ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

اندر جو آواز

ھي ڪتاب علي حسن ”احسن“ چڍڙ جي لکيل نثري ٽُڪرن ۽ نظمن جو مجموعو آھي. ھو لکي ٿو:
”اندر جو آواز، منهنجون اهي تخليقي لکڻيون آهن جيڪي مون نثري ٽڪڙن، نثري نظمن جي صورت ۾ روز مره جي زندگيءَ ۾ ڪنهن واقعي کي ڏسي يا فيس بڪ يا پنن تي لکي رکندو هيس انهن کي گڏ ڪري، مان ڪتابي شڪل ڏني آهي، جن ۾ هر هڪ حرف منهنجي اندر جو آواز آهي جيڪو اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايئن به ناهي ته صرف منهنجي اندر جو درد آهي پر هي هر درد مند جي دل جو آواز آهي. عام ماڻهو درد مان دانهون ڪندو آهي پر شاعر پنهنجي درد کي پني تي اڪري ان درد جي حقيقي منظر ڪشي ڪري ٿو.“
  • 4.5/5.0
  • 1297
  • 296
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book اندر جو آواز

حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: اندر جو آواز
موضوع: (نثري ٽڪرا/ نثري نظم)
ليکڪ: علي حسن ”احسن“ چڍڙ
ڇاپو پهريون: جون 2019ع
ڪمپوزنگ : علي حسن ”احسن“ چڍڙ
ٽائيٽل: مهراڻ علي سھتو
لي آئوٽ: فيصل ميمڻ
ڇپائيندڙ: چڍڙ ادبي اڪيڊمي ميرپورماٿيلو
ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي
گاڏي کاتو حيدرآباد
03003513966

ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com

مُلهه: 200= روپيا

Awaz muhanjy andar jo
(Reserch)
By: ALI HASSAN AHSAN CHADHAR
03013838412
Sambara Publication Hyderabad


ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو

ارپنا

پنهنجي محترم والد صاحب، پنهنجي جيجل امڙ جن مون کي نپائي وڏو ڪيو ۽ علم ۽ شعور ڏنو. پنهنجي جيون ساٿين ۽ انهن استادن صاحبان جن مون کي پڙهڻ لکڻ جوڳو بڻايو ۽ منهنجا محترم دوست جن مون سان هر موڙ تي پيار ۽ پاٻوه سان نڀايو.

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اندر جو آواز“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب علي حسن ”احسن“ چڍڙ جي لکيل نثري ٽُڪرن ۽ نظمن جو مجموعو آھي. ھو لکي ٿو:

”اندر جو آواز، منهنجون اهي تخليقي لکڻيون آهن جيڪي مون نثري ٽڪڙن، نثري نظمن جي صورت ۾ روز مره جي زندگيءَ ۾ ڪنهن واقعي کي ڏسي يا فيس بڪ يا پنن تي لکي رکندو هيس انهن کي گڏ ڪري، مان ڪتابي شڪل ڏني آهي، جن ۾ هر هڪ حرف منهنجي اندر جو آواز آهي جيڪو اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايئن به ناهي ته صرف منهنجي اندر جو درد آهي پر هي هر درد مند جي دل جو آواز آهي. عام ماڻهو درد مان دانهون ڪندو آهي پر شاعر پنهنجي درد کي پني تي اڪري ان درد جي حقيقي منظر ڪشي ڪري ٿو.“

ھي ڪتاب 2019ع ۾ چڍڙ ادبي اڪيڊمي ميرپورماٿيلو پاران سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون علي حسن ”احسن“ چڍڙ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.

ساٿ سلامت سنڌ سلامت



[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پيش لفظ

ٻاجھاري رب ڪريم جل جلاله جي نالي سان شروع ڪريان ٿو، جنهن اسان کي اشرف المخلوقات بڻايو ۽ علم جي ڏات سان نوازيو. جتي رب پاڪ اسان کي ٻيون نعمتون عطا ڪيون آهن. ان سڀني مان مٿاهين نعمت علم، عقل۽ فهم آهي جنهن سان اسان دنيا اڳيان پنهنجو لکڻيون پيش ڪريون ٿا. علم بنا انسان جانور مثل آهي، ۽ علم انسان جي ٽين شعور واري اک آهي، جنهن سان انسان نيون تخليقون ڪري ٿو شاعري به هڪ تخليق آهي، جيڪا انسان جي اندر جو آواز هوندي آهي. مان ڪو وڏو شاعر، اديب ته ناهيان پر ايترو ضرور آهي ته علم، شعور مان مون کي به رب تعاليٰ جل جلاله ڪجھ حصو عطا ڪيو آهي.
اندر جو آواز، منهنجون اهي تخليقي لکڻيون آهن جيڪي مون نثري ٽڪڙن، نثري نظمن جي صورت ۾ روز مره جي زندگي ۾ ڪنهن واقعي کي ڏسي يا فيس بڪ يا پنن تي لکي رکندو هيس انهن کي گڏ ڪري، مان ڪتابي شڪل ڏني آهي، جن ۾ هر هڪ حرف منهنجي اندر جو آواز آهي جيڪو اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايئن به ناهي ته صرف منهنجي اندر جو درد آهي پر هي هر درد مند جي دل جو آواز آهي. عام ماڻهو درد مان دانهون ڪندو آهي پر شاعر پنهنجي درد کي پني تي اڪري ان درد جي حقيقي منظر ڪشي ڪري ٿو. زندگي ۾ کوڙ اهڙا واقعا ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، جن مان محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ اهي مون سان ٿيا آهن. شاعر، اديب، قلمڪار جي طبيعت ايتري حساس هوندي آهي جنهن کي ٻيا مزاق سمجھي ٽاري ڇڏيندا آهن پر هي انهن کي باريڪ نظر سان ڏسندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي زندگي ۾ به اهڙا مرحلا ايندا آهن جن کي مان سيريس وٺندو ۽ سوچيندو آهيان جڏهن ته ٻيا ماڻهو انهن ڳالهين تي ڪن لاٽار ڪري ڇڏيندا آهن مهنجي طبيعت ۾ ان مالڪ ڪريم جل جلاله ايڏي ته حساسيت رکي آهي جو ڪا به اڻ وڻندڙ ڳالهه برداشت نه ٿيندي آهي جيڏو به پاڻ کي روڪيان قلم پنهنجو ڪم ڪري ويندي آهي. پني تي اڪريل اهي سڀ اکر ان ڪڙي جو حصو آهن، جيڪي مون محسوس ڪيو.
انسان جي زندگي جا ڪي پل آهن اسان هڪ سفر تي نڪتل آهيون ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي پهچي اهو سفر ضرور ختم ٿي ويندو ۽ اسان مان هر ڪو پنهنجو پنهنجو سفر پورو ڪري هليو ويندو، پر هن جهان جو چرخو پيو ائين هلندو. اسان هر روز اهڙا هزارين واقعا ڏسون ٿا ڪي اچن پيا ته ڪي وري وڃن پيا، پر اسان ان مان ڪهڙو سبق پرايو آهي؟ دنيا جي گردش ۾ اهڙا ته غرق آهيون جو اسان کي ان پاسي ڪو خيال ناهي ته اڄ هي ٿو وڃي سڀاڻي لاء تون به تيار ٿي. مون به اهو ڪجھ لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي رب ڪريم جل جلاله اسان سڀني تي پنهنجو فضل ۽ ڪرم ڪري.
لکڻ به ڪنهنجي وس ۾ ناهي هي هڪ قدرت جي ڏات آهي ڪڏهن ڪڏهن مهينن تائين مون کان هڪ اکر به ناهي لکي سگھبو، پوءِ کڻِي ڪيڏي به ڪوشش ڪريان ۽ مون کي محسوس اهو ٿيندو اهي ته جيڪا رب ڪريم جل جلاله طرفان ڏات ملي هئي سا الاءِ ڪيڏانهن وئي. پر جڏهن دل کي اڻ وڻندڙ واقعو ڇُهي ٿو ته ان جي رڙ پني تي اڪري وڃي ٿي. مان انهن پرين پيارن دوستن جو شڪر گذار آهيان جن منهنجو حوصلو وڌايو ته منهنجي قلم ۾ جان پئجي وئي، جنهن ۾ منهنجو مامو ايڊوڪيٽ نور احمد چڍڙ جيڪو پاڻ به هڪ سٺو شاعر آهي جنهن جو مون سان هميشه ساٿ رهيو آهي ڊاڪٽر لعل بخش نائچ جيڪو ڪتابن جا تحفا ڏيندو رهي ٿو ۽ هر وقت مون کي لکڻ تي اتساهيندو رهي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جي مون سان محبت به منهنجي هن علمي پورهي جي ڪري آهي شفيع محمد چڍڙ جيڪو منهنجي علم ۽ ادب سان لاڳاپي جي ڪري ئي منهنجي عزت ڪري ٿو. اهي منهنجي بابا محترم ۽ پياري امڙ جون ئي دعائون آهن جنهن ڪري مان ڪجھ لکي سگھان ٿو. منهنجا محسن ۽ مهربان دوست پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو صاحب، ڪريم بخش چنا ۽ شبير پيراهين جن جي محبتن ۽ صحبتن جو اهو ڪمال آهي جو منهنجو سمورو وقت مطالعي ۾ گذري ٿو. جي مان هنن کان ٿورو پري رهان ٿو ته پاڻ کي اڌورو ٿو محسوس ڪيان، سندن مفيد مشورا هميشه گڏ رهيا آهن. رب تعاليٰ جل جلاله کان دعا ته اهي ڪچهريون هميشه قائم رهن. علي اڪبر سيال جو به شڪر گزار آهيان جنهن سان رهي مون ڪمپوزنگ جي مرحلي کي بهتر نموني پورو ڪيو. جنهنڪري مان پنهنجي ڪتاب کي با آساني پورو ڪري سگھيو آهيان .


علم جو ادنا خادم

[b]علي حسن ”احسن“ چڍڙ
[/b]چڍڙ ڪالوني ميرپور ماٿيلو
03013838412

ٿورن لفظن ۾ وڏيون ڳالهيون

آزاد شاعري وسيلي شاعر پنهنجي فڪر ۽ سوچ جو پوري پوري آزادي سان اظهار ڪندو آهي. نئين دور جي شاعرن عروض سان بغاوت ڪندي آزاد شاعري ۾ هر ڳالھ کي برملا بيان ڪيو آهي ۽ پنهنجي فڪر کي وقت ۽ حالتن موجب نئين تشبيهن ۽ جديد استعارن سان سينگاري پيش ڪيو آهي. سنڌ جي قديم شاعرن فارسي شاعرن کان اثر ورتو ۽ سرو ، نرگس، هجر فراق، رقيب، محبوب جي ادائن، گل بلبل ۽ٻين ايراني تشبيھ کي فروغ ڏنو ته پوءِ پنهنجي ئي ديس جي شاعري ديار غير جي علامت بڻجي وئي اهو رواج سنڌ ۾ ايڏو ته پختو ٿي ويو جو ان کان سواءِ شاعري کي نه ته شاعري ۽ نه ئي اهڙي شاعر کي شاعر پئي سمجھيو ويو. سنڌ ۾ شاه لطيف پهريون شاعر آهي جنهن پنهنجي دور جي ادبي روايتن جي نفي ڪئي ۽ پنهنجي ديس جي مٺڙن ماروئڙن، عام پورهيتن جي زندگي کي موضوع بڻائي پنهنجي آفاقي شاعري ۾ بيان فرمايو. انهي کي ئي اڄ اسان عوامي ۽ پنهنجي ڌرتي جي خوشبوءِ ۾ رچيل شاعري ٿا سڏيون. شاه صاحب پنهنجي ڌرتي جي ماڻهن کي ڳائي نه صرف مان ڏنو پر شاعريءَ ۾ جدت پسندي جو بنياد پڻ رکيو. سنڌ جي جن شاعرن اهڙي فن ۽ جديد موضوع تي تجربا ڪيا سي عوام ۾ مقبول ٿي ويا اڄ اهڙي جديد لاڙن واري شعر کي ئي جديد شاعري سڏيو ويو آهي.
شاعري آزاد هجي يا نثري اها شعور ڏي ٿي ۽ دانائي ٿي سيکاري سنڌ ۾ نثري شاعري انگريز دور کان ترجمو ٿي آئي ۽ اڳتي هلي اها هڪ فن ۽ آزاد فڪر جو بهترين ذريعو بڻجي وئي. علي حسن “احسن” چڍر نثري نظم ۽ نثري ٽڪڙا لکي سنڌي ادب ۾ نوان فڪري لاڙا ۽ جديد خيال آندا آهن. جن سان فن نثري شاعري ۾ جدت ۽ انفراديت پيدا ٿي آهي. ايئن هر گز نه آهي جو “احسن” کي عروضي شاعري تي ڪو عبور ناهي جو هُن نثري شاعري کي ترجيع ڏني آهي. ”احسن” جي عروضي شاعري وايون، غزل ۽ ٻيون صنفون وقت به وقت اخبارن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون جديد شاعري کي نظر ۾ رکندي هن آزاد شاعري نثري نظم لکي اوهان آڏو پيش ڪيا آهن. جيڪو هڪ واکاڻ جوڳو ڪم آهي

1- خوشيءَ دولت سان نه،
پر انسانذات جي خدمت ڪرڻ سان ملندي آهي.

2- هر ڪو اڳتي وڌڻ جي دوڙ ۾ آهي،
پر منزل جي ڪنهن کي به ڪا خبر ناهي.

3- هو ڇا مون سان رٺو. رقيب، رفيق بڻجي،
مهنجي گھر پهچي ويا.

4- غربت رشتن ۾ به، ڏار ٿي، وجھي ڇڏي.

5- سنڌين کي ڦُرڻ جا ٻه آسان طريقا،
هڪ هوٽل ٻيو پرائيوٽ اسڪول.

“احسن” ٿورن لفظن ۾ وڏي عقل واريون ڳالهيون لکي پنهنجا ذاتي تجربا ۽ مشاهدا اثرائتي انداز ۾ بيان ڪيا آهن. سندس اظهار خيال ڏاڍو نرالو ۽ وڻندڙ آهي جنهن ۾ “احسن” سماج جا مسئلا غريب ماڻهن جي جذبات نگاري، مذهبي منافرت، ملڪي امن انصاف، بي روزگاري، غربت گراني ۽ موجوده تعليمي تباهي جي حقيقي ترجماني ڪري نثري ٽڪڙن ۽ نثري نظمن کي نئين فڪري واٽ ڏيکاري آهي علي حسن “احسن” چڍڙ جي نثري ٽڪڙن ۽ نثري نظمن ۾ فڪر ۽ تخيل بلند آهي جنهن ۾ “احسن” ملڪي ۽ آفاقي ترقي جا خواب ڏٺا آهن. يقين آهي ته انشاءَ الله اهي ساڀيان ضرور ماڻيندا. سنڌ ۾ سندس نثري پورهئي کي مان ملندو، ۽ هر ڪو قدر جي نگاه سان ڏسندو ڇوته علي حسن “احسن” جي هن صنف تي طبع آزمائي قابل تحسين آهي.


[b]ڪريم بخش چنا
[/b]عيد گاه ميرپور ماٿيلو

حصو پهريون: نثري ٽڪرا

---

1

 مونکي هر طرف تون ٿو نظر اچين سڀ شيءِ ۾ صرف تون ئي آهين
 ڪٿي ٿو ڳولين ڪجھ من اندر ۾ به جھاتي پاء هو ويجھو آهي ساھ کان به
 هر دور ۾ هو آهي، ڪئي دور آيا، ايندا پر هو ته هو آهي
 درجا دلين تي هوندا آهن پاڻ کي ڪهڙي درجي تي ٿو رکين اها توکي ئي خبر
 انسان کان نفرت ڪندڙ انسان مان ابليس ٿو بڻجي پوي
 هو ويجھو آهي تنهنجي جسم تي پاتل ڪپڙن کان به
 درويشي مان ڪجھ به هٿ نه ٿو اچي جيستائين مخلوق سان تنهنجو ڪانٽيڪٽ ناهي
 جسم ڪيڏو به صاف هجي جي اندر ميرو آهي ته روح گدلو رهندو ۽ تون پاڻ کي سڃاڻي نه سگھندين
 فصل اهو ئي ڪٽيندين جيڪو پوکيندين پوءِ تنهنجي مرضي آهي تون ڇا ٿو پوکين
 توکان برداشت نه ٿيو ڪنهن جو عيب ۽ ماڻهن ۾ هل پئجي ويو هو ته هر ڪنهن جا عيب ڏسي ٿو ۽ لڪائي ٿو
 دُلدُل به ڇرڪ ڀريو پاڻي ۾ منهن هڻڻ کان پوء هو ته جانور هيو تون اشرف المخلوقات آهين هر دم وٽو تنهنجي منهن تي آهي
 تنهنجو دماغ ئي تنهنجو سڀ ڪجھ آهي پاڻ کي جاهل ۾ شمار ڪرين يا عالمن ۾
 جيڪي ڪتاب کان پري ويا انهن جي بربادي جو ڪارڻ به اهو ئي هوندو
 ميڙڻ وارا، ڀلين ڪيڏو به ميڙين پر تون ويندين هٿين خالي
 تون مسڪينن تي رحم ڪر ته توتي به ڪا ٻاجھ ٿئي
 هو هر ڪنهن جي دل ۾ وسي ٿو جي نظر هجي تو وٽ ڏسڻ واري
 ڪنڌ کي هيٺ رک ته رحمت ٿي اوچائي تان ڪرڻ واري کي سنڀارڻ به مشڪل هوندوآهي
 ڪڏهن ڪڏهن انسان ايڏو ته مجبور هوندو آهي جو ظلم ڏسي به لب چوري نه ٿو سگھي
 ماء جي پيار جو مثال ملڻ مشڪل آهي پر مالڪ جي پيار جي ته ڪا انتها ناهي ستر دفعا وڌيڪ پيار ڪري ٿو ماء جي پيار کان
 سوچ کي وسيع ڪرڻ سان منزلون آسان ٿي پون ٿيون
 انڌيري رات ۾ ڏيئي بنا هلڻ تمام مشڪل آهي
 جسم کي ايڏو مضبوط ڪر جو پاڻ سان گڏ وڌ کان وڌ مال کڻي سگھين اڳتي ڪجھ به ناهي
 مهمان ڪڏهن مالڪ ناهي هوندو پوءِ مان ۽ ايڏو حرص ڇو؟
 جسم مٽي جو ۽ خيالن جي اُڏام وري آسمان کان به بلند
 تبديليءَ لاءِ پاڻ کي تبديل ڪريو.
 فرقن کي ڇڏي مسلمان ٿي پئو
 ڇا صوفي ازم ۽ اسلام الڳ عقيدا آهن؟
 درگاهن ٻاهران سلفي ۾ چرس وجھي چرس پيئڻ وارو صوفي ناهي، صوفي اهو هوندو آهي جڏهن نماز نيتي ته روحاني ڪنيڪشن الله سان هجي
 مونکي پاڻ مٿي ويهي ٻين کي هيٺ ويهارڻ وارا ٻڌائين ته ٻنهي جهانن جي سردار به ڪڏهن ايئن ڪيو هو؟
 مونکي سنڌين جي حال تي روئڻ ايندو آهي ڪنهن نه ڪنهن نا انصافي جي ور ڪو نه ڪو چڙهيل آهي
 چون ٿا سنڌين ۾ سوشل ميڊيا سجاڳي آندي آهي بلڪ غلط اڃان به ڪنهن ڏاڍي کي مٿي ويهاري، اسان هيٺ ويهون ٿا
 اڳي سنڌ کي ارغون، ترخان، منگولن تباه ڪيو هوهاڻي هي ڪير آهن جيڪي سنڌڙي جي مٿان ٿا وار ڪن
 تاريخ جا ورق کوليو جڏهن به سنڌ مٿان ڪاهون ٿيون انهن جا گھر ڊراهيا ويا هاڻي ڪنهن جي ڪاھ سمجھون.
 شاعر، اديب، صحافي، استاد ۽ سڀني قلمڪارن تي اهي فرائض لاڳو ٿين ٿا ته هو پنهنجي تعليمي تباهي تي ڀرپور قلم کڻن.
 اسان وٽ شاعرن، اديبن، قلمڪارن جا ٽولا آهن انهن کي عرض ڪندس ته ٽولا بنديون ۽ نفرتون ڇڏي هڪ ٿي پئو.
 جي قلمڪار ٽولن جي ور چڙهي وڃن ته عام ماڻهو جو درد ڪير لکندو.
 سڄي عمر ڀٽڪياسين رستو نه مليو پوئتي هٽيا سين ڪجھ به نه بچيو
 هلندي هلندي رستو کٽي ويندو ۽ پوئتي به ڪجھ نه رهندو.
 جڏهن اسان پنهنجي بناوٽ تي غور ڪريون ته غرور پاڻ ئي هليو ويندو.
 قبر ڪاري ڪوٺڙي آهي هن لاءِ روشني جو بندوبست پاڻ کي ئي ڪرڻو پوندو.
 اسان ميڙڻ وقت اهو وساري ويهندا آهيون ته اسان کي ميڙڻو ڇا آهي گلن کي ڇڏي ڪنڊا ميڙيون ٿا.
 اسان پاڻ کي اهل علم سمجھون ٿا پر بي علم اسان جهڙو ڪوئي به ناهي رب جو ڪتاب کي سمجھي نه سگھيا سين.
 مون کي محلن ۾ رهڻ جي تمنا رهندي آهي ڇو مان اهو نه ٿو سوچان ته جنهن ڪريم صه جي ڪري هي دنيا ٺهي ته هو پاڻ تڏي تي سمهندا هئا.
 جيڪا پوک پوکڻي اٿئي پوکي وٽ وقت ٿورو آ بچيو موسم بدلجڻ ۾
 جنهن ڪم ۾ من کي سڪون اچي اهو ڪم اوهان جو بهترين ثمر هوندو آهي
 ٻن قسمن جو دنيا تي ثمر ڇٽيل آهي ۽ اسان پاڻ سمجھدار آهيون ته ڪهڙي قسم جو ثمر کڻي اڳتي هلڻو آهي
 جيڪو پاڻ کي ڪجھ سمجھي ان کان وڌيڪ ڪم ظرف ڪوئي به ناهي.
 وقت گھوڙي سوار آهي ۽ مان ٻارڙن واري ٽور پيو هلان الاءِ وقت ڪهڙو ويڌن ڪندو.
 اسان جا ٿڪل جسم نه پر ذهن آهن تڏهن ته وقت اسان جو ساٿ نه ٿو ڏي.
 هر ڪو وقت جي آڌار تي ساٿ ڇڏي ويندو، اهو ايستائين جو روح جسم کان وقت جي آڌار تي منهن مٽي ٿو وڃي.
 انسان جي سوچ انسان کان سوين ڪوھ اڳتي سفر ڪري وئي آهي تڏهن ته جائز ۽ ناجائز ۾ فرق نظر نه ٿو اچي
 ڪجھ وڏڙا به انا پسند هوندا آهن انهن کي گھرجي ته پاڻ کان ننڍن تي شفقت وارو هٿ رکي پنهنجي تجربي مطابق اڳتي وڌڻ جو رستو ڏسين
 هميشه پاڻ کان وڏڙن سان وقت گذاريندا ڪريو ڇو جو، جيڪا اوهان عمر گذاري رهيا آهيو اهي گذاري ويا آهن اوهان جي عمر انهن جو تجربو
 اڄ جيڪي منهنجي لکڻين تي طنز ڪن ٿا سڀاڻي منهنجي وڃڻ کان پوءِ اهي ئي تبصرو ڪندا
 منهنجي راهن ۾ ڪئي ڪنڊا وڇايا ويا پر مان هلندو رهيس ۽ نيٺ مون منزل ماڻي ورتي
 اسان جنهن ماحول ۾ رهون ٿا اتي شاعر کي غلط چون ٿا
ڇو ٿا ڪڏهن شاعر جي فطرت کي اهي سمجھي نه سگھيا آهن
 پنهنجي مرضي کان بغير ٻئي ڪنهن جي مڙهيل ڳالهه دل جو نقصان ڪري ٿي ۽ طبيعت بي مزو ٿي پوي ٿي
 وزن ايترو کڻو جيڪو برداشت ڪري سگھو وڌيڪ وزن کڻڻ سان گڏھ به جھڪي پوي ٿو
 جيڪو سچ واري واٽ تي هلڻ وارو هوندو ان کان اڻ وڻندڙ ڳالھ ڪڏهن به برداشت نه ٿيندي
 اوهان جون يادون پرين ٿيون ستائين
 هن گھر لاءِ مون هر آسائش خريد ڪئي پر هن گھر لاءِ هڪ کٽولو به نه
 خاڪ هئين ٿيندين به خاڪ ته پوءِ آسمان سان ڪنڌ اها سوچ کان به مٿي جي ڳالھ
 مون هميشه پنهنجي پيار جي زمين کي لڙڪن سان سيراب ڪيو
 جي اچي ڏين ها آٿت ته زندگي پوي ها بچي
 مون هزارن کي هن دنيا مان ويندي ڏٺو آهي جن زماني کي پئي سڀ ڪجھ سمجھيو
 مان هميشه دل تي لڳل بي وفائي جي داغ کي ڳوڙهن سان ڌوئڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو
 وقت هميشه پنهنجا پير ڊاهي ٻين جا نشان ظاهر ڪري ٿو
 اي سمنڊ تنهنجي گھرائي منهنجي اندر کان وڌيڪ ناهي تو وٽ پاڻي مون وٽ درد آهن
 منهنجي جھرندڙ هڏڙن نه پر مهنجي جذبن کي ڏس تنهنجي هر سڏ تي لبيڪ هوندو
 جن جذبن کي جوان رکيو انهن طوفانن جو رخ به موڙي ڇڏيو
 مان پنهنجي وجود کي ٿو ڳوليان پر نه ٿو لڀجي
 مون جڏهن به ڪنهنجي اکڙين جي ڪتابچي کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، هزارين درد لکيل ملن ٿا ۽ پوءِ مان پنهنجو درد وساري ويهان ٿو.
 منهنجي قلم صرف درد لکي ٿي پر مان هزارن کي ان ڪيفيت مان گذرندي ڏسان ٿو
 منهنجي سچائي پنهنجن کان پري رکيو منافقن هميشه دلين ۾ جايون ٺاهيون
 مٺي زبان هيٺيان هزارين ڇريون لڪل هونديون آهن ڪاوڙ ۾ سچائي هوندي آهي پر ڪو پرکي سگھي
 وقت به استاد آهي هر موڙ تي هڪ نئون سبق سيکاري ٿو
 جي ملن ها خوشيون خريدڻ سان ته مان به خريديان ڪريان ها پاڻ وڪڻي
 هر ڪو هت بيوس آهي جي ڪنهن جو وس هلي ها ته دردن جو نالو ئي نه هجي ها
 هڪ پل جي خوشي ۾ هزارين درد، اهو ڪڏهن مون سوچيو نه هو
 غيرن جي هٿان ڪير ٿو زخم کائي، پنهجن جا ستم انسان کي بي ساهتو ٿا ڪري وڃن
 مان وقت جي نزاڪت کي ڏسي پنهنجن زخمن تي مرحم ٿو رکان نه ته هن دنيا کان پاسو ڪري وڃجي
 مون جڏهن به ڪجھ لکيو قلم کي ميڻ ڪري لکيو، نه ته قلم جي ڪت تلوار جي ڌار کان به تيز هوندي آهي
 هرڪو اڳتي وڌڻ جي ڊوڙ ۾ آهي پر منزل جي ڪنهن کي به ڪا خبر نه آهي
 هلندي هلندي اماس راتين ۾ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجا رستا به وڃائي ٿو ويهان
 جسم ڀل جھرندو وڃي پر ڪڏهن جذبا جھريا ناهن، رستن تي پيل ڪنڊن کي مات ڏيندو هلندو رهان ٿو
 دردن تي مرڪن جي چادر وجھي ۽ لبن تي ٽهڪ رکي ٿو گھمان، ۽ پاڻ سان پاڻ ٿو منافقت ڪريان
 لڙڪن جو طوفان سامونڊي طوفان کان به وڌ خوفناڪ آهي
 زهر جسم کي هڪ ڀيرو مرده ڪري ٿو ۽ بيوفائي هر پل ماري ٿي هي اڏاڍي ڀيانڪ آهي
 بيوفائي جو داغ ڪڏهن به نه ٿو ڌوپجي ڀلين مڻ خار جا وجھجن
 وفا وڪڻي مون جفائون خريد ڪيون
 بد نسل مان وفا جي اميد رکڻ اعليٰ نسل کي به بد نسل ٿي ڪري وڃي
 جي بلبل نه هجي ڪنهن گل جي ويجھو ته، گل بلبل بنا اڌورو اڌورو ٿي پوي
 جسم ڀل زخمن سان چور چور ٿي پوي پر روح تي ڪو زخم نه رسي
 روح تي رسيل زخم ايڏا درد ناڪ ٿين ٿا جو جسم سان روح جو ميلاپ مشڪل ٿي پوي ٿو
 منهنجو وجود اڃايل ٿر وانگر آهي ۽ تنهنجون اکڙيون ڪڪرن وانگر، جي کڻين نظر ته هريالي ٿي وڃي ٿي
 دل، دماغ، جذبا، حسرتون، سوچون ۽ هي منهنجي جان به هن وٽ قيد آهن بلڪ روح به هن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهن
 هي تنهائي ماڻهو کي شاعر ٿي بڻائي ڇڏي
 شرابي نگاهون حسين شام ساقي پيار ڪجھ اسان کي تون جام ساقي
 جن مون کي پڙهائي لکڻ جوڳو ڪيو انهن سڀني استادن کي سلام
• اگر پنهنجي ماضي کي ياد ڪندا هلون منزلون آسان
ٿي پونديون
 صرف سينا زن نه پر پيرو ڪار حسين ٿيو هن جي نقشه قدم تي هلو، سر ڪٽجي ويو پر نماز نه ڇڏي.
 جنهن گھر ۾ نه هجي غم حسين خدا جو قسم هو گھر آهي يزيد جو
 اکيون آهن نم ۽ دل ۾ آهي غمِ حسين
 سر ڏيئي ٻاربو ڏيئو اسلام جو نه ڪندس بعيت تنهنجي ڪڏهن به يزيد
 اها دل مرده آهي جنهن ۾ غمِ حسين ناهي
 منهجي قلم به روئي ڏنو جڏهن لکيم واقعو ڪربلا جو
 جيڪو حسين جو ٿيو جنت به ان جي ٿي وئي
 دل ۾ آهي حسين جو غم تڏهن ته اکيون روئن پيون
 اهي قومون جلد تباھ ٿي وينديون آهن جن جي تعليم تباھ هجي
 مون کي پنهنجي قوم جي ٻچڙن تي ترس ايندو آهي جن جا مڪتب تباهي جي ڪنڌي تي آهن
 زندگي ڏيئي جي تيل وانگر آهي جهڙي مهل تيل ختم ٿيو ڏيئو اجھامي ويندو
 جي چاهين منهجو ڏينهن بهتر گذري ۽ هر ڪم با آساني ٿئي ته پوء صبح جو قرآن پاڪ جو معنيٰ سان ورد ڪري پوءِ ٻاهر ڪم تي نڪرندو ڪر
 زندگي ۾ ڪو اهڙو ڪم ڪري وڃ جيئن تون مرڻ کانپوءِ به زندھ رهين
 اي زندگي منهنجو ان وقت تائين ساٿ ڏجان جيستائين منهنجو اکيون مدينو ڏسن
 جڏهن سامهون مدينو هوندو ان وقت دل جو تڙپڻ به ڏاڍو عجيب هوندو
 مارو لڏيو ٿا وڃن مولا منهنجي ٿر مان هاڻي ته وساٰءِ ڪو بادلڙو
 جي پنهنجي اولاد کي ڪجھ سٺو ڏيڻ چاهيو ٿا ته هن کي تعليم ڏيو باقي رستا پاڻ ڳولي لهندو
 نبي ڪريم ﷺ جو فرمان عاليشان آهي ته مان علم جو شهر آهيان ۽ علي ڪرم الله وجه ان جو دروازو
افسوس ان تي اسان عمل نه ڪري سگھيا سين
 اسان جا هزارين ٻار اسڪول يا ديني تعليم کان گھڻو ڏور آهن
 علم انسان جي ٽين اک آهي علم سوا انسان جانور مثل آهي
 پنهنجي ٻارن کي قرآن پاڪ جي معنيٰ سان تعليم ڏيو جي انهن کي ڪامياب ڪرڻ ٿا چاهيو
 شهر جي ڀيڙ م پکين جي مٺڙي لات الاءِ ڪٿي گم ٿي وئي
 اهو نه سمجھو ته اسان ڪنهن جانور کي ذبح ڪري قرباني ڪئي آهي
هن سان گڏ قرباني غرور جي ڪجي جنهن سان انسانيت جو قدر ٿي
 هي اسلامي رياست آهي جڏهن اسان جا مذهبي ڏينهن اچن ٿا ته سامان جا ريٽ ٿا وڌي وڃن
 اوهان جو قرب مون کان ڪڏهن وسريو ئي ناهي
 جڏهن اوهان ڪنهن ڀلائي جي ڪم تي نڪرندو ته شيطاني طاقتون اوهان جو رستو روڪينديون پر اوهان جا جذبا پختا هئڻ کپن
 ڪنهن ڪم ڪرڻ سان اطمينان ٿي وڃي ٿو سڪون ملي ويو ته اوهان سمجھو حق سچ جي راھ تي آهيو
 خوشي دولت سان نه پر انسانذات جي خدمت ڪرڻ سان ملندي آهي
 اي نوجوانو جاڳو پنهنجي مڪتبن ۽ لائبررين کي بچايو
 جڏهن تو ڪو نئون درد ڏنو ته مون کان غزل ٿو لکجي وڃي
 سڀني شاعرن اديبن جو حق آهي ته هو تعليم کي هٿي وٺرائين
 جنهن سنڌ ۾ هزارين درسگاهون هيون اڄ ان سنڌ جي اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ آهي حالت بدتر آهي
 بس تنهنجي در جي گدائي ملي مون کي آقاﷺ پنهنجي غلامن ۾ لکيو منهنجو به نالو
 جيڪو توکي پيار ڏي تون به ان جو ئي ٿي پئو
 هن موبائل اسان کي سست ڪري چڏيو آهي ۽ هر ڪم کان ويا سين
 دوست اهو هوندو آهي جيڪو هر موڙ تي ساٿ ڏي جيڪو ڏُکي وقت ۾ پري ٿي وڃي اهو ڪڏهن به دوست ٿي نه ٿو سگھي
 جنهن سنڌ ۾ هزارين درسگاهون هيون ان سنڌ جي اسڪولن جي حالت ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئيندي آهي
 نه بجلي آ ۽ نه پاڻي آ دل پوءِ به آ پاڪستاني
 ماڻهو ته گھڻا گھمن ٿا تون پنهنجي پاڻ کي سٺو انسان ڪر” احسن“
 اسان اتان جا رهواسي آهيون جتي ظلم خلاف ڳالهائڻ سان زبانون ڪٽيون وينديون آهن
 مون کي شهرت جي ڪابه ضرورت ناهي اي پرين صرف تنهجي در جي گدائي ٿو گھران
 وقت جا چڪر عجيب آهن ڪڏهن گدا مان بادشاھ ته ڪڏهن بادشاھ مان گدا ٿو ڪري ڇڏي
 منهن تان نه ڪر پري پردو چنڊ کي گرهڻ ٿو لڳي
 هي عجيب زمانو آ منهن تي مٺيون ڳالهيون پويان خنجر جا وار
 نظرن جي تير سان گھايل ڪيو تو صنم آ هر وار تي لٽيم مان پر ڪوبه گٿو نه هو
ماڻهو کوڙ ٿا گھمن پنهنجي پاڻ کي انسان بڻايو
 ووٽ هميشه وڏيرا کڻندا آهن ۽ اسان بي وقوفي مان هڪ ٻئي سان وڙهندا رهون ٿا آخر ڇو؟
 ووٽ ضمير جو هوندو آهي ان جو حساب به ڏيندڙ کان ٿيندو
 جنهن سنڌ جو جيڏو وڏو نعرو هنيو ان اوترو ئي لٽيو
 اسان وٽ تعليم سون جي ملھ وڪامي ٿي صرف پيسي وارا خريد ڪن ٿا عام ماڻهن جو مقدر صرف ٻڪريون چارڻ
 اسان جي حڪمرانن جي جتيءَ 73350 جي ۽ عوام وٽ هڪ ويلي جي ماني به مشڪل
 اسان هميشه ڪنڊن جي حفاظت ڪئي ماڻهو گلن کي لتاڙي ڇڏين ٿا
 اڄ ڪلھ پرين پيارن جون ڳالهيون به سياسي لڳن ٿيون
 ڪجھ ماڻهن ۾ شعور به آهي باقي ساڳيو وڏيرن پويان ٿا ڀٽڪن خوشامد تي
 جنهن سياست کان حسين عليه السلام منهن موڙيو وقت جي حاڪم ڪربلا ۾ ڪيس ڪيو اڄ به سائي حڪومت هلي پئي
 جن حڪمرانن اڳيان ڪئي نوڪر هجن هنن جي اڳيان ڪئي قسم جا طعام هجن انهن کي ڪهڙي خبر ڪنهن غريب جي بک جي
 لڳي ٿو ته هي زندگي مون کان رسڻ ٿي چاهي او پرين هڪ ڀيرو منهنجي اڱڻ تي قرب وارا قدم گھمائي وڃ
 آ شوق فقيري جو مون کي تنهنجي در جو يار گدا مان هجان
 عاشق جو هر وقت روزو هوندو آهي جيڪو صرف محبوب جي اکڙين جي جام سان ٿو کلي ۽ هن جي چهري کي ڏسي عيد ٿو ڪري نه منهنجو افطار ٿيو ۽ نه مون چنڊ ڏٺو پر زماني کي ڏکائڻ لاءِ هن لمحات ۾ شرڪت ڪرڻي پوندي آهي
 ها مان به خريديان ها خوشيون جي هجن ها سودو دڪان جو
 تنهنجو ديوانو تنهنجي راهن ۾ پيو آهي اچ ته منهنجي عيد ٿي پوي
 نه شڪوه نه گلا ڪندس تنهنجي ڪنهن سان جيترا به زخم ڏي او پرين
 مون دردن کي لائي رکيو سيني سان اوهان جون ڏنل هي ته نشانيون آهن پيارا
 حسرت آ توکي ڏسان هڪڙو ڀيرو هن اميد تي زنده آهيان اڄ تائين
 هو پاڻ به ڪيڏو حسين هوندو جيڪو ايڏا حسين چهرا ٿو ٺاهي
 اسان هڪ حڪومت جي وڃڻ تي خوشيون ملهايون ٿا مگر ايندڙ حڪومت ان کان به وڌ سور ڏي ٿي
 ڪيئن ووٽ وٺڻ ايندين تون سڀ ڪجھ کائين وئين، هي روڊ به کائي وئين، رستا به کائي وئين، جيڪي فقط ٺهيل آهن فائلن ۾
 تاريخدانن به اسان کي منجھايو آهي ڪي محمد قاسم جا حامي ته ڪي راجه ڏاهر جا
 اٿو پنهنجن حقن کي سمجھو ۽ انهن کي وٺڻ جي ڪوشش ۾ لڳي وڃو
 اسان قران پاڪ صرف پڙهندا آهيون پر ڪڏهن سمجھڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، مشعل راھ تڏهن آهي جڏهن حرف حرف کي سمجھون ۽ ان تي عمل ڪريون
 دل ڪيڏي باغ بهار ٿيندي جڏهن آقاﷺ جي روضي تي نظر وڃي پوندي
 وڏي شان واريون آهن مديني جون گھٽيون جٿان منهنجي آقاﷺ جي خوشبوءِ آهي ايندي
 هن رب ڪريم جل جلاله کي هردم ياد ڪندا ڪريو جنهن اسان کي اشرف المخلوقات ڪري موڪليو
 ڪجھ ماڻهو پري کان سٺا لڳندا آهن جڏهن ڪجھ وقت انهن سان گذارجي انهن جي اصليت جي خبر پئجي ويندي آهي
 تون زلفن کي سنوارڻ جو ٿي چوين هت سنڌ کي بي آبرو ٿا ڪن
 هاڻي وقت اچي ويو مان به هوشو يا هيمو ٿيان
 هي ليڙون ليڙ ڪپڙا ڪنهنجا وحشت جو ڇو وار وڌي ويو نياڻي جا هئي ست قرآن تنهن لاءِ ڇو آزار وڌي ويو
 محبت جسم جو ملن نه پر روح جي ملن جو نالو آهي
 روز مون کي احساس جو درس ڏيندي آهي ڪنهن غريب جي بک
 هي نفرتن جا ڪيڙا ڪٿان نڪري آيا آهن جيڪي محبتن جي گلن کي نقصان پهچائن پيا
 پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن جي دفتري ٻولي به پنهنجي زبان ناهي 70 سالن کان مٿي آزاد ٿئي اسان کي ٿيو آهي پر اڃان تائين انگريزن جي نقشي قدم تي آهيون
 منهنجي جان منهنجو سڀ ڪجھ تون آهين
 روشنين جي شهر ۾ روشنيون ٿو ڳوليان هو وڃايل پنهنجو چمن ٿو ڳوليان
 سنڌ جا مالڪ فٽ پاٿن تي ۽ ڌاريا محلن ۾
 سنڌ جي دل جي ڌڙڪڻ سان، جا سنڌو جو جل ڪراچي تائين پهچي ٿو
ڇو ڌڙڪن بند آهي، جل رڳن ۾ گردش نه ٿي ڪري
 سنڌ جي دل ڪراچي ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي جو نه هجڻ افسوس ۾ وجھي ڇڏي ٿو
 هي نيڻ تنهجا نشيلا مست نگاهون ڪنهن شاعر جو تون غزل ٿو لڳين
 مون کي حيرت آ انهن جي حال تي جيڪي مزدورن جي عالمي ڏينهن تي به پنهنجي حقن لاءِ جدو جهد نه پر مزدوري ڪرڻ ۾ رڌل آهن
 اسان جي شاعر، اديب، قلمڪار هجڻ جو ڪهڙو فائدو جي ڪنهن غريب کي ان مان لاڀ حاصل نه ٿئي
 جي اسان لالچ کي ڇڏيون ته اسان چڱائي جي رستي تي آساني سان هلي سگھو ٿا ان لاءِ پنهنجي خواهشن جو گلو دٻائڻو پوندو
 انسان اگر سچي نيت سان ڪم ڪندو رهي هڪ ڏينهن ان کي منزل ضرور ملندي آهي اڳتي وڌندا رهو
 يا رب ڪريم جل جلاله ڪرم ڪر اهڙا ڪڌا ڪم اسان مان نه ٿين جنهن سان انسانيت جو ڪنڌ شرم سان جھڪي وڃي
 اگر ڪنهن ۾ ڪنهن غريب جي مدد ڪرڻ جو جذبو هجي اهو مدد ڪندو رهي اجر پاڻ اهو ڪريم ڏيندو
 اسان سنڌي هن عظيم قوم مان آهيون جنهن کي گھڻين ٻولين تي عبور آهي باقي ٻيا ته اسان سان اسان جي به ٻولي نه ٿا ڳالهائي سگھن
 توسان ٺاھ نه ٿيندو ڪڏهن به جي تو سنڌ کي ٽوڙڻ چايو
 پري ڪر پير پليت منهجي پويتر سنڌ مان
 ڇو ايمان وڪامي ويندو آ ماڻهن جو چند ڏوڪڙن تي
 پنهنجا زخم ڪنهن کي ڏيکاريان ڏسيو هرڪنهن جو ٻڪ آ لوڻ سان ڀريل
 منصور کي سولي تي چاڙهن پيا حق دانهون ڪري روئي پيو بي درد زماني نه هڪ به ٻڌي سچ صفا ڇو اڄ خاموش آ
 هٿ کڻي ڪو منهنجي لاءِ به گھري دعا شايد منهنجي بخشش جو سامان ٿي پوي
 خوشيون ڪيو آيو آ ملڻ جو وقت وٺي براق هليو آ آقاﷺ معراج تي
 انسانيت روئيندي آ انسانن ۾ حيوانيت ڏسي
 اسان جاهلن جي تقدير بدلڻ ڏکي ڳالھ آهي ڇو جو اسان تعليم جا به دڪان کولي ڇڏيا آهن

2

 هن بت کان وڏو ڪهڙو بت هوندو جنهن ووٽ وٺڻ تي اسان سان ڪوڙا واعدا ڪيا پر ووٽن کان پوءِ پٿر ٿي رهيو ۽ اسان ۾ به بت پرستي آهي پنهنجي رب ڪريم کي ڇڏي ان ۾ اميد رکون ٿا
 هي دنيا بيٺي جي آهي ڪِري کان پوءِ ڪوئي ڪنهن جو يار ناهي
 غربت رشتن ۾ به ڏار وجھي ٿي ڇڏي
 هڪ مرڪ جي قيمت سڄي عمر جو درد
 هر پاسي ڪاري رات آهي ۽ هر ڪو سج نڪرڻ جي انتظار ۾ آهي
 داناھ هميشه درد ۾ هوندو آهي
 غلط فيصلي سان ڪئي زندگيون تباھ ٿي ٿيون پون
 هي اهو دور ٿو هلي جنهن ۾ رڳو مفاد پرستي آهي
 هن زماني جي توکي پرک تڏهن پوندي جڏهن تون ڪنهن قلمڪار جي نگاھ سان ڏسندين
 قلمڪار جي نگاھ هر ڪنهنجو باريڪي سان جائزو وٺي ٿي
 هڪ قلمڪار جي طبيعت زماني کان ان ڪري الڳ هوندي آهي جو هو حساس طبيعت جو هوندو آهي، ۽ هر ڳالھ تي غور و فڪر ڪندو آهي جيڪا زماني لاءِ ڪا معنيٰ نه رکندي آهي
 عورتن جي عالمي ڏينهن تي مان هن عورت کي سلام پيش ڪيان ٿو جنهن اسان کي ماءُ جي صورت ۾ جنم ڏنو
 اي حياتي ڪجھ ساٿ ڏي هڪ ڀيرو مدينو ڏسي اچان
 اي پرين تنهنجي سڪ ۾ سينو ڦاٽي پيو، جلد پنهنجي شهر گھرايو
 منهنجي اڄ ڪيفيت عجيب آهي هر ڪنهن کي ايندي ڏسان پيو ڪو مون تي به ڪرم ٿي پوي
 جيڪي هاڻ مديني وڃن تن ۾ پنهنجو به نالو لکائي ڇڏيو
 ايڏي من ۾ تانگ آهي دل چوندي آهي جيڪر پر هجن اڏري عرب شريف پهچان پر قسمت جي گردش ۾ ڦاٿل آهيان
 اڄ ڪلھ هر ڪنهن جو هڪ ٻئي جي وارن ۾ هٿ آهي قلم جي آبرو تي وار ڪن پيا
 سڀاڻي وري هڪ ٻيو سال منهنجي زندگي جو گھٽ ٿيندوسو وار وري ايندو جنهن وار تي مون هن دنيا ۾ اکيون کوليو
 ڪڏهن هر زبان تي پنهنجا چرچا ها اڄ ڇو پرين مون کي سڄاڻين نه ٿو
 جيڪي شاعر، اديب ٻين جي حقن لاءِ قلم کڻي وڙهن ٿا جيتري هنن جي حقن جي لتاڙ ٿئي ٿي ڪو تصور به نه ٿو ڪري سگھي
 ها اڄ به اکيون آتيون آهن ڪو درشن ڏيو من نيڻ ٺرن
 سنڌو جي ڪپن تي ڪا راحت ايندي آهي ڪو چين ايندو آ
 رات ننڊ ڪونه آئي پرين تو سوا، راهون تنهنجون ٿو ڏسان، اچ ته ٿڪ لهن اکڙين جا
 جتي محبتن جو فقدان هجي اها ڌرتي دوزخ جيئان لڳندي آ
 اڪيلائپ جو درد تون ڇا ڄاڻين هر پل عذاب وانگر هوندو آ
 سکي جي نيڻن جو ڪمال آ جو اسان جون ننڊون اڏامي ويون آهن
 منهن تان نه ڪر نقاب پري چنڊ کي گرهڻ ٿو لڳي
 زماني کي زماني جي پيل يار آهي اسان کي اوهان جي ئي پچار آهي
 اڃان نيڻ آلا سڪا ڪين ها، ويو هو وڇوڙي جو ڏيئي ڏنڀ مون کي
 ڪئي طعام تنهنجي دستر خوان تي توکي ڪهڙو قدر تن جو جيڪي روئي روئي بکي پيٽ سمهن ٿا
 اسان هن ديس جا رهاڪو آهيون جتي ظلم خلاف ڳالهائڻ واري جي زبان ڪپي ويندي آهي
 اوهان تاريخ جا ورق کوليو جڏهن به سنڌ مٿان ڪاهون ٿيون انهن جا گھر ڊراهيا ويا هاڻي ڪنهنجي ڪاھ سمجھون؟
 مان، مان نه هجان ها جي تون نه هجين ها
 سنڌ اها ڌرتي آهي جنهن تي انسانيت جي اول تخليق کي لاٿو ويو
 اڄ آيو سڄڻ سنبري آڪاش ڪيو ڄڻ چنڊ پئي روشن
 تن من ڌن سڀ وار سنڌ تنهنجي عظمت مٿان
 پاڪستان سڄو اصل ۾ سنڌ آهي ته پوءِ ڪهڙي آزادي جي ٿا ڳالھ ڪريون
 آزادي جي ڳالھ ته قابل جيسلمير وارا ڪن ته اسان به سنڌ جا آهيون
 اسين ان قوم مان آهيون جتي جيئري شاعر اديب تڙپي تڙپي مري وڃي ٿو هن وٽ لڙي به نه ويندا سين متان ٻه روپيه ڏيئڻا پون
۽ مذهبي انتها پسندي هڪ ٻئي جي مسجدن ۾ نماز پڙهڻ تي تڏا ڌوتا ٿا وڃن
 جيئري پيرن تي تنقيد ميلي وقت سڀ گڏ هوندا آهن. مرڻ کان پوءِ هيرو قرار ڏين ٿا. هي ڪم ڪنهن زندھ قوم جو ناهي
 جنهن کي سنڌي ٻولي سان پيار ناهي سو سنڌي ماڻهن سان ڪهڙي وفا ڪندو
 منهنجي قربتن جا پنڌ تنهنجي ئي وجود سان جڙيل آهن
 مون کي ڏک انهن ڪجھ ڪامريڊن تي ٿيندو آهي جيڪي سرڪاري آفيسن مان ڀتو وصول ڪندا آهن
انهن کي اها خبر ناهي ته ڪامريڊ جي معنيٰ ڇا آهي، ڪامريڊ هڪ سوشل ورڪر هوندو آهي جنهن جو ڪم پنهنجي ديس جي ڏکيارن جو درد ۾ شريڪ ٿيڻ آهي
 اڄ به اکيون آتيون آهن ڪو درشن ڏيو من نيڻ ٺرن
 رات به ننڊ ڪون آئي پرين تو سوا راهون تنهنجون ٿو ڏسان اچ ته ٿڪ لهن اکڙين جا
 تون طنز ڪرين ٿو شاعر تي توکي ڇا خبر لکندي رت سڙي ٿو جگر جو هر بند تي
 اسلام جو بنياد سلفي نه پر نماز تي رکيو ويو هو
 جي زماني جي گردش کان بچڻ ٿو چاهين پاڻ کي ڪتابن ۾ گم ڪري ڇڏ
 منهنجي ڳچي ۾ غلامي جو طوق آهي هاڻي ان مان نڪرڻ ٿو چاهيان
 اسان جو رخ ڪاڏي آهي اهو اسان کي به خبر ناهي
 پرائيوٽ دڪانن ۾ پڙهائڻ سان اسان کي هڪ وڏو نقصان پهتو آهي نه صحيح طرح انگلش اچي ٿي نه سنڌي
 جسم کي ته آزادي ڪڏهن جي ملي وئي پر ذهن اڃان به انهن وٽ قيدي آهي
 حوصلن کي بلند رکو منزل پاڻ ئي آسان ٿي پوندي
 ڪالھ هوٽل تي ويهڻ خراب ڪم هو اڄ فيشن عجيب دستور آ سان جو
 غربت رشتن ۾ به ڏار ٿي وجھي
 يا رب مون ۾ هزارين عيب آهن تون ڪريم آهين جي پنهنجو ڪرم ڪرين ته مون لاءِ سانگ بڻجي پوي
 هو قهار آهي جالوت جهڙي دلير کي دائود عليه السلام جهڙي ڪمزور جسم واري کان به مارائي سگھي ٿو
 تون ماکي جي مک تي غور ڪر جيڪا ذخيرو پاڻ لاءِ نه پر ٻين لاءِ ڪري ٿي
 جي مالڪ جل جلاله پنهنجو ٻاجھ ڪري ته رستا آسان ٿي پوندا آهن
 ان مالڪ ڪريم جل جلاله کان گھر جيڪو عطا ڪري ٿو هر ڪنهن کي
 ڪڏهن اهو غور ڪيو اٿئي ته ٻانهو ڪيڏو به گنهگار هجي پوءِ به صبح اٿڻ سان ئي ان کي روزي ڏي ٿو،ان ڪريم جون ڪهڙيون ڪهڙيون نعمتون ڳڻيدين
 هو ايترو ته ڪرم ڪري ٿو جو منهنجي قلم ۾ ايتري طاقت ناهي جي هڪ نعمت کي لکي سگھان هو ارپي ٿو جو ڪجھ گھران ٿو
 مونکي انهن تي حيرت ايندي آهي جيڪي ٻين کي حقارت سان ٿا ڏسن
 هتي هر ڪو عهدن کي سلام ڪندو آهي ڪردار کي نه
 وفائون به نسل دارن تي هونديون آهن بي نسل کان دغائون ئي ٿينديون آهن
 قدر ڪردار جو نه پر پيسي جو آهي ڀل ڪيڏو هو به بدڪار هجي
 اسان وٽ ڀلين ڪيترو به مال هجي پر ديد ٻين جي مال ۾ هوندي آهي
 هو قهار آهي جي ڪنهن کي به چاهي ته اميري مان غريبي جو سفر ڪرائي ٿو سگهي
 مون هن جي لاش تي انهن کي به روئيندي ڏٺو جيڪي جيئري ڪڏهن هن وٽ لڙي به ڪون آيا
 هن دور ۾ جيتري سائنس ترقي ڪئي آهي اوترو ئي محبتن جو فقدان وڌيو آهي
 جيئري انسان جو ڪو به قدر ناهي مرڻ کانپوءِ يادن جا تاج محل ٺهي ٿا وڃن
 عشق جو افسانو نه ڪنهن کي به سمجھ آيو تڏهن ته ڀٽڪيل آهيون
 سچ جي راھ تي بيهي مخالفت ڀلين ڪر پر ڪنهن سان منافقت نه ڪجان
 جي سچ سوري آهي ته مان چرهڻ لاءِ تيار آهيان
 ڪير چوي ٿو ته ڪربلا ۾ امام اڃايل ها؟ هي جيڪو پاڻي ملي ٿو حسنين ۽ ان جي ناني جي صدقي ملي ٿو جي هو چاهين ها ته آب ڪوثر جون نديون وهي پون ها
 هي راز حسين ڄاڻي ۽ هن جو رب ڄاڻي هي تو اسان جي عقل جي ڳالھ ناهي جيڪي جنت جا شهزادا آهن هو پاڻي جا محتاج نه هئا پاڻي هنن جو محتاج هيو
 ضمير جن جو زندھ حسين عليه السلام تن کي مليو
 نيڻ ٿا برسيو پون مينهن ساوڻ جيئان ياد ايندي آهي جڏهن ڪربلا جي
 ماڻهو به ڪيڏا ظالم آهن محبتن جي پکي جا پر پٽي نفرتن جي پڃري ۾ واڙي ڇڏن ٿا
 موسم رم جھم رم جھم بوندا باري مست موسم ۾ ڪي امنگون ٿيون جاڳن من پڪاري هاڻي ته هلي آ او پرين
 هي اڪيلائي ۽ يادون تنهنجون مٺا ٻئي ڪاسائي ڪار ڪن ٿيون
 اڄ هي انڌيرا روشني لاءِ سڪن ٿا ساڙي گھر پنهنجو تن کي روشني ڏني مون
 تنظيم يا ڪوبه ڪم ناني ويڙهي سان هلي ته ان جون جڙون جلد ڪمزور ٿي پوندين آهن
 اداس زندگي ۾ لطف ڀري وڃ پرين اچڻ جي هاڻي مون ڏي ڪيو ڪا
 زماني جون بندشون ٽوڙي به ان اڳيان حاضر ٿيئڻو پوندو
 سوڙ اندر پير هجڻ بهتر آ ٻاهر نڪرندڙ پير سردي جي تيزي ۾ پنهنجو پاڻ ئي نقصان ڪري ٿو
 زندگي جي هر نئين موڙ تي هڪ نئون تجربو ٿيندو آهي
 اي ڪاش منهنجو سفر سجايو ٿي پوي هر طرف بس تون ئي تون
 درِ يار هڪ ڏينهن لڳندي حاضري ٿيندي آس منهنجي به پوري
 هر چيز ۾ فنا آهي بس ان کي ئي بقا آهي
 فرش تي ياد ڪر تون رب کي جيئن توکي عرش تي ياد ڪري
 هي ڌنڌ تنهنجا دل تي نقش ٺاهي ٿي او پرين
 مون کي حيرت آ هن قوم جي حال تي جنهن جي هر شيءِ تباھ هجي ۽ آواز نه اٿاري
 جڏهن ٿر تي ڏڪار جا ڪڪر ڇانيل هوندا آهن ته ڪو به اهڙو ناهي جو وڃي هنن جي زخمن تي مرحم رکي
 اسان پنهنجي لائبرري ۾ هڪ تفسير ۽ معنيٰ واري قرآن پاڪ جو اضافو ڪريون
هر روز هڪ پيج کان مطالعو شروع ڪريون پاڻ ئي راهون هموار ٿي وينديون
 هو منهنجو پهريون پيار نه وساري سگھيس ڪڏهن به
 جام اکڙين مان پيالا ڪري پر ڏي پرين، مان به اڄ پيارا وٺان ڪو مزو برسات جو
 هي دل اداس اداس هاڻ ته اڄ او پرين
 جڏهن ڪامريڊ وڏيرا ٿي پنهنجن تي داٻو ڄمائڻ لاءِ هنن کي ڪارو ڪري ۽ وري هنن جو پاڻ ئي فيصلو ڪري ڏنڊ پنهنجي جيب ۾ وجھن، ته ڪيڏو نه ڀوائتو منظر هوندو
 جڏهن ماروئڙن جي اکڙين مان ڪرندڙ لڙڪ ڏسان ٿو مونکي ايئن محسوس ٿئي ٿو، ته سنڌو جا ٻئي ڪپ ٽٽي پيا آهن ظلمت جي هن وجود کي ٻوڙي ناس ڪري ڇڏيندا
 تنهنجو شان عالي شان ميان، رب عليٰ ڪيو تنهنجو مان ميان
 لالچ اها بري بلا آهي جيڪا احمد پور شرقيا ۾ 160 ماڻهو کائي وئي
 مان ۽ منهنجي تنهائي ٻئي بارش ۾ ڀڄون ٿا
 عوام بک تي هجي ۽ حڪمران ٻاهرين ملڪ هجن عيش پرستي تي، اهڙي عوام جو مقدر ڪيڏو نه ڀيانڪ هوندو
 تنهنجي ديد بنا ڏس ڪهڙي منهنجي ٿيندي عيد
 مون جهڙا کوڙ اهڙا هوندا آهن جيڪي روزو هڪ به نه ٿا رکن ۽ خوشي ٻيڻ تي ٿا ڪن
 جي پنهنجن کي پنهنجا ئي لٽن ٻين تي ڪهڙي ميار جيڪي قلمڪار پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ ڪن اسان جي حقن لاءِ ڇا آواز اٿاريندا
 مون ۾ دنيا جون نظرون ۽ منهنجو نظرون تو ۾
 ڪنهن مڪتب ۾ ڪتاب رکڻ صدقه جاريه آهي، ڪنهن نه ڪنهن مڪتب ۾ ڪتاب رکڻ فرض سمجھو
 دل چوي ٿي ته يار جي گھٽي هجي، هن جي ديد ٿئي ۽ منهنجي عيد ٿئي
 مون لکيو درد پنهنجو شاعري روئي ڏنو
 هن کان وڌيڪ ڪير بي رحم هوندو، جيڪو پنهنجي حق وٺڻ لاءِ جاکوڙ نه ڪري
 مان ڪيئن روزو کوليان منهجي سنڌ جا ٻچڙا بک تي آهن
 حياتي هي هٿن ۾ آ اسان جي ڇو ڪنهن ٻئي جي، رڳو لاشا پيل آهن جتي به بم ڦاٽو آهي
 لڪي وئين چنڊ ڇو تون اڄ بادلن ۾ پري ڪيو جڏهن پرين نقاب چهري تان
 مون کي ماه رمضان جي چنڊ جون مبارڪون ڏيڻ وارن هڪ به روزو ڪونه رکيو
 هي اسان وارا مسلمان زور آهن، هنن چنڊ کي به ڪونه سٺو انهن جي نڪرڻ تي ان مٿان فائر ڪيا
 بزدل اوهان سان هميشه وڙهڻ جي پهل ڪندو مگر همت واري ۽ سلجھيل جو وار ڪنهن بزدل کانپوءِ هوندو آهي هن جي سٽ سهڻ لاءِ شينهن جو جگر هجڻ لازمي آهي.
 سنڌين کي ڦرڻ جا ٻه آسان طريقا هڪ هوٽل ٻيو پرائيوٽ اسڪول
 ڪاڏي ويا سي دوست منهنجا جيڪي زخمن تي مرحم لائيندا ها سڏي پنهنجي “احسن” کي جيڪي گڏ ويهاريندا ها هاڻي صرف يادون ئي رهجي ويون آهن
روئي مون هن کي چيو ڇڏ نه مون کي ايئن يار “احسن” جو تو بن نه ڪوئي هتي
 دشمن پاڻ ئي خوار ٿي پنهنجي پگھر ۾ ٻڏن پيا، فتح هميشه حق ۽ سچ جي هوندي آهي
 جيت هميشه حق جي هوندي آهي دشمن ڪيڏو به پاور فل هجي
 ڪڏهن اچڻ ۾ دير ٿي ويندي آهي ته سڀ دروازا بند ڪري سمهي پوندا آهن پر جنهن کي منهنجو انتظار هوندو آهي اها صرف منهنجي ماءَ آهي
 هو ڇا مون سان رٺو رقيب، رفيق بڻجي منهنجي گھر پهچي ويا
 هي ادائون تنهنجون ڇا ته ڪمال آ، اي يار اسان ڪنهن ڪم جا نه رهيا سين
 جا نظر ديوانو ڪري وئي مون کي ان نظر جو يارو ڪمال ته ڏسو
 هي جيڪو زمانو ناانصافي جو درد ڀوڳي پيو، اچو هن کي صبر جي گوري پيار جي پاڻي سان کارايون شال هي سور ختم ٿي پون
 غمن سان گڏ رهڻ ڏي، هي ڳوڙها اڄ وهڻ ڏي، نه روڪ هن کي “احسن”جو چوڻو ٿس چوڻ ڏي
 چنڊ ٿو شرمائي کولين جي نقاب بنا جام جي سڀ مدهوش ڇو؟
 توکي ڇا جو غرور آهي توکان به وڌ ڪنڌار، خاڪ ۾ مٽجي ويا
 مون کي پنهنجي حال تي پاڻ کي رحم نه ٿو اچي پوءِ ٻئي ۾ رحم جي اميد ڪهڙي رکان.
 ڪنهن به دين کي اپنائڻ سولو آهي ماڻهو کي انسان ٿيڻ ڏکيو آهي.
 ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ هٽلر جهڙو دماغ گھرجي.
 ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي “احسن” حسن کي بازار ۾ وڪامندي ڏسي.
 هي مطلب پرستي ڇو جڏهن ته هي جسم فنا ٿيڻو آهي
 او پرين تنهنجا ڏنل زخم مون کي هميشه ياد رهندا.
 هڪ گھر ۾ ٻه ڀاتي اهي به عليعده اي زمانه توکي ڇا ٿي ويو آهي.
 منهنجي لڙڪن کي ڏسي ڪوڙو دلاسو ڏئي چئي ويو مان تنهنجو آهيان.
 هي ڪهڙي دلدل ۾ ڦاٿل آهيون جتي رشتن کان وڌيڪ پيسه عزيز آهن
 جنگ جذبن جي ٿي هلي ڏسون ٿا ڪير ٿو هارائي.
 او چنڊ پرين کي چئجان سوا تو پل ستو ناهيان منهنجي سڏڪن تي منهجا رقيب به روئي پيا.
 هن بکايل ٻار ۽ سڪل ماءُ جي ڇاتي دانهون ڪري چوي ٿي ته انسانيت ڪاڏي وئي.
 اڄ “احسن” آس لاهي ڇڏي توسان گڏ جو سهڻا غير آهن.
 اڄ مون ڏٺو ته هڪ استاد پنهنجي ٻارن کي پرائيوٽ اسڪول کنيو پئي ويو اهو استاد مون جهڙن غريبن جا ٻار ڇا پڙهائيندو.!
 هي جسم ڀل آزادي جا نغما ڳائي پر هي ذهن اڃان تائين قيد آهن.
 مان رنم هر ستم توتي ڏسي اي سنڌ امڙ
 پيٽ شعرن سان نه ٿو ڀرجي هل ته هلي ڪجھ ڪمائجي.
 لڳي سيني سان تنهنجي سڀ سلڻ سور ٿو چاهيان.
 يارب ڪريم ڪريم جل جلاله منهنجي گناهن ڏي ڏسندي ته ما وڏو بدڪار آهيان ڪو عمل ڪونهين، بس پنهنجي ڪريمي ڏي ڏس ڪرم ڪر پنهنجي محبوب ڪريم ﷺ جي صدقي عطا ڪر.
 هاڻي ته تون سڌر “احسن” وڃي ٿو وقت موڪلايون.
 پيار جو ملڻ به قسمت جي ڳالھ آ هي هرڪنهن جي نصيب ۾ ناهي هوندو.
 انسان خود آئينو آهي هن کي خبر آهي ته منهنجي نيت ڇا آهي پر اهو تسليم نه ٿوڪري.
 اسان سڀ انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا آهيون، اسان ڪنهن ۾ به همت ناهي جو ظلم خلاف ڳالهائي سگھون.
 منهنجي جسم تي ڀل تشدد ڪريو پر منهنجي زبان تي تالا نه ٿا هڻي سگھو.
 مون سچ جو زهر پيتو آهي مونکي چپ واري مٺاڻ نه ٿي وڻي ڀلين سر لهي وڃي مان سچ ڳالهائيندس.
 اسان جو فرض آهي ڀلين ڪهڙي قبيلي مان هجون، ڪهڙي به ٻولي ڳالهايون، مگر پاڻ کي سنڌي سڏائي سنڌ جي سچي سپوت هئڻ جو حق ادا ڪيون.
 پاڪ پويتر قلم کي خدارا ميرو نه ڪريوحق سچ لکو.
 جن رشتن تي پاڻ کان وڌ اعتماد هوندو آهي ڪڏهن ڪڏهن اُهي به گهرو زخم رسائي ويندا آهن.
 رشتن جي ڏور ايتري ته ڪچي آهي هڪ جاءِ کان ڳنڍيان ٿو ٻئي جاءِ کان ٽٽي ٿي پوي.
 جيڪي سر وکيرن ٿا اسٽيج تي سازيگر ۽ فنڪار جي جنگ رهندي آهي.
 مون چيو ڪيئن ٿي گذري هن چيو سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته ڪيئن جيئان پيو.
 اي چنڊ پرين کي چئجان تنهنجي هجر ۾ پل به ستو ناهيان.
 غريب جي لڙڪ جو خيال رکجان هي لڙڪ طوفان برپا ڪري ڇڏيندا آهن.
 ڪجھ ماڻهو ٽروه وانگر ٿيندا آهن ڏسڻ جا سهڻا ڳالهائڻ جا تيز ڪئوڙا.
 نه اسان ڪنهن جا ٿيا سين نه ڪو اسان جو ٿي سگھيو.
 پنهنجا جذبا پهاڙن جيڏا رک ڪاميابي پاڻ اچي قدم چمندي.
 رشتن جي ترازيءُ ۾ منهنجو وزن ڳورو هو تڏهن ئي ته مان اڪيلو رهجي ويس.
 مان هجان نه هجان منهنجي ڌرتي سلامت رهي.
 منهنجي وس ۾ ناهي ته مان ڪجھ لکي سگھان رب ڪريم جي رضا ٿئي ٿي ۽ الفاظ پاڻ جڙندا وڃن ٿا.
 منهنجي قلم منهنجو ساٿي آهي مان جو به آهيان ان جي ئي ڪري آهيان.
 ڪاش ننڍپڻ جا ڏينهن موٽي اچن جڏهن وڏڙن سان نخرا ڪندا ها سين اڄ ايتري مهگائي آ جو ڪمائي ڪمائي پيٽ به نه ٿو پلي.
 ڪاش ڳوٺ وسندا رهن ها ۽ اسان شهر جي شور ۾ نه ڦاسون ها.
 هل دولت جي نشي ۾ ايترو اڳتي نڪري ويا سين پنهنجن کي به وساري ويٺاسين.
 جيڪي ڪک نه سهندا ها جڏهن جهان ڇڏيو سين تن مٿان مڻ مٽي جا سٽيا.
 تنهنجو ڳاٽ ڀلين ايترو مٿي ٿي وڃي جو آسمان تائين پهچين مگر هڪ ڳالھ جو خيال رکجان ته مظلوم جي آھ کان بچجان ڇو ته هي آسمان کان به مٿي ويندي آهي ۽ هي آھ چڱا ڀلا ويڙها ويران ڪري ڇڏيندي آهي.
 مان تنهنجي واٽن تي سڄي عمر لاءِ نه ٿو ويهي سگھان ڇو ته زماني ۾ ٻيا به گھڻا ڪم ڪرڻا آهن.
 اسان جي جدائي ۾ به وڏو راز رکيل هو جي عمر ڀر لاءِ ملي وڃون ها ته پيار جو قدر نه ڪري سگھون ها.
 انسان کي پاڻ کي رب اهو پاور ڏنو آهي ته هو پنهنجي عقل مطابق پاڻ لاءِ جنت جي تجويز ڪري ٿو يا دوزخ.
 مون گھڻن دودن جي قبرن تي ڏٺو ته ڊرڀ ڄايل آهن پر جن سچائي جو ساٿ ڏنو سي دلين ۾ زندھ رهيا
 قسمت تي ڀاڙي ويهڻ به سٺو ناهي ڪاميابي هن جا قدم چمندي آهي جيڪو جستجو ڪندو آهي.
 اهو ضروري ناهي جنهن کي تون چاهين اهو توکي ملي وڃي پر جيڪو توکي چاهي ان جي جذباتن جو قدر ضرور ڪجان.
 جڏهن پري ها ته ويجھو لڳندا ها هاڻ جڏهن ويجھو آهن ته ڏور لڳن ٿا.
 مون کان ڪنهن پين گھري لکڻ لاءِ نه پر آڳٺ وجھڻ لاءِ اهڙن جي مقدر تي افسوس ٿو ٿئي.
 لڳي ٿو ڪنهن جھنگ ۾ آهيون هي ڪامورا بگھڙ وانگر اسان کي ڪو جانور سمجھي کائين پيا.
 اسان اڄ به قيدي آهيون ڪنهن ڏاڍي جي قيد ۾ آزاد ڌرتي ٿي، انسان نه جڏهن ذهنن مان ڪيچڙ ڦٽو ڪندا سين تڏهن ترقي ڪندا سين هي تڏهن ٿيندو جڏهن اسان اکين مان غلامي واري چادر لاهيندا سين ۽ ظالم کي ظالم چوندا سين.

3

 اسان اهڙي قوم مان آهيون جنهن جو ضمير ستل آهي هي ظلم و ستم مرڪندي سهي وڃون ٿا
 هل ڪوڙي شهرت لاءِ ماڻهپي مان به نڪري ويا سين.
 گھاءُ نظرن جا ڀل ڏي جيترا، هي حياتي به ناءُ تنهنجي پرين.
 منهنجي بي وسي تي هي سال به روئندو ويو پر توکي ڪو قياس ڪونه ٿيو.
 سنڌ سڄي سوڳوار لال تنهنجي ڌرتي کي رت ۾ ڏسي.
 مون درد کي چيو ڪا مهلت ڏي هن چيو مان هر ديواني جو مقدر آهيان.
 لڳي ٿو هي حياتي جا پل هن ٿورا بچيا او پرين ڪا ملڻ جي ڪريو.
 ڳوٺ جي ڏينهن ۾ فقير جي صدا سا وسري ناهي هو گھوڙي سوار اسر ويل ان جي صدا جا الفاظ هي عجيب لفظن جو فن امڙ وڏي پيٽي کي پٽ ڦٽين وارا پيسا ڪڍ اي امڙ شال تنهنجا ويڙها وسين اٺ پٽ اٺارهن پوٽا نئون نوحان تي تيرهن ڏوهٽا هڪ پٽ کي هڪ زال پر ٻه الائي ڪنهنجي نصيب ۾ ۽ وڌيڪ ٻه پٽ به ڪمال جي صدا هي تجويز نه سمجھي سگھيا سين.
 اڄ آ سردي وڌي وئي اڄو هٿ سيڪيون نفرتن جي ڪاٺي کي ڏئي باھ گڏجي.
 مون لکي الفت ۽ تو سمجھي نفرت ڇو؟
 نه گھر برسات جي دعا منهنجو آ ڪکائون گھر.
 هي موسم به هر دم محبوب جيئان ڪري ٿي ماڻا.
 نشو بوتلن جو ڪو چڙهي ئي نه ٿو جام اکڙين جو پيار ڪو نشو چڙهي.
 پنهنجي مک کان ڪر زلف پري مان به ڏسان چنڊ نئين سال جو.
 تنهنجو يادون ٿيون پل پل ستائين ڏس ته ڪيئن وڃان مان نئين سال ۾؟
 هر ماڻهو ڪو نه ڪو سهارو ڳوليندو آهي ڪو اسان لاء خاص هوندي آهي ۽ ڪنهن لاءِ اسان خاص
 وڃون ٿا زمانا اسان هاڻ توکان پري نه هڪ ٻئي سوا پل ٿي اسان جي سري.
 ساهدار جانور به آهي، جنهن کي ڪنهن جو احساس ناهي سو به جانور مثل آهي.
 منهنجي جسم تي لڳل گھاءَ ته آهسته آهسته ڀرجي ويا پر تنهنجي نظرن جا لڳل گھاءَ اڃا تائين دل تي تازه آهن.
 هڪ پاسي ڳالھ انساني حقن جي هئي ٻئي پاسي مون لاش کنيو پنهنجي حق جو.
 جيڪا توکي ياد نه ڪري سا دل ڪٿان آڻيان.
 منهنجي حسرتن جو جڏهن نڪتو جنازو ته ڪو ڪانڌي نه هيو پنهنجي حسرتن جو ڪانڌي به پاڻ هيس ٻئي پاسي طنز جا تير ها ۽ هو سينو منهنجو.
 اي ڊسمبر! تون ايڏو ڇو خطرناڪ آهين سرد هوا جي جھونڪي سان، سي درد وري جاڳن ٿا.
 مان توکي ڪيئان آزاد ڪريان، مان به اهو چاهيان ٿو ته مرد ۽ عورت کي برابر جا حق ملن. پر جڏهن ڪنهن ڪنواري ماءُ جي ٻار جو لاش گند جي ڍير تي ڏسان ٿو ته انسانيت روئي پوي ٿي.
 رات هرڪو ڏسڻ چنڊ آيو مان چنڊ جي چنڊ کي ڏسندو رهيس.
 مرڻ ڪو مسئلو ناهي ڏکيو آهي ته هن دنيا ۾ جيئڻ.
 ڪهڙي خوشي جون ٿي ڳالهيون ڪرين هزارين اندر ۾ هن ڏک سانوري.
 اسان جي ذهنن تي جهالت جو انڌيرو ڇانيل آهي اچو لائبرري هلون علم جي ڏيئي سان پنهنجي ذهنن کي روشن ڪريون.
 جڏهن تنهنجي جلون جا نقش منهنجي دل تي ٺهيا ته لفظ شاعري جو ويس اوتيندا ويا ۽ مان غزل لکندو ويس.
 مان چپ جو روزو ڪيئين رکان درد اندر ۾ چيڪن پيا.
 منهنجي جيون جي اداس لمحن ۾ او پرين ڪجھ ته مرڪن جي مهڪار ڀري وڃ.
 درسگاهن سان دل منهنجي ڪتب خانو وطن منهنجو ڪتابن ۾ دفن ٿيندس ورق ٿيندا ڪفن منهنجو.
 زندھ قوم پنهنجي مڪتبن جي حفاظت پاڻ ڪندي آهي اها مڙدھ قوم سڏبي جنهنجا مڪتب تباهي جي ڪنڌي تي هجن.
 جڏهن دورِ يزيدي آيو تڏهن ڪربلا ۾ معصومن جو قتل عام ٿيو پر حق کي هميشه بقا آهي جنهن صبر ڪيو سو حسين عليه السلام هيو.
 ڪيو بند پاڻي جڏهن ظالمن اهو ڏينهن نائين محرم جو هيو.
 تو ڇا سمجھو يزيد ته امام پياسا هيا آب ڪوثر ٿي مليو ڪربلا ۾.
 دردن ڪيو ايڏو ويل آ هي جسم ڀُرندو ٿو وڃي ڪي بچيا چند لمحا حياتي جا او پرين او پرين هاڻي ته اچ پنهنجي احسن ڏي.
 منهنجي زندگي ڪچي وانگر آهي جڏهن به دردن جو ٽوڙي بند .ٽٽو ته منهجي اندر کي فنا ڪري ويو.
 جنهن ڪربلا جي تتل واري تي سڄو ساٿ ڪهايو ۽ صبر ڪيو اهو حسين آ.
 جنهن کي جام وحدت پيئڻو آهي اهي ڀٽ ڌڻي جي نگري تي وڃي تنبوري جي تار سان ڀٽائي جون وايون ٻڌي جتي عشق ٽروھ جواني وانگر جوش ۾ هوندو آهي.
 جسم ڀل معذور ٿي پر ذهن معذور نه ٿي معذور ذهن معاشري لاءِ هاڃيڪار هوندو آهي
 انسان ڀل مري پر انسانيت نه مري.
 حسن جي حرارت سان ڪا هلچل مچي ڪو ته پاگل ڪو ديوانو ٿيو.
 ڏينهن چار ٿي هي زندگي نه تون ڪنهن جي دل ڏکاءِ اهڙو پيار پيدا ڪر جو صدين تائين ماڻهن جي دلين ۾ زندھ رهين.
 مون کي موت ڇا ماريندو مان مرڻو ناهيان مونکي زندھ رهڻو آهي ياد بڻجي وئي کان پو وسري نه سگھان اوهان کان، مان شيشي وانگر ڀڄي به ٽٽڻ وارو آواز ڇڏي ويندس.
 اکڙين ۾ ٿي سنڌ جو نقشو ٿر ڪاڇو تون ڏيکارين ٿي مرڪي مون کي مارين ٿي.
 جيڪڏهن ڏاڍن جي هٿ ۾ ڏنڊا هجن ته ڏسيو غريب ڪاڏي وڃي؟
 مٺا تنهنجو مرڪڻ پيو موکي ماري سڄڻ تنهنجو هي “احسن” پيو توکي ساري.
 جيڪا دير هوٽلن ۽ فلمن ڏسڻ ۾ گذاريون ٿا ان جو اگر چوٿون حصو لائبرري کي ڏيون ته اسان ترقي ڪري سگھون ٿا.
 ڇا فضيله سرڪي به ڪڏهن آزاد ٿيندي؟ يا سنڌ جي تاريخ مٿان نياڻي اغوا ڪرڻ وارو ڪارو نه مٽجندڙ داغ هميشه لاءِ رهجي ويندو؟
 چنڊ حيران آ سونهن تنهنجي ڏسي مرڪ تنهنجي مٺا کوڙ مستان ڪيا.
 عقل جي جنگ ۾ سوچ پريشان آ. منهنجي سوچن جي پکي کي قيد نه ڪر منهنجي خيالن جي اڏام کي تون اڏرڻ ڏي.
 اسان سڀ بيوس آهيون اسان جي زبان تي تالا آهن ڪو ڳالهائڻ چاهي ٿو ته هن کي چريو چريو چون ٿا.مون کي ڳالهائڻو آهي پر ڪو ٻڌڻ وارو ناهي.
 خدا را انتها پسندي کي هٿي نه ڏيو سزا قصور وار کي ڏبي آهي ايئن ڪنهن ٻئي جو قتل ڪنهن جي مٿان مڙهڻ ڪهڙي ڪتاب ۾ آهي. اسلام ته امن سيکاري ٿو هي نفرت ڇو امن جي ديس ۾ هي بي واجبيون.
 منهنجوجسم جھور ۽ هڏا ڪمزور ٿي رهيا آهن پوءِ به منهنجي دل تنهنجي جلون جي تاب سان اڃان به جوان آهي.
 عجب تنهنجو آهي انداز پيارا مرڪين ته موهي ڇڏين ٿو او سهڻا.
 چنڊ به ٿڪجي رات جي آخري لمحن ۾ سمهي پيو آهي پر يادون مون کي سمهڻ نه ٿيون ڏين.
 جيڪي منهنجي حسرتن جا قاتل هئا ۽ اڄ سي ئي ڪانڌي آهن.
 تنهنجي وئي کان پوءِ ڪٿي نڪري نه وڃي دم منهنجو هي رساما تون ڇڏ او پرين آ حياتي ڪل چار ڏينهن .
 مون لاءِ اهو سولو ناهي ته مان توکي وساري جيون جا بچيل پل تو بن گذاريان.
 اگر جي ايڏا ڪشالا ڪري توڏانهن اچان ته اجرت ڏيندو ڪر تنهنجي مرڪ ئي منهنجي ساري دولت آهي.
 تنهنجي جلون ڪيو بيتاب آ وار واسينگن جيان ڏنگڙا ٿا هڻن.
 جي مرڪين، ته وڃن ڏک سارا عجب آ مزو تنهنجي گفتار ۾.
 اي زندگي چند لمحا ڏي تون ساٿ آخري ڀيرو ڪيان ديدار ان جو.
 اي ياد توکي به ڪنهن جي ياد اچي توکان پڇان ته ڪيئن تڙپائيندي آ ياد.
 هو منهنجي زندگي ۾ آئي هوا جي جھونڪي جيان ۽ منهنجون سڀ خوشيون وکيري وئي زلفن جيان.
 توکان سواءِ سهڻا رهڻ آ ڏکيو جيئڻ آ ڏکيو ۽ مرڻ به آ ڏکيو....
 بيوسي جي عالم ۾ جيئڻ آ ڏکيو ڏور توکان او پرين رهڻ آ ڏکيو.
 اسان کان ويا اهي ڏينهن پيارا ڪچن گھرن ۾ هئي وڏي محبت.
 اسان پنهنجي لاءِ تمنا جي سيج ته سينگاريون ٿا پر ڇو اسان ٻين جي حسرتن کي قبر ۾ وجھون ٿا.
 هتي هرجاءِ تي بي قدرا ٿا گھمن لڳي وک، وک تي ٺوڪر ٿي. منهنجي وڃڻ کان پوءِ ساريند‎‎ؤ هُيو “احسن“ته ڀلو ماڻهو.
 جيڪڏن پنهنجي عزت ۽ شهرت قائم رکڻ چاهين ٿو ته غرور کي ختم ڪر، ڇو ته سخت شيءِ ٿوري ٺوڪر سان ٽٽي ٿي پوي.
 جيڪڏهن اڳتي وڌڻ چاهين ٿو ته تون ٿوري ڪاميابي تي غرور ڪرڻ ڇڏي ڏي ڇو ته ٻج زمين ۾ ملي وڻ ٿيندو آهي جيڪو ٻج زمين ۾ ناهي ملندو اهو سڙي ويندو آهي.
 عجب آ ڪشش تنهنجي اکڙين ۾ پيارا کڻين جي نگاهون ڪرين قيد ڪئي.
 نسلي ماڻهو کي ڪيڏي به شهرت ملي اهو غرور ناهي ڪندو بد نسل ماڻهو کي ٿوري به شهرت ملي هو ماڻهو کي ماڻهو به ناهي سمجھندو
 ڇڏيو فرقيواريت کي اچو ويهي ڪيون ياد الله کي
 او چنڊ پرين کي چئجان سوا تو پل ستو ناهيان منهنجي سڏڪن تي سڀ رنا.
 ڪاش تون جي اچين ها او صنم ته منهنجا صدين جا ٿڪ لهي پون ها.
 صراحي لکي مون سڄڻ تنهنجي سونهن تي نظرن جي مئي سان هي ڀرجي وئي آ.
 بهار جي پهرين برسات جي ڦڙي او پرين تو سوا ڄڻ ته مون لاءِ ٽانڊا کڻي آئي آهي.
 عشق ۾ شهادت جو مزو محبوب جي نيڻن تي ڪسجي وڃڻ ۾ آهي.
 الاءِ ڇو جن سان جيترو پيار هوندو آهي اُهي اوترو گھرو درد ڏيئي ويندو آهي ڇا زندھ رهڻ لاءِ وھ جو پيالو پيڻ لازمي آهي.
 ها اهو سچ آهي گلن جي لامن ۾ ڪنڊا به هوندا آهن ڪي ماڻهو گل آساني سان پٽي ويندا آهن پر مان هر ڀيري پئي ڪنڊن مان زخمي ٿيو آهيان.
 پوپٽ جا پٽي پر ٿا هي ڪن قيد عجب دستور آ زماني جو.
 او پرين !
يادن جي جھولي تي جھولين پيو اکيون آب هارڻ کان به نه ٿيون بس ڪن.
 سوچن جي سمنڊ ۾ تنهنجي يادن جا گل ڦٽڻ ٿا اڄوڪي سج ڪئي موڪلاڻي پرين پر نه مون ڏانهن آئين اڃان تون.
 آهيان مفتون تنهنجي زلفن تي ڇڏيان مسڪن کي گھوري مان.
 ماڻهن تلوارن جو ڇريون ٺهرائي ڇڏيون آهن ڇو ته انسان جي زبان تلوارن کان به تيز ٿي وئي آهي.
 جتي به جنهن به ديس ۾ ڌارين جي اڪثريت اچي وڃي ٿي ته اتي ديس واسي هر دم پريشان رهن ٿا.
 ويندي ويندي هو چئي ويو جي رب کان دعائن ۾ ڪجھ گھرين ته پنهنجي ملڻ جي دعا ضرور گھرجان من قبوليت واريون گھڙيون هجن ۽ پنهنجو ملن ٿي پوي.
 تون ڪهڙي تلاش ۾ آهين راهن تي نفرتن جا انبار رکيا اٿئي جي سڪون چاهين ٿو ته محبتون تلاش ڪر.
 مون سان جيڪو جيتري نفرت ڪندو آهي مان ان ۾ اوتري ئي محبت ڳوليندو آهيان.
 نفرت هجي يا محبت ان کي قائم رکڻ ڪا معمولي ڳالھ ناهي.
 تنقيد جي سگھ رکندڙ آسمان جي بلندين تائين پهچي ويندو آهي.
 مان کي ڇڏيو جو آهين تون ئي آهين.
 تنقيد ڪرڻ وارا ڀل ڪن پر اخلاق جي دائري ۾.
 اسان رهڻي ڪهڻي ۾ جيتري ترقي ڪريون پيا اوترو ئي اسان جي دلين مان محبت نڪري ٿي پئي.
 جڏهن اسان ڪچن گھرن ۾ رهندا ها سين تڏهن اسان جي دلين ۾ محبت جو رشتو پڪو هو.
 اوحسن جا شاعر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن غريب جي ڏکڙن تي به لکندو ڪر.
 جي تون راز کي راز ۾ رکندين ته توکي تنهنجو هم راز ملي ويندو.
 او صبح جي ٿڌڙي هير منهنجي پرين کي چئجان ته “احسن” اڄ به تنهنجي انتظار ۾ ٿو رهي.
 او صنم! ها تنهنجي ياد اڄ به منهنجي دل جي دروازي تي دستڪ ڏيندي آهي ڇا اڪيلائي ۾ تون به ڪڏهن موکي ياد ڪندو آهين.
 صدين جا پنڌ تنهنجي اکڙين ۾ آهن ڏوريندي سفر ويتر ٿو وڌندو وڃي.
 دل کي وئين هاف فرائي ڪري پرين، ڪنهن سنڌ جي صوبيدا وانگر. منهنجي حال تي تون ڪو ويچار ڪر منهنجو ساھ اٽڪيل آهي تو ۾.
 منهنجي چپن تي اڄ به اها چاشني آهي ڏنو تو پرين بوسو هيو.
 اميرن جي ردي جي ٽوڪري مان به ڪو نه ڪو ضرورت جو اوهان کي سامان ملي ويندو
غريب جي پوري گھر مان به ڪجھ ملي نه سگھندو.
 هوش م ڪير ٿو رهي جي تون اچين سامهون، جيون ٿا ارپي ڇڏين, ڪئي تنهنجي مرڪڻ تي.
 جا مون وٽ صدمان، سُڏڪا سور آهن هي منهنجي ڪُل ملڪيت آهن. هر چهرو تنهنجو عڪس هر رنگ ۾ تنهنجو رنگ او صنم منهنجي وجود ۾ صرف تون ئي تون.
 هو باغ ڏسيو ڇو روئي ٿو. ڇا مالهي گل چورائي ويا.
 هن جي جفا ۾ وفا ياد آئي ڪڏهن پرچڻ ڪڏهن خفا ياد آئي.
 ڇو ڀٽڪين ٿو تون در در ڪنهن کي ڳولين ٿو هو تو ۾ آ تون پاڻ کي ڇو رولين ٿو.
 مان جيڏو به ان کي وسارڻ چاهيان ٿو هو ويتر مون کي ياد ٿو اچي ٿو، هن کي ڪو چوي جي تون نه ٿو اچين ته يادن کي به روڪي ڇڏ مون کي تنهنجي ياد نه ايندي ڪري.
 دل جي درد جي دوا حاذق وٽ ويس پر ڪونه ڪو فرق پيو.
 هي چنڊ ڇو اڪيلو آهي ڇا تارن بيوفائي ڪئي اٿس.
 هن جي درد جو درد وري اڀري پيو چولو هي لڙڪن سان سڄو پسيو آهي.
 مان اڪيلو ٿي ويو آهيان هن جيون جي رستن تي مون کي وفادار جي تلاش آهي جيڪو منهنجي ڏکن جو ساٿي ٿي پوي.
 هي امير ڪنهن پکي يا جانور سان ته حد کان وڌ پيار ڪن ٿا پر ڪنهن انسان کي درد ڏيندي دير نه ٿا ڪن.
 اوهان تي ڪوئي دوش ناهي منهنجي قسمت ۾ لکيل هئي جدائي.
 خدا جي بندي جو خدا جي بندن سان نفرت روا ناهي ٻه ڏينهن جي زندگي آ پيار ڏيو پيار وٺو.
 تنهنجي نيڻن جي جام پيئڻ کان پوءِ بوتل جو نشو چڙهيو ئي ناهي.
 ڏک ٿيندو آهي ان ٻارڙن جي مقدر تي جيڪي والدين هوندي به يتيم آهن ۽ در در ڀٽڪن ٿا پيا.
 منهجي خيالن جي قبر کوٽي منهنجا سڀ ارمان دفن ڪيا ويا آهن.
 خدا جو ڏوهي استغفار کان پوءِ بچي وڃي ٿو مگر انسان جو ڏوهي هن جي وار کان ڪڏهن به نه ٿو بچي.
 اي عشق تنهنجي ڏنل ڏکن جو مون وٽ وڏو داستان آ اي عشق توکي به ڪو ڪڏهن عشق لڳي ۽ تنهنجو به ڪو لکي درد ڀريو داستان.
 غم اڳي به کوڙ آهن اي عشق تون ته نه ڏي ڏک مون کي
 هن اداس اکڙين کي تنهنجو انتظار آهي او پرين ڏس تون ڪڏهن ايندين هي “احسن” تو بنا اڌورو آهي.
 اسان کي گھرجي ته اسان اهڙا ڀلائي جا ڪم ڪريون جيئن اسان جي جسم کي ڀلين موت اچي پر اسان جو ڪردار هميشه زندھ رهي.
 مون اهڙا به ماڻهو ڏٺا آهن جيڪي گڏ کائي ۽ پويان وار ڪندا آهن اهڙن بي ضميرن کان ڪوئي به بچي نه ٿو سگھي.
 ڪو هجي جيون ساٿي جنهن سان پنهنجي ڏک ڀريل لمحن جا سور سليان.
 هي حياتي چار ڏينهن آهي اچو ته نفرتون وساري پيار جا گل پوکيون.
 جي اچين منهنجي دل جي ميڪدي ۾ ته توکي الفت جو جام پياريان.
 جن گھٽين تي گھمندو هيم تن تي وکريل اڄ ڪنڊا ڏٺم.
 جنهن کي ماڻهو سڄو جيون ارپي ٿو ۽ اهو ئي درد جو ڪارڻ ٿئي ٿو.
 پيار ڏيڻ سان جانور به پنهنجا ٿي وڃن ٿا افسوس مون هڪ انسان کي پاڻ ڀلائي حد کان وڌ پيار ڏنو پر هو انسان منهنجو ٿي نه سگھيو لڳي ٿو وفا اسان مان موڪلائي وئي آهي.
 هن جي نظرن ۾ اهڙو ڪو نشو هو بنا پيئڻ جي خمار آهي.
 ڪو اعتبار ڪري ته ڪنهن تي ڪري سڀ هتي اعتبار گھات ڪن ٿا مون سوچيو ڪنهن تي ڀروسو ڪري هن کي دل جو راز ڏجي پر هن ئي راز دان سڀ راز فاش ڪيا.
 تنهنجي هٿڙن ۾ ايتري طاقت نه هئي جو تون منهنجو هٿ ڇڏائي سگھين ها پر مان تنهنجو ڀرم رکندي متان تون بدنامين جي ور چڙهي وڃين کلندي توکي مون غيرن جي حوالي ڪري ڇڏيو منهنجي جيئڻ جو ڪارڻ بس هاڻ تنهنجون يادون آهن.
 انسان جي سيرت سهڻي هجڻ گھرجي ڇو ته صورت کي مون بازار ۾ وڪامندي ڏٺو آهي.
 هن جي اکڙين ۾ اهڙو ڪو جادو هيو ڏسڻ سان دليڙي ڦري ويو.
 هر روز محبتن جو درس ڏيندا ڪريو هي زمانو نفرت جي ور چڙهيل آهي.
 جي ڪنهن کي ڪجھ ڏيڻ چاهين ٿو ته ڪجھ محبتن جا گل ڏيندو ڪر.
 گھر هڪ تربيت گاھ هوندو آهي ٻار اهو ڪندو جيڪو ڏسندو، گھر جو ماحول پيار وارو ڪريون جيئن اوهان جا ٻار سٺو اخلاق سکي اڳتي وڌي سگھن.
 انسان ۾ ايڏو حرص ۽ هوس آهي. اگر ڪنهن دريا کي ڪنهن پيالي ۾ وجھو ته به پورو نه پوندو.
 عشق جو جنون منزلون هموار ٿو ڪري ۽ منزل تائين ٿو پهچائي.
 پاڻ کي وساري ان کي ياد ڪر ته منزل آسان ٿي پوندي.
 جنهن کان دوست پري هجن اهو بي سهارا هوندو آهي. خزان جي موسم ۾ بلبل جي فراق جي دانهن محبوب جي وڇوڙي جهڙي دردناڪ هوندي آهي.
 زنگ دل تي به لڳي ويندو آهي هن کي هو هو جي ضرب سان صاف ڪندا ڪيو.
 هر دم ذهن جي صفائي ڪندو ڪر جي ذهن صاف هوندو عبادت ۾ مزو ايندئي.
 تو سوا هن ايڏي شهر جي ڀيڙ ۾ به پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو آهيان
 هر دم پنهنجي گھر کي علم جي روشني سان روشن ڪندو ڪر
 ڪڏهن شمع کي غور سان ڏٺو اٿئي، ته ڪيئن پروانه اچي ان تي پنهنجي جان جو نظرانو ڏيندا آهن
 منهنجو ديس ته امن وارو هو اڄ هي نفرتن ڪٿان ڪر کنيو آهي ۽ اسان ۾ فرقو اچي ويو آهي.
 اي چنڊ ڪر نه ماڻا ٿيو هئين ٻه ٽڪر جڏهن کنئي يار منهنجي آڱر.
 رت جي رشتن جا ڏنل زخم ڪنهن ڌاري جي ڏنل زخمن کان گهرا هوندا آهن.
 تو مٿان ايندڙ مصيبت تنهنجو امتحان آهي جن صبر جو دامن پڪڙيو ان کي منزل ملي.

حصو ٻيون: نثري نظم

---

ڪربل

تير ها خيمن مٿان
پر صبر هو.
پوءِ وڏو ڪيڏو به
جبر هو.
آ حر ٿيو پاڻ هو پيش،
يا حسين تو سوا
جيون قبر هو.
گل هيو اصغر اڃان
ڪو مس ٽڙيو،
تو وهائي تير هي
ڪيڏو قهر ڪيو.
هت لڳي قاسم کي مهندي هٿن تي،
پر شهادت جو پيالو پُر هيو.
او شمر سجدي ۾،
ساجن تو ڪٺو.
حسينڻ تنهنجي وار کان،
با خبر هو.
آ رنو “احسن” هي عالم
۽ سڀ پکي به،
آ ڪٺو تو شمرا،
اسلام جو شجر هو.

ديپ

ديپ

ديپ جلندو رهي!
راه ملندي رهي !
ڪنهن نئين سفر تي،
همسفر سان گڏ.
پيار جو پيچ ۽
ناز نخرن سندو،
۽ نفرتن جا ڪنڊا
راهن تان ميڙيو،
الفت جا نوان،
گل هاڻ ڪجھ،
من اندر پوکيو.
ديپ کي جلائي،
ڪا روشني ڪريو.
۽ واٽن کي هاڻ،
ڪجھ ته هموار ڪريو.

ڪچڙا گھر

ڪچڙا گھر

وڏي محبت هوندي هئي
جڏهن گھر، ڪچڙا ها.
اٿي اسر ويلي،
وٺي ناءَ الله جو سڀ،
هلي پنهنجي ٻنڙي تي،
محبت جا فصل ميڙي،
اوطاقن تي متل ميلا،
دلين کي راحت ايندي هئي،
جڏهن گھر، ڪچڙا ها.
وري آيو دور اهڙو!
ماڻهن جا شوق لڳا بدلجڻ،
پڪيون جايون پڪا گھرڙا،
شهر جي شور شرابن ۾،
ويو ماڻهن جو ذهن مٽجي،
وساريو موت کي سڀني،
رڳو دولت جي پيل پويان،
اهو انسان ساڳيو آ.
مگر سوچ ۾ آ تبديلي،
ناهي رهي محبت سا،
جيڪا اڳ ملندي هئي،
جڏهن گھر ، ها ڪچڙا.

وقت جا حاڪم

وقت جا حاڪم

اي وقت جا حاڪم!
تون ڪيستائين، مون تي
ظلم ڪندين.
منهنجي پيٽ بکي، ٻچڙن جي
پيٽ کي هٿ لاء ڏس!
بک منجھان،
آهه زاريون ٻڌڻ ۾ ايندئي.
اي وقت جا حاڪم!
منهجا ٻچڙا،
عيد ڪيئن ڪن؟
اي وقت جا حاڪم!
ان ڏينهن کان ڊڄ،
جڏهن قل جهان جو حاڪم،
توکان پڇندو!
منهجي خلقيل مخلوق تي،
تو رحم نه ڪيو.
توتي ڪيئن رحم ڪريان!
اي وقت جا حاڪم!
ان قهار ذات کي،
ڪهڙو جواب ڏيندين.
ته اي پالڻهار!
مان سرڪش هيس.
اي وقت جا حاڪم!
جڏهن اسان مظلومن جون
آهيون، پڪارون،
توکي ٻڌايون وينديون،
پوءِ ڪهڙو!
منهن کڻي هلندين،
۽ ڪهڙو جواب
ڏئي سگھندين.

ڀرم

ڀرم

تنهنجي ڪمزور هٿن ۾
ايتري طاقت نه هئي جو،
منهنجو هٿ ڇڏائي وڃين ها.
پر مان تنهنجو ڀرم رکندي
متان، ڪٿي تون
بدنامين جي ور نه چڙهي وڃين
مون کلندي توکي،
غيرن جي حوالي ڪري ڇڏيو.
منهنجي جيئڻ جو ڪارڻ،
تنهنجون يادون آهن.
۽ منهنجي دعائن ۾ صرف
اِهي الفاظ هوندا آهن،
ته رب ڪريم جل جلاله توکي
ڏکيا ڏينهن نه ڏيکاري.

سپنا

سپنا

سمنڊ جي ڇولين ۾
خوبصورت جسم!
ڀِڳل زلف ڇولين جيئان
مست مگن ها،
جام اکڙين جو جوش ۾ هو.
مي پيلا مون پيتا هر هر پئي،
زلف چهري مٿان.
چنڊ کي بادلن وڪوڙيو آ ڄڻ،
هن ۾ هلچل متي.
مان به بيتاب ٿيس،
شمع هئي ۽ پروانو هيو،
ڏسندي ڏسندي اکڙين کان
اوجھل ٿي وئي!
حسرتون رهيون،
حسرتن ۾ ڀريل.
مرڪ لب تي هئي،
هو مرڪندي رهي!
مونکي سپنا ڏيئي، خوبصورت
جا پاڻ هلي وئي.

سنڌ جي نياڻي

سنڌ جي نياڻي

مان سنڌ جي نياڻي آهيا!
مون کي به انصاف ڏي.
جناب اعليٰ!
ڀل مان اوهان جي، نياڻي ناهيان.
پر نياڻي جيتري،
ضرور آهيان.
مون کي به پنهنجي
نياڻي سمجھ.
جن منهنجي جسم کي،
بگھڙ جيئا چٿيڙي ڇڏيو
تن کي، قانون جي
ڪٽهري ۾ آن.
متان! ايئن نه ٿي
سڀاڻي ڪو، تنهنجي
نياڻي تائين
پهچي وڃي.
ته تون قوم کي!
ڪهڙو جواب ڏيندين.
۽ هميشه،
سرمشار رهندين.

هاڻ جاڳو

هاڻ جاڳو

هن ديس جا اڙي جوڌا
اٿي! جاڳي پئو هاڻي.
ڇاتي امڙ جي تي،
لڳل هي زخم ٿئي جيڪي.
سچو سپوت ٿي تن کي،
لڳائي هاڻ مرحم ڪو تون.
ڪلاچي جي رونق کي،
موٽائي مونکي ڏي هاڻي.
گنگا سان جن نه نڀايو هو،
سنڌو سان ڇا نڀائيندا.
گنگا کي جن لڄايو هو،
سنڌو کي به لڄائيندا.
ورهاست جون ڪري ڳالهيون،
امڙ کي سي لڄائين ٿا!
غدارن کي ڳلي ۾ ڳٽ،
وجھي هاڻي ڀڄايو نت،
سڀاڻي هٿ مليندا سين،
سُتا رهجي ويا سين ڇو.

عشق ۽ عقل

عشق ۽ عقل

عشق چئي ٿو ته وڃي ڪو بر وسائجي!
عقل چئي ٿو ته ناتو پنهنجن سان نڀائجي.
عشق چئي ٿو ته تنبوري جي تار ڇيڙجي!
عقل ڇئي ٿو ته وڃي ڪا مسجد وسائجي.
عشق چئي ٿو ته هل يار جي در هلون!
عقل چئي ٿو ته پاڻ کي ٿورو بچائجي.
عشق چئي ٿو ته مي جو پيالو پيار!
عقل چئي ٿو ته ڪڏهن هوش نه وڃائجي.
عشق چئي ٿو ته ڇڏ پاڻ کي گم ڪري!
عقل چئي ٿوته ايڏو به پاڻ کي نه ڀلائجي.
عشق چئي ٿو ته بس تون ئي تون آن!
عقل چئي ٿو ته ڪجھ سوچي سمجھي ڳالهائجي.
عشق چئي ٿو ته رات ساري نه سمهجي!
عقل چئي ٿو ته عصر ويل پاڻ کي جاڳائجي.
نه سمجھ ۾ مون کي ڳالھ عقل ۽ عشق جي آ!
بس سونهن چڍڙ احسن سيني ۾ سمائجي.

سالگره

سالگره

ڪيڪ تي لڳل ميڻ بتي کي اوجھائيندي
پنهنجي زندکي جي
وڃايل لمحن تي مون،
پاڻ خوشي ڪئي.
پر پوءِ مون کي
احساس ٿيو ته
انسان ايڏو،
خودغرض ڇو آهي!؟
پنهنجي زندگي جي
خاتمي تي
پاڻ ئي، خوشيون ٿو ملهائي.

جوڌا

جوڌا

سنڌ جا جوڌا
ڪري ڌاڙيل ماريا ويا.
ڪڏهن گولين جي بارش ۾،
ڪڏهن غربت جي ٻوڏن ۾
هتي هرڪو لٽيرو آ،
مگر هو وڏيرو آ،
هي گولي غريب جو مقدر،
هڻي تن کي خوشيون ڪن ٿا.

ڏکن جي ڪهاڻي

ڏکن جي ڪهاڻي

اسان جي ڏکن جي ڪهاڻي وڏي آ
لکي مون ٿوري آڪاڻي وڏي آ.
ڪٿي ڳڀرن جا لاش پيل هن،
ڪٿي ان پاڻي سوا ٻچڙو موئو آ.
ڪٿي نياڻي جي لڄ لٽي آ
ڪٿي چند والين جي ڪري
هو ڪٺي آ.
ڪٿي حوس جو نشانو بڻي آ
ڪٿي ٻارڙا اغوا ٿين پيا،
ڪٿي ڪاري ڪري ڪا مومل ڪٺي آ.
ڪٿي سورمن جو سرڙو لٿو آ.
اهو هلي هر پاسي حشر ٿو!
اڙي او مسلمان، ٿيو توکي ڇاهي.
اسلام کان اڳ جيڪي عربن ڪيا ها
اهي ڪار سڀ،
تون پيو ڪرين ٿو.
هٿن سان نياڻيون
پنهنجون ڪهين پيو.
آواز جي ڪو ٿو اٿاري
تنهنجو اسان کي، لاشو مليو آ.
چون ٿا ڌاڙيل هي آهي “احسن“
جي ڳالھ سنڌ جي بقا جي ڪئي آ.
سري عام گولي ماريو هن کي!
اصل يا ته ڦاهي چاڙهيو هن کي!
اها جنگ جوڌن جي جاري رهندي،
جيسين رات هي ڪاري رهندي.
رت جو ريج زمين ٿي گھري هي،
ڪبو آباد هن کي ڦڙا رت جا هاري.
اسان ته محبتن جو آ سبق پڙهيو.
هي سکايو تو ڇا، اسان کي ظالم الاڙي.

منهنجو ٻچڙو

منهنجو ٻچڙو

ڪنهن ڪنهن تي ويهي
ماتم ڪريان
هر روز نئون لاش مليو آ.
قصور ۾ زينب نياڻي ڪٺي،
لڌو ميرپور ۾ نه ٻچڙي جو لاش.
امڙجي جھولي،
وري ٿي آ خالي.
غضب ٿيو غضب ٿيو،
وڏو هي آ غضب ٿيو.
جنوني جاهل وڌن ٿا ويتر،
نئين سج نئون،
مليو لاش مون کي.
پر ڇو رهي ٿو
قانون چپ هي،
وڃون ڏس ڪاڏي
ٿيون ڪنهن در داهين.



( ميرپور ماٿيلو ننڍڙي معصوم عبدالرحمان کي قتل ڪري مسو واه ۾ لوڙهيو ويو هن جي غم ۾ هي نظم لکي وئي)

نئون سال

نئون سال

اي نئون سال!
مون تنهنجي آمد تي،
کوڙ ساريون،
خوشيون ڪيون.
تنهنجا نوان ڪرڻا،
من منهنجي وطن تي،
خوشين جا گلاب کڻي اچن.
منهنجي ديس جي مارُن،
گھڻو ڀوڳيو آهي.
ڪئي بکايل ٻار،
ڪئي نياڻيون ڪاريون
ڪئي ڳڀرو جوانن
جو قتل.
هاڻ ڪي هي سارا بند ٿين.
پر رياست جو تحفو،
مون اخبار ۾ پڙهيو آهي،
نئين سج سان،
پيٽرول جي وڌندڙ
قيمتن جو بم.

ڪهڙي ڊسمبر

ڪهڙي ڊسمبر

ڊسمبر جي سرد هوائن سان
ٿو، منهنجو منڙو جلي.
هو پنهنجو ملن،
۽ سارو منظر،
بي تابي جو عالم!
هو نظرن جي
جام جا پيالا،
مدهوشي سان مون پئي پيتا.
سنگ مرر جهڙي
بدن تي،
هو منهنجا مخملي بوسا.
سردي ۾ به،
گرمي جو عالم،
جي پيار عبادت سمجھي،
ڪيو سين.
سٺو ڪين لوڪ،
لڪي جي مليا سين.
وڇوڙي هن قهري
ڪيا قهر اسان تي.
جدائي جي راڪاس
جا لامارا زندگي تي
وڇوڙي جو وِھُ
پياريو اسان کي
انڌيري رات
۽ گمنام رستا
ٿو ڳوليان پيو
ڪٿي آهين پيارا.
وري هي ڊسمبر،
وري هي پتجھڙ جي مند،
رستن تي سڙيل سُڪل پن
وري ياد تازي
ٿي ڪري پنهنجي
ملڻ جي.


جڏهن ڪو ماڻهو دوستي جي
روپ ۾
ڏنگ ٿو هڻي،
پوءِ ماڻهو ڇا ڪري
جو دوستي جي پاڪ
رشتن کي
نا پاڪ ڪريو ٿا ڇڏين.

يروشلم

يروشلم

ڪالھ جيڪو منهنجو
قبلو هو
اڄ هن تي يهودي
قابض آهن.
يروشلم جي فضا ۾
بارودي بوءِ ڇو؟
اسلام جا دشمن ٻڌي ڇڏ
تون اسان کي للڪارڻ ڇڏ.
اسان جڏهن به
نڪتا آهيون
طوفانن جا به
منهن موڙي ڇڏيا.
بيت المقدس
فلسطين جو آهي،
يرو شلم
اسان جو رهندو
ٻڌي ڇڏ
جي للڪاريندين
ته ٽڪڙا ٿي ويندين.

مان اوهان جو دشمن

مون ڪجھ ڏينهن پهريان
شيطان کي
ڏند ٽيڙي کلندي ڏٺو
هن چيو، جيڪو مون
تنهنجي رب سان
واعدو ڪيو هو
اهو پاڙيان پيو.
مون پڇيو ڪهڙو؟
چيائين ته
ڇا توکان تانيه
وسري وئي؟
مون چيو نه نه،
هن چيو مان ئي آهيان
هن کي مارائڻ وارو.
چيائين ته
مان لوئي ۽ لڃ کي
ليڙون ڪرڻ پئي چاهيو
پر انڪار تي هي انجام،
مون چيو پو ته هو
تنهنجو دوست آهي،
هن چيو انسان
۽ منهنجو دوست،
مون چيو ها ها
هو تنهنجي نقشي قدم
تي هلي
تانيه جو قتل ڪيو.
چيائين ته
ڀلين قاتل هجي يا مقتول
مان آدم جو دشمن آهيان،
جنهنجي ڪري مان
عزازيل مان شيطان ٿيس.
هو وڏا ٽهڪ ڏيندي
مان اوهان کي
ماڊرن ڪريان پيو،
جي مون کي نه روڪيو ويو ته
اڃان ڪئي تانيه وڏيرن هٿان مرنديون،
جنهن ۾ اوهان کي
الجھائي ڇڏيندس
ته قاتل ڪير آهي.
مان هاڻي
ميدان تي لهي آيو آهيان
مان اوهان ۾
فرقيواريت جي
جنگ ڇيڙيان پيو
مسجدن کان ڏور ڪري
ڪلبن تائين پهچايو،
بم بلاسٽ ڪرايا
مان مسلمانن جو
کليو دشمن آهيان.
هاڻي اوهان
سست آهيو
ڇوجو اوهان جي
حڪمرانن کي
پاڻ سان ملائي
منهگائي جي
چڪي ۾
پسيان پيو.
جنهن سان اوهان
دولت خاطر
پنهنجي حفاظت ڪندڙ
رب کي به
وساري ڇڏيو آهي.
اوهان سڀ
منهنجا دوست آهيو
۽ مان،
اوهان جو
دشمن.



ياد توکي ڪري رات روئندو رهيس
حال منهنجو ڏسي چنڊ به روئي پيو

انسانيت

انسانيت

سک جو ساٿي
ته هر ڪو آهي
پر، ڏک اچڻ تي
هر ڪو
ڏور ٿي
ساٿ ڇڏي
ويندو آهي.
انسان ته
کوڙ ڦِرن ٿا
پر مان،
ان ڀيڙ ۾
هر طرف
تلاش ۾ آهيان
نه ٿي لڀجي،
مان انسانيت
ٿو ڳوليان.


هي زندگي
ڪنهن پکي وانگر آهي
شام ٿيڻ تي هو اڏري ويندو،
فقط
يادون رهجي وينديون.

او سنڌ امان

او سنڌ امان

وري جھير تنهنجي
جگر مٿان
او سنڌ امان او سنڌ امان
اڄ ڳوٺ ۾
ڪيهاٽ هن.
وري گھر اسان جا لٽيا
وري لاش
اسان جي گھر پيل،
هي ڪيڏو اسان سان
ظلم ٿيو.
لٽي صدين کان
سنڌ سهڻي منهنجي
جتي لاشن جا
ٿا ڌڙا لڳن،
هي ڏائڻ اسان کي
کائي ويا.
او سنڌ امان او سنڌ امان.

چوندا آهن جنهن سان جيترو

چوندا آهن جنهن سان جيترو
پيار هوندو آهي
هن تي ماڻهو شڪ به
اوترو ڪندو آهي.
هي غلط چون ٿا
ڇو ته مالهي جو ڪم آهي
گلن جي حفاظت ڪرڻ.
مان ڏوهي هان

جي سچ جي راه تي هلڻ ڏوھ آ ته
مان ڏوهي هان.
اهڙا ڪيئي ڏوهه پيو ڪندس،
چاهي سولي مون کي چاڙهيو وڃي،
مون کي زنجيرن ۾ جڪڙيو وڃي،
موکي زنده ڦاهي چاڙيو وڃي،
تون ظالم آن، تون ظالم آن،
تون لٽيروآن، وحشي آن،
منهنجي سنڌ امڙ جو ڏوهي آن،
هي سنڌ جون وستيون ڊراهين پيو،
بي ڏوهن کي تون مارين پيو،
هي ٽوڙي سڀ زنجير توسان،
هاڻ حساب ڪتاب ٿيندو.
هي سچ جي لاٽ ٻرندي پئي،
هي ڪوڙ جي رات به ويندي،
سچ جي هاڻ جيت ٿيندي،
مان ڏوهي هان مان ڌوهي هان.
جي سچ واري راھ ڏوھ آهي.

سچو دوست

سچو دوست
ڏيئي جي تيل وانگر هوندو آهي،
جيڪو
پاڻ سڙي ٻين جي گھرن کي
روشن ڪندو آهي.

حقيقت جو عڪس

حقيقت جو عڪس

تون مون سان هن جي ڪري
رسين ٿو
آخر ڇو؟
اها ڳالھ غلط آهي،
ڪنهنجي ڪري ڪنهن
ٻئي سان رسڻ.
مان تنهنجي ڪري پنهنجو
دوست ڪونه ڇڏيندس.
توهان هڪ دوست جي ڪري
مون کي ٺڪرايو
اهو غلط آهي.
هو هڪ ڏينهن مونسان پرچي پوندو
پر توهان منهنجي نظرن مان
ڪري پوندؤ.
دل خدا جو گھر آهي
هن تي ايڏا ستم روا ناهن
پر منهنجي لاءِ
منهنجا دوست سڀ ڪجھ آهن.

بي درد

بي درد

اڙي او بي درد ڏس
ڪيو ڇو قهر تو ايڏو؟
ڏاڍ مڙسي ڏيکاري تو
اڄ غيرت جي نانءُ تي
اڃان هن جي کيڏڻ جا ڏينهن ها،
هاڻي ته
کلي مُکڙي مان گل ٿيو هو.
مگر معصوم جو ڏس
جرم ثابت ٿيو هو ڇا؟
اڃا پيرن جا اڱڻ تي
ٿيا نيشان به نه ها،
اڙي بي درد او ظالم
وهائي خون، خوش ٿيون آن
لڄائي سنڌ اٿي تو
ڪيو ڪيڏو قهر تو آ.

فادر ڊي  

فادر ڊي

اي منهنجا رب
هر ڪنهن جي
پيءِ کي
سلامت رکجان،
جيئن هو پنهنجي
اولاد مٿان
ڇپر ڇانو رهن.
جيئن هر اولاد جي
پالنا بهتر ٿي سگھي.

جنم ڏينهن

سال ٻيو به گذريو
او پرين او پرين
هي حياتي جو ٻيو پل به ويو
پر ڪون تون آئين مون ڏي.
ساري ساري توکي صنم
شام به موڪلايو آ،
رات جي تنهائي ۾
بوند ڳوڙهن جي،
ساھ کي اُڌما،
۽ ياد تنهنجي پئي
پل پل ٿي
ستائي مون کي.
او پرين او پرين
هاڻ موٽي اچ.
آ سال به ڪئي
اڄ موڪلاڻي آهي.

سيوهڻ ۾ ڪربلا 

هي صوفين جي ڌرتي
اڄ رتو رت آ.
هر پاسي لاش ۽ ڪيهاٽ
ڪربلا ڪربلا ڪربلا،
اي ڀٽائي تنهنجي ڌرتي تي
اڄ ظالمن،
ڪيڏو آ ظلم ڪيو.
جتي امن جو
نعارو لڳندو هيو،
جتي محبتن جي
مالا جھپبي هئي،
اڄ ٽڪڙا ٽڪڙا
لاش وکريل.
اڄ ياد سوئي تازه ٿي.
اڄ سيوهڻ ٿيو آ
ڪربلا.

(قلندر شهباز جي نگري تي ٿيندڙ بم ڌماڪي جي ڏک ۾ لکيل نظم)

ڪلاچي

ڪلاچي

اڄ ڪلاچي رُني
سيني مون کي لاءِ.
ڏور مون کان پري
هي قاتل ڪيو.
پيار مون کي موٽائي
ساڳيو ڏيو.
ديوار ڪچيء ۾
هو سمايل جيڪو.
ڳاٽ اوچا جيترا
ديوران جا ٿيا،
ڪنڌ اوترو جھڪيو
محبتن جو آ.
هت هر ڪو
جيئي پنهنجي لاءِ،
غرض ڪنهن کي
نه ڪنهن جي آهي.
ٻولي سنڌي به ڪوئي
ٻولي نه ٿو.
ڪيس ڪيڏو ٿو
مون سان ٿيئي پيو.
ڪاڏي جوڌا ويا
بس ٻوساٽ آ،
جن جيجل تي پنهنجي
هئي جواني ڏني.
هاءِ لٽي ٿو پيو
لٽيرو مون کي.
ڪو بچائي، بچائي
بچائي مون کي.

يادگيري

يادگيري

وري هو چاھ ساڳيو ٿي.
وري هو پيار ساڳيو ٿي.
وري جواني وري پئي ڪا،
وري جوش اهو ساڳيو،
وري رونق ڳوٺ واري،
مٺا مور وانگر هو،
گھمڻ گھر جي اڱڻ تي سو،
منهنجون نظرون تنهنجي در تي،
۽ ماڻهن جون نظرون هيون مون ۾.
هو طعنا لوڪ جا سر تي،
کنيا پئي مون تنهنجي خاطر.
سرنهن جي ساڳ سان گڏ،
وري ماني چانور جي.
مٺا ٽالهي جي وڻ هيٺيان
سرور سو وٺيون ساڳيو.
پرين گردش هي شهر جي،
مون کي تڙپائي ٿي هر هر،
هڏا توڙي پوڙهائپ ۾
مگر جذبا جوان آهن.
نظر اڄ به ڳولي ٿي
پرين توکي پل پل هي،
وري ٿين بهارون
مٺا هاڻي ملڻ جي ڪر.

رسم الفت

رسم الفت

لاش منهنجي کي ڪانڌي
جڏهن سنواري کڻن!
رسم الفت
ادا تون ڪجان.
دل مڃي نه مڃي
تنهنجي پرين،
رسمي ڳوڙها به
وهائجان کڻي.
توکي هرجائي ڪو
چئي نه وجھي،
مون کي برداشت اهو
نه ٿيندو پرين.
سزا زنده تي واجب
هوندي آهي،
منهنجي ميت تي تون
ستم نه ڪجان.
کڻي ميندي رتڙا
پنهنجا هٿڙا پرين،
منهجي قبر تي گل
به چاڙهي ڇڏجان.
جيئن زمانو چوي
هي “احسن” ٿي آ امر ويو.








يادون

يادون

اوجاڳا سي راتين جا
ٿڪاوٽ سا اڃا به آ.
لڪي لوڪ کان ملڻ توسان،
زماني جا اٿيل هٿ سي،
الزامن جا انبار ها جيڪي،
سي راتين جون ملاقاتيون،
پرين توکان سي وسري ويون.
غيرن جي ٻانهن جو،
نه ٿي تون هار او پيارا.
گلابي لبڙن تي لالي،
اهي بوسا وساريئي ڪيئن.
اڃان نيڻن ۾ سوئي،
اهو انتظار ساڳيو آ.
عمر جا هڏ ٿين ڀلين پوڙها،
مگر ساڳيو اهو چاھ آ.
اسان جي هئي جواني به،
۽ پوڙهائپ به تنهنجي ناءَ آ.








تنهنجا ڏوهي آهيون

تنهنجا ڏوهي آهيون

ويا سڀ خواب اڌورا رهجي
جيڪي آئي هئين کڻي تون.
سي سپنا چور ٿي ويا
نا انصافين جي تون
ور چڙهي وئين.
تنهنجو خون به
لوڙهيو ويو آ،
ٿيندڙ هر ناري
جي ظلمن وانگر.
ڄامشورو تنهنجو،
ڏوهي ٿي ويو.
محبتن جي ديس ۾،
هي ڪيس ڪيڏو
توسان.
انصاف نه ٿي سگھيو آ
تنهنجو موت،
سواليه بڻجي
هر ڪنهن کي ٿو
سوال پيو ڪري.
منهنجو قاتل ڇو نه ٿا ڳوليو!
منهنجي موت جي ڏوهي کي،
توهان اڃا سزا نه ڏياري سگھيا هو.
توسان ڪيڏي
نا انصافي ٿي آ
نائلا تنهنجا ڏوهي آهيون.

(هي نظم نائلا رند جيڪا سنڌ يونيورسٽي ۾ پر اسرار نموني مارجي وئي هئي ان جي موت تي لکيو هو )

رب جي گولا

رب جي گولا

جي رب جي ڳولا ڪرڻي اٿئي ته
انسان کان پاسو نه ڪر،
انسانن ۾رهي
ڳولا ڪر.
ڇو جو رب شاه رڳ کان به
ويجھو آهي.
جي انسان سان پيار اٿئي ته،
تون رب جي قريب آهين.
ڇو ته
جي انسان راضي،
ته توکان رب راضي آهي.
تنهنجي ڳولا پوري ٿي وئي
تو کي رب ملي ويو.

اي زمانا  

اي زمانا

اي زمانا مون کي ٻڌاءِ
منهنجو ڪهڙو قصور آ؟
منهنجي عمر اڃان گُڏين سان
کيڏڻ جي آهي.
مان ته معصوم آهيان
تو مون کي به
وحشين حوالي ڪري ڇڏيو.
ڇو هتي
نياڻين جو
تقدس پئمال ٿئي ٿو؟
اڃان مون کي
سوچڻ جي به خبر ناهي
ڇو منهنجي جسم کي،
ڪنهن بگھڙ جيان
حوس جو نشانو بڻائي
مون کي موت جي
بي رحم
وادي ۾
اڇلايو ويو.؟


(قصور جي معصوم نياڻي زينب کي جنسي تشدد ڪري قتل ڪرڻ جي افسوس ۾ هي نظم لکي )

مان سنڌي هان  

مان سنڌي هان

مان جوڌو هان.
مان سوڌو ها.
مان هوشو هان.
مان هيمو هان.
مان منصور ٿي،
سر رکيو سوري تي.
تون ڳترا ڳترا
ڀل منهنجا ڪر.
هر ڳتري مان
هڪ نعرو هوندو،
مان سنڌي هان.
مان سنڌي هان.
منهنجو جنمن جو ناتو آ.
ها اجرڪ منهنجو ڪفن ٿيندو.
ڏجو غسل سنڌو جي پاڻي سان.
جي وڙهندي وڙهندي ماريو وڃان،
کوٽي قبر سنڌ جي سيني تي،
نروار ڪري لکي هي ڇڏجو
او سنڌ امڙ تنهنجي هي امانت سا،
ڪريون تنهنجي حوالي پيا.
جسم زخمن سان چور اٿس.،
پنهنجي هنج وٺي تون لولي ڏي.
تنهنجي گود ۾ ملندو چين مون کي
ٿي امر پو ويندس مان.
پڙهو قل، ڪلما توهان جتي
تنهن سان بيت ڀٽائي جا پڙهجو.
ڪجھ منهنجا به گيت جھونگارجو،
مان فخر مان چوندس ڪاتبين کي
سر وار ڪيو آ مون سنڌ تي.
مان سنڌي هان.
مان سنڌي هان.

ڳوڙها

ڳوڙها

نظم مون لکيوپنهنجي درد تي
تنهنجا ڳوڙها ڇو وهي پيا؟
هي لالاڻ جو اکين ۾ آ
ڪو شرابي مان ناهيان.
سنڌ جي سورمن جي
لاشن کي ڏسي،
نيڻ جي آلاڻ جي سرخي آهي.
ڪي سڙندا رهيا زنده
ته ڪي گولين جو کاڄ،
ته ڪي ٿر جي واري تي سڙي
ماني ڳڀي لاءِ بکيا،
ڪنهن ڪنهن تي لکان
ڪنهن ڪنهن تي روئان.
سوچ ۾ ٿو رهان
هي درد به نا سور ٿيو.
ناهي علاج ڪنهن
حاذق وٽ.
بس درد جو ئي درد آ
هي درد ئي مارن پيا.
هاءِ ٿيندو الاءِ ڇا
منهنجي روئڻ تي
نه تون رو،
هي منهنجو ئي بس مقدر آ.

نظم اُگھاڙا

نظم اُگھاڙا

مان هن معصوم ٻارڙي
جنهن کي حوص جو نشانو
ڪيو ويو.
هن جي تن تان
پنهنجي حوص لاءِ لٿل
ڪپڙن جو ٻڌان ٿو،
ڄڻ ته ڪو منهنجي نظمن کي
اُگھاڙو ڪري ويو، ۽
مان لفظن جي ڪپڙن سان
ڪيڏو به ڍڪيان ٿو
پر هو ويتر، تن صدمن تي
هي لفظ دانهون ڪري
هو واقعو ٻڌائين ٿا.
۽ نظمن تي
لفظن جي اوڙهيل
ڪنهن ناري جي لٿل
رئي جيئان،
چادر لهي ٿي وڃي
۽ منهنجا نظم
اُگھاڙا ٿي پون ٿا.

ماضي  

ماضي

اڄ ماضي حال بڻجي
منهنجي آڏو ٿو ڦري.
سا ڳوٺ جا دلنشين نظارا جنهن ۾
منهنجي محبوب جو رنگ هو.
آڊيو ڪيسيٽ ۾ درد ڀريا آلاپ
سي محبتن جا ميلا،
تنهنجي واٽن تي مجنون جيئان ڦرڻ،
اڄ ياد پيو اچين.
حالات جا ماريل.
بدنامي جو خوف.
پوءِ به منهنجي لاءِ تنهنجو تڙپڻ،
اڄ پهريون پيار ٿو ياد اچي.
ڏاڍو روڪيان ٿو پيو
پنهنجو پاڻ کي
پر لڙڪ
رڪجن نه ٿا.
مان ته تنهنجي وڇڙڻ تي
روئي روئي لڙڪ سڪائي ڇڏيا
الاءِ اڄ وري ڪٿان
بوندون پيون برسن.
پر ڇا ڪريان ياد کي
ياد ماري ٿي پئي مون کي.

مارچري 

مارچري

مارچري ۾
هڪ نوجوان ڇوڪريءَ جو
ميز تي پيل لاش
اکڙيون کليل!
ديدن سان ديدن جو ڳالهيون،
منهنجي ديدن پڇيو
توسان ايڏو ويڌن؟
هن جي اکڙين
لڙڪ لاڙيندي چيو
ته مان
مان ڪاري آهيان
***

حسن جي راڻي  

حسن جي راڻي

حسن جي او راڻي
ادا تنهنجي واھ واھ.
بنا جام جي ته
چڙهيا اڄ نشا هن.
گلابي گلابي هي لبڙا تنهنجا.
جي چورين ٿو ته ڄڻ،
وڄي چنگ پيو ٿو.
هي ڇيرن جي ڇنڪار ۾
وڏو سوز آهي.
ٿي موهي ڇڏي انداز سان.
زلفن جو وجھي ونگ مون کي،
تو ڦاسايو اڄ “احسن” کي آهي.

خوشبوءِ 

خوشبوءِ

او پرين!
تنهنجي بدن جي خوشبوءِ
اڃان تائين من ۾
سمايل آهي.
تون ته مونسان
هر پل
گڏ آهين.
هڪ درد ناڪ وڇوڙي
جي تڙپ کانپوءِ
ملن جو مزو ماڻي ٿو
هي منهنجو جسم.
ڇو ته تنهنجي ياد ۾ به
سا ئي تنهنجي
ڀنل جسم واري
خوشبوءِ آهي.

غلام  

غلام

هن پڇيو غلامي ڇا آهي؟
مون وراڻيو
غلامي اها شيءِ آهي
جي اسان حاڪم
يا ڪنهن وٽ قيد ٿي وڃون،
هن جو ئي ٿي رهڻو پوي ٿو.
اهو ماڻهو جيل کان ٻاهر هوندي به،
ڄڻ قيد ۾ هوندو آهي.
هن چيو ته پوءِ اسان به قيد ۾ آهيون.
مون وراڻيو توبه ڪر
اسان آزاد آهيون آزاد ملڪ ۾ رهون ٿا.
هن چيو ( جيڪا ڳاله منهنجي دل کي ڇُهي وئي)
غلامي ان کي ناهي چئبو
ته ڪو جيل ۾
يا ڪنهن حاڪم وٽ قيد هجي.
غلام ته اهو آهي جنهن جا
ارمان قيد هجن،
جنهن جون سوچون قيد هجن،
اظهار جي آزادي تي پابندي هجي،
هي سڀ هٿڪڙيون اسان کي
لڳل آهن
ته پوءِ ڪهڙا آزاد آهيون.
منهنجي چپن تي چپ جا
تالا لڳي ويا
مون وٽ ڪوبه
جواب نه هيو
جو هن کي
ڏئي سگھان ها.

فرقو

مون کان پڇائين
ڏي خبر
فرقو ٿي ڪهڙو؟
مون وراڻيو ترس
پهريان مون کي انسان ٿيڻ ڏي.
هن چيو مون کي ته تون
انسان لڳين ٿو.
مون وراڻيو
ڪردار ۾ ئي ته آهي
انسانيت جي سڃاڻپ.
هن چيو
جي اها ڳالھ آ ته پوءِ
انساني روپ ۾ مون
کوڙ جانور ڏٺا آهن.

ڪاغذ جي ٻيڙي

ڪاغذ جي ٻيڙي

ڪاغذ جي ٻيڙي
جيون پنهنجو،
تار چڙهي، ڪڏهن ٿي ٻڏي.
غم جي هوائن ۾ ٿي لڏي،
يادن جا پئي گوتا کائي،
پوءِ به سفر جاري آهي،
آس جي ڇولي ۾ ڇلي،
رستو وڃي ڪڏهن ٿي ڀلي.
پيار جو ٽيڪو جڏهن اچي ٿو،
ٻڏل ٻيڙي تري پوي ٿي.
ماکي جهڙي محبت ۾،
هو جڏهن ياد ڀري ٿي،
ساھ جي تند ۾ اڻ تڻ پئي ٿي
هي ته رڳو سورن تي هلي ٿي،
ڪاغذ جي ٻيڙي تار چڙهي
ڪڏهن ٻڏي ٿي
ڪڏهن تري ٿي.

خوف

خوف

خوف
آفسر جو، وڏيري جو، سردار جو، پنهنجي ناڪامي جو، چور جو، ڌاڙيل جو ۽ ٻين گھڻن جو.
پر خوف رب پاڪ جل جلاله جو ڪونهين.
هتي هڪ پل جي سفر واري زندگي گزاري
پوءِ ان جي حضور وڃڻو آهي
جيڪو اسان جو مالڪ آهي.
چاهي عزت بخشي،
چاهي ذلت بخشي،
هو ڪائنات جو خلقيندڙ آهي.
اسان ان جي ڏسيل راھ کان پري ٿي
پنهنجي من ماني ڪريون ٿا،
جيڪو اسان کي اڌ موت(ننڊ) کان پوءِ
وري زندگي ڏي ٿو.
صبح جو ننڊ مان اٿاري
صحيح سلامت ترو تازه
ڪري ٿو.
جي هن ڪريم جو دل ۾
ٿورو به خوف رکون
ته اسان جا
ٻئي جهان سنوارجي وڃن.

ضمير فروشي

ضمير فروشي

عورت جڏهن مجبوري سبب
جسم فروشي ڪري ٿي
ته اسان هن کي
وڏو دوشي ٺهرايون ٿا
پر ضمير فروشن کي
اسان وري وري
ان کي سيني لايون ٿا
۽ اسان هن جي وڏي
خوشامد ڪرون ٿا
اصل ڏوهي
جسم فروشه ناهي
ڏوھ ته ضمير فروشي آهي
جسم فروشه ته
پنهنجي ٻارن جي پيٽ پالنا لاءِ
جسم فروشي ڪندي آهي
پر ضمير فروش
اسان سڀني جي حقن جو سودو ڪندو آهي

جيجل ماءُ

جيجل ماءُ

مان سڄي عمر جي
لاهڻ چاهيان ته
اي امڙ،
تنهنجي هڪ رات جي
اوجاڳي جو به،
ٿورو نه لاهي ٿو سگھان.
تون پنهنجون راتين جون
مٺڙيون ننڊون ڦٽائي،
منهنجي هر درد کي
پنهنجو درد سمجھي
تو منهنجي پالنا ڪئي.
هر در سهي مون کي تو
پنهنجي سيني سان لڳايو.
اي مٺڙي امان
تنهنجي ئي وجود سان
منهنجو وجود آ.
ڪڏهن جي مون کي بي چيني ٿي
ته تون ئي بيقرار
ٿيندي هئين.
اي امڙ تنهنجي هڪ رات جي
اوجاڳي جو ٿورو به،
نه لاهي ٿو سگھان.
دنيا جي هر ماءَ کي منهنجو سلام.

انسانيت

انسانيت

او ملان
تون منهنجي نماز
پڙهڻ کان پوءِ
مسجد ڌوئين ٿو.
منهنجو فرقو
ڀل جيڪو به هجي
پر مان انسان آهيان،
جي توکي
انسانيت کان نفرت آهي ته
تون ڏس ڪهڙو مسلمان آهين؟
خدا کانپوءِ
افضل عبادت
انسانيت سان پيار آهي.
سجدا ته عزازيل به ڪيا
پر
هن انسانيت جي وجود کي
نه مڃيو هو
ته ابليس ٿي ويو هو.

محبتون

محبتون

ڪونه آئين پرين!
ڏينهن محبتن وارو
مون اڪيلي اڪيلي
آ گذاري ڇڏيو.
ياد تنهنجي هئي
۽ سگريٽ جا دونهان.
سگريٽ جي راک جيان
پيو جليو اندر منهنجو.
او پرين
هاڻي ته اچ
مو کي اداسين
وڪوڙي ڇڏيو آ.
اڄ سج جي ڪرڻن سان
هي جسم تپندو ٿو وڃي،
۽ تنهنجون يادون
منهنجي اندر ۾
اڌما ٿيون مچائن
ڪٿي اڪيلائي ۾
منهنجو دم نه
نڪري وڃي.

ٿر

ٿر

او محلن وارا!
مان بک مان ايڏو
بي حال ٿي ويو آهيان،
ماس به جسم مان
ڳري ويو آهي.
مان هر روز موت کي
اکڙين سان
ڏسان ٿو.
او محلن وارا !
منهنجو پيٽ اوهان جي
ڳالهين سان نه ڀربو،
منهنجي پيٽ جي
بک جي باھ
وسائڻ لاءِ
مونکي ماني ڳڀو گھرجي.


هر موڙ تي
تنهنجي رستن تي
ڪنڊا وڇايا ويندا.
اگر تون ثابت قدم رهندين،
پوء تون منزل تي
آساني سان پهچي سگھندين.

دردن جا جبل

دردن جا جبل

منهنجي من اندر ۾
ليئو ته پائي ڏس.
آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ
دردن جا جبل نظر ايندا،
جتي خوشيون چڙهي
نه ٿيون سگھن.
اگر ڪڏهن ڪا خوشي
ان مٿان چڙهڻ جي
ڪوشش ڪندي آهي ته،
هو پل ۾ ڪري پوي ٿي
۽ اندر ۾ درد
آتش فشان جيئان
ڦاٽي پون ٿا،
۽ سور وري جاڳي پون ٿا.


قلم کي سوچي هلايو!
هن جو وار
تلوار کان به تيز آهي،
اگر هي بي ضمير جي
هٿ لڳي وڃي ٿي
ته ڪئي گھر تباه ٿي وڃن ٿا،
۽ اگر قدر واري جي هٿ
اچي ته
هي ظلم جو خاتمو آڻي ٿي.

جيون جو گاڏو

جيون جو گاڏو

سحرائن ۾ مون کي
صرف تنهنجي ئي تلاش آ.
تون ڪٿي آهين
ڪو آواز ڏي
او صنم توکانسواءِ،
مان هي جيون جو گاڏو
ڪيئن گيڙيان.
هي درد جدائي مون کان،
سهي نه ٿو سگھجي.
ڪو نئون درد ڏيڻ لاءِ به
تون هڪ وار اچ
تو سوا هي مندون
بي رنگ آهن.
سرد موسم جون هوائون
جون جيئن ساڙين پيون.



تنهنجي بدنامي جي
خوف کان
مون تنهنجا ڏنل تحفا
ڪنهن کوھ کي
امانت طور ڏئي ڇڏيا آهن،
مون کان اهي خط ڦاڙجي نه سگھيا

مالڪ!

مالڪ!

ڪنهنجو محتاج نه ڪر
ڪنهن کي به تون،
پنهنجي خزاني مان عطا ڪر.
مالڪ!
هي دنيا ڏاڍي اوکي آهي
ڪنهن کي ڪنهن جو به فڪر ناهي،
هر ڪو پنهنجي لاءِ ئي جيئي ٿو.
امير کي ڪنهن غريب جي
بک جي پرواھ ناهي،
هن وٽ پلجندڙ جانور
عاليشان جڳائن ۾ رهن.
تنهنجي ايڏي ساري ڌرتي تي
غريب کي جھوپڙي جي
جگهه به نه ٿي ملي.
امير جا جانور به
طرح طرح جا طعام کائين ٿا
مگر غريب جو ٻچڙو
ماء جي سڪل ٿڄ جي ڪري،
بک سبب مري ٿو.
مالڪ!
ڪو به ناهي جو
ان ماءُ کي ٽڪر ڳڀو ڏي
ته تون پيٽ ۾ ٻرندڙ
باه کي اوجھائي سگھين.
مالڪ!
تون ئي رحيم آهين
پنهنجو ڪرم، ۽ رحم ڪر،
اي ٻاجھ وارا رب ڪا ٻاجھ ڪر،
نه ته هي زمانو زنده
کائڻ ٿو اچي.
مالڪ!
هي ڇا ٿي رهيو آهي
تنهنجي نانءُ کي
ماڻهو،
بت ڪده ۾ ڳولين ٿا،
جڏهن ته
هر ڪنهن کي اها به ڄاڻ آهي
ته تون
شاه رڳ کان به ويجھو آهين.
پوء به ڪنهن سحرا
۾ ڀٽڪي
تنهنجي وجود کي ڳولن ٿا
توکي
ڪڏهن مورتين ۾،
ته وري ڪڏهن
فرقي جي ور چڙهي وڃن ٿا
تون ته هرجاءِ تي موجود آهين
پوءِ ڇا جي تلاش ۾ آهيان؟
پنهنجي اندر کي ڇڏي در در پيو رلان.
مالڪ
انسان، انسان جو
ويري ٿي ويو آهي
چور به هاڻي
انسان کي چورائي پيو.
ماڻهو
بي ضمير ٿي ويو آهي،
وحشي ٿي ويو آهي ،
هو ماري ٿو انسان کي
پر پنهنجي اندر پلجندڙ
وحشي کي نه ٿو ماري.
هي نفس جو غلام ٿي ويو آهي
اندڙ رهندڙ وحشي
کي پالي پيو
ڪڏهن به هن سان جھيڙو
نه ٿو ڪري.
مالڪ!
اسان جسم کي صاف ڪري
تنهنجي در اچون ٿا
اندر گندلو پيو هوندو آهي
جي صابڻ خار جا مڻ هجن
ته به اسان جو اندر
ڌوپجي ڪونه سگھندو.
مالڪ!
ڪو اهڙو ڪرم ڪر
سا محبت موٽي اچي
هتي هر پاسي
نفرت ئي نفرت آهي
سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته
ڇا پيو ٿي هي.
مالڪ!
تو اسان کي
اشرف المخلوقات ڪري موڪليو آهي، عقل ۽ سمجھ به ڏني آهي
پوءِ به اهو ٿا ڪري ويهون
جيڪو جانور به نه ڪري.
مالڪ!
فرقن مُسايو آ
ڪنهن کي ٻڌون،
ڪنهن کي نه.
ڪير سچو آهي
ڪير ڪوڙو.
اها ڄاڻ توکي ئي آهي
تنهنجا اهي راز ڪير ٿو ڄاڻي
جيڪي الم.، يٰسن
۽ پوري قرآن ۾ آهن.
مالڪ!
سوچان ٿو
توکي ڪيئن ريجھايان
گل ڳراٽي پائي
تو در اچان
توکي پرچايان
من تون پرچي پوين.
مالڪ!
مان ته عيبدارا آهيان
گنهگار آهيان
مون ۾ هزارين عيب آهن.
مالڪ!
مان خوف مان ڪنبان ٿو پيو
ته متان تون
پڪڙ ڪرين
مون گنهگار کي
توکان مان ڪٿي لڪندس
هر جاء تي تون آهين،
هرجاء تي موجود آهين.
مالڪ!
ڇو ڀلا
ڪنهن کي خوف ئي ڪونهين
جڏهن ته هر روز ڪو نه ڪو
جنازو به کڻون ٿا
هر روز
توڏي ايندي ڪنهن کي نه ڪنهن کي
ڏسون ٿا
پر مان ايڏو مغرور ٿي ويو آهيان
دولت جي پويان لڳل آهيان
چاهي ڪنهن غريب جو
حق مارجي ته ڀل مارجي
مون وٽ سڀ ڪجھ هجي.
مالڪ!
مان لالچ واري دلدل ۾
ڦاسندو وڃان ٿو
ڄڻ هر پاسي ڄار وڇايل آهي
منهجو روح ان ۾ ڦاسندو وڃي ٿو
جيئن ڪو پکي
ڪنهن ماري وٽ ڦاٿل هوندو آهي
مان سمجھ وارو نا سمجھ آهيان.
مالڪ!
ڪا تيز هوا يا سردي
منهنجي جسم مان
رانڀا ٿي ڪڍي وڃي
پر منهنجي ملڪ جا حڪمران
مون کي ڏسي هليا ٿا وڃن
پنهنجي مطلب لاء
ڪجھ وقت مونسان هيٺ به ويهن ٿا
پر پوءِ ڪم نڪرڻ تي
مون کي وساري ٿا ويهن.
مالڪ!
تون انهن جي محتاجي کان بچاءَ
پنهنجي در جو ئي محتاج ڪر.
مالڪ!
منهنجي خيالن جي اڏام
آسمان جيڏي آهي
۽ سوچن جو سمنڊ
دماغ ۾ ڇوليون هڻي ٿو
ڪجھ ڪري وڃان
جي تنهنجي رحمت ٿي پوي
ته سڀ سجايو ٿي پوي.
مالڪ!
تنهنجي ذات قهار آهي
جي بخشين ته مڻ عيبن جا
صاف ڪري ڇڏين
جي ڏمرين ته زاهد کي به نه بخشين.
مالڪ!
تنهنجي رازن جي ڪنهن کي به
ڄاڻ ناهي
عزازيل نه مڃي
ته شيطان ڪري ٿو ڇڏين.
مالڪ!
جڏهن اهو سوچان ٿو
جسم ڪنبي ٿو وڃي
رون رون مان ڳوڙها وهن ٿا.
مالڪ!
تنهنجي ڪرم جو
طلبگار آهيان
تون ڪريم آهين
تون قهار آهين.
مالڪ!
تنهنجو پيار ته ماءُ جي پيار کان
ستر ڀيرا وڌيڪ آهي
پر ماء جڏهن ٻار حرڪت ڪندو آهي
ان کي سزا به ڏيندي آهي.
مالڪ!
خوف آهي متان
مان پنهنجي ماءُ جي
دل نه ڏکائي هجي
ماءُ مون تي ڪاوڙيل ته ناهي
مالڪ!
مون کي قبر جي انڌيري کان خوف ٿو ٿي
جي تنهنجو ڪرم ٿي پوي ته
ته روشني ٿي ويندي.
مالڪ!
سفر وڏو آهي پر
ثمر ڪوئي به ناهي
عالم برزخ ۾
ڪير ساٿ ڏيندو
هر ڪو ڇڏي ويندو
مان پنهنجي جسم تي
مکي به نه ٿو ويهڻ ڏيان
مڻ مٽين جا برداشت ڪرڻا پوندا
جيڪي منهنجي سهاري آهن
اهي ئي مون کي منزل ڏانهن
کڻي ويندا
وري موٽڻ جو آسرو پلي.
مالڪ!
جن پاڻ کي دنيا ۾ سڀ ڪجھ
سمجھو هو
انهن تي مڻ مٽين جا پيل آهن.
مالڪ!
جن جي هيبت کان ماڻهو
کنڀجي ويندا ها
جن ڪوڙي شهرت خاطر
هزارين ماڻهو
شمشيرن جي منهن ڏئي ڇڏيا
وقت جي آرسي
انهن جا چهرا به ڌنڌلا ڪري ڇڏيا
جن کوپڙين جا محل جوڙايا ها
اڄ انهن جي قبرن تي
ڪک ڄميل آهن
مالڪ!
مان اهو ڇو ٿو وساري ويهان
ته مان جيترو به تيز ڊروڙان
مگر منهنجي منزل مڻ مٽي
هيٺيان آهي
کوڙ ساٿي ڇڏي هن پار وڃن پيا
پر مون ڪابه تياري نه ڪئي آهي
جي اچانڪ سڏ ڪيئي ته
منهنجو ڇا ٿيندو.
مالڪ!
منهنجو وجود ڪنڊيدار
تارن ۾ ڦاٿل آهي
جي ڇڪان ٿو ته جسم
چيٿڙا ٿي پوي ٿو
مان انهن جاين کي ڏسي به
حيرت نه ٿو ڪيان
جن جو ڪالھ عروج هيو
۽ جڏهن زوال آيو ته
صرف دڙا وڃي بچيا آهن.
مالڪ!
توکي تنهنجي حبيب جي شان اقدس جو قسم
مون تي رحم ڪجان
مالڪ!
ان ڪريم جي صدقي
مون کي معاف فرمائجان
مان ڪيڏو به عيب دار آهيان
پر تنهنجي حبيب جو غلام آهيان
مالڪ!
تنهنجو واعدو آهي ته جيڪو
منهنجي حبيب جو اُمتي آهي
مان ان جون محبوب جي صدقي
سڀ خطائون
معاف ڪري ڇڏيندس.
مالڪ!
ان حبيب جي صدقي
مون عيب دار جو خطائون به
معاف ڪجان
جنهن کي تو سدرت المنتها تي
گھرائي ديدار ڪرايو
جنهن جي امتي ٿيڻ لاءِ
هر نبي سڪندا ويا
ته اسان امتي هجون.
مالڪ!
مان به ان حبيب جو اُمتي آهيان
منهنجو اقرار ئي ان جو
سرٽيفيڪيٽ آهي
ٻيو ته مون وٽ ڪجھ ناهي
ته توتي تنهنجي حبيب تي مون
اڻ ڏٺي ايمان آندو.
مالڪ!
اسان کي اهو شرف حاصل فرماٰءِ ته
تنهنجا ئي ٿي رهون
تنهنجي در بنا
ٻئي ڪنهن در نه وڃون.
مالڪ!
تو توبه جو در
ڪڏهن نه ٻيڪڙيو آهي
توڙي جو گناه ڪري، ڪري
ٿڪجي پئون ٿا
۽ تو در اچان ٿو
ته تون پنهنجي ڪرم جي تجلي
ڪرين ٿو.
مالڪ!
جڏهن به مون سڏ ڪيو
ته تو جيءُ منهنجا ٻانها چيو
توڙي جو نوح وارو طوفان آيو
مگر وجود رهجي ويو
تو سلسلو رکيو
جيڪو جاري او ساري آهي.
نور کي عرش کان فرش
تائين سير ڪرايو
آدمي کي هڪ داڻي جو
عذر ڏيئي
جنت جي لذت کان
زمين ڏانهن موڪيلو
ڇو ته هن دنيا تي
انسانيت جو وجود رکڻو هيو
نه ته آدم ڪٿ جنت جي مزن کان
زمين ڏانهن متوجح ٿي ها.
مالڪ!
اهي راز تون ئي ڄاڻين
منهنجي ناقص عقل ۾ ڪٿي
ايترو دم آهي
بس ٻاجھ ٿي پوي.

رب جي ڳولا (2)

رب جي ڳولا (2)

تون ڪنهن کي ڳولين ٿو
بيابانن ۾،
صحرائن ۾،
جنگلات ۾ ،
ڪتابن ۾،
ڪنهنجي صورت ۾،
ڪنهن ڪليسائن ۾،
مڙهي۾،
مندر ۾،
گرجا ۾،
پيو ڀٽڪين ٿو.
جي ڳولڻو اٿئي ته
هن کي پنهنجي من ۾ ڳول
هو ويجھو آهي
ساھ جي شاھ رڳ کان به
پاڻ ۾ هن کي ڳول
پهرين تون پنهنجو
وجود ڳول
هن جو ملڻ پوءِ
مشڪل ناهي
پنهنجي اندر جو سفر
جاري رک،
هو توکي اتي ملندو.

يادن جو سفر

يادن جو سفر

يادن جي سفر ۾
وري ياد آئي
نگاهن جي بوتل
نشي بنا خمار ۾
اڳيان عڪس تنهنجو
۽ لال اکڙيون،
هو راتيون،
هو ملاقاتيون،
هو واعدا،
هو قسمون،
ڪئي جنم ساٿ
جيئڻ مرڻ جون
مان يادن کي
ياد ڪري ٿو روئان
۽ اندر جي ٽانڊن مان
باھ ڀڙڪا ڏيئي ٿي ٻري پوي
۽ دردن ۾ نئون درد جنم وٺي ٿو
تڏهن نيڻن مان
ڳوڙهن جا دريا وهي پون ٿا
تڏهن جواني ۾ به پوڙهائپ
جو احساس ٿئي ٿو
۽ مان سمجھان ٿو
زندگي جو گاڏو
بس هاڻي رڪڻ تي آهي.

بينر

بينر

جن ڪپڙن سان
بينر ۽ جھنڊا ٺهرايون ٿا
جي اسان هنن ڪپڙن سان
غريب جو تن ڍڪيون
ته اسان جو ملڪ ۽
آخرت سنوارجي وڃي
جيڪو پيسو اسان
لکائي تي خرچ ڪريون ٿا
هنن پيسن سان اسان
ڪئي چلها ٻاري سگھون ٿا
پر ڇا ڪجي انا پرستي آ
من ميرو آ
سوچ ۾ اڏوهي گھر ڪري
ذهن کوکلا ڪري ڇڏيا آهن
احساسيت ستل آهي
هن کي جاڳائڻ لاءِ
اسان سڀني جي سيني تي
لفظن جي ٽارچ ٻارڻي پوندي.



جڏهن مون پنهنجو حق گھريو ته
مونکان منهنجا پنهنجا به
منهن مٽي ويا.

لفظن جي ٽارچ

لفظن جي ٽارچ

مان بي مقصد موت مرڻ
نه ٿو چاهيان
ڪو ياد ڪرڻ وارو هجي
ڪو ٻول جھونگارڻ وارو هجي
مان پنهنجي مرڻ کانپوءِ
زندھ رهڻ چاهيان ٿو
ان لاءِ لفظن جي ٽارچ
ٻاري ويندس
جيڪا منهنجي نانءُ کي روشن
ڪيون ايندي
ڪنهن نظم ۾
ڪنهن غزل، گيت، وائي جي
صورت ۾
ياد بڻجي
ڪافي يا بيت ٻڌائيندا ته
ڪو وسارڻ به چاهي
نه وساري سگھندو.
شيشي جي ٽٽڻ جي کڙڪ جيئان
هر دل ۾ ڌڙڪن بڻجي
۽ نه مرڻ واري زندگي جيئان
جي ڪو مون کي
وسارڻ به چاهي منهنجي
لفظن جي روشني
وري منهنجي نانءُ کي زندھ
ڪري ڇڏيندي.

رخسانه

رخسانه

هن کي عور
شهر ويجھو
ڪجھ مذهب جي نالي تي
شر پسندن هن جون
ٻاهون ڪپي
سنگسار ڪري ڇڏيو
ڇا محبت ڪرڻ گناھ آهي؟
ڪو مون کي ٻڌائيندو ته
هن دنيا جو وجود
محبت نالي تي قائم ٿيو آهي
ته پوءِ هن محبت جي
پکي جو ڳلو ڪپيو ويو.
ڪو آهي ٻڌائي ته
محبت موت جو نالو آهي
نه نه محبت
هي جنم جيئڻ جو
درس ڏي ٿي
پر هن کي هي موت ڇو
ڪير رخسانه جي
سوالن جو جواب ڏيندو
آخر هي ڇو؟
مون کي سنگسار ڪيو ويو.

عطيو

عطيو

جڏهن مان مران
مهنجا سڀ عضوا
ڀلين محتاجن کي
عطيو ڪجو
مگر ياد رکجو
منهنجي دل
هن ڏي موڪلجو
ڇو جو هي
هن جي نشاني آهي
۽ هن جي
امانت آهي مون وٽ
هن دل تي صرف
هن جو ئي
حق آهي
هن ڏي ئي موڪلجو

نئون جنم

نئون جنم

تنهنجا نيڻ آب حيات وانگر آهن
مان جڏهن به هن ۾ ٽٻي هڻان ٿو
ته مون کي
نئين زندگي ٿي ملي
مان زماني جي گردش کان
مايوس ٿي
۽ زندگي کان تنگ ٿي
پنهنجي حياتي جو ڏيئو
وسائڻ لاءِ
تنهنجي نيڻن جي سمنڊ ۾
غوطا هڻان ٿو
ته منهنجو جيون
نئون جنم وٺي ٿو
وادي اي موت به
منهنجي جيون تي
حيران آهي
ڇو ته
مان هر وقت تنهنجي نيڻن مان
نئون جنم ٿو وٺان
***
پنهنجي ملڻ ويلي هي وقت
به دغا ٿو ڪري
سالن جو سفر
چند لمحن ۾ گذريو پوي.

ڪجھ جنم

ڪجھ جنم

مون کي اڃان ڪجھ جنم گھرجن
جيڪي تنهنجي زلفن جي
ڇانوري ۾ گھاريان
هي هڪ جنم نا ڪافي آهي
منهنجي لاءِ، هي ته توکي
ڏسندي گذري ويندو
۽ توسان پيار لاءِ ڪي
صدين جا پنڌ رهجي ويندا.
منهنجي سفر جي ڪاميابي لاءِ
سون جنمن جي ضرورت پوندي
پوءِ منهنجي احساس جو پنڌ
پورو ٿيندو.



اڳي جيڪو انسان
نانگ بلائن ۽ وڇون کان ڊنو پئي
اهو انسان هاڻي ان وڇون بلائن کان به
اڳتي نڪري ويو آهي
هاڻي ته ٿر جا وڇون به
انسان کان ڊڄن ٿا
متان اسان لتاڙيا وڃون.

تنهنجو يادون

تنهنجو يادون

تنهنجون يادو
منهنجي دل مٿان
ڪنهن ڏانور وانگر
ڄار اڏي گھرڙو ٺاهي
ستل آهن.
مان هن گھر کي
ڊاهڻ جي ڪيڏي به
ڪوشش ڪريان ٿو
مگر ويتر گھر اڏين ٿيون
۽ منهنجي رات جي ننڊن کي
پت جھڙ جيئان
پن پن ڪري
ڄڻ ته ڪنهن
خشڪ زمين تي
وکيري ڇڏين ٿيون
۽ آءٌ انهن وکريل پنن کي سميٽڻ جي ڪيڏي به ڪوشش ڪريان ٿو
پر هر نڪرندڙ ڏينهن
مون کي
اهو احساس ڏيئي اٿاري ٿو
ته ڏينهن جي نڪرڻ تي
ڪم به ڪرڻو آهي
پيٽ پالڻ لاءِ

جهيڙو

جهيڙو

هلي جھيڙو پيو ڇاتي
خبر ناهي خبر ناهي
ڪٿي نفرت جون ديوارون
ڪٿي کسيو بلبل کان گل آ
وڏا ڦٽ هي فيراقي
ڪٺو ٿي ڀاءُ ڀيڻن کي
اهو چرچو سڄو ڇاهي
خبر ناهي خبر ناهي
جتي الفت جون ڳالهيون هيون
جهولن جھنڊا ٿا نفرت جا
قتل انسان جو واجب
ڪيو ملن شريعتي
ٿيو آدم جو آدم دشمن
آ شيطان به حيراني
اسان جي سوچ کان ٻاهر
اهو قصو سڄو سارو
امن ۽ پيار جا پوڄاري
هنن ڪئي ڌرتي ٽامو آ
اها دلدل جي دنياري
خبر ناهي خبر ناهي
هتي حيران “احسن” آ
چڍڙ هن شر شيطاني
قبيلائي جھيڙا هت
ڪيا عربن نبيﷺ کان اڳ
اهو ئي ڪفر جو ڪارڻ
وري اسان ۾ پيو آ
اهي انسان ڪٿان آڻيان
جيڪي محبت پيا سيکارين
انهي دردن ڪيو ساڻو
لڳل هن ڦٽ فيراقي
ايندو سو وقت واپس الاءِ نه
خبر ناهي خبر ناهي

زخم

زخم

آ رسيو دل تي
زخم اهڙو
اکيون ساوڻ جيئان وسن پيون.
غيرن تي ڪا به ميار ناهي
ڏک رت جي رشتن جو
ٿيندو آهي. جن لاءِ مون
سڀ ڪجھ قربان ڪري ڇڏيو
جن کي مون پنهنجو
جيون ارپي ڇڏيو
بس ان جي رضا تي راضي رهيس
جڏهن ان کي ٻيو سهارو مليو ته
هنن مون کي وساري ڇڏيو.
هتي انسان جو قدر ناهي
هتي جذبات وڪامن ٿا
جڏهن ڪو جذبن کي سمجھي
پنهنجي سوچ کي
آزاد ڪرڻ چاهي ٿو ته
پوءِ هن کي ڌڪاريو وڃي ٿو
۽ ان جي سوچ تي پهرا لڳايا
وڃن ٿا.
۽ دل تي زخم رسايا وڃن ٿا

رابطو

رابطو

او پرين تو ته مونسان
رابطا به ڪٽي ڇڏيا
پر مان عشق جي
بائيو ميٽرڪ ڪرائي
ته تون منهنجي نالي به
ڪونه هئين
او سڄڻ
ايڏي ڏوري
سٺي ناهي
مون ته جيون
توکي ارپيو،
۽ تون غيرن کي.
تون خنجر هڻين ها
ايئن مون اڳيان
غيرن سان گھمڻ،
مون لاءِ سڪرات جي
عذاب وانگر آهي
نه ماڻهو
زندهه رهي سگھي ٿو
۽ نه وري
مري سگھي ٿو،
۽ اچڻ جو سنيهو موڪل
ته جيئن
ڪو جيئڻ جو
سانگ ٺهي پوي.

اصل وارث

اصل وارث

اسان آخر ڪراچي مان
ڪيترا لاش کڻندا سين
اصل وارث غلامي ۾
ڪڏهن لاشن کي ٻوري ۾
نڌڻڪا ٿي موئا آهيون
ڪٺو هر ويل جوڌو آ
ڪڏهن هوشو، ڪڏهن هيمون
وانگي منصور سوريءَ تي،
ڪري ڌاڙيل رستن تي،
هڻي سيني تي ڳوليون
وڏي واقعي چوي ٿو هو،
ڪٺو ڌاڙيل مون آهي
اصل وارث ڪراچي جا
آهن هر دم مقتل تي
اهو ڌاريو ڏاڍو آ
ڌنيون جايون جنهن کي مون
هيون جيءَ ۾.

ڪجھ حسرتون

ڪجھ حسرتون

هر روز اٿندي ئي
ڪنهن انجان سفر تي
نڪري ٿو پوان
۽ ڊڪندو ڊڪندو
ٿڪجي ٿو پوان
پنهنجي حسرتن جي
پوراءَ جي ڪري
هر روز اهو سفر
هلندو رهي ٿو.
مون ڪئي پنهنجا ساٿي
ان سفر تي پاڻ کان
جدا ٿيندي ڏٺا آهن،
جيڪي مالڪ حقيقي سان
وڃي مليا.
پر حسرتون رهجي ويو.
ويندي ويندي
هر شيءِ کي هتي ڇڏي ويا.
مان انهن جي وڇڙي وڃڻ کانپوء
ٻه پل غم ڪري وري نڪران
ٿو پنهنجي سفر تي،
ايتري تائين جو
مون کي به سڏ ٿيندو
۽ حسرتون
رهجي وينديون.

ارشاد

ارشاد

ارشاد
اسان شرمنده آهيون
توکي رت جي وهندڙ
دريا ۾ ڦٿڪندو ڏسي
بيوس هيس نه بچائي سگھيس
ان وحشي هٿان
ڪو ارغون، ترخان
ظالم تنهنجي رت سان
پنهنجا هٿ رنڱي ويو
ايڏي شهر ۾
هڪڙو به نه هو
جيڪو توکي اسپتال پهچائي ها
هن ظالم کي پڪڙي ها
هزارن جي ڀيڙ ۾
اڪيلو ظالم
سڀ تي ڀاوي هو
مون کي پنهنجي بزدلي تي
شرم ٿو اچي
ته ڪنهن به هن جو
گريبان نه پڪڙيو
هاڻي جاڳو
هاڻ ڌارين کي
تڙي ڪڍو
نه ته سڀاڻي ٻيو ارشاد
رحيم هٿان شهيد ٿيندو

تعارف

تعارف

نالو. علي حسن
ذات. چڍڙ
والد. گل حسن
تخلص. احسن
ڄمڻ جي تاريخ. 25-02-1979
ڄمڻ جو هنڌ. ڳوٺ حاجي چڀڙ چڍڙ
تعليم. انٽر ميڊيٽ.
تعلقو. ميرپور ماٿيلو
ضلعو. گھوٽڪي
ايوارڊ. 2015 ۾ بيدار سماجي فورم پاران لائيف ٽائم اچيومينٽ بيسٽ شاعر جو ايوارڊ مليل
لکڻ جي شروعات، 1992
روزگار. هيلٿ کاتي ۾ ملازمت
شعبو. شاعر، ادب ۽ سماجي ورڪر
دين. اسلام.
صحافت. لوڪل اخبارن ۾. ڪاش نيوز، وطن عزيز, عوامي اخبار, طبيب اخبار
اڻ چپل مواد. چار ڪتابن کان به مٿي قلمي نسخا، شاعري تاريخ ۽ ٻيا موضوع
ڇپيل ڪتاب. هاءِ ڙي سنڌ، آمد مصطفيٰ ﷺ، ميرا قبيلا چڍڙ، اندر جو آواز، وايون مهڪيون واٽ تي. واين جو گڏيل مجموعو
ان کان علاوه عوامي آواز، جيجل، سوڀ، وفاءِ سنڌ، ارادو، سڪار، عبرت ۽ ٻين ڪئي اخبارن ۾ ڪالم لکندو رهان ٿو
رسالا. سنڌيا ميگزين، ڪاوش ميگزين، با شعور ميگزين، سوڀ سنڊي ميگزين، آواز جٽان، صدائي چڍڙ، ۽ ٻين رسالن ۾ منهنجا ڪالم ۽ شاعري ڇپندي رهي ٿي. ان ڪان علاوه اداڪاري ۾ مون اسٽيج ۽ ٽي وي تي به ڪم ڪندو رهان ٿو مهراڻ چينل تي تازو هليل ڊرامو اتساه ۾ ڪم ڪيو آهي

علم جي خدمت. لائبرري بچايو مهم تحت، ميونسپل لائبرري ميرپور ماٿيلو کي 200 ڪتاب، هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلو کي 100 کان مٿي ڪتاب ۽ ٻين ڪئي لائبررين کي ڪتابن جا تحفا ڏيڻ.

پتو. ڪوارٽر نمبر 3 اولڊ هاسپيٽل ميرپور ماٿيلو