏ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کيس ۽ مشهور فنڪار ”بورڊ هن رابنس“ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. جتان هن نهايت فنڪاري ۽ چالاڪي يا ڪنهن ٻي طريقي سان آزادي حاصل ڪئي ۽ کلندي ڪُڏندي پنهنجي ايندڙ مهم ۾ ٽپي پيو.
خطرو کڻي ڪيڏو به وڏو هجي، پر هان ريڊ کي روڪڻ ممڪن ئي نه هو. خطرو کڻن ته سندس خمير ۾ شامل هو. هو سدائين مختلف حيلن ۽ بهانن سان جنگ جي محاذ جي خندقن تائين پهچي ويندو هو.
مون کي جان ريڊ ۽ بورس رائنشٽائن سان گڏ سيپٽمبر 1917ع ۾ ريگا جو ڪيل سفر ياد آهي. اسان جي جيپ جڏهن ڏکڻ طرف ”ويندن“ وڃي رهي هئي ته جرمن توپخاني ان ننڍي ڳوٺ تي گولا وسائڻ شروع ڪري ڏنا، ۽ اوچتو اهو ڳوٺ، جان ريڊ جي لاءِ دنيا جي سڀني کان وڌيڪ دلڪش جاءِ بنجي وئي. هن زور ڀريو ته پاڻ کي اوڏانهن هلڻ گهرجي، اسين احتياط سان سُري رهي هئاسين، جو اسان جي پويان هڪ بم ڦاٽو ۽ رستي جي جنهن حصي تان اسين اجهوڪي گهڙيون اڳ لنگهيا هئا سين، اها دُنهه ۾ مٽي جو ڪارو ڦوهارو بنجي وئي. ڊپ سبب اسين هڪٻئي کي چهٽي وياسين.پر هڪ منٽ کان پوءِ جان ريڊ جو منهن خوشيءَ سبب ائين ٻهڪڻ لڳو، ڄڻ اجهو هينئر ئي سندس ڪا اندروني گهرج پوري ٿي ويئي هجي.
ائين هن سڄي دنيا جو، سڀني ملڪن ۽ سڀني محاذن جو سفر ڪيو. هو هڪ غير معمولي ڪارنامي مان گذري ٻي طرف ٿي ويو. پر هو ڪو عام مهم جو ڪو نه هو، نه ئي وري سفري اخباري خاطو پر هو هڪ اهڙو تماشائي هو، جيڪو ماڻهن جي اهنجن کي غير جذباتي انداز ۾ ڏسندو هو. سڄي افراتفري، گندگي ۽ رتوڇاڻ ۾ سندس احساس، انصاف ۽ شائستگي مجروع ٿيندا هئا. هو تيزيءَ سان انهن بڇڙاين جون پاڙون ڳولهيندو رهيو. ته جيئن انهن کي پاڙئون پٽي ڦٽو ڪجي. جڏهن هو پنهنجي سفرن تان واپس نيويارڪ وريو ته آرام ڪرڻ نه پر نئين ڪم ۽ ايجي ٽيشن ڪرڻ جي لاءِ.
ميڪسيڪو واپس اچي هن اعلان ڪيو ته: هائو، ميڪسيڪو ۾ بغاوت ۽ افراتفري آهي پر انهيءَ جي ذميواري بي زمين هارين تي نه پر انهن تي اچي ٿي. جيڪي سون ۽ بندوقون موڪلي جنگ ۽ جهيڙي کي هوا ڏين ٿا، يعني جون حريف آمريڪي ۽ برطانوي ڪمپنيون!“
هو واپس پيٽرسن موٽيون ته اهو به مڊيسن اسڪوائر گارڊن ۾ هڪ زبردست ڊرامو شو ڪرڻ جي لاءِ جنهن جو نالو هو، ”موڙيءَ جي خلاف پيٽرسن جي پرولتارين جي ويڙهه.“
ڪولوراڊو کان واپس موٽي اچي لوڊلو جي قتل عام جو حال بيان ڪيائين. جنهن سائبيريا ۾ ”لينا“ جي ڪناري تي سون جي کاڻين جي مزدورن تي فائرنگ کي به مات ڏئي ڇڏي. هن بيان ڪيو ته ڪيئن کاڻيون کوٽيندڙ کي گهرن مان ڪڍيو ويو هو ۽ هو تنبن ۾ رهندا هئا ۽ ڪيئن انهن تنبوئن تي پئٽرول هاري انهن کي باهه ڏني وئي ۽ ڀڄندڙ مزدورن کي سپاهين گولين جونشانو بنايو ۽ ڪيئن، ڪيترائي ڊزن عورتون ۽ ٻارڙا سڙي مري ويا. هن ڪروڙ پتين جي سرتاج راڪ فيلر کي مخاطب ڪندي چيو، ”هو تنهنجون ڍڳيون آهن ۽ هو تنهنجا خريد ڪيل ٻانها آهن.... تون قاتل آهين.“
جنگ جي ميدانن مان به هو ڪنهن فوج جي ظلمن جون خالي ڳالهيون نه پر هڪ اگهاڙي درندگيءَ جي حيثيت سان، سامراجين جي منظم ڪيل رتو ڇاڻ تي ۽ خود جنگ تي لعنتون موڪليندو واپس ورندو هو. ”لبريٽر“ ۾، جيڪو هڪ ريڊيڪل انقلابي رسالو هو ۽ جنهن کي جان ريڊ پنهنجون بهترين لکڻيون مفت ۾ ڏيندو هو. ان ۾ هن هڪ عضبناڪ سامراج دشمن مضمون لکيو. جنهن جو نعرو هو، ”پنهنجي سپاهي پُٽ جي لاءِ سيني بند پٽيون خريد ڪريو.“ کيس ۽ ٻين ايڊيٽرن کي نيويارڪ جي هڪ عدالت ۾ غداريءَ جي الزام ۾ پيش ڪيو ويو. سرڪاري وڪيل پنهنجي وطن پرستيءَ واري ذهنيت سبب جيوري کان ”ڏوهاري“ هئڻ جو فيصلو ڪرائڻ تي زور ڀري رهيو هو. اُن حد تائين ته، جو هنن ڪيس جي شنوائيءَ جي دوران عدالت وٽ هڪ ’براس بينڊ‘ جو به بندوبست ڪيو، جيڪو قومي تراني جي ڌُن وڄائيندو رهندو هو. پوءِ به جان ريڊ ۽ سندس سنگتي پنهنجن عقيدن تي قائم رهيا. جڏهن جان ريڊ بي باڪيءَ سان ڪم ڪرڻ جو فرض ٿو سمجهي.“ ته سرڪاري وڪيل سوال ڪيس:
”ڇا تون هن جنگ ۾ آمريڪي جهنڊي هيٺ وڙهندين؟“
”نه، آئون نه وڙهندس!“ ريڊ جواب ڏنو.
”ڇو نه؟“
جواب ۾ جان ريڊ هڪ جوشيلي تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن اُهي ڀوائتا منظر ۽ واقعا بيان ڪيا، جيڪي هن جنگ جي ميدان ۾ ڏٺا هئا. بيان ايترو ته سچو ۽ اثرائتو هو، جو جيوريءَ جي ڪن تعصبي پيٽي بورزوا ميمبرن جي اکين ۾ به لڙڪ اچي ويا ۽ ايڊيٽرن کي آزاد ڪيو ويو.
ٿيو هيئن ته جڏهن آمريڪا جنگ ۾ شامل ٿيو ته ريڊ جو آپريشن ٿيو هو ۽ سندس هڪ گردو ڪڍيو ويو. ڊاڪٽرن کيس فوجي خدمتن لاءِ ناموزون قرار ڏئي ڇڏيو.
هن چيو، ”هڪ گردي جي نه هئن سان آئون ٻن قومن جي وچ ۾ جنگ ۾ حصو وٺڻ کان آجو قرار ڏئي سگهجان ٿو. پر ان سبب جي ڪري مون کي ٻن طبقن جي جنگ ۾ حصو وٺڻ کان معاف نٿو ڪري سگهجي.“
1917ع جي گرمين ۾ جان ريڊ تيزيءَ سان روس آيو، جتي هن شروعاتي جهڙپن کان پوءِ سمجهي ورتو ته هڪ وڏي طبقاني ويڙهه ٿيڻ واري آهي. هن صورتحال جو جائزو ورتو ۽ سمجهي ويو ته پرولتاريه جي هٿان اقتدار جي تسخير منطقي ۽ اڻ ٽر آهي. پر دير ۽ مهمليءَ سان کيس پريشاني ٿيندي هئي، هو روزانو صبح جو هڪ اهڙي بيزاريءَ واري احساس مان اُٿندو هو ته انقلاب اڃان تائين شروع نه ٿيو آهي. نيٺ اسمولني سگنل ڏنو ۽ عوام انقلابي جدوجهد ۾ ڪڏي پيو. قدرتي طور تي جان ريڊ به انهن سان گڏ اڳيان وڌيو. هو هر هنڌ موجود هو. شروعاتي پارليامينٽ ٽٽڻ جي موقعي تي، مورچا ٺاهڻ مهل، جڏهن لينن ۽ زينو ٿيف روپوشيءَ مان نڪتا ته تاڙين جي گونج ۽ سندن آڌرڀاءُ مهل به، ۽ ’سرما محل‘ تي قبضي وقت به.....
پر اهو سڀ ته هن پنهنجي ڪتاب ۾ بيان ڪيو آهي. کيس جتان به مليو، هن پنهنجي ڪتاب جي لاءِ مواد گڏ ڪيو. ان لاءِ هن هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين وڃڻ کان به نه ڪيٻايو. هن ’پررودا‘ ۽ ’ازوستيا‘ جا مڪمل فائيل، سڀئي اعلان، ڪتابڙا، پوسٽر ۽ بيان گڏ ڪيا. پوسٽرن جو ته کيس خاص طور تي جنون هو. جڏهن به ڪو پوسٽر نظر ٿي آيو ۽ جيڪڏهن اهو حاصل ڪرڻ جو ڪو ٻيو ذريعو نظر نه ٿي آهيو ته هن ڀت تان کرڙي لاهن ۾ به هٻڪ محسوس نه ٿي ڪئي.
انهن ڏينهن پوسٽر ايتري ته جلدي ۽ ايڏي ته وڏي تعداد ۾ ڇپيا هئا، جو ڀتين تي لڳائڻ جي لاءِ انهن جي لاءِ جاءِ به نه بچندي هئي. ڪاديت، سوشل انقلابي، منشويڪ، کاٻي ڌر جا سوشلسٽ انقلابي ۽ بالشويڪ پوسٽر هڪٻئي جي مٿان چُهٽيا پيا هوندا هئا. هڪ ڏينهن جا ريڊ هڪ ٻئي جي مٿان جهٽيل 16 پوسٽرن جو هڪ ٿهو ڇڪي لاٿو ۽ ڪاغذ جي هڪ وڏي دفتري لوڏيندي منهنجي ڪمري تي آيو ۽ چيائين، ”ڏس مون هڪ ئي حملي ۾ انقلاب ۽ انقلاب دشمنن کي هٿ ڪري ورتو آهي.“
ائين مختلف ذريعن وٽان هن هڪ شاندار مجموعو گڏ ڪري ورتو، جيڪو ايترو ته سٺو هو، جو جڏهن هو 1918ع کان پوءِ نيويارڪ جي بندرگاهه پهتو ته آمريڪا جي اٽارني جنرل جي ايجنٽن اهو پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو. جيڪو بهرحال هو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان واپس وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ۽ اهو هن پنهنجي نيويارڪ جي ڪمري ۾ لڪائي ڇڏيو. جتي هن پنهنجي ڪتاب TEN DAYS THAT SHOOK THE WORLD کي پنهنجي مٿي جي مٿان ايلي ويٽر جي گوڙ ۽ پيرن جي هيٺان زمين دوز ريلوي جي گوڙ ۾ ٽائپ ڪيو.
اها ڳالهه به سمجهه ۾ اچي ٿي ته آمريڪي ڦاشسٽن نٿي چاهيو ته هي ڪتاب ماڻهو تائين پهچي، تنهنڪري هو ڇهه ڀيرا اُن ڪتاب جو مسودو چورائڻ جي لاءِ سندس پبلشر جي آفيس ۾ گهڙيا. جان ريڊ پنهنجي پبلشر کي جيڪو فوٽو ڏنو، ان تي لکيائين:
”پنهنجي پبلشر هوريس ليورائٽ کي، جيڪو هن ڪتاب جي چپائي جي دوران برباد ٿيندي بچيو.“
روس جي باري ۾ سچائي سامهو آڻڻ جي لاءِ فقط هيءَ ڪتاب سندس ادبي ڪوششن جو نتيجو نه هو. بورزوازين کي هيءَ ٿور سچائي به پڌري ٿيندي نه ٿي وڻي. کين روسي انقلاب کان نفرت به هئي ته ڊپ به هو ۽ هنن اهو ڪوڙ جي ٻوڏ ۾ ٻوڙڻ چاهيو. سياسي فارمن، سئنيما جي پردن، اخبارن ۽ رسالن جي ڪالمن ۾ اُن انقلاب جي مٿان بڇڙي الزام تراشيءَ جا چشما اٻڙڪي رهي هئا. سي هاڻ سندس لکڻيون نه ڇاپيندا هئا. پرپوءِ به هو ريڊ کي ماٺ نه ڪرائي سگهيا. هن اڻ ڳڻين جلسن ۾ تقريرون ڪيون. هن پنهنجو هڪ رسالو ڪڍيو. هو کاٻي ڌر جي سوشلسٽ رسالي ”ريووليوشنري ايج“ ۽ ”ڪميونسٽ“ جو ايڊيٽر ٿيو. ”لبريٽر“ جي لاءِ هن لڳاتار مضمون لکيا. آمريڪا جي هڪ سري کان وٺي ٻي سري تائي سفر ڪيائين. ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو. پنهنجي ڀرپاسي جي ماڻهن کي حقيقت کان واقف ڪيائين ۽ انهن ۾ به پاڻ جهڙو جوش ۽ انقلابي لڳاءُ پيدا ڪري ڇڏيائين ۽ پوءِ آخر ۾، جيڪا ڳالهه ڪنهن به لحاظ کان گهٽ اهم ڳالهه ڪونهي ته ڪميونسٽ ليبرپارٽي، آمريڪي سرمائيداري جي دل ۾ منظم ڪئي، بلڪل ائين جيئن هارورڊ يونيورسٽي جي دل ۾ هڪ سوشلسٽ ڪلب منظم ڪيائين.
سدائين جيان ’پنڊتن‘ غلطي ڪئي هئي. جان ريڊ جو ريڊيڪل ازم ڇا به رهيو هجي، پر ’ڳرو ڏنگ‘ نه هو. انهن جي اڳ ڪٿين جي باوجود ٻاهرين دنيا سان جان ريڊ جي رابطن کيس نه بچايو. هن سندس ريڊيڪ ازم ۾ نکار پيدا ڪري ڇڏيو. اهو ڪيترو توانو ۽ گهرو هو، تنهن جو اندازو ”وائس آف ليبر“ مان ٿئي ٿو، جيڪو نئون ڪميونسٽ ترجمان هو، جنهن جي ادارت جان ريڊ ڪندو هو. آمريڪي بورزوا کي احساس ٿيو ته نيٺ ملڪ ۾ هڪ حقيقي انقلابي پيدا ٿي ويو آهي. هاڻ اهو ان هڪ ”انقلابي، لفظ تي ڪنبڻ ٿي لڳا. اهو صحيح آهي ته ماضيءَ ۾ آمريڪا جي لاءِ پنهنجا انقلابي هئا ۽ اڃان به آهن ان جون ڪيتريون ئي معزز سوسائٽيون هيون، جهڙوڪ، ”ڊاٽرز آف آميريڪن ريووليوشنس“ ۽ ”سنس آف آمريڪن ريووليوشنس،“ جن جي وسيلي رجعت پرست بوروازي 1776ع جي آمريڪي انقلاب کي خراج عقيدت پيش ڪندا هئا، پر اهي انقلابي ڳچ عرصو اڳ مري چڪا هئا. جڏهن ته ”جان ريڊ“ جيئرو جاڳندو انقلابي هو، هڪ اهڙو انقلابي، جنهن ۾ وڏو دم ۽ خم هو. جيڪو بورزوازين لاءِ هڪ للڪار هو ۽ هڪ دپ هو. تنهن ڪري هنن جي لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو ته جان ريڊ کي قيد ڪيو وڃي. ۽ کيس گرفتار ڪوي ويو.
هڪ ڀيرو نه، ويهه ڀيرا. فلادلفيا ۾ پوليس اسيمبلي هال ۾ تالو وجهي ڇڏيو، کيس تقرير ڪرڻ نه ڏني. جنهن تي هو ڪاٺ جي هڪ کوکي تي چڙهي ويو، ۽ رستي تي گڏ ٿيل ميڙ کي خطاب ڪرڻ لڳو. جلسو ايترو ته ڪامياب ٿيو ۽ سندس ايترا ته حمايتي پيدا ٿي ويا، جو جڏهن ريڊ کي ”امن امان ۾ خلل وجهڻ جي ڏوهه“ ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ته جيوريءَ کيس ڏوهاري قرار ڏيڻ جو فيصلو ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڪو به آمريڪي ”شهر“ تيستائين سُک جو ساهه نه پٽيندو هو، جيستائين هن گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ريڊ کي گرفتار نه ڪيو هجي. پر هن هر ڀيري ضمانت تي آزادي حاصل ڪري ورتي يا ور مهملي حاصل ڪري ٿي ورتي ۽ جلد ئي ڪنهن ٻي هنڌ حملو ڪرڻ جي لاءِ روانو ٿي ٿي ويو.
اولهائين بورزوازين کي پنهنجي ناڪامين ۽ پريشانين جو ذميدار روسي انقلاب کي قرار ڏيڻ جي عادت بڻجي ويئي هئي. ان انقلاب جي سڀ کان اڻ وڻندڙ ڏوهن مان هڪ اهو نه هو ته هڪ سلڇڻي آمريڪي نوجوان کي انقلاب جو ڪٽر ۽ پر جوش علمبردار بنائي ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ بورزوازي ته اهو ئي سمجهندا هئا، پر حقيقت ۾ اها ڳالهه مڪمل طور تي سچ نه هئي.
جان ريڊ کي انقلابي روس نه بنايو هو. پر هو جنهن ڏينهن پيدا ٿيو هو، اُن ڏينهن کان سندس رڳن ۾ آمريڪي انقلابي رت ڊوڙي رهيو هو. هائو، جيتوڻيڪ آمريڪن کي سدائين ٿلهو متارو، پنهنجو پان کان مطمئن ۽ رجعت پرست قوم جيان پيش ڪيو ويو هو، پر پوءِ به ان جي رڳن ۾ بغاوت ۽ نفرت روان دوران آهي. ماضيءَ جي عظيم باغين جو ٿورو تصور ڪريو. ٿامس پين، والٽ وٽ مين، جان برائون ۽ پارسنس جو ۽ جان ريڊ جي هاڻوڪن ڪامريڊن ۽ ساٿين جو به تصور ڪريو، جهڙوڪ: بل هيوڊ، رابرٽ مائنر، روتن برگ ۽ فوسٽر، هوم اسٽينڊ، پل مين ۽ لارنس ۾ ٿيندڙ رتو ڇاڻ واري صنعتي ٽڪراءُ کي ۽ دنيا جي صنعتي مزدورن جي جدوجهد کي ياد ڪريو. اهي سڀ اڳواڻ به ته ۽ عوام به نج آمريڪي بنياد جا آهن. جيتوڻيڪ هن مهل اها ايتري ظاهر ڪونهي،پر آمريڪي رت ۽ بغاوت جي مٽيءَ جي ملاوٽ آهي، تنهنڪري اهو چئي نٿو سگهجي ته روس، جان ريڊ کي انقلابي بنايو. پر اُن کيس هڪ سائنسي انداز ۾ سوچيندڙ ۽ سڌو انقلابي ضرور بنائي ڇڏيو. اها وڏي خدمت هئي. ان جو ڪري سندس ميز تي مارڪس، اينگلس ۽ لينن جي ڪتابن جا ڍڳ لڳي ويا. ان کيس تاريخ جي ۽ واقعن جي روش جي سمجهه ڏني، اُن کيس ڪنهن حد تائين موهوم انسان دوستيءَ وارن خيالن جي جاءِ تي معاشيات جي بي لوچ ۽ سخت حقيقتن جي سمجهه ڏني. ۽ ان کيس آمريڪي مزدور طبقي جي تحريڪ جو اُستاد ٿيڻ ۽ ان لاءِ به اهي ئي سائنسي بنياد فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي اُڀاريو، جيڪو خود هن پنهنجي اصولن جي لاءِ فراهم ڪيا.
سندس سنگتي کيس چوندا هئا، ”جان! سياست تنهنجو ميدان ڪونهي... تون نعري باز نه پر فنڪار آهين. توکي پنهنجي سگهه تخيلقي ادبي ڪم تي لڳائڻ گهرجي.“ هو پاڻ به ان ڳالهه جي سچائيءَ کي اڪثر محسوس ڪندو هو، تنهنڪري هن جي دماغ ۾ نون نظمن، ناولن ۽ ڊرامن جو هجوم هو، جيڪو اظهار جي لاءِ تڙپي رهيو هو. ۽ هن چاهيو ٿي ته کين ڪا قطعي هيئت ملي وڃي. جڏهن سندس دوست مٿس زور ڀريندا هئا ته هو پنهنجي انقلابي پروپيڳنڊهه کي هڪ پاسي رکي، پنهنجي ميز تي ويهي رهي ته هو مُر ڪندي وراڻيندو هو. ”هائو، هائو... ائين ئي ڪندس.“
پر هن ڪڏهن به انقلابي ڪم بند نه ڪيو. ائين ڪرڻ سندس وس ۾ به نه هو. روسي انقلاب هن جي دل ۾ جان ۾ گهر ڪري ويو هو. جنهن کيس هڪ ماهر ۽ سندس ٻڏتر واري نراجي جذبي کي ڪميونزم جي سخت ڊسيپلين جو تابع بنائي ڇڏيو. ان کيس هڪ پيغمبر جيان روشن مشعل ڏيئي آمريڪا جي شهرن ۾ موڪليو، ان کيس 1919ع ۾ ماسڪو گهرايو ته جيئن هو آمريڪا جي ٻنهي ڪميونسٽ پارٽين کي گڏڻ جي سلسلي ۾ ’ڪميونسٽ انٽرنيشنل‘ ۾ ڪم ڪري.
انقلابي نظريي جي نون هٿيارن سان هٿيار بند ٿي هو ڳجهي نموني ٻيهر نيويارڪ روانو ٿيو، پر هڪ جهازيءَ دغا ڪئي ۽ کيس جهاز مان لاهي فن لينڊ جي هڪ جيل ۾ اڪيلائي واري قيد ۾ رکيو ويو. اتان هو ٻيهر روس واپس موٽيو. ”ڪميونسٽ انٽرنيشنل“ ۾ هن مضمون لکيا ۽ هڪ نئين ڪتاب جي لاءِ مواد گڏ ڪيو ۽ ”باڪو“ ۾ مشرقي قومن جي ڪانگريس ۾ ڊيلي گيٽ جي حيثيت سان شريڪ ٿيو. هو ٽائيفس ۾ مبتلا ٿيو (جنهن جا جراثيم کيس شايد قفتار ۾ لڳا هئا) ۽ گهڻي ڪم جي ٿڪاوٽ سبب هو بيماريءَ مان چڙهي نه سگهيو ۽ سترهين آڪٽوبر، آچر جي ڏينهن 1920ع ۾ گذاري ويو.
اسان کي جڏهن سندس چالاڻي جي خبر ”هيلسنگ فورس“ ۽ ”ريويل“ ۾ پيئي ته اسان کي يقين هو ته اهو به انهن ڪوڙن مان هڪ ڪوڙ آهي، جيڪي انقلاب دشمن ڪوڙن جي ڪارخانن ۾ روزانو گهڙين ٿا. پر جڏهن ”لوئيز برائيانٽ“ اُن کي ڏک واري خبر جي تصديق ڪئي ته اسان ترديد جي اميد ترڪ ڪري ڇڏي جيتوڻيڪ اها ڏاڍي تڪليف ڏيندڙ ڳالهه هئي.
جان ريڊ جيتوڻيڪ جلاوطنيءَ ۾ مئو ۽ ان وقت پنجن سالن جي سزا جو فيصلو سندس مٿان لڙڪي رهيو هو، پوءِ به بورزوا پريسس کي فنڪار ۽ انسان جي حيثيت سان خراج عقيدت پيش ڪيو. بورزوازيءَ سُک جو ساهه کنيو ڇاڪاڻ ته جان ريڊ کي خبر هئي ته سندن فطري ڪوڙ کي ڪيئن بي نقاب ڪرڻ گهرجي جيڪو پنهنجي قلم سان ايتري بي رحميءَ سان ڌڪ هڻندو هو. اهو هاڻ هن جهان ۾ نه رهيو هو.
آمريڪا ريڊيڪل دنيا کي تمام گهڻو نقصان رسايو. آمريڪا کان ٻاهر رهندڙ ڪامريڊ ان نقصان جي احساس جو اندازو مشڪل سان لڳائي سگهن ٿا،جيڪو هُن جي موت سبب پهتو. روسي اها قدرتي ڳالهه سمجهندا آهن ۽ هنن جي لاءِ اهو ٿيندو آهي. ته ڪنهن شخص پنهنجن اصولن خاطر جا ڏيئي ڇڏي، جتي جذبن جي ڪا به گنجائش ڪونهي، هتي سوويت يونين ۾ سوشلزم جي لاءِ هزارين، لکين ماڻهن پنهنجو جانيون قربان ڪري ڇڏيون پر آمريڪا ۾ نسبتاً گهٽ قرباني ڏني ويئي. جيڪڏهن اوهين چاهيو ته اهو چئي سگهو ٿا ته جار ريڊ ڪميونسٽ انقلاب جو پهريون شهيد هو ۽ هزارن جو پيشرو هو. ڏورانهين روس ۾ هن جي ’شهاب ثاقب‘ جهڙي زندگيءَ جو ائين اوچتو خاتمو آمريڪي ڪميونسٽن جي لاءِ هڪ وڏو صدمون هو.
سندس پراڻن دوستن ۽ ساٿين جي لاءِ اها ڳالهه اطمينان جو سبب بنجي سگهي ٿي ته جان ريڊ کي ان هنڌ دفنايو ويو، جيڪا کيس دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ پسند هئي. يعني ڪريملن جي ڀت جي پاڇي واري چوڪ ۾.
اُتي سندس قبر تي هڪ يادگار کُتل آهي جيڪو سندس ڪردار سان مڪمل هڪ جهڙائپ رکي ٿو. گرينائٽ جو هڪ اڻ تراشيل پٿر، جنهن تي لکيل آهي.

”جان ريڊ – ٽين انٽرنيشنل ۾ نمائندو 1920ع.“
ليکڪ: البرٽ . آر . وليميس