ڪھاڻيون

رات جو رنگ

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار شوڪت حسين شوري جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. ڪتاب ۾ 47 ڪھاڻيون شامل آھن. مھاڳ ۾ قمر شھباز لکي ٿو:
”گذريل صديءَ جي ستر واري ڏھاڪي ۾ شوڪت، سندس ڀاءُ مشتاق، ۽ ھڪ ٻئي ماٺيڻي ماڻڪ، عام رواجي انداز کان بغاوت ڪري، سنڌيءَ ڪھاڻي کي ھڪ نئين پيچري تي آڻي بيھاريو، جنھن ۾ لفظن جي راند بجاءِ ويچارن جا واھڙ ھئا، ٻاھرين ڏيک ويک بدران تازي ھوا جو قدرتي ھڳاءُ ھو ۽ ظاھري گلڪاريءَ جي جاءِ تي سچائيءَ جي سورج جو تاءُ ھو. اھو سڀ ڪجھ شعوري ڪوشش جو نتيجو نہ، بلڪہ بي شعوري بي خودي ۽ اڻ ڄاتي آزاديءَ جو اظھار ھو. نيمن، اصولن ۽ مقرر ٿيل معيارن کان بغاوت ھئي.“
  • 4.5/5.0
  • 1269
  • 447
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book رات جو رنگ

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”رات جو رنگ“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار شوڪت حسين شوري جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. ڪتاب ۾ 47 ڪھاڻيون شامل آھن. مھاڳ ۾ قمر شھباز لکي ٿو:
”گذريل صديءَ جي ستر واري ڏھاڪي ۾ شوڪت، سندس ڀاءُ مشتاق، ۽ ھڪ ٻئي ماٺيڻي ماڻڪ، عام رواجي انداز کان بغاوت ڪري، سنڌيءَ ڪھاڻي کي ھڪ نئين پيچري تي آڻي بيھاريو، جنھن ۾ لفظن جي راند بجاءِ ويچارن جا واھڙ ھئا، ٻاھرين ڏيک ويک بدران تازي ھوا جو قدرتي ھڳاءُ ھو ۽ ظاھري گلڪاريءَ جي جاءِ تي سچائيءَ جي سورج جو تاءُ ھو. اھو سڀ ڪجھ شعوري ڪوشش جو نتيجو نہ، بلڪہ بي شعوري بي خودي ۽ اڻ ڄاتي آزاديءَ جو اظھار ھو. نيمن، اصولن ۽ مقرر ٿيل معيارن کان بغاوت ھئي.“
ھي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران 2007ع ۾ ڇپايو ويو. سنڌ سلامت پاران ڪجھ ڪھاڻيون سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تان ۽ باقي ڪھاڻيون نئين سر ڪمپوز ڪري ھي ڪتاب پيش ڪري رھيا آھيون. ٿورائتا آھيون بدين سان تعلق رکندڙ سنڌ سلامت سٿ جي دوست شاھنواز ٽالپر جا جنھن مھاڳ ۽ اڌ ڪھاڻيون ڪمپوز ڪري موڪليون. مھرباني شوڪت حسين شوري صاحب جي جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مھاڳ

ڀريل ميلي ۾ اڪيلو ۽ اٻاڻڪو، پنھنجن خيالن ۾ گم، ماٺيڻو ۽ اداس اکين وارو شوڪت، سنڌي ڪھاڻيءَ کي نئون رخ، نئون موڙ ۽ نئين سوچ ڏيندڙ چند سرڪش نوجوانن مان ھڪ آھي، ان سچائيءَ جي پروڙ نه پنھنجي گفتگو مان ڏيندو ۽ نه وري سندس دائمي خاموشي ئي سندس ذات، ڏانءَ ۽ مشاھدي توري مطالعو جو ڪو اڻ لکو اھڃاڻ ڏيندي. موھڻو ۽ موچارو، ڪپڙي لٽي توڙي لڇڻن ۾ وڻندڙ اسان جو ھيءُ لاڏلو دوست، اندر ۾ ڪيترا طوفان سمائي، ڪيترا موھن جا دڙا سجائي، ڪيترا اڻ کٽ ۽ عميق سمونڊ لڪائي، چھري تي ھلڪڙي، ابھم، معصوم ۽ معنى خيز مسڪراھٽ وکيري، ائين بي سُڌ ۽ بي نياز رھندو آھي ڄڻ من ئي من ۾ ڪو سپنن جو سُھاڻو سنسار اُڻندو ھجي. ٿيڻ ته کيس ڪوي گهرجي ھا، پر بڻجي پيو ڪھاڻيڪار. ھا البت ڪھاڻين ۾ شاعريءَ جو رنگ ضرور ڀريندو آھي. ڀلا ھي ويچارو ڪلا جي نه پَدَ تي نٿا پھچن، جتي شاعري پلجي ٿي؟
”لڳي ائين ٿو ڄڻ ڪيترن سالن کان فريزر ۾ بند پيو آھيان ۽ ڄمي برف ٿي ويو آھيان. پر برف ته ٻاھر نڪرڻ سان رجي ويندي آھي ۽ پاڻي وھڻ لڳندو آھي. وھندڙ پاڻي مونکي وڻندو آھي. بيٺل پاڻي ڏسي من منجھندو آھي. وھندڙ پاڻيءَ وانگر ماڻھو به ھلندو رھي. ھڪ ھنڌ ڄمي نه وڃي.“
ڀلا شاعري ڇا آھي؟ اندر جي اَجھل اُڌمن جي اوچتي اُڇل ئي ته آھي. ھار سنيگار، جوڙ ۽ جنسار ته سگهڙ پائي چئبي. قافيا ۽ رديف، بحر ۽ وزن، ته ان ”اوچتي اُڇل“ کي جُھل ۽ جھالر پھرائڻ جي برابر آھي. ڪاريگريءَ پنھنجي جاءِ تي اھم ضرور آھي پر ان کان وڌيڪ اتم آھي جذبن، امنگن ۽ اڌمن جي اھا ڌارا جيڪا روح جي گهراين مان ڦاٽ کائي ڦُٽي نڪري. جيمس جوائس ۽ ورجينا وولف جي ”ساڃھه جي ڌارا“(Stream of consciousness) کي ان ڪارڻ ته ڪن نقادن مَن جي ڪويتا جو نالو ڏنو ھو. جو سُجھي، جيئن ئي سُجھي، بنان ٺاھَ ٺُوھ، بنا ڪنھن بناوٽ جي، ھُوبھو ائين، انھن ئي لفظن ۾، انھيءَ پيرائي ۾، ڪاڳر تي اتاري ڇڏجي. ماڻھو جي من جي ماجرا جيڪا اندر ۾ ائين پئي ولوڙجي جيئن ”ماٽي منجھه مَھي“ سا ساٺ سؤڻ، مِسِي ماڳ، سرخي پائوڊر سان جرڪي ڪونه پوندي جھڪي ضرور ٿيندي.
اھوئي سبب ھو جو گذريل صديءَ جي ستر واري ڏھاڪي ۾ شوڪت، سندس ڀاءُ مشتاق، ۽ ھڪ ٻئي ماٺيڻي ماڻڪ، عام رواجي انداز کان بغاوت ڪري، سنڌيءَ ڪھاڻي کي ھڪ نئين پيچري تي آڻي بيھاريو، جنھن ۾ لفظن جي راند بجاءِ ويچارن جا واھڙ ھئا، ٻاھرين ڏيک ويک بدران تازي ھوا جو قدرتي ھڳاءُ ھو ۽ ظاھري گلڪاريءَ جي جاءِ تي سچائيءَ جي سورج جو تاءُ ھو. اھو سڀ ڪجھه شعوري ڪوشش جو نتيجو نه، بلڪه بي شعوري بي خودي ۽ اڻ ڄاتي آزاديءَ جو اظھار ھو. نيمن، اصولن ۽ مقرر ٿيل معيارن کان بغاوت ھئي.
ان اوچتي ۽ ڪِن لاءِ انوکيءَ ۽ اجنبي تبديليءَ کي سمجھڻ لاءِ اسان کي ورھاڱي کان پوءِ سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيل انھن سڀني ڏاڍين ۽ زور آورين ۽ زيادتين جو جائزو وٺڻو پوندو جن جي نتيجي ۾ عام سنڌي ۽ خاص طور نوجوان، ويڳاڻپ، مايوسي۽ اڻ برابريءَ جي احساس ۾ مبتلا ٿي ويا. سنڌي ھندن جو وطن ڇڏڻ ۽ سندن جاين تي ڌارين قومن جو پلٽجي پوڻ ئي پنھنجي سر ھڪ دکدائڪ تاريخي واقعو ھو، پر ان جي نتيجي ۾ سنڌي سڀيتا، ٻوليءَ ۽ معشيت کي جيڪو ڪاپاري ڌڪ لڳو، ان رھجي ويل سنڌين کي دلگير ڪري وڌو مٿان وري اسان جون زمينون، مال ملڪيت ۽ روزگار ويو غيرن جي حوالي ٿيندو. سرڪار الھندي پاڪستان جي چئني صوبن کي گڏي، سندن نالو نشان مٽائي، ”ون يونٽ“ ٺاھي ويتر سنڌين جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪي ڇڏيو. ھونءَ ته سنڌ جي نالي ۾ ڪجھه نه ڪجھه پلئه پئجي ويندو ھو، پر ھاڻي ته اھو سھارو به نه رھيو. اھڙيءَ ڏاڍمڙسيءَ خلاف سنڌ جو ٻچو ٻار اٿي کڙو ٿيو ۽ پنھنجا حق وٺڻ خاطر ھڪ ڊگھي ويڙھاند ۾ شامل ٿي ويو. شاگرد، صحافي، اديب توڙي دانشور ان جدوجھد ۾ اڳرا ۽ آڪرا ھئا. ڪھاڻيون، شاعري ۽ ناٽڪ جيڪي ان دؤر ۾ لکيا ويا، سي سڀ ان اداسي، ويڳاڻپ ۽ چڙ جو اولڙو ھئا جا ھر ھوش مند سنڌيءَ جي دل ۾ چڻنگ جيان دکي رھي ھئي. سنڌيءَ ٻولي، اھڙو سگهارو ادب ان کان اڳ ڪڏھن به ڪونه ڏنو ھو. اھا ادبي تحريڪ ھڪ سياسي جدوجھد جي شڪل اختيار ڪري وئي، جنھن ۾ ھر غيرتمند سنڌيءَ دل ۽ جان سان حصو ورتو.
”ون يونٽ“ ته ٽٽي ويو. صوبا ٻيھر بحال ٿيا. سنڌ واسين جي زخمن تي ڪجھه پھو ضرور پيو، پر کانئن ڦٻايل حق نه صرف موٽي نه مليا، ويتر سندن محرومين ۾ ڏينھان ڏينھن واڌارو ٿيندو ويو. نوجوان ڊگريون ھٿن ۾ کڻي ھڪ دفتر کان ٻئي دفتر تائين دربدر جتيون گسائيندا رھيا، مٿن روزگار جي دروازا بند ٿي چڪا ھئا. لطيفي ٻوليءَ جي وجود تي ٿيل قھري وار ڪنھن به تدبير سان ٽري ڪين سگهيو. ڌارين جي لوڌ نه رڳو جاري رھي بلڪه ھاڻي ھو ھٿيار بند ٿي مرڪزي شھرن تي قابض ٿي ويھي رھي. سياستدانن ، ڪامورن، ۽ وڏيرن ملڪ ملير کي تين وال ڪري ڇڏيو. ڪُرسيءَ ۽ ڪرنسيءَ جي لالچ ۾ ھنن ھر اھو ڪڌو ڪم ڪيو جيڪو سندن آقا کين چوندا رھيا. اھڙي گھُٽ، ٻُوسٽ ۽ مُنجھه واري ماحول ۾ چند احساس اديبن پنھنجي پاڻ سان من جي اور اورڻ شروع ڪري ڏني. ھنن جو ڪجھه اکين سان ڏٺو پئي يا سٺو پئي يا دل جي سچائيءَ سان محسوس پئي ڪيو، اھو ساڳيو ئي ايمانداريءَ، ھمت ۽ رُکائيءَ سان ڪھاڻي جي روپ ۾ پني تي اتارڻ شروع ڪري ڏنو. ڪھاڻي، بنا عنوان ڪھاڻي، ساڃھه جي ڌار واري ڪھاڻي ۽ بنا پلاٽ(plot less) ڪھاڻي جي شروعات محروميءَ ۽ نراشا واري ان دؤر ۾ ٿي ۽ اسان جو شوڪت حسين شورو ان نئين ادبي تحريڪ جي بانين منجھان ھڪ ھو. پنھنجي ادبي سفر جي باري ۾ شوڪت جو چوڻ آھي ته:
”پنجاھ واري ڏھاڪي ۾ سنڌ ۾ ترقي پسند ادب جو زور ھو. مون سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ ان کي گھڻو پڙھيو ھو. ان ڪري جڏھن مون لکڻ شروع ڪيو ته ترقي پسند ادب جي اثر ھيٺ منھنجين ڪھاڻين جا ڪردار مظلوم ھاري ۽ ظالم وڏيرو ھئا. سٺ جي ڏھاڪي ۾ ملڪي سياسي حالتن، سنڌ جي محرومين، سنڌي نيشنلزم جي واڌ، سنڌي ادب تي وڏو اثر وڌو ھو. ان سبب مون طبقاتي فرق وارن موضوعن تي ڇڏي سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سان ٿيندڙ ڏاڍاين تي لکڻ شروع ڪيو.“
”1971ع ۾ پاڪ ڀارت لڙائيءَ کان پوءِ پاڪستان جو اوڀر وارو حصو بنگلاديش جي شڪل ۾ ڌار ٿي ويو. ملڪ جون سياسي ۽ مالي حالتون تباھ ٿي ويون ھيون. نوجوانن جو وڏو تعداد بي روزگاريءَ سبب فرسٽريشن ۽ ڊپريشن جو شڪار ھو. انھن نوجوانن ۾ اسين به شامل ھئاسين. ھونءَ به ستر وارو ڏھاڪو سڄي دنيا ۾ جديد خيالن ۽ تحريڪن سبب وڏي اٿل پٿل وارو دور ھو. ان ئي دور ۾ نئين ڪھاڻيءَ جنم ورتو ھو. ڀارت جي سنڌي ادب ۾ جديد ڪھاڻي لکجي رھي ھئي. سنڌ ۾ اھا ٿورو دير سان پھتي. سنڌ ۾ جن ڪھاڻيڪارن ماڊرن ڪھاڻي کي قبول ڪيو ۽ لکڻ شروع ڪيو، انھن ۾ ماڻڪ،مشتاق شورو ۽ آءُ شامل ھئاسين. اسان جي مخالفت ۾ چڱو خاصو طوفان کڙو ڪيو ويو ۽ الزام لڳايا ويا ته اسين گرامر کي ٽوڙي سنڌي ٻوليءَ کي خراب ڪري رھيا آھيون، بداخلاقي پکيڙي رھيا آھيون ۽ اسين ترقي پسندي جا مخالف ۽ آمريڪي سامراج جا ايجنٽ آھيون، جيڪي سنڌي ماڻھن ۾ مايوسي، فرسٽريشن بد دلي پيدا ڪري رھيا آھيون. اصل ڳالھه ھيءَ ھئي، ته اسان ڏٺو ھو ته لکڻ سان ڪجھه به ڪونه ٿو ٿئي. ڪھاڻين ۽ شاعريءَ جي وسيلي سماج کي بدلائڻ جا خواب ڏسڻ اسان ڪڏھوڪو ڇڏي چڪا ھئاسين. ان ڪري سياسي ليکڪن جون گاريون کاڌيوسين.“
شوڪت جي آخري جملي سان اختلاف ٿي سگهي ٿو، پر سندس فرسٽريشن چڱي طرح سمجھه ۾ اچي ٿي. ادب ”سماجي انقلاب“ جو اھم وسيلو آھي، پر اھا به حقيقت آھي ته جنھن دور جي ڳالھه شوڪت ڪري رھيو آھي، ان ماحول ۾ سنڌي ادب جي تبديليءَ واري ڪردار(Agent of Change) جي اھميت ۽ ڪاميابيءَ کي ڏسندي ھڪ طرف ته سياسي بازيگرن اديبن جي ڪُلھي تي بندوق رکي پنھنجو نشانو چٽڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي ۽ ٻئي طرف چالاڪ ۽ موقعي پرست ليکڪن پنھنجي نالي کي چمڪائڻ ۽ اڳين قطار ۾ بيھڻ جي خاطر اجايو سنڌي نيشنلزم جو نعرو ھڻي ناپائدار، وقتي ۽ سستو ادب پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي ھئي. نعري بازي(Sloganism) تحت لکيل ادب localized يعني ھڪ محدود وقت، طبقي ۽ ماحول لاءِ ھوندو آھي. ان کي آفاقي(Universal) اھميت ملي نه سگهندي آھي. حالتون بدلجندي ئي اھڙو ادب تاريخ جي پنن ۾ دٻجي ماضي جو حصو بنجي ويندو آھي، پر اھو شرط فقط ۽ ققط اھڙي ادب سان لاڳو ٿيندو آھي جنھن جي پاڙ ٺڪريءَ تي ھوندي آھي. جنھن ۾ سکڻي نعري کان سواءِ ڏيڻ لاءِ ٻيو ڪجھه به نه ھوندو آھي. روسي ادب، جنھن سنڌي ليکڪن کي بيحد متاثر ڪيو ۽ پاڻ ڏانھن ڇڪي ورتو، مقامي ھوندي به پنھنجي اھميت ان ڪري برقرار رکيو بيٺو آھي جو منجھنس انساني قدرن کي اوليت مليل آھي. گورڪيءَ جو ناول ”ماءُ“ ان سلسلي ۾ بھترين مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. ٺلھو ”جيئي سنڌ“ چوڻ سان ڪجھه به ڪونه ورندو، جيستائين ان ۾ دل جي گهرائي ۽ من جي سچائي شامل نه ھوندي. مان مڃان ٿو ته ان تحريڪ ۾ ڪجھه اھڙا ليکڪ به اچي شامل ٿيا جن فقط نالو ڪمائڻ لاءِ سنڌ جو نالو استعمال ڪيو. سندن شاعريءَ توڙي ڪھاڻين جي ڪردار ۾ نه اھا سچائي ھئي نه گهرائي جيڪا پڙھندڙن جي ذھن کي ڌوڏي ڇڏي. بھرحال ”نئين ڪھاڻيءَ“ جي سرواڻن جي پنھنجي ذاتي محرومي، مايوسي ۽ ويڳاڻپ کين اندر جي اظھار لاءِ ھڪ نئين رخ طرف کڻي ويئي؛ ۽ ھنن ان نئين اسلوب ذريعي پنھنجي ٽھيءَ جي ناڪامين ۽ بيدليءَ جو ڀرڀور نموني سان اظھار ڪيو. انساني سوچ دُنوي، سماجي ۽ سياسي پاپندين جي محتاج نه ھوندي آھي. ماڻھوءَ جي ذھن ۾ اٿندڙ سوال، احتجاج ۽ انقلاب، لفظن جي چونڊ، جملن جي بيھڪ ۽ گرامر جي ڊسپلين جا پاپند نه ھوندا آھن. خواب ۽ خيال منجھيل، بي ترتيب ۽ بي تسلسل ڄاپندا آھن. انھن کي جيئن جو تيئن جھٽي لکڻ سان فرسٽريشن ۽ ڊپريشن جي انتھائي گهرائيءَ ۽ ليکڪ جي من جي پيڙا جو اثرائتو اظھار ڪري سگهجي ٿو. ھونءَ به حقيقت پسنديءَ جي بنيادي تقاضا به اھا ئي آھي ته پڙھندڙ کي آئيني ۾ سندس اصلي عڪس ڏيکارجي. برو آھي يا ڀلو، ليکڪ جو ان سان ڪو واسطو ناھي. بلڪه ليکڪ ته پنھنجو ماضي توڙي حال بنا لڄ شرم جي ٻاھر ڪڍي ظاھر ڪندو آھي. ھوُ پنھنجي باري ۾ ڇا ٿو سوچي، پنھنجي گهر وارن، يارن دوستن، جڳ وارن متعلق سندس ڪھڙي راءِ آھي، سا کُلي ريت بيان ڪرڻ پنھنجو فرض سمجھي ٿو.
”دنيا جيئڻ جي قابل ناھي يا آءُ دنيا جي قابل ڪونه آھيان؟ . . . ايتري ساري زندگي گذري وئي پر مون کي ڪٿان به ڪو گرين سگنل نه مليو اڳتي وڌڻ لاءِ. گرين سگنل ھميشه ٻين جي لاءِ ھوندو آھي. ٻيا اڳتي وڌي ويندا آھن ۽ جڏھن منھنجو وارو ايندو آھي ته ريڊ سگنل شروع ٿي ويندو آھي. وقت ڪيترو اڳتي وڌي ويو ھو ۽ آءُ پوئتي ڌڪجندو وڃان. موجوده وقت ۾ اڻ ٺھڪندڙ صفاMisfit .“
اھو Misfit وارو نظريو يا ٿيم نئين ڪھاڻي لکندڙ سڀني اديبن ۾ ملندو. ھنن جي خيال ۾ ھو ھن سماج ۾ ٺھڪي نه سگهندا، ان ڪري ئي ھو پاڻ کي اوپرو سمجھن ٿا. ھنن جو اٿڻ ويھڻ، ڳالھائڻ ٻولھائڻ، لھجو ۽ رَويا ٻين کان مختلف آھن ان ڪري نه سماج کين قبول ٿو ڪري ۽ نه وري ھُو سماج کي قبول ٿا ڪن. ھُو حساس آھن، ان ڪري خود ترسي (self pity) ۾ مبتلا آھن. شوڪت پنھنجي ھڪ افساني ”اشارو“ ۾چوي ٿو:
”ھا تون حساس آھين، پر رڳو پنھنجي لاءِ، پنھنجي ذات جي حد تائين. ٻئي ڪنھن کي ڪا تڪليف آھي، ڪو مسئلو آھي، ان جو احساس توکي ڪٿي ٿيندو! جيستائين ٻئي جي جذبات جو واسطو آھي ته تنھنجو حساس پڻو ڪيڏانھن گم ٿيو وڃي؟
ساڳي ئي افساني ۾ پنھنجي Misfit ھئڻ جو ورجاءُ ڪندي لکي ٿو:
”پر جنھن ماڻھو جي شخصيت ئي اونڌي ھجي، اھو انڌيون ابتيون ڳالھيون نه سوچيندو ته ٻيو ڇاڪندو؟ آءُ ڪيتري ڪوشش ڪرڻ جي باوجود پاڻ کي دنيا سان ٺھڪائي نه سگهيو آھيان، ھر ھنڌ، ھر ڪنھن سان، ھر ڳالھه ۾ Misfit .“
”رات جو رنگ“ نالي ڪھاڻيءَ ۾ پڻ شوڪت ساڳي ڳالھه ڪجھه ھن ريت ڪئي آھي.
”اوچتو ھن زور سان رڙ ڪئي: واھيات . . . ھڪدم ڇرڪي آسپاس ڏٺائين. چرين وانگر رڙ ڪرڻ تي کيس شرم آيو، پر ھن کي حيرت لڳي ته ڪنھن جو به ڏانھنس ڌيان ڪونه ھو. ماڻھن ڄاڻي واڻي ھُن ڏانھن ڌيان ڪونه ڏنو يا . . . ڪا ٻي ڳالھه ھئي. ھُن جو ساھ ٻوساٽجڻ لڳو. تڏھن ھن کي احساس ٿيو ته اھا رڙ ھن جي نڙيءَ ۾ گھٽجي وئي ھئي. بزدل، ڀاري، ڊڄڻو . . . جيڪي ڪجھه چاھيان ٿو سو ڪري نه ٿو سگهان. رڳو رڙ به نه! ھن کي روئڻ اچي ويو، اھو به اندر ئي اندر ۾. ٻاھر ڪجھه به نه ھو. بيٺل پاڻي، ڄميل برف بنجي ويل – اندر گھڻي گهرائيءَ ۾ پاڻي ٽھڪي رھيو ھو ۽ پيڙا ھئي سڙڻ جي.“
شوڪت جي ڪھاڻين ۾ اھا بي وسي (Inertia)، اھا خود ترسي (Misfitness)، اھا خود ڪلامي (Soliloquy)، فيصلي جي گھٽتائي(Indeciveness)، بي حسي (Apathy)، سرد جذبات (Frigid sentiments)، ساڃھه جي وَھڪَ (Steam of consciousness)، پويان پُور (Flash back)، ۽ ٻيا اھڙا انيڪ مثال ملندا، جيڪي ان دور جي رُٺل ۽ ماحول کان مايوس نوجوانن جو اھڃاڻ ھئا. ھُو ڳالھه کي لڪائي ڇپائي، رومال ۾ ويڙھي، احتياط کان ڪم وٺندي ڪرڻ جا عادي نه ھئا. ڳالھه ڪيڏي به اگري، اڻ وڻندڙ يا ماڻھن جي نظر ۾ نامناسب ڇو نه ھجي، ھُو اھي سڀ ٻنڌڻ ٽوڙي، بي حجاب ٿي چئي ڏيندا ھئا،پنھنجي لاءِ توڙي ٻين جي لاءِ ”ھڪ ڊنل ماڻھو“ جيڪا منھنجي راءِ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ھزارين ڪھاڻين مان چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترين سُٺين ڪھاڻين مان ھڪ آھي، سا نه رڳو ڪھاڻيءَ جو بھترين مثال آھي، پر شوڪت شوري جي پنھنجي شخصيت جو پڻ عڪس آھي. ھن ڪھاڻيءَ ۾ اھي سمورا گڻ ملندا جيڪي نئين ڪھاڻي جي تعريف لاءِ(Introduction) ضروري آھن. ان ڪھاڻيءَ ۾ شوڪت شوري انڊلٺ جا ست ئي رنگ سموئي ڇڏيا آھن. ھن جي ٻولي، ڊائلاگ، مونولاگ، طنز ۽ پلاٽ جي چونڊ کان ويندي واقعاتي Locale جي تفصيلن تائين، سندس مھارت ۽ ذھانت ثبوت ڏين ٿا.
” . . . ريڪس سينيما کان اڳتي نيٺ ھن کي وجھه مليو. ھن دل جھلي وک وڌائي ۽ عورت جي ويجھو اچي ڳيت ڏئي ”ھلو“ چيائين.
عورت ھن ڏانھن ڏٺو ۽ مرڪي پئي.
”ھلو“ عورت وراڻيو، ھن جي دل ٿورو وڌي.
”دل ۾ نه ڪريو ته ڪٿي ويھي چانھه پيون“ ھن کي اھو جملو ڏاڍو عجيب لڳو. پر ھن کي سمجھه ۾ نٿي آيو ته پرائيوٽ عورت سان ڪيئن ڳالھائبو آھي.“
ڪردار جي اھا سادگي دراصل شوڪت جي(misfit) ھئڻ واري دليل جي پٺڀرائي آھي. ھن معاشري جا ڪارآمد ڪردار ۽ چلتا ڦرتا ماڻھو ايترا سادا، ايترا اٻوجھه، ايترا ڪمزور ڪونه ٿيندا آھن. اڳتي ھلي لکي ٿو:
”عورت چيو ”ڪا جاءِ آھي يا ھوٽل ۾ ڪمرو وٺڻو پوندو؟“
ھو مطلب سمجھي ويو. ”ان جي ڪا ضرورت ڪانھي. پاڻ کي نه ڪنھن جاءِ تي ھلڻو آھي نه ھوٽل جي ڪمري ۾.“
عورت ھن کي حيرت سان ڏسڻ لڳي.
”پوءِ تو مونکي وٺي ڇو آيو آھين؟.“
”آءُ توکي ان لاءِ نه وٺي آيو آھيان.“ ھن منھن ڦٽائي چيو.
ھن ڏٺو ته عورت جي منھن تي مايوسي اچي وئي.
ھن کيسي مان پگھار وارا پيسا ڪڍي ٽيبل تي رکيا.
”ٻن – ٽن ڪلاڪن جي لاءِ تنھنجي جيتري في آھي، سا ھنن مان کڻي وٺ.“
ھيءُ افسانو پڙھندي مون کي ڀارتي اردو ليکڪ ڪرشن گوپال عابد ياد اچي ويو. اھا عجيب ڳالھه آھي ته شوڪت شوري، ڪرشن گوپال عابد جو نالو به نه ٻڌو ھو. پوءِ به ايتري حيرت جھڙي ھڪجھڙائي!
شايد ان ڪري جو ھُو ٻئي ماڊرن ڪھاڻي جا پانڌيئڙا آھن. ھنن جا نيم، انداز ۽ اظھار ھڪ جھڙا آھن، پوءِ کڻي منجھن مڪان ۽ زمان جو فرق ڇو نه ھجي. ڪھاڻي جا ٻئي ڪردار بوريت (Boredom) جو شڪار آھن. يڪسانيت ھنن کي نستو، نٻل ۽ ڊڄڻو بڻائي ڇڏيو آھي. پر جڏھن ھو ٻئي پاڻ ۾ ملن ٿا، تڏھن ٿوري دير لاءِ ھڪ ٻئي جي لاءِ خوشي جا خزانا کڻي اچن ٿا.
شوڪت جي ھڪ ٻئي ڪھاڻي ”خوف جو موت“ پڙھي. مون کي ھيمنگوي جي ڪھاڻي Killer ياد اچي وئي. ڪھاڻيءَ جو ھيرو دشمن کان لڪندو ڀڄندو، ڪنھن اڻڄاتل ننڍڙي ڳوٺ ۾ وڃي ٿو رھي. رات جو گهر جا دروازا ۽ دريون بند ڪري سمھي ٿو ۽ ڏينھن جو ضروري ڪم کان سواءِ ٻاھر نه ٿو نڪري. اھا يڪسانيت، خوف ۽ بوريت کي جنم ڏئي ٿي. ۽ پوءِ ھڪ ڏينھن جڏھن ڳوٺ جي ھوٽل وارو بيرو سھڪندو کيس اچي ٻڌائي ٿو ته ”تنھنجي خون جا پياسا ھت به پھچي ويا آھن ۽ توکي مارڻ لاءِ ڄاڻ ته بس آيا ڪي آيا. توکي اڃان به وقت آھي ته تو پوئين در کان نڪري وڃ! “ تڏھن ھو بيري کي واپس وڃڻ جو چئي، ٻاھريون در چڱي طرح کولي، بستري تي ليٽي سندن انتظار ڪري ٿو.
”خوف جو موت“ ۾ به شوڪت اھڙي ئي ڪاريگريءَ سان ڪامل جو ڪردار جوڙيو آھي. ڪامل ۽ سندس گهر واري زينب حيدرآباد ۾ ”ٻولي واري فساد“ جي زماني ۾ پناھگيرن جي گھيري ۾ اچي وڃن ٿا. ڏينھن رات گولين جا آواز گونجن ٿا. موت اکين آڏو بيٺو آھي. زينب جي منٿن تي ڪامل سنڌين جي وسنديءَ ۾ لڏي وڃڻ لاءِ ھٿ پير ھڻي ٿو ۽ آخرڪار ھڪ مسواڙي جاءِ ڪرائي تي وٺڻ لاءِ راضي ٿئي ٿو. شام ڌاري جڏھن گهر ڇڏڻ جي تيارين ۾ آھي، تڏھن جاءِ جي مالڪياڻي سودي تان ڦري ٿي وڃي ۽ ڪامل مايوس ٿي موٽي گهر اچي ٿو.
”گهر جي چاٻي وٺي آئين؟“
”نه پاڻ کي ڪيڏانھن به ناھي ھلڻو. پاڻ ھتي ئي رھنداسين پنھنجي گهر ۾، جتي گهر ۾ منھنجا سمورا وڏا، بابو ۽ امان مري ويا، ان گهر ۾ پاڻ مرڻ کان ڇو ڊڄون. اڄ کان ڊپ ذھن مان ڪڍي ڇڏ. اُلڪو نه ڪر.“
ڪامل کٽ تي ليٽي پيو ۽ سگريٽ دکائي آرام سان سوٽا ھڻڻ لڳو.
موت جو خود جڏھن حد کان وڌي وڃي ٿو ۽ ڀڄڻ جي ڪا واھ نٿي سُجھي تڏھن اوچتو ئي اوچتو ڪمزور کان ڪمزرو ماڻھو به خوف جي موت جو فيصلو ڪري ٿو. شوڪت جي ھي ڪھاڻيءَ پنھنجي اُڻت ۽ گھڙت جي لحاظ کان نه رڳو ھڪ مڪمل ڪھاڻي آھي بلڪه ڌاڙيلن ۽ دھشتگردن جي گھيري ۾ ڦاٿل مجبور ۽ لاچار ڌرتي ڌڻين لاءِ ھڪ وقتائتو سينھو پڻ آھي. ڪامل ۽ زينب توڙي حاجي صاحب ۽ سندس گهر واريءَ جي ڪردار نگاري (Characterization) به خوب آھي. پر ڪردار نگاريءَ جي معراج تي شوڪت کي ڏسڻو اٿو ته سندس ڪھاڻي ”اڌورا ماڻھو“ پڙھو. پروين ھڪ تيز ترار، وات وائِکي، ھمٿ ڀري ۽ بي ڊپي عورت آھي. نياز ان جي ابتڙ ساڳيوئي ڪمزور، ڊڄڻو ۽ بي ھمت انسان. ٻنھي جي گفتگو ۽ ھلت چلت کي چٽڻ وقت ليکڪ پنھنجي فن جي اوچاين تي پھتل آھي:
ھوءَ کلڻ لڳي ”اھو ته ڪجھه ڪونه ھو. مون ته توکي Real kiss ڪرڻ ٿي چاھي. پر ڏٺم ته تون صفا ڀاڙي آھين. مون کي ڊپ ٿيو ته تون مون کان ڪڏھن ڀڄين ويندينءَ.“
”جيڪڏھن توکي ايڏو خيال آھي ته پوءِ ٻين ماڻھن اڳيان ھلڪڙائي نه ڪندي ڪر.“
”يار، تون ته صفا ڪو شرم ٻوٽي آھين.“ پروين کلندي چيو، ”پر ترس، ٿورن ڏينھن ۾ توکي سڌاري ڇڏيندس.“
”تو مون کي ذليل ڪرڻ جو پروگرام ٺاھيو آھي. ان ڪم لاءِ رڳو آءُ توکي ھٿ آيو آھيان؟“
”مون کي تو تي رحم اچي ٿو يار. تون صفا ٻائو ٻُڌو آھين. ماڻھو ڇوڪرين تي عاشق ٿيندا آھن ۽ تون چاھين ٿو ته ڇوڪريون تو تي عاشق ٿين! تون آخر چاھين ڇا ٿو؟ ايترو سھڻو به ڪونه آھين جو ڇوڪريون توتي مرنديون وتن.“
ساڳئي ئي ڪھاڻيءَ ۾ نياز جي روپ ۾ اھو ساڳيو ئي بي ھمت، خوفزده ۽ اُٻاڻڪو ڪردار سامھون اچي ٿو، جيڪو نئين ڪھاڻيءَ جي ھيرو جي علامت بنجي چڪو آھي.
نياز جي زباني:
”آءُ سچ پچ به جذباتي ماڻھو آھيان. خوابن جي دنيا ۾ رھندڙ. پنھنجي خوابن جي تعبير مون کي ڪڏھن نه ملي آھي ۽ جي ملي به آھي ته اڌوري اڻ پوري. آءُ چاھيان ٿو ته ڪير مونکي سمجھي، مون کي سنڀالي، مون کي سھارو ڏي.“
جڏھن سندس ئي لکيل جملا پڙھي رھيو ھوس، تڏھن فون ڪري چيومانس، ”شوڪت، ھيءَ ته پنھنجي ڪھاڻيءَ لکي اٿئي.“
کلندي وراڻيائين،”ضرور پنھنجي شخصيت جو پاڇو ته ھوندو.“
چوٿين جولاءِ 1977ع ۾، ڳوٺ حاجي نور محمد شورو، تعلقو سجاول ضلعو ٺٺو ۾ عبدالڪريم شوري جي گهر ۾ پيدا ٿيندڙ شوڪت حسين شورو ايم اي تائين پڙھيو آھي. سنڌي ادبي بورڊ، پاڪستان ٽيلويزن ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ڪئي اٿائين. گذريل ستن سالن کان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ڊائريڪٽر آھي. 1964ع ۾ پھرين ڪھاڻي لکيائين. ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي ڊراما لکيائين. سندس ڪھاڻين جا ھن وقت تائين ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آھن. ”گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس“ ۽ ”اکين ۾ ٽنگيل سپنا“ سنڌ ۾ شايع ٿيا، ٽيون ڪتاب ”گم ٿيل پاڇو“ ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيءَ سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن طرفان الھاس نگر مان ڇپايو. ھندستان جي دورن دوران مون ڏٺو ته شوڪت اتان جي ليکڪن ۾ ڏاڍو مقبول آھي. کيس چاھيندڙن جو تعداد بي انتھا آھي. خود سنڌ ۾ پڻ ھو سڀ کان وڌيڪ غير متنازعه شخصيت طور ڄاتو ويندو آھي. سنڌالاجيءَ کي سنڀالڻ ۽ سھيڙڻ سندس عظيم ڪارنامو آھي.
حيدرآباد(دکن) ۾ سندس واقفيت ڪرائيندي چيو ھوم، ”ھيءُ اسان جو دوست تمام گھٽ ڳالھائيندو آھي. سال ۾ ھڪ ٻه جملا ڳالھايئن ته سمجھو وڏي کيپ کٽيائين.“ ھاڻي به جڏھن سندس لڳاتار خاموشيءَ کان بيزار ٿيندو آھيان ته چوندو آھيانس، ”شوڪت تون به ته ڪجھه چئه.“
ساڳئي معصوم مرڪ چپن تي آڻي چوندو آھي ”تون جو ڳالھائين پيو!“

قمر شهباز

پيارا شوڪت !

ڪن جون ڳالھيون وڻنديون آھن،
ڪن جي ماٺ سھڻي ھوندي آھي.
تنھنجي ماٺ!
رکي رکي ماٺ واري پردي مان
ٻن لفظن جو جھاتي پائڻ،
ٿوري ۾ اِھو ئي تنھنجو خاڪو
وري وري تري ٿو اچي
منھنجي نيڻن ۾
ڪاش! تو سان
ڪجھه گھڙيون گھاري سگهان ھا.
تون مليو ھئين؟
الائي ھا يا الائي نه،
مونکي شڪ ٿو ٿئي،
پنھنجو پاڻ تي،
تنھنجي ماٺ تي،
مان پڙھڻ ٿو چاھيان،
ھڪ ناپاس وديارٿيءَ جيان.
تون مون سان ماٺ ۾ ئي رھج!
باقي پڙھڻ منھنجو ڪم آھي.
اِھو ڏوراپو
جو مان ڀت تي اِتي لکي ويو آھيان،
پڙھي سگهين ته پڙھج!


نند جويري

ڇپائيندڙ پاران

سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر واري پيڙھه ”ڳالھه “ کان شرو ع ٿئي ٿي، ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونھي ته سنڌي ڪھاڻي ۽ سنڌي ناول مغربي ادب ۽ ننڍي کنڊ جي بنگالي، هندي ۽ اردو ادب جي نثر کان تمام گهڻو متاثر رهيو آهي. شروعاتي دو ر ۾ شرٽ چندر چئٽرجي، ڊپٽي نذير احمد، منشي پريم چند ۽ ٻين جي رومانوي ۽ اصلاحي ڪھاڻين سنڌي ڪھاڻيءَ کي متاثر ڪيو. ورهاڱي کان پوءِ خاص طرح سان ون يونٽ واري دور (1955-67ع) ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ تخليقي ۽ مزاحمتي لکڻين جو هڪ ادبي ڌماڪو (Literary Blast) نظر اچي ٿو ، جنهن ۾ سنڌي شعر ۽ سنڌي ڪھاڻي پنهنجي تاجي پيٽي ۾ وڏي اتم نموني ۽ اُڻت جي اعليٰ درجي تي نظر اچي ٿي. سنڌي ادب جو اهو مزاحمتي دور هو، جنهن ۾ اعليٰ تخليقي طور سنڌي ڪھاڻي، سنڌي ناول، سنڌي شعر ججهو لڀي ٿو ۽ اِها ادبي تخليق ڌرتيءَ منجهاران ائين اوڀڙ ٿي اڀري ٿي. جيئن ٿر جي واريءَ مان وسڪاري کان پوءِ ڌاڃوري ڦُٽندي آهي.
شوڪت حسين شوري جون لکيل ڪھاڻيون به انهيءَ پُربھار ادبي دور واري سنڌ جي سماجي پس منظر ۾ سرجندي نظر اچن ٿيون ۽ انهن جا ڪردار پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ ثقافت ٍ سان اڻ ميو پيار ڪندي، سماج جي زخمن تي قل جي نشر زني ڪندي نظر اچن ٿا. هن مجموعي ”رات جو رنگٴ ۾“ ڪھاڻين جي ججهائي انھيءَ سنڌي ڪھاڻيءَ واري شاندار دور سان تعلق رکي ٿي. انھيءَ دور ۾ سنڌ ۾ ڀٽائيءَ کان پوءِ وارو فڪري لحاظ سان اعليٰ شعر پڻ سرجندي نظر اچي ٿو، انھيءَ دور کي نئين سنڌ جي جنم جي نويد چئجي ته اجايو نه ٿيندو.
سنڌي ادبي بورڊ انھيءَ دور سان تعلق رکندڙ اديبن جي ڪھاڻين جي مجموعن ڇپڻ جو فيصلو ڪيو آھي، انھيءَ سلسلي جي ھيءَ پھرين ڪڙي اوھان لائق پڙھندڙن جي ھٿن ۾ آھي. اميد آھي ته ادب جي رنگارنگي واري ھن بازار ۾ ”وکر ڍيرون ڍير“ ۾ ھيءُ مجموعو پنھنجي اصل جڳهه ماڻيندو.


پروفيسر سيد زوار حسين شاھه نقوي
سيڪريٽري
(سنڌي ادبي بورڊ) ڄامشورو

ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن بابت

سنڌي ڪتابن جي پڙھندڙن جو ھڪ محدود تعداد آھي جيڪو ڪتاب خريد ڪري پڙھي ٿو. ڪجھ پاپولر ليکڪن کي ڇڏي گهڻن ليکڪن جي ڪتابن جو پھريون ايڊيشن ئي ڇپجي سگهندو آھي ، ھڪ عرصي کان پوء اھي ڪتاب ائين گم ٿي ويندا آھن ڄڻ ڪڏھن ڇپيائي ڪونہ ھئا. ڪيترائي اھم ڪتاب گمنامي ۾ ھليا ويندا آھن. ان مسئلي کي نظر ۾ رکندي ھڪ وڏي سرڪاري علمي ادبي اداري کي ڪروڙين رپين جي گرانٽ ڏني وئي ھئي. مقصد اھو ھو تہ سمورن سنڌي ڪتابن جي آن لائين لائبريري جوڙي وڃي . انھن ڪتابن تائين نہ رڳو عام پڙھندڙن جي پھچ ھجي، ساڳئي وقت اھي ڪتاب ھميشہ لاء محفوظ بہ ٿي وڃن. پر سرڪاري ادارن کي مليل فنڊ ائين ھوندا آھن جيئن آنڊن جا واھي گدڙ ھجن. ڪو ٿورو معمولي ڪم ٿيو باقي رقم ھڙپ ٿي وئي.
اھڙي اھم سرڪاري اداري جي ڀيٽ ۾ سنڌ سلامت جي ٽيم سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي نالي سان آنلائين سنڌي لائبريري جوڙي آھي، بنا ڪنھن سرڪاري سرپرستي ۽ گرانٽ جي پنھنجي ھڙان وڙان خرچ ڪري ھڪ شاندار ۽ تاريخي ڪم ڪيو آھي. سنڌ سلامت گهر ۾ سنڌي پڙھندڙن کي ھڪ وڏو علمي ادبي خزانو مفت مھيا ڪري ڏنو ويو آھي. اھي ھزارين ڪتاب نہ رڳو آن لائين پڙھي سگهجن ٿا پر ڊائون لوڊ بہ ڪري سگهجن ٿا.پھرئين ايڊيشن کان پوء گم ٿي ويل ڪتاب اتي موجود آھن. ڪي اھڙا ڪتاب پڻ آھن جيڪي ڪنھن سبب جي ڪري ڇپجي ڪونہ سگهيا پر اھي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ موجود آھن. ايڏي وڏي ڪم لاء سڌ سلامت گهر جي سڄي سنگت خراج تحسين جي لائق آھي.

- شوڪت حسين شورو

ڪھاڻيون

---

رات جو رنگ

هو پاسا بدلائي بدلائي بيزار ٿي پيو، پوءِ به هن اٿڻ نٿي چاهيو. واچ ۾ ٽائيم ڏٺائين، جيتوڻيڪ ٿوري دير اڳ ۾ ٽائيم ڏسي چڪو هو. اڃا تائين ڏهه به ڪو نه ٿيا هئا. هونءَ اٿڻ جو ٽائيم اٺ هو. ڏهين ڌاري آفيس جي گاڏي کڻڻ ايندي هئي. پر اڄ رڃ جهڙو ڏينهن هو. موڪل جو ڏينهن وڏي مصيبت ٿي پوندو هو، ايڏو ڊگهو ڏينهن جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندو هو. ائين لڳندو هو ڄڻ سج به ان ڏينهن تي موڪل ڪندو هو. ۽ سستيءَ وچان رڙهندو ساهيون پٽيندو ويندو هو. هن کي ڊپ هو ته اک کولڻ سان اهي ئي ڏٺل وائٺل مهانڊا نظر ايندا، اهي ئي هميشه واريون ساڳيون ساڳيون ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. سندس پارٽنر وقت ڪاٽڻ لاءِ تاس ويهي کيڏندا ۽ پاڻ هنن کي راند ڪندي ويهي ڏسندو. کيس راند ڪانه اچي. وڌ ۾ وڌ ڪو ڪتاب کڻي پڙهندو. پرهاڻي ته ڪتابن مان ڪڪ ٿي پيو هو. ڌيان سان ڪتاب پڙهي نٿي سگهيو. صفحن جا صفحا پڙهي وڃڻ کان پوءِ کيس احساس ٿيندو هو ته الاجي ڇا پڙهي ويو. وري پنا اُٿلائي ٻيهر پڙهندو هو. گذريل هڪ سال کان اها حالت لڳاتار هئي- روٽين لائيف، بيزاري، مردگي؛ زندگيءَ جو، تبديليءَ جو، رنگينيءَ جو احساس مري ويل.
’لڳي ائين ٿو ڄڻ ڪيترن سالن کان فريزر ۾ بند پيو آهيان ۽ ڄمي برف بنجي ويو آهيان. پر برف ته ٻاهر نڪرڻ سان رجي ويندي آهي ۽ پاڻي وهڻ لڳندو آهي. وهندڙ پاڻي مون کي وڻندو آهي. بيٺل پاڻي ڏسي من منجهندو آهي. وهندڙ پاڻيءَ وانگر ماڻهو به هلندو رهي. هڪ هنڌ ڄمي نه وڃي.‘
هن اکيون کولي ڏٺو. هن جا سمورا پارٽنر اڃا ستا پيا هئا، ڏاڍي مزي ۾. اهي حالتن مان مطمئن نه هوندي به ٺيڪ ٺاڪ هئا. هنن کي ڪچهرين ڪرڻ، اجاين ڳالهين ڪرڻ، يٽن شٽن هڻڻ مان مزو ٿي آيو. اهي سڀ نارمل قسم جا ماڻهو هئا. ’ماڻهو هجي ته نارمل هجي، نه ته ائبنارمل ماڻهوءَ جي لاءِ وري جيڪو حساس به هجي ته ان لاءِ زندگي عذاب آهي. مون ۾ بيزاري پهرين کان هئي. پنهنجي پاڻ کان بيزاري، حالتن کان بيزاري. پر هاڻي اهو احساس وڌندو وڃي وير وانگر منهنجي مٿان چڙهندو اچي. حالتن جو اڻ کٽ وهڪرو آهي. وس ۾ ڪجهه ڪونهي. رڳي بيوسي، لاچاري ۽نتيجي ۾ خار ۽ نفرت پاڻ کان، جو لڳي ته ڏوهه پنهنجو آهي. دنيا سان، حالتن سان ’ائڊجسٽ‘ نٿو ڪري سگهان. ماڻهو ٻين لاءِ ته آزار آهي ئي آهي، پاڻ لاءِ به آزار آهي. جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو پاڻ جهنم بنجي وڃي ته ان لاءِ زندگي گذارڻ ڪيڏي نه ڏکي آهي. مون کي لڳي ٿو ته آءٌ ائين ٿي ويو آهيان. مون ائين چاهيو ڪونه هو. پر چاهڻ نه چاهڻ سان فرق ڪهڙو ٿو پئي. حقيقت اها آهي ته هي سڀڪجهه جيڪي ٿيو آهي سو الائي ڪيئن آهستي آهستي يا اوچتو ٿي ويو... مون کي خبر به ڪانه پئي ته آءٌ روڳي بنجي ويو آهيان.‘
پارٽنر هڪٻئي پٺيان اُٿڻ لڳا. هن وري اکيون ٻوٽي سمهڻ جو ڍونگ ڪيو. هن جي بيزاري وئي وڌندي. ڳچ دير کان پوءِ هن جي دل چاهيو ته اٿي رڙيون ڪري. هو ڪاوڙ وچان لت سان چادر هٽائي اٿي ويٺو ۽ پوءِ دستور موجب تيار ٿيڻ لڳو.
”پارٽنرن اڄ ڪاڏي تياري ؟“ هڪڙي پڇيو
”دوست کي ٽائيم ڏنل آهي،“ هن مختصر جواب ڏنو.
”يار، ڪڏهن اسان کي به ٽائيم ڏي.آخر اسان جو به ته حق آهي.“
”اوهان سان گڏ رهان ٿو. هيڪاندا آهيون- ان کان وڌيڪ ڪهڙي ڳالهه آهي.“
”ڇڏ يار، رات جو الاجي ڪيڏي مهل اچين ۽ تون اڃا صبح جو ستو ئي پيو هجين ته اسين هليا وڃون. ماڻهو ويهي ڪچهري ڪري، مزو تڏهن آهي.“
”اسين ته سائينءَ سان ڪچهريءَ ڪاڻ سڪون پيا،“ ٻئي پارٽنر چيو.
”اهي ته اوهان جا قرب آهن، ڇا ڪجي- نوڪري اهڙي آهي. بهرحال، اڄ آءٌ سويل موٽي ايندس، پوءِ ڪچهري ڪبي.“
’۽ ان ڪچهريءَ ۾ آءٌ رڳو ٻڌندڙ هوندس،‘هن من ۾ چيو. وڌيڪ اينگهه کان بچڻ لاءِ هو جلدي تيار ٿي ٻاهر نڪري ويو.
موڪل هئڻ ڪري بس ۾ رش گهٽ هئي. ماڻهو آرام سان بيهي پئي سگهيو. ٻئي ڪنهن ڏينهن بس ۾ بيهڻ جي جاءِ به نه ملي ها. ماڻهو ائين ڀريل هوندا آهن ڄڻ ٽرڪ ۾ واڙيل رڍون ٻڪريون. گهٽ ٻوساٽ، پگهر جي ڌپ، لتون، ڪنڊيڪٽر جي ٿيلهه ٿيلان.
صدر. ايلفي- جتي ماڻهن کان وڌيڪ موٽرون ڪارون هونديون آهن، اتي اڄ ويراني ۽ اُجاڙ هئي. رڳو هوٽلون کليل هيون، پر انهن ۾ اهو گوڙ ڪونه هو. فوٽ پاٿن تي پراڻا ڪتاب رکيل هئا. ڍير مان ڪڏهن ڪڏهن سٺو ڪتاب نڪري ايندو آهي ۽ هونءَ ڪتاب ڳوليندي وقت به ڪٽجيو وڃي. هو ڳچ دير تائين ڪتاب ڏسندو ۽ ڳوليندو رهيو. هن ڀيري ڪوبه چڱو ڪتاب نظر نه آيو.”انگريزيءَ ۾ ايترو سارو ٽرئش لٽريچر ٿو لکجي! اهو ڪهڙي قسم جا ماڻهو پڙهندا هوندا؟“ هو نيٺ ٿڪجي اٿيو.
هو بوري بازار جي ويران گهٽين ۾ ايلفي، وڪٽوريا روڊ، ريگل جي آسپاس رلندو رهيو. ’هڪڙا ماڻهو آهن جن کي وقت نٿو ملي ۽ مون لاءِ وقت گذارڻ وڏو مسئلو آهي. هي رڃ جهڙو ڏينهن آخر ڪڏهن کٽندو؟ (جيستائين رڃ جهڙي حياتي اهي.) هيڏي ساري اجهاڳ شهر ۾ منهنجو وقت نٿو ڪٽجي، جتي وقت گذارڻ لاءِ هرڪا شيءَ ميسر آهي. پر اهي شيون رستن تي هاريون ته ڪونه پيون آهن....‘
هلي هلي هن جون ٽنگون ساڻيون ٿي پيون هيون. هو پئراڊائيز سئنيما وٽ ريلنگ تي ٻانهون رکي بيهي رهيو. ايڪڙ ٻيڪڙ ڪارون لنگهنديون رهيون. هڪ ٻن ڪارن ۾ هن کي ڄاتل سڃاتل مهانڊا نظر آيا ۽ هن منهن ڦيرائي ڇڏيو. هن کي خيال آيو ته اهي هن بابت ڇا سوچيندا ته وائڙن ۽ رول ماڻهن وانگر نوس نوس بيٺو ڪري. ’لعنت آهي. جنهن کي جيڪي وڻي سو وڃي سوچي. آءٌ پنهنجو پاڻ کان به ڊڄان ۽ ٻين کان به ڊڄان..... وڏو نيچ آهيان، خسيس آهيان. احساس ڪمتريءَ جو مريض آهيان. مون کي پاڻ کان نفرت آهي... نفرت آهي.....‘ هن ريلنگ تي زور سان مڪون وهائي ڪڍيون، سندس هٿ ڏڪڻ لڳا. هن کي سندس آفيس ۾ ٿيل ڪالهوڪو واقعو ياد اچي ويو.
”جي؟“ ڇوڪريءَ هن کان ٽيون ڀيرو پڇيو. ”معاف ڪجو، مون کي اوهان جي ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي!“
”چوي ٿو ته تنهنجا ڪاغذ اڃا پڙهي نه سگهيو آهيان. هاڻي جلدي پڙهي، خط وسيلي ٻڌائيندس،“
ٻي ڇوڪريءَ ساهيڙيءَ کي سمجهائيندي چيو.
هو هروڀرو ڪاغذن کي اٿلائي پٿلائي رهيو هو. نگاهون ڪاغذن ۾ هيون، پر سڄو ڌيان ڇوڪرين جي سس پس طرف هو.
”ايترو آهستي ٿو ڳالهائي جو مون کي ته ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي. تون الاجي ڪيئن ٿي سمجهينس؟“
”پهريون ڀيرو ته مان به ڪانه ٿي سمجهان.“ ٻئي وات تي هٿ رکي کلڻ لڳيون. هن جي جسم مان پگهر ڦٽي نڪتو. هن کي خيال آيو ته وڌيڪ وقت چپ رهيو ته چوتيو لڳندو.
هن ڪوشش ڪري ڏاڍيان چيو: اوهان ويجها ٿا رهو يا پري؟“ هن کي پنهنجو آواز وڌيڪ وڏو ۽ غير فطري لڳو.
”نه، منهنجو گهر ڪافي پري آهي. ڪراچيءَ ۾ سواريءَ جو وڏو مسئلو اهي. رڪشائن وارا ته اصل نواب آهن. جنهن طرف پاڻ وڃڻ چاهين ته مسافر به ان طرف وڃن....“
”اوهان جي ڪم ۾ ٿوري دير لڳندي،“ هو وچان ٻي ڳالهه ڪري ويٺو. پر ڇوڪريءَ هن جي ڳالهه سمجهي ڪانه.
”ها، اها روز جي مصيبت آهي. رڪشا وارن کي چوڻ وارو ڪوئي ڪونهي. پوليس سان ته هنن جو حساب ڪتاب هوندو آهي، ان ڪري شڪايت جو ڪو اثر نٿو ٿئي.“
”اصل ۾ سڄو نظام ئي اهڙو آهي. اسان وٽ به اوهان کي هروڀرو دير ٿي وئي آهي،“ هن مذاق پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
”جي!“
ٻي ڇوڪري کلڻ لڳي:”ٻئي هڪٻئي جي ڳالهه نٿا سمجهو.“
هو ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ لڳو هو.
”سائين، اوهان هتي بيٺا آهيو؟“ هن ڇرڪي ڏٺو. سامهون آفيس جو ڪو ماڻهو بيٺو هو.
”اوهه! آءٌ هتي ٽئڪسيءَ جي لاءِ بيٺو آهيان،“ هن جند ڇڏائڻ چاهي.
”سائين، هتي ته ٽئڪسي ملڻ مشڪل آهي. مان اوهان کي هٿ ڪري ڏيان؟“
”نه نه، تون ڀلي هل. آءٌ پاڻهي هٿ ڪندس.“
هو کيس عجيب نظرن سان ڏسندو هليو ويو.
”ماڻهو ڪٿي به نٿا ڇڏين. منهنجي مرضي، آءٌ ڪٿي بيهان.“ هو اتان هلڻ لڳو. سامهون هوٽل تي نظر پيس. اندر هليو ويو ۽ خالي ٽيبل تي وڃي ويٺو. بيرو پاڻيءَ جو گلاس کڻي آيو. چانهه آڻڻ لاءِ چئي، هن آسپاس ڏٺو. سڄي هوٽل ۾ هن کان سواءِ ٻيو ڪو به اڪيلو نه هو.
”تون ايترو آهستي ڇو ٿو هلين؟ ائين سنڀالي سنڀالي قدم کڻندو آهين، ڄڻ ڊڄندو هجين ته ڌرتيءَ کي تڪليف نه ٿئي،“ هڪ دوست چيو هئس. پر پوءِ هن پاڻ جڏهن ان ڳالهه تي غور ڪيو ته کيس دوست جي ڳالهه صحيح لڳي هئي.
’زندگي جيئڻ جي قابل ناهي يا مون ۾ جيئڻ جي صلاحيت ڪانهي. جيئڻ به هڪڙو فن آهي، جيڪو مون کي ڪڏهن نه آيو. اهڙي اڻ پوري، غلط ۽ مضحڪ خيز طريقي سان جيئڻ مان ڪهڙو فائدو. موت ته ڪڏهن به اچي سگهي ٿو، پوءِ ماڻهو ويٺو انتظار ڪري ۽ عذاب سهي!“
اڳ ڪئين ڀيرا سوچيل ڳالهه هن جي ذهن ۾ وري آئي. الاجي ڪيتري وقت کان آءٌ ان تي سوچيندو رهيو آهيان ۽ همٿ نه ساري سگهيو آهيان. پر هاڻي، هن گهڙيءَ مون کي پڪو ارادو ڪرڻ کپي. منهنجي لاءِ اهو ئي هڪڙو باعزت طريقو آهي، نه ته آءٌ پنهنجو پاڻ کان نفرت جي جهنم ۾ جلندو رهندس. مون کي اڄ ئي پنهنجو انت آڻڻ کپي، اڄ ئي.....‘ هن پڪو پهه ڪيو. هن جي اڳيان ٽيبل تي پليٽ ۾ بل رکيو هو. هن کي حيرت لڳي ته چانهه ڪيڏي مهل پي ڇڏيائين. ڪوپ خالي هو ۽ ان جي تري ۾ ٿوري بچيل چانهه هئي.
کيسي مان پئسا ڪڍندي هن سوچيو ته ڪهڙي جاءِ موزون ٿيندي. کيس سمنڊ جو خيال آيو. ’ها، سمنڊ وڌيڪ ٺيڪ آهي. سمنڊ هميشه منهنجي من کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو آهي. سمنڊ ڏسي مون کي ڇڪ سان گڏ هيبت محسوس ٿيندي آهي. آءٌ پاڻ کي سمنڊ جي بي انت ڪاراڻ ۾ گم ڪري ڇڏيندس ۽ ڪنهن کي خبر نه پوندي. آءٌ اهو نٿو چاهيان ته ماڻهو منهنجي موت تي ڳالهائن. جيئري ته مون تي ڳالهائيندا رهن ٿا. پر آءٌ انهن کي پنهنجي موت تي ڳالهائڻ نه ڏيندس. منهنجي ڪنهن کي خبر به نه پوندي.‘
هو اٿي بيٺو ۽ ڪلفٽن ڏانهن ويندڙ بسن جي اڏي طرف هلڻ لڳو. هڪڙي بس اڏي تان رواني ٿي رهي هئي. موڪل هئڻ سبب ڪلفٽن ڏانهن ويندڙ بسن ۾ گهڻي رش هئي. هن ٻي بس جو انتظار ڪرڻ نٿي چاهيو. هلندڙ بس ۾ چڙهڻ لاءِ ڍوڙيو. هن جو هٿ ڏنڊي ۾ پئجي ويو ۽ پير مٿي کڄي ويا. ٻيا به ماڻهو ٻاهر لٽڪي رهيا هئا. هن جي فقط هڪڙي پير کي فوٽ بورڊ تي جاءِ ملي سگهي ۽ ٻيو پير لٽڪندو رهيو. هٿ مضبوطيءَ سان جهليل هئا.
’جيڪڏهن آءٌ رڳو اهو هٿ کولي ڇڏيان ته دير ئي ڪانه لڳندي. اتي ئي ڪم پورو ٿي ويندو، پر اهو ٺيڪ ناهي. آءٌ پنهنجي موت کي تماشو بنائڻ نٿو چاهيان. موت جي پبلسٽي مون کي نٿي وڻي. ظاهر آهي ته بس روڪائي ويندي. ماڻهو ان کي اتفاقي حادثو سڏيندا پر ان سان گڏ مون کي لاپرواهه ۽ بس جي دروازي تي لٽڪندڙ شوباز سمجهندا. مائٽن، دوستن ۽ واقفڪارن کي منهنجي بيوقوفيءَ تي حيرت لڳندي. بس ۾ سفر ڪندڙ سڀ مون کي گاريون ڏيندا ته منهنجي ڪري هنن کي دير ٿي وئي. بس جو غريب ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر ڦاسندا. اهي سڀ ڳالهيون آهن، پر وڏي ڳالهه اها آهي ته ٿي سگهي ٿو ته آءٌ مران نه، بس کان ته پري وڃي ڪرندس، رڳو ٽنگون ٻانهون ڀڄن ۽ معذور ٿي پوان. هن وقت پاڻ تي بار آهيان، پوءِ ٻين تي بار ٿي پوندس.‘ خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. اڳيان بيٺل همراهه جو سڄو وزن هن تي پئجي رهيو هو ۽ سندس هٿ جي پڪڙ ڍلي ٿي رهي هئي. هن همراهه کي پنهنجي ڇاتيءَ سان ڌڪيندي چڙ وچان چيو، ”ڀائي صاحب، پاڻ سنڀال، ڪيرائين ٿو.“
همراهه هن ڏانهن ڪاوڙ مان ڏٺو. ”مون کي به ٻيا ڌڪي رهيا آهن،“ پر پوءِ به هن پاڻ سنڀاليو.
ڪجهه وقت تائين ذهن کي ويساند ملي وئي. هو سڄي واٽ پاڻ کي مضبوطيءَ سان سنڀالڻ جي جاکوڙ ڪندو رهيو. بس ڪلفٽن تي اچي بيٺي ته هن کي رڳو هٿ کولڻو پيو ۽ آسانيءَ سان لهي آيو. هٿ ۾ سور ٿي پيو هو ۽ تري لال ٿي وئي هئي. هو هلندو سمنڊ ڏانهن آيو. ٻار، عورتون ۽ مرد ڍوڙي ڊڪي رهيا هئا. ٽهڪ ڏيئي رهيا هئا، سڀ خوش هئا يا خوش هجڻ جو ڍونگ ڪري رهيا هئا. هو پاڻ به ته ائين ڪندو رهيو هو، دوستن ۽واقفڪارن جي اڳيان- منهن تي مطمئن هجڻ جو، خوش هجڻ جو ڪوڙو نقاب چاڙهي. جڏهن اڪيلائيءَ ۾ هو اهو نقاب لاهيندو هو ته من ڀرجي ايندو هوس. چاهيندو هو ته ان وقت ڪو هجي، جيڪو هن کي سمجهي سگهي.
- تنهنجو چهرو ايترو Expressionless ڇو آهي؟
- تون هميشه Confuse ۽ مايوس ڇو هوندو آهين؟
- تون چپ چاپ ۽ ڪهڙين سوچن ۾ هوندو آهين؟
- تنهنجا چپ چرندا رهندا آهن. چپن ۾ ڇا ڳالهائيندو آهين؟
- تو ۾ ڦڙتي ناهي! لڳندو آهي ڄڻ جيءَ کان بيزار آهين.... ۽ هن پاڻ کان پڇڻ چاهيو، ’تون ايترو وقت جيئرو ڇو رهيو آهين؟
اوچتو هن زور سان رڙ ڪئي: واهيات..... هڪدم ڇرڪي آسپاس ڏٺائين. چرين وانگر رڙ ڪرڻ تي کيس شرم آيو. پر هن کي حيرت لڳي ته ڪنهن جو به ڏانهنس ڌيان ڪونه هو. ماڻهن ڄاڻي واڻي هن ڏانهن ڌيان ڪونه ڏنو يا.... يا ڪا ٻي ڳالهه هئي. هن جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو. تڏهن هن کي احساس ٿيو ته اها رڙ هن جي نڙيءَ ۾ گهٽجي وئي هئي. هن کي پاڻ تي باهه وٺي وئي. ’بزدل، ڀاڙي، ڊڄڻو... جيڪي ڪجهه چاهيان ٿو سو ڪري نٿو سگهان، رڳو رڙ به نه!‘ هن کي روئڻ اچي ويو، اهو به اندر ئي اندر ۾. ٻاهر ڪجهه به نه هو. بيٺل پاڻي، ڄميل، برف بنجي ويل- اندر گهڻي گهرائيءَ ۾ پاڻي ٽهڪي رهيو هو ۽ پيڙا هئي سڙڻ جي.
هو ڪناري تي ٺهيل پٿر جي ديوار تي چڙهي ويٺو ۽ سمنڊ ڏانهن ڏسڻ لڳو. ڪجهه گهڙين کان پوءِ هو پاڻ کي انهن لهرن ۽ ويرن جي حوالي ڪرڻ وارو هو.
وقت واريءَ وانگر هن جي مٺ جي وٿين مان کسڪندو پئي ويو. هن کي خيال آيو ته هو ايترن سارن ماڻهن جي اڳيان نه مرندو. اهواُٿيو ۽ ڪنارو ڪنارو وٺي هلندو ويو ڪنهن ويران ۽ مناسب جاءِ جي ڳولا ۾. هو ماڻهن، ماڻهن جي ٽهڪن ۽ ٻارن جي گوڙ کان گهڻو پري نڪري آيو. اتي رڳو سمنڊ جي گجگاهه هئي ۽ ان جي مٿان اڇا پکي اڏامي رڙيون ڪري رهيا هئا. ڇوليون سندس پير پسائڻ لڳيون. هن پٺيان ڏٺو، ساڄي کاٻي ڏٺو ۽ پوءِ سمنڊ ڏانهن ڏٺائين. سندس اڳيان نيڻ نهار تائين بي انت سمنڊ هو. سمنڊ جون ڇوليون هيون- ننڍيون وڏيون ۽ سمنڊ جو جبل هو. هن پاڻ کي بيحد اڪيلو، ويچارو ۽ بيوس ڀانيو. هن سڄي حياتي ائين محسوس ڪيو هو. ’آخري گهڙين ۾ جڏهن آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان ڪجهه ڪري رهيو آهيان، پوءِ به پاڻ کي ويچارو پيو سمجهان!‘
کاٻي طرف ٽڪريون هيون. هن کي خيال آيو ته انهن ٽڪرين تي چڙهي آسپاس آخري نظر وجهي. هو جيئن هڪ ٽڪريءَ تي چڙهي رهيو هو ته ٻن ماڻهن جي ڳالهائڻ جا آواز ٻڌائين: عورت ۽ مرد. هو هٻڪي بيهي رهيو.
”مان هڪ معمولي حيثيت وارو ماڻهو آهيان. مان تو کي ايترو سک نه ڏئي سگهندس، جيترو تو کي مائٽن وٽ مليل آهي. مون تو کان ڪجهه نه لڪايو آهي، وينا، فيصلو توتي ڇڏيل آهي. ائين نه ٿئي جو سک ۽ آرام واري زندگي ڇڏي، سڄي عمر پڇتائيندي رهين!“
پوءِ هن عورت جو آواز ٻڌو. ”اسين ٻئي پڙهيل لکيل آهيون. روايتي پيار ۾ اسان جو يقين ڪونهي. اسين هڪٻئي جي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسي سگهون ٿا.سمجهي سگهون ٿا. سهي سگهون ٿا. گڏجي زندگي گذارڻ جي لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا کپي. بک اسين ڪونه مرنداسين. باقي عيش آرام نه هوندو ته ڇا ٿيو، اسين هڪٻئي لاءِ عيش آرام آهيون.“
”او وينا..... وينا....... منهنجي وينا....... تو مون کي تباهه ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. تو منهنجي بي رنگ زندگيءَ ۾ رنگ ڀري ڇڏيا آهن- سمنڊ جورنگ، ڌرتيءَ جو رنگ، ٽڪرين جو رنگ، آسمان جو رنگ ۽ شام جو رنگ..... الائي ڪيترا رنگ ڀرجي ويا آهن منهنجي بي رنگ زندگيءَ ۾!“
”عشق تو کي شاعري سيکاري ڇڏي آهي،“ ٽهڪ ڇولين جي سنگيت سان ملي ويندڙ. ”پر سٺي شاعر بنجڻ لاءِ عشق ۾ ناڪامي ضروري آهي.“
”نه نه، مان ناڪام شاعر بنجڻ وڌيڪ پسند ڪندس.“ سمنڊ جي ڇولين تي ترندڙ ٽهڪ.
هن جو سڄو جسم ڏڪي رهيو هو. وڌيڪ وقت بيهي نه سگهيو ۽ هلڻ لڳو. هو ٿڙندڙ قدمن سان واپس موٽڻ لڳو، پر کيس اها سڌ ئي ڪا نه هئي.
’ڇا ڪو ماڻهو ان آس تي پاڻ کي جيئڻ لاءِ مجبور ڪري سگهي ٿو ته ڪڏهن سندس بي رنگ زندگيءَ ۾ رنگ ڀرجي ويندا. سمنڊ جو رنگ، ڌرتيءَ جو رنگ، آسمان جو رنگ، شام جو رنگ..... شايد ڪڏهن ڪڏهن اهڙو معجزو ٿي پوندو آهي زندگيءَ ۾.‘ هن کي ياد آيو ته هو خودڪشي ڪرڻ جي لاءِ آيو هو، ’اها نجات ۽ ڇوٽڪارو جنهن کي آءٌ محسوس ڪري سگهان، ماڻي سگهان، سو ته موت ۾ به نه ملندو. اهو ته مرڳو لاحاصل آهي، زندگيءَ ۾ ڏک سور آهن، وک وک تي پيڙا آهي، پر اهي احساس آهن ته سهي، موت کان پوءِ اهي احساس به نه رهندا. آءٌ چاهيان ٿو ڇوٽڪارو، جنهن ۾ ڇوٽڪاري جو ڪو احساس نه هوندو.‘ هن پاڻ کي هلڪو هلڪو، بي وزن محسوس ڪيو. طبيعت جي ڳورائي لهي وئي هئي. ڊپريشن جي وير اڀري لهي وئي هئي. هو ائين سمجهڻ لڳو، ڄڻ هڪ وڏي هنگامي کان پوءِ ٺاپر اچي وئي هجي.
’ڪٿي مون ڊڄي خودڪشي ڪرڻ جو خيال لاهي ته نه ڇڏيو. نه، مون اهو لاهي نه ڇڏيو آهي. رڳو ڪجهه وقت لاءِ ٽاري ڇڏيو آهي. آءٌ انتظار ڪرڻ ٿو چاهيان. ڏسڻ ٿو چاهيان. شايد ڪڏهن حالتن ۾ ڦيرو اچي وڃي. اڃا ته گهڻو وقت پيو آهي. ڏسجي.....‘ هو وري ماڻهن جي ميڙ ۾ اچي پهتو. هن پاڻ کي عام ماڻهن جهڙو ڀانيو. هن جي دل ٿي ته ڪنهن سان ڳالهيون ڪري، ٽهڪ ڏئي.
گهڻا ماڻهو واپس موٽڻ جو سانباهو ڪري رهيا هئا. هن سوچيو ته کيس به واپس وڃڻ کپي. ٻه بسون بدلائڻيون هيون ۽ گهر ڪراچيءَ جي آخري ڇيڙي تي هو. هو بس اسٽاپ ڏانهن وڃڻ لڳو.
ماڻهو ميڙو ڪريو بس جي انتظار ۾ بيٺا هئا. سيٽ ملڻ جو آسرو گهٽ هو. هن پهه ڪيو ته ڪيئن به ڪري بس ۾ اڳواٽ چڙهڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ سيٽ تي ضرور ويهندو. هن بس ۾ بيٺل ماڻهن جي پيهه ۾ پيسجڻ نٿي چاهيو. هو اڃا ڪجهه پري هو ته بس اچي بيٺي. ماڻهو بس کي وڪوڙي ويا ۽ لهندڙ وڏي مشڪل سان لهڻ لڳا. هو ڍوڙندو بس ڏانهن وڌيو. روڊ اُڪرڻ وقت سندس نظرون بس جي دروازي ۾ هيون. روڊ تي تيزي سان ايندڙ ڪار جي ٽائرن جو زوردار چيڪٽ ٿيو. هن جي اکين ۾ مختلف رنگ نچڻ لڳا. ڌرتيءَ جو رنگ، آسمان جو رنگ، شفق جو رنگ ۽ اکٽ اونداهي رات جو رنگ.......

شاگرد اڳواڻ

هو اولڊ ڪيمپس جي بس اسٽئنڊ تي بيٺو رهيو. بسون شاگردن سان سٿجي نيو ڪيمپس وڃي رهيون هيون. هن هر ڀيري بس ۾ چڙهڻ لاءِ سوچيو ٿي- ۽ سندس پير هئا، جيڪي پنهنجي جاءِ تان چُريا ڪونه ٿي. هن وڃڻ چاهيو ٿي/ هن وڃڻ نٿي چاهيو. هن لاءِ فيصلو ڪرڻ مشڪل ٿي پيو هو. هن جيل ۾ سوچيو هو ته وري يونيورسٽي نه ويندو. پر ڇٽڻ کان پوءِ هڪ زوردار خواهش اڀري هئي هن جي من ۾: هڪ ڀيرو، فقط هڪ ڀيرو يونيورسٽي وڃڻ جي، ڏسڻ جي. ڇهه سال هڪ وڏو عرصو هو. جيل ۾ ته ائين ٿي لڳو ڄڻ سڄي عمر گذري وئي هئي. هن تي جيڪي به ڪيس هئا، تن ۾ هو واري واري سان سزا ڪاٽي چڪو هو. پوءِ به هن جي ڇٽڻ جا آثار نظر نٿي آيا. وقت هن جي ارادن ۽ سوچن ۾ وٿيون وجهندو، ڏار ٺاهيندو گذرندو رهيو. هن جي اندر ۾ آهستي آهستي ڪجهه ٽٽندو ڀرندو رهيو. شروع شروع ۾ ڪجهه دوست هن سان ملاقات ڪرڻ ايندا هئا ۽ هن کي ٻڌائيندا هئا ته سندس گرفتاري جي خلاف احتجاج جو سلسلو زور شور سان هلي رهيو آهي، ته هن کي ڪنهن به وساريو ناهي. پر پوءِ دوستن جو اچڻ به گهٽجي ويو. رڳو سندس پوڙهو پيءُ ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺان ايندو هو ۽ ٻڌائيندو هو ته ماڻهين روئي روئي اکيون وڃائي ڇڏيون آهن.
شنوائين تي ڪو دوست اتفاق سان ملندو هو ته کيس يونيورسٽي بابت حال احوال معلوم ٿيندو هو. تحريڪ ختم ٿي چڪي هئي. ڪلاس باقاعدي هلي رهيا هئا. سندس نالو يونيورسٽيءَ مان خارج ڪيو ويو هو. ايتري گوڙ گهمسان کان پوءِ هاڻي بنهه ٺاپر هئي.
”۽ اسان جا مطالبا؟“ هن پڇيو.
”انهن مان هڪڙو به ڪونه مڃيو ويو.“
”ڀلا عام ماڻهن جو رد عمل؟ ڪٿان ڪا پٺڀرائي ملي؟“ هن جي دوست ناڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
”باقي اسان ايتري جک ڪنهن جي لاءِ پئي هنئي؟“ هن چڙ مان چيو. سندس دوست ڪنڌ هيٺ ڪري بيٺو رهيو.
”ٻين ساٿين جو ڇا ٿيو؟“ هن وري پڇيو.
”انڊر گرائونڊ ٿي ويا آهن.“
”انڊر گرائونڊ!“هن ٽهڪ ڏنو.”ڀڄي وڃڻ لاءِ سٺو لفظ آهي.“ واپس ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ اچي هو لڳاتار سوچيندو رهيو: ’قومي جدوجهد ائين هلندي ته هڪڙا ڀڄي وڃن ۽ ٻيا ڀاڙي ٿي ويهي رهن! لعنت آهي اسٽوڊنٽس پاليٽڪس تي،‘ هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. ’پر جتي ملڪي سياست ۾ دم نه هجي، اتي شاگرد سياست جي ڪهڙي حالت هوندي! ڪنهن مضبوط سياسي آرگنائيزيشن کان سواءِ رڳو شاگرد سياست تي ڀاڙڻ خودڪشي ڪرڻ جي برابر آهي. اهو آهي هٿ وٺي نوجوان نسل کي تباهه ڪرڻو. اهي رڳو ضايع ٿيندا رهندا. ورندو سرندو ڪجهه به ڪونه.‘
ڳچ دير کان بس نه آئي هئي. هن ڏٺو ته اتي ڪافي ماڻهو گڏ ٿي ويا هئا. هو انهن ۾ ڄاتل سڃاتل مهانڊا ڳولڻ لڳو. سمورا ڇوڪرا ڇوڪريون اڻ ڏٺل هئا.
’ڇهه سال!‘ هن هڪ ڊگهو ساهه کنيو.
اوچتو ڀڄ ڀڄان لڳي وئي. بس آئي هئي. هو به ميڙ سان گڏ ڌڪجندو بس ۾ وڃي چڙهيو. سموريون سيٽون والارجي ويون هيون. هو ڏنڊي ۾ هٿ وجهي بيهي رهيو. اڳي بس ۾ چڙهندو هو ۽ ڪا سيٽ خالي نه هوندي هئي ته ڇوڪرا هن کي ڏسي زوريءَ پنهنجي سيٽ ڏيندا هئا. پر اڄ ڪنهن کي به خبر نه هئي ته هي اهو شخص هو جنهن لاءِ نعرا لڳندا هئا، جنهن کي هرڪو شاگرد سڃاڻندو هو ۽ سندس عزت ڪندو هو. اڳي يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد سياست رڳو ڇوڪرن تائين محدود هئي، پر هي پهريون شخص هو، جنهن ڇوڪرين کي به حصي وٺڻ تي آماده ڪيو. هن جي خيال ۾ شاگرد رڳو شاگرد هئا ۽ جيستائين سنڌي ڇوڪريون سرگرم نه ٿينديون، تيستائين سياسي ۽ سماجي طور اسين اڳتي وڌي نه سگهنداسين. هن جي همٿائڻ تي ڇوڪريون جنرل باڊي جي جلسن ۾ شريڪ ٿيڻ شروع ڪيو هو، نه ته اهي انهن ڳالهين کان پري رهنديون هيون.
هن کي هڪ ڳالهه ياد آئي:
هو ٻن ٽن دوستن سان گڏ فيڪلٽيءَ جي لان تي ويهي ڳالهيون ڪري رهيو هو ته ڪجهه ڇوڪريون اتي آيون ۽ هڪ ڇوڪري جيڪا سڀني ۾ وڌيڪ بولڊ ٿي لڳي، سا هن سان مخاطب ٿي:
” مان اوهان کان هڪ سوال پڇڻ گهران ٿي.“
هو ان ڇوڪريءَ کي سڃاڻندو هو. هن جو نالو حميده هو. هن پهرئين سال ۾ داخلا ورتي هئي، پر نئين هوندي به چڱي خاصي سرگرم هئي. هوءَ پنهنجي ڪاليج يونين جي صدر رهي چڪي هئي ۽ سٺي ڊبيٽر هئي.
”جي، ضرور پڇو، پر پهرين ويهو ته سهي. اوهان بيهي ائين پڇي رهيون آهيو، ڄڻ وڙهڻ لاءِ تيار ٿي آيون آهيو،“ هن مرڪي چيو. ڇوڪريون کلڻ لڳيون ۽ لان تي ويهي رهيون.
”هاڻ فرمايو؟“ هن چيو.
”يونيورسٽيءَ ۾ اچي اوهان ڪيترا ڇوڪرا عورتن جي آزاديءَ جا حامي بنجي ويندا آهيو. پر پنهنجي گهر ۾ پنهنجين ڀينرن کي سوگهو ڪري رکندا آهيو- اوهان اهو برداشت نه ڪندا آهيو ته اوهان جون ڀينرون به يونيورسٽيءَ ۾ اچن ۽ ڌارين ڇوڪرن سان ڳالهائين. اوهان پراين ڀينرن جي آزاديءَ جا حامي آهيو ۽ پنهنجين ڀينرن کي بند ڪيو ويٺا هوندا آهيو. اهو تضاد ڇو آهي؟“ حميده تقرير ڪري وئي.
”اهو تضاد پنهنجي جاءِ تي هڪ حقيقت آهي، ان کان مون کي انڪار ڪونهي. اسان جا ڇوڪرا گهڻو ڪري ٻهراڙين مان ٿا اچن جتي اڃا زرعي سماج آهي. زرعي سماج ۾ رسمن رواجن ۽ پابندين جي جڪڙ وڌيڪ هوندي آهي. اسان ۾ هڪ مضبوط مڊل ڪلاس پيدا نه ٿي سگهيو آهي جيڪو معاشري ۾ تبديلي آڻي سگهي. ان ڪري اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا ان ۾ قول ۽ فعل جو تضاد ڪا اهڙي عجيب ڳالهه ڪانهي.“
”جيڪڏهن اوهان جي ڪا ڀيڻ گهر ۾ بند هجي ته اوهان ڇا ڪريو؟“
”پهرين ڳالهه ته بدقمستيءَ سان منهنجي ڀيڻ ڪانهي. پر جيڪڏهن هجي ها ته ان کي ماءُ- پيءُ جي مرضيءَ تي هلڻو پئي ها، نه منهنجي مرضيءَ تي. آئون ماءُ- پيءُ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريان ها، پر آخري فيصلو وري به انهن جو ئي هجي ها.“
”جيڪو ماڻهو پنهنجو گهر نه سڌاري سگهي اهو قوم کي ڪيئن سڌاريندو؟“ حميده ڇوڪرين ڏانهن نهاري ٽوڪ ڪئي. ڇوڪريون مخصوص انداز سان کليون.
”اوهان جو مطلب آهي ته گهر وارن کي ڏنڊي سان سڌارجي!“
هن ٽوڪ جو جواب کلندي ڏنو. ڇوڪرن ٽهڪ ڏنو.
حميده اٿي بيٺي ۽ ڇوڪرين سان گڏ هلي وئي. ان کان پوءِ حميده ڪٿي منهن سامهون ايندي هئي ته شوڪجي هلي ويندي هئي. هڪ ڀيرو هن پاڻ حميده کي روڪيو.
”ڳالهه ته ٻڌو!“
”جي؟“ حميده شوڪجي چيو.
”مون کي لڳي ٿو ته اوهان جي مون تي ڪاوڙ آهي. پر منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي؟ جيڪڏهن مون کان ڪا گستاخي ٿي آهي ته ان لاءِ معافي ٿو وٺان....“
”نه نه، اهڙي ته ڪا ڳالهه ناهي،“ حميده هڪدم چيو.
”ٿي سگهي ٿو مون غلط سمجهيو هجي. خير، ڳالهه هيءَ آهي ته سڀاڻي مائي بختاور شهيد جو ڏينهن آهي. مناسب سمجهو ته ان موقعي تي اوهان به ڪجهه ڳالهايو.“
”پر مون کي ته مائي بختاور جي باري ۾ گهڻي خبر ڪانهي.“
”مائي بختاور هڪ هارياڻي هئي جنهن انگريزن جي دور ۾ هارين جي حقن خاطر لڙندي مرڻ قبول ڪيو. پر وڏيراشاهيءَ جي اڳيان نه جهڪي. اوهان مائي بختاور جي حوالي سان سنڌي عورت جي سياسي سجاڳيءَ تي ڳالهائجو.“
”ٺيڪ آهي، مان ڪوشش ڪنديس.“
”نه، پڪ ڏيو.“
حميده هن ڏانهن ڏسندي گهڙي کن ڪجهه سوچيو ۽ پوءِ کلي چيو، ”پڪ.“
بس ڪيمپس ۾ داخل ٿي وئي هئي. هن کي لڳو پنهنجي گم ٿيل دنيا ۾ صدين کان پوءِ موٽي آيو هو. سڀ ڪجهه ساڳيو هو/ سڀ ڪجهه بدلجي ويو هو. اهي ئي جايون هيون ۽ هر بلڊنگ جي ديوار نعرن سان ٿڦيل هئي- نعرا، سکڻا نعرا.... خالي دهل وانگر وڄندڙ. نعرا پڙهندي هن جي اندر ۾ ڪاوڙ اڀرڻ لڳي. بس فيڪلٽيءَ جي اڳيان اچي بيٺي. هو ماڻهن جي پيهه ۾ پيسجندو هيٺ لٿو.
فيڪلٽيءَ جي اڳيان ۽ اندر ڇوڪرن ڇوڪرين جا ٽولا بيٺا هئا. گپ شپ، کل، ٽهڪ. هو انهن ٽولن وٽان لنگهندو اندر گهڙيو. اڄاتل.... اڻ سڃاتل.... ڪنهن کي به خيال نه آيو ته هي اهو هو. هن جي اندر ۾ ڪنهن رڙ ڪئي: آئون آهيان اهو.... اهو آئون آهيان..... آئون آهيان.... ۽ هن مرڪي پاڻ کي چيو: تون ڪجهه به نه آهين. توکي هنن مان ڪير به ڪونه سڃاڻي. هو آڊيٽوريم جي در وٽ وڃي بيٺو. هال خالي هو. ان هال ۾ سندس آواز گونجندو هو ۽ ان جي پٺيان تاڙين ۽ نعرن جي ڌم هوندي هئي. هو آڊيٽوريم ۾ اندر گهڙي ويو ۽ هلندو هلندو پهرئين قطار وٽ اچي پهتو. ڪجهه دير انهن خالي سيٽن وٽ بيٺو رهيو ۽ پوءِ هڪ سيٽ تي وڃي ويٺو. سامهون ڊائس تي ٽي ڪرسيون رکيون هيون. وچ ۾ وڏي صدارتي ڪرسي ۽ پاسن کان ٻه ڪرسيون. هو انهن خالي ڪرسين کي تڪيندو رهيو. ان اسٽيج تي هن آخري تقرير ڪئي هئي ۽ اعلان ڪيو هو ته تحريڪ جاري رهندي جيستائين کسيل حق واپس نه مليا آهن. ان جي ٻي رات هاسٽلن تي ڇاپو لڳو هو ۽ هو گرفتار ٿي ويو هو. هو اکيون ٻوٽي سيٽ تي اهلجي پيو. شاگرد سنگت جي عهديدارن کي قسم کڻائڻ لاءِ جلسو ڪوٺايو ويو هو. قسم کڻڻ جي رسم پوري ٿيڻ کان پوءِ موسيقي جو پروگرام هو. سندس سمورا ساٿي ڪم کي جنبي ويا هئا ۽ هو انهيءَ سڄي قصي کان الڳ ٿلڳ رهيو. هن جو ڪم هو پنهنجي فيڊريشن جي اميدوارن کي چونڊن ۾ کٽائڻ. اهو ڪم پورو ٿي چڪو هو. هن جي ئي زور ڀرڻ تي حميده ڇوڪرين جي نمائندي طور چونڊن ۾ بيٺي هئي ۽ کٽي وئي هئي. هو آڊيٽوريم جي پويان لان تي ويهي سگريٽ مٿان سگريٽ دکائي پيئندو رهيو. موسيقي جو پروگرام شروع ٿي چڪو هو. سمورا ماڻهو اندر آڊيٽوريم ۾ هئا ۽ هو اڪيلو ئي اڪيلو لان تي ويٺو رهيو. هن کي لڳو ته ڪو ماڻهو اچي سندس پاسي وٽ بيٺو هو. هن ڪنڌ ڦيرايو.
”اوهين هتي ويٺا آهيو!“ حميده حيرت مان چيو هو.
”اچ ويهه“، هن چيو. هوءَ سندس اڳيان ويهي رهي.
”مان اوهان کي سڄي هال ۾ ڳوليندي رهيس..“
”ايتري رش ۾ ڪاهي پئينءَ ڇا مون کي ڳولڻ لاءِ؟“ هن کليو.
”قسم کڻڻ وقت اسين سڀ ڊائس تي ويٺا هئاسين ۽ منهنجون اکيون اوهان کي سيٽ سيٽ تي ڳولينديون رهيون.“
۽ هن جواب ۾ اياز جو شعر جهونگاريو: ’ميلي ۾ تون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو...‘
”اڄ سائينجن جي موڊ کي ڇا ٿيو آهي؟ فنڪشن ۾ ڇو نٿو هلين؟ سڀني ساٿين پڇا پئي ڪئي.....“
”ڪا خاص ڳالهه ڪانهي. هتي اچي ويٺس ته يڪو ويهي رهيس.“
”۽ هي ايترا سارا سگريٽ تو پيتا آهن؟ مون ايترا سگريٽ پيئندي ڪڏهن ڪونه ڏٺو تو کي. سچ ٻڌائي، ڇا ڳالهه آهي؟“
”بس. اڄ آئون پاڻ کي ڏاڍو اڪيلو پيو محسوس ڪريان. آيو هوس، پر ايترو گوڙ ڏسي آڊيٽوريم جي در تان موٽي ويس. اندر وڃڻ تي دل ڪانه ٿي.“
”پر آخر ڇو؟ هي گوڙ شور ۽ هل هنگامو ڪا نئين ڳالهه ته ناهي. تون ته هريل آهين انهيءَ سڀ تي!“
”سڀ اجايو آهي، حميده. شاگرد سياست جي انتها اها اٿئي.يونين جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري ٻئي ساڳئي فيڊريشن جا آهن، پر رات يونين فنڊ جي پيسن جي ورهاست تان پاڻ ۾ وڙهي پيا ۽ هڪ ٻئي تي پستول ڪڍي بيهي رهيا.“
”اها ڳالهه مون به ٻڌي آهي. آهي ته افسوسناڪ، پر ڇا ڪجي! خير، پوءِ ته وري ٺهي ويا نه پاڻ ۾؟“
هو کلڻ لڳو.
”سڄو سال رڳو وڙهڻ ۽ ٺهڻ ۾ گذري ويندو...“
”تو کي اڳ ۾ خبر نه هئي ڇا ته شاگرد سياست سطحي ۽ عارضي هوندي آهي!“
هن غور سان حميده ڏانهن ڏٺو.
”اها ڳالهه تنهنجي ذهن ۾ ڪڏهن آئي ته شاگرد سياست سطحي ۽ عارضي آهي؟“
”اها ته ظاهر ڳالهه آهي. هتان نڪرڻ کان پوءِ ٻيون سڀ ڳالهيون وسري وينديون. هر ڪنهن کي پنهنجي روزگار جي ڳڻتي هوندي. هتي واريون من مستيون وسري وينديون. پوءِ خبر پوندي ته پرئڪٽيڪل لائيف ۾ ڪهڙين ڪهڙين مصيبتن کي منهن ڏيڻو آهي.“
”تون مون کان وڌيڪ پرئڪٽيڪل نڪتينءَ....“ هن کلندي چيو.
”تون سمجهين ٿو ته تو کي ڪير رڳو آئڊيلسٽ ٿي رهڻ ڏيندو؟“
”ڇو؟ مون کي ڇا ڪرڻو پوندو؟“ هن حيرت مان پڇيو.
”پرئڪٽيڪل ماڻهوءَ سان گڏ تو کي به پرئڪٽيڪل ٿيڻو پوندو، سائين منهنجا.“ حميده جي کل جي جواب ۾ هو رڳو مرڪيو. هو آخري سال ۾ هو. حميده جو خيال هو ته ايم- اي ڪرڻ کان پوءِ هو سي- ايس- ايس جي لاءِ تياري ڪري. ان ڳالهه تي ٻنهي ۾ بحث ٿي پوندو هو.
”تون ذهين آهين. سي- ايس- ايس جي امتحان ۾ ٽاپ ڪندين. ڇو اجايو آئڊيلسٽ بنجي پنهنجي صلاحيتن کي ضايع ڪرڻ ٿو چاهين.“
”صلاحيتن کي ڪم آڻڻ جو فقط اهو ئي هڪڙو طريقو آهي ته ماڻهو سرڪاري مشنري جو پرزو بنجي وڃي! آئون هڪڙو معمولي پرزو بنجڻ نٿوچاهيان.“
”تون پاڳل آهين. ڌرتي ۽ ماڻهن جي خدمت ماڻهو ڪٿي به ڪري سگهي ٿو. تنهنجي ڪا حيثيت هوندي، تو وٽ پاور هوندو ته پاڻ ڪجهه وڌيڪ ئي ڪري سگهندين.“
هن ٽهڪ ڏنو هو ان ڳالهه تي.
”اهي رڳو ڳالهيون آهن، پاڻ کي ۽ ٻين کي ڌوڪي ڏيڻ لاءِ. اسين ڪرڻ پنهنجي لاءِ چاهيندا آهيون، ٿورو ڌرتي ۽ ماڻهن تي ڪندا آهيون. تو کي خبر آهي ته پاور ماڻهوءَ کي ڪرپٽ ڪندو آهي!“
حميده ڪاوڙجي پئي.
”ڇو؟ پاڻ کي زندگي گذارڻ لاءِ ڪجهه نه کپي؟ ايترو پڙهڻ کان پوءِ فقير بنجي زندگي گذارينداسين ڇا؟ پاڻ کي رهڻ لاءِ چڱو گهر نه کپي.... گاڏي نه کپي.... سڀاڻي ٻار ٿيندا ته انهن لاءِ آسائش نه کپي؟“
هن جو من منجهڻ لڳو ۽ هن هڪدم اکيون کولي چؤطرف ڏٺو. هو هال ۾ تنها تنها ويٺو هو. ۽ هن پاڻ کان پڇيو: ’ان گهر کي ٺهڻ کان اڳ ڪيرائڻ سان مون کي ڇا مليو؟ منهنجين سوچن کي، منهنجن نظرين کي ڪهڙي هٿي ملي؟ فنڪشن واري رات مون پاڻ کي ايترو اڪيلو پئي ڀانيو پر حميده جي وجود مون کي آٿت ڏني هئي ته آئون اڪيلو نه آهيان. ۽ اڄ ڪا آٿت ناهي، هانءُ کي ڏڍ ڏيڻ وارو ڪو به ڪونهي. هوءَ ڪٿي هوندي! ڪيئن هوندي!
هن چاهيو ته ڪنهن کان حميده بابت پڇي. پر ترت ئي هن ان ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو. ائين هر ڪنهن کان پڇندو وتڻ مناسب نه هو. هو جيل ۾ هو ته ڪنهن دوست ملاقات تي کيس ٻڌايو هو حميده ايم- اي ڪرڻ کان پوءِ يونيورسٽي ۾ ئي ليڪچرر مقرر ٿي هئي. پوءِ هن کي خبر پئي ته هوءَ پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ تي انگلنڊ وئي هئي. ان کان وڌيڪ کيس ڪا خبر نه هئي. جيڪڏهن هن کي حميده جي واپس موٽي اچڻ جي خبر هجي ها ته شايد هو هتي نه اچي ها.
’پر آئون هتي آيو ڇو آهيان؟‘ هن پاڻ کان پڇيو. ’آئون ته بنهه آئوٽ سائيڊر آهيان هتي. هيءَ بلڊنگ، هي آڊيٽوريم، هتي جا وڻ، هتي جا رستا.... ڪو به ته مون کي نٿو سڃاڻي. ماڻهو ته پيا ايندا ويندا آهن. ڪن جي لاءِ آئون ڌاريو آهيان، ڪي منهنجي لاءِ ڌاريا آهن. پر هتي جا وڻ، هتي جا رستا ۽ جايون؟ ۽ جيڪڏهن اتفاق سان حميده ملي وڃي ته؟ هوءَ به ماڻهن، جاين، رستن ۽ وڻن وانگر ملندي؟“
هو اٿي بيٺو ۽ هن سوچيو ته هتي اچي غلطي ڪئي هئي هن. هن وري به پاڻ کان پڇيو ته هو آيو ڇو هو؟ ڪهڙي ڳالهه هن کي هتي ڇڪي آئي هئي.
هو آڊيٽوريم مان نڪري ڊگهي ڪاريڊور ۾ آيو. ڪي ڪلاس هليا پئي. فيڪلٽيءَ جي اندرئين لان تي ڇوڪرا ڇوڪريون ويٺا هئا. اها ئي چهل پهل هئي. اهي ئي رونقون هيون. فقط وقت ساڳيو نه هو. وقت گهڻو اڳيان وڌي ويو هو ۽ پاڻ گهڻو پوئتي رهجي ويو هو. هن جا پير ڳرا ڳرا ٿي پيا. اڳتي کڄڻ مشڪل پئي لڳا- ۽ اوچتو پير پٿرائجي ويا. سامهون حميده اچي رهي هئي. حميده ڏٺو ته ڪو ماڻهو هو جيڪو پٿر جي مورت بنجي ويو هو، وچ ڪاريڊور ۾. ويجهو اچي هن جي وات مان امالڪ نڪتو: ”تون.... توهان؟“
پٿرايل چپ چريا. هو رڳو مرڪيو.
”توهان ڪڏهن آيا؟“
”هاڻي ئي آيو آهيان....“
”منهنجو مطلب اهي... ڪڏهن... توهان کي ڪڏهن ڇڏيائون؟“ حميده اٽڪندي ڳالهه پوري ڪئي.
هو کليو. ”ڏهه ٻارنهن ڏينهن ٿيا.“
”اچ.... ويهه اچي،“ حميده وچ ڪاريڊور ۾ بيهي ڳالهائڻ ٺيڪ نه سمجهيو.”هوءَ پريان منهنجي آفيس آهي. اچ.“
هلندي هلندي هن چيو، ”شڪر آهي، ڪنهن ته سڃاتو. هتي ته سڀ اڄاتل چهرا آهن....“
حميده ڪڇي ڪانه، رڳو هن ڏانهن ڏٺائين. هن کي لڳو ڄڻ چوندي هجي: تو کي ڪهڙي توقع هئي؟
آفيس ۾ گهڙندي حميده پٽيوالي کي بوتلن آڻڻ لاءِ چيو.
ڪرسيءَ تي ويهي هوءَ ٽيبل تي رکيل ڪاغذن کي ڦلهورڻ لڳي. هن کي لڳو ته حميده ڪجهه نروس هئي ۽ لنوائي رهي هئي هن ڏانهن نهارڻ کان.
”مون ٻڌو هو ته اوهان انگلنڊ ويا هئا پڙهڻ لاءِ؟“ هن ماٺ کي ٽوڙيو.
”ها، ٽي سال کن اتي هيس،“هن جو منهن ڪاغذن ۾ هو.
”واپس ڪڏهن آيؤ؟“
”سال کن ٿي ويو آهي،“ حميده ڪنڌ مٿي کڻي جواب ڏنو ۽ وري ڪاغذن کي اٿلائڻ پٿلائڻ لڳي- ڄڻ ڪو ضروري ڪاغذ ڳولي رهي هجي.
ڳچ دير تائين ماٺ ڇانئي رهي. هن کي لڳو ته ڇهه سال تمام وڏو عرصو هو. سؤ سالن جي برابر.
پٽيوالو بوتلون کڻي آيو. تڏهن حميده ڪنڌ مٿي کنيو. ”وٺو،“ هن بوتل ڏانهن اشارو ڪيو.
هن بوتل کنئي ۽ ان جو منهن هٿ سان صاف ڪري هڪ وڏو ڍڪ ڀريو.
”هاڻي ڇا ارادو آهي اوهان جو؟“ حميده پڇيو.
”ارادو؟ اڃا ته ڪو ارادو ڪونهي ڪنهن ڳالهه جو،“ هو زوري مرڪيو.
”منهنجو مطلب آهي ايم- اي ڪمپليٽ ڪندؤ يا؟“
”رسٽيڪيشن جا پنج سال ته گذري ويا آهن. خبر ناهي هاڻي امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت ملندي يا نه؟“
”ڪوشش ڪري ڏسو. رڳو امتحان ئي ته ڏيڻو آهي. اجازت ملڻ ته کپي،“ حميده ڄڻ بي ڌيانيءَ سان چيو.
هن چاهيو ته حميده کان پڇي، ’تون ڪيئن آهين؟‘
” اوهان ڪافي ڪمزور ٿي ويا آهيو- هونءَ ته جيڪي جيل ويندا آهن. ويهي کائي کائي مچي نڪرندا آهن،“حميده پهريون ڀيرو مرڪي هن ڏانهن ڏٺو هو.
جواب ۾ هو رڳو مرڪيو. حميده ڪجهه دير تائين هن ۾ ڏسندي رهي، ڄڻ جائزو وٺندي هجي، پوءِ هڪدم نظرون هٽائي ڪاغذن ۾ ڏسڻ لڳي.
هن پڇڻ چاهيو،’تون اڃا ناراض آهين مون سان؟‘پر ڇهه سال تمام وڏو عرصو هو.
حميده واچ ۾ وقت ڏٺو.
”معاف ڪجو، مون کي ڪلاس وٺڻو آهي،“ هوءَ اوچتو اٿي بيٺي. هو به اٿي بيٺو.
”اوهه! هڪڙو منٽ...“ حميده کي ڪا ڳالهه ياد آئي. هن ٽيبل جو خانو کوليو. ان مان لفافي ۾ پيل ڪارڊ ڪڍي ٽيبل تي رکي هن جو نالو لکيائين.
”سٺو ٿيو جو اوهان پاڻ ملي ويا. ايندڙ هفتي منهنجي شادي آهي، اچجو،“ حميده ڪارڊ هن ڏانهن وڌايو. هن حميده کان لفافو وٺڻ وقت رڳو لفافي ڏانهن ڏٺو. هو سمجهي نه سگهيو ته ڇو حميده ڏانهن نهارڻ کان لنوائي رهيو هو.
”اوڪي، سِي يو،“ حميده چيو ۽ تڪڙي ٻاهر هلي وئي.
هو به ٻاهر نڪري آيو- هڪ وڏو خلا پيدا ٿي پيو هو جيڪو هن جي ذهن کي، سوچن کي، هن جي وجود کي ڳڙڪائي ويو هو. هو آهستي آهستي هلندو، ڊگهو ڪاريڊور لتاڙي ٻاهر نڪتو. فيڪلٽيءَ جي اڳيان بس اسٽاپ تي اچي ڇوڪرن ڇوڪرين سان گڏ بيهي رهيو ۽ بس جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.

ھڪ ڊنل ماڻھو

ھو فوٽ پاٿ تي رکيل سيڪنڊ ھئنڊ ۽ ردي ڪتابن جي اسٽالن تي واري واري سان بيھندو ڪتاب جاچڻ لڳو. ھڪڙي ھنڌ ھن کي ” گاڊ فادر“ ناول نظر آيو. قيمت پڇيائين. ويھ روپيا. ھن حيرت مان اسٽال واري ڏانهن ڏٺو.
”دڪان تي ھي ڪتاب اوھان کي چاليھ-پنجاھ روپين ۾ ملندو.“ اسٽال واري چيو.
”اھو ته سٺي حالت ۾ ھوندو. ھن جي حالت خراب لڳي پيئي آھي.“
”اوھان جي مرضي. مشھور ناول آھي. ھن تي فلم به ٺھي آھي، جنهن ۾ مارلن برانڊو ڪم ڪيو آھي. پاڪستان ۾ ان فلم تي بندش پيل آھي.“ اسٽال واري پنهنجي معلومات ظاھر ڪندي چيو. ھن بنا ڪڇڻ جي ڪتاب اسٽال واري کي موٽائي ڏنو.
ھو ھلندو ٻئي اسٽال تي اچي بيٺو. ٿلھن نصاب جي ڪتابن جي وچ ۾ ھن نوبوڪوف جو ناول ”لوليتا“ پيل ڏٺو. پڪي جلد سان. بهتر حالت ۾. ھن قيمت پڇي. ڏھ روپيا.
”اٺ روپيا وٺ.“
اسٽال واري بنا بحث جي ڪتاب ڏيئي ڇڏيو.
”لوليتا“ پڙھڻ جو ھن کي گھڻي وقت کان شوق ھو.
اسٽال وارو قيمت گھٽ نه ڪري ھا ته به ھو وٺي ھا.
شام ٿي چڪي ھئي. ڪراچيءَ ۾ رات جون روشنيون جڳ مڳ ٻرڻ لڳيون ھيون. جارج ھوٽل جي اڳيان فوٽ پاٿ تي تمام گھڻي رش ھئي. ڪئسٽن جي زور زور سان وڄڻ جو شور ھو. ھو ماڻھن جي پيھ ۾ پيسجندو ھليو. سندس ساھ ٻوساٽجڻ لڳو. ھو سب وي وٽان مڙي وڪٽوريا روڊ تي آيو. ڪپڙن جي دڪانن جي اڳيان لنگھندي ھن کي خيال آيو ته ھڪ نئين پتلون ۽ قميص جي لاءِ ڪپڙو وٺي. پگھار جا سمورا پئسا ھن جي کيسي ۾ ھئا. گذريل مھيني ھن جيڪا پتلون ورتي ھئي اھا به درزيءَ کان کڻڻي ھئي. کيس نون ڪپڙن خريد ڪرڻ جي ايتري گھڻي ضرورت ڪا نه ھئي. ھن پنهنجو ارادو بدلائي ڇڏيو. پوءِ سوچيائين ته ڪنهن سٺي ھوٽل ۾ ويھي چانه پيئي، ۽ ”لوليتا“ جا پنا اٿلائي پٿلائي. شام جو عذاب ھن کي ڪيئن به ڪري سھي گذارڻو ھو. ھن جي دل ويھڻ لڳي. ھو پئراڊائيز سئنيما وٽ روڊ ٽپڻ جي لاءِ اچي بيٺو. ھڪ عورت به ٽريفڪ بند ٿيڻ جو انتظار ڪري رھي ھئي. ھن عورت ڏانهن ڏٺو. ھوءَ ٢٨-٣٠ سالن جي لڳ ڀڳ ھئي. رنگ سانورو ھوس۽ مھانڊو وڻندڙ. عورت به ھن ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ ٽريفڪ کي ڏسڻ لڳي. ٽريفڪ بند ٿي ته ھو روڊ ڪراس ڪري فوٽ پاٿ تي آيا. ھلندي ھلندي عورت وري به ھڪ ڀيرو ھن ڏانهن ڏٺو. ھن کي تجربو ڪونه ھو، تنهن ھوندي به ھن اندازو لڳايو ته ھوءَ پرائيويٽ ھئي ۽ گراھڪ جي تاڙ ۾ ھئي. ھن سوچيو ته ساڻس ڳالھائي ۽ معلوم ڪري ته ھن جو اگھ ڪيترو آھي. پر جيڪڏھن ھوءَ پرائيويٽ نه ھجي ۽ جيڪڏھن سندس ڳالھائڻ کي خراب سمجھي ته! ھو ٻڏتر ۾ پئجي ويو. کيسي ۾ پگھار جا سمورا پئسا ھئا. ھو خرچ ڪرڻ جھڙو ھو، پر ھن کي سمجھ ۾ نٿي آيو ته عورت سان ڳالھائي ڪيئن. ماڻھو ته چڱين ڀلين عورتن کي ڦاسائي ويندا آھن ۽ ھو ھڪ پرائيويٽ عورت سان به نٿي ڳالھائي سگهيو. ھن پاڻ کي ھمت ڏياري. عورت ھن ڏانهن آڏين نظرن سان ڏٺو ۽ ھن سمجھيو ته عورت جي چپن تي ھلڪي مرڪ ھئي. ھن سوچيو ته اوسي پاسي ۾ ڪو ماڻھو نه ھجي ته پوءِ عورت سان ڳالھائي. عورت ڪنهن به پاسي مڙڻ کان سواءِ سڌي ھلندي رھي. ريڪس سئنيما کان اڳتي نيٺ ھن کي وجھ مليو. ھن دل جھلي وک وڌائي ۽ عورت جي ويجھو اچي ڳيت ڏئي ”ھلو“ چيائين. عورت ھن ڏانهن ڏٺو ۽ مرڪي پئي.
”ھلو،“ عورت وراڻيو. ھن جي دل ٿورو وڌي.
”دل ۾ نه ڪريو ته ڪٿي ويھي چانه پيئون.“
ھن کي اھو جملو ڏاڍو عجيب لڳو پر ھن کي سمجھ ۾ نٿي آيو ته پرائيويٽ عورت سان ڪيئن ڳالھائبو آھي.
”ڀلي،“ عورت چيو.
”وليج ھوٽل ۾ ويھون؟“ چرچ جي فوٽ پاٿ تي اچي ھن پڇيو.
”اوھان جي مرضي، جتي به ھلي ويھو.“
ٻئي گڏ ھلندا وليج ھوٽل جي جھوپڙيءَ ۾ اچي ويٺا، ويٽر مينو کڻي آيو. مينو ڏسندي ھن پڇيو،
” ڇا گهرائجي؟“
”جيڪي به گهرايو“، عورت پنهنجائپ مان چيو. ھن حيرت مان عورت کي ڏٺو ۽ کيس عجيب لڳو، ڄڻ ھوءَ سندس پراڻي واقف ھئي ۽ ھن سڀ سندس مرضيءَ تي ڇڏي ڏنو ھو. ھن ويٽر کي چڪن سئنڊوچز ۽چانھه آڻڻ لاءِ چيو.
”جي؟“ ھن شروعات ڪرڻ چاھي.
”جي! اوھان ٻڌايو؟“ عورت جون اکيون مرڪڻ لڳيون. ھوءَ ھڪ سنئين سڌي عورت ھئي جنهن ۾ ڪا به غير معمولي ڳالھ ڪا نه ھئي. نه گھڻو ميڪ اپ ڪيل ۽ نه وري ڪپڙن لٽن ۾ فيشنبل لڳندڙ. ھوءَ بلڪل گهرو عورتن جھڙي ھئي. ’پرڪنهن مجبوري ھن کي ان ڌنڌي ۾ آندو ھوندو،‘ ھن سوچيو.
”تو کي گهر وڃڻ جي جلدي ته ڪانهي؟“ ھن پڇيو.
”نه. اھڙي خاص جلدي ته ڪانهي،“ عورت وراڻيو.
ھن سوچيو ته کانئس پڇي ته تنهنجو گهر ڪٿي آھي، پر ھن اھا ڳالھ مناسب نه سمجھي. اھڙي عورت پنهنجو گهر پتو نه ڏسيندي ۽ پڇڻ مان فائدو به ڪھڙو. پرڪجھ نه ڪجھ ڳالھائڻو ته ضروري ھو. مسئلو اھو ھو ته ڳالھائجي ڇا؟ ۽ ھن کي عورت ڪجھ منجھيل منجھيل پئي لڳي- يا اھو ھن جو خيال ھو!
”تو کي ميڪ اپ ڪرڻ نه وڻندو آھي ڇا؟“
”ڇو؟ آئون ميڪ اپ کان سواءِ سٺي نٿي لڳان؟“
عورت کلي چيو.
”سٺي ته لڳين ٿي،“ ھن عورت جي اکين ۾ نهاريندي چيو.
”ھا، تون بنا ميڪ اپ جي وڌيڪ سھڻي ٿي لڳين.“
ھوءَ کلڻ لڳي، ، ”اھڙيون ڳالھيون نه ڪر جو آءٌ سچ پچ به پاڻ کي سمجھڻ لڳان.“
ھو عورت کي ڏسندو رھيو. ھن پنهنجي من کي ڪجھ ڳرو ڳرو محسوس ڪيو. ھن چاھيو ته عورت جو منهن پنهنجن ھٿن ۾ جھلي ھن جي اکين ۾ ڏسندو رھي ۽ انهن ۾ پاڻ کي ڳولي.
”مون کي ائين ڇو ٿو ڏسين؟ آءٌ اھڙي سھڻي ته ناھيان...“
”آءٌ تنهنجي اکين ۾ ڪجھ ڳوليان پيو.“
عورت کي حيرت لڳي.
”مون تنهنجي ڳالھ نه سمجھي....“
”سمجھڻ جي ضرورت به ڪھڙي آھي. ٻن ٽن ڪلاڪن جي لاءِ ھڪٻئي کي سمجھي ڇا ڪنداسين!“ ھو گنڀير ٿي ويو.
عجيب ماڻھو آھي. عورت سوچيو. پر ھوءَ اھا ڳالھ سمجھي نه سگهي ته کيس ڇو ھن لاءِ ھمدردي محسوس ٿي رھي ھئي.
ويٽر سئڊوچز کڻي آيو ھو. ٻئي کائڻ لڳا. پوءِ نيپڪن سان ھٿ اگھندي عورت چيو: ”پاڻ کي ڪٿي ھلڻو آھي؟“
”ڇا مطلب؟“
”ڪا جاءِ آھي يا ھوٽل ۾ ڪمرو وٺڻو پوندو؟“
ھو مطلب سمجھي ويو. ”ان جي ڪا ضرورت ڪانهي. پاڻ کي نه ڪنهن جاءِ تي ھلڻو آھي ۽ نه ھوٽل جي ڪمري ۾.“
عورت ھن کي حيرت مان ڏسڻ لڳي.
”پوءِ تون مون کي وٺي ڇو آيو آھين؟“
”آءٌ توکي ان لاءِ نه وٺي آيو آھيان،“ ھن منهن ڦٽائي چيو. ھن ڏٺو ته عورت جي منهن تي مايوسي اچي وئي.
ھن کيسي مان پگھار وارا پئسا ڪڍي ٽيبل تي رکيا.
”ٻن – ٽن ڪلاڪن جي لاءِ تنهنجي جيتري في آھي، سا ھنن مان کڻي وٺ.“
عورت کي ڪجھ به سمجھ ۾ نه آيو. ھن کي اھو سڀ عجيب عجيب پئي لڳو. ھن جو اھڙي ماڻھو سان ڪڏھن به واسطو نه پيو ھو. ھن نوٽن ڏانهن ڏٺو ۽ اندازو لڳايو ته ھزار کن ھوندو. ھن ماڻھوءَ ڏانهن ڏٺو، جيڪو بنا نهارڻ جي کيس تڪي رھيو ھو ۽ پاڻ الاجي ڪٿي ھو. ويٽر آيو ۽ خالي پليٽون کڻي ويو. ٿوري دير ۾ چانه کڻي آيو.
”نه، مون کي اھڙا پيسا نه کپن،“ نيٺ عورت ڪڇي.
”ڇو؟ آءٌ توکي ھي پيسا خيرات ۾ ڪو نه ٿو ڏيان. اھي تنهنجي ٻن – ٽن ڪلاڪن جي في آھن.“
”عجيب شخص آھين تون! مون کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته تون ھروڀرو ڇو مون کي پيسا ڏئي رھيو آھين. توکي مليو ڇا؟“
ھن مرڪي ڏنو.
”توکي ڪھڙي خبر ته مون کي ڇا مليو. نه، تون اھا ڳالھ واقعي سمجھي به نه سگهندينءَ. خير، ڳالھ وھنوار جي آھي. مون تنهنجو وقت ورتو آھي ۽ ان جو عيوضو مون کي ضرور ڀرڻ گهرجي. توکي جيترا مناسب لڳن اوترا ھن مان کڻ.“
”تو وٽ پيسا گھڻا آھن ڇا؟“ عورت چانه ٺاھيندي چيو.
”گھڻا ته ڪو نه آھن. آءٌ ھڪ معمولي ملازم آھيان. ھي منهنجي پگھار جا پيسا آھن.“
”۽ اھي پيسا تون ائين وڃائي ڇڏڻ ٿو چاھين؟“
”جيڪڏھن آءٌ ھوٽل ۾ ڪمرو وٺان ھا ۽ توکي اتي وٺي ھلان ھا ته پوءِ سمجھان ھا ته مون پيسا وڃائي ڇڏيا، پر ھي سڀ آءٌ پنهنجي خوشيءَ سان ڪري رھيو آھيان. مون کي رڳو تنهنجو ساٿ کپي. آءٌ توسان ڳالھيون ڪرڻ ۽ توسان رستن تي گھمڻ چاھيان ٿو. ان کان وڌيڪ مون کي ڪجھ نه کپي.“ ھن جو آواز گنڀير ٿي ويو.
عورت اکيون ھيٺ ڪري پنهنجن ھٿن کي ڏسڻ لڳي.
”تون سمجھندي ھوندينءَ ته آءٌ ڪو چريو آھيان.“ ھن کلندي چيو.
”نه، نه اھڙي ڳالھ ته ڪانهي،“ عورت کي پشيماني محسوس ٿي. ”چڱو، پيسا تون پاڻ وٽ رک، مون کي ڪجھ خريد ڪري ڏجانءِ.“
”ھا، اھو به ٺيڪ آھي.“ ھن پيسا کڻي کيسي ۾ وڌا. عورت ڏٺو ته ھو خوش ٿي ويو ھو. ھن ٽيبل تي رکيل عورت جو ھٿ پنهنجي ھٿ ۾ ورتو ۽ ان کي ڏسڻ لڳو. پوءِ ھٿ کي مٿي کڻي ويجھو آندائين ۽ تريءَ تي پنهنجا چپ رکي ڇڏيائين. ھو ھر گذرندڙ پل کي پيئندو رھيو. ويٽر ھڪ ڀيرو وري آيو ۽ اندر جھاتي پائي ھليو ويو.
”تون اھڙو ڇو آھين؟“ عورت ڀڻڪيو.
”اھڙو ڇا؟“
عورت سوچڻ لڳي ته ھوءَ کيس پنهنجي ڳالھ ڪيئن سمجھائي. ھوءَ چپ ٿي وئي. ھو عورت جي ٻانهن تي ٿڌڙا ڪڍڻ لڳو.
”ٻڌ....“ عورت ڀڻڪاٽ ڪيو.
”چئو؟“
عورت نه ڪڇي.
”ڇا ڳالھ آھي؟ چئين ڇو نٿي؟“ ھن ھٿ وڌائي عورت جي ڳل تي رکيو ۽ عورت جو ڪنڌ ھن جي ھٿ تي لڙي پيو. ھي
”تنهنجي زال ھوندي! تنهنجا ٻار ھوندا!“ عورت ھٻڪندي چيو.
”نه منهنجا ٻار آھن ۽ نه مون کي زال آھي.“
”تون بلڪل اڪيلو آھين!“ عورت حيرت مان چيو ”تنهنجو ڪو به ڪونهي.“
”منهنجو ڪو به ڪونهي.“ ھن چيو ته عورت کان پڇي، ’تون منهنجي ٿيندينءَ؟‘پر ھو چئي نه سگهيو. عورت کي شايد هن جي اڪيلائيءَ جي ڳالھ ٻڌي ھمدردي محسوس ٿي ھئي. ھن سندس ھٿ کي ھلڪو زور ڏنو.
ھن چاھيو ته عورت کان نالو ۽ حال احوال پڇي، پر پوءِ ھن اھو خيال بدلائي ڇڏيو. ان سان ڪو به فرق نه پئي ھا. ھوءَ ھڪ عورت ھئي، سندس پاسي ۾ ويٺي ھئي، ساڻس ڳالھائي رھي ھئي ۽ اھو ئي ھن لاءِ ڪافي ھو. ھوءَ ڪير ھئي، اھو پڇي ھو ڇا ڪري ھا. کيس حاصل ڪجھ به نه ٿيڻو ھو. اھي ئي ڪجھ گھڙيون، جيڪي ھوءَ ساڻس گڏ ھئي، سندس حاصلات ھيون. انهن گھڙين کان اڳ ۽ انهن گھڙين کان پوءِ ٻنهي جو ھڪ ٻئي سان ڪو به واسطو نه ھو، ڪا به سڃاڻپ نه ھئي. ھن کي ڪنهن جي ساٿ جي ضرورت ھئي. اھو ساٿ جيڪو ھن کي ايڏي ساري اجھاڳ شھر ۾ نه ملي سگهيو ھو، سو ھن پئسن تي خريد ڪيو ھو. بس، ان کان وڌيڪ کيس ڪجھ نه کپندو ھو.
ھن واچ ۾ وقت ڏٺو. اٺ ٿيڻ وارا ھئا. ھو پريشان ٿي ويو.
”اڙي! اٺ پيا ٿين، دڪان ته بند ٿي ويندا“، ھن گھٻرائجي چيو.
”نه، دڪان دير تائين کليل ھوندا. عيد ويجھي آھي نه،“ عورت چيو. تڏھن ھن کي ياد آيو ته عيد ۾ باقي ٽي ڏينهن آھن. جنهن ڏينهن جو ماڻھو ايڏو انتظار ڪندا آھن، ايترا پيسا خرچ ڪري ڪپڙا لٽا ۽ سامان وٺندا آھن، سو ھن جي لاءِ سخت بور ڏينهن ھوندو آھي، ھو سڄو ڏينهن ستو پيو ھوندو آھي. ڪنهن وٽ وڃڻ يا ڪنهن سان ملڻ نه چاھيندو.
” ھاڻ ھلڻ کپي“، ھن ويٽر کي سڏ ڪري بل گهرايو ۽ پيسا ڏئي عورت سان گڏ اٿيو.
ٻئي آھستي آھستي گھمڻ جي انداز ۾ فوٽ پاٿ تي ھلڻ لڳا – ڄڻ ھو روز ائين گڏ گھمندا ھئا .... ڄڻ اھو سندن معمول ھو.
”آءٌ سمجھان پيو جھڙوڪر اسين ٻئي روز رات جو ڪراچيءَ جي روڊن تي گھمڻ نڪرندا آھيون ۽ اڄ به ائين گھمون پيا“، ھو کلڻ لڳو.
”ھا، مون کي به ائين پيو لڳي“، عورت به کلڻ لڳي.
”ڄڻ اسين ورھين کان ھڪٻئي کي سڃاڻندا ھجون ۽ گڏ رھندا ھجون...“
”ھون....“ ھن ھونگار ڪري عورت جي اکين ۾ ڏٺو ۽ ھوءَ سچ پچ شرمائجي وئي. ھن کي عورت جي شرمائجڻ تي مزو آيو ۽ ٽھڪ ڏيڻ لڳو.
”ڪنا!“ عورت ڪوڙي ڪاوڙ وچان ھن جي ڪلھي تي ڌڪ ھنيو. ھن کلندي کلندي عورت جو ھٿ پنهنجي ھٿ ۾ ورتو ۽ پوءِ گڏ کلڻ لڳا. کلڻ جو ڪو به سبب نه ھو، پر کين ھروڀرو کل پئي آئي. ٻئي خوش ھئا.
ھو ريو سنيما وارو ڪراس ٽپي ايلفيءَ ۾ داخل ٿيا.
”ته سائين جن ڪھڙي خريداريءَ جو ارادو رکن ٿا؟“
”آءٌ عيد جي لاءِ ھڪ وڳو وٺنديس. تون به عيد جي لاءِ ھڪڙو وڳو وٺجانءِ. ھونءَ پيسا اجايا خرچ ٿي ويندا.“
”ڪپڙا ھوندا ته پيا ڪم ايندا.“
”نه، آءٌ عيد جي لاءِ ڪپڙا نه وٺندو آھيان.“
”ڇو؟“
”آءٌ عيد تي ڪيڏانهن نڪران ئي ڪو نه، پوءِ ڪپڙا وٺي ڇا ڪندس!“
”اوهه!....“ عورت کي ڄڻ ڪجھ سمجھ ۾ اچي ويو ھو ۽ ھن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. ھن عورت جي ھٿ کي زور ڏنو- شايد اھو چوڻ لاءِ ته ”ڪا ڳالھ ناھي“.
”ڀلا ڪنهن خاص دڪان تان ڪپڙو وٺبو؟“ ھن مذاقي انداز ۾ پڇيو.
”نه، ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ ٿا ھلون.“ عورت ھن جي منهن ۾ نهاريو ۽ کلي پئي.
ھو ٻئي ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ آيا. ھڪڙي دڪان ۾ گھڙي ويا. عورت مختلف ڪپڙا ڏسڻ لڳي ۽ ھن کان رايو پڇندي وئي.
”مون کي ڪپڙن جي خبر نه پوندي آھي. تنهنجي مرضي، توکي جيڪو وڻي سو وٺ“، ھن چيو. نيٺ عورت ڪپڙو پسند ڪيو. قيمت تي ھوءَ دڪاندار سان اٽڪي پئي. ھو بنا ريڙھ پيڙھ جي پيسا ڏيڻ لاءِ تيار ھو، پر عورت کيس روڪيو.
”تون چپ ڪري بيھ. اوھان مردن کي ھونءَ ئي دڪاندار ڦريندا آھن.“ ھو چپ ڪري بيھي رھيو. عورت دڪاندار سان بحث ڪرڻ لڳي.
”اڃا ٻھ – ٽي ڏينهن اڳ منهنجي سھيلي ھي ڪپڙو وٺي وئي آھي. مون کي اگھ جي خبر آھي. اسين عيد وارو اگھ نه ڏينداسين.“
دڪاندار قسم کڻڻ لڳو، ته ھو عيد جو اگھ ڪو نه پيو وٺي، پر عورت اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه ھئي، ھوءَ دڪان مان ٻاھر وڃڻ لڳي، ته دڪاندار پٺيان سڏ ڪيو: ”ٺيڪ آھي ڀلا وٺي وڃو.“
”ڏٺئي!“ عورت مرڪندي ھن کي چيو، ”ھي دڪاندار وڏا حرامي اٿئي.“
دڪاندار ڪپڙو ڪٽي پئڪيٽ ۾ بند ڪيو. ھن کيسي مان پيسا ڪڍي دڪاندار کي ڏنا. دڪان مان ٻاھر آيا ته ھڪ فقيرياڻيءَ ھنن کان خيرات گهري.
”خدا جوڙي سلامت رکي...“ ٻنهي ھڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو ۽ مرڪي پيا. ھن کيسي مان روپيو ڪڍي فقيرياڻي کي ڏنو.
”ويچاري فقيرياڻي! سندس دعا اجائي وئي...“ اڳتي ھلي هن کلندي چيو. عورتچپ ھئي.
”اڃا به ڪجھ وٺڻو آھي؟“ ھن پڇيو.
”نه، بس.“
” حجاب نه ڪج.“
”نه، حجاب ڪھڙو. مون کي ٻئي ڪنهن شيءِ جي ضرورت ناھي.“ عورت ھن کي يقين ڏياريو.
”۽ ھاڻي؟“ ھن عورت کان پڇيو.
”۽ ھاڻي؟“
”ھاڻي ڇا پروگرام آھي؟“
”منهنجو ته ڪو پروگرام ڪونهي. جيئن تون چئين؟“
”ھل ته ڪٿي ماني ھلي کائون.“
”ماني؟ پر بک ته ڪانهي.“
”چائنيز ۾ ٿا ھلون. ھلڪو کاڌو آھي. ٺيڪ آھي نه؟“
”ٺيڪ آھي. جيڪا تنهنجي مرضي“، عورت ڳالھ مڃيندي چيو.
ھلندي ھلندي عورت چيو، ”عيد جي ڪري ايتري رونق آھي. نه ته ھونءَ اٺين کان پوءِ سڃ ھوندي آھي.“
”ھا، اڄ سچي به رونق آھي. مون کي به نظر اچي پئي،“ ھن عورت ڏانهن نهاريندي چيو.
”مون ۾ ڇا ٿو ڏسين؟ رونق رستن تي آھي، مون ۾ ڪانهي“، عورت ٽھڪ ڏنو.
”مونکي ته تنهنجي ڪري پئي رونق محسوس ٿئي،“ ھن سنجيدگيءَ سان چيو.
”سچ؟“ عورت به سنجيدي ٿي وئي.
”سچ.“ ۽ ھن ڏٺو ته عورت جي منهن تي اداسي اچي وئي ھئي.
ٻئي ڪيفي ھانگ ڪانگ ۾ اچي ويٺا. دير ٿيڻ سبب رڳو ٽي – چار جوڙا ويٺا ھئا.
”تون بور ته ڪانه ٿي پئي آھين؟“
”نه، بلڪل نه. ڪمال آھي، تو اھو ڪيئن سمجھيو!“ عورت مرڪندي ۽ ناراض ٿيندي چيو.
”الائي! آءٌ ته ائين سمجھندو آھيان، ته منهنجي ساٿ ۾ ٻئي کي رڳو بوريت پلئھ پوندي آھي.“
”تون به عجيب ماڻھو آھين. پنهنجي لاءِ پاڻ ئي خيال ٺاھيو ويٺو آھين،“ ھوءَ کلڻ لڳي.
”خير، منهنجي اڄوڪي شام تنهنجي نالي آھي. شايد منهنجي زندگيءَ جي اھا پھرين شام آھي، جيڪا تنهنجي ڪري بوريت کان سواءِ گذري وئي ۽ مون کي خبر به نه پئي.“
”پر مون ته ڪجھ به نه ڪيو آھي!“
ھو کلي چپ ٿي ويو.
ھنن جيستائين ماني کاڌي، ھوٽل ذري گھٽ خالي ٿي چڪي ھئي. ھن بل گهرائي پيسا ڏنا. ٻاھر اچي ھن چيو، ”ھاڻي تون ويندينءَ؟“
”ھا، وڃڻو ته آھي،“ عورت کلي چيو.
”ڪا ٽيڪسي ھٿ ڪجي...“ ھو ھيڏانهن ھوڏانهن ٽيڪسيءَ لاءِ نهارڻ لڳو.
”ٿورو ھلون ٿا. صدر ۾ ٽيڪسي ملي ويندي“، عورت چيو ۽ ٻئي ھلڻ لڳا. ھن کي پنهنجو من ڳرو ڳرو ۽ ٿڪل محسوس ٿيو. ھن ان احساس کي دٻائڻ لاءِ ڪجھ ڳالھائڻ چاھيو.
”جيڪڏھن تون وري ڪٿي ملي وڃين ته مون کي سڃاڻندينءَ؟“
”آءٌ توکي وساري نه سگهنديس،“ عورت پوري سنجيدگيءَ سان چيو. ھو ٽھڪ ڏيڻ لڳو.
”ڇو؟ ان ۾ کلڻ جي ڪھڙي ڳالھ آھي؟“
”اھو ڊائلاگ ته فلمن ۾ محبوبه ڳالھائيندي آھي“، ھو اڃا ٽھڪ ڏئي رھيو ھو. عورت ھن ڏانهن ڏٺو ۽ سندس نظرن ۾ ڏک ھو.
ھو اوچتو چپ ٿي ويو ۽ چيائين، ”ٽيڪسي ته نظر ئي نٿي اچي...“ عورت نه ڪڇي. ھو سمجھي ويو، ته سندس ڳالھ عورت کي رنجايو آھي، پر ھو ڪري به ڇا ٿي سگهيو. ھن کي عورت جو جملو بلڪل روايتي قسم جو لڳو ھو - ۽ .... ۽ کلڻ ته ھن زوريءَ ٿي چاھيو.
ٻئي ھلندا رھيا ۽ ٻئي خاموش ھئا. ٽريفڪ گھٽجي وئي ھئي ۽ شھر جو گوڙ ٿڪي ٽٽي ساڻو پئجي ويو ھو. ھو ھڪ ٻئي کان پري پري ھلي رھيا ھئا. ھڪ خالي ٽيڪسي پاسي مان اچي لنگھي. ھن اشارو ڪري ٽيڪسي بيھاري. ٻئي وڌي ٽيڪسيءَ وٽ آيا. ھن پويون در کوليو ۽ عورت خاموشيءَ سان ٽيڪسيءَ ۾ وڃي ويٺي. ھن ڊرائيور کي ڀاڙي جي لاءِ ڏھين جو نوٽ ڪڍي ڏنو ۽ پوءِ ٽيڪسيءَ جي کليل دريءَ وٽ جھڪي عورت کي ڏٺائين ۽ ڳري آواز ۾ چيائين، ”ساٿ لاءِ مھرباني...“
عورت اکيون مٿي کڻي ھن کي ڏٺو. سندس اکيون ڀنل ھيون... يا ھن کي ائين لڳو ھو. ٽيڪسي ٻنهي جي نظرن جي ڏور کي ڇنندي ھلي وئي.
ھو ايمپريس مارڪيٽ جي بس اسٽاپ تي آيو ۽ پنهنجي بس ۾ چڙھي پيو. سڄي واٽ ھن جو ذھن خالي ھو. گهر جي ويجھي اسٽاپ تي بس مان لٿو ۽ سڃي گھٽي لتاڙي پنهنجي ڪمري جي در جي اڳيان اچي بيٺو. در کولي اندران در جي پاسي ۾ ڀت تي ھٿوراڙيون ڏئي بٽڻ ڳولي بتي ٻاريائين. ڪمري ۾ روشني پکڙجي وئي. ھو ڇرڪي دھلجي در تي ئي بيھي رھيو. ڪمري جي ويرانيءَ ۽ اڪيلائيءَ جي دھشت ھڪدم ھن تي ڇانئجي وئي. ھو اکيون ڦاڙي حيرت ۽ ڊپ وچان ڪمري کي ڏسڻ لڳو. ڪمري ۾ پيل ھر شيءِ ساڪت ۽ مئل ھئي. ھن کي اوچتو موت جو احساس ٿيو ۽ سندس من ۾ ڊپ ڀرجي ويو. ھانءُ اڇل کائي نڙيءَ ۾ اچي ڦاسي پيو. ھن چاھيو ته پوئتي ڀڄي، پر سندس پير پٿرائجي ويا ھئا. کيس محسوس ٿيو ته ڪمري ۾ ڀريل اڪيلائي ۽ ويراني آھستي آھستي ھن ڏانهن وڌي رھي ھئي ۽ پوءِ اھا ھن جي وجود کي گھيري وئي.

اکين ۾ ٽنگيل سپنا

رئڪ مان ڪتاب ڪڍندي، ڏسندي ۽ موٽائي رکندي ڪنول محسوس ڪيو ته ڪنهن جو اکيون هن کي لڳاتار تڪي رهيون آهن. هن هڪ ٻه ڀيرو آڏ ترڇين نظرن سان ان ماڻهوءَ ڏانهن ڏٺو ۽ لنوائي ڇڏيو. پر ماڻهو هو جيڪو ڄڻ پٿر بنيو بيٺو هو. ڪنول ڪتاب پئي ڏٺا ۽ هو ڪنول کي ڏسي رهيو هو. ڪنول کي سخت چڙ آئي. هن ڪاوڙ مان سڌو ان ماڻهوءَ جي منهن ۾ گهوري ڏٺو. سندس نظرن کي جهڙوڪر ڌڪ لڳو.
’جاني!‘ نالو هن جي چپن ۾ ايندي وچڙي پيو. سندس اکين ۾ چڙ جي جاءِ تي حيرت ڀرجي وئي. نظرون ڄمي ويون ڪجهه پل.
”هلو....“ پٿر بنجي ويل جسم ۾ چرپر پيدا ٿي. ڪنول سوچيو ته هوءَ هڪدم اتان هلي وڃي. جنهن هٿ ۾ ڪتاب جهليل هو تنهن ۾ هن ٿوري ڏڪڻي محسوس ڪئي. هن منهن ڦيرائي ڪتاب رئڪ ۾ رکيو. هن کي پنهنجي بيرخي ٺيڪ نه لڳي.
”اتي ڪڏهن کان بيٺو آهين؟“ هن رسمي طور پڇيو.
”جڏهن کان تون دڪان ۾ آئي آهين،“ جانيءَ جو آواز گهٽيل هو.
”پر مون کي ته ڏهه پندرهن منٽ ٿي ويا آهن. ايتري دير تو ڳالهايو به ڪونه! جيڪڏهن آءٌ تو کي نه ڏسان ها ۽ هلي وڃان ها ته به تون نه ڳالهائين ها؟“
”مون ايتري دير سوچيو پئي ته تنهنجو ڌيان پاڻ ڏانهن ڪيئن ڇڪايان،“ هن کلڻ جي ڪوشش ڪئي. دڪان ۾ بيٺل ماڻهن جون آڏيون نظرون ۽ ڌيان هنن ڏانهن هو. ٻئي ڄڻا دڪان مان ٻاهر نڪري آيا.
”جيڪڏهن تو کي جلدي نه هجي ته ڪٿي گهڙي کن ويهون؟“ جانيءَ فوٽ پاٿ تي اچي پڇيو. ڪنول انڪار ڪرڻ چاهيو. جاني اتاولين نظرن سان کيس ڏسي رهيو هو. هوءَ ناڪار نه ڪري سگهي.
”ظاهر آهي. گهڙي کن ته ويهڻو ئي آهي،“ ڪنول مرڪندي چيو ۽ سوچيو: ’اها گهڙي کن ئي ته اسان جي نصيب ۾ آهي.‘
جانيءَ ڪار جو دروازو کوليو ۽ ڪنول کي ويهڻ لاءِ چيو. هن ڪار کي اسٽارٽ ڪري روڊ تي آندو.
”ڪيئن آهين؟“
” تو کي ڪيئن ٿي لڳان؟“
”اڳي کان وڌيڪ سلم ۽سمارٽ.“
”هونهه...“مرڪ زخم وانگر هن جي چپن تي ڦهلجي وئي.
”تون ٻن سالن ۾ ذري به نه بدلي آهين. آءٌ ته پوڙهو ٿي ويو آهيان... ڏس، وارن ۾ اڇا پئجي ويا آهن.....“
هو کلڻ لڳو. رکي ڦڪي کل.
ڪنول هن جي مٿي ڏانهن ڏٺو. هن کي ڪارن وارن ۾ ٿورا اڇا نظر آيا. هن وري جانيءَ جي منهن ۾ ڏٺو. ساڳيو ئي منهن هو. معصوم، پنهنجائپ محسوس ڪرائيندڙ ۽ ٻئي کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندڙ. ها، اکين ۾ کنڊر هئا. بيوسي ۽ بزدليءَ جا اهڃاڻ. ڪنول جي من ۾ اٻڙڪو آيو. هڪ کن جي لاءِ هن کي جانيءَ کان نفرت جو احساس ٿيو.
’بزدل....... بزدل....‘ لفظ ذري گهٽ چپن تي آيا هئا. هن هيٺئين چپ ۾ ڏند کپائي ڇڏيا.
” ڇا پئي سوچين؟“
ڪنول ڇرڪي وئي ۽ موٽي آئي.
”تنهنجي پوڙهي ٿي وڃڻ تي پئي سوچيان.“
جانيءَ ٽهڪ ڏنو.
”هڪڙا ماڻهو پوڙها ٿي وڃڻ کان پوءِ به ذهني طور جوان هوندا آهن ۽ اسان جهڙا ٽٽل ڊٺل ماڻهو جوان هوندي به ذهني طور پاڻ کي پوڙها محسوس ڪندا آهن.“
ڪنول ڪوبه جواب نه ڏنو. ٻئي چپ هئا. ڪار شهر جي گوڙ مان نڪري ٻاهر وڏي ويڪري روڊ تي اچي وئي هئي. جانيءَ هڪ ڪول ڪارنر وٽ ڪار پاسو ڪري بيهاري. هن هارن وڄائي ڇوڪري کي سڏيو ۽ هن کي سنيڪس ۽ ڪوڪ آڻڻ لاءِ چيو.
”ٻه سال ڪو ايڏو وڏو عرصو ڪونهي، پر ان عرصي ۾ گهڻو ڪجهه ٿي سگهندو آهي. اسان کي هڪ ٻئي جي ڪابه خبر نه پئجي سگهجي. ان ڪري حال احوال ڏيڻ ضروري آهي. ڪيئن؟“ جانيءَ چيو.
”حال احوال ڪو خاص ته ڪونهي. آءٌ ايم- اي ڪرڻ کان پوءِ گهر وڃي ويهي رهيس. پر پوءِ بور ٿي پيس. بوريت جي ڪري گهر وارن سان روز کٽ پٽ ٿيندي هئي. ايتري حد تائين جو گهر وارا مون مان بيزار ٿي پيا ۽ آءٌ گهر وارن مان.“ هوءَ کلڻ لڳي. ”نيٺ نوڪري اچي ڪيم. هينئر يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر آهيان.“
”رهين ڪٿي؟“
”اتي ئي.ڪئمپس ۾ گهر مليل آهي.“
”اڪيلي؟“
” ها، ڇو؟ ماڻهو اڪيلو نٿو رهي سگهي ڇا؟ مون سان گڏ هڪ مائي رهندي آهي. هن کي ڪو اَجهو ڪونهي. گهر جو ڪم ڪار ڪندي آهي ۽ مون وٽ ئي رهندي آهي.“
”تو.... شادي نه ڪئي آهي؟“ جانيءَ هٻڪندي پڇيو. ڪنول هن جي منهن ۾ ڏسڻ لڳي. پوءِ هن جي چپن تي ڦٽيل مرڪ آئي ۽ هن منهن ڦيرائي ڇڏيو.
جانيءَ کي پنهنجي بيوقوفيءَ جو احساس ٿيو.
ڇوڪرو سنيڪس ۽ ڪوڪ کڻي آيو هو. ڪجهه دير تائين چپ رهڻ کان پوءِ ڪنول چيو، ”تون ٻڌائي؟ تنهنجا ڪهڙا حال آهن؟“
”آءٌ ته هاڻي گهڻو ڪري ڳوٺ رهندو آهيان. بابا جي گذاري وڃڻ کان پوءِ زمينن سنڀالڻ جو سڄو ڪم مون کي ڪرڻو پئي ٿو. ان ڪري گهڻو وقت نٿو ملي ٻاهر نڪرڻ جو. ٽائيم هڻ هڻان ۾ گذريو وڃي؟“
”ٻار گهڻا ٿيا آهن؟“
”اڃا ته هڪڙو ٻار ٿيو آهي. پٽ آهي،“ هن ٻاهر روڊ ڏانهن نهاريندي چيو.
”خوش آهين؟“ ڪنول جو سوال اوچتو هو. جانيءَ هن ڏانهن ڏٺو.
”جيڪڏهن آءٌ ’نه‘ چوندس ته اها ڳالهه تو کي سطحي لڳندي. اصل ڳالهه هيءَ آهي ته ٻين جي مرضيءَ جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي شادي ڪرڻ کان پوءِ مون اهو سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي ته آءٌ خوش آهيان يا نه! تو کي خبر آهي منهنجي ڪا مرضي ڪانهي. مون کي پنهنجو ڪو اختيار ڪونهي،“ هن ڄڻ پاڻ تي ٽوڪ ڪئي. ” مون کي ٻين جي مرضيءَ موجب جيئڻو آهي. آءٌ خوش آهيان يا نه، ان سان ڪو فرق نٿو پئي،“ هن جو آواز ڳرو ٿي پيو هو.
ٻه سال اڳ يونيورسٽيءَ ۾ جڏهن جانيءَ جي پيءُ جو خط آيو هو، تڏهن هن ڪنول کي اهڙي ئي دکي ۽ ڳري لهجي ۾ چيو هو، ”بابا خط ۾ لکيو آهي ته شاديءَ جا ڏينهن ٻڌجي ويا آهن. منهنجي چاچي کي رڳو هڪڙي ڌيءَ آهي، ٻيو ڪو اولاد ڪونهي. زمين گهڻي اٿس. بابا منهنجي شادي ان ڪري ڪرائڻ چاهي ٿو جيئن چاچي جي ملڪيت پاڻ وٽ رهي، ٻاهر نه وڃي. ۽ مون ۾ ايتري همٿ ڪانهي جو انڪار ڪري سگهان. پيءُ ۽ چاچي جي مرضيءَ جي اڳيان جهڪڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ناهي....“
”تون بزدل آهين....“ ڪنول هن جي بيوسيءَ تي ڪاوڙ ۽ ڏک وچان ڏڪندي چيو هو.
”ها، تون سچ ٿي چئين. آءٌ بزدل آهيان. آءٌ مڃان ٿو ته آءٌ بزدل آهيان.“ ۽ پوءِ هو ڪنڌ جهڪائي ٿڙندڙ قدمن سان هليو ويو هو.
ڪنول کي هينئر به اهو ساڳيو ڏک ۽ ساڳي ڪاوڙ محسوس ٿي. هن چوڻ چاهيو، ’تون بزدليءَ تي هري ويو آهين. تون ڪڏهن به خوش رهي نه سگهندين.‘ پر جانيءَ جي اکين ۾ ڏسندي هن کي مٿس رحم اچي ويو. ’ڪن ماڻهن جي نصيب ۾ رڳو دک، رڳو ڀوڳڻ ڇو هوندو آهي؟ ۽ ڇا اهو ضروري هو ته جاني منهنجي زندگيءَ ۾ اچي ها، يا آءٌ جانيءَ جي زندگيءَ ۾ اچان ها. اسان جي زندگيءَ ۾ ڇا ڪو نارمل بئلنسڊ ماڻهو نٿي اچي سگهيو ۽ جيڪڏهن اچي ها ته شايد اسين ايئن نه هجون ها، جيئن اڄ آهيون. اهي ماڻهوءَ جون ذاتي داخلي حالتون آهن، جيڪي هن کي ٻاهرين زندگيءَ ۾ ٺاهيو يا ڊاهيو ڇڏين....‘
”آءٌ تنهنجي گهر اچي سگهان ٿو؟“ جانيءَ کي ماٺ نه وڻي.
”ڇا مون کي رسمي دعوت ڏيڻي پوندي؟“
جاني کلڻ لڳو.
”تون جڏهن به چاهين اچي سگهين ٿو.“
وري به ماٺ ٿي وئي. ٻنهي وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه هوئي ڪونه.
”هاڻي هلڻ کپي،“ ڪنول ٻوسٽ محسوس ڪندي چيو.
”ڀلي،“ جانيءَ ڪار اسٽارٽ ڪئي. ”مون کي گهر جو پتو ٻڌائي ته تو کي ڊراپ ڪندو وڃان.“
ڪنول هن کي ائڊريس ٻڌائي ۽ سوچيو:’ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي. اسان گڏ رهڻ، گڏ جيئڻ چاهيو هو- پر هاڻي اسان کي اها به خبر ڪانهي ته اسين رهون ڪٿي ٿا ۽ جيئون ڪيئن ٿا؟
ڪار جڏهن ڪنول جي گهر جي اڳيان اچي بيٺي ته هن جانيءَ کي اندر هلڻ جي آڇ ڪئي.
”نه، اڄ نه، آءٌ تو وٽ سڀاڻي ايندس شام جو.“
۽ هن هٿ لوڏي ڪنول کان موڪلايو.
صبح جو ننڊ مان جاڳندي ئي ڪنول جي ذهن ۾ شام جو انتظار شروع ٿي ويو. يونيورسٽي ۾ ڪلاس وٺندي. اسٽاف روم ۾ ٻين سان ڳالهائيندي هن تي شام جو انتظار ڇانيل رهيو. هن کي پنهنجي ان بيچينيءَ ۽ انتظار واري ڪيفيت کان بڇان اچڻ لڳي. هن کي پاڻ تي ڪاوڙ آئي. پر پوءِ به هوءَ ان ڪيفيت کان جند ڇڏائي نه سگهي. هن کي خيال آيو: اڪيلين اداس شامن جو انت ته ٿيڻو ناهي، ان هڪڙي شام جو جاني آيو ته ڇا ٿي پيو. وري به ته اهي ئي شامون هونديون ۽ اڪيلائي هوندي.
شام جو جانيءَ اچڻ سان هن کان پڇيو،”تون هيئن اڪيلي ڪيئن ٿي رهي سگهين! تو کي مونجهه نٿي ٿئي؟“
”نه ته، آءٌ اڪيلي ڪٿي آهيان، يونيورسٽي مان موٽي اچي سمهي پوندي آهيان. رات جو ٽي وي ڏسندي آهيان يا ڪتاب پڙهندي آهيان. ڪڏهن ڪڏهن شام جو ڪا دوست اچي ويندي آهي. ۽ گهر ۾ مائي ته آهي ئي آهي، مسئلو آهي وقت گذارڻ جو، سو گذريو وڃي.“
”ها، مسئلو آهي وقت گذارڻ جو، جيڪو ائين نٿو گذري جيئن اسين چاهيون ٿا. پر خير، اسان جي نه چاهيندي ۽ اسان جي مرضيءَ جي خلاف به گذريو وڃي،“ جانيءَ ڪمري ۾ چؤطرف نهاريندي چيو. ”پر اڪيلائي ۾ جيڪا وحشت آهي سا نيٺ ماڻهوءَ کي ٿڪايو ڇڏي. سچ ٻڌائي، تون پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن آهين؟“
ڪنول ٽهڪ ڏنو. جانيءَ کي لڳو ته هن سندس سوال کي ٽهڪ ۾ اڏائي ڇڏيو هو.
”ماڻهن کي منهنجو هيئن رهڻ عجيب لڳندو آهي. هن معاشري ۾ ڪا به عورت پنهنجي رد خود رهي ته ماڻهن جي چوپچو جو موضوع بنجي ويندي آهي. پر مون کي پرواه ڪانهي. آءٌ پنهنجي مرضيءَ موجب رهڻ ٿي چاهيان. ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي مرضيءَ موجب جي رهيو آهي ته هن کي مطمئن هجڻ کپي. آءٌ مطمئن نظر نٿي اچان ڇا؟“
جاني چپ چاپ هن کي تڪي رهيو هو.
”مون کي ائين ڇو ڏسي رهيو آهين؟“ ڪنول مرڪندي چيو. جانيءَ ڪو به جواب نه ڏنو، رڳو ڏسندو رهيو.
”پليز، مون کي ائين نه ڏس.“ جانيءَ جون نظرون ڪنول جي من ۾ ولوڙ پيدا ڪرڻ لڳيون. هن اکيون هيٺ ڪري جانيءَ جي نظرن کان پاڻ کي ڇڏائڻ چاهيو.
جاني پنهنجي جاءِ تان اٿي ڪنول جي پاسي ۾ اچي ويٺو. سندس هٿ پنهنجن هٿن ۾ وٺندي هن چيو،”ڪنول، اسين ٻئي خوش ڪونه آهيون ۽ ٻئي اها ڳالهه لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.“
ڪنول پنهنجو ڪنڌ جانيءَ جي ڪلهي تي لاڙي ڇڏيو. ’وقت بيهي رهي جيڪر اسين ٻئي پنڊ پهڻ بنجي وڃون. ڪيڏو سڪون ۽ آرام آهي جانيءَ جي ڪلهي جي سهاري ۾. سهاري کان سواءِ زندگي گذارڻ ڪيڏي مشڪل آهي، پر هي سهارو عارضي آهي. اڄ آهي، هن گهڙيءَ آهي. سڀاڻي نه هوندو....‘
”ڪنو“ جانيءَ سرٻاٽ ڪيو.
”جاني.....“
جانيءَ ڪنول جو منهن پنهنجن هٿن ۾ جهلي هن جي اکين ۾ نهاريو.
”تون مون کي ائين ڇو ڏسندو آهين؟“ ڪنول جا چپ ڦڙڪڻ لڳا هئا. جانيءَ هن جي ڦڙڪندڙ چپن ۾ پنهنجا چپ ڀچائي ڇڏيا. ڪنول کي لڳو ته سندس ذهن نستو ٿيندو پئي ويو. جسم ۾ ڪا لهر اٿڻ لڳي هئي ۽ سندس ساهه ڇڪجندو چپن ۾ اچي ڦاٿو هو.

ڪنول اسٽاف روم ۾ اڪيلي ويٺي هئي. ٻيا سڀ ٻاهر ڪاريڊور ۾ اس تي ويٺا هئا. ڪلهه شام واري بوريت اڃا هن تي ڇانيل هئي، جاني ڳچ ڏينهن کان پوءِ آيو هو ۽ اچڻ شرط چيو هئائين، ”ضروري ڪم سان آيو هوس، وري اڄ ئي ڳوٺ واپس وڃڻو آهي.سوچيم ته گهڙي کن لاءِ تو کي ڏسندو وڃان.“
”ان گهڙي کن جي لاءِ اچڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي؟“
”ائين تو کي ڏسڻ لاءِ. گهڻا ڏينهن ٿي ويا هئا،“ جاني مرڪيو، ڪنول کي چڙ اچي وئي. هن جانيءَ ڏانهن ڏٺو ۽ چپ ۾ زور سان چڪ پائي منهن ڦيري ڇڏيو.
”هڪڙو ته تو کي ڪاوڙ اچي گهڻي ٿي ۽ جڏهن اچي ٿي ته ان کي دٻائي ٿي ڇڏين. وڙهندي ڪر، گاريون ڏيندي ڪر، پنهنجن ڊگهن ننهن سان منهنجي منهن ۾ رانبوٽا هڻندي ڪر، پر پنهنجي چپ کي ائين بيدرديءَ سان چڪ پائي ڇني رتو رت نه ڪندي ڪر.“
”ٺيڪ آهي. منهنجي مرضي. آءٌ پنهنجي ڪاوڙ پاڻ تي لاهڻ ٿي چاهيان، چپ منهنجو آهي. مڙئي خير آهي،“ ڪنول ڪاوڙ کي روڪي ڌيرج سان وراڻيو.
”چپ ته تنهنجو آهي، پر تڪليف مون کي ٿي ٿئي.“
ڪنول ڏٺو ته جانيءَ جي اکين ۾ شرارت هئي.
”ڇو؟ تو کي تڪليف ڇو ٿيڻ کپي؟“
”ڇنل چپ کي چمڻ ۾ تڪليف نه ٿيندي؟“
جانيءَ ٽهڪ ڏنو. هوءَ مرڪي به نه سگهي. پر نه، سندس ڏند ظاهر ٿيا هئا، جيئن جاني ائين نه سمجهي ته هن سندس مذاق کي enjoy نه ڪيو آهي. پوءِ هو جلدي هليو ويو.
سڀ ڪجهه نئين سر شروع ٿي ويو هو. جاني هاڻي مهيني ۾ هڪ ٻه ڀيرا هن وٽ ايندو هو. ڪنول سوچيو ته اهو سڀ شروع ڇو ٿيو. ۽ ان جي پڄاڻي ڪٿي ٿيندي.... ’اسين اڄ به اتي بيٺا آهيون جتان اسين جدا ٿيا هئاسين. اسان کي گهڻو ڪجهه بدلجي وڃڻ کپندو هو، هن وقت اسان کي اهو نه هجڻ کپي جيڪي اسين ٻه سال اڳ هئاسين. هونءَ گهڻو ڪجهه بدلجي ويو آهي. حالتون.....وقت.....پوءِ به اسين هڪ ٻئي لاءِ اهي ساڳيا آهيون. ساڳيءَ طرح سوچيون ٿا، اها ڪهڙي سزا آهي؟ اها پيڙا جيڪا ٻه سال اڳ اسان جي زندگيءَ ۾ گهڙي آئي هئي سا هميشہ رهندي؟ اهو ڇا آهي؟ ڇا هي؟ ’هن چاهيو ته رڙيون ڪري.’اها سراسر جذباتيت آهي، پاڳلپڻو آهي.‘ تڏهن هن چرين وانگر ٽهڪ ڏيڻ چاهيا. پر ڪو ڳوRهو هو جيڪو گلي ۾ اچي اٽڪيو هو. کيس پاڻ کان شديد نفرت جو احساس ٿيو.
”ڪنول,“ ڪنهن اندر اچي کيس سڏ ڪيو.
ڪنول پاڻ کي عام رواجي حالت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. سلميٰ کيس حيرت مان ڏسي رهي هئي.
”ڇا ڳالهه آهي؟ طبيعت ٺيڪ نه اٿئي ڇا؟“
”ائين ئي ويٺي ويٺي ساهh منجهڻ لڳو هو.“
”اهو ته خطرناڪ آهي. ڊاڪٽر کي ڏيکار. ان سان هارٽ اٽيڪ به ٿي سگهي ٿو.“
”ها، اڄ شام جو ڊاڪٽر وٽ وينديس,“ ڪنول ڳالهه ختم ڪرڻ چاهي.
”هڪڙي ڳالهه پڇانءِ،“سلميٰ هن جي ويجهو ويهي پنهنجائپ وچان چيو.
”ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
”ادو جاني هاڻي تو وٽ باقاعدي ايندو آهي؟“
”چئبو ته چڱي پبلسٽي ٿي وئي آهي،“ڪنول مرڪڻ لڳي.
”ماڻهن جي ته تو کي خبر آهي ۽ سي به هتي جا! هميشہ ان تاڙ ۾ هوندا آهن ته کين ڪنهن جي ڪا ڳالهه هٿ اچي.“
”مون کي خبر آهي ته ماڻهو منهنجي باري ۾ ڇا چوندا آهن. هنن جي نظرن ۾ آءٌ بدنام آهيان. ڄاڻان ٿي. پر اهي ڳالهيون ته ويچارن لاءِ وڏي وندر آهن. نه ته هن سڃ ۾ ٻيو رکيو ڇا آهي؟“
”پر ڪنول، آخر اهو چڪر ڇا آهي؟“
”ڪهڙو چڪر؟“
”اهو ئي، جانيءَ جو تو وٽ اچڻ. هڪ دوست جي حيثيت سان منهنجي تو کي صلاح آهي ته اوهان شادي ڪري ڇڏيو. اجائي بدنامي مان ڪهڙو فائدو؟ آءٌ ته ڪنهن کان تنهنجي گلا ٻڌندي آهيان ته ان سان وڙهي پوندي آهيان.“
”تون آخر ڪيترو وڙهندينءَ منهنجي پاران،“ ڪنول کلڻ لڳي. ”ماڻهن کي چوڻ ڏي.“
”هاڻ تو کي ڪير سمجهائي. چڱو اُٿ ته ٻاهر اس ۾ هلي ويهون. ڪمرو ته ڏس ڪيترو سرد آهي,“ سلميٰ هن کي وٺي ٻاهر آئي.
سيارو ڀرپور انداز ۾ اچي چڪو هو. تيز سرد هوائون گهلڻ لڳيون هيون. آسمان تي جهڙ هو ۽ ڪيڏي ڪيڏي مهل بوندون ٿي وسيون. سيءُ تيهائين وڌي ويو هو. ٻاهر تيز سرد هوا جسم ۾ نوڪن وانگر چڀڻ ٿي لڳي ۽ اندر ڪمري ۾ هيٽر جي گرميءَ جي گهٽ ۽ ٻوسٽ هئي. ڪنول سخت ڊپريسڊ هئي. هن کي ڪا ڳالهه نٿي سجهي ته ان ڊپريشن مان جند ڪيئن ڇڏائي. نه ڪتابن رسالن ۾ مزو هو ۽ نه ئي ٽي وي تي چڱو پروگرام هو. در جو ڪڙو کڙڪيو ته هوءَ ڇرڪي وئي. هينئر رات جو اٺين لڳي ڪير آيو هوندو؟
مائي وڃي در کوليو ۽ تڪڙا تڪڙا قدم هن جي ڪمري ڏانهن آيا.
”جاني!“ هوءَ اٿي بيهي رهي ۽ سندس اکين ۾ چمڪ اچي وئي. ”آءٌ سخت ڊپريشن فيل ڪري رهي هيس. اهو ته سوچي به نٿي سگهيس ته هيئن اوچتو اچي ويندين....“
”اڃا به ڊپريشن آهي؟“ جانيءَ مرڪندي پڇيو.
”نڪو! هينئر ته ڊپريشن جو نالو به ڪونهي،“ ڪنول ٽهڪ ڏنو. ”ٻاهر ته ڏاڍو سيءُ آهي. اوهه.... تنهنجا هٿ ته ڪيترا ٿڌا آهن، جهڙا برف!“ ڪنول جانيءَ جا هٿ پنهنجن هٿن ۾ ورتا. سيءُ سبب جانيءَ جا چپ نيرا ٿي پيا هئا ۽ نڪ برف وانگر ٿڌو هو. ڪنول هن کي ڇڪي هيٽر جي ويجهو ڪيو ۽ پنهنجو منهن هن جي چپن ۽ نڪ تي مهٽڻ لڳي.
” ههڙي سيءَ ۾ نڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟“
”بس، اوچتو خيال آيو ۽ هليو آيس. هينئر سڌو ڳوٺان پيو اچان.“
”Poor Soul“ڪنول پنهنجا چپ هن جي چپن تي ڦيرائيندي چيو،”آءٌ تنهنجي لاءِ گرم گرم ڪافي ٺاهي ٿي اچان.“
”ڪافي تنهنجن چپن کان وڌيڪ گرم نه هوندي. ويهه. هڪ ضروري ڳالهه چوڻي آهي.“
ڪنول هن جي سنجيدگيءَ کي حيرت مان ڏٺو ۽ ويهي رهي.
”آءٌ تو سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان،“ جاني تڪڙو تڪڙو چئي ويو. ڪنول کي هو سخت بيوقوف لڳو.
”ان ڳالهه چوڻ جي لاءِ تون ههڙي سيءَ ۾ ڳوٺان آيو آهين،“ هوءَ کلڻ لڳي.
”پليز، ڪنول! آءٌ سيريس آهيان....“
”پر آءٌ نٿي چاهيان،“ ڪنول کل روڪي سنجيدگيءَ سان چيو.
”ڇو؟“ جاني کي ڄڻ ان جواب جي اميد نه هئي.
”بس. آءٌ نٿي چاهيان، منهنجي مرضي،“ هن منهن ڦٽائي چيو.
”ڪنو، ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. اسان جو هيئن ملڻ مناسب ڪونهي. ماڻهو ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن.“
”ماڻهو.......ماڻهو..“ هن بيزاريءَ مان چيو. ”ماڻهن جو ڪم آهي ڳالهيون ڪرڻ. تون جيڪڏهن ماڻهن کان ڊڄي مون سان شادي ڪرڻ چاهين ٿو ته مون کي نفرت آهي ان کان.“
”منهنجو اهو مطلب ڪونه هو،“ جاني پريشان ٿي پيو. ”ڪنو، تو کي خبر آهي ته آءٌ پنهنجي ذاتي زندگي ۾ ڪيترو دکي آهيان. هڪ ڌٻڻ آهي جنهن ۾ وڃان ٿو ڦاسندو. رڳو تون ئي مون کي بچائي سگهين ٿي. مون کي تنهنجي پيار جي پناه کپي. پر هيءَ صورتحال ڪيستائين رهندي؟ تنهنجي لاءِ به اهو بهتر ناهي. اسان جي معاشري ۾ اهو باعزت طريقو ڪونهي، ڇو ته اسان وٽ اهڙين عورتن کي سريت ڪوٺيو ويندو آهي. تون منهنجي Keep ناهين ۽ آءٌ تنهنجي لاءِ ڪا به اهڙي ڳالهه سهي نٿو سگهان.“
”ٺيڪ آهي. Keep ٿي رهڻ آءٌ به نٿي چاهيان. پر ان سان گڏ اهو به نٿي چاهيان ته مون کي تنهنجي ٻي زال جو نالو ڏنو وڃي، جيڪا عام ٻوليءَ ۾ پهاڄ هوندي آهي. جيڪڏهن ماڻهن جي ڳالهه ٿو ڪرين ته هو اهو به چوندا ته مون تو سان شادي ان ڪري ڪئي آهي جو تو وٽ پئسو آهي، زمينون آهن، ڪار ۽ بنگلو آهي. نه. آءٌ ٻين جي نظر ۾ پنهنجو اهو ڪردار ڪڏهن به پسند نه ڪنديس.“
”هونءَ ته تون چوندي آهين، ته تو کي ماڻهن جي پرواه ڪانهي، پوءِ ان ڳالهه ۾ پرواه ڇو ٿي ڪرين؟“
”مون ڪڏهن به پرواه نه ڪئي آهي. جيڪڏهن پرواه ڪريان ها ته هيئن اڪيلي نه رهان ها ۽ تو سان نه ملان ها. پر آءٌ اهو برداشت نٿي ڪري سگهان ته مون کي لالچي سڏيو وڃي ۽ ائين چيو وڃي ته مون تو کي دولت جي ڪري ڦاسايو آهي. تنهنجي زال ۽ تنهنجا مائٽ به ته ائين سمجهندا.“
”اوهه ڪنو....“ جانيءَ پيشانيءَ کي مهٽڻ لڳو.
”جاني، تون منهنجي پوزيشن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. آءٌ پاڻ کي ذهني طور ڪيرائي نٿي سگهان...“ ڪنول هن جي گلي ۾ ٻانهون وجهندي چيو.
جاني ڪجهه دير تائين ماٺ ڪري ويٺو رهيو. پوءِ چيائين، ” نه ڪنو، مون کي هيءَ صورتحال نٿي وڻي. تون وري به سوچ. آءٌ سڀاڻي هن وقت تو وٽ ايندس.“ هو اٿي بيٺو ۽ وڃڻ لڳو. ڪنول هن کي روڪڻ چاهيو، پر روڪي پاڻ کي ورتائين ڪجهه چوڻ کان. هوءَ چپ چاپ ٻاهرين دروازي تائين گڏي آئي. جاني دروازو کولي پوئتي مڙيو ۽ ڪنول کي ڏسندو رهيو. ڪنول چاهيو ته هوءَ کيس چئي:’ تو کي خبر آهي ته آءٌ تو کي ڇو چوندي آهيان ته تون مون کي ائين نه ڏسندو ڪر؟ مون کي لڳندو آهي ڄڻ تون مون کي آخري ڀيرو ڏسي رهيو آهين....‘ ۽ تيستائين جاني در ٻيڪڙي وڃي چڪو هو.
شام کان وٺي اينگهيل وقت اينگهجي اينگهجي گذري ويو. رات رڙهندي وڌيڪ سرد ٿيندي وئي. ڏهه ٿي ويا. ڊپريشن جي هڪ وڏي لهر اٿي ۽ ڪنول جي وجود مٿان وري وئي. هن کي مٿي ۾ سخت سور محسوس ٿيو. هوءَ اٿي بيهي رهي ۽ پوءِ ڪمري ۾ هلڻ لڳي. اوچتو هن کي خيال آيو ته جاني نه ايندو. هاڻي ڪڏهن به نه ايندو. ڪنول ڏڪي وئي. هن کي پنهنجي ان خيال تي اعتبار نه آيو. هن اها ڳالهه مڃڻ نٿي چاهي. تڏهن هن جي من ۾ زوردار خواهش اڀري سگريٽن پيئڻ جي ۽ پنهنجي اندر جي وڏي اکٽ خلا کي دونهن سان ڀري ڇڏڻ جي. هن الماري کولي. جانيءَ جي سگريٽن جا چار پنج پئڪيٽ رکيا هئا. ڪنول هڪ پئڪيٽ ۽ ماچيس کڻي اچي ڪرسيءَ تي ويٺي- هن پئڪيٽ کولي سگريٽ ڪڍيو ۽ سندس هانءُ ڀرجي آيو. چپ کي زور سان چڪ پائي پاڻ کي روئڻ کان روڪيائين. هڪڙو لڙڪ هن جي من جيان ڀٽڪندو هٿ تي اچي ڪريو. ڪنول هٿ مٿي کڻي زبان سان ان لڙڪ کي اگهي ڇڏيو. ( ذائقو ڪسارو لوڻياٺو سندس زندگيءَ جيان!) هن سگريٽ دکائي هڪ ڊگهو ڪش هنيو. دونهون سندس ڦڦڙن ۾ ڀرجي ويو ۽ هوءَ کنگهڻ لڳي. ٻه سال اڳ جڏهن جانيءَ شادي ڪئي هئي، ڪنول پهريون ڀيرو سگريٽ پيتو هو. تڏهن به کيس کنگهه ٿي هئي. ڪيڏي ڊگهي عرصي کان پوءِ هن کي وري سگريٽن پيئڻ تي دل ٿي هئي. ڪنول کي خيال آيو ته هوءَ تڪڙا تڪڙا ڪش ڀري رهي هئي ۽ سندس هٿ ڏڪي رهيو هو. پن سڀ ڇڻي ويا هئا ۽ هن پنهنجي اڱڻ ۾ سڪل پنن جي کڙ کڙ جو آواز چٽو پئي ٻڌو. سياري جي هوا ڪمري جي کليل دروازي مان اندر گهڙي پئي آئي. ڪنول اٿي دروازو بند ڪرڻ چاهيو، پر هن سوچيو جيڪڏهن جانيءَ ٻاهرئين در جو ڪڙو کڙڪايو ته! ٻڌي ڪيئن سگهبو؟ مائي ته سمهي پئي هوندي. ڪنول در کي بند ڪرڻ جو خيال لاهي ڇڏيو. هن پاڻ کي لوئي سان چڱي طرح ويڙهيو. سگريٽ پورو ٿيڻ تي هو. ڪنول ان سگريٽ مان نئون سگريٽ دکايو ۽ ٽوٽو ايش ٽري ۾ مروڙي ڇڏيو.
’اڪيلائيءَ ۾ ايتري هيبت ڇو آهي؟ آءٌ هميشہ ميڙ کان پري ڀڄندڙ آهيان. اڪيلائي چاهيندي به ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته اڪيلائي راڪاس وانگر مون کي ڳڙڪائيندي پئي وڃي. نه نه، آءٌ ساڌو سنياسڻ ڪانه آهيان جو اڪيلي رهان. پر جيڪڏهن آءٌ گوتم ٻڌ جي دور ۾ هجان ها ته شايد ڀکشو بنجي وڃڻ پسند ڪريان ها. ماڻهو وڏا ذليل آهن. دنيا وڏي ذليل آهي ۽ آءٌ وڏي ذليل آهيان جو ذليل دنيا ۾ جيئان پئي. هو اڃا آيو ڇو ڪونهي؟ کيس اچڻ کپندو هو. گهٽ ۾ گهٽ اڄ.... اڄ ته ضرور اچي. جيڪڏهن اڄ آيو ته آءٌ هن جي ڳالهه مڃي وينديس. هڪدم هائوڪار ڪنديس. مون پاڻ کي هميشہ اڀڪپري تي ويٺل محسوس ڪيو آهي. تڏهن مون کي لڳو آهي ته آءٌ اجهو ڪريس، اکٽ کاهيءَ ۾. هوا ته گهڻو ئي زور لاتو آهي پر پير بي نڪا آهن. ڄميائي بيٺا آهن.‘ ڪنول کي کل اچي وئي. سگريٽ جو دونهن کاٻي اک ۾ گهڙي آيو ۽ اک ۾ باه ڀرجي وئي. ٻنهي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.
’اڪيلائي ڪيڏي موتمار آهي.... ڪيڏي هيبتناڪ آهي.... ڪيڏي گهٽيندڙ آهي.... ۽ جاني ڪيڏو ذليل آهي. منهنجي اڪيلائيءَ... هيڏي ساري رڻ جيڏي اڪيلائي جو احساس ئي ڪونهيس. پر اڃا آيو ڇو ڪونهي. اڄ ته اچي. اڄ ته ڪيئن به ڪري اچڻ کپيس. جاني.... جاني.... جــ آ آ ني..... جــ آ آ آ آ ن...‘ اتر جي تيز سرد هوا ٻاهر اڱڻ ۾ سوسٽ ڪري رهي هئي. هن جا واڪا سيءَ ۾ ڄمي برف بنجي ويا.
ڪنول جون آڱريون سڙڻ لڳيون. هن ٽوٽو ايش ٽري ۾ ڦٽو ڪيو. ايش ٽري سگريٽن سان ڀرجي چڪو هو ۽ هيٺ فرش تي به سگريٽ پکڙيا پيا هئا. هن نئون سگريٽ دکايو. اوچتو هن کي محسوس ٿيو ته ٻاهرين در جو ڪڙو کڙڪي رهيو هو. هوءَ پيرين اگهاڙي ڍوڙندي ٻاهر وئي ۽ بنا پڇڻ جي در کوليائين. ٻاهر ڪو به نه هو. هڪ ڪار زوڪاٽ ڪندي روڊ تان لنگهي وئي. سخت سيءُ هو. ڪنول در بند ڪري واپس موٽي ڪمري ۾ ڪرسيءَ تي اچي ويٺي ۽ سگريٽ تڪڙو تڪڙو پيئڻ لڳي. هن کي هڪ خيال آيو ۽ هوءَ سگريٽن جو پئڪيٽ ۽ ماچيس کڻي ٻاهر اڱڻ ۾ اچي بيٺي.
’سڄي رات هتي بيهي جانيءَ جو انتظار ڪنديس. چاهي ڇا به ٿي پئي. ڀلي سيءَ ۾ ڄمي برف بنجي وڃان. ڪمري ۾ ويهي انتظار ڪرڻ هاڻي منهنجي سهپ کان ٻاهر آهي. هر گهڙيءَ ائين ٿو لڳي، ڄڻ جاني ٻاهر سيءَ ۾ در تي بيٺو آهي. ٿي سگهي ٿو هو هينئر سيءَ ۾ ٻاهر نڪتو هجي. مون کي خبر نه هئي ته پيار ۾ ايڏي پيڙا به آهي. ايڏو عذاب! اهو ڪهڙو چريو آرٽسٽ هو، جنهن پنهنجي محبوبه جي پيءُ کي اهو ڏيکارڻ لاءِ ته هن کي سندس ڌيءَ سان ڪيترو پيار آهي؛ ٻرندڙ ميڻ بتيءَ تي پنهنجو هٿ جهلي ساڙيو هو. آخر ڇو؟ ڇو؟ ڇو؟ ڇا هي پيار ۾؟ اها ڪهڙي چريائپ آهي.... ڇا جاني به اهو سڀ محسوس ڪندو هو، جيڪي آءٌ محسوس ڪريان ٿي؟ ٿي سگهي ٿو هو هاڻ نه اچي. منهنجي آخري جواب ٻڌڻ لاءِ ئي ته در وٽ بيهي رهيو هو. هو هاڻي نه ايندو. اهو ٿيڻو ئي هو. اسين جڏهن ٻيهر مليا هئاسين تڏهن مون کي محسوس ٿيو هو ته اسين وري به ٻيهر جدا ٿيڻ لاءِ مليا آهيون. ٺيڪ آهي. آءٌ به پاڻ کي ڪيرائي نٿي سگهان. مون جانيءَ لاءِ اهو ڪڏهن به نه سوچيو آهي ته آءٌ هن کي ٻڌي پاڻ وٽ ويهاري ڇڏيان. مون هن کي ڪڏهن مجبور نه ڪيو آهي ته هو پنهنجي زال ۽ ٻار ڇڏي رڳو مون وٽ رهيو پيو هجي. جيڪڏهن هو اڳي وانگر وري به هليو وڃي ته ڇا آءٌ هن کي روڪي سگهان ٿي! روڪي ته آءٌ هن کي اڳي به نه سگهي هيس. تڏهن هو ڪيئن بزدلي ڏيکاري هليو ويو هو.‘ ڪنول جي من ۾ اُٻڙڪو آيو. هڪ سڪل پن اڏامندوسندس منهن تي اچي لڳو ۽ کڙ کڙ ڪندو هيٺ ڪري پيو. ڪنول کي پنهنجا پير ساڻا ساڻا ۽ مئل محسوس ٿيا.
سگريٽ ختم ٿي چڪو هو. هن ٽوٽو اڇلائي نئين سگريٽ ڪڍڻ لاءِ پئڪيٽ کوليو. باقي ٻه سگريٽ وڃي بچيا هئا. هن ٻئي سگريٽ ڪڍي انهن کي ساڻين ڄمي ويل آڱرين ۾ مروڙي هيٺ اڇلائي ڇڏيو. پوءِ سن ٿي ويل پيرن کي گهليندي اندر ڪمري ۾ آئي ۽ بتي وسائي پلنگ تي ليٽي پئي.

گلي ۾ ڦاٿل سڏڪو

هوءَ مشين کي تيز تيز هلائڻ لڳي، جيئن سندس سوچ پٺتي رهجي وڃي. اوچتو احساس ٿيو هن کي ته بابين جو ڌاڳو ختم ٿي ويو هو ۽ هوءَ پوءِ به مشين هلائيندي پئي رهي هئي. هن مشين بند ڪري ڇڏي. مشين جي گوڙ ختم ٿيڻ سان هڪدم خاموشي ڇانئجي ويئي. هن ڀت تي لڳل اليڪٽرڪ گهڙيال ڏي ڏٺو. ٻئي ڪانٽا ٻارنهن کي ويجهو وڃي پهتا هئا. هن کي رات جي اڪيلائيءَ جو شدت سان احساس ٿيو. جيڪڏهن ڪو چور گهر ۾ گهڙي اچي ته هوءَ اڪيلي ڇا ڪندي!
هن سوچيو، ڊڄڻي ته آئون ننڍي هوندي کان آهيان. نانيءَ جنن ڀوتن جون ڳالهيون ٻڌائي ٻڌائي اهڙو ڊيڄاري ڇڏيو جو رات جي وقت پنهنجي پاڇي کان ڇرڪندي آهيان. مون اها ڳالهه آصف کي ٻڌائي به هئي. هن کي خبر آهي ته آئون ڪيتري ڪمزور دل آهيان. پر هو ائين ڪري ڇو ٿو؟ هو مون کي ڄاڻي واڻي ٽارچر ڇو پيو ڪري؟ جيڪڏهن ڪا ڳالهه اهڙي آهي ته مون کي ٻڌائي ڇو نٿو؟ آئون ته پڇي پڇي بيزار ٿي پيئي آهيان. چئي ٿو ته ڪا ڳالهه ناهي، تو کي وهم آهي. ٺيڪ آهي، آئون وهمي آهيان. پر هن جو رويو ڪيتري وقت کان بدليل آهي. زوريءَ مس ته ڳالهائي ٿو، سو به جڏهن آئون ايترو مٿو هڻندي آهيان. مون کي اکيون ڪونهن جو ڏسان ته هو ڪيترو بيزار بيزار پيو ٿيندو آهي. پوري ماني به ته ڪونه ٿو کائي. ٻه – ٽي گراهه کڻي اٿي کڙو ٿيندو آهي. آئون پڇندي آهيان، ” ڇو جان، ڇا ڳالهه آهي؟ ماني نه وڻي ڇا؟“ ته هو بي دليءَ سان چوندو آهي، ”نه، مون کي بک ڪانهي.“ روز بک ڪانهي! ٽيئي ويلا بک ڪانهي! پوءِ هلي ڪيئن ٿو؟ نه، آئون ڄاڻان ٿي ته هو ڪٿان ٻاهران کائي ٿو اچي. هاڻي ته رات جو به دير سان گهر اچي ٿو. پلنگ تي منهن ورائي ليٽي ٿو پئي. آئون کيس ڀاڪر پائڻ چاهيندي آهيان ته چڙي منهنجون ٻانهون پٽي پري اڇلائيندو آهي، ڄڻ مون کان ڪراهت ايندي هجيس. جيڪڏهن وس پڄي ته مون سان گڏ سمهي ئي نه. پر ڊبل بيڊ جو آهي. پورو مهينو ٿي ويو آهي ته هن مون کي پيار به نه ڪيو آهي. پيار وڃي کڏ ۾ پئي، پر هو ائين ڇو ٿي ويو آهي! ايترو بدلجي ڇو ويو آهي!
ثريا کي ياد آيو ته بابين جو ڌاڳو ٽٽي پيو هو ۽ هن ڪيتري دير کان سبيو نه هو. هوءَ ٺونٺ مشين تي رکي کاڏي تريءَ تي ٽڪائي وري سوچ ۾ گم ٿي ويئي.
هو مون کي ڪيترو چاهيندو هو! شاديءَ واري رات هن مون کي چيو هو، ”ثريا! تون شايد اعتبار نه ڪندينءَ، پر تون منهنجي زندگيءَ ۾ پهرين ۽ آخري عورت آهين. تون يقين ڄاڻ ته آئون تو کي پنهنجي زندگيءَ کان به وڌيڪ چاهيندس،“ ۽ آئون هن کي چنبڙي ويئي هيس. مون هن جي ٻانهن جي پناهه کي قبول ڪري ورتو هو. پر مون کي خبر ڪانه هئي ته اها پناهه عارضي پناهه آهي. ڪو وقت ايندو جڏهن آئون رات جي اڪيلاين کان ڊڄندي ڏڪندي رهنديس ۽ ڪا به پناهه نه هوندي منهنجي لاءِ. آصف چئي ٿو ته آئون وهمي آهيان، مون ته پهرين رات دل جي گهراين سان هن جي ڳالهين تي اعتبار ڪيو هو. مون ٻڌو هو ته مرد شادي جي رات اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪندا آهن، پر مون ته ڄڻ هن تي ايمان آڻي ڇڏيو هو. اڃا سال مس گذريو آهي ته اهي سڀ ڳالهيون هوا ٿي ويون. هن کي ڪڏهن ياد ايندو هوندو ته هن پهرين رات ڇا ڇا چيو هو! هو ته سڀ وساري چڪو آهي. هاڻي ته جڏهن گهر مان ٻاهر نڪرندو آهي ته مون کي به وساري ڇڏيندو آهي. پر مون کي لڳندو آهي ته گهر ۾ به ڄڻ هو منهنجي وجود کان بيخبر آهي. آخر هن کي ٿي ڇا ويو آهي؟ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا هو مون کي ٻڌائڻ نٿو چاهي؟ ڪالهه مون هن کي جڏهن گهڻو چيو تڏهن رڳو ايترو چيائين، ”اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي. پر کڻي هجي به ته ان سان تنهنجو ڪو واسطو ناهي.“ ٺيڪ آهي. مڃيم، ان ڳالهه جو تعلق کڻي مون سان نه به هجي، پر هن جي جيڪا پريشاني آهي تنهن ۾ آئون شيئر ڪرڻ چاهيان ٿي. آخر هو اها ڳالهه سمجهي ڇو نٿو؟ کيس اها خبر ڪانهي ڇا ته پاڻ منهنجي ڪل ڪائنات آهي- جيڪڏهن پاڻ پريشان آهي ته آئون ڪيئن لاتعلق رهي سگهنديس. منهنجا خدا! هو سمجهي ڇو نٿو....“
ثريا نرڙ کي زور سان مهٽيو. هن کي مٿي ۾ سخت سور محسوس ٿيو.
هو ايترو پريشان ڇو آهي؟ هن جي پريشانيءَ کيس مون کان ڪٽي الڳ ڪري ڇڏيو آهي. آئون هن جي هوندي به اڪيلي ۽ الڳ آهيان ۽ ڪٽيل ڪٽيل آهيان هن کان. نه، اهو منهنجي سهپ کان مٿي آهي. هن جي اهڙي حالت هجي ۽ مون کي ڪا خبر نه هجي ۽ آئون هن جي لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهان! منهنجن هٿن مان، ٻانهن مان، چپن مان، جسم مان اها قوت ختم ٿي ويئي آهي جيڪا هن کي سهارو ڏيئي سگهي، هن جو من پرڀائي سگهي. آئون ته هن جو ٻار وانگر خيال رکندي آهيان. هن کي ڏسندي آهيان ته من اندر ڪيتري نه خوشي ڀرجي ويندي آهي. چاهيندي آهيان ته هن کي ڏسندي رهان. هن کي هلندي، ويهندي، ماني کائيندي ڏسي اندر پيو ٺرندو آهي. آئون هن کي ڪيترو چاهيان ٿي.... ڪيترو چاهيان ٿي.... ان جو هن کي ڪو اندازو به ناهي شايد!
اوچتو در جي گهنٽي وڳي ۽ ثريا ڇرڪي اٿي بيهي رهي. در وٽ وڇي هن پڇيو، ”ڪير آهي؟“
”آئون آهيان.... آصف!“ هو ڄڻ ڪاوڙيو بيٺو هو.
ثريا در کوليو ۽ هڪ آس سان هن جي منهن ۾ ڏٺو. هُو ائين ئي هو، مُنجهيل مُنجهيل پريشان. آصف هن ڏانهن نهارڻ کان سواءِ اندر هليو ويو. ثريا در بند ڪري هن جي پٺيان ويئي، آصف بيڊ روم ۾ وڃي صوفي تي ويهي رهيو.
”جان، تون ڪپڙا بدلائي وٺ، تيسين آئون ماني گرم ڪري کڻي ٿي اچان،“ ثريا چيو.
”نه، تون تڪليف نه ڪر،“ آصف جو ٻُڏل آواز اوڀريو. هن ڄڻ ڪوشش ڪري اهو جملو چيو هو.
”ڇو؟“ ثريا کي اهو جملو ڏاڍو ڏکيو لڳو. ”تڪليف ته ڌارين لاءِ ڪبي آهي. تون مون کي ڌاريو....“
”او ثريا، پليز!“ آصف هٿ مٿي کڻي هن کي وڌيڪ چوڻ کان روڪي ورتو.
”تون ماني کائي آيو آهين ڪٿان؟“ ثريا پنهنجي ڪاوڙ کي ضبط ڪندي چيو:
“نه، مون کي بک ڪانهي.“
ثريا هيٺئين چپ کي چڪ پاتو. هن کي ڊپ هو ته ڪٿي هوءَ پنهنجو پاڻ تان ضابطو وڃائي نه ويهي ۽ جيڪڏهن ڳالهه شروع ٿي ته پوءِ الائي ڇاڇا ڳالهائي ويندي.
”تون هيڏانهن اچي ويهه،“ آصف هن کي پاڻ ڏي سڏيو. ”مون کي تو سان ڪجهه ضروري ڳالهائڻو آهي،“ آصف ديوار ڏانهن ڏسي رهيو هو.
ثريا هن ڏانهن غور سان ڏٺو ۽ پوءِ هيٺ‎ قالين تي رکيل مشين وٽ ويهي رهي. آصف خاموش رهيو. ثريا هن ڏانهن ڏسندي رهه. هو ڪيڏو لهي ويو هو ۽ ڪيترو پريشان پريشان پئي لڳو. ثريا جي دل ۾ هن جي لاءِ اٿاهه همدرديءَ جي لهر اٿي. هن چاهيو ته اٿي سندس پاسي ۾ وڃي ويهي ۽ هن جو مٿو پنهنجي هنج ۾ رکي سندس وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي رهي. پر هوءَ اٿي نه سگهي ۽ هن چيو،”توهين ايترا پريشان ڇو آهيو؟“
ثريا کي خبر هئي ته سندس ان رٽيل سوال جو رٽيل جواب ئي ملندو: ’نه، اهڙي ڪا خاص ڳالهه ڪانهي.‘ پر آصف خاموش رهيو. هن رڳو ثريا ڏانهن هڪ ڀيرو ڏٺو ۽ پوءِ آڱرين مان ٺڪاءُ ڪڍڻ لڳو.
ثريا کي خيال آيو ته هوءَ رڙيون ڪري مٿو ديوار سان ٽڪرائي ۽ چوي: ’مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو تون مون کي ايترو ٽارچر پيو ڪرين!‘
”ثريا!“ آصف آهستي چيو ۽ هڪ ڀيرو هن ڏانهن ڏسي نظرون هٽائي هيٺ ڏسڻ لڳو.
”مون کي خبر آهي ته مون تو کي ڏاڍو پريشان ڪيو آهي. مون چاهيو ٿي ته مسئلي جو ڪو حل نڪري اچي، پر مون کي ڪو به رستو نظر نٿو اچي. آئون به پريشان رهان ۽ تو کي به پريشان ڪريان، ان کان بهتر آهي ته ڳالهه هڪڙي پاسي ٿئي.....“ هو چپ ٿي ويو.
ثريا کي هڪ اڄاتو خوف محسوس ٿيو. هن جي دل زور سان ڌڙڪڻ لڳي. هانءُ ٻڏڻ لڳو.
”ثريا، پاڻ ٻنهي لاءِ بهتر اهو آهي ته اسين هڪٻئي کان الڳ ٿي وڃون. جن حالتن ۾ اسين گڏ رهون پيا، تنهن کان نه رهڻ ئي چڱو آهي. مون کان تو کي سواءِ پريشانين جي ٻيو ڪجهه نه ملي سگهي شايد.... مون کي افسوس آهي- پر آئون..... آئون ڪنهن کي چاهيان ٿو، هن کان سواءِ زندهه نٿو رهي سگهان، ان حالت ۾....“ هو خاموش ٿي ويو.
رڙ ثريا جي گلي ۾ اچي اٽڪي پئي. هن کي لڳو ته سندس هٿن پيرن مان ساهه نڪري ويو هو. پوءِ به الائي ڪيئن هوءَ اٿي بيهي رهي.
”تون ماني کائي ڪونه آيو هوندين. آئون تنهنجي لاءِ ماني گرم ڪري کڻي ٿي اچان،“ هو يڪساهي چئي ويئي ۽ هن کي پنهنجو پاڻ تي حيرت لڳي.
آصف هن کي هٿ جي اشاري سان روڪيو.
”نه، تون ويهه، مون کي تو سان ڳالهائڻو آهي.“
هوءَ بيٺي رهي. هن جون ٽنگون سڪي ڪاٺ بنجي ويون هيون.
”بهتر آهي ته اسين فضيلت سان هڪٻئي کان الڳ ٿي وڃون. منهنجو مطلب آهي ته الڳ ٿيڻو ئي آهي ته پوءِ هروڀرو جي گهِل مان ڇا حاصل! ڳالهه وڌندي ته ان مان ورندو ڪجهه ڪونه. بهرحال، تو کي جيڪي کپي سو تون کڻي سگهين ٿي. ٻيو به تولاءِ آئون جيتري قدر ڪري سگهيس، سو ضرور ڪندس. ۽ ...“
”تون..... تون.... آئون تولاءِ ماني کڻي ٿي اچان....“ ثريا تڪڙ ۾ هن جي ڳالهه ڪاٽي ۽ پوءِ تڪڙي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويئي. هوءَ رڌڻي ۾ گئس جي چلهي وٽ اچي بيٺي. هن ماچيس کڻي تيلي ٻاري ۽ ٻريل تيلي چلهي جي برنر ويجهو آندي. چلهو ڀڙڪو کائي ٻري پيو. ثريا جي گلي ۾ ڦاٿل سڏڪو اوچتو نڪري آيو. هن جو هانءُ ڄڻ ڦسي پيو ۽ پوءِ هوءَ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي.

آسي

هن جي فضل خان سان ڏاڍي دل هوندي هئي. فضل خان به ڪو هن کي گهٽ ڪونه ڀائيندو هو، ان ڪري هو جڏهن ٻاهر ويندو هو ته هوءَ بي آرام ٿي پوندي هئي. هن کي هڪ اڻ ڄاتو ڊپ ٿيڻ لڳندو هو. هڪ رات فصل خان کي مٺ ڀيڙ ڪندي هن چئي ڏنو:
”تون ڪيڏانهن ٻاهر ٿو وڃين ته...“
”ته!.....خير ته آهي؟“ فضل خان هن کان پيار مان پڇيو.
”مون کي ڊپ ٿو ٿئي!“ هن هٻڪندي هٻڪندي چيو.
”ڇا جو ڊپ؟...“ فضل به گهٻرائجي پيو.
”بس.... تون ٻاهر ويندو آهين ته مون کي سک ڪونه ايندو آهي، الائي ڇو....“
”چري! اها به ڪا ڳالهه آهي،“ فضل خان پيار مان هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي چيو. هن پنهنجو مٿو فضل خان جي سيني تي رکي ڇڏيو.
هوءَ غريب مائٽن جي ڌيءَ هئي، پر هئي فضل خان جي ذات جي. هن جا مائٽ فضل خان جا هاري ته ڪونه هئا، پر سال به سال لاباري ڪرڻ جي لاءِ سندس ڳوٺ ايندا هئا. فضل خان جڏهن آسيءَ کي پهريون ڀيرو سنهري سنگ لڻندي ڏٺو، تڏهن ڄڻ پنهنجي دل لڻائي ويٺو.
آسيءَ جا مائٽ پاڻ کي وڏن ڀاڳن وارا سمجهڻ لڳا، جڏهن فضل خان هنن کان آسي جو سنڱ گهريو، آسي به گهٽ خوش ڪانه هئي، ۽ فضل خان جي پيار ته هن جي خوشي کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو. پر ڪڏهن ڪڏهن هوءَ وياڪل بنجي ويندي هئي؛ هن کي ڪنهن ڪنهن وقت اها ڳڻتي کڻي ويندي هئي ته ڪٿي فضل خان ٻي شادي ته ڪا نه ڪندو. سندس پيءُ به ته پنج شاديون ڪيون هيون.......
’نه نه، وڏيرو مون کي ايترو ڀانئين ٿو، ائين ڪڏهن نه ڪندو....‘ هوءَ پاڻ کي ڏڍ ڏيندي هئي.
حاجي فضل خان پنهنجي تر جو هڪ وڏو زميندار هو. پنهنجن سمورن ڀائرن کان وڌيڪ باهمت ۽ هلندي پڄندي وارو هو. سڀني ڀائرن مان هو ئي هڪ پڙهيل ڳڙهيل هو. پيءُ جي جيئري هوندي پنهنجي وڏي سوٽ سان گڏجي حج به ڪري آيو هو. پيءُ جي مرڻ کان پوءِ هن جا ڀائر پاڻ ۾ وڙهي اجايا خرچ ڪري کٽي پيا. فضل خان کي اها ڳالهه ڪانه وڻي ته سندس وڏن جي ٻني ڌارين جي قبضي ۾ وڃي، ان ڪري سموري ٻني هن پاڻ خريد ڪئي. وري جڏهن اڀرندي پاسي بيراج کليو ته هن يڪدم اتي به زمين خريد ڪئي. انهن جي واري ڦيري به کيس ئي ڪرڻي پوندي هئي. پر آسيءَ کي اها ڳالهه ڪانه ٿي وڻي ته حاجي اتي هفتن جا هفتا وڃي ويهي رهي. آهستي آهستي هن کي محسوس ٿيڻ لڳو ته، ”جڏهن هوءَ نئين پرڻجي آئي هئس ته حاجي جي هن سان ڪيتري نه دل هوندي هئي. يڪا ٽي مهينا ڪيڏانهن به ٻاهر ڪونه ويو هو. ان کان پوءِ ويندو ته هو، پر وري جلدي موٽي ايندو هو. جڏهن پهريون ٻار ڄائو ته هو ڪيترو نه خوش ٿيو هو، اهو سڄو ڏينهن گهر مان ٻاهر نه نڪتو. پهريون ٻار جڏو هو، پر وڏيري جي منهن تي سر به ڪونه پيو ۽ جڏهن ٿورن مهينن کان پوءِ اهو ٻار مري ويو، ته هن روئڻ سان ڪم ڪري ڇڏيا. پر پوءِ آهستي آهستي هن ۾ ڦيرو ايندو ويو، ظاهر ظهور ته نه، پر آسيءَ کي محسوس ٿيڻ لڳو. ’ٻاهر به ته گهڻا ڏينهن لائيندو آهي، ان جو آخر ڪهڙو ڪارڻ آهي!‘هوءَ وڌيڪ سوچي ڪانه سگهندي هئي.
هوءَ ويٺي ويٺي ڪنهن خيال ۾ ٻڏي ويندي هئي ۽ هن جي اکين مان ڳوڙها ٽمڻ لڳندا هئا. ڳوڙهن جو ته دريا هو هن جي اکين ۾ جيڪو جهٽ ۾ اٿلي پوندو هو. جڏهن کان هن جو اولاد لاڳيتو ڪونه بچيو، تڏهن کان ڳوڙهن جو دريا هميشہ اٿل ۾ رهندو هو. هن کي پڪ ٿي ويئي ته هاڻي هن جو ڪوبه ٻار ڪونه بچندو. هوءَ پاڻ کي بي ڀاڳي ڪوٺي روئڻ لڳندي هئي ۽ حاجي هن کي پرچائيندي، ماٺ ڪرائيندي ٿڪي پوندو هو.
”ايترا لڙڪ ڪٿان آيا، آسي! ايڏيو ته نه رو.“
”پنهنجي ڦٽل ڀاڳ تي روئان نه ته ڇا ڪريان؟....“
”چري، اجايو روئي پئي پاڻ کي هلاڪ ڪرين! تنهنجو ڀاڳ ڇا ۾ ڦٽل آهي؟“
”ڦٽل ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ خدا جيڪي ڏئي، سو يڪدم ورائي وٺيو وڃي. منهنجي ڀاڳ جهڙو شل خدا ڪنهن جو نه ڪري....“ هوءَ ڳوڙها ڳاڙيندي رهي ۽ پيرن فقيرن کي ستائيندي رهي، پڙ باسيندي رهي. نيٺ هن کي هڪڙو سگهو سيتو پٽ ڄائو. هن خدا کي ڏاڍو ٻاڏايو ته اهو پٽ کيس بخشي ڏي. جڏهن هن جو پٽ ڪجهه وڏو ٿيو، ته وڏي ڌام ڌوم سان پير تي پڙ چاڙهيو ويو. آسي ته خوشي ۾ ڪا نه ٿي ماپي.
هن جي پيار ۾ ٻيو ڪو ڀائيوار ٿئي، اها ڳالهه فضل خان کي ڪجهه ڏکي لڳي. هن کي محسوس ٿيڻ لڳو ته هن ڏانهن آسي جو پيار ڪجهه گهٽ ٿي ويو آهي، ڪجهه ورهائجي ويو آهي. هن کي اهو به محسوس ٿيڻ لڳو ته آسي ۾ اڳوڻي ڪشش ڪانه رهي آهي ۽ شايد ان ڪري گهر ۾ به ڪا ڪشش ڪانه رهي هئي! هو بيراج واري زمين تي وڌيڪ رهڻ لڳو. اها ڳالهه آسيءَ اڳي به محسوس ڪئي هئي، هاڻي هن کي ان جو شدت سان احساس ٿيو، پر هوءَ ڪجهه سمجهي ڪانه سگهي. هن چاهيو ته حاجي کان پڪ ڪري، پر هن پاڻ ۾ ايڏي سگهه ڪانه ٿي ساري. آهستي آهستي هن جي ڪنن تي پڙلاءُ پوڻ لڳا ته فصل خان ڪنهن سان ڦٽي پيو آهي ۽اهو ئي سبب آهي جو بيراج واري زمين تي ڳچ وقت ٽڪي پئي ٿو. هن جڏهن پهريون ڀيرو اهو ٻڌو، تڏهن هن ائين سمجهيو ته اهو اجايو هل آهي. وڏيرو مون سان ڪڏهن به ائين نه ڪندو. جڏهن اها ڳالهه زور وٺڻ لڳي، تڏهن هن کي به ڊپ ٿيڻ لڳو.
”حاجي... مون ٻڌو آهي، ته.....“ هن کان صبر نه ٿي سگهيو ۽ پڇڻ جي لاءِ مجبور ٿي پئي. هوءَ ڏاڍو گهٻرائي رهي هئي. لفظ هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا ٿي.
”ڇا ٻڌو اٿئي؟“ فضل خان عجب مان پڇيو.
” ته.... ته اڀرندي واري ٻنيءَ تي....“
”ڇا آهي اتي، ٻڌاءِ؟“
”اتي ڪا رن توسان.....“ هوءَ وڌيڪ چئي ڪا نه سگهي. فضل خان سڀ سمجهي ويو.
”توکي مون تي اعتبار آهي يا ماڻهن تي!“
پر آخر ماڻهن جي ڳالهه سچي نڪتي ۽ هڪ ڀيري فضل خان زمين تي ويو ته ڳچ وقت رهي پيو. قيامت جا ڏينهن هئا، اهي آسيءَ جي لاءِ.... پهاڄ جي تصور ئي هن کي ڏڪائي ٿي ڇڏيو.
هڪ ڏينهن فضل خان آيو، پر هو اڪيلو ڪونه هو، هن جي پٺيان اجرڪ ۾ ويڙهيل سيڙهيل هڪ مائي هئي. آسيءَ کان ڇرڪ نڪري ويو، ڄڻ ته سندس اڳيان ڪو بم اچي ڦاٽو هو، جنهن هن جي دل کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو. هن جي اکين مان ڳوڙها ائين ڪرڻ لڳا، جيئن وڏ ڦڙو مينهن. ان رات هوءَ دير تائين مٺين هڻڻ جي لاءِ سڏ جو انتظار ڪندي رهي ۽ پوءِ ڳوڙهن جو دريا هڪ ڀيرو وري به اٿلي پيو هو.
آمي آسيءَ کان وڌيڪ ڳوري ته ڪانه هئي، پر هن جي ڦوهه جواني ۽ سانوري رنگ اڳيان آسي گهٽ پئي لڳي. هاڻي هن کي پڪ ٿي ويئي ته خوشي جو وقت ختم ٿي ويو. فضل خان سڀ ڪجهه پئي ڏٺو، پر ان تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت ڪانه هئي. هن جي وڏن به ته ان ڳالهه تي ڪڏهن ڌيان ڪونه ڏنو هو.
آسيءَ نماز شروع ڪري ڏني. خدا کي ٻاڏائڻ سان گڏ هوءَ تعويذ ۽ ٽوڻا ڪرائيندي رهي. آهستي آهستي هن جي دل ۾ فضل خان جي لاءِ جيڪو پيار هو اهو گهٽجي، ڪٽجي اولاد جي پيار سان وڃي مليو. هن جو وڏو پٽ اسڪول ۾ پڙهندو هو. ٻي ٻار کي ڄائي سال کن ٿي ويو هو. وڏيري جي ننڍڙي تي گهڻي دل هوندي هئي. آمي جي اچڻ کان پوءِ آسيءَ ننڍڙي کي وڏيري ڏانهن وڃڻ کان روڪڻ. آميءَ کي ٻار جي ڏاڍي سڪ هئي، هوءَ آسيءَ جي ٻارن کي ڀائيندي به گهڻو هئي. هڪڙي ڏينهن فضل خان ننڍڙي کي کڻي اچڻ جي لاءِ دائي کي موڪليو. پر آسيءَ دائي کي ٺڙوپڙو جواب ڏيئي ڇڏيو.
فضل خان کي باهه وٺي ويئي، هو پاڻ اٿي آيو: ڪجهه سوچي آهستي چيائين:
”ڇو آسي، ننڍڙو ڇو ڪين ڏنئه؟“
”ننڍڙي ۾ اوهان جو ڇا؟ اوهان کي خدا پنهنجو ڏيندو...“ هن جون اکيون ڀرجي آيون ۽ فضل خان چپ چاپ ٻاهر نڪري ويو.
آميءَ کي پٽ ته ڄائو، پر اهو هن جي لاءِ ڄڻ عزرائيل بنجي آيو. فضل خان ڏاڍو رنو، پر آسيءَ کي ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ ڪا آفت ٽري ويئي.
فضل خان ۽ آسي وري هڪ ٻئي سان گڏ ائين رهڻ لڳا، ڄڻ ته هميشہ کان ائين رهندا آيا هئا. فضل خان چڱي طرح ڄاتو ٿي ته هاڻي آسي سندس منهن تي اصل ڪانه ٿي پئي ۽ هو پاڻ کي ائين تباهه نٿي ڪري سگهيو. هن پاڻ کي جانچيو، هو ته بلڪل جوان هو، جوانن کان به ڪي رتيون ڪثر ۽ کيس پاڻ جهڙي جوان عورت جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي. آسي ته هينئر ٽن ٻارن جي ماءُ هئي، انهن کان اڳ ۾ ته سندس ڪيترا ٻار مري چڪا هئا. پر آسي ائين بلڪل ڪونه ٿي سوچيو، هن جو پيار اڳوڻي جهڙو ته ڪونه هو، پر ان ۾ هڪ ٻيو رنگ اچي ويو هو، هوءَ چاهيندي هئي ته وڏيرو هن کي گاريون ڏي، ماري، پر هن کي وري ڇڏي نه. هاڻي هوءَ اڳوڻي وانگر ٿوري ٿوري ڳالهه تان رسندي ڪانه هئي، هن کي گارين مان به مزو ايندو هو ۽ خدا جا ٿورا مڃيندي هئي.
اوچتو ئي اوچتو هڪ ڀيرو وري هن جي اکين جي درياهه ۾ هڪ زوردار طوفان اٿيو. هوءَ خدا کي ٻاڏائيندي رهي: ”خدا ڪندو ته جنا جو منهن به ڪانه ڏسنديس....“ ۽ جڏهن ڪنوار گهر ۾ داخل ٿي ته هن منهن ڦيري ڇڏيو، هن جي اکين مان الائي ڇو رڳا ٻه ٽي ڳوڙها ڪريا ۽ پوتي ۾ جذب ٿي ويا.
جنا مينهن لڳي پئي هئي، هلي ٿي ته ڌرتي به پئي ڌٻي. هوءَ سڀاءَ جي سٺي هئي، هن کي شايد آسيءَ تي رحم اچڻ لڳو هو، ان ڪري هوءَ آسي سان سٺي نموني پيش آئي، پر آسيءَ کي جنا جي اصل شڪل به ڏٺي نٿي وڻي. جڏهن جنا جي ماءُ – جيڪا بت ۾ ڌيءَ کان ٻيڻي هئي ۽ ٻن ٽن وکن تي سهڪڻ لڳندي هئي – پنهنجي ڌيءَ کي گڏجڻ آئي ته هن جي نرڙ تي گهنج پئجي ويا. هوءَ سهڪندي سهڪندي ڌيءَ کي سمجهائڻ لڳي:
”چري نه ٿي، مڙس ائين ڪونه ٻڌبا آهن. آسي وڏي تيرهن تالي آهي، تون ته هن جي اڳيان ٻار آهين. آسيءَ کان جدا ٿي رهو، وڏيري کي آسيءَ سان گڏجڻ نه ڏي، هن کي اصل وڏيري جي منهن ڏسڻ کان سڪائي ڇڏ. پوڙهي ماڻهوءَ جي دل ريڀڻ ته صفا سولي آهي...“ جنا ڏيڏري وانگر وئي ڦوڪبي، جڏهن ماڻس ڏٺو ته هاڻي هوءَ ڦاٽڻ تي اچي پهتي آهي تڏهن ماٺ ڪيائين- ۽ پوءِ ڄڻ ته ڦيرو ڦري ويو. جنا وڏيري کي قابو ڪري ڇڏيو. ماڻس شڪرانا مڇيا ۽ هوءَ ڌيءَ کي وڌيڪ سمجهائي، سامان جي گاڏي ڀرائي هلي ويئي.
جنا جي ماءُ الائي ڪهڙو ڪوڪٽ ڪري ويئي. آسيءَ جي لاءِ ڄڻ پاڻي ٻرڻ لڳو. ڳالهين مان ڳالهوڙا ٿيڻ لڳا، نوبت وڃي گارگند ۽ جهيڙي تي پهتي. ماٺ ڪرڻ ته آسيءَ جي لاءِ به مشڪل هو، فضل خان هميشہ جنا جو پاسو وٺي، آسيءَ کي سوين گاريون ڏيئي وڃي نڪرندو هو. هاڻي آسيءَ جو گهر ۾ سريت کان به گهٽ مان هو. هن جو سڄو مٿو اڇو ٿي ويو، منهن ۾ گهنج پئجي ويا هئس، کاڏيءَ ۽ ٻانهن جو ماس لڙڪي پيو هوس. هن کي قيدين وانگر اٽو ۽ لٽو ڏنو ويندو هو. گهر جي گهٽيل هوا ۾ هن کي اهو سڀ وسري ويو هو ته ٻاهر ڇا آهي؟
هڪ ڀيري هوءَ ڏاڍي بيمار ٿي پئي، اصل مرڻ ڪنڌيءَ تي اچي پهتي هئي. هن فضل خان ڏانهن ماڻهو موڪليو، پر هن ڳالهه پوري ٻڌي به ڪانه، ڄڻ ته آسيءَ سان هن جو ڪو به تعلق ڪونه هو. آسيءَ جي دل ۾ هن جي لاءِ آهستي آهستي نفرت اڀرڻ لڳي. فضل خان جي ڪنهن تڪليف بابت ٻڌي هن کي ڳڻتي بدران خوشي ٿيندي هئي. هاڻي جڏهن ٻئي هٿ مٿي کڻي هن حاجيءَ کي پٽيو ٿي ته سندس دل ۾ تر جيترو به ڪهڪاءُ ڪونه ٿي پيدا ٿيو. وڏيري ته هن جي آنڊن کي به ڇني ڇڏيو هو. هن اهو به نٿي سمجهيو ته آسي جو اولاد ڪو سندس پنهنجو اولاد هو، ڄڻ ته سندس اڳ ڄايا هئا.
جنا فضل خان کي ايترا ته ٻار ڄڻي ڏنا هئا، جو هن کي ٻئي ڪنهن جي يادگيري به ڪانه هئي.
آسيءَ ٻڌو ته وڏيرو تمام گهڻو بيمار ٿي پيو آهي. پر هن ڪو به ڌيان نه ڏنو. ڄڻ ته هن جو ان ڳالهه سان ڪو واسطو ئي ڪونه هو. وڏيرو بيمار ٿئي ته هن جي لاءِ ڇا، جي چڱو ڀلو هجي ته ڇا!........فضل خان جي بيماري ويئي زور وٺندي. اوچتو هن کي سالن جي وسريل آسي ياد اچي ويئي. هن ڪنجهندي چيو:
”آسي ڪميني آهي!..... منهنجي ايڏي بيماري جو ٻڌي مون کي پڇڻ به ڪانه آئي......“
آسيءَ کي سندس پٽن مجبور ڪيو ته هن حال ۾ ابا کي ضرور هلي پڇي، نه ته جڳ کلندو. هن قسم کنيو هو ته وري جنا جي تڏي تي پير ڪانه رکندي، پر پٽن جي زور تي هو دل تي پٿر رکي جنا جي گهر ۾ گهڙي.
”وڏيرا! ٻڌو آهيم ته مون کي ميارون پيو ڏين؟ مون تي تنهنجون ميارون لڳن به ٿيون!.....“ هن هج ڪري چيو.
”نه نه... ميارون وري ڪهڙيون! تون نه پڇندينءَ ته ٺهيو، پڇڻ وارا ٻيا ئي گهڻا آهن. تنهنجي پڇڻ جو هروڀرو لاچار ڪونهي!........“
آسيءَ منهن ڦيري ڇڏيو.... پر هن جي اکين مان لڙڪ ڪونه ڪريا.... هن جون اکيون خشڪ ٿي چڪيون هيون.

چتيءَ جيترو آسمان

اک کلندي ئي نواز واچ ۾ ٽائيم ڏٺو. ڇهه ٿيا هئا. پوءِ وري هن جون اکيون بند ٿي ويون ۽ ننڊ جو گهيرٽ اچي ويس. ڪجهه دير کان پوءِ کيس محسوس ٿيو ته هو جاڳي رهيو هو. هن پوريءِ طرح سجاڳ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پاڻ کي ننڊ جي گهيرٽ مان آجو ڪرڻ چاهيو، پر هن ۾ سگهه ڪا نه هئي. اکيون کليون ٿي، وري بند ٿي ٿي ويون. هن پاڻ کي بيحد ٿڪل، بيحد ڪمزور ڀانيو. هو ڪيتري دير تائين اڌ جاڳ اڌ ننڊ جي حالت ۾ رهيو. مسين مسين وڃي ننڊ جي ڪُن مان اڀري ٻاهر نڪتو ۽ سنئون ٿي ليٽي پيو. اٿڻ تي پوءِ به من نٿي وريو. نواز مٿي آسمان ڏانهن ڏٺو. چتيءَ وانگر ايتري جاءِ کليل هئي، جنهن مان آسمان جو چوڪنڊو ٽڪر نظر آيو پئي. جاين جون ڊگهيون ديوارون هيون ۽ انهن جي وچ ۾ هن جي کوهه جهڙي ڪوٺڙي ۽ سوڙهو اڱڻ هو، جنهن ۾ ٻن کٽن رکڻ جيتري جاءِ هئي. نواز جي کٽ به اتي پيل هئي، رڌڻو ۽ وهنجڻ جاءِ به اتي هئي. مٿي آسمان ڏانهن نهاريندي نواز جون اکيون ڪيڏي ڪيڏي مهل سامهون واري اوچي ڀت ۾ اٽڪي ٿي پيون. هن اکٽ ٿڪ جي ڊگهي اوٻاسي ڏني ۽ ڪنجهندي پاسو رايو. کيس اٿڻ جو خيال آيو، پر هو هميشہ وانگر نستو هو. سَنڌ سَنڌ ساڻو هو، ڄڻ ڪنهن کيس نپوڙي ڇڏيو هو. هن کي ائين لڳو ۽ هر صبح جو کيس ائين لڳندو هو ته پاڻ سڄي رات نه ستو هو ۽ رات پاسا ورائيندي گذري هئي.
هو زور مس ڪري اٿيو ۽ ڊگهي اوٻاسي ڏئي مرڻينگ قدمن سان اندر ڪوٺيءَ ۾ گهڙي ويو. پيتيءَ وانگر بند ڪوٺيءَ ۾ ساهه گهٽيندڙ اُٻس هئي. آرسي کڻي منهن ڏٺائين. آرسيءَ ۾ نواز کي پنهنجو پيلو سڪل منهن نظر آيو ۽ هن آرسي رکي ڇڏي. هن سوچيو ته هو اٿڻ سان ڪوٺيءَ ۾ ڪهڙي ڪم سان ويو هو. ’رڳو آرسيءَ ۾ پنهنجو ٻوٿ ڏسڻ لاءِ!‘ هو روز ائين ڪندو هو ۽ پوءِ کيس پاڻ تي ڪاوڙ ايندي هئي. هو ٻاهر نڪري آيو. لوٽو کڻي ان کي پاڻيءَ سان وڇوري کٽ تي رکي، قميص پاتائين. پوءِ تالو ۽ لوٽو کڻي ٻاهر آيو. در کي تالو هڻي، چاٻي کيسي ۾ وجهي، اونڌاهي بدبودار ڏاڪڻ تان هيٺ لهي ويو.
هيٺ کليل ميدان هو. اهو پِڙ هو جنهن جي وچ تي عَلم کتل هو. پِڙ جي ٽنهي طرف جايون هيون ۽ پريان روڊ هو. نواز ڊگهو ساهه کڻي ساڻن ڦڦڙن ۾ تازي هوا ڀري. پوءِ هو سڌو پاسي واري بلڊنگ ۾ گهڙي ويو. اندر مينهن جو وٿاڻ هو. اتي بازار جي ڀيٽ ۾ چڱو کير ملندو هو. اندر هڪ تختي تي کير جون بالٽيون ڀريون رکيون هيون. وٿاڻ ۾ مال جي بوسن ۽ پيشاب جي بُوءَ هئي. بچو ڪونه هو. شايد مٿي گهر ۾ ويو هو. وٿاڻ جي مٿان سندن گهر هو.
نواز وٿاڻ مان ٻاهر نڪري ويو ۽ در وٽ ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيٺو. پاسي واري گهر جي بالڪنيءَ ۾ شاهه ڪرسيءَ تي ويهي ٻيڙي پئي ڇڪي ۽ رکي رکي کنگهي رهيو هو. بالڪنيءَ جي هيٺان بچوءَ جي پٽ صديق ڪاٺيون پئي چيريون. پڻس کير جو ڌنڌو ڪندو هو ۽ صديق ڪاٺيون چيري وڪڻندو هو. صديق ڪنڌ هيٺ ڪري ڪاٺيون به چيري رهيو هو ۽ شاهه سان ڳالهيون به ڪري رهيو هو. شاهه جي ٿوري گهڻي زمين هئي، پر ان کان وڌيڪ سندس پيري مريديءَ جو ڌنڌو هلندو هو. مهيني جا ڳچ ڏينهن شهر ۾ رهندو هو ۽ ٿورا ڏينهن ڳوٺ ۾. عمر جو اڌڙوٽ هو. رنگ جو ڪارو ۽ شڪل موالين جهڙي هيس. نواز کي هن جي پيلين اکين ۾ اڇيون پِچيون نظر آيون. هن جو من ڪچو ٿيڻ لڳو ۽ منهن ڦيرائي پريان روڊ ڏانهن ڏسڻ لڳو، جنهن تان رکي رکي ڪا رڪشا يا ٽانگو لنگهي ٿي ويا. روڊ تي چهل پهل شروع ٿي چڪي هئي. هڪڙي رڪشا اچي بيٺي ۽ ان مان ڪاري چادريءَ سان هڪ عورت لٿي. هن جون اکيون ظاهر هيون ۽ باقي منهن تي نقاب ورايل هو. اهو انهن جو خاص پردي جو طريقو هو. هوءَ ڍرا ڍرا قدم کڻندي پڙ ۾ آئي ۽ شاهه جي بالڪنيءَ جي هيٺان لنگهي، اونڌاهي ڏاڪڻ چڙهي وئي.
”رات پالي ڪري پئي اچي ڇا؟“ شاهه کلي چيو ۽ سندس اکين جي پيلاڻ گهاٽي ٿي وئي. صديق، جيڪو ڪهاڙو هٿ ۾ جهلي بيٺو هو تنهن وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ ڪهاڙو زور سان بُنڊَ تي هنيو. شاهه ٻيڙيءَ جو اونهون سوٽو ڀريو ۽ کلندي کلندي کنگهڻ لڳو.
نواز اندر وٿاڻ ۾ گهڙي ويو. بچو بالٽين جو کير ماپي رهيو هو. هن هڪڙو پاءُ ورتو ۽ واپس وريو. شاهه جي بالڪنيءَ جي هيٺان لنگهندي هن جو ڪنڌ هيٺ هو. هن شاهه ۽ صديق ڏانهن نهارڻ نٿي چاهيو. هن سوچيو ته هوءَ ڪهڙي ڪوٺيءَ ۾ گهڙي وئي هوندي- سندس پاسي واري ڪنهن ڪوٺڙيءَ ۾ يا مٿي جيڪي ڪوٺڙيون هيون؟ اونڌاهن ڏاڪن تي چڙهندي کيس خيال آيو ته سندس باري ۾ شاهه ۽ صديق ڇا چوندا هوندا؟ ’ هو مون کي سڃاڻن ٿا يا ٻيو ڪجهه سمجهن ٿا؟ پاڙي ۾ ماڻهن کان الڳ ٿلڳ رهڻ ڪري ٿي سگهي ٿو ته ماڻهو مون کي سڃاڻندا نه هجن ۽ منهنجي لاءِ خراب سوچيندا هجن. هنن کي اها خبر ڪا نه هوندي ته آئون هڪ شريف ماڻهو ۽ سرڪاري آفيس ۾ ڪلارڪ آهيان. هو سمجهندا هوندا ته آئون به ڪنهن رات پالي ڪري ايندڙ عورت جي ڪمائي تي گذران ڪندڙ آهيان.‘ کيس پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ آئي. ’ماڻهن کي جيڪي وڻي سو بڪندا رهن. ماڻهن جي چوڻ سان آئون ٿي ڪونه پوندس.‘ در جو تالو کوليندي هن کي شاهه جو چيل جملو ياد آيو: ”رات پالي ڪري پئي اچي ڇا؟“
’هون، رات پالي‘، نواز ڪاوڙ مان ڀُڻڪيو ۽ اندر ٿي در بند ڪيائين. کير جو لوٽو تيل جي چلهي وٽ رکي، ان جي مٿان ٿالهي رکي ڇڏيائين. پوءِ ڪؤنري ۾ پاڻي ڀري مٿي ويندڙ ڏاڪڻ جي هيٺان ٺهيل چُر جهڙي ڪاڪوس جو در کولي اندر گهڙي ويو. ڪاڪوس جي تکي ڌپ هن جي ناسن ۾ هلي آئي. هن کي خيال آيو. ’آئون هن جاءِ مان شايد مري نڪران ۽ هتي ته منهنجو لاش به جلدي سڙي ڌپ ڪندو. ٻي ڪنهن فضيلت واري جاءِ ملڻ جو ته آسرو ئي ڪونهي. سڄي عمر هن ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ سڙندي سڙندي گذري ويندي.‘ نواز جڏهن پهريون ڀيرو اها جاءِ ڏٺي هئي تڏهن هن جي دل تي بار ٿي پيو هو. هن کي جاءِ جي، ۽ سا به سستي جاءِ جي سخت ضرورت هئي؛ پر ان جاءِ ۾ رهڻ جي هن کي ڪا به خوشي نه ٿي. ’آءٌ وهمي ڪونه آهيان، پر ان وقت کان منهنجي دل ۾ اهو وهم پيدا ٿي پيو آهي ته هيءَ ڪوٺڙي منهنجي قبر آهي. ان ۾ منهنجو ڏوهه به ڪونهي. اهو رڳو وهم به ته ڪونه هو. جاءِ آهي ئي اهڙي. اڳيان ۽ پاسن کان وڏيون وڏيون آسمان تائين ويندڙ ڀتيون ۽ انهن جي وچ ۾ هيءَ کوهه وانگر بند ڪوٺڙي. هيءَ جاءِ انسانن جي رهڻ جي لائق آهي؟ يا ته آءٌ انسان ڪونه آهيان جو اهڙي جاءِ ۾ اچي رهيو آهيان. پر رڳو آءٌ ته ڪونه آهيان. ٻيا جو هيترا رهن ٿا يا رهن ٿيون! اهڙي اونڌاهي لڪل جاءِ انهن جي لاءِ مناسب آهي. اهي سڀ آيون ڪٿان آهن؟ اڳو پوءِ بازار ۾ وڃي رهن ها. اتي به گهڻ ٿي وئي هوندي ۽ جاءِ نه ملندي هوندي. هتي وري انهن جي سلامتي به آهي. آسپاس شريف ماڻهن جو پاڙو آهي،‘ نواز کي خيال آيو، ته هن جاءِ مان جيڪو به ايندو ويندو آهي، ان کي ٻيا شڪي ۽ عجيب نظرن سان ڏسندا آهن. ’ٿي سگهي ٿو اهو منهنجو وهم هجي. پر نه، آئون هتي رهڻ ئي نٿو چاهيان. مون کي هن ڪال ڪوٺڙيءَکان ئي نفرت آهي.....‘
هو چُر مان نڪري ٻاهر آيو. ڪمري مان برش ۽ پيسٽ کڻي آيو ۽ در وٽ ٻاهر ويندڙ نالي جي اڳيان ڏندن کي برش ڪرڻ لڳو. اتان واندو ٿي چانهه جي ننڍڙي ديڳڙيءَکي پاڻيءَ سان ڌوئي ڏيڍ ڪوپ پاڻي وجهي، چلهو ٻاري ان تي رکيائين. پاڻ ڪاٺ جي صندليءَ تي ڀت سان ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو. گهر ۾ رڌڻو ڪونه هو، ان ڪري هن اڱڻ جي هڪڙي ڪنڊ ۾ رڌڻو ٺاهيو هو. هو مٿو ڀت تي ٽڪائي سوڙهي اڱڻ جي ڳاڙهين سرن کي ڏسڻ لڳو. اندر ڪوٺيءَ کي سيمنٽ جو پلستر ۽ ان تي پوچي ٿيل هئي؛ پر ٻاهر ديوارون اگهاڙيون هيون. انهن تي نه پلستر ٿيل هو ۽ نه پوچي ڏنل هئي. ڳاڙهيون سرون ڏسي هن کي ائين لڳندو هو ڄڻ ڪي خوفناڪ جانور ڳاڙهيون ڳاڙهيون رت سان ڀريل زبانون ڪڍي گهوري رهيا آهن. هن اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ديڳڙيءَ ۾ پاڻيءَ جي ٽهڪڻ جو آواز اچڻ لڳو، ته هن اکيون کوليون ۽ چانهه ٺاهي. هن ديڳڙي لاهي چانهه مگ ۾ وڌي.راتوڪي ورتل ڊبل روٽي کڻي آيو ۽ مگ ۾ ٻوڙي کائڻ لڳو. پهريون مگ ڊبل روٽي چُهي وئي. هن ٻيو مگ ڀري چانهه پيتي. پوءِ ديڳڙي ۽ مگ کي ڌوئي رکيائين.
هو ڪمري مان شيونگ جو سامان کڻي آيو. پياليءَ ۾ پاڻي وجهي دريءَ تي آڻي رکيائين. آرسيءَ کي دريءَ جي ڪامن تي اٽڪائي، ڪريم برش تي رکي ڏاڙهيءَ تي هڻڻ لڳو. هن بليڊ ڪڍي سيفٽي ريزر ۾ وجهڻ چاهيو. ’ٽيون ڏينهن مون بليڊ جو ڪهڙو پاسو ڪم آندو هو؟‘ هن ياد ڪرڻ چاهيو، پر کيس ياد نه آيو. ’الائي ڪهڙو پاسو هو! مصيبت آهي. مون کان اها ڳالهه هميشہ وسريو وڃي. ڏينهون ڏينهن منهنجو حافظو وڃي ٿو ڪمزور ٿيندو. اڃا ٽيون ڏينهن شيو ڪيو اٿم ۽ بليڊ رکڻ وقت به ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هيم. تڏهن به ڳالهه وسري وئي. الائي ڪهڙي ڌار هئي. پر هن بليڊ سان ته هي چوٿون شيو آهي. ههڙي ٿرڊ ڪلاس بليڊ سان چار شيو هروڀرو مهانگا ته ڪونه آهن. پهريان ٻه شيو هر هڪ ڌار سان سٺا ٿيو وڃن. پر ٻيهر شيو ڪجهه ڏکيو لڳي ٿو. مڙئي ڪم ٿيو وڃي. هفتي جي لاءِ هڪڙو بليڊ ڪافي آهي. آئون ڪوشش ته گهڻي ٿو ڪريان، پر پوءِ به بچت نٿي ٿئي جو ڳوٺ مناسب پيسا موڪلي سگهان. آئون پاڻ تي گهٽ ۾ گهٽ پيسا خرچ ڪندو آهيان. مهينو ڇڪي تاڻي پورو ٿيندو آهي. ان ڪري ته آئون ماڻهن سان گهڻو اٿڻ ويهڻ کان لهرايان ٿو. منجهند جي ماني گهر ۾ ڪرڻ ڏکي آهي. ماڻهو آفيس مان ٿڪي ٽٽي اچي ته ماني کائي ڪلاڪ اڌ آرام ڪري. ٿڪ ۽ بک ۾ ماني ڪرڻ ڪٿي ٿي پڄي. پر پوءِ به ڪرڻي پوي ٿي.....‘ هو شيو ٺاهي چڪو هو. هن منهن ڌوتو ۽ ٽوال سان منهن کي اگهيائين. ان وقت اٺ ٿيا هئا. هو تڪڙ تڪڙ ۾ ڪپڙا پائڻ لڳو. آفيس جو ٽائيم ساڍا ست هو، پر هو پوري ٽائيم تي پهچي نه سگهندو هو. روز ڊڄندو ڊڄندو ويندو هو ته اڄ دٻ پوندي. دٻ پوندي هئي ته ٻئي ڏينهن تي ڪجهه سوير ويندو هو.
هو ڪپڙا پائي وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، ته ڪنهن در تي ٺڪ ٺڪ ڪئي. ڀنگياڻي آئي هوندي! هن سوچيو ۽ در وڃي کوليو. ٻاهر ڀنگياڻي بيٺي هئي.
” ٿورو جلدي ته ايندي ڪر. آئون ته هاڻي ويس پئي،“ هن سوچيو ته اهي پنج منٽ به ويا.
ڀنگياڻي ڪو به جواب نه ڏنو ۽ اندر گهڙي آئي. نواز مٽ مان پاڻي ڪڍي دٻي ۾ وجهڻ لڳو. ’هن پوڙهيءَ ته تنگ ڪيو آهي. آفيس وڃڻ لاءِ تيار ٿيندس ته مٿان ٺڪ اچي ڪندي. اڃـا ڪا جواڻ جماڻ هجي ها، ته گهٽ ۾ گهٽ صبح ساڻ ڪا چڱي صورت ته ڏسجي ها.‘
ڀنگياڻي صفائي ڪري هلي وئي ۽ نواز به تالو کڻي ٻاهر آيو. در کي تالو هڻندي هن کي خيال آيو، ’ڪجهه وسري ته ڪونه ويو آهي کڻڻ! لڳي ٿو ته ڪا شيءَ وسري وئي آهي. ڏاڍي ويسر ٿي پئي آهي. ڇا ڪريان؟ هڪڙي ڳالهه آهي ته ڪا شيءَ وسري ويندي آهي ته دل ۾ پئي هُرندي آهي. اڄ به هُري ته پئي. ڪهڙي شيءَ وسري وئي آهي؟‘ هن ذهن تي زور ڏنو، پر کيس ڪا ڳالهه ياد نه آئي. هو پاڻ تي چِڙي تڪڙو تڪڙو بدبودار ڏاڪڻ تان هيٺ لهي ويو.

(2)

هن سال ته مارچ مهيني ۾ ئي گرميون شروع ٿي ويون هيون. اُس ۾ گهڻي تپت اچي وئي هئي. ڏينهن گرم ٿي ويا هئا، البت رات جو اڃا ٿڌڪار هئي. نواز رات جو ته ٻاهر هڪڙي کٽ رکڻ جيتري اڱڻ ۾ سمهي سگهيو ٿي، جتي ڪيڏي ڪيڏي مهل هوا جو ڪو جهوٽو ڊگهين ڀتين سان ٽڪرائجي هن کي اچي لڳندو هو، پر اصل مسئلو ڏينهن جو هو. آفيس مان موٽي اچڻ کان پوءِ هو ڪيڏانهن وڃي! پيتيءَ وانگر بند ڪوٺڙيءَ ۾ هوا جو ڪو گذر ڪونه هو. وري جاءِ جي مالڪن ڪوٺڙيءَ ۾ پکو به ڪونه لڳرايو هو. پکو خريد ڪري لڳرائڻ، نواز جي پڄت کان پري هو. هن ڪيترا ڀيرا سوچيو هو ته پيڊسٽل فئن يا گهٽ ۾ گهٽ ٽيبل فئن خريد ڪري. ان مان فائدو اهو هو ته ڏينهن جو ڪوٺڙيءَ ۾ ۽ رات جو ٻاهر اڱڻ ۾ ڪم اچي سگهيو ٿي. پگهار مان ڇڪي تاڻي پورت ٿي ٿي. هن آفيس مان قرض وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اهو ڪم به اڃا نه ٿي سگهيو هو.
گرمي گهڻي هئي ۽ ان سان گڏ ٻوسٽ به هئي. نواز ٻوڙ رڌڻ جو خيال لاهي ڇڏيو. هن پيالو کنيو ۽ در کي تالو هڻي هيٺ لهي ويو. هن پهرين ڌؤنرو ورتو ۽ پوءِ هوٽل تان ٻه مانيون ورتيون ۽ واپس موٽي آيو. مرچن جي باهه کان ته وري به ڌؤنرو پيٽ کي ٿڌو ڪندو آهي. هن ماني کائي، پيالي کي پاڻيءَ سان آگهاري رکيو.
اڱڻ جهڙو ٽڪرو سڄو ڪاڙهو هو. هن ڪوٺڙيءَ جي در تائين فراسي وڇائي ۽ ان تي وهاڻو رکي مٿو اڱڻ ڏانهن منهن ڪري ليٽي پيو. ڪنهن ڪنهن وقت گرم هوا آئي ٿي، نه ته هو اخبار سان پاڻ کي هوا ڪرڻ ٿي لڳو. اهڙي تپت ۾ به ننڊ هن جي اکين ۾ گهڙي ٿي آئي، پر ڪوٺڙيءَ جي اُٻس ۽ گرمائش سبب ننڊ جي گهيرٽ مان نڪري ٿي آيو. وهاڻي تي رکيل ڪنڌ سڄو پگهر ٿي پيو هو. هن آلي قميص لاٿي ۽ ان کي ڪرسيءَ تي اڇلائي ڇڏيائين. گنجي ته هو پائيندو ئي ڪونه هو. هن شلوار جي ٻنهي پائنچن کي ڇڪي، گوڏن تائين آندو ۽ ليٽي پيو.
آفيس مان اٿڻ وقت هن سوچيو هو ته گهر نه ويندو. بس ۾ چڙهي راڻي باغ هليو وڃي ۽ اتي لان تي ڪنهن وڻ جي ڇانءُ هيٺان وڃي سمهي پئي. هن گذريل گرميون به ائين گذاريون هيون. آفيس مان اٿي، گاڏي کاتي ۾ ڪلو پڪوڙائيءَ وٽ ايندو هو ۽ اتان پڪوڙا ۽ ڊبل روٽي وٺي، بس ۾ چڙهي راڻي باغ ويندو هو. ڪنهن گهاٽي وڻ جي ٿڌي ڇانءَ هيٺ ويهي ڊبل روٽي ۽ پڪوڙا کائي، نلڪي مان پاڻي پي ليٽي پوندو هو. ننڊ ڪڏهن ايندي هئي، ڪڏهن ڪانه به ايندي هئي. پر هنن گرمين ۾ اهو سلسلو وري شروع ڪرڻ مشڪل هو. پڪوڙا کائي کائي هن جو هاضمو خراب ٿي پيو هو. هاڻي هو آفيس مان موٽندي، هوٽل تان مانيون وٺي گهر ايندو هو ۽ جهڙي تهڙي ڀاڄي ٺاهي کائيندو هو.
پگهر هاڻن وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي، هن کي ياد آيو ته سندس وارن ۾ چڱا خاصا اڇا پئجي ويا هئا. وار ته ڪڏهن به اڇا ٿي سگهن ٿا. ان لاءِ عمر جي ڪا حد ڪانهي. اڄڪلهه ته ننڍي عمر وارن جا وار به اڇا ٿيڻ لڳا آهن. ۽ هن سوچيو ته سندس عمر وري به 25 سال هئي. پر هو ته ان عمر ۾ ئي پوڙهو ٿيڻ لڳو هو. گهٽ ۾ گهٽ نوجواني ته هن ڏٺي به ڪانه هئي. هن کي ياد آيو ته جڏهن کان کيس هوش آيو، هن پاڻ کي وڏو ڀانيو، گهر جو سڄو بار، سموريون ذميواريون هن جي مٿان اچي پيون هيون.
’آئون نه هجان ها ته ڇا ٿئي ها؟‘ هن پاڻ کان پڇيو. ’منهنجي هجڻ سان ڪهڙو فرق پيو آهي! مون گهر وارن جي لاءِ ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن. جَنڊ جي ٻن پُڙن ۾ پيسجان پيو... پيسجي نه اٽو ٿو ٿيان ۽نه جند ٿي ڇٽي. هڪ مسلسل پيڙا آهي، جنهن کان نه ڏينهن آجا آهن نه راتيون. ۽ ان زندگيءَ جي سموري حاصلات آهي هيءَ قبر جهڙي ڪوٺڙي!‘ ان گهڙيءَ ڪوٺڙيءَ جي ٻوسٽ ۽ گرميءَ ۾ زندگيءَ جا ڪل عذاب گڏجي مسجي ويا.
ذهن جي ڪنهن ڏکندڙ ڪنڊ مان شهناز جي ياد لُڪ وانگر هن جي تن من کي لوساٽي وئي. ان ئي ڪوٺڙيءَ ۾ شهناز به رهي وئي هئي. نواز کي جڏهن نوڪري ملي هئي ۽ هو گهٽ مسواڙ واري جاءِ جي ڳولا ڪري رهيو هو، تڏهن کيس ڪنهن ٻڌايو هو ته شهناز وارا اها جاءِ خالي ڪرڻ وارا هئا. هن کي اها جاءِ شهناز وارن ئي وٺرائي ڏني هئي، پر تڏهن اڃا بازاري عورتن هتي رهڻ شروع نه ڪيو هو، سو ته هاڻي پابندي پوڻ کانپوءِ هنن مان ڪي هتي اچي رهي پيون هيون.
نواز نراڙ تان ۽ نوڪن تان وهي ايندڙ پگهر اگهيو. هو ۽ شهناز ايترو هڪ ٻئي کي چاهيندا هئا. پوءِ اوچتو ڪهڙي ڳالهه ٿي جو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. هن ان ڳالهه تي ڪئين ڀيرا ويچاريو هو: ’زندگيءَ ۾ ايڏيون وڏيون تبديليون ڪيئن ٿيون اچي وڃن. ماڻهو ته اهو ئي ساڳيو هوندو آهي- پوءِ به هن جي ٻاهر ۽ هن جي اندر ايترو ڪجهه بدلجي ويندو آهي جو هو اهو نه رهندو آهي، جيڪو اڳ ۾ هو. جذباتي سوچ ئي سهي، جو عمر ئي اهڙي هئي، پر اسان ته ائين سمجهيو هو ته هڪ ٻئي کان سواءِ جيئرا رهي نه سگهنداسين، پوءِ جڏهن زندگيءَ جون ٺوس حقيقتون اڳيان آيون ته سموري جذباتيت ڦوڪڻي وانگر ڦسي پئي. آئون پاڻ بيروزگار. رات جو سمهڻ لاءِ ٺڪاڻا گئريج ۽ ورڪشاپ. هوءَ مون کان وڌيڪ سمجهو ۽ ميچوئر هئي، تڏهن ته هن مون کي چيو هو: چڱو آهي ته اسين رڳو سٺا دوست بنجي رهون. مون هن جون مجبوريون ڪونه ڏٺيون. مون سمجهيو ته مون وٽ ڪجهه ڪونهي، ان ڪري هوءَ مون مان جند ڇڏائڻ چاهي ٿي. ماڻهو رڳو پنهنجي لاءِ ڇو ٿو سوچي! اسين ڪنهن کي ڪيترو به چاهيون پر سوچيندا رڳو پنهنجي لاءِ آهيون ۽ چاهيندا آهيون ته ٻيو به اسان جي لاءِ ئي سوچي. مون ڇونه سوچيو ته شهناز ڪهڙين ڏکين حالتن مان گذري رهي هئي. آئون پاڻ ته شهناز جي لاءِ ڪجهه ڪري نه سگهيس، پر هن جي شاديءَ جي ڳالهه ٻڌي مون کي هن تي ڪاوڙ آئي ته هن گاڏيءَ ۽ بنگلي جي شوق ۾ پاڻ کي وڪڻي ڇڏيو.‘
نواز کي پاڻ تي چڙ اچڻ لڳي: ’ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو اهڙو نٺر ڇو ٿي ويندو آهي، نه پاڻ کي ڏسندو آهي نه مجبورين کي، ٻئي جي مجبورين کي ڏسڻ ته پري رهيو. پر ماڻهو ڪيترو وقت لنوائي سگهي ٿو. آخر ته هن کي آرسيءَ ۾ پنهنجو پاڻ نظر اچيو وڃي، پوءِ ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ته ماڻهو کلي يا روئي. جيڪي پنهنجي هٿان پاڻ دوکو کائيندا آهن، سي نه کلي سگهندا آهن نه روئي سگهندا آهن.‘
هن چاهيو ته کيس ننڊ اچي وڃي، پر اهڙي گرمي ۾ ننڊ اچڻ مشڪل هئي. زندگي ائين هئي، ائين آهي ۽ ائين رهندي. هن کي پري پري تائين ڪنهن تبديليءَ جا اهڃاڻ نظر نٿي آيا. ٽاڪ منجهند جو اهو سفر ڪٿي کٽندو؟ پگهر جي ڦڙن وانگر ذهن ۾ سوال ڦٽندا رهيا ۽ نواز منهن تان پگهر اگهڻ سان گڏ انهن سوالن کي به ميسارڻ جي اجائي جاکوڙ ڪرڻ لڳو.


(اڌوري ناول جا ٻه باب)

هيسيل هانوَ، اُٻهرا اُلڪا

هڪ ڊگهو ڇرو سج جي روشنيءَ ۾ چلڪندو، هڪ پوڙهي ڳوٺاڻي جي ڪک کي چيري، پيٽ ڦاڙي، ٻاهر نڪري آيو رت ٻڏل- ۽ مرندڙ جي فقط هڪ دٻيل هڏڪي، ۽ چوطرف نعرا ۽ گوڙ.... هن جي ڪنن ۾ نعرا ۽ گاريون ٻرندڙ شيهو بنجي ويا ۽ ذهن ۾ ٽانڊا ٽڙڪڻ لڳا. ڪاوڙ ۽ ڀؤ وچان هن جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وئي. ڪجهه به ڪري نه سگهڻ جو احساس، بيوسي، اکين جي اڳيان موت ۽ ٽنگن ۾ رت ڄمي ويل- پوءِ به هو مينهن واهه ڪري ڀڄڻ لڳو. هو چئني طرفن کان وڪوڙيل هو ۽ گهيريل جلادن ۾. فضا ۾ رت ۽ بارود جي عجيب گڏ سڏ بُوءَ هئي. هن جو دماغ ان بوءَ ۽ ڊپ جي ماريندڙ احساس وچان ساڻو ٿي چڪو هو. آواز هن جي پٺيان، پاسن کان ۽ اڳيان ساڻس گڏ ڍوڙندا رهيا، ۽ هو انهن مڪروهه آوازن کان پري ٿيڻ جي لاءِ آواز کان تيز ڍوڙڻ جي جاکوڙ ڪري رهيو هو. هو ڀڄندو ويو، هيسيل ۽ ڊنل ڪتي وانگر. پر هن کي لڳو: هو ڀڄي ڪونه رهيو هو، چوگرد ڦري رهيو هو آوازن جي گهيري ۾. پوءِ به هو ڀڄندو ويو. اوچتو هن جي اڳيان ڌماڪي سان گڏ ڌرتي ڌڏي وئي. شايد بم ڦاٽو هو. هن مڙي پوئتي ڀڄڻ چاهيو، پر هن جي اڳيان ڪارا ڳاڙها ساوا پيلا ترورا اچي ويا، ۽ ذهن ۽ پيرن جو ساٿ ٽٽي ويو. پٺيان، پاسن کان، اڳيان ڍوڙندڙ آواز به آهستي آهستي گهٽجندا، پري ٿيندا، اوچتو بند ٿي ويا.
هو ڀڄندو ويو ۽ هن کي لڳو: هو تمام پري نڪري آيو هو. ڪٿي؟ کيس اها خبر نه پئجي سگهي. ’عجيب جاءِ آهي، پر نه، هيءَ منهنجي ڄاتل سڃاتل آهي.‘ هن سوچيو. چوطرف واريءَ جون وڏيون وڏيون ڀٽون هيون. ويراني هئي ۽ هو ان ويرانيءَ ۾ اڪيلو هو. وايءَ جي جبل جيڏن دڙن تي چڙهندي لهندي هو سهڪي پيو هو. هن کي محسوس ٿيو ته هتي به ڪي ماڻهو سندس پيڇو ڪري رهيا آهن. هن تکو هلڻ چاهيو پر پيرن جون کڙيون واريءَ ۾ کپي ٿي ويون. ’مان ڀڄان ڇو پيو! مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟‘ هن پنهنجي ذهن تي زور ڏنو پر کيس ڪجهه به ياد نه آيو. ڪي ماڻهو مون کي مارڻ لاءِ پٺيان پيا آهن! ۽ ڪجهه عجيب ڌنڌليون، اڻ لکيون- ۽ بي معنيٰ- تصويرون هن جي ذهن ۾ اڀرنديون مٽجنديون رهيون، جيڪي شايد هن جي ماضيءَ جون هيون يا حال جون هيون، پر ڪجهه به چٽو نه هو. اوچتو هڪڙو خيال هن جي سن ٿي ويل ذهن ۾ وڄ جيان وراڪو ڏيئي پيدا ٿيو ۽ منجهيل ليڪن کي ڊاهيندو ويو- زندگيءَ جو وڏو ۽ ڀرپور حصو اجايو ۽ بي معنيٰ گذري ويو... هو سن ۾ اچي ويو. ’تڏهن..... تڏهن..... پر مان ان بي معنيٰ زندگيءَ گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو آهيان. ان ۾ منهنجو ڪو به ڏوهه ڪونهي. مون کي هاڻي خبر پئي آهي ته مان ان بي معنائي ۾ ئي پيدا ٿيو آهيان ۽ منهنجي چوطرف بي معنائي ۽ ڌاريائپ آهي. مون سڄي ڄمار ان ڌاريائپ جي دونهن ۾ ساهه کنيو آهي. منهنجو ساهه گهٽجي رهيو آهي.‘ هن کي سخت تڪليف محسوس ٿيڻ لڳي. ’مون به سپنا ڏٺا هئا- پنهنجي گهر جا، پنهنجي ديس جا. پر منهنجو ديس اهو نه هو، مون پاڻ کي پنهنجي وطن ۾ جلاوطن ڀانيو آهي. پنهنجي وطن ۾ بي وطن ۽ بي گهر! تڏهن زندگي ائين بي معنيٰ گذري وئي......‘ اهو جملو وري وري هن جي ذهن ۾ ڦرڻ لڳو. ’پر مون ان ڌاريائپ ۽ بي معنائي کي ڪڏهن به ذهني طور قبول نه ڪيو آهي. مون حالتن سان سمجهوتو نه ڪيو آهي. ان ڪري ئي ته مون کي جلاوطنيءَ جي سزا ڏني وئي آهي. مان ڀڄي ڀڄي هتي اچي پهتو آهيان پر هتي به ماڻهو منهنجي پٺيان آهن.......‘ هو ڊپ ۾ ڀرجي ويو ۽ تکو تکو هلڻ چاهيائين. ’هيءَ عجيب ڳالهه آهي ته غلامن کي پنهنجي غلاميءَ جو احساس ڪونهي ۽ ان بيحسيءَ ۾ ئي خوش آهن!‘ سوچ ٽڪر ٽڪر ٿي وئي ۽ ٽٽل ٽڪر هن جي ذهن ۾ چڀڻ لڳا. گهڻي دير تائين رڳي اها چڀ چڀان هئي ۽ اڻ کٽ پيڙا هئي. آهستي آهستي ڪپار ۾ ڪڪر ڀرجڻ لڳا ۽ پوءِ ڪجهه به نه هو.
هئڻ جو احساس ڪپار ۾ ڀريل ڪڪرن کي چيري اڀري آيو. هن پاڻ کي اڪيلو ڏٺو ۽ چوطرف واريءَ جو اجهاڳ رڻ هو. هن کي خيال آيو ته هو اهو رڻ ڪڏهن به جهاڳي نه سگهندو. آخر هو ڪيڏانهن وڃي- وک وک تي هن جي اڳيان ڪئين راهون ٿي ڦٽيون ۽ هو منجهيو بيٺو هو. فيصلو نٿي ڪري سگهيو ته ڪهڙي راهه چونڊي. راهون الڳ الڳ هيون ۽ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هيون ۽ منجهيل هيون. ڪڏهن ڪڏهن هو هلي هلي وري ساڳئي هنڌ موٽي ٿي آيو، ڄڻ هليو ئي ڪونه هو. هن کي لڳو ته ڄڻ هو هڪ ئي چڪر ۾ ڦاٿو پيو هو جتان نڪرڻ جو ڪو حيلو ڪارگر نٿي ٿيو. وقت ڪيئن گذري ويو ۽ گذرندو ٿي ويو! ڪڏهن هن کي لڳو ٿي ته اڃا هينئر هتي پهتو هو، ڪڏهن هن سمجهيو ٿي ته کيس هلندي هلندي سال نبري ويا آهن- پر هو ڪوبه صحيح اندازو نٿي لڳائي سگهيو. ايترو سمجهي سگهيو ٿي ته کيس ڪافي وقت ٿي ويو آهي. پر هاڻي ته وقت گذرڻ جو ڪو پتو ئي نٿي پيو.
پير باهه جي تتل تئي تي رکيل هئا ۽ دماغ پڄري رهيو هو. ٿڪ، بيزاريءَ ۽ هڪ عجيب پيڙا جا دٻيل احساس سڀ بند ٽوڙي ٻاهر نڪرڻ لاءِ آتا هئا.اوچتو هن جي اڳيان واريءَ جو هڪ واچوڙو اٿيو ۽ نچندي نچندي پري ٿيندي غائب ٿي ويو.هن کي لڳو:هو به رڳو واريءَ جو واچوڙو هو ۽ ٻيو سڀ ختم ٿي چڪو هو.
’ڇا واقعي سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو آهي!‘ هو ڇرڪي پيو.‘ پر مان وڙهڻ کان سواءِ هارائي چڪو آهيان.....‘ هن کي اعتبار ئي نٿي آيو. ’مان هڪ هارايل ماڻهو آهيان.‘ چوطرف پري پري تائين واريءَ جا دڙا هئا. هن پاڻ کي ڏسڻ چاهيو. فقط محسوس ڪرڻ جي حد تائين هو ساڳيو هو، نه ته هن ۾ ڪا به ڳالهه اهڙي ڪانه رهي هئي جنهن کي ڏسي چئجي ته هو ساڳيو هو- يا شايد هو هو ئي ڪونه.
’۽ مان ڊنل ۽ مايوس آهيان!‘ هن پاڻ کي ٽوڪ مان چيو ۽ کلڻ چاهيو. ٽهڪ ڏيندي هن کي محسوس ٿيو ته هو رڙيون ۽ دانهون ڪري رهيو هو. هو يڪدم چپ ٿي ويو ۽ ان سان گڏ سوچ به چپ ٿي وئي.
’..... ماڻهو فقط هڪ ئي ڳالهه تي بيهي ڇو ٿو رهي. گهڙيال جي لڏڻي جون حدون آهن، وري وري ساڳئي هنڌ موٽيو اچي. ساڳيو رستو. ساڳيو پنڌ. پر ماڻهوءَ جو ٽڪاءُ هڪ هنڌ آهي ئي ڪونه، يا گهٽ ۾ گهٽ ذهن ته هڪ هنڌ ٽڪي بيهي ڪونه ٿو. مان ڏاڍو تيز هليو آهيان. مون ڪٿي پهچڻ ٿي چاهيو. پر ڪٿي؟ ڪنهن اهڙي هنڌ جتي ٽڪاءُ اچي. مان ڪٿي به بيٺس ڪونه، يا بيٺس ته مون بيهڻ ڪونه چاهيو، پر مون کي بيهڻو ٿي پيو- اوهه خدا! مون سمجهيو ٿي ته مان ڪجهه ڪندس. ٻين ڪن به ائين ٿي چيو. امان چيو ٿي ته منهنجو پٽ وڏو ماڻهو ٿيندو ۽ اسان تان ڏک لهي ويندا. مون کي اهي ڳالهيون ٻڌي روئڻ ٿي آيو يا خار ٿي آيا پاڻ تي. مان پنهنجي ماءُ جي منهن تان عمر جون ريکائون ڊاهي نٿي سگهيس پر ڏک جون ريکائون ته مٽائي ٿي سگهيس- ۽ هن مون ۾ ڪيڏيون غلط اميدون رکيون. مان ننڍي هوندي کان وٺي. خواب ڏسي خوش ٿيو آهيان. مون تکو ڊوڙڻ چاهيو. مان ڪونه ڍوڙيو هوس ڇا؟ پر مون ڏٺو ته رستو بند هو. مون ان بند کي ٽوڙڻ ٿي چاهيو. مون سڀني کي چيو ته فضا ۾ غلاميءَ جو دونهن آهي. اوهان انڌا آهيو، گونگا آهيو، ٻوڙا آهيو، بيحس آهيو. مردار آهيو. اوهان غلام آهيو ۽ غلاميءَ ۾ خوش آهيو. لعنت آهي اوهان تي. مان ان صورتحال ۾ رهي نٿو سگهان. نٿو رهي سگهان.... نٿو رهي سگهان... پر مان ته رهيو آهيان. مان ته هميشه ان صورتحال ۾ رهيو آهيان، منهنجي لاءِ ڪوبه ماضي ڪونهي، ڪو به مستقبل ڪونهي. فقط حال آهي ۽ ڪيڏو عذابناڪ... ڪيڏو ڊيڄاريندڙ. پر مان ڊڄان ڪونه ٿو. ڊڄڻ جي ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي. پوءِ به مان ڀڄان ڇو پيو. جيتوڻيڪ ماڻهو ڄاڻي به ٿو ته ڀڄڻ جي بچڻ جي ڪا به واهه ڪانهي. ڪيڏو ٿڪي پيو آهيان ڀڄي ڀڄي...‘
واري ڏاڍي تتل هئي. ننهن کان چوٽيءَ تائين پيڙا جون اڻ کٽ لهرون هيون. هو ويهي رهيو ساهي پٽڻ جي لاءِ. هن کي ويٺي اڃا ٿوري مهل مس ٿي هئي ته اوچتو پٺيان ڪنهن کيس ڌڪو ڏنو. هن پاڻ کي ڪرڻ کان بچائي ورتو ۽ ڇرڪ ڀري اٿي بيٺو. هن پٺيان مڙي ڏٺو. رڳي انڌوڪار هئي جيڪا تيزيءَ سان اڳيان وڌندي ۽ پکڙجندي ٿي ويئي. هن جا وار ڪانڊارجي ويا. ’نيٺ پهچي ويا......‘ هن ڀڄڻ چاهيو پر هو چئين ڏسائن کان وڪوڙجي چڪو هو. هوا واريءَ جا ٻڪ ڀري هن جي منهن، ڇاتيءَ ۽ پٺ کي سٽي رهي هئي. هن پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون. واريءَ جي ڌڪن کان پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ هيڏانهن هوڏانهن اجايو ڍوڙي رهيو هو. ’خبر ڪانه ٿي پئي ته ڪيڏي مهل ۽ ڪٿان ٿو ڌڪ لڳي. پر جيڪڏهن خبر پئي به، ته ان سان ڪهڙو فرق پوندو. ڪٿان به ۽ ڪو به وار ٿئي ۽ ڀلي ماڻهو ڏسي، پر جڏهن بچاءُ به ڪري سگهي. سوال اهو ڪونهي ته وار ٿئي ٿو. وار هر طرف کان ۽ هر طرح ٿئي ٿو، پر سوال اهو آهي ته بچاءُ ڪيئن ڪجي. مسئلو آهي ئي بچاءُ جو. ۽ هتي بچاءَ جون سڀ راهون بند آهن.‘ هن کي پنهنجو ساهه گهٽجندو محسوس ٿيو. هن وات کي زور سان بند ڪري ڄاڙيون ڀچائي ڇڏيون هيون..... پر واري نڪ ۾ گهڙيو ٿي آئي. ڄڻ ڪو هن جي تارونءَ تي زور ڏيئي رهيو هو ۽ ان جو ايذاءُ سڄي جسم ۾ نسن ۾ ڍوڙي رهيو هو. هن جا پير واريءَ ۾ ڦاٿا پيا هئا ۽ هو ڄڻ رٻڙ جو گڏو هو، جنهن کي ڪو زور ڏيئي وري ڇڏي رهيو هو. ٿڙڪڻي هئي، پر جسم جي ڪهڙي حصي ۾! شايد ٽنگون ٿڙڪيون پئي يا ڏند يا ڇاتي يا شايد سڄو وجود..... ’ڪنهن به ڳالهه جو يقين ڪونهي. هر وقت بي يقينيءَ جي حالت- ٻي پل ۾ ڇا ٿيندو، ڪو به يقين ڪونهي، ڪجهه به يقين سان نٿو چئي سگهجي. ڪهڙي خبر ڪڏهن طوفان ختم ٿي وڃي ۽ هتي ته ڪئين طوفان آيا آهن ۽ گذري ويا آهن. مون ڪنهن کي چوندو ٻڌو آهي ته اسين ڊڀ آهيون: چرڻ ۽ لتاڙجڻ کان پوءِ به وري پيا ڄمنداسين. ختم ٿي وينداسين ۽ وري پيا ڄمنداسين ۽ فقط ڊڀ ئي هونداسين.....‘
هن کي احساس ٿيو ته سندس وات کليل آهي. هن زور سان ڄاڙيءَ کي بند ڪيو. ڏندن جو پاڻ ۾ يا ڏندن ۾ واريءَ جو ڪرٽو ٿيو ۽ هو ڏڪي ويو. ڪنهن ڏند ڪرٽيا! هن ڇرڪي چوڌاري نهاريو. واريءَ جا واچوڙا هئا، جيڪي هن جي چوطرف ڀوتن وانگر ڦري رهيا هئا ۽ هوُ انهن ڀوتن کان ڊڄندو، تيز هوا ۾ واريءَ ۾ ٿاٻڙجندو، ڀڄندو ويو. اڏامندڙ واري هن جي اکين ۾ گهڙيو ٿي آئي ۽ هو اکين کي کولي نٿي سگهيو. واريءَ ۾ ڍوڙندي ڪري ٿي پيو، پوءِ به هو ڀڄڻ جي جاکوڙ ڪري رهيو هو، شايد رڳي جاکوڙ ئي ڪري رهيو هو. ’مان ڄاڻان ٿو ته اها سموري جاکوڙ اجائي آهي. بچاءُ جون سڀ واهون بند آهن ۽ چوڌاري سنگينون آهن، جيڪي ماڻهوءَ کي ڌڪي لتون هڻي وري ان جاءِ تي آڻيو ڇڏين جتان هو ڀڳو هو. ڪو به ان قيد خاني مان ڀڄي نٿو سگهي. مان چوطرف کان گهيريل آهيان. مون کي لڳي ٿو ته ڪٿان نه ڪٿان اوچتو ڪا ڄار مون تي اڇلائي ويندي ۽ مان ڦاسي ويندس- لڇندس، ڦٿڪندس، تڙپندس، پر سڀ اجايو ۽ اوچتو هڪ سنگين منهنجي سيني ۾ کپي ويندي....‘
هن کي ڀڄڻ جو خيال آيو ۽ هن پنهنجي سموري سگهه ميڙي ڀڄڻ چاهيو، پر سگهه جهڙي ڪا شيءِ رهي ڪا نه هئي. سمورو رت ڄڻ واريءَ چهي ورتو هو ۽ ٽنگون سڪي ڪاٺيون بنجي ويون هيون. فقط هڏا هئا جن تي سڪل چمڙي چڙهيل هئي ۽هڏن جي پُورن ۾ پيڙا ڀريل هئي. هن جيئن پورو زور ڏيئي اڳتي وڌڻ چاهيو، ته سندس ٽنگون واريءَ ۾ گچي ويون. هو گوڏن تائين ڦاسي چڪو هو. هن واريءَ مان پيرن کي ڪڍڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر پير ڄڻ سندس هئا ئي ڪونه- رڳو ساڻس ڳنڍيل هئا. تيز هوا هن جي آسپاس واريءَ جو ڍڳ ٺاهڻ شروع ڪيو، ۽ ڍڳ هن جي گوڏن کان مٿي چڙهندو ويو. هن پنهنجين اکين تان ۽ منهن تان واري هٽائڻ چاهي، پر هن کي ائين لڳو ڄڻ هٿ ۽ نراڙ ۾ ميلن جو فاصلو هو. ٻانهون هن جي ڪلهن سان رڳو چهٽيل هيون. ذهن کي جسم جي ڪنهن به حصي تي اختيار ڪونه هو. ۽ رڳو پيڙا جون بي انت لهرون هيون.

توڪل

جيستائين پڻس جيئرو هو، يعقوب حيدرآباد ۾ الوليون ڪندو رهيو. جڏهن کان پڙهڻ لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي ڄام شوري ۾ اچي رهيو، ته ڄڻ هاسٽل سندس گهر بڻجي ويو. پڙهڻ سان هن کي ڪا گهڻي دلچسپي نه هئي، اها ٻي ڳالهه هئي ته پوءِ به هر سال پاس ٿيندو رهيو. هن جي اصل دلچسپي هئي ڳوٺ کان پري حيدرآباد ۾ رهڻ سان. جنهن ڏينهن شام جو ڄام شوري کان حيدرآباد نه ويندو هو، اهو ڏينهن هن جي حساب موجب جهڙوڪر اجايو ويو. هن ڪوشش گهڻي ڪئي ته سڄي ڄمار شاگرد بنجي هاسٽل ۾ رهيو پيو هجي. پوئتي جي ڳڻتي هن کي ڪانه هئي. زمين پڻس سنڀاليندو هو. هونءَ به يعقوب کي ڳوٺ ۾ مزو ڪونه ايندو هو. ماءُ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ اها ڇڪ به نه رهي.
يونيورسٽين ۾ امن امان جون حالتون جڏهن گهڻيون خراب ٿي ويون، ته مارشل لا حڪومت اتي پوليس چوڪيون ٺاهيون. هاسٽلن تي وڌيڪ سختي ڪئي وئي. پڙهائي پوري ڪرڻ کان پوءِ به هاسٽل ۾ رهڻ واريون روايتون ختم ٿي ويون. يعقوب کي جڏهن يونيورسٽيءَ وارن زوريءَ ڊگري ڏني ته هن کي به لاچار هاسٽل مان ٽپڙ کڻڻا پيا. ڪجهه وقت حيدرآباد ۾ ڇڙن دوستن وٽ ٺڪاڻو ڪيائين، پر نيٺ ڪنهن بلڊنگ ۾ خالي ڪمرو مسواڙ تي ملي ويس. هاڻي هو پڪو حيدرآبادي هو. پڻس کيس گهڻو زور ڀريو ته ڳوٺ اچي رهي ۽ زمينون سنڀالي پر يعقوب ڳوٺ کان ونءُ ٿي ويو. ڪير ٻنين ٻارن ۾ رلي ۽ هارين سان مٿو هڻي. ان کان ته حيدرآباد جي رستن تي رلڻ ۾ وڌيڪ مزو هو. آڌي آڌي رات تائين هوٽلن ۾ ويهي دوستن سان ڪچهريون ڪرڻ ۽ رستن تي پسار ڪرڻ کان پوءِ وڃي سمهندو هو ۽ منجهند مهل اٿندو هو. پيءُ جو هڪڙو ئي پٽ هو، ان ڪري پڻس کيس خرچ پکو ڏيندو رهيو.
يعقوب جو پيءُ جڏهن سڀ هيلا هلائي چڪو ته هن آخري طريقو آزمايو. هن يعقوب جي شادي ڪرائي ڇڏي. ڇوڪري ٿوري گهڻي پڙهيل هئي ۽ ڏاج ۾ ڪجهه زمين به کڻي آئي هئي. يعقوب پهرين ته نٽايو هو، پر جنهن پيءَ سڄي ڄمار سندس مرضي رکي هئي، تنهن جو چوڻ کيس مڃڻو پيو. باقي پڻس جي اها آس پوري ڪا نه ٿي ته هو شادي ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد ڇڏي ڳوٺ اچي رهندو. يعقوب جا پرڪار اهي رهيا. ڳوٺ ويندو هو، ڪجهه ڏينهن رهندو هو، پوءِ حيدرآباد جي ڇڪ ٿيندي هئس ته جهلي جهل نه ڏيندو هو. پڻس ته هڻي هڻي بيٺو. پوءِ زال جو وارو آيو. پر اها به يعقوب کي حيدرآباد کان روڪي نه سگهي.
”سچي ٻڌاءِ، حيدرآباد ۾ ڪنهن سان ڦٽل ته ڪونه آهين؟“ زال هن کان پڇيو.
”نه، اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي، قسم سان.“ هن زال کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي.
”پوءِ تو کي حيدرآباد جي ايتري ڇڪ ڇو آهي؟“ زال بي اعتباريءَ مان چيو.
”تو کي سچي ٻڌايان؟“ يعقوب جي اکين ۾ شرارت هئي. سندس زال جا ڀرون تاڻجي ويا.”ٻڌاءِ؟“
”آءٌ حيدرآباد سان ڦٽل آهيان.....“ هن ٽهڪ ڏئي زال کي ڇڪي ڀاڪر ۾ آندو.
ٻار ٻچا به ٿيا. هڪ پٽ، هڪڙي ڌيءَ. يعقوب زال ۽ ٻارن کي ڀائيندو به هو، پر ڳوٺ ۾ رهڻ هن لاءِ ڏکيو هو. هن جو وس هلي ها ته زمينون وڪڻي هميشه لاءِ حيدرآباد ۾ وڃي رهي ها. پر پيءُ جي اڳيان ان ڳالهه ڪرڻ جي هن کي همٿ نه ٿيندي هئي.
پيءُ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ هو اڪيلو زمينن جو مالڪ بڻجي ويو. پڻس جو چاليهو نبري ويو ته هن پنهنجي من جي ڳالهه زال جي اڳيان کولي ظاهر ڪئي.
”ٻيلي، زمينن سنڀالڻ جو ڪم پاڻ کان ڪونه ٿيندو. آءٌ سڄي عمر ان کٽراڳ کان پري رهيس. مون کي ته ڪا خبر به ڪانهي. هاري مون کي ڦري کائي چٽ ڪري ڇڏيندا.“
”زمينون نه سنڀاليندين ته پوءِ کائينداسين ڪٿان؟“ جوڻس حيرت مان چيو.
”سڄي دنيا جو گذر سفر رڳو زمينن تي آهي ڇا؟ ٻيا به کوڙ ڌنڌا آهن. جنهن ڪم سان دل نه لڳي، ان ۾ هٿ ئي نه وجهجي. ٻنيون مون کان ٿينديون ڪونه. نڪو آءٌ هتي رهي سگهندس.“
”پوءِ تنهنجي مرضي ڇا آهي؟“ زال کانئس پڇيو.
”منهنجي مرضي آهي ته زمينون وڪڻي حيدرآباد ۾ گهر وٺي هلي ٿا رهون. ٻارن کي به اتي پڙهايون. ڳوٺ ۾ ڪهڙي پڙهائي آهي. ٽن چئن سالن کان پوءِ ته هونءَ به ٻارن کي شهر ۾ پڙهائڻو پوندو.“
”ٻنيون وڪڻي هلي شهر ۾ رهون! پوءِ گذران ڪيئن ٿيندو؟“
”اهو تون مون تي ڇڏ. شهر ۾ گهڻا ئي وسيلا آهن. ڪنهن نه ڪنهن ڌنڌي ۾ لڳي ويندس.“
جوڻس ڏٺو ته سندس مڃڻ يا نه مڃڻ سان ڪو فرق ته پوندو ڪونه. ٻارن جي پڙهائي جو به مسئلو هو ۽ حيدرآباد ۾ رهڻ تي هن جي به دل هرکي پئي.
يعقوب ٻنيون وڪڻي لطيف آباد ۾ بنگلو ورتو. ٻارن کي انگريزي- اڙدو ميڊيم جي پرائيويٽ اسڪول ۾ داخل ڪرايو. هو دوستن سان اڳي ئي ڪنهن مناسب ڌنڌي ڪرڻ جي سلسلي ۾ صلاح مشورا ڪندو رهيو هو. دوستن کيس چيو ته اڄڪلهه سنڌي ماڻهن پنهنجا ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ڏانهن رخ رکيو آهي. هڪڙو ته ڌاڙيلن سنڌي ماڻهن کي تپائي ڇڏيو آهي. ڍورن ڍڳن ۽ مال جون چوريون ويون ختم ٿي. هاڻي ماڻهن جي چوري زور تي آهي ڇو ته سڀ کان سولو ڪم اهو آهي. ڪنهن سڻڀي گهر جو ڪو ماڻهو اغوا ڪجي ۽ پوءِ ٻه ٽي لک وٺي موٽائجي. ماڻهو ڍور ڍڳا وڪڻي ڌاڙيلن کي پئسا ڏين، تنهن کان چڱو آهي ته اهي پئسا کڻي حيدرآباد يا ڪراچيءَ وڃي رهجي. اهڙن ماڻهن کان سواءِ ٻيا يعقوب جهڙا به هئا، جن کي شهري زندگي وڌيڪ پسند هئي. ڳوٺن کان شهرن ڏانهن لڏ پلاڻ جو لاڙو ڪجهه وڌي ويو هو. سنڌي ماڻهن کي حيدرآباد ۾ گهرن جي ضرورت هئي. دوستن يعقوب کي ٻڌايو ته انهيءَ ڌنڌي ۾ جيڪي اسٽيٽ ايجنٽ آهن، تن ۾ سنڌي گهٽ آهن. هنن يعقوب کي صلاح ڏني ته هو اهو ڌنڌو ڪري. هڪ سٺي سينگاريل ايئر ڪنڊيشنڊ آفيس ٺاهي آرام سان ويٺو هجي. جنهن کي گهر وڪڻڻو يا مسواڙ تي ڏيڻو هوندو سو پاڻهي وٽس ايندو ۽ خريد ڪرڻ يا مسواڙ تي وٺڻ وارا ماڻهو هونءَ ئي ڳولها ۾ هوندا آهن.
يعقوب لطيف آباد ۾ هڪڙو دوڪان مسواڙ تي ورتو. ان ۾ شيشي جا پارٽيشن ۽ ايئرڪنڊيشنڊ لڳرائي سٺو فرنيچر وجهي ويهي رهيو. ايترو وقت حيدرآباد ۾ رهڻ ڪري جيڪا ڄاڻ سڃاڻ ٿي هئس سا به ڪم آئي. هن جو ڌنڌو چڱو هلي پيو.
ڏسندي ڏسندي ملڪ جي سياست جيڪا مارشل لا جي دؤر ۾ دٻيل هئي، تنهن عجيب پلٽو کاڌو. مهاجرن جي هڪ فاشي تنظيم جنم ورتو، جنهن ’مهاجر پاور، سپر پاور‘ جو نعرو هنيو. ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي پرامن ماحول ۾ ڪا زهريلي گيس ڀرجي وئي. ڪراچيءَ ۾ مهاجرن ۽ پٺاڻن جي وچ ۾ جهڳڙو ٿي پيو. وڏي خونا خوني ٿي. اهو جهيڙو وڌي اچي حيدرآباد پهتو. پٺاڻن جي جڳهين ۽ دوڪانن کي ڦري لٽي باهيون ڏنيون ويون. رستي ويندي جنهن کي، جنهن جو ماڻهو هٿ آيو ٿي، سو مئو رکيو هو. سنڌي خاموش تماشائي هئا.
ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪرفيو لڳي ويو. يعقوب آرام سان گهر ۾ ويهي رهيو. هن جي ڏهاڙي ته هئي ڪانه جو ڳڻتي ڪري. پر کيس هڪڙي ڳالهه جو کٽڪو ٿي پيو. هن زال سان اها ڳالهه ڪڍي.
”الائي ڇو مون کي لڳي ٿو ته مهاجرن ۽ پٺاڻن جي وچ ۾ جيڪو جهيڙو ٿيو آهي، سا هڪڙي قسم جي ريهرسل آهي. مهاجر رڳو پٺاڻن ۽ پنجابين کي پنهنجو دشمن ڪونه ٿا سمجهن. پنجابين ۽ پٺاڻن کي ته پنهنجا صوبا آهن، پر مهاجرن جو اصلي جهيڙو ڌرتي ڌڻين سان ئي ٿيندو.“
جوڻس اٿندي ئي سندس ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو.
”توکي لائي ڪٿان اهو خيال آيو آهي. اسان جي پاڙي ۾ سڀ مهاجر آهن. سنڌين جو رڳو پنهنجو گهر آهي. منهنجو انهن جي ماين سان گڏ اٿڻ ويهڻ آهي. آءٌ انهن جي گهر وڃان، اهي منهنجي گهر اچن. مون کي ته ڪڏهن ڪونه لڳو آهي ته مهاجر سنڌين جي خلاف آهن.“
”پاڙي جي ڳالهه ٻي آهي. منهنجو هر قسم جي ماڻهن سان واسطو پئي ٿو. مون کي خبر آهي ته مهاجرن جو مٿو ڦريل آهي.“
”مٿو ڦريل اٿن ته پنهنجو ڇا؟ وڃي پنجابين پٺاڻن سان وڙهن. پاڻ وچ ۾ اچون ئي ڇو؟“جوڻس ڳالهه کي وڌيڪ اهميت ئي ڪانه ڏني.
ڪرفيو لٿو ته زندگيءَ جو ڪاروبار وري شروع ٿي ويو. يعقوب جو کٽڪو لٿو ڪونه. هن پنهنجن دوستن سان اهو ذڪر ڪيو.پر دوستن هن جي ڳالهه کي جوڻس وانگر ڪا اهميت ڪانه ڏني.
”اهي سياسي پيچيدگيون تو کي سمجهه ۾ ڪونه اينديون. پنجابي سامراج کي سنڌي اڪيلا منهن ڏئي ڪونه سگهندا. سنڌي پنجابي سامراج سان به وڙهن ۽ مهاجرن کي به پاڻ کان الڳ ٿلڳ رکن ته پوءِ isolation جو شڪار ٿي ويندا. ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ هڪ نئون طاقتور فيڪٽر آهي. سنڌي قوم پرستن کي انهن جو سهڪار حاصل ڪرڻ کپي. مهاجرن کي سنڌ ۾ ئي رهڻو ۽ مرڻو آهي. جيڪڏهن اهي ٻئي طاقتون پاڻ ۾ ملي وينديون ته پنجابي سامراج کي ڏکيون پونديون،“سياسي شعور رکندڙ هڪ دوست يعقوب کي سمجهائيندي چيو.
يعقوب کي هن جي ڳالهه دل سان لڳي. سندس من ۾ پيدا ٿيل کٽڪي کي آٿت ملي ويو. هن کي لڳو ته مهاجر کيس وڌيڪ ويجها هئا. پاڙي جي لحاظ کان به ۽ ڌنڌي جي لحاظ کان به. جيڪي پڙهيل لکيل مهاجر سندس آفيس ۾ ايندا هئا، تن جي اڳيان هو ايم ڪيو ايم کي ساراهيندو هو. سنڌين ۽ مهاجرن جي ٻڌيءَ جي پٺڀرائي ۾ پنهنجن سياسي دوستن کان ٻڌل دليل ورجائيندو هو.
جيڪڏهن ڪو مهاجر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مهاجر شاگردن سان ٿيندڙ زيادتين جو ذڪر ڪندو هو، ته يعقوب يڪدم ان ڳالهه جي تائيد ڪندو هو.
”آءٌ به يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو آهيان. وقتي اتي مهاجر شاگردن تي زيادتيون ٿينديون رهيون آهن. پر اها پنجابين جي چالبازي هئي. اهي ٻنهي ڌرين کي استعمال ڪندا رهيا آهن. هنن جي ڪوشش هئي ته مهاجر ۽سنڌي پاڻ ۾ وڙهيل هجن. سنڌي شاگرد تمام سادا آهن. ٻهراڙين مان هلي شهر ۾ يونيورسٽيءَ جهڙي وڏي تعليمي اداري ۾ اچن ٿا، ته ان وقت هنن ۾ ايتري سمجهه ڪانه هوندي آهي. رڍن وانگر هنن کي جنهن پاسي هلائبو آهي هلي پوندا آهن. ان ڪري اهي غلط حرڪتون به ڪندا رهندا آهن. پر هاڻي هنن ۾ اهو شعور پيدا ٿيو آهي ته سنڌ جا اصل دشمن ڪير آهن. اڄڪلهه سنڌي شاگرد مهاجر شاگردن کي وڌيڪ ويجهو محسوس ڪن ٿا.“
ايتري ڳالهائڻ کان پوءِ يعقوب کي خوشي ٿيندي هئي ته هن ۾ به سياسي شعور اچي ويو هو ۽ سياسي معاملن تي چڱو خاصو ڳالهائي ٿي ويو.
پر يعقوب کي اها خبر ڪانه هئي ته فاشي تنظيمون ڪيئن جنم وٺنديون آهن ۽اهي مظلوم هجڻ جون رڙيون ڪري ڪيئن دهشت گردي ڪنديون آهن. حيدرآباد جي ميئر جي هڪ اخباري بيان خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ يونيورسٽيءَ جا سنڌي شاگرد بسن ۾ چڙهي ميونسپل آفيس پهتا. اوچتو بسن تي گولين جو وسڪارو ٿي ويو. اهي ساهه بچائڻ لاءِ حيدرآباد جي جنهن گهٽيءَ ۾ ٿي ڀڳا اتي هنن کي ڦيهو ويو. ستت ئي سڄي شهر ۾ مهاجر- سنڌي فساد شروع ٿي ويا.
يعقوب ان وقت پنهنجي آفيس ۾ موجود ڪونه هو. هو ڪنهن گراهڪ کي جاءِ ڏيکارڻ ويو هو. موٽي آيو ته سندس آفيس ۾ ڪا شيءِ سلامت نه هئي. شيشي واري پارٽيشن ڀور ڀور هئي. ايئرڪنڊيشن ۽ صوفا گم هئا. ايڏيون ڳريون شيون منٽن ۾ گم ٿي ويون! آسپاس وارا دڪان بند هئا. شهر ۾ ڪرفيو لڳي ويو. يعقوب گهر ۾ بند ٿي ويهي رهيو. هن جي من ۾ پيدا ٿيل کٽڪو هڪ ڀيرو وري جاڳي پيو. ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي قوم پرست اڳواڻن جي وچ ۾ ڳالهيون هليون. غلط فهمين کي دور ڪري هڪ ٻئي سان سهڪار ۽ اتحاد تي زور ڏنو ويو. پر يعقوب جي کٽڪي کي هاڻي آٿت نه مليو. هڪ چڻگ به وڏو ڀنڀٽ ڀڙڪائي سگهي ٿي. پوءِ به هن نئين سر آفيس کي ٺاهيو. آفيس کي ٺهرائڻ ۽ فرنيچر وٺڻ تي چڱو خرچ اچي ويو.
ٿورو گهڻو ڌنڌو اڃا هليو مس ته ٻيو ڀنڀٽ ڀڙڪيو. سڄي شهر ۾ باهه وانگر ڳالهه پکڙجي وئي ته ميئر تي سنڌين قاتلانه حملو ڪيو آهي. مينهن وسڻ کان پوءِ جيئن کنڀيون پيدا ٿينديون آهن، تيئن الائي ڪٿان نقاب پوش نڪري نروار ٿيا. هنن جي هٿن ۾ ڪلاشنڪوف هيون ۽ جتي به ڪو سنڌي نظر آيو ٿي ته هن کي پرڻ ڪري ٿي ڇڏيائون. ڦڙڦوٽ پئجي وئي. دڪان بند ٿي ويا. يعقوب آفيس پوُري گهر ڏانهن ڀڳو. جيستائين ڪرفيو لڳو سنڌين جو گهڻو جاني نقصان ٿي چڪو هو. يعقوب جي آفيس کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. ’جيڪڏهن ان وقت آءٌ موجود هجان ها ته مون کي به آفيس ۾ جيئرو ساڙي ڇڏين ها.....‘ هن کي خيال آيو.
ايتري وحشانيت ۽ نفرت ڪٿان پيدا ٿي هئي! يعقوب جو نئون پيدا ٿيل سياسي شعور ان ڳالهه جو جواب نه ڏئي سگهيو. اوڙي پاڙي جي وهنوار ۾ ڪو خاص فرق نه آيو هو. پر دلين ۾ شڪ شبها پيدا ٿي چڪا هئا. ڪا کوٽ پئجي وئي هئي. چاليهن سالن کان گڏ رهندڙ مهاجر ۽ سنڌي هڪ ٻئي کي شڪي نظرن سان ڏسڻ لڳا هئا. ڪن پاڙن ۾ جتي سنڌي ٿورائي ۾ هئا، سندن گهرن تي حملا ٿيا هئا. ڪجهه ماڻهو ڳوٺ هليا ويا هئا ته انهن جي گهرن جا تالا ٽوڙي سامان جي ڦرلٽ ڪئي وئي هئي. لطيف آباد ۾ جنهن پاڙي ۾ سنڌين جا هڪ ٻه گهر مس هئا تن ڊپ وچان ڀڳڙن مٺ تي گهر وڪڻي ڇڏيا. ڄڻ چاليهن سالن کان پوءِ وري ورهاڱي جو ورجاءُ ٿيو هو. اڳي سنڌي هندن پنهنجا گهر ڇڏيا هئا ۽هاڻي سنڌي مسلمانن جو وارو هو.
گهرن وڪڻڻ واري ڌنڌي سان لاڳاپو هئڻ سبب، يعقوب کي خبر هئي جنهن گهر جي قيمت پنج لک هئي ته ان جا هاڻي ٻه لک مس ٿي مليا. خود يعقوب پاڻ گهر وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي. پر اول ته ڪو گراهڪ ڪونه ٿي مليو، پر جي ڪو مليو ٿي ته ان اڌ قيمت کان به گهٽ پئسا ٿي آڇيا.
يعقوب جو ڌنڌو لطيف آباد ۾ بنهه ختم ٿي ويو هو. سنڌي ماڻهن حيدرآباد جي پرئين پاسي قاسم آباد، سٽيزن ڪالوني ۽ڀٽائي ننگر وڃي وسايا هئا. ان پاسي يعقوب کي ڌنڌي جو چانس هو، پر هتي لطيف آباد ۾ ساهه سوريءَ تي ٽنگيو پيو هو. گهر ڇڏي وڃي ته ان تي قبضي ٿيڻ جو ڊپ هو. هن کي ڪا واهه نه پئي سجهي.
هڪڙي دوست يعقوب کان پڇيو، ” گهر ۾ ڪو هٿيار به اٿئي يا نه؟“
”هٿيار! نه يار، هٿيار ته ڪو به ڪونهي،“ يعقوب وراڻيو.
”پاڙي ۾ تنهنجو اڪيلو سنڌي گهر آهي ۽ سڀاڻي خدانخواسته تنهنجي گهر تي حملو ٿئي ته تو وٽ ڪو هٿيار به ڪونهي، جو پنهنجن ٻچن جو بچاءُ ڪري سگهين.“
”بس يار، توڪل تي ويٺا آهيون. مون ڪڏهن عمر ۾ ڪو هٿيار هٿ ۾ نه کنيو. پاڻ کي ته هلائڻ ئي ڪونه ايندو آهي.“
يعقوب پنهنجي زال کي دوست واري ڳالهه ٻڌائي. هن جي زال جو به اهو خيال هو ته شريف ۽ پرامن ماڻهن جو هٿيار سان ڪهڙو ڪم. ٻي ڳالهه ته سندس پاڙو به سٺو هو.
”هٿيار ته گهر ۾ پيو هوندو ۽سڀاڻي واٽ ويندي ڪو ماري ڇڏي ته گهر ۾ رکيل هٿيار ڇا ڪندو،“ يعقوب چيو.
”الله خير ڪري. باقي پاڙي ۾ ته ڪو ڊپ ڪونهي. پنهنجي ته ڪنهن سان دشمني ڪانهي. پوءِ هروڀرو پنهنجو نالو ڇو وٺندا...“ سندس زال چيو.
هڪ ڏينهن صبح جو يعقوب گهر جو ٻاهريون دروازو کوليو ته ان تي چاڪ سان منڌيئڙو لڳو پيو هو. اها ڳالهه اشارو هئي ته سندس گهر حملي جي زد ۾ هو.يعقوب پاڙي وارن کي گهران سڏي اچي اهو نشان ڏيکاريو.
”ڊڄو نه. اها ٻارن جي شرارت ٿي لڳي،“پاڙي وارن هن کي آٿت ڏني.
ڪجهه مهينن کان پوءِ 30 سيپٽمبر 1988ع ۾ حيدرآباد جي تاريخ جو سڀ کان وڏو قتلام ٿيو. موٽرڪارن ۾ ويٺل ماڻهو حيدر آباد جي مهاجر علائقن ۾ انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪندا شهر مان نڪري هليا ويا. ان قتلام جو حساب حيدرآباد ۾ خالي هٿين رهندڙ سنڌي ماڻهن کي ڀرڻو پيو. ان رات ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ نقاب پوشن سنڌي گهرن ۾ گهڙي ڪئين خاندانن کي موت جو بک بڻائي ڇڏيو. جيڪي خاندان پنهنجن گهرن ۾ ماريا ويا هئا تن جا نالا اخبارن ۾ آيا. انهن ۾ هڪڙو خاندان يعقوب جو هو. خبر موجب ٻئي زال مڙس ۽سندن وڏو پٽ ماريا ويا ۽ ٽي ٻار زخمي ٿيا، جن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.

خوف جو موت

رات جا ٽي ٿيا هئا پر فائرنگ اڃا بند ڪا نه ٿي هئي. رکي رکي اوچتو فائرنگ جا هيڪاندا آواز ٿي آيا. زينب ٻن سالن جي پٽ سان گڏ کٽ تي ليٽيل هئي ۽ پاسي ۾ ٻي کٽ تي ڪامل ليٽيل هو. هن ذري ذري پاسا پئي ورايا.
”جاڳين پيو ڇا؟“ زينب سرٻاٽ ۾ چيو.
” ها. توکي به ننڊ نٿي اچي ڇا؟“
”موت جي منهن ۾ ڪنهن کي ننڊ ايندي،“زينب سرٻاٽ ۾ چيو. هوءَ ڊني پئي ته ڪٿي سندس آواز ڪمري مان، گهر مان ٻاهر نه نڪري وڃي ۽ گولي ان آواز کي جهٽي اندر نه هلي اچي.
”ويليم جو آڻي ڏنيون هيون مانءِ. اهي ڪونه کاڌئي؟“ ڪامل پڇيو.
”ٻه کاڌيون اٿم. مٿو ڳرو ٿي پيو آهي، پر ننڊ نٿي اچي.“
ڪامل ڪجهه نه چيو. موت جو خوف ننڊ جي گورين کان وڌيڪ طاقتور آهي.سڄي شيشي ڦڪڻ سان به ڪجهه نه ٿيندو، هن سوچيو.
”پاڙي ۾ جيڪي ٻه ٽي سنڌين جا گهر هئا، سي سڀ لڏي ويا آهن، باقي پاڻ وڃي بچيا آهيون. اڄ پاڙي وارن مهاجرن جي ڇوڪري آئي هئي. هن چيو ته خطرو آهي. اوهين به لڏي وڃو،“ زينب چيو.
”تنهنجو ڇا خيال آهي ته هوءَ همدرديءَ طور توکي ٻڌائڻ آئي هئي. هن کي هاسيڪار موڪليو ويو هوندو توکي ڊيڄارڻ لاءِ،“ ڪامل ڪاوڙ ۾ کٽ تي اٿي ويٺو.
”نه نه، ائين ڪيئن هوندو،“ زينب بي اعتباريءَ مان چيو.“ آءٌ ته هن گهر ۾ هاڻ آئي آهيان. پر اهي چاليهن سالن کان اوهان سان گڏ پاڙي ۾ ٿا رهن. مائٽن وانگر هڪ ٻئي سان اٿڻ ويهڻ آهي. ائين ڪيئن ڪندا.....“
”پاڻ کڻي ڪجهه نه ڪن، باقي ٻين کي بڇيندا،“ ڪامل چيو. ” هنن جي اک اسان جي گهر تي آهي.“
”توکي ڪيئن خبر پئي؟“ زينب حيرت مان پڇيو.
”ڇوڪريءَ جي پيءَ مون سان ڳالهايو آهي. هن به ساڳي ڌيڻس واري ڳالهه ڪئي ته هتي رهڻ اسان جي لاءِ خطري کان خالي ناهي. هن اهو به چيو ته جيڪڏهن آءٌ گهر وڪڻان ته هو وٺڻ لاءِ تيار آهي.“
”پوءِ؟ تو ڇا چيو؟“
” مون چيومانس ته منهنجي گهر جي قيمت هن وقت چار لک رپيا آهي. پر هو ڏيڍ لک رپين کان وڌيڪ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.“
”هون.....“ زينب سوچ ۾ پئجي وئي. ٺ ٺ ٺ ٺا ٺا... ڪٿان ويجهو فائرنگ جو آواز آيو. زينب اٿي ڪامل جي کٽ تي اچي ويٺي. ڪامل هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ ورتو. زينب جو هٿ برف جيان ٿڌو هو. ڪامل هن جي نرڙ تي هٿ رکيو. زينب جي نرڙ تي پگهر جي آلاڻ هئي.
”ڇا ڳالهه آهي؟“ ڪامل هٿ سان زينب جي نرڙ تان پگهر اگهندي چيو، ”ڊني آهين؟ ليٽي پئو.“
”توکي ڊپ ڪونه ٿو ٿئي؟“زينب هن جي پاسي ۾ ليٽي پئي. ڪامل ڪو جواب نه ڏنو، پر هن دل ۾ چيو: هائو، آءٌ به ڊڄان ٿو..... هو زينب جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لڳو.
”الاجي ڪيترين راتين کان ننڊ ڪانه آئي آهي. ڪرفيو ۾ به ڊپ هو. ڪرفيو هوندي به مهاجرن سنڌين جي گهرن تي حملا پئي ڪيا. هاڻي ته ڪرفيو به لهي ويو آهي. ويتر وڌيڪ ڊپ آهي. سڄي رات فائرنگ ٻڌي ائين ٿو لڳي ته ڄڻ پنهنجي گهر تي حملو ٿيو آهي.“
”پوءِ ڇا ڪريون؟ ٻي ڪا واهه به ته ڪانهي. جن سنڌين جا گهر پنهنجن ڳوٺن ۾ به آهن، سي ته فساد شروع ٿيندي ئي پنهنجن ڳوٺن ڏانهن هليا ويندا آهن. اسان جو ته ڪنهن ڳوٺ سان واسطو ڪونهي. ڏاڏا پڙ ڏاڏا حيدرآباد جا هئا. ڪهڙي خبر هئي ته پنهنجن ابن ڏاڏن جي شهر ۾، پنهنجي ئي گهر ۾ جان جي امان ڪانه هوندي.“
”منهنجي صلاح آهي، گهر وڪڻي ڪٿي سنڌين جي پاڙي ۾ هلي رهون.“
”ڀڳڙن جي مٺ تي پنهنجو اباڻو گهر وڪڻي ڇڏيان؟“ ڪامل چڙ مان چيو.
”ساهه کان وڌيڪ گهر آهي ڇا! خدا خير ڪري، سڀاڻي گهر ۾ گهڙي اچي ماري وڃن ته پوءِ گهر ڪهڙي ڪم ايندو.“ زينب اوندهه ۾ ڪامل جي منهن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڪامل هڪ ڊگهو ساهه کنيو. هن کي لڳو ته زينب جي ڳالهه سچي هئي. ٻنهي ڄڻن جنهن ڳالهه کي چپن تائين آڻڻ کان لنوايو پئي، ان کان ڪامل اڻ ڄاڻ ڪونه هو. کين پنهنجي حياتيءَ کان وڌيڪ ننڍڙي پٽ جو فڪر هو.
”ٺيڪ آهي ڀلا، سڀاڻي قاسم آباد واري پاسي وڃي ٿو جانچ ڪريان. جاءِ وٺي پوءِ پاڙي وارن کي ئي گهر وڪڻي هلنداسين. ٻيا ته ايترا پئسا به هينئر ڪونه ڏيندا.“
زينب سک جو ساهه کنيو ۽ ڪامل جي ڀاڪرن ۾ سمائجي وئي.
قاسم آباد ۾ پراپرٽي ڊيلرن کان پڇا ڪرڻ تي ڪامل کي معلوم ٿيو ته جاين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا هئا. لطيف آباد توڙي حيدرآباد ۾ مهاجرن جي اڪثرتي پاڙن ۾ رهندڙ سنڌي لڏي هن پاسي اچڻ لڳا هئا. ان ڪري پلاٽ ۽ جايون مهانگيون ٿي ويون هيون. مسواڙن جا اگهه به وڌي ويا هئا. ڪامل جو ڪٽنب وڏو ڪونه هو. ان ڪري هن جو ڪم ننڍي گهر مان به هلي وڃي ها. هڪڙي دوست ڪامل کي ٻڌايو ته سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾ هڪ رٽائرڊ تپيدار حاجي صاحب جو گهر آهي. هن جو پٽ سعودي عرب ۾ ڊاڪٽر آهي. پاڻ رڳو پنهنجي زال سان گڏ هيٺئين حصي ۾ رهي ٿو. گهر جو مٿيون حصو خالي آهي، جنهن ۾ ٻه بيڊروم آهن. مسواڙ پندرهن سؤ رپيا ماهوار ۽ هڪ سال جي ائڊوانس وٺندو. مسواڙ وڌيڪ هئي، پر ڪامل سوچيو ته ڳالهائڻ ۾ ڪو حرج نه هو. ٿي سگهيو ٿي سندس مجبوري ڏسي هڪ سنڌي جي حيثيت سان حاجي صاحب مڃي وڃي.
شام جو وقت هو. گهر جي ٻاهران ٺهيل ننڍڙي لان ۾ ڪجهه ڪرسيون رکيون هيون، جن تي وڏي عمر وارا رٽائرڊ قسم جا ڪامورا ويٺا هئا. حاجي صاحب ڪامل کي ويهاري کانئس حال احوال ورتو.
”هاڻي ڏسو سائين، ويچارن سنڌين کي پنهنجن اباڻن ڏاڏاڻن گهرن مان لڏڻ تي ڪيئن مجبور ڪيو پيو وڃي. ڄڻ هيءَ حيدرآباد دکن آهي. سندن بابي جو شهر آهي، جتي سنڌين کي رهڻ جو ڪو حق ڪونهي!“ حاجي صاحب جي ڳالهه ڪامل جي هانءُ تي ٿڌا ڇنڊا وجهي ڇڏيا. هاڻي هر سنڌيءَ کي پنهنجي نڌڻڪائيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو هو.
”اهي ئي سور ته اسين روئون ويٺا. تنهنجي اچڻ کان اڳ به اها ڳالهه پئي هلي،“ رٽائرڊ استاد ڪامل کي چيو. ”دنيا جي تاريخ ۾ اهڙا ڪئين مثال آهن ته ٻاهران آيل ماڻهن اصلي ويٺل ماڻهن کي ڪيئن نيست نابود ڪري ڇڏيو. آمريڪا ۾ ريڊ انڊين جو مثال آهي.“
”اهي ڪالونائيزيشن جا پراڻا مثال آهن. اوهان موجوده دؤر جي سياسي چالبازين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو،“ ٻئي دانشور قسم جي رٽائرڊ ڪاموري چيو. ”ايم ڪيو ايم جي دهشت گردي ان ساڳي لائين تي پئي وڃي جنهن لائين تي هٽلر جي نازي تحريڪ اُڀري هئي. هٽلر جرمنن ۾ مظلوميت جو احساس پيدا ڪري، نسل پرستيءَ جا جذباتي نعرا ڏئي کين ڇتو ڪري ڇڏيو. اهي ساڳيا نازين جي دهشت گرديءَ وارا طريقا هتي آزمايا پيا وڃن. اتي نازين يهودين جون ملڪيتون لٽي، گهر ۽ دوڪان ساڙي، قتل خون ڪري کين ملڪ مان ئي ڪڍي ڦٽو ڪيو. اها ساڳي ويڌن سنڌين سان ڪئي پئي وڃي.“
”اسان کي ڌڪي ڪيڏانهن ڪڍندا،“ حاجي صاحب پڇيو.”اسان کي ته نه هندستان قبول ڪندو نه افغانستان ۽ نه ايران.“
”اوهين ڇا ٿا ڀانيو ته مهاجر سنڌ جي وڏن شهرن ۾ اهي فساد اجايو ڪري رهيا آهن؟ واٽ ويندل بيگناهه سنڌي ماڻهن کي هرو ڀرو ماري رهيا آهن؟“ دانشور ٽائپ ڪامورو حاجي صاحب جي ڳالهه اڻٻڌي ڪري ڳالهائيندو رهيو.“ اهو سڀ سوچيل سمجهيل سازش هيٺ ٿي رهيو آهي. ايم ڪيو ايم وارن جي پلاننگ اها آهي ته سنڌين کي وڏن شهرن مان ڦري لٽي، ماري ڀڄائي ڪڍجي. اهڙي ريت رد عمل ۾ ننڍن شهرن مان مهاجر ڀڄڻ تي مجبور ٿيندا. اهو جهيڙو جيترو وڌندو اوترو ايم ڪيو ايم وارن جي رٿا کي هٿي ملندي. نيٺ هڪ ڏينهن هو باقاعدي نعرو هڻي. مهاجرستان ٺاهڻ جو مطالبو ڪندا ۽ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي ڪوشش ڪندا.“
”هائو ٻيلي، اڙجي وياسين هنن مصيبتن مان،“حاجي صاحب شوڪارو ڀريندي چيو.
”پر سائين معاف ڪجو، اهي مصيبتون اسان جي وڏن ئي اسان جي گلي ۾ وڌيون آهن. هندن کي سنڌ مان ڪڍي ڌارين کي دعوت ڏئي هتي ڪنهن گهرايو؟ چي: اسان جا مسلمان ڀائر آهن. ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻيا وڏا شهر اسان پاڻ هنن کي نذرانو ڪري پيش ڪيا. اهو ڪيتو سنڌ جو موجوده نسل پيو لوڙهي،”ڪامل چيو.
”ميان صاحب، اوهان جي عمر گهڻي آهي؟” رٽائرڊ استاد ڪامل کان پڇيو.
”ٽيهه سال،“ ڪامل وراڻيو.
”پوءِ توکي ان زماني جي ڪهڙي خبر. هندو جيڪڏهن پاڻ اسان سان ڏاڍايون ۽ زيادتيون نه ڪن ها، ته اسان کي ڇتي ڪتي کاڌو هو جو هنن مان بيزار ٿيون ها. اهي پاڻ کي سڌريل ۽ مٿانهون ڪري سمجهندا هئا. هنن جيڪي عقوبتون ڪيون، تن جي اوهان اڄ جي نوجوانن کي خبر ئي ڪانهي،“ رٽائرڊ استاد ڪاوڙ مان چيو.
”اوهان جي ڳالهه صحيح هوندي، پر هندن دهشتگرد ٽولا ٺاهي سنڌي مسلمانن جي گهرن ۾ گهڙي انهن کي بيعزت ڪري ڦريو لٽيو ۽ ماريو ڪونه هو. انهن رستي تي هلندڙ بيگناهه ماڻهن کي گوليون ڪونه هنيون هونديون... جيڪڏهن سنڌي هندن جي نظر ۾ سنڌي مسلمان ڄٽ هئا ته هينئر مهاجرن جي نظر ۾ اسين جهنگلي، غير مهذب ۽ جاهل آهيون. اسان لاءِ ڪهڙو فرق پيو. ويتر هڪ ڌارين ٻولي ۽ ڌارين ثقافت اسان تي مڙهجي وئي....“ ڪامل کي جوش اچي ويو هو.
”هائو جوان، چئين سچ ٿو. اکين تي پٽيون ٻڌي اوڙاهه ۾ وڃي ڪرياسين. مهاجرن ته جهڙو ڪر اسان کي فتح ڪيو آهي. بس يار، سنڌي مسلمانن جي قسمت ئي ڦٽل آهي،“ حاجي صاحب ڪامل جي ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو.
”نه حاجي صاحب، قسمت جي ڳالهه ڪانهي. اسان جون پنهنجون ڪمزوريون آهن،“ دانشور قسم جي رٽائرڊ ڪاموري چيو.”اسان سنڌين ۾ قومي شعور پورِيءَ طرح پيدا نه ٿي سگهيو آهي. اسان ۾ اجتماعي سوچ جي کوٽ آهي. هر سنڌيءَ جي انفرادي سوچ ۽ عمل آهي. اخبارون کڻي پڙهو. سنڌي هڪ ٻئي جا ڪيترا خون ٿا ڪن. ذاتي دشمنين ۾ گهرن جا گهر ناس ڪريو ڇڏين. معمولي تڪرار تي، پاڻيءَ جي واري تي سسيون لاهيو ڇڏين. سنڌي ڌاڙيل روزانو ڪيترن سنڌين کي ٿا کڻن. ٻئي طرف سنڌ جي سياست کي ڏسو. الطاف چند سالن اندر سڀني مهاجرن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري تمام مضبوط تنظيم ٺاهي ورتي آهي. سنڌي اڳواڻ ڪئين سالن کان رڳو ڳالهيون ڪندا رهيا آهن. ڪم ڪهڙو ڪيو اٿن؟ هر ڪو ڏيڍ سر جي مسجد ڌار ٺاهيو ويٺو آهي. سؤ کن ته تنظيمون ۽ پارٽيون آهن. جيستائين سنڌي ليڊر پنهنجي ’مان‘ کي ماري ۽ انا کي ڇڏي هڪڙي پليٽ فارم تي گڏ نه ٿيندا، تيستائين ڪجهه نه ٿيندو. سنڌي ماڻهو ائين ماربو رهندو ۽ سنڌين کي شهرن مان ڌڪي ڪڍڻ جو عمل ڪامياب ٿي ويندو.“
وايو منڊل تي مايوسي ڇانئجي وئي. لڳو ٿي ته ڪنهن کي به ڳالهائڻ تي دل نه پئي ٿي.
”چڱو يار، هاڻي هلون ٿا،“ رٽائرڊ استاد ۽ ڪامورو اٿي بيٺا. ٻنهي کان موڪلائي حاجي صاحب ويهندي ڪامل کان پڇيو، ” اوهان ڇا ڪندا آهيو؟“
”ڪاليج ۾ ليڪچرر آهيان.“
”ٺيڪ آهي جوان، تنهنجو پنهنجو گهر آهي. ڀلي اچي رهو. ههڙي ڏکئي وقت ۾ اسين سنڌي هڪ ٻئي کي ڪم نه اينداسين ته ٻيو ڪير ايندو.“
”مهرباني سائين،“ ڪامل انتهائي شڪر گذاري وچان چيو.” پر هڪ عرض آهي. مسواڙ ڪجهه وڌيڪ آهي. منهنجو پگهار ٽي هزار رپيا آهي. جيڪڏهن اڌ پگهار مسواڙ تي هليو آيو ته پوءِ گذر سفر ڏکيو ٿيندو. ٻي اوهان کي سچي ڳالهه ٻڌايان ته مون وٽ هن وقت ڪل رقم ايتري آهي جو ان مان ائڊوانس جا اڌ پئسا ڏئي سگهندس. ها، باقي جيئن ئي منهنجي جاءِ وڪامي ته باقي پئسا حاضر ڪندس.“
حاجي صاحب سوچ ۾ پئجي ويو.”پوءِ ڀلا، تون ٻڌائي، ڪيتري مسواڙ ڏئي سگهندين؟“
”سائين، اٺ سؤ رپيا وٺو ته مهرباني ٿيندي،“ ڪامل نماڻو بنجي چيو.
”اٺ سؤ رپيا!“ حاجي صاحب کان ٽهڪ نڪري ويو.
”اهي ته تمام گهٽ آهن، ٻيلي ايڏو نقصان ته نه ڏي.“
”نه حاجي صاحب، خدا نه ڪري، آءٌ اوهان کي نقصان ڇو ڏيندس. مون پنهنجي مجبوري اوهان جي اڳيان رکي آهي. جي مهرباني ڪري سگهو ته.....“
”هونهه.....“ حاجي صاحب وري سوچ ۾ پئجي ويو. ”ٻار گهڻا اٿئي؟“
”اڃا هڪڙو پٽ آهي ٻن سالن جو. سچ پڇو ته اسان کي پاڻ کان وڌيڪ هن جو فڪر آهي. منهنجي زال الاجي ڪيترين راتين کان ڊپ وچان ستي ناهي.“
”چڱو ڀلا، آءٌ وڌ ۾ وڌ ٽي سؤ رپيا ڇڏي سگهان ٿو. آخري ڳالهه ٻارنهن سؤ رپيا. باقي اڌ ائڊوانس ڏئي ڀلي سڀاڻي چاٻي وٺي وڃ. توتي اعتبار آهي.“
ڪامل سوچيو ته وڌيڪ چوڻ اجايو هو.
”ٺيڪ آهي سائين اوهان جو فيصلو اکين تي، ڀلا جاءِ ڏيکارڻ جي مهرباني ڪندؤ.“
حاجي صاحب ڏاڪڻ جو در کولي ڪامل کي مٿي وٺي ويو. جاءِ ٺيڪ هئي ۽ ڪامل جي ضرورتن لاءِ مناسب هئي.
”پوءِ سائين، آءٌ سڀاڻي ائڊوانس جي رقم ڏئي چاٻي وٺي ويندس،“ ڪامل حاجي صاحب کان موڪلائيندي چيو.
ڪامل جڏهن گهر اچي زينب کي اها خوشخبري ٻڌائي، ته هن کي ائين لڳو زينب جي منهن تي مڙي آيل پريشانين ۽ ڊپن جا ڪارا ڪڪر ٽڙي پکڙي ويا. زينب جي هيسيل اکين ۾ چمڪ اچي وئي. انسان اميد جي آسري ۾ به جيئو اٿي، اها ڳالهه پهريون ڀيرو ڪامل کي محسوس ٿي.
” گهر ڪيئن آهي ڀلا؟“ زينب پڇيو.
”سٺو آهي. پنهنجو گذر سفر آسانيءَ سان ٿي ويندو.“
”مسواڙ گهڻي ته ڪانهي؟“
”آهي ته گهڻي. پهرين هنن 1500 رپيا گهريا هئا، پر پوءِ نيٺ 1200 رپين تي راضي ٿي ويا. حاجي صاحب ماڻهو ڀلو آهي. ڏاڍي همدردي ڏيکاريائين. هاڻي سنڌين کي هڪ ٻئي جو احساس ٿيو آهي.“
”خدا سنڌين کي ساڃهه ڏئي ته پاڻ ۾ ٻڌي ڪن، نه ته هي مئا اسان کي جيئڻ ئي ڪونه ڏيندا،“ زينب چيو.
ٻئي ڏينهن ڪامل مسواڙ جا پئسا کڻي حاجي صاحب جي گهر آيو. پنجاهه سالن جي هڪ عورت ٻاهر نڪري آئي.
”امان، حاجي صاحب گهر ۾ آهي؟“ ڪامل پڇيو.
”حاجي صاحب جي طبيعت ٺيڪ ڪانهي. ستو پيو آهي. ڪم هجي ته ٻڌائي،“ عورت هن کي چتائي ڏسندي چيو.
”آءٌ ڪالهه حاجي صاحب سان مليو هوس. مٿيان ڪمرا مسواڙ تي وٺڻ لاءِ ڳالهايو هومانس. مسواڙ جا پئسا کڻي آيو آهيان. اوهان کي حاجي صاحب ٻڌايو هوندو. حاجي صاحب کي تڪليف نه ڏيو، ڀلي آرام ڪري. جي اوهان مون کي چاٻي ڏيو ته آءٌ سڀاڻي سامان کڻي اچان. اسان کي اُتان جلدي شفٽ ٿيڻو آهي.“
”مان حاجي صاحب جي گهر واري آهيان،“ مائي پهريون ڀيرو پنهنجي واقفيت ڪرائي.“ هن مون سان ڳالهه ڪئي آهي. اڄ صبح جو هڪڙا ٻيا گراهڪ آيا هئا. اهي 1500 رپيا مسواڙ ۽ سال جي ائڊوانس ڏيڻ لاءِ تيار آهن. پر حاجي صاحب في الحال هنن کي جواب ڏئي ڇڏيو جو تو سان وعدو ڪري ويٺو آهي. هاڻي تنهنجي مرضي آهي، جيڪڏهن 1500 رپيا ڏئي سگهين ته چاٻي وٺي وڃ...“ مائي حاجي صاحب کان وڌيڪ پڪي هئي.
” پر امان، حاجي صاحب ته مون سان 1200 رپين تي ڳالهه پڪي ڪري چڪو آهي ۽ ان کان وڌيڪ مسواڙ ڀرڻ جي مون ۾ پڄت به ڪانهي،“ ڪامل نيزاري وچان چيو.
” اها تنهنجي مرضي آهي، ڪا زبردستي ڪانهي...“ هن انڪار ڪندي پير در اندر رکيو.
”منهنجي ڳالهه ته ٻڌو. حاجي صاحب کي خبر آهي ته آءٌ سخت مجبور آهيان. وري به پاڻ ۾ سنڌي آهيون، اوهان کي احساس نه ٿيندو ته ٻيو ڪنهن کي ٿيندو. مهرباني ڪريو....“
ڪامل ليلائيندي مائي کي اندر وڃڻ کان روڪيو.
”سنڌي آهيون تنهن ڪري اسين پاڻ کي نقصان ڏيون!“ مائي اندر گهڙي در بند ڪري ڇڏيو.
ڪامل وائڙو ٿي بند در کي تڪيندو رهيو. هن ۾ هلڻ جي سگهه ڪانه رهي هئي، پوءِ به هو پاڻ کي گهليندو اتان روانو ٿيو. هو هلندو وحدت ڪالوني لنگهي، چوڪ تي اچي ويهي رهيو. هن جون ٽنگون جواب ڏيئي بيٺيون هيون.
اُهي منهنجن ابن ڏاڏن جو شهر آهي، جتان جان بچائي ڀڄي نڪرڻ لاءِ آءٌ جاکوڙ پيو ڪريان ۽ پناهه جي لاءِ در در پيو واجهايان.‘ هن کي خيال آيو. هو اوچتو اٿي بيٺو. ’مون کي پنهنجي گهر وڃڻ گهرجي، زينب انتظار ڪندي هوندي ۽ پريشان هوندي.‘ هو شهر ويندڙ سوزوڪي ۾ چڙهي پيو.
ڪامل جڏهن گهر پهتو ته زينب واقعي پريشان هئي. ”ڇا ٿيو؟ ايتري دير ڇو ٿي؟“
”ڪا خاص ڳالهه ڪانهي. تون پريشان نه ٿي، خير آهي.“ هو کٽ تي ويهي بوٽ لاهڻ لڳو.
”گهر جي چاٻي وٺي آئين؟“
”نه. پاڻ کي ڪيڏانهن به ناهي هلڻو. پاڻ هتي ئي رهنداسين پنهنجي گهر ۾. جنهن گهر ۾ منهنجا سمورا وڏا، بابو ۽ امان مري ويا، ان گهر ۾ پاڻ مرڻ کان ڇو ٿا ڊڄون! اڄ کان ڊپ ذهن مان ڪڍي ڇڏ، ڪو الڪو نه ڪر.“ ڪامل کٽ تي ليٽي پيو ۽ سگريٽ دکائي آرام سان سوٽا هڻڻ لڳو.

شھر ۽ سپنا

ايلفي ۽ بوري بازار جي گھٽين ۾ چڪر ھڻندي ھن جون ٽنگون ساڻيون ٿي پيون ھيون ۽ پير سور ڪرڻ لڳا ھئا. ھو نار جي ڍڳي وانگر ڦري ڦري وري ساڳئي ھنڌ ٿي پھتو. ھن کي رلندي ڳچ دير ٿي وئي ھئي، پر ھن ڪٿي ويھڻ نٿي چاھيو. ويھڻ سان ھن جي اندر ۾ آنڌ ماند سامونڊي ڪن وانگر اڀامڻ ٿي لڳي. ھو ڄڻ سمنڊ جي پاتار ۾ پيھي ويو ھو. ھن جي حالت اڃا تائين ٻڏل ماڻھوءَ جھڙي ھئي. ھن چاھيو ٿي ته ايترو رلي جو ساڻو ٿي ھوش حواس وڃائي ڪٿي ڪري پئي. ڍرائي سبب ماڻھو ھن کي اڳتي ڌڪي رھيا ھئا، پر ھن کي ان ڳالھ جو خيال ڪو نه ھو. ھن جي اڳيان عورتون آسماني مخلوق وانگر ڳاٽ اوچا ڪري پئي ھليون. اڳي يونس کي ڪاوڙ لڳندي ھئي ته اسين ڄڻ زمين جا خسيس ڪيڙا آھيون ھنن جي اڳيان، جو اسان ڏانهن ھڪ ڀيرو اک کڻي به ڪو نه ٿيون نهارين. پر اڄ ھن کي ڪنهن مھانڊي ۾ اھڙي مڻيا نظر ڪا نه آئي ھئي جيڪا من کي ڇڪي وٺي. ھن ھڪ ڀيرو نظر وجھي منهن ڦيري ڇڏيو. سڀ اجايو ھو. ھن کي پاڻ تي ڪاوڙ اچي وئي ۽ ھو ايلفي مان نڪري وڪٽوريا روڊ طرف مڙي ويو. ھو ھاڻي بيزار ٿي پيو ھو، ھن کي خبر ھئي ته ھو جنهن شيءِ کان ڀڄي رھيو ھو تنهن کان ڀڄڻ جي ڪوشش اجائي ھئي، ان جا چنبا ھن جي ھانءَ ۾ کتائي کتا پيا ھئا. فٽ پاٿ تان ايندڙ ويندڙ مني اسڪرٽ پھريل پرڏيھي ۽ ديسي ڪرسچن عورتن جي ڀورين، کير جھڙين اڇين، سانورين ٽنگن ۽ داغن سان ڀريل گوڏن جي ڍڪڻين کي ڏسي ھن جي ذھن ۾ بڇان جا اٻڙڪا اٿڻ لڳا. يونس کي لڳو ته ھن جي اندر ۾ جنسي ڇڪ واري شيءِ مري وئي ھئي. ھو چوواٽو ٽپي ھولي ٽرنٽي چرچ جي اڳيان اچي بيٺو. چرچ جي ديوار جي ٻاھران فوٽ پاٿ تي ڪاٺ جون بينچون رکيل ھيون. ڪجھ ڪرسچن ۽ پارسي پوڙھا شام گذارڻ جي لاءِ بينچن تي اچي ويٺا ھئا. فقط ھڪ ڀڳل بينچ خالي ھئي. ھو ان تي ويھي رھيو. سامھون وڏي ويڪري چوواٽي جي وچ تي ڦوھارو ھو. يونس چئني طرفن کان ايندڙ لڳاتار ۽ اڻ کٽ ٽرئفڪ کي ڏسندو رھيو. نيون سھڻيون ڪارون ۽ انهن ۾ ويٺل خوشحال ماڻھو – جن کي نه ڪا ڳڻتي ھئي ۽ نه خيال ھو. ھن پاڻ طرف ڏٺو. چئني طرفن کان ايندڙ بيپناھ ٽرئفڪ جيترو غم ھو جيڪو ھن جي دل کي چيڀاٽيندو گذرندو ٿي ويو.
ھن زوريءَ پاڻ تان نظرون ھٽائي سامھون ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. ھن ڪارن ۾ ويٺل سھڻين سجيل عورتن تي ڌيان کپائڻ چاھيو. سنگمرمر جھڙا اجرا ۽ ٿڌا جسم، جن جي اندر فقط ڪاغذ جي نوٽن گرمي پيدا ڪئي ٿي. ڪاغذ جي انهن اڏامندڙ نوٽن جي پٺيان ھو ڪيترو ڍوڙيو ھو، ڇو ته ھن کي خبر ھئي ته دنيا جي سموري سچائي، سڄو علم انهن ڪاغذن جي ٽڪرن ۾ ھو. پر ھن جي سڄي ڍوڙ اجائي ھئي. مشڪرن واري راند ھئي. ھو اھڙو مشڪرو ھو جو رڳو پنهنجو پاڻ تي کلي سگهيو ٿي. ھينئر جڏھن هن پاڻ تي ٽھڪ ڏيڻ چاھيا، ته کيس روئڻ اچي ويو. ھن اکيون پوري ڇڏيون. ٽريفڪ جو گوڙ ھن جي مٿان چڙھندو ٿي آيو. ھو ان گوڙ ھيٺان دٻجندو ويو. ھن پاڻ به ائين ٿي چاھيو. پر چاھڻ سان ڇا ٿو ٿئي. ھن جيڪي ڪجھ چاھيو ھو سو ڪڏھن ٿي نه سگهيو ھو.
”ڪراچي“، ھو چپن ۾ سڏڪيو. ”خوابن جو شھر....“
پڻس چيو ھو: ”آخر ڪيستائين ڪراچيءَ ۾ ڌڪا کائيندو رھندين، جتي نه رھڻ لاءِ سولي جاءِ ۽ نه فضيلت وارو کاڌو پيتو. ڏس ته! ھوٽلن جا الائي ڪھڙا ڪنا سنا کاڌا کائي کائي سڙي ويو آھين. ڳوٺ موٽي اچ پنهنجو ٻنيءَ ٽڪر آھي. پاڻ ولينداسين. چڱو گذران ٿي ويندو.“
ھن کي پيءُ جون ڳالھيون کل جھڙيون لڳيون.
”نه، بابا، مون کي ٻھراڙي ۾ سک ئي نٿو اچي. ڪھڙي جھنگلي زندگي آھي! آءٌ جيڪڏھن سال کن اتي رھان ته چريو ٿي پوان. نه اٿڻ ويھڻ نه گھمڻ ڦرڻ. ڏينهن رات ٻنيءَ ۾، پاڻيءَ جو فڪر ۽ جاھلن وارا جھڳڙا. مٿان وري تو واري دنگئي وڏيري جو آزار. ھروڀرو وتي پنهنجي وڏيرائپ ڏيکاريندو. مون کان اھي ڳالھيون سٺيون ڪو نه ٿينديون.“
پڻس اھي ڳالھيون ٻڌي ٿورو ھٻڪيو. ”وڏيري وٽ طاقت آھي ۽ پئسو آھي. پاڻ وٽ کڻي ٿورو ٻنيءَ جو ٽڪر آھي ته ڇا ٿي پيو، اصل کان وٺي وڏيري جا ھاري آھيون. پر تون پڙھيل لکيل آھين. وڏيري سان رس ۾ ھلي ويندين.“
ان وڏيري جي ڪري ته ھن کي ڳوٺ ڇڏڻو پيو ھو. ننڍي ھوندي ھڪ ڀيري ھو پنهنجي منهن راند کيڏي رھيو ھو ته وڏيري جي پٽ نواز ھروڀرو کيس گاريون اچي ڏنيون. يونس خار ۾ کيس ٻھ ٽي لڪڙ وھائي ڪڍيا. پڻس کي ترت خبر پئجي وئي ۽ ھو کيس وٺي شھر ھليو ويو. اتي پنهنجي ڀيڻ جي گهر ڇڏي آيو، جنهن جو مڙس رائيس مل ۾ مزوري ڪندو ھو. وڏيري يونس تي ھٿ ٺارڻ ٿي چاھيا، پر ھو کيس ھٿ نه آيو ته پڻس سان ڏاڍيون جٺيون ڪيائين. يونس ڪيترو وقت ڳوٺ نه اچي سگهيو. پڻس جي مرضي ھئي ته ھو شھر ۾ رھي پڙھي پئي. يونس جيئن تيئن سورن سان مئٽرڪ پاس ڪئي - ۽ پوءِ نوڪريءَ جي لاءِ رلندي رلندي ھو ڪراچيءَ وڃي نڪتو. ڪراچي ھن کي اھڙي وڻي وئي جو بيروزگاريءَ ۽ بنا اجھي ھوندي به ھو ان کي ڇڏي نه سگهيو. گھڻي رلڻ کان پوءِ جڏھن کيس ڪلارڪي ملي وئي ته پوءِ ڄڻ ھو ڪراچيءَ سان لانئون لھي ويھي رھيو.
”پر بابا مون کي تو واري وڏيري جي پرواھ ڪانهي. ھن کان به وڏا گڙينگ زميندار آفيس ۾ اسان جو سلام ڀريندا آھن. وڏيرو ته خير وڃي کڏ ۾ پئي، اصل ۾ ھاڻي آءٌ ڳوٺ ۾ گذاري ڪو نه سگهندس. ڪراچيءَ کي ڇڏي اچي ھتي جھنگ ۾ رھان. آخر فائدو ڪھڙو – شھر ۾ ڪنهن جي پرواھ ڪانهي. بادشاھ ٿي پيا ھلون. اتي تو وارو وڏيرو گڏجي ته ان کي کنگھون به ڪو نه.“
نواز ڪيترا ڀيرا ھن کي ڪراچيءَ جي ھوٽلن ۾ گڏيو ھو. يونس اھو ڏيکاءُ ڏيندو ھو ته ڄڻ ھن نواز کي ڏٺو ئي ڪونهي. پر اھا ڪوشش ڪندو ھو ته نواز کيس ضرور ڏسي. ان مان ھن کي خوشي ٿيندي ھئي. پاڻ کي وڏيري جي برابر محسوس ڪندو ھو. وڏا ٽھڪ ڏيندو ھو ۽ بيرن کي رعب سان سڏيندو ھو. ھوٽل ۾ ھو ٻئي ھڪ جھڙا ھوندا ھئا. پر ٻاھر نڪرڻ کان پوءِ جڏھن نواز نئين ماڊل جي ڪار ۾ چڙھي ويندو ھو ته يونس کي پنهنجي سڄي خوشي ۽ فخر پاڻيءَ تي ليڪي جيان لڳندا ھئا. محرومين جو احساس ھن کي ڪنهن اونهي کاھيءَ ۾ ڪيرائي ڇڏيندو ھو. ڪراچي ھونءَ به ھن کي خوشيون گھٽ، محرومين جا ڏنڀ وڌيڪ ڏنا ھئا. پر انهن ڏنڀن ۾ به ڪو اھڙو مزو ھو جو انهن کي ھن ڇڏڻ نٿي چاھيو. ڪڏھن ڪڏھن ھن کي ائين لڳندو ھو ته ڪراچي اھڙي ڌٻڻ ھئي جنهن ۾ ھو خوشيءَ سان اندر غرق ٿيندو پئي ويو.
”يونس، توکي ٻئي ڪنهن ڳالھ جي پرواھ ھجي نه ھجي، پر تنهنجي ھڪ جوان ڀيڻ به آھي. آءٌ ھاڻي پوڙھو ٿي ويو آھيان، ابا، مون ۾ ايترو ست ڪونهي جو جوان ڌيءَ جو بار کڻي سگهان. اھو بار توتي آھي.“
يونس پويان ويٺل ڀيڻ ڏانهن ڏٺو ھو، جيڪا ھيٺ تؤنري تي ويھي ڀرت ڀري رھي ھئي. جيڪڏھن منهنجي مٺڙي سھڻي ڀيڻ نجو شھر ۾ ھجي ھا ته شھر واريون عورتون ھن جي اڳيان جنڙيون لڳن،“ يونس سوچيو. ماءُ ته ھن جي ننڍي ھوندي مري وئي ھئي. پيءُ ئي ٻنهي کي تاتيو نپايو ھو، يونس ڀيڻ کي دل سان ڀائيندو ھو. اھا ڀيڻ ئي ھئي جنهن جي سڪ کيس ڪڏھن ڪڏھن ڳوٺ ڇڪي ويندي ھئي.
”بابا، منهنجي صلاح آھي ته اھو ٻنيءَ ٽڪرو وڪڻي شھر ھلي رھو. ان مان نه ھوند نه شڪر. جيستائين وڏيري جي خوشامد نه ڪجي تيستائين پاڻي به ڪو نه ملي، تنهن کان ان کي وڪڻي شھر ۾ ڪا اڀري سڀري جاءِ وٺي ھلي رھو. نجوءَ کي مئٽرڪ پاس ڪرائي ماستري وٺائي ڏينداسين. ھتي ٻھراڙيءَ ۾ ڇو ٿا سندس حياتي کاريو.“
پڻس ڪاوڙجي پيو. ”ٻنيون ۽ ونيون مڙس ڪو نه ڇڏيندا آھن، يونس! شھر ۾ رھي تنهنجي اک جو پاڻي مري ويو آھي. ھينئر اڇي ڏاڙھيءَ ۾ جوان ڌيءَ کي وٺي ھلي شھر ۾ ڌڪا کانءُ!“
يونس ٻنين واري ڳالھ گھڻا ڀيرا ٻڌي چڪو ھو. اڳي ٻڌي کلندو ھو. پر ھاڻي کيس ان ڳالھ تي چڙ ايندي ھئي ۽ چڙ کي دٻائي چپ ٿي ويندو ھو.
ھڪ ڊگھو چيڪٽ ٿيو – يونس اکيون کولي ڏٺو. ھڪ ڪار چوواٽي وٽان تيزيءَ سان مڙي ھئي. پڪي چلڪندڙ روڊ تي ڪار جي ڦيٿن جا نشان ٺھي ويا. يونس جي دل ٻڏي وئي. اڳيان ڏيک ڌنڌلو ٿي ويو. ھن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ھو.
”او..... منهنجي مٺڙي سھڻي ڀيڻ....“ ھن جي اندر مان سڏڪن جي وير اٿي ۽ سڄي وجود کي ٻوڙي وئي. ھن جا ڏند ھيٺئين چپ ۾ پيھندا ويا. ھو روئندڙ اکين سان سامھون وڏين وڏين عمارتن جي چوٽين ڏانهن ڏسڻ لڳو. نجو جو سر ڌڙ کان ڌار ٿيو پيو ھو. پڻس نجوءَ کي ڪاري ڪري ڪھاڙي کڻي ٿاڻي تي وڃي پيش پيو ھو. هن کي ڪنهن ٻڌايو هو ته ڌيڻس وڏيري نواز سان ڦٽل هئي.
يونس ھڪدم اٿي بيھي رھيو. سڏڪا ھن جي ھانءُ کي نپوڙي رھيا ھئا. ھن کي وات ۾ رت جو ذائقو محسوس ٿيو. ڏندن چپ کي رتو رت ڪري ڇڏيو ھو. ٽريفڪ جھڪي ٿي ويئي ھئي. ھو مئل قدمن سان چرچ جي اڳيان ھلندو ايلفيءَ ڏانهن مڙيو.
هو ايلفيءَ جي ويران روڊ تي ٿڙندو ٿاٻڙندو ھليو. ھن کي سخت ڪمزوري پئي محسوس ٿي. اوچتو ھن جي دماغ ۾ چڪر آيو ۽ ھو وچ روڊ تي ڪري پيو. تيزي سان ايندڙ ڪار کي ھڪدم بريڪ لڳو ۽ ڦيٿا زوردار چيڪٽ ڪري انچ جيتري فاصلي تي اچي بيھي رھيا. يونس ڇرڪي اٿي بيٺو ۽ رڙيون ڪري ڊوڙڻ لڳو، ھن کي لڳو ڄڻ ڪي ماڻھو ڪھاڙيون کڻي کيس مارڻ لاءِ پويان ڊوڙي رھيا ھئا.

اِشارو

’دنيا جيئڻ جي قابل ناهي يا آئون دنيا جي قابل ڪونه آهيان؟‘ ڪمال جي ذهن ۾ سوال اٿيو ۽ هو ششدر بنجي بيهي رهيو. هو لنڊا بازار مان ٻاهر نڪري لائيٽ هائوس سنيما جي اڳيان اچي بيٺو هو. بندر روڊ تي ٽريفڪ جي ٻوڏ کي لائيٽ هائوس جي اڳيان سگنل جي ڳاڙهي بتيءَ ڪجهه دير لاءِ بند بنجي روڪيو ٿي، تيستائين سامهون پاڪستان چوڪ کان ايندڙ ٽريفڪ کي وارو مليو ٿي ۽ پوءِ سائي بتيءَ جي اشاري تي اها ٻوڏ اڳتي وڌي ويئي ٿي.
ڪمال جو هٿ پاڻيهي ڄاڻي کيسي ڏانهن کڄي ويو ۽ سندس هٿ اندر کيسي ۾ پيل خط کي ٻاهران محسوس ڪيو. هن جو سڄو ڌيان پيءُ ڏانهن هليو ويو. قد جو ننڍو، ٿلهو ۽ هٿ ۾ سدائين ڏنڊي. اهو ٻاهر ته اسڪول ۾ هيڊ ماستر هو، پر گهر ۾ به هيڊ ماستر هو. زال ۽ ٻارن کي هر وقت ڇڙٻون ۽ دڙڪا ڏيندڙ، ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ ۾ اچي ٻارن کي ڏنڊيءَ سان سٽيندڙ. ڪمال پيءُ جي ان طبيعت کي سمجهي نه سگهيو ته اهڙو ڇو هو! هن کي پيءُ سان ڪڏهن به پنهنجائپ محسوس نه ٿي. پر هن کي ڪڏهن پيءُ کان نفرت به محسوس نه ٿي. رڳو ڊپ ٿيندو هو. هاڻي هن کي لڳو ته سندس ۽ پيءُ جي وچ ۾ رڳو ڊپ جو رشتو هو. پوءِ هو جيئن وڏو ٿيندو ويو ۽ سندس پيءُ پوڙهو ٿيڻ لڳو ته اهو ڊپ لاتعلقي ۾ بدلجندو ويو. ڪمال گهر ڇڏيو، ان کي گهڻو وقت ٿي ويو هو. هاڻي هو ڪڏهن ڪڏهن گهر ويندو هو ته پيءُ سان هڪ ٻن لفظن کان وڌيڪ ڳالهائيندو نه هو. پيءُ اندر ڪمري ۾ ويٺل هوندو ته ڪمال ٻاهر ورانڊي ۾ وڃي ويهندو. پيءُ ٻاهر ويٺل هوندو ته ڪمال اندر وڃي ويهندو يا مورڳو گهر کان ٻاهر نڪري ويندو. هو سمجهي نه سگهيو ته ائين ڇو ٿي ٿيو! هن کي پيءُ جي موجودگيءَ ۾ هڪ عجيب مونجهه محسوس ٿيندي هئي. هن اهو به ڏٺو هو ته پڻس کي به هروڀرو سڪ ڪانه هئي ته ڪو پٽ سان گڏ ويهي ڳالهيون ڪري. ڪجهه دير گڏ ويهڻو به پوندو هئن ته ٻئي چپ هوندا. گهر ۾ ٻي هئي ماءُ جيڪا هر وقت پڻس جي رويي ۽ گهر ۾ اڻ هوند جون شڪايتون پئي ڪندي هئي. ڪمال چپ چاپ ماءُ جون ڳالهيون ٻڌندو رهندو هو. هن ڪڏهن به ماءُ جي شڪايتن تي سنجيدگيءَ سان ڌيان ڪونه ڏنو. پر گهڻي وقت کان پوءِ هن کي احساس ٿيو ته ماءُ سان سندس وهنوار بلڪل اهڙو ئي هو جهڙو سندس پيءُ جو هو. هن کي پنهنجي ماءُ تي رحم آيو، جنهن کي سندس مڙس ته نظر انداز ڪري ڇڏيو هو، پر پٽن به ڌيان نه ڏنو ۽ ان غريب عورت سڄي عمر ڪيترو لوڙهيو هو!
ڪمال خط کيسي مان ڪڍيو ۽ بيٺي بيٺي ان کي وري پڙهيو. هو اهو خط ٽي ڀيرا اڳ به پڙهي چڪو هو. پڻس لکيو هو: ”ماڻهو اولاد ڄڻيندا آهن ته ان کي پڙهائي لکائي، پنهنجن پيرن تي بيهاري، اميد رکندا آهن ته هو کين ڏکئي وقت ۾ سهارو ڏيندو. اسان تو لاءِ ڇا نه ڪيو؟ پنهنجي غريباڻي حال سارو تو کي پالي پڙهائي ايڏو سارو ڪيو. پر اسان کي خبر ڪا نه هئي ته تون اهڙو نالائق ثابت ٿيندين جو پنهنجي پوڙهي ماءُ ۽ پيءُ، پنهنجن ننڍين ڀينرن ۽ ڀائرن جي سار سنڀال نه لهندين. ڇا تو کي ذرو به احساس ڪونهي ته اسين ڪيتري تنگدستيءَ ۾ آهيون. اسان کي کڻي ڇڏ، اسان تو لاءِ ڪجهه ڪونه ڪيو، اسين اچي مرڻ ڪنڌيءَ تي بيٺا آهيون. اسان کان پوءِ انهن معصوم نياڻين جو ڪهڙو سهارو آهي؟ تون ته ننڍي هوندي کان لاپرواهه آهين. نه ماءُ پيءُ جو خيال ۽ نه ڀينرن جي چنتا. هتي تنهنجي چري ماءُ تنهنجي شاديءَ جا سانباها پئي ڪري. ڇوڪريءَ وارا هاڻي تڪڙ پيا ڪن. مون وٽ ته پيسو ڪونهي جو شاديءَ جو خرچ ڀري سگهان. اهو سڀ تو کي ڪرڻو آهي. هاڻي ته سستي ۽ ڪاهلي ڇڏ. زندگيءَ ۾ ڪجهه سنجيدو ٿي، ڪجهه احساس ڌار، ڪجهه ڪر. ان کان وڌيڪ آءٌ تو کي ڇا چوان.....“
ڪمال خط ويڙهي کيسي ۾ وڌو. هن روڊ ڪراس ڪرڻ چاهيو، پر ٽريفڪ جو تيز وهڪرو ڏسي هو ترسيو جيستائين ريڊ سگنل اچي. هنن کي خيال آيو ته هو سڄي عمر منتظر رهيو ته کيس ڪٿان ڪو گرين سگنل ملندو، ڪو اشارو ملندو ۽ هو به دنيا سان گڏ اڳتي وڌندو. پنهنجن مسئلن جي ڌٻڻ مان، پنهنجن ڪامپليڪس جي گهيرن مان ٻاهر نڪرندو.
’ايتري ساري زندگي گذري ويئي پر مون کي ڪٿان به ڪو گرين سگنل نه مليو اڳتي وڌڻ لاءِ. گرين سگنل هميشه ٻين جي لاءِ هوندو آهي. ٻيا اڳتي وڌي ويندا آهن ۽ جڏهن منهنجو وارو ايندو آهي ته ريڊ سگنل روشن ٿي ويندو آهي. وقت ڪيترو اڳتي وڌي ويو آهي ۽ آءٌ پوئتي ڌڪجندو وڃان. موجوده وقت ۾ اڻ ٺهڪندڙ. صفاMisfit.‘
ڪمال کي ڪراچيءَ جي جنهن آفيس ۾ نوڪري ملي هئي تنهن ۾ هن پاڻ کي اڃا تائين نه ٺهڪايو هو. ڪراچيءَ جا ماڻهو ڳالهائڻ جا، ڪم ڪرڻ ۽ هلڻ جا تيز. هڪڙي هنڌان اٿي ٻئي هنڌ ائين تيز ويندا ڄڻ ڪا ايمرجنسي هجي ۽ موٽندي به ايترو ئي تيز ايندا پوءِ ڀلي پنهنجي ٽيبل تي ويهڻ کان پوءِ ڪو ڪم نه هجين. ڪمال جو آفيسر مسٽر نظامي ٻاهران ائين تيز تيز ايندو هو جو ساهه به ڪرسيءَ تي ويهي کڻندو هو. اهو مسٽر نظامي ڪمال کي سست ڪري سڏيندو هو:
”ڪراچيءَ جهڙي تيز شهر ۾ ائين مئل قدمن سان هلندين ته پوئتي رهجي ويندين. ۽ ٻيا سڀ تو کان اڳتي نڪري ويندا....“
پر ڪمال پنهنجي گهران جيڪي مئل قدم کڻي نڪتو هو سي ڪراچيءَ ۾ به اهڙائي رهيا.
’ڇو؟ آئون ٻين جهڙو نٿو ٿي سگهان!‘هن پاڻ کان پڇيو.
’آئون ٻين جهڙو تيز ۽ چالاڪ ڪونه آهيان.... هلڻ ۾ سست..... ڳالهائڻ اَچي ڪونه.....‘
”تون ماڻهن سان گڏ رهيو آهين يا جهنگلي جانورن سان گڏ؟“
اُها ڪرسٽائن هئي جنهن کانئس پڇيو هو. ڪاري هجڻ جي حد تائين سانوري، مسٽر نظامي جي اسٽينو. ڪمال ڊسپيچ ڪلرڪ هو، ان ڪري ٻنهي جو هڪ ٻئي سان واسطو هو. پر ڪمال ڪوشش ڪئي ته سندس واسطو گهٽ پوي. ڪرسٽائن جو واسطو ڪجهه زياده ئي هو.
”تنهنجي لاءِ ته آءٌ جهنگ مان پڪڙجي آيل هڪ جانور ئي آهيان، اوهان جهڙن شهري ماڻهن جي وندر جو وسيلو.“
”او نو..... تون ته چڙي به جلدي ٿو پئين. منهنجو مطلب اهو ڪونه هو. تون دنيا ۾ ڪجهه سک. Taboos ۽ Complexes مان ٻاهر نڪر. نه ته هيءَ دنيا تو کي لتاڙي پوئتي ڇڏي ويندي.“ ۽ ڪرسٽائين پاڻ ئي اڳتي وڌي هن ڏانهن آئي هئي. ڪمال ته پنهنجي ليکي گهڻي ڪوشش ڪئي هئي ته ڪرسٽائن کان فاصلو رکي. هوءَ جيڪڏهن خوبصورت ڪانه هئي، ته وڻندڙ ضرور هئي. صحتمند ۽ ٺيڪ ٺاڪ. پرڻيل هئي ۽ هڪ ٻار جي ماءُ پڻ هئي. پر ڏسڻ ۾ اڃا ڇوڪري ٿي لڳي. شروع شروع ۾ ڪمال هن سان ڳالهائيندي ڊڄندو هو. اول اول ڪرسٽائن ئي هن سان فري ٿي هئي ۽ هن کي ڇڪي پنهنجي ويجهو آندو هو.
”تون هر ڳالهه ۾ سست آهين، سواءِ هڪڙي ڳالهه جي...“
”شڪر، ڪنهن ته ڳالهه ۾ تيز آهيان! ڪهڙي آهي اها؟“
”تون اچين تڪڙو ٿو.“
ڪرسٽائن ٽهڪ ڏنو هو. ڪمال به هن سان گڏ کليو، پر جلدي گنڀير ٿي ويو. هو پريشان ٿي پيو هو.
”هاڻي وري ڇا پيو سوچين؟“
”ڪجهه نه.“
”ائين ته آءٌ تو کي سڃاڻان ٿي. سواءِ سوچڻ جي ٻيو تو کي اچي ڇا ٿو! ٺهيو. ٻڌاءِ، ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
”اهو ئي تڪڙي اچڻ تي پيو سوچيان.“
”يوُ اسٽوپڊ! اها به ڪا سوچڻ جي ڳالهه آهي. مون ته مذاق ۾ چيو. اهو ته نيچرل آهي تو جهڙي ماڻهوءَ جي لاءِ. جڏهن ڪو Excited گهڻو هوندو آهي نه، ته جلدي اچي ويندو آهي. تون پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندين. ان تي گهڻو سوچيندين ته سڄو معاملو گڙٻڙ ٿي ويندو. پر مون کي تنهنجو جلدي اچڻ به وڻي ٿو. تون ڪجهه به نه سوچ ان بابت.“
ڪرسٽائن هن کي زور سان ڀاڪر پائي هڪ ڊگهي ڪس ڪئي هئي.
بندر روڊ تي تيز ٽريفڪ سان گڏ هن جون نظرون به ڍوڙنديون ويون. ايتري ساري وڏي دنيا ۾ هڪڙي ڪرسٽائن هئي جنهن مان هن کي پنهنجائپ ملي هئي، جيڪا هن جي وجود جي اونڌاهي غار اندر گهڙي آئي هئي ۽ اتان ڄارا صاف ڪيا هئا. کيس ماڻهو بنايو هو ته ڪرسٽائن.
”تو مون کي جهنگلي جانور مان پالتو جانور بنائي ڇڏيو آهي.“
”بيوقوف آهين تون. پالتو جانورن جي ڳچيءَ ۾ ته پٽو هوندو آهي.“
”اهو پٽو تون آهين“
”نه تون پالتو جانور آهين ۽ نه آءٌ تنهنجي گلي ۾ پيل پٽو. اونڌيون ڳالهيون نه سوچيندو ڪر. ماڻهو هميشه سٺيون ڳالهيون سوچي. تون ماڻهو آهين، ٻين ماڻهن وانگر عام ماڻهو... آئيندي ڪڏهن ڪا اونڌي اُبتي ڳالهه متان سوچين.“
ڪمال سوچيو،’پر جنهن ماڻهوءَ جي شخصيت ئي اونڌي هجي، اهو اونڌيون اُبتيون ڳالهيون نه سوچيندو ته ٻيو ڇا ڪندو. آءٌ ڪيتري ڪوشش ڪرڻ جي باوجود پاڻ کي دنيا سان ٺهڪائي نه سگهيو آهيان. هر هنڌ، هر ڪنهن سان، هر ڳالهه ۾Misfit.....‘ هن جون نظرون آسپاس ۽ روڊ جي ٻئي طرف وارن دڪانن، شين، ماڻهن ۽ گاڏين تان ڦرنديون سگنل تي اچي ڄمي ويون ٿي- ڄڻ کيس انتظار هجي ته هن کي ڪڏهن اشارو ملندو اتان هلڻ جو. ان اشاري جي انتظار ۾ سڄي زندگي گذري وئي ۽ هن زندگيءَ ۾ ڪجهه به نه ڪيو. نه پنهنجي لاءِ، نه ٻين جي لاءِ.
’ماڻهو ڏسندا اهو آهن ته هن ٻين جي لاءِ ڇا ڪيو آهي!
’مون ته ڪنهن جي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. نه پنهنجي گهر وارن جي لاءِ، نه ڪرسٽائن جي لاءِ.....‘
اها ڪرسٽائن هئي جنهن هن جي لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو. پر هو ڪرسٽائن جي لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهيو هو. اها ڳالهه ڇيت بنجي هن جي ذهن ۾ چڀي رهي هئي. هن کي لڳو ته هو هيٺ ڪري پيو هو. گهڻو گهڻو هيٺ، جتان نڪرڻ جي لاءِ ڪو حيلو وسيلو ڪونه هو.
”تون شروع کان اهڙو بيحس آهين يا هاڻي ٿيو آهين؟“
ڪرسٽائن پڇيو هو هن کان. ۽ هن سوچيو هو ته ڇا هو اندر به ايترو ئي بيحس آهي جيترو ٻاهران لڳي ٿو! جيڪڏهن سچي به هو ايترو بيحس هو، جيڪو هن ڪڏهن پاڻ کي نه سمجهيو هو، ته ان بيحسيءَ جا ڪارڻ ڪهڙا هئا؟
”مون ته هميشه ائين پئي سمجهيو آهي ته آءٌ حد کان وڌيڪ حساس آهيان. معمولي ڳالهه به مون تي وڏو اثر ڪندي آهي ۽ ذهن ۾ چنبڙي پوندي آهي.“
”ها، تون حساس ته آهين، پر رڳو پنهنجي لاءِ، پنهنجي ذات جي حد تائين. ٻئي ڪنهن کي ڪا تڪليف آهي، ڪو مسئلو آهي، ان جو احساس تو کي ڪٿي ٿيندو آهي! جيستائين ٻئي جي جذبات جو واسطو آهي ته تنهنجو حساس پڻو ڪيڏانهن گم ٿيو وڃي؟“
ڪمال کي لڳو: لائيٽ هائوس جي سامهون گذرندڙ سموري ٽريفڪ هن جي مٿان چڙهندي پئي آئي. هن جي سيني اندر ڪا شيءَ مروٽجي رهي هئي. ڪمال ڇاتيءَ تي هٿ رکيو ۽ ڊگهي ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. اوچتو ريڊ سگنل سبب سموري ٽريفڪ بيهجي وئي. سگنل جي ڳاڙهي بتي ڪمال جي اکين ۾ نچڻ لڳي. هن کي ڊپ لڳو ته چڪرائجي فوٽ پاٿ تي نه ڪري پوي. هن سيني کي زور سان دٻايو ۽ گهڙي کن جي لاءِ اکيون بند ڪري ڇڏيون.
هن پاڻ کي چيو: تون اهو شخص آهين جنهن ڪڏهن به ڪنهن جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو. ڪجهه ڪرڻ ته پري رهيو تو ڪڏهن ڪنهن جي لاءِ سوچيو به ڪونه. ڪو اهڙو ماڻهو آهي جيڪو تو مان مطمئن هجي! تو هميشه ٻين ۾ اميدون رکيون ته اهي تنهنجو خيال ڪن، تو لاءِ ڪجهه ڪن...... تنهنجي جيئڻ جو ڪارڻ بنجن، پر تو انهن جي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ لعنت آهي توتي- تنهنجي جيئڻ تي......
ٽريفڪ جي گوڙ تي هن اکيون کوليون ۽ سگنل جي بتيءَ ڏانهن ڏٺو. سائي روشني هن جي اکين ۾ ٿڌاڻ بنجي آئي. هن پاڻ کان پچيو، ’مون کي به ڪڏهن زندگيءَ ۾ گرين سگنل ملندو؟ سڄي حياتي آسرو رهيو، پر منهنجي اڳيان سڀئي رستا بند رهيا آهن، سڀئي دروازا بند رهيا آهن. جڏهن ڪو رستو نه ملي، ڪو دروازو کليل نه هجي ته ماڻهو ڪيڏانهن وڃي؟‘ تڏهن هن کي ڪرسٽائن جي چيل ڳالهه ياد آئي: ”منهنجي گهر جو دروازو تو لاءِ هميشه کليل رهندو“ پر اهو دروازو به بند ٿي ويو هو هن لاءِ.
”منهنجو مڙس ٻن سالن کان آمريڪا ۾ آهي. اڃا هن جي اچڻ جو ڪو پروگرام ناهي. پٺيان آءٌ ٻار جي ماءُ بنجي وڃان ته ماڻهو ڇا چوندا؟ منهنجو مڙس ڇا چوندو؟ تون اهو سمجهين ڇو نٿو!“
”تون طلاق وٺ آءٌ توسان اڄ ئي شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“
”اوهه ڪمال! اها ڳالهه ايتري سولي ڪانهي. طلاق وٺڻ جي لاءِ ڪو سبب هجڻ کپي. آءٌ الڳ ٿيڻ چاهيان ٿي، آءٌ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان پيار ڪريان ٿي ۽ هن جي ٻار جي ماءُ بنجڻ واري آهيان...... اهو ڪو سبب ناهي. ٻي ڳالهه ته طلاق ايترو جلدي ملندو به ڪونه. تيستائين ته ٻار به ڄمي پوندو. نه، مون ۾ ايترو حوصلو ناهي جو آءٌ پنهنجن پراون کي منهن ڏئي سگهان.“
”پوءِ تون ڇا ٿي چاهين؟ ابارشن!“
”ٻيو ڪو چارو ناهي.“
’ها ٻيو ڪو چارو نه هو،‘ ڪمال جي واتان نڪري ويو. پاسي مان لنگهندڙ ماڻهوءَ هن ڏانهن ڏٺو ۽ هليو ويو.
پر اهو سڀ هن کي نه وڻيو هو. بيوسي اها هئي ته هو ڪجهه ڪري به نٿي سگهيو. نه ڪرسٽائن جي لاءِ ۽ نه وري پنهنجي ٿيندڙ ٻار جي لاءِ. ڪرسٽائن موڪل وٺي هلي وئي. هاڻي صرف فون تي حال احوال معلوم ٿي سگهيو ٿي. هڪ ڏينهن ڪرسٽائن هن کي ٻڌايو ته جيڪي عورتون ابارشن ڪرائڻ ۾ ماهر آهن ۽ بنا تڪليف جي جلدي سڄو ڪم ڪريو ڇڏين سي پيسا گهڻا ٿيون وٺن. ڪرسٽائن وٽ ايترا پيسا ڪونه هئا، ان ڪري هن کي اهڙي دائي جي تلاش هئي جنهن کي هوءَ افروڊ ڪري پئي سگهي.
”ان ۾ ڪو خطرو ته ناهي؟“
”ها، رسڪ ته آهي. هڪ ڏينهن کان وڌيڪ به لڳي ويندا آهن ۽ جيستائين ڪجهه ٿئي تيستائين روز روز جهنم جي عذاب مان گذرڻو پوندو.“
”پوءِ اهو ڪم ڪنهن چڱي هنڌان ڇونه ڪرائجي. جيستائين پيسن جو معاملو آهي ته ڪٿان اُڌار سڌار ڪري وٺنداسين. پوءِ جڏهن تو وٽ ٿين ته ڏجانءِ.“
”نه،اهڙي ضرورت ڪانهي. مون وٽ ڪجهه پئسا آهن.“
موڪل ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪرسٽائن جڏهن آفيس ۾ آئي ته ڪمال ڏٺو ته هوءَ ڏانهنس نهارڻ کان نٽائي رهي هئي. ڪمال کي لڳو ته هوءَ ڪوشش ڪري کانئس پري پري پئي ٿي. ڪمال گهڻو سوچيو پر کيس ڪرسٽائن جي ان رويي جي لاءِ ڪو ڪارڻ نه سجهيو.
” ڇا ڳالهه آهي. ڪرسٽائن! تون ناراض آهين؟“
”پاڻ کان پڇ.“
”پاڻ کان ته گهڻو پڇيو اٿم.پر ڪو سبب سمجهه ۾ نٿو اچي.“
”اهڙو ٻار ته ڪونه آهين.“
”سچي به...ٻڌاءِ کڻي، ڇا ڳالهه آهي؟ مون کان ڪا غلطي ٿي؟“
”تو کي ڪڏهن پنهنجي فرض ۽ ذميداريءَ جو احساس ٿيو آهي؟“
”مون سمجهيو ڪونه!“
”ها، تون ڇو سمجهندين!تو کي ضرورت ڪهڙي آهي....“
”پر تون صاف صاف ڇو نٿي ٻڌائين؟“
”منهنجو ڪو حق ناهي توتي؟ مون ايتري تڪليف سهي ابارشن ڪرايو. تو ڇا ڪيو منهنجي لاءِ؟“
” مون ته تو کي چيو هو ته ڪنهن چڱي هنڌان ڪراءِ. پيسن جو بندوبست آءٌ پاڻهي ڪندس.“
”جي نه. تو چيو هو ته ڪٿان اُڌارا وٺنداسين ۽ جڏهن مون وٽ ٿين ته واپس ڪريان. اُڌارا پيسا آءٌ نٿي وٺي سگهيس ڇا ڪٿان؟“
”مون سوچيو ته جيڪڏهن آءٌ چوندس ته تنهنجي ابارشن لاءِ پيسا آءُ ڏيندس ته تو کي خراب لڳندو. مون کي خبر آهي ته تون خوددار آهين، ان ڪري ڊپ لڳو ته تون ڪاوڙجي نه پئين....“
”تو کي اصل ۾ پنهنجي خودداري جو احساس هو ته ڪٿي آءٌ انڪار نه ڪري ڇڏيان. تو کي رڳو پنهنجو احساس هوندو آهي. ٻين جو تو کي ذرو به احساس ڪونه ٿيندو آهي. مون تو جهڙو بيحس ماڻهو ڪونه ڏٺو. مون کي نفرت آهي، اهڙن ماڻهن کان.....“
ڪمال سوچيو ته ڪيترو وقت ٿي ويو هو کيس اتي ئي بيٺي بيٺي. هن کي خيال آيو ته وقت گهڻو اڳتي وڌي ويو هو ۽ هن جي ڪرڻ لاءِ هاڻي ڪجهه به نه هو. هو ڪنهن جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ لائق نه هئو. هاڻي سندس جيئڻ جو ڪو ڪارڻ نه رهيو هو. رڳو جيئڻ خاطر جيئڻ ٻين کان لاتعلق ۽ بيحس بنجي جيئڻ بيسود هو. هن کيسي ۾ پيل خط کي هٿ سان ڇهيو ۽ چيو،’منهنجو هئڻ ٻين لاءِ تڪليفن جو ڪارڻ آهي. آءٌ آهيان ته ٻين جون مون ۾ ڪوڙيون اميدون ۽ آسرا آهن. مون پنهنجي گهر وارن جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو. پر جن کي خبر ناهي انهن هميشه ڌڪ کاڌا آهن منهنجي هٿان ۽ پوءِ ڄاتو آهي ته منهنجو وجود هڪ فراڊ آهي. ڌوڪو آهي. اهو ڇا ائين ئي هلندو رهندو؟ ڪيستائين! ڪيستائين!.....“
هن جون نظرون ٽريفڪ سگنل ڏانهن ويون. ڳاڙهي لائيٽ بند ٿي وئي ۽ پيلي لائيٽ روشن ٿي. ڪمال جي ذهن ۾ وڄ چمڪي وئي. هن کي لڳو ته پيلي لائيٽ کيس اشارو ڏنو هو تيار ٿيڻ جو. هو خوش ٿي ويو. ’مون کي اشارو ملي ويو... اشارو ملي ويو....‘ هن جي ذهن ۾ اهو جملو ڦاٿل سئي واري رڪارڊ وانگر وڄڻ لڳو. سائي لائيٽ جي روشن ٿيڻ سان ٽريفڪ چالو ٿي وئي هئي- ۽ ان سان گڏ ڪمال جو پير به اڳتي روڊ طرف کڄي ويو.

مئل ويساھ

اسپتال جي اڳيان پکڙيل ويڪري لان تي ڪيترائي ماڻھو ويٺا ھئا. مريضن جا مٽ مائٽ عورتون ۽ مرد، انهن سان گڏ آيل ٻار ۽ ڪجھ مريض پڻ جيڪي گھمڻ ڦرڻ جھڙا ھئا ۽ تازي ھوا کائڻ لاءِ ٻاھر نڪتا ھئا. شام اچي لڙي ھئي. ڇٻر جو رنگ وڌيڪ گھاٽو ٿي ويو ھو. لان جي چوڌاري رنگا رنگ گل ھلڪي ھلڪي ھوا تي لڏي رھيا ھئا. الياس گلن کي ۽ ٻارن کي خالي نظرن سان ڏسي رھيو ھو. ھن جو ذھن پروين ڏانهن ھو جيڪا جنرل وارڊ جي ھڪ بستري تي مرڻينگ حالت ۾ پئي ھئي. الياس کي لڳو ته ھو آھستي آھستي تباھي طرف وڌي رھيو ھو – يا تباھي ھن طرف وڌي رھي ھئي! جيڪڏھن ..... جيڪڏھن ..... اوچتو ھڪ ٻار ڍوڙنديڍوڙندي منهن ڀر وڃي ڪريو. الياس ڇرڪي اٿي بيٺو ۽ ٻار کي کڻڻ لاءِ وڌيو، پر تيستائين ٻار جي ماءُ لوھ پائي ٻار کي کڻي ورتو. الياس ويھي رھيو. ”ٻارن کي گلن جھڙا ڇو ٿو سڏيو وڃي؟“ ھن پاڻ کان پڇيو. شايد ان ڪري جو گل ڪجھ وقت لاءِ تازه رھندا آھن ۽ جڏھن وڏا ٿيندا آھن ته منجھن نه خوشي رھندي آھي ۽ نه بي پرواھي. الياس کي پنهنجا ٻار ياد آيا. ھن کي لڳو ته سندس ٻار وقت کان اڳ وڏا ٿي ويا ھئا. ھنن کي ھر ڳالھ تي ھيسايو ٿي ويو، ھر شيءِ لاءِ سڪايو ٿي ويو ”.....۽ آءٌ ته ڪڏھن ٻار ئي ڪونه ھوس. مون کي ياد نه ٿو اچي ته مون ڪڏھن ٻاراڻو انگل ڪيو ھجي!“
ھن پاڻ به ته سڄي حياتي سڪندي گذاري ھئي، پر ھن چاھيو ھو ته سندس ٻار ٻار ئي رھن ۽ سندن ضرورتون اڻپوريون نه رھن.
”ٿي سگهي ٿو ته بابا به منهنجي لاءِ ائين چاھيو ھجي! ھرڪو مائٽ ائين چاھيندو آھي ۽ پنهنجي سڄي زندگي، پنهنجون سموريون خوشيون اولاد کي ڏيڻ چاھيندو آھي، پر ٿئي ڇا ٿو؟ ھن جي زندگي گھاڻي ۾ پيڙجيو وڃي ۽ خوشيون ھن وٽ ئي ڪونهن ته اولاد کي ڇا ڏيندو؟ اھا سڀ ٺڳي آھي. ھو ڄاڻي ٿو ته وٽس پنهنجي اولاد جي لاءِ نه ڪا خوشي آھي ۽ نه سک آھي. اصل ۾ ھن وٽ جيڪي ڏک ۽ تڪليفون آھن تنهن ۾ پنهنجي اولاد کي ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ ٿو چاھي ”۽ اسان جھڙن ماڻھن کي اولاد کپي ئي ان لاءِ.....“
ھن لان تي ڊوڙندڙ کيڏندڙ ٻارن ڏانهن ڏٺو.”جيڪڏھن ڪو مائٽ پنهنجي اولاد کي خوشيون ۽ سک نه ٿو ڏئي سگهي ته ھن کي اولاد پيدا ڪرڻ جو ڪو حق نه ھئن کپي. اھو ظلم آھي، ان کي روڪڻ کپي.“ ھن کي محسوس ٿيو ته اھا ڳالھ ھو پنهنجو پاڻ کي چئي رھيو ھو. ”پھرين ته مون پنهنجن ٻارن تي جيڪو ظلم ڪيو آھي، مون کي ان جي سزا ملڻ کپي، پر مون کي ته اڳي ئي ان جي سزا ملي رھي آھي. جيڪڏھن ...... پروين نٿي بچي ..... اوھ منهنجا خدا! پوءِ؟ ننڍڙن ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ ھنن کي ڪير سنڀاليندو؟ نه نه، آءٌ ھنن کي سورن ۽ تڪليفن ۾ ڏسي نه سگهندس.“ ھن کي لڳو ته ھو تباھي جي ڪناري تي بيٺو ھو. ھو گھٻرائجي اٿي بيٺو ۽ ھلڻ لڳو. ھن جو رخ جنرل وارڊ طرف ھو. ڊاڪٽرن ھن کي ٻڌايو ھو ته پروين جي بچڻ جو آسرو گھٽ آھي. الياس ھلندي ھلندي بيھي رھيو. ”پر آءٌ وڃان ڇو پيو؟ اڃا ھاڻي ته پروين وٽان اٿي آيو آھيان، وري يڪدم ...... مون ڪجھ دير مريضن جي ڪنجھڻ ۽ دوائن جي بوءَ کان پري رھي، ٻاھر کلي ھوا ۾ ساھ کڻڻ ٿي چاھيو ۽ وري موٽي وڃان اتي!“ ھو لان تي اچي ويھي رھيو.
ايترا ڏينهن ھو اسپتال ۾ رھي پاڻ کي مريض محسوس ڪرڻ لڳو ھو. ھن کي ياد آيو ته کيس سڀاڻي دوائن لاءِ پيسا کپن. ھن وٽ ايترا پيسا ڪو نه ھئا ۽ ڪو اھڙو ماڻھو به نٿي سجھيو جنهن کان قرض وٺي. قرض ھن جيڪو ورتو ھو سو به اڃا واپس نه ڪري سگهيو ھو. اھڙو ڪير ھو جيڪو قرض مٿان قرض ڏيندو رھي.جن دوستن کي ڊپ ھو ته الياس کانئن قرض وٺندو تن ساڻس ملڻ ئي ڇڏي ڏنو ھو ۽ جن کان ھن قرض ورتو ھو، اھي به ان ڪري ساڻس ملڻ کان نٽائي ٿي ويا ته ڪٿي ھو وڌيڪ قرض نه گهري.
”پروين جي بيماري ڪيتري اينگھجي پيئي آھي! هن جي بيماريءَ جي پٺيان سڀ ڪجھ ختم ٿي ويو. گذر ڪيئن ٿي سگهندو ..... پروين کي مرڻو ئي آھي ته پوءِ ھيءَ دير ......“ھن يڪدم پاڻ کي روڪي ورتو.”آءٌ الائي ڇا ڇا پيو سوچيان. پروين کان سواءِ منهنجو گهر رلي ويندو. آخر پڄاڻي ڪٿي ٿيندي؟ انت ڪٿي آھي،يا خدا! انت ڪٿي آهي؟“ ھن جي دل ۾ آيو ته ھٿن ۾ منهن لڪائي سڏڪا ڀري روئي. ھن پنهنجي ھٿن کي ڏٺو. سڪل ھٿ ۽ ھڏايون آڱريون، ڄڻ ڪنهن مردي جا ھٿ ھئا. ھٿ جون تريون ڪاٺ وانگر سخت ھيون، ماس ته ھو ئي ڪو نه. ھٿن جي پويان وڏيون نيريون نسون اڀريل ھيون.
”اھي ھٿ منهنجا آھن؟“ ھن کي ان ڳالھ جو احساس پھريون ڀيرو ٿيو ھو. ”منهنجا ھٿ اھڙا ته نه ھئا....“ ھن کي اعتبار نٿي آيو. ”مون سان اھو سڀ ڇو ٿيو؟ ڪجھ ٻيو نٿي ٿي سگهيو؟ جيڪڏھن ائين نه ٿئي ھا ته دنيا کي ڪھڙو نقصان پھچي ھا.پر جي مون کي ئي ڏک ۽ عذاب سھڻا ھئا ته منهنجن ٻارن ڪھڙو ڏوھ ڪيو. مون کي مليل سزا اھي مون سان گڏ ڇو ڀوڳين؟ ھا، انهن کي به مون سان گڏ اھي دک ۽ تڪليفون سھڻيون آھن، جيستائين ھو ان لائق ٿين ته پنهنجي قسمت کي منهنجي قسمت کان ڇني ڌار ڪن. پر جيڪڏھن منهنجن ٻارن کي منهنجا ڏک ۽ سور ورثي ۾ مليا ته.....“ ھو ڊڄي ويو.
پروين ھن کي چيو ھو، ”اسين ڪھڙا نه بدنصيب مائٽ آھيون جو پنهنجي اولاد جو معمولي انگل به پورو نٿا ڪري سگهون.“ تڏھن ھن کيس جواب ڏنو ھو، ”رڳا اسين ڪو نه آھيون، اسان جھڙا ٻيا به گھڻا آھن. گھڻا آھن ئي اسان جھڙا. اھڙا ماڻھو ته ٿورا آھن جن جا ٻار ڪڏھن ڪنھن شيءِ لاءِ نه سڪندا ھجن.“ پروين ھن ڏانهن عجب مان ڏٺو ھو. کيس الياس جي ڳالھ سمجھ ۾ ڪانه آئي ھئي، يا ھن کي ڪاوڙ لڳي ھئي ته الياس سندس ڳالھ کي وزن ئي ڪو نه ڏنو. الياس سوچيو ھو ته ھاڻي ھوءَ اھو ئي سمجھندي ته ھن کي پنهنجن ٻارن جو ڪو خيال ڪونهي.”ھر ماءُ ائين سمجھندي آھي. منهنجي ماءُ به بابا کي ھميشه ائين چوندي ھئي ته توکي ٻارن جي ڪابه ڳڻتي ڪانهي، ڪو فڪر ئي ڪونهي – ڄڻ ته جيڪڏھن بابا چاھي ھا ته سڀ مصيبتون ختم ٿي وڃن ھا ۽ اسين سکيا ٿي وڃون ھا؟ الياس کي عجب لڳو ته جڏھن ھو ٻار ھو ۽ تڏھن پاڻ به پنهنجي پيءُ لاءِ ائين سمجھندو ھو. اسڪول ۾ ڪتاب يا ڪاپي نه ھئڻ تي، في نه ڏئي سگهڻ تي ماستر ماريندو ھو، يا ھو ڪا شيءِ وٺڻ چاھيندو ھو پر وٺي نه سگهندو ھو ته پنهنجي پيءُ کانڪري سمجھندو ھو.
اوچتو ھن کي خيال آيو ته ڪٿي سندس ٻار به ائين ته ڪو نه سمجھندا ھوندا؟ ھن کي ياد آيو ته جڏھن به ٻارن جي ڪا فرمائش پوري نه ڪري سگهندو ھو ته ٻار کيس ائين ڏسندا ھئا ڄڻ ھو ڄاڻي واڻي اھا شئي نٿو وٺي ڏي. جيڪڏھن چاھي ته وٺي سگهي ٿو. ھو ٻارن کي ڪيترو به چوندو ھو ته بابا پاڻ غريب آھيون، پاڻ ۾ ان شيءِ وٺڻ جي پڄت ڪانهي، پر ٻارن کي اعتبار ڪو نه ايندو ھو.
”پنهنجن ٻارن جي نظرن ۾ آءٌ ڪوڙو ۽ ڪنجوس آھيان.... پروين سمجھي ٿي ته مون کي ٻارن جو خيال ڪونهي، آءٌ ھنن جي لاءِ ڪجھ نٿو ڪريان. ٻار سمجھن ٿا ته آءٌ پڪائي ٿو ڪريان.....“ ھن جو ھانءُ ٻڏڻ لڳو، دل ۾ آيس ته ڇٻر تي ليٽي پئي، پر ھو ويٺو رھيو جيئن ھن ۾ چرڻ پرڻ جي سگه نه رھي ھجي. ھو ٻاھران جيترو ئي خاموش ۽ پٿر بڻيو بيٺو ھو اوترو ئي اندر ڳري ڀري رھيو ھو. ھن جي ذھن ۾ اٿندڙ سوچ جون ويرون ھڪ ھنڌ بيھي ڄمي ويون. ھن کي محسوس ٿيو ته سندس پيشانيءَ جون نسون ڇڪجي سور وچان ڦاٽي رھيون ھيون. ھن کي اتي ويٺي ڳچ دير ٿي وئي ھئي. ”پروين کي ايترو وقت اڪيلو ڇڏڻ ٺيڪ ناھي. ھينئر پروين وٽان ٿي گهر ويندس ۽ پروين جي ماءُ کي اسپتال موڪليندس. ٻارن کي به وڃي ڪو دلاسو ڏيان.“ ھو تريءَ جي زور تي اٿي بيٺو ۽ آھستي ھلڻ لڳو.
جنرل وارڊ جي وڏي ويڪري ھال ۾ بلب ٻري چڪا ھئا. جھڪي زرد روشنيءَ ۾ پروين جي منهن جي پيلاڻ تهائين وڌي وئي ھئي. ھن جون اکيون ٻوٽيل ھيون.الياس پلنگ جي پاسي ۾ بيھي ھن کي ڪجھ دير تائين ڏسندو رھيو. ھوءَ ھڏن جو پڃرو ٿي رھجي وئي ھئي. گوشت جھڙي ڪا شيءِ ھن جي جسم تي ھئي ڪانه.
پروين اکيون کولي ھن طرف ڏٺو. ھن شايد پنهنجي پاسي ۾ الياس جو اچي بيھڻ محسوس ڪري ورتو ھو.
”تون ڪيڏانهن ھليو ويو ھئين؟“ پروين شڪايتي لھجي ۾ ھن کان پڇيو.
”ڇو، آئون ته اتي ئي ھوس،“ الياس کي ھن جو سوال عجيب لڳو.
”نرس به الاجي ڪيڏانهن وئي آھي، اڃ سان مران ٿي.“
الياس پاڻيءَ جو گلاس ڀري آيو ۽ پروين کي ڪنڌ جي پويان ٻانهن ڏئي اٿاريائينس.پروين پاڻيءَ جا ٻھ ٽي ڍڪ ڀريا ۽ گلاس موٽائي ڏنائين.
”بس، اڃ ايتري ۽ ٺلھي گھوڙا گھوڙا. ھن جي مرضي اھا آھي ته آءٌ سڄو ڏينهن وٽس ٻڌو ويٺو ھجان....“ ھن چڙ وچان سوچيو.
”اڄ شام جو ٻار به ڪو نه آيا. جيسين جيئري آھيان تيسين ته انهن کي ڏسي اکيون ٺاريان.“ پروين پاڻ سان ڳالھائيندي چپ ٿي وئي. الياس سمجھي ويو ته اھا ڳالھ کيس ٻڌائڻ جي لاءِ ڪئي ھئائين.
”آءٌ اڪيلو ڄڻو ڇا ڇا ڪريان! آفيس وڃان، اسپتال وڃان ۽ روز روز ٻارن کي به وٺي اچان ..... آخر ڪٿي پڄان!“ ھن کي محسوس ٿيو ته سندس آواز ۾ بيزاري ۽ چڙ ھئي.
”ھاڻي ته خدا کڻي پنهنجو ڪري. ھن حال ۾ ته ھرڪو ڪڪ ٿيو پوي.....“ پروين اڃا به ڪجھ چوڻ چاھيو ٿي، پر ھن جو آواز گھٽجي ويو.
”تون ھروڀرو اھڙيون ڳالھيون ڇو ٿي سوچين؟ ڪڪ ڪير ٿيو آھي!“ ھن پروين کي تسلي ڏني، پر ھن کي اھو سڀ اجايو لڳو - ۽ ھن جي آواز ۾ به ته تسليءَ واري ڳالھ ڪا نه ھئي. ھن کي حيرت لڳي ته کيس اھو اوچتو ڇا ٿي ويو ھو!
”بدنصيب عورت! مون ھن کي ڪڏھن به پيار نه ڏنو. مون ھن کي ھميشه پنهنجي گلي جو پٿر سمجھيو. پنهنجن سمورين مصيبتن جو ڪارڻ سمجھيو. آءٌ اھو ئي سمجھندو رھيس ته جيڪڏھن ھوءَ منهنجي گلي نه پئي ھا ته جند ڇٽي پئي ھجي ھا.“
الياس جي دل ۾ پروين جي لاءِ ھمدرديءَ جي وير اڀري آئي. ھن چاھيو ته پروين کي آٿت ڏئي.
”تون دل نه لاھ، پروين، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. ڊاڪٽر چيو ٿي ته ھاڻي ٿورن ڏينهن ۾ توکي گهر وڃڻ جي موڪل ڏئي ڇڏيندو.“
پروين ھن ڏانهن ڏٺو. سندس مک تي مايوسيءَ ۽ لاچاريءَ جو ڇانيل جھڙ وڌيڪ گھاٽو ٿي ويو - ۽ ھن جي نظرن ۾ ويساه مئل ھو. الياس کي پنهنجا لفظ کوکلا لڳا، جن جي ڪا معنيٰ نه ھئي، ڪا اھميت نه ھئي.
”آءٌ اچان ٿو،“ ھو تڪڙو ٻاھر نڪري ويو.
اسپتال جو ڊگھو ڪاريڊور ويران ھو. ڪاريڊور ۾ جھڪا بلب ٻري رھيا ھئا، جن جي جھيڻي روشنيءَ ويران ماحول ۾ وڌيڪ اداسي ڀري ڇڏي ھئي. الياس ھڪ دريءَ جي اڳيان بيھي رھيو. ٻاھر اڻ ڳڻيا بلب چمڪي رھيا ھئا. اوچتو ھن کان سڏڪو نڪري ويو ۽ ھو آھستي آھستي روئڻ لڳو. پر ھن کي اھا خبر ڪا نه ھئي ته ھو ڇو روئي رھيو ھو – پروين لاءِ، ٻارن لاءِ يا پنهنجو پاڻ لاءِ؟

اوپرو ماڻهو

هن سگريٽ پيئڻ ڪڏهوڪو ڇڏي ڏنا هئا، پر جنهن ڳالهه ڪري هن سگريٽ ڇڏيا هئا، تنهن کيس ڪونه ڇڏيو هو. غلام محمد کي جنهن وقت کنگهه جو دورو پوندو هو ته کنگهي اڌ مئو ٿي ويندو هو. هاڻي به هن جيئن کنگهه کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، تيئن نڙيءَ ۾ سُرڙاٽ وڌي ٿي ويو.
هن کي پنهنجي تڪليف جو خيال ڪونه هو. هو ان ڊپ ۾ هو ته سندس کنگهه گهر وارن جي ننڊ خراب ڪري ڇڏيندي. ٿيو به ائين. سندس وڏي پٽ انور ننڊاکڙي آواز ۾ بيزاريءَ وچان رڙ ڪئي، ”توبنهن!“ پوءِ پڻس کي ڪجهه چوڻ بدران هن ماءُ کي سڏ ڪيو.
”امان! اسين ڇو اچي ڦاٿا آهيون. رات جا چار پهر ننڊ به حرام آهي اسان جي.“
”بس ابا، پڻهين کي ڪهڙي پرواهه آهي. کائڻ ۽ کنگهڻ کان سواءِ ٻيو ڪم ڪهڙو اٿس!“ مريم چڙ مان چيو.
”کائي ته ڀلي ويٺو کائي، الاهي ڪمائي رکيو اٿس، پر گهٽ ۾ گهٽ آرام ته نه ڦٽائي.“
”پڻهين اڳي ڪڏهن ٻچن جو خيال ڪيو آهي، جو هاڻي ڪندو،“ مريم منهن ڦٽائي چيو ۽ وري کٽ تي ليٽي پئي.
”اسين ته ڄمي اچي ڦاٿا آهيون،“انور بيزاريءَ مان چيو.
”ادا، هونئن جند ڪانه ڇٽندي. بابا کي ڊرائينگ روم ۾ کٽ وجهي ڏيو. پوءِ ڀلي پيو کنگهي“ ننڍي پٽ احمد انور کي صلاح ڏني.
”واهه جي سهڻي صلاح ڏني اٿئي!“ انور ڪاوڙ مان چيو. ” ڊرائينگ روم ۾ کانگهارن جي نمائش ڪرائي پاڻ تان ماڻهو کلايون!“
غلام محمد سڀ ڪجهه ائين پئي ٻڌو ڄڻ ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ جو ذڪر پئي هليو، پر پوءِ هن کان سٺو ڪو نه ٿيو. هن کنگهه کي زوريءَ روڪي ڀڙڪو کاڌو.
”مون ۾ ڪهڙا ڪيئان پيا آهن، جو ماڻهو مون تان کلندا؟“
”تو سان ڪنهن ڳالهايو؟ ويچارا پاڻ ۾ پيا ڳالهائين، تون اجايو وهلور نه وڃ. ماٺ ڪري ويٺو کنگهه!“ مريم ڪاوڙ مان چيو.
”پاڻ ۾ پيا ڳالهائين! منهنجي پچار کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه آهي گهر ۾؟“ غلام محمد کي به ڪاوڙ اچي وئي.
مريم اٿي ويهي رهي. ”تون گهر جون ننڊون آرام ڀلي ڦٽائين! باقي ڪير ڪڇي ته کڻيو نڙيءَ کان وٺين!“ مريم انور ۽ احمد ڏانهن مدد لاءِ نهاريو.
انور اٿي ٻئي هٿ پيءَ جي اڳيان ٻڌا.
”بابا! ٻيلي اسان تي رحم ڪر.سڄو ڏينهن هڻ هڻ ڪري رات جا چار پهر اچي ٿا ڪرون. اهي ته حرام نه ڪر.“
”کنگهي کنگهي سڄو گهر کانگهارن سان ٿڦي ڇڏيو اٿس. الاجي ڪهڙو مرض آهيس!“ مريم ڪاوڙ مان پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي چيو.
”آئون ڪو خوشيءَ سان ٿو کنگهان! کانگهارا اچن ٿا ته ڪيڏانهن ڪريان؟“ غلام محمد دٻيل لهجي ۾ چيو.
”ادا! بابا کي ڪنهن اسپتال ۾ داخل ڪرائي ڇڏ. گهر ۾ سڀني کي بيمار ڪندو،“ احمد انور کي چيو.
”ها ابا! پڇاڙيءَ ۾ پٽن کان اهو پڄندو. وٺي وڃي ڪنهن اسپتال ۾ اڇلائي اچو. سڀني جي جند ڇٽي پوندي. غلام محمد ڏک مان چيو.
”هاڻ ٻڌو رنن وارا مهڻا!“ مريم انور ۽ احمد ڏانهن نهاري چيو.
”ان سوران ته بابا سان ڳالهايون ڪونه،“ انور ڪاوڙ مان چيو. غلام محمد چپ ٿي ويو. هو سمجهي ويو ته هاڻ وڌيڪ ڳالهائڻ مناسب ڪونهي. اجايو ڳالهه وڌي ويندي.
”ابا، هيءُ پيءُ ڪونهي، دشمن آهي ٻچن جو!“ مريم ڪاوڙ مان منهن ڦيرائي ليٽي پئي.
غلام محمد کي اڃ لڳي. پر هن کي خبر هئي ته اها ڳالهه ڪرڻ ئي اجائي هئي. پٽ ته ٺهيو، پر زال به اٿي هن کي پاڻي ڪا نه پياريندي . هو کٽ تان اٿي ڪولر ڏانهن ويو هو. هن کي پنهنجو خاص گلاس مقرر جاءِ تي رکيل نظر نه آيو. هن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو.
”منهنجو گلاس ڪٿي آهي؟“هن لاچار ٿي مريم کان پڇيو.
”اتي ڪٿي پيو هوندو،“ جوڻس وراڻيو.”پنهنجو گلاس سنڀالي رکندو ڪر.“
”آئون جتي رکندو آهيان، اتي ته نظر ئي ڪونه ٿو اچي!“ غلام محمد شڪايت واري لهجي ۾ چيو.
”ها تنهنجو گلاس سونو آهي! ڪير چورائي ويو هوندو...“ جوڻس ٽوڪ مان چيو.
”اسين ته ان گلاس کي هٿ به ڪونه لائيون،“ احمد چيو. ” ان گلاس ۾ پاڻي پي ڪنهن کي بيمار ٿيڻو آهي.“
غلام محمد کي ڪاوڙ اچي وئي.
”مون کي ڪهڙي سلهه آهي جو منهنجي گلاس ۾ ڪير پاڻي پيئندو ته بيمار ٿي پوندو!“
”سلهه کي ڪهڙا سڱ ٿيندا آهن! باقي اهي کانگهارا ڇا جا آهن؟ ڏسيو دل ڪچي ٿيو پوي.....“ جوڻس چڙ مان چيو.
”بابا پڙهي لکي الاجي ڪيڏانهن ڪيو! گهر ۾ جتي ڪٿي کانگهارا اڇلائيندو وتي.....“ انور منهن ڦٽائي چيو.
غلام محمد ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو ته هن جي نظر پنهنجي گلاس تي پئي، جيڪو پريان ڪنڊ ۾ هيٺ پٽ تي پيو هو. هن کي ڪولهين ۽ مينگهواڙن جا گلاس ۽ ڪوپ ياد آيا، جيڪي ننڍن شهرن جي هوٽلن ۾ ڪنهن مقرر جاءِ تي پيل هوندا آهن. هو هاڻ پنهنجي گهر ۾ شيڊيولڊ ڪاسٽ ٿي ويو هو. هن گلاس کنيو ڪولر مان پاڻي ڀري پي هن گلاس کي مقرر جاءِ تي رکيو ۽ پوءِ اچي کٽ تي ليٽي پيو.
’لعنت آهي ههڙي جيئڻ تي! ماڻهو پوڙهو ٿي ڪيڏو ذليل خوار ٿو ٿئي. سٺ سالن کان پوءِ نوڪريءَ تان رٽائرڊ ٿيڻ سان گڏ ماڻهو زندگيءَ تان به رٽائرڊ ٿي وڃي ته سٺو. ٻاهر ته ڪير ڪونه پڇي، پر گهر ۾ به ڪا عزت ڪانه هوندي آهي.‘
هن کي احساس هو ته هاڻ هو ڪنهن ڪم جو نه رهيو هو، پر هو جڏهن نوڪري ۾ هو، تڏهن به گهر وارا هن مان مطمئن ڪونه هئا. رٽائرڊ کان پوءِ گهر وارن جي هن جي خلاف وڏي شڪايت اها هئي ته هن نه پاڻ کي ٺاهيو ۽ نه ٻچن جي آئيندي لاءِ ڪجهه ڪيو.
”تون جڏهن رٽائرڊ ٿيندين ته سرڪار توکي تنهنجي ايمانداريءَ جي ڪري سون ۾ توريندي،“ زال هن کي ٽوڪون هڻندي هئي. تڏهن غلام محمد جو به رعب هو، زال کي دڙڪو ڏئي چپ ڪرائي ڇڏيندو هو. پر هاڻ ته اهو رعب ئي ڪونه رهيو هو. مريم ۽ ٻارن جي اڳيان جهڙوڪر ويچارو ٿي پيو هو. انور ساڻس گهڻو ڪري ڳالهائيندو ئي ڪونه هو. ڪڏهن ڳالهائيندو به هو ته ڪاوڙ مان.
”تو اسان لاءِ ڪيو ڇا؟ ڪار ته ٺهي، تو اسان کي سائيڪل به ڪانهي وٺي ڏني ۽ تو کان گهٽ گريڊ وارن جا ٻار سارن ۾ چڙهيو پيا گهمن.“
انور موٽر سائيڪل جي پراڻي ڳالهه وساري نه هئي. غلام محمد جڏهن نوڪري ۾ هو ۽ انور ڪاليج ۾ پڙهندو هو، تڏهن هن موٽر سائيڪل وٺي ڏيڻ لاءِ ضد ڪيو هو.
غلام محمد سختيءَ سان انڪار ڪري ڇڏيو هو. هڪڙو ٺيڪيدار غلط بل پاس ڪرائڻ لاءِ غلام محمد جي گهر جا چڪر هڻڻ لڳو. غلام محمد ته ساڻس ڪونه ملندو هو، پر ٺيڪيدار انور جو موٽر سائيڪل وارو شوق معلوم ڪري ورتو هو. ٺيڪيدار هڪ نئين موٽر سائيڪل وٺي انور کي ڏئي ويو. غلام محمد گهر ۾ موٽر سائيڪل ڏٺي ته باهه ٿي ويو. هن انور کان موٽر سائيڪل ڦري ٺيڪيدار کي واپس ڪري ڇڏي. انور ۽ مريم ان ڏينهن فيصلو ڪري ڇڏيو ته غلام محمد سندن دشمن هو.
اٽو، لٽو، ۽ اجهو غلام محمد جي هٿ ۾ هو، ان ڪري گهر وارا مجبور هئا، نه ته هو گهر ۾ وڻندو ڪنهن کي ڪونه هو. اها دٻيل نفرت هاڻ ظاهر ٿي پئي هئي.
غلام محمد به سمجهي ويو هو ته هو گهر ۾ جهڙوڪر اوپرو ماڻهو هو. پر هن جي ٻي ڪا واهه ڪانه هئي. پنهنجي ئي گهر۾ هن جي حيثيت ڏوهاريءَ واري هئي.
’ايمانداري منهنجي لاءِ ذهني تسڪين هئي يا هڪ ضد هو؟‘ هن پاڻ کان پڇيو. هن جي ان ضد جي ڪري ڪيترن ماڻهن کي تڪليف پهتي هوندي! هن جو ڪنهن تي به اعتبار ڪونه هو. هن جو هر ڪنهن تي شڪ هوندو هو ته ماڻهو کانئس بي ايماني ڪرائڻ چاهين ٿا. ان شڪ ۾ هو ماڻهن جا جائز ڪم به رلائي ڇڏيندو هو. هو جيستائين نوڪريءَ ۾ هو ماڻهو بيزار هئا هن مان ۽ هاڻ گهر وارن تي بار هو. هن کي لڳو ته هو هن سوسائٽيءَ ۾ يا شايد دنيا ۾ ئي مسفٽ هو، پر هاڻ ان ڳالهه تي سوچڻ اجايو هو. هن زال ۽ ٻارن ڏانهن نهاريو. سڀ سمهي چڪا هئا. هن جي نڙيءَ ۾ وري سرڙاٽ ٿيو. هن جا ٻئي هٿ پنهنجي گلي ڏانهن کڄي ويا، کنگهه کي دٻائڻ لاءِ. سندس اکيون ٻاهر نڪري آيون. هو وڏيءَ تڪليف سان کٽ تان اٿيو ۽ چپ ڀيڪوڙي دٻيل نموني کنگهندو ڪاڪوس ۾ گهڙي ويو. پوءِ ڄڻ ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو. هو هڪڙو هٿ سيني تي ۽ ٻيو هٿ وات تي رکي کنگهندو رهيو.

بيٺل پاڻي

تلاءَ جي ڪپ تي ويٺي هن کي گهڻي دير ٿي هئي، ان جو هن اندازو لڳائڻ چاهيو. ڪجهه پل! پر هاڻي شام ٿي هئي. سڄو ڏينهن! نه، جيتري قدر مون کي ياد ٿو اچي آءٌ گهڻن ڏينهن کان ويٺو آهيان. هفتو کن ٿي ويو هوندو! مهينو! نه، سال گذري ويا آهن مون کي هتي ويٺي. اڳي هن تلاءَ ۾ لهرون هيون، ڇوليون هيون. پاڻي ڪپن سان لڳي موٽ کائيندو هو ۽ وري اچي ڪپن سان لڳندو هو. پر هاڻي ته پاڻيءَ ۾ ڪا چرپر ڪانهي. پاڻي هڪ هنڌ بيهي رهيو آهي. ڄمي ويو آهي. مون وانگر. يا آءٌ هن تلاءَ وانگر. ان ڳالهه تي مٿو هڻڻ اجايو آهي. ڪو نتيجو نه نڪرندو. نڪرڻو به ڪونهي. پر اها ڳالهه صاف آهي ته هتي ويٺي مون کي سال گذري ويا آهن ۽ مون تلاءَ جي پاڻي کي هوائن تي ڇلڪندي ڇلڪندي هڪ ڏينهن ڄمي ويندي ڏٺو آهي. ان کي به ڪو وقت ٿيو.
آءٌ جڏهن پاڻ کي ڏسان ٿو ته جهڙو جهور اڄ آهيان سدائين ائين رهيو آهيان. آءٌ ڪڏهن ٻار نه هوس. ڪڏهن نوجوان ڪونه هوس. ڪڏهن هوس، ته مون کي ياد ڪونهي. ذهني طور سدائين ائين ڏٺو اٿم پاڻ کي. جڏهن زال هئي، ٻار هئا تڏهن به اڪيلو هوس. زال مون کي ڪڏهن ڪانه وڻي. پوءِ به ٻار ڄميا. گهر ڀريو. وڌيو ويجهيو. ٻارن جا ٻار ٿيا. اهو سڄو وقت آءٌ اڪيلو هوس. هاڻي جڏهن هوءَ مري وئي آهي ۽ جڏهن مئي هئي ته مون پاڻ کي آزاد محسوس ڪيو. پر پوءِ اڪيلائي تهائين وڌي وئي. اهو ڇا آهي. هوءَ هئي ته گهر ۾ گوڙ هو. جهيڙو هو. ٻارن جا مسئلا هئا. هاڻي ڪجهه به ناهي رهيو. گهر گهر ناهي رهيو. منهنجي لاءِ ناهي رهيو. ٻين جو ٿي ويو آهي. گهر ۾ منهنجو وجود غير ضروري آهي. ڪنهن جي ڪرڪر ڪانهي. ڪو وڙهڻ وارو ناهي. آهيان ڪونه آهيان، ڪو فرق نٿو پئي. نه، اتي آءٌ غلطي ٿو ڪريان. منهنجي هئڻ سان فرق پئي ٿو. بار آهيان آءٌ. ماڻهو وڌي ويا آهن ۽گهر سوڙهو ٿي ويو آهي. آءٌ غير ضروري طور جاءِ ڀريو ويٺو آهيان. اها ڪنهن ضرورتمند کي ڪم اچي سگهي ٿي. ماڻهو به ڪنهن شيءِ وانگر آهي. جيستائين ڪا شيءَ ڪارائتي آهي ان کي سنڀالي رکبو.ان جو ڪارج ختم ٿيو ته اها بيڪار بنجي ويندي. ان کي ٻاهر اڇلائي ڇڏبو آهي. انسان جو انت به اهو آهي. شين وانگر انسان به بيڪار ٿي ويندو آهي. ڪي مرڻ کان اڳ مون وانگر. ڪي مرڻ کان پوءِ.انت ٻنهي حالتن ۾ ساڳيو آهي؛ بار کي ڦٽو ڪري اچڻ.
مون کي دکي ٿيڻ نه کپي. هن پاڻ کي تسلي ڏيڻ چاهي. آٿت آءٌ پنهنجو پاڻ کي ڏيندو رهيو آهيان. ان سان ٿيندو ڪجهه ڪونهي. هاڻي به ڪجهه نه ٿيندو. منهنجي اڪيلائي ختم ڪانه ٿي ويندي. منهنجا دک دور ڪونه ٿي ويندا. سڀ ڪجهه ائين رهڻو آهي. اهي سڀ ڳالهيون مون سان گڏ رهڻيون آهن- ۽ مون سان گڏ ختم ٿيڻيون آهن.
تلاءُ ۾ پاڻي ڄمي ڇو ويو هو- هن پاڻ کان پڇيو. ڪو ڪارڻ نٿي سجهيو. پاڻيءَ ۾ چرپر هوندي آهي. چرپر جو بند ٿيڻ هن کي سمجهه ۾ نه آيو. هن کي خيال آيو ته پٿر کڻي تلاءُ ۾ اڇلائي. پوءِ ڏسجي ته پاڻيءَ ۾ چرپر پيدا ٿئي ٿي يا نه. هن پٿر کڻڻ لاءِ ٻانهن ڊگهيري پر اها نه چري. هو ڏڪي ويو. هن کي حيرت کان وڌيڪ ڊپ لڳو. اهو کيس ڇا ٿي ويو هو. هن جو جسم سن ڇو ٿي ويو هو. جسم ۾ ڪا حرڪت نه هئي. ڄڻ جسم تي فالج ڪريو هو. هٿ پير سڀ سن هئا. هو پنڊ پهڻ ٿي ويو هو. هن سوچيو، پوءِ آءٌ سوچيان ڪيئن ٿو. دماغ ئي باقي وڃي بچيو هو، جيڪو اڃا ڪم ڪري رهيو هو. سو به ڪيستائين! هن پاڻ کان پڇيو. پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائي ڏسان ها ته ان ۾ ڪا چرپر ٿئي ٿي يا نه. اها آخري خواهش به پوري ٿيڻي نه هئي. تلاءُ تي به فالج ڪريو هو ڇا! پاڻي سن هو. مون رڳو ڄاڻڻ ٿي چاهيو. ٻيو مون کي ڪجهه نه کپندو هو. هاڻي ڪو موهه ئي نه رهيو آهي. کپندو ان کي جنهن جو موهه سلامت هوندو آهي. مون ته هر ڳالهه تان پاڻ هٿ کڻي ڇڏيو هو. پر شروع ۾ ائين نه هو. سواءِ زال جي چونڊ جي. مون ٻارن تي پنهنجي مرضي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. ناڪام ڪوشش. منهنجو وڏو پٽ منهنجي پڇڻ کان سواءِ هڪ ٻچڙيوال رن زال کي ڀڄائي آيو. آءٌ رڳو ايترو ڪري سگهيس ته هن کي پنهنجي گهر مان هڪالي ڪڍيم ۽سندس حق ريٽي ڇڏيم. اهو مون ڇو چاهيو ته جيئن آءٌ دٻيل هوس پنهنجي بابي اڳيان تيئن منهنجو وڏو پٽ منهنجي اڳيان دٻيل رهي. زال جي روئڻ رڙڻ جي پرواهه نه ڪري آءٌ پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيس. مون پٽ کي گهر ۾ اجنبيءَ جو درجو ڏئي ڇڏيو. ڪڏهن ڪڏهن اجنبين وانگر اچي ۽ هليو وڃي. پر جيڪي پنهنجا هئا، منهنجا ٻيا پٽ، جيڪي منهنجي گهر ۾ هئا سي مون سان رهندي اجنبي ڇو بنجي ويا؟ يا آءُ هنن لاءِ اجنبي بنجي ويس! هر ڪو پنهنجيءَ ۾ لڳي ويو آهي. منهنجي لاءِ ڪجهه به ناهي رهيو. جيڪي مون ڪيو سو ٺيڪ هو الائي نه – اهو فيصلو ڪير ڪندو؟ آءٌ ايترو اڪيلو آهيان، پاڻ کي ويچارو پيو لڳان. ڪٿي ڪا گڙٻڙ ضرور ٿي آهي. منهنجي عمر کي پهچي هرڪو ائين سوچيندو آهي ڇا؟
هن چاهيو ته ڪنهن کان پڇي. هن تلاءُ کان پڇڻ چاهيو. پر تلاءُ ته خاموش هو. بنا چرپر اکيون ڦاڙي کيس تڪي رهيو هو. هن کي ڪاوڙ آئي ۽ تلاءُ تي جک کائڻ لڳو. هن کي خيال آيو ته تلاءُ کي لتون هڻي. بيٺل پاڻيءَ کي لتن سان سٽي. پر هن ۾ چرڻ جي طاقت ڪانه هئي.
”منهنجا مولا، پنهنجي هلنديءَ هلائجانءِ....“ هن وڏن کي ائين چوندي ٻڌو هو. پوءِ جيئن هو پوڙهو ٿيندو ويو، هن پاڻ به اها دعا گهرڻ شروع ڪئي. هن کي ڊپ ويڙهي ويو هو. هن محسوس ڪيو ته هو ٻين تي بار ثابت ٿي رهيو هو. آءٌ نه هوندس ته ٻين تان هڪ بار لهي ويندو. انهن تي ذميواري نه هوندي منهنجي. ماڻهو انهن کي ائين نه چوندا ته پنهنجي پيءُ کان لاپرواهه ٿي ويا آهيو. هو ڪنهن ليکي ۾ ڪونهي. ان ڪري آءٌ ڪڏهن ڪڏهن هنن جي معاملن ۾ ٽنگ اڙائيندو آهيان ته جيئن پنهنجي هئڻ جو احساس ڏياريان. پوءِ بدمزگي ۽ جهيڙو به ٿيندو آهي. تڏهن لڳندو آهي ته اڃا ليکي ۾ آهيان. پر ڪجهه وقت کان، الائي ڪڏهن کان، شايد جڏهن کان هوءَ مري وئي آهي، ڪو جهيڙو ڪا بدمزگي ڀانءِ نٿا پون. ڏاڍي پيڙا ڏيندڙ آهن. من تي بار وڌي ٿو وڃي. سڀ اجايو لڳندو آهي. آءٌ به اجايو آهيان. تلاءُ ۾ بيٺل سينور لڳل پاڻيءَ وانگر بيڪار. جڏهن وڻ جون پاڙون سڪڻ لڳنديون آهن ته وڻ به سڪي بنڊ بڻجي ويندو آهي. ان کي ڪٽيو ويندو آهي. اهو وري به ڪنهن ڪم اچي ويندو آهي. ان مان ڪجهه نه ڪجهه ٺاهيو ويندو آهي، نه ته به ٻارڻ جي ڪم ته ايندو آهي. ماڻهوءَ جو ڪارج جڏهن ختم ٿي ويندو آهي ته اهو ڪنهن ڪم جو نه رهندو آهي. ان کي ڪنهن به ڪم ۾ آڻي نٿو سگهجي. انساني زوال وڏي ۾ وڏي ٽريجڊي آهي. ٻيون سڀ ان مان جنم وٺنديون آهن.
سج لهڻ تي هو. شفق جي ڳاڙهاڻ تلاءُ تي اوتجي وئي هئي. پاڻي هو يا ڪني ڪاري رت جا دٻا هئا. هو ڪو فيصلو نه ڪري سگهيو. تيز هوا لڳڻ شروع ٿي وئي هئي. مٽيءَ جا واچوڙا هن جي وجود کي ويڙهي ويا. تلاءُ جي مٿان رڳو ڌوڙ پئي نظر آئي. هوا جا سٽڪا وڌندا ويا. هن جي منهن تي هوا جا تيز ڌڪ پئي لڳا. هوا جو هڪ زوردار سٽڪو آيو ۽ هن کي جهڙوڪر ڪنهن ڌڪو ڏنو. هن پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن ۾ ڪا سگهه نه رهي هئي. هو تلاءُ ۾ وڃي ڪريو. هوا هن کي اڳيان ڌڪيندي وئي. آءٌ ايترو هلڪو ڪيئن ٿي ويو آهيان جو ڪک وانگر پاڻيءَ تي تري رهيو آهيان. هن کي حيرت هئي. هوا کيس ڌڪيندي وئي. هڪ هنڌ ڄمي ويل پاڻيءَ ۾ جاءِ پيدا ٿي وئي ۽هو ڇڪجڻ لڳو. هاڻي هن جو جسم ڳرو بنجي رهيو هو. پوءِ اهو پاڻيءَ ۾ اندر وڃڻ لڳو. پاڻي ڳچيءَ تائين اچي ويو. هن آسپاس ڏٺو. تيز هوا جي ڪري رڳو ڌوڙ هئي. ڪجهه به چٽو نه هو. تلاءُ سندس سڄي جسم کي ڳيهي ويو. هو هيٺ هليو ويو. تلاءُ جي تري ۾ گاهه جو گهاٽو جهنگ هو. ’هاڻي آءٌ گاهه جي گهاٽي اونڌاهي جهنگ ۾ آرام ڪندس.‘ هن آخري ڀيرو سوچيو- ۽ پوءِ گاهه جا ٻوڙا هن جي جسم سان وڪوڙجي ويا.

گم ٿيل پاڇو

هوا بند آهي ۽ ڪو به آواز ڪونهي. گهٽ ٻوساٽ ڳڙڪائي چڪي آهي، سڀني آوازن کي. منهنجي هلڻ جو آواز به ڪونه ٿو ٿئي رستي تي... فقط منهنجي ذهن ۾، لڳاتار، هلندڙ، سوچ جو آواز آهي ۽ آءٌ سوچ جي سلسلي کي هڪ پل لاءِ به روڪي نٿو سگهان. ذهن ساڻو ٿيو پئي ۽ پوءِ ساڻو سڄو وجود. پرسوچ جي سلسلي کي روڪي هڪ هنڌ بيهارڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. جيڪر آءٌ ويچاري نه سگهان. اڳي رستي هلندي ڪي چريا مست ڏسندو هوس، جيڪي ايڏا ته گندا هوندا هئا جو پاسي کان لنگهندي به ڪراهت ٿئي- ڏسي ويچاريندو هوس ته آءٌ کڻي وک وک تي پاڻ کي عذابن ۾ محسوس ڪريان، پوءِ به انهن کان به چڱي حال ۾ آهيان. پر آءٌ ڀليل هوس. پوءِ خبر پئي ته چريا مست کڻي ڪيئن به هجن، پر ويچارڻ جي عذاب کان آجا آهن. تڏهن کان مون کي پنهنجو پاڻ تي رحم اچڻ لڳو آهي- ۽ ان کان وڌيڪ ماڻهوءَ سان ٻي جٺ ٿي نٿي سگهي. اهو منهنجن ڪهڙن ڪرمن جو ڦل آهي ته آءٌ جنهن شيءِ کي ڇهان ٿو سا پاڇو بڻجي گم ٿيو وڃي. ڪيڏي نه حيرت جهڙي ماجرا آهي! آءٌ ان ڳالهه تي سوچڻ کان ڏاڍو لهرايان ٿو، پر جيڪا ڳالهه سڄي وجود کي گهيريو پئي هلي تنهن کان جند آجي ڪرائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.آءٌ ميڊاس بادشاهه وانگر ڪونه آهيان، جنهن دعا گهري ته هو جنهن شيءِ کي ڇهي سا سون ٿي پئي. منهنجو دعا ۾ اعتبار ئي ڪونهي ته پوءِ دعا ڪنهن کان گهران! يا شايد دعا ۾ اعتبار نه هجڻ ڪري، دعا نه گهرڻ جي ڪري اها سزا ملي آهي ته آءٌ جنهن شيءِ کي ڇهان سا گم ٿي وڃي. رستو سنسان ۽ خاموش آهي. لڳي ائين ٿو ته رستو کٽڻ جو ناهي. هونءَ به ڪا راهه ڪٿي کٽي ڪانه ٿي. راهه مان راهه ٿي ڦٽي ۽ آءٌ انهن ئي راهن مان ڦٽندڙ ڪن راهن ۾ وڃائجي ويس. اهو ڄاڻي نه سگهيس ته منهنجي راهه ڪهڙي آهي يا ڪا راهه آهي ئي ڪا نه ڪا به پڪ ڪانهي. اوچتو من وکن ۾ وچڙي پوندو آهي ته آءٌ واڪا ڪندو آهيان: ڪو آهي... ڪو آهي... جيڪو مون کي دڳ لڳائي... ڪو آهي... سڏ پڙاڏو بنجي موٽي ايندو آهي ۽ منهنجي اندر ئي ڪو جواب ڏيندو آهي: هتي هرڪو ڀٽڪيل آهي ۽ پنهنجي راهه پاڻ ڳولي رهيو آهي، ڪير آهي واندو ڪنهن کي دڳ ڏسڻ لاءِ. جيڪر انسان کي هڪ ٻئي جي سهاري جي ضرورت نه هجي ها! مون کي ياد اچي ٿو ته ڪنهن مون کي چيو هو: مان تنهنجي سونهون ٿينديس. هوءَ مون سان گڏ ڪجهه وقت هلي، پر پوءِ اڳتي هلي محسوس ڪيائين ته هن غلطي ڪئي هئي، اهو واعدو ڪري. هرڪو پنهنجو سونهون پاڻ ٿئي. هن پنهنجي غلطيءَ کي محسوس ڪيو. هن جي نازڪ پيرن ۾ اکٽ راهه تي هلي لڦون پئجي ويون هيون. ان وقت ڪٿان لوڪ ڪهاڻين جو شهزادو اُڏام کٽوليءَ تي چڙهي آيو ۽ هن کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيائين. آءٌ به سمجهان ٿو ته هن جي لاءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هو.
رستو اکٽ آهي ۽ پير آهن پٿر جا. قدم قدم تي ذهن جون نسون تاڻجي ڇڪجي ٿيون وڃن. رڳو پير پٿر جا ڪونه آهن، گوڏن جون ڍڪڻيون به پٿر جون آهن - ۽ ٽنگن ۾ ساهه ئي ڪونهي. آءٌ ذهن جي زور تي پاڻ کي ڪٿي نه کٽندڙ ۽ بي آواز راهه تي ڌڪيندو ٿو وڃان. هن اکٽ ۽ اڪيلي راهه تي ڪڏهن محسوس ٿيو هو ڪنهن ٻئي جو وجود. ويجهو ٿيڻ تي ڏٺم ته سچي به ٻيو وجود هو. مون ٻانهن کان جهلي چيومانس: تون هتي ڪيئن پرائي راهه تي ڀٽڪي آئين؟.... اوچتو منهنجو هٿ خالي رهجي ويو، ۽ اهو وجود پاڇي ۾ بدلجي ويو. پوءِ اهو پاڇو آهستي آهستي ڌنڌلو ٿيڻ لڳو، تان جو ڊگهو ٿيندو ٿيندو غائب ٿي ويو اوچتو ۽ پٿر جي وکن ۾ وچڙي پيو منهنجو من، تڏهن ڏٺم ته هڪ پاڇو مون سان گڏ پئي هليو. مون کان ڇرڪ نڪري ويو. پر اهو منهنجو پاڇو هو. تڏهن مون کي خبر پئي ته منهنجو به پاڇو آهي. اڪيلي، سنسان، بي آواز رستي تي منهنجو پاڇو ڪڏهن گهٽجندو ڪڏهن وڌندو ٿو رهي، ڪڏهن هڪڙي پاسي ڦٽندڙ راهه ڏانهن ته ڪڏهن ٻئي پاسي ڦٽندڙ راهه ڏانهن. مون سان گڏ هوندي به مون کان الڳ. رستي جي پاسن کان ننڍا وڏا پٿر پيا آهن. پٿر به سوچيندا هوندا! ويچارا. منهنجو پاڇو وڌي وري گهٽجي ويو آهي. ماڻهو نه رڳو پاڻ سوچي ٿو پر پنهنجي سوچ ٻين تي مڙهي ٿو، ۽ هر شيءِ لاءِ سمجهي ٿو ته اها هوندي مون وانگر. ويچارو ماڻهو!
ڪنهن هڪ ڀيري چيو هو،’تون تمام گهڻو حساس آهين.... حد کان زياده حساس هئڻ به خراب ڳالهه آهي.‘ مون مرڪي ڏنو، ته هن وري چيو،’ڇو، يڪدم گنڀير ٿي وئين، منهنجي ڳالهه ڪانه وڻيهءِ ڇا!‘ مون سوچيو ته مون کي پاڻ سان گڏ آئينو کڻي هلڻ گهرجي. گهر اچي آئيني ۾ مرڪي ڏٺم. منهنجي شڪل ٽڪر ٽڪر ٿيل هئي.
ڪنهن کي بيحد حساس بنائڻ کان وڌيڪ ٻي ڪا سزا ڏيئي نٿي سگهجي. حساس ماڻهو جيئرو جهنم ۾ آهي. هو اڃا دنيا ۾ شروعات مس ڪرڻ چاهي ٿو ته کيس چوکنڀو ٻڌي جهنم ۾ اُڇلايو وڃي ٿو. سارتر چيو آهي ته ٻيا ماڻهو جهنم آهن. پر جهنم ته خود ماڻهوءَ ۾ آهي، ڪو محسوس ڪري يا نه ڪري. منهنجو ذهن منهنجي لاءِ جهنم آهي، جنهن ۾ وجود سڙندو پچندو رهندو آهي. هيءَ ڪهڙي اڻ ڪيل ڏوهه جي سزا آهي! رستي هلندي هلندي ذهن جي جهنم جا ڀنڀٽ ايڏا ڀڙڪندا آهن جو چاهيندو آهيان ته زور زور سان رڙيون ڪريان ۽ مٿو ديوارن سان ٽڪرائي ذهن کي ڀڃي ڀوري ڇڏيان. ان وقت لڳندو آهي ته ذهن جو ٽمٽار ٿيل ٿانو اونڌي ٿيڻ تي آهي. وڏي مشڪل سان ٿانو کي بچائيندو آهيان. پر آخر ڪيستائين! آءٌ هتان ڀڄي نڪرڻ ٿو چاهيان. پر اهو سڀ بيڪار آهي، ماڻهو دنيا کان ڀڄي سگهي ٿو، پنهنجو پاڻ کان نه. آءٌ جيترو پنهنجو پاڻ کان ڀڄان ٿو اوتري وڌيڪ مضبوط جڪڙ محسوس ڪريان ٿو. ڇا ڪريان.... ڇا ڪريان..... ڇا ڇا ڇا ڇا آ آ آ ... اوهه!
ذهن آهي يا ڀيلاڙ ٿيل ٻني، جنهن ۾ هر ڪو خيال بيپرواهيءَ سان گهڙيو اندر اچي- ڪو چاهي نه چاهي. سڀ بڪواس آهي، جيستائين انسان جو پنهنجو پاڻ تي اختيار نٿو هلي. ڀلي چنڊ تي وڃي رهي، پر پوءِ به پنهنجو پاڻ تي سندس ڪو به اختيار ڪونه هلندو. ڪابه مرضي ڪانه هلندي. اهو ڇا آهي! انسان پنهنجو پاڻ اڳيان ايڏو مجبور ۽ لاچار ڇو آهي! ننڊ، بک، اڃ، ٿڪ، سستي. افلاطون جو يوٽوپيا رڳو ذهن ۾ ئي ٺهي سگهي ٿو. ذهن جي دنيا پاڻيءَ جو ڦوٽو آهي. انسان پنهنجي ليکي ئي ڪيڏي وڏي بڪواس آهي.
هي پير ته پٿر جا آهن، کڄن ئي نٿا. رڳو ذهن جي سهاري ڌڪجندو پيو وڃان. آءٌ ديو ته ڪونه آهيان جنهن جادوءَ سان هڪ شهزاديءَ کي پاڇو بڻائي ڇڏيو هو. مون وٽ جادو ڪونهي، پوءِ الائي ڇا آهي جو منهنجي رڳو ڇهڻ سان هڪ شهزادي پاڇو بڻجي وئي. هرڪو ماڻهو پاڻ کي ديون پرين جي ڪهاڻين جو شهزادو سمجهندو آهي، پر آءٌ پاڻ کي ديو سمجهندو آهيان. منهنجي ڇهڻ سان هڪ شهزادي پاڇو بڻجي وئي هئي. اها ڪهاڻي ڪانهي، يا واقعي ڪهاڻي آهي ته پوءِ هڪ شهزادو آيو هو، جنهن ڪنهن درويش جي دعا سان اهڙا سونا زيور آندا جو منهنجي ڇهڻ جو اثر ختم ٿي ويو. هوءَ اُهي زيور پائي پاڇي مان بدلجي شهزادي بنجي وئي،شهزادي سان گڏ هلي وئي- ۽ منهنجا پير پٿر بنجي ويا.
جيڪڏهن آءٌ سڄو سمورو پٿر بنجي وڃان ها ته چڱو ٿئي ها. هن گهٽ ٻوساٽ واري بي انت خاموشيءَ ۾ جذب ٿي وڃان ها. بي انت خاموشيءَ ۾ منهنجي سوچ جو آواز ڪيڏو ڀيانڪ ۽ ڊيڄاريندڙ ۽ عذاب ناڪ ٿو لڳي. سڀ ڪجهه گهٽيل آهي، سڀ ڪجهه. اڪيلي ۽ سنسان راهه جي چپي چپي تي Silence ۽ Slow جا بورڊ لڳل آهن- عجيب هدايتون، حڪم ۽ هر هنڌ ’سخت منع‘ جا لفظ. هتي ماڻهوءَ جي زندهه رهڻ جون سڀ واهون بند آهن. جي رهڻو آهي ته مڙدا ٿي رهو. چپ! چپ! چڱا ٻار گوڙ نه ڪندا آهن.شاباش. خاموشي ۽ سنجيدگي مذهب ۽ سماج جا لازمي جزا آهن. خاموش! بيوقوف، جاهل... ڏنڊي کانسواءِ نه سڌرندا. هن اکٽ ۽ بي انت خاموشيءَ ۾ منهنجي سوچ جو آواز به زبردست گناهه آهي. اوهه، منهنجو ذهن ٻرندڙ جبل جيان ڦاٽي ٿو... (ڏندن جو ڀيڙجڻ، ذهن جي نسن جو ڇڪجي تاڻجي وڃڻ ۽ پٿر جي قدمن کي تيز ڪرڻ جي بيسود ڪوشش).
گهر اچي ويو. آءٌ گهر جي اڳيان اوچتو ئي اوچتو اچي بيهندو آهيان ته حيرت ٿيندي آهي. مون کي خبر ئي ڪا نه پئي ۽ پنهنجو پاڻ پهچي ويس. جڏهن پهچڻ چاهيندو آهيان ته پهچي نه سگهندو آهيان، پٿر جا پير کڄندا ئي ڪونه، ۽ خيال ايندو آهي ڪڏهن به نه پهچي سگهڻ جو. تالو کولي، ڪڙو لاهي اندر وڃان ٿو آهي ڇا جنهن لاءِ تالو ٿو هڻجي!ماڻهو سڀ ڪجهه سمجهندي به ڪيتريون غير ضروري ڳالهيون ٿو ڪري. هي گهر آهي يا ڪا سوڙهي چر آهي؟ ههڙي سوڙهي چر ۾ ڪا شهزادي ڪيئن ٿي رهي سگهي! وڏو ذليل هيس جو هن کي قيد ڪري رکڻ چاهيم.
ڪيڏي اوندهه آهي! پنهنجو پاڻ کي به نٿو ڏسي سگهان. لڳي ائين ٿوڄڻ ڪنهن اونهي بي انت کوهه ۾ ويٺو آهيان. هوا بند آهي. ساهه نٿو کڻي سگهان. آءٌ بي انت کوهه ۾ هيٺ پيو وڃان... هيٺ..... هيٺ.... اڃا به هيٺ..... چئني طرفن کان داٻ آهي، آءٌ پاڻيءَ ۾ ٻڏي رهيو آهيان. ساهه کڄڻ بند ٿي ويو آهي. منهنجو وجود اوندهه ۾ تحليل ٿيندو پيو وڃي. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي! پر مون کي ته محسوس ائين پيو ٿئي. محسوس ائين ٿو ٿئي ڄڻ اوندهه منهنجي جسم جي پور پور ۾ گهڙندي پئي وڃي. منهنجي وجود جو حصو، منهنجو پاڇو ڪٿي آهي؟ ان کان اڳ جو اوندهه هر شيءِ کي ڳڙڪائي ڇڏي، مون کي هتان ڀڄي نڪرڻ کپي. آءٌ اٿڻ چاهيان ٿو. اوندهه جو حصو بنجڻ نٿو چاهيان. اٿڻ جي لاءِ سوچيندو رهان ٿو. شايد تنتن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، جيڪي دماغ جو حڪم عمل ۾ آڻين. آءٌ اڃا اٿان ڇو نٿو؟ زور لڳايان ٿو. پير ته پٿر جا آهن، اهي اوندهه ۾ بدلبا ناهن. آءٌ سٽ پائي اٿي ٻاهر نڪران ٿو ۽ روڊ تي اچي بيهان ٿو. روشنيون تمام تيز آهن، ڄڻ سرچ لائيٽ آهي چوطرف. پر منهنجو پاڇو! منهنجو پاڇو ڪٿي آهي؟ منهنجو پاڇو وڃائجي ويو- ڪڏهن، ڪٿي، ڪيئن؟ ڪٿي.... ڪٿي..... روشنيون ته تيز آهن پر پاڇو ڪٿي آهي؟ پاڇو شروع کان وٺي مون سان گڏ هو، پر مون کي خبر نه پئي يا مون ان تي ڌيان ڪونه ڏنو. يا ته وري مون سان گڏ هوندي به گم ٿيل هو. ڪجهه به يقين سان نٿو چئي سگهجي. هڪ ڏينهن اوچتو خبر پئي ته منهنجو به پاڇو آهي. گذريل دفعي جڏهن ڳوٺ ويو هوس تڏهن مون اها ڳالهه گهر ۾ به ڪئي هئي. گهر وارا، خاص ڪري منهنجا ڀائر کلڻ لڳا، پر بابا ته اصل ڪاوڙجي پيو هو، ’اهڙين بيوقوفين وارين ڳالهين تي سوچي پنهنجو وقت نه وڃائيندو ڪر.‘ مون کي پڪ هئي ته ماءُ، جنهن مون کي جنم ڏنو آهي، تنهن کي ضرور خبر هوندي. پر هن رڳو ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ ڪي دعائون گهرڻ لڳي. منهنجن ڀائرن اها ڳالهه پنهنجن دوستن کي وڃي ٻڌائي. مون پنهنجن دوستن کي اها ڳالهه ٻڌائڻ نٿي چاهي. مون سوچيو هو ته منهنجي پاڇي جي باري ۾ منهنجا گهر وارا ضرور ڪجهه نه ڪجهه ڄاڻندا هوندا، دوستن کان وڌيڪ. دوستن مون کان ان بابت پڇيو ته مون اهو سوچي ته ٿي سگهي ٿو ته هو گهر وارن کان وڌيڪ ڄاڻندا هجن، مون کين پنهنجي پاڇي بابت ٻڌايو. هنن هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو. اکين ۾ ڪي اشارا ڪيائون ۽ پوءِ مون محسوس ڪيو ته هو ان ڏينهن کان مون کي عجيب نظرن سان ڏسڻ لڳا. ائين ٿيندو آهي. مون کي اها به پڪ ٿي وئي ته مون کي ٻاهران ڪٿان به، ڪا به مدد ڪانه ملندي. مون ’هن‘ جي پاڇي کي ڌنڌلو ٿي گم ٿيندو ڏٺو هو. هوءَ اتفاق سان مون کي ملي، ته مون کانئس سندس پاڇي بابت پڇا ڪئي. پر هن کي ڪابه خبر ڪانه هئي، ۽ هن شايد ٻين کان منهنجي باري ۾ ٻڌو هو. مون کي منت ڪرڻ وانگر چيائين ته مون کي اهڙين اجاين ڳالهين تي سوچڻ نه کپي. آءٌ ڀلي اهڙين ڳالهين تي سوچڻ ڇڏي ڏيان، پر پنهنجو پاڻ کي ڪيئن ٿو ڇڏي سگهان! اها ڳالهه آخر هنن کي سمجهه ۾ ڇو نٿي اچي؟
”ڪير آهين؟“ (اوچتي رڙ)
”تون ڪير آهين؟“
”ڏسين نٿو ته مان ڪير آهيان. اکيون ڪونه اٿئي ڇا؟“
ها اکيون رڳو ٻين کي ڏسڻ جي لاءِ آهن.هو پوليس وارو آهي.
”ڪير آهين؟ هن وقت ڇو پيو رلين؟“ هو مون کي چپ ڏسي ڌمڪيءَ واري لهجي ۾ پڇي ٿو.
”تنهنجو پاڇو ڪٿي آهي؟“ مون هن کان پڇيو.
”پاڇو! ڇا جو پاڇو؟“ هن جي لهجي ۾ حيرت آهي.
”آءٌ پنهنجو گم ٿيل پاڇو پيو ڳوليان. پر توکي ڪهڙي خبر. توکي ته خود پنهنجي پاڇي جي به خبر ڪانهي.“ هو عجيب نظرن سان ڀڻ ڀڻ ڪندو هليو ٿووڃي. مون کي خبر آهي ته هو مون کي ڇا سمجهندو هوندو. مون هاڻ ان ڳالهه جي پرواهه ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي ته مون کي ٻيا ڇا ٿا سمجهن.
شهر سڄو ستل آهي. رستا ۽ جايون به ستل آهن. آءٌ ٻين تي ڪيئن فتويٰ ڏيان ته هو بدنصيب آهن يا خوشنصيب، جي پنهنجن پاڇن کان بيخبر ۽ بيپرواهه ستا پيا آهن. مون کي ته پاڻ لاءِ ئي فيصلو ڪرڻو آهي. بيهي رهڻ مان ڪو به فائدو ڪونهي. پٿريلن پيرن کي تيز تيز گهلڻ شروع ٿو ڪريان، ۽ ڄڻ ڍوڙان پيو. پاڇي جو ڪٿي به ڪو اهڃاڻ ڪونهي. آءٌ ڍوڙڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان ۽ ڳوليندو ٿو رهان.
آءٌ ڪيترو وقت ڍوڙندو رهيو آهيان، مون کي خبر ڪانهي. صبح جي ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ ڏسان ٿو ته آءٌ اڃا ڍوڙي رهيو آهيان. چاهيان ٿو ٽهڪ ڏيڻ، ايڏا وڏا هيبتناڪ ٽهڪ جو سڄو ستل شهر ڇرڪ ڀري جاڳي پئي. ستل ماڻهو سجاڳ ٿي اکيون مهٽيندا گهٽين ۾ نڪري اچن. آءٌ ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. قدم ڍرا ٿيندا پيا وڃن. لڳي ائين ٿو ڄڻ رات سسيفس جي بدران آءٌ ڇپ ڍوئيندو رهيو آهيان. اوچتو هڪ ماڻهو گهر مان نڪرندي ڏسان ٿو. هن جي هٿ ۾ ٽوڪرو آهي. ڪيڏو ٿڪل ۽ ساڻو ساڻو آهي- ڄڻ سڄي رات ڪا پيڙا ڀوڳيندو رهيو آهي. ڪٿي هن جو به پاڇو... مون کي پڇڻ گهرجي، شايد ڪا خبر پئي. آءٌ اڳتي وڌي پڇان ٿو:
”سائين، اوهان جو پاڇوته گم ڪونه ٿيو آهي؟“ هن جي منهن ۾ گهنڊ پئجي ويو آهي.
”ڇاجو پاڇو، ڪهڙو پاڇو؟“ ۽ گهوريندو هليو ٿو وڃي. ويچارو! مون کي هن تي رحم ٿو اچي. هن کي پنهنجي پاڇي جي به خبر ڪانهي. ماڻهو آهستي آهستي گهرن مان نڪرندا ٿا وڃن. ٽوڪرا هٿن ۾، ڪنڌ جهڪيل ۽ مئل قدم- ڄڻ سڄي رات قبر ۾ عذاب سٺو اٿن. ويچارن کي پنهنجن پاڇن جي به خبر ڪانهي. آءٌ به ڪنڌ جهڪائي، پٿريلن قدمن سان هنن جي مئل جلوس ۾ شامل ٿي ٿو وڃان.

سمنڊ ۽ هيڪلو روح

آسمان جو رنگ گهاٽو نيرو هو، ۽ ان تي ڪڪرن جا ٽڪرا ڪپهه جي پوڻين وانگر ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. هيٺ سمنڊ جو رنگ به آسمان جهڙو هو. سمنڊ ماٺو هو. طوفان ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو هو، پر سمنڊ جي تهه کي اُٿلائي ۽ هر شيءِ کي ٽوڙي. گذري ويل طوفان جي هڪ نشاني، هڪ تختو، لهرن جي رفتار تي لڙهندو پئي ويو- ۽ هو ڊنل ۽ هيسيل، تختي کي چنبڙيو پيو هو. هن جو سڄو گم ٿي ويل هوش موٽي آيو هو، اَڌوريءَ ۽ ٽٽل حالت ۾. هر طوفان کان پوءِ سمنڊ نئون لڳندو آهي، هن کي به سمنڊ بلڪل نئون نظر آيو. رکي رکي هن کي لڳو ٿي ته هو ترندو پئي ويو. ’شايد منهنجو ذهن ستل ۽ جسم ٿڪل آهي، تڏهن ٿو ائين محسوس ٿئي‘- هن سوچيو. ’جهاز وانگر، منهنجو وجود به ٽٽي چڪو آهي، ۽ سوچ به. پر اها ٽٽل سوچ، ٽٽل شيشي وانگر منهنجي ذهن ۾ چڀي رهي آهي.‘ هن چاهيو ته مٿو تختي تي زور سان ٽڪرائي ۽ اُن چڀ چڀ کان ذهن کي آجو ڪرائي. ’پر جي تختو ڇڏائجي وڃي ته....‘ هن کي ٽٽل جهاز جو فقط اهو هڪ تختو ئي هٿ آيو هو، اهو به غنيمت هو. ’مون کي هن تختي تي گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن؟‘ هن ياد ڪرڻ چاهيو. هو ڊڄي ويو. ‘هي منهنجي ذهن کي ٿي ڇا ويو آهي؟ يادگيريون ڪيڏيون ڌنڌليون آهن- سمنڊ جي پاڻيءَ وانگر ڪارسريون‘ محسوس ائين ٿو ٿئي، ڄڻ ته مان ازل کان وٺي ان صورتحال ۾ موجود رهيو آهيان. ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي!‘ هڪ ڀيرو هن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته اکيون پوري پاڻ کي موجوده حالت ۾ غير موجود ۽ ڪنهن ٻئي هنڌ ۽ ٻيءَ حالت ۾ موجود سمجهي. هو هڪ ڀرئي ڀڪلئيءَ جهاز ۾ سوار هو، جنهن ۾ کلندڙ ڪڏندڙ بيپرواهه ماڻهو هئا. جهاز سمنڊ ۾ ڏاڍي شان ۽ مزي سان پئي ويو ته اوچتو ئي اوچتو ..... ’پر اهو ته مان زبان سان به چئي سگهان ٿو. ذهن ۾ تصويرون ڇو نٿيون اُڀرن! پر آخر فرق ڪهڙو ٿو پئي. ياد ڪرڻ مان ڪو به فائدو ڪونهي. ڄڻ ڪو ماضي آهي ئي ڪونه، ۽ نه مستقبل جو ڪو يقين آهي، فقط حال آهي، ۽ موجوده صورتحال ئي سچ آهي. ٻيو سڀڪجهه بڪواس آهي منهنجي لاءِ..... منهنجي ٽٽل وجود جي ٽٽل ذهن مان سڀ يادگيريون ٽٽي وڃائجي ويون آهن.‘ هن بيزار ٿي اکيون کولي ڇڏيون. ’سمنڊ ڪيڏو وسيع آهي، ۽ آءٌ ان تي هڪ ڪک وانگر لڙهندو پيو وڃان. جي آءٌ ٻڏي ويس ته ڪهڙو فرق پوندو. سمنڊ جون ڇوليون ائين ئي اينديون وينديون رهنديون. ڪڏهن نه کٽنديون- ويرون، لهرون ۽ موجون.... ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي. آخر هي لهرون ۽ ويرون ڪٿان ٿيون اچن، ۽ ڪيڏانهن ٿيون وڃن؟ ڪٿي کٽن به ٿيون يا نه؟ هي پاڻي ساندهه پيو وهي. ڪا شيءِ ايڏي حيرت انگيز ڪانهي، جيڏو هي سمنڊ- جنهن ۾ ڪئين ڳجهه، طوفان ۽ تبديليون سمايل آهن.... ۽ ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي، هرڪا اُٿندڙ لهر مون کي سوالي نشان جي شڪل ۾ نظر ٿي اچي. هي شايد حيرتن جو وهڪرو آهي، جنهن ۾ مان لڙهندو پيو وڃان. گهڻو سوچڻ اجايو آهي. ڪجهه به سمجهه ۾ نه ايندو. گهڻي سوچڻ کان پوءِ مون کي خود منهنجو ذهن به ڌاريون لڳندو آهي. مان شايد مري چڪو آهيان. پر منهنجو ذهن مئل ناهي، فقط ٽٽل آهي.‘ هن پڪ ڪرڻ لاءِ تختي کي محسوس ڪرڻ چاهيو، پر هن جي ساڻي بت کي ڪجهه به محسوس نه ٿيو. وري سندس سڪل آڱرين جسم کي ڇهيو. تڏهن به هن کي ڪا خاطري نه ٿي. ’نه، مان جيئرو آهيان. گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته سمجهي سگهان ٿو. هيءَ ايڏي ساري جدوجهد زندهه رهڻ لاءِ ئي ته ڪري رهيو آهيان، نه ته هڪ معمولي تختي جي سهاري جيئڻ ڪيڏو ڪٺن آهي. مون کي هر وقت ٻڏڻ جو ڊپ آهي. جيڪڏهن حياتي پياري نه هجيم ها ته رات- ڏينهن هن تختي کي ڇو چنبڙيو پيو هجان ها. ڄاڻان به ٿو ته هن جو سهارو دائمي ڪونهي. آخر ڪيستائين؟ نيٺ ته اهو سهارو به ختم ٿي ويندو. ڪوبه سهارو هميشه جي لاءِ نٿو رهي. سهارا بدلجندا ئي رهندا آهن. پر منهنجي خواهش ڪا ايڏي غير معمولي ته ڪانهي. مون کي ڌرتيءَ جو سهارو کپي. ڌرتيءَ جي سهاري سڄي حياتي گذاري سگهجي ٿي. پر جي ڪنهن موزون هنڌ سهارو ملي.‘
’مان وڌيڪ ڪجهه به نه، فقط ڌرتيءَ تي پير رکڻ ٿو چاهيان‘ ڌرتيءَ تي پير رکڻ جي لاءِ هن جي خواهش ڪيڏي ڪيڏيءَ مهل تمام زور وٺي ٿي ويئي. تڏهن هن خدا کان مدد جي لاءِ دعا ٿي گهري. هن سمجهيو ٿي ته فقط ڪو معجزو ئي کيس بچائي ٿي سگهيو.
’مان ڪٿي ٻئي هنڌ به پيدا ٿي سگهيس ٿي.‘
هو هڪ ٽٽل جهاز جو مسافر هو. پاڻ به ٽٽل، ۽ سهارو فقط هڪ تختي جو.
’جيڪر جهاز صحيح سالم ۽ مضبوط هجي ها.‘
رکي رکي گگهه اوندهه هن جي اکين ۾ گهڙيو ٿي آئي. هن زور ڪري اکيون ڦاڙي پاڻ کي هوش ۾ رکڻ ٿي چاهيو... يا شايد سمنڊ جو رنگ ئي اهڙو هو. ذهن ڪنهن ڌارئي شخص جو ٿي لڳو- اهڙو ڌاريون، جنهن کي ماڻهو پاڻ به سمجهي نه سگهي. ’هيءَ عجيب صورتحال آهي. مون اڳي ڪڏهن به ائين محسوس نه ڪيو آهي. مان تمام گهڻو ٿڪل آهيان. اصل سنڌ سنڌ ٿڪجي ساڻو ٿي پيو آهي. ۽ جڏهن ڪا شيءِ پنهنجي هوندي به ڌارين محسوس ٿئي....‘ گگهه اوندهه وري به هن جي اکين ۾ گهڙي آئي. هن زور- مس ڪري اکيون کوليون ۽ پاسي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي.
’مان به هڪ عام انسان ٿي سگهيس ٿي....‘
’جيڪڏهن مان سوچيان نه ته اُڦٽ مري پوان. جسم ساڻو ٿي ساهه ڇڏي چڪو آهي. فقط لڳاتار سوچيندڙ ذهن اهو يقين ٿو ڏياري ته آءٌ اڃا جيئرو آهيان. ڪيڏيءَ ڪيڏيءَ مهل مون کان اهو به وسريو وڃي ته مان هينئر ڪٿي آهيان. آخر هي سفر ڪڏهن وڃي کٽندو؟ ڪٿي کٽندو؟ مان سخت بيزار ٿي پيو آهيان. آخر ڪا حد هوندي آهي. سڀ وسيلا ختم ٿي چڪا آهن. زندهه رهڻ جي لاءِ انهيءَ اڻکٽ خواهش ۽ ٿڪائيندڙ جدوجهد مون کي وڌيڪ ٽوڙي ڇڏيو آهي. مان ڌرتيءَ تي ڪنهن مضبوط هنڌ تي پير رکڻ ٿو چاهيان. تختي جي سهاري لڳاتار لڙهندو رهڻ، ڏينهون ڏينهن منهنجي سهپ کان ٻاهر ٿيندو وڃي. ڪٿي مان......‘ آسمان سانڊي وانگر رنگ بدلائيندو رهيو ۽ تختو لڙهندو ويو.
هن جون اکيون ڦاٽي ويون. اهي ڌنڌ جون عجيب شڪليون هيون، يا واقعي ٽڪريون هيون. هن پوريءَ ڪوشش سان جاچي ڏٺو- واقعي ٽڪريون هيون. ڌنڌليل...... ائين لڳو، ڄڻ نظرن کي اوچتو گگهه اوندهه ۾ هڪ چمڪندڙ تارو نظر آيو هو، جيڪو ترت گم ٿي ويو. ’مون ته سنئينءَ سڌيءَ ڌرتيءَ تي پير رکڻ لاءِ دعا گهري هئي. ماڻهو چاهي ڇا ٿو، ۽ کيس ملي ڇا ٿو. هنن پهاڙن تائين پهچڻ منهنجي لاءِ ممڪن ڪونهي- مون ته ڪڏهن اهو چاهيو ئي ڪونه هو.‘ سمنڊ جي ڪناري بيٺل پهاڙن جي هن پار ڄڻ ته زندگيءَ جون راهون ختم پئي ٿيون. ’سچ ته اهو آهي ته مان سمنڊ کان ڌار ٿيڻ نٿو چاهيان.‘ هن کي خيال آيو، پر هڪ تختي جي معمولي سهاري، هوا جي ٿپيڙن تي، ڪو ڪيستائين لهرن ۾ لڙهندو رهندو. سمنڊ ۾ رهڻ جي لاءِ هڪ مضبوط جهاز جي ضرورت آهي. اها به قسمت جي ڳالهه آهي.‘
هو هاڻي ٽڪرين جي ويجهو اچي پهتو هو. اتي سمنڊ ۾ ڏاڍو شور هو. سطح کان وٺي تري تائين هڪ زبردست ولوڙ هئي. سڄو بنياد اٿلي رهيو هو. هو تختي کي زور سان چهٽي پيو.
’نه نه، مان هن تختي کي نه ڇڏيندس.‘
سمنڊ جون وڏيون وڏيون لهرون ٽڪرين جي چوٽيءَ تائين زور سان ٽڪرائجي گجنديون وري موٽي ٿي آيون. هن تي هيبت ڇانئجي ويئي. زوردار لهرن ۾ هن جو تختو ڪک وانگر اُڇلجڻ لڳو. اوچتو هڪ وڏي وير اٿي، ۽ هن اکيون پوري ڇڏيون.
شايد معجزو ئي ٿيو هو. هو اڃا جيئرو هو. ڳچ وقت تائين ڊپ ۾ اکيون پوري، پنهنجي جيئري هجڻ تي عجب کائي رهيو هو. ڊڄندي ڊڄندي اکيون کوليائين، ۽ اکيون کولي ڊڄي ويو. هن پاڻ کي هڪ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي موجود ڏٺو. مٿان تيز هوا لڳي رهي هئي، ۽ هيٺ سمنڊ گجي رهيو هو.هن پنهنجي بت کي ڪوئڻ جي ڪوشش ڪئي. ڊپ ڪوهيڙي وانگر هن جي من تي ڇانئجي ويو. ’بچڻ جي ڪا به واهه ڪانهي، ڇا، مان هيئن اڪيلو پنهنجي منهن مري ويندس؟ انسان جو روح ايڏي اڪيلائي ڇو ٿو محسوس ڪري‘ موت ۽ ڊپ سڀ ان اڪيلائيءَ جي پيدائش آهن.‘ هن جي اڳيان وسيع، بي انتها ۽ لا محدود سمنڊ هو- ۽ سندس اڪيلو روح. سمنڊ ۾ کيس ڄڻ پنهنجي اڪيلائيءَ جو پاڇو نظر آيو... هڪ هيبتناڪ راڪاس جهڙو. هن هڪدم ڊڄي نظرون ڦيرائي ڇڏيون. هن چوڌاري چتائي نهاريو. ٽڪريءَ جي پٺيان گهاٽو ڌنڌ هو. ڌنڌ ۾ کيس ڪجهه نظر ئي نه آيو. هن محسوس ڪرڻ چاهيو، اهو ڇا ٿي سگهي ٿو! ڪو به اندازو لڳائڻ مشڪل هو. شايد ڪا بي انت اونداهي گهري کاهي هوندي، گهاٽي ڌنڌ سان ڍڪيل. ’مان سمنڊ ڏانهن موٽي وڃڻ ٿو چاهيان.‘ هن وري سمنڊ ڏانهن ڏٺو، جنهن جون ڇوليون ان ٽڪريءَ جي چوٽيءَ سان لڳي وري واپس موٽي ٿي ويون. پر بنا سهاري جي سمنڊ ۾ گهڙڻ مشڪل آهي. هن کي تختو ياد آيو، پر اهو ٽڪريءَ تي ڪونه هو. هڪ معمولي تختي جو سهارو هو، پر اهو به هاڻي ڪونه رهيو. ’اها مون کي اڳ ۾ ئي خبر هئي ته ڪو به سهارو هميشه جي لاءِ نه هوندو آهي. ڪو به ماڻهو ڪنهن سهاري کي خوشيءَ سان ڇڏڻ نه چاهيندو آهي، پر اهو ڄڻ ڪٿي نه ڪٿي وڃائجي ويندو آهي. انسان آخر انسان آهي، ڪک آخر هڪ ڪک، پر ٻنهي ۾ هڪڙي ڳالهه ساڳي آهي، ٻنهي جو هڪڙي هنڌ ٽڪاءُ تمام مشڪل آهي. هڪ ازلي طوفان ٻنهي کي پنهنجن بنيادن مان اکوڙي ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي اڏائيندو رهندو آهي، ۽ نيٺ وڃي ڪنهن گهريءَ کاهيءَ ۾ اُڇلائيندو آهي.‘ هن اکيون پوري ڇڏيون. ’مون کي اها خبر پوءِ پئي ته جهاز تباهه ٿيل هو. مان ڄاڻي واڻي ٽٽل جهاز ۾ ڪونه چڙهيو هوس. طوفان جي لڳاتار ڌڪن جهاز کي ٽوڙي ڇڏيو هو. بچاءَ جو هرڪو طريقو ڪتب آندو ويو- پاڻ کي بچائڻ لاءِ، ۽ پنهنجيءَ دنيا کي بچائڻ لاءِ. جهاز به هڪڙي ننڍڙي دنيا هئي. اسين سڀ خوش هئاسين، ۽ بيپرواهه هئاسين، مگن، پنهنجن ننڍڙين ننڍڙين خوشين ۾ وندريل. جهاز جا بنياد آهستي آهستي اکڙجڻ شروع ٿيا. اسين سڀ ڳڻتيءَ ۾ پئجي وياسين. ٽٽڻ جو سلسلو تمام ڍرو هو، ۽ اهو سڀڪجهه اسان جي اکين اڳيان ٿيندو رهيو. پنهنجي وسان ڪير ٿو گهٽائي، پر جتي بنياد ڪمزور ٿي اکڙجڻ لڳن، اتي ڪو ڇا ٿو ڪري سگهي. اسان کي هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ جو غير شعوري طور انتظار هو. اسين سڀ دکي هئاسين، پنهنجي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ، هاڻي اها ڳالهه چٽيءَ طرح اڳيان آئي ته اسان کي نيٺ ڌار ٿيڻو آهي. هر ڪنهن کي پنهنجي اڪيلائيءَ جو ڊپ هو. وقت بيرحم آهي، يا حالتون ظالم آهن، ٽٽندڙ پن لاءِ اهو سوچڻ اجايو ۽ بي معنيٰ آهي. ڪرڻ وقت فقط ڪرڻ جي ڳالهه ذهن ۾ هوندي آهي. هٿ لوڏي جدا ٿيڻ ۽ اوچتو ئي اوچتو جدا ٿيڻ ۾ فرق آهي، پر ماڻهو جدا ٻنهي حالتن ۾ ٿئي ٿو. پوءِ به هن نموني ۾ جدا ٿيڻ، پنهنجي اکين اڳيان پنهنجن کي ۽ پاڻ کي ٻڏندو ڏسڻ- ان وقت ڪنهن جي به دل ۾ اها خواهش نٿي اُڀري ته هٿ لوڏي هڪٻئي کان جدا ٿيون. جهاز مڪمل طرح ٽٽي چڪو هو، ۽ سڀني زندهه رهڻ ٿي چاهيو. ڪي ٻڏي ويا ۽ ڪن کي تختن جو سهارو ملي ويو. آءٌ جن حالتن ۾ هيستائين پهتو آهيان، اهو فيصلو ڪرڻ مون لاءِ مشڪل آهي ته آءٌ خوشنصيب آهيان يا بدنصيب. هاڻي ته ڪو ڳوڙهو به نه رهيو آهي، جيڪو گذريل وقت کي ياد ڪري وهائجي. پر مون کي ته گذريل وقت به ياد ڪونهي. ڄڻ ته گذريل وقت جو ڪو وجود ئي ڪونه هو. وقت جي اهميت تيستائين رهندي، جيستائين آءٌ جيئرو آهيان. مرڻ کان پوءِ مون لاءِ ڪنهن به شيءِ جي اهميت نه هوندي.‘
هن هڪ عجيب بيچيني محسوس ڪئي. هن جي من ۾ آيو ته ان اڻڏٺل، ڌنڌ ۾ گم ٿيل، کاهيءَ ۾ ٽپو ڏئي. ٽڪرين سان ٽڪرائيندڙ ڇولين جو زوردار آواز ان خيال تي ڇانئجي ويو. ’مون کي اهڙيون ڳالهيون نه سوچڻ کپن. مون ۾ اڃا ساهه آهي، ۽ ساهه جي سگهه آهي. شايد مان خوفناڪ ٽڪريءَ تان سلامتيءَ سان لهي وڃان. پر سمنڊ ۾ گهڙڻ جو ڪو وسيلو ته هئڻ کپي. مان هيئن خالي، ٽٽل سگهه سان هن ويران ٽڪريءَ تي بيهي ڇا ٿو ڪري سگهان! آءٌ ڪڏهن هوس، پر هاڻي ڪجهه به نه رهيو آهيان، هاڻي به اهو مان ئي آهيان، پر اهو ساڳيو نه آهيان. ائين ڇو ٿو ٿئي؟ مان ڪجهه ٿي سگهيس ٿي. مون ته فقط ڌرتيءَ تي پير رکڻ جي دعا گهري هئي- ڪيڏي نه معمولي ۽ سادي سودي دعا. ان ۾ ڪنهن کي ڪهڙو نقصان هو؟ مان ڀليل هوس، مون کي خبر ڪانه هئي ته معمولي دعائون ڪڏهن به پوريون ڪونه ٿينديون آهن. مون سان ويساهه گهاتي ٿي آهي. پر اعتراض ڪرڻ فضول آهي. هتي چونڊ جو حق ڪنهن کي ڏنو ئي نٿو وڃي. مان گهڻو ٿو سوچيان ته نيٺ نصيب جهڙي واهيات ۽ مهمل شيءِ تي اعتبار ڪرڻ جي لاءِ مجبور ٿيو پوان. سمنڊ مون کي ٽوڙي ڇڏيو. مون کي چونڊ جو ڪوبه حق نه ڏنو ويو. جيڪڏهن ڪو حق ڏنو ويو آهي ته فقط ڌنڌ ۾ گم ٿيل گهريءَ کاهيءَ ۾ ۽ بنا ڪنهن سهاري جي وسيع ترين سمنڊ مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻ جو. مان موجوده صورتحال ۾ وڌيڪ وقت رهي نٿو سگهان. مون کي ڪونه ڪو فيصلو ڪرڻو ئي آهي. ايڏي ساري سفر کان پوءِ به هڪ مهمل منزل تي ئي پهچي سگهيو آهيان، جتي ٿڪ ڀڃڻ جي به اجازت ڪانهي، ۽ سڀڪجهه غير يقيني آهي، سڀ ڪجهه بڪواس آهي... فريب آهي، بڪواس آهي، بڪواس آهي.... بڪواس، بڪواس.... او! بند ڪر.... بند ڪر...... بند ڪر.... هي ذهن به بڪواس آهي- سڀ بڪواس آهي‘....... هو رڙيون ڪرڻ لڳو. پوءِ اُبتي مٺ پوري زور سان هنيائين پنهنجي نراڙ تي.
هن وڏيءَ مشڪل سان پاڻ تي ضابطو آندو.’جيڪڏهن ٿڪل ٽٽل ذهن ضابطي مان نڪري ويو ته پوءِ خاتمو يقيني آهي. پر ههڙيءَ حالت ۾ ته ذهن کي ضابطي ۾ رکي ئي نٿو سگهجي. اهو ته پاڻمرادو سوچيندو رهي ٿو. مون کي ڪونه ڪو حيلو هلائڻ کپي.‘ پر جنهن ڳالهه هن کي ڊيڄاريو ٿي، سا هئي تيز هوا، هو ڪنهن به وقت ڌنڌ ۾ گم ٿيل کاهيءَ ۾ ڪري سگهيو ٿي. هن مهمل خيالن کي روڪڻ جي لاءِ هتان نڪرڻ جا طريقا سوچڻ چاهيا، پر ذهن قبضي ۾ نه هو. اهو آٽوميٽڪ مشين وانگر پئي هليو. هن کي خار آيو ته ذهن کي زور سان پٿرن تي اُڇلائي چپ ڪرائي ڇڏي... سندس ذهن ۾ تيز واچوڙو اُٿيو. هن کي لڳو- هو ويو... ويو..... هن پنهنجيءَ ٽٽل سگهه کي ميڙي پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. ’مان پاڻ پنهنجي ذهن کي ڇيڙي سندس تباهي آڻي رهيو آهيان.‘ هن ڪاوڙ وچان سوچيو. پوءِ هن ذهن کي پنهنجي مرضيءَ تي ڇڏي ڏنو، ۽ پاڻ لا تعلق ٿي ويهي رهيو. خيالن جون لهرون ۽ ويرون هيون، ۽ هن اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون.
وقت گذريو پئي يا هڪ هنڌ بيٺل هو، ان ڳالهه جو هن کي سماءُ ڪونه هو. ’ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ڌنڌ ۾ گم ٿيل کاهيءَ کي پنهنجي آخري منزل سمجهان؟‘ پر اڻڏٺل لاءِ اهو فيصلو کيس نه آئڙيو. ’وڻڻ ۽ نه وڻڻ جو احساس اڃا به ٿئي ٿو!‘ هن پاڻ تي کلڻ چاهيو- ’جيڪڏهن کلڻ بند نه ٿئي ته پوءِ... جي مان هتي چريو ٿي پوان؟ هن کي اهو خيال ڏاڍو دلچسپ لڳو. وري کيس ٻيو خيال آيو، ’مان پنهنجي مرضيءَ تي کلي به نه ٿو سگهان! شايد ڪنهن به شيءِ ۾ منهنجي مرضيءَ جو دخل نه رهيو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ چونڊ ۽ فيصلو ڪرڻ، مون کي فقط بيجان لفظ ٿا لڳن. منهنجو اندر خالي آهي، خال وانگر، ۽ لفظ بيجان آهن. ڪٿان گرمي ملڻ جو امڪان ئي ناهي.‘
’ڇا مان ائين چپ چاپ مري وڃان؟‘ هن سوچيو.
ان وقت هن پنهنجي اندر ۾ هڪ تبديلي محسوس ڪئي. هن جي دل مايوسيءَ جو پاتال مان نڪري، مٿي سطح تي آئي.’مان جيئڻ چاهيان ٿو. مون اڃا ڪيو ئي ڇا آهي. اڃا به موقعو آهي، شايد مان ڪجهه ٿي سگهان... گهٽ ۾ گهٽ هڪ رواجي انسان.’جيئڻ جي خواهش هن جي ٿڪل ٽٽل ذهن کي ڪجهه تازگي ڏني. هو هاڻي اڳي کان بهتر محسوس ڪرڻ لڳو. ’هڪ ٽٽل ماڻهوءَ جي لاءِ جدوجهد ڪيڏي ڪٺن آهي. پر نه، مون کي هڪ ڀيرو وري ٻيهر شروعات ڪرڻ کپي. هڪ ڀيرو وري آزمائڻ کپي. ٿي سگهي ٿو... ٿي سگهي ٿو ته‘.... ٻڏندڙ آس وري اُڀري آئي. هو هاڻي ٻيهر شروعات ڪرڻ جا گهاٽ گهڙڻ لڳو.
هو ٿڪل، خالي ۽ ويران نظرن سان سمنڊ کي ڏسندو رهيو، ۽ بچاءَ جا طريقا سوچيندو رهيو. اوچتو هن کي پري کان هڪ نقطو اُڀرندو نظر آيو. هو ان نقطي کي چتائي ڏسڻ لڳو. ’اهو ڇا ٿو ٿي سگهي؟‘ نقطو ويو وڌيڪ اُڀرندو- اهو هڪ جهاز هو. هو خوشيءَ ۾ اٿي بيهي رهيو. ’مان بچي سگهان ٿو!.... مان بچي سگهان ٿو!‘.... جهاز ويجهو ايندو ويو. هو هڪدم پنهنجي قميص لاهي، زور زور سان ڦيرائڻ ۽ لوڏڻ لڳو. ’من مون تي نظر پئجي وڃين ۽ هن اوڙاهه مان بچائين.‘ جهاز اڳيان وڌي ويو. هو قميص کي جهنڊو بنائي هوا ۾ لوڏيندو رهيو، ۽ جهاز ويو پري ٿيندو. ڦنڊيل دل سسي ويئي. هن جون اکيون جهاز تي ڄميل هيون، ۽ ٻانهون مٿي قميص کي جهليو بيٺيون هيون. هن کي ياد آيو ته هو هڪ ڀيرو ڍوڙندو ڍوڙندو پليٽفارم تي آيو هو، ۽ گاڏي هن جي اڳيان ڇٽي وڃي رهي هئي. ساڪت ٻانهون ٽٽل ٽاريءَ وانگر هيٺ اچي ڪريون. نقطو هن جي اکين اڳيان نچڻ لڳو. هاڻي ڪنهن جو به آسرو نه رهيو هو.’جيڪڏهن ڪجهه ٿي سگهي ٿو ته اهو فقط مان ئي ڪري سگهان ٿو. ٻيا آسرا بيڪار آهن.‘
هن ترهي ٺاهڻ جو سوچيو، ۽ هتان هُتان ڪاٺيون ميڙڻ شروع ڪيون. ڏاڍي مشڪل سان ايتريون ڪاٺيون هٿ ڪري سگهيو، جن مان هڪ معمولي ترهو ٺاهي سگهجي. هن ڪپڙا ڦاڙي، نوڙيون ٺاهي، ترهي کي ٻڌو. ترهو مضبوط نه ٺهي سگهيو، پر هن زندهه رهڻ ٿي چاهيو. ’مان چپ چاپ مري وڃڻ نٿو چاهيان. هن معمولي ترهي جي سهاري حالتن سان ٽڪر کائيندس. زندهه رهڻ جي جدوجهد ڪرڻ جي لاءِ اڃا ڪجهه همٿ آهي.‘ سوچ سان گڏ هن جا هٿ به ڪم ڪندا رهيا. هاڻي ترهو بلڪل تيار هو. هو ترهي کي ڇولين کان بچائڻ جي لاءِ سڻائي مهل جو انتظار ڪرڻ لڳو.
هو وري سمنڊ ۾ هو.
’ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي،‘ هن سوچيو، ’مان وري نئين سر شروعات ڪري رهيو آهيان، سڀڪجهه نئين سر حاصل ڪرڻ جي لاءِ. اهو مان نٿو ڄاڻان ته ڪجهه حاصل به ٿيندو يا نه. جيڪڏهن ڪو ڄاڻي، ته پوءِ ايڏي مٿاڪٽ ڇو ڪري. ممڪن آهي ته مون کي ڪجهه به حاصل نه ٿئي. ممڪن آهي ته منهنجو ترهو ٽٽي پئي. پر پوءِ به سمجهان ٿو ته آءٌ جو ڪجهه ڪري رهيو آهيان، بهتر ڪري رهيو آهيان. مان وجود جي بار کان ڀڄڻ نٿو چاهيان. جيستائين ٿي سگهيو، اهو بار کڻندس. اها به ڄڻ سزا آهي، جيڪا هر حالت ۾ ڀوڳڻي آهي.‘
آسمان کي ڄڻ ڪنهن ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو هو. هيٺ وسيع ۽ لامحدود سمنڊ تي ترهو ڪک وانگر ترندو پئي ويو. هن کي خبر هئي ته ترهو ڪمزور هو. اهو معمولي سٽ به نٿي سگهيو. سامهون هر ڪا لهر ڏسي هو ڊڄي ٿي ويو. ان کان تختو وڌيڪ مضبوط هو. ’خبر ناهي ڇو، جيئن پوءِ تيئن سهارا ويندا آهن ٽٽندا ۽ ڪمزور ٿيندا.‘ٽڪرين جا سلسلا ختم ٿي چڪا هئا، ۽ هو پري نڪري ويو هو. ’مان سنئينءَ سڌيءَ ڌرتيءَ تي پير رکڻ ٿو چاهيان.‘ هن پنهنجيءَ خواهش کي دل ۾ ورجايو. ڪمزوريءَ ۽ هيڻائيءَ هن جي جسم کي ڳاري ٺانٺو ڪري ڇڏيو هو. هن چڱيءَ طرح ڄاتو ٿي ته هن پنهنجيءَ ٽٽل سگهه کي ميڙي اها آخري ڪوشش ڪئي هئي. ترهو لهرون تي لڙهندو ويو- ڪٿي تکو، ڪٿي ڍرو. وقت جو ڪو احساس ڪونه هو، هڪ هنڌ ساڪت هو يا نظرن کان به وڌيڪ تيزيءَ سان گذرندو پئي ويو. ڪا ڳالهه چٽي ڪانه هئي.مستقبل تي پردا چڙهيل هئا، جن کي ترهو هڪ هڪ ڪري لاهيندو پئي ويو... پر اهي پردا کٽا ئي ڪونه ٿي. مستقبل جا پردا به شايد بصر وانگر هوندا آهن. کلون وينديون هڪٻئي پٺيان لهنديون، تان جو باقي ڪجهه به نه بچندو. مستقبل جي آخري پردي کان پوءِ رڳو خال آهي، جنهن جي بي انت اوندهه ۾ ڪجهه به نظر نه ٿو اچي.‘
ڏسندي ڏسندي، آسمان تي الائي ڪٿان ڪڪر گڏ ٿيڻ شروع ٿيا. صاف آسمان ڪارن ڪڪرن سان گدلو ٿي ويو ۽ سمنڊ جو رنگ وڌيڪ گهرو ڪارو ٿي ويو. هن کي وايو منڊل عجيب ۽ دهشتناڪ لڳو. کيس سخت بيچئني محسوس ٿيڻ لڳي. هوا ۾ تيزي ايندي ويئي، جيڪا ويئي وڌندي. لهرون هوا جي تيز مرليءَ تي نانگڻ جيان ڪر کنيو نچنديون آيون. هو ڪنبي ويو، ۽ ترهي کي مضبوطيءَ سان چنبڙي پيو، جيڪو لهرن جا ڏنگ کائي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳو.هن جي دل ٻڏي ويئي. مرڻينگ حالت ۾ ترهي کي چنبڙيو پيو هو. لهرن ترهي کي هڪڙي هنڌان کڻي ٻئي هنڌ اڇلائي ٿي ڇڏيو. اوچتو هن کي محسوس ٿيو ته ترهو ڪاٺي ڪاٺي ٿي رهيو هو. اهو نيٺ ٿيڻو ئي هو! پر اهو ڄاڻندي به، هو ان لاءِ تيار نه هو. هو ڌار ٿيندڙ ڪاٺين کي مضبوطيءَ سان چنبڙي پيو. پر ترهو مڪمل طرح ٽٽي چڪو هو- ۽ ان سان گڏ هو پاڻ به.
.... ’جهاز هلندي هلندي بند ٿي ويو آهي. ڪو به آواز ڪونهي. آخر ڳالهه ڇا آهي! ماڻهو ڪيڏا نه خوش هئا، پر سندن کل، ٽهڪ، هل ۽ گوڙ بند ڇو ٿي ويا آهن. ڪو به آواز ڪونهي. ڪا به روشني ڪانهي. مون کي ڪجهه سور پيو محسوس ٿئي. هانءَ ۾ ولوڙ آهي، ڄڻ ان کي ڪو نپوڙي پيو. ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي! سڀ مون کي اڪيلو ڇڏي هليا ويا آهن. مان به وڃڻ ٿو چاهيان. ڏسڻ ٿو چاهيان ته سڀ ويا ڪيڏانهن آهن. مون کي ڪا به خبر نٿي پئي. جهاز ايڏو ڇو لڏي رهيو آهي- ڄڻ ڪا تيز لڏندڙ پينگهه آهي. مان اٿڻ ٿو چاهيان، پر اٿي بيهي نٿو سگهان. منهنجا خدا! مان ڏسڻ ٿو چاهيان... هيءَ هيڏي اوندهه ڇو آهي؟‘-
”ڪو آهي؟ روشني ڪريو.. ٿوري روشني ڪريو!“
”اڃا جيئرو آهي. شايد ڪجهه چوڻ چاهي ٿو.“
هن کي مکين جي ڀون ڀون ٻڌڻ ۾ آئي. هو واريءَ تي ليٽيل هو، ۽ ڪيڏي عجيب ڳالهه هئي ته هو وري به بچي ويو هو. هن جي چوڌاري ماڻهو بيٺا هئا، گول ٺاهيو. ماڻهو چئي رهيا هئا ته هو ڀاڳن وارو هو جو ڪناري کي ويجهو اچي پهتو هو ته طوفان شروع ٿيو. جيڪڏهن ڪناري کان پري هجي ها..... پر ڪنهن ٻڌايو ته هو سڪرات ۾ آهي. ماڻهو هن تي افسوس ڪرڻ لڳا، ۽ همدردي ظاهر ڪيائون. هو هاڻي مڪمل طرح ٽٽي چڪو هو. ذهن ڦٽل گهڙيال وانگر هلي هلي بيهي ٿي ويو. هن زور ڪري اکيون کولي ڏسڻ چاهيو. آسمان جو رنگ ڪارو هو، يا آسمان پنهنجيءَ جاءِ تي هو ئي ڪونه؟ رڳي ڪاراڻ هئي، چوطرف. فيصلي ڪرڻ واري ڪا شيءِ نه رهي هئي هن جي اندر ۾. هن وري به ڏاڍي ڪوشش ڪري پنهنجي آسپاس ڏٺو. هن کي ڪاراڻ ڪجهه جهڪي نظر آئي. شايد ڪنهن روشني ڪئي هئي- هن سمجهيو. پر سندس چوطرف ڪهڙي عجيب مخلوق بيٺي هئي: هئا ته ماڻهو، پر صفا پتڪڙا پتڪڙا، جهڙا لليپٽ جا ڄامڙا. هن کي ڏاڍو عجب لڳو. رکي رکي اهي پتڪڙا ماڻهو به اکين کان غائب ٿي ٿي ويا. هن زوردار ڪوشش ڪري وري اکيون کوليون. پري پري تائين ڌنڌ هئو، جيڪو وري آسمان جي رنگ سان گڏجي ڪارو ٿي ويو ھو. اهو گھرو ڪارو ڌنڌ وڌندو آيو، ۽ نظر ايندڙ پتڪڙا پتڪڙا ماڻهو ان ۾ گم ٿيندا ويا. پوءِ اهو ڌنڌ تمام ويجهي اچي پهتو، ۽ هن جي کليل اکين ۾ گهڙي آيو.

سرنگ

ڪنهن ڪنهن وقت هن کي لڳندو هو ته روڊ کي کڻي آڻي سندن گهر ۾ اندر رکيو ويو آهي... ٽرڪون، بسون ۽ موٽرڪارون در مان ڌوڪينديون اندر پيون اينديون هيون. هڪڙي ڏينهن کٽ تي ليٽيو پيو هو ته کيس لڳو ته گوڙ مٿانئس چڙهندو پئي آيو. هن زور سان چيو، ’کڻي وڃو روڊ کي هتان! ڪهڙي مصيبت آهي هيءَ؟‘ ۽ رڙيون ڪندو ڪمري مان ٻاهر نڪري آيو. سڪل ڪاٺيءَجهڙي ڪمزور پوڙهي ماءُ ڏڪندي هن ڏانهن آئي ۽ لرزندڙ چپن ۾ مڻ مڻ ڪري مٿي آسمان ڏانهن اکيون کڻي ڏٺائين. هو ويتر باهه ٿي ويو. ’ائين چپن ۾ مڻ مڻ ڇو ٿي ڪرين؟ زور سان چئو ته خدا به ٻڌي! مون تو کي ڪيترا ڀيرا چيو آهي ته منهنجي لاءِ دعا نه گهرندي ڪر.... ‘ ماءُ ڊڄي سوڙهي ٿي پنهنجو پاڻ ۾ ويڙهجي اکيون هيٺ جهڪائي بيهي رهي، پر سندس ڄاڙي پوءِ به پئي ڏڪي. هن کي ماءُ تي رحم آيو ۽ پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ. موٽي اندر ڪمري ۾ هليو ويو، پر گهڻو ڪري هن کي رحم پنهنجو پاڻ تي ايندو هو، پنهنجي ذات تي، پنهنجي بگڙجندڙ ذهني حالت تي ۽ پنهنجي ارد گرد تي. اها ئي ڳالهه هن کي نه وڻندي هئي ته ٻيا مٿس رحم کائين ۽ هن کي به پنهنجو پاڻ تي رحم اچي!
ڪمري ۾ اوندهه گهري ٿي وئي. هن بلب ٻارڻ جو سوچيو: پر بٽڻ هيٺ ڪرڻ جي لاءِ سندس هٿ نه وڌي سگهيو. کٽ تي پئي پئي ٿڪي پيو هو ۽ هاڻي ڪمري ۾ هانءُ منجهڻ لڳو هوس. هو گهر مان ٻاهر نڪري ويو، روڊن تي رلڻ جي لاءِ. پيرن ۾ چمپل پاتل هو ۽ ڏاڙهي ٻن ڏينهن کان وڌيل هئي. فوٽ پاٿ تي هلندي هن کي پنهنجو اڳيون پٽيوالو منهن پئجي ويو. هو جڏهن نوڪريءَ ۾ هو ۽ ڪڏهن اتفاق سان بازار ۾ پٽيوالو منهن سامهون اچي ويندو هو ته کيس سلام ڪري، پاسو وٺي هليو ويندو هو. هن ڏٺو ته جيئن ئي پٽيوالي جي مٿس نظر پئي، هو پهرين ٿورو هٻڪي ويو، شايد گهٻرائجي ويو هو، کيس ان حالت ۾ ڏسي. هو هڪدم سلام ڪري سامهون بيهي رهيو ۽ هلڪو جهڪندي هٿ ڏنائين.
” ڇا حال آهي، عاب؟“ هن رسمي طور پٽيوالي کان پڇيو. پٽيوالي پشيمان پشيمان ٿي کيس ڏسي رهيو هو، ڄڻ هن جي نوڪري ختم ٿيڻ جو ڪارڻ پاڻ هو.
”سائين،سڀ خير آهي.... اوهان ته خوش آهيونه سائين!“
هن جي وڌيل ڏاڙهي ۽ لٿل منهن ڏسي شڪي ٿي ويو. ”اوهان جي طبيعت ٺيڪ آهي؟“
”ها ها،طبيعت ٺيڪ آهي.تون ٻڌائي، تون ڪيئن آهين؟ ڪم ڪار ڪيئن پيو هلي؟“ هن کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇو پٽيوالي سان ايتري ڊيگهه ڪرڻ بيهي رهيو هو.
”بس سائين،ڪم مڙيو ئي پيو هلي.... سائين، اوهان....“ پٽيوالي هٻڪيو ۽ رڪجي ويو ۽ سندس چهري تي همدرديءَ جا اهڃاڻ اڀري آيا.
’هي بيوقوف ڇا ٿو سمجهي ته نوڪري وڃڻ سبب آءٌ چرين جهڙو ٿي پيو آهيان‘ هو زوريءَ مرڪيو ۽ چيائين، ”سڀ ٺيڪ آهي، چڱو....“ هن پٽيوالي کي هٿ ڏنو ۽ وڌي ويو. هٿ ملائيندي هن ڏٺو ته پٽيوالي جي اکين ۾ سندس لاءِ رحم هو. هن کي سخت ڪاوڙ آئي. هن جي لاءِ ڪٿي به جاءِ نه هئي. ٻاهر ڪونه ڪو واقفڪار ملي ويو ٿي ۽ سڀني کيس پنهنجي منافقيءَ سان ڀريل همدردي ڏيکارڻ شروع ٿي ڪئي. گهر ۾ به ڪو سک نه هو. اتي به هانءُ منجهڻ ٿي لڳو ۽ گهر جا سڀ ڀاتي ڄڻ سندس اڳيان پنهنجو پاڻ کي ڏوهاري سمجهندا هئا.
آفيس ۾ آخري ڏينهن تي صاحب جڏهن ساڻس همدردي ڪئي هئي، تڏهن ائين ٿي لڳو ته اهو به پاڻ کي ڏوهاري سمجهي رهيو هو. هن کيس يقين ڏياريو ته ٽرمينيشن ۾ سندس ڪو به هٿ نه هو.نوڪريءَ جي ختم ٿيڻ جو سبب نوڪريءَ واريءَ درخواست تي لکيل سفارشي نوٽ هو.
”مان تنهنجي ڪم مان سيٽسفائي آهيان. مون کي خبر آهي ته تون بلڪل افيشنٽ آهين، پر حالتون تون پاڻ ڏسين ٿو. مٿان آرڊر آيو آهي ته جن ماڻهن کي سياسي بنياد تي ڀرتي ڪيو ويو آهي، تن کي ڪڍيو وڃي. مون کي تو سان همدردي آهي، پر مان ڪجهه به ڪري نٿو سگهان....“
هو بور ٿيڻ لڳو. کيس صاحب جي وضاحت اجائي لڳي. هن جلدي جند ڇڏائڻ لاءِ چيو، ”آءٌ سمجهان ٿو، سائين، اوهان مجبور آهيو. اوهان کي مون سان همدردي آهي، اها به وڏي مهرباني. چڱو سائين......؟“
هن سوچيو ته جهڙي سولائي ۽ بنا دير جي کيس نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو هو، تهڙي طرح نوڪري ملي ڪا نه هئي. ان اڌ سٽ واري نوٽ لکائڻ جي لاءِ ڪيترو رليو هو، در در ڀٽڪيو هو ۽ ڪيترن ماڻهن کي ايلاز منٿون ڪياسو هئائين. ۽ پوءِ نوڪري وئي ته ان اڌ سٽ جي نوٽ سبب!
هن جي نظر آفيس جي هڪڙي ڪلارڪ تي پئي جو مزي سان سگريٽ جا سوٽا ڀريندو پئي آيو. هو گهٻرائجي ويو ۽ گهت هڻي پاسي واري گهٽيءَ ۾ مڙي ويو. هن سوچيو ته چڱو جو ڪلارڪ جي مٿس نظر نه پئي، نه ته وري اهو ئي رينگٽ شروع ٿئي ها. هو ساڳئي ساڳئي ميسڻي انداز ۾ چيل ڳالهيون ٻڌي بيزار ٿي پيو هو. ڪڏهن من ۾ ايندو هوس ته چئي ڏي: ’نوڪري وئي آهي ته منهنجي وئي آهي، اوهان ڇو اچي منهنجي پويان پيا آهيو؟‘ ۽ هو ڊنو ٿي ته ڪڏهن سچ پچ ڦاٽ نه کائي. ٻرندڙ جبل وانگر ڦاٽي نه پئي.
گهٽي سوڙهي ۽ گندي هئي. لڳو لڳ وهندڙ نالي مان ڪٿي ڪٿي ڪنو پاڻي ۽ڪچرو اٿلي گهٽيءَ ۾ ڀرجي ويو هو. هو ان گهٽيءَ ۾ پهرين ڀيرو آيو هو. کيس خيال آيو ته پوئتي موٽي وڃڻ کان چڱو آهي ته سڌو هلندو رهي. اها گهٽي نيٺ ته ڪٿي کٽندي ۽ ڪنهن ٻئي روڊ ۾ وڃي پوندي.هونءَ روڊ تي هلڻ ٺيڪ نه هو.آفيس جا ماڻهو پئي ٽڪرايا ان روڊ تي.
هن جلدي گهر موٽي وڃڻ نٿي چاهيو. هن سوچيو ته هلي هلي جڏهن صفا ٿڪجي پوندو ته پوءِ گهرواپس موٽندو. ٿڪ سبب ننڊ جلدي اچي ويندي، جيڪا رات جو ڪا نه ايندي هئي. جاڳي مٿو ڳرو ٿي پوندو هو ۽ اکيون سور ڪرڻ لڳنديون هيون. جيڪڏهن ننڊ ايندي به هئي ته سخت بي آراميءَ واري- رڳو اٿل پٿل. رکي رکي ننڊ ڦٽي پوندي هئي. هن کي گهر جي ٻين ماڻهن ٻڌايو ته هو ننڊ ۾ رڙيون ڪندو آهي، جهڙوڪر ڪو سخت تڪليف ۾ هجي. سندس ماءُ انهن ڪنجهه ڪارن تي ڊڄي اٿي ايندي هئي، ته ڪٿي هن جي طبيعت خراب ته نه ٿي پئي آهي. هوءَ هيسيل هيسيل سڏ ڪندي هئي ۽ پوءِ جڏهن پڪ ٿيندي هيس ته هو ستل آهي. تڏهن موٽي ويندي هئي. گهٽيءَ ۾ اٿليل گندي پاڻيءَ تان ٽپندي هن ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته کيس اها عادت ڪڏهن پئي هئي! هن جي ذهن ۾ تمام گهڻيون يادگيريون گڏ وچڙ ٿي ويون ۽ ڪا به ڳالهه چٽي نه هئي. سڄي حياتي ڏک ئي ڏک هئا، محروميون ئي محروميون هيون. بکون، بيماريون ۽ ذلتون. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ٽن سالن تائين بيروزگاريءَ جو پيڙيندڙ عذاب. يادگيريون، جن ۾ رڳي پيڙا هئي، تن جو هڪ ڍير هو ۽ هو ان ڍير مان ڪا هڪڙي يادگيري چونڊي نٿي سگهيو. ننڊ ۾ رڙين ڪرڻ جي عادت کيس گهڻي وقت کان هئي. هن کي ڊپ هو ته جڏهن سندس شادي ٿي ويندي، ته ان عادت سبب نسرين جي ننڊ ڦٽي پوندي. هو ان پريشانيءَ ۾ هو ته اها عادت پاڻ کان ڪيئن ڇڏائي. نوڪريءَ وڃڻ سبب ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ان پريشانيءَ کان ته ڇوٽڪارو مليو هوس. هو من ئي من ۾ مرڪيو.
اوچتو هن جو هڪ پير ڪني پاڻيءَ ۾ وڃي پيو. چمپل گپ ۾ ڦاسي پيو ۽ ڇنڊا اڏامي ڪپڙن تي اچي پيا. هن زور لڳائي چمپل گپ مان ڪڍيو. ڌپ ناسن ۾ گهڙي آئي. گهٽي سوڙهي هئي ۽ ان ۾ پوري روشني به ڪانه هئي: هو ڇرڪي بيهي رهيو. ’آءٌ ڪٿي آهيان؟ وڃان ڪيڏانهن پيو؟‘ هن پاڻ کان پڇيو. هن کي سمجهه ۾ ڪجهه نه آيو. گهٽي سندس اڻڄاتل هئي. اڃا ڪيتري ڊگهي هئي ۽ ڪٿي وڃي کٽڻي هئي، تنهن جي ڪا خبر نه هئي. هو منجهي پيو ته ڇا ڪري. هن کي لڳو ته هو ڳچ پنڌ ڪري چڪو هو. ايتري گهڻي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ هاڻ پٺتي موٽڻ ممڪن نه هو. ’ٿي سگهي ٿو هاڻي گهٽي ختم ٿيڻ واري هجي،‘ هن سوچيو ۽ هلڻ لڳو.
’جيڪڏهن نسرين سان منهنجي شادي ٿي چڪي هجي ها، ته هن وقت ڇا حالت ٿئي ها؟.... هوءَ مون کي ڇڏي مائٽن وٽ هلي وڃي ها. ائين ئي ٿئي ها،‘ ان ڳالهه جي کيس پڪ هئي. هن کي حيرت لڳي ته نسرين ۽ هن جي پاڻ ۾ ڪهڙي قسم جي محبت هئي! جيتري قدر هن ٻڌو هو يا ڪتابن ۾ پڙهيو هو، سو ائين هو، ته محبت هر قسم جي لالچ ۽مفاد کان مٿاهين ڪا آسماني شيءِ هوندي آهي. شايد سندن محبت گهٽ درجي واري هئي. هن کي خيال آيو ته نسرين ۽ سندس محبت روايتي نه، پر وهنواري محبت هئي. ’ها، اصل ڳالهه اها ئي آهي.‘ هو خوش ٿيو ته حقيقت جي تهه کي وڃي پهتو هو. هن سڄي ڳالهه جو تجزيو ڪرڻ چاهيو. هن جي نسرين سان ان وقت کان محبت هئي جڏهن هو اڃا ڪلارڪ هو. هو هڪٻئي کي ڏسندا هئا، ته نظرون اٽڪي پونديون هيون ۽ پوءِ نسرين جي بت ۾ هلڪي ڏڪڻي پيدا ٿيندي هئي، نظرون جهڪائي ڇڏيندي هئي. هن ڪڏهن نسرين سان محبت جو اظهار نه ڪيو هو، پر کيس خبر هئي ته ٻنهي کي هڪٻئي سان پيار آهي. ان وقت سنس ماءُ سڱ گهرڻ وئي، ته نسرين جي مائٽن انڪار ڪري ڇڏيو. هنن هڪ ڪلارڪ کي ڌيءُ ڏيئي، سندس قسمت هميشه جي لاءِ ڦٽائڻ نٿي چاهي. هن کي پنهنجي محرومين جو شدت سان احساس ٿيو هو. هن اهو ڏٺو ته نسرين کي ان ڳالهه جو ڪو به ڏک نه ٿيو. هوءَ انهن ڇوڪرين مان هئي، جيڪي محبت سڃن سان ڪنديون آهن ۽ شادي شاهوڪارن سان. تنهن هوندي به هو نسرين سان محبت ڪندو رهيو. پوءِ جڏهن وڏي جاکوڙ کان پوءِ سفارش ڪرائي آفيسر ٿيو، ته نسرين جي مائٽن پاڻ سڱ ڏيڻ جي آڇ ڪئي. مڱڻو ٿي ويو. شاديءَ ۾ اڃا ٿورو وقت هو، ته نوڪري ختم ٿي وئي. نسرين جي مائٽن مڱڻو ٽوڙي ڇڏيو.هن کي اميد هئي ته نسرين جيڪڏهن مائٽن جي فيصلي جي مخالفت نه ڪري سگهندي، ته به ان کي ذهني طور نه قبوليندي. هن نسرين سان ملڻ ۽ ڳالهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هاڻي ملڻ مان فائدو ڪهڙو ۽ ڳالهائڻ جي لاءِ ته ڪجهه رهيو ئي ڪونهي، نسرين کيس جواب موڪليو هو. هو هلندي هلندي کليو. هن چاهيو ته هڪ وڏو ٽهڪ ڏئي من جي ڊپريشن کي هلڪو ڪري، پر هن کي ماڻهن جو خيال آيو، جيڪي کيس چريو سمجهن ها. اوچتو هن کي احساس ٿيو ته هو ڪيتري وقت کان گهٽيءَ ۾ هلندو رهيو هو، پر کيس ڪو هڪڙو ماڻهو به نه مليو هو. گهٽي اڃا ڪانه کٽي هئي ۽ وڌيڪ سوڙهي ٿي وئي هئي. هو بيهي رهيو. کيس ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي محسوس ٿيڻ لڳي. گهٽيءَ ۾ هوا بلڪل ڪانه هئي. هن مٿي آسمان ڏانهن ڏٺو، پر آسمان نظر نه آيو. گهٽيءَ جي ٻنهي طرف پٿر جون ڊگهيون ديوارون هيون ۽ آسمان غائب هو. اوچتو هن کي خيال آيو ۽ سندس وار ڪانڊارجي ويا. هو جتي بيٺو هو، اها گهٽي ڪانه هئي، پر هڪ ڊگهي اونداهي سرنگ هئي. هو ڊڄي ويو ۽ سرنگ مان جلدي نڪرڻ جي لاءِ ڍوڙڻ لڳو. اوندهه ۾ پٿر جي ديوارن سان ٽڪرائجي گپ ۾ ڪري ٿي پيو ۽ اٿي وري ڍوڙڻ ٿي لڳو. هن کي پڪ ٿي وئي ته اها سرنگ ڪٿي به کٽڻي ڪانه هئي، پر تڏهن به هو ڊوڙندو رهيو.....

گونگي ڌرتي، ٻوڙو آڪاس

ھو فلم جي پوئين شو تان موٽيو آھي. گهر جا سمورا ڀاتي سمھي چڪا آھن. ھو زال جي ننڊ ڦٽائڻ مناسب نه سمجھي، پاڻ ئي ماني ڪڍي ٿو. اھو ڏسي خوش ٿو ٿئي، ته اڄ دال جي بدران پڪوڙا آھن. سڪل مانيءَ کي زور سان چٻاڙيندي سوچيندي ٿو، ”سيما ڏاڍي سياڻي آھي. سوچيو ھوندائين ته مھيني ۾ ھڪ ڀيرو مس فلم ڏسڻ ٿو وڃي، موٽي اچي روز روز واري دال کائيندو ته فلم جي خوشي ڪافور ٿي وينديس. ھن کي دال کان سخت چڙ آھي، تڏھن به روز اھا ئي دال کائيندو آھي،. ھو ماني کائي، چپ-چاپ کٽ تي زال جي پاسي ۾ ليٽي ٿو پئي. چنڊ ڏانهن نهاريندي نهاريندي سوچي ٿو، ”رات ڪيڏي نه حسين آھي. ھر طرف ڄڻ کير جھڙي چانڊوڪي ھاريل آھي....“ کير واري ڳالھ تي ھن کي وري دال ياد اچي ٿي. دال کي وسارڻ جي لاءِ ھو فضا ۾ گم ٿي وڃڻ چاھي ٿو.
”ٿڌي ٿڌي ھير جي جھوٽن ۾ ڪو نشو رچيل آھي. ھر شئي سڪون جي چادر ۾ ويڙھي پيئي آھي. ايترو سڪون، ايتري خاموشي، مون اڳي ڪڏھن به محسوس نه ڪئي آھي – مون کي سڪون ئي ڪٿي نصيب ٿيو آھي جو ڪنهن چانڊوڪيءَ رات جو حسن ماڻي سگهان ۽ زندگيءَ جي سمورين تلخين کي وساري ڇڏيان. سڄي ڏينهن جي بيزاري ۽ ٿڪ، اڌ مئو ڪري، موت جھڙي ننڊ جي گھيرٽ ۾ اڇلايو ڇڏي. صبح جو اک کلڻ شرط، ڏينهن جو شور ڪنهن ڌماڪي جيان ڪنن ۾ ڌوڪي ايندو آھي ۽ مان آفيس ڏانهن وڃڻ ۾ دير ٿيڻ جي دپ کان تياريءَ ۾ لڳي ويندو آھيان. وري ڊزن کن ٻار ننڊ مان اٿي پنهنجين رڙين سان ڏينهن جي شور ۾ وس آھر اضافو ڪندا آھن ....“ ھن کي ٻارن جي روئڻ کان سخت چڙ آھي، کيس ٻارن جو روئڻ اصل ڪو نه وڻندو آھي. ”توبه، سيما اڃا ھڪڙي کي مس ماٺ ڪرائيندي ته وري ٻيو شروع ٿي ويندو، يا ڪٿي پاڻ ۾ وڙھيا پيا ھوندا ۽ رڙيون پيون پوندن! سيما ھنن کي ماٺ ڪرائي يا مون کي ڪجھ ڪري ڏئي..... پوءِ تڙ تڪڙ ۾ سڄا گرھ ڳڙڪائي، سيما کي ڇڙٻون ڏيندي، ٻن ٽن ٻارن تي ھٿ ٺاريندي، ٻاھر نڪري ماڻهن جي ميڙي ۾ گم ٿي ويندو آھيان. ڪيتريءَ به ڪوشش ڪندي، آفيس پھچڻ ۾ دير ٿي ويندي آھي، ۽ صاحب دڙڪن سان گڏ وارننگ ڏيندو آھي. ان وقت دل چاھيندي آھي ته استعيفا لکي، صاحب جي منهن تي ھڻي ھليون وڃان، پر جڏھن سيما ۽ ڊزن کن ٻار اکين اڳيان ڦري ويندا آھن، تڏھن ھوندي آھي ڪاغذن جي سر سر ۽ ٽائيپ جي کٽ کٽ ..... آفيس مان اٿڻ وقت پاڻ کي ورھين جو ٿڪل ۽ بيمار ڀانئيندو آھيان، تڏھن خودڪشي ڪرڻ جو خيال ايندو آھي، خودڪشي جي ڪنهن موزون طريقي تي سوچيندي سوچيندي گهر پھچي ويندو آھيان، ۽ گهر پھچڻ سان ٻارن جي رڙ واڪ کان ڊڄي سمورا خيال ڀڄي گم ٿي ويندا آھن. رات جو ماني دال ۾ پسائي، زوري ڳڙڪائيندي؛ سيما کان مھانگائيءَ جون شڪايتون، ٻارن جي ڦاٽي ويل ڪپڙن جون خبرون، ٻارن تان، ڪنهن پاڙي واريءَ سان جھيڙي جو احوال – وچ وچ ۾ ڪي مٺيون مٺيون ڳالھيون ٻڌندو رھندو آھيان، تان جو ننڊ اچي ورائيندي آھي. صبح جو وري ساڳي ڪار – اھو ئي چاڪيءَ جيڍڳي وارو چڪر!
”اسان نوڪري وارن جي لاءِ سنڊي جھڙو پاڪ ۽ ڀلارو ڏينهن ٻيو ڪونهي. فقط ان ڏينهن اسان کي محسوس ٿيندو آھي ته اسين به ٻين انسانن جھڙا انسان آھيون.... ھڙي رات ته سچ پچ ڀاڳن واري کي نصيب ٿيندي آھي. ڪڪڙن جي کڏيءَ جھڙي گهر ۾، گھڻن ڏينهن کان پوءِ، اھڙي خاموشي ۽ سڪون ڏٺو اٿم. ھونئن ھي به ڪو گهر آھي! سچ پچ ڪڪڙن جي کڏي آھي ! انسانن جي لائق ته ھرگز ناھي – پر اسين ڪٿان ٿياسين انسان ! اھڙن گهرن ۾ انسان ٿوروئي رھندا آھن. اونهاري ۾ ھوا جو ڪو به گذر به نه، سياري ۾ وري ڄڻ ته برف خانو! شايد اھو اسان تي خدا جو فضل آھي جو اسان جو گهر سياري ۾ ايئرڪنڊيشنڊ بنجي ويندو آھي! ويڪرو به اھڙو آھي جو ھڪ ٻئي مٿان سٿيا پيا ھوندا آھيون .... ھيڏانهن ڊزن کن ٻار ھڪ ٻئي سان سلھاڙيا پيا آھن. ھو ڪنڌ مٿي کڻي ٻارن کي ڏسي ٿو. ھينئر ڪيئن نه خاموش ستا پيا آھن، ڪيڏا نه پيارا پيا لڳن، پر رڳو جاڳن ..... اصل شيطان جا به ابا آھن، توبه! انهن جي لاءِ ئي ته اسان پنهنجي جواني ڳاري ڇڏي، رت سڪائي ڇڏيو.....“
اوچتو چانڊوڪي ڌنڌلي بنجي وڃي ٿي. ھو ڏسي ٿو ته چنڊ کي ھڪ وڏي ڪڪر ڍڪي ڇڏيو آھي. ھن کي ڪڪر تي ڏاڍي ڪاوڙ ٿي لڳي. جڏھن ڪڪر ھٽي ٿو وڃي، تڏھن ھو ٻارن وانگر خوش ٿي سوچي ٿو، ”چنڊ ۾ ڪيڏو نه حسن آھي ... چنڊ مان سونهن ڇاٽون ڪري ھيٺ ڇڻي رھي آھي.“ سندس زال ھن ڏانهن پاسو ٿي ورائي. ھو زال جو چھرو ڏسي سوچي ٿو، ”سيما ھينئر ڪيتري نه بدلجي ويئي آھي....“ سوچ ھن جي ذھن ۾ پراڻيون يادون کڻي ٿي اچي. کيس انهن يادن سان بيحد پيار آھي. جڏھن ھو سيما سان پنهنجي شاديءَ واري زماني جون ڳالھيون ڪندو آھي ته سيما اڄ به نئين ڪنوار وانگر شرمائڻ لڳندي آهي. ڪڏھن ته سيما به جنسي چانڊوڪي ھئي، پر الا! اڄ ھن جي چنڊ جھڙي صورت ڪاراٽجي ويئي آھي. ھاڻي منهنجو ته حسن مان ئي ويساھه نڪري ويو آھي. ھينئر سيما کي ڏسان ٿو، تڏھن ھر حسين شيءِ کان نفرت ٿي ويندي اٿم. شايد ان ڪري جو منهنجا جذبا مري چڪا آھن. مشين جھڙي زندگيءَ ۾ پيڙجي ويا آھن- پر نه، مان غلط آھيان: اڄوڪي حسين رات مون کي اھو سيکاريو آھي ته زندگيءَ ۾ دک درد سان گڏحسن به آھي. جيستائين انسان جو روح سلامت آھي، تيستائين انسان جا جذبا نٿا مري سگهن. ائين نه ھجي ھا ته جيڪر سھڻا شعر ۽ گيت، سھڻيون تصويرون ۽ مجسما وجود ۾ ئي ڪو نه اچن ھا. منهنجو روح به شاعراڻو روح آھي ! اھو منهنجو ڏوھ ھو، جو مون حالتن سان سمجھوتو ڪري ڇڏيو. پنهنجي چوڌاري ھڪ خاص فضا کڙي ڪري ڇڏيم. مون پنهنجن ھٿن سان ئي پنهنجن جذبن جو گلو گھٽي ڇڏيو آھي. پر ھڙين حسين گھڙين ۾ احساسن جي اڏام ۽ جذبن جي اڇل کي ڪيئن ٿو روڪي سگهجي! ڏينهن جي شور ۾ ته اھڙا احساس دٻجيو وڃن. جڏھن اھا حالت لاڳيتي قائم رھندي آھي ته پوءِ ھن انڌي، گونگي ۽ ٻوڙي ڌرتيءَ تي اسان جا احساس به گونگا بنجيو وڃن....“ ھن کي اوچتو ڳالھ ياد اچي وڃي ٿي ته گھڻي دير ٿي ويئي آھي، صبح جو دير سان اک کلندي ۽ آفيس پھچڻ ۾ دير ٿي ويندي. ان ئي ساعت کيس ياد ٿو اچي ته سڀاڻي سنڊي آھي، ۽ ھو پنهنجو پاڻ تي کلي ٿو.
چنڊ ڏانهن نهاريندي ھو وري سوچ جي لھرن تي لھي ٿو وڃي. ڏاڍا ڏک آھن ھن ڌرتيءَ تي. منهنجو وس لڳي ته جيڪر ھتان اڏامي چنڊ جي حسين دنيا ۾ ھليو وڃان. ڌرتيءَ کان چنڊ جي دنيا سؤ درجا بهتر ھوندي. پر سائنس ته ان خيال کي غلط ثابت ڪيو آھي. مونکي سائنس کان به نفرت آھي. مون کان چنڊ جو حسين تصور ڪير به کسي نٿو سگهي. پر جيڪڏھن چنڊ ۾ دنيا آباد ناھي ته ڪن تارن ۾ ته ضرور ھوندي! تارا اڃا سائنس جي پھچ کان پري آھن. تارن جي دنيا، ھن ڌرتي کان ضرور مختلف ۽ حسين ھوندي. مان به جيڪر ڪنهن تاري ۾ ئي ھليو وڃان. پکيءَ وانگر اڏامي، ڌرتي جي ڏکن کان دور، ھن ڪال ڪوٺڙيءَ مان آزاد ٿي..... ھن گهر کان ته جيل وڌيڪ ويڪرا آھن. ڀتيون ڪھڙيون نه غليظ آھن. گهر جو ھر سامان غليظ آھي - ۽ ھر وقت، اٿئي ويٺي، اھو سڀ ڪجھ ڏسندي روح کي ڪيتري نه تڪليف ٿي پھچي. ڪڏھن ڪڏھن ته پنهنجو پاڻ کان ئي نفرت ٿي ويندي آھي، ۽ مان پاڻ کي ھڪ غليظ ڪينئون سمجھڻ لڳندو آھيان..... مان آھيان ته انسان، ٻين انسانن جھڙو! ڪي ماڻھو عيش ۽ راحت پيا ماڻين، مان انهن جھڙو ڪو نه آھيان ڇا! منهنجو جيڪر ھڪ سٺو گهر ھجي. گهر ۾ ھڪ سھڻو سينگاريل ڊرائنگ روم ھجي، جھڙو منهنجي صاحب جو آھي. پر جي ان جھڙو نه ھجي ته ان کان ڀلي گھٽ ھجي. ھا، ان ۾ سٺا پردا ٽنگيل ھجن، سٺا صوفا ۽ ميزون پيل ھجن. ميزون خاص سامانن سان سينگاريل ھجن. ماني کائڻ جو ڪمرو به جدا ھجي.“ اھو سوچي ھن جون اکيون چمڪڻ لڳن ٿيون. ”ميز تي طرحين طرحين جا لذيذ طعام رکيل ھجن، اچين پليٽن ۾ ...... ھڪڙو ڪڪڙ ته روز ھجي، ۽ ڪجھ مٺاڻ ۽ ميوو پڻ .....
”گهر جي اڳيان ھڪ ننڍو پارڪ ھجي، جنهن تي منهنجا ٻار سٺا ڪپڙا پائي کيڏندا ھجن. ھا، ھڪ ڪار به ھجي. شيورليٽ ته تمام مھانگي آھي، ڀلا اوپل ڪار ئي ھجي ..... يا کڻي واڪس ويگن ھجي ...... نه ته ڪو ٽانگو ئي ھجي .... نه نه، ڪار ھجي ..... شام جو مان، سيما ۽ ٻار تمام اچا ڪپڙا پائي، ڪار ۾ چڙھي گھمڻ وڃون. وڏن ماڻھن سان ملون، انهن سان گڏ وڏين دعوتن ۾ شرڪت ڪريون. پر سيما اھڙيءَ حالت ۾ ٿوروئي ھلندي. ڏاڍي ڪمزور ٿي ويئي آھي. سيما جو ڪنهن وڏي ڊاڪٽر کان علاج ڪرايان، طاقت جون سيون ھڻايان، ۽ قيمتي دوائون ۽ سڻڀا کاڌا کارايان. ٻارن جي خفي کان جند ڇڏائڻ جي لاءِ ٻارن ڪاڻ ھڪ خاص نوڪرياڻي رکي ڏيانس. گهر جي ڪم ڪار ۽ رڌ پچاءَ جي لاءِ ھڪڙي ٻي نوڪرياڻي ھجي. مان آفيس مان اچان ته سيما رڳو مون وٽ ويٺي ھجي .... ھو مرڪي، ستل سيما ڏانهن نهاري ٿو، ۽ سندس منهن تان ھٿ ڦيري ٿو. ھو تيستائين ھٿ نٿو کڻي، جيستائين ھوءَ جاڳي ھٿ ھٽائي ننڊاکڙي آواز ۾ چوي ٿي:
”اڃا پيا جاڳو! ڪيڏي رات ٿي آھي. ھاڻي ته سمھي رھو.....“
ھوءَ ٻانهن مٿس رکي وري سمھي پئي ٿي. ھو سوچي ٿو، ”سچ پچ رات گھڻي گذري چڪي آھي. انهن خيالي پلائن پچائڻ جي ڪري ته ننڊ سڄي رات ڪا نه ايندي، نڪو وري اسان جو اھڙو نصيب آھي....“ ھو ٿڌو شوڪارو ڀري، سيما جي ڇاتيءَ ۾ منهن لڪائي سمھڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
ھڪڙو پکي، تمام گھڻي تيزيءَ سان ھڪ چمڪندڙ تاري ڏانهن اڏامندو پيو وڃي. ترت ئي ھو تاري ۾ اندر پھچي ٿو وڃي. تاري جي دنيا ڏسي ھن جون اکيون ڦاٽي ويون آھن: ”اھڙي حسين دنيا! ھڙي حسين دنيا جو ته ڪو ذهن ۾ خيال به نٿو آڻي سگهي. چوڌاري روشني ئي روشني – ٿڌيءَ ٿڌيءَ، چانڊوڪيءَ کان به زياده وڻندڙ ..... سنئين زمين تي ساوڪ جي چادر وڇايل آھي. ھر طرف رنگا رنگ گل ۽ ٻوٽا آھن. ڪٿي به مٽي ۽ ڌوڙ جو نشان ڪونهي. چوڌاري حسن آھي، خوبصورتي آھي. ڪيڏي نه حسين آھي چنڊ جي دنيا! ھو خوشيءَ وچان ساوڪ ڀري زمين تي ليٿڙيون پائڻ ٿو لڳي. ھيڏانهن ھوڏانهن ڍوڙي ٿو. اتساھ وچان ھن جي رڳ رڳ ڦونڊجي ويئي آھي. پريان ڪو اچي پيو. ڪجھ عجيب شڪل جو آھي، پر لڳي ته ماڻھن جھڙو ٿو، ۽ شايد ماڻھن کان زياده حسين آھي. اوچتو ھو اڏامڻ ٿو لڳي. تڏھن ھتي جي ماڻھن کي پر به آھن! ڪھڙو نه سٺو.... ھن کي پکين جون مٺيون لاتيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. ”شايد پرڀات ٿيڻ واري آھي. مان ٿڪجي پيو آھيان. ڪو گهر نظر اچي ته اتي ويھي ٿورو آرام ڪريان ۽ ڏسان ته ھتي جون جايون ڪھڙي قسم جون آھن.“ ھن کي جايون نظر ٿيون اچن. جايون تمام سھڻيون آھن. ڌرتي جا شاندار بنگلا به انهن جي اڳيان ڪجھ ناھن. ھو ھڪ جاءِ ۾ گھڙي ٿو وڃي. جاءِ اندر به تمام سھڻي نموني سينگاريل آھي. ماڻھو ھاڻي اٿيا آھن. ٻار به اٿيا آھن. اٿي چپ چاپ صفائي ۾ لڳي ويا آھن. ٻار ڪيڏا نه ماٺيڻا، سمجھدار ۽ پيارا آھن. اٿڻ سان نه رنا، نه گوڙ ڪيائون. گهر ۾ گوڙ ته اصل آھي ئي ڪو نه. شايد ھيءَ چنڊ جي دنيا ئي جنت آھي. ڪيڏو نه آرام ۽ سڪون آھي. ھتي جي ساري دنيا اھڙي ئي ھوندي! ھتي جا ماڻھو ڏکن ۽ سکن ۽ تڪليف اھنجن کان ته بنهه اڻڄاڻ ھوندا. مان سڄي ڄمار ھتي رھندس....! گهر جا ماڻھو ماني کائڻ جي ڪمري ۾ اچي گڏ ٿيا آھن. صفائي ته ڪھڙي آھي! ميز تي قسم قسم جا طعام رکيل آھن، جي ججھي سڻڀ وچان ڄڻ ته پيا چمڪن! ٻار ڪيئن چپ چاپ فضيلت سان ويٺا کائين.
”ٻار سٺا ڪپڙا پائي، پيءُ سان گڏ ٻاھر پيا وڃن. شايد اسڪول ۾ ويندا. پيءُ ھنن کي اسڪول ۾ ڇڏي پوءِ ڪم تي ويندو. ھن دنيا ۾ جيڪڏھن ڪم ڪار نه ھجي ھا ته ڏاڍو سٺو. پر ھتي جي ماڻھن کي ڏک سور به ته ڪونهي. کاڌو پيتو، ڪپڙا ۽ جايون سڀني کي ھڪجھڙيون ۽ تمام سٺيون آھن. ٺلھو بيڪار ته ماڻھو ويھي ڪو نه سگهندو. مان ھن جي پٺيان پيو وڃان. ھو ھڪ تمام وڏي جاءِ ۾ پيا وڃن. جاءِ جي چوڌاري ھڪ عاليشان باغ آھي. باغ ۾ ڪئين ٻار پيا کيڏن. رڳا ٻار ئي آھن. منجھن ڪو به غريب، ڪمزور ۽ بيمار ٻار نظر ڪو نه ٿو اچي. ھيءُ جاءِ شايد ٻارن جي وندر جي لاءِ آھي، ۽ ھتي ھرڪو ٻار اچي سگهي ٿو!“ ھو ان جاءِ مان ٻاھر نڪري ٿو اچي. ھلندي ھلندي بازار ۾ اچي ٿو نڪري. بازار ۾ وڏا وڏا دڪان آھن، جن ۾ قسمن قسمن جا سامان رکيل آھن. ھو ڏسي ٿو ھرڪو ماڻھو بنا ڊپ ڊاءَ ۽ ھٻڪ جي، جيڪا شئي وڻيس ٿي، کڻي ٿو وڃي – نڪا جھل نه پل. ھو خوش ٿو ٿئي ته ماڻھو ھڪ جھڙا آھن، ۽ ھتي ڪنهن به شئي جي قيمت ڪانهي جنهن کي وڻي، پنهنجيءَ مرضيءَ سان کڻي وڃي ! بازار ۾ ڪئين عورتون گھمي رھيون آھن. عورتون اھڙيون سھڻيون آھن، جھڙيون حورون. ھتي جون عورتون شايد بيمار ۽ ڪمزور ٿينديون ئي ڪو نه ھونديون.
پوءِ ھو ھڪ شاندار قسم جي عمارت جي اڳيان اچي بيھي ٿو – اندران سازن جا سريلا سريلا آواز اچي رھيا آھن. ھو ويجھو ٿي جھاتي پائي ٿو: ”ڪھڙو نه دل ڇڪيندڙ نظارو آھي ! ماڻھو خوشيءَ وچان ٽھڪ پيا ڏين. مان به اندر وڃي ساڻن گڏ ويھان – پر ٻين سڀني کي ڪپڙا تمام سٺا پيل آھن، منهنجا ڪپڙا ته بنه خراب آھن....“ ھو ڊڄي ٿو ته متان ماڻھو کيس لوڌي نه ڪڍن! ھو ڏسي ٿو ته ان عمارت ۾ ماڻھو بيپرواھيءَ سان پيا وڃن، ڄڻ ته سندن پنهنجو گهر آھي. اھو ڏسندي به ھو دل جھلي نٿو سگهي ۽ اڳتي روانو ٿي وڃي ٿو. سوچي ٿو، ”ھتي جي ماڻھن کي ته رڳا مزا ئي مزا آھن. نه ڪم ڪار، نه ڪو ڏک سور ....“ ھو اوچتو ڏسي ٿو ته پاڻ شھر کان ٻاھر اچي نڪتو آھي. ھو ھاڻي تمام ٿڪجي پيو آھي. چاھي ٿو ته ڪٿي آرام ڪريان. ھن کي پريان ڪي ننڍڙيون ننڍڙيون جايون نظر اچن ٿيون.
”شايد ھتي جي ماڻھن پنهنجن جانورن جي لاءِ اھڙيون جايون ٺھرايون ھونديون. ھتي جا ماڻھو پاڻ اھڙين سھڻين جاين ۾ رھن ٿا، ته سندن جانورن کي به ضرور گهر ھوندا – ڪيڏي نه سٺي آھي ھيءَ چنڊ جي دنيا! گهر اوچا ۽ سٺا ته ڪو نه آھن، پر غريبن جي گهرن جھڙا ته آھن. ھتي مٽي ۽ ڌوڙ پڻ آھي، ساوڪ ڪانهي پر جانورن کي ان ڳالھ جي ڪھڙي ضرورت! رھڻ لاءِ پنهنجا گهر ته اٿن،ھيڏانهن ھوڏانهن رلندا ۽ ڀٽڪندا ته ڪو نه ھوندا. ھن دنيا جي جانورن کي به ايڏي سمجھ آھي جو پنهنجا گهر ٺاھي ويٺا آھن!“ ھو ھڪ گهر جي ويجھو پھچي ويو آھي.
”ڏسان ته سھي، جانور ڪيئن ٿا گهرن ۾ رھن.....“ ھو ھڪ گهر جي ڀت تي ويھي، ھيٺ ڏسي ٿو. ھيٺ نهارڻ سان ھن کان ھڪ ڀوائتي رڙ نڪري وڃي ٿي، ”يا خدا! ھنن گهرن ۾ ته ماڻھو ٿا رھن. ڪھڙا نه ڪوجھا، ڪمزور ۽ بيمار ٿا لڳن ..... شايد ننڊ مان ھاڻي اٿيا آھن. ٻار به ڊزن کن آھن. اٿڻ شرط روڄ راڙو شروع ڪري ڏنو اٿن. ڪيڏو نه شور آھي ھن گهر ۾ - ٻار ھڪ ٻئي سان وڙھي رھيا آھن. ڪو مانيءَ جي لاءِ روئي رھيو آھي، ته ڪو ”امان امان“ جي رٽ لڳائي دانهون رڙيون ڪري رھيو آھي. ڪپڙا گندا ۽ پراڻا ڦاٽل پيل اٿن، صفائي ته رھي پري گهر ڪيڏو نه سوڙھو آھي .... ھن ۾ ماڻھو ڪيئن ٿا رھن! ڀتيون ڪھڙيون نه ڪنيون ۽ غليظ آھن – گهر جو سامان ڪنو آھي .... ۽ ھنن گهرن ۾ رھندڙ ماڻھو به ڪنا ۽ بدفضيلت آھن ..... ھوءَ بيمار ۽ ڪمزور عورت، ٻارن جي ماءُ آھي. اڙي ..... سيما! ھان ! ھي ته منهنجو گهر آھي .... گهر جي ڇت لڏي پيئي ! اِجھا ٿي ڪري ..... مان ڀڄي نٿو سگهان – اوه .... مان ھيٺ پيو ڪران ..... ڪران ٿو ..... الا ڪران ٿو .....“
ھو اوچتو ڇرڪ ڀري اٿي ويھي رھيو آھي. ھن کي محسوس ٿو ٿئي ته شايد پاڻ کٽ تان ھيٺ ڪري پيو آھي. پڪ ڪرڻ جي لاءِ ھو نوڙي ھيٺ نهاري ٿو. غور سان ڏسڻ کان پوءِ ھن کي لڳي ٿو ته رات نهايت ئي اونداھي ۽ ڪاري آھي. ھو سوچي ٿو: ”جھڙ ڪيڏي مھل ٿيو آھي، آسمان ڇو جھڙ پٺيان لڪي ويو آھي ..... ۽ ھو تارو.....“ ٻاھران ڪنهن ڪتي جي ھڪ ڊگھي ۽ اداس اوناڙ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. وري ھن کي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ مٿس ڪو ٽھڪ ڏيئي رھيو آھي. ھلڪو مينهن پوڻ شروع ٿي ويو آھي. ٻار جاڳي پيا آھن، ۽ روئڻ لڳا آھن. ھن جي زال به ڪنجھندي اٿي آھي. ھوءَ اوٻاسيون ڏيئي چوي ٿي:
”مينهن کي به رات جو وسڻو آهي. قدرت جا به انڌير آھن، جي ڏينهن جو وسي ته ڇا ٿي پئي ھا !.... ھڪڙو گهر سوڙھو، ٻيو وري گھٽ ۽ ٻوساٽ ...... رات جو مينهن مصيبت آھي ......!“
ھو جواب ۾ چئي ٿو، ”آسمان اسان تي ٽوڪون ٿو ڪري!“ سيما وائڙي ٿي ھن کي ڏسي ٿي. ھن ڳالھ سمجھي ڪانهي.
مينهن تيز ٿي وڃي ٿو. ھو جلدي ھنڌ اندر ڪن ٿا. ھڪڙي کٽ ريڙھي ورانڊي ۾ وجھن ٿا. ٻار اڃا به زور سان روئڻ ٿا لڳن. سيما ھڪڙي ٻار تي ڪاوڙ وچان ھٿ الاري ٿي. ٻار ڊڄي چپ ٿي وڃي ٿو. ھوءَ ٻارن کي چپ ڪرائي، سوڙھا سنگڙا ڪري سمھاري ٿي. مينهن جيئن پوءِ تيئن زور سان وسي رھيو آھي. زال ۽ مڙس، گوڏن ۾ ڪنڌ لڪايو، سوڙھا ٿيو ڪڪڙن وانگر ويٺا آھن. سيما ننڊ وچان اوجھڙاٽيون کائي رھي آھي – ھو اونداھيءَ ۾ نهاريندي سوچي ٿو: ”اڄوڪي رات وڏي مصيبت واري رات آھي، ڪڏھن گذرندي ! صبح ڪڏھن ٿيندو!“

آخري ڏينهن

جيئن ئي هو ننڊ مان جاڳيو ته راتوڪو ڊپ وري هن جي ذهن ۾ گهڙي آيو. رات جو به هو دير تائين ان بابت سوچيندو رهيو هو ته ايندڙ ڏينهن کي هو ڪهڙي ريت منهن ڏيندو. ڏهه سال اڳ به هن سان اهڙي ويڌن ٿي هئي. جڏهن ڳچ وقت بيروزگار رهڻ کان پوءِ مس مس کيس هڪ نوڪري ملي هئي، ته هو سڄي رات سمهي ڪونه سگهيو هو. نوڪريءَ ملڻ جي خوشيءَ سان گڏ هن کي ڊپ به هو. اها هن جي پهرين نوڪري هئي، ان ڪري هو ڊڄي رهيو هو ته آفيس وارن جو ساڻس الاجي ڪهڙو رويو رهندو. پر ان کي ڏهه سال گذري چڪا هئا ۽ هاڻي هو ان نوڪريءَ مان استعيفيٰ ڏئي ٻئي هنڌ وڃي رهيو هو. ’ڏهه سال!‘ هن سوچيو ته سندس زندگيءَ جو هڪ ڏهاڪو ان نوڪريءَ ۾ وڃائجي ويو هو ۽ وڌيڪ وقت وري ٻي نوڪريءَ ۾ ويندو. ماڻهوءَ جي سڄي عمر رڳو پيٽ گذر ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ ختم ٿيو وڃي. ’جيستائين پيٽ گذر جو تعلق آهي ته هيءَ نوڪري ئي ٺيڪ آهي. ٻيءَ ۾ وري ڪهڙي دولت گڏ ڪندس. هتي هري ويو آهيان، نئين هنڌ تي خبر ناهي ته دل لڳي نه لڳي....! اهو سوچي هن ٻي ڪنهن نوڪريءَ جي لاءِ ڪڏهن ڪوشش ڪانه ڪئي هئي. هتي هن کي سهوليت اها هئي ته هو پنهنجن گهر وارن سان گڏ رهيو پيو هو ۽ بدليءَ جو سوال ئي ڪونه ٿي پيدا ٿيو. ٻي ڪنهن نوڪريءَ ۾ ته شايد هن کي ٻاهر وڃڻو پئي ها ۽ اها ڳالهه هن توڙي سندس گهر وارن نٿي چاهي. پر ڪجهه وقت کان هن جي طبيعت ۾ بيزاري وڌي وئي هئي. ساڳي آفيس، ساڳيو گهر، گهر کان آفيس ۽ آفيس کان گهر وڃڻ جو ساڳيو رستو. حيدرآباد جون سوڙهيون، ورن وڪڙن وارن گنديون گهٽيون. جن تي هر وقت نالين جو ڪنو پاڻي اٿليو هوندو هو. اوچتو ڪراچيءَ مان هن کي هڪ نوڪريءَ جي آڇ ٿي هئي ۽ هن روٽن لائف مان جند ڇڏائڻ لاءِ اها آڇ قبول ڪئي هئي. هن کي هاڻي جيڪا نوڪري ملي هئي تنهن ۾ نه رڳو پگهار ڪجهه وڌيڪ هو، پر پروموشن جي به اميد هئي. جيتوڻيڪ پوسٽ ڪا خاص نه هئي، ان ڪري هن کي هروڀرو خوشي به ڪا نه هئي. هن سوچيو ته ٻيو نه ته هڪ قسم جي چينج ته آهي. جيڪڏهن اتي به بيزار ٿي پيو (۽ بيزار ٿيندو، اها هن کي پڪ هئي، هن جي طبيعت ئي اهڙي هئي) ته وري ڪٿي ٻئي هنڌ گهٽ ۾ گهٽ اهڙي نوڪري ته ملي ويندي. سڄي عمر هڪڙي هنڌ رهي هن کي ڪئرير ته ٺاهڻو ڪونه هو.
استعيفيٰ لکندي هن کي ڪجهه اهڙو محسوس ٿي رهيو هو جهڙو پنهنجي ڪنهن پراڻي شئي کي ڇڏڻ سان ٿئي. هن جنهن آفيس ۾ ڏهه سال گذاريا هئا، اتان هو هميشہ لاءِ وڃي رهيو هو. ايترو وقت ڪنهن جاءِ ۾ رهڻ سان لڳاءُ ته پيدا ٿي ئي ويندو آهي. هن اهڙا ماڻهو ڏٺا هئا، جن کي پنهنجي آفيسن سان بيحد پيار هو- گهر کان به وڌيڪ. ايتري حد تائين جو هنن کي گهرن کان وڌيڪ آفيسن ۾ سک ايندو هو. اهڙا ماڻهو جڏهن رٽائر ڪندا هئا يا استعيفيٰ ڏيندا هئا ته روئڻهارڪا ٿي پوندا هئا. هو اهڙن ماڻهن تي کلندو هو، پر هاڻي کيس ڊپ ٿي رهيو هو. هو پاڻ به هڪ جذباتي ماڻهو هو، ان ڪري متان آفيس مان آخري ڀيرو موڪلائڻ وقت هن جو من ڀرجي اچي، اکيون آليون ٿي پون ۽ ٿي سگهي ٿو ته لڙڪ لڙي اچن. موڪلاڻيءَ جي دعوت ۾ ڳالهائيندي سندس هانءُ ڦسي پوندو، گلي ۾ ڳوڙهو اٽڪي پوندو ۽ هن جي واتان هڪ اکر به نه اڪلندو. ايترن ماڻهن جي اڳيان روئڻهارڪو ٿي پوڻ واري ڳالهه هن کي نٿي وڻي. پر پاڻ کي روڪي سگهڻ به ته هن جي وس ۾ نه هو.
’مون آفيس ۾ ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن جو منهنجي پارٽي پيا ڪن! ڇڏي ڏين ته چپ چاپ هليو وڃان.‘ تڏهن هن کي خيال آيو ته جيڪڏهن آفيس وارا هن جي موڪلاڻيءَ جي دعوت نه ڪن ها ته هو ائين سوچي ها ته آفيس وارن کيس ڪا اهميت ئي ڪانه ڏني. هن کي ٿوري خوشي ٿي، پر وري ڊڄي ويو ته ان موقعي تي هو ڪا جهڙي تهڙي حرڪت نه ڪري ويهي.
هو نيٺ کٽ تان اٿيو. هن واچ ۾ ٽائيم ڏٺو ته دستور جي خلاف کيس ڪلاڪ دير ٿي وئي هئي. هن کي هاڻي اهو ڊپ ڪونه هو ته آفيس ۾ دير سان پهچندو، ان ڪري هو ڍرائيءَ سان تيار ٿيڻ لڳو. پر کيس لڳو ته ان ڍرائي جي پويان سندس اڄوڪي ڏينهن جو ڊپ هو. ان وقت هن کي ياد آيو ته آفيس جي طرفان هڪ فوٽوگرافر کي پڻ سڏايو ويو آهي. هن سوچيو ته ان موقعي تي کيس خاص تياري ڪرڻ کپي. پر ڍرائي سببان هو ڪا به خاص تياري نه ڪري سگهيو. ۽ اڳي جيان رواجي ڪپڙن ۾ ئي آفيس ڏانهن روانو ٿيو. هن پنهنجو پاڻ کي اها ڳالهه سمجهائڻ ٿي چاهي ته هو هميشہ جيان اڄ به آفيس وڃي رهيو هو. هن ڪوشش ڪئي ته آخري ڏينهن واري ڳالهه کي ڪجهه وقت لاءِ ذهن مان ڪڍي ڇڏي. پر اها ڪوشش اجائي هئي. موڪلاڻيءَ وارو ڀوت هن جي ذهن ۾ پوري طرح واسو ڪري چڪو هو.
هن کي پنهنجي جذباتي طبيعت تي ڪاوڙ اچڻ لڳي. هن سوچيو ته آفيس وڃي استعيفيٰ واپس وٺي ۽ پاڻ کي پنهنجي اهڙي طبيعت جي سزا ڏي. آخر هو سڄي عمر ته ان آفيس ۾ رهي نٿي سگهيو. ڪڏهن نه ڪڏهن ته کيس ان کي ڇڏڻو ئي هو. اڄ نه ته سڀاڻي. اهڙو جذباتي لڳاءُ به نه هجي جو ماڻهو اکيون پوري، سڀ ڪجهه تياڳي ويهي رهي. هو اڃان نوجوان هو ۽ کيس اهڙي هنڌ هئڻ کپي جتي اڳتي وڌڻ جي لاءِ ميدان هجي. اهو دليل ڏئي پاڻ کي سمجهائيندو رهيو، پر کيس لڳو ته هو جيترو پاڻيءَ کي ماٺي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ايترو هيٺ تهه ۾ طوفان اڀري رهيو هو.
هو سوچڻ لڳو ته دعوت ۾ جيڪڏهن تقريرون ڪيون ويون ته کيس جواب ۾ ڇا چوڻو پوندو. هو جوابي تقرير جي لاءِ لفظ ڳولڻ لڳو: ’مان اوهان جو بيحد ٿورائتو آهيان جو اوهان مون کي ان لائق سمجهيو. مون هن آفيس کي آفيس نه پر پنهنجو گهر سمجهيو هو.‘ آفيس جي لاءِ گهر جو لفظ هن کي نه وڻيو. ماڻهو ان ڳالهه کي محسوس ڪري سگهي ٿو، پر زبان سان چوڻ ٺيڪ نه هو، ان ڪري هن ان جملي کي رد ڪري ڇڏيو. ’اسان هن آفيس ۾ گڏجي ايمانداريءَ ۽ محنت سان ڪم ڪيو آهي. هن آفيس جي ڪم کي پنهنجو ذاتي ڪم سمجهيو آهي. سچ پڇو ته اوهان کان ۽ هن آفيس کان جدا ٿيندي مون کي ڪيترو ڏک محسوس ٿي رهيو آهي، سو لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان. آءٌ چاهي ڪٿي به هجان، پر اوهان کي ۽ هن آفيس کي وساري نه سگهندس....‘ هن کي لڳو ته اتي هو روئڻهارڪو ٿي پوندو. ٿي سگهي ٿو ته سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي اچن. پوءِ عورتن وانگر رومال سان اکيون صاف ڪندي هو ڪيڏو نه عجيب ۽ کل جهڙو ڀاسندو.
’پر ڏهه سال ڪو ٿورو عرصو ته ڪونهي! ايترو سارو وقت جن ماڻهن سان گڏ رهيو آهيان تن کان موڪلائڻ وقت جيڪڏهن من ڀرجي آيو ته ڪهڙي خراب ڳالهه آهي! ڏک ته ٿيندو ئي ۽ آفيس وارن کي به ڏک ٿيو هوندو. مون ايترو وقت ڪنهن سان ڪانه ڦٽائي آهي. سڀني سان سٺو هليو آهيان....‘ تڏهن هن کي خيال آيو ته تقرير ۾ کيس اهي لفظ به چوڻ کپن ’جيڪڏهن مون کان ڪڏهن به ڪا غلطي ٿي وئي هجي يا اڻڄاڻائي ۾ مون ڪنهن جي دل آزاري ڪئي هجي ته مون کي معاف ڪجو.‘ ذهن ۾ اهو جملو ورجائيندي منظور محسوس ڪيو ته سندس دل کي هڪ هلڪي جهٻي اچي وئي هئي.
هو جيئن ئي آفيس اندر داخل ٿيو ته سامهون عالم پٽيوالو گڏجي ويس.
”سائين، اڄ اسان کان جدايون ڪري پيا وڃو.“
”ماڻهو دنيا ۾ ئي سدائين نٿو رهي، هيءَ ته آفيس آهي،“ هن مرڪندي وراڻيو.
”سائين منهن جي خوشامد ڪانهي، اسان کي اوهان جي وڃڻ تي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي....“
هو اڳيان وڌي ويو. هن کي خبر هئي ته بيهڻ سان عالم ڇتي ڪوريءَ واري ڊيگهه ڪندو. هن کي خيال آيو ته آفيس جي سڀني ماڻهن کي چئي ڇڏي ته منهنجي اڳيان ڪو به منهنجي وڃڻ جو ذڪر نه ڪري. پر ٻين کي اها ڳالهه عجيب لڳي ها. هن کي پاڻ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي. ’آءٌ به عجيب آهيان. سوين هزارين ماڻهو پيا نوڪريون ڇڏين ۽ بدلائين. آخر مون سان ڪهڙي ويڌن آهي؟‘
هن کي ايندو ڏسي سندس پٽيوالو هن لاءِ آفيس جو در کولي بيهي رهيو.
”سائين اڄ آخري ڀيرو آفيس ۾ ويهو.“
هن چاهيو ته رڙ ڪري چوي، ’بند ڪريو هيءَ بڪواس. آءٌ نوڪري پيو ڇڏيان، مران ته ڪونه ٿو.‘ پر هو منهن تي ڏيکاءُ جي مرڪ آڻي اندر هليو ويو ۽ پنهنجي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو. کيس لڳو ته هو ڪجهه ڪجهه سهڪي رهيو هو. ’جيڪڏهن پٽيوالو اندر اچي ساڳي بڪواس ڪرڻ لڳو ته آءٌ ڪيئن پاڻ کي روڪي سگهندس. ۽ جيڪڏهن منهنجي وات مان ڪا اهڙي ڳالهه نڪري وئي ته سڀ ائين سمجهندا ته منهنجو هوش گم ٿي ويو آهي.‘
هن پنهنجي جسم کي ڪرسيءَ تي ڍرو ڇڏي ڏنو ۽ ٽنگون پکيڙي اهلي پيو. ’تڏهن اڄ منهنجو آفيس ۾ آخري ڏينهن آهي! آخري ڏينهن..... آخري ڏينهن..... ڇا ته بڪواس آهي....‘ هن ڏند ڪرٽيندي پنهنجو پاڻ کي دٻ ڪڍي. هن جو ارادو ٿيو ته ميز تي زور سان مڪ هڻي ڪڍي، پر ان وقت پٽيوالو اندر گهڙي آيو.
”سائين، وڏو صاحب اوهان کي سڏي ٿو.“
هو بنا ڪڇڻ جي اٿيو ۽ تڪڙو ٻاهر نڪري وڏي صاحب جي آفيس ۾ هليو ويو.
”ها ادا، هڪڙو منٽ،“ صاحب ميز تي پيل ڪاغذن تان ڪنڌ مٿي کڻي، سامهون ڪرسيءَ ڏانهن اشارو ڪندي هن کي چيو ۽ پوءِ وري ڪاغذ ڏسڻ لڳو. هن سان صاحب جو رويو هميشہ سٺو رهيو هو. الوداء پارٽي به صاحب جي خواهش موجب ٿي رهي هئي. هو ان گهڙيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳوته اجهو ٿو صاحب به ٻين وانگر سندس وڃڻ بابت ڳالهائي.
صاحب ڪاغذن تان ڪنڌ کڻي هن ڏانهن هاريو.
”ها ته ...“ ٽيليفون جي گهنٽيءَ هن کي اڌ ۾ روڪي ڇڏيو.
”هڪڙو منٽ،“ هن رسيور کڻندي چيو.
فون صاحب جي ڪنهن گهري دوست هو. ان ڪري فون تي ڪچهري ٿيڻ لڳي. هو ويٺي ويٺي بور ٿيڻ لڳو. هن سوچيو ته اٿي هليو وڃي. اڳي جڏهن به صاحب وٽ ڪا اهم فون ايندي هئي ته هو اٿي هليو ويندو هو. پر هن ڀيري اٿي وڃڻ هن کي خراب لڳو ٿي. ڳالهه ٻولهه جي ترت ختم ٿيڻ جا اهڃاڻ نظر نٿي آيا. هن جي بيزاري وڌندي وئي. ’اهڙو واهيات ڏينهن مون ڪڏهن ڪونه ڏٺو‘، هن سوچيو. ان وقت صاحب دوست کان موڪلائي رسيور هيٺ رکيو.
”طبيعت ته ٺيڪ اٿئي نه، ٿڪل ٿڪل پيو لڳين،“
صاحب هن کان پڇيو.
’منهنجي منهن ۾ ڌوڙ،‘ هن چوڻ چاهيو. ”نه نه، اهڙي ته ڪا ڳالهه ناهي،“ هن مرڪندي وراڻيو.
”هينئر مان هڪ ضروري ڪم سان ٻاهر پيو وڃان، شايد ٿوري دير لڳي وڃي. مان اچان ته پوءِ گڏجي ماني کائينداسين،“ صاحب اٿندي چيو ۽ ٻاهر هليو ويو.
هو پنهنجي آفيس ۾ موٽي آيو. هن ڪرسيءَ تي ويهي پنهنجي آفيس تي نظر وڌي. هن کي ڪجهه اوپرو اوپرو لڳو. ڄڻ هو ڪنهن پرائي آفيس ۾ ڪم سان اچي ويٺو هو ۽ اتان بيزار ٿي جلد ٻاهر نڪرڻ جي لاءِ آتو هو. هن جي من ۾ آيو ته اٿي، ڀڄي، گهر هليو وڃي.
”اڄ ته ويچارو مهمانن وانگر ويٺو آهي،“ هن جا ٻي ٽي ساٿي اندر گهڙي آيا هئا.
”بس سائين، خوشنصيب آهي جو جند ڇڏائي ويو، نه ته هتي بک ڀينگ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي.“
”ها يار، نوڪري لئي واري ملي اٿس. اسان کي خوشي ٿي آهي ته اسان جو هڪڙو دوست ته اسان مان سڌريو.“
هن ٻين سان گڏ کلڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن جي نڙيءَ مان ڪارو به آواز نه نڪتو، رڳو ٻٽي نظر اچي رهي هئي. هن سمجهيو ٿي ته سندس ساٿي ان ڪري خوش ڪونه ٿيا هئا جو کيس سٺي نوڪري ملي هئي، پر اصل ۾ هو سندس وڃڻ تي خوش ٿي رهيا هئا. ’ٿي سگهي ٿو ته اندر ۾ سڙي رهيا هجن. پر جيڪڏهن منهنجي جاءِ تي ٻيو ڪو وڃي ها ته پوءِ آءٌ هنن سان گڏجي ٻاهر کلان ها ۽ اندر سڙان ها.‘ هن کي پاڻ تي کل اچڻ لڳي. ۽ هن ڏٺو ته سندس ٽهڪن هيٺ ٻين جا ٽهڪ دٻجي ويا هئا. پر انهن ٽهڪن جٽاءُ نه ڪيو ۽ هن جي من تي پيل ڇپ ٿورو چري پري وري ڄمي وئي.
”صاحب اچي ويو آهي. چيو اٿس ته فوٽوگرافر پهچي ويو آهي. فوٽي هلي ڪڍايو،“ پٽيوالوي اندر اچي اطلاع ڏنو.
هو جيئن ئي قطار ۾ رکيل ڪرسين جي وچ تي ويٺو ته صاحب کيس گلن جو هار پاتو.
”مهرباني،“ هن چيو. هن کي عجب لڳو ته سندس آواز مئل هو. فوٽو نڪرڻ وقت به هن کي ڪجهه محسوس نه ٿيو. ڪجهه وقت کان پوءِ ماني کائيندي هن کي ائين لڳو ته هو ڪنهن عام دعوت ۾ ويٺو هو. هو سمجهي نه سگهيو ته سندس اندر ۾ اوچتو ايتري گهري خاموشي ڇو ڇائنجي وئي هئي!
”روايتي تقريرن ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. پنهنجا کڻي ڪٿي به وڃن، انهن کي پاڻ سان گڏ سمجهيو ويندو،“ ماني پوري ٿيڻ کان پوءِ صاحب چيو ۽ سڀ کلندا ٽيبل تان اٿيا.
هو صاحب سان گڏجي سندس آفيس ۾ ويو. ٿوري دير ويهڻ کان پوءِ هن چيو:”چڱو سائين، هاڻي مون کي اجازت ڏيو.“ صاحب اٿي بيهي هن کي ڀاڪر پاتو.
”جڏهن به ڪو ڪم ڪار هجي ته بنا حجاب جي اچجانءِ،“ صاحب چيو.
هو ڊنو ته هاڻي سندس دل ضرور ڀرجي ايندي.
”مهرباني،“هن چيو، پر سندس آواز رواجي هو. هو صاحب جي آفيس مان نڪري آيو. ورانڊي مان ڏٺائين ته سامهون پري کان روڊ تي بس اچي رهي هئي. هن پهرين سوچيو ته ٻين ساٿين کان موڪلائي، پر پوءِ وڌيڪ سوچڻ کان سواءِ هو ڍوڙندو روڊ تي آيو ۽ بس ۾ چڙهي ويو.

سفر

ڪار شهر مان نڪري هڪ سنگل پڪي روڊ تي هلڻ لڳي هئي. رياض کي ڪا خاص تڪڙ ڪانه هئي. هن ايترو جلدي پهچڻ نٿي چاهيو. ويٺي ويٺي هن کي خيال اچي ويو هو. هن ڪنهن کي ڪونه ٻڌايو هو. هن پاڻ سان ڪجهه کنيو به نه هو. نه وڌيڪ ڪپڙا، نه شيونگ جو سامان. منجهند جي ماني کائي ٿورو ليٽڻ کان پوءِ اوچتو اٿي ويٺو هو. مومي سمهڻ لڳي هئي. رياض جي اٿڻ تي هن ننڊاکڙي آواز ۾ پڇيو هو، ”ڇا ٿيو؟“
”مون کي ته وڃڻو آهي. ڳالهه ئي وسري وئي.“
”ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟“ مومي پڇيو.
”ميرپورخاص. هڪڙي ماڻهوءَ ۾ ضروري ڪم آهي.“ هن ڪوڙ ڳالهايو هو. هن کي لڳو ته بنا سوچڻ جي پاڻمرادو ڪوڙ ٺهي پيو هو. پر جيڪڏهن هو سچ ڳالهائي ها ته ڪهڙو فرق پئي ها. رڳو ايترو ته مومي کي ٻڌي حيرت لڳي ها ۽ وڌيڪ سوال پڇي ها.
”رات جو موٽي ايندين؟“
”نه، رات جي مسافري ٺيڪ ڪانهي. سڀاڻي جمعو آهي. ڏينهن جو ڪنهن وقت اچي ويندس.“ هن سوچيو ته شام تائين موٽي ايندو ۽ ٻڌائيندو ته کيس ڪي دوست ملي ويا هئا.
”ٺيڪ آهي،“ مومي لاتعلقي سان چئي پاسو ورايو. رياض بوٽ پائي ٻاهر نڪتو ۽ ڪمري جو ورائي ڇڏيائين.
سامهون هڪ بس اچي رهي هئي. رياض کي خبر هئي ته ڊرائيور بس کي روڊ تان ڪونه لاهيندو. هو ڪار کي ڪچي ۾ لاهي ويو ۽ ستت ئي بس جي لنگهڻ کان پوءِ پڪي تي آيو. هو ڏهن سالن کان پوءِ ڳوٺ وڃي رهيو هو. ڳوٺ وڃڻ ۾ ڊگهي وٿي پئجي وئي هئي. ان لاءِ ڪو خاص ڪارڻ کيس ڪونه سجهيو. ڪڏهن ضرورت ئي ڪانه پئي. ڪو ڪم نه هو. ڳوٺ ۾ هڪڙو پيءُ ۽ پرڻيل ڀيڻ هئي. ڪجهه زمين هئي جنهن سان هن جو ڪو واسطو نه هو. هن بدي جو سنڱ ٺڪرائي پيءُ کي ڪاوڙائي ڇڏيو هو. جيڪڏهن پيءُ جي مرضيءَ سان شادي ڪري ها ته ڳوٺ سان سندس تعلق ٽٽي ڪونه وڃي ها.
پاسي وارو شيشو لٿل هو، پوءِ به پوري هوا نٿي آئي. رياض هڪڙي هٿ سان اسٽيرنگ سنڀاليو ۽ ٿورو پريان جهڪي ٻئي در جو شيشو ڪجهه هيٺ لاٿو. هاڻي هوا کي لنگهه ملي ويو هو. ڏينهن تتل هو ۽ جون جي سخت گرمي هئي. رياض سوچيو ته برسات پوڻ کپي. رُت ٺري پوندي. هن جو گلو خشڪ ٿي ويو هو. گاڏيءَ جي ريڊيئٽر ۾ به پاڻي هو الائي نه. ٽيمپريچر جو ڪانٽو ٿورو مٿي چڙهي آيو هو. اڳيان جيڪو شهر ايندو، هن اتي ڪار روڪڻ جو سوچيو. اڃ ستائڻ لڳي هئي. هن هڪڙي غلطي ڪئي هئي جو پاڻ سان گڏ واٽر ڪولر نه کنيو هو. گهٽ ۾ گهٽ ٿرماس ته کڻي ها. بنا پروگرام جي نڪرڻ سان ائين ٿيندو آهي. پر هن کي اوچتو اهو خيال ڪيئن آيو....... اڳيان ڪجهه مينهون روڊ تان اڪري رهيون هيون، هن بريڪ کي آهستي دٻايو. ڪار ڍري ٿي بيهي رهي. پريان ٻنيءَ مان ڇوڪرو ڍوڙندو آيو. هن لٺ سان مينهن کي هڪليو. رياض ڪار کي فرسٽ گيئر ۾ آندو ۽ آخري مينهن جي لنگهي وڃڻ سان ڪار هلڻ لڳي. رستي جي هڪڙي پاسي ٻنيءَ ۾ ڪمند بيٺو هو. رستي جي ٻئي پاسي ڪنڊيءَ جا وڻ هئا. ان کان ٿورو پريان ريل جو پٽو هو. روڊ تي گهڻي ٽريفڪ ڪانه هئي. ڪيڏي ڪيڏي مهل ڪا بس يا ٽرڪ لنگهي ٿي وئي، تڏهن هو ڪچي تي لهي ٿي آيو.
هن کي پريان شهر جون جايون نظر اچڻ لڳيون. هن ڪار کي اتي روڪڻ جو سوچيو. هن اسپيڊ ٿوري وڌائي. روڊ سان لڳ ڪجهه هوٽلون هيون. هن ڪار هڪ هوٽل جي اڳيان بيهاري. اها هوٽل ٻين کان ڪجهه چڱي هئي. ٻيون هوٽلون ڪچين سرن جون ٺهيل هيون. هو اندر گهڙي ويو. هوٽل ۾ صفائي پوري ساري هئي. هو هڪڙي خالي ٽيبل تي وڃي ويٺو. بيرو پاڻيءَ جو جڳ ۽ گلاس کڻي آيو. رياض ڏٺو ته گلاس کي ٻاهران سڻڀ لڳل هو. ڪنهن ماني کائي پاڻي پيتو هو ۽ پوءِ گلاس کي صاف ڪونه ڪيو ويو هو. هن بيري کي ببل اپ آڻڻ لاءِ چيو. هن کي پنهنجي ٿرماس ۾ پاڻي کڻي اچڻ جو خيال آيو. هن وڏي غلطي ڪئي هئي. اهڙن گندن گلاسن ۾ پاڻي پيئڻ سان مرڳو دل ڪچي ٿيندي. اڃ ڪٿان لهندي. بيرو بوتل کڻي آيو هو ۽ سندس اڳيان کولي ٽيبل تي رکيائين. هن بوتل کڻي منهن کي هٿ سان مهٽي صاف ڪيو ۽ وات تي آڻي ڍڪ ڀريو. اهڙي خاص ٿڌي ڪانه هئي. پر گهٽ ۾ گهٽ ڊسٽلڊ واٽر ته هو. سامهون واري ٽيبل تي هڪڙو ماڻهو ماني کائي رهيو هو. هن هڏيون هيٺ فرش تي ڦٽيون پئي ڪيون. رياض آخري وڏو ڍڪ ڀريو ۽ پاڻيءَ جو جڳ کڻي ٻاهر گاڏيءَ وٽ آيو. ريڊيٽر جو ڍڪڻو اڃا گرم هو. رياض گاڏي صاف ڪرڻ وارو ڪپڙو کڻي آيو ۽ ڍڪڻي کي آهستي آهستي ڦيرائي کولي ورتائين. پاڻي ٿورو گهٽ هو. هن ڪار جو دروازو کولي اندر جهڪي گيئر کي نيوٽرل ۾ آندو ۽ ڪار کي اسٽارٽ ڪيو. پوءِ اڳيان اچي ريڊيئيٽر ۾ پاڻي وجهڻ لڳو. ڀرجي وڃڻ کان پوءِ هن ٻوچ ڏيئي بونيٽ کي بند ڪيو. ڪار کي بند ڪري جڳ کڻي اندر هوٽل ۾ ويو. جڳ ٽيبل تي رکي ڪائونٽر تي آيو. بيري رڙ ڪري پئسا ٻڌايا ۽ هو پئسا ڏيئي ڪار ڏانهن ويو.
ڪار روڊ تي چڙهي ته هن اهائي ساڳئي اسپيڊ رکي. شهر پوئتي رهجي ويو ۽ وري ٻنيون ۽ انهن ۾ بيٺل فصلن جو سلسلو شروع ٿي ويو. جيڪڏهن ڪٿي رستا روڪ هجي، ته هو ڇا ڪندو؟ اخبارن ۾ روز اهي خبرون پئي آيون ته فلاڻي هنڌ ڌاڙيلن وڻ ڪٽي روڊ بلاڪ ڪري ڦرلٽ ڪئي. هن سوچيو ته وٽس ڇا هو. واچ، هڪ هزار رپيا ڪئش ۽ هيءَ ڪار. هن کي رستي تي ڪانه ڪا سواري ملي وڃي ها، پر کيس سڀ کان وڏو نقصان ڪار ڦرجڻ سان ٿئي ها. ٿي سگهي ٿو ته ڌاڙيل کيس به پاڻ سان گڏ وٺي وڃن اغوا ڪري. پوءِ هن لاءِ پئسا ڪير ڏئي ها! هڪ لک رپين کان ته مٿي گهرن ها. ايترا پئسا ڪٿان ايندا. پڻس ايترا پئسا ڪونه ڏيندو. ايترا ته ڇا بنهه ڏيندوئي ڪونه. بئنڪ ۾ رکيل ڪئش ۽ مومي جي زيورن کي ملائي هڪ لک رپيا ٿي ويندا. پر هوءَ پنهنجا زيور ڏيندي! رياض پاڻمرادو مرڪيو. ڌاڙيلن کي پئسا ڪٿان ڪونه ملندا. هڪ سرڪاري ملازم کي اغوا ڪري پاڻ لاءِ ڏچو پيدا ڪندا. هو هڪ ڳوٺ وٽان اچي لنگهيو. ڳوٺ جا ڪتا ڀونڪندا ڪار سان گڏ ڍوڙيا. ٻيا جلدي ٿڪجي بيهي رهيا، باقي هڪڙو ڪتو چڱو پنڌ ڪار جي پويان ڍوڙندو آيو ۽ پوئتي رهجي وڃڻ کان پوءِ به ڀونڪندو رهيو. رياض کي خيال آيو ته اهو ڪتو ڪنهن ٽرڪ يا بس جي هيٺان اچي ضرور مرندو. ان ڪتي کي ٻين کان وڌيڪ ٽرڙپائي هئي. هاءِ وي تي ڪنهن گاڏيءَ جي هيٺان اچي مئل ڪتو ڏسي هن کي ڪتي جي موت واري چوڻي ياد ايندي هئي. موت ته مڙئي موت آهي، پوءِ ڪتي جو موت مرڻ ڇا ٿيو..... ماڻهو مرڻ به شان سان ٿو چاهي.
هن کي وري اڃ لڳي هئي. کيس پاڻ تي چڙ آئي. ٿرماس کڻڻ ضروري هو. ڪن بس اسٽاپن تي ڪچيون هوٽلون ٺهيل هيون. هن اتي رڪجي پاڻي پيئڻ لاءِ سوچيو. هن اسپيڊ وڌائي. منجهند لڙي چڪي هئي. وچين جي مهل اچي ٿي هئي، پوءِ به اڃا گرمي هئي. هن کي پري کان وسندي نظر آئي. بس اسٽاپ تي ڪجهه دوڪان ۽ ٻه ٽي هوٽلون هيون. هن هڪ هوٽل جي اڳيان ڪار بيهاري هارن وڄايو. هوٽل جي اڳيان کٽون پيل هيون جن تي ماڻهو ويٺا هئا.
ڇوڪرو ڍوڙندو هن ڏانهن آيو.
”پاڻي ته پيار، پر گلاس کي ڌوئجان،“ رياض ڇوڪري کي چيو.
”حاضر سائين،“ ڇوڪرو واپس ڍوڙندو ويو.
هوٽل جي پاسي ۾ هڪ هئنڊپمپ لڳل هو. رياض ڪار مان لهي هيٺ بيٺو. رياض چاهيو ته ان هئنڊپمپ جو تازو پاڻي پيئي. هن ڏٺو ته ڇوڪرو جڳ ۽ گلاس کڻي هئنڊپمپ ڏانهن ويو. رياض کي اها ڳالهه وڻي. ڇوڪري گلاس کي ڌوتو ۽ پوءِ جڳ ڀري رياض ڏانهن کڻي آيو. پاڻي ٿڌو ۽ لوهه جي ذائقي وارو هو. هو ٻه گلاس پي ويو. پوءِ هن رپيو ڪڍي ڇوڪري ڏانهن وڌايو.
”نه سائين،پاڻيءَ جا پئسا وٺبا آهن ڇا!پاڻي پيئارڻ ته ثواب جو ڪم آهي.“ ڇوڪرو گلاس ۽ جڳ کڻي واپس ويو. رياض رپئي جو نوٽ کيسي ۾ وڌو ۽ ڪار ۾ اچي چڙهيو. ڪار کي ٽاپ ۾ آڻيندي هن ڪجهه وڌيڪ اسپيڊ ۾ هلڻ جو سوچيو. هن سج لهڻ کان اڳ ڳوٺ پهچڻ ٿي چاهيو.
آهستي آهستي هوا ۾ گرمائش ۽ اُٻس گهٽجندي وئي. ٻنين ۾ بيٺل فصل وڌندڙ شام جي رنگ ۾ رڱجي گهرا ساوا پئي لڳا. رياض کي ڳوٺ ۾ شام جي ويل وڻندي هئي. آکيرن ڏانهن موٽندڙ وڻن جي چوڌاري لامارا ڏيندڙ پکي، وٿاڻن ڏانهن ورندڙ ڌوڙ اڏائيندڙ مال ۽ شفق جا رنگ. پوءِ آهستي آهستي گهٽجندڙ روشني ۽ چوطرف ڇائنجندڙ اونداهي. ڄڻ زمين ڪاري چادر اوڍيندي هجي. رياض جي ذهن تي ننڍپڻ جا سمورا چٽ چٽجي ويا. ڳوٺ ڇڏي به ڪي سال ٿيا. ڳوٺ وڃڻ ائين هو جيئن پرديس وڃڻ، ڪجهه وقت لاءِ- ۽ پوءِ وري به موٽي پنهنجي ملڪ وڃڻو هو. هاڻي ته شهر ئي هن جو ملڪ هو.
اوچتو هن کي ڪجهه ڄاتل سڃاتل لڳو. هاڻي ڳوٺ ويجهو هو، ڪجهه ميلن جي پنڌ تي. رياض ڏٺو ته سج جو گولو ڪمند جي لٺين تي اچي بيٺو هو. ڪجهه ئي دير ۾ اهو ڪمند جي گهاٽي فصل ۾ گم ٿي وڃڻ وارو هو. رياض کي ڪو خيال آيو ۽ هن رستي جي پاسي ۾ ڪار روڪي. دروازو کولي ٻاهر آيو. هن لاڳيتا ٻه ٽي اونها ساهه کنيا. فصلن جي سرهاڻ هن جي دماغ تي ڇانئجي وئي. سج جو ٿڌو گولو هيٺ ٿيندو ويو. رياض سوچيو ته هو اتي ئي بيٺو هجي جيستائين سج لهي ۽ پوءِ واپس موٽي شهر هليو وڃي. هو لهندڙ سج کي ڏسندو رهيو، تان جو سج ڪمند جي فصل ۾ لڪي ويو. رياض چاهيو ته اندر گهڙي سج کي ڳولي. هو ڪار ۾ چڙهيو. ٿورو ئي اڳتي ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستو نظر آيو. هن ڪار کي موڙي ڳوٺ ڏانهن ويندڙ ڪچي رستي تي آندو. ڪمند جي گهاٽي فصل جي وچان رستو هو. ڪار آهستي آهستي هلندي وئي. اڃا اوندهه ڪانه ٿي هئي. جيئن ئي رستو فصل مان ٻاهر نڪتو، اڳيان ڳوٺ هو. اهو ڳوٺ جتي هو ڄائو هو، هن جو ننڍپڻ گذريو هو.
هن ڪار اوطاق جي اڳيان اچي بيهاري. ٻاهر ٿلهي تي پيل هڪڙي کٽ تي سندس پيءُ ويٺو هو. ٻي کٽ خالي پئي هئي، جنهن تي رلي وڇايل هئي. اسڪول جي ٻن ٽن بينچن تي ڪجهه ماڻهو ويٺا هئا. رياض ڪار جو در کولي ٻاهر آيو. بينچن تي ويٺل ماڻهو اٿي بيٺا. اهي پڻس جا هاري هئا. رياض پيءُ ڏانهن وڌي آيو جيڪو وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي ويٺو هو. هو سڌو ٿي ويٺو ۽ رياض ٿورو جهڪي هن کي هٿ ڏنو.
”ڪيئن آهين؟“ پڻس پڇيو.
”ٺيڪ آهيان،“ هن وراڻيو.
”ويهه،“ پڻس پاسي ۾ پيل کٽ ڏانهن اشارو ڪيو. بيٺل ماڻهو واري سان هٿ ڏيندا ويا.
”بوٽ لاهي سولو ٿي ويهه،“ پڻس چيو. ”گهر ڏي سڀ خير آهي؟“
”ها، خير آهي،“ هن بوٽ لاهي پير مٿي ڪيا ۽ وهاڻي کي ٽيڪ ڏني.
پڻس هن کان سندس نوڪريءَ ۽ شهر بابت خبرچار ورتي. پوءِ هن رڙ ڪري ڇوڪري کي سڏيو ته گهر ۾ رياض جي اچڻ جو ٻڌائي ۽ چانهه ٺهرائي کڻي اچي. ڪجهه ٻيا ماڻهو به آيا جيڪي شايد ٻنيءَ تان موٽيا هئا. اهي رياض کي هٿ ڏئي بينچن تي وڃي ويٺا ۽ پڻس کي حال احوال ڏيڻ لڳا. پڻس هارين سان ٻنيءَ جي ڪم ڪار بابت ڳالهائڻ ۾ مشغول ٿي ويو. رياض کي انهن ڳالهين سان دلچسپي ڪانه هئي. هن پاڻ کي اتي اوپرو ڀانيو- ڄڻ شهر جو ڪو ماڻهو هو جيڪو ڪم سانگي هن ڳوٺ ۾ آيو هو. ڇوڪرو هڪڙي ڪٽلي ۽ ٻه خالي ڪوپ کڻي آيو. ڪوپ ڀري هڪڙو پڻس کي ۽ ٻيو کيس ڏنائين. ايترن ماڻهن ۾ رڳو پاڻ ۽ پڻس چانهه پي رهيا هئا. رياض کي اهو سٺو نه لڳو. نج کير جي گهاٽي مٺي چانهه هن کي ڪانه وڻي. پر هن کي ڪجهه بک محسوس ٿي رهي هئي، ان ڪري هو سڄو ڪوپ پي ويو. خالي ڪوپ ڇوڪري کي ڏئي وري اهلي پيو. ڪچهري متل هئي. رياض کي لڳو ته سندس دماغ ساڻو ساڻو ٿي رهيو هو. هتي ڇو آيوهو؟ هن کي خيال آيو. هن غور سان ماڻهن کي ڏٺو. اوندهه ۾ ڪنهن جي به شڪل چٽي نه هئي. سڀ شڪليون ڌنڌليون هيون. سامهون کٽ تي ويٺل ماڻهو به ڌنڌلو هو. رياض کي اهو سڀ عجيب لڳو. هو ڪنهن اڻڄاتل جاءِ تي ويٺو هو. هن جو اتي ڪم ڪهڙو هو! هن جي ذهن ۾ اوندهه گهڙي آئي هئي. ذهن ۾ توڙي ٻاهر سڀ منجهيل هو ۽ اوندهه ۾ ويڙهيل هو. ڪو ماڻهو هن جي اڳيان اچي بيٺو هو ۽ هن ڏانهن هٿ وڌايو هئائين. رياض وهاڻي تان اٿي هٿ ڏنو. اهو ماڻهو سندس ئي کٽ تي ويهي رهيو هو.
”ڪيڏي مهل پهتا؟“ ان ماڻهوءَ پڇيو.
”شام جو،“ هن وراڻيو. پر هو سمجهي نه سگهيو ته اهو ماڻهو ڇو سندس ويجهو اچي ويٺو هو. هن چاهيو ته کيس اڪيلو ڇڏيو وڃي.
”گهران ٿي آيا آهيو؟“ ان ماڻهوءَ وري پڇيو.
’گهر؟ هتي گهر ڪٿان آيو؟‘ رياض پاڻ کان پڇيو.
سامهون کٽ تي ويٺل ماڻهوءَ ٻئي ماڻهوءَ کي جواب ۾ ڪجهه چيو ۽ ٻي ڪا ڳالهه پڇي. هو ٻئي پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا. رياض پنهنجي جند آجي محسوس ڪئي. هن وهاڻي کي ٽيڪ ڏني. سامهون کٽ تي ويٺل ڪاوڙ مان ڏاڍيان ڳالهائي رهيو هو ۽ بينچن تي ويٺل ماڻهن مان ڪنهن هٿ ٻڌي رڍ وانگر ممڙاٽ پئي ڪيا. پري ڪٿي ڪٿا ڀونڪي رهيا هئا. رياض کي لڳو ته هو ڦاسي چڪو هو. ڀڄڻ جي ڪا واهه نه هئي. هن جي سموري سگهه ختم ٿي وئي هئي ۽ ذهن به ساڻو ساڻو هو. هن غلطي ڪئي هئي هتي اچي.
ساڻس گڏ کٽ تي ويٺل هن کي ڪجهه چيو. رياض سمجهيو ڪونه ۽ لنوائي ڇڏيو.
”شايد سمهي پيو آهي.ٿڪجي پيو هوندو،“ڪنهن چيو.
سندس نالو وٺي ڪنهن سڏيو. هن اکيون کولي ڏٺو. سڀ ماڻهو اٿي بيٺا هئا ۽ سامهون کٽ تي ويٺل شخص اٿي هن جي اڳيان اچي بيٺو هو.
”سمهي پيو آهين ڇا؟ اٿ، گهر هلون.“
رياض چپ چاپ اٿيو ۽ انهن ٻنهي ماڻهن سان گڏ هلڻ لڳو. ڀڄڻ جي ڪا واهه نه هئي. هو گهر ۾ گهڙيا. مايون رياض کي وڪوڙي ويون. هن کان سندس، گهر ۽ ٻارن جي خير عافيت پڇڻ لڳيون.
”چڱو چڱو، هاڻي وڌيڪ احوال سڀاڻي پڇجو. ادو ٿڪل آهي. جلدي ماني کڻي اچو ته کائي سمهي،“ ٻاهر هن سان گڏ جيڪو ماڻهو ويٺو هو تنهن ڏاڍيان چيو. رياض جي ذهن ۾ ڀرپور خواهش جاڳي ته هو ته هينئر ئي واپس شهر هليو وڃي. هن جي بک ختم ٿي چڪي هئي. ان هوندي به سندس اڳيان جيتري ماني آئي هن کائي پوري ڪئي.
”توهان ڀلي سمهو، سڀاڻي ڪچهري ڪنداسين.“
رياض کٽ تي ليٽي پيو ۽ صاف آسمان تي جهرمر ڪندڙ بي انتها تارن کي ڏسڻ لڳو. هن جا پنبڻ ڳرا ٿيندا ويا ۽ پوءِ اکين کي ڍڪي ڇڏيائون.
هن جي اک کلي ته مٿانئس هلڪي اس پئجي رهي هئي. سج چڙهي آيو هو. سندس آسپاس واريون کٽون خالي هيون. سڀ اٿي چڪا هئا. هن کي ياد اچي ويو ۽ کيس حيرت لڳي ته رات ڇا ٿيو هو. رات نشي جهڙي حالت ۾ هو. هن ڪا اهڙي شيءِ کاڌي ته ڪانه هئي. رڳو چانهه پيتي هئي، پر اها ته ٺيڪ هئي. هو کٽ تان اٿيو. سامهون سندس ڀيڻويو ڄار جو ڏندڻ ڪندو پئي آيو. هن کي ڏسي ڏندڻ وات مان ڪڍي ٿڪ اڇلائي، کلندو هن ڏانهن آيو.
”رات طبيعت ٺيڪ ڪانه هئي ڇا؟“
’هن جو خيال آهي ته آئون رات پيتل هوس،‘رياض سوچيو.
”نه، مڙئي ٿڪل هوس،“ رياض وراڻيو.
” تيار ٿي وٺو ته ناشتو ڪريون.“
رياض هٿ منهن ڌوئي ورانڊي ۾ رکيل ڪرسين تي اچي ويٺو. هن کي ڏسي ڀيڻس ڏانهنس وڌي آئي.
”ادا، تو اسان کي صفا وساري ڇڏيو آهي. ايترا ورهيه لنگهيو وڃن ته ڪڏهن سار به ڪونه لهين،“ ڀيڻس ڏوراپو ڏنو.
”نه، وساريو ڪونه اٿم. تون ته ياد ايندي آهين....“
”ڀاڄائي ۽ ٻار خوش آهن؟ انهن کي به وٺيو اچين ها.“
”ها، وٺي ايندس، پر تون به ته ڪڏهن اچي ٿي وڃ نه،“ رياض کلندي چيو.
”بس ادا، وٺي اچڻ وارا وٺي اچن نه.“
سندن پيءُ به اچي اتي ويٺو هو.
”ناشتو تيار هجي ته کڻائي اچ،“ هن ڌيءَ کي چيو. هن جي وڃڻ کان پوءِ هن آهستي پٽ کي چيو،“ هيئن اوچتو ڪيئن آئين، ڪو ضروري ڪم آهي؟“
”نه نه،ڪوڪم ڪونه هو.ائين ئي اوچتوخيال اچي ويو.“
”سٺو ڪيئي، سٺو ڪيئي. ٻارڙا ته خوش آهن؟ انهن کي ڪونه وٺي آئين؟“
”منجهند جو گرميءَ ۾ نڪتو هوس، ٻارن کي تڪليف ٿئي ها. ٻئي ڀيري وٺي ايندو سان،“ هن وراڻيو.کيس خبر هئي ته پڻس مومي جي لاءِ ڪجهه نه پڇندو. سندس ڀيڻيويو به اچي ويٺو ۽ هن جي پويان ناشتو به کڄي آيو. ماني کائيندي ٻنهي ڄڻن رياض کان سندس نوڪريءَ ۽ ترقي جي امڪان بابت پڇيو. رياص کي خيال آيو، ته ٻارن کي اسڪول وڃڻ ۾ تڪليف ٿي هوندي. مومي ڪاوڙجي ٻارن کي رڪشا ۾ وٺي وئي هوندي.... پر وري هن کي ياد آيو ته اڄ جمعو هو. رات ٻارن وي سي آر تي فلم ڏٺي هوندي. ٿي سگهي ٿو ٻه فلمون ڏٺيون هجن ۽ اڃا ستا پيا هجن.
چانهه پي خالي ڪوپ رکندي رياض چيو،”هاڻي آئون هلندس.“
”ڪيڏانهن؟“ پڻس حيرت مان پڇيو.
”شهر.“
”پر اڄ ته تو کي موڪل آهي. هينئر ئي وڃڻ جي ڪهڙي تڪڙ آهي؟“
”ڪن ماڻهن سان ضروري ڪم آهي. انهن سان ٽائيم رکي چڪو آهيان.“
”ٻني ته گهمو ها،“ سندس ڀيڻيويي چيو.
”ٻئي ڀيري موڪل وٺي ايندس، پوءِ ٻه ٽي ڏينهن رهي پوندس.“
”ادا، ڪهڙو روز روز ٿا اچو. هينئر به الائي ڪيئن قسمت سانگي آيا آهيو. اڄوڪو ڏينهن ته رهي پئو،“ ڀيڻس چيو.
”هاڻي جلدي ايندس. اوهين به ته اچو نه،“ هن ڀيڻيويي ڏانهن نهاريندي چيو.
”ڇڏيوس، مڃيندو ڪونه،“ پڻس کي سندس تڪڙ ڪانه وڻي هئي. ”ماڻهو اچي ته سانهه ستيءَ ۾ اچي، باقي اهڙي اچڻ مان ڪهڙو فائدو!“
ٻئي ڄڻا کيس ٻاهر ڪار تائين ڇڏڻ آيا. ڪار مٽيءَ ۾ لٽي پئي هئي.
”اڙي ڇورا، ڪار کي ته ڇنڊي وٺ،“ ڀيڻيويي هڪل ڪئي. ”مون کي چاٻي ڏيو ته پاڻي چيڪ ڪري وٺون.“
رياض کيس چاٻي ڏني.
”آئين به تڪڙو، وڃين به تڪڙو پيو. آهي ته خير؟“ پڻس بي اعتباريءَ مان پڇيو.
”نه نه، اهڙي ڪا خاص ڳالهه ڪانهي. بس، ائين ئي....“ رياض کلي پيو.
”عجيب ماڻهو آهين تون. ٻارن ٻچن وارو ٿيو آهين پر اڃا اهي عادتون ڪونه ويون....“ پڻس چڙ مان چيو. پوءِ ٻنهي مان ڪنهن به نه ڳالهايو.
ڪار صاف ٿي وئي هئي. رياض ٻنهي کان موڪلايو ۽ ڪار ۾ وڃي ويٺو. هن ڪار اسٽارٽ ڪري انجڻ کي ٿورو گرم ٿيڻ ڏنو. هو ٻئي اڃا بيٺا هئا. رياض ٻانهن ٻاهر ڪڍي هنن ڏانهن هٿ لوڏيو ۽ پوءِ ڪار کي موشن ۾ آندو. پڪي روڊ تي چڙهڻ کان پوءِ ڪار کي ٽاپ ۾ آڻي هن اسپيڊ وڌائي ڇڏي. هن جلدي شهر پهچڻ ٿي چاهيو. ٻنيون ۽ وڻ تيزيءَ سان ڀڄندا ويا ۽ هن جون نظرون سڌيون اڳيان رستي تي هيون.

مشعالون

”اوهان جي شهري زندگي ۽ ڳوٺن ۾ ڪيڏو وڏو فرق آهي!“ ايريڪا ٻنيءَ جي وچان ٺهيل سوڙهن ٻنن تي خبرداريءَ سان هلندي چيو.
”ها، ڪراچيءَ جهڙي شهر مان نڪري هتي اچي هڪدم ائين ٿو لڳي ته اسين هڪ صدي پوئتي هليا ويا آهيون،“ ڪارلوس هن کي سر وٺايو.
”مون توکي تڏهن چيو هو ته منهنجي ڳوٺ هلي توڙي سنڌ جي ڪنهن به ڳوٺ ۾ هلي تون بورٿيندينءَ...“مون ايريڪا کي چيو.
”اوهه، نه نه، اها ڳالهه ڪانهي. خاموش ۽ سانتيڪي ماحول کي به پنهنجو رومانس آهي. مان هتي اچي بور ڪا نه ٿي آهيان، مون کي افسوس آهي ته تو مون کي غلط سمجهيو. مون اصل ۾ سوشالاجيڪل نقطه نظر کان ڳالهه پئي ڪئي. عجيب ڳالهه آهي. ايڪيهين صدي شروع ٿيڻ واري آهي، پر اوهان وٽ ڳوٺن ۾ ڪا ترقي نه ٿي آهي، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ڪونهي. ڳوٺ اڃا به سوين سال اڳ واري اونداهي دؤر جهڙائي آهن.“ ايريڪا سنڀالي پير رکندي چيو.
”نه ايريڪا، ڪجهه تبديليون اچڻ شروع ٿي ويون آهن، ڳوٺن ۾ بجلي پهچي وئي آهي. ڪراچيءَ کان ايندي نئشنل هاءِ وي تي تو کي گهڻن هنڌن تي فيڪٽريون ۽ ملون نظر آيون هونديون. ڳوٺن کي ويجهو شگر ملون ٺهيون آهن ۽ انهن جي ڪري ڳوٺاڻي زندگيءَ تي اثر پوڻ لڳا آهن، آءٌ ننڍي هوندي کان ڳوٺ ڏسندو ٿو اچان. منهنجي خيال ۾ گهڻو ڪجهه فرق پيو.آهي. وڏي ڳالهه ته ڳوٺاڻن ۾ ذهني سجاڳي اچي وئي آهي. ائين ٿو لڳي ته سوين سالن کان ستل ماڻهو اوچتو جاڳي پيا آهن.“ آءٌ شايد گهڻو ڳالهائي ويو هوس، مون ڏٺو ته ڪارلوس کلي رهيو هو.
”اوهان ايشيا جا ماڻهو ذهني سجاڳي کي سياسي شعور سان ڳنڍي ٿا ڇڏيو،“ ڪارلوس چيو. ايريڪا مون ڏانهن ڏٺو ۽ کلي ڏنو.
لهندڙ سج جي ڪرڻن ڪڻڪ جي سونهري سنگن کي وڌيڪ سونو بنائي ڇڏيو. پکي ولر ڪري پنهنجن آکيرن ڏانهن موٽي رهيا هئا، شام جي هلڪي هوا سنگن تان ترندي پئي وئي.
”اڃان گهمندؤ يا واپس هلون،“ ايريڪا جا وار ڪڻڪ جي سنگن وانگر هوا ۾ لڏي رهيا هئا.
”ٿوري دير ۾ سج لهي ويندو، پوءِ اوندهه ٿي ويندي،“ مون چيو ۽ ڳوٺ وڃڻ واري گس تي هلڻ لڳاسين. اسين ڳوٺ کان ايترو پري ڪونه ويا هئاسين، ان ڪري جلدي واپس پهچي وياسين.
اوطاق جي آڳنڌ ۾ ڪرسيون رکيون هيون. مون نوڪر کي چانهه کڻي اچڻ لاءِ چيو. وڻ ۽ کيت اوندهه جي پاڇن ۾ گم ٿيڻ لڳا هئا. آءٌ گهڻن ڏينهن کان پوءِ ڳوٺ آيو هوس. ڪراچيءَ جو گوڙ جڏهن ذهن کي ٿڪائي وجهندو آهي ته ڳوٺ ڀڄي ايندو آهيان، پر هتي به جلدي بيزار ٿيو پوان. سواءِ سمهڻ جي ٻيو هتي ڪجهه به ڪرڻ لاءِ ناهي. اهو ايريڪا ۽ ڪارلوس کي ٻڌايو هئم پر هنن سنڌ جو ڪو ڳوٺ ڏسڻ ٿي چاهيو. ايريڪا ۽ ڪارلوس سان منهنجي پراڻي واقفيت هئي. اها ملاقات به مزيدار نموني ٿي هئي، آءٌ تڏهن بئنڪاڪ ويو هوس. هوٽل اڳيان ٽيڪسي ڊرائيور هڪ يورپين عورت ۽ مرد سان جهڳڙو ڪري رهيو هو. ٽيڪسي ڊرائيور وڌيڪ ڀاڙو وٺڻ ٿي چاهيو. آءٌ سنڌي نموني هروڀرو جهيڙي ۾ ٽپي پيو هوس ۽ مسافرن جو پاسو کنيو هئم. ٽيڪسي ڊرائيور ٻانهون کنجي ڪراٽي وارو پوز هڻي بيهي رهيو. مون به پهرين ٻانهون کنجيون ۽ پوءِ شلوار جا پائنچا ڇڪي گوڏن کان به مٿي ڪري ور ٺاهيم.
”اوڪي، ڪم آن،“ ٻانهون پکيڙي ٽيڪسي ڊرائيور کي چيم. ٽيڪسي ڊرائيور وات پٽي حيرت مان مون کي ڏسي رهيو هو. هن سمجهيو ته آءٌ ڪراٽي کان وڌيڪ خطرناڪ ويڙهه ڄاڻان. هو هيسجي ويو ۽ ٿائي زبان ۾ گاريون ڏيندو ٽيڪسي کڻي هليو ويو.
ڪارلوس ۽ ايريڪا اهو سڄو منظر وائڙا ٿي ڏسي رهيا هئا.ٽيڪسي ڊرائيور جي وڃڻ کان پوءِ ڪارلوس مون ڏانهن وڌي آيو ۽ هٿ وڌائيندي هن منهنجو ٿورو مڃيو. هن مون کي بار ۾ هلڻ جي آڇ ڪئي. آءٌ اڪيلو هوس ۽ مون کي ساٿ کپندو هو. بار ۾ ويهي اسان هڪ ٻئي جي سڃاڻپ ڪرائي. هو ٻئي آمريڪي هئا. ڪارلوس يونيورسٽي ۾ تخليقي ادب پڙهائيندو هو ۽ ايريڪا ڪل وقتي ليکڪا هئي. هن جا ڪجهه ناول ڇپجي چڪا هئا.
وسڪي اچڻ کانپوءِ اسان ٽنهي ڄڻن جام ٽڪرايا ۽ ڍڪ ڀريا.
”اهو ويڙهه جو ڪهڙو طريقو هو؟“ ڪارلوس حيران هو. ”ٽيڪسي ڊرائيور ڊڄي ڀڄي ويو!“
”اهو سنڌي طريقو هو،“ مون کلندي چيو. ”اصل ۾ اهو هڪ نقل هو. سنڌ ۾ اسان وٽ هڪ راند آهي ملهه. مون کي اها ايندي ته ڪانهي، پر ٽيڪسي ڊرائيور ڪراٽي جو پوز هڻي بيٺو، ته مون به ملهه جو پوز هنيو.“
”جيڪڏهن ٽيڪسي ڊرائيور ڪراٽو وڙهڻ شروع ڪري ڏئي ها ته پوءِ؟“ ايريڪا پڇيو.
”اسان وٽ چوڻي آهي ته ڏڏو ڏکر ڪجي، اڳلو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄجي، سو مون به سوچيو ته ٽيڪسي ڊرائيور سچ پچ ڪراٽو ڄاڻندو هوندو ۽ مون ڏانهن وڌندو ته آءٌ کڙيءَ تي زور ڏيندس.“
ايريڪا ۽ ڪارلوس ٽهڪ ڏيڻ لڳا ۽ اسان جي دوستي پڪي ٿي وئي. اسين هڪ ٻئي کي خط لکندا رهيا هئاسين ۽ ٻاهرين ملڪن جا پروگرام ڪجهه ائين ٺاهيندا هئاسين جو ٽئي ڄڻا اتي وڃي گڏ ٿيندا هئاسين. هينئر هو منهنجي دعوت تي سنڌ گهمڻ آيا هئا.
”هو ڪير آهن؟“ ايريڪا پڇيو.
مون ان طرف ڏٺو. اوطاق کان ڪجهه پري خالي ميدان تي جهوپڙيون ٺهيل هيون ۽ انهن جي اڳيان باهيون پئي دکيون.
”اهي خانه بدوش آهن، جن کي اوهان جپسي سڏيندا آهيو. هنن جو ڪو ٺڪاڻو ڪونهي. بس ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي، ايئن رلندا رهندا آهن.“
نوڪر چانهه کڻي آيو هو.
”تو وٽ وسڪي ڪانهي؟“ ڪارلوس پڇيو.
”اوهه! غلطي ٿي وئي. ڪراچيءَ مان بندوبست ڪيو کنيو اچون ها.“ مون کي افسوس ٿيڻ لڳو.
”اصل ۾ مون کي به ياد نه آيو. ههڙي خاموش ۽ رومانٽڪ ماحول ۾ وسڪي وڌيڪ مزو ڏئي ها. ۽ وقت سٺو گذري ها. اڃا اٺ ٿيا آهن، ته ائين پيو لڳي ڄڻ ڪافي رات گذري چڪي آهي.“ ڪارلوس چيو.
”ها، هتي ائين لڳندو آهي. وقت سست رفتاريءَ سان گذرندو آهي.“
”اوهان جي ملڪ ۾ شراب تي پابندي آهي، ته پوءِ ڪيئن ملندو آهي!“ ايريڪا پڇيو.
”اسان جي ملڪ ۾ جن ڳالهين تي پابندي هوندي آهي، انهن جي اهميت وڌي ويندي آهي.“
”يعني سڀڪجهه هلندو آهي،پرلڪ چوريءَ۾!“ ڪارلوس چيو.
”ها ۽ ائين ماڻهن کي منافقي سيکاري ويندي آهي. مطلب ته ماڻهو ظاهري طور هڪڙا هجن ۽ اندروني طور ٻيا....“
ڳالهين هلندي ماني آئي۽ هڪ ڀيرو وري چانهه جو دور هليو.
”ننڊ ته ڪانه ٿي اچي؟“ مون ايريڪا کان پڇيو.
”منهنجي خيال ۾ هاڻي سمهڻ کپي. مان صبح جو سويل سج اڀرڻ جو منظر ڏسڻ ٿي چاهيان....“ ايريڪا وراڻيو.
”ٺيڪ آهي. اوهان اندر ڪمري ۾ سمهو،“ مون اٿندي چيو.
مون پهرين سوچيو ته گهر وڃي سمهان. گهڻن ڏينهن کان پوءِ ڳوٺ آيو هوس ان ڪري گهر وارن سان ڪجهه وقت گذاريان. پر ايريڪا ۽ ڪارلوس کي ڇڏي وڃڻ ٺيڪ نه سمجهيم. ڳوٺن ۾ حالتون سخت خراب هيون، ڌاڙا ۽ ڦرون پنهنجي جاءِ تي، پر ڌاڙيل ماڻهن کي کڻي ٿي ويا ۽ پئسا وٺي ماڻهو موٽائڻ روزمره جو معمول بڻجي ويو هو. ان ڪري مون اوطاق ۾ ئي سمهڻ مناسب سمجهيو. نوڪر مون کي ورانڊي ۾ کٽ وڇائي ڏني.
”چوڪيدار کي چئينس ته خبرداريءَ سان پهرو ڏي. تون به اتي ئي ٻاهر سمهه. چوڪيدار واري بندوق ڇٽي ٿي يا نه؟“
”جي سائين، بندوق صحيح آهي.“
”ٺيڪ آهي. ڪارتوس وجهي تيار ڪري رکي،“ مون چيو ۽ پوءِ کٽ تي ليٽي پيس..
سوچيم، شايد سڄي ڏينهن جي ٿڪ سبب جلدي ننڊ اچي ويندي، پر ڳچ دير گذرڻ کان پوءِ به ننڊ نه پئي آئي. اندر ڪمري ۾ پيل پلنگ شايد پراڻو ٿي ويو هو، جو ان مان چيڪاٽ جا آواز اچي رهيا هئا. ڪارلوس ۽ ايريڪا جي ڀڻ ڀڻ جو آواز پئي آيو.
’چپ ڪري سمهي نٿا پون،‘ مون کي چڙ اچڻ لڳي. جيستائين اهي نه سمهندا، مون کي به ننڊ ڪانه ايندي، مون ڪوشش ڪري هنن تان ڌيان هٽائي سمهڻ چاهيو، شايد مون کي ڪاميابي ٿي رهي هئي. اڌ جاڳ اڌ ننڊ واري ڪيفيت هئي. اوچتو ٻاهر ڪنهن رڙ ڪئي.
”ڪهڙو آهين؟ بيهه اتي...“
لڳو ته ڪي ماڻهو ڍوڙي رهيا هئا. پوءِ بندوق جو ٺڪاءُ ٿيو. آءٌ تڪڙو تڪڙو اٿي ٻاهر آيس. نوڪر ۽ چوڪيدار ٻئي ڪونه هئا. پريان ٽارچ جي روشني نظر آئي، شايد اهي ٻئي ڄڻا هئا. ايريڪا ۽ ڪارلوس نائيٽ گائون ۾ ٻاهر نڪري آيا هئا.
” ڇا ٿيو؟“ ايريڪا گهٻرايل هئي. ”فائرنگ ڇو ٿي؟“
”خبر ناهي!“ مون چيو.
ٽارچ جي روشني تڪڙي تڪڙي اوطاق ڏانهن وڌندي آئي. چوڪيدار ۽ نوڪر ٻئي گڏ هئا.
”ڇا هو؟“ مون اتاول ٿي پڇيو.
”سائين، لڏي وارن جو ڇوڪرو مري پيو،“ نوڪر گهٻراهٽ ۾ چيو.
”هان!“ مون کان رڙ نڪري وئي. ”ڪيئن؟“
”مون کي خبر ڪا نه هئي ته ڪو ڇوڪرو آهي. اوطاق ۾ اندر گهڙيو پئي ته مون ڏسي ورتس، هڪل ڪيم ته ڀڄڻ لڳو. مون سندس پٺيان ڍوڙندي بندوق ڇوڙي ته......“ هوچپ ٿي ويو.
”لاش ڪٿي آهي؟“
”اسين لاش جي مٿان وڃي بيٺاسين، ته پريان ٻه- ٽي لڏي وارا ايندي ڏٺاسين. اسين اتان کسڪي آياسين،“ نوڪر چيو.
مون ايريڪا ۽ ڪارلوس کي سڄي ڳالهه ٻڌائي. ٻئي پريشان ٿي ويا.
”ويري سئڊ..... ويري سئڊ.....“ ايريڪا رکي رکي چوڻ لڳي.
اسين ٻاهر ٿلهي تي رکيل ڪرسين تي ويهي رهياسين. مون ڪارلوس کان سگريٽ ورتو. اسين ٽئي ڄڻا ڊپريشن وچان سگريٽ پيئڻ لڳاسين. منهنجو ڌيان لڏي وارن ڏانهن هو. سوچيم ته هاڻي ڇا ٿيندو. نوڪر ۽ چوڪيدار ڏانهن ڏٺم. اهي به ڊنا ڊنا چپ چاپ بيٺا هئا.
لڏي وارن جي جهوپڙين مان آواز اچڻ لڳا ۽ گهڻن ماڻهن جا آواز گڏجي گوڙ بنجي ويا. جهوپڙين جي اڳيان وساميل باهيون وري آهستي آهستي ٻرڻ لڳيون.
”خبر چار ته وٺ. لڏي وارن سان ڳالهائي ٻولهائي معاملو ٺاهجي، نه ته ڏاڍي خرابي ٿي پوندي،“ مون نوڪر کي چيو. هو ڊڄندو ڊڄندو جهوپڙين ڏانهن وڃڻ لڳو ۽ اوندهه ۾ گم ٿي ويو.
مون کي حيرت ان ڳالهه تي هئي ته جهوپڙين مان روئڻ جو ڪو آواز نه پئي آيو. رڳو گوڙ هو. مرد ۽ عورتون زور زور سان ڳالهائي رهيا هئا. نوڪر کي وئي ڪجهه دير ٿي ته گوڙ هڪدم وڌي ويو، جهيڙو ٿي پيو هو.
اوندهه ۾ ڪو ڍوڙندو اوطاق ڏانهن اچڻ لڳو. چوڪيدار ٽارچ ٻاري اوڏانهن روشني ڪئي. نوڪر سهڪندو پئي آيو.
”سائين، لڏي وارا مڇرجي پيا آهن. چون ٿا ته اسان جو ڇوڪرو وڏيري مارايو آهي. اسين کيس نه ڇڏينداسين. اوطاق کي به باهه ڏئي ساڙي ڇڏينداسين،“ هو سهڪندو پٽ تي ويهي رهيو. “آءٌ جيئن تيئن جان بچائي ڀڳو آهيان.“
تيستائين سموريون جهوپڙيون ڏياٽيون ڏياٽيون ٿي ويون هيون. شايد لڏي وارا مشعالون ٻاري اوطاق ڏانهن اچڻ وارا هئا.
”سائين، توهان هتان نڪري وڃو، تيستائين آءٌ بندوق جهلي اڳڀرو ٿي هنن کي روڪيان ٿو،“ چوڪيدار چيو.
”نه نه، چريو آهين ڇا؟ تنهنجي بندوق ڪيترن ماڻهن کي روڪي سگهندي. اوهين ٻئي هتان ڀڄي وڃو. اسين وڃون ٿا.“
”پوءِ اوطاق سائين؟“ نوڪر پڇيو.
”وڃي سڙي. هينئر پنهنجي ساهه بچائڻ جي ڳالهه ڪر،“ مون ڪاوڙ مان چيو.
ايريڪا ۽ ڪارلوس حيران پريشان ٿي اسان کي ڏسي رهيا هئا. مون تڪڙ ۾ هنن کي ڳالهه ٻڌائي.
”اوهين تيار ٿيو، آءٌ ڪار کڻي ٿو اچان.“ آءٌ چاٻي کڻي ڪار ڏانهن ڀڳس. ڪار اوطاق جي ٿلهي وٽ آندم ته ڪارلوس ۽ ايريڪا نائيٽ گائون ۾ ئي ڍوڙندا اچي ڪار ۾ چڙهيا.
مشعالون اوطاق ڏانهن وڌنديون پئي آيون. اوندهه هئڻ ڪري ڪار جون بتيون ٻارڻ به ضروري هيون. مون ايڪسيليٽر تي زور ڏنو ۽ ڪچي رستي جي به پرواهه نه ڪئي. مشعالون ڍوڙڻ لڳيون، پر تيستائين اسين ڳوٺ مان نڪري چڪا هئائسين. پڪي روڊ تي چڙهڻ کان پوءِ مون ڪار روڪي. اسين ڪار مان لهي ڳوٺ ڏانهن ڏسڻ لڳاسين. ڳوٺ طرف آسمان تي شفق جي ڳاڙهاڻ هئي، ڄڻ سج اڀرڻ وارو هو. پر اڃا ته آڌي رات ٿي هوندي، مون سوچيو. اوطاق کي باهه لڳي چڪي هئي. ايريڪا، ڪارلوس ۽ مون هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو. ڳالهايو ڪنهن به نه. ڳالهائڻ لاءِ لفظ ڪنهن وٽ به ڪو نه هئا.

وھندڙ پاڻي

شرنائيءَ جو تيز آواز. ڪنن مان ٿيندو ميڄالي ۾ سوسٽ ڪندڙ. ماڻھو چؤطرف . ماڻھن جو گوڙ شرنائيءَ جي آواز سان ملي وڌيڪ اوچو، وڌيڪ ڦھليل. ڪم ڪندڙن جون رڙيون ۽ واڪا.
”فلاڻا، اڙي ھيڏانهن.“
”او ..... وڏيري کي پاڻي ڏي.“
”اڙي انڌا، سائينءَ کي ٽوال ڏي.“
”ڀيڻان ڪو مرگھيل آھين. وک وڌاءِ.“
آواز، رڙيون، واڪا ھڪ ٻئي تي ڪرندا، ڪٽيندا، اڀرندا، دٻجندا، ڊوڙندا رھن ٿا.
کل، ٽھڪ – خوشيءَ جا اھڃاڻ. خوشي کن پل جي جيڪا ھينئر آھي، جيڪا پوءِ نه ھوندي. پوءِ ھوندي بيزاري، اوجاڳو، ٿڪ.
ھو ھلندو رھي ٿو وائڙن جيان. ويھڻ نٿو چاھي. ويھڻ سان بيچيني وڌي ٿي. ھرڪو پنهنجيءَ ۾ لڳو پيو آھي. ھن کي ڪو به پڇي ڪو نه ٿو.
”يار، منهنجي گهر ۾ پائي به ڪا نه ھئي. ھيڏانهن وڏيرن جي شاديءَ تي به ضرور اچڻو ھو. رن به چئي ته ٻارن جا ڪپڙا پراڻا ڦاٽل، آئون ائين ڪا وينديس وھانءِ ۾. پٽي سٽي کڻي پورت ڪيم. الله مالڪ آھي.“
”مون ته ٻيلي ڳئون وڃي ٿمي. ڀنگ جا پئسا اڃا مليا آھن. ھڙا موقعا ته ڪڏھن ڪڏھن ٿا اچن. ماڻھو وٽ پنهنجو پيسو پنجڙ ته ھجي.“
”بروبر، پر پاڻ ان ڪم کان پري آھيون. اسان کان ته اھي لنڊا کسا پڄن ڪو نه.“
”رسو ڪلھي تي کڻي اسين به ڪو نه پيا ھلون، پر ور چڙھي وڃي ته مڙڻ وارا ڪو نه آھيون.“
”چڱو، ٻيڙي ته پيار.“
”ھل مانڊڻيءَ تي توکي ڪئپٽن سگريٽ پياريان. ڇا ياد ڪندين؟“
ڇني جي ٻاھران ميدان تي پان ٻيڙيءَ جي ڪئبن. پاسي ۾ چلھ تي چانهه جي ديڳڙي. پٽ تي رکيل ڪوپ.
”وڏيرن جي شادي آھي ڪي ميڙو.“
”ميان نيٺ وڏيرا آھن، پاڻ غريب ڪو نه آھيون جو گوڏي ٻڌڻ جھڙو ڀت رڌيو گھور وٺيو ماڻھن کي روانو ڪريون.“
”شاديءَ ۾ ڦنڊرون گھڻيون آھن؟
”چار ڳئون آھن. اٺ ڏھ ڇيلا آھن.“
ڪن ڏانهن ويجھو منهن. سس پس.
”ڦنڊرون آھن سڀ چوريءَ جون.“
”نه نه! توکي ڪيئن خبر پئي؟“
”مون کي خبر آھي ته ڪھڙن ڪھڙن ھمراھن تي اھو بار رکيل ھو.“
ھو بوٽ مان مٽي ڇنڊي وري پائي اٿي ھليو آھي.
”ڀلان ڀلي لڳي پئي آھي. وڏيرا به مائٽ آھن. ھڪ ٻئي سان پرتا سو شادي ڪا نه ڪئي آھين، ميڙو لڳائي ڇڏيئون آھي.“
ھڪڙو ڪمي ڊوڙندو ھن وٽ اچي ٿو.
”سائين، مھمان آيا آھن شھر مان.“
مھمان! ڪھڙا؟ ڪير آيا ھوندا؟
ھلي ٿو.
”گھوٽ اھو آھي.“
”اھو آھي؟“
”ٻيو نه ته، نٿو سڃاڻين ڇا؟“
”ننڍي ھوندي ڏٺو ھوندم، اڃا ٻار ھئا ته شھر ھليا ويا.“
ھو اڳتي وڌي آيو آھي. ڄاڃين جون اکيون ھن ۾ آھن. ھو ماڻھن ڏانهن نهارڻ کان سواءِ ھلندو رھي ٿو. خاص مھمانن لاءِ ٺاھيل ڇني ۾ ھن جا دوست ويٺا آھن. شھر مان آيل.
ڀاڪر پائي ملي ٿو.
”ڳوٺ تائين پھچڻ ۾ ڪا تڪليف ڪا نه ٿي؟“
”نه، سڌا اچي لٿا آھيون.“
”اسين ته سفر ڪري آيا آھيون، پر تون ٿڪل پيو ڏسجين. ننڊ ڪا نه ڪئي اٿئي ڇا؟“
”ھاڻي سائين خوشيءَ وچان ننڊ ڪيئن ڪندو؟ ھمراه لاءِ وقت ڪاٽڻ ئي مشڪل ھوندو.“
”سموريون ڪثرون ڪڍندو.“
”پر پوءِ خبر پونديس. شادي ڪرڻ کان اڳ اسان کان صلاح وٺي ھا. آئون چوانس ھا ته ميان اھڙو ڪم ئي نه ڪر.“
ھو ان دوست ڏانهن ڏسي ٿو. ٻھ شاديون ڪيل ۽ اڃا به تاڙ ۾.
”خير شادي آھي ته ھڪڙو سماجي ٻنڌڻ. پر سيڪس پرابلم جو ھڪ سٺو حل آھي. ھونءَ اسين ماڻھو ڪٿي ٿا افورڊ ڪري سگهون!“
”ھا يار، آھي وڏو پرابلم. اسان کي خوشي آھي ته اسان جي ھن دوست جي سيڪشوئل فرسٽريشن ته گھٽ ۾ گھٽ ختم ٿي ويندي.“
ٽھڪ. سڀني جا گڏيل. اکين ۾ چمڪاٽ. اشارا. ھو به چاھي ٿو انجوائي ڪرڻ. وڏا ٽھڪ ڏيڻ. پر ھڪدم بوريت جو احساس. بيزاري ان سڀ کان. بي تعلقي. دوست ڳالھائڻ لڳن ٿا ھڪٻئي سان. سياسي بحث ڇڙي ويل. بحث ۾ زور پيدا ڪرڻ لاءِ وڌيڪ زور سان ڳالھائڻ! گانا چالو ٿي ويل. لائوڊ اسپيڪرن جا ڪن پردا ڦاڙيندڙ آواز. ڳالھائڻ جا تيز آواز. ھو ڀڄڻ چاھي ٿو انهن سمورن آوازن کي پٺيان ڇڏي. آوازن کي ڪنهن ھڙ ۾ ٻڌي، ھڙ کي پٺيان اڇلائي ڀڄي وڃڻ جي خواھش. گوڙ. ھل. ھڻ وٺ ڍوڙ ڊڪ. يٽ شٽ. سس پس. ھو انهن سڀني کان الڳ – جدا. اڻ واقف رستو ڀلجي آيل مسافر وانگر ويٺو آھي. جنهن جو ڪو واسطو نه ھجي ۽ جنهن سان ڪنهن جو واسطو نه ھجي – ھڪ وساريل ڌاريو ماڻھو.
ھو اٿي ٿو.
”ڪيڏانهن؟“
”گهران ٿي ٿو اچان.“
”ھا سائين، تون اسان وٽ ڪيئن ويھندين.“
”ھينئر کان ئي گهر جي ڇڪ!“
ٽھڪ ھروڀرو.
گهر – عورتن ۽ ٻارن جي پيھ.
آئون گهر ۾ ڇو آيو آھيان؟ بنا ڪنهن ڪم جي! مايون ڇا چونديون. پويان دوست ڇا چوندا؟ ۽ مون کي ھيءُ ٿيو ڇا آھي؟ منهنجو اندر ڄميل برف جي ڇپ ڇو بنجي ويو آھي؟ ھيءَ ڪھڙي ڪيفيت آھي؟ بيزاري .... بوريت ۽ بيحسي ...... بي تعلقي. پر آخر ڇو؟ شايد آئون ڊنل آھيان. مون اھو نٿي چاھيو جيڪو ھاڻ ٿي رھيو آھيان.
ھو ماين جي پيھ لتاڙي ڪمري ۾ اندر وڃڻ چاھي ٿو.
”ابا ھيڏانهن ته اچ.“
ماءُ جي سڏ تي منهن ورائي ٿو. ڪجھ ماين سان گڏ ويٺل. ”مصيبت“، اوڏانهن وڃي ٿو.
”ابا، ھي تنهنجون سوٽيون ماساتيون آھن. چون ٿيون اسان گھوٽ ڪو نه ڏٺو آھي.“
ماءُ نالا ٻڌائي ٿي ۽ ھو واري واري سان ھٿ ڏئي ٿو. ”ھون...... ته ھيءَ آھي اھا.فيچرس ڏاڍا موھيندڙ اٿس. ڇوڪريون ڦڪيون ڦڪيون. ھڪڙي ڳالھائي ٿي. منهن جي پڪي آھي.
”ادا، اسان کي شاديءَ کان وڌيڪ سڪ تنهنجي ڏسڻ جي آھي.“
”پوءِ ھينئر ڏسي ڇڏيو.“
کل.
”ابا مون کي نٿو سڃاڻين؟“ ھڪ اڌڙوٽ عمر واري عورت پڇي ٿي.
ھو لڄي ٿئي ٿو. جواب نٿو سجھيس.
”نه، مون کي ته ياد ڪانهي.“
”واه ابا واه، آئون تنهنجي مامي ڪانه آھيان، مون کي به نٿو سڃاڻين؟“
”گھڻا ڏينهن ٿي ويا آھن نه مامي“
کل. ھو لڄي ٿئي ٿو. ماءُ ھن جي جند ڇڏائي ٿي.
”ابا ڪم سان آئين؟“
ڪم سان! ڪم ..... ڪھڙو ڪم .....
”گرمي آھي. وڃان ٿو واھ تي وھنجڻ. ٽوال ۽ صابڻ کڻڻ آيو ھوس.“
ماءُ ھن کي ٽوال ۽ صابڻ کڻي ڏئي ٿي. نڪري وڃي ٿو تڪڙو تڪڙو. واھ گهر جي پويان آھي. سامھون ٻنين کان پري گھاٽن وڻن جي پويان لھندڙ سج. ٻنين جي ساوڪ ۽ شام جي نيراڻ گڏجي ويل، اڪيلائي. ماڻھو سڀ شاديءَ جي گوڙ ۾. گانن جو آواز ڪجھ ھلڪو ايستائين اچي پھچندڙ.
ڪپڙا لاھي، گوڏ ٻڌي واھ ۾ گھڙي پئي ٿو. محسوس ٿئي ٿي پاڻيءَ جي ٿڌاڻ. ھر وقت نئون پاڻي. اھو جملو ھن شايد ھرمن ھيس جي ناول ”سڌارٿا“ ۾ پڙھيو ھو، ”پاڻي جيڪو سانده وھندو رھي ٿو ۽ سدائين نئون ھوندو آھي.“
چاھي ٿو اکيون پوري پاڻ کي ڇڏي ڏي. ٿڌي پاڻيءَ ۾ وھندو وڃي.
”اھو ايترو گوڙ ھل ڇا جو آھي؟ ڇا پيو ٿئي؟” اکيون کولي ڪناري ويجھو اچي ٿو. سچي پچي پاڻيءَ ۾ وھندو پئي ويو.
منهنجو جسم آھي. منهنجو ذھن آھي. پوءِ به آئون ڪجھ نه آھيان. منهنجي ڪا مرضي ڪانهي. ارادو ناھي. چونڊ ناھي. ڪجھ به نه آھي. منهنجو ھئڻ نه ھئڻ آھي. ٻين جي مرضي آھي. ٻين جي چونڊ آھي. ٻين جو فيصلو آھي. ٿئي اھو ئي ٿو جيڪي آئون نٿو چاھيان.
وھندڙ پاڻيءَ ڏانهن ڏسندي ھن کي لڳي ٿو: محروميون اڻ کٽ پاڻيءَ وانگر وھنديون پيون اچن ھن ڏانهن، ھن جي ايندڙ نسل ڏانهن ۽ ھو ان پاڻيءَ کي روڪڻ جي اجائي جاکوڙ ڪري رھيو ھو.
ھو واھ مان نڪري ڪپڙا پائي ٿو.
ھل گوڙ آھستي آھستي ھن ڏانهن وڌندو اچي ٿو.

بکي سونھن

مردان کان اڳتي مالاڪنڊ ايجنسيءَ واري خطرناڪ سوڙھي پھاڙي رستي احمد علي جي نسن کي تاڻ ۾ آڻي ٿڪائي وڌو ھو. رستو ڇا ھو نانگ جو ليڪو ھو جيڪو ور وڪڙ کائيندو جبل جي اوچائي اورانگھيندو سوات جي واديءَ ڏي ٿي ويو. مالاڪنڊ ايجنسيءَ جا ھيبتناڪ اگھاڙا پھاڙ، جن تي ساوڪ جو نشان به ڪو نه ھو. ھيٺ سفيد ليڪ وانگر ڪا ندي وھندي پئي وئي. رستي تي ڪٿي ڪٿي ڪو ماڻھو نظر آيو ٿي. قبائلي ايريا جو پٺاڻ ڪلھي ۾ رائفل پاتل دشمنن ۽ دوستن جي اڻ کٽ گھيرن ۾ جيئندڙ ننگي پربت وانگر مٿي ڦريل. فطرت ماڻھوءَ کي پاڻ تي آڻيو ڇڏي. جھڙي مٽي تهڙا ماڻھو. مالاڪنڊ ۾ ھڪ اوچي پھاڙ تي برج ٺھيل ھو جيڪو انگريزن پٺاڻن تي نظر رکڻ جي لاءِ ٺھرايو ھو. انهن پھاڙن تي ماڻھن صدين کان وٺي پراين ۽ پنهنجن جو رت پئي وھايو آھي، جنهن شايد جبلن کي ڀورو، سڪل رت جو رنگ ڏيئي ڇڏيو آھي.
پوءِ اوچاين تان ھيٺ لھندي اوچتو احمد عليءَ کي ساوڪ ئي ساوڪ نظر آئي ته ھو ھڪدم سڌو ٿي ويٺو. اھا سوات جي وادي ھئي – سونهن ۽ ساوڪ جي وادي.
بيشمار برساتي جھرڻا ويڪري واديءَ مان پنهنجي واٽ پاڻ ٺاھيندي ھڪ نديءَ ۾ اچي ملي ٿي ويا. اھا ئي ندي ھن کي سفيد ليڪ وانگر نظر آئي ھئي. ڊرائيور ويگن کي ھڪ جھرڻي جي پاسي ۾ بيھاريو. ڪلينر ڇوڪرو دٻو کڻي پاڻي ڀرڻ لاءِ ھيٺ لٿو. احمد علي به ٻين ماڻھن سان گڏ ھيٺ لھي پيو. ھن ٻانهون مٿي ڪري آرس ڀڃندي ڊگھو ساه کنيو. ٿڌي ڀنل ھوا ڄڻ ھن جي ساڻي ٿيل ٿڪل جسم کي تازگي ڏئي ڇڏي. ھو برساتي جھرڻي وٽ اچي ويٺو ۽ ٻڪ ۾ پاڻي ڀري چپن تي آندائين. ٿڌي پاڻيءَ سندس اندر کي ٺاري وڌو. ھن پاڻيءَ جا چار پنج ٻڪ ڀري پيتا. پوءِ ھو سڌو ٿي بيٺو ۽ آلين مڇن کي اگھندي واديءَ تي نظر وڌائين. ميدان، ساوڪ، پاڻيءَ جا جھرڻا، کيس خيال آيو ته فطرت جي سونهن جا به ڪئين رنگ ۽ ڪئين روپ آھن. جبلن جي اوچاين تي، مريءَ ۽ ڪاغان جي پنهنجي سونهن ھئي ۽ سوات جي ماٿريءَ جي سونهن پنهنجي ھئي. ھر ھنڌ ھڪ الڳ ڏيک ھو، ھڪ ڌار نظارو ھو. سونهن جو، خوبصورتيءَ جو ھڪڙو ماڻ ڪونهي، ساڳيو قالب ڪونهي. ڪئين روپ آھن. ھو جڏھن ويگن ۾ اچي ويٺو ته کانئس سمورو ٿڪ وسري ويو.
احمد عليءَ کي احساس ٿيو ته ھن غلطي ڪئي ھئي اڪيلو اچي. ھن چاھيو ته ڪنهن سان ڳالھائي. سوات جي سونهن جي ساراه ڪري. پر سندس پاسي وارو ھمراھ سڄي واٽ جھوٽا کائيندو ننڊ ڪندو پئي آيو. ڪو سنگتي ساٿي ساڻس گڏ ھجي ھا ته ھو ان سان ڳالھائيندو ته رھي ھا. ھڙن سھڻن نظارن کي ڏسي وات بند ڪري ويھڻ سٺو نه ھو. پر ھن اڳواٽ ڪو پروگرام نه ٺاھيو ھو. ڏھاڙي جي مصروفيتن کان بيزار ٿي، اوچتو ئي اوچتو ڄڻ مصروفيتن جون زنجيرون ٽوڙي ڀڄي آيو ھو. ھن پنهنجين مصروفيتن ۽ مسئلن کي ذھن مان ڪڍي ڇڏڻ چاھيو – ان ڪري ته ھو اتي آيو ھو، جيئن زندگيءَ جي ھڻ وٺ مان ڪجھ ڏينهن لاءِ جان ڇڏائي.
ويگن مينگورا ۾ اچي سڀني مسافرن کي لاٿو. مينگورا سوات جو وڏي ۾ وڏو شھر آھي. منجھند ٿي چڪي ھئي.
احمد عليءَ ته شھر ۾ ٿورو چڪر ھڻي، ڪنهن ھوٽل ۾ ماني کائي، پوءِ ٻي ويگن ۾ چڙھي رات بحرين ۾ وڃي گذري. ڪنهن دوست کيس ٻڌايو ھو ته بحرين سوات جي تمام خوبصورت جاءِ آھي. ھن ھڪ ھوٽل ۾ ماني کاڌي ۽ پوءِ ڪائونٽر واري کي بئگ جي سنڀال ڪرڻ لاءِ چئي مينگورا جي بازار ۾ گھڙي پيو. مينگورا ھن کي ھڪ عام رواجي شھر لڳو، سواءِ ھڪ بازار جي جنهن ۾ سمگلنگ ٿي آيل غير ملڪي سامان جا دوڪان ھئا. ھن موٽي اچي بئگ کنئي ۽ بس اسٽئنڊ تي اچي بحرين ويندڙ ويگن ۾ چڙھي ويٺو.
آسمان تي جھڙ ڇانيل ھو ۽ ھوا ڀنل ھئي. جھڙاليءَ سبب واديءَ جو حسن وڌيڪ نکري موھيندڙ ٿي پيو ھو. رستو جبل جي ھنج ۾ ٺھيل ھو. رستي کان ھيٺ سوات ندي گجندي پئي وھي. ويگن جيئن اڳتي ھلي تيئن واديءَ جي خوبصورتيءَ ۾ ۽ جبل تي ساوڪ ۾ واڌارو ايندو ويو. رستي جي پاسن ۾ ناسپاتين جا وڻ ھئا جن ۾ ڪچيون ناسپاتيون ھيون. زمين جو ڪو به ٽڪرو اھڙو نه ھو جنهن تي جوئر جي پوک نه ھئي. جبل جي لاھين تي به جوئر پوکيل ھئي. گهر به جبل جي لاھين تي ٺھيل ھئا. فطرت پنهنجي سونهن مان ماڻھن کي به حصو ڏنو ھو. احمد عليءَ سوات جي سونهن جي ھاڪ ٻڌي ھئي ۽ اھا ھن کي ڪيڏي ڪيڏي مھل رستي تي نظر اچي ٿي وئي. ماڻھو ھيڻا ۽ ويچارا پئي لڳا. شايد ان ڪري جو سوات ۾ غربت گھڻي ھئي. مينهن شروع ٿي ويو ۽ ويگن آھستي ھلڻ لڳي – جھڙ، مينهن، جبل تي گهري گھاٽي ساوڪ، سوات نديءَ ۾ پاڻيءَ جو گوڙ. احمد علي چوطرف پکڙيل اڻ کٽ سونهن کي اکين ۾ پيئندو سرڪيون ڀريندو ويو ۽ ھن جي من ۾ مستي ڀرجي وئي، لونءَ لونءَ ڪانڊارجندي ويئي. پاڻ کي بيحد ھلڪو ڦلڪو ڄڻ ھوا ۾ برسات جي ڦڙين سان گڏ جبل تي اڏامندو محسوس ڪيائين. ويگن جي پوئين سيٽ تان ڪو ماڻھو انگريزيءَ ۾ جھونگارڻ لڳو. احمد علي پويان مڙي ڏٺو. ھڪڙو اڪيلو ھپي ويٺو ھو. جنهن جون اجھاميل اکيون ويگن جي دريءَ مان ٻاھر جبل جي اوچاين تي ڪنهن کي ڳولي رھيون ھيون. ھو اڪيلو ھو، شايد کانئس سندس ساٿي وڇڙي ويو ھو. سندس آواز ۾ ڏاڍو درد ھو – احمد علي ڌيان ڏئي ٻڌڻ لڳو.
This evening in rain,
My sad heart full of pain,
I listen once again,
For the echo of your step.
ھپيءَ جي آواز سڄي وايو منڊل کي اداس بنائي ڇڏيو. جبل مٿان گوڙ ڪري ڪرندڙ آبشار، برسات ۽ ھيٺ وھندڙ ندي ڄڻ سڀ ھن اجنبي ماڻھوءَ جي دک ۾ ڀائيوار ٿي ويا ھئا. احمد عليءَ به پنهنجي من ۾ ھڪ عجيب بيچيني محسوس ڪئي. ھن نه ڪڏھن محبت ڪئي ھئي ۽ نڪو ڪير کانئس وڇڙيو ھو. پر پوءِ به ھن کي پنهنجي اڪيلائي جو شدت سان احساس ٿيو. ھن کي لڳو ڄڻ ھپيءَ کيس پنهنجي پاڻ اڳيان پڌرو ڪري وڌو ھو. ھن جي سڄي زندگي ۽ خالي ۽ کوکلي ھئي. زندگيءَ ۾ نڪو پيار جو رنگ ڀريل ھو نڪو وڇوڙي جو. ھن کي پھريون ڀيرو خبر پئي ته احساس ۽ جذبا ڇا ھوندا آھن.
ويگن بحرين اچي پھتي ھئي. بادل ھاڻي بس ڪري چڪا ھئا ۽ سامھون جبل جي اوچاين تي ڊگھن سڌن وڻن ۾ اٽڪي بيھي رھيا ھئا. شام ٿيڻ واري ھئي. بحرين جي ننڍي بازار ۾ مڪاني ماڻھن کان وڌيڪ ٻاھريان ماڻھو، مرد ۽ عورتون، ھلندا ڦرندا نظر آيا. بحرين جي سيزن جوڀن تي ھئي. بازار جي پويان پھاڙ تي گهر ٺھيل ھئا. وھندڙ پاڻيءَ جي زوردار گرج ھئي. آبشار مٿان پھاڙ کان ٿيندو وڏن وڏن پھڻن تي ڪرندو اچي نديءَ ۾ ملي ٿي ويو. آبشار جي ڪرڻ ۽ نديءَ جي وھڪري ۾ تيزيءَ جا آواز پاڻ ۾ ملي ھڪ زبردست گجگوڙ پيدا ڪري رھيا ھئا. آبشار واري نئين جيڪا رستو اڪري نديءَ ۾ اچي ٿي ملي تنهن تي پل ٺھيل ھئي. ھوٽل پل جي ٻئي طرف ھئي. احمد علي ٿوري دير پل تي ترسي آبشار کي ڏٺو ۽ پوءِ پل اڪري ھوٽل ۾ ويو. ھن ڪائونٽر تي وڃي ڪمري لاءِ ڳالھايو. سيزن ھئڻ سبب ھوٽلن ۾ رش ھئي. بيرو ھن کي ڪمرو ڏيکارڻ لاءِ وٺي ھليو.
”ھڪڙو ڪمرو ھاڻي خالي ٿيو آھي. تمام سٺي جاءِ تي آھي. ڪنڊ تي آھي. اتان اوھان کي آبشار به نظر ايندو ته ٻئي پاسي جبل به ....“ بيرو ڏاڪڻ تي چڙھندو ڳالھائيندو ھليو.
ڪمرو چڱو ھو. احمد عليءَ کي وڻيو.
”ڪيئن صاب، ڪمرو پسند آيو؟“ بيري ڪمرو ڏيکارڻ کانپوءِ احمد عليءَ ڏانهن نهاريندي چيو.
”ھا ٺيڪ آھي،“ احمد عليءَ ھڪ نظر ٻيھر ڪمري تي وڌي. ”بستري جي چادر ته بدليل آھي نه؟“
”ھا صاب، مون اڃا ھاڻي بدلائي آھي. اوھان ترسو ته آئون رجسٽر کڻي اچان.“ بيرو تڪڙو تڪڙو ھيٺ لھي ويو.
احمد عليءَ بئگ کولي ڪپڙا، ٽوال ۽ چمپل ڪڍي ٻاھر رکيا. ٽوال کڻي باٿ روم ۾ ويو ۽ جلدي جلدي وھنجي ٻاھر نڪتو. ھن چاھيو ٿي ته سج لھڻ کان اڳ ڪجھ گھمي وٺي. اکين کي نظارن مان ڍئو ئي نٿي ٿيو – بيرو رجسٽر کڻي آيو ته احمد عليءَ ان ۾ نالو ۽ پتو لکي صحيح ڪئي.
”صاب، چانهه کڻي اچان؟“ بيري پڇيو.
”نه، ھينئر ضرورت ڪانهي،“ احمد عليءَ چانهه لاءِ ترسي وقت وڃائڻ نٿي چاھيو.
ھو ھيٺ لھي ھوٽل، مان نڪري رستي تي اچي بيٺو. اھو رستو ڪالام ڏي ٿي ويو، جنهن جي لاءِ ھن ٻڌو ھو ته اھو بحرين کان به سھڻو ھنڌ آھي. ھن ٻئي ڏينهن ڪالام ڏانهن وڃڻ جو پروگرام ٺاھيو ھو. رستي جي ھن طرف جبل جي دامن ۾ سوان ندي وھي رھي ھئي. ساوڪ سان ڍڪيل جبل تمام اتانهون ھو ۽ مٿي ڊگھا ڊگھا ۽ سڌا وڻ بيٺل ھئا. جبل ۾ فطرت جي سونهن سان گڏ ھڪ عجيب قسم جي ھيبت پڻ ھئي. ھيٺ ڪٿي ڪٿي گهر نظر آيا پئي. نديءَ تي ٻئي پار جبل ڏانهن وڃڻ لاءِ ڪاٺ جي مضبوط پل ٺھيل ھئي. احمد علي پل اڪري ٻئي طرف آيو ۽ نديءَ جي پاسي واري پيچري تان ھلڻ لڳو. ماڻھن جي قدمن پٿرن ۽ پھڻن تان به پيچرو ٺاھي ڇڏيو ھو. نديءَ ۾ پاڻي اڇلون کائيندو، ڌوڪيندو پئي ويو. ھلڪي ڦڙ ڦڙ شروع ٿي ويئي. احمد علي ھڪ وڏي پھڻ تي چڙھي ويٺو ۽ نديءَ جي ڪاوڙيل پاڻيءَ کي ڏسڻ لڳو. جڏھن اوندھ ٿي وئي ۽ پاڻيءَ جو رنگ گهرو ڪارو ٿي ويو ته ھو پھڻ تان اٿي واپس موٽيو. ھن نديءَ جي ڪپ تي ٺھيل ھڪ ننڍي ھوٽل ۾ چانهه پيتي. نديءَ جو آواز وڌيڪ اوچو ۽ وڌيڪ تيز ٿي ويو ھو. احمد علي اٿيو ۽ بازار ۾ اچي دوڪانن ۾ مڪاني دستڪاريءَ جا نمونا ڏسڻ لڳو. ھن کي ڪجھ سامان خريد ڪرڻ جو ارادو ھو، پر ٻئي ڏينهن وٺڻ جو سوچي واپس پنهنجي ھوٽل تي موٽي آيو. ھن بيري کي سڏي مانيءَ جو پڇيو.
”صاب، اسان وٽ ڪڙائي گوشت فس ڪلاس ٺھندو آھي، اھو کائو.“
”ٺيڪ آھي، کڻي اچ،“ احمد علي ھن کي آرڊر ڏئي پلنگ تي ليٽي پيو ۽ اکيون ٻوٽي رليڪس ٿيڻ جي ڪوشش ڪيائين. ھن ذھن کي خالي رکڻ لاءِ پاڻي جي گرجدار آواز تي ڌيان ڏنو.
ڪمري ۾ کڙڪو ٿيو ته ھن اکيون کوليون، بيرو ماني کڻي آيو ھو. احمد عليءَ اٿي ماني کاڌي ۽ پوءِ بيري کي سڏي چانه آڻڻ لاءِ چيائين.
”صاب، ٻيو ڪجھ کپي؟“ بيري ٿانو کڻندي چيو.
احمد عليءَ سوالي نظرن سان بيري ڏانهن ڏٺو. ماني ۽ چانه کانپوءِ باقي ڪھڙي شئي کيس کپندي ھئي؟
”ھتي سڀ ڪجھ ملندو آھي، صاب!“ بيري معنيٰ ڀريل انداز ۾ مرڪندي چيو.
”سڀ ڪجھ ۾ ڇا ڇا آھي؟“ احمد عليءَ کي تجسس ٿيو.
”عورت، وسڪي.....“ بيرو مرڪڻ لڳو.
”وسڪي ته آئون پيئان ڪونه، باقي عورت ڪا چڱي ملندي يا جھڙي تهڙي؟“
”فس ڪلاس، صاب! پاڻ ڏسجو – پوءِ اوھان جي مرضي.“
”پيسا گھڻا؟“
”پيسا ٿورا آھن، صاب – فقط سؤ رپيا.“
احمد عليءَ ٿوري دير سوچيو.
”ھونه! ٺيڪ آھي.“
”چڱو صاب، پوءِ 10 بجي.“
احمد عليءَ ڪنڌ لوڏي ھاڪار ڪئي ۽ بيرو ٻاھر ھليو ويو. احمد علي ڪپڙا بدلائي پلنگ تي ليٽي پيو. ھن سوچيو ته سوات جي سونهن جو اھو مزو به ماڻي ڏسي. ٿڪ ھئڻ سبب ھن کي جلدي ننڊ اچي وئي. در تي کٽ کٽ جي آواز ھن کي جاڳائي وڌو. ھن واچ تي نظر وڌي، پوڻا ٻارنهن ٿيا ھئا – ھن اٿي دروازو کوليو در تي اھو ئي بيرو بيٺو ھو ۽ سندس پويان چادر ۾ ويڙھيل سيڙھيل ھڪ عورت ھئي. بيرو عورت کي وٺي اندر آيو. ڪمري ۾ اچي عورت منهن تان پوتي ھٽائي ڇڏي. سندس اکيون ھيٺ فرش ۾ کتل ھيون. احمد عليءَ اندازو لڳايو ته ھوءَ 24 25 سالن جي ھوندي. ڪنهن وقت تمام سھڻي ھوندي، پر اڃا به ان سونهن جون ڪجھ پتيون منجھس رھيل ھيون. اکين ھيٺان ڪارا نيل ھئس، پر ڳوري رنگ تي اھي وڌيڪ ٺھيا پئي.
احمد عليءَ بيري ڏانهن ڏٺو جيڪو کيس جانچي رھيو ھو. بيرو ٻاھر اچڻ جو اشارو ڪري ڪمري مان نڪري ويو. احمد علي ھن جي پٺيان ويو.
”صاب، ڇا خيال آھي؟“ بيري سرٻاٽ ڪيو.
”ٺيڪ آھي،“ احمد علي آھستي چيو.
”پوءِ صاب پيسا ڏيو. عورت جو ماڻھو ھيٺ بيٺو آھي. ھن کي ڏيڻا آھن.“
احمد عليءَ سؤ جي نوٽ سان گڏ بيري کي پنج رپيا خرچيءَ جا ڏنا. بيرو پيسا وٺي تڪڙو تڪڙو ھيٺ لھي ويو. احمد علي ڪمري ۾ موٽي آيو. ھن ڏٺو ته عورت اڃا ساڳئي ھنڌ بيٺي ھئي. ھن در ورائي اندران بولٽ چاڙھي ڇڏيو.
”بيٺي ڇو آھين؟“ احمد عليءَ جي آواز تي گم سم بيٺل عورت ڇرڪي. ”ھيڏانهن اچي ويھ،“ احمد عليءَ پلنگ ڏانهن اشارو ڪيو. ھن ڪمري جي بتي وسائي ڇڏي.
ھلڪي اوندھ ۾ عورت جي جسم جو ڳورو رنگ سون وانگر جرڪي رھيو ھو. احمد عليءَ کي لڳو ڄڻ سندس پيرن ھيٺان ٽانڊا اچي ويا ھئا. ھن پلنگ تي ٻئي ٺونٺيون کوڙي پاڻ کي مٿڀرو ڪيو ۽ عورت جي منهن ۾ ڏسڻ لڳو. عورت اکيون ٻوٽي ڇڏيو ھيون ۽ بلڪل ساڪت پلنگ تي سڌي سڌي ليٽي پيئي ھئي. احمد عليءَ عورت جون ڇاتيءَ تي رکيل ٻانهون ھٽايون ۽ ھن جي ڇاتيءَ ۾ منهن ھنيو. ھن کي ارھن مان کير جي بوءَ آئي. شايد ھوءَ اڃا ھاڻي پنهنجي ٻار کي کير پياري آئي ھئي. احمد عليءَ ڪچي ٿڃ جي بوءَ سبب ھڪدم منهن ھٽائي ڇڏيو. ھن جو من ڪچو ڪچو ٿيڻ لڳو. عورت کان پري ٿي ليٽي پيو. ڪجھ دير تائين ھن نه ڪجھ ڳالھايو ۽ نه ھن جي جسم ۾ ڪا چرپر پيدا ٿي.
نيٺ بوريت مٽائڻ خاطر ھن عورت کان پڇيو، ”تنهنجو نالو ڇا آھي؟“
”انار گل“ عورت ھٻڪندي وراڻيو.
”انار گل!“ احمد عليءَ ھن جي ارھن ۾ ڏسندي چيو، ”توکي ٻار گھڻا آھن؟“
عورت ارھن کي ٻانهن سان ڍڪي ڇڏيو.
”چار ٻار آھن،“ ھن چيو.
”سڀني کان ننڍڙو کير تي آھي ڇا؟“
”ھا آ.....“ عورت ھٻڪي.
”تنهنجو مڙس ڇا ڪندو آھي؟“ احمد عليءَ کي پنهنجو سوال عجيب لڳو.
”مزوري.“
”مزوري چڱي ملندي آھي؟“
”نه بابو صاب، ڪڏھن ملي ته ڪڏھن نه. سياري ۾ برف وسندي آھي ته پوءِ ڪو ڪم ڪو نه ملندو آھي.“
”تنهنجو مڙس توکي ڪيئن ٿو ڇڏي ٻين وٽ؟“
”پيٽ، بابو صاب! بکئي پيٽ جي دوزخ کي ته ڀرڻو آھي....“ عورت ڏک مان چيو.
احمد عليءَ کي ڳالھ ٻڌي سچي پچي ڏک ٿيو. ھن چاھيو ته ٻھ ٽي لفظ ھمدرديءَ جا چئي، ڪا تسلي ڏئي، پر ھو چوي ڇا؟ ۽ ان چوڻ سان ٿئي به ڇا ھا! ھن عورت جي سري ھيٺيان ٻانهن ڏئي کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ آندو.
آبشار جو گڙگاٽ ڪري ھيٺ ڪرندڙ پاڻي نديءَ جي تيز ڌارا سان گڏجي ويو ھو.احمد عليءَ کي لڳو ته سندس پلنگ گجندڙ نديءَ جي تيز وھڪري تي لڙھندو پئي ويو.
احمد عليءَ جي اک کلي ته اڃا ڀنڀرڪو ھو. عورت وڃي چڪي ھئي. ھو ڪجھ دير تائين نديءَ جو آواز ٻڌندو رھيو. آواز ۾ اھو جوش ۽ اھا تيزي ڪا نه ھئي.احمد عليءَ کي عجيب لڳو. ھو اٿي باٿ روم ۾ ويو. موٽي ڪمري جو در کولي ٻاھر بالڪنيءَ ۾ اچي بيٺو. سامھون صدين کان بلند ۽ رعبدار جبل ھو، جنهن تي ھلڪي ڌنڌ پکڙيل ھئي. احمد عليءَ اونهو ساھ کنيو. ٿڌي ننڊاکڙي ھوا سندس اندر کي سرور ڏئي ڇڏيو. ھن ٻئي ٻانهون مٿي کڻي پنهنجي بت کي ڇڪي آرس ڀڳو. تڏھن کيس انار گل ياد آئي – انار گل جنهن جو خوبصورت جسم ھتي جي فطري حسن جو ھڪ حصو ھو. اوچتو ھن جي ذھن ۾ ھڪ خيال آيو ته ھن فطرت سان زنا ڪئي ھئي. ھن فطرت کي سؤ روپين ۾ خريد ڪري ان جي سونهن کي لٽيو ھو. احمد عليءَ جو سڄو وجود ڌڏي ويو. ھن جون نظرون سامھون پر ھيبت جبل تان ٿينديون ھيٺ نديءَ تي آيون. ھن کي پنهنجي خسيسپڻي جو شديد احساس ٿيو.
سوات جي خوبصورت وادي جنهن جي ھاڪ پري پري تائين ھئي، اتي ايتري بک ھوندي ان جو خيال ٻاھران ايندڙ ماڻھن کي ڪو نه ايندو. اھي ته خوبصورتي کي رڳو ڏسڻ ۽ ماڻڻ ايندا آھن. پر ان فطري سونهن سان ھتي جي ماڻھن جو پيٽ ڀرجي نٿي سگهيو. احمد عليءَ کي فطرت جي حسن ۾ بک جو احساس ٿيو. ھن جي من ۾ اٻڙڪو آيو، کيس پنهنجو پاڻ کان ڪرڀ محسوس ٿي. ھو هتي فطرت جو حسن پسڻ آيو ھو، اتي جي مجبور سونهن کي ماڻڻ ۽ لٽڻ ڪو نه آيو ھو. پر اھو سڀ ڇو ھو؟ حسن ايترو ويچارو، ايترو ڏکيو ۽ بکيو ڇو ھو؟ ماڻھو جيڪي فطري سونهن جو حصو آھن تن جي جسم ۽ جوڀن جو واڪ ڪاغذ جا ڪجھ نوٽ آھن؟
احمد عليءَ کي ڀنواٽيون اچڻ لڳيون. ھن چاھيو اتان ڀڄي نڪري. ھو موٽي ڪمري ۾ ويو. جلدي جلدي سامان بئگ ۾ بند ڪري ھيٺ لھي ويو. صبح جي پھرين ويگن واپس وڃڻ لاءِ تيار بيٺي ھئي. احمد علي ويگن ۾ وڃي ويٺو. ھن اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ھن ڪجھ به ڏسڻ نٿي چاھيو.

اڌ مڙهيل سوئيٽر

دل ۾ اچي ٿو، ٻاهر نڪري، زور سان رڙ ڪري چوان، ’بند ڪريو هي گوڙ، هي بئنڊ باجا!..... آخر ائين ڇو ٿا ماريو ڪنهن کي!‘- پر آئون ٻاهر نڪري کلندڙ، ٽهڪ ڏيندڙ چهرن جو تاب ئي نه جهلي سگهان ها. هڪ يا ٻه ماڻهو مرن ٿا ته ڀلي مرن، هيترن سارن ماڻهن جا ٽهڪ نٿا کسي سگهجن. پر ڇا، هڪ ٻن ماڻهن کي ائين بينڊ باجن سان ماري سگهجي ٿو؟ اها ڪٿي جي انسانيت آهي! انسان ڪٿي جا به هجن، فطري طور وحشي ڇو هوندا آهن؟ آئون پنهنجن ڪنن ۾ آڱريون وجهان يا ڪپهه وجهي ڇڏيان، پر لڇندڙ دل جي درد کي ڇا روڪي ٿو سگهان!
اڄ صبح جو نه چاهيندي به آفيس ويس. آفيس کي ويجهو اچي، قدم به دل وانگر منجهڻ لڳا. تڏهن واپس آيس. سمورو وقت هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو رهيس. نٿي چاهيم ته گهر وڃان. گهر کان پري ٿي رهڻ چاهيم. پر چاهي ڪٿي به هجان، دل ويئي ٿي هڪ گهري درد ۾ ٻڏندي. گهر موٽي آيس ته ڏٺم، امان ڪنهن ڳڻتيءَ ۾ ويٺي هئي. مون کي ڏسي، هڪ گهڙيءَ لاءِ سندس اکين ۾ مامتا جي چمڪ آئي، پوءِ منهن ڦيري ڇڏيائين. چري، مون کان ٿي ڳوڙها لڪائي! گهر ۾ فقط هوءَ هئي، جنهن منهنجي درد کي ڄاتو هو. ننڍي هوندي ماستر کان يا ڪڏهن ڪنهن ٻار کان مار کائي ايندو هوس ته سندس هنج ۾ منهن لڪائي روئندو هوس. هينئر هن مون کي هنج ۾ ليٽائي، پاڻ رنو. پر نه، شايد منهجين اکين مان به ڪجهه لڙڪ ڪريا هئا. مون هيٺيئن چپ کي زور سان چڪ پائي، ڳوڙهن کي روڪي ڇڏيو هو.

امان شاديءَ ۾ وڃڻ نٿي چاهيو، مون ئي هن کي زور ڪري موڪليو. شاديءَ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ’هوءَ‘ اسان جي گهر آئي هئي. گهر ۾ آئون هوس، ۽ امان هئي. هوءَ ڊوڙي اچي امان جي گلي سان لڳي، ۽ گلي سان لڳي، سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. امان به روئي پئي. مون منهن ٻئي طرف ڦيري ڇڏيو هو. آئون ان وقت ڄڻ هڪ اپاهج وانگر ڪرسيءَ تي ويٺو هوس، بيوس بيوس. هن چيو، ”ماسي، مون کي مائٽ جيئري دفن پيا ڪن. جيئري هوندي به هاڻي ڪڏهن تو وٽ اچي نه سگهنديس..... ماسي، ڇا پڇاڙيءَ جو تون مون کي دفنائڻ به نه ايندينءَ؟“ مون کي لڳو، هن جو هانءُ ڦاٽي پيو هو. وڃڻ وقت هن مون ڏانهن نهاريو. هن جي منهن تي عجيب رنگ، عجيب ڪيفيتن سان لٿا ۽ چڙهيا. هڪ گهڙيءَ جي لاءِ سندس چهرو درد جي شدت سببان ٻيڻو ٿي ويو، پوءِ ڄڻ هوا نڪتل بال وانگر سسي ويو، ۽ هوءَ رئي ۾ منهن لڪائي، ڍوڙندي هلي ويئي. منهنجو وات ڪنهن ڪوڙاڻ سان ڀرجي ويو.

آئون اٿي بئگ کوليان ٿو. بئگ مان هڪ خوبصورت اڌمڙهيل سوئيٽر ڪڍان ٿو. ڪجهه دير ڏسندو رهان ٿو، پوءِ سوئيٽر ۾ منهن ويڙهي، کٽ تي ليٽي ٿو پوان. سيني اندر دل گهري درد ۾ ٻڏي ۽ اُڀري رهي آهي. يادون تير بنجي ذهن کي ٽڪي رهيون آهن.
”هي ڏس!“
”ڇا آهي؟“
”اُن آهي.“
”ڇا جي لاءِ؟“
”اُن ڇا جي لاءِ هوندو آهي؟“
هوءَ مرڪي پيئي. ”مون کي ته خبر ڪانهي. تون ئي ٻڌاءِ.“
”هن اُن مان منهنجو سوئيٽر ٺهندو.“
”او! ڀلي ٺهي. آئون ڇا ڪريان! مون کان اجازت وٺڻي آهي ڇا؟“
”ظاهر آهي. تنهنجي مرضيءَ کان سواءِ ڪيئن ٺهندو.“
”چڱو سائين، اجازت آهي..... پر ڪنهن ڇوڪريءَ کان ته ڪونه ٿو ٺهرائين؟ ان حالت ۾ ته اجازت ڪانه ملندي!“
”بي سمجهيءَ جي به حد ٿيندي آهي. آئون تنهنجن هٿن جو ٺاهيل سوئيٽر پائڻ چاهيان ٿو!“
هوءَ شايد گهٻرائجي ويئي. ” پر آئون..... پر آئون.....“
مون وري چيو، ” ها، خوشي، آئون تنهنجن حسين هٿن جو ٺاهيل سوئيٽر پائڻ چاهيان ٿو.“ پر مون کي لڳو، نچندڙ ڍوڙندر وقت، اوچتو ڪنهن ڌڌڪي سان رڪجي، ساڪت بنجي ويو.
هن چيو، ”منهنجون مجبوريون تون ڄاڻين ٿو. مون تي گهر ۾ ڪيڏيون پابنديون آهن! تو کي خبر آهي ته آئون تو سان ڪيئن ٿي ملان. جيڪڏهن اسين ساڳئي پاڙي ۾ نه هجون ته شايد آئون تو سان ملي ئي نه سگهان.“
مون رسڻهارڪي آواز ۾ چيو، ” سڀ ڄاڻان ٿو. تون صاف ڇو نٿي چئين ته منهنجو سوئيٽر نه ٺاهيندينءَ.“
هن پنهنجن هٿن ۾ منهنجو هٿ زور سان جهلي چيو، ”تون سمجهين ڇو نٿو، رشو! منهنجن هٿن جو ٺاهيل سوئيٽر اسان جي پيار جو اشتهار بنجي ويندو...“
مون ڪاوڙ وچان سٽ ڏيئي، هٿ ڇڏايو.
”منهنجيءَ ڳالهه جو غلط مطلب نه سمجهه، رشو! سوئيٽر جهڙي معمولي شئي، پيار جي اڳيان تڇ آهي. منهنجي پيار کي اهڙيءَ خسيس شئي تي نه پرک. منهنجو مطلب اهو هو ته اسين بدنام ٿي وينداسين. ماڻهن جي ته تو کي خبر آهي.“
مون ساڳئي روسامي سان چيو،”چڱو خوشي، تون منهنجي پيار ۾ بدنام نه ٿي. مون کان غلطي ٿي ويئي، معاف ڪر.“
”اوه، رشو! خدا جي واسطي...... ڏس، مون کي دير ٿي ويئي آهي. آئون تنهنجي لاءِ سوئيٽر ٺاهينديس. وس آهي ٻانهيءَ جو!.... چڱو، هاڻي وڃان ٿي.“
آئون ساڳيءَ طرح ويٺو رهيس. هن آڱر سان منهنجي کاڏيءَ کي مٿي ڪري چيو، ”هيڏانهن، مون ڏانهن ڏس! مار، ايڏي ڪاوڙ! بس، هاڻي ته ڪاوڙ ڦٽي ڪر مٺا!“
ان گهڙيءَ آئون ان کيٽي ڪندڙ ٻار وانگر خوش ٿي ويو هوس، جنهن جي اڳيان َڻ مڃي ويئي هجي.
مون هن کي ٻانهن کان جهلي، پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. ”خوشي، تون ماکيءَ کان وڌيڪ مٺي آهين. مون کي ايترو نه ستائيندي ڪر، نه ته آئون صفا رسي ويندس.“
”پنهنجي خوشيءَ کان رسي ويندين، ٻڌاءِ؟“
”پنهنجي خوشيءَ کان ڪير رسڻ چاهيندو. خوشي پاڻ نه رسي وڃي.“
”تو کان سواءِ خوشي مري ويندي.“
”اوه، خوشي! منهنجي خوشي، منهنجي خوشي!.....“
”هاڻي ڇڏ. الا، ڏاڍي دير ٿي ويئي آهي.“
هوءَ اُن کڻي هلي ويئي.
هن جي وڃڻ کان پوءِ به آئون ڪيتري دير تائين ورجائيندو رهيس- ’منهنجي خوشي!.... منهنجي خوشي....!‘
من ئي من ۾ ڪيتري دير تائين ورجائيندو رهان ٿو: ’منهنجي خوشي، منهنجي خوشي،‘ پر هاڻي دل خوشيءَ وچان ڦونڊجي ڪانه ٿي- ڄڻ سڏڪا ڀري روئي پيئي. کسجي وڃڻ جي احساس وچان، دل تڙپي اٿي ٿي. مون کان منهنجي خوشي کسجي ويئي، هاڻي ڪهڙو حق آهي مون کي’منهنجي خوشي‘ چوڻ جو؟.... جلدي ئي ٻه – ٽي اکر اسان جي پيار جو موت بڻجي ايندا، ۽ خوشيءَ کي هڪ ٻنڌڻ ۾ جڪڙي ڇڏيندا.

ٻئي ڀيري جڏهن هوءَ آئي ته پڇيومانس: ”خوشي، پهرين ته تو ڊپ وچان سوئيٽر ٺاهيو ڪونه ٿي، هاڻي ڪيئن ٿي ٺاهين؟“
منهنجي گلي ۾ ٻانهون وجهي چيائين، ” تنهنجي لاءِ آئون جان به ڏيئي سگهان ٿي.“
مون چيو،”آئون توکي چاهيان ٿو، مون کي تون گهرجين، تنهنجي جان نه.“
ان ڳالهه تي ٻئي ڄڻا ڪيتريءَ دير تائين کلندا رهياسين.
”آئون سوئيٽر لڪي لڪي پيئي ٺاهيان. شايد دير لڳي وڃي.“
من کي ڄڻ ڏاڍو ڌڪ لڳو.... پيار اهڙو زبردست ڏوهه آهي، جنهن تي ايڏا پهرا! صديون گذري ويون، انسان ڪٿي جو ڪٿي وڃي پهتو، پر اسان وٽ پيار جي لاءِ اهي ساڳيون مجبوريون، اهي ساڳيا پهرا!
مون چيو، ”خوشي، اسين هڪٻئي کي چاهيون ٿا، پوءِ ٻين کي ڪهڙو حق آهي اسان جي پيار تي ڏمر جي پهري لڳائڻ جو! پيار ايڏو وڏو ڏوهه آهي ڇا، جو اسين ائين لوڪ کان لڪندا وتون؟“
هن جون نظرون منهنجي دل کي ڇهي رهيون هيون. جواب هن وٽ ڪونه هو. شايد ان ڳالهه جو جواب ڪنهن وٽ به ڪونه هوندو آهي. تڏهن مون ئي چيو، ”خوشي، پيار هڪ سندر سپني جيان ته ڪونهي، جيڪو حقيقت جي روشنيءَ جو تاب نٿو جهلي سگهي، ۽ ان سپني جو تعبير..... سپنا ته نيٺ سپنا آهن!“
هن چيو، ”تون اڄ ايڏو جذباتي ڇو بنجي ويو آهين. آئون ئي تنهنجي سپني جو تعبير آهيان. تو کي يقين نٿو اچي ڇا؟“
شايد آئون ان ڏينهن واقعي جذباتي بنجي ويو هوس. ”پيار جي پڇاڙي هميشہ پڇتاءَ ۽ پيڙا جو احساس کڻي ايندي آهي، ان ڪري ئي آئون ڊڄان ٿو ته جي تعبير تعبير نه رهي ته.....؟“هن مون کي ڪهڙا ڪهڙا يقين ڏياريا. انهن جي سچائيءَ ۾ مون کي اڄ به شڪ ڪونهي. حالتن سان ٽڪرائجي، سڀ يقين مري ويا. هن جو ڪهڙو ڏوهه!
هڪڙي ڏينهن اوچتو ئي اوچتو، خوشيءَ جي شاديءَ جي ڳالهه بم جو ڌماڪو بنجي آئي. ڌماڪي ڪجهه وقت لاءِ ذهن کي مفلوج بنائي ڇڏيو. جڏهن ذهن سامت ۾ آيو، ته واقعي سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو هو.
خوشيءَ جي مائٽن کي هڪ سونو وجهه مليو هو. ان ڪري هنن سوچڻ ۾ وقت وڃائڻ نه چاهيو. پيسن جي چمڪ اڳيان سوچ جو ڇا؟ سڱ گهرڻ وارا شاهوڪار ماڻهو هئا، موٽرن ۽ بنگلن وارا هئا. ان کان وڌيڪ سوچي ئي ڇا ٿو سگهجي. اها ئي ته سوچ جي آخري حد آهي.
امان وائڙي رهجي ويئي هئي. هن ته خوشيءَ جي سڱ گهرڻ لاءِ اڃا سانباها پئي ڪيا. ڳالهه ٻڌي چيائين، ”ائين ڪيئن ٿيندو! هي مائٽ آهن يا دشمن. پيسا ڏسي انڌا ٿي پيا آهن. گهٽ ۾ گهٽ ڌيءَ جي مرضي ته معلوم ڪن. آئون ماڻس کي سمجهائينديس. اسين غريب آهيون، پر خوشيءَ کي اکين تي ويهارينداسين. ٻئي ڄڻا هڪٻئي تي ساهه ٿا ڇڏين، مائٽن کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا کپي؟“
ويچاري سادي امان! هن جي ڳالهه ٻڌي، الائي ڇو آءٌ ڪاوڙجي پيس: ” تون ته چري آهين، امان! مائٽ پنهنجيءَ ڌيءَ جا تو کان وڌيڪ سڄڻ هوندا. ٻڌاءِ، تو وٽ ڇا آهي؟ تو وٽ بنگلو ڪونهي، تو وٽ ڪار ڪانهي، باقي ڇا آهي تو وٽ؟ بنگلا ۽ موٽرون ڇڏي، هڪ ڪلارڪ کي پنهنجي ڌيءَ ڪير ڏيڻ چاهيندو! تون اهو ڇو ٿي وسارين، امان، ته تنهنجو پٽ فقط هڪ ڪلارڪ آهي!“
خوشيءَ جي ماءُ به امان جي ڳالهه کي کل ۾ اڏائي ڇڏيو هو: ”ادي، مائٽ ڌيءَ جا دشمن ته ڪين هوندا آهن. مائٽ ته هميشہ اهو گهرندا آهن ته ڌيءَ چڱي گهر ۾ وڃي، سدا سک ماڻي، شل ڪو ڏکيو ڏينهن نه ڏسي. ههڙو گهر ته قسمت وارن کي ملندو آهي. ڌيءَ سڄي حياتي سٺو ٽڪر کائيندي، سٺو کوهيندي...“
هڪڙي ڏينهن هوءَ به آئي. اکين ۾ ڳوڙها ڀريل هئس، چپن تي چپ.
مون چيو،”پنهنجي شاديءَ جي خبر ٻڌائڻ آئي آهين، خوشي!“
هوءَ تڙپي اٿي. ڳوڙهن جو بند ٽٽي پيو، ۽ هوءَ سڄي مون تي ڊهي پئي. ”تون به مون کي ڏوهه ٿو ڏين، رشو!“
جنهن شئي کي ماڻهو دل جي گهرائين سان چاهيندو هجي، جنهن کي هو فقط پنهنجو سمجهندو هجي، اها شئي کانئس کسجي وڃي ته.... خوشي ته منهنجي آتما جو حصو هئي، مون هن جي نيڻن ۾ پنهنجو پيار ڇلڪندو ڏٺو هو. هاڻي هوءَ نه چاهيندي به پنهنجن نيڻن ۾ ٻئي ڪنهن کي..... رڳو تصور ۾ ئي ڪيتري پيڙا ڀريل آهي!
ڀريل من سان چيم، ”نه، خوشي، تو کي ڏوهه ڪيئن ڏيندس. تنهنجي کسجڻ جي احساس مون ۾ نه معلوم ڪيتري تلخي ڀري ڇڏي آهي. مون کي معاف ڪج، خوشي، مون شايد تنهنجي دل ڏکوئي آهي.“
هوءَ منهنجي ڇاتيءَ ۾ منهن لڪائي سڏڪا ڀرڻ لڳي.
مون چيو، ”آئون انهن ڳوڙهن جي لائق نه آهيان، خوشي! مون ۾ ايتري به همت ڪانهي جو رڳو تنهنجا ڳوڙها ئي اگهي سگهان. منهنجي حيثيت وارن ماڻهن کي پيار ڪرڻ جو ڪو حق ئي ڪونهي. جيڪڏهن ڪو ڀلجي کڻي سپنو ئي ڏسي ٿو ته اوهين ان جو تعبير ڇو ٿيون بنجو؟ ڏسي وائسي ڇو ٿيون ايڏي غلطي ڪري پاڻ کي مصيبت ۾ وجهو...“
هن مون کي ڪلهن کان ڌونڌاڙيندي چيو، ”نه، رشو، نه- مون کي.... مون کي موٽرون ۽ بنگلا نه گهرجن، مون کي فقط تنهنجو پيار کپي. آئون تو سان گڏ جهوپڙيءَ ۾ رهڻ لاءِ به تيار آهيان. آئون ڪهڙو سڄي عمر بنگلن ۾ رهي آهيان.“
تڏهن مون کي سوئيٽر ياد اچي ويو، ۽ چپن تي هڪ ڪوڙاڻ ڀري مرڪ آئي: ”خوشي، هڪڙي ڳالهه ٻڌاءِ. تو ۾ ايتري همت آهي جو تون سڀني رسمن رواجن ۽ پابندين جون زنجيرون ٽوڙي سگهين؟ هتي ته پيار به ڊڄي ڊڄي ڪيو ويندو آهي. بدناميءَ جي ڊپ کان، تون هڪ سوئيٽر به نٿي ٺاهي سگهين، ته ايڏي همت ڪري سگهندينءَ جو مائٽن جي مرضي ٺڪرائي ڇڏين؟....... ٻڌاءِ، خوشي!“
”مون کي ڪٿان زهر ئي آڻي ڏي. آئون جيڪڏهن ٻيو ڪجهه نٿي ڪري سگهان، ته پيار خاطر جان ته ڏيئي سگهان ٿي!“
”چري، پيار کي جان نه کپي. زهر کائڻ سان ڇا تو کي پنهنجو پيار ملي ويندو؟ موت ته هر شئي جو خاتمو آهي. جيڪڏهن زندهه رهڻ تو کي بار ٿو لڳي، ته به پنهنجي حصي جي زندگي تو کي جيئڻي آهي. ڪير ڄاڻي، وقت ڪڏهن زخمن تي مرهم رکي ڇٽائي ڇڏي، ۽ زندگي ٻيهر خوبصورت بنجي وڃي!“
هن کان رڙ نڪري وئي: ”ايڏو ڪٺور ڇو بڻجي ويو آهين تون، رشو!“
- آئون ڪٺور! دل جا زخم مرڪي ٿا پون.....

هي سوئيٽر آلو ڇو ٿي ويو آهي؟ سوئيٽر ٻنهي هٿن ۾ جهلي، مٿي کڻي ڏسان ٿو. اڌ مڙهيل سوئيٽر ڪهڙو نه عجيب ٿو لڳي. جڏهن پيار ئي پنهنجو مڪمل روپ پائي نه سگهيو، تڏهن ان جي هڪ نشاني اڌوري رهجي ويئي ته ڇا ٿيو. سوئيٽر سان گڏ آيل خط وري کولي پڙهان ٿو---
”رشو،
”ڇا، سچ پچ اسان جو پيار هڪ سپنو ئي هو؟ پر اهو سوال ته تو پڇيو هو. مون تو کي يقين ڏياريو هو ته آئون تنهنجي سپني جي تعبير آهيان؛ پر مون بدناميءَ کان ڊڄي تنهنجا سمورا سپنا ٽوڙي ڇڏيا. منهنجي پيار سواءِ زخمن جي ٻيو تو کي ڇا ڏنو. آئون اهو ڄاڻان ٿي ته منهنجي کسجڻ جو احساس تو ۾ تلخي پيدا ڪري سگهي ٿو، پر زندگيءَ کان بيزار نٿو بنائي سگهي. مون ۾ به تو ئي ته جيئڻ جو اُتساهه ڀريو هو. تو چيو هو، ’ڪير ڄاڻي وقت ڪڏهن زخمن تي مرهم رکي ڇٽائي، ۽ زندگي ٻيهر خوبصورت بنجي وڃي!‘... رشو، آئون تو کي دل گهرائين سان اها دعا ٿي ڪريان.
”تنهنجو سوئيٽر اڌورو ئي رهجي ويو،۽ آئون سمجهان ٿي ته ان کي مڪمل ڪرڻ جو مون کي ڪو حق ڪونهي. هڪ عرض آهي، ته هي اڌورو سوئيٽر ان ڇوڪريءَ کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڏجانءِ، جيڪا تنهنجي زندگيءَ کي خوبصورت بنائي تنهنجي بڻجي وڃي......“

زندگي – ٿوهر جو وڻ!

هيڏانهن اچ، هن پٿر تي چڙهي ويهه. شام جي سمي هتان دريا جو نظارو ڪهڙو نه وڻندڙ پيو لڳي! سج ٿڪل ٽٽل مسافر وانگر رڙهندو جبلن جي ٻئي ڀر وڃي رهيو آهي. لڙ پاڻيءَ ۾ نيري آسمان جي عڪس شام کي ميرانجهڙو ۽ لڙاٽيل بڻائي ڇڏيو آهي، ڪڪر به ميرانجهڙا آهن. ڇا ٿو چئين، ماحول بيحد اداس ۽ ٻڏل آهي. هوندو! مون کي ته شام جو اهو روپ بيحد وڻندو آهي. مون کي لڳندو آهي ته ان ميرانجهڙي نيراڻ ۾ گم ٿي ويو آهيان، منهنجو وجود ان شام کان الڳ ڪونهي، پر مان به ان جو هڪ حصو آهيان، منهنجو روح ميرانجهڙي پاڻيءَ ۾ ٽٻي رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن دل چاهيندي آهي ته ٻانهون پکيڙي، اکيون پوري ان لسي فرش جهڙي پاڻيءَ تي ليٽي پوان، ۽ لهرون هندوري وانگر مون کي لوڏينديون، پاڻ سان گڏ وٺي ڪٿي پري، تمام پري وڃي ڇڏين. تو کي منهنجين ڳالهين تي عجب پيو لڳي. منهنجي عمر اهڙين ڳالهين ڪرڻ جي لائق نه آهي، اهو ته بيپرواهي ۽ البيلائي جو وقت هوندو آهي. مون کي اهو احساس زهر سان ڀريل خنجر وانگر چڀي رهيو آهي، پر ان ۾ ڏوهه ڪنهن جو به ناهي. هي دور سڀ کان زياده هنگامه خيز دور آهي ۽ شايد انتها کي تمام ويجهو! انسان ويچارو ته هميشہ کان ڪٺ پتلي بنيو رهيو آهي، پر هن وقت ڪٺ پتيلن جي ناچ ۾ تمام گهڻي تيزي اچي ويئي آهي. ايتريقدر جو انسان پنهنجو پاڻ کان به وڃائجي ويو آهي. تون بور ته ڪونه پيو ٿين! مان ڄاڻان ٿو ته تون ضرور ائين چوندين: ته نه نه تنهنجون ڳالهيون دلچسپ آهن. منهنجا ڀاءُ، اها ڪيڏي نه وڏي زيادتي آهي جو انسان ڪنهن نه ڪنهن ڊپ وچان پنهنجي من جي ڳالهه صاف صاف نٿو چئي سگهي. ويچارو انسان! نه ادا، مان ڳالهه کي ڦيرايان ڪونه پيو. اوهان کي شايد غلط فهمي ٿي پئي آهي. مان شام جي ان منظر ۾ وڃائجي الائي ڇا ڇا چئي ويس. ذهني پريشانيون ۽ الجهنون ته اڄ جي انسان جي لاءِ هن دور جا خاص تحفا آهن. چاهي دنيا جون ٻيون شيون ڪن ماڻهن کي زياده نصيب هجن ۽ ڪي انهن جي لاءِ سڪندا رهن، پر ذهني پريشانيون ۽ الجهنن جي سوکڙي هر انسان کي عطا ٿيل آهي. مان به چاهي دنيا جي ٻين معاملن ۾ بدنصيب هجان، پر ان سوکڙي جي مون وٽ ڪمي ڪانهي. تنهنجي همدردي ۽ خلوص جي لاءِ مهرباني، پر مان تو کي آخر ڇا ٻڌايان! دراصل مون کي پاڻ بابت ٻڌائيندي ڪجهه عجيب پيو محسوس ٿئي. اوهان پهريان ماڻهو آهيو، جيڪي منهنجي ذات ۾ ايڏي دلچسپي وٺي رهيا آهيو، نه ته منهنجا دوست مون کي هڪ اهڙو ماڻهو سمجهندا آهن، جيڪو انهن ڳالهين کان اڃا بيخبر ۽ اڻ واقف آهي. مان ننڍي هوندي کان ئي زماني جي ڏاڍاين جو شڪار بنجي ويس. منهنجي معصوم دل زخمن وچان چور چور ٿي ويئي. منهنجي دل جو درد دونهن وانگر اندر ئي اندر سڏڪندو ۽ گهٽجندو رهيو. بدقسمتي سان اهو دونهن ڪنهن به طريقي سان ٻاهر نڪري نه سگهيو آهي. مان چالاڪ ۽ ڦڙت ڪونه آهيان، ان ڪري سٺن دوستن پيدا ڪرڻ جي مون ۾ صلاحيت ڪانهي. مان ڪنهن جي قريب وڃڻ نه چاهيندو آهيان، ۽ چاهيندو آهيان ته شروعات ٻيو ڪري، شايد ان عيوض اهو دوست مون کي فقط پنهنجي دل جي درد هلڪي ڪرڻ جو هڪ ذريعو سمجهندو آهي. مان گهڻو ڳالهائڻ ڪونه ڄاڻان، منهنجا دوست شايد گهڻو ٻڌڻ ڪونه ڄاڻندا آهن. ان ڪري هو رڳو ڳالهائيندا ۽ مان رڳو ٻڌندو رهندو آهيان. مون کي ڳالهين ڪرڻ جو ڍنگ ڪونه اچي، ۽ مون کي ڪجهه هٻڪ پڻ محسوس ٿيندي آهي. مان تمام ٿور ڳالهائو، لڄارو ۽ ڪي قدر احساس ڪمتري ۾ مبتلا آهيان، ان ڪري گهڻن ماڻهن کي مون بابت غلط فهميون هونديون آهن. مون ۾ اخلاقي جرئت ڪانهي جو ڪا ڳالهه صاف صاف چئي سگهان. ڪڏهن ڪڏهن منهنجون شڪايتون ۽ مون سان ٿيل زيادتيون به اٽلو منهنجو ئي ڏوهه بڻجي وينديون آهن. بدقسمتي سان مان حد کان زياده جذباتي ۽ حساس ماڻهو آهيان، ۽ متاثر به جهٽ ۾ ٿي ويندو آهيان. مون کي قدرت ٻي ته ڪا به خوبي ڪا نه بخشي آهي سواءِ هڪ حساس ذهن ۽ سوچ جي. ڪنهن معمولي ڳالهه يا حرڪت تي به سوچيندو ئي رهندو آهيان، پڇتائيندو ئي رهندو آهيان. اها سوچ منهنجي ذهن تي هڪ بار ۽ هڪ عذاب بنجي پوندي آهي. سوچ مون کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي، ان جو عذاب جهنم کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ ڪينهي. ڪاش! قدرت مون کان سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ جون صلاحيتون کسي وٺي.
بس گهڻو ٿيو دوست، مون کي منهنجي ڪوريئڙي جي ڄار جهڙي ماضيءَ تي نگاه وجهڻ لاءِ مجبور نه ڪر. منهنجي ماضي ۽ حال ۾ فرق ئي ڪهڙو آهي. مان ان ڄار ۾ اهڙو ته ڦاسي چڪو آهيان جو جيئن ڇڏائڻ جي لاءِ ڦٿڪان ٿو تيئن ٿو ڦاسان. منهنجي عمر ڪا گهڻي ڪانهي. پر ان عمر ۾ به مون گهڻو ئي ڪجهه سٺو آهي. مان تمام جلد وقت جي چڪيءَ ۾ پيسجي ويس. مون بيپرواهي ۽ البيلائي جو وقت ڏٺوئي ڪونه. مان فطري عمر ماڻي نه سگهيس. الا، مون گلشن ۾ اڃا پير مس رکيو هو ته ڪنڊو چڀي ويم. تڏهن منهنجي زندگي ۾ جواني جو واچوڙو اڃا اٿيو مس هو. منهنجي من جي امنگن مس اڇلون ڏيڻ شروع ڪيون هيون، ۽ هن سان به ساڳي حالت هئي. تون ڄاڻڻ ٿو چاهين ته اها ڪير هئي! هوءَ منهنجي هڪ ويجهي مائٽ هئي. جڏهن اسان کي هوش ئي ڪونه آيو هو، ته مائٽن اسان جي سڱاوتي ڪري ڇڏي. پوءِ حالتون اهڙيون بڻيون جو وڏن جا پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيا، ۽ هو ڳوٺ مان لڏي هڪ وڏي شهر ۾ وڃي ويٺا. منهنجي ذهن ۾ فقط ان ڇوڪريءَ جي ياد باقي وڃي بچي، جنهن سان راند ڪندي ڪندي کيس ماري ڀڄي ويندو هوس. امان کان هن بابت ڳالهيون ٻڌي منهنجي معصوم دل ۾ هن کي ڏسڻ جو شوق زور سان جاڳي اٿيو. مان هڪ ڏينهن گهر ۾ ڪنهن کي به بنا ڪجهه ٻڌائڻ جي اتي وڃي نڪتس. گهڻي عرصي کان پوءِ پنهنجو هڪ عزيز ڏسي هنن مون کي ڏاڍو قرب ڏنو- ۽ اتي مون هن کي ڏٺو. الائي ڇو، جڏهن هن سان نظرون ملنديون هيون ته مون کي ڪجهه عجيب محسوس ٿيندو هو. ڄڻ ته بت ۾ ڪرنٽ ڍوڙي ويندو هو. ۽ مٺيون مٺيون ڪتڪتايون ٿيڻ لڳنديون هيون. شروع ۾ هوءَ يڪدم گهٻرائجي ۽ شرمائجي ويندي هئي. ڳچ وقت کان پوءِ هوءَ مون سان منهن جهلي ڳالهائڻ لڳي. پوءِ هوءَ معصوميت ۽ سادگيءَ سان منهنجين اکين ۾ ڏسندي رهندي هئي. مون کي هڪ عجيب مزو محسوس ٿيندو هو. جڏهن هن جا گلاب جي پنکڙين جهڙا چپ لرزڻ لڳندا هئا ته اوچتو گهٻرائجي نظرون هٽائي ڇڏيندي هئي. هونئن هوءَ تمام گهڻي چلولي هئي، ۽ مان تمام گهڻو سنجيدو. پر هن سان گڏ مان به چلولو ۽ هڪ ٻار بنجي ويندو هوس. هن جو منهن ۾ گهنڊ وجهي ’ائي هان‘ چوڻ جو انداز منهنجي دل کي ڄڻ ته مٺ ۾ جهلي هڪ عجيب مزي سان نپوڙي ڇڏيندو هو. هوءَ مون کي ٻهراڙيءَ جو ڄٽ ڪوٺي چيڙائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. مان ڪوشش ڪري ڪاوڙجي پوندو هوس، ته هوءَ يڪدم سنجيده بنجي ويندي هئي، ۽ هڪ عجيب پياري نموني سان معافي وٺندي هئي: ’ڪاوڙجي پيو آهين؟ مون سان به ٿو ڪاوڙجين، مون ڏانهن ته نهار...‘۽ منهنجي دل چاهيندي هئي ته هن جي ڍنڍ جهڙين وشال اکين ۾ ٽٻي هڻي گم ٿي وڃان.
مون کي نيٺ ته ڳوٺ موٽي وڃڻو هو. جڏهن هن کي اها خبر پئي ته مان ڳوٺ وڃي رهيو آهيان، تڏهن هن جو گلاب جهڙو منهن ڪومائجي ويو. ٻئي ڏينهن صبح جو هن جون ٿڪل ۽ ڳاڙهيون اکيون ڏسي مان سمجهي ويس، ته هوءَ رات جو دير تائين روئندي رهي آهي. مون سندس اکين ۾ جهاتي پائيندي چيو:’ڀانيان ٿو ته رات ننڊ ڪانه آئي اٿئي، سڄي رات رنو اٿئي....‘
هن جي چپن تي هڪ اداس مرڪ پکڙجي وئي. چيائن: ’مان ڀانيان ٿي ته تون به رات ڪونه ستو آهين؛ پر تو کي ته ڳوٺ وڃڻ جي خوشيءَ ۾ ننڊ ڪانه آئي هوندي.‘ مان هن جي اکين جي گهرائيءَ ۾ ٻڏي ويس. جنهن وقت وڃي رهيو هوس، ته هن ٿانو پئي مليا. هن جو ڪنڌ هيٺ جهڪيل هو. مون ويجهو وڃي کيس سڏيو. هن ڪنڌ مٿي کنيو ته مون ڏٺو: هوءَ روئي رهي هئي، هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀريل جام وانگر پئي ڇلڪيا. ڪيڏو نه زهر ڀريل آهي انهن يادن ۾! مون کي انهن گذريل گهڙين کان، جيڪي عام طور حسين ۽ رنگين گهڙيون سڏيون وينديون آهن، نفرت آهي. هاڻي مان ان پيار کي ٻاراڻي ۽ بيوقوفي ٿو سمجهان، پر تڏهن به ان جي زهر کي ڪنهن به حالت ۾ پاڻ مان ڪڍي نه سگهيو آهيان. هاءِ وقت جو اهو ستم! مون اهو ڪونه سوچيو هو ته شهري ۽ ڳوٺاڻي ماحول جي ڪري اسان ۾ وڏو فرق آهي. منهنجا مائٽ ان قابل ڪونه هئا جو اهڙي ڇوڪري کي پنهنجي گهر آڻڻ جي لاءِ فقط سوچي به سگهن.
جڏهن مان ٻئي ڀيري هنن وٽ ويس، ته اڳين تڪلف واري فضا ختم ٿي چڪي هئي. مون کي پنهنجي حيثيت جو احساس ڏياريو ويو. ڄڻ ته ڪنهن مون کي هڪ نهايت حسين ۽ پيارو خواب ڏسندي ننڊ مان ڇڪي اٿاري ڇڏيو ۽ مون کان ڇرڪ نڪري ويو. اٿارڻ واري ويچاري جو ڏوهه ڪهڙو! مان پاڻ تي روئي ويٺس.
حد کان زياده حساس۽ جذباتي هئڻ جي ڪري پنهنجون گهرو مشڪلاتون ۽ آسپاس جو ماحول ڏسي منهنجي دل ۾ هڪ قسم جي نفرت اڀرڻ لڳي مون وچولي طبقي جي هڪ سٺي حيثيت واري گهر۾ جنم ورتو. تو کي خبر هوندي ته اهڙي گهر کي سماج ۾ عزت جي نگاه سان ڏٺو ويندو آهي. ان ڪري هن کي پنهنجا عجيب قدر هوندا آهن، جن کي کڻي ڇا به ٿي پئي پر هٿان نه ڇڏيندو. منهنجي تربيت به ان ماحول ۾ ٿي. مون جڏهن اک کولي تڏهن منهنجو والد هڪ وڏو ماڻهو هو، ۽ مائٽ پڻ وڏين ملڪيتن وارا هئا. پوءِ زماني جي گردش جي ڪري حالتن ۾ ڦيرو اچي ويو. پر مشڪلاتن ۽ خراب حالتن جي باوجود اسان پنهنجي ڪوڙي انا کي قائم رکندا آياسين. منهنجي ننڍپڻ جي تربيت ۽ هوش ۾ اچڻ بعد پاڻ کي هڪ سٺي خاندان جو فرد سمجهڻ، آسپاس جو ماحول، فطري رجحان، ۽ ان بعد خراب حالتن ۽مشڪلاتن هوندي به آرام سان گهر ۾ ويٺو رهڻ_ انهن سڀني ڳالهين گڏجي مون تي الائي ڪهڙا ڪهڙا اثر ڇڏيا. مون پنهنجي طبقي جي ڇوڪرن سان گڏ اٿڻ ويهڻ چاهيو ٿي پر ان قابل نه هوس. مٿئين طبقي سان تعلق رکندڙ چاهي فقط نالي ۾ ئي سهي، پر هيٺئين طبقي وارن سان گڏ اٿڻ ويهڻ عيب سمجهندا آهن. مان ڄڻ ته آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ڦاٿل هوس. نفسياتي طور مون تي انهن ڳالهين جو تمام گهڻو اثر ٿيو. مان ڪڏهن ڪڏهن روئي پوندو هوس، ته اهڙي گهر ۾ ڇو پيدا ٿيس. جيڪڏهن ڪنهن غريباڻي گهر ۾ ڄمان ها ته ذهني ۽ طبقاتي الجهنن کان ته ڇٽي پوان ها. اهي ئي ڪارڻ هئا جن جي ڪري پاڻ، پنهنجي گهر بابت ۽ مٿئين طبقي بابت منهنجي دل ۾ نفرت شدت اختيار ڪندي ويئي.
دوست، مان ڀٽڪيل هوس، ته مون کي هڪ راهه نظر آئي. مون جذباتي بنجي سمجهيو ته اها ئي صحيح راهه آهي، نجات انهيءَ ۾ آهي. وقت ۽ حالتن مون تي ڪي نظريا مڙهي ڇڏيا. مون سوچيو ته اڄوڪي سماج ۾ مون جهڙا لکين ماڻهو سڙندا، پچن ۽ تڙپندا رهندا، جيستائين هي نظام نه بدليو آهي. مون مقصد کي ئي سڀ کان اوچو تصور ڪيو. پيار ۽ محبت کي هڪ اجائي ڳالهه ۽ سطحي جذباتيت سمجهڻ لڳس. مون سوچيو ته اهو ذهني عيش آهي، دنيا جي تلخ حقيقتن کان فرار آهي. سڄي جهان جو درد منهنجي دل ۾ اچي سمايو، ۽ مون پنهنجي ذات کي وساري ڇڏيو. مون وٽ فقط دوربين هئي جنهن سان پري پري ڏسي سگهيس ٿي؛ پر دوربين سان گڏ مون کي خودبين ملي نه سگهي جو پنهنجي اندر ۾ به جهاتي پائي سگهان. حالتن جي ڪري مان انتها پسند بنجي ويس. حقيقت ۾ مان هڪ عملي ماڻهو نه هوس، منهنجي طبيعت ۽ فطري رجحان انهن نظرين کان مختلف هئا. مون ته روح جي شانتي جي لاءِ سوچيو هو، پر شانتي ڪٿي ٿي نصيب ٿئي. مان ڄڻ ته پاڻي جي تلاش ۾ رڻ جهاڳيندو رهيو هوس، هيڏانهن هوڏانهن واجهائيندو، پريان اڇ ڏسي ان ڏانهن ڊڪندو رهيس پر سواءِ سراب جي ٻيو ڪجهه به نصيب نه ٿيو. تڏهن مون ڄاتو ته منهنجي زندگي رڻ ۾ بيٺل ان ٿوهر جي وڻ وانگر آهي، جنهن کي پاڻي جي ڪا به ضرورت نه هوندي آهي؛ جنهن جي ڪا به اهميت ڪانه هوندي آهي؛ ۽ جنهن ۾ ڪنڊن کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪين هوندو آهي.
نه، مون ۾ ايترين تلخين سهڻ جو تاب ڪونهي، همت ڪانهي. مان ڄڻ ته هڪ طوفان ۾ وڪوڙيل آهيان جنهن منهنجا سمورا هوش حواس گم ڪري ڇڏيا آهن. جيڪي دير سان ٿيڻ کپندو هو. سو تمام جلد ٿي ويو. ان بيدرد وقت منهنجي اندر جا اُڌما دٻي ڇڏيا، منهنجي روح جي رڙين جو گلو گهٽي ڇڏيو.
خدا؟. نه دوست مون کي تنهنجي رحيم ڪريم خدا تي ڪو به يقين ۽ ڀروسو نه رهيو آهي. دراصل حالتن ئي مون کي مجبور ڪيو آهي ته ائين سمجهان. ٿي سگهي ٿو ته مان ڀٽڪيل هجان، پر ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه! مون کي به زندهه رهڻ جي آرزو آهي، مون کي به زندگيءَ سان پيار آهي، جيتوڻيڪ منهنجي زندگي بلڪل خالي ۽ پراڻي بوتل وانگر ٿي وئي آهي. مان روئڻ ٿو چاهيان پر روئي به نٿو سگهان. منهنجا سڏڪا گهٽجي گهٽجي دم ڇڏي چڪا آهن.... مان اهي گهاءُ ڏسڻ ٿوچاهيان جيڪي هڪ مختصر وقت ۾ مون کي پهتا. معاف ڪجو، مان شايد ڪجهه جذباتي بنجي ويس. دوست، هن وقت منهنجون حالتون هڪ ئي هنڌ کتيون بيٺيون آهن. ان بي رنگي، يڪسانيت ۽ هڪڙي قسم جي جمود مون کي پنهنجي زندگيءَ کان ئي بور ڪري ڇڏيو آهي. منهنجو روح ته اصل ۾ ڀٽڪندڙ آهي، ۽مون ڄڻ ته ان کي هڪ ئي هنڌ قيد ڪري رکيو آهي. مان چاهيان ٿو ته هڪ سيلاني، هڪ سياح بنجي ڀٽڪندو وتان، رلندو وتان.

پيڙا جا پڙلاءُ

ماڻھن جا مرڪندڙ منهن آھن، کلن جا ڦوھارا آھن ۽ ٽھڪن جا جھرڻا آھن. ننڍا ننڍا ٻار چھچ سائي ڇٻر تي کيڏندي رڙيون ڪري رھيا آھن. آءٌ انهن سڀني کي بي تعلق نظرن سان ڏسي رھيو آھيان. ائين ٿو لڳي ڄڻ رڳو جسم ھتي آھي باقي روح ڪٿي پري پولار ۾ آھي. ھا، منهنجو من ڪٿي آھي؟ من ته ڀٽڪي رھيو آھي، الائي ڪٿي ڪٿي! من کي ڪو ٽڪاءُ ڪونهي منهنجو ڪو اختيار ڪونهي، پنهنجي من تي جو ان کي ھڪ ھنڌ روڪي سگهان، جيڪر پنهنجي من تي اختيار ھجي ھا، مون کي!
”ڇا پيو سوچين؟“ ڪٿان پري کان آواز آيو آھي. آءٌ ڇرڪي پنهنجو پاڻ ۾ موٽي آيو آھيان. آءٌ ھن ڏانهن نهاريان ٿو. ھوءَ منهنجي پاسي ۾ ئي ويٺي آھي. پوءِ به ھن جو آواز پري کان آيل ڇو لڳو؟ ھوءَ جلد ئي پنهنجي آواز وانگر پاڻ به پري ٿي ويندي، ۽ پوءِ پنهنجي آواز سان گڏ گم ٿي ويندي. دل ڪنهن گهري درد ۾ ٻڏي رھي آھي. من ۾ اچي ٿو رڙيون ڪريان.
”تون ڳالھائين ڇو نه ٿو! منهنجو ساه ٿو منجھي.....“ ھوءَ ذري گھٽ رڙ ڪندي چوي ٿي. ھن جون ڇيد ڪندڙ نظرون يڪ ٽڪ مون تي کتل آھن. جيڪر چوان: ھاڻي ڳالھائڻ جي لاءِ باقي رھيو ئي ڇاھي ! پر ائين چئي نٿو سگهان. ان جي بدران چوان ٿو، ”توکي ياد آھي، نسرين ! تون جڏھن پھرين داخلا ورتي هئي، تڏھن تونڪلاس ۾ ڪنهن سان به نه ڳالھائيندي ھئينءَ. ھڪڙي ڏينهن مون به ڪوشش ڪئي ھئي توسان ڳالھائڻ جي. آءٌ توسان ڳالھائيندو رھيس، پر تون چپ ڪريو ويٺي ھئين. نيٺ مون رڙ ڪري چيو ھو: ”اوھ محترمه، اوھان ڳالھايو ڇونٿيون؟ ڪجھ ته ڳالھايو، منهنجو ته ھاڻي ساھ ٿو منجھي !“
۽ ھينئر به ھوءَ ڪجھ نٿي ڪڇي. سندس چپن تي رڳو اداس مرڪ اچي ۽ وري يڪدم مري وڃي ٿي. سامھون بيٺل وڻ لڏي رھيا آھن، ھوا آھي، پوءِ به مون کي ٻوساٽ ٿو محسوس ٿئي. آءٌ وڻ جي لڏندڙ لمندڙ ٽارين کي ڏسندو رھان ٿو. انهن ٽارين کان مٿي پکي اڏامي رھيا آھن. منهنجون يادگيريون به انهن پکين جيان اڏامنديون ڪٿي جو ڪٿي وڃي پھچن ٿيون.
نسرين کي سڀ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون مغرور سمجھندا ھئا. ھوءَ ڪنهن سان به نه ڳالھائيندي ھئي. اصل ۾ ھن جي رکي سڀاءُ کي ڏسي ڪو به ھن سان ڳالھائڻ جو ست نه ساريندو ھو. ان ڪري ڪلاس جا ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون ھن کي مختلف طريقن سان تنگ ڪندا ھئا. رڳو آءٌ ئي ھميشه نسرين جو پاسو وٺندو ھوس. ھن جي مک تي اداسيءَ جا گهرا پاڇا ھوندا ھئا، جنهن ۾ ڪنهن اڻڄاڻائي دک جون ڇوليون پئي ڇليون. مون کي اھا ڳالھ نه وڻندي ھئي ته ٻيا ھن کي ھروڀرو تنگ ڪن، ھن تي کلون ڪن. آءٌ ڪڏھن ڪڏھن ھنن سان وڙھي به پوندو ھوس، تڏھن ھو سڀ گڏجي مون کي چيڙائيندا ھئا ته توکي نسرين سان ايڏي ھمدردي ڇو آھي؟ واقعي آءٌ سوچيندو ھوس ته آخر منهنجو ھن سان ڇا وڃي، آءٌ ڇو ھن جي پاران ٻين سان وڙھندو وتان؟ جيڪڏھن ھوءَ ايڏي مغرور آھي جو ڪنهن سان ڳالھائڻ به نٿي چاھي ته پوءِ ڀلي کانئس ان مغروريءَ جو حساب ورتو وڃي. پر دل نه مڃيندي ھئي – چپ رھڻ ۽ ڪنهن سان نه ڳالھائڻ ڪو ڏوھ ته نه آھي، ۽ ڇا ڪنهن سان نه ڳالھائڻ مغروري آھي؟ ان جا ڪئين ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. شروع شروع ۾ جڏھن مون ھن جي شخصيت ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي تڏھن ان جو ٻيو ڪارڻ ڪو به ڪو نه ھو، سواءِ ھن کي ڄاڻڻ جي. ھوءَ واقعي بيحد حسين ھئي. ڪن جو اھو به خيال ھو ته ھوءَ پنهنجي حسن جي ڪري مغرور آھي. پر اھا ڳالھ مون کي دل سان نٿي لڳي. ائين ته ڪي ڇوڪريون ھن کان به وڌيڪ سھڻيون موجود ھيون.
ھڪ ڏينهن ھن پاڻ ئي مون سان ڳالھايو. نهايت گنڀيرتا سان چيائين ته ”مون کي اوھان سان ڪجھ ڳالھائڻو آھي.“
”فرمايو!“
”فرمائڻ جي ڪا به ڳالھ ڪانهي. ھڪڙو عرض آھي. اوھان مھرباني ڪري مون سان ھمدردي ڪرڻ ڇڏي ڏيو،“ ھوءَ ڪجھ بيزار پئي لڳي.
”آءٌ ڇو اوھان سان ھمدردي ڪندس! باقي جيڪڏھن ٻين کي اوھان جي خلاف راءِ ڏيڻ جو حق آھي، ته انهن جي مخالفت ڪرڻ جو حق مون کي به آھي. ڇا اوھان اھو حق مون کان کسڻ ٿيون چاھيو؟“
ھوءَ چپ.
”اوھان ٻين کي ته منع نٿيون ڪريو، ھنن کي جيئن وڻي تيئن چوندا وتن، باقي اوھان مون کي اڪيلو ڏسي مون سان وڙھڻ آيون آھيو!“
ھوءَ چپ.
”اوھان آخر پاڻ کي ڳجھارت ڇو بنائي رکيو آھي؟“
ھوءَ چپ.
”اوھ محترمه! اوھان ڳالھايو ڇو نٿيون، ڪجھ ته ڳالھايو، منهنجو ته ھاڻي ساھ ٿو منجھي!“
تڏھن اوچتو ھن جي مک مان کل جو جھرڻو وھي ھليو. مون ھن کي عجب مان ڏٺو. مون ھن کي پھريون ڀيرو کلندي ڏٺو ھو. اھڙي مٺي ۽ مڌر کل، جنهن ۾ سنگيت ڀريل ھجي، مون پھريون ڀيرو ٻڌي ھئي شايد. ھن کلندي چيو، ”ڪنهن جي نه ڳالھائڻ سان به ٻين جو ساھ منجھندو آھي ڇا؟“
”اوھان ايترو سارو وقت نه ڳالھائڻ جو رڪارڊ قائم ڪري سڄي ڪلاس جو ساھ منجھائي رکيو اھي ۽ اوھان کي ان ڳالھ جو احساس ئي ڪونهي.“
”سچ! جيڪڏھن منهنجي چپ رھڻ سان ٻين کي تڪليف پھتي آھي، ته مون کي ان جو افسوس آھي.“
ھن جي پشيمانيءَ واري انداز تي مون کي کل اچي وئي.
”اوھان کي خبر آھي ته ڪلاس جو اوھان جي باري ۾ ڪھڙو رايو آھي؟“
”مون کي راءِ جي ته خبر ڪانهي، البت اھا سڌ اٿم ته سڄو ڪلاس منهنجي خلاف آھي ۽ اوھان منهنجي پاران ھنن سان وڙھندا آھيو،“ ھن سادگيءَ سان چيو.
”منهنجي ڳالھ کي ڇڏيو. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو اوھان جي باري ۾ اھو متفق رايو آھي ته اوھان مغرور آھيو.“
”ڇا اوھان به مون کي مغرور ٿا سمجھو؟“ ھن اٽلو مون کان سوال ڪيو ۽ آءٌ منجھي پيس.
”اوھان جي ھلت مان ته ائين ٿو لڳي.“ مون ھٻڪندي وراڻيو.
”جيڪڏھن اوھان به ٻين جي راءِ کي صحيح ٿا سمجھو، ته مون سان ھمدردي ظاھر ڪري، منهنجو طرف ڇو ٿا کڻو؟“
مون چيو، ”اوھان غلط سمجھيو آھي، پھرين ته آءٌ اوھان جي نه ڳالھائڻ ۽ چپ رھڻ جو سبب مغروري نٿو سمجھان. چپ چاپ رھڻ جو ڪو ڪارڻ ضرور ھوندو. پر ان جو مطلب مغروري ناھي. اوھان جي ڪنهن سان نه ڳالھائڻ جو ٻيو به ھڪ سبب سمجھيو وڃي ٿو...“ آءٌ چپ ٿي ويس.
”ڪھڙو؟“ ھن مون کي چپ ٿي ويل ڏسي پڇيو.
”ڪن جو خيال آھي ته اوھان پنهنجي حسن جي ڪري مغرور آھيو،“ ھوءَ شرمائجي وئي ۽ ڪجھ ڪڇي ڪا نه.
”پر مون کي ان ڳالھ تي به اعتبار ڪونهي.“
”توبه ! ڪھڙيون ڪھڙيون غلط ڳالھيون مشھور ٿي ويون آھن،“ ھن ڄڻ پاڻ سان ڳالھائيندي چيو.
”ٿي سگهي ٿو، ماڻھو اوھان کي غلط سمجھندا ھجن ۽ اوھان وري ٻين کي غلط ٿا سمجھو.“
”يعني؟“
”يعني اوھان منهنجي ھمدرديءَ کي غلط سمجھيو آھي.“
ھوءَ چپ رھي.
”اوھان جي چپ جو روزو وري شروع ٿي ويو آھي شايد.“ ٻنهي کان ٽھڪ نڪري ويو ۽ پرڀرو بيٺل ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اسان کي حيرت سان ڏسڻ لڳا.
ان کان پوءِ ھوءَ اڃا به ٻين سان گھڻو نه ڳالھائيندي ھئي، باقي مون سان وقت ملڻتي ڳالھائيندي رھندي ھئي. ھن پنهنجي باري ۾ مون کي ھيستائين ڪجھ به نه ٻڌايو ھو، نه وري مون ئي ھن تي زور ڀريو ھو. ڪجھ وقت کان پوءِ مون کي اھو احساس ٿيڻ لڳو ته نسرين جي شخصيت ۾ ھڪ ڪشش ھئي جنهن مون کي ڇڪي ھن جي ويجھو آندو ھو. اھا ھن جي ڪشش ئي ھئي جنهن جي ڪري ٻين به ھن جي ويجھو اچڻ ۽ ھن سان ڳالھائڻ ٻولھائڻ ٿي چاھيو، پر نسرين جي بي رخيءَ واري ھلت جي ڪري ڪو به ويجھو نه ٿي سگهيو ۽ ان ڪري ئي ھن جا مخالف بنجي ويا ھئا. ھو شايد مون کان به سڙڻ لڳا ھئا. مون کي اھا خبر پئجي وئي ھئي. ھنن مون کي ۽ نسرين کي غلط سمجھيو ھو. اسان ٻنهي جي وچ ۾ اھڙي ڪا به ڳالھ ڪا نه ھئي، جنهن کي غلط معنيٰ ڏني وڃي. مون پنهنجي دل کان ڪئين ڀيرا پڇيو ته ڇا سچ پچ آءٌ نسرين کي چاھيان ٿو، پر مون کي ڪو به پڪو جواب ڪو نه ٿي مليو. آءٌ منجھي ٿي پيس ته آخر مون کي ھن جي لاءِ ايڏي ڇڪ ڇو ٿي محسوس ٿئي، جيڪڏھن مون کي ھن سان پيار ڪونهي!
ھوءَ جنهن ڏينهن ڪلاس ۾ نه ايندي ھئي، ته مون کي ڏاڍي اٻاڻڪائي ۽ اڪيلائي محسوس ٿيندي ھئي. ھوءَ گھڻو ڪري غير حاضر رھندي ھئي، پوءِ جڏھن ايندي ھئي، تڏھن ڏسندو ھوس ته مون تي نظر پوڻ سان ھن جي چپن تي مرڪ ٽڙي پوندي ھئي. پر آءٌ اھو سمجھي سگهيس ٿي ته اھا مرڪ به ڪيڏي اداس ھئي. ان وقت مون کي اھو خيال ايندو ھو ته ڪٿي ھن جي اڻڄاتي دک ۽ اداسيءَ ته ڪو نه مون کي ڇڪي ھن جي ويجھو آندو آھي. منهنجي روح ۾ به ته رڃ جا پاڇا ھئا. آءٌ به ته پنهنجو پاڻ ۾ ھيڪل وياڪل ھوس. منهنجي اندر ۾ به ڪنهن گهري پيڙا جا پڙلاءَ ھئا، جيڪي جيءَ کي جھنجھوڙي رھيا ھئا. حالتن وڻ ويڙھيءَ وانگر منهنجي روح مان سمورو رس چوسي ورتو ھو. اندر ۾ ڪا به مڌرتا نه ھئي، ڪو به سنگيت مئه سر نه ھو جيڪو روح جي تارن کي ڇيڙي ان ۾ وري رس ڀري. مون نسرين ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏٺو ھو، ھوءَ ڄڻ منهنجو آئينو ھئي. مون کي نسرين کان وڌيڪ ھمدردي پنهنجو پاڻ سان ھئي، ھوءَ ته رڳو ھڪ وسيلو ھئي. مون ڪنهن سان به پيار ڪرڻ نٿي چاھيو. مون سمجھيو ھو ته مان ڪنهن سان پيار ڪري ئي نه ٿو سگهان. پيار اھي ماڻھو ڪري سگهندا آھن، جن کي پيار جي ڳڻتيءَ کان سواءِ ٻي ڪا به ڳڻتي ڪا نه ھوندي آھي. ھو ڄڻ پيدا ئي پيار ڪرڻ جي لاءِ ٿيندا آھن. آءٌ ان لاءِ پيدا نه ٿيو ھوس. آءٌ رڳو پنهنجي ڪمزور سري کاڌل گهر جي ٿنڀ بنجڻ جي لاءِ پيدا ٿيو ھوس. مون پنهنجن ھٿن سان پنهنجي اندر جي جذبن کي گھٽو ڏئي ماري ڇڏيو ھو. مون پاڻ سان جنگ ڪئي ھئي. نسرين کي ڏسي مون کي لڳو ته ھوءَ به پاڻ سان جنگ ڪري رھي ھئي. اسين ٻئي جڏھن گڏ ويھندا ھئاسين ته پنهنجي ليکي پنهنجي پنهنجي جنگ لڙندا ھئاسين. اسان ڪڏھن به ھڪ ٻئي کان پنهنجي بابت نه پڇيو، پر ھن جو اڪثر غير حاضر رھڻ مون کي کٽڪندو ھو. نيٺ مون ھن کان ان جو سبب پڇيو. مون سمجھيو ته ھوءَ نٽائيندي، ڪو به پڪو جواب نه ڏيندي، پر ھن سنئون سڌو جواب ڏنو.
”جڏھن منهنجو چاچو شھر ايندو آھي، ته آءٌ پڙھڻ نه ايندي آھيان.“
”ڇو؟“
”بس منهنجو چاچو نٿو چاھي ته آءٌ مٿي پڙھان.“
”پر آخر ڇو؟ تنهنجي پيءُ ھوندي تنهنجو چاچو توکي پڙھڻ کان ڇو ٿو روڪي؟“
ھن ڪو جواب نه ڏنو. ڪجھ وقت تائين پري پري نهاريندي رھي. ھن جي مک تي اداسيءَ جا ڪارا ڪڪر مڙي آيا.
”ڇا ڳالھ آھي نسرين! منهنجي ٻڌائڻ جھڙي ڳالھ ناھي ڇا؟“
ھن بيوسيءَ وچان مون کي ڏٺو.
”آءٌ پنهنجي چاچي جي پٽ سان مڱيل آھيان،“ ھن زور مس ڪري ڳالھايو. منهنجي واتان اکر به نه اڪليو. من جي مونجھ وڌڻ لڳي، ان ڪري ڳالھايم.
”تنهن جو سؤٽ پڙھيل آھي؟“
”مئٽرڪ ۾ فيل ٿيڻ کان پوءِ ھن پڙھڻ ڇڏي ڏنو. ھينئر زمينداري ڪندو آھي.“
”توکي پسند آھي؟“ مون کي پنهنجو اھو سوال عجيب لڳو. ھن مون ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ ڪنڌ جھڪائي ڇڏيائين. ڳچ دير کان پوءِ ھن پاڻ ئي ڳالھايو.
”منهنجو مڱڻو تڏھن ٿيو ھو جڏھن آءٌ اڃا پيٽ ۾ ھئس.“ کن رکي ڄڻ ھوءَ پري نهاريندي ڳالھائيندي رھي، ”اسان جي خاندان ۾ پنهنجن کان ٻاھر نياڻي ڪڍڻ بدنامي ۽ عيب جي ڳالھ آھي. ان ۾ ڇوڪريءَ جي پسند يا مرضيءَ جو ڪو به دخل نه ھوندو آھي. ھو چپ چاپ بنا ڪڇڻ جي ڦاھيءَ تي چڙھي وينديون آھن.“
”تنهنجا ماءُ پيءُ تنهنجي چاچي جي مرضيءَ جي خلاف توکي ڪيئن ٿا پڙھائين؟“
”وڏين منٿن ۽ ايلازن کان پوءِ مس مس مٿي پڙھڻ جي اجازت ملي آھي. پر سو به انهيءَ شرط سان ته آءٌ ڇوڪرن سان نه ڳالھائينديس.“
تڏھن ڇا نسرين ھڪ ڏينهن ھلي ويندي ۽ وري ڪڏھن به نظر نه ايندي! منهنجي ذھن کي ڌڪ لڳو تڏھن مون محسوس ڪيو ته مون کي نسرين سان بيحد پيار آھي، پر ان پيار جي خبر مون کي تڏھن پئي ھئي جڏھن ان جي پڄاڻي به شروع ٿي چڪي ھئي. مون نسرين سان ڪڏھن به پيار جو اظھار نه ڪيو ھو. پيار جو اظھار ھروڀرو زبان سان نه ڪبو آھي. اکيون من جون آرسيون آھن، اکيون ڪا به ڳالھ نه لڪائينديون آھن. اکيون اکين سان ڳالھائينديون آھن ۽ اھو ڪجھ چئي وينديون آھن جيڪي زبان سان ڳالھائي ڪو نه سگهبو آھي. مون ھن جي آرسين اکين ۾ جھاتي پائي ڏٺو ھو.
ھن جي اکين ۾ پيار جا پاڇا ھئا. پر ان سان گڏ ھڪ گهري درد جو ڌنڌ ڇانيل ھو، ھن جي اکين ۾ مون سڀ ڪجھ ڏٺو ھو. شايد ھن به سڀ ڪجھ ڏٺو ھو منهنجي اکين ۾، اسان کي زبان سان ڪجھ به چوڻ جي ڪا ضرورت ڪا نه ھئي.
امتحان ۾ ڪجھ ڏينهن دير ھئي، ته اوچتو نسرين جو ڪلاس ۾ اچڻ بند ٿي ويو. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ھن جي نه اچڻ تي مختلف رايا ڏنا، رڳو آءٌ ئي صحيح اندازو لڳائي سگهيس ٿي، ته ھن جو اچڻ ڇو بند ٿي ويو آھي. ڪلاس ۾ ھن جي ويھڻ جي خالي جاءِ ڏانهن نهاريندي ھانءُ منجھڻ ۽ وچڙڻ لڳندو ھو، آءٌ اکيون پوري ڇڏيندو ھوس. ھوءَ منهنجي اڳيان اچي بيھندي ھئي، ڄڻ درد جي پاتال مان اڀري مٿي ايندي ھئي. آءٌ ھن جي اھا صورت ڏسي سھي نه سگهندو ھوس. شايد ھن جي اھا صورت منهنجي اندر جي پيڙا جو پاڇو ھو جيڪو نسرين جو روپ وٺي، پر گھٽ ٿيندو ھو. آءٌ يڪدم اکيون کولي ڇڏيندو ھوس ۽ نظرون ھن جي خالي جاءِ سان ٽڪرائبيون ھيون، ٽڪرائجي ڄڻ زخمي ٿي واپس موٽي اينديون ھيون. ان وقت مون کي دل ڪنهن اڻ ڄاتي تڪليف ۾ دٻجندي، پيڙجندي محسوس ٿيندي ھئي. آءٌ گھٻرائجي پنهنجي حالت کان ڊڄي، اٿي ٻاھر ھليو ويندو ھوس. ڳچ ڏينهن کان پوءِ ھن جي ھڪ مختصر چٺي مون کي ملي. ھن مون سان آخري ڀيرو ملڻ ٿي چاھيو. آخري ڀيرو! مون ٽھڪ ڏيڻ چاھيو پر نڙيءَ ۾ ڪو ڳوڙھو ڦاسي پيو ھو.
۽ ھينئر، ھن گھڙيءَ، ھوءَ آخري ڀيرو منهنجي پاسي ۾ ويٺي آھي. پر ڪٿي آھي ھوءَ، آئون ڪيئن ٿو چئي سگهان ته ھوءَ ھتي آھي. ڪجھ دير کان پوءِ ھوءَ ھتي نه ھوندي، ۽ پوءِ سڀ ڪجھ ختم ٿي ويندو، ڄڻ ڪجھ ھو ئي ڪو نه. پر ھو به ڇا؟ ڇا ھو؟ آخر اسان جو رشتو ڪھڙو ھو پاڻ ۾، جو اڄ آخري ڀيرو ملڻ جي ڪري اسين ايڏا دکي ھئاسين. ھوءَ جيڏي مھل آئي ھئي ان وقت ھن جي مک تي ڪا مرڪ ڪا نه ھئي. اداسيءَ ۾ ٻڏل مرڪ به نه، ڄڻ مرڪ مري چڪي ھئي.پھرين مون ئي ساڻس ڳالھايو ھو.
”نسرين پڙھڻ ڇڏي ڏنئھ ڇا؟“
ھن رڳو مون ڏانهن نهاريو، ڄڻ چوندي ھجي، ”اھا ڳالھ پڇڻ جي آھي!“ ھوءَ چپ چاپ ويٺي آھي، اوچتو ڄڻ سڏڪندي چوي ٿي، ”منهنجي شادي جا ڏينهن مقرر ٿيا آھن.....“
ھن جو آواز جھيڻو ۽ سڏڪن جھڙو آھي، پوءِ به مون کي پنهنجي اڳيان ڌماڪو محسوس ٿئي ٿو. مون کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته ان ڳالھ جو ڪھڙو جواب ڏيان. دل ۾ اچي ٿو ته کيس مبارڪون ڏيان. پر پوءِ سمجھندي ته آءٌ مٿس ٽوڪ ڪري رھيو آھيان، ۽ ھمدردي! پر آءٌ ڪير ٿيندو آھيان، ھن سان ھمدردي ڪرڻ وارو.
”تون امتحان به نه ڏيندينءَ؟“
”نه، منهنجو چاچو ان ڳالھ تي بابا جن سان ڪاوڙجي پيو آھي ته ھنن مون کي سندس پٽ کان وڌيڪ ڇو پڙھايو آھي. چاچو تمام وڏو زميندار آھي، اسين ھن جي ڀيٽ ۾ گھٽ حيثيت وارا آھيون، ان ڪري بابا ھن کي ناراض ڪرڻ نٿو چاھي.“
آءٌ ڪجھ نٿو ڪڇان، مون وٽ ڳالھائڻ جي لاءِ ڪجھ آھي ئي ڪو نه. ائين ناھي ته آءٌ ڳالھائڻ نٿو چاھيان، پر ڇا ڳالھائجي. مون کي ڪا به ڳالھ ڪا نه ٿي سجھي، اندر جي مونجھ کي ظاھر ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو! اڻ چيل ڳالھيون اڻ چيل ئي رھن ته چڱو. سڀ ڪجھ ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ انهن ڳالھين جي اھميت ئي ڪھڙي رھي آھي.
”ڪلاس جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون منهنجي باري ۾ اڃا به ڳالھائيندا آھن؟“ ھن جي چپن تي مئل مرڪ آھي.
”تون ھنن جي لاءِ اڃا به ڳجھارت آھين،“ مون ائين ئي جواب ڏنو آھي.
”ھا، ٻين کي ڪھڙي پئي آھي جو ھڪ ڳجھارت کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪن.“
آءٌ ھن ڏانهن نهاريان ٿو. ھوءَ يڪدم منهن ڦيرائي ڇڏي ٿي ۽ اکين ۾ ڀرجي آيل لڙڪن کي لڪي اگھي ٿي. پوءِ لڙڪن کي پيئندي ڳالھائي ٿي.
”تون به ٻين وانگر مون کي ڳجھارت ئي سمجھين ھا. تون مون کي سمجھي ڇو پاڻ کي دکي ڪيو؟ ڇو دکي ڪيو؟“ ھوءَ چپ کي چڪ پائي اٿي بيھي ٿي.
ھوا بند آھي. منهنجو ساه ٿو منجھي. آءٌ وڻن ڏانهن ڏسان ٿو، ٽاريون لڏي لمي رھيون آھن پر پوءِ به ھوا ڪانهي، چوڌاري اڻ لکيون ديوارون آھن جن هوا کيروڪي رکيو آھي. ساه ٿو گھٽجي ..... من ڄڻ ڪنهن مٺ ۾ پيڙبو ٿو وڃي. اوھ نسرين! نسرين! ..... رڙ نڙيءَ ۾ اچي ڦٿڪڻ لڳي. آءٌ ھڪدم ھن ڏانهن نهاريان ٿو. ھن جي جاءِ خالي پئي آھي– لڳي ٿو ڄڻ ھوءَ ھت ڪڏھن ھئي ڪانه.

منجهيل لڪيرون

هو پنهنجو ساڄو هٿ ٽيبل جي ڪناري تي رکي هٿ جي تريءَ کي ڏسڻ لڳو. مون اها ڳالهه مارڪ ڪئي هئي ته هو جڏهن خاموش هوندو هو ته اڪثر پنهنجن هٿن جون تريون ڏسندو رهندو هو- مون هڪ ڀيري کانئس پڇيو هو، ”تون پنهنجن هٿن جي ترين ۾ ڇا ڏسندو آهين؟“
”لڪيرون.“
”لڪيرون! پامسٽري ڄاڻندو آهين ڇا؟،
”نه. پامسٽري ڄاڻندو هجان ته پوءِ ٻين جا هٿ نه ڏسان“ ۽ هو هلڪو کليو. ”پوءِ ته تنهنجو هٿ به ڏسان هان.“
”اهو تون پنهنجن هٿن جي لڪيرن ۾ ڇا ڏسندو آهين، جڏهن تو کي ڪا خبر به ڪانهي؟“
هن پنهنجا ٻئي هٿ ابتا ڪري منهنجي اڳيان ٽيبل تي رکيا.
”هنن هٿن ۾ تو کي ڪا خاص ڳالهه نظر اچي ٿي؟“هن مون کان پڇيو.
هن جي هٿن جون لڪيرون تمام گهڻيون، گهاٽيون ۽ اڻ چٽيون هيون- مون ڪجهه نه چيو، رڳو هن ڏانهن ڏٺو.
”هڪڙي پامسٽ مون کي چيو هو ته تنهنجون لڪيرون تمام منجهيل آهن، ۽ آئون اهي لڪيرون ان ڪري ڏسندو آهيان جو انهن ۾ مون کي عجيب شڪليون نظر اينديون آهن. اهي لڪيرون هڪ ٻئي کي ڪٽين ٿيون ۽ مون کي منڌيئڙا نظر ايندا آهن ۽ مون کي لڳندو آهي ته منهنجي قسمت تي به منڌيئڙا ڏنل آهن.“
ريسٽوران ۾ اسين ٻئي چپ چاپ ويٺا هئاسين- هو پهريون ڀيرو يونيورسٽيءَ کان ٻاهر ڪنهن جاءِ تي مون سان مليو هو.
” ڇا پئي سوچين؟“ هن اوچتو پڇيو.
آئون منجهي پيس. چوڻ چاهيم ته آئون تنهنجي ئي باري ۾ سوچي رهي هيس، پر چئي نه سگهيس.
”ڪجهه به نه، ائين ئي ويٺي هيس.“
هن ٻئي ٺونٺيون ٽيبل تي رکي کاڏي ترين جي پيالي تي آندي ۽ منهنجي اکين ۾ نهاريندي چيو، ”تو کي مون ۾ ڪهڙِ خاص ڳالهه نظر آئي جو تون مون ڏانهن ڇڪجي آئي آهين. ٻيون ڇوڪريون ته منهنجي بور ڪمپني ۽ بور شخصيت کان لهرائينديون آهن.“
مون کي ڪو جواب نه سجهيو. هو ٻين ماڻهن کان مختلف هو، نرالو هو، شايد ان ڪري.
”تون ٿورو عجيب آهين!“
”عجيب!“ هو کليو. ٻين معنائن ۾ آئون تنهنجي لاءِ هڪ اهڙي ڳجهارت آهيان جنهن کي تون سلڻ ٿي چاهين. پر جڏهن تون سڀ ڪجهه ڄاڻي وٺندينءَ تڏهن آئون تنهنجي لاءِ عجيب نه هوندس. ۽ تڏهن.... تڏهن تنهنجي دلچسپي بيزاريءَ ۾ بدلجي ويندي.“ هن جي اکين جي اداسي وڌيڪ گهري ٿي وئي. هو خالي ڪپ ۾ چمچو ڦيرائڻ لڳو.
”تنهنجون اهي ئي ڳالهيون ته عجيب آهن،“ مون ڪجهه چوڻ لاءِ ڳالهايو.
”ثمينه، مون ۾ ڪا به عجيب ۽ خاص ڳالهه ڪانهي. تون ٿورو ڌيان ڏيندينءَ ته تو کي مون جهڙا ٻيا به گهڻا نظر ايندا، جن کي دنيا ۾ سواءِ اذيتن جي ٻيو ڪجهه به ناهي مليو. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن مان ڪي پاڻ لڪائي سگهندا آهن ۽ ڪي مون جهڙا هوندا آهن جيڪي لڪائي نه سگهندا آهن. آئون هڪ مار کاڌل ۽ هارايل ماڻهو آهيان. جڏهن ننڍو هوس ته هڪ جيڏن جي هٿان مار کائي روئندو گهر ايندو هوس. گهر ۾ ماءُ پنهنجي بيروزگار مڙس ۽ سخت مزاج سس جا سور مون مان ڪڍندي هئي. آئون جيئن وڏو ٿيندو ويس، موڳو ۽ بزدل بنجندو ويس. مون دنيا جي هٿان هميشہ مارکاڌي آهي. مون ۾ مقابلي ڪرڻ جي سگهه ڪانهي. مون ۾ ڪجهه به ناهي، ۽ جڏهن تو کي خبر پوندي ته آئون اندران ڪيترو کوکلو آهيان، تڏهن تون به پاسو ڪري هلي ويندينءَ“
” اڳ ۾ ڪير هليو ويو آهي؟“
”اڳ ۾؟“۽ مون ڏانهن نهارڻ کان سواءِ چيائين، منهنجي زندگيءَ ۾ ڪير ايندو! جيڪڏهن ڪو ڀلجي به آيو ته جهاتي پائي، ويرانيءَ کان ڊڄي هليو ويندو.“
مون کي لڳو ته هو ڳالهه لنوائڻ چاهي ٿو.
”ڊپارٽمينٽ جي طرفان پڪنڪ جو پروگرام ٺهيو آهي، ڪينجهر تي. تون هلندين نه؟“ مون پڇيو.
”نه. تو کي خبر آهي ته آئون اهڙين ڳالهين ۾ شريڪ ڪونه ٿيندو آهيان.“
” پر ڇو؟ اڪيلو رهي رهي ته ڊپريشن جو مريض بنجي ويو آهين. ٻين ماڻهن سان گڏ ٽائيم گذري ويندو آهي. ٻين جي ڪمپنيءَ ۾، ڪنهن جي موجودگيءَ ۾ ماڻهو پنهنجو پاڻ مان نڪري ايندو. تون نه ڪنهن دعوت ۾ اچين، نه ڪنهن فنڪشن ۾. آخر تو پاڻ تي اڪيلائي ڇو مسلط ڪئي آهي؟“
هو ڪجهه دير تائين مون ڏانهن ڏسندو رهيو.
”ڏس ثمينه، آئون پنهجي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪنهن جي دخل اندازي نه سهندو آهيان. نه ئي ڪنهن جي ويجهو ويندو آهيان. تو مون ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌايو آهي. ان لاءِ مهرباني. آئون تو کي ايترو ٻڌائي ڇڏيان ته منهنجي لاءِ سارتر جي لفظن ۾ ٻيا ماڻهو جهنم آهن.“ هن بيري کي سڏ ڪيو. بيري ٿوري دير ڪئي ته هو چڙي پيو. هن پنهنجي ڪاوڙ بيري مان ڪڍڻ پئي چاهي.
هن کي اسان جي ڊپارٽمنٽ ۾ ليڪچرر جي حيثيت سان آئي پنج ڇهه مهينا ٿي چڪا هئا. ڊپارٽمنٽ جا سمورا ساٿي هن کي پروفيسر سڏيندا هئا، ان ڪري جو هو سڀني کان الڳ ٿلڳ ۽ اڪيلو رهندو هو. ڪلاس وٺڻ کان سواءِ باقي سڄو وقت سيمينار لئبرري ۾ ويهي پڙهندو رهندو هو. ڪير ساڻس ڳالهائيندو ته ائين مهذب ۽ مختصر نموني جواب ڏيندو جو اڳلي کي هن سان فري ٿيڻ جي همت نه ٿيندي. شروع ۾ اسان کي لڳو ته هو پاڻ کي ڪجهه سمجهي ٿو. پوءِ کيس سڀ ڪرئڪ سڏڻ لڳا. پر مون کي لڳو ته هو ائين نه هو جيئن ٻاهران نظر ايندو هو. اهو منهنجو تجسس هو جيڪو مون کي هن جي ويجهو وٺي ويو. هن کي ويجهو ٿيڻ ايترو سولو ڪونه هو. هن ڪنهن کي پنهنجي ويجهواچڻ ئي نٿي ڏنو- ڄڻ ته اهو سندس زندگيءَ جو اصول هجي. مون سمجهيو ته هو تمام ڏکيو ماڻهو آهي، پر پوءِ خبر پئي ته هو ايترو ئي ڏکيو هو جيترو هڪ نٺر ٻار ۽ جنهن کي سرچائڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هوندي آهي.
مون هن کي مڃائي ورتو ته هو پڪنڪ تي هلندو ۽ اهو منهنجو وعدو هو ته آئون هن سان گڏ ئي رهنديس. اسان جا ڪي ساٿي ٻيڙين تي چڙهي ڪينجهر جو سير ڪري رهيا هئا ۽ ڪي ڪپ تي ويهي کل مذاق ۾ رڌل هئا. اسين ٻين کان پري وڃي ويٺا هئاسين. مون ڏٺو ته اسان جا ڪجهه ساٿي اسان ڏانهن نهاري کلي رهيا هئا، شايد اسان جي باري ۾ ڳالهائي مذاق اڏائي رهيا هئا. اهو هن به محسوس ڪيو هو.
”اڳ ۾ آئون اڪيلو هوس جنهن تي کلندا هئا، هاڻي ٻه ٿيا آهيون....“ هن چيو ۽ هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو. آئون به هن سان گڏ کلڻ لڳس. جيڪي اسان ڏانهن نهاري کلي رهيا هئا سي چپ ٿي ويا. هو پاڻ کي ڊڄڻو ۽ ڪمزور سڏيندو هو. پر هن ۾ ايتري همت هئي جو ٻين جي ڳالهين کي لنوائي سگهندو هو ۽انهن تي کلي سگهندو هو.
”تون تمام مشڪل سان ڪنهن کي پنهنجي ويجهو اچڻ ڏيندو آهين، ائين ڇو آهي؟“ مون هن کان پڇيو.
”ڇو تو کي ڪا ڏکيائي ٿي؟“
”ڏکيائي جي ڳالهه آهي! جڏهن لاهي پاهي بيٺيس تڏهن وڃي سائين جن ڪجهه ڌيان ڏنو.“
هو کلڻ لڳو ۽ پوءِ گنڀير ٿي چيائين، ”ثمينه! اهو صحيح ناهي ته آئون ڪنهن کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏيندو آهيان. ڳالهه اها آهي ته آئون هڪڙي ئي هنڌ بيٺو آهيان. جتان ڪير مون کي ڇڏي ويو هو- ۽ آئون ڪنهن جي ويجهو وڃي نٿو سگهان.“
”اها ڪير هئي؟“
”تون هروڀرو ڄاڻڻ ٿي چاهين؟“
”ها، جيڪڏهن تو کي برو نه لڳي....“ مون اهو ظاهر ڪرڻ نٿي چاهيو ته آئون اهو ڄاڻڻ لاءِ ڪيتري اتاولي هيس. اها ڪير هئي جيڪا هن جي زندگيءَ ۾ ايترو ويجهو آئي ۽ پوءِ ڇو ايترو پري هلي وئي!
”هن جو نالو.... پر نالي کي تون ڇاڪندينءَ! بس، هوءَ منهنجو پهريون پيار هئي. اهو پهريون پيار جنهن جا نشان سڄي زندگي قائم رهندا آهن،“ هو چپ ٿي ويو. ٿوري دير لاءِ آڱر سان پيشانيءَ کي مهٽڻ لڳو.
”منهنجون حالتون اهڙيون هيون جو اسان جي شادي نٿي ٿي سگهي. مون اڃان پڙهيو پئي. مون کي ڪا نوڪري ڪانه هئي. غريب ماڻهو جيستائين پنهنجن پيرن تي نٿو بيهي تيستائين گهر ٺاهڻ ناممڪن آهي. هن لاءِ هن جي ماءُ ايترو ڊگهو انتظار ڪرڻ پسند نه ڪيو.“
”پر هن ڇا ڪيو؟“ مون پڇيو
”اهو ئي جيڪو کيس پنهنجي ماءُ چيو.“
”ڪمال آهي! اهو ڪهڙو پيار هو؟ ۽ تون ان کي سيني سان سانڍيو پيو هلين!“ مون چڙ مان چيو.
”نه ثمينه، مون کي ان پيار ۾ اڄ به شڪ ناهي. هن ائين ڇو ڪيو سو آئون سمجهي سگهان ٿو. هوءَ به هڪ غريب گهر جي ڇوڪري هئي. هن مون کان وڌيڪ مفلسي، مصيبتون ڏٺيون هيون. شايد ان ڪري هن هڪ سٺي ۽ بهتر زندگي گذارڻ ٿي چاهي، جيڪا مون سان گڏ ممڪن نه هئي.“
”۽ هاڻي هن کي سڀ ڪجهه ميسر آهي؟“
”ها! ڪار، بنگلو، زندگيءَ جي هر ڪا سهوليت...“
” ۽ تون اڃا به هن کي چاهين ٿو؟“ مون کي لڳو ته آئون هڪ وڪيل وانگر آڏي پڇا ڪري رهي هيس ۽ هو سانت سان جواب ڏيندو رهيو.
”هوءَ منهنجين ناڪامين ۽ شڪستن جو اهڃاڻ آهي. آئون هن کي وساري نه سگهيو آهيان.“
مون کي هن تي ايتري ڪاوڙ آئي جو خيال آيو ته کيس ڇڏي ٻين ساٿين ڏانهن هلي وڃان. اسين ٻئي ڪيتري دير تائين چپا چاپ ڍنڍ جي شفاف پاڻيءَ تي آسمان جو نيرو عڪس ڏسندا رهياسين. اسان جا ٻيا ساٿي خوش هئا، اهي کلي رهيا هئا ۽ هڪ ٻئي پٺيان ڍوڙيا پئي. آئون هن جي باري ۾ سوچي رهي هيس، پر هو ڇا سوچي رهيو هو؟ شايد ان ڇوڪريءَ جي باري ۾ جيڪا هن وقت پنهنجي بنگلي ۾ پنهنجن ٻارن سان خوش ويٺي هوندي يا ڪار ۾ پنهنجي مڙس سان گڏ گهمندي هوندي ۽ ٽهڪ ڏيندي هوندي. ۽ جنهن کي پل لاءِ به اهو خيال نه آيو هوندو ته هڪڙو پاڳل شخص اڃا هينئر سندس ڳالهيون ڪري سندس ياد ۾ گم ٿي ويو آهي.
” ان ڇوڪريءَ سان تنهنجو پيار هڪڙي پاڳل جو پيار آهي.....“ منهنجي وات مان نڪري ويو. آئون پنهنجي ڪاوڙ کي دٻائي نه سگهي هيس.
”پاڳل جو پيار!“هن ٽهڪ ڏنو.”نه ثمينه، اها ڳالهه ناهي. آئون ٻين وانگر ناهيان، ان جو ڪارڻ اهو ڪونهي. تون منهنجي ماضي کان واقف ناهين. تو کي خبر ناهي ته مون زندگيءَ ۾ ڇا ڇا سٺو آهي. مون پنهنجن ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن کي ماني ٽڪر لاءِ واجهائيندي ڏٺو آهي، نئين ڪپڙي لاءِ سڪندي ڏٺو آهي. پنهنجي بيمار ماءُ کي بنا علاج جي ڳرندي ۽ پورهيو ڪندي ڏٺو آهي. جڏهن مون مئٽرڪ جي امتحان جو فارم پئي ڀريو ته فقط پنجاه رپين لاءِ پنهنجن سڀني مائٽن جي اڳيان جهولي ڦهلائي ۽ منهنجي جهولي ٽوڪن ۽ ڇڙٻن سان ڀري وئي. منهنجي ماءُ مرحوم مائٽن جي ياد ۾ رکيل پنهنجي ڏاجي جا ڪپڙا ۽ منهجي ننڍي ڀيڻ جي ڪنن جون سونيون واليون وڪڻي فيءَ جا پيسا ڏنا، پوءِ نوڪريءَ لاءِ وري به انهن مائٽن جي درن تي ڀٽڪندو رهيس. اهي سموريون ذلتون ۽ بيعزتيون زهر جا ڍڪ بنجي منهنجي اندر ۾ گڏ ٿينديون ويون ۽ تون چئين ٿي ته هوءَ بنگلي ۽ ڪار خاطر مون کي ڇڏي وئي، پوءِ به آئون هن کي چاهيندو رهيو آهيان! هن به ذلتون ۽ مايوسيون ڏٺيون هيون ۽ ڇوڪري هئڻ سبب مون کان به وڌيڪ. هوءَ نيلام گهر ۾ رکيل هڪ شئي هئي جنهن کي خريد ڪرڻ لاءِ ڪارا ڪوجها ۽ چٻا دولتمند وڏا واڪ ڏيئي رهيا هئا. خبر ناهي ته هوءَ پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ يا پنهنجي گهر وارن جي لاءِ وڪامجي وئي. آئون هن کي ڏوهه ڪيئن ٿو ڏئي سگهان. نه هن جو ڪو ڏوهه ناهي....“ هو اٿي بيٺو. ”ٿي سگهي ٿو هن مون کي وساري ڇڏيو هجي ۽ منهنجي دعا آهي ته هوءَ مون کي وساري چڪي هجي. ڪنهن جي ڪمي، ڪنهن جي محرومي زندگيءَ ۾ هڪڙو اهڙو خال پيدا ڪريو ڇڏي جيڪو پوءِ ڪڏهن به ڀرجي نٿو.“
آئون به اٿي بيٺيس ۽ هن ڏانهن نهاريندي چيم،” ڇا ٻيو ڪوئي به اهو خال ڀري نٿو سگهي؟“ هن مون کي چتائي ڏٺو.
”ثمينه، مون کي اهڙا ماڻهو وڻندا آهن جيڪي سدائين خوش هجن، جيڪي سدائين کلندا رهندا آهن ۽ لاپرواهه هوندا آهن. مون کي انهن تي ريس ايندي آهي، پر آئون انهن کان سڙندو ڪونه آهيان، ان ڪري انهن کي نقصان رسائڻ به ڪونه چاهيندو آهيان.“
” ڇا مطلب؟ مون تنهنجي ڳالهه نه سمجهي!“ آئون سمجهي وئي هيس ته هن ڇا ٿي چوڻ چاهيو.
”آئون نٿو چاهيان ته منهنجين مايوسين ۽محرومين جو پاڇو ڪنهن ٻئي تي پئي،“ هن آهستي ۽ ڳري آواز ۾ چيو.
نه ڄاڻان ڇو منهنجو من ڀرجي آيو هن جي ڳالهه تي. مون پري پري ڍنڍ جي سطح تي هوا سان ٺهندڙ هلڪين لهرن ڏانهن نهاريندي چيو، ”پر آئون انهن سڀني ۾ تو سان شيئر ڪرڻ گهران ٿي.“ مون هن ڏانهن ڏٺو. هن جي اکين ۾ اها ئي لاتعلقي هئي.
”نه ثمينه، نه......“ هن جي آواز۾ ڪجهه بيزاري هئي. ”تون هروڀرو مون تي ترس ڪري رهي آهين. آئون تنهنجي لاءِ صحيح ماڻهو ڪونه آهيان. تون مون سان گڏ خوش نه رهي سگهندينءَ.....“ هو رڪجي ويو ۽ پوءِ منهن ٻئي پاسي ڪندي ٻڏل آواز ۾ چيائين، ” ۽ ٻي ڪا به ڇوڪري هن جي جاءِ ڀري نٿي سگهي. “
آئون ٿڙندڙ قدمن سان وڃن لڳيس. مون کي خبر هئي ته هو مون کي روڪيندو ڪونه. آئون هن جي ڪجهه به نه هيس. هو ايترو اڪيلو هو جو ڪو به هن جو نٿي ٿي سگهيو ۽نه هو ڪنهن جو ٿي ٿي سگهيو. مون پري وڃي ڪنڌ ڦيرائي هن ڏانهن ڏٺو. هو ڍنڍ ڏانهن منهن ڪري پٿر بنيو بيٺو هو. ۽ مون کي پڪ هئي ته هو هينئر به منهنجي باري ۾ ڪونه سوچي رهيو هو.
ٻئي ڏينهن پٽيوالي هڪ بند ٿيل لفافو مون کي آڻي ڏنو. کولي ڏٺم ته هن جو خط هو. هن گذريل ڏينهن واري واقعي تي سندس خيال موجب ڪيل بدتميزي جي معافي ورتي هئي ۽ لکيو هو، ” هڪ پاڳل، هڪ سچي پچي گوشت پوشت واري شخص سان پيار نٿو ڪري سگهي. هو تصوير سان ئي پيار ڪري سگهندو آهي، جنهن کان هو ڪجهه گهرڻ نٿو چاهي ۽ اها تصوير جيڪا هن کي ڪجهه ڏئي نٿي سگهي. هن کي ان ڳالهه جي پرواهه ناهي ته تصوير ساڻس پيار ڪري ٿي يا نه، هو پيار ڪري ٿو ۽ اهو ئي هن لاءِ ڪافي آهي.“

درد جي لاٽ

فلم ختم ٿي ويئي آھي. ماڻھو ھڪ ٻئي کي ڌڪيندا ماڪوڙين وانگر سرندا ڄڻ ته ٻرن مان ٻاھر پيا نڪرن. سئنيما جي ٻاھران ھڪڙو ٻيو ھجوم اندر وڃڻ لاءِ آتو بيٺو آھي. زبردست پيھ آھي چو طرف. پر ايڏي ساري ميلي ۾ آئون بلڪل اڪيلو آھيان. اڪيلائپ جي ان احساس جي ڪري فلم مان به ڪو مزو ڪو نه آيو. فلم ته فقط وقت ڪاٽڻ جي لاءِ ڏٺي اٿم. وقت جو به پنهنجو مزاج آھي، پنهنجي چال آھي. ڪڏھن ته ھوائي جھاز وانگر اڏامندو آھي، ڪڏھن ڪڇونءَ وانگر رڙھندو رھندو آھي ھوائي جھاز جيان اڏامي اڏامي ڪڇونءَ وانگر رڙھڻ لڳندو آھي، وري اوچتو ڪڇونءَ وانگر رڙھندي رڙھندي ھوائي جھاز جيان اڏامڻ لڳندو آھي. پر ان وچ ۾ الائي ڪھڙا ڪھڙا ڦيرا آڻي ڇڏيندو آھي. وقت مون ۾ ۽ روبيءَ ۾ به ڪيڏو نه ڦيرو آڻي ڇڏيو آھي. روبيءَ سان گڏ گذاريل گھڙين کي وقت جيٽ جھاز وانگر اڏائي ويو ۽ پويان دونهن جي لڪير به نه رھي آھي. منهنجي زندگي جھڙي تيزيءُ سان اڳتي وڌي، اھڙي ئي ڍرائي سان ھاڻي پئي رڙھي. وقت ڪٽجڻ سان نٿو ڪٽجي. بيڪار وقت گذارڻ به مسئلو آھي منهنجي لاءِ. فلم ڏسڻ جو شوق مون کي ڪو نه ھو، پر رڳو وقت ڪاٽڻ جي لاءِ ڏٺي ھيم. مون کي ائين ئي پئي محسوس ٿيو ته ھال ۾ ايترن سارن ماڻھن ھوندي به آئون اڪيلو آھيان. چوڌاري اجنبي ۽ غير واقف چھرا، اونداھيءَ ۾ ويڙھيل، جن ۾ ڪا به پنهنجائپ ڪا نه ھوندي آھي. مون کي پنهنجن ۾ ئي پنهنجائپ نظر ڪا نه آئي آھي ته پوءِ ڌارين ۾ پنهنجائپ ڪٿان آئي – پر آئون اھو سڀ ڪجھ ڇو پيو سوچيان......سوچ ته باھ جي ڄڀي آھي، ساڙيو رک ڪريو ڇڏي. اوھ! ھيءَ ڪير سنگھي وئي منهنجي پاسي مان... ھوءَ ته ڪا نه ھئي، روبي! نه، ھوءَ روبي ڪا نه ھئي. شام جو ستين لڳي مون کي سندن گهر وڃڻو آھي. پر آئون ھن سان ملڻ ڪو نه پيو وڃان. مون کي سندس ماءُ سان ملڻو آھي. يا ان بهاني سان ھن کي ڏسڻ چاھيان ٿو. اسين پاڻ ۾ مائٽ آھيون. پر مائٽ ھوندي به منهنجو ھاڻي روبيءَ سان ڪھڙو واسطو! اسين ھڪ ٻئي لاءِ اجنبي بنجي چڪا آھيون – پر ڪنهن وقت، جيڪو ھاڻي رھيو نه آھي، ھوءَ مون کي ايتري ويجھي ھئي جو ھن جي دل جي ڌڪ ڌڪ ٻڌي سگهندو ھوس. ھن جا تکا تکا گرم ساھ پنهنجي منهن تي محسوس ڪندو ھوس. ھوءَ مون مان ساھ کڻندي ھئي ۽ آئون ھن مان ساھ کڻندو ھوس. پر اڄ ..... ھن جي ساھن جي سرھاڻ ۾ ۽ منهنجن حواسن ۾ وقت ھڪ وڏو فاصلو پيدا ڪري ڇڏيو آھي. مون کي اھو فاصلو عزيز آھي، ان ڪري جو وقت جيڪي ڪجھ ڏئي ٿو، سو نه چاھيندي به قبول ڪرڻو ئي پوي ٿو. اسان ٻنهي اھو فيصلو قبول ڪري ورتو آھي – خوشيءَ سان نه سھي پر قبول ڪرڻو ئي پيو آھي. ھاڻي اسان ٻنهي جي وچ ۾ ھڪ وڏو فاصلو آھي جيڪو پار نٿو ڪري سگهجي. ڀلا وقت جي فاصلي کي ڪنهن پار ڪيو آھي؟
سئنيما مان نڪتل رش بازار جي بي انتها رش ۾ ملي ويئي آھي. آئون ڄڻ ته ھڪ وڏي جھنگ ۾ اچي نڪتو آھيان. چوڌاري گوڙ آھي، شور آھي. جھنگ ۾ جانور رڙيون ڪري شور مچائي رھيا آھن. منهنجو ساھ پيو گھٽجي. چوڌاري گھٽ ۽ ٻوساٽ آھي. ھي ماڻھو جھنگ جا جانور ڪونه آھن، سرڪس جا سيکاريل جانور آھن. ائين پيا نچن ٽپن ۽ ڪرتب ڏيکارين. آئون ئي جھنگ جو جانور آھيان جيڪو ھنن سيکاريل جانورن جي وچ ۾ اچي ڦاٿو آھيان. ”ھا ھا ھا ..... ھو ھو ھو ..... ھي ھي ھي .... جھليوس، پڪڙيوس ..... متان ويو آھي ...... نه ڇڏيوس ...... ھو ھو ھو .......“ آئون ڀڄڻ ٿو چاھيان، پر ڀڄندي ڊڄان ٿو. سڀ منهنجي پٺيان ڍوڙندا ..... پر آئون ته ھروڀرو پيو سھڪان! مون کي ڇا ٿي ويو آھي! ھي مون ڇا پئي سوچيو؟ پنهنجو پاڻ تي کلان جيڪر ..... ڪڏھن ڪڏھن ماڻھوءَ جي من ۾ ڪھڙا نه عجيب خيال ايندا آھن. دل چاھي ٿي ته پنهنجي ان خيال تي ٽھڪ ڏيان، پر وچ بازار ۾ اڪيلو بيھي ٽھڪ ڏيڻ چرين جو ڪم آھي. آئون ته اڪيلو آھيان، ان ڪري ٽھڪ نٿو ڏئي سگهان. ھي اڪيلائپ جو احساس ته مون کي ماري وجھندو. اڪيلائي انسان جو مقدر آھي، پر ڪنهن جي ساٿ جي ڪري اڪيلائي جو احساس دٻجي ويندو آھي. جڏھن ڪنهن جو ساٿ نه ھوندو آھي ته اڪيلائي ھڪ زوردار حملو ڪري ڏيندي آھي ۽ احساس شديد بنجي ويندو آھي. آئون ھن جي ساٿ بنا ڄڻ ته ھيڏي ساري گھاٽي جھنگ ۾ اڪيلو ئي اڪيلو ڀٽڪندو رھيو آھيان. روبيءَ جو ساٿ ھو، ڪي چند گھڙيون ھيون جيڪي اک ڇنڀ ۾ گذري ويون.
ھڪڙي ڏينهن ھڪ رسالو ڏيندي روبيءَ چيو، ”ھيءَ ڪھاڻي ته پڙھي ڏس.“
ان ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ مرد پنهنجي محبوبه سان جيئڻ مرڻ جي ساٿ جا وعدا ڪري ڪيڏانهن ھليو ويندو آھي ھميشھ لاءِ. مون ڪھاڻي پڙھي ھن ڏانهن نهاريو. مون کي محسوس ٿيو ته ھن جي اکين ۾ ھڪ سوال آھي. ھوءَ ڪجھ پڇڻ جي لاءِ اتاولي آھي. مون اٿي ھن جو مک چمي ورتو. ھن جون اکيون ڀرجي آيون. اکيون ڀرجي اينديون آھن ته اٿلي به پونديون آھن. منهنجي دل چاھيو ته ھن جي ڳوڙھن کي پي ڇڏيان. ھن جا ڳوڙھا امرت آھن، آئون لازوال بنجي ويندس..... اسان جو پيار لازوال بنجي ويندو. پر ڪا به شيءِ لازوال ناھي. زوال، پڇاڙي، موت پنهنجي جاءِ تي اٽل حقيقتون آھن – پر ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو انهن حقيقتن کان ڀڄي سنهري خيالن جي غار ۾ وڃي پناھ وٺندا آھن. پاڻ کي فريب ڏئي خوش ٿيندا آھن. پوءِ جڏھن سمورا ذھني فريب ڦوڪڻي وانگر ڦاٽي پوندا آھن ته ٻارن جيان روئي پوندا آھن. شايد اسين به انهن ماڻھن مان ھئاسين.
روبيءَ مون کي چيو ھو، ”اھا ڳالھ منهنجي سمجھ ۾ نٿي اچي ته جن ماڻھن جي پاڻ ۾ ايتري چاھت ھوندي آھي سي ھڪ ٻئي جي لاءِ اجنبي ڪيئن بنجي ويندا آھن!“
”اھا ڳالھ شال ڪڏھن سمجھي به نه سگهين.....“ مون رڳو ايترو وراڻيو ھو. اڄ اھو جواب مون کي کل جھڙو پيو لڳي. ڪيتريون ڳالھيون اڳتي ھلي پنهنجي اھميت وڃائي کل جھڙيون ڀاسنديون آھن. ڪلھوڪي حقيقت، ڪلھوڪو سچ اڄ ڪوڙ پيو لڳي. ڪنهن به شيءِ جي ڪا به حقيقت ڪانهي، ڪا معنيٰ ڪانهي. سڀ ڌوڪو آھي، فريب آھي، اجايو ۽ بي معنيٰ آھي.
اوچتو ھڪڙي ماڻھوءَ مون کي ڌڪو ڏئي پري ڪيو آھي؛ ۽ منهنجي پاسي مان ھڪ موٽر شرڙاٽ ڪندي لنگھي وئي آھي.
”سنڀالي ھل ڀائو، حياتي مان بيزار آھين ڇا؟“ اھو ماڻھو چئي رھيو آھي. آئون رڳو ھن ڏانهن ڏسان ٿو. ھن جو ٿورو ڪو نه ٿو مڃان. اڳتي وڌي وڃان ٿو. ڇا ٿي پئي ھا؟ اھا موٽر مون کي ماري ڇڏي ھا، ائين جيئن بوٽ ھيٺان ماڪوڙي چيڀاٽجي ويندي آھي(موت ماڻھوءَ کي ڪيترو نه ويجھو آھي، ھر شيءِ کان قريب) موت جي اڳيان ماڻھو به ماڪوڙي جي برابر آھي. ڪڏھن مرڪندڙ ۽ کلندڙ، ڪڏھن روئندڙ سڏڪندڙ چھرا يڪدم پٿر بنجيو وڃن. بس ايتري اھميت آھي ماڻھوءَ جي! انسان جيڪو عظيم آھي، سو موت جي اڳيان ڪيڏو نه خسيس ۽ ھيچ آھي. ماڻھو مشين وانگر ھيڏانهن ھوڏانهن ڍوڙي ڊڪي رھيا آھن، اوچتو ڪو پرزو ٽٽو ته مشين بيڪار. ماڻھو پنهنجي ٺاھيل شيءِ جي گارنٽي ڏيئي سگهي ٿو، پر خود ماڻھوءَ کي ٺاھيندڙ ڪا به گارنٽي نه ڏني آھي.
وعدا ڪوڙي گارنٽي وانگر آھن، ۽ وعدن جي ڀلا اھميت ئي ڪھڙي آھي! ڪڏھن روبيءَ ۽ مون ڪيترا وعدا ڪيا ھئا، پر اڄ ان جو تعلق رڳو ماضيءَ سان آھي. اسان جو پيار جيڪو ڪلھ سچ ھو، اڄ ان کي معنيٰ ناھي. ڪلھ ڪجھ ھو، اڄ ڪجھ به نه آھي.پر تڏھن به دل ته ڪورو ڪاغذ آھي، ڪا ليڪ پئجي وئي ته مٽجڻ جي ناھي. مٽجي به وڃي پر ڪاغذ جو ڪنوار پڻو ته ختم ٿي ويو.
- اچ ته اڄ انهن يادن جي زھر جا ڍڪ گڏجي پيئون، گڏجي سرڪيون ڀريون. شايد اجنبيت جي کڙي ٿيل ديوار کي ھٽائي سگهون، چاھي ڪن گھڙين جي لاءِ ئي سھي. پر ھاڻي ٿي به ڇا ٿو سگهي! اجنبيت جي ديوار ڪيتري مضبوط آھي ۽ ان کي ڪيرائڻ نه منهنجي وس ۾ آھي ۽ نه روبيءَ جي وس ۾.
”وقت وڏو بيدرد آھي، روبي! اسان جي اڳيان وقت جو تيز طوفان جھڙو وھڪرو آھي. انهيءَ طوفان جي مقابلي ڪرڻ جي اڃا اسان ٻنهي ۾ ھمت پيدا ئي ڪا نه ٿي آھي. ڪٿي ان جي وھڪري ۾ لڙھندي، حالتن جا ٿپيڙا کائيندي ھڪ ٻئي کان ڌار ٿي، گم نه ٿي وڃون. اسين ٻئي ويچارا آھيون، روبي! اڻ ڄاڻائي ۾ وقت جي ظلم جو شڪار بنجي وياسين. مائٽن جي پراڻين دشمنين ۽ نفرتن جي ايڏي وڏي ڍير ۾ اسان جي پيار کي ڪٿي جاءِ ملندي؟ جي وقت جي واريءَ تان اسان جي پيرن جا نشان ڊھي ويا ته سڄي عمر ڀٽڪندا رھجي وينداسين. سڪون لاءِ سڪنداسين......“
ھن جي چپن تي فقط مرڪ پکڙجي وئي ۽ سندس منهن منهنجي منهن تي جھڪي آيو.
مون چيو ھو،”مون کي پنهنجي ڇاتيءَ ۾ لڪائي ڇڏ، آئون ڊڄان ٿو، روبي، آئون ڊڄان ٿو.“
ھن پنهنجا وار کولي منهنجي منهن تي پکيڙي ڇڏيا. ھن جي وارن جي ڇانور ھيٺ ڪا گھڙي مس گذري ته وقت ھڪ تيز لامارو ھڻي مون کي روبيءَ کان ڌار ڪري اڪيلائپ جي اوڙاھ ۾ اڇلائي ويو...... ڪير ڄاڻي ايندڙ گھڙيءَ ڇا ٿيندو! وقت جا ته پنهنجا اصول آھن. ھر پل ھڪ نئون فلسفو آھي، نئين حقيقت آھي. خانداني نفرتون وڻ ويڙھي وانگر اسان جي پيار کي وڪوڙي ويون ۽ اسين......
- وقت توکان سواءِ به پيو گذري، پر زندگي ھڪ بار بنجي پيئي آھي. پوءِ به مون کي ڍوئڻي آھي. آئون اھو بار اڪيلو پيو ڍويان. تون گڏ ھجين ھا ته اڄ ائين نه ھجي ھا. تون الائي ڪيئن آھي – پر آئون ائين نه ھجان ھا!!
خبر ناھي ته ڪٿي اچي پھتو آھيان. من جي اداس ۽ ويران راھ کان سواءِ ٻي ڪا راھ مون کي سجھي ئي ڪا نه ٿي. آئون ته ائين ئي پيو ھلان، ڀٽڪندو ڀٽڪندو ..... ڀٽڪڻ منهنجو ڀاڳ آھي، منهنجو نصيب آھي، وقت جي واريءَ تان پيرن جا نشان ڊھي ويا آھن. آئون توکي ته حاصل نه ڪري سگهيس پر پاڻ کي ئي وڃائي ويٺس.
ھيءَ گھٽي روبيءَ جي گهر ڏانهن ٿي وڃي. آئون ڪيترن سالن کانپوءِ ھن گھٽيءَ ۾ آيو آھيان. الائي ڇو، منهنجي دل تي ڄڻ ڪا ڳري شيءِ ڪري پئي آھي، ڪنهن اڻ ڄاتل ڊپ سببان دل دٻجي وئي آھي. مون کي واپس ھليو وڃڻ کپي. ھتي ڪر ڪنهن شيءِ مان ويراني ۽ ڌاريائپ جو احساس پيو اڀري. اڄ روبيءَ سان پنهنجائپ جو احساس نٿو جڙي، ته جي آسپاس جون شيون اجنبي بنجي ويون ته ڇا ٿيو؟ پر آئون ھتي آيو ڇو آھيان! ايتري عرصي کان پوءِ رڳو اھو ڏسڻ لاءِ ته روبي ڪيئن آھي! ڪالھ روبيءَ جي ماءُ ملي ھئي ۽ ھن مون کي سندن گهر اچڻ لاءِ چيو. ھن شايد رسمي طور چيو ۽ مون سوچيو ته آئون ھڪڙو ڀيرو ٿي اچان. ايتري وقت کان پوءِ مون ڏسڻ ٿي چاھيو ته روبي ڪيئن ٿي لڳي. مون اھو ڇو چاھيو سو سمجھ ۾ نٿو اچي. شايد خاڪ ۾ اڃا ڪي چڻنگون دٻيل آھن.
آئون روبيءَ جي اڳيان ويندس ته ڇا ڳالھائيندس! ھوءَ ڇا سمجھندي ته آئون سندن گهر ڇو آيو آھيان! ھن پاڻ ته چيو ھو ته آئيندي اسان ٻنهي جو ھڪ ٻئي سان ڪو به واسطو نه رھندو ۽ آئون سندن گهر نه اچان. اھا سندس پيءُ جي مرضي ھئي ۽ پيءُ جي مرضيءَ جي خلاف ھن ساھ به کڻڻ نه ٿي چاھيو.
آئون در جي اڳيان بيٺو آھيان، الائي ڪيتري دير کان، پر ھمت نٿي ٿئي ته بيل جي بٽڻ تي آڱر رکان. ھانءُ ڪنهن نامعلوم سبب جي ڪري ويڙھجي رھيو آھي.
ڪنهن اچي در کوليو آھي. اوھ روبي! ھوءَ سامھون بيٺي آھي ھڪ کن جي لاءِ ھن جي منهن تي اچرج جون ريکائون اڀرن ٿيون. کيس خبر ھوندي ته آئون اچي رھيو آھيان، پوءِ به! شايد ھن سوچيو ھوندو ته آئون نه ايندس.
ھوءَ مرڪي ٿي. مون کي اھا زوري جي مرڪ ٿي لڳي. جواب ۾ مون کي به زوري مرڪڻ کپي، پر منهنجي وس جي ڳالھ ڪانهي.
”اچو..... اندر اچو.....“ ھوءَ ھٽي اندر اچڻ جي لاءِ جاءِ ڏئي ٿي.
”امان کي پاڙي جي ھڪڙي مائي ٻاھر وٺي وئي آھي. وڃي ڪا نه ھا، پر مائي جو ضروري ڪم ھو. اوھان جي نالي چئي وئي آھي ته اچي ته ويھارجوس.“
منهنجو ھانءُ وڃي ٿو وڌيڪ منجھندو. روبي سامھون بيٺي آھي. اسين ٻئي چپ آھيون. منهنجي نڙيءَ ۾ جھڙوڪر ڪنڊا ڦاسي پيا آھن. ھوءَ ڪجھ چئي رھي آھي.
”اوھان بيٺا ڇو آھيو؟ ويھندي ڊڄو ٿا ڇا؟ آئون اوھان کي کائي ڪا نه وينديس.“
آئون چپ.
”توھين ڏاڍا لھي ويا آھيو. بيمار ھئا ڇا؟“
آئون چپ.
”اوھان شايد نه ڳالھائڻ جو قسم کڻي آيا آھيو،“ ھوءَ کلي ٿي، ڦڪي ۽ بي رس کل.
نيٺ آئون چوان ٿو، ”اوھان ته ماشاء الله ڏاڍيون سرس ٿيون نظر اچو، شايد ڪڏھن بيمار ڪو نه ٿيون آھيو.“ مون کي پنهنجي لھجي ۾ ڪڙاڻ محسوس ٿئي ٿي.
ھوءَ کلي ٿي. منهنجي چپن تي رڳو مرڪ اچي ٿي. اھا مرڪ ڪھڙي ڪني ھوندي!
”اھو چپن ۾ ڇا پيا چئو؟ اوھان جي عادت چپن ۾ ڳالھائڻ جي اڃا نه وئي آھي؟“
”اوھان جي چوڻ موجب جنهن کي ڳالھائڻ نه ايندو آھي سو رڳو چپ چوريندو آھي، ۽ مون کي ڳالھائڻ اڃا به ڪو نه ٿو اچي.“
”سوچڻ ته اچي ٿو!“ ھوءَ مون ڏانهن غور سان ڏسي ٿي. ڄڻ چوندي ھجي: تون ذرو به ناھين بدليو.
”ھا، منهنجي سڌرڻ جا ڪي به امڪان ڪو نه آھن،“ منهنجي واتان نڪري وڃي ٿو.
”جي؟“ ھوءِ حيرت وچان چوي ٿي.
آئون ڪو به جواب نٿو ڏيان. آئون ھاڻي ھتي ھڪڙو پل به وڌيڪ نٿو ويھي سگهان. مون کي ماحول اوپرو ۽ ڌاريو پيو لڳي! سڀ ڪجھ رسمي آھي. اسان ٻنهي جو ڳالھائڻ، ٻنهي جو مرڪڻ .... سڀ رسمي آھي. ھتي منهنجو ساھ پيو ٻوساٽجي. آئون ٻاھر وڃڻ ٿو چاھيان. آئون اوچتو اٿي بيھان ٿو. بهانو ڪري ٻاھر نڪري آيو آھيان. پر ٻاھر به ھوا ڪانهي. گھٽ ٻوسٽ آھي. شام جو انڌڪار پکڙيل آھي. فضا دونهاٽيل آھي – منهنجي من وانگر.

ڪاري رات، رت ڦڙا

”انڌو آھين ڇا؟“ ھو پنهنجن ڪپڙن کي ٺاھيندي مون کي ڪاوڙ مان گھوري رھيو آھي. اندر ۾ ڄڻ باھ وٺي ويئي آھي، پر پاڻ روڪي ھليو ٿو وڃان. منهنجي نظر شوڪيس ۾ ھئي، ته اوچتو وڃي ھن سان ٽڪرايس. ان ۾ منهنجو ڪھڙو ڏوھ ھو؟ مون ته شوڪيسن ۾ پيل شين کي پئي ڏٺو. سامھون ايندڙ ماڻھن کي ڏسان، يا شوڪيس کي؟ بازار ڏاڍي سوڙھي آھي. ماڻھن جي ايڏي ميڙي کان مون کي سخت نفرت آھي. پر ڪري به ڇا ٿو سگهجي. ميڙ ۾ آئون پاڻ کي اڪيلو ۽ محفوظ ٿو سمجھان: گھڻن ماڻھن ۾ پاڻ کي اڪيلو سمجھڻ ڪيڏي نه عجيب ڳالھ آھي! ٿورن ماڻھن ۾ مون کي ڊپ لڳندو آھي، ۽ سخت بيچيني محسوس ڪندو آھيان. ايڏي رش کان نفرت ھوندي به آئون پنهنجيءَ دل ۾ وڏين وڏين بلڊنگن جيڏا ٽھڪ ڏيندو، مزي سان رڙھندو ويندو آھيان. ڪا عورت پاسي مان لنگھندي آھي ته عجيب احساس پيدا ٿيندا آھن، ۽ ان کي ڇھڻ لاءِ دل سرڪندي آھي، پر عورتون مون کان ڇرڪنديون آھن ۽ پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪنديون آھن .... شايد اڳيان ڪا رڪاوٽ آھي ۽ ماڻھو وڌن ئي نٿا. ايترا سارا ماڻھو ماڪوڙين وانگر بيحس سرندا پيا وڃن بيترتيبي سان. ھرڪو اڳيان وڌڻ ٿو چاھي. ماڻھو دڪان ۾ پيا چڙھن ۽ لھن. پر آئون ته رڳو شوڪيس ڏسڻ ٿو چاھيان. ۽ ڏسڻ به منهنجي لاءِ ڪيترو ڏکيو آھي. اوھ، ھي رش! دل ۾ اچي ٿو ته آئون ڍڳو ٿي پوان، ۽ سڱ سڌي ڍوڙ پايان، پوءِ ماڻھو ڪيئن نه ڊپ وچان ھيڏانهن ھوڏانهن ڍوڙندا، ۽ پنهنجي پنهنجي ساه بچائڻ لاءِ ھڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيئي، لتن ھيٺ لتاڙيندا! آئون سڱن سان سڀ شوڪيس ڀڃي، بند ٿيل شين کي رستي تي ڪيرائي، پکيڙي ڇڏيان، جيڪڏھن وڏي پيٽ وارو ڏسان ته پنهنجا سڱ ھن جي پيٽ ۾ وڃي ٽنبيان ... ھا ھا ھا ھو.... پنهنجي ان خيال تي مون کي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي رھي آھي. وھڪري سوڙھي بازار مان ڪڍي شاھي رستي تي آڻي ڇڏيو آھي. رستي جي فٽ پاٿ سان لڳ، ڪارن ۽ موٽرن جي قطار بيٺل آھي. موٽرون وڏن ماڻھن جون ھونديون آھن، سو ھرڪو ڄاڻي ٿو، ۽ اھو به ته ھتي وڏا ماڻھو شاپنگ لاءِ ايندا آھن. ھر ان ڪار کي جانچي ڏسان ٿو، جيڪا سھڻي لڳي ٿي. پريان نئين ڊگھي ڪار ۾ ھڪ عورت بيٺي آھي – اڪيلي. ڪار سھڻي ۽ شاندار آھي. عورت به سھڻي ھوندي. آئون ويجھو وڃي ڇرڪي ٿو وڃان .... ڪار ۾ ھوءَ ويٺي آھي! اڃا اھڙي ئي حسين ۽ ننڍاکڙي..... ھن به مون کي ڏٺو آھي، سندس اکين ۾ ڪيڏي حيرت آھي. اوچتو دري مان منهن ٻاھر ڪڍي، ڀرپور ڌڪار ۽ ڪاوڙ مان چوي ٿي ”خوني ! قاتل!“
آئون ڏڪي ويو آھيان. ھن ڄڻ منهنجي اڳيان بم ڦٽو ڪيو آھي. وڏي مشڪل سان پاڻ تي ڪنٽرول ڪيو اٿم. دل پڪي ڪري، منهن تي خوفناڪ مرڪ پکيڙي ھن ڏانهن جھڪي چوان ٿو، ”پر تون ته خون ٿيڻ کان بچي وئينءَ....“ ھوءَ ڊڄي، ھٽي، ڪنڊ ۾ سوڙھي ٿي ويھي ٿي. مون ھن جي اڇلايل ڦاٽي ويل بم مان ٽڪرا ھن ڏانهن ڦٽا ڪيا آھن ۽ دل خوشي ۾ ڦنڊجي ويئي آھي. آئون جھومندو وڃڻ ٿو لڳان. ٿورو ھلي وري پٺيان مڙي ڏسان ٿو. ھوءَ اڃان تائين مون ڏانهن حيرت وچان اکيون ڦاڙي ڏسي رھي آھي. پڪ ئي پڪ سمجھندي ھوندي ته آئون پنهنجو دماغي توازن وڃائي ويٺو آھيان. مون جھڙو سڃو ماڻھو ھن کي حاصل نه ڪري سگهيو نه. ھوءَ اڳي کان به وڌيڪ حسين ۽ ڀريل آھي. ھن مون کي سڃاڻي ورتو. مان ته اھڙي جو اھڙو آھيان پاڻ وڌيڪ ويل. پر آئون چاھيان ٿو ته مون کي ڪير به نه سڃاڻي. ھنن وڏن ويڪرن رستن تي اھوئي ڊپ آھي ته ڪٿي ڪو سڃاڻي نه وٺي. ان ڪري گھڻي رش ۽ سوڙھ مصيبت ھوندي به مون لاءِ سلامتي واري آھي يا وري مون کي ويران اونداھيون گھٽيون وڻنديون آھن ۽ آئون پنهنجو شڪار به ته انهن ويران گھٽين ۾ آساني سان ڪري سگهندو آھيان. ھن ويڪري رستي تي ايتري ڀيڙ ڪانهي. فقط ٽوليون ٽوليون آھن، ٻن ٽن جي ٽولي يا ميڙاڪو. مون کي اھي ٽوليون ڪين وڻن. ھر ڪنهن کي اڪيلو اڪيلو ھئڻ کپي مون وانگر. خبر ناھي ته اھڙا گھڻا ماڻھو ھوندا، جيڪي ٽوليءَ ۾ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندا ھوندا..... هھڙن ويڪرن رستن تي مون کي ھلڻ ئي نه کپي. ڪو سڃاڻي وٺي ته! آئون ھونئن به ڏينهن ڏٺي جو بازار ۾ ڪو نه نڪران. سڄو ڏينهن پنهنجيءَ قبر ۾ پيو ھوندو آھيان. رڳو شام جو ٻاھر نڪران، رڳو شوڪيس جاچيندو آھيان. اھو ڏسندو آھيان ته ڪھڙي شوڪيس مان اڄ ڪھڙي شي نڪتل آھي يا نئين رکيل آھي. ايڏي وڏي ويڪري رستي تي ھلڻ ٺيڪ نه آھي، اتي شوڪيسن کي ڏسندي ڊپ ٿيندو آھي. متان ڪو ماڻھو سڃاڻي وٺي. پر آئون ھروڀرو ٿو ڊڄان. منهنجي ڪنهن کي خبر آھي؟ ھو سامھون اونداھي واري گھٽي ٺيڪ آھي. آئون اوڏانهن مڙي ٿو وڃان. ٻين کي منهنجي خبر ڪانهي پر ھوءَ سڀ ڄاڻي ٿي. ڪيڏي نفرت سان خوني ۽ قاتل چيائين. مون کان ڊڄي ويئي..... ھا ھا ھا!...... مون به چئي ڏنومانس. کيس ته منهنجو ٿورائتو ٿيڻ گهرجي، نه ته اھڙي چڪر ۾ اچي ويئي ھئي، جو سڄي حياتي پيئي لوڙي ھا. الائي ڇو، ھن کي خون ڪرڻ تي منهنجي دل نه وري، سٺو ٿيو، بچي ويئي.
مون ھن کي ڪيڏو چاھيو ھو، پر منهنجي چاھت خوني ھئي. مون شايد زندگي ۾ پھريون ڀيرو سچ ڳالھايو ھو. مون ھن کي سڀ ڪجھ ٻڌائي ڇڏيو. مون ڪجھ به نه لڪايو، ڪيڏي يقين سان، ۽ ڪيڏي آس سانڍي. ان وقت مون چاھيو ٿي ته ھوءَ وري مون کي انسان بنائي پر سچ ڳالھائڻ جي باوجود، مون اھو ھن سان ۽ پنهنجو پاڻ سان دوکو ٿي ڪيو. آئون ھن کي ڪا به خوشي نه ڏئي سگهان ھا. ھن جي ڪا به ضرورت، ڪا به خواھش پوري نه ڪري سگهان ها. ھن کي مون سان گڏ قبرستان جي ويرانيءَ ۾ رھڻو پوي ھا. ھوءَ اھو سڀ ٻڌي ڊڄي ويئي. ڊپ وچان سندس نرڙ تي پگهر مڙي آيو - ۽ پيلي پئجي ويئي ۽ روئڻ لڳي. مون کي سمجھ ۾ نٿي آيو ته ھن کي ڇا چئي ماٺ ڪرايان. ھڪ ڏوھاري، جنهن پنهنجا سمورا ڏوھ قبوليا ھجن، سو وڌيڪ چئي به ڇا ٿو سگهي. ھوءَ پوءِ سگهوئي سمجھي وئي ته اھو سڀ دوکو ھو ۽ ڄار وڇايل ھو. ھن جي دل ۾ منهنجي لاءِ ڪيڏي نفرت ڀريل آھي. پر ھوءَ اڳي کان وڌيڪ حسين آھي ۽ ننڊاکڙي. ھن جي اکين ۾ ڪيتري ننڊ آھي. آرام جي ننڊ، سڪون جي ننڊ.
منهنجا وار اڀا ٿي ويا آھن. ھن اونداھي ۽ ويران گھٽيءَ ۾ مون کي ڪنهن جو وجود محسوس ٿئي ٿو - ۽ سھڪي جو آواز. ھوا بند آھي. گھٽ ۽ ٻوساٽ ۾ ساھ منجھي ٿو. منهنجي اندر ۾ نفرت ۽ ڪاوڙ جي باه دکڻ ٿي لڳي ۽ ڀڙڪو کائي دماغ ۾ اچي ٿي پھچي. رڳن اندر رت زور سان پيو ڍوڙي. منهنجن ھڏاون ھٿن جون آڱريون ڇڪجي ٿيون وڃن ۽ ڏند ڀچي ٿا وڃن.... ”ذليل! ڪميڻو!“ ۽ پوءِ اکڇنڀ ۾ منهنجا ھٿ بجلي وانگر ھن جي ڳچيءَ جي چوڌاري وڪوڙجي ٿا وڃن. تيز سھڪو.... لڇڻ پڇڻ..... ۽ پوءِ ساڻائي. آئون آھستي آھستي چوطرف چتائي ڏسان ٿو. پري پري تائين ويراني آھي. ھن جي موت جھڙي. ھن جي لاش کي کڻي ڪلھي تي ٿو رکان، ۽ پنهنجي قبرستان طرف تيز تيز ھلان ٿو. ھن کي قبرستان ۾ وڃي ڦٽو ڪندس. ھن ۾ ڪجھ به بار ڪونهي، پوءِ به آئون ڏاڍو ٿڪجي پيو آھيان. دل زور سان ڌڪ ڌڪ پيئي ڪري. مون کي پنهنجي پيشانيءَ تي پگهر محسوس ٿئي ٿو، پر ھٿ لاھي ڏسڻ مان ڇا فائدو. ٽنگون ڏڪن پيون. تکو ڪيئن ھلان؟ پر آئون ھتي ھڪڙو پل به نٿو ترسي سگهان. دماغ ۾ اڃان تائين باه دکي پيئي. عجيب ڳالھ آھي. اھا باه خون ڪرڻ کان پوءِ به ڍري ڪانه ٿيندي آھي. جيستائين آئون پنهنجي قبر ۾، ڪفن ۾ منهن لڪائي سمھي نه پوان. لعنت آھي، ٽنگن ۾ ڪو ست ئي ڪونهي؟ آخر ڪھڙو فائدو، وڃي جھنم ۾ پئي. جسم ۾ طاقت ئي ڪانهي. ڪلھا ته اڳ ۾ جھڪيل آھن، ھي پينگھو کوکلو جسم وِک وک تي ٿاٻو، ۽ ھر وقت ڪرڻ جو ڊپ. ذلالت جي به ڪا انتها آھي. پوءِ، ھي نست پير.... ڪو لڪل سرو منهنجي سڄي جسم کي کائي چڪو آھي، ۽ سڙيل رت ۾ الائي ڇا ڇا مليل آھي.
جيڪڏھن بلڊ بينڪ ۾ وڃي ڊاڪٽر کي چوان، ”آئون پنهنجو رت ڏيڻ آيو آھيان،“ ھو ٽيسٽ جي لاءِ منهنجي نس مان سئي سان رت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري، ته ھوند بيھوش ٿي ڪري پيئي. جسم ۾ رت ڦڙو به ڪونهي جو نڪري.
من ئي من ۾ ٽھڪ ڏيان ٿو، مون کي دل ۾ ٽھڪ ڏيڻ سٺو لڳندو آھي. ٽھڪ ٻاھر نڪرندو آھي ته کوکلو جسم وڄڻ لڳندو آھي، ۽ آئون پنهنجو پاڻ کي ڪيڏو عجيب لڳندو آھيان. آئون واقعي عجيب آھيان؟ بڪواس آھي! گھڻا واقف ڪار ائين چوندا آھن. ھوءَ به ائين چوندي ھئي. اھي سطحي ماڻھو ھر وقت پنهنجو پاڻ کي نارمل رکڻ جا جتن ڪندا رھندا آھن. بيوقوفن کي ڪھڙي خبر ته ھرڪو ماڻھو عجيب ھوندو آھي. مون کي ھر ماڻھو اھڙو مليو آھي، جنهن تي دل کلڻ جي لاءِ چاھيندي آھي. مون ۾ ۽ ٻين ۾ فرق اھو آھي ته آئون ٻين تي کلڻ بدران پاڻ تي کلندو آھيان.
ھوا بند آھي. گرمي ته ڪيڏي آھي. منهنجي سوڙھي قبر ۾ ته ھيڪاري وئل ھوندو. گھٽ ۽ گرميءَ ۾ ساه منجھڻ ۽ لڇڻ لڳندو آھي. جسم جي پور پور مان پگهر چشمي جي پاڻي وانگر ڦٽي نڪرندو ئي رھندو آھي. آئون ڪڏھن قبرستان پھچندس؟ ھن لاش کي ته ٻين ڀيڙو ڪريان. ھي لاش کڻي کڻي منهنجا ڪلھا ڏکي پيا آھن، پر رھي به ته نٿو سگهان. وقت اچي ٿو ته پاڻ تي وس ئي نٿو ھلي. مون کي ان کان نفرت آھي! ان سڀ کان نفرت آھي. پر شايد مون ۾ اھا قوت ڪانهي جو ٻين وانگر پاڻ کي نارمل رکڻ جي جتن ۾ ڪامياب ٿيان. شايد سڀ ڪجھ ختم ٿي چڪو آھي. آئون آخر ڪھڙي ڏوه جي سزا پيو ڀوڳيان؟ اھو سڀ آئون سھي نٿو سگهان. انسان يا ته انسان ھجي؟ يا چاڪيءَ جو ڍڳو، انسان سان چاڪي جي ڍڳي واري حالت ....
منهنجو ساهه ٿو منجھي. دل ۾ اچي ٿو ته ھن ديوار سان مٿو ھڻي ڪڍان. آئون ھلان پيو، يا اتي جو اتي بيٺو آھيان؟ قدم ته رڳو پيا وچڙن ۽ ٿاٻڙن. ھن شھر ۾ دل وندرائڻ جا ڪيترا سامان آھن. پنهنجو پاڻ کي دوکي ڏيڻ ۾ ماڻھوءَ وسان ڪو نه گھٽايو آھي، شوڪيس به سراسر دوکو آھن. اندر رکيل سامان رڳو نظر جو فريب آھن. مون آڱرين سان انهن شين کي ڇھي محسوس ڪرڻ چاھيو آھي. پر آڱريون فقط سخت، ٺوس شيشي کي محسوس ڪنديون آھن. ھن عجيب ڌرتيءَ جي ھر ڪا شيءِ عجيب آھي. ذھن سوچي سوچي ساڻو ٿي پوندو پر ڪا به ڳالھ سمجھ ۾ ڪا نه ايندي. اھو ڄاڻندي به ذھن ويندو سوچيندو، ۽ ماڻھو احمقن وانگر وات ڦاڙي ذھن جي بڪواس ٻڌندو رھندو آھي. ڇا واھياتپڻو آھي!.....بس، گھڻو ٿيو. ذھن آھي يا ڪا مشين! ننڊ ۾ به جند نٿي ڇٽي ..... ۽ خواب وري ڇا آھن؟ سوچ جون تصويرون ئي ته آھن.
فضا دونهاٽيل آھي. چوڌاري اڻ لکو دونهون آھي. ھانءُ منجھي رھيو آھي. ھي گھٽي ڏاڍي ويران آھي. ان مان يا ته رولو ڪتا لنگھندا ھوندا يا ڪي ڀٽڪندڙ روح يا وري مون جھڙا قاتل!
- خوني، قاتل!
اوھ، ھي آواز ڪٿان آيو؟ آئون ڏڪي ويو آھيان. منهنجا لڱ ڪانڊارجي ويا آھن، ڪوئي ڪونهي. ھن جي آواز جو پڙاڏو آھي شايد، جيڪو اڃان تائين منهنجي ذھن ۾ گونججي رھيو آھي. مون کي ھن جي انهن لفظن تي ڪاوڙ ڪانهي، ڪو ڏک ڪونهي. آئون پاڻ مڃان ٿو ته آئون خوني ۽ قاتل آھيان. ھن جو ڏوھ فقط اھو آھي ته ھن اھو سچ منهنجي منهن تي چيو. ھن کان اڳ ۾ شايد آئون اھو سچ سھي نه سگهان ھا، پر ھاڻي ايترو ھيڻو ۽ نستو ٿي ويو آھيان جو سچ قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻيو چارو ئي ڪونهي. فقط ڏاڍو ۽ طاقت وارو ماڻھو پنهنجي ڀرپور قوت سان سچ کي رد ڪري سگهي ٿو، پيرن ھيٺان چيڀاٽي سگهي ٿو، پر مون کي ته پاڻ سچ پيو چيڀاٽي. مون ۾ سچ کي رد ڪرڻ جي طاقت ئي ڪانهي. آئون مڃان ٿو ته مون ھينئر به ھڪ خون ڪيو آھي ۽ لاش کي پنهنجن جھڪيل ڪلھن تي کڻي، لڪندو ڇپندو وڃي رھيو آھيان .... سسيفس وانگر، جنهن کي ڇپ ڍوئڻ جو پاراتو مليو ھو. مون کي شايد منهنجن نامعلوم ڏوھن جي عيوض جيئرو رھڻ جي سزا ڏني ويئي آھي. آخر اھو سلسلو ڪيستائين ھلندو؟
آئون ھلي ھلي ٿڪجي پيو آھيان..... ھلان به پيو يا رڳو ھڪ ئي ھنڌ پيو ٿاٻڙان؟ پنڌ ڪيڏو نه ڊگھو آھي. آئون ڊوڙڻ ٿو چاھيان، پر وک وڌي ئي ڪا نه ٿي، ڍوڙي به نٿو سگهان، پاڻ تي ايترو اختيار به ڪونهي مون کي. آئون ڪٿي اچي پھتو آھيان؟ ھتي ته رڳو ڌپ آھي. اھا ڌپ منهنجن سمورن احساسن تي ڇانئجندي پيئي وڃي. اھا ڌپ ٻاھر آھي يا منهنجي وجود ۾ آھي؟ ڪو فيصلو نٿو ڪري سگهان، فيصلي ڪرڻ جون قوتون ختم ٿي چڪيون آھن. ھيءَ سوڙھي اونداھي گھٽي آخر ڪٿي ختم ٿيندي؟ ڪٿي مون کان راه وڃائجي ته نه ويئي آھي؟ ائين ئي آھي. ھلندي ھلندي ڄڻ سڄي زندگي گذري ويئي آھي – پر پنڌ کٽي ئي ڪو نه ٿو. ھاڻي ته آئون وک به کڻي نٿو سگهان، ھيءَ سرنگ جھڙي گھٽي ڪٿي ختم به ٿيندي يا نه؟ ڇا ھميشھ ائين ٿيندو آھي؟ ڪو به جواب ڪونهي ..... ذھن ساڻو ٿي چڪو آھي، آئون پاڻ کي گھليندو ھلندو ئي رھندس. پر آخر ھي سلسلو ڪيستائين ھلندو؟ اوھ، منهنجا خدا، آخر پڄاڻي ڪٿي آھي؟.....

اڻ کٽ پڇاڙي

۽ پوءِ تو چيو پر خاموشي گهري هئي ايڏي گهري سمنڊ جي گهراين کان به گهري جنهن جو ڪو انت نه هو ايستائين جو سئي جي ڪرڻ سان به ڌماڪو ٿئي جيڪر تڏهن تو چيو پر آواز گهرائي ۾ غرق ٿي ويا ۽ پوءِ ڪو سر نه هوندو سر جي مڌرتا نه هوندي هوا جو ۽ وڻن جو ۽ سرءُ جي سڪل پنن جو هوندو سنسان سنگيت ۽ وعدا هئا لفظن ۾ لفظ جن کي ڪا معنيٰ ڪانهي آهي معنيٰ خاموشيءَ کي ۽ اتي ڪوبه ڪنهن جو نه هوندو اڪيلائي ازلي آهي ۽ ابدي آهي پر تو چيو هو راهه هڪ هئي پوءِ به قدم ڌار هئا قدمن جا نشان به الڳ هئا هر ڪو ڌار آهي ۽ الڳ آهي
اسين گڏجي هليا هئاسين ڪجهه گهڙين لاءِ هيون ٻنهي جون وکون ساڳيون تڏهن اسان سمجهيو هو غلط ئي سمجهيو هو ته ساڳي واٽ تي هلندا رهنداسين هميشہ
- تون مون کي وساري ته نه ڇڏيندين
- نه آئون تو کي وساري نه سگهندس جو وسارڻ منهنجي وس ۾ نه هوندو ۽ آئون تو کان موٽ ۾ اهو نٿو پڇان ته تون مون کي وساريندينءَ ته نه جو آئون ڄاڻان ٿو ته وسارڻ تنهنجي وس ۾ به نه هوندو
- مون ته ڳالهائڻ جي لاءِ ڳالهه ڪئي هئي سا ته مون کي به خبر هئي ته اهي سڀ ڳالهيون غير ضروري ڳالهيون آهن جن جو چوڻ اجايو آهي ۽ پاڻ تڪليف ٿي ٿئي انهن ڳالهين ڪرڻ سان پر ماٺ ڪرڻ سان من منجهي ٿو
- اسين جڏهن به گڏ هوندا آهيون ته اسان جو من منجهندو آهي ۽ نس نس ۾ پيڙا ڀرجي ويندي آهي
- اهو ئي اسان جي پيار جو نصيب آهي رڳي پيڙا پيڙا پيڙا پيڙا پيڙا
تو اهو لفظ هڪ ڀيرو ئي چيو هوندو پر اها پيڙا من منهنجي ۾ ٻرندي رهي آهي هميشہ وجود ۾ جهڙو ڪر پيڙا جو گهنڊ پيو گڙي ۽ آئون آهستي آهستي وڃان ٿو ڀرندو ڪنهن ڀت پراڻيءَ وانگر جنهن جي ڇت ڳري وئي هجي ڪڏهوڪو ۽ ڀتيون پاسن واريون به ڪري چڪيون باقي اها اڪيلي ڀت وڃي بچي ۽ ان جون سرون پئي ڳريون هري هري
- جيڪي ماڻهو چاهيندا آهن هڪ ٻئي کي سي هڪ ٻئي کي ملي نه سگهندا آهن ۽ ملندا آهن آهي جيڪي هڪ ٻئي کي چاهيندا نه آهن يا هنن ڪڏهن به نه چاهيو هوندو پر ملي ويندا آهن ۽ پوءِ گڏ هوندي به ڌار ڌار هوندا آهن
- جيڪي هڪ ٻئي کي چاهيندا آهن سي نه ملندا آهن ۽ ملندا اهي آهن جن ڪڏهن هڪ ٻئي بابت سوچيو به نه هجي سي سڀ ڳالهيون آهن مجبوري جون ڇو ته رڳو چاهڻ ئي سڀڪي ناهي گڏ ان سان ٻيو گهڻو ڪجهه آهي
۽ اهو ٻيو ڪجهه گهڻو ڪڏهن به نه هو مون وٽ هئي ته رڳو هڪ اڻڀي زندگي هئي ياد آهي تو کي مون چيو هو مون وٽ تو لاءِ رڳا ٻه خالي هٿ آهن پر اهي بيڪار آهن هٿ- ٿريءَ جون سموريون ليڪون ڊٺل آهن ٻيو ڪجهه نه هوندو مون وٽ نه ستارن جي سيج هوندي نه اڱڻ مٿي چنڊ هوندو جي هوندو ته رڳو هڪ اونڌاهو غار هوندو آئون تو کي ڏسي سگهندس نه تون مون کي ڏسي سگهندينءَ تون پنهنجو پاڻ به ڳولي نه سگهندينءَ مڪڙيءَ جي ڄارن ۾ قابو اوندهه جي لٽ ۾ لٽجي هڪ ٻئي کي ته ڇا پنهنجو پاڻ سڃاڻي نه سگهنداسين تون ڪا سوني سيج ڳول جتي لان مٿي چنڊ هجي
۽ پوءِ تو چيو پر جدائي ڳڙڪائي وئي سڀني ڳالهين کي ڳالهيون جيڪي ڪڏهن کٽڻ جون نه هيون نه ٿڪجڻ جون هيون اڻ ڳڻيون پر اسان ڄاتو ٿي ته غير ضروري هيون ۽ اجايون هيون ۽ بي معنيٰ هيون شايد بڪواس هيون
-- تون ايترو اداس ڇو هوندو آهين
-- اداسي منهنجي وجود ۾ آهي شروع کان نسن ۾ وهندڙ رت وانگر هر وقت ڍوڙندڙ ۽ ان اداسيءَ جي پاتار جو ڪو پرو ڪونهي هيڪل وياڪل من رکي رکي پيو ٻڏي اُپڙي ان مان
-- ڪٿي ان جو ڪارڻ آءٌ ته نه آهيان
-- ڪارڻ منهنجي وجود ۾ آهي تو ۾ نه آهي رڳو کوليو آهي ان کي تو ۽ ظاهر ڪيو آهي
۽ پوءِ تو چيو پر اهي راهون هيون راهه قدم ٺاهيندا آهن ۽ قدم الڳ هئا تو چيو پر راهون اڪيليون آهن راهون راهن سان گڏجن ٿيون گڏ هلن ٿيون ڪٽين ٿيون هڪ ٻئي کي ۽ هر راهه الڳ آهي ۽ اڪيلي آهي راهن جو ڪو انت ڪونهي يا انت آهي فقط گهري خاموشي ۽ پوءِ ڪو سر هوندو سر نه جي مڌرتا هوندي هوا جو ۽ وڻن جو ۽ سرءُ جي سڪل پنن جو هوندو سنسان سنگيت.....

ڊهندڙ ديوارون

ديوارون ڊٺيون پئي!
پنهنجن قيمتي ڪپڙن کي سنڀاليندي ويجهي آئي، تڏهن آڱر هن جي چپن تي آئي.
’هي ته ڊهن پيون!‘
ديوارون چپ هيون. ديوارن کي زبان ڪٿي!
’چڱو جو مان هن گهر ۾ نه آيس....‘
- ها
ديوارون
ڊهن
پيون....
ديوارون
ڊهن
پيون...
هن وائڙي ٿي نهاريو. ديوارن ڪونه ڳالهايو هو، رڳو هوا جو سوسٽ هو. ديوارن کي زبان ڪٿي!
سرن ڳرڻ شروع ڪيو هو. در ديوارن مان اکڙيل هو.
’اندر ڪو رهي ٿو؟‘ هن پاڻ کان پڇيو.
’ڪو آهي؟ ڪو آهي؟‘ هن سڏ ڪيو.
ڪٿان ڪنجهه ڪنن کي پهتي... يا هوا جو شوڪارو هو!
’اندر رڳو چمڙا هوندا، يا انسان هوندا؟ ڪو ته هوندو..... ڪو ته هوندو!‘ ڪو به ڪونه هو، رڳو هوا جو سوسٽ هو.
’اندر وڃي ڏسجي من ڪو هجي. آخر ضرورت ڪهڙي آهي؟ مون رڳو ڏسڻ ٿي چاهيو. ائين ئي تجسس وچان معلوم ڪرڻ ٿي چاهيو. سالن کان پوءِ ڪي ياد ايندا آهن ته ڏسڻ تي به دل ٿيندي آهي، ان ۾ آهي ئي ڇا.....‘
- ها
ان
۾
آهي
ئي
ڇا...
ان
۾
آهي
ئي
ڇا....
هڪڙو چاپوڙو ڪري پيو ۽ ديوار اگهاڙي ٿي پئي. ’هي ته خطرناڪ آهي، ڪنهن به وقت ديوارون ڊهي اچي پٽ پونديون... چڱو ٿيو مان نه رهيس. خدا جي پناهه، ديوارون ڊهن پيون! اندر ڪو رهي ٿو؟ ڪپڙا خراب ٿي پوندا ۽ ديوارون ڊهن پيون. ويجهو وڃڻ ٺيڪ ناهي...‘
- ها
ويجهو
اچڻ
ٺيڪ
ناهي....
اچڻ
ٺيڪ
ناهي...
’ڪنهن ڳالهايو؟ ديوارن ڳالهايو! پر ديوارن کي زبان ڪٿي!‘
ڪڙو به ڪونه هو جنهن کي کڙڪائجي. در ديوار مان اکڙيل هو. گهر جو ٻنڀو پوڙهي جي وات وانگر هو. هن کي کل آئي. ٻه ٽي سرون کسڪي ڪري پيون.
’اندر ڀوت هوندا، هتي ڪو ماڻهو ڪيئن رهندو.... ڪڙو به ڪونهي....‘
هن هڪ پٿر کڻي اندر اڇلايو. سرن جي ڪرڻ جو آواز آيو ۽ هوا مٿي تان رڙيون ڪندي وئي. هن قيمتي ڪپڙن کي سنڀاليو.
سرن جو ڪرڻ بند نه ٿيو. ٽٽڻ جو آواز چٽو هو. اوچتو اندران ڪو نڪتو. ماڻهو هو يا ڀوت هو.... يا ڀوتن جهڙو ماڻهو هو.
- ڪير آهي! ڪير آهي؟
ڀوت جي هانءُ- ٻڏل رڙ. ڊنل ڀوت! هوءَ ڊڄي وئي ۽ پير پٺتي هٽڻ لڳا.(پير گهڻو اڳ پٺتي هٽي چڪا هئا).
’مان آيس ڇو! مون ته رڳو ڏسڻ ٿي چاهيو.... پر اچڻ نه کپندو هو. هاڻ ڪهڙو فائدو؟‘
- هاڻ
ڪهڙو
فائدو
هاڻ...
ڀوت وڌندو آيو.
- هتي ڪنهن جو ڪهڙو ڪم آهي؟ هتي ته کنڊرن جي عظمت به ناهي. هتي ڪنهن جو ڪهڙو ڪم آهي!
ڀوت وڌندو آيو.
هيسيل هانءُ ڦڙڪيو.
’ڀوت!.....‘
هن ڀڄڻ چاهيو. هن ڀڄڻ شروع ڪيو. ’ڪهڙيءَ کٽي کنيو.....‘
هوءَ ڀڄندي وئي، ماڻهن جي وستيءَ ۾ پناه وٺڻ لاءِ. هوا مٿي تان رڙيون ڪندي وئي. هوءَ پري نڪري آئي پر ٽٽڻ جو آواز اڃا پئي ٻڌو ۽ ديوارون ڊٺيون پئي.....

ھارايل ماڻھو جي ڊائري

(ھي ڊائري مونکي ھڪ پارڪ ۾ پيل ملي. ڊائري تمام پراڻي ھئي ۽ ان جا ڪافي پنا ڦاٽل ھئا. ڊائري جي مٿان لکيل ھو ته ” مون توکي ھارائي سڀ ڪجھه ھارائي ڇڏيو“ پر ان ۾ ڪوبه سلسلو ڪونه ھو. ڪيتريون ڳالھيون اھڙيون لکيل ھيون جن جو ڪو سر پير نه ھو. گھٽ ۾ گھٽ اھي مون کي سمجھه ۾ ڪونه آيون، ان ڪري اھي مون ھتي ڪونه لکيون آھن. ڊائريءَ ۾ ڪا تاريخ، ڪو سال ڄاڻايل ناھي.)


سڀ ائين شروع ٿيندو آھي ۽ ائين ختم ٿي ويندو آھي. مون ڄمي مري ڪونه ڏٺو آھي (اھا ڳالھه آھي ته آءُ ھر گذرندڙ گھڙيءَ سان گڏ مرندو پيو وڃان) ؛ پر شروعات کي ختم ٿيندو ڏٺو اٿم. ۽ ھميشه ائين ٿيندو رھيو آھي. جيڪڏھن ڪو فطري فارمولو آھي ته اھو آھي. باقي ٻيا سمورا فارمولا ھٿرادو آھن. ماڻھو جنھن کي پنھنجي زندگي سمجھي پيار ڪري ۽ اھا زندگي ھڪ ڏينھن ھن سان اجنبين وانگر ملي! ان کان وڌيڪ ڪو عذاب ٿي نٿو سگهي. جڏھن کان ھوءَ اجنبي بنجي وئي تڏھن کان آءُ پاڻ پنھنجي لاءِ اجنبي بنجي ويو آھيان. مون ۾ اھو ڪجھه رھيو ئي ڪونھي جو ڪنھن کي پيار ڏئي سگهان. مون کي ڪجھه وقت اڳ خبر پئي ته تون ڏاڍو رني آھين. (مون لاءِ!) رني ھوءَ به ھئي، پر ھن روئي مون کي به روئاريو ھو. تو روئي مون کي دکِي ڪيو آھي (تو لاءِ). آءُ جيڪر توکي ٻڌائي سگهان. آءٌ ھڪ ھارايل ماڻھو آھيان. پر ھر ڪا ڳالھه ٻڌائي نٿي سگهجي. منھنجي من تي عجيب احساس ڇانيل آھن ھينئر. احساس ڏک جا، پڇتاءُ جا ۽ رکي رکي برف وانگر ڄمي ويندڙ. آءُ تو سان ملڻ نٿو چاھيان. مون ڏٺو آھي ته اھا ئي ڳالھه آھي جيڪا مون کي تو سان ملڻ کان روڪي ٿي. ٻي عجيب ڳالھه آھي ته وير وانگر رکي رکي ٻين احساسن تي ڇانئجيو وڃي سا ھيءَ ته تو مون سان پيار ڪري مونکي پاڻ ئي پنھنجي نظرن ۾ ڪيرائي وڌو آھي. آءُ موٽ ۾ توکي پيار نٿو ڪري سگهان آءُ تولاءِ ڪجھه به نٿو ڪري سگهان ۽ ان ڪري آءُ پاڻ کي ذليل پيو سمجھان. اڄ آءُ ڏاڍو ٿڪل ھوس. ننڊ اکين ۾ ۽ دماغ ۾ زوري گھڙيو پئي آئي. پر تنھنجي ڳالھه ٻڌي اھا به موٽي وئي. تون الائي ڇا سمجھندي ھوندينءَ مون کي. ٻيو جيڪي وڻئي سو سمجھه، پر اھو نه سمجھجانءِ ته ڪو آءُ پيار ڪرڻ جي قابل به آھيان. تنھنجي من جو بار ڳوڙھن ڌوئي مٽائي ڇڏيو ھوندو ۽ ھاڻي تون منھنجي لاءِ ڌڪار محسوس ڪندي ھجين ته ڏاڍو سٺو شايد ائين ٿيو ھجي. اھو سوچي آءُ پاڻ کي آجو محسوس پيو ڪريان. پر شايد اھا به منھنجي ذليل ھجڻ جي وڏي ثابتي آھي.

ڪي ماڻھو بذات خود ٽريجڊي ھوندا آھن.

انسان جي عظمت ان ۾ آھي ته ھو آخر دم تائين لڙندو ۽ شڪست ڪڏھن به نه قبولي. پر ڪا شڪست اھڙي ھوندي آھي جيڪا پھريون ئي ڀيرو ماڻھوءَ کي ڀڃي ڀوري ڇڏيندي آھي. جيڪو ماڻھو من ئي من ۾ ھارائي چڪو ھجي، اھو ڪنھن به ويڙھاند ۾ ڪامياب نه ٿيندو.

اُڏوھيءَ جئن ڏکڙا، چڙھيا چوٽيءَ سيئن ( شاھ)

تون ھينئر ڪٿي ھوندين؟ ڇا ڪندي ھوندينءَ! خوش ھوندينءَ يا اداس ھوندينءَ! تو کي ڪڏھن به اوچتو اھو خيال آيو ھوندو ته ھن گھڙيءَ، ھن پل توکي ڪو شدت سان ياد ڪندو ھوندو پر منھنجي دعا آھي ته توکي اھو خيال ڪڏھن به نه آيو ھجي. تون خوش ھجين ۽ ٽھڪ ڏيندي رھين . . . منھنجي تصور ۾ توکي ٽھڪ ڏيندو ڏسي مون کي سڪون ملندو آھي.

جڏھن به آءُ توکي ياد ايندس تون سوچيندينءَ ته اھو پاڳل اڃان به رڳو خواب ئي ڏسندو ھوندو ۽ جڏھن به تون مون کي ياد ايندينءَ ته محرومين ۽ ناڪامين جو بار ھانءَ تي وڌيڪ ڳرو ٿي پوندو.
تون مونکي وساري ڇڏج. صفا وساري ڇڏج. ڪڏھن ڀلجي به مون کي ياد نه ڪج. تون مونکي ياد ڪندينءَ ته اداس ٿي ويندينءَ ۽ تنھنجو چھرو ته آئينو آھي، جنھن ۾ تنھنجا احساس ۽ ڪيفتون صاف صاف پيا بکندا آھن. ماڻھو توکان پڇندا ته تون اداس ڇو آھين ۽ ان اداسيءَ جو ڪارڻ آءُ ھوندس!

مون رات خواب ۾ توکي ڏٺو. ننڊ ۾ به ڊپ جو احساس ھو ته تون مونکي وري به ڇڏي ھلي ويندينءَ. ۽ مون توکي چيو ھڪڙو منٽ ترس. آءُ توکي چڱي طرح جاچي ڏسڻ ٿو چاھيان. تنھنجي مک کي پنھنجي من ۾ لاھي ڇڏڻ ٿو چاھيان. تون ڪٿي به ھجين، پر سدائين منھنجي من ۾ ھوندينءَ.

جيڪڏھن آءُ تنھنجي جھول خوشين سان نٿو ڀري سگهان، ته مون کي ان ڳالھه جو ڪو حق ناھي ته توکي رڳو پريشانيون ڏيندو رھان.

واريءَ جيئن وڄري ھينئون، ڪڻڪي لئي ڪيڻان (شاھ)

اميد ھڪ لعنتاڻو بنجي وئي آھي منھنجي لاءِ.

گڏ ھلندي اوچتو تون مون کان ھٿ ڇڏائي،الائي ڪيترو اڳتي وڌي وئين آھي. پر آءُ اڄ به اتي ئي بيٺو آھيان جتان پاڻ وڇڙيا ھئاسين.

ڪي ماڻھو ايڏا بدنصيب ڇو ھوندا آھن! ڇا انھن جي نصيب ۾ رڳو ڀٽڪڻ ھوندو آھي. انھن جي ڪابه منزل نه ھوندي آھي! ماڻھو جيڪي ڪجھه سوچيندو آھي ٿيندو ان جي ابتڙ آھي. مون جنھن کي سڄي عمر چاھيو، اھو مون کي مليو به ته ڪھڙي روپ ۾! اھا ئي اڻ کٽ ڊوڙ . . . اھوئي ڀٽڪڻ . . . .

آءُ جيڪا به آرسي ڏسندو آھيان ان ۾ مون کي تنھنجو چھرو نظر ايندو آھي. پر تون آھين ڪٿي؟

ذھن آھي يا ڪا ڀيلاڙ ٿيل ٻني! جنھن ۾ ھر ڪو خيال بيپرواھيءَ جي، بنا روڪ ٽوڪ جي ھليو اچي.

پير پٿرائجي ويا آھن. وک وک تي ذھن جون نسون تاڻجي ڇڪجي ٿيون وڃن. رڳو پير پٿر ڪونه ٿيا آھن، سڄو وجود پٿر بنجي ويو آھي. روح ان پٿر جي گھاڻي ۾ پيڙجي رھيو آھي.

منھنجو اندر به ايترو اونداھو آھي جيترو منھنجو ڪمرو.

اڄ گهر وڃي ڪپڙا لاھي کٽ تي اڇلايم ۽ پاڻ کي ديوار تي لڳل ڪليءَ ۾ ٽنگي ڇڏيم.

ھيءُ ڪيڏو ڊگھو غار آھي. اوندھ ۾ ھٿوراڙيون ڏيندو رڙھندو پيو وڃان. منھنجو ساھ ٿو منجھي . . . ڏاڍو ٿڪل آھيان . . . جسم ٽُٽي پيو. سَنڌُ سَنڌُ ڌار ٿي پيو آھي.

چانڊوڪي ۽ آڳ

ريلوي پليٽ فارم تي سڃ لڳي پيئي آھي. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ مسافر پليٽفارم تي پيل بينچن تي ٽنگون پکيڙيو ليٽيو پيو آھي. ڪولي ھيٺ فرش تي ويٺا، ٻيڙين جا سوٽا ڀري آسمان کي تڪي رھيا آھن. پريان ھڪ خوانچي جي ڀرسان پوڙھو بيمار ڪتو پڇ لٽڪائي رھيو آھي. خوانچي وارو ڪتي کي ھڪل ڏيئي وري اوجھرڻ ٿو لڳي. ٽي اسٽال تي بيٺل ماڻھو ڪائونٽر تي ٺونٺيون کوڙيو، ڪنڌ جھڪائي اڌ پوريل اکين سان اوٻاسين مٿان اوٻاسيون ڏيئي رھيو آھي. ھڪ ٻھ مسافر اچن ٿا، پليٽ فارم تي لڳل وڏي گھڙيال ڏانهن نهاري، چپ چاپ ڪنهن خالي پيل بينچ تي ڪنڌ جھڪائي وڃي ويھي رھن ٿا. منهنجون نگاھون به گھڙيال ڏانهن کڄي وڃن ٿيون. رات جا ٻارھن لڳڻ وارا آھن. آئون پليٽفارم تي بي مقصد چڪر ھڻي رھيو آھيان. وايو منڊل ڪيترو ويران ۽ سڃو سڃو آھي. اڌ رات ٿي چڪي آھي ۽ جيئن جيئن رات وڃي ٿي وڌندي، تيئن ويراني ۽ اڪيلائيءَ جو احساس دل تي ڇائجندو پيو وڃي. مٿي آسمان تي چنڊ چمڪي رھيو آھي ۽ ھيٺ ڌرتي تي بلبن جي تيز روشني...... تڏھن به منهنجي من ۾ ڪاري ٻاٽ ڇو آھي؟.... آئون پاڻ کي ان سوال کان بچائڻ خاطر ھڪڙي بينچ تي ٻن ويٺل مسافرن سان گڏجي وڃي ويھي رھان ٿو. ھو مون کي ڏسي چپ ٿي ويا آھن. آئون به مونجھ محسوس ڪري رھيو آھيان. ٻن ڄڻن جي گفتگو ۾ رخنو وجھڻ، ڪھڙي نه خراب ڳالھ آھي! پر آئون ڇا ڪريان.... اڪيلائپ کان ڊڄان ٿو، وري ماڻھن سان گڏ ويھندو آھيان، ته پريشان لڳندو آھيان. اڪيلائپ جو احساس اتي به ختم نه ٿيندو آھي....ڇا ڪريان..... سڀ چپ آھن. دل چاھي ٿي ته اٿي وڃان، پر چاھيندي به اٿي نٿو سگهان.
ھڪڙو ڄڻو خاموشيءَ کي ٽوڙڻ خاطر مون کان پڇي ٿو.
”ڀائو، ھيءَ مسافر گاڏي ايندي نه!“
آئون جواب ڏيان ٿو؛ ”ھا، ايندي ته پيسينجر گاڏي.“
ٻيو ڄڻو چوي ٿو، ”پري کان ايندي آھي، ان ڪري مسافر لت کوڙي ستا پيا ھوندا آھن، جاءِ مشڪل سان ملي!“
”ڪيئن به ڪري مڙيئي ٿيو سفر ڪرڻو،“ جواب پھرين ماڻھو ڏنو.
وري به خاموشي ڇانئجي ويئي آھي. آئون سوچيان ٿو مون کي ڪٿي پھچڻو آھي..... منهنجي منزل ڪٿي آھي..... اسان سڀني جي منزل ڪٿي آھي..... اسان جي زندگي ٽرين وانگر اسان کي الائي ڪيڏانهن کنيو پئي وڃي؟ آخري اسٽيشن تي موت جو بورڊ لڳل آھي، جيڪو ڌنڌ ۾ ڪنهن کي به پڙھڻ نٿو اچي. پر اھو سڀ سوچڻ مان ڪھڙو فائدو؟ ماڻھو ته پاڻ کي ڪي حسين فريب ڏيئي اھڙن احساسن کي دٻايو ڇڏين. زندگي گذارڻ جو اھو ئي بهتر طريقو آھي، نه ته جيڪر ڪو به انسان ھن دنيا ۾ موت جي ڊپ کان جي نه سگهي.
(ماڻھو پاڻ کي ٺڳيو الائي ڇا ڇا ڪريو وڃي!)
آئون به پاڻ کي ڪو نه ڪو فريب ڏيئي پنهنجي حصي جي زندگي جيئڻ ٿو چاھيان. پر پاڻ کي ڪھڙو فريب ڏيان! سماج سڌارڻ جو ٺيڪو کڻان .... زندگي عيش آرام سان گذارڻ جي لاءِ دولت ڪمائڻ جا طريقا ڳوليان ......نه، آئون ھڪ عام ماڻھو وانگر زندگي گذارڻ چاھيان ٿو. ھڪ صاف سٿري گهر ۾، ڪنهن جي حسين ٻانهن ۾، وارن جي ڇانو ھيٺ!.... ھون، شاعراڻيون ڳالھيون، سڀ بڪواس.
”اڄ گاڏي ليٽ ٿي ڏسجي....“ پاسي ۾ ويٺل ماڻھو ڪجھ چئي رھيو آھي.
”ھا، گاڏي ليٽ آھي،“ آئون ائين چئي اٿي بيھان ٿو، ۽ پوءِ آھستي آھستي ھلڻ لڳان ٿو.
آئون ساري عمر ڪنهن وڏي گھاٽي جھنگ ۾ ھلندو رھيو آھيان. جھنگ جا بيشمار وڻ تيز ھوا ۾ سوسٽ ڪري الائي ڇا چئي رھيا آھن. آئون ڪجھ به نه سمجھندي، ھنن وٽان لنگھي رھيو آھيان، منهنجي چوڌاري اڪيلائپ ۽ ويراني آھي. ھزارين تمنائن جو بار پنهنجي ڪلھن تي کڻي ھلندي ھلندي ٿڪي پيو آھيان. رکي رکي ڪا دٻيل تمنا، اوچتو اڀري سڏڪو ٿي ڀري ته جھنگ جي ويراني ۾ مون کان ڇرڪ نڪريو وڃي، دل ڏڪيو وڃي. اميدن جي بستي اڃان ڪيترو پري آھي؟
ٻئي پليٽ فارم تي گاڏي اچي رھي آھي. ستل پليٽفارم ڪر موڙي جاڳي پيو آھي. مسافرن، ڪولين ۽ خوانچي وارن جي ھلڪي چھل پھل شروع ٿي ويئي آھي. آئون به ان طرف وڃان ٿو. گاڏي پليٽفارم تي اچي بيٺي آھي. منهنجي بلڪل سامھون واري ڪمپارٽمنٽ جي دريءَ مان ھڪ پوڙھي عورت ويران ۽ خالي نگاھن سان ٻاھر گھوري رھي آھي. سندس وار کنڊريل آھن. شايد ننڊ مان اٿي آھي، پر تڏھن به ھن جي شڪل تي ڪھڙي نه عجيب ويرانيءَ جي ڪيفيت ڇانيل آھي. مون کي ھن تي ڪنهن کنڊر جو گمان ٿو ٿئي پر..... اھو کنڊر منهنجي ئي اڳيان اچڻو ھو!.... گھٻرائجي منهن ڦيري ٿو ڇڏيان.
منهنجي گاڏي به اچي ويئي آھي. آئون تڪڙو تڪڙو پليٽفارم ڏانهن وڃان ٿو. گاڏيءَ ۾ گھڻي رش ڪانهي، پر سيٽون سمورين والاريل آھن. ماڻھو سيٽن تي ستا پيا آھن، ويھڻ جي به جاءِ ڪا نه ٿي ڏسجي. آئون اڳتي وڌندو رھان ٿو. انجڻ جي ويجھو اچي پھتو آھيان. انجڻ سان گڏيل ڪمپارٽمنٽ ۾ فقط ھڪ پوڙھي ۽ ھڪ ڇوڪرو ستا پيا آھن. پھريان ٻھ مسافر به ھيڏانهن ئي اچي رھيا آھن. ويجھو اچي، ھڪڙو ڄڻو چوي ٿو، ”چڙھو چڙھو، سڄو گاڏو خالي پيو آھي.“ آئون به ٻين سان گڏ چڙھي ھڪ خالي سيٽ تي وڃي ويھان ٿو.
ٻيو مسافر سيٽ تي ويھندي چئي ٿو، ”پوءِ جي عورتون آيون ته کڻي لھبو.“
”اسان جا وڏا چوندا آھن، ته بنا ڏاڙھي جي عورت ۽ مرد ۾ ڪو فرق ڪونهي، پوءِ جيڪڏھن اسين به عورتن سان گڏ ويٺاسين ته ڪھڙو ڏوھ ٿيو.“ ھن جو ساٿي پنهنجي چھري تي ھٿ ڦيريندي چوي ٿو.
آئون ان ماڻھوءَ کان پڇان ٿو، ”ڇو، ھيءُ زنانو دٻو آھي ڇا؟“
”اوھان ٻاھر لکيل ڪو نه ڏٺو ڇا؟ اچو، ڏسو.....“ ھو مون کي ٻاھر وٺي وڃي ٿو؛ ۽ منهنجن چپن تي ڦڪي مرڪ پکڙجي ٿي وڃي.
”خير پرواھ ناھي، آدم کي به ته ھوا جي ڪري جنت مان نڪرڻو پيو. اسين به کڻي لھي وينداسين،“ اسين ٽئي کلڻ ٿا لڳون.
ڪاري چادر ۾ ھڪ نوجوان عورت ھڪ اڌڙوٽ عمر جي مرد سان گڏ ڪمپارٽمنٽ ۾ اچي چڙھي آھي. اسين ٽئي ڄڻا ھڪ ٻئي ڏانهن ڏسون ٿا. عورت ۽ مرد چپ چاپ خالي سيٽ تي وڃي ويھن ٿا.
مون سان گڏ ويٺل ھڪڙو مسافر ھروڀرو ان اڌڙوٽ عمر جي مرد کي چئي ٿو، ”دراصل ھي ليڊيز ڪمپارٽمنٽ آھي. آھي ته سڄو خالي، پر اوھان کي جيڪڏھن اعتراض ھجي ته اسين لھي وڃون؟“
”نه نه، توھان ڀلي ويٺا ھجو. سفر جون گھڙيون آھن، گذري وينديون.“ آھستي آھستي ھتان ھتان جون بيڪار ڳالھيون شروع ٿي وڃن ٿيون. ھيٺ سيٽ تي ستل پوڙھي گوڙ تي جاڳي اکيون ڦاڙي اسان ۾ نهاري ٿي، پوءِ منهن ڦٽائي سمھي رھي ٿي.
گاڏي ھلڻ ٿي لڳي ۽ ٿوري دير کان پوءِ چادريءَ جو سنهڙو پردو پڻ مٿي کڄي ٿو وڃي. منهنجو سارو وجود ڄڻ ڏڪي ويو آھي، نظرون ڏڪي ويون آھن، ڏڪي ھٽي ويون آھن. ائين ٿو لڳي ڄڻ ھوا جو ٿڌو جھوٽو روح کي ڇھندو گذري ويو آھي. ھوءَ پاڻ سان گڏ ويٺل مرد سان آھستي آھستي ڳالھائي رھي آھي. ھن جو آواز ننڍڙي ٻار جي معصوم آواز وانگر ٿو لڳي.
آئون دريءَ کان ٻاھر نهارڻ ٿو لڳان. ٻاھر ڌنڌلي چانڊوڪي ڦھليل آھي. آسمان تي ڪڪر ڊوڙي رھيا آھن، چنڊ پورن ڏينهن جو آھي، پر جڏھن ڪو ڪڪر چنڊ کي ڍڪيو ڇڏي ته چانڊوڪي ڌنڌلي بنجيو وڃي. ھينئر به ھڪ وڏي ڪڪر چنڊ کي ڍڪي ڇڏيو آھي. گاڏي ڄڻ ته ڪنهن شئي کان ڊڄي رڙيون ڪندي پھاڙن جي وچ مان ڀڄندي پئي وڃي. ڌنڌلي ڌنڌلي چانڊوڪيءَ ۾ اھي پھاڙ ڪھڙا نه ھيبتناڪ ڀانئجي رھيا آھن! چو طرف خوفناڪ ويراني ڇانيل آھي. ڪٿي منهنجو ڀٽڪندڙ روح به انهن خوفناڪ ويرانين ۾ گم نه ٿي وڃي. آئون ڊڄي منهن اندر ڪري ٿو ڇڏيان. نگاھون ھن ڏانهن کڄي وڃن ٿيون، ۽ يڪدم ڊڄي ھٽي وڃن ٿيون. ڄڻ چوري ڪندي پڪڙجي پيون ھجن. آئون ڪتاب کڻي پڙھڻ ٿو لڳان خالي خالي اکر آھن، ڪا به ڳالھ سمجھ ۾ نٿي اچي، ذھن ۾ ڪي عجيب تصويرون ڍوڙي رھيون آھن. دٻو ڪنهن پينگھ جيان لڏي رھيو آھي پر ننڊ اکين کان ڪوھين دور آھي. آئون ڊڄي ڊڄي ھن ڏانهن نهاريان ٿو. ھوءَ سيٽ تي چادر وڇائي ليٽي پيئي آھي. سڀ مسافر سمھي پيا آھن، فقط آئون ئي جاڳي رھيو آھيان. ننڊ مون کان رٺل آھي. آءٌ ھن ڏانهن نهارڻ ٿو لڳان. سيٽ تي سئين ڪنڊي ليٽڻ سبب ۽ تکن تکن ساھن کڻڻ جي ڪري ھن جو سينو عجيب نموني ھيٺ مٿي ٿي رھيو آھي. ھن کي ڌارين جي وچ ۾ ائين نه سمھڻ گهرجي. منهنجي نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪو ڳنڍو اٽڪي پيو آھي. جيئن ڳيت ڏيئي ھيٺ لاھڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان، تيئن مٿي چڙھي ٿو اچي. ھن جون اکيون ٻن پوريل مکڙين وانگر لڳي رھيو آھن. ھن جي ڳاڙھن ۽ آلن چپن تي ھڪ اڻ لکي مرڪ پکڙيل آھي.
جيڪڏھن ھن کي معلوم ٿي وڃي ته ھڪ ڌاريون مرد کيس ائين تڪي رھيو آھي، ته ..... نه مون کي ائين نه ڪرڻ کپي. ڪنهن پرائي عورت کي ائين لاڳيتو ڏسندو رھڻ خراب حرڪت آھي. آئون ھاڻي ھن ڏانهن نه نهاريندس. آئون پنهنجون اکيون پوري ٿو ڇڏيان، تڏھن به ھن جو خيال ذھن مان نٿو نڪري. ھوءَ بيحد حسين آھي. آئون کڻي ڪيتري به ڪوشش ڪريان، پر ھن جو خيال ذھن مان نٿو ڪڍي سگهان. منهنجا چپ ٽانڊن وانگر پيا ٻرن، شايد ڪنهن ازلي آڳ ۾ جلي رھيا آھن. آئون اکيون کولي ھن ڏانهن نهاريان ٿو. ھن جا چپ به ڄڻ ٽانڊن وانگر لڳي رھيا آھن. ھي مون کي ڇا ٿيندو پيو وڃي ...... آئون گھٻرائجي اکيون بند ڪري ٿو ڇڏيان. پر آڳ وڃي ٿي وڌندي، ڄر ۽ ڄڀيون بڻجندي، ساري بدن ۾ زھر وانگر پکڙجندي، ساڙيندي، ٽچڪائيندي.... ھوءَ معصوم ۽ خماريل نظرن سان مون کي ڏسڻ لڳي ٿي.
”مون پنهنجي ساري حياتي لڇندي گذاري آھي. الائي ڪيتري وقت کان منهنجو جسم اڃ جي آڳ ۾ جلندو رھيو آھي. مون سان وعدو ڪر، مون کي ڇڏي ته نه ويندينءَ؟“....
”آئون تنهنجي آھيان! توکي ڇڏي ڪيڏانهن به نه وينديس.....“ آئون پنهنجا چپ ھن جي چپن تي رکي ٿو ڇڏيان، پر چپن جي پياس ٻجھڻ بدران وڃي ٿي وڌندي.
”ڏس، تنهنجن منهنجن چپن جي ازلي آڳ پاڻ ۾ ملي ڀنڀٽ بڻجي رھي آھي. اسين ٻئي ڄڻا ان ۾ سڙي خاڪ بڻجي وينداسين ۽ پوءِ امر بڻجي وينداسين.....“
اوه ھي ڇا ٿيو.... منهنجو دريءَ تي رکيل منهن دريءَ سان وڃي ٽڪرايو آھي. چپ سخت ۽ سرد ڪاٺ تي وڃي لڳا آھن ۽ ڦاٽي پيا آھن. گاڏي ھڪڙي ڌڌڪي سان بيھي رھي آھي. شايد ڪا اسٽيشن آھي. آئون اکيون کولي چوڌاري نهاريان ٿو. سڀ مسافر ستا پيا آھن، فقط پوڙھي جاڳي رھي آھي. اسٽيشن ڏسي ھوءَ پنهنجي ڇوڪري کي اٿاري ٿي، ڇوڪرو اٿي ٿو. ھوءَ به آواز تي جاڳي پيئي آھي. پوڙھيءَ کي ڏسي وري مون ڏانهن ٿي نهاري. آئون گھٻرائجي منهن ڦيري ٿو ڇڏيان. شايد ھن منهنجي دل جو چور پڪڙي ورتو آھي. آئون ھاڻي ھن ڏانهن نه نهاريندس. پر منهنجا چپ ..... اھي ته اڃا تائين ٽانڊن وانگر پيا ٻرن.....
آئون دريءَ مان ٻاھران نهارڻ ٿو لڳان. چنڊ تان جھڙ ھٽي ويو آھي ۽ چوطرف کير جھڙي چانڊوڪي ڦھليل آھي. ھڪ چنڊ ٻاھر چمڪي رھيو آھي، ھڪ گاڏي اندر آھي. پر ٻئي چنڊ منهنجي پھچ کان تمام پري آھن. آئون اھو چڪور آھيان جنهن جا کنڀ کٿل آھن. اھو آئون چڱي طرح ڄاڻان ٿو ته چنڊ کي پھچڻ منهنجي لاءِ ناممڪن آھي، پر چنڊ کي ڏسڻ به منهنجي لاءِ پاپ آھي!.... چنڊ کي ڏسي الائي ڇو محرومي جو احساس زھر وانگر منهنجي نس نس ۾ ڍوڙڻ لڳندو آھي. منهنجي ساري زندگي محرومين جي رڃ ۾ گذري آھي. وک وک تي محرومي! دل جي ته خاني مان جڏھن به ڪا تمنا، ڪا حسرت اڀري آئي آھي، ته مون ان کي مروڙي سروڙي پنهنجي سيني ۾ دفن ڪري ڇڏيو ھوندو. ڪڏھن ڪڏھن اھي دفن ٿيل تمنائون خوفناڪ ٽھڪ ڏيئي اٿي پونديون آھن ۽ پنهنجي تيز نهن سان دل جي زخمن تي چڙھيل ڪڙين کي لاھي رتو رت ڪري، نوان زخم پيدا ڪري ڇڏينديون آھن، آئون انهن کي زوري مروٽي وري سيني ۾ دفن ڪري ڇڏيندو آھيان. پر انهن جو بار وڃي ٿو وڌندو، شايد انهن جي بار ھيٺان ھڪڙي ڏينهن آئون به دٻجي وڃان.....
گاڏي کان ٻاھر به روشني آھي ۽ اندر به روشني آھي، پر تڏھن به منهنجي دل ۾ ايڏي انڌوڪار ڇو آھي! چنڊ ٻاھر واريءَ جي دڙن کي چمڪائي رھيو آھي پر منهنجي دل جي ويرانين کي نٿو چمڪائي سگهي. دل جون ويرانيون ته انهن واريءَ جي دڙن کان به زياده ڀيانڪ آھن. اونداھي رات ۾ واريءَ جا دڙا ڪيڏا ڀيانڪ لڳندا آھن، پر چانڊوڪيءَ ۾ اھي ڪيئن نه پيا چمڪن! منهنجي نصيب ۾ ته فقط اونداھيون راتيون آھن. ائين ڇو آھي؟.... رات جي خاموشي، ريل جي گوڙ ۽ رڙين ۾ منهنجو سوال دٻجي ٿو وڃي. ريل رڙندي، گجندي، اونها اونها، تکا تکا ساھ کڻندي ڪيڏانهن ڀڄندي پئي وڃي. سندس گوڙ منهنجن حواسن تي ڇانجي رھيو آھي، چوڌاري گوڙ آھي، ڪير به ڪنهن جي نٿو ٻڌي..... منهنجو ڪير به ڪونهي! ڪو به ته ناھي..... آئون گھٻرائجي ھن ڏانهن نهاريان ٿو.
ھن جي چپن تي مرڪ آھي، سندس ننڊاکڙا نيڻ به ڄڻ مرڪي رھيا آھن. ھوءَ ھلڪي اوٻاسي ڏيئي ڪر موڙي رھي آھي. ھاڻي ته رات جو پويون پھر آھي. مون کي لڳي ٿو، ڄڻ رات جي پوئين پھر ۾ ڪو گلاب ٽڙي پيو آھي. دل چاھي ٿي، اھو گل ڏسندو رھان ۽ وقت جو احساس ختم ٿي وڃي، ريل ھلندي ئي رھي...... گلاب جي ھلڪي ھلڪي مھڪ مون تائين پھچي رھي آھي. ھن جي خوشبو مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي پئي – پر گل بيشمار ڪنڊن سان جھنجيل آھي. منهنجو ھٿ وڌندو ته رتو رت ٿي پوندو، ڪنڊا ان کي گل تائين پھچڻ ڪو نه ڏيندا؛ ڇھڻ به ڪو نه ڏيندا.
ٻيا به جاڳي پيا آھن ۽ ھاڻي سامان پيا ٺاھين، شايد ايندڙ اسٽيشن تي لھي ويندا. ڇا ھوءَ به لھي ويندي! آءٌ پنهنجي ان خيال تي پاڻ تي ڦڪو مرڪڻ ٿو لڳان. ھن جو ۽ منهنجو آخر رشتو ئي ڪھڙو آھي! ڪو به نه.... ڪو به نه ..... جلد ئي سج نڪرندو ۽ اڄوڪي رات فقط ھڪ خواب جي حيثيت اختيار ڪري ويندي. ھوءَ ھاڻي تيار ٿي ويئي آھي. ھن جون اکيون اڃا ننڊاکڙيون آھن. رکي رکي مون ڏانهن نهاري ٿي. ڇو ٿي مون ڏانهن نهاري!.... گھڙي کن کانپوءِ ھوءَ ھلي ويندي – ڀلي ھلي وڃي، پر مون ڏانهن ڇو ٿي نهاري! ھن کي مون ڏانهن نهارڻ نه کپي.
چانڊوڪي دونهاٽجي ويئي آھي، دونهاٽيل چانڊوڪي مان ويراني پئي وسي، واريءَ جا دڙا پراڻا کنڊر ٿا لڳن. پريان شھر جي روشني پيئي نظر اچي. لکين ڪروڙين بلب تارن وانگر پيا ٽمڪن. ھوءَ وڏي اوٻاسي ڏيئي مون ڏانهن نهاري ٿي. ھن کي ڇا ٿي ويو آھي، ڇو ٿي مون ڏانهن نهاري!..... شايد ائين خواه مخواه پئي نهاري..... گاڏي شھر جي ھڪ لوڪل اسٽيشن تي اچي بيٺي آھي. ھو لھي رھيا آھن. مون کي ٻي لوڪل اسٽيشن تي لھڻو آھي. مان ھونئن به جيڪر ھنن سان گڏ نه لھان.....ھوءَ پليٽ فارم تي بيٺي آھي. ھاڻي شايد آخري ڀيرو مون ڏانهن نهاريندي پوءِ ھلي ويندي ۽ سمنڊ جھڙي وسيع شھر ۾ الائي ڪٿي گم ٿي ويندي. ھو ھاڻي وڃن پيا. ھو آخري دفعو پٺيان مڙي مون ڏانهن نهاريندي...... پر آخر ڇو نهاري مون ڏانهن! نه ھن کي ھڪڙو دفعو ته مون ڏانهن نهارڻ کپي. آخري ...... اوه! خوفناڪ آواز ڪٿان آيو؟ شايد ڪا انجڻ شنٽ ڪري رھي آھي، منهنجي گاڏي به ھڪ خوفناڪ رڙ ڪري ھلڻ لڳي آھي. ھاڻي اسٽيشن کي ڇڏي آئي آھي. چؤطرف بلبن جي تيز روشني آھي، تڏھن به منهنجي دل ۾ ڪاري ٻاٽ ڇو آھي! مٿي آسمان تي چنڊ ڪھڙو نه ويچارو ويچارو پيو لڳي. جھڪو جھڪو ۽ دونهاٽيل! مان دريءَ مان منهن ٻاھر ڪڍي، اکيون پوري چنڊ ڏانهن نهاريان ٿو، ۽ ھڪڙو اڪيلو گرم لڙڪ ھوا ۾ ڪيڏانهن اڏامي ٿو وڃي.

فيصلو

هن واچ ۾ ٽائيم ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪمري ۾ ايندڙ چنڊ جي هلڪي روشنيءَ ۾ هن اندازو لڳايو ته رات جا ٽي ٿي چڪا هئا. نيڻ ننڊ کان وانجها هئا ۽ هن جو مغز ڳرو ٿي پيو هو. هن زور ڪري اکيون بند ٿي ڪيون ته ويتر اکين ۾ سور ۽ مغز ڳرو ٿي ٿي پيو. ذهن ۾ عجيب عجيب شڪليون ٺهڻ ٿي لڳيون. هن وري يڪدم اکيون کولي ٿي ڇڏيون. چوڌاري ماٺ هئي، فقط ڇت واري پنکي جو گهوگهاٽ هو. هن بيچينيءَ مان پاسو ورايو، جيڪو هن کي ڏکندو محسوس ٿي رهيو هو. پوءِ هو سنئين ڪنڊي ليٽي پيو ۽ ڇت ڏانهن نهارڻ لڳو. هن جون اکيون تيز ڦرندڙ پنکي ۾ اٽڪي وچڙي پيون. هن کي محسوس ٿيو ته هن جو ذهن تيز ڦرندر پنکي سان گڏ ڦري رهيو هو، تيز تيز، تمام تيز.... هو گهٻرائجي يڪدم اٿي ويٺو. هن جي نرڙ تي پگهر جا ڦڙا نڪري آيا. هو کٽ تان اٿي ڪمري جي در وٽ اچي بيٺو. سامهون کٽن تي سندس پوڙهي ماءُ ۽ ننڍي ڀيڻ ستل هيون. ننڊ ۾ سندس ڀيڻ عذرا جي چپن تي اڻ لکي معصوم مرڪ هئي. هن ماءُ ڏي ڏٺو، جنهن جي منهن ۾ عمر کان وڌيڪ ڏکن ۽ تڪليفن جا گهنج پئجي ويا هئا. هو ڳوٺ دير تائين ماءُ جي منهن ۾ نهاريندو رهيو. هن جي دل ڀرجي آئي،۽ نظرون ڦيرائي ڇڏيائين. هو ڪمري ۾ موٽي، پنهنجي کٽ تي اچي ڪِريو.
”اوه منهنجا خدا! آءٌ ڇا ڪريان.... ڇا ڪريان!“ هن پنهنجي ذهن ۾ متل جنگ کان بيزار ٿي پنهنجو پاڻ کي چيو. ”آخر آءٌ ڪهڙو فيصلو ڪريان! نازان جي لاءِ پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجو گهر ڇڏيان! ان ماءُ کي ڇڏي ڏيان، جنهن مون کي پنهنجي جيءَ جو جياپو سمجهيو آهي! يا آءٌ پنهنجين خوشين جو گلو گهُٽي ڇڏيان! مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي ته آءٌ ڇا ڪريان!“ هن منهن ٻانهن ۾ لڪائي ڇڏيو. هن جو ذهن سوچي سوچي، ٿڪجي ساڻو ٿي پيو هو، پر ڪوبه فيصلو نه ڪري سگهيو هو. هن کي ائين ٿي لڳو ته فيصلي ڪرڻ جي قوت ڄڻ ختم ٿي چڪي هئي. پر هن کي نيٺ فيصلو ڪرڻو هو، ڪنهن هڪڙيءَ ڳالهه تي پهچڻو هو. هو پنهنجي پيار لاءِ پنهنجي ماءُ کي ڇڏي يا پنهنجي ماءُ کي پنهنجي پيار لاءِ ڇڏي! هارون جي لاءِ، هن گهڙيءَ، اهو فيصلو موت ۽ زندگيءَ جي فيصلي کان گهٽ نه هو. پر نه، موت ڪهڙو ۽ زندگي ڪهڙي؟ ماءُ جنهن هارون کي پنهنجي زندگي ڏني هئي، پنهنجو رت ست ڏنو هو، اهڙي ماءُ، جنهن جي پيار ۾ سمنڊ جي گهرَائي هجي، ان کي هو ڪيئن ٿي ڇڏي سگهيو! ٻئي طرف نازان هئي، جيڪا هن جي ويران ۽ اڻڀي زندگيءَ ۾ گلن جي سرهاڻ کڻي آئي هئي؛ جنهن هن سان گڏ گهارڻ جو سوڳنڌ کنيو هو. هو آخر ڪنهن کي ڇڏي! هن جو ذهن چاڪيءَ جي ڍڳي وانگر ڦري گهري وري هڪڙي ئي هنڌ اچي بيهي ٿي رهيو، اڳتي وڌڻ جي ڪا به واهه ڪا نه هئي. راهه ٻنهي طرفن کان بند هئي، هو ڄڻ رستي جي وچ تي منجهيل منجهيل ۽ وائڙو وائڙو بيٺو هو.
ڪالهه شام جو نازان جي ماءُ هن کي سڏايو هو، هن هارون سان ڪي تمام ضروري ڳالهيون ڪرڻ ٿي چاهيون. هن چيو، ”توکي منهنجيون ڳالهيون شايد عجيب لڳن، پر صورتحال ڪجهه اهڙي آهي جو تو سان صاف صاف ڳالهين ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي. اهي ڳالهيون هونءَ ته ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي مائٽن جي وچ ۾ ٿينديون آهن، پر انهن ڳالهين بابت فيصلو تو کي ڪرڻو آهي، ان ڪري آءٌ سڌو سنئون توسان ڳالهائڻ چاهيان ٿي.“
هارون هٻڪندي چيو، ”آءٌ پوري ڌيان سان ٻڌي رهيو آهيان، اوهان چئو.“
نازان جي ماءُ وڌيڪ گنڀير ٿي چيو، ”هارون! تو کي خبر آهي ته هن گهر ۾ فقط اسين ٻه ڄڻيون زال ذات رهون ٿيون. خدا کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪير به ڪونهي. اسين هڪٻئي کي ويجها آهيون، ۽ هڪٻئي جي حال جي سڀ خبر اٿئون. نازان جي پيءُ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ اسين ٻئي ماءُ ڌيئر بي سهاري بڻجي ويون هيونسين. ان وقت نازان پنجن سالن جي هئي. مون اڪيلي سر حالتن کي منهن ڏنو. مشين تي ڪپڙا سبي گذر سفر ڪري، تڪليفون سور سهي، نازان کي پاليو. منهنجي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو مقصد نازان جي زندگيءَ کي سنوارڻ هو، ۽ هينئر نازان ئي منهنجو سهارو آهي.“ هن هارون تي نظرون کپائي چيو، ”تون ئي ٻڌاءِ هارون! ڇا آءٌ پنهنجي حياتيءَ جو سهارو ٻئي جي حوالي ڪري ڇڏيان! آءٌ هن عمر ۾ پراون درن تي ڌڪا کائي مري وڃان!“ نازان جي ماءُ چپ ٿي وئي. هارون کان هڪ اکر به نه اُڪليو. هن کي سمجهه ۾ نٿي آيو، آخر ڇا ڳالهائي!
وري به نازان جي ماءُ ئي ڳالهايو، ”آءٌ نٿي چاهيان ته نازان پنهنجي حياتي مون لاءِ ڳاري ڇڏي. نه نه، نازان جي خوشيءَ لاءِ آءٌ سڀڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. آءٌ رڳو ايترو چاهيان ٿي ته هوءَ شادي ڪري، مون سان گڏ، هن گهر ۾ رهي. تون جيڪڏهن مون کي خود غرض سمجهين ته ڀلي سمجهه، پر مون لاءِ ٻي ڪا به واهه ڪانهي.“
تڏهن هارون گهٽيل آواز ۾ ڳالهايو.” نه ماسي، آءٌ اوهان جي مجبورين کي سمجهي سگهان ٿو.“ پر خود هِن جون به ته ڪي مجبوريون هيون. هِن جي مَن ۾ هاهاڪار متل هو.
”هارون! هاڻي تنهنجي فيصلي جي ضرورت آهي.“ نازان جي ماءُ جو آواز هو.
هارون منجهي پيو، پوءِ هن چيو: ”مون کي ڪجهه سوچڻ جي مهلت ڏيو، ماسي“
نازان جي ماءُ هن جي مونجهاري کي سمجهي وئي. ”شايد تون يڪدم فيصلو نه ڪري سگهين. ان ڪري تون ڀلي ڪجهه وقت ٿڌي دل ۽ دماغ سان سوچ. يڪدم ڪيل جذباتي فيصلا اڳتي هلي نقصان پهچائيندا آهن. تون پنهنجن مائٽن سان به صلاح ڪر. اهو ڏاڍو ڏکيو مسئلو آهي، پُٽ.“
هارون هن کان موڪلائي ٻاهر آيو. اڱڻ ۾ رڌڻي جي در وٽ نازان ٽيڪ ڏيو بيٺي هئي. هوءَ ڪيتريءَ دير کان ان هڪ ئي جاءِ تي بيٺي، پيڙا ڀوڳي رهي هئي. هارون کي ڏسي هن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. هارون هن جي اڳيان وڃي بيٺو.
”نازان!“ هن گهُٽيل آواز ۾ سڏ ڪيو. نازان اکين جي ڇَڀرن ۾ اٽڪيل لڙڪن کي لِڪائڻ جي لاءِ منهن ٻئي طرف ڦيرائي ڇڏيو. هارون جي من ۾ آيو ته اڳتي وڌي نازان جا لڙڪ اُگهي. هن جو رڳو هڪڙو پير وڌيو ۽ پوءِ پٿر بنجي ويو. ”مون کي ڪهڙو حق آهي نازوءَ جي لُڙڪن اگهڻ جو...“ هن سوچيو هو ڪيڏو نه بيوس هو، ڪيڏو نه لاچار هو- ڄڻ ڪو اپاهج هو، جنهن جي وس ۾ ڪجهه به نه هجي. هو رڳو ايترو به چئي نٿي سگهيو، ’نه رو، نازو نه رو...‘ پر اها ڳالهه اجائي ۽ رسمي لڳي ها. ماڻهو جڏهن ٻيو ڪجهه نه ڪري سگهندو آهي، تڏهن رڳو روئي سگهندو آهي. روئڻ بيوسيءَ ۽ لاچاريءَ جو ۽ ڪجهه نه ڪري سگهڻ جو اظهار آهي. هن کي ائين لڳو ته جيڪڏهن هو اتي ڳچ دير بيٺو رهيو ته پوءِ ڄمي پٿر بنجي ويندو. هن هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ هن جي واتان نڪتو، ” دل نه لاهه نازو، ڪو بِلو ٿي پوندو.“ ۽ پوءِ هو تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري ويو، ڄڻ اتي وڌيڪ ترسندي ڊڄندو هجي.’پر جيڪڏهن آءٌ پٿر بنجي وڃان ها ته وڌيڪ سٺو ٿئي ها منهنجي لاءِ. گهٽ ۾ گهٽ هيئن عذاب ته نه سهان ها. جيڪر آءٌ رڳو پٿر هجان ها، ٻيو ڪجهه نه هجان ها‘. هارون سوچيو.
هن پاسو ورائي ڪمري کان ٻاهر ڏٺو. پرڀات جي هلڪي هلڪي اڇاڻ پڌري ٿي رهي هئي. هن جي اک هڪ کَن جي لاءِ به ڪا نه لڳي هئي. ’سگهو ئي امان اٿندي ۽ مون کي جاڳندو ڏسي پريشان ٿيندي‘. هارون نٿي چاهيو ته سندس ماءُ هروڀرو پريشان ٿئي. هن جي پنهنجي ماءُ سان ڏاڍي دل هئي. هو ماءُ جي ٿوري تڪليف به سهي نه سگهندو هو. سندس ماءُ بيمار ٿيندي هئي ته هو ماءُ کان وڌيڪ پريشان ٿي ويندو هو. اهو هن جو ننڍي هوندي کان ئي سڀاءُ ٿي ويو هو، ته جڏهن سندس ماءُ بيمار ٿيندي هئي تڏهن هو ايترو ته منجهي پوندو هو، جو کيس ڪا به ڳالهه ڪانه وڻندي هئي. پهرين ته رانديون ٻانديون ڇڏي ماءُ جي ڀر وٺي ويهي رهندو هو. ماءُ کان هن جي اها پريشاني ڏٺي نه ٿيندي هئي ۽ هوءَ زور ڪري کيس راند ڪرڻ لاءِ موڪليندي هئي، پر راند ۾ هن جي دل نه لڳندي هئي، هو ذري ذري راند ڇڏي ماءُ کي ڏسڻ ايندو هو ته ڪيئن آهي. پاسي ۾ اچي بيهي پڇندو هو:“ امان! گنگي تلي آهين؟“ هن جي ماءُ مرڪي مٿي تي هٿ ڦيري چوندي هئي: ”ها بابا! آءٌ گنگي تلي آهان، تون وڃي راند ڪر.“ هن جي ننڍڙي معصوم دل ۾ الائي اهو خيال ڪيئن ايندو هو ته جيڪڏهن امان مري وئي ته....! هو روئڻ لڳندو هو ۽ سوچيندو هو ته آءٌ به امان سان گڏ مري ويندس.
هو جڏهن سوچڻ سمجهڻ جهڙو ٿيو، تڏهن هن کي خبر پئي ته ماءُ سان سندس ايڏي دل ڇو هئي؟ هن جي ماءُ ڏاڍي دکي هئي. شادي ٿيڻ کان پوءِ، سواءِ ڏکن ۽ تڪليفن جي، ٻيو هن کي ڪجهه به پلئه ڪين پيو هو. هن جي زندگيءَ ۾ ڪا خوشي آئي هئي ته به وڄ جي چمڪاٽ وانگر، نه ته ٻاٽ اوندهه هئي. هوءَ جيئن ئي پرائي گهر ۾ آئي، تيئن ئي گهر جي ماڻهن جي ساڻس نه پئي. هن جو مڙس، جيڪو گهر ۾ پاڻ کي لاچار سمجهندو هو، تنهن ان لاچاريءَ ۽ بدنصيبيءَ ۾ هارون جي ماءُ کي به ڀاڱي ڀائيوار ڪيو. هارون جڏهن وڏو ٿيو، تڏهن هن کي پنهنجي ماءُ ڌرتيءَ وانگر لڳي هئي، جنهن الائي ڪهڙا ڪهڙا ڏک ۽ ڪهڙا ڪهڙا ويڻ سٺا هئا، پر ڌرتيءَ وانگر گونگي بنجي، سڀڪجهه سهندي وئي. هن جي ماءُ جو اندر ڪاٺ کي لڳل سُري وانگر کاڄي کوکلو ٿي ويو هو. پر پوءِ به هن جي ڏکويل ۽ مرجهايل دل ۾ صبر جو اٿاهه سمنڊ سمايل هو، جنهن جي ڪا لکا ئي ڪانه ٿي پئي. هارون جو ننڍڙو پتڪڙو وجود هن جي لاءِ وڏي آٿت هو. هوءَ جيئري هئي ته رڳو هارون جي لاءِ، هارون هن جي جيءَ جو جياپو هو.
هارون ماءُ جي پيار جي پورهئي سبب ان لائق بنيو هو، جو هو نه رڳو پنهنجو، پر پنهنجي گهر جو بار به کڻي سگهيو هو. هينئر جڏهن هن جي ماءُ جا سڀ ڏک ڏولاوا دور ٿيا هئا، ساهه ۾ سانڍيل آسون پوريون ٿيون هيون، تڏهن هارون پنهنجين خوشين کي ماڻڻ ڪاڻ هن کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري رهيو هو.
’آءٌ جيڪو پنهنجي ماءُ جي معمولي بيماريءَ تي پريشان ٿي پوندو آهيان، سو پنهنجي ماءُ کي هميشہ لاءِ ڇڏي، هڪ ڌارئي گهر ۾ رهي سگهندس؟‘ هارون پاڻ کان پڇيو.
”هارون، او ابا هارون!“ ماءُ هن کي سڏي رهي هئي. هو دت هنيو، چپ چاپ پيو هو. هن ماءُ کي جواب ڏيڻ نٿي چاهيو. ان وقت اوچتو هن کي خيال آيو، ’ڇا آءٌ ٻين جي لاءِ پنهنجي زندگي تباهه ڪري ڇڏيان، پنهنجن خوشين جو گلو گهٽي ڇڏيان! نه، آءٌ هينئر ٻار نه آهيان. پنهنجي زندگيءَ ۽ مستقبل جو پاڻ ذميدار آهيان. مون نازوءَ سان وعدو ڪيو هو ته آءٌ سڄيءَ دنيا کي ڇڏي سگهان ٿو، پر کيس نه. آءٌ پنهنجو اهو وعدو ضرور پاڙيندس.‘
”هارون، او ابا هارون !“ ماءُ کيس اڃا به سڏي رهي هئي. هارون کي ماءُ جي سڏن تي ڪاوڙ اچي وئي.
”ڇو امان! ننڊ کڻي ڦٽائي اٿئي.“ هن چڙ مان چيو.
”ابا، دير ٿي وئي آهي، آفيس به وڃڻو اٿئي،“ ماءُ کي هن جي چڙ تي حيرت لڳي.
”نه. اڄ آفيس ڪونه ويندس. طبيعت ٺيڪ ڪانهي.“
؟خير ته آهي، دشمنن جي طبيعت کي ڇا ٿيو آهي؟“ ماءُ پريشان ٿي پئي.
”ڪجهه ناهي امان، رات ننڊ ڪا نه آئي، ان ڪري مٿي ۾ سور آهي“. هارون کي پنهنجي رويي تي شرم محسوس ٿيو ۽ هن لهجي کي نرم بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”ٿوري دير سمهندس ته طبيعت ٺيڪ ٿي ويندي.“
ماءُ هن کي وياڪل نظرن سان ڏسندي هلي وئي، تڏهن هارون کي احساس ٿيو ته هن ماءُ سان بيواجبي ڪئي هئي. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ماءُ سان ايڏو کهرو ٿي ڳالهايو هو. هو پاڻ کي ڏوهي سمجهڻ لڳو.
’پر آخر آءٌ ڇا ڪريان! ڇا ڪريان! مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي.....‘ هو انهن سوالن کان پريشان ٿي، نيٺ کٽ تان اٿيو ۽ ڏندڻ- پاڻي ڪري وري موٽي کٽ تي اچي ويٺو. هارون جي ننڍي ڀيڻ عذرا چانهن جو ڪوپ کڻي اچي هن جي اڳيان بيٺي. هارون اکيون مٿي نه کنيون، ۽ چپ چاپ هن کان ڪوپ وٺي چانهن پيئڻ لڳو.
”ادا!تنهنجي طبيعت ته ٺيڪ آهي؟“عذرا هن کان پڇيو.
هارون مٿي نهاريو. عذرا ۽ سندس ماءُ پريشانيءَ وچان هن کي ڏسي رهيون هيون.
”آءٌ بلڪل ٺيڪ آهيان. اوهان هروڀرو پريشان ٿيون آهيو....“ هن مرڪڻ جي ڪوشش ڪندي چيو. ماءُ ۽ عذرا کي هن جي ڳالهه تي اعتبار ڪونه آيو. هن جي ٿڪل ۽ پيلي شڪل پاڻمرادو ٻڌائي رهي هئي. هارون سوچيو ته هو ماءُ کي سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏي.
”امان! ڪالهه نازوءَ جي ماءُ مون کي سڏايو هو.“
”پوءِ، ڇا چيائين؟“ ماءُ هن کان پڇيو.
”هوءَ چاهي ٿي ته آءٌ نازوءَ سان شادي ڪرڻ کان پوءِ سندن گهر ۾، ساڻن گڏ رهان.“
هن جي ماءُ جي چپن تي دک گاڏڙ مرڪ آئي، ”چريا، تو پاڻ کي ان ڳالهه جي ڪري هروڀرو کڻي پريشان ڪيو آهي. تو سمجهيو ٿي ته آءٌ تو کي اجازت نه ڏينديس! تنهنجي خوشي ئي ته اسان جي خوشي آهي. تو کي اسان ان لاءِ سانڍي ساري وڏو ڪونه ڪيو هو، ته تنهنجون خوشيون کسيون. تون اڄ ئي وڃي نازوءَ جي ماءُ سان هائوڪار ڪري اچ.“ شايد هوءَ پنهنجن احساسن کي اندر ئي اندر گهُٽڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.
هارون جي نڙيءَ ۾ ڳوڙهو اٽڪي پيو هو. هن جيئن ڳيت ڏيئي ڳوڙهي کي هيٺ لاهڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، تيئن اهو مٿي چڙهي ٿي آيو. ان گهڙيءَ هن کي عذرا جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ”ادا، پوءِ تون اسان کي ڇڏي هليو ويندين!“
ڄڻ ڪو ڌماڪو ٿيو هو، جنهن هارون جي سڄي سموري وجود کي ڌوڏي ڇڏيو. هو ٽٽي پيو هو.
”عذرا!“ نڙيءَ ۾ ڦاٿل ڳوڙهو هيٺ لهي ويو، ۽ هڪ گهٽيل رڙ نڪتي. هن ڀيڻ کي ڏاڍي پاٻوهه مان ڀاڪر پاتو. هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ ته هن پنهنجي وجود کي ٽٽڻ کان بچائي ورتو هو.

ڀڳل ٽٽل ٽھڪ

مون ھٿن تي ميندي رکڻ نٿي چاھي، پر سڀني مائٽياڻين زور ڀريو ھو. ھنن کي منھنجي انڪار تي حيرت لڳي ھئي. ”مائي، ھي ڪھڙو نينگرو آھي، ميندي رکڻ نٿو ڏئي! مينديءَ کانسواءِ ڪھڙي شادي!“ سڀني وڏين ننڍين مائٽياڻين زوريءَ وٺي وڃي منجيءَ تي ويھاريو ھو. تڏھن اوچتو گوڙ مچي ويو ھو. ” شمع پئي اچي!...... ائي، شمع اچي وئي.....“
ھانءُ کي جھٻي اچي وئي. اندر جو خلا وڌيڪ گهرو ٿي ويو.
”مڙسھنس الائي ڪيئن ڇڏيو!“ امان چيو ۽ سڀئي ٻاھر وٺي ڀڳيون. گھڙي کن جي لاءِ آءٌ اڪيلو رھجي ويس ۽ چاھيم ته منجيءَ تان اٿي ھليو وڃان.
”ادي، اسان کي اميد ئي ڪا نه ھئي ته تون ڪو ايندينءَ!“
”ائي چڱو ٿيو جو آئينءَ، ھلي گھوٽ جي ھٿن تي ميندي رک.“
مون ھن جو آواز ڪو نه ٻڌو، پر لڳو ته ھوءَ نٽائي رھي ھئي. جڏھن سڀ مايون موٽڻ لڳيون، ته ان وقت لائيٽ ھلي وئي. شايد اھو چڱو ئي ٿيو ھو. ايترن سارن ماڻھن جي اڳيان ۽ ان حالت ۾ مون ھن کي ڏسڻ نٿي چاھيو. مون ھن کي ڏسڻ چاھيو ھو، ڏهه سال ٿي ويا ھئا ته آءٌ کيس ڏسي نه سگهيو ھوس. ھوءَ ھاڻي مون کي ان حالت ۾ ڏسي ڇا محسوس ڪندي! اھو سڀ مون ايترن ماڻھن جي اڳيان ڄاڻڻ نٿي چاھيو. پر ھانءَ ۾ ڪا ڇيت ڦاٿي پئي ھئي.
ڪنهن تڙ تڪڙ ۾ ميڻ بتي ٻاري ھئي. ماين ھن کي وٺي اچي منهنجي اڳيان ويھاريو.” ابا، ھٿ سڌا ڪر ته شمع ميندي رکي.“ ڪنهن چيو. مون پنهنجا ٻئي ھٿ ھن جي اڳيان جھليا. شمع ٿالھيءَ مان ميندي کڻي منهنجن ھٿن تي لاٿي. مون کي لڳو ته ھن جا ھٿ ڏڪي رھيا ھئا يا شايد منهنجا ھٿ به ڏڪي رھيا ھئا.......
مايون ڪو ڳيچ ڳائي رھيون ھيون. مون اوندهه ۾ ھن کي ڏسڻ چاھيو. ھوءَ بُت ۾ ڪجھ ڀرجي وئي ھئي.
”شمع، تون ايتري سھڻي ڇو آھين جو ماڻھو رڳو تنهنجو ٻاھريون روپ ئي ڏسندو رھي؟“
”ڇو، مان اندر ۾ ايتري ڪوجھي آھيان ڇا؟“
پولار تائين اڏامندڙ منهنجا ٽھڪ.
”تون ايڏا وڏا ٽھڪ ڏيندو آھين جو پاڙا وارا به ٻڌندا آھن.“
”تنهنجا ٽھڪ ته ڄڻ ڏاڍا دٻيل آھن!“
”تڏھن به ماڻھو ته تنهنجن ٽھڪن جي ڳالھ ڪندا آھن.“
” شمع، ٽھڪ ٻن قسمن جا ھوندا آھن: ھڪڙا خوشيءَ، بيفڪريءَ جا ھوندا آھن ۽ ٻيا ڏک جا، اندر جي پيڙا کي لڪائڻ جي لاءِ ھوندا آھن.“
”ان معلومات ڏيڻ جي لاءِ مھرباني،“ ھن کلندي چيو. ” ڀلا سائينءَ جن جا ٽھڪ انهن مان ڪھڙي قسم جا آھن؟“

شمع ھٿن جي پٺيءَ سان جلديءَ ۾ اکيون اگھي ورتيون. ھوءَ اٿي بيٺي. ھٿن تي پوري ميندي ڪا نه لڳي ھئي. پوءِ الاجي ڪير ڪير ميندي ھڻڻ لڳي. تيستائين لائيٽ به اچي وئي ھئي، پر شمع ماين جي ميڙاڪي ۾ وڃائجي وئي. منهنجو اکيون ڊڄندي ڊڄندي ماين جي ميڙ ۾ ھن کي ڳولھڻ لڳيون – پر ھوءَ ته ڏھه سال اڳ وڃائجي وئي ھئي.
”تنهنجي انٽرويوءَ جو ڇا ٿيو؟“
”اڃا خبر نه پئي آھي.“
”۽ ان کان اڳ جيڪو انٽرويو ٿيو ھو؟“
”مون کي نه کنيائون.“
”ھاڻي جيڪو انٽرويو ڏنو اٿئي تنهن ۾ ڪا اميد آھي؟“
” ان ۾ به اميد گھٽ آھي.“
”ڇو ڀلا، تو سان ڪا دشمني اٿن ڇا؟“
” تون ڇا ٿي سمجھين ته آءٌ انٽرويو ۾ پاس نٿو ٿيان؟“
”خير، آءٌ ائين ته ڪا نه چونديس ته تون صفا چٽ آھين،“ ھوءَ کلڻ لڳي، پر آءٌ مرڪي به نه سگهيس.
”توکي خبر آھي ته سفارش کان سواءِ ڪا نوڪري نه ملندي آھي. مون وٽ ڪھڙي سفارش آھي جو اميد رکان؟“
” اھو سلسلو ڪيستائين ھلندو؟“
”ڪھڙو سلسلو؟“
” انٽرويوئن جو. آخر ڪو نتيجو به نڪرندو يا.....“
” منهنجي وس جي ڳالھ ھجي ھا ته گھڻا ڏينهن اڳ نوڪري وٺي ويھان ھا. ڪٿي تون ان سلسلي مان بيزار ته ڪا نه ٿي پئي آھين؟“
”اھا ڳالھ تون سوچي سگهين ٿو! آءٌ ته ڪنهن به حالت ۾ بيزار ٿي نٿي سگهان، پر.....“
” پر ڇا؟ ڏس شمع، مون کي تنهنجي اھا ڳالھ ڪا نه وڻندي آھي. تون مون کان جڏھن ڪا ڳالھ لڪائيندي آھين ته مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو آھي. جيڪي ڪجھ آھي سو مون کي صاف صاف ٻڌاءِ.“
”تون اصل کان موڳو مٽر آھين. آءٌ تو کان ڪا ڳالھ ڇو لڪائينديس؟ آءٌ نٿي چاھيان ته توکي اجايون سجايون ڳالھيون ٻڌائي پريشان ڪريان. تو لاءِ بيرزوگاري ڪا گھٽ پريشاني آھي؟“
”چاچا جن بيزار ٿي پيا ھوندا. اھا ڳالھ آھي نه؟“
شمع چپ رھي.
”اھا ڳالھ آءٌ به محسوس ڪريان پيو. پر آءٌ چاچا جن کي ڏوھ نٿو ڏيان. ھو بيروزگار ماڻھوءَ جو بار ڪيستائين کڻندا. بيروزگار پٽ مان ته ماءٌ-پيءُ به بيزار ٿي پوندا آھن. اھا به چاچا جن جي مھرباني آھي ته مون کي ايترو وقت پنهنجي گهر ۾ رھايو اٿن، نه ته ڪراچيءَ جھڙي مھانگي شھر ۾ آءٌ ڪٿي رھي سگهان ھا. بس، ھفتي کان پوءِ آخري انٽرويو ڏئي آءٌ پنهنجي گهر ھليو ويندس.“
مون نٿي چاھيو ته شمع مون کي ڪوڙو آٿت ڏئي. جيڪڏھن ھوءَ ڪجھ چوي ھا ته سندس لفظ مون کي رسمي ۽ بي معنيٰ لڳن ھا. ھوءَ چپ چاپ بيوسيءَ وچان مون کي ڏسندي رھي.
شمع منهنجي ماسيءَ جي ڌيءَ ھئي. ھن جو پيءُ اناج جو واپاري ھو ۽ چڱو بيٺل ماڻھو ھو. ھن جا ايترا واسطا ھئا جو ٿوري ڪوشش ڪري ھا ته مون کي اڀري سڀري نوڪري ملڻ ڏکي ڳالھ نه ھئي. پر ھو گهر ۾ ايترو لاتعلق رهندو هو ۽ طبيعت جو ايترو کھرو رھندو ھو جو کيس چوڻ جي ھمت ساري نه سگهيس. ماسيءَ جي ته ٻڌندو ئي ڪو نه ھو. ڪڏھن ڪڏھن منهن سامھون اچي ويندو ھو ته پڇندو، ”ڏي خبر، ڇا ٿيو تنهنجو؟“ ۽ آءٌ وراڻيندو ھوس، ”اڃا ته ڪجھ نه ٿيو آھي.“ ھو اڳتي وڌي ويندو ھو.
آءٌ ڳوٺ ھليو ويس. بابا ۽ امان انڪار ڪري ڇڏيو ته جيستائين پنهنجن پيرن تي نه بيھندين تيستائين شمع جي مائٽن سان ڳالھائڻ نه ويندا. ”اسين پنهنجو پيٽ مس ٿا ڀري سگهون، سو پرائي ڌيءَ کي مصيبت ۾ وجھون.“
پنهنجن پيرن تي بيھڻ ۾ مون کي گھڻو وقت لڳي ويو ۽ شمع جي شادي ٿي وئي. ھڪڙو وڏو واپاري جنهن جو ٻاھرين ملڪن ۾ به ڪاروبار ھو، شمع جي پيءُ جو دوست ھو ۽ چاليھن سالن تائين ڪنوارو رھيو ھو. شمع سان شادي ڪرڻ کان پوءِ ھو گهر گرھستيءَ وارو ٿي ويو.
آءٌ ھٿن تان ميندي روڙي وري ٿالھيءَ ۾ رکڻ لڳس. ھڪڙي مائيءَ ڏسي ورتو.
”اڙي ابا، ھي ڇا ٿو ڪرين، اڃا ته رنگ لڳو ئي ڪو نه ھوندو!“
” مون کي ھٿ ڳاڙھا ڪرڻا نه آھن. اوھان ته پنهنجي ڳالھ پوري ڪئي، ھاڻي منهنجي مرضي.“
” مائي، نينگرو آھي يا ڇا؟ ھڙي ڪار ته اسان ڪٿي ڪا نه ڏٺي،“
ماين کي منهنجي ھلت تي عجب لڳي رھيو ھو.
آءٌ ھٿن تان ميندي لاھي گهر مان ٻاھر نڪري ويس. ٻاھر مائٽ ھئا، وڏا ننڍا ۽ واقفڪار ھئا. منهنجي ۽ مائٽن جي وچ ۾ پل مون کي ھميشه ٽٽل لڳي آھي. ھنن سان گڏ ويھي ڳالھائڻ تي ڪڏھن دل نه ٿي آھي. مون جيستائين پڙھيو اھي ئي مائٽ ھئا جيڪي منهنجي ماءٌ- پيءُ تي کلندا، ٽوڪون ڪندا رھيا ته ھي به پڙھي مائٽن کي کٽي کارائيندو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪلارڪي يا ماستري وٺائي ڏيارڻ جي لاءِ انهن ئي مائٽن کي منٿون ڪندو رھيس ۽ ھو مون کي بيروزگار ڏسي، پريشانيءَ وچان رلندو ڏسي خوش ٿيندا مرڪندا رھيا. ھنن پاڻ ته ڪڏھن مون سان ھمدرديءَ جا ٻھ ٽي ٻول نه ڪڇيا، پر ان سڄي ميڙ مان جنهن مون سان ھمدردي ڪئي، جنهن منهنجين محرومين ۾ شريڪ ٿيڻ چاھيو تنهن کي به نه سٺو. انهن مائٽن ئي ته مون کي اکٽ محرومين جي رڻ ۾ اڇلائي ڇڏيو ھو. آءٌاھو رڻ جھاڳيندو ڪنهن ماڳ تي پھچڻ لاءِ ڀٽڪندو رھجي ويس.
ٻاھر اچي مون کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. لڇندڙ من کي پناهه نڪا ٻاھر ٿي ملي نڪا گهر ۾. مون کي ڏسي سڀ منافقيءَ سان مرڪي سرڪي ڳالھائڻ لڳا. مون کي خبر نه ھئي ته ھنن ڇا پئي ڳالھايو ۽ مون ڇا پئي ڳالھايو. آءٌ وري به موٽي گهر ۾ آيس. ماين جو گوڙ لڳو پيو ھو. آءٌ ڪمري ۾ وڃي ليٽي پيس. ڊپريشن وڌي وئي ھئي ۽ مٿو ڳرو ٿي پيو. مون کي لڳو ته اھو سڀ اجايو ھو. سر وائيو ڪرڻ جي لاءِ مون جيڪا جاکوڙ ڪئي سا اجائي ھئي. اونداھي ڪمري ۾ مون پنهنجو نفسياتي ڇيد ڪرڻ چاھيو. منهنجي شخصيت جون مکيھ ڳالھيون محروميون، مايوسيون ۽ ناڪاميون ھيون جيڪي سڄي زندگيءَ جون حاصلات ھيون. شخصيت ۾ ڪٿي ڪا ڳالھ کٽل ھئي. ڪا ازلي کوٽ ھئي. اھا کوٽ ڪھڙي ھئي؟ بنياد ڪٿي ھو؟ مون کي پنهنجي اڻڄاڻائيءَ تي کل اچي وئي.
”شمع، منطق اھو ٿي چئي ته جنهن ماڻھوءَ سان اوھان دل جي گهرائين سان پيار ٿا ڪريو تنهن لاءِ چڱائيءَ جي ڳالھ سوچيو، ھن جي بهتريءَ لاءِ سوچيو.“
”پوءِ تو منهنجي چڱائي ۽ بهتريءَ لاءِ ڇا سوچيو آھي؟“ ھن کلندي پڇيو.
”اھو ته مون سان گڏ تون خوش نه رھي سگهندينءَ.“
هوءَ ڪجهه دير تائين مون کي ڏسندي رهي. پوءِ هن ڳالهايو ته سندس آواز ڏکويل هو.
”اھو تو ڪيئن سمجھيو؟“
” مون وٽ تو کي ڪھڙو سک ملندو؟ تو کي سکي رکڻ ۽ تو کي خوشين ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڪجھ ڪونهي.“
”آءٌ انڌي ڪا نه آھيان. مون کي خبر آھي ته خوشيون ۽سک تو وٽ ڪونهن. مون تنهنجن ڏکن ۽ احساسن کي پنهنجو ڪرڻ چاھيو آھي. اھا پنهنجي منطق پاڻ وٽ رک ۽ چريائپ جون ڳالھيون سوچڻ ڇڏي ڏي.“
پر آءٌ اڳي کان به وڌيڪ چريائپ جون ڳالھيون سوچڻ لڳو آھيان. جيڪڏھن مونکي شمع جو ساٿ ملي ھا ته شايد منهنجي شخصيت جي کوٽ پوري ٿي وڃي ھا. شمع منهنجي لاءِ وڏو آٿت ھجي ھا، وڏو سھارو ھجي ھا. ھوءَ مون کي ڪڏھن به ٿڪجڻ نه ڏئي ھا. ھن شاديءَ کان اڳ شيشو ڪٽي کائي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي ۽ مون اھو ٻڌي پاڳلن وانگر ٽھڪ ڏنا ھئا ۽ پوءِ روئي پيو ھوس.
ٻاھر ھل غوغاءُ ھو ۽ ڪمري ۾ اندر اوندھه ھئي. آءٌ ڪٿي به ڪو نه ھوس. مون پاڻ کي ڳولڻ چاھيو، پر اوندھه منهنجي شخصيت جي ڪڏھن نه ڀرجندڙ کوٽ وانگر ۽ محرومين وانگر اڻ کٽ ھئي، گھاٽي ۽ ڦھليل ھئي. اوندھه چئني ڏسائن ۾ پري پري تائين، نيڻ نهار تائين، وئي ٿي پکڙبي. مون ھٿ پير ھڻڻ چاھيا، رڙيون ڪرڻ چاھيون، پر اوندھ وڌيڪ گھاٽي، وڌيڪ ڳري ٿيندي وئي.
اوچتو ڪمرو روشن ٿي ويو. ھڪ پل جي لاءِ ٻئي ھٿ اکين تي کڻي رکيم. بٽڻ الائي ڪنهن هيٺ ڪيو ھو. اکين تان ھٿ ھٽايم ته سامھون شمع بيٺي ھئي.
”اوندھ ۾ ڇا ڏسي رھيو ھئين؟“
”پنهنجو پاڻ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھوس.“
”بيبو ماٺ ئي نٿو ڪري. ماسيءَ چيو ته ڪٻٽ ۾ رانديڪا پيا آھن، اھي ڏيانس ته من ماٺ ڪري. چوي ٿو ته بابا ڪار ۾ چاڙھي گھمائي. ھاڻي ھتي پڻس ڪٿي آھي جو گھمائيس.“
”ڇو غفار صاحب ڪو نه آيو؟“
” نه. ڏاڍو بزي ھو. اِف يو ڊونٽ مائينڊ،آءٌ بيبوءَ کي ھتي کڻي اچان ته من رانديڪن سان ريجھي سمھي پئي. ٻاھر گوڙ ۾ ته ننڊ ڪانه اينديس.“
”اھو تون ٿي ڳالھائين ته آءٌ مائينڊ ڪندس!“ ھوءَ مرڪي ٻاھر ھلي وئي ۽ ننڍڙي کي کڻي اندر آئي.
”چاچا کي سلام ڪر،“ اڍائي-ٽن سالن جي خوبصورت ۽ صحتمند بيبوءَ مون ڏانهن غور سان ڏٺو. شمع ھن کي ھيٺ ويھاري ڪٻٽ مان رانديڪا ڪڍي سندس اڳيان رکيا. ھوءَ به ساڻس گڏ راند ڪرڻ ويھي رھي. آءٌ کٽ تي ويھي ٻنهي کي ڏسڻ لڳس. بيبو راند ۾ وندري ويو ۽ پوءِ ھو پاڻھي کيڏڻ لڳو. شمع ڪرسيءَ تي چڙھي ويٺي.
”بيبو ڪائون نمبر آھي؟“ مون پڇيو.
”ٽيون نمبر. کانئس وڏي ڀيڻ ۽ ھڪ ڀاءُ آھي.“
”اھي نه آيا آھن ڇا؟“
”نه، پنهنجي ڏاڏيءَ جي گهر ويل آھن.“
”غفار صاحب تو کي خوشيءَ سان ڇڏيو يا....“
”ھن مون کي ڪڏھن به روڪيو ناھي ڪٿي به وڃڻ کان. کيس ته واندڪائي ھوندي ڪانهي، اڪثر ٻاھر رھندو آھي. پاڻ چئي ڇڏيو اٿس ته ڪيڏانهن به وڃڻ چاھيان ته وڃي سگهان ٿي. پر منهنجي دل نه چوندي آھي ڪٿي وڃڻ لاءِ.“
”اڪيلي ھئڻ ڪري“.
ھن مون ڏانهن ڏٺو ۽چپ رھي. شايد جواب سوچي رھي ھئي، مون وري ٻيو سوال پڇيو.
”تون خوش ۽ مطمئن آھين؟“
ھڪ کن جي لاءِ ھن جون نظرون پٿرائجي ڪنهن خيالي نقطي تي کپي ويون. مون سوچيو ته مون کي اھڙو سوال پڇڻ نه کپندو ھو.
نيٺ ھن ڳالھايو ۽ سندس آواز گنڀير ھو، ”اسان ٻنهي ۾ ويھن سالن جو ويڇو آھي. آءٌ ھن کي ذھني طور قبول نه ڪري سگهيس، پر پوءِ مون کان سڀ وسري ويو. ھو منهنجن ٽن ٻارن جو پيءُ آھي. مون کي ھن لاءِ عزت آھي ۽ ماڻھو ماضيءَ جي لاءِ ڪيستائين ماتم ڪندو رھندو سو به تڏھن جڏھن سمجھوتي ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه ھجي......“
مون چيو، ”مون کي افسوس آھي. اھڙن ذاتي قسم جي سوالن پڇڻ جو مون کي حق ڪونهي.“
”نه، ائين ته ڪونهي، اسين بهرحال ڌاريا ڪونه آھيون جو ھڪٻئي کان حال به نه پڇون،“ ھوءَ کلي پئي. ” آءٌ پنهنجي گهر ۾ پنهنجن ٻارڙن سان گڏ خوش ۽ مطمئن آھيان. سچي ڳالھ اھا آھي ته ھو مون کي خوش رکڻ جي گھڻي ڪوشش ڪندو آھي. ھينئر شاديءَ جي دعوت ملي ته ھن ئي زور ڀريو ھو شريڪ ٿيڻ لاءِ.“
” تو پاڻ اچڻ نٿي چاھيو؟“
”مون پاڻ؟ آءٌ نه چاھيان ھا ته نه اچان ھا. مون پاڻ چاھيو ھو ته ڏسان ايترن سالن ۾ ڇا ٿيو آھي. تو ۾ ڪيتري تبديلي آئي آھي، جيڪا نه آئي آھي، ۽ تو چونڊ ڪھڙي ڪئي آھي؟“
”چونڊ ٻين جي آھي، مون رڳو ھاڪار ڪئي آھي. خير تو کي ڪيئن لڳي؟“
”ھڪڙي ڳالھ پڇان؟ تون ھڪ اھڙي ڇوڪريءَ سان شادي ڇو ڪري رھيو آھين جيڪا اڻ پڙھيل آھي، صفا گهريلو ٽائيپ جي آھي.“
”ان جا ڪارڻ گھڻا آھن، جن ۾ منهنجي ماءُ-پيءُ جي خواھش جو به وڏو دخل آھي. انهن گهرو ڳالھين ۽ ٻين جي مرضين کي ڇڏي جيڪڏھن تون اھو ڄاڻڻ گهرين ٿي ته ان ۾ منهنجي ڪھڙي ڪنسيڊريشن آھي ته شايد چٽائي سان ڪجھ ٻڌائي نه سگهان.“ آءٌ چپ ٿي ويو ھوس. پنهنجو پاڻ کي گڏ ڪري ھڪ ھنڌ آڻڻ جي جاکوڙ ڪري رھيو ھوس. ” تو کي ھارائڻ کان پوءِ مون جيڪا ذھني پيڙا سٺي آھي تنهن مون کي شايد اذيت پسند بنائي ڇڏيو آھي. ان ڪري آءٌ مسلسل ھارائڻ ٿوچاھيان. ھيءَ شادي به منهنجي ھار آھي. ٻي ڳالھ ته آءٌ اڪيلو ۽ پنهنجو پاڻ ۾ رھڻ ٿو چاھيان ۽ ھيءَ ڇوڪري منهنجي اڪيلائي ۾ دخل ڪانه ڏيندي.“
”تون ڀليل آھين. اھاڳالھ اڳتي ھلي تو کي وڌيڪ دکي بنائيندي. توکي اھڙي ڇوڪري چونڊڻ کپندي ھئي، جيڪا ذھني طور توکي سمجھي سگهي. تنهنجا دليل ته مون کي سمجھ ۾ ئي نه ٿا اچن.“
”اھو مون توکي پھرين چيو ھو ته آءٌ تنهنجي سوال جو جواب چٽائي سان نه ڏيئي سگهندس.“
بيبو ھاڻي رانديڪن مان بيزار ٿي پيو ھو ۽ ننڊاکڙو پئي لڳو. شمع ھن کي کڻي پنهنجي ھنج ۾ ليٽايو.
”تون ھن کي پيار ڏيئي سگهندين؟“ ھن اوچتو پڇيو.
”پيار؟ مون جھڙن ماڻھن وٽ اڻ ميو پيار ھوندو آھي. پوءِ جيڪڏھن ڪٿي دل چيو ته سموري پيار جي پالوٽ ڪري ڇڏينداسين ۽ ڪٿي دل چيو نه ڪيو ته ايترا ڪنجوس ٿي وينداسين جو دولت جو ڪنجوس به نه پڄي.“
”جيڪڏھن ھوءَ تو کي پنهنجو سمورو پيار ڏيئي ڇڏي؟“
”ڏسجي! ديٽ ڊپينڊس.“
ھوءَ کلڻ لڳي، ” خدا ويچاريءَ تي رحم ڪري.“
”۽ ھن سان گڏ مون تي به.“
”تو پاڻ تي رحم ڪو نه ڪيو آھي ته خدا توتي ڪھڙو رحم ڪندو؟“
ايڏو سراپ! آءٌ ڏڪي ويس.
”بيبوءَ کي ننڊ اچي رھي آھي. آءٌ ھاڻي ھلان ٿي،“ ھوءَ بيبوءَ کي کڻي اٿي بيٺي ۽ ٻاھر ھلي وئي.
جڏھن ھل ۽ گوڙ ختم ٿي ويندو آھي ۽ ماڻھو سڀ ھليا ويندا آھن ته ائين لڳندو آھي ڄڻ طوفان ۽ گجگوڙ کان پوءِ اوچتو خاموشي ۽ گھٽ ٻوساٽ ٿي ويئي ھجي. اھا ماٺ ۽ اڪيلائي ڪيڏي عجيب ۽ ڀوائتي ھوندي آھي. اھو طوفان جيڪو منهنجي ڪري لڳو ھو، جنهن ۾ منهنجي مرضي شامل نه ھئي تنهن جو شڪار آءٌ ئي ٿيو ھوس. ان ھر شئي کي ڊاھي ڀڃي پاڙان اکوڙي اڇلائي ڇڏيو ھو. شمع چيو ھو، ’تون ڀليل آھين....‘ آءٌ سچ پچ ڀليل ھوس. تڏھن مون کي احساس ٿيو ته اھو سڀ مون نه چاھيو ھو. مون کي رڳو جسم ڪو نه کپندو ھو. اسين ٻئي ھڪ ئي کٽ تي ليٽيا پيا ھئاسين ۽ الائجي ڪيترو پري ھئاسين. مون ڪوشش ڪئي ھئي ته ٻنهي جي وچ ۾ بيٺل اڻ لکي ديوار کي ڊاھيان.
”تون ايتري ماٺ ڇو آھين؟“
”بس.“
”پوءِ ڇا ڳالھ آھي؟“
”ڪجھ ڪونهي.“
”تو کي شايد اڃا ڏک آھي؟“
ھوءَ چپ.
”مائٽن کان وڇڙڻ جو ڏک اڃا اٿئي؟“
”اون ھون.“
”مائٽن سان دل ته ضرور ھوندئي؟“
”ھا.“
”پيءُ سان وڌيڪ دل اٿئي يا ماءُ سان؟“
”ٻنهي سان.“
”تڏھن به ٻنهي مان ڪنهن ھڪڙي سان ضرور وڌيڪ ھوندئي.“
”الاجي“
”ڀلا تو کي تنهن جي ماءُ وڌيڪ ڀانئيندي آھي يا پيءُ؟“
”ٻئي.“
”تو کي ھتي سک اچي ٿو؟ مونجھ نٿي محسوس ٿئي؟“
”اُون هون.“
”ھونءَ تون گهر ۾ ڇا ڪندي ھئين؟“
”ڪجھ نه.“
”ڪجھ نه ڇا؟ سڄو ڏينهن ھٿ ھٿ تي رکي ھڪڙي ھنڌ تي ڪانه ويٺي ھوندينءَ. ضرور ڪو ڪم ڪار يا ڪنهن مھل ڪا وندر ڪندي ھوندينءَ؟“
”گهر جو ڪم.“
”ڪھڙو ڪم؟ رڌ پچاءُ ڪندي ھئين؟“
”نه.“
”نه! تو ڪڏھن ڪجھ رڌيو ڪونه؟“
”نه.“
”تنهن جون ساھيڙيون ھونديون؟“
”ھا.“
”تو جنهن مھل ھنن کان موڪلايو ھو تنهن وقت رنيون ھونديون؟“
ھوءَ چپ.
”ڇو، ننڊ پئي اچي يا طبيعت ٺيڪ ڪا نه اٿئي؟“
”اون ھون.“
ڳچ ڏينهن کان پوءِ-
آءٌ ٻاھران اچي رھيو ھوس. ڪمري مان منهنجي زال ۽ سندس ساھيڙيءَ جا آواز پئي آيا. آءٌ ھٻڪي در جي ٻاھران بيھي رھيس.
”ڀلا اھو ٻڌائي ته ادي سان خوش ته آھين؟“ ساھيڙيءَ ھن کان پڇيو.
”خوش ڌوڙ ھونديس. ابا جيڏو ته آھي....“ ھن چڙ مان چيو ۽ ٻئي ڄڻيون ٽھڪ ڏيڻ لڳيون. مون چاھيو ته آءٌ به ٽھڪ ڏيان وڏا وڏا، پر ھنن جا ٽھڪ آسمان ڏانهن اڏامندڙ ھئا ۽ منهنجا ٽھڪ ٿڪي ٽٽي ھيٺ ڪري پون ھا.

ورجاءُ

”تون اهو ساڳيو نه رهيو آهين....“
(۽ هن سوچيو ڇا واقعي ساڳيو نه رهيو هو!)
”ڇا ٿي ويو آهي مون کي؟“
”تون بدلجي ويو آهين. تون اهو نه رهيو آهين...“
(۽ هن سوچيو ڇا ٿي ويو آهي هن کي!)
”پر آئون ته ساڳيو آهيان. مون کي ته پاڻ ۾ ڪا به تبديلي نظر نٿي اچي.“
”تو کي ڪيئن نظر ايندو! تو کي ته اهو به محسوس نٿو ٿئي ته تو ۾ ڪيتري قدر تبديلي ايندي پئي وڃي. آئون گهڻي وقت کان ڏسان پئي ته اهو ساڳيو نه رهيو آهين.“
هن کي چڙ آئي ان ڳالهه تي. اها ڪهڙي تبديلي هئي جنهن جو احساس کيس نه ٿيو هو. هن چڙ کي لڪائيندي چيو، ”نه صائمه، اهو تنهنجو وهم آهي. مون کي ڪجهه به نه ٿيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ماڻهو هر وقت هڪ جهڙو نٿو رهي. ماڻهو ته ماڻهو آهي، پر دنيا جي ڪا به شئي سدائين ساڳي نٿي رهي. ماڻهو ته وقت ۽ حالتن جي اثر هيٺ آهي. عمر وڌڻ سان گڏ ماڻهوءَ ۾ ڪي تبديليون اوس اچن ٿيون. جيڪڏهن ڪا ڳالهه آهي ته اها ئي ٿي سگهي ٿي.“ هن کي لڳو ته هو خشڪ انداز ۾ اهو سڀ چئي ويو هو.
” آئون نٿي ڄاڻان. اهڙيون ڳالهيون ڪري مون کي منجهائيندو نه ڪر.مون کي تنهنجي رويي ۾ تبديلي محسوس ٿي آهي. بس....“ صائمه ڪاوڙ مان چيو.
هن کي صائمه جي ڪاوڙ کان هميشه ڊپ لڳندو هو. ڪاوڙ ۾ هوءَ ڪا ٻي صائمه لڳندي هئي. ايتري پري ڄڻ ڪڏهن ويجهو نه رهي هئي. گهڻي ڪاوڙ ۾ دورو پئجي ويندو هوس ۽ الائي ڇا ڇا چئي ويندي هئي. ڪاوڙ جي پڄاڻي روئڻ تي ٿيندي هئي.
هن ڪوشش ڪئي ته ڳالهه نه وڌي، هن ٿڌي لجهي ۾ چيو.”چڱو تون ئي ٻڌاءِ، آئون ڪيئن بدلجي ويو آهيان؟“
”تو کي ننڊ کان فرصت هجي ته ڪا خبر پوئي. ماڻهوءَ جون رڳو جسماني ضرورتون ڪونه هونديون آهن، ذهني ضرورتون به هونديون آهن. مون کي ته لڳندو آهي تون مون سان ملندo آهين رڳو جسماني ضرورتن جي پورائي لاءِ، تنهن کان پوءِ تون ائين سمهي پوندو آهين، ڄڻ تنهنجو مون سان ڪو واسطو ئي ڪونه هوندو آهي. آئون چاهيندي آهيان تون مون کي ڪجهه ٻڌائين، مون سان ڳالهائيندو رهين، پر جي ننڊ تو کي ڇڏي! اڳي ته سڄي سڄي رات تو کي ڪو جهوٽو به ڪونه ايندو هو ۽ هاڻي رات جو ٻين لڳين کان پوءِ فنا ٿيو وڃين!“ هن جي ڪاوڙ وڌندي وئي. ”بس، سڪ پوري ٿي! تون ڪهڙو روز روز ٿو اچين مون وٽ، مهيني ۾ ڪو هڪ ٻه ڀيرا ته ملين ٿو، سو به تو کي ننڊ وڌيڪ پياري هوندي آهي.“
(۽ هن سوچيو: جڏهن تون نه هئين ته ننڊ به ڪانه هئي).
”تو کي خبر آهي ته آئون اڳي ننڊ جون گوريون کائيندو هوس،نه ته سڄي رات جاڳندي لڇندي گذاريندو هئس.“
”ها خبر اٿم. تو ئي ٻڌايو هو. پوءِ هاڻ ڇا ٿي ويو آهي تو کي؟“
”تو کي اها به خبر آهي ته گورين کائڻ کان پوءِ جيڪا ننڊ ايندي هئي ان ۾ آئون لڇندو ڦٿڪندو ۽ رڙيون ڪندو هوس....“
صائمه چڙ مان هن ڏانهن ڏٺو.
”ها ها، خبر آهي مون کي. تون چوڻ ڇا ٿو چاهين؟“
(۽ هن سوچيو: آئون ڇا ٿو چوڻ چاهيان!)
تڏهن هن کي ڪجهه ياد آيو.....
صائمه جڏهن پهريون ڀيرو سندس ڪمري ۾ آئي هئي ته هن چيو هو، ”آئون ڏسڻ ٿي چاهيان ته اوهان جو ڪمرو ڪيئن آهي؟“ ۽ پوءِ هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي کلندي چيو هئائين، ”ڪمرو ته پوري لئبريري آهي. هي ڪٻٽ جا طاق هميشه کليا پيا هوندا آهن ڇا؟ مون کي چڙ ايندي آهي، ان ڳالهه تي،“ هن ڪٻٽ وٽ وڃي کليل طاق بند ڪرڻ چاهيا. اوچتو هن جي نظر ڪٻٽ ۾ رکيل ننڊ جي گورين جي شيشي تي پئي. هن شيشي کنئي ۽ هن ڏانهن ڏٺو.
”هي گوريون اوهان کائيندا آهيو؟“صائمه حيرت مان چيو.
”نه, مون وٽ جيڪو مهمان ايندو آهي، ان کي کارائيندو آهيان.....“ هن ڳالهه کل ۾ لنوائڻ چاهي.
”ڏسو، آئون سيريس آهيان. مون کي سچي ٻڌايو. اوهان کائيندا آهيو هي گوريون؟“
”ظاهر آهي Aئون ئي کائيندو هوندس....“ هو اڃا به مذاق جي موڊ ۾ هو.
”ڇو؟ اوهان کي ڪهڙي ضرورت آهي انهن جي؟“
”اوهان جو ڇا خيال آهي ته مون کي شوق هوندو انهن گورين کائڻ جو....“ هو کلڻ لڳو.
”ننڊ جون گوريون ته اهي ماڻهو کائيندا آهن جن کي ننڊ نه ايندي آهي. پر اوهان ڪڏهن کان هي گوريون کائيندا رهيا آهيو؟“ هوءَ ڪمري ۾ پيل اڪيلي ڪرسيءَ تي ويهي رهي. شيشي هن جي هٿ ۾ ئي هئي.
هو دريءَ وٽ ٽيڪ ڏئي بيٺو رهيو.
”آئون انهن گورين جو عادي ڪونه آهيان. ياد ناهي ته گهڻا سال ٿيا آهن جو مون کي راتين جو جاڳڻ جي بيماري ٿي، تڏهن مون پرواهه نه ڪئي. ننڊ نه اچي ته نه اچي، راتين جو جاڳڻ، دوستن سان گڏ رلڻ ۽ ڪچهرين ڪرڻ جو به پنهنجو هڪڙو چارم هوندو آهي. پر پنج ڇهه سال ٿيا ته اهو چارم به ختم ٿي ويو آهي. هاڻي ننڊ نٿي اچي ته طبيعت خراب ٿيو پئي. لاچار مون هي گوريون وٺڻ شروع ڪيون. پر اهي گوريون آئون روز ڪونه کائيندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن ڊپريشن حد کان وڌي ويندي آهي ۽ دماغ جون رڳون ڦاٽڻ لڳنديون آهن ته لاچار هي گوريون کائيندو آهيان.“
”پر آخر ڇو؟ اوهان ته بلڪل نارمل ٿا لڳو، ايتري ڊپريشن جو ڪو سبب؟“
تڏهن هو کليو هو ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏنا هئائين.صائمه پهرين ته وائڙي ٿي هن کي ڏٺو۽ پوءِ هوءَ ساڻس گڏ کلڻ لڳي.
”مون اهڙي ڪهڙي کل جي ڳالهه ڪئي؟“ صائمه کلندي پڇيو.
”تون سوال وڪيلن وانگر ٿي پڇين. هڪڙي ڳالهه چوان: تون جيڪڏهن ايل ايل بي ڪرين ته هڪ ڪامياب وڪيل بنجي سگهين ٿي“
” ان ڳالهه تي تو ايڏا ٽهڪ ڏنا“ هوءَ چڙي پئي.
تڏهن هن کي خيال آيو ته صائمه جي چڙ تمام پياري هئي ۽ هن چاهيو ته اٿي سندس مک کي چمي وٺي.
”نه بابا، مون کي کل ان ڳالهه تي آئي ته تو کي بلڪل نارمل ٿو لڳان. ڪو به ماڻهو نارمل ڪونه هوندو آهي ۽ آئون نارمل هجان ها ته پوءِ سڪون سان ستو نه پيو هجان ها.“
”سڪون ڇو ناهي؟ ڪهڙي ڪمي آهي، اوهان جي زندگيءَ ۾؟“
”ماڻهو جيڪي ڪجهه چاهيندو آهي اهو سڀ ته خير نه ملندو آهي، پر ڪي ماڻهو ته بنهه بدنصيب هوندا آهن، انهن کي ته صفا ڪجهه به نه ملندو آهي. ملنديون آهن ته رڳو محروميون، رڳو اڪيلايون ۽ اهي ڄورن وانگر ذهن کي چنبڙيون پيون هونديون آهن. ڪو وقت ايندو آهي جڏهن اهو سڀ سهپ کان ٻاهر ٿي ويندو آهي،“ هو ڪمري ۾ پيل لوهي کٽ تي ويهي رهيو هو.
”اوهان ته شادي به ڪئي هئي. پوءِ ته اوهين اڪيلا نه هئا!“
”ماڻهو ميڙ ۾ به پاڻ کي اڪيلو ڇو محسوس ڪندو آهي؟ آئون رستي تان ڪنهن کي پڪڙي هن ڪمري ۾ اچي ويهاري ڇڏيان ته ڇا منهنجي اڪيلائي دور ٿي ويندي؟ ائين ته وڌيڪ بيچيني ٿيندي. اهڙي موجودگي ته هيڪاري آزار آهي، تنهن کان ته هيءَ اڪيلائي چڱي آهي.“
”۽ ننڊ جون گوريون....“صائمه هن جي گنڀيرتا کي ٽوڙڻ چاهيو.
”ها، ننڊ جون گوريون وڌيڪ بهتر آهن.“
”اوهين اهي گوريون ڇڏي نٿا سگهو؟“
”مون کي ڪو شوق ڪونهي انهن گورين جو.“
”ته پوءِ وعدو ڪريو ته اڄ کان پوءِ هي گوريون نه رکندا پاڻ وٽ.“
هو ڳچ دير تائين صائمه کي ڏسندو رهيو.
”ڏسو ڇا پيا؟ منهنجو ايترو حق به نه آهي اوهان تي؟ منهنجي خاطر ايتري تڪليف به نٿا سهي سگهو!“
”آئون تنهنجو حق مڃان ٿو،“ ۽ هو کليو.
”ٺيڪ آهي، آئون آئيندي هي گوريون نه کائيندس.“
هن ڏٺو ته صائمه جي پٺي هن ڏانهن هئي. هن سڏ ڪيو. پر صائمه چري به ڪانه، هن ڪلهي کي لوڏيندي چيو، ”صائمه، هيڏانهن منهن ڪر.“
”ڇڏ، مون کي ننڊ پئي اچي،“ صائمه هن جي هٿ کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن زوريءَ ڇڪي صائمه جو منهن پاڻ ڏانهن ڪيو.
”نه، مون کي خبر آهي ته تو کي ننڊ ڪانه پئي اچي، ڏس صائمه، تون هروڀرو ڪاوڙجي پنهنجو رت نه ساڙ.“
”توکي ته ڏاڍي پرواه آهي منهنجي. تون ايتري دير ڪٿي هئين؟“
”تو وٽ ئي ته هوس.“
”تو وٽ ئي ته هوس!“ صائمه ڪاوڙ مان اهل ڪئي. ”مون وٽ ته رڳو تنهنجو جسم آهي. ذهني طور تون الائي ڪٿي هئين!“ (۽ هن چاهيو ته اٿي هليو وڃي.)
”تون ايتري شڪي ڇو ٿي پئي آهين! بابا، آئون اتي ئي هوس.“
”تون اتي هئين! ڪوڙ ڇو ٿو ڳالهائين، تو ايترو وقت ڇا پئي سوچيو؟“
”ڪا خاص ڳالهه نه هئي،“ هن بيزاري مان چيو.
”خاص ڳالهه نه هئي، ته عام ڳالهه ئي ٻڌاءِ ڪهڙي هئي؟“
”آئون پاڻي پي اچان،“ هن اٿي ٻاهر وڃڻ جي ڪئي. صائمه هن کي ڇڪي وري ليٽائي ڇڏيو.
”پهرين مون کي ٻڌاءِ تو ڇا پئي سوچيو؟“
”ڌوڙ...“ هن جي چڙ ٻاهر ڦاٽ کاڌو.
”منهنجو اندازو صحيح نڪتو. تو اهو ئي سوچيو پئي ته هن مصيبت مان ڇو اچي ڦاٿو آهان، جيڪا ننڊ ڪرڻ به نٿي ڏي.“
”او صائمه خدا جي واسطي! تو کي ڇا ٿيو آهي، تون اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿي چئين، جيڪي آئون ڪڏهن سوچيندو به ڪونه آهيان.“
”نه نه، تون ته ڏاڍو معصوم آهين. هاڻي سمهي رهو، شاباس.“ صائمه ڳٽڪار ڪري هن جي مٿي تي هٿ ڦيرايو. ”تنهنجون اکيون وري پيون ٻوٽجن،“ صائمه هن کان پري هٽندي چيو.
هو به چپ چاپ ليٽيو رهيو ڪاوڙ ۾.
(۽ هن سوچيو: هيءَ مون کي ايترو غلط ڇو ٿي سمجهي!)
ڳچ دير گذرڻ کان پوءِ به صائمه ۾ ڪا چرپر نه ٿي. هن کي خبر هئي ته صائمه دت هڻي سمهڻ جي ماهر هئي.
هونءَ ته هوءَ رسندي به هئي ته وري پرچائيندي به پاڻ هئي. ۽ چوندي هئي، ” تو کي ذرو به شرم ڪونهي، ڪاوڙ به مون کي، ته وري پرچايان به آئون تو کي.“ پر هن ڀيري هن کي لڳو ته صائمه کي گهڻي ڪاوڙ هئي.
هن پنهنجو منهن صائمه جي ڪلهي تي رکيو ۽ چيو، ”ڇاهي بابا! ماڻهو ايترو رسندو آهي ڇا؟“ هن صائمه جي ڪلهي کي ڇڪي سندس رخ پاڻ ڏانهن ڪرڻ چاهيو.
”ڇڏ مون کي، آئون ستي پئي آهيان،“ صائمه پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”تو کي ڇڏي آئون ويندس ڪيڏانهن.“
صائجه هڪدم اکيون کولي هن کي ڏٺو ۽ پوءِ چڙ مان چيو،”ڇو، تنهنجي لاءِ ته اها نئين ڳالهه ڪانهي، تنهنجي لاءِ ته اها سولي ڳالهه آهي....“
”تو کي ڇڏڻ چاهيان ها ته آئون هتي نه هجان ها.“
”اهو تون منهن ڌوئي ڇڏ ته تو کي ڪير ڇڏيندو ائين ڪرڻ لاءِ...“
هن کي کل اچي وئي ۽ هن ڏٺو ته صائمه به کلي پئي هئي.
”مون وٽ هوندي به تون الائجي ڪٿي هوندو آهين! يا ته ستو پيو هوندين يا وري الاجي ڇا پيو سوچيندو آهين!“ هن رسڻهارڪي آواز ۾ چيو.
”تو کي مون تي اعتبار ڪونهي؟“
”توتي اعتبار! مون کي تنهنجي افعالن جي اڳي ئي خبر آهي.“ صائمه ٻئي طرف پاسي ورائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن کيس ڇڪي پنهنجي ويجهو آندو.
”ٺهيو هاڻي.....“ هن پرچائڻ لاءِ چيو.
”مون کي زهر لڳندو آهي تنهنجو اهو جملو...... مون ڪيترا ڀيرا چيو آهي ته مون کي ائين نه چوندو ڪر. اهو ڪو طريقو آهي پرچائڻ جو!“ صائمه ڇڏائڻ لاءِ پاڻ کي ڦٿڙاٽيو، پر هن کيس سوگهو جهليو هو.
”ڀلا معافي، توبنهه ڪئي مون....“
”دل سان ٿو چئين.“
”ها، سچي دل سان.“
”صفا ڪنو.....“
(۽ هن ڏاڍيان سوچيو: مون کي کپي.....)
۽ پوءِ هو سمائجي ويا هڪ ٻئي ۾.

نيٺ بهار ايندو

اسان جو هڪڙو باغ آهي، اجڙيل ۽ ويران باغ... پر ڪنهن وقت، وڏا ڳالهيون ٿا ڪن، اسان جو باغ اهڙو سر سبز ۽ آباد هو جهڙي جنت. باغ جي وچ ۾ صاف شفاف پاڻيءَ جي هڪ ڍنڍ هئي جنهن ۾ هنج ترندا رهندا هئا. اسان جي باغ جي سونهن جي پري پري هاڪ پکڙيل هئي. ڪٿان ڪٿان ٿڪل ٽٽل، اڃايل بکايل مسافر هتي اچي ٿڪ لاهيندا هئا، مٺا مٺا ميوا کائي، ڍنڍ جو ٿڌو پاڻي پي وسرام ڪندا هئا. اسين ڀائر اهي ڳالهيون ٻڌي چوندا آهيون: جيڪر اسين به ان وقت هجون ها! منهنجي دل ڏک وچان ڀرجي ايندي آهي. اهڙي سهڻي باغ جي سونهن آخر ڇو کسجي ويئي؟ مان سڄا سڄا ڏينهن هن ويران باغ ۾ ويٺو اهو ئي ويچاريندو رهندو آهيان. مون کي الائي ڇو هن جي سڃ ۽ ويرانيءَ سان به بي انتها پيار آهي. هن جي سونهن ۽ سوڀيا جي اهڃاڻن ۾ ايڏي عظمت آهي جو ماڻهو ڏسندو ئي رهي. هن جي سڪل، جهونن وڻن ۾ به ايتري پنهنجائپ هوندي آهي جهڙوڪر اسان جا وڏا پريا مائٽ. جيڪر هنن وڻن کي زبان هجي ته مان کانئن پڇان:
”هي ڪهڙو وئل وهيو! باغ جي سونهن ۽ سوڀيا کي ڪهڙي سرءُ ساڙي ڇڏيو! هتي سهڻا سٻاجهڙا پکي رهندا هوندا... ڪويل جون ڪوڪون، مورن جا ناچ، هنجن جون هيجون، اهي سڀ ڪيڏانهن ويون؟“ پر افسوس وڻن کي زبان ڪانهي، هوا هنن سان ٽڪرائجي ٿڌا شوڪارا ڀريندي لنگهي ويندي آهي. منهنجن سوالن جو جواب فقط ڪانون جي ڪان ڪان آهي، ڳجهن جون مردار رڙيون آهن، ۽ چٻرن جون ڀوائتيون چيخون آهن. مان جڏهن به باغ ۾ ايندو آهيان ته هڪ جهور پوڙهي وڻ وٽ وڃي ويهندو آهيان. هن جي ويڪري ٿڙ سان ٽيڪ ڏيئي، ليٽي، پنهنجي باغ تي سوچيندو رهندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ننڊ کڄي ويندي آهي ته عجيب عجيب سپنا ڏسندو آهيان. هڪڙي عجيب ڳالهه آهي: اونهاري جي مند ۾ سخت گرمين ۽ ڪاڙهن ۾ به جڏهن ماڻهو هن ويران باغ ۾ ايندو آهي ته فرحت وٺي ويندي آهي. مان ته سخت گهٽن ٻوساٽن ۾ ڏينهن جا ڏينهن هن وڏي ۽ جهوني وڻ سان ٽيڪ ڏيئي ويٺو هوندو آهيان. منهنجو هن پوڙهي وڻ سان عجيب دلي لڳاءُ ٿي ويو آهي.
هڪ ڏينهن ائين اکيون پوري، خيالن ئي خيالن ۾ باغ کي سرسبز ۽ آباد ٿيندو ڏسي رهيو هوس. حد نظر تاءِ چهچ سائي ڇٻر پکڙيل هئي، جنهن تي مور ٽلي ۽ نچي رها هئا. سڪل وڻ ساوا ٿي ڦولارجي ويا هئا. ڪويل جا مٺا مٺا گيت مون کي لوليون ڏيڻ لڳا.
تڏهن اوچتو اتر کان هڪ طوفان ڌوڪيندو آيو. رڳو جهڙ ۽ انڌڪار ئي نظر ٿي آيو. ويجهو آيو ته مون ڏٺو: ڪانون ۽ ڳجهن جو هڪ ڪٽڪ هو، جيڪو اک ڇنڀ ۾ سهڻي سرسبز باغ تي ماڪڙ وانگر ڇانئجي ويو. ڪويل جا گيت ڪانون جي ڪان ڪان جي شور ۾ دٻجي بند ٿي ويا. مور ڊڄي ڀڄي وڃي ڪٿي لڪا، ۽ هنج ته هميشہ جي لاءِ اڏامي ويا. ڏسندي ڏسندي باغ جي سموري سونهن ۽ سوڀيا برباد ٿي ويئي. مان ان پوڙهي وڻ وٽ حيران ۽ پريشان بيٺو هوس. تڏهن اوچتو ڪٿان ڪنهن مور رڙ ڪئي. هن جي رڙ ۾ اهڙي سورهيائي ۽ جوش هو جو منهنجي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي. ڪانون جي ڪان ڪان، ڳجهن جا رڙاٽ گهڙي کن جي لاءِ بند ٿي ويا، ڪير هو اهو مور!
”اڃا سورهيه مور جيئرا آهن، اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي...“
مون ڇرڪي پٺيان نهاريو. هي ته اهو ئي جهوني وڻ ڳالهائي رهيو هو. مون ڍوڙي هن جي ويڪري ٿڙ کي ڀاڪر پاتو. هن ٻاجهه ۽ پيار سان ڀريل آواز ۾ چيو”گهٻراءِ نه پٽ! همت نه هار، تنهنجي لاءِ برابر هيءَ هڪ نئين آفت آهي. مون ته باغ تي ڪئين وڏيون وڏيون آفتون ڪڙڪندي ڏٺيون آهن، پر اهي سڀ نيٺ فنا ٿي ويون. هي باغ لازوال آهي پٽ....“
مون چيو، ”مون کي هن باغ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌاءِ، بابا. هن تي ڪهڙا وئل وهيا.....“
هن وراڻيو، ” مان تو کي ضرور ٻڌائيندس، پٽ. هيءَ ڪهاڻي هڪ سٻاجھي ۽ تمام مظلوم قوم جي بيحد غمناڪ ڪهاڻي آهي. دنيا جو ڪوبه ظلم ستم، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ اهڙو نه آهي جيڪو هن ۾ نه هجي، ان هوندي به هن جي پڄاڻي ڪا نه ٿي آهي. هيءَ ڪڏهن نه کٽندڙ ڪهاڻي آهي....
” هن لافاني باغ جي ڪهاڻي ان وقت کان شروع ٿي ٿئي جڏهن کان دنيا وجود ۾ آئي. وڏا چون ٿا، ته هتي هڪ سهڻي ۽ سرسبز ماٿري هئي، جنهن ۾ وڏا گهاٽا جهنگ، ساوڪ ڀريا ميدان ۽ هڪ خوبصورت ندي هئي، جنهن جو پاڻي امرت هو. هيءَ ماٿري ان وقت به اهڙي ئي آباد هئي جڏهن سڄي دنيا تي اونده انڌڪار ڇانيل هو. ان وقت جي ڳالهه آهي: ڪي پکين جا ولر وڙڪندا وڙڪندا هتان اچي لنگهيا. هنن کي اها ماٿري اهڙي وڻي جو اڳتي وڃڻ جو ارادو لاهي، ان کي پنهنجو ديس بنائي رهي پيا. هي پکي تمام سياڻا ۽ محنتي هئا. هنن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته جڏهن اسين هن ماٿريءَ کي پنهنجو ديس بنائي چڪا آهيون ته اسان تي فرض آهي ته ان کي سهڻو ٺاهيون جو دنيا ڏسي ته حيرت ۾ پئجي وڃي. پوءِ هنن کلئي ميدان تي هڪ تمام عجيب باغ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو. پکين ڪٿان ڪٿان جاکوڙ ڪري گلن ڦلن ۽ وڻن ٽڻن جا ٻج آڻي ڪٺا ڪيا. ڏسندي ڏسندي هنن جي ان لاڳيتي اُدم ۽ اتساه سان هن ماٿريءَ تي هڪ نهايت ئي سهڻو ۽ حيرت جهڙو باغ پيدا ٿي پيو. وري باغ جي هڪ حصي ۾ هنن هڪ اهڙو خوبصورت چمن ٺاهيو جنهن جو اڄ تائين دنيا ۾ ڪو مثال ڪونهي. سڄي دنيا ۾ ان لاثاني چمن جي هاڪ هُلي ويئي. ڪٿان ڪٿان جا پکي هاسيڪار ان کي ڏسڻ، گل ڦل، ماکي ميوا وٺڻ، ۽ ڀونر واس وٺڻ جي لاءِ ايندا هئا. اهو وقت هن ماٿريءَ جي سهاڳ جو سمون هو. تڏهن سج هتان ئي اڀرندو هو، ۽ اتان ئي روشني سڄي دنيا ۾ پکڙبي هئي. دنيا جا پکي پري پري کان ڪهي هتي جي پکين کان سکڻ ۽ پرائڻ ايندا هئا. هو سندن عقل ۽ ڏاهپ جي ساراه مان ڍاپندائي ڪونه هئا. اڄ دنيا ۾ جيڪا ڏاهپ، عقل ۽ علم، ۽ سونهن ڏسين ٿو سو سڀ پهرين هتي ئي پيدا ٿيو ۽ هتان ئي سٺي دنيا ۾ پکڙيو. ٻين هنرن ۽ حرفتن سان گڏ لاتيون لنوڻ، نچڻ ڳائڻ ۽ جشن ملهائڻ ۾ به ٻيا هتي جي پکين جهڙا ڪونه هئا. پر هو جهيڙي جهٽي ۽ لڙائي جهڳڙي کان اهڙا اڻڄاڻ هئا جو ٻيا پکي کين سڏيندا ئي هئا سٻاجهڙا پکي! هنن وٽ پيار کان سواءِ ٻي ڪا وائي ڪانه هئي. جيڪر سڄي دنيا جا پکي اهڙا هجن ها!
دنيا ۾ ڪي پکي اهڙا به هئا جيڪي پيار محبت جا دشمن هئا، سواءِ رلڻ ۽ وڙهڻ جي ٻي ڪنهن ڳالهه سان سندن پوندي ڪانه هئي. ٺاهڻ ۽ سڌارڻ بدران ڊاهڻ ۽ ڦٽائڻ گهڻو وڻندو هوئن. هڪ دفعي، پري کان ڪي اهڙا ئي ڀٽڪندڙ، بي گهر ۽ ويڙهاڪ پکي رلندا رلندا هن باغ مٿان اچي ڪڙڪيا. باغ جي سانت ۽ سڪون، پيار ۽ محبت واري وايو منڊل ۾ مارا ماري ۽ تباهي مچي ويئي. سٻاجھڙن پکين به ڪا لڙائي ڪانه ڏٺي هئي. نه وري کين خبر ئي هئي ته لڙائي ڪيئن لڙبي آهي. رولو پکين جو ته جهيڙي جهٽي ۽ مارا ماريءَ ۾ ڪو مٽ ڪونه هو. هنن اچڻ شرط باغ جي بي مثال ۽ سهڻي چمن کي تباه ڪري ڇڏيو. سٻاجھڙن پکين سالن جا سال جنهن اَدم ۽ اتساه سان هي مانڊاڻ منڊيو هو سو سڀ هنن رولو پکين ڊاهي ناس ڪري ڇڏيو، ويتر سٻاجهڙن پکين کي اڻ سڌريل ڪري ڪوٺيائون!
خوشيءَ جا سمورا خزانا لٽجي ويا. ماٿريءَ جو سهاڳ اجڙي ويو. جيڪا روشني پهرين پهرين هتان ڦٽي هئي، سا الائجي ڪيڏانهن گم ٿي ويئي. باغ جي عظمت جو سج هيڪر لٿو ته پوءِ الائجي ڪٿان ٻي هنڌان وڃي اڀرڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن واٽ ڀلجي سج هتان گذريو ٿي ته سٻاجهڙا پکي خوشيءَ وچان نچندي ٽپندي ٿڪائي نٿي. پر سندن خوشيءَ پل کن مس ٿي جٽاءُ ڪيو. اوچتو ئي اوچتو سج کي الائجي ڪهڙن خوفناڪ ڪڪرن ڍڪي ٿي ڇڏيو. پوءِ اهائي اونده انڌڪار.....
وقت گذرندو رهيو. باغ اهو ئي هو، پر وري ڪڏهن اڳوڻي اوج کي نه پهتو. باغ جون واڳون هنجن وٽ هيون. اهي ڏاڍا سورهيه ۽ سچار هئا. آزادي، جرئت ۽ بهادري، ننگ، ناموس ۽ غيرت سان سندن رت رنڱيل هو. باغ جي محبت ۽ آزاديءَ جو جذبو ته سڀني پکين جي لنئون لنئون ۾ سمايل هو. هنن ڪڏهن به ڌارين لوڪن جي غلاميءَ کي نه سٺو. جيستائين سندن سرير ۾ ساه هوندو هو ديس جي ويرين جو مقابلو ڪندا رهندا هئا. ڪئين تيز هوائون، لڪون ۽ جهولا سهندا رهيا. سخت پارا پيا، سرءُ آيو ته باغ جا سمورا پن سڙي ويا، پر ساڳئي اتساه سان بهار جي مند ۾ سڀ پکي گڏجي جشن ملهائيندا هئا. ڪويلون مٺن سرن ۾ راڳ ڳائينديون هيون ۽ ٻيا ننڍڙا ننڍڙا پکي جهمريون پائيندا هئا. سندن مٺي رسيلي ٻولي ٻڌي ٻين هنڌن جا پکي ساڻن ريسون پيا ڪندا هئا. ڪي ته وري سندن باغ تي قبضي ڪرڻ لاءِ گهاٽ گهڙيندا رهندا هئا. ڪيترائي ڌاريان باغ جي شادابي ڏسي هتي اچڻ تي حرصيا، پوءِ ڪي ان کي ڦري لٽي موٽي ويا ٿي ته ڪي وري رهي پيا ٿي ۽ موٽي وڃڻ تي دل نٿي ٿين.
هتان کان گهڻو پري باز رهندا هئا. هنن کي ٻين پکين جي ديسن تي قبضي ڪرڻ جو ڏاڍو حرص اچي پيدا ٿيو هو. بهانا ٺاهي پراين ديسن تي ڪاهي وڃي قبصو ڪندا هئا. هنن جي نظر جڏهن هن باغ تي پيئي ته ان کي به هٿ ڪرڻ لاءِ سٽاءُ سٽڻ لڳا. پوءِ هڪڙو ڪو بهانو ٺاهي ٻه ٽي ڀيرا ڪاهي آيا. پر بهادر سٻاجهڙن پکين اڳيان ڦٻي ڪونه سگهيا. تڏهن وري هڪ زبردست لشڪر سنڀاري چاڙهي آيا. رولو پکين جي ڪاه کان پوءِ سٻاجهڙن پکين اهڙي ٻي خوفناڪ ڪاه ڏٺي هئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ سڄو باغ ڪڪرن سان ڇانئجي ويو آهي. باز خوفناڪ رڙيون ۽ واڪا ڪندا آيا. سٻاجھڙن پکين اڳيان وڌي مقابلو ڪيو. وار مٿان وار ڪيو، ڳچين ڳچ اڏاڻا، ڌڙ ڌڌڙ ۾ ڦٿڪڻ لڳا. ڏينهن گذريو، اچي شام ٿي. تڏهن ڄڻ غلاميءَ جي رات اچي ويئي. باغ تي بازن جو قبضو ٿي ويو.
پوءِ به وقت گذرندو ئي رهيو. ڪئين مندون آيون، پر بهار جي اچڻ تي ڄڻ بندش پئجي ويئي هئي. بهار ته رڳو آزاد فضائن ۾ ئي ايندو آهي. باغ اهو ئي اجڙيل ۽ ويران ويران رهيو. هاڻي ته هر ڪو ورهيه واگهه بڻجي ٿي آيو. هيڪر ڦرڻ لٽڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته لاڳيتو هلندو ئي رهيو. هڪڙا ڦورو ڪمزور ٿي ويا ٿي ته انهن جي جاءِ وري ٻين ٿي اچي والاري، ڄڻ ته نڌڻڪو باغ هو، جنهن کي جتان اچي سو تتان ڀيلاڙ ڪري وڃي! باغ انهن جي بي رحم قبضي هيٺ اچي ويو جيڪي ڌاريان ئي ڌاريان هئا، باغ سان هنن جو واسطو رڳو ڦرڻ لٽڻ تائين هو. جڳن جا جڳ سٻاجهڙا پکي غلاميءَ جو ڳٽ پنهنجي ڳچيءَ مان ڪڍي ڪونه سگهيا. جن جي وات ۾ رڳو قرب ۽ پيار جي وائي هوندي هئي، جيڪي ٻاهران آيل هر مهمان جو دل کولي آڌرڀاءُ ڪندا هئا سي سواءِ ڪنهن ڏوهه جي صديون عذاب ۽ پيڙا ۾ مبتلا رهيا.
هنجن جي طاقت ته بنهه ختم ٿي چڪي هئي. اهي ٿورائي ۾ اچي ويا، هاڻي باغ جي پکين مان مور ئي اهڙا هئا جن ۾ آسون هيون. ڌارين کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ، خود مختياري ۽ خود داريءَ کي قائم رکڻ لاءِ هو پاڻ پتوڙيندا رهيا. مورن مان ڪئين اهڙا سورهيه ۽ سورما پيدا ٿيا جن سرن جا سانگا لاهي، ننگ ۽ آزاديءَ جي لاءِ ويرين سان جنگ جوٽي ۽ سر ڏيئي سرها ٿيا. جڏهن به ڪنهن سورهيه مور ديس تان سر صدقو ڪري آزادي ٿي آندي ته ٿوري وقت لاءِ ئي سهي، آزادي پنهنجي جهوليءَ ۾ خوشيءَ ۽ سونهن جا خزانا ڀري ٿي آئي. ڪيڏو نه خوشيءَ ۽ اُتساهه ڀريو سمون هوندو هو اهو! اهڙي ڪا دل ڪا نه هوندي هئي جيڪا اکٽ خوشيءَ وچان جهومندي نه هجي. پر افسوس، انهن سورهيه مورن جي پوين ڀيري ڀيري سان تخت ۽ تاج تان پاڻ ۾ وڙهندي، هٿ وٺي ٻاهرين دشمنن کي باغ تي قبضي ڪرڻ جو هڪيو تڪيو وجهه کڻي ٿي ڏنو. پوءِ ته وري ٻيهر غيرن جي غلاميءَ لاءِ باغ جو رستو کلي ٿي ويو.
رکي رکي باغ تي هڪ ٻئي پٺيان وڏيون وڏيون آفتون اينديون رهيون. انهن لڳاتار ڌڪن سٽن سببان بدنصيب باغ اهڙين آفتن ۾ گهيرجي ويو جو رڳو جيئرو رهڻ به هڪ ڪارنامو، هڪ معجزو هو. مان توکي ڇا ٻڌايان ته هن باغ ڇا ڇا سٺو آهي! هن ئي باغ جي افق تي ابدال جو شڪرو نامراد ۽ مردار خان شڪرو، باه ۽ خون جون نديون وهائيندا ڇانئجي ويا هئا. سندن خوفناڪ چهنبون ۽ خوني چنبا معصوم سٻاجهڙن پکين جي رت ۾ ٻڏي ويا هئا. مردار خان ته جتان به ٿي لنگهيو اتي قيامت جا ڪوڪرا مچي ٿي ويا. هن آکيرن جا آکيرا ويران ڪري ٿي ڇڏيا. اهڙي تباهي ته اڳي ڪڏهن به ڪانه ٿي هئي. پوءِ ته باغ ۾ اهڙو خوفناڪ ڏڪار پيو جو وڏن پوڙهن، ڇا پکين، ڇا وڻن به پنهنجي ڄمار ۾نه ڏٺو هو نه ٻڌو هو. جيڪو باغ ساري دنيا جي لاءِ امن ۽ سلامتي جي جاءِ هو ان جو آکيرو آکيرو لٽجي ويران ٿي ويو. سٻاجهڙن پکين سان اڳي ئي گهٽ ڪلور ڪونه ٿيا هئا، پر هينئر باغ تي جيڪا وڄ ڪري هئي تنهن جي آهيءَ ۾ هو ڪڏهن به سنئين لڱين ڪونه ٿيا...“
رات جي سنساهٽ ۽ خاموشيءَ ۾ اوچتو ڪنهن ڳجهه خوفناڪ رڙ ڪئي. موٽ ۾ ڪٿان ڪنهن چٻري رڙ ڪري ڄڻ ڳجهه جي خوشامد ڪندي ها سان ها ملائي. ٻڍڙو وڻ خاموش ٿي ويو هو. هوا هن وٽان سون سون ڪندي، ٿڌا شوڪارا ڀريندي لنگهي ٿي ويئي. منهنجي دل ڀرجي آئي. چوڻ چاهيم، ’پوءِ ڇا ٿيو بابا!‘ پر نڙيءَ ۾ ڪو ڳوڙهو اٽڪي پيو هو، آواز نڪري نه سگهيو. هن هڪ ڊگهو ساهه کنيو، پوءِ پاڻهي چيائين، ”اڄ انهن ئي سٻاجهڙن پکين کي چيو وڃي ٿو ته اوهان سست ۽ ستل آهيو، بي همت ۽ جاهل آهيو، اوهان جو رت ٿڌو آهي.... پر ڪنهن هنن جي ماضيءَ ۾ جهاتي پائي ڏٺو آهي! لڳاتار وسندڙ برسات وانگر هنن تي جيڪي قهر ڪريا، جيڪي هاڃا ٿيا تن تي ڪنهن ويچاريو آهي! ڪنهن اهو به سوچيو آهي ته آخر هنن ۾ اها ڪهڙي قوت آهي جنهن جي ڪري ايڏن قهرن ۽ هاڃن کان پوءِ به هو زنده رهيا آهن! هن ڌرتيءَ جي مٽي ڪا اهڙي مضبوط ڄميل آهي جو هزارين طوفانن ۽ زلزلن کان پوءِ به اکڙي ڪانهي. شايد انهن ئي ’سست ۽ ستل‘ سٻاجهڙن پکين جي اتساه، اورچائي ۽ جاکوڙ جي ڪري باغ جي عظمت جون پاڙون ايتريون اونهيون هليون ويون آهن جو انهن کي دنيا جي ڪابه هستي پٽي نٿي سگهي...“ هن ٻاجهه ڀري آواز ۾ چيو، ” تون ٿڪي ته نه پيو آهين، پٽ!“
مون يڪدم وراڻيو، ”نه بابا، ننڊ ته منهنجي اکين کان ايترو پري آهي جيترو هن باغ کان بهار.....“
هن ڳالهه شروع ڪندي چيو، ” مردار شڪري جي تباهي کان پوءِ ائين ٿي لڳو باغ ۾ ست سريو راڪاس ڦري ويو آهي. چوڌاري رڳو سڃ ۽ ويراني هئي. دنيا آهي ساوڪ ۽ سرهائي جي، ويرانيءَ ۽ سڃ سان هن جو ڇا! پر سٻاجهڙن پکين جو ته باغ سان ازلي نينهن هو. هنن چيو، ’جنهن ڌرتيءَ تي اسين ڄايا ۽ نپنا آهيون، جتي اسان جا مٽ ۽ سنگتي ههڙن سڪل وڻن ۾ به آکيرا اڏيو ويٺا هجن، جنهن جي لاءِ اسان جي سورهيه وڏڙن سرن جا سودا ڪيا آهن، جنهن مان اسان کي چوڻو پاڻي ملندو هجي، ان جي لاءِ فقط جاهل، بي ايمان ۽ بيغيرتن کي محبت ڪانه هوندي.... اسين جيءَ کان وڌ مٺڙي باغ ۾ وري ساوڪ ۽ سرهائي آڻينداسين ۽ سندس آزاديءَ جي تاڪائن جون اسين اکيون ڪڍي ڇڏينداسين. پوءِ هو ويرانيءَ سان ڀريل آزاديءَ کي گلي لڳائي باغ کي سنوارڻ ۾ لڳي ويا. باغ اجڙيل، ويران ۽ لڳاتار لڙاين جو ماريل هو، پر آزاد ته هو....!
”دنيا ۾ آزاديءَ جهڙي ڪا ٻي نعمت آهي ئي ڪونه. غلاميءَ جي ڍئو کان آزاديءَ جي بک ڀلي. آزادي روشن ڏينهن آهي ته غلامي ههڙي اونداهي رات. ويچارا سٻاجهڙا پکي چار ڏينهن آزاد ٿي رهيا ٿي ته وري غلاميءَ جي رات اچيو ٿي ويئي. پر هنن چئن ڏينهن جي آزادي به وئرٿ ڪانه ٿي وڃائي. هنن غلاميءَ جي سمورن نشانن کي مٽائي آزاديءَ جي ساوڪ ۽ سرهائي آڻي ٿي ڇڏي. هينئر به جڏهن کين وجهه مليون ته هرڪو پکي پنهنجي آزاد باغ کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ لڳي ويو. ان وقت تمام پري کان سمنڊن جي ديس جا پکي، سڄي دنيا گهمندا ڦرندا باغ ۾ اچي پهتا. هنن کي اڇا سامونڊي پکي سڏيندا هئا. هو وڻج واپار ڪندا هئا. ڪٿي جون شيون ڪٿي کڻي ويندا هئا. هو جڏهن باغ ۾ آيا ته باغ جون شيون شڪليون ڏسي اميرن کان اتي رهي وڻج واپار ڪرڻ جي اجازت گهريائون. اميرن باغ جي ڀلائي ڏسي هنن کي رهڻ جي موڪل ڏني. پوءِ ته هو ويا وڌندا. هو نه رڳو باغ ۾ پر آسپاس جي ٻين ٻاهرين پکين جي ديسن ۾ به پکڙجي ويا. اڇا پکي ڏاڍا حرفتي، چالاڪ ۽ چالباز ۽ نيت جا خراب هئا. پوءِ پنهنجي چالبازيءَ کان ڪم وٺي چوڌاري نفاق ۽ فتني جو ڄار پکيڙڻ شروع ڪيائون. ان نموني ڪن پکين جي ديس تي قبضو پڻ ڪري ويهي رهيا. باغ جي اميرن کي اها خبر پئي ته سندن ڪن کڙا ٿيا، پر اڇن پکين هنن سان سنهن قسم کڻي ۽ انجام اقرار ڪري کين چپ ڪرائي ڇڏيو. هو ڏينهون ڏينهن ويا زور وٺندا ۽ آسپاس جا ديس قبضي ۾ ڪندا. نيٺ اچي باغ جي پکين سان به کئونسي. تڏهن باغ جي اميرن پشيمان ٿي چيو ته پاڻهي نانگ پنهنجي ڳچي ۾ وڌوسين. باغ جي پکين وڏن سورن ۽ سهمن کان پوءِ آزاديءَ جا چار ڏينهن سک سانت سان گذاريا هئا. غلامي ته ڄؤنر وانگر هنن جو سمورو رت پي چڪي هئي. پر تڏهن به هنن چيو، ” هيءَ ڌرتي اسان جي ماءُ آهي، هن ڌرتيءَ مان اسان جو باغ ڦُٽو آهي. هن مان سوين رنگين ۽ خوشبودار گل اسريا آهن،انهيءَ ماءُ کي اسين ڌارين جي حوالي ڪيئن ڪري ڇڏيون!“هو پنهنجي رهيل کهيل طاقت سان اچي هڪ هنڌ گڏ ٿيا. دنيا ۾ احسان جو بدلو ڪيڏو نه برو ٿو ڏنو وڃي. سٻاجهڙن پکين کي ڪهڙي خبر ته اسين نانگن کي کير پياري وه ٿا پاليون. اڄ اهي ئي کانئن سندن مٺڙو باغ کسڻ جي لاءِ ڪاهي آيا هئا.
”هڪڙي سورهيه مور زور سان نعرو هنيو: ’مري وينداسين باغ نه ڏينداسين.‘ پوءِ ڇتي جنگ ڇڙي پيئي. اڇن پکين جي وڙهڻ جا طريقا اهڙا ته حرفت ۽ چالبازيءَ وارا هئا جو سٻاجهڙن پکين کي انهن جي ڪل ئي ڪانه هئي. پوءِ به هو سرن تان آهو لاهي ائين وڙهيا جو خود اڇن پکين کي چوڻ پيو، ’هي ته ائين ٿا وڙهن ڄڻ کين پنهنجين حياتين کان به وڌيڪ پياري شئي ڪا ٻي آهي، جنهن جو بچائڻ زندگيءَ کان وڌيڪ اهميت وارو آهي. اڇن پکين جڏهن ڏٺو ته هنن جي جذبي ۽جوش اڳيان اسين پڪ هارائينداسين، تڏهن هنن دغا ۽ فريب کان ڪم ورتو. مکر ڪري پوئتي هٽڻ لڳا. سٻاجهڙن پکين جو لشڪر ان چالبازيءَ ۾ اچي ويو ۽ نيٺ ويرين جو شڪار ٿي ويو. ان سان گڏ باغ جي آزادي به هميشہ هميشہ جي لاءِ ختم ٿي ويئي.....“
ان وقت رڃ مان مور جي ازغيبي وڏين رڙين جو آواز آيو. ڄڻ چئي رهيو هو:”غلط آهي... باغ جي آزادي ڪير به هميشہ جي لاءِ ختم نٿو ڪري سگهي...“
ٻڍو وڻ جيڪو مور جي رڙين تي خاموش ٿي ويو هو، تنهن چيو، ”مان هاڻي ڪرڻ جي ڪنڌيءَ تي آهيان، پر هن مور جون رڙيون ئي مون کي رڻ کان روڪي بيٺيون آهن. سوچيندو آهيان: ڇا سچ پچ اسان کان آزاديءَ هميشه جي لاءِ کسجي ويئي آهي. پوءِ زنده رهڻ مان ڪهڙو فائدو! ان وقت هن مور جون رڙيون منهنجن ڪمزور پاڙن جي لاءِ وڏو آٿت بنجي اينديون آهن.
”اڇن پکين جو هاڻي چوڌاري راڄ هو. زمانن جا زمانا سندن راڄ هليو ۽ اٻوجهه پکين کي گهڻو ئي ڦريائون لٽيائون. هنن جو وڇايل فتني ۽ نفاق جو ڄار مضبوط ٿي ويو هو. پوءِ اهڙو ڪو واءُ اچي وريو جو ڇا مان ڇا ٿي ويو. زمانو ئي ڦري ويو، پکي ئي مٽجي ويا. قرب، پيار ۽آزاديءَ جو جذبو آهستي آهستي ويو فنا ٿيندو. اُهي سٻاجهڙا پکي، جيڪي ڪنهن به شئي کان ايڏي نفرت ڪانه ڪندا هئا جيترو غلاميءَ کان، تن مان گهڻن غلاميءَ جي پڃري کي خوشيءَ سان قبول ڪري ورتو! شايد اهو ٿيڻو ئي هو. هنن تي صدين کان جيڪي وهيو واپريو هو تنهن جو نتيجو اهو ئي نڪرڻو هو.
هنن غلاميءَ ۾ جيڪي سالن جا سال گذاريا تن سندن ذهنن کي به آهستي آهستي زنگي ڇڏيو. منجهائن ڪئين اهڙا غدار پيدا ٿي پيا جن پاڻ کي نئين غلاميءَ ۾ پختو ڪري نون حاڪمن سان خوشامد ۽ صلح سازيءَ ۾ رهي وڏا وڏا فائدا حاصل ڪيا. هنن ۾ ديس سان محبت ۽ غيرت جو ڪو به لڇڻ ڪونه هو. منجهن لنڊي خوشامد ۽ پڇ لوڏ گهر ڪري ويئي هئي. هو پنهنجن آقائن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ غريب، اٻوجهه پکين جو رت ۽ ماس پيش ڪندا هئا. افسوس! غريبن جي محنت تي مارو ڪندڙ ۽ پنهنجن آقائن جي اڳيان مطلب خاطر پڇ لوڏ ۽ لنڊي خوشامد ڪندڙ پکين جي انهيءَ طبقي ٽڪر ڀور تي پنهنجي سموري غيرت، عزت ۽ آزادي هميشه جي لاءِ وڪڻي ڇڏي... اڄ معصوم سٻاجهڙن پکين جا اهي رت پياڪ به اهڙا ويري آهن جهڙا ٻاهريان.
ان وقت باغ ۽ ٻاهرين آسپاس جي پکين جا چار قسم گهڻائي ۾ هئا: باغ جا خاص پکي ته مور ۽ هنج هئا. پاسي وارن ديسن ۾ ڪانءُ، ڳجهون ۽ ٻيا پکي رهندا هئا. باغ کان سواءِ هڪ ٻيو ديس به اهڙو هو جتي هڪ تمام وڏي ڍنڍ هئي، ۽ اتي باغ کان به گهڻا هنج رهندا هئا. پر باغ جي هنجن جو هنن سان ڪو به تعلق ڪونه هو. هو باغ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اتي رهندا آيا هئا. باغ ئي هنن جي ماءُ هئي ۽ باغ جا پکي سندن ڀائر. باغ جي طاقت مور هئا، ته ان جو دماغ ۽ عقل هنج هئا. مورن ۽ هنجن جو رشتو اهڙو مضبوط ۽ گهرو هو جو ٽٽڻ جوئي ڪين هو. پر اڇن پکين جي چالبازيءَ ۽ فتني هنن ۾ نفاق پيدا ڪري ڇڏيو. اڇن پکين کي ڊپ هو ته جي هو گڏجي اسان جي خلاف اٿي کڙا ٿيا ته پوءِ اسان کي هڪالي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. هنن مورن کي چوريو ته اوهان جا اصلي مائٽ ۽ خيالن وارا ڪانو ۽ ڳجهون آهن، هنج اوهان جا دشمن آهن! اڇا پکي ان ڳالهه ۾ ڪامياب ٿي ويا، هنن صدين جي ميلاپ کي ٽوڙي ڇڏيو؛ پر پوءِ سندن راڄ به گهڻو وقت جٽاءُ ڪونه ڪيو. پکين ۾ هنن جي لاءِ نفرت ۽ ڌڪار ويئي ڏينهون ڏينهن وڌندي. هنن جڏهن ٻيو ڪو چارو نه ڏٺو ته نيٺ آزادي ڏيڻ قبول ڪيائون. پر پڇاڙيءَ ۾ وڃڻ وقت به ساڙ ۽ ڪاوڙ وچان آسپاس جي سڀني ديسن جي پکين کي پاڻ ۾ هميشه جي لاءِ وڙهائي، هڪ ٻئي جا دشمن بنائي ويا. پوءِ ته جيڪو هو ڏاڍو سو گابو.... جنهن جي هٿ ۾ لٺ هئي تنهن آزادي جي نالي ۾ ڪمزور ۽ معصوم پکين تي لٺ سان راڄ ڪيو....“
جهوني وڻ جو آواز ڍرو ٿيندو ويو. هوا صفا بند ٿي ويئي هئي. مون هن جي خاموشيءَ کان ڊڄي يڪدم پڇيو، ”بابا، ڇا پوءِ سٻاجهڙن پکين کي به آزادي ملي ويئي؟“
ڪيتري دير تائين هن جو آواز مون کي سمجهه ۾ نٿي آيو. هن جي آواز ۾ ايترو درد ۽ پيڙا ڀريل هئي جو لفظ ٽٽي ٿي پيا. مون ڪن لائي، پورو ڌيان ڏيئي ٻڌو. هو چئي رهيو هو:
”اهڙي آزادي آئي جيڪا غلاميءَ کان به بدتر هئي. ڳجهن ۽ ڪانون مورن کي چيو ته اسين هڪ ٻئي جا مائٽ ۽ هڪڙي ئي خيال وارا آهيون! اسان کي گڏ رهڻ گهرجي. هنج ٻي قوم جا آهن، هنن کي باغ مان ڪڍي ڇڏيو ته وڃي پنهنجن ڀائرن سان گڏ رهن. سنوان سادا مور هنن جي ڳالهه تي ڀنڀلجي ويا. ڪنهن ڪنهن نڀاڳيءَ گهڙيءَ، عقل تي ۽ دلين تي پردا پئجي ويندا آهن. جنهن باغ کي هنجن رت ست ڏنو هو، تاتيو سانڍيو هو، ان کي ڇڏڻ وقت سندن دلين جي ڪهڙي حالت هوندي! هو رت روئندا. پنهنجو مٺڙو باغ، پنهنجا آکيرا پنهنجي سدا سهڻي ندي ڇڏي ويا. هنن جي جاءِ ڪوڙن ڪانيرن اچي والاري، ۽ اک ڇنڀ ۾ باغ جو وايو منڊل ئي ڦري ويو. جتي مٺڙيون لاتيون لنونديون هيون، اتي ڪانون جي ڪان ڪان جو گوڙ مچي ويو. سٻاجهڙن پکين آيلن جو آڌرڀاءُ ڪندي کين پنهنجا ٺهيل جڙيل آکيرا رهڻ جي لاءِ ڏنا، ۽ جيڪي ڪجهه کانئن پنو سو ڪيائون. سندن سهڻو صاف باغ سڄو گندو ٿي ويو تڏهن به ڪي ڪين ڪڇيا. هڪ ڏينهن ڳجهن ۽ ڪانون پاڻ ۾ ڪا سٽاءُ سٽي مورن کي چيو،“ اسين پاڻ ۾ ڀائر آهيون، ان ڪري اسان جي هر ڪا شئي گڏ هئڻ گهرجي. اسين هڪ آهيون ان ڪري اسان کي هڪ ٿي رهڻ گهرجي...“ ايئن ڪندي هو مورن کان سڀ ڪجهه کسيندا ويا. ڪجهه وقت گذريو ته وري چيائون. ” اوهين جاهل، سست ۽ ڪمزور آهيو، راڄ اوهان کان هلي ڪونه سگهندو. ڪانءُ تمام سياڻا ۽ هوشيار آهن، ڳجهون تمام طاقت واريون آهن ان ڪري راڄ هنن کي ئي هلائڻ کپي.“پوءِ ڳجهن باغ کي پنهنجي سڄي ۽ ويران برپٽ ۾ ملائي ڇڏيو.
”مور اهڙا ويچارا ٿي ويا هئا جو ٻڙڪ به ٻاڦي نه سگهيا. ڪانون ۽ ڳجهن کي جيئن ٿي من ۾ آيو تيئن ڪندا ويا. هڪ ڏينهن ڪانون حڪم ڪيو، ’ته اسان جي ڪان ڪان تمام سولي ۽ هر ڪنهن جي سمجهه ۾ ايندڙ آهي، تنهنڪري هاڻي باغ ۾ ڪان ڪان کان سواءِ ٻي ڪنهن به ٻوليءَ جي ضرورت ڪانهي.... اڄ کان وٺي مور پنهنجي ٻولي ختم ڪري ڪان ڪان ۾ ڳالهائين!‘
”هنج ته اڳي ئي هليا ويا هئا، پر مور پنهنجي ئي باغ ۾ بي گهر ٿي ويا. هنن کان ٻيو ته سڀ ڪجهه کسجي چڪو هو، پر هاڻي سندن ٻولي به بند ٿي ويئي. بيغيرت ۽ خوشامدڙيا مور، جيڪي اڇن پکين جي اڳيان پڇ لوڏ ڪري هري ويا هئا تن ته پنهنجي فائدي جي لاءِ ساڳيءَ ريت ڪنڌ جهڪائي جي حضور ڪيو، باقي غيرت وارن جي لاءِ عزت سان گڏ جان بچائڻ به مشڪل ٿي پيئي.
”اهو اڳوڻو باغ ڄڻ اکين کان ئي گم ٿي ويو. ان کي ڏسڻ جي لاءِ اکيون سڪن ٿيون، روح رڙيون ڪري ٿو، پر ڪنهن کي چئون؟ ڪنهن کي دانهن ڏيون؟ ڳجهون سڄو ڏينهن پيون باغ جي مٿان لامارا ڏينديون آهن ته ڪو مور هٿ اچي ته ان کي کائي کپائي ڇڏيون. ڳجهن جي خوني چيخن ۽ ڪانون جي شور ۾ مورن جي لاءِ جيئڻ ئي وهه ٿي پيو. مور ڀڄي وڃي جهنگن جهرن ۾ لڪا. اسان جا روح مورن جي مٺڙين رڙين جي لاءِ سڪندا ٿا رهن... سوچيون ٿا: ته جي روح ائين سڪندي سڪندي مري ويا ته پاڙون ڪيئن بچنديون! اهي به سڙي خاڪ ٿي وينديون، ۽ اسين سڀ ڪري پونداسين. پر ڪڏهن رات جي سناٽي ۾ رڃ مان هڪ ديواني مور جون رڙيون اسان جي پياسي ۽ سڪندل روحن جي لاءِ امرت بنجي اينديون آهن. خبر ناهي هي ديوانو مور ڪير آهي؟ هن رڃ ۾ ڇو رهيو پيو آهي؟ شايد باغيچو روح آهي. هن جون سورهيائي ۽ جوش سان ڀريل رڙيون ٻڌي اسين هوا جي سرگوشين ۾ هڪ ٻئي کي چوندا آهيون: ’اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي.... اڃا سڀ مور ڪونه مئا آهن....‘ اهو سوچي هڪ ٻئي کي ڏڍ ڏيندا آهيون ته قدرت هن باغ جو ماضي نهايت شاندار ڪيو هو، ڪڏهن نه ڪڏهن هن جو آئيندو به اهڙو ئي روشن ٿيندو...“
اوچتو ان وقت ڪانون جي ڪان ڪان جو زوردار شور اٿيو ۽ پوڙهي وڻ جو آواز ان ڪان ڪان ۾ دٻجي ويو.
مان ڇرڪ ڀري اٿي ويهي رهيس. مون کي ڪيتري دير تائين هوش ئي ڪونه آيو. ذهن تي ان عجيب خواب جو اڃا اهڙو ئي اثر هو. مون ٻڏل رڙيون ڪري چيو، ” پوءِ ڇا ٿيو بابا! تون چپ ڇو ٿي وئين.... مون کي ٻڌاءِ نه! پوءِ ڇا ٿيو؟ ... تون خاموش ڇو آهين...“ ڪانون جي ڪان ڪان منهنجن ڪنن جا پردا ڦاڙي رهي هئي. مون چوڌاري چتائي ڏٺو. سج جو سمورو تيج ختم ٿي چڪو هو، اونداهي رات اچڻ واري هئي. مون کي ستي تمام گهڻي دير ٿي ويئي هئي. منهنجي مٿان جهوني سڪل وڻ تي ڪانون جو هڪ ڪٽڪ ڪان ڪان جو شور مچائي رهيو هو. پريان الائي ڇو ڳجهن جو ميڙ لڳيو پيو هو. هو اڏنديون، خوفناڪ چيخون ڪري رهيون هيون. مون وڻن ڏانهن نظر ڪئي: هر وڻ تي ٽي ٽي چار چار ڳجهون ويٺيون هيون! ان وقت منهنجن ڪنن ۾ مور جون ازغيبي رڙيون گونجڻ لڳيون: ’آسمان گجي گجي نيٺ وسندو.... ڌرتي تپي تپي نيٺ ڦاٽندي..... ۽ اي لافاني باغ! تون نيٺ آباد ۽ سائو ٿيندين.

ابر ۾ اھاءُ ٿيو

بابا جي اڳيان ويندي، آھستي چيم، ”بابا.“
ھن ڪاغذن تان نظرون کڻي مون ڏانهن ڏٺو.
مان منجھي پيس ته ڇا چوان. ھٻڪندي چيم، ”مان اوھان کان اجازت وٺڻ آيو آھيان.“
ھن وائڙو ٿي پڇيو، ”ڇا جي اجازت؟“
مون چيو، ”مان ڪائنر سڏائڻ نٿو چاھيان. مون جيڏا ساٿي قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ پنهنجي ديس کي زندگي ڏيڻ لاءِ پنهنجي زندگي ان کي ارپي چڪا آھن. اھڙي وقت مان گهر ۾ ڪيئن لڪي ويھي رھان!“
”پوءِ، تون ڇا ٿو ڪرڻ چاھين؟“
منهنجي سموري ھٻڪ ختم ٿي چڪي ھئي. ”مان به پنهنجي زندگي پنهنجي ديس کي ڏيڻ چاھيان ٿو.“
”تون!“ ھن کل کي روڪي ورتو، پر چپن تي مرڪ اڃا به پکڙيل ھئي. ”تون پھرين پنهنجي جسم ۽ طاقت ڏس، پوءِ اھڙيون ڳالھيون ڪر! مان ڄاڻان ٿو ته اوھان نوجوانن ۾ فقط وقتي جوش آھي. عمر ۽ وقت سان گڏ اھو جوش ختم ٿيو وڃي. دراصل اسان جي قوم مان وڙھڻ جو جوھر ختم ٿي چڪو آھي. صدين جي غلاميءَ ءٌ ڌارين جي ڦرلٽ اسان جي ھمٿ کي ڄؤنر بنجي چوسي ڇڏيو آھي. باقي اوھان جھڙا جوشيلا نوجوان ته ھر دور ۾ پيدا ٿيندا رھيا آھن، ۽ انهن ڪھڙو ٻوٽو ٻاريو آھي! پنهنجي قوم جي تقدير بدلائڻ جي لاءِ سر جون سٽون ڏيڻيون پونديون آھن، مون کي اھڙا نوجوان نظر ڪو نه ٿا اچن. جيستائين اسان جي نوجوانن ۾ شعور ۽ سجاڳي پيدا ڪا نه ٿي آھي، سندن دليون ديس جي محبت ۾ جلي سون نه بڻيون آھن، تيستائين ڪجھ به نه ٿيندو، پٽ ..... ڪجھ به نه ٿيندو ....“ ھن جو آواز ڍرو ٿيندو ويو، منهن تي مايوسيءَ جون ريکائون مڙي آيون.
مون چيو، ”بابا، جيڪڏھن اسان جي قوم جا پيءُ توھان جھڙا ھجن، ته پوءِ سندن اولاد ديس تان سر ڪيئن نه ڏيندو! مان اوھان کي يقين ٿو ڏياريان ته جيڪا سجاڳي اڄ جي نوجوانن ۾ پيدا ٿي آھي، سا اڳي ڪڏھن ڪا نه ھئي. اسان جو جوش وقتي جوش ناھي. اسين فقط پنهنجي ديس خاطر جيئڻ جو ارادو ڪري چڪا آھيون....“
ھن جي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي، ”ھا، ھي اھو نازڪ دور آھي، جيڪڏھن اسين ھينئر نه اٿياسين ته پوءِ ڪڏھن به نه اٿي سگهنداسين. ٿي سگهي ٿو ته اوھان قرباني ڏيئي پنهنجي قوم کي سجاڳ ڪري ڇڏيو. پر اھا ڳالھ مڃڻي پوندي ته اسين تمام پوئتي پيل آھيون تعليم ۽ شعور جي تمام گھڻي کوٽ آھي، ان ڪري قومي عزت ۽ غيرت جي گھٽتائي آهي. ان لاءِ اوھان کي گھڻو ڪجھ ڪرڻو پوندو.“
مون چيو، ”اسين سڀ ڪجھ ڪنداسين. اسان کي زندھ رھڻو آھي ته پوءِ ان لاءِ ھر ڪا قرباني ڏيڻي پوندي. اسين پنهنجي ئي ديس ۾ ڌاريا بڻجندا پيا وڃون، نيٺ اسين بي موت مري وينداسين، قديم آثار بڻجي وينداسين. اھو ڪير سمجھندو! اسين ڪمزور ئي سھي، پر اسان جون دليون ڪيڏيون آھن، ان جي ڌارين کي ڪھڙي خبر!“
بابا گنڀير بنجي ويو، چيائين، ”بيشڪ، دلين جي دريائن جي آڏو ڪو به بند اڄ تائين ٻڌجي نه سگهيو آھي. قيد جون زنجيرون نيٺ به ٽٽڻيون آھن. شل اوھان جو رت ھن مظلوم ديس جي ڌرتي کي ريج ڏيئي اھي گل ۽ ٻوٽا اپائي جن جي خوشبوءِ سان ساري دنيا واسجي وڃي. مان توکي روڪي ھڪ بزدل پيءُ سڏائڻ نٿو چاھيان. پر ڏس، پنهنجي ماءُ جي باري ۾ جو ڪجھ سوچين، ھمدردي سان، سوچج. ديس خاطر اولاد جي قرباني ڏيڻ ۾ مائرون وڌيڪ بهادر ھونديون آھن، پر وقت ۽ حالتن اسان جي مائرن کي اھو سبق ڏنو ئي ڪو نهي. کين پنهنجي اولاد سان حد کان زياده پيار ھوندو آھي، ان ڪري تنهنجي ماءُ شايد توکي وڃڻ نه ڏي.“
”مان امان کي مڃرائيندس.“
ڪنهن تمام وڏي ڳڻتي ۽ مونجھاري سببان اما جو منهن لٿل ھو. مان سمجھي ويس. مون ويجھو وڃي کيس ڀاڪر پائيندي چيو، ”امان .....“
ھن جا زرد ٿي ويل چپ ڦڙڪڻ لڳا. ھن مون کي سيني سان لڳائي ڇڏيو. ماءُ جي مقدس سيني سان لڳي منهنجو روح ھڪ زبردست روحاني سڪون سان واسجي ويو. ان وقت مون کي ائين لڳو ڄڻ مان اڃا تائين اھو ئي ٿڃ پياڪ ٻالڪ ھوس، ۽ ماءُ جي سيني سان لڳي سڀ ڪجھ وساري چڪو ھوس.
مونکي محسوس ٿيو ته امان روئي رھي ھئي. شايد ھن بابا جون ۽ منهنجون ڳالھيون ٻڌي ورتيون ھيون.
”مان توکي وڃڻ نه ڏينديس. منهنجا حال ڏسين ٿو، آءٌ اڳيئي مئي پئي آھيان. جي توکي وڃڻو آھي ته مون کي اڳو پوءِ ماري پوءِ وڃ.“
ويچاري امان! الائجي ڇو اسان جون غريب مائرون ايتريون دکي ھونديون آھن. سندن سڄي حياتي مالي پريشانين، اولاد جي آئيندي جي فڪرن ۽ گهر جي ختم نه ٿيندڙ ھاج ۾ گذري ڳري ويندي آھي. گھڻن دکن سھڻ ڪري ئي ھو حد کان زياده جذباتي ھونديون آھن. پيار ته سندن مٽيءَ ۽ روح ۾ رچيل ھوندو آھي، ڇو ته اسان سڀني جي ڌرتي – ماءُ جي ذري ذري ۾ اٿاھ پيار سمايل آھي.
مون چيو، ”امان، سنڌ اسان سڀني جي ماءُ آھي، ۽ اھو اولاد ڪمينو آھي، جيڪو ماءُ کي اھنجن ۽ تڪليفن ۾ ڏسندي به منهن لڪايو ويٺو ھجي. اھڙو اولاد بي غيرت آھي ۽ ان تي پنهنجي ماءُ جي ٿڃ حرام آھي. امان، اسان کان پنهنجا سڀيئي حق کسيا ويا آھن . اسان جي ماءُ کي ڪڙن ۽ ڪوٽن ۾ قيد ڪيو ويو آھي، ۽ اسين نڌڻڪا بنجي ويا آھيون.“
ھن چيو، ”ابا، شل خدا ٻچن جو ڏکيو ڏينهن نه ڏيکاري، شل منڊلي سلامت ھجي، باقي ڏکيا سکيا ڏينهن پيا گذرندا. خدا جو شڪر آھي.“
”امان، تنهنجن ٻچن جي وات مان گرھ کسبو، سندن زبان ڪٽي ڦٽي ڪئي ويندي، تڏھن به تون ائين چوندينءَ ! تون سمجھين ڇو نٿي، ته اسان تي ڇا پيو وھي واپري.“
امان ڪاوڙجي چيو، ”اوھان پڙھيلن جون ڳالھيون اسين ڄٽ ڪٿي ٿا سمجھون.“
امان ڄڻ ته مونکي زور سان ٿڦڙ وھائي ڪڍيو. کين ڄٽ ۽ بي علم بنائي رکڻ ۾ ڪنهن جو ڏوھ آھي؟ ڪيڏي نه بدقسمت آھي اھا قوم جنهن جون مائرون بي علم ھجن.
مون کيس ڀاڪر پائيندي چيو، ”امان توکي خبر آھي ته اسان جي ديس تي ھميشھ ڌارين جو قبضو رھيو آھي، جيڪي اسان کي ڦريندا لٽيندا رھيا آھن. شايد اسين به ان غلاميءَ تي ھري ويا آھيون، نه ته ھيترو سارو وقت پنهنجو ديس ڌارين جي غلاميءَ ۾ ڪيئن رھڻ ڏيون. امان، مون کي جيترو توسان پيار آھي، اوترو ئي پنهنجي ديس سان آھي. جنهن ديس ۾ ڄائو آھيان، نپنو آھيان، جنهن ڌرتي جي مون ٿڃ پيتي آھي، اھا به ته منهنجي ماءُ آھي. ڇا ان جا مون تي ڪي به حق ڪونهن؟“
”پٽ، اسان جي تقدير ئي اھڙي آھي ته پوءِ ڇا ڪريون؟“
”نه امان، تقدير به ھمٿ سان بدلجي ويندي آھي. طاقت ۽ زور زبردستي سان دنيا جي ڪيترين قومن کي غلام بنائي سندن حقن تي ڌاڙو ھنيو ويو، پر انهن قومن جيڪونڌرن سر جون قربانيون ڏيئي آزادي حاصل ڪئي.“
امان بيزار ٿي چيو، ”مونکي انهن ڳالھين سان ڪو به واسطو ڪونهي. منهنجي خوشي، منهنجو نور اوھين ٻچا آھيو، اوھان کان سواءِ مان انڌي آھيان، مون کي ان کان وڌيڪ ٻي ڪنهن به ڳالھ جي خبر ڪانهي.“ ھن جون اکيون وري به ڀرجي آيون.
مان وڌيڪ ڪجھ به چئي نه سگهيس. مون ڄاتو ٿي ته امان جو ڪو به ڏوھ ڪونهي. سمورو ڏوھ ان وقت ۽ حالتن جو آھي، جڏھن عورتن کي گهرن جي ڪم ڪار جي مشين بنائي رکيو ويو ھو. اھي انڌيون رسمون، رواج ۽ اخلاق جن کي اسان جي قوم جو خاص گڻ سمجھيو ويندو آھي؛ تن اسان تي ڪيڏو نه ظلم ڪيو آھي. جن مائرن کي علم ۽ شعور کان تمام پري بي علمي جي اٿاھ اوندھ ۾ بند ڪري رکيو ويو آھي سي، پنهنجي اولاد کي ڪھڙي سکيا، ڪھڙو سبق ڏينديون! مون چاھيو ته رڙ ڪري چوان، ”امان، اسان جي قوم جي تقدير اوھان جي ٿڃ ۽ اوھان جي لولي ۾ آھي. جي تو پنهنجي ٿڃ گيدي اولاد تي حرام نه ڪئي ۽ پنهنجي ٻچن کي اھا لولي نه ڏني، جنهن ۾ شينهن جي گجگوڙ ھجي، ته اسين ٻيو موھن جو دڙو بنجي وينداسين. اسان کي مري جيئڻ جو سبق ڏي امان ....“ پر منهنجي اڳيان اٿاھ ۽ بي انت اوندھ ڇانئجي ويئي، جنهن ۾ نيڻ نهار تائين روشني جو ڪو معمولي ڪرڻو به نظر نٿي آيو. تڏھن مونکي محسوس ٿيو ته مان مري چڪو آھيان. اسين سڀ مري چڪا آھيون، کنڊر بنجي ويا آھيون. وقت جا سڌريل ماڻھو ٽوڪ ۽ نفرت گاڏڙ نظرن سان اسان کي ڏسي وري يڪدم منهن ڦيري ڇڏين ٿا. منهنجي ذھن ۾ پنهنجي وطن جون اھي قديم قومون ڦرڻ لڳيون جيڪي پنهنجي وقت ۾ تمام سڌريل ھيون، پر اڄ وقت ھنن کي سوين صديون پوئتي ڇڏي آيو آھي. موھن جي شھر جي سڌريل قوم اڄ موھن جي دڙي وانگر کنڊر بنجي چڪي آھي. ڇا اسين به ..... ڇا اسين به .....
منهنجي چوطرف اوندھه ۽ بي علمي جو ديو پر پکيڙي بيھي رھيو، ۽ ان جي ڊپ کان آس جو پکيئڙو ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڇڏڻ لڳو. مان خبر ناھي ته ڪيڏي مھل امان وٽان اٿي اندر ڪمري ۾ اچي ويھي رھيو ھوس. ڪنهن کڙڪي تي سجاڳ ٿي ڏٺم ته منهنجي ننڍي ڀيڻ در تي بيٺي ھئي. ھن کي ڏسي چاھيم، زور سان چوان، ”وري تون آئي آھين، روئڻ پچڪڻ! اھي لڙڪن جون زنجيرون اسان جي قوم کي مرده بنائي ڇڏينديون. مون ۾ ھاڻي وڌيڪ لڙڪن ڏسڻ جي طاقت ناھي.“ پر ان کان اڳ جو مان ڪجھ چوان، ھوءَ اندر لنگھي آئي. اندر اچي ڏڪندڙ آواز ۾ چيائين، ”مون سمجھيو ھو ته منهنجو ڀاءُ دودو آھي، پر اڄ خبر پئي ته تون چنيسر آھين، ادا.“
منهنجون اکيون ڦاٽي ويون. رڙ ڪري چيم”ٻاگھي!“
ھن جو گلو جذبات جي شدت وچان گھٽجي ويو ھو، نظر ھيٺ جھڪائي چيائين، ”مونکي معاف ڪجانءِ ادا، مان الائي ڇا چئي ويس. پر مون توکي الائي ڇا سمجھيو ھو. مون کي خبر ڪا نه ھئي ته تنهنجي دل به ايڏي ڪمزور آھي، جو امان جا لڙڪي ڏسي ھمٿ ھاري ويھندين.“
تڏھن خوشيءَ وچان اٿي کيس ڀاڪر پائي چيم، ”منهنجي ننڍڙي گڏي ڀيڻ! مون کي اڃا به وڌيڪ سخت لفظ چئو. تنهنجن انهن ويڻن جي ڪري تنهنجن ڀائرن جو رت اڀامي اٿندو، آفرين منهنجي ڀيڻ!“
ان گھڙيءَ مونکي محسوس ٿيو ته منهنجي آس جو پکيئڙو پر ڦٿڪائي اٿي ويو آھي. اوندھ جو ديو ڪنهن زبردست طاقت کان دڄي ڀڄڻ لڳو ھو.
مون چيو، ”ٻاگھي، مونکي ھڪ ڳالھ ٻڌاءِ، جيڪڏھن تنهنجو ڀاءُ ديس تان قربان ٿي وڃي ته تون خوش ٿيندينءَ نه!“
ھن جوش وچان چيو، ”بيشڪ ادا، لک ڀيرا خوش ٿينديس. وطن جي اڳيان پٽن ۽ ڀائرن جون جانيون ڪا به قيمت نه ٿيون رکن. مون کي چنيسر جھڙن پٽن ۽ ڀائرن کان نفرت آھي، ادا.“
”منهنجي ٻاگھي ڀيڻ، يقين ڪر، تنهن جو ڀاءُ دودو ثابت ٿيندو.“
ان وقت منهنجي تصور ۾ اھي لکين ٻاگھيون، ۽ سڀان جون مائرون ھيون، جيڪي پنهنجن دودن جھڙن پٽن کي مرڪندي موت جو سبق ڏيئي رھيون ھيون، ۽ ڪٿي پري ابر ۾ اھاءُ ٿيڻ لڳو ھو.

آئيني سمان سپنا

ڪي ڪي سپنا به آئيني جيان ھوندا آھن، ۽ انھن ۾ ماڻھوءَ کي پنھنجي اصلي ۽ وڃايل روپ پسي ڏاڍو عجيب لڳندو آھي. اھڙا سپنا مرده ذھنن جي تھه خاني مان ھڪ چڻنگ جيان اٿندا آھن. ڪڏھن ته سطح تي پھچڻ کان اڳ ٺري خاڪ ٿي ويندا آھن، ۽ ڪڏھن ڀنڀٽ باھ ڀڙڪائي ويندا آھن، پر جڏھن اسين اھڙي آئيني سمان سپنن ۾ پنھنجو وڃايل، شاندار ماضي ڏسندا آھيون ته حال جي زنگ کاڌل، غلاماڻن خيالن تي ڦڪي ٿيڻ بدران آئيني تي خار کائيندا آھيون، ۽ ان کي ٽوڙي ڇڏيندا آھيون. رات مون به ھڪ اھڙو آئينو ڏٺو، ۽ اھو اڃا تائين منھنجي اڳيان آھي . . . .
مان ھڪ کنڊر بنجي ويل شھر ۾ بيٺو ھوس. چؤطرف ويراني ۽ سڃ لڳي پيئي ھئي. شھر جي ڳليءَ ڳليءَ ۾ ان جي عظمت ۽ شاندار ماضي جا ڦٽل نشان موجود ھئا. عاليشان پر ڊٺل جاين ۾ گدڙ، بگھڙ، نانگ ۽ وڇون ويٺل نظر آيا. مان ڊڄي لڪندو لڪندو ھڪ کلئي ميدان ۾ اچي پھتس. وائڙو ٿي ويس. زمين تي چوڌاري لاشا پکڙيل ھئا. شايد جنگ جو ميدان ھو، ۽ رت به اڃا تازو ھو. مان ڊڄي ويس. مون لاش ڏانھن ڏٺو. سڀني جي منھن تي عجيب مرڪ پکڙيل ھئي. سڀئي چھرا گل جيان ٽڙيل ھئا، پوءِ به انھن جي ھيبت شينھن جھڙي ھئي. پنھنجي بزدليءَ تي شرم وچان منھنجو ڪنڌ ھيٺ جھڪي ويو. مون کي سڀئي چھرا ڄاتل سڃاتل محسوس ٿيڻ لڳا. مان ھر ڪنھن کي چتائي چتائي ڏسندو اڳتي وڌندو رھيس.
”ھي ڪير آھي! ھي ته مونکي ڄاتل سڃاتل ٿو لڳي. ڪيڏي نه پنجھائپ آھي ھن ۾ . . .“ پر ڪنھن جو به نالو منھنجي ذھن تي تري نٿي آيو. مان پريشان ۽ وائڙو، اتي ئي ڦرندو رھيس. اوچتو منھنجي نظر ھڪ ڳڀرو نوجوان تي وڃي بيٺي. منھنجي روح کي ڇڪ اچي ويئي. مان ھن جي ويجھو ويس. ڪنھن اڄاتي جذبي سببان ھن جي سگهي ۽ مضبوط ٻانھن تي پنھنجو ھٿ کڻي رکيم. رڳو ڇھڻ جي دير ھئي. ھو ٽپ ڏيئي اٿي ويھي رھيو. ھن جي روشن پيشانيءَ تي ذرو به گھُنج نه پيو، منھن تي اھائي لافاني مُرڪ ۽ سرھائي پکڙيل ھئي.
”تون ھتي ڪيئن آھيو آھين، ادل!“ ھن ٻاجھه ڀري آواز ۾ پڇيو.
” مان . . . . مان . . . مون کي خبر ناھي!“ پر ھي سڀ ڪير آھن؟
”تون ھنن کي نٿو سڃاڻين! ڪيڏي عجب جي ڳالھه آھي.“
مون چيو، ”مون کي چھرا ته ڄاتل سڃاتل ٿا لڳن، پر الائي ڇو ھنن جا نالا ذھن تي تري نٿا اچن . . .“
”تون سنڌي ناھين ڇا!“
”مان سنڌي آھيان، يقين ڪر، مان سنڌي آھيان.“
ھن وري پڇيو، ”تون سنڌي آھين پوءِ به ھنن کي نٿو سڃاڻين، تون شايد سنڌ ۾ ڪڏھن به ڪونه رھيو آھين!“
مون چيو، ”مان سنڌ ۾ ئي ڄائو نپنو آھيان، سڄي ڄمار سنڌ جو اَنُ کاڌو اٿم ۽ سنڌوءَ جو پاڻي پيتو اٿم. منھنجو خمير سنڌ جي شيءِ مان جڙيو آھي . . . “
تڏھن ھو بنھه وائڙو ٿي ويو، ”ڇا ٿي ويو آھي اوھان کي! ڪھڙو واءُ وريو آھي اوھان تي! مون کي ھتي آئي ڪو ٿوڙو وقت مس ٿيو آھي، ڇا ايتري ۾ منھنجي قوم، منھنجو ديس ايڏو بدلجي ويو آھي جو کانئن پنھنجا سورما دودو ۽ دريا خان وسري چڪا آھن!“
ھن مون کي ٻانھن کان جھلي ھڪ طرف ڇڪيندي چيو، ”ھيڏانھن اچ ھن کي سڃاڻين ٿو.“ ھن ھڪ جوڌي جوان ڏانھن اشارو ڪيو.
”شايد . . . پر مون کي ھن جو نالو ياد نٿو اچي.“
ھن کان ذڙي گھٽ رڙ نڪري ويئي، ”اوھان ھوشوءَ کي به وساري ڇڏيو!“ منھنجي وھم ۾ به اھو ڪونه ھو ته منھنجي قوم اھڙي ٿي ويندي.“ ڪجھه وقت اڳي ھن جي چھري تي جيڪا لافاني مرڪ ۽ سرھائي پکڙيل ھئي ان جي جوت گھٽجي وئي.
”مون کي سڃاڻين ٿو؟“
”تون!“ مون ذھن تي زور ڏنو، ”ھا، پر . . .“ منھنجو ڪنڌ ھيٺ جھڪي ويو، ھن جي واتان ڪجھه به نه اڪليو، مون کي ڏسندو رھيو. ڳچ مھل کان پوءِ چيائين، ”منھنجو نالو ھيمون آھي.“
مون يڪدم وراڻيو، ”ھيمون!“ ڇو نه، ھيمونءَ جي باري ۾ ته اسين اسڪولن ۽ ڪاليجن جي تاريخ ۾ پڙھندا آھيون، اڪبر مغل بادشاھ سان پاڻيپٽ جي ميدان ۾ جنگ ڪئي ھئي.
ھن کان ٽھڪ نڪري ويو، مان سخت لڄي ٿيس.
”ان جو سنڌ سان ڪھڙو واسطو!“ اوھان کي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌ جي تاريخ ڪانه پڙھائي ويندي آھي ڇا، مان ھيمون ڪالاڻيءَ جو ذڪر ٿو ڪريان جيڪو سنڌي ھو. سامراجي انگريزن کان سنڌ کي آزاد ڪرائڻ جي لاءِ ھن پنھنجن ھڪ جيڏن جوانن سنڌي شاگردن جي آزادي واري تحريڪ ۾ ڪم ڪيو ھو. سکر ۾ ريل جي پٽي اکيڙي ريل ڪيرائڻ جي الزام ۾ انگريزن کيس ڦاسيءَ تي چاڙھيو ھو. ھو خاموش ٿي ويو، پر منھنجي اندر ڪا ستل شيءِ جاڳي پئي ھئي ۽ چئي رھي ھئي: ھي ته اھو سورھيه ھيمون آھي، جنھن کي انگريزن چيو ھو ته ”تون رڳو اسان کان معافي وٺ ۽ واعدو ڪري ته آئيندي آزاديءَ جي ھلچل ۾ حصو نه وٺندي ته تنھنجي نوجوانيءَ تي رحم ڪري توکي آزاد ڪري ڇڏيون. پر ھن جواب ڏنو ته ديس جي خاطر اھڙيون لکين نوجوانيون قربان. جيڪڏھن مونکي آزاد ڪيو ويو ته مان ڪڏھن به گيدي ۽ غدار بڻجي غلامي جون ٻيڙيون پائي نه ويھندس.“ ھو مرڪندي ڦاسيءَ تي چڙھي ويو ۽ ان ھيمونءَ کي اسان وساري ڇڏيو!
شرم وچان منھنجو ڪنڌ ھيٺ جھڪي ويو، ”سنڌ وارن توکي شايد ان ڪري وساري ڇڏيو جو تون ھندو ھئين.“
پر ھن منھنجي ڳالھه تي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو. ھو پنھنجن ئي خيالن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري رھيو ھو. اوچتو ھن پنھنجن مضبوط ھٿن سان منھنجي گلي کي ڇڪي چيو، ”مان پنھنجي سنڌ اوھان جي حوالي ڪري ويو ھئس، منھنجو ديس ڪٿي آھي . . . مون کان پوءِ اوھان به ته ٿڪجي ۽ دڄي سمھي پيا . . . مون کي جواب ڏي . . . جواب ڏي.“ مون وٽ ڪوبه جواب ڪونه ھو. ھن مون کي زور سان ٺيلھو ڏنو، ۽ مان منھن ڀر وڃي ڪريس.
آئينو اڃا تائين منھنجي اڳيان آھي. مان ان ۾ چتائي چتائي پاڻ کي ڏسي رھيو آھيان، الائي ڇو مان اڃا ان ۾ پنھنجو پاڻ کي سڃاڻي نه سگهيو آھيان. ڊڄان پيو ته پاڻ سڃاڻڻ کان اڳ آئينو ٽٽي نه پوي ۽ سپنا ٺري خاڪ نه ٿي وڃن.

آزادي

ھڪ طوطو آزاد ۽ کلي فضائن ۾ اڏامندو ڪنھن گهر تي اچي ويٺو. اوچتو ھن جي نظر اڱڻ ۾ ٽنگيل پڃري ۾ بند ٿيل طوطي تي پيئي. پنھنجي ڀاءُ کي باندي ڏسي ھن کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ويجھو ٿي، ڏک ڀريل آواز ۾ چيائين، ”قدرت اسان کي آزاد رھڻ جي لاءِ خلقيو آھي، پر ھيءُ ڪھڙو نه ظلم آھي، جو مارِي سان جا قدرتي حق کسي اسان کي ائين غلاميءَ جي پڃري ۾ بند ڪري ڇڏيو اٿن.“
غلام طوطي چيو، ”اھي اکر ته مارِي استعمال ڪندا آھن، ۽ ھنن جي غلاميءَ ۾ رھي تون اھي اکر سکي ويو آھين. مون جھڙي آزاد طوطي کي انھن جي ڪابه ضرورت ڪانھي. منھنجي دل ته ھڪ ڀاءُ کي باندي ڏسي ڪڙھي ٿي. مان پنھنجن ڀائرن سان گڏجي ھن پڃري کي ٽوڙي توکي آزاد ڪرائيندس.“
غلام طوطي پڃري ۾ ڀڙڪو کائي رڙ ڪئي، ”بند ڪري پنھنجي اھا بڪواس! مان ھن پڃري جو اٽوٽ، ڪڏھن به ڌار نه ٿيندڙ حصو آھيان. تون آزادي ۽ بغاوت جي نالي ۾ مون جھڙن نمڪ حلال طوطن کي ڀڙڪائڻ ۽ استعمال ڪرڻ چاھين ٿو. ھھڙي سھڻي پڃري کي ٽٽڻ ڪيئن ڏبو . . . ڪيئن ٽٽڻ ڏبو!“
آزاد طوطي کان ھڪ وڏو ٽھڪ نڪري ويو، ھن چيو، ”دوست، آزاديءَ جي زندگيءَ جو ھڪ ڏينھن، غلاميءَ واري حياتي جي سؤ سالن کان وڌيڪ بھتر آھي، ۽ جيڪو آزاديءَ خاطر نٿو ڪسي، سو اسان جي ڪڙم مان ناھي. تون ته نمڪ حلاليءَ جي نالي ۾ پنھنجن آقائن جي اشاري تي ٻولين ۽ نچين ٽپين ٿو. منھنجا ڀاءُ تنھنجو ذھن غلامي ۾ رڱجي چڪو آھي. تون پڃري جي گھُٽ ٻوساٽ ۾ ڪني بوءِ تي اھڙو ھري ويو آھين جو رڳو آزادي جي ڳالھه جو ھلڪو جھوٽو توکي ڪيڏي تڪليف ٿو پھچائي! مبارڪ ھجن توکي اھي پڃري جون سيخون، اسان جي منزل ته آزاد فضائن ۾ آھي.“
غلام طوطي بيزار ٿي چيو، ”چڱو چڱو، گھُٽ ٻوساٽ ۽ ڪني بوءِ ھن سھڻي پڃري جو پنھنجو مسئلو آھي، تنھنجو ان سان ڪوبه تعلق ڪونھي. وڏو آيو آھي آزاديءَ ڏيارڻ، سواءِ بڪواس ڪرڻ ۽ ھيڏانھن ھوڏانھن رلڻ جي ٻيو اوھان ڇا ٿا ڪريو! اوھان جاھل آھيو، نمڪا آھيو، ڪاھيل آھيو، ڪم چور آھيو، ھليو وڃ ھتان، ھون.“پوءِ ھو اکيون ٻوٽي، ڪنڌ لاري جھوٽا کائڻ لڳو. آزاد طوطي جي اکين مان لڙڪ ڪري پيا، ۽ پوءِ ھو آزاد فضائن ۾ اڏامي ويو.

اسين ڪير آهيون

حيدرآباد ۾ مهاجر دهشت گردن کي جڏهن به سنڌين جو قتلام ڪرڻو هوندو آهي ته پهرين ان جي ريهرسل ڪندا آهن. شروع شروع ۾ سنڌي ڳوٺاڻن جي بيعزتي ۽ مارڪٽ ڪئي ويندي آهي. ان کان سواءِ اسڪولن ۾ پڙهندڙ سنڌي ٻارن کي هيسائڻ جو ڪارروايون ٿينديون آهن.
اها ريهرسل ڪجهه ڏينهن کان هلندڙ هئي. ٽي چار دهشت گرد ڪليشنڪوف کڻي هڪ نامياري اسڪول جي اندر گهڙي ويا. ان اسڪول ۾ شهر جي امير ۽ شاهوڪار ماڻهن جا ٻار پڙهندا آهن. دهشت گرد هڪ ڪلاس ۾ داخل ٿيا. ان وقت سندن هم زبان ٽيچر ڪلاس وٺي رهي هئي. دهشت گردن هن کي ٻاهر نڪري وڃڻ جو اشارو ڪيو.
هوءَ ٻارن کي دهشت گردن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ٻاهر هلي وئي.
”هتي جيڪي سنڌي آهن سي اٿي بيهن!“ اڳواڻ دهشتگ گرد حڪم ڪيو.
ڪلاس ۾ ڪل ٽيهه ٻار هئا جن جي عمر لڳ ڀڳ ڇهه ست سال هئي.
”جيڪڏهن ڪنهن ڪوڙ ڳالهايو ته ان کي گولي هڻنداسين....“ ٻئي دهشت گرد دڙڪو ڏنو.
ڏهه ٻار ڏڪندا اٿي بيٺا. انهن جي اکين ۾ پهريون ڀيرو موت جا خوفناڪ پاڇا لهي آيا هئا.
”سڀ هيڏانهن ڪنڊ ۾ قطار ۾ ٿي بيهو.!
هيسيل ڊنل ٻار هڪ ڪنڊ ۾ ٿي بيٺا.
ٻه دهشت گرد انهن ٻارن کي چماٽون هڻندا سندن واچون پينون ۽ کيسن ۾ پيل خرچي کسيندا ويا.
”اڃا ڪو رهي ٿو؟“در تي بيٺل دهشت گرد پنهنجي هم زبان ٻارن ڏانهن نهاري چيو.”ڪنهن ڪوڙ ته نه ڳالهايو آهي؟“
هڪڙي ٻار ٻئي ٻار ڏانهن اشارو ڪيو.
”اٿي بيهه!“ دهشت گرد رڙ ڪئي.
ٻار ڊڄي اٿي بيهي رهيو.
”ڪير آهين تون؟“ دڙڪو.
”مان سيد آهيان.“
”مهاجر سيد يا سنڌي سيد؟“ ٻيهر دڙڪو.
ٻار منجهي پيو. ٿورو سوچي چيائين، ”الاجي!‘
” گهر ۾ ڪهڙي زبان ڳالهائيندا آهيو؟“ دهشت گرد هاڻي ڪجهه نرميءَ سان پڇيو.
”انگلش ۽ اردو.“ ٻار وراڻيو.
دهشت گرد مشڪيا.
”پوءِ هي سنڌي ڪيئن ٿيو؟“
هڪڙي دهشت گرد ٻئي چيو.
”هون!“ اڳواڻ دهشت گرد ڪجهه سوچيو. مسئلي کي سلجهائڻ ضروري هو. پوءِ هن کي هڪڙي اٽڪل سمجهه ۾ آئي.“ تنهنجو پيءُ ڇا ڪندو آهي؟“
”زميندار آهي.“
”هون!“ دهشت گردن معني خيز انداز ۾ هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو.
”ڪٿي زمينون آهن پڻهين جون؟“
”سڪرنڊ ۾....“ اوچتو هڪ چماٽ ٺڪاءُ ٿي وئي ٻار جي ڳل تي. هو ڊيسڪ تي وڃي ڪريو.
”اسان کي ٿو بيوقوف بنائي هيڏو آڱوٺي جيڏو ڇورو!“ دهشت گرد ٽوڪ وچان چيو.
”کڻو هن سنڌي ماڙو جي پونگي کي....“ اڳواڻ دهشت گرد حڪم ڏنو.
دهشت گرد سرڻين وانگر ٻار کي کنڀي کڻي ٻاهر ويا. اسڪول جي ڪاريڊور ۾ سڃ لڳي پئي هئي. شاگرد ۽ ماسترياڻيون ڪلاسن ۽ ڪامن روم ۾ ساهه سڪايو ويٺا هئا.
دهشت گردن ٻار کي کڻي آڻي ٻاهر بيٺل جيپ ۾ ڦٽو ڪيو. جيپ تيز اسپيڊ سان هلي وئي. دهشت گرد ٻار کي چنبا ۽ بجا هڻندا ۽ گاريون ڏيندا رهيا.
”پنجابي سالا اردو پڙهي لکي اسان جا حق کسي ويا. ۽ هاڻي سنڌين اها حرامپائي شروع ڪئي آهي،“ اڳواڻ دهشت گرد ٻين کي ان وڏي سازش کان واقف ڪيو.
”هون!“..... ٻين دهشت گردن خطرناڪ هونگار سان ٻار ڏانهن گهوري ڏٺو. هنن کي ٻار ان سازش جو حصو لڳو.
”هن جو پيءُ سيد آهي ۽ وڏو زميندار آهي. پڪ سان سوئر پاٿاريدار به هوندو ۽ ماڻهن کي اغوا ڪرائي پيسا وٺندو هوندو.!“
” اڄ سندس پٽ اغوا ٿيو آهي. ڀلي سوئر جي ٻچي کي خبر پئي...“ دهشت گرد ٽهڪ ڏيڻ لڳا.
”پوءِ ڪيئين ماسٽر؟ کڻي هلون هن کي ٽارچر سيل ۾....“ جيپ هلائيندڙ دهشت گرد پڇيو.
” ڇورو ٽارچر سيل جي دٻ ڪونه جهليندو. مري پوندو.“ ٻئي ڪجهه الڪو ڏيکاريو.
” پر اڃا مرڪز کان گرين سگنل نه مليو آهي. اڃا فقط مارڪٽ ڪرڻ جا آرڊر آهن،“ اڳواڻ دهشت گرد چيو.
”ٺيڪ آهي ته پوءِ هن کي ڪٿي رش ۾ ڦٽو ڪري هليا وينداسين.“ هنن فيصلو ڪيو.
جيپ هوم اسٽيڊ هال واري چاڙهي چڙهي مٿي آئي. هڪڙو دهشتگرد ڪليشنڪوف سميت پڪي قلعي جي در وٽ لهي ويو. جيپ ورن وڪڙن واري قلعي جي رستن تان هلندي هيٺ آئي ۽ فقير جي پڙ ڏانهن ويندڙ چوواٽي تي رش ۾ اچي بيهي رهي. هڪ دهشت گرد ٻار کي جيپ مان هيٺ لاٿو ۽ جيپ ڦليلي ڏانهن ويندڙ رستي تي هلي وئي.
ٻار ڊپ وچان ڏڪي رهيو هو. سندس نڙي سڪي وئي هئي. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڪٿي هو. هن کي همت نه پئي ٿي ڪنهن کان ڪجهه پڇڻ لاءِ. ٻار سٽي ڪاليج جي اڳيان ٺهيل دڪانن جي فٽ پاٿ تي ويهي رهيو.
ان عرصي ۾ اسڪول جي پرنسپل پوليس کي ۽ ٻار جي مائٽن کي اطلاع ڪري چڪي هئي. پوليس جون موبائيل ٽيمون ۽ ٻار جي پيءُ شاهه صاحب جي پجيرو جيپ ڳولا ۾ نڪري پيون هيون. شهر کان ٻاهر ويندڙ رستن تي ٺهيل پوليس چوڪين تي سخت چيڪنگ جي مسخري شروع ٿي وئي هئي.
پوليس جي هڪڙي گاڏي ڊومڻ واهه، نشاط سئنيما کان ٿيندي فقير جي پڙ طرف آئي. اي. ايس- آئي جي نظر اوچتو فٽ پاٿ تي ويٺل ٻار تي پئي. ٻار سنڌي ٿي لڳو ۽ ڪنهن وڏي گهراڻي جو هو. هن ڊرائيور کي گاڏي روڪڻ لاءِ چيو.
اي ايس آئي لهي هيٺ آيو ۽ ٻار وٽ ويو.
”ڪير آهين تون؟“ هن پڇيو. ٻار ڊڄي اٿي بيهي رهيو. هو ڊپ وچان ڪو جواب نه ڏئي سگهيو.
”بابا، تون ڪير آهين؟ ڪنهن جو پٽ آهين؟ ڪٿي رهندو آهين؟“
”ڊفينس سوسائٽي ۾”ٻار ڏڪندي ڏڪندي آخري سوال جو جواب ڏنو.
اي ايس آئي کي پڪ ٿي وئي ته هي سيدن جو ٻار هو.“ سيد احمد علي شاهه جو پٽ آهين؟،
”ها،“ ٻار وراڻيو.
اي ايس آءِ جون واڇون ٽڙي ويون.
”زور آور! پهرين ڇو ڪونه ٿي ٻڌايئي ته ڪير آهين. چڱو ويهه گاڏيءَ ۾. شاهه صاحب پاڻ ٿاڻي تي ويٺو آهي....“
هن ٻار کي وٺي پاڻ سان گڏ اڳيان ويهاريو ۽ وائرليس تي ٻار جو ملڻ جو پيغام ڏنو.
گاڏي ٿاڻي تي پهتي ته شاهه صاحب اڳي ئي ٻاهر بيٺو هو. هو ٻار کي ڀاڪرن مان ئي نه پيو ڪڍي. ٻار صفا وائڙو ۽ منجهيل هو. هن هڪڙو اکر به نه ڳالهايو.
شاهه صاحب اي- ايس- آئي جون لک لک مهربانيون مڃڻ لڳو.
”سائين، اسين ته پنهنجي وسان نٿا گهٽايون. جان جوکن ۾ وجهي به اوهان جي خدمت ٿا ڪريون. پوءِ به ماڻهو چون ٿا ته پوليس نااهل آهي. ڪرائيم تي ڪنٽرول نٿي ڪري.“
”نه نه، اڄوڪو ڪارنامو ته سڀني ڳالهين جو جواب آهي،“ شاهه صاحب چيو.
بيان لکائڻ لاءِ ٻار کي انسپيڪٽر جي ڪمري ۾ اندر نيو ويو.
”شاهه صاحب تي پنهنجو ٿورو ٿي ويو. خبر اٿئي؟ ”ايس- ايس- آئي پويان ويندي جمعدار کي اک هنئي.“ شاهه صاحب جلدي وزير ٿيڻ وارو آهي.“
قانوني ڪارروائي پوري ٿيڻ کان پوءِ شاهه صاحب ٻار کي وٺي بنگلي تي پهتو. ٻار جي ماءُ. ڀيڻيون! پڦيون روئنديون آيون ۽ واري واري سان ٻار کي ڇاتيءَ لاٿائون.
ٻار چپ چاپ سڀني کي ڏسندو رهيو. پوءِ سڄو لڏو ڊرائنگ هال ۾ اچي ويٺو. هو ٻار کان مختلف سوال پڇڻ لڳا ۽ ٻار ها نه “ جواب ڏيندو رهيو. جهڙوڪر هو اڃا تائين ٿاڻي ۾ ويٺو هو.
”ويچارو ٿڪل آهي، سڄي ڏينهن جي بک اٿس. ماني ته ڏيوس، ڪين مٿي کائڻ ويهي رهيون آهيو سڀ،”شاهه صاحب سڀني کي ڏڙهي ڏني. ٻار ملڻ جي خوشيءَ ۾ گهر وارن کان اها ڳالهه ئي وسري وئي هئي ته ڪو ٻار بکيو آهي.
”نه مون کي ماني نٿي وڻي،“
ٻار پهريون ڀيرو ڳالهايو. پوءِ اوچتو هو اٿي بيٺو. هن پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ ڏانهن منهن ڪري پڇيو: ”اسين ڪير آهيون؟“
گهر وارن حيرت مان هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو.
”اسين سيد آهيون، بابا!“ شاهه صاحب هن کي ٻڌايو.
”هن کي اها به خبر ڪانهي ته اسين سيد آهيون!“ ٻار جي ماءُ کي سڄي ڏينهن جي ذهني عذاب ڀوڳڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو پنهنجي پٽ جي سادگيءَ تي کل آئي.
”نه، اوهين سڀ ڪوڙ ٿا ڳالهايو. اسين سنڌي آهيون...“ ٻار رڙيون ڪري چوڻ لڳو.” اسين سنڌي آهيون، تڏهن ته هنن مون کي ماريو....“ هو ڊوڙندو پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو.

ڦيرو

وڏيري جي واڇن مان گڦ پئي ڳڙي، زبان تي گارين جو ڌوڙيو هئس.
”هن ڪميڻي، ڪٿي جي ڦر ڏني جي ايڏي مجال ٿي، جو منهنجي ڌراڙ کي گاريون ڏيئي، منهنجون مينهون ڍوڙائي ڪڍيائين!اڙي علو،هن کي هڪدم گيري وٺي اچ مون وٽ،“ وڏيري واهيءَ کي هڪل ڪوي چيو.هارين ۽ واهين جو رت ڄڻ ته ڄمي ويو.ڊپ ۾ وڏيري کي ائين ڏسڻ لڳا، جيئن ٻلي ڪتي کي.
”الاهي پناهه!اڄ ويچاري ڏني جو خير ڪونهي.“ پوڙهي ولو آهستي ڀُڻ ڀُڻ ڪئي.
”چاچا آهي ڇا؟ اڄ ته وڏيرو ڇتو ٿي پيو آهي!“ پاسي ۾ ويٺل هڪ نوجوان سرٻاٽ ڪندي پڇيو.
”ابا، وڏيري وارو جيڪو ڌراڙ آهي، سو آهي وڏيري جو ويجهو مائٽ، ان ڪري وڏيرو به ان کي اکين جو تارو ڪري سمجهندو آهي. اڄ ڏني جي پوک ۾ وڃي مينهون پيون، ويچاري جو الاهي نقصان ٿيو. هن ڌراڙ کي چيو ته مينهون پوک مان ڪڍ، تنهن تان ايتري سڀ ٻري آهي!“
”چاچا، اهو ته ظلم آهي! جي وڏيري جو مال ٿو ڀيلاڙ ڪري ته ويل، جي ٿا هڪليون ته به ويل! هاڻي وڃون سو وڃون ڪيڏانهن؟“ نوجوان جواب ڏنو.
”بس ابا، مٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ!“ پوڙهي ٿڌو ساهه ڀري چيو.
”هي علو ڪيڏانهن گم ٿي ويو، بدو وڃي ڏس، پڻس ڏني وٽ وڃي ويهي رهيو ڇا؟“ وڏيري ان نوجوان کي هڪل ڪري چيو. بدو ڌڪار وچان منهن ڦٽائي اٿيو.
ڏنو پريان ڏڪندو ڏڪندو آيو. اکيون ڪاٺوڙا، چپ سُڪل، ڊپ ۾ منهن رنگ ڇڏي ويو هئس. وڏيري هن کي ڏسندي ئي بُجن ۽ گارين جو ڌوڙيو لائي ڏنو:
”اڙي سوئر جا ڦر، تو منهنجي ڌراڙ کي گاريون ڏيئي، مينهون پوڙائي ڪڍيون. جيئن نٿو ڪڇان ته مٿي تي چڙهي ويا آهيو.....“
؟سائين س{و سال محنت ڪريون، اها هڪ پل ۾ برباد ٿيو وڃي..........“ڏني ڪوشش ڪري ٻه ٽي لفظ نڙيءَ مان ڪڍيا.
”ڪميڻا، ٻني ڪا پڻهين جي آهي ڇا؟“ وڏيرو تپي باهه ٿي ويو. هو ڪرسي تان اٿي بيهي رهيو، ”اڙي علو، وارو ڪر، وٺينس ڀيڻسان کي...... ڀيڻيان ٻڌين ڪونه ٿو، اڙي سگهو ٿي، ڪين ڪريان تو کي به سڌو!“ وڏيري جو دڙڪو ٻڌي هو اڳتي وڌيو، هن ڏني ڏانهن نهاريو، هن جون نماڻيون، ڊنل اکيون ڏسي هو پهاڙ وانگر هڪ هنڌ ڄمي ويو.
”بدو، اڙي او بدو! اڙي تون اچي مزو ڏيکار!“ بدو هن کي تيز تيز نظرن سان گهوري ڏٺو. ڏني جي مڙده دل ۾ ساهه پئجي ويو، هن زبان ڦيري چپن کي آلو ڪيو. وڏيري بيوس ٿي ماڻهن ڏانهن نهاريو، هو تيز نظرن جو تاب جهلي نه سگهيو. هن ڏني کي ڏٺو، هن کي محسوس ٿيو ته ڏني ۾ هڪ ڦيرو اچي چڪو هو، سڀني هارين ۾ ڦيرو اچي چڪو هو. هو پٺيان هٽيو، ۽ هارايل جواري وانگر پاڻ کي ڪرسي تي کڻي ڇڏيائين.

رت جو ريج

”ڍڳن ڪم ڪرڻ کان ناڪار ڪئي آهي.صفا پڙ ڪڍي بيهي رهيا آهن.“ اها خبر سڄي ڳوٺ ۾ وڄ وانگر پکڙجي ويئي. جتي به - عاروءَ جي هٽ ۾، ڳوٺ واري پڙ ۾، جهر جهنگ ۾- ٻه ڄڻا پاڻ ۾ گڏيا ٿي ته اها ئي مقال هئي. جڏهن ڪا خاص ڳالهه ٿيندي هئي ته سڀ ڳوٺاڻا مڙي سڙي اچي عاروءَ جي سوڙهي هٽ ۾ گڏ ٿيندا هئا. اڄ ته عاروءَ جي رڙ مٿي رڙ هئي: ”ٻيلي مون مسڪين جو هٽ ٿا ڀڃو....“ پر ڪنهن به هن جي رڙين تي ڌيان ڪونه ٿي ڏنو. سڀني جي وات ۾ رڳو ڍڳن جي ئي مقال هئي.
خيري کي ڍڳن تي ڏاڍي ڪاوڙ هئي. انهن کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو هو. چي: ”هنن بيوقوف ڍورن جو دماغ اچي خراب ٿيو آهي. چون ٿا ته اسان کي به اوهان جهڙو ساهه آهي، گهڻو وقت ظلم سٺاسين، هون....“
”پر ير، هنن اهڙيون ڳالهيون سکيون ڪٿان آهن؟“ چاچي مٽر کي ان ڳالهه تي ڏاڍو عجب هو، هر هر اها ڳالهه ٿي ڪيائين.
”چاچا، سڄي دنيا سجاڳ ٿي ويئي آهي. ڪتا به ماڻهن سان گڏ کائن پيئن ۽ گڏ رهن ٿا. هي ته پوءِ به وڏي ڪم وارا جانور آهن،“ هڪ نوجوان وراڻيو.
”تون چپ رهه!“ولوءَ هن کي ڇڙٻ ڏيئي چيو. ”اوهان ڇورن ئي هنن کي کاريو آهي. اهڙيون اهڙيون اجايون ڳالهيون ڪري هنن بيوقوف ڍورن جي مٿي ۾ الائي ڪهڙو واءُ ڀري ڇڏيو اٿؤ.“
”مون وارو ڪانورو ڍڳو ٿو مون کي چئي،‘ ته سائين اسين پنهنجو رت ولوڙي اوهان جي لاءِ روزي پيدا ڪريون، ۽ اسان کي سڪل گاه به موچڙن کائڻ کان پوءِ ملي....“
”ٻيلي وڏا سچ چئي ويا آهن قيامت ويجهي آهي. ڀلا هنن بيوقوفن کي ڪير سمجهائي ته خدا پاڪ جلشانہ هر شيءِ کي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي پيدا ڪيو آهي. ائين ته دنيا جو ڪاروبار هلي پيو.“
” ته چاچا اها ڳالهه به خدا هنن جي دماغ ۾ پيدا ڪئي آهي، ته هاڻي اوهان به سجاڳ ٿيو. خدا ئي ته هنن کي اهو عقل ڏنو آهي،ٻيو ڪنهن کي طاقت آهي،“ ساڳئي نوجوان وري چيو.
”ماٺ ڪر ڇورا، ڪفر ٿو بڪين!“ هڪڙي پوڙهي چيو. گهڙي کن لاءِ ماٺ ٿي ويئي.
”آخر هنن ڍڳن کي ڪهڙي سيکت ڏجي، موچڙا ته روز ٿا کائن!“ هڪڙي ڄڻي پڇيو.
”ٻيلي منهنجون ٻانهون ته اڃا تائين ساڻيون آهن: ڪلهه ڍڳن کي جيڪا مار ڏني هئيسين تنهن ته مرڳو هڻي اسان کي بيمار ڪري وڌو آهي،“ خيري ڪنجهندي چيو.
”مون سان پاڻ اهو حال آهي. ڪلهه سڀني کي پڪ ٿي ويئي ته موچڙن سان هو ڪڏهن ڪونه سڌرندا. ٻيو ڪو علاج ڳوليون.“
”ڏهه پندرهن ڄڻا گڏجي هنن کي سمجهائڻ ويا آهن، ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي.“
پر سڀني جو اهو خيال هو ته ڪلهه ايتري مار سان به ڪونه مڃيائون، سو سمجهائڻ سان ڪٿي سمجهندا. سڀني کي ڏاڍا خار هئا. ڪنهن دڙڪا پئي ڏنا، ته ڪنهن گاريون پئي ڏنيون، ۽ ڪنهن کي وري ڊپ پئي ٿيو. ”ڍڳن ڪيترن ڏينهن کان گوهي هنئي آهي، پوک ڪانه ٿيندي، وڏيرو لاه ڪڍي ڇڏيندو.“
”سلام ماليڪم “ ٻاهران ايندڙ هڪ همراهن سهڪندي سلام ڪيو. ماناري ۾ ڄڻ ته ڪنهن جو هٿ لڳي ويو هو ۽ مکين جي ڀڻ ڀڻ تيز ٿي ويئي.
”پيرل، ڪر خبر؟“ هڪڙي همراه تڪڙ مان پڇيو.
”خبرون ڪهڙيون! سهي جون ٽنگون ٽي، اصل پوري ڳالهه ئي نٿا ٻڌن. چون ٿا ته اوهان اسان کي گهڻا ڏينهن ڀنڀلايو ۽ ٺڳيو آهي. هاڻي اسان کي به ڄاڻ پئي آهي ته اوهان اسان کي ڦري لٽي عيش ٿا ڪريو. هر ڪاهي ڪاهي، ٻنيون کيڙي، ان ڳاهي ڳاهي، ڪلها گسائي مريو وڃون. هون!“ پيرل ڍڳن کي گار ڏني.
”مٽر واري مرگهيل ڳاڙهي ڍڳي جي ڳالهه ٻڌي هيئي؟ چي: ’اسين ته جيئري مئا پيا آهيون، اسان جو موت ماڪوڙي جي موت جي برابر آهي، ان ڪري ڇو نه پنهنجو بيڪار رت ڏيئي پوين کي سکي ڪريون،“ عارب چيو.
”ها يار! اهو مرگهيل ڳاڙهو وڏو شرارتي آهي. حال ڏسينس ٿو: مٽر جي مار ماس ته ڳاري ڇڏيو اٿس، باقي ٺلهو ڇوڙهو وڃي رهيو آهي، تڏهن به ڪا لچائي ڇڏي ٿو،“ ولوءَ خار کائيندي چيو.
”سو ته ٺهيو. وٺو ان ڳالهه کي ته هاڻي ڪجي ڇا؟“
”ڪبو وري ڇا! آئون ڍڳن جي وڏن کي دڙڪو ڏيئي آيو آهيان ته پنهنجن ڇورن کي سمجهايو، اسين پوءِ به پنهنجا آهيون، ماري ڇانو ۾ رکنداسين، پر جيڪڏهن وڏيري کي خبر پئي ته ڄاڻ ڳجهن جي لاءِ مڪو متو،“ پيرل ٻڌايو.
”وڏيرو!“ خيري کان ذري گهٽ رڙ نڪري ويئي، ”وڏيرو ته اڳئي اهڙي موقعي جي تاڙ ۾ آهي ته ڪو وجهه وٺي اسان سڀني کي پنهنجي موروثي ٻنين تان بيدخل ڪري، پنهنجن کي نوازي. حال اڳئي ڏسو پيا ته روز روز اسان جون ٻنيون وڏيري جي ٻاهران آيل ڇاڙتن ۽ خوشامدڙين جي قبضي ۾ اينديون پيون وڃن. ٻني ٿئي يا نه ٿئي، پر وڏيري کي پنهنجو حصو ضرور کپي. اهو اسان کي ڪيئن به پني سني ڏيڻو آهي.“
”سچ ٿو چئين! هاڻي ته اچي ٻن باهين جي وچ ۾ ڦاٿا آهيون، جي ڍڳن کي ٿا مڃون ۽ ڇوٽ ڇڏيون ته سمورو ڪم اسان کي ڪرڻو پوندو، جي وڏيري کان مدد ٿا گهرون ته مرڳو ٻنين تان هٿ ٿو کڻڻو پوي. ڪجي سو ڪجي ڪيئن!“
”وڏيري جي حڪم تي ڍڳن تي اڳئي ڪي ٿورا ظلم ڪونه ڪيا اٿئون. ان ڳالهه ته ڍڳن کي هيڪاري بر ڪري ڇڏيو آهي.“
”پوءِ چاچا، ٻنين ڦرائڻ کان بهتر ائين نه ٿيندو ته ڍڳن سان ٺاهه ڪريون. ڍڳن هميشہ اسان تان سر ڏنا آهن. پر اسين آهيون جيڪي پاڻ ته ظلم ڪريون پر ڌارين کان به مارايون. اهو ته پنهنجي پيرن تي پاڻهي ڪهاڙو ٿا هڻون،“ نوجوان چيو.
”نه نه ! ائين نه ٿيو آهي، نه ٿيندو. هنن بيوقوف ڍورن هٿان پاڻ کي هيسايون؟ ائين وري ڪيئن ٿيندو. پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڪونه لڄائينداسون. هنن ڍورن کي سبق سيکاريون. پوءِ جيئن خدا کي منظور هوندو،“ پوڙهي سختيءَ سان چيو.
”پوءِ ڀلي کڻي اسان جا بازو ڪٽجي وڃن، اسان جي ٻنين تي ڌاريا قبضو ڪري اسان کي دربدر ڪن.“
”چڱو چڱو،گهڻي بڪ نه ڪر،“ پوڙهي ڪاوڙجي چيو.
”اجائي بڪ نه ڪريو،“ هڪڙي هڏن جي پڃري، پوڙهي ڪمزور ڍڳي ڪاوڙجي چيو.” ڇو اچي کريا آهيو، پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏسو، ڪنهن به ائين ڪونه ڪيو، پنهنجن ڌڻين سان ٿا منهن ڏيو. توبه، توبه، ابا خدا شل ڪا ساڃنهن ڏئي اوهان جواڻن کي.“
”هائو چاچا، اهو سڀ ٺيڪ، پر تو ڪڏهن پنهنجي حياتي بابت سوچڻ جي تڪليف ورتي آهي. نه، ڇو ته اسان جي عقل تي، اکين تي،کوپا چاڙهيا ويا آهن، جيئن اسان کي ڪجهه به نظر نه اچي ۽ چاڪيءَ جو چڪر هلندو رهي. اسان جون اکيون بند آهن ته اسان جو جسم به باند آهي. تو ڪڏهن سوچيو آهي، توکي ڪڏهن اهو احساس ٿيو آهي ته اسان کي ڪهڙي طرح ڌوڪو ڏنو وڃي ٿو، ڪيئن لٽيو وڃي ٿو، اسان جو رت ڪهڙي طرح چوسيو وڃي ٿو. اسان کي سوچڻ کپي. چاچا، اسان کي سوچڻ کپي،“ هڪڙي نوجوان ڍڳي جوش مان چيو.
”اسان جي ڳچين ۾ صدين کان غلامي جو ڳٽ پهريل آهي. ان ڪري ٿوري ٿوري ڳالهه تي به اوهان کان ڇرڪ نڪريو وڃي. ان خوف ته اسان کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. ظالم اسان جي خوف مان فائدو وٺي، اسان تي اڃا به وڌيڪ ظلم ڪندا رهن ٿا. صديون گذري ويون، پر اهو ئي چاڪيءَ جو چڪر، اهوئي هر، اها سٽ سٽ جي راند، پوءِ هاڻي اسان ڪجهه سجاڳ ٿيا آهيون ته اوهان وڏن کي ڏڪڻي وٺي ويئي آهي. اسان سور سهون پيا، موچڙا ته کائون پيا، پر ان ۾ خوش آهيون ته اسان جون زندگيون ڪني پاڻيءَ جي دٻي وانگر ماٺيڻيون ۽ خاموش آهن،“ ڪانوري ڍڳي چيو.
مرگهيل ڳاڙهي ڍڳي، جنهن چپ چاپ نظرون هيٺ کپائي نوجوان ڍڳن جون جوش ڀريون ڳالهيون پئي ٻڌيون، ٻين ڏانهن مهڙ ڪري چيو: ” ڀائرو، ان ۾ اسان جي وڏن جو ڪو ڏوه ڪونهي، اصل ۾ هنن کي بهتري جي ڪا اميد ڪانه هوندي آهي، ان ڪري هنن کي يقين هوندو آهي ته هر ڦيرو سندن مشڪلات ۾ واڌارو ڪندو.“
”پر چاچا، موت ئي موت تي فتح حاصل ڪندو. پوين کي سکي رکڻ لاءِ، وري جيئري ٿيڻ جي لاءِ، اسان مان هزارن کي مرڻو پوندو.“
”پر ابا، مالڪ دڙڪو ڏيئي ويا آهن ته اسان وڏيري کان مدد وٺي اهڙي سيکت ڏينداسين جو اوهان جا پويان به ياد ڪندا،“ پوڙهي ڍڳي ڊپ وچان چيو.
”هميشہ ائين ٿيندو رهيو آهي. پر اسان جا ڌڻي اهو نٿا سمجهن ته ائين هو پنهنجن پيرن تي پاڻ ئي ڪهاڙو ٿا هڻن. چاچا، اوهان به وقت ڏٺو آهي. جڏهن به اسان جي مالڪن پنهنجن کي هيسائڻ ۽ ظلم ڪرڻ لاءِ ڌارين کان ڪا مدد گهري ته پنهنجو تڏو به وڃائي ويهي رهيا.“
”اسان جا مالڪ پاڻ ته اونڌاهي ۾ آهن پر گهرن ٿا ته ٻيا به اونڌاهي ۾ رهن. عقل جي روشني ته ڏينهون ڏينهن وڃي پکڙبي، پوءِ جيڪو ان روشني جي سامهون هٿ ڏيندو اهو پاڻ اونڌاهي ۾ رهندو،“ مرگهيل ڳاڙهي چيو.
”اسين ته پنهنجو وقت کائي آياسين. جيڪڏهن اوهان حق تي آهيو ته خدا اوهان جي مدد ڪندو،“ پوڙهي ڍڳي لاچار ٿي چيو.
هارين جي رهيل سهيل اميد به ختم ٿي ويئي. نيٺ هنن فيصلو ڪيو ته وڏيري کان مدد گهرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه حيلو ڪونهي.
هو ڊڄندا ڊڄندا، ڏڪندا ڏڪندا، وڏيري جي عاليشان اوطاق ۾ گهڙيا. وڏيرو ڦوڪيو ڀريو هڪ وڏي ڪرسيءَ تي ليٽيو پيو هو. هن جي چوڌاري خوشامدڙيا ميڙ ڪري ويٺا هئا، ننهن کان چوٽيءَ تائين وڏيري تان ذري گهٽ قربان پئي ٿيا. هارين تي نظر پوندي ئي هنن جون اکيون بگهڙ جي اکين کان به تيز چمڪي اٿيون.
”سائين، سلام ماليڪم. وڏيري صاحب جو، سندس آل اقبال جو خير هجي،“ سڀني ٻاهران ايندڙن گڏجي وڏي نياز ۽ نوڙت سان چيو.
”هون؟“ وڏيري ڪاري نانگ واري ڦوڪ ڏني.
”ڪهڙي ڪم سان آيا آهيو؟“ هن رعب سان پڇيو.
”سائين، اسان جي ڍڳن اسان سان کلي کلائي بغاوت ڪئي آهي. هنن ڪم ڪرڻ ۽ اسان جي حڪم مڃڻ کان صفا ناڪار ڪئي آهي. اسان هنن کي سائين جن جو به ڊپ ڏنو، پر هو ضد تان لهن نٿا،“ پيرل ادب جا هٿ ٻڌي عرض ڪيو.
”هون؟ هنن بيوقوف جانورن جي خالي مغز ۾ اها هوا ڪنهن ڀري آهي، ۽ اوهان جانورن کي به نٿا سمجهائي سگهو، بس ذري ذري تي ڀڳا بيٺا آهيو اسان وٽ. اسان اڳئي چيو هو ته هاڻي اوهان به پنهنجن ڍڳن وانگر نڪما ۽ نااهل ٿي چڪا آهيو. اوهان ۾ ڪو به افعال ڪونهي. اوهان کان محنت پڄي ڪا نه ٿي، ۽ اصل جاهل آهيو. اوهان کي نون طريقن سان پوک ڪرڻ نٿي اچي. انهن ٻنين مان اسان کي ڇا ٿو حاصل ٿئي! ان ڪري اسان اڳئي ٿي چيو ته هاڻي اهي ٻنيون ٻاهران آيل محنتي ۽ هوشيار ماڻهن کي ڪرڻ گهرجن. اوهان ته هڻي ٻنين جو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي.“
”پر سائين، ورهين کان وٺي اسان جا ابا ڏاڏا اهي ٻنيون آباد ڪندا آيا آهن. نوان طريقا اسان به سکي سگهون ٿا.“
”بس بس، گهڻي بڪ نه ڪر. پنهنجين زبانن کي هميشہ بند رکو.“ هن ڳالهه ڪٽيندي چيو.”هنن بيوقوف جانورن جو دماغ به اوهان خراب ڪيو آهي. هنن سان گڏ اوهان کي به اهڙي سيکت ڏيڻ گهرجي جو سڄي عمر ياد رکو.“ هن پنهنجن ڇاڙتن کي اشارو ڪيو جيڪي اڳئي ڏاٺون تيز ڪري ويٺا هئا. رڳو گرهه وجهي چٻاڙ ڏيڻ جي دير هئي. ڳوٺاڻن بيوس ٿي هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو. هنن جي هٿان مان ڄڻ ته ڪا شيءِ ڪري پئي. هو ائين قدم کڻڻ لڳا ڄڻ ته قتل ٿيڻ وڃي رهيا هئا.
”تيز هلو، پيرن ۾ ٻيڙيون اٿو ڇا؟“هنن کي رڍن وانگر زور زور سان پٺيان ڌڪيو ويو.
جوان ڍڳا ڍڳيون، نوجوان وهڙا وهڙيون، پري پري کان ڪهي پنهنجن کيتن کي بچائڻ لاءِ اچي ڪٺا ٿيا هئا. ڪنهن وڏي عمر واري ڍڳي گذريل وقت جا سور پئي رنا، ته ڪنهن نوجوان ڍڳي مستقبل جا شاندار خواب پئي ڏٺا، ته ڪنهن پڪي پختي ڍڳي سڀني ۾ جوش پئي ڦوڪيو.مرگهيل ڳاڙهو ڍڳو سڀني جي اڳيان اڳيان هو. هو زور زور سان چئي رهيو هو: ” اسان کي هميشہ عقل کان ڪورا ۽ ذهني غلام سمجهيو ويو آهي، اسان کي اونداهي ۾ رکيو ويو آهي. پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجن دشمنن، پنهنجن آقائن تي، اهو ثابت ڪريون ته عقل ۽ ڄاڻ جي روشني کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. اسان حق ۽ سچائي کي پرکي ۽ پروڙي ورتو آهي.... ساٿيو، اوهان کي خبر آهي ته اوهان جي ڪهڙي قيمت آهي. ان قيمت کي نه مڃو، جيڪا اوهان جي رت چوسيندڙن اوهان جي مقرر ڪئي آهي. اوهان کي خود پنهنجي قيمت لڳائڻ گهرجي- اصلي قيمت ته اوهان جي اندر آهي....“
سڀني ڍڳن ۾ زبردست جوش ۽ ولولوڀريل هو. هو سر تان آهو لاهي آيا هئا. هو صدين کان پوءِ سجاڳ ٿيا هئا، ۽ چاڪيءَ جي چڪر کي ڊاهڻ لاءِ، سر جي قرباني ڏيڻ لاءِ، ڌارين کان کيتن کي بچائڻ لاءِ اچي ڪٺا ٿيا هئا.
دشمن پريان ڌوڪيندو اچي رهيو هو. دشمن کي ڏسي جوش وچان ڍڳن جو وار وار اُڀو ٿي ويو. ڳاڙهي ڍڳي هڪل ڪري چيو: ”ساٿيو متان ڪنهن شيءَ کان ڊنا آهيو. ڀلا اسان جي زندگي کان وڌيڪ خوفناڪ ۽ ڪڙي شيءَ ٻي ڪهڙي هوندي! اها ڪڙاڻ جيڪا روزانو اسان جي دل کي ٽڪر ٽڪر ڪريو ڇڏي! شاباس ساٿيو، سڀ گڏجي هڪ مضبوط طاقت بنجي وڃو،“
دشمن کي ننهن کان وٺي چوٽيءَ تاءِ ڄر کڻي ويئي. هنن هارين کي ڌڪي اڳيان ڪري هڪ زوردار حملو ڪري ڏنو.
”هاڻي پنهنجي پرائي کي نه ڏسو، رت جا دريا به سچائي نٿا ٻوڙي سگهن،“ ڍڳن جي اڳواڻن نعرو هنيو.
۽ پوءِ جنگ شروع ٿي ويئي. هزارن جا ڪنڌ ڪرندا رهيا، لکين ڳاٽ اوچا ٿيندا رهيا. رت جون نديون وهي اٿي هليون. آسمان سڄو ڪارو ٿي ويو، ڄڻ ته قيامت اها هئي، اهو ئي محشر هو، ۽ ظالمن جو پڇاڻو ٿي رهيو هو. صدين جي ستايل، سڪل ۽ ٺوٺ زمين کي رت ڳاڙهو ۽ آلو ڪري ڇڏيو ۽ ان کي ڄڻ ته رت جو ريج ملي ويو__ هڪ نئين سگهه، هڪ نئين طاقت ملي ويئي.

خالي صفحو

جنھن وقت نوني ھن جي ڪمري ۾ آيو، ھن ڪوئيٽزي جو ناول Disagreeپئي پڙھيو. پُٽ کي ڪمري ۾ ايندو ڏسي، ھن ڪتاب بند ڪري رکيو.
”ڪيئن آھين؟ خوش آھين نه؟“ ڪامران مُرڪندي پُٽ کان پڇيو.
”ھا.“ نونيءَ مختصر جواب ڏنو ۽ ڪجھه ڳولھڻ لڳو. ڪامران چاھيو ته نونيءَ وٽس ڪجھه دير ويھي.
”ٿورو ويھه تي سھي. ڪي حال احوال ڪريون.“ ھن ڏٺو ته سندس آواز ۾ پيار سان گڏ ڪجھه منٿ به شامل ھئي.
”آءُ گيم کولي آيو آھيان. پوءِ اچان ٿو.“ نونيءَ وراڻيو ۽ ڪمري ۾ پيل پلي اسٽيٽس ٽو جي سي ڊي کڻي تڪڙو ٻاھر نڪري ويو.
ھو ڪجھه دير تي خالي ذھن ويٺو رھيو. ھن کي پُٽ جي ان رويي تي ڪو ڏک نه ٿيو ھو. اھا ھڪڙي معمولي ڳالھه ھئي. ان ۾ ڪاوڙ جي لاءِ ڪجھه نه ھو. بس ھن جو ذھن ٿوري دير جي لاءِ خالي خالي ٿي ويو. ھن بند ڪري رکيل ڪتاب کنيو ۽ ڪجھه دير تائين ڪتاب کي ڏسندو رھيو، پر ھن ڪتاب کي کوليو ڪونه. ڪتاب پڙھڻ تي دل ڪانه ٿيس. ھن محسوس ڪيو ته سندس خالي ٿيل ذھن پوئتي ھليو ويو ھو يادگيرين جي گھاٽي جنگ ۾. اتي ڪٿي منجھيل پيچرن تي يادن جي ڪنڊن ۾ وچڙي پيو ھو. پر اتي کيس ھڪڙو ئي ماڻھو نظر آيو. سندس پيءُ واقعي ائين ھو يا ھن سمجھيو ھو ته سندس پيءُ رکي طبيعت وارو ھو. احساسن کان خالي. ٻنھي پيءُ پٽ ۾ ويڇو ھو. ڄڻ ٿر جون وڏيون وارياسيون ڀٽون ٻنھي جي وچ ۾ ھيون. ائين ڪڏھن ٿيو؟ ھن ياد ڪرڻ چاھيو. سندس ۽ پڻس جي وچ ۾ دوريءَ جي شروعات ڪڏھن ٿي؟ ھن منجھيل پيچري تي نشانن ڳولھڻ جي ڪوشش ڪئي.پر اھا ڪوشش اجائي ھئي، ھن کي لڳو. ھن ۽ پڻس جي وچ ۾ ويجھڙائي ھئي ڪٿي! پڻس ھڪ عجيب شخص ھو. رڳو ھن سان نه، پر سڄي گهر سان، ٻارن سان ھن جو ڪو لڳاءُ ڪونه ھو، ڪا ويجھڙائپ ڪانه ھئي. لڳندو ته ائين ھو. گهر ۾ ھو رھندو ھو ته ڌارئين ماڻھن وانگر. ٻار ڪيئن پڙھيا، ڪيئن ھٿ پير ھڻي ھنن جيئڻ جا وس ڪيا، ان ڳالھه سان پڻس ڪڏھن واسطو ڪونه رکيو.
ھن سوچي ڇڏيو ھو، پڪو پھه ڪيو ھو ته پڻس جي ابتڙ ھو پنھنجن ٻارن کي بي انتھا پيار ڏيندو. ھن کان جيترو پُڄي سگهندو ٻارن کي دنيا جو ھر سُک ڏيندو. ھن کي خبر ڪانه پئي ته ھڪڙي انتھا سندس پيءُ جو رويو ھو. ھن وٽ جيترو پيار ھو، جيترا احساس ھئا سي سڀ ھن پنھنجي پٽ جي حوالي ڪري ڇڏيا ھئا. جڏھن نوني جي ھر ڳالھه، ھر خواھش پاڻمرادو پوري ٿي پئي وئي، ته ھن کي وٽس اچي ويھڻ ۽ ڪجھه چوڻ جي، ڳالھه ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪانه ٿي پئي.
ٿوري دير لاءِ خالي ٿي ويل ذھن ھاڻي الاجي ڪيترين ڳالھين سان ڀرجي ويو ھو. ذھن ۾ مختلف منظر تيزي سان بدلجندا پئي ويا. ھن جو پُٽ ننڍڙو ھو ته ساڻس تمام گھڻو ويجھو ھو. وڏي ٿيڻ کان پوءِ ھو آھستي آھستي کانئس پري پري رھڻ لڳو. پنھنجن شوقن ۾ گم ٿيندو ويو. گيم پلي اسٽيٽس ٽو، ڪمپيوٽر . . .
ڪامران چاھيندو ھو ته نونيءَ جي ڪمري ۾ وڃي ٿوري دير ھن سان ڳالھائي،ڪچھري ڪري. نونيءَ جي ڪنن تي ھيڊ فون چڙھيل ھوندو ھو. اکيون ڪمپيوٽر مانيٽر جي اسڪرين ۾ کتل ھونديون ھيون. سندس ڳالھين ۽ سوالن طرف نونيءَ کي ڪو ڌيان نه ڏيندو ڏسي ھو ڪمري مان اُٿي ھليو ايندو ھو.
ھن جي چپن تي مُرڪ اچي ويئي. ڪيڏي نه عجيب ڳالھه ھُئي! ھن کي خيال آيو، ”پيءُ کان پيار ڪونه مليو ۽ پُٽ کان پيار جي موٽ ڪانه ملي.“
تڏھن ھن کي لڳو ته پيار ٻيار سڀ بڪواس آھي. ھن پنھنجي سڄي زندگي ان ھڪڙي واھيات لفظ جي چڪر ۾ ڦاسي وڃائي ڇڏي. ھن کي خبر ھئي ته ھو جذباتيت جي بيماريءَ ۾ ورتل ھو. ڪري به ڇا ٿي سگهيو! ڪنھن جي ڏکن جي ڳالھه ٻڌندي، درد سان ڀريل شعر پڙھندي، ڪنھن فلم يا ٽي وي ڊرامي ۾ جذباتي منظر ڏسندي ۽ ڊائلاگ ٻڌندي ھن جي من جو ڀرجي اچڻ جذباتيت نه ھئي ته ٻيو ڇا ھو؟ ھن پاڻ کان پڇيو. سندس پيءُ بيمار ٿيو ھو ته ھن کيس وٺي وڃي اسپتال ۾ داخل ڪرايو. ھونئن پڻس ڪڏھن بيماري سيماريءَ ۾ علاج ڪونه ڪرائيندو ھو. پنھنجي ليکي دوائون وٺي کائيندو ھو، ٺيڪ ٿي ويندو ھو. پر ھن ڀيري ٺيڪ بدران وڌيڪ بيمار ٿي پيو. ھن سمجھيو ته پڻس ڪجھه ڏينھن ۾ ٺيڪ ٿي ويندو. ھن دل ئي دل ۾ اھا ڳالھه مڃي ته ھن پڻس جي بيماريءَ تي ايترو ڌيان ڪونه ڏنو ھو. پوءِ اوچتو پڻس اسپتال ۾ گذاري ويو. ھو ان وقت اسپتال جي ڪمري ۾ پڻس وٽ موجود ھو ۽ تڏھن اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو ھو.
”بابا جي مرڻ تي آئون ايترو رنو ڇو ھوس؟“ ڪامران پاڻ کان پڇيو.
ٻي ڳالھه ته ڪانه ھئي. ھن کي پيءُ سان پيار به ڪونه ھو. شايد ھن پڇاڙي ۾ پيءُ جو ايترو خيال ڪونه رکيو ھو ۽ ان احساس جي ڏک وچان رُنو ھو. يا وري کيس پڻس جي ھڪ ڌاريئن ۽ لاتعلق زندگي گذارڻ سبب ھمدردي پيدا ٿي پئي ھئي. انھن مان ڪو ھڪڙو ڪارڻ ھو يا ٻئي ڪارڻ پاڻ ۾ گڏجي ويا ھئا! ڪامران ڪو فيصلو نه ڪري سگهيو.
ھن جو ڌيان ڪوئيٽزي جي ناول ڏانھن ويو، جيڪو اڃا بند حالت ۾ سندس ھٿ ۾ جھليل ھو. ھو ڪتاب کي ڏسڻ لڳو. ھن جيستائين ناول پڙھيو ھو، اھو ياد ڪرڻ چاھيو. ناول جو مکيه ڪردار ڏکڻ آفريقا جي وڏي شھر جي يونيورسٽي ۾ پروفيسر ھو. پنھنجي شاگردياڻي سان جنسي لاڳاپن رکڻ سبب کيس ڏوھ مڃڻ سان گڏ معافي لکي ڏيڻ لاءِ چيو ويو. ھن استعيفى ڏئي ڇڏي. زال ۽ سندس وچ ۾ ڪجھه سال اڳ طلاق ٿي چڪي ھئي. سندس ھڪ نوجوان ڌيءُ ھئي. اھا ڏکڻ آفريقا جي ڪنھن ڏورانھين ھنڌ تي اڪيلي رھندي ھئي. اتي ڌيڻس زمين وٺي پنھنجو فارم ٺاھيو ھو. پروفيسر ڪجھه ڏينھن ڌيءُ وٽ رھڻ لاءِ سوچي فارم تي اچي ٿو. ھن کي ڏسي ڌيءَ کي ڪا خوشي ڪانه ٿي ھئي. ھو ڌيءُ کي شاگردياڻيءَ واري اسڪينڊل سبب نوڪري ڇڏڻ جي ڳالھه ٻڌائي ٿو. ڌيءُ ان ڳالھه تي ڪو خاص ردعمل ظاھر نه ٿي ڪري. ھوءُ پيءُ کي چئي ٿي ته جيترا ڏينھن چاھي وٽس رھي سگهي ٿو. پروفيسر ڪوشش ڪري ٿو ته گهر ۾ ۽ زمين جي ڪم ڪار ۾ ڌيءُ جو ھٿ ونڊائي. ڏکڻ آفريقا جي نسل پرست حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ صورتحال بدلجي چڪي آھي. پروفيسر ۽ ڌيءُ گورا آھن ۽ اھي مڪاني ماڻھن جي بدليل رويي کي محسوس ڪن ٿا. ھڪ ڏينھن ٽي چار شيدي نوجوان فارم واري گهر ۾ اچن ٿا. پروفيسر جا ھٿ پير بڌي کيس باٿ روم ۾ بند ڪري ڇڏين ٿا. پروفيسر ڪُتن جون ڀونڪون، فائرنگ جا آواز، گهر ۾ شين جو ٽٽڻ ۽ ڌيءُ جو رڙيون ٻڌي ٿو. پر ھو ڪجھه نه ٿو ڪري سگهي. واقعي کان پوءِ ھو ڌيءُ کان پڇي ٿو ته ڇا ٿيو؟ ھو ڪوبه جواب نه ٿي ڏي.پروفيسر شرمندو آھي ته ھو ڌيءُ جي لاءِ ڪجھه نه ڪري سگهيو ۽ ڌيءُ سخت ذھني پيڙا سبب ڪجھه ڏينھن بستري تي داخل رھي ٿي.
پيءُ ۽ ڌيءُ جي وچ ۾ دوريءَ جي ديوار وڌيڪ لمبي ٿي وڃي ٿي. ھوءَ پروفيسر وٽ ويھڻ ۽ ساڻس ڳالھائڻ کان لنوائيندي رھي ٿي. پروفيسر کيس سمجھائي ٿو ته حالتون بدلجي ويون آھن. بھتر ائين ٿيندو ته فارم وڪڻي واپس ھلون. پر ڌيءَ انڪار ڪري ٿي. ڊاڪٽرياڻي پروفيسر کي ٻڌائي ٿي ته سندس ڌيءُ کي پيٽ ٿي پيو آھي. ڌيءُ ٻار کي ڪيرائڻ نٿي چاھيو ۽ ھن پنھنجي فارم تي ئي رھڻ جو فيصلو ڪيو آھي. پروفيسر کي محسوس ٿئي ٿو ته ھتي ڌيءُ وٽ رھڻ، جيڪا ڳالھه سندس ڌيءُ به نه ٿي چاھي، ھاڻي غير ضروري آھي.
”آءُ ايندڙ سال رٽائرڊ ٿي ويندس.“ اوچتو ڪامران جو ڌيان ناول تان ھٽي پاڻ ڏانھن ويو.
”پوءِ ڇا ڪندس؟“ ھن پاڻ کان پڇيو.
ڪرڻ لاءِ ڪجھه ڪونه ھو. سڄو ڏينھن گهر ۾ گذارڻ جو سوچي ھن کي ھاڻ ئي بيزاري ٿيڻ لڳي. تڏھن ھن جو ڌيان وري پُٽ ڏانھن ويو.
”اھو به مون کي سڄو ڏينھن گهر ۾ ويٺل ڏسي بيزار ته ڪونه ٿيندو؟“
ھن پاڻ کان پڇيو ته جيڪڏھن ڪوئيٽزي واري ڪردار پروفيسر جي ڌيءُ وانگر، نونيءَ کي منھنجو، گهر ۾ رھڻ غير ضروري لڳو ته پوءِ؟
”ناول ۽ ڪھاڻيون پڙھي پڙھي منھنجو مٿو ڦري ويو آھي. اجايون ڳالھيون پيو سوچيان.“ ھن ڄڻ پاڻ کي ڇڙٻيو.
ڌيان ھٽائڻ لاءِ ڪامران ناول کي اتان پڙھڻ چاھيو، جتي ھن ڇڏيو ھو. ھن ڪتاب جو اھو صفحو ڳولي کوليو ۽ پڙھڻ لڳو. پڙھي ھن پنو اُٿلايو. پر ھن کي ڪجھه به سمجھه ۾ ڪونه آيو ته ھو ڇا پڙھي ويو ھو! شايد ھو پاڻ بابت ئي سوچيندو رھيو ھو. ھن ٻيھر اھو ساڳيو صفحو وري پڙھڻ چاھيو. واپس پنو اٿُلائي ھن پوري ڌيان سان پڙھڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ان صفحي تي ڇپيل اکر ماڪوڙا بڻجي سُرڪڻ لڳا. پوءِ آھستي آھستي غائب ٿيندا ويا. ھن کي لڳو ته اھو سڄو صفحو خالي ھو.

ڪو جو قھر ڪلاچ ۾

رب ڏني جي طبيعت گھڻن ڏينھن کان خراب ھئي، پڻس ھن کي شھر وٺي وڃي ڊاڪٽر کي طبيعت ڏيکاري دوا به ورتي ھئي، پر اڃا ڪو فرق نه پيو ھو. ربڏني جو پيءُ وڏيرو خدا بخش پنھنجي تر جو ھلڪو سلڪو زميندار ھو، سندس زمين ٿوري پر سٺي ھئي، پيداور چڱي لھندي ھئي. وڏيرو خدابخش خوشحال زميندار ليکيو ويندو ھو، ھن کي پنجن نياڻين پوءِ ھڪڙو پٽ ڄائو ھو. ان ڪري رب ڏنو سندس سڪيلڌو پٽ ھو، ارڙھن سالن جو نوجوان اچي ٿيو ھو، پر وڏيري خدابخش جي لاءِ اڃا جھڙوڪڙ ٻار ھو، رب ڏني جي ٿوري به تڪليف ھن کان ڏٺي ڪانه ٿيندي ھئي. رب ڏنو جڏھن ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پڙھي شھر جي ھاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو ته اتي ھن جي دل ڪانه لڳي، ھو اسڪول وڃڻ کان نٽائڻ لڳو. وڏيري خدابخش اھو ڏٺو ته ھن به گھڻو زور ڪونه ڀريو.
”ابا، تنھنجي دل نٿي چئي ته ٺھيو، منھنجا ڪھڙا ست پٽ آھن؟ تون اڪيلو آھين، تنھنجي گذران لاءِ کوڙ ٻني آھي.“ وڏيري خدابخش چيو.
اصل ڳالھه اھا ھئي ته وڏيري خدابخش جو رب ڏني ۾ ايترو موھ جو ھن پٽ کي پنھنجين اکين کان پري ڪرڻ نٿي چاھيو، رب ڏني پڙھائي ڇڏي اچي پيءُ سان گڏ ٻني سنڀالڻ لڳو. رب ڏني جي ماءُ فاطمه ۽ سندس ھڪڙي ڀيڻ حاجران جنھن جي اڃا شادي ڪانه ٿي ھئي. سي به خوش ٿيون پر رب ڏني جي اوچتي بيماري سڀني کي پريشان ڪري وڌو ھو.
رب ڏنو ڪجھه کائيندو ھو ته اٻڙڪا ايندا ھئس، ڪڏھن ڪڏھن الٽي ڪري وجھندو ھو، اھا حالت ڏسي سڀني گهر وارن جا ھانوَ پيا ڳرندا ھئا.
”منھنجي ٻچي کي پڪ ڪنھن جي نظر لڳي آھي.“ فاطمه ھڪ ڏينھن وڏيري خدابخش کي چيو.
”پنھنجي ڪنھن سان ڪھڙي دشمني آھي! نظر ڪير ھڻندو؟“ وڏيري خدابخش ڦڪو ٿي مرڪي حاجران ڏانھن ڏٺو.
”بابا، اسان جي ڀاءَ جھڙو سھڻو ڇوڪرو پنھنجن مائٽن ۾ ھجي ته ٻڌايو؟“ حاجران پيءُ کي چيو.
”الله حياتي ڏيس، اسان جي رب ڏني جھڙو سھڻو جوان مائٽن ۾ ته ٺھيو، سڄي تر ۾ ڪونھي.“ وڏيري خدابخش فخر مان چيو.
”پوءِ باقي؟“ ماڻھو آھن ساڙ سڙيا، ڪنھن ناظروءَ جي نظر منھنجي ٻچي کي لڳي وئي آھي.“ فاطمه ڳڻتي مان وراڻيو.
”ھا، ڊاڪٽر جي دوائن مان ذرو فائدو ڪونه ٿيو آھي.“ ھاڻي وڏيري خدابخش کي به شڪ ٿيڻ لڳو.
”ماسي کتو نظر ڪڍندي آھي، مون ھن کي چيو آھي ته سڳو وٽي ڏي ۽ ملئين کان پاڻي به ٿا پڙھايون. الله ڪندو نظر لھي ويندي.“ فاطمه کي ڄڻ پڪي خاطري ھئي.
”الله سڻائي ڪندو.“ وڏيرو خدابخش به مطمئن ٿي ويو ھو، پر وٽيل سڳي ۽ پڙھيل پاڻي به فرق ڪونه ڪيو. رب ڏني جي طبيعت ساڳي خراب رھي، نيٺ ڊاڪٽر چيو ته حيدرآباد جي ڪنھن اسپيلشسٽ کي ڏيکاريو، ھن وڏيري خدابخش کي ھڪڙي مشھور ڊاڪٽر جو نالو ٻڌايو.
فاطمه پھرين ضد ڪيو ته ھوءَ به پٽ سان گڏجي ھلندي، پر وڏيري خدابخش ھن کي سمجھايو ته گهر ۾ جواڻ جماڻ ڌيءُ کي اڪيلو ڇڏي ھلڻ مناسب ڪونھي.
”تون اتي ھلي ڪندين به ڇا؟ ماءُ آھينس تون گهر ۾ ويھي دعا ڪرينس.“ وڏيري خدابخش چيو.
”امان تون اجايو پريشان پئي ٿئين، تون ڏسج آئون جلدي ٺيڪ ٿي گهر ايندس.“ رب ڏني ماءُ کي آٿٿ ڏني.
”الله ڪندو، ابا الله ڪندو.“ فاطمه ٻئي ھٿ مٿي کنيا، ”يا رب! رب ڏنو تو ئي ڏنو آھي، تون ئي ھن کي پنھنجي حفظ ۾ رکج، سال نوبنو ٿي پنھنجي گهر موٽي اچي.“
”امان ڀائو خير سان چڱو ڀلو ٿي گهر اچي ته پوءِ ڪاڻ ڪُني ڪنداسين.“ حاجران پيءُ ڏانھن نھاريو، ”ڪيئن بابا؟“
”ھا ھا، وڏي خيرات ڪنداسين.“ وڏيري خدابخش مُرڪي چيو.
”چڱو امان الله توھار.“ رب ڏني ماءُ کان موڪلايو.
”ابا، رب کي پرتو آھين.“ فاطمه رب ڏني کي ڀاڪر پائي نرڙ تي چمي ڏني، پوءِ رب ڏنو ڀيڻ کان موڪلائي پيءُ سان گڏ ٻاھر نڪري ويو. فاطمه ھن کي ويندو ڏسي روئڻھارڪي ٿي وئي، حاجران جي اکين ۾ به لڙڪ اچي ويا.
حيدرآباد ۾ صدر واري ڊاڪٽرن جي گھٽي ۾ مشھور ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي وڏي رش ھئي، ڊاڪٽر جي منشيءَ وڏيري خدابخش کي جواب ڏئي ڇڏيو ته اڄ ٽائيم ڪونه ملندو.
”ڏسو ٿا ڪيڏي رش آھي نالو لکائي وڃو سڀاڻي اچجو.“ ھن چيو.
يار اسين پري کان آيا آھيون، منھنجي پٽ جي طبعيت ڏاڍي خراب آھي، مھرباني ڪر.“ وڏيري خدابخش ھن کي ھٿ ٻڌي منٿ ڪئي ۽ پوءِ ويجھو وڃي آھستي چيائين، ”توکي خرچي پاڻي ڪرائينداسين.“
منشيءَ رب ڏني ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ چيو، ”مريض اندارن نڪري ته پوءِ آءُ ڊاڪٽر صاحب کي ٻڌايان ٿو ته ايمرجنسي آھي. فيءَ جا پنج سؤ رپيا ڏئي ڇڏ.“
”خدا تنھنجو ڀلو ڪندو.“ وڏيري خدابخش کيسي مان پنج سؤ جي نوٽ سان گڏ سؤ رپئي جو نوٽ ڪڍي منشيءَ کي ڏنو.
ايمرجنسي جي ڪري ڊاڪٽر رب ڏني کي جلدي سڏايو ۽ چڱي طرح تپاس ڪري ڏٺائين، وڏيري ھن کي اڳوڻي ڊاڪٽر جي لکيل دوائن وارو پنو به ڏيکاريو.
”ھي دوائون ته ڪنھن جاھل لکيون آھن.“ ڊاڪٽر ڪاوڙ مان پني کي ھٽائيندي چيو، ”سائين اسان جي شھر واري اسپتال جو نوجوان ڊاڪٽر آھي.“ وڏيري خدابخش ھن کي ٻڌايو.
”ھا مون کي خبر آھي، اھي نوجوان ڊاڪٽر سڀ جاھل آھن، اسان جي ئي ڪاليج مان پڙھي ڪاپي ڪري وڃي ڊاڪٽر ٿيا آھن.“ ڊاڪٽر منھن ڦٽائي ٽوڪ وچان چيو.
”سائين، منھنجو اڪيلو پٽ آھي، تنھنجي ھٿ ۾ خدا شفا ڏني آھي، اھڙي ڪا دوا ڏيو جو منھنجو پٽ چاق ٿي وڃي.“ وڏيري خدابخش منٿ واري لھجي ۾ چيو.
”فڪر جي ڳالھه ڪانھي، ڪجھه ٽيسٽون آھن. اھي ڪرائي وٺو، تيستائين مان دوائون ٿو ڏيان. اھي کارايوس.“ ڊاڪٽر چيو.
ھن دوائون لکندي پڇيو، ”ھتي حيدرآباد ۾ ٿا رھو؟“
”نه سائين، اسان جو ڳوٺ الائي پري آھي.“
”پوءِ ھيئن ڪريو، ھتي ويجھي ھڪ پرائيوٽ اسپتال آھي، اتي رھو، علاج منھنجي نظرداري ھيٺ ھلڻ ضروري آھي، مان روز اچي ڏسي ويندس.“ ڊاڪٽر وڏيري خدابخش ڏانھن نھاريو ”ڪيئن ٺيڪ آھي؟“
”ڊاڪٽر صاحب، جيئن اوھان مناسب سمجھو.“ ڊاڪٽر اسپتال ۾ داخل ٿيڻ لاءِ چٺي لکي ڏني، وڏيري خدابخش ٻاھر اچي منشيءَ جا ٿورا مڃيا ۽ اسپتال جو ڏس پڇيو.
اسپتال ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ پيءُ پُٽ ڪمري ۾ اچي ويٺا ته ربڏني چيو، ”بابا لڳي ٿو آھي وڏو ڊاڪٽر.“
”ھا ابا، چون ٿا وڏو پروفيسر آھي، جيڪو ڇوڪرن کي پاڙھي ڊاڪٽر ڪندو سو ضرور وڏو قابل ھوندو.“ وڏيري خدابخش ڪنڌ لوڏي چيو.
ڊاڪٽر روز رب ڏني کي ڏسڻ ايندو ھو ۽ منٽ کن ترسي پنھنجي في وٺي ھليو ويندو ھو.
”بابا علاج مان ڪجھه فرق ڀانئين ٿو؟“ وڏيرو خدابخش رب ڏني کان پڇندو ھو.
رب ڏنو پريشان ٿي ويندو ھو ته پيءُ کي ڪھڙو جواب ڏئي. ھن کي علاج مان ڪوبه فرق محسوس ڪونه ٿي ٿيو، پاڻ دوائن جي ڪري طبيعت وڌيڪ خراب ٿي پئي ھئس.
”ھا بابا،مڙئي ڪجھه فرق آھي.“ ھو پيءُ جي دل رکڻ لاءِ چوندو ھو.
ڪجھه ڏينھن کان پوءِ وڏيري خدابخش کي صاف نظر اچڻ لڳو ته رب ڏنو اڳ کان وڌيڪ ڪمزور ٿي ويو ھو، ھن کي من ۾ وسواس اٿڻ لڳا ته الائجي ڪھڙي بيماري آھي جيڪا ايڏي وڏي ڊاڪٽر جي علاج کان پوءِ به نٿي لھي!
آچر جو ڏينھن ھو ڊاڪٽر موڪل ھجڻ سبب دستور جي ابتڙ صبح ساڻ شلوار قميص ۾ چڪر ھڻڻ آيو.
”طبيعت ڪيئن آھي؟“ ڊاڪٽر پڇيو، ”ھاڻي ته ڪجھه بھتر پئي لڳي.“
”ڊاڪٽر صاحب، طبيعت اڃا اھڙي آھي. فرق ڪونه پيو آھي . . .“ وڏيري خدابخش ھٻڪندي چيو.
”مان ڊاڪٽر آھيان، جادوگر ڪونه آھيان، علاج صحيح نموني ھلي پيو. ڪجھه وقت ته ضرور لڳندو.“ ڊاڪٽر ڪاوڙ مان چيو ۽ في وٺي واپس ھليو ويو.
”بابا، تو ڊاڪٽر صاحب کي ڪاوڙائي وڌو.“ رب ڏني ڦڪي مرڪ سان چيو.
”مون ته ڪا اھڙي ڳالھه ڪانه ڪئي! ڀلا اھو به نه ٻڌايون ته علاج مان اڃا ڪو فائدو ڪونه ٿيو آھي؟“ وڏيري خدابخش پريشانيءَ وچان چيو.
رب ڏني پيءُ جي پريشاني کي ڏسي آٿٿ جا ڪجھه لفظ چوڻ چاھيا، پر چئي نه سگهيو.
ھن دل ئي دل ۾ خدا کي ٻاڏايو ته ھو کيس جلدي ٺيڪ ڪري، ”منھنجي ڪري سڀ گهر وارا پريشان آھن. امان ويچاري جي الائجي ڪھڙي حالت ھوندي!“ ھن سوچيو.
وڏيري خدابخش جو اتي ويٺي ويٺي ساھ منجھڻ لڳو. ھن جي دل چاھيو ته رب ڏني کي ڀاڪر ڀري روئي. ھن زور مس ڪري پاڻ کي روڪيو.
”آءُ ٿورو ٻاھران ٿي اچان ٿو.“ ھن رب ڏني ڏانھن نھارڻ کان سواءِ چيو ۽ ٻاھر ھليو ويو، ھو اسپتال مان نڪري اچي رستي تي بيٺو. روڊ تي گاڏين ۽ رڪشائن جو گوڙ ھو، ھو ان گوڙ کان، آسپاس جي حالتن کان بي خبر پنھنجن پورن ۾ بيٺو رھيو، اوچتو ڪنھن ماڻھو سندس ڪلھي تي ھٿ رکي کيس سڏ ڪيو، وڏيري خدابخش ڇرڪيءَ ان ماڻھو کي ڏٺو، اھو سندس تعلقي جي مختيارڪار جو ڪلارڪ نواز ھو.
”وڏيرا، خير ته آھي ھتي بيٺو آھين؟“ نواز پڇيو.
وڏيري خدابخش کي حيدرآباد ۾ سڃاڻو ماڻھو ڏسي ڄڻ ڪجھه آٿٿ اچي وئي، ھن نواز کي سڄو احوال ڏنو.
”آءُ به اڳي جڏھن بيمار ٿيو ھوس ته ان ساڳئي ڊاڪٽر جي ور چڙھيو ھوس، مون کي ڦري چٽ ڪري ڇڏيائين،پوءِ ڀڄي جند ڇڏايم.“ نواز وڏيري خدابخش سان گڏ اسپتال ڏانھن ويندي چيو.
”اڄ صبح جو آيو ھو ته مون چيس علاج مان ڪو فائدو ڪونه ٿيو آھي ته مرڳو ڪاوڙجي پيو. دڙڪا ڏئي ڦيءَ جا پئسا وٺي ھليو ويو!“ وڏيري خدابخش ڄڻ نواز کي دانھن ڏيندي چيو.
”اڙي!“ نواز حيرت وچان گاڏي تي آڱر رکي، ”اڃا ھاڻ آئون لجپت روڊ جي مارڪيٽ مان لنگھيس پئي ته اھو ڊاڪٽر صاحب ٽوڪري کنيو بيٺو ھو، ڀاڄي پئي ورتائين!“
”پوءِ صبح جو ڀاڄي وٺڻ لاءِ گهران نڪتو ھوندو ۽ ان بھاني ربڏني کي ڏسي پئسا وٺي ويو!“ وڏيري خدابخش ٽوڪ وچان چيو.
نواز ٽھڪ ڏنو.
”تو وارن پئسن مان ڊاڪٽر جي ڀاڄيءَ جو خرچ نڪري ويو.“ پريشان ھوندي به وڏيرو خدابخش ان ڳالھه تي کلي پيو.
نواز ھن سان گڏ وڃي رب ڏني کي ڏٺو.
“مار ! ھمراھ ته صفا ڳري ڪنڊا ٿي ويو آھي!“ نواز رب ڏني کي ڏسي حيرت مان چيو.
”ھتي آيو ھو ته اڃا ڪجھه چڱو ھو.“ وڏيري خدابخش چيو.
”وڏيرا! ھن ڊاڪٽر مان جان ڇڏاءِ ھي ڄؤر وانگر رت پيو پيئندو.“
”يار، آئون پاڻ منجھي پيو آھيان ته ڇا ڪريان؟“ وڏيري خدابخش بيوسيءَ وچان چيو.
”ڪراچيءَ ۾ وڏيون ڀلوڙ اسپتالون آھن، اتي خرچ برابر ٿئي ٿو، پر علاج بھترين آھي، منھنجي صلاح مڃ ته اڄ ئي ھتان ٽپڙ کڻ ۽ ڪراچيءَ وڃ.“
”پر يار ٻڌون ٿا ته ڪراچيءَ ۾ گوڙ لڳا پيا آھن . . .“ وڏيري خدابخش دل من ھڻندي چيو.
”پاڻ ۾ پيا وڙھن، ان ۾ پنھنجو ڇا؟ ھتي رھي اجايو وقت وڃائيندين.“ نواز ھن کي سمجھائيندي چيو.
وڏيري خدابخش کي وقت وڃائڻ واري ڳالھه دل سان لڳي. ھو اسپتال وارن سان حساب ڪري، رب ڏني کي وٺي ڪراچيءَ روانو ٿي ويو.
نواز جي ٻڌايل اسپتال ۾ اچي وڏيري خدابخش جو عقل چرخ ٿي ويو، اھڙي عاليشان اسپتال ھن زندگي ۾ ڪانه ڏٺي ھئي، ھن کي ڊپ لڳو ته ھتي خرچ به ڏاڍو ٿيندو.
”ضرورت پئي ته ٻني ٻارو وڪڻي به رب ڏني جو علاج ڪرائيندس، ھنکان وڌيڪ ٻيو مون لاءِ ڇا آھي؟ ھن پاڻ کي سمجھايو.
پھرين ته ڊاڪٽر جي پڇ پڇان ھڻي ھن کي بيزار ڪري وڌو، پوءِ نيٺ وڃي رب ڏني کي داخلا ملي، پھريان ٻه ڏھاڙا ته رڳو ٽيسٽن تي زور ھو، پوءِ علاج شروع ٿيو. آھستي آھستي رب ڏني جي طبيعت بھتر ٿيڻ لڳي. وڏيري خدابخش جي ساڻي ٿيل بت ۾ به ڄڻ نئين سر ساھ پئجي ويو. ھن ڳوٺ نياپو موڪليو ته رب ڏنو ھاڻ چاق آھي ۽ جلدئي کين موڪل ملندي.
فاطمه رب ڏني جي چاق ٿيڻ واري خبر ٻڌي ٻانھون مٿي ڪري ھٿ جوڙي خدا جا شڪرانا مڃيا، ھن کي جيتري خوشي رب ڏني جي ڄمڻ تي ٿي ھئي اوتري خوشي سندس چاق ٿيڻ ٿي. ڳوٺ وارن ڳالھه ٻڌي ته پوءِ وڏيري خدابخش جي گهر ۾ ماين جو ميڙو لڳي ويو. سڀني اچي فاطمه کي خير جون مبارڪون ڏنيون.
”منھنجو رب ڏنو شل خير سان خوش ٿي گهر اچي ته پوءِ وڏا شادمانا ڪنداسين، سڀ گڏجي نچنديوسين ڳائيندوسين.“ فاطمه خوشيءَ وچان ماين کي ڀاڪر پائيندي چيو.
”رب ڏنو اسان جي وڏيري جو سڪليڌو پٽ آھي، ان جي خوشيءَ ۾ نچي نچي پٽ ڇني ڇڏينديوسين.“ ماين چيو. پوءِ سريلين ۽ ۽ بي سريون سڀ گڏجي ڳيچ ڳائڻ لڳيون.
رب ڏنو اٿي ٿورو گھمڻ ڦرڻ لڳو ھو، ”بابا ھاڻي مونکي ٿوري ٿوري بک به لڳي ٿي. اٻڙڪا به ڪونه ٿا اچن.“ رب ڏني پيءُ کي ٻڌايو.
وڏيري خدابخش جو من خوشيءَ وچان ٽڙي پيو.
”خدا ڀلو ڪري نواز جو جنھن اھا مت ڏني، نه ته حيدرآباد واري ڊاڪٽر ته سر رلائي ڇڏيو ھو.“ وڏيرو خدابخش خوش ھو.
ڊاڪٽر چيو ته رب ڏنو ھاڻ ٺيڪ آھي، ھن کي وڌيڪ اسپتال ۾ رھڻ جي ضرورت ڪانھي باقي دوائون اڃان ملنديون سي گهر وڃي کائي مھيني کان پوءِ وري طبيعت ڏيکارڻ اچي.
موڪل ملي ته وڏيرو خدابخش وڃي اسپتال جو حساب چڪتو ڪري آيو، ڳوٺ وڃڻ لاءِ يڪي گاڏي ڀاڙي تي ڪئي ، گاڏي اسپتال مان نڪتي ته ھن دل ئي دل ۾ اتي جي ڊاڪٽرن کي دعائون ڏنيون.
”فاطمه رب ڏني کي چاق ڏسندي ته ڪيڏي نه خوش ٿيندي.“ ھو مرڪي سوچڻ لڳو.
گاڏي ڪراچي جي رش وارن روڊن کان ڦرندي پئي وئي. وڏيري خدابخش گھڙي گھڙي پوئين سيٽ تي ويٺل رب ڏني ڏانھن اطمينان ڀرين نظرن سان پئي ڏٺو.
”بابا ليٽي پئو، ويھي ويھي ٿڪجي پوندين.“ ھن رب ڏني کي چيو.
”نه بابا، اڃا ويٺو آھيان، شھر مان ٻاھر نڪرون ته پوءِ ليٽي پوندس.“
وڏيرو خدابخش مرڪيو. اوچتو فائرنگ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا.
”ڀائو ھي آواز ڇا جا آھن؟“ وڏيري خدابخش ڊرائيور کان پڇيو.
”فائرنگ پئي ھلي.“ ڊرائيور وراڻيو.
”ڊپ جي ڳالھه ته ڪانھي؟“ وڏيرو خدابخش پريشان ٿي ويو.
”اھو ته ڪراچيءَ جو روزمره جو معمول آھي.“ ڊرائيور لاپرواھيءَ سان چيو.
”يار رستو مٽائي ٻئي ھنڌان ھل.“ آواز ويجھا آيا ته وڏيرو خدابخش سخت پريشان ٿي ويو.
”نه، نه پاڻ تيز لنگھي ٿا ھلون. ھتان نڪرڻ جو ٻيو رستو ڪونھي.“ ڊرائيور اسپيڊ کي وڌايو، ڪٿان ھڪڙي گوليءَ گاڏي جي پوئين شيشي کي چيريندي رب ڏني جي ڪياڙي ۾ اچي لڳي ۽ رب ڏنو سيٽ تي ڪري پيو.
”اباڙي . . . گھوڙا.“ وڏيري خدابخش کان رڙ نڪري وئي، ھو ٽپ ڏئي پوئين سيٽ تي ويو، ھو رب ڏني جو رت ھاڻو منھن ھٿن ۾ جھلي اوڇنگاڙون ڏيڻ لڳو، ”گھوڙا ڙي . . . منھنجا ابا! ھيءُ ڪھڙو قھر ٿيو؟“
ڊرائيور گاڏي کي تيز کڻي وري ساڳئي اسپتال ۾ واپس پھتو.
”اڙي منھنجي رب ڏني کي بچايو . . . مون سان الائجي ڪنھن قھر ڪيو . . . “ وڏيرو خدابخش چرين وانگر رڙيون ڪرڻ لڳو.
ڊاڪٽر ڏٺو ۽ پوءِ چيو ته رب ڏنو پنھنجي رب وٽ وڃي پھتو آھي.

اڌورا ماڻهو

فون جي گهنٽي وڄڻ لڳي ته هن هٿ وڌائي رسيور کنيو.
”هلو. نياز صاحب، هڪ خاتون اوهان سان ملڻ ٿي چاهي،“ رسيپشنسٽ جو آواز هو.
”نالو ڇا اٿس؟“ نياز پڇيو. کيس خبر هئي ته هوءَ ڪير هوندي.
”مس پروين.“
”ٺيڪ آهي. آءٌ پاس موڪليان ٿو.“ هن پٽيوالي کي پاس لکي ڏني ۽ خاتون کي آفيس ۾ وٺي اچڻ لاءِ چيو.
پروين سان هن جي ملاقات ڪالهه ٿي هئي. هو حيدرآباد مان ڪراچيءَ جي بس ۾ چڙهيو هو. بس ۾ رش هئي. ڪا به سيٽ خالي نه هئي. نياز کي آفيس ۾ پهچڻو هو، ان ڪري هو لاچار سيٽن جي وچ واري حصي ۾ رکيل اسٽول تي ويهي رهيو. پاسي واري سيٽ تي هڪ جوڙو ويٺو هو. ’گڊ لڪ‘، نياز من ۾ چيو. هو جڏهن ڪنهن سهڻي جوڙي کي ڏسندو هو ته ائين چوندو هو. عورت خوبصورت هجي ۽ مرد بدصورت هجي يا وري ڳالهه ان جي ابتڙ هجي ته پوءِ هو چوندو هو، ’بئڊ لڪ‘ ۽ خوبصورتي جي بدقسمتيءَ تي افسوس ڪندو هو. هو ٻئي چرچا ڪري رهيا هئا ۽ ٽهڪ ڏئي رهيا هئا. بي معنيٰ ۽ اجايون ڳالهيون، پوءِ به وڻندڙ. بس حيدرآباد جي آخري اسٽاپ تي پهتي ته نوجوان آهستي عورت کي ڪن ۾ ڪجهه چيو، ٻئي کليا ۽ پوءِ هو بس مان لهي ويو. بس هلي ته ڪنڊيڪٽر کي سيٽ جي خالي ٿيڻ تي مٺيان لڳي، پر هو ان سيٽ تي ڪنهن مرد کي ويهاري نٿي سگهيو ۽ نه وري عورتن جي سيٽ تي جاءِ هئي جو هو ان عورت کي اتان اٿاري ٻين سان گڏ ويهاري. هو ڪاوڙ ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندو رهيو. نياز کي هوءَ موهيندڙ لڳي. بت ۾ ڀريل، رنگ بيحد ڳورو، پنجن دريائن جو پاڻي پيتل. هن کي پينٽ پاتل هئي. الٽرا ماڊرن لڳندڙ. هوءَ به نياز کي ڏسي رهي هئي. نياز نظرون هٽائي ڇڏيون. پر رکي رکي هن جون نظرون ڦري ٿي آيون. عورت لڳاتار هن ڏانهن ڏسي رهي هئي. نياز کي هن جون نظرون کائي ويندڙ لڳيون. بس ٽال پلازا ٽپي اڳتي رواني ٿي ته عورت اک جي اشاري سان هن کي پاڻ ڏانهن سڏيو. نياز منجهي پيو ته اهو واقعي اشارو هو يا کيس ڀل ٿي هئي. ٿوري دير کان پوءِ هن وري عورت ڏانهن نهاريو.
”اوهان هتي اچي ويهو. سيٽ خالي آهي،“ عورت هن کي چيو.
’هينئر، نه ته پوءِ ڪڏهن نه،‘ هو ڪيڏانهن به نهارڻ کان سواءِ اٿي عورت جي پاسي ۾ سيٽ تي وڃي ويٺو.هن سوچيو ته جيڪڏهن ٻين مسافرن ڏانهن ڏٺائين ته پوءِ اٿي نه سگهندو.
”ايڏي ڊگهي مسافريءَ ۾ اسٽول تي اڀو ٿي ويهڻ مصيبت آهي،“ وري به عورت ئي ڳالهايو.
”ها، پر ڇا ڪجي. مسافري ئي ته آهي.“ هن کي اهو سڀ عجيب پئي لڳو.
”منهنجو نالو پروين آهي.“
نياز هن سان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي. هن ڊڄندي ٻين مسافرن ڏانهن نهاريو. ماڻهو ٻنهي کي حيرت ۽ نفرت وچان ڏسي رهيا هئا. نياز کي ماڻهن تي کل اچي وئي. هن جي گهٻراهٽ ختم ٿي وئي هئي. پروين ساڻس ائين ڳالهائڻ لڳي ڄڻ سالن کان سڃاڻندي هجي.
”You are handsome، ٻيو ڪو هجي ها ته ان کي پنهنجي سيٽ هرگز آفر نه ڪريان ها، پر توتي مون کي رحم اچي ويو هو.“
ٻئي کلڻ لڳا.
”منهنجو دوست جيڪو مون کي بس تي ڇڏڻ آيو هو تنهن خبر آهي ڇا چيو هو؟“
”الائجي؟“
”وڃڻ وقت هن تنهنجي لاءِ چيو ته هن کي منهنجي سيٽ آفر نه ڪجانءِ.“
”هن کي ڪيئن خبر پئي ته تون مون کي سيٽ آفر ڪندينءَ؟“
هوءَ کلڻ لڳي. ”تنهنجي ٽائپ جا سهڻا ماڻهو منهنجي ڪمزوري آهن ۽ مان جهٽ ۾ انهن جي عشق ۾ گرفتار ٿي ويندي آهيان.“
’الاهي خير،‘ نياز دل ۾ چيو. هوءَ توقع کان وڌيڪ Bold هئي. نياز کي پگهر اچي ويو. کيسي مان رومال ڪڍي پيشانيءَ تان پگهر اگهڻ تي هن کي شرم ٿي آيو. تڪڙ ۾ هٿ جي پٺيءَ سان پگهر اگهي ورتو هئائين.
”ڇا حال آهي، يار؟“ پروين آفيس ۾ گهڙندي چيو.
”حال ٺيڪ آهن، تون ٻڌائي؟“
” تو مون کي ذليل ڪري ڇڏيو آهي،“ هن ڪرسيءَ تي ويهندي چيو.نياز وائڙو ٿي ويو.”مان رڳو تنهنجي باري ۾ سوچيندي رهي آهيان.هونءَ ٻين جي باري ۾ گهٽ سوچيندي آهيان.“
” Sorry. منهنجي ڪري تو کي تڪليف ٿي،“ نياز کلندي چيو. ”مون ته سمجهيو هو ته تون ايندينءَ ئي ڪانه.“
” ان جي معنيٰ ته تو کي منهنجو انتظار ڪونه. مون خوامخواه اچي ڌوڙ پاتي،“ هوءَ ڪاوڙجي پئي.
”اهڙي ڳالهه ڪانهي. انتظار ته مون کي به هو ۽ مون چاهيو پئي ته تون پنهنجو وعدو پاڙين. ڳالهه هيءَ آهي ته مون کي اعتبار نٿي آيو ته تون ايندينءَ.“
”يار، وڏو بي ايمان آهين.“ ٻئي کلي پيا.
”تنهنجي آفيس ته قيدخانو آهي. گيٽ تي اچي رسيپشنسٽ کي عرض ڪجي ته مون کي فلاڻي صاحب سان ملڻو آهي. ڇو ملڻو آهي؟ ڇا جي ڪري ملڻو آهي؟ مان ڇا ٻڌايان ته مون کي نياز صاحب سان عشق ڪرڻو آهي،“ نياز کان ٽهڪ نڪري ويو.
”سچ“، هن جي ڳالهه اڃا پوري نه ٿي هئي. ”وري هروڀرو فري ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا. ڪهڙا واهيات رسيپشنسٽ کڻي رکيا اٿو؟“
”جيڪڏهن ڪنهن تو سان فري ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڇا ٿي پيو؟ تون پاڻ ئي جهٽ ۾ فري ٿي ويندي آهين!“
”نه يار، مان هر ڪنهن نٿو خيري سان ٿورو ئي فري ٿي ويندي آهيان.“ اوچتو هن ڪاوڙجي چيو، ”وڏو ذليل آهين! مان تو سان فري ٿي ويس ته تون سمجهين ٿو ته هر ڪنهن سان ائين ڪندي آهيان. او نو نو مسٽر، منهنجي باري ۾ اهڙي غلط ڳالهه متان سوچين.“
آفيس ۾ ڪجهه ماڻهو اچي ويا ۽ نياز ڪم ۾ مشغول ٿي ويو. پروين بور ٿي رهي هئي. ڪجهه دير لاءِ آفيس خالي ٿي ته هن چيو، ”ڪهڙا واهيات ماڻهو پيا اچن تو وٽ. پٽيوالي کي نٿو چئين ته ڪنهن کي نه ڇڏي؟“
”آخر آفيس جو ڪم ته ڪرڻو آهي.“
”منهنجي ڪري ٿوري دير لاءِ ڪم کي ٽاري نٿو سگهين؟“
”آءٌ ايڏو وڏو صاحب ڪونه آهيان جو ماڻهن کي اندر اچڻ کان منع ڪريان.“
”ڇڏ يار، مان هتي اچي بور ٿي آهيان. اٿ ته هن قيدخاني مان نڪري ٻاهر هلون.“
”اڄ ڏاڍو ڪم آهي. هيئن ڪر ته شام جو ٿري ايسز ۾ ملون، ستين ڌاري.“
”My God! You are third rate منهنجي دل ريجهي ته ڪهڙي ماڻهوءَ سان جيڪو زوريءَ ڌڪي ڪڍڻ پيو چاهي.“
آفيس ۾ هڪڙو ماڻهو اچي ويو. پروين اٿي بيٺي. نياز به اٿي بيٺو.
”چڱو، مان هلان ٿي. شام جو ضرور اچجان، متان ڊاج ڏين؟“هن چپن تي آڱريون رکي نياز ڏانهن چمي اڇلائي ’Bye-Bye‘ دروازو زور سان بند ڪري هلي وئي. نياز جي ڪنن جون پاپڙيون ڳاڙهيون ٿي ويون. ماڻهو مرڪي رهيو هو.
سڄو وقت نياز جي ذهن تي پروين ڇانئي رهي. ’عجيب عورت آهي، بنهه حيرت انگيز! ڪهڙي بلا مان اچي ڦاٿو آهيان. ٺيڪ آهي، فرئنڪ هجي، پر اهڙي به نه جو ٻين ماڻهن جي اڳيان خوار ڪري. جيڪڏهن آءٌ هن جي عشق ۾ سنجيدو ٿي ويس ته منهنجا لاهه نڪري ويندا. هيءَ ته مون کي ذليل ڪري ڇڏيندي.....‘ نياز جي لاءِ عشق ۾ سنجيدو ٿي وڃڻ جا چانس گهڻا هئا. هو ڇوڪرين کان پري رهندو هو يا ڇوڪريون هن کان پري رهنديون هيون سا ڳالهه هو سمجهي نه سگهيو هو. پر ڪيترا موقعا هن پاڻ وڃايا هئا رڳو Initiative نه وٺڻ ڪري. هن چاهيو ٿي ته ڪا ڇوڪري پاڻ هلي اچي ساڻس عشق ڪري..... هن جي پويان پويان ڦري.... ۽ جڏهن ائين ٿيو به ته حد کان وڌيڪ. پروين بنا دير جي هن سان عشق ڪيو هو ۽ هن جو انداز ايترو ته شديد هو جو نياز ان کي هضم نٿي ڪري سگهيو. هن سوچيو ته بهرحال اهو به زندگيءَ جو هڪڙو تجربو ٿيندو. ’ٿي سگهي ٿو ته اهو سڀ منهنجي لاءِ چڱو نه ٿئي، پر آءٌ پٺتي هٽڻ يا ڀڄڻ نٿو چاهيان.‘ هن فيصلو ڪري ورتو.
شام جو نياز کي ڪجهه دير ٿي وئي هئي. هن کي کٽڪو هو ته پروين انتظار ڪندي هوندي ۽ ڪاوڙ ۾ هوندي پر جڏهن هو ٿري ايسز ۾ پهتو ته پروين اڃا نه آئي هئي. هو خوش ٿيو ته ٺيڪ آهي، هاڻي کيس ڪاوڙ ظاهر ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. ٿوري دير کان پوءِ پروين اندر آئي ته ڪاوڙيل هئي.
”تو ته ڪمال ڪري ڇڏيو! ايتري دير؟“
”دير سان آءٌ آيو آهيان يا تون؟“
”مان تو کان اڳ ۾ پهتي هيس، صاحب! پر مون وٽ پيسا ڪونه هئا جو ٽيڪسيءَ واري کي ڀاڙو ڏيان. ان ڪري واپس وڃي ٽيڪسيءَ ۾ ويٺيس ۽ اجايا چڪر ڏيندي رهيس. اُٿ، ٽڪيسيءَ واري کي ڀاڙو ڏئي اچ،“
ٽيڪسيءَ جو ميٽر ويهه رپيا ڏيکاري رهيو هو. نياز پيسا ڏئي موٽي آيو.
”تو مون کي امير سمجهيو آهي ڇا؟ آءٌ هڪ معمولي ملازم آهيان. پاڻ بس ۾ ڌڪا کائي ايندو آهيان ۽ تون هروڀرو ٽيڪسيءَ ۾ چڙهي گهمندي وتين!“
”ڇڏ يار، بڪواس نه ڪر،“ هن نياز جي ڪاوڙ ڪن ٽار ڪري ڇڏي. ” هڪڙي مزيدار ڳالهه ٻڌ. مان جڏهن اڄ تنهنجي آفيس مان نڪتي هيس ۽ روڊ تي ٽيڪسيءَ لاءِ بيٺي هيس ته هڪڙو ڪار وارو آيو ۽ مون کي لفٽ آفر ڪيائين. مان هن جي مهانڊي مان سمجهي ويس ته ڪمينو ماڻهو آهي. مان انڪار ڪري روڊ تي هلڻ لڳيس ته هو منهنجي پٺيان پٺيان اچڻ لڳو. نيٺ ڇنڊ ڪڍيمانس ته جان ڇڏيائين.“پوءِ هن سنجيدگيءَ سان چيو، ”جيڪڏهن مان ڪار جي اهڙي بکي هجان ها ته هن سان گڏ هلي وڃان ها ۽ تون انتظار ڪري بڇڙو ٿي موٽي وڃين ها....“ هن ٽهڪ ڏنو.
”مون کي توتي سخت ڪاوڙ آهي،“ نياز چيو.
”ڇو سائين؟“
”تون بيحد Vulgar آهين.“
”مون ڇا ڪيو؟“ پروين اچرج مان چيو.
”آفيس ۾ موڪلائڻ وقت تو ٻئي ماڻهوءَ جي اڳيان جيڪا حرڪت ڪئي سا تمام غلط هئي.“
هوءَ کلڻ لڳي. اهو ته ڪجهه ڪونه هو. مون ته تو کي Real Kiss ڪرڻ ٿي چاهي. پر ڏٺم ته تون صفا ڀاڙي آهين. مون کي ڊپ ٿيو ته تون مون کان ڪڏهن ڀڄي ويندين.“
”جيڪڏهن تو کي ايڏو خيال آهي ته پوءِ ٻين ماڻهن جي اڳيان هلڪڙائي نه ڪندي ڪر.“
”يار، تون ته صفا شرم ٻوٽي آهين،“پروين کلندي چيو. ”پر ترس، ٿورن ڏينهن ۾ تو کي سڌاري ڇڏينديس.“
”تو مون کي ذليل ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي. ان ڪم لاءِ رڳو آءٌ ئي تو کي هٿ آيو آهيان؟“
”مون کي توتي رحم ٿو اچي، يار، تو صفا ٻائو ٻڌو آهين. ماڻهو ڇوڪرين تي عاشق ٿيندا آهن ۽ تون چاهين ٿو ته ڇوڪريون توتي عاشق ٿين. تون آخر پاڻ کي سمجهين ڇا ٿو؟ ايترو سهڻو به ڪونه آهين جو ڇوڪريون توتي مرنديون وتن.“
”سڀ نه ته ڪا هڪڙي ته مرندي. جيئن تون آهين؟“
”مان؟“ هن ٽهڪ ڏنو. ”مان وڏي پلستر آهيان. تون مون کي سمجهي نه سگهندين. تو کي خبر آهي ته مون توسان عشق ڇو ڪيو آهي؟ تون جيڪو ڄاهي وانگر پاڻ لڪايو پيو هلين تنهن کي ظاهر ڪرڻ ٿي چاهيان. مان تو کي اهڙو ٽرينڊ ڪري ڇڏينديس جو پوءِ تو کي ڪنهن ڇوڪريءَ سان ڳالهائڻ يا عشق ڪرڻ ۾ ڪابه هٻڪ نه ٿيندي. ڀلا هن وقت تنهنجو ڪنهن ڇوڪريءَ سان افيئر هلي پيو؟“
” تو کان سواءِ ٻيو ڪنهن سان نه.“
”تنهنجي آفيس ۾ ايتريون ساريون ڇوڪريون آهن، ڪنهن هڪڙيءَ سان به نه؟“
”سڀ پروفيشنل ۽ منافق آهن. آءٌ هنن سان گهڻي ڊيگهه ڪونه ڪريان.“
”صفا چٽ آهين. You are in complex، پر خير مان تنهنجو Complex ختم ڪري ڇڏينديس. تون رڳو Initiative وٺي ڇوڪرين سان ڳالهائي ۽ هنن سان بڪواس ڪر، پوءِ ڏس. اصل ۾ ڇوڪريون پاڻ آتيون هونديون آهن ۽ رڳو ان انتظار۾ هونديون آهن ته اڳلو شروعات ڪري. اهو ئي سبب آهي جو بدصورت مرد به جيڪي تيز هوندا آهن ۽ بڪواس ڪري ڄاڻندا آهن سهڻين عورتن کي ڦاسايو وٺن. تو جهڙا Self-centered ماڻهو ائين رهجيو وڃن.“
”تو کي ڪنهن چيو ته تون منهنجو Psycho-analysis ويهي ڪر. مون کي ڪهڙي پئي آهي جو وتان ڇوڪرين جي پويان پويان هلندو ۽ سندن خوشامد ڪندو.“
”مان سڀ سمجهان ٿي. تنهنجي مرضي آهي ته ڇوڪريون توتي مرن. ڏاڍو مغرور آهين پاڻ تي....“ هوءَ ٽوڪ وچان کلڻ لڳي.
”Oh, shut up“ نياز ڪاوڙ مان چيو. هن ويٽر کي بل آڻڻ جو اشارو ڪيو. ٽيهه رپيا. ان کان اڳ ويهه رپيا ٽيڪسيءَ جي ڀاڙي ۾ .....پنجاهه رپيا چٽ.
هو ٻئي ڪجهه دير تائين ڪراچيءَ جي روڊن تي گهمندا رهيا. ايلفيءَ جا سمورا دڪان بند ٿي چڪا هئا ۽ ٽريفڪ جهڪي ٿي وئي هئي.
”سهڻي ماڻهوءَ سان گڏ گهمڻ ۾ ڪيڏو مزو آهي!“ پروين هن ڏانهن ڏسندي چيو.
”ڏاڍي خوش قسمت آهين جو تو کي سهڻن ماڻهن جو ساٿ مليو وڃي.“
”اها ڳالهه ته آهي. پنهنجي پنهنجي قسمت آهي.“
هلندي هلندي هن چيو، ”هيئن ڪر ته ٽيڪسيءَ ۾ مون کي گهر تي لاهي پوءِ تون ان ئي ٽيڪسيءَ ۾ هليو وڃ،“
”پاڻ اڪيلي نٿي وڃي سگهين ڇا؟ ٽيڪسيءَ وارو توکي کائي ڪونه ويندو.“
”يار ، تون ته واهيات آهين صفا! مان چاهيان ٿي ته اهي ٻه ٽي گهڙيون به تو سان گڏ هجان. ٽيڪسيءَ وارو منهنجي جتيءَ کي کائيندو!“
نياز هڪ خالي ٽيڪسيءَ کي اشاري سان روڪيو. ”محمود آباد.“ ٻئي ڄڻا ٽيڪسيءَ ۾ چڙهي ويٺا. ٽيڪسي هلڻ لڳي ته پروين، چيو، ”ڪنوارين ڇوڪرين وانگر ڪنڊ ۾ ويٺو آهين! ويجهو ٿي ويهه،“ پروين هن جي ڳلي ۾ ٻانهون وجهي کيس پاڻ ڏانهن ڇڪيو.
”اڄ سڄو ڏينهن مون چاهيو آهي ته تون مون کي Kiss ڪرين،“ پروين پنهنجا کليل چپ هن جي ويجهوآڻيندي چيو. نياز اڳيان ويٺل ٽيڪسي ڊرائيور ڏانهن ڏٺو
”Oh, Damn him“ پروين ڪاوڙ مان چيو. ٻنهي جا چپ ڀچي ويا. پروين نياز جو هڪڙو هٿ ڇڪي پنهنجي ڇاتيءَ تي رکيو. نياز کي لڳو ته هو اهو سڀ بيدليءَ سان ڪري رهيو هو. هن کي پروين جو Aggressive هجڻ نه پئي وڻيو، هو نه چاهيندي به پروين کي Kiss ڪندو، هن جي ڇاتيءَ ۽ سٿرن کي دٻائيندو رهيو. ٽيڪسي محمود آباد پهتي ته پروين هٽي ويٺي. هن ڪپڙن کي ٺيڪ ڪندي چيو، ”مان گهر کان ٿورو اورتي لهنديس. سڀاڻي تو وٽ آفيس ۾ اينديس.“
”آفيس ۾؟ ڪٿي ٻاهر نه ملون؟“ نياز کي هن جو آفيس ۾ اچڻ نٿي وڻيو.
”آفيس ۾ نه ته پوءِ ٻارهين لڳي گرين لينڊ ۾ ملون؟“
نياز چيو، ”ها، اهو ٺيڪ آهي.“
پروين تڪڙ ۾ هن کي چمي ڏني ۽ پوءِ ٽيڪسي روڪائي لهي وئي. نياز ان ئي ٽيڪسيءَ ۾ واپس هليو ويو.
ٻئي ڏينهن جيئن ئي هو آفيس جي گيٽ ۾ اندر گهڙيو ته رسيپشن روم مان ڪنهن عورت کيس سڏ ڪيو. اندر پروين ويٺي هئي.
”تون؟“ نياز حيرت مان چيو.
” ها. هنن واهيات ماڻهن مون کي اندر نٿي ڇڏيو.“
رسيپشن روم ۾ ويٺل ماڻهو کلڻ لڳا. نياز کي اها ڳالهه سخت خراب لڳي. هو پروين کي پاڻ سان گڏ اندر وٺي ويو.
”ايترو سويل اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ پاڻ ته ٻارهين لڳي گرين لينڊ ۾ ملڻ جو پروگرام ٺاهيو هو.“
”هينئر به ڏهه ته ٿيا آهن. مون کي سڄي رات ننڊ ڪانه آئي. مان ايترو وقت انتظار نٿي ڪري سگهيس.“
پروين هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺندي چيو.
”فضيلت ڪري هل. آفيس آهي، ڪو روڊ ناهي،“ نياز پنهنجو هٿ ڇڏائيندي چيو.
”Coward..... صفا ڀاڙي آهين،“ پروين کلڻ لڳي.
ٻئي ڄڻا اندر ڪمري ۾ آيا ته پروين اوچتو نياز کي ڀاڪر پائي پنهنجا چپ سندس چپن تي رکيا. نياز هن کي ڌڪو ڏئي پري ڪيو.
”ڪميني، تون منهنجي نوڪري وڃائيندينءَ.....“
هو ڪاوڙجي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو.”ڇو اچي منهنجي پويان پئي آهين. منهنجي جان ڇڏ. ڪوٻيو پاڻ جهڙو تاڙ...“
”تون ڇا ٿو سمجهين ته مون کان هاڻي جان ڇڏائي سگهندين؟ جيڪڏهن تو مون کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪراچيءَ ۾ تون به رهي نه سگهندين.“
”ڀلي، وڏي آئي آهي ڪراچيءَ جي داداگير!“
نياز خيريت ان ۾ سمجهي ته آفيس مان موڪل ڪري پروين کي ٻاهر وٺي وڃي. هن کي پروين جي حرڪتن سببان سخت ڪاوڙ ۽ بڇان پئي آئي. کيس ڊپ اهو هو ته جيڪڏهن پروين آفيس ۾ ويٺي هوندي ته ماڻهن جي اڳيان خوار پئي ڪندي. پروين ٻاهر هلڻ جي ڳالهه ٻڌي ته خوش ٿي وئي.
ٽيڪسيءَ مان لهندي پروين چيو، ”ڪجهه دير صدر جو چڪر ٿا هڻون، هوٽل ۾ پوءِ هلنداسين جڏهن بک لڳندي.“ نياز خار مان هن ڏانهن ڏٺو. سندس ڏيوالو نڪرڻ وارو هو.
وڪٽوريا روڊ ۽ ايلفي مان چڪر هڻي جڏهن بوري بازار جي گهٽين ۾ هلڻ لڳا ته پروين چيو، ” ڪجهه ته حياءُ شرم ڪر. گرل فرينڊ کي گفٽ ڏبي آهي. تو کي ايترو به خيال نٿو ٿئي جو ڪا معمولي شيءِ سوکڙي طور وٺي ڏين.“
” تو مون کي ڇا سمجهيو آهي ته آءٌ ڪو زميندا آهيان، سرمائيدار آهيان يا رشوت واري نوڪري اٿم؟ پگهار مان باقي ڪي پيسا وڃي بچيا آهن. مٿان وري گفٽ وٺي ڏيان.... گفٽ جهڙي شڪل اٿئي؟“
”وڏو ذليل آهين.“
”تون به وڏي ڪميني آهين.“
ٻنهي هڪ ٻئي ڏانهن ڪاوڙ وچان گهوري ڏٺو.
”هاءِ، ڪاوڙ ۾ ڪيڏو وڻين ٿو،“ پروين هن کي اک هنئي. ٻنهي کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ هٿ هٿ ۾ ڏئي گهمڻ لڳا. نيٺ پروين ٿڪجي پوڻ جي ڳالهه ڪئي، تڏهن هو الفا ۾ وڃي ويٺا. هوٽل ۾ روشنيءَ جي ڌنڌ هئي. هو ٿورو پري ڪنڊ ۾ ويهي رهيا. ويٽر مينو کڻي آيو ته پروين پنهنجي مرضيءَ تي هن کي لنچ جو آرڊر ڏنو. نياز اندر ئي اندر وٽ کائيندو رهيو. اوچتو هن کي محسوس ٿيو ته هن جي پينٽ جي ويڪرن پائنچن ۾ ڪا شيءَ سري رهي هئي. پروين پير جي آڱوٺي سان هن جي جورابن کي هيٺ کسڪائي ڇڏيو ۽ هن جي ٽنگ تي پير گسڪائڻ لڳي هئي. نياز ڪاوڙ مان هن جي اگهاڙي پير کي پنهنجي بوٽ سان ٿڏو هڻي پري ڪيو.
”ڪتي، ڏسين نٿي ته هوٽل ۾ ويٺا آهيون. ڀيڻيان ذليل....“ نياز يڪساهيءَ گاريون ڏئي ويو. پروين ڪاوڙجڻ بدران ٽهڪ ڏيڻ لڳي.
”تون پهريون ماڻهو آهين جنهن مون کي ايتريون گاريون ڏنيون آهن، پر تنهنجي گارين کائڻ ۾ به مزو آهي.“
”تو سان ته شيطان به نه پڄندو. چڱو ٿئي ها جي آءٌ ان بس ۾ نه چڙهان ها....“
پروين ٽهڪ ڏئي رهي هئي.
”آهستي ڦاٽ کاءُ،“ نياز هن کي ڌڙڪو ڏنو.
پروين اوچتو هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي ان کي دٻائيندي چيو. ”I am feeling sex“
”But I am not feeling it“ نياز هٿ ڇڏائيندي بيرخيءَ سان چيو.
ويٽر سلاد جي پليٽ کڻي آيو. پليٽ کي ٽيبل تي رکڻ وقت هن جون نظرون پروين ۾ هيون.
”هڪڙي ڳالهه ٻڌائي- تو هيستائين گهڻين ڇوڪرين سان Sex enjoy ڪيو آهي؟“ پروين پڇيو.
”اڃا تائين ڪنهن سان به نه،“ نياز جند ڇڏائڻ چاهي. هن کي ڊپ هو ته ها چوندوته پوءِ پروين تفصيل ويهي پڇندي.
”تنهن جي معنيٰ ته تون اڃا ڪنوارو آهين ۽ تنهنجي عصمت سلامت آهي؟“
”ائين ئي سمجهه،“ هن بيزار ٿيندي چيو.
”ته پوءِ اهو شرف مون کي حاصل ٿيندو ته آءٌ تنهنجي عصمت کي ٽوڙينديس.“
ويٽر ماني ٽيبل تي آڻي رکي. هو ويندي ويندي پروين تي نظر وجهندو ويو. پروين هن کي پٺيان سڏ ڪيو.
”جي؟“ ويٽر موٽي آيو.
”هنن ڪپڙن ۾ تون ڏاڍو ٺهين پيو،“ پروين مرڪندي هن کي چيو.
ويٽر ڏند ڪڍي بيهي رهيو.
”ڪهڙي ٽوٿ پيسٽ استعمال ڪندو آهين؟“ پروين سنجيدگي سان هن کان پڇيو.
”جي؟“ ويٽر گهٻرائجي ويو.
”بدتميز! عورتن کي ائين ڏسبو آهي؟ جوڪر ڪٿي جو،“ پروين هن کي ڇنڊ ڪڍي.
”Don’t be silly“ نياز پروين کي چيو ۽ ويٽر کي وڃڻ جو اشارو ڪيو.
”تون صفا بي غيرت آهين. پاڻ ته هن کي ڪجهه به نٿو چئين.... ڪيئن مون کي ڪتي وانگر گهوري پيو ڏسي؟“
”ڏسڻ جهڙي ناهين ڇا؟ هن غريب تو کي ڏٺو ته ڪهڙو ڏوهه ڪيائين؟ هاڻي بڪواس بند ڪري ماني ويهي کاءُ.“
پروين منهن ۾ گهنڊ وجهي هن کي ڏٺو ۽ چپ چاپ ماني کائڻ لڳي.
”اڃا ڪجهه اچي؟“ نياز پڇيو.
پروين ڪنڌ هيٺ ڪري ماني کائيندي رهي.
”آءٌ تو کان ٿو پڇان. ڪا شئي کپي؟“ نياز ڏٺو ته پروين ڪاوڙيل هئي.
”پڇين ائين ٿو ڄڻ موچڙا هڻندين،“پروين پنهنجي ڪاوڙ کي کل ۾ اڏائي ڇڏيو. نياز کي ان وقت هوءَ بيحد پياري لڳي. هو ٽوائليٽ ۾ هٿ ڌوئڻ ويو. هن کي پنهنجو اهو رويو عجيب لڳو ته کيس ڪنهن وقت پروين کان سخت بڇان ۽ بيزاري ٿي محسوس ٿي، ته ڪنهن وقت پيار. هو موٽي اچي ڪرسيءَ تي ويٺو. نيپڪن سان هٿ اگهندي هن سرٻاٽ ۾ چيو.”I Love you“
” Really“ پروين کي هن جي اوچتي اظهار تي حيرت لڳي.”اها ڳالهه ٽوائليٽ مان سوچي آيو آهين ڇا؟“ هن ٽهڪ ڏنو. نياز به کلي ڏنو.
”مون ته سمجهيو ته مون تو کي زوريءَ ڦاسايو آهي. تون سچ پچ جذباتي بنجي ويو آهين ڇا؟“پروين هن کان سنجيدگيءَ سان پڇيو.
”پروين آءٌ تو کي هڪڙي ڳالهه ٻڌائي ڇڏيان. آءٌ سچ پچ به جذباتي ماڻهو آهيان. خوابن جي دنيا ۾ رهندڙ. پنهنجن خوابن جي تعبير مون کي ڪڏهن نه ملي آهي- ۽ جي ملي به آهي ته اڌوري اڻپوري. آءٌ چاهيان ٿو ته ڪير مون کي سمجهي، مون کي سنڀالي، مون کي سهارو ڏي....“
”نه يار... اهو سڀ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. مان تمام واهيات آهيان. مان ڪنهن جي لاءِ ڪجهه به نٿي ڪري سگهان. ۽ .... ۽ مان پيار ته ڪري ئي نٿي سگهان. سڀ بڪواس آهي. وقتي آهي.“
”پيار تنهنجي نظر ۾ بڪواس آهي؟ وقتي آهي؟“
”گهٽ ۾ گهٽ مان ته ائين ٿي سمجهان. مون کي پيار جي لفظ کان ئي چڙ آهي. پيار هڪ قسم جي غلامي آهي. مان ڪنهن جي غلام ٿي رهڻ نٿي چاهيان. Oh, don’t be serious“
”ڀلا اسين سٺا دوست ته ٿي سگهون ٿا نه؟“
”Why not.- منهنجي خيال ۾ اسين هڪ ٻئي جا سٺي ۾ سٺا دوست آهيون.“
ويٺي ويٺي هن اوٻاسي ڏيئي چيو، ”هل يار، مون کي ننڊ پئي اچي....“
”ڪٿي هلون؟“
”تنهنجي گهر ٿا هلون. اڪيلو آهين نه؟ مان اڄ ڏاڍي ٿڪجي پئي آهيان. ٿوري دير آرام ڪنداسين، پوءِ شام جو هلنداسين ڪٿي گهمڻ.“
نياز ٿورو هٻڪيو، پر پوءِ هن پروين کي گهر وٺي وڃڻ جي هاڪار ڪئي. هو ٽيڪسيءَ ۾ چڙهي گهر آيا. نياز سوچيو ته هو عمر ۾ ڪڏهن به ايترا ڀيرا ٽيڪسين ۾ نه چڙهيو هو. رڳو ٽيڪسين جي ڀاڙن ئي لاهه ڪڍي ڇڏيا هئا.
گهٽي ۾ سڃ هئي. در تي لڳل تالو کوليندي نياز سوچيو ته اها چڱي ڳالهه ٿي، نه ته پاڙيوارا ان ڳالهه کي خراب ڪري سمجهن ها. نياز پويان در بند ڪيو ۽ پروين کي ويهڻ لاءِ چئي، پاڻ باٿ روم ۾ ڪپڙا بدلائڻ ويو. هو هٿ منهن ڌوئي قميص پائيندو ڪمري ۾ واپس آيو. پروين هنڌ تي ليٽيل هئي. هن کي رڳو بريزيئر ۽ انڊرويئر پاتل هو. سون جهڙو جسم سفيد چادر تي جرڪيو پئي.
”ڏاڍي گرمي آهي. ڪپڙن ۾ ساهه ٿي منجهيو. تون به اچي ليٽ نه؟“
نياز منهن ڦيري ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو. هن کي پروين جو اهو طريقو نه وڻيو هو.
”ڇا ڳالهه آهي؟ منهن ڇو سڄايو اٿئي؟ مون ڏانهن نهار! خوبصورت جسم کي ڏسي تو کي ڪجهه محسوس نٿو ٿئي؟“
نياز چيو، ”ضروري ڪونهي ته ٻئي جي محسوس ڪرڻ تي ماڻهو پاڻ به محسوس ڪري.“
”عجيب ماڻهو آهن.... Are you impotent“
”....Oh, you bitch“ نياز کي باهه وٺي وئي. هن کي خيال آيو ته پروين جي منهن تي زوردار ٿڦڙ هڻي ڪڍي. هڪ پل جي لاءِ پروين کي گهوري ڏٺائين. پوءِ هو پروين جي مٿان وڃي ٽٽو. سٽ سان هن جو انڊرويئر ۽ بريزيئر لاهي اڇلايائين. بريزيئر ۾ ڦاٿل ارهه جهٽڪي سان ڄڻ اڏامندا ڦهلجي ويا.
”...You bitch… you bitch“ گاريون پاڻمرادو هن جي وات مان نڪرنديون رهيون. سون جهڙي اجري جسم تي چڪن ۽ چهنڊين سان ڪارا نيل پئجي ويا هئا. پروين ڪنجهڻ ۽ رڙيون ڪرڻ لڳي. آهستي آهستي ماٺار ڇائنجندي وئي. ٻئي ساڻا ٿي پيا. ڪجهه دير کان پوءِ پروين ڪنڌ مٿي کنيو ۽ مروٽيل چپن سان نياز جي چپن تي، ڳلن تي ۽ بت تي چميون ڏيڻ لڳي. ”I Love you“ هن مٿو نياز جي ڇاتيءَ تي رکي ڇڏيو. ڳچ دير تائين ڪوبه ڪونه ڪڇيو.
”I love you“ پروين ڪنڌ مٿي کڻي وري هن کي چمي ڏني.
” تو کي ته پيار جي لفظ کان چڙ آهي!“ نياز پروين جي چپن تي آڱر ڦيرائيندي چيو. پروين هن جو هٿ جهلي ان کي چمي ڏني.
”مان تو کي سچ ٻڌايان. مون ڪڏهن به ڪنهن سان پيار ناهي ڪيو. مون کي ڪڏهن پيار مليو ئي ڪونهي. مون کي اهو لفظ چڙ ڏياريندڙ لڳندو آهي.“
”گهر وارن به تو کي پيار نه ڏنو؟“
”پيار ته پهرين ماءُ ڏيندي آهي. مان اڃا ننڍي هيس ته منهنجي ماءُ ڀڄي وئي. گهر ۾ مان هيس، مون کان ٻه سال وڏي ڀيڻ هئي ۽ بابا، جيڪو ڏينهن رات ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندو هو. بابا پنجاب جي هڪڙي ڳوٺ ۾ معمولي آبادگار آهي. هن اسان کي ماءُ بنجي پاليو، پر سندس طبيعت ۾ بخيلي گهڻي هوندي هئي. اسين ٻئي ڀينرون هن کان ڏاڍيو ڊڄنديون هيوسين. ادي وڏي ٿي ته بابا هن جي شادي ڪرائي ڇڏي. هن کي سندس مڙس ڪراچيءَ وٺي آيو. هتي ڪسٽم ۾ نوڪري ڪندو آهي. مون کي به اديءَ پاڻ وٽ گهرائي ورتو. هن مون کي پڙهائي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ ٿي چاهيو...“
”تون ڪيترو پڙهي آهين؟“
”ايم- اي ۾ هيس ته پڙهڻ ڇڏي ڏنم، لڳي ٿو ته هاڻي مون کان ڪجهه به نٿو پڄي. هڪ ٻن هنڌن تي نوڪريون به ڪيون اٿم، پر اتان به وڙهي ڇڏي ڏنيون اٿم.“
”آخر تو سان ويڌن ڪهڙي آهي؟“ نياز چيو
”ويڌن؟“ هوءَ چپ ٿي وئي. ڪجهه سوچي رهي هئي. پوءِ چيائين،” منهنجي ڀيڻ جي مڙس منهنجي زندگيءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو. مان اڃا سامائي مس هيس ته هن هڪ ڏينهن مون کي Rape ڪيو. پوءِ هو جنهن مهل به چاهيندو هو پنهنجي مرضي پوري ڪندو هو. هن مون کي ذلالت جي حد تائين ڪيرائي ڇڏيو....
”تنهنجي ڀيڻ به اعتراض نه ڪيو؟“
”هن شروع ۾ گهڻو گوڙ ڪيو، رني رڙي. پر سندس مڙس ڌمڪي ڏني ته هو کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيندو. هن جي لاءِ ٻيو ڪو چارو نه هو ته ماٺ ڪري سڀ ڏسندي رهي.“
نياز کي پنهنجي ڇاتيءَ تي آلاڻ محسوس ٿي. هن پروين جي منهن تي هٿ ڦيري ڳوڙهن کي اگهي ورتو. نياز وٽ چوڻ لاءِ ڪجهه نه هو. هن پروين کي پنهنجن ڀاڪرن ۾ آڻي ڇڏيو ۽ هوءَ وڻ ويڙهيءَ وانگر سندس جسم سان وڪوڙجي وئي.
شام جو هٿ هٿ ۾ ڏئي هل پارڪ تي گهمندي نياز چيو، ” يار، منهنجو کيسو ڏاڍو هلڪو ٿي ويو آهي ۽ اڃا سڄو مهينو پيو آهي.“
”وڏو بي ايمان آهين،“ پروين کلندي چيو. مون تو کي چيو ڇا ته ايڏو شاهه خرچ ٿي. سڀاڻي کان وٺي خرچ مون تي. قبول؟“
”قبول،“ نياز هڪدم هائوڪار ڪئي.
”ڏاڍو بيشرم آهين،“ هن ٽهڪ ڏنو. ”هميشہ ڇوڪرا ڇوڪرين تي خرچ ڪندا آهن ۽ تون چاهين ٿو ته ڇوڪريون تو تي خرچ ڪن.“
”پر تو پاڻ ئي ته آفر ڪئي آهي!“ نياز ڪاوڙ مان چيو.
”ها منهنجا شهزادا، مان تو کي کٽائي ڀڄائڻ نٿي چاهيان.“
موڪلائڻ وقت نياز چيو، ”سڀاڻي تون آفيس ۾ نه اچجان، مون سان فون تي ڳالهائج. پوءِ ملڻ جو پروگرام ٺاهينداسين.“
”ٺيڪ آهي،“ پروين چيو.
نياز آفيس ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري غور سان فائيل پڙهي رهيو هو ته هن پنهجي پاسي ۾ ڪنهن کي بيٺل محسوس ڪيو. ڪنڌ مٿي کنيائين. پروين مرڪي کيس ڏسي رهي هئي. نياز کي سخت چڙ ۽ بيزاري محسوس ٿي.
”تون؟ هينئر ڇو آئي آهين؟“ هن رکي آواز ۾ چيو.
”مان ويهڻ ڪانه آئي آهيان. هتان لنگهيس ته سوچيم تو وٽان ٿيندي وڃان ۽ شام جو پروگرام به ٺاهي ڇڏيون.“ هن پرس کولي ان مان فارين جي سگريٽن جا ٻه پئڪيٽ ڪڍي نياز جي اڳيان ٽيبل تي رکيا.
”تون اندر ڪيئن آئينءَ؟“ هن سگريٽن کي اڻ ڏٺو ڪندي چيو.
”ڇو؟ ڪنهن کي طاقت آهي جو مون کي اندر اچڻ کان روڪيندو. رسيپشن وارا ته هونءَ ئي مون تي جهرن ٿا.“
”چڱو، هينئر آءٌ ڏاڍو بزي آهيان،“ نياز فائل تي ڪنڌ جهڪائيندي چيو.
”پوءِ شام جو ڪهڙو پروگرام آهي؟“
”اڄ آءٌ نه اچي سگهندس.شايد آفيس مان دير سان اٿان.“
پروين هن جي اڳيان ڪرسيءَ تي ويهي رهي.
”هيڏنهن ڏس. ناراض آهين؟“
”پليز....“ نياز بيزاريءَ مان چيو.
پروين هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي تڪڙ ۾ سندس واچ لاهي ورتي.
”هي ڇا ٿي ڪرين؟“ هن چڙ مان چيو.
”تنهنجي واچ مون وٽ گروي رهندي. شام جو مان گرين لينڊ ۾ تنهنجو انتظار ڪنديس. نه آئين ته واچ ڇٽي.“
”Go to hell. نياز ڪاوڙجي چيو. پروين مرڪندي هلي وئي.
نياز سوچيو ته جيڪڏهن واچ جي بدلي سندس جان ڇٽي ته به سٺو. پروين سان گهڻو وقت هلڻ هن جي وس کان ٻاهر هو. هن فيصلو ڪيو ته هو شام جو گرين لينڊ نه ويندو.
ٻئي ڏينهن پروين هن کي آفيس ۾ فون ڪئي.
”هلو، مان پروين ٿي ڳالهايان.....“
”ڦاٽ،“ هن ۾ وري ڪاوڙ جاڳي پئي.
”واءِ! ڪاوڙجڻ ته مون کي کپي جو تو ڪالهه مون کي ايترو انتظار ڪرايو....“
”خدا جي واسطي، پروين! گهڻو ٿيو، هاڻي منهنجي جان ڇڏ،“ هن ڄڻ منت ڪندي چيو.
”ٻڌ، مان هتي رسيپشن روم مان پئي ڳالهايان،“ پروين جو آواز ٽيليفون جي تارن ۾ وچڙي ٻڏي ويو. کن رکي هن گهٽيل آواز ۾ چيو، ”ٻاهر ٽيڪسي بيهاري آئي آهيان. مان ان ۾ وڃي ويهان ٿي. تون رڳو منهنجي ڳالهه ٻڌي وڃ. پليز...“ هن اهڙي انداز ۾ منت ڪئي جو نياز انڪار نه ڪري سگهيو.
”چڱو...... آءٌ اچان ٿو.....“ نياز چيو ۽ ڪي گهڙيون ويٺو رهيو. هو پاڻ کي بيحد خالي خالي محسوس ڪرڻ لڳو. نيٺ اٿيو ۽ ٻاهر ويندي هن سوچيو ته پروين کي آئيندي نه ملڻ جي لاءِ صاف صاف چئي ڇڏي.
گيٽ کان ٿورو پرتي ٽيڪسي بيٺي هئي. ٽيڪسيءَ جي کليل دروازي وٽ آفيس جو هڪڙو رسيپشنسٽ بيٺو هو ۽ اندر ويٺل پروين سان کلي کلي ڳالهائي رهيو هو. نياز ٽيڪسيءَ جي ٻئي در وٽ وڃي بيٺو. پروين در کوليندي چيو، ”مون کي تو سان ضروري ڪم آهي، ٿوري دير لاءِ مون سان گڏجي هل.“
”هتي ئي ٻڌائي. مون کي موٽي آفيس ۾ وڃڻو آهي،“ نياز رکائي مان چيو.
”پليز گهڻي دير ڪا نه لڳندي. منهنجو واعدو آهي. اچ ويهه.....“
هن دروازو کوليو.
”ساري... آءٌ هلڻ نٿو چاهيان،‘ نياز ٽيڪسيءَ جو دروازو بند ڪري ڇڏيو.
پروين جو منهن جهڙاٽجي ويو. هن کن جي لاءِ نياز کي چتائي ڏٺو. پوءِ هن منهن ڦيري ٻئي در وٽ بيٺل رسيپشنسٽ طرف ڏٺو ۽ دروازو کولي هٿ وڌائي هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي اندر ٽيڪسيءَ ۾ ويهاريو. هن ڊرائيور کي هلڻ لاءِ چيو. ٽيڪسي اسٽارٽ ٿي هلي ته پروين دريءَ مان ٻانهن ٻاهر ڪڍي ڪا شيءِ اڇلائي نياز جي منهن ۾ هنئي. واچ هئي ۽ نياز ان کي جهٽي ڪرڻ کان بچائي ورتو.