مختلف موضوع

سوکي بندر ۽ سامونڊي سُور

منصور ٿلهي جو هيءُ ڪتاب “سوکي بندر ۽ سامونڊي سور” سفرنامو سچ پچ پڙهڻ وٽان آهي، ڇاڪاڻ ته هن بندر تي تمام گھٽ لکيو ويو آهي. منصور اتي وڃي ڏينهن جا ڏينهن رهي احوال محفوظ ڪيا آهن. بندر جي آسپاس کي ووڙيو آهي، هتان لڏي مختلف هنڌن وڃي ويٺل ماڻهن سان اتي وڃي ملي، ساڻن رهاڻيون ڪري، سمورا احوال حاصل ڪيا آهن. جيڪي ماڻهو پنهنجا اباڻا گھر ڇڏي ٻين شهرن يا ڳوٺن ۾ وڃي ويٺا آهن انهن ڏکيا ڏينهن گھاريندڙن جا داستان اسان جي سامهون آندا آهن.
  • 4.5/5.0
  • 729
  • 202
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سوکي بندر ۽ سامونڊي سُور

حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب نمبر 85
حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب جو نالو: سوکي بندر ۽ سامونڊي سُور
موضوع: سفر نامو
ليکڪ: منصور ٿلهو
ڇاپو پهريون: ڊسمبر 2017ع
تعداد: هڪ هزار
ڪمپوزنگ ۽ لي آئوٽ: شاهزيب ميمڻ
ٽائيٽل: عبدالفتاح هاليپوٽو
ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
03003513966
ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
www.sindhsalamat.com


مُلهه: -/250


SOKHI BANDAR AIN SAMONDI SOOR
(Traveling)

Writer: Mansoor Thalho
First Edition: Dec 2017
Quantity: One Thousand
Composed By: Shahzaib Memon
Title Design: Abdul Ftah Halepoto
Published By: Sambara Publication Hyd
03003513966

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سوکي بندر ۽ سامونڊي سور“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھن ڪتاب جو ليکڪ ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ محقق منصور ٿلھو آھي. مھاڳ ۾ محمد علي مانجهي لکي ٿو:
”منصور ٿلهي جو هيءُ ڪتاب “سوکي بندر ۽ سامونڊي سور” سفرنامو سچ پچ پڙهڻ وٽان آهي، ڇاڪاڻ ته هن بندر تي تمام گھٽ لکيو ويو آهي. منصور اتي وڃي ڏينهن جا ڏينهن رهي احوال محفوظ ڪيا آهن. بندر جي آسپاس کي ووڙيو آهي، هتان لڏي مختلف هنڌن وڃي ويٺل ماڻهن سان اتي وڃي ملي، ساڻن رهاڻيون ڪري، سمورا احوال حاصل ڪيا آهن. جيڪي ماڻهو پنهنجا اباڻا گھر ڇڏي ٻين شهرن يا ڳوٺن ۾ وڃي ويٺا آهن انهن ڏکيا ڏينهن گھاريندڙن جا داستان اسان جي سامهون آندا آهن.
هي ڪتاب سمبارا پبليڪيش، حيدرآباد پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ پياري ساجد سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

ست سمنڊ پار
پنهنجن ٻارن
عادل، حنا، ثنا، راحيل
۽ ننڍڙي ڌيءُ فاريه
جيڪا ڄڻ هينئر به
منهنجي ڪلهن تي
ويٺي آهي،
جي نانءُ

پبلشر پاران

سنڌ ۾ شايد آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به اهڙا ليکڪ يا محقق نه هوندا، جيڪي سنڌي ٻوليءَ خاص طور سامونڊي پٽيءَ تي آباد ماڻهن/مهاڻن جي ٻولي، اصل لکت ۽ رهڻي ڪهڻي متعلق کوجنا جي کوج ۾ عمر وڃائي به ٿڪا ناهن، اسان آڏو اهڙو هڪ وڏو مثال سائين منصور ٿلهو جي روپ ۾ موجود آهي، جنهن نه فقط پنهنجي سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان اڻ ڏٺي ماڳ ڏانهن اسهندي پنهنجا پير پٿون ڪري اهڙا ته ناياب موتي تراشي سامهون آندا آهن، جن تي اڳ جي محققن جي چهري مٿان حيرت ۽ رشڪ جو ريکائون ضرور نمودار ٿينديون، سنڌ جي سوکي بندر کان آمريڪا جي سامونڊي ڪنارن تائين هن صوفي ۽ جوڳي منش انسان ڇا ڇا نه پيڙيو ۽ ڀوڳيو هوندو، ان جا ڪجهه اولڙا ته سندس اڳ آيل ڪتابن هر هڪ ” جيون ليکا“(ناول)، “جي هانءُ نه هارين” (چونڊ ڪهاڻيون)، “زندگي ڀوڳ” (ناول)، “مٽي ۽ مهاڻا” (ناول) ۽ “ريڙهي مياڻ” (ناول)، لاڙي ماڻهن جي گفتگو ۾ استعمال ٿيندڙ سنڌي ٻوليءَ جي نج لفظن تي “اکر پٽيءَ” جي ‘لغت’ لکي چڪو آهي.
سچ ته سائين منصور ٿلهو جي اڻٿڪ محنتن، محبتن ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب سان بي انتها عشق ۽ عقيدت جي ڀرپور اظهار جو هڪ ننڍڙو مثال آهن.
وارياسي وهندي يا جهر جبل جهاڳيندي منصور جي منصوري مرڪ تي ڪو فرق نه ٿو پوي، هو اڃان به سامونڊي سورن کي پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪندي اتان جي رهڻ وارن ۽ سندن رهڻي ڪهڻي سان هڪ جهڙو ٿيڻ لاءِ اتاولو آهي، هو بنا دير اسهڻ جا سانباها ڪري لطيف سرڪار جي ” سر کاهوڙي“ جو هڪ اهڙو ڪردار ڀاسي ٿو، جنهن لاءِ پاڻ فرمائي ويا ته
پيئِي جن پَرکَ، گَنجي ڏُونگَـرَ گامَ جي،
واري سَڀُ وَرقَ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.
اڄ جي دور ۾ جتي مفاداتي ويڙهه ۾ پاڻ وڻائڻ جي مشق ۾ خوديءَ کي پستيءَ طرف ڌڪڻ جي ريت عام هجي اتي پنهنجي خواهشن جو ڳلو گهُٽي ۽ زندگيءَ جي مڙني آسائشن کي درگذر ڪري پنهنجي ٻولي ۽ ادب لاءِ پاڻ پتوڙڻ واري سائين منصور ٿلهي جي انهيءَ جذبي کي ڀلا ڪهڙو نانءُ ڏئي ٿو سگهجي؟. اها پنهنجي ڪم ۽ ڪرت سان سچائيءَ ۽ عشق جي انتها چئجي جو سندس اندر ۾ ويٺل هن فقير منش ليکڪ کي سروريت جو احساس اهو سڀ ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو. منصور ٿلهي جي مٿي ڄاڻايل ڪتابن کانسواءِ ساڳئي موضوع تي ٻيا انيڪ ايندڙ ڪتابن جي لسٽ ۾ شامل آهن، هي ڪتاب ”سوکي بندر ۽ سامونڊي سور“ پڻ ساڳئي تسلسل جي هڪ ڪڙ ي آهي، جنهن کي سفرنامي جو نالو ته ڏنو ويو آهي پر هن ڪتاب ۾ سوکي بندرگاهه تي موجود هاڻوڪن ڪردارن سان ليکڪ جي ميل ملاقاتن پٺيان به انيڪ ڪهاڻيون جهاتيون پائيندي نظر اچن ٿيون، سائن منصور ٿلهي لاڙي لهجن ۽ مهاڻن جي مادري ٻوليءَ جو ذڪر پنهنجي منفرد انداز سان ڪرڻ سميت اتان جي تاريخي منظر ۽ پسمنظر کي جيئن جو تيئن بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، بلڪل لاڙي پهاڪي جيان ته “بندر ڦٽو، سوکي وٺي” يعني شاهه بندر ڦٽڻ يا ويران ٿيڻ بعد سوکي بندر وڌيڪ آباد ٿي ويو آهي، جي هوبهو عڪاسي محسوس ٿيندي. سمبارا پبليڪيشن جي طرفا منصور ٿلهو جي ڪتاب “سوکي بندر ۽ سامونڊي سور” جي اشاعت تي نهايت سرهائي محسوس ڪندي هي ادارو سندس اڻ ڇپيل ٻين ڪتابن کي پڻ شايع ڪرڻ جي خواهش کي جلد پورو ڪندو.


[b] ساجد سنڌي
[/b] سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
03003513966

سوکيءَ جو مسافر منصور ٿلهو

سنڌ ساڻيهه واپار جي لحاظ کان جڳ مشهور رهيو آهي، اُن جا خاص سبب هي رهيا آهن: هڪ ته هِيءُ ملڪ وسيلن سان مالا مال رهيو آهي، جيئن اناج، ڪپڙو، چوپايو مال گيهه چمڙو، صنعت (Industry) وغيره جي گهڻائي، ٻيو ته هن ملڪ جو وسيع سامونڊي علائقو، ٽيو ته سٻاجھو سنڌو هن ملڪ جي سِري واري علائقي کان پوري وچ تان سُهڻي سينڌ وانگر سوين ميل سفر ڪندو اچي، آخر ۾ مختلف وهڪرن جي شڪل ۾ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو/آهي. آڳاٽي دور ۾ ته هوائي اڏامون هيون ئي ڪونه، نه ئي ڪي لاريون موٽرون يا ريلون هيون، سو ملڪي ۽ ڏور ڏيهن تائين وڏا سفر ۽ واپار ڪرڻ جو وسيلو فقط سمنڊ ۽ سامونڊي ٻيڙا هئا. سنڌ ۾ سنڌوءَ جي ڪري شروع کان آخر تائين ٻيڙين وسيلي سولائيءَ سان سفر ڪري سگهبو هو. ايئن سنڌوءَ رستي آيل ٻيڙين ۾ سامان وغيره ڇوڙ تائين پهچي، وري سامونڊي ٻيڙين ۾ سٿبو هو ۽ پوءِ ڏور ڏيهن ڏانهن روانو ٿيندو هو. اهو نظام هزارين سالن کان هلندو رهيو. هيءَ به حقيقت آهي ته اهڙي رحمت دنيا جي گهٽ ملڪن ۾ رهي آهي. اُنهي نظام کي هلائڻ لاءِ آڳاٽي زماني ۾ ڪيترائي دريائي ۽ سامونڊي بندر موجود هئا، جيڪي جڳ مشهور رهيا آهن. دنيا جي ملڪن جي ماڻهن جون لکيل تاريخون ۽ سفرناما اُنهن حقيقتن جون اڄ به گواهيون ڏين ٿا. سڪندر اعظم جون تاريخون لکندڙن موجب انهيءَ زماني ۾ پٽالا، بارباريڪان، منها تاڙ ۽ ٻيا وڏا بندر موجود هئا. عيسوي سن جي شروعاتي دور کان ديبل بندر جون واکاڻون سڄي جڳ جا تاريخي ڪتاب ڪن ٿا. ديبل کان پوءِ لاهري بندر، جاکي بندر، اورنگا بندر، ڪراچي، شاهه بندر، ڌارا جا بندر، سون مياڻي، کڙڪ بندر، وڪر بندر، ڪيٽي بندر، سنڊو بندر ۽ سوکي بندر به پنهنجي پنهنجي دور ۾ مشهور رهيا آهن. تاريخون ۽ تذڪرا شاهد آهن ته سنڌ ملڪ جا اُهي بندر واپار جا وڏا مرڪز به رهيا. انهن ۾ سوکي بندر سچ پچ ته سک ۽ سرهائيءَ وارو بندر هو.
سمنڊ ويجهو سنڌوءَ جي مک وهڪري تي سوکي بندر توڙي جو آڳاٽي زماني ۾ هڪ پتڻ رهيو هو، پر انگريزن جي دور ۾ هڪ بندر جي شڪل اختيار ڪيائين. ڳاڙهن، رتڙين، کارائي گنجن، سڳداسي سارين/ چانورن جي ڀلين ٻنين جي وچ ۾ سوکي وارو علائقو گھڻي زماني کان زرعي لحاظ کان تمام گهڻو خوشحال هو. سنڌوءَ جي جنهن وهڪري تي سوکي بندر هو سو اُهو ئي وهڪرو آهي جنهن جي اوڀر ۾ ويجهو ئي شاهه بندر آباد هو، سنڌو ڪجهه ڪوهن تي اڳتي اولهه طرف هلي، کاري ۾ ڇڻي کارو ڇاڻ سڏوبوہو/ آهي. مختلف لکتن ۽ روايتن مان لڳي ٿوته شاهه بندر جي اوج گهٽ ٿيڻ کان پوءِ سوکي اُسريو ۽ اوج تي پهتو. هيٺين چوڻي به اڃا تائين ٻڌائي وڃي ٿي، جنهن ما اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سوکي ڪڏهن آباد ٿيو:
شاهه (بندر) ڦٽو سوکي وٺو.
جاگرافيائي لحاظ کان سوکي اهڙي علائقي ۾ موجود هو، جتي سنڌوءَ جو ڇوڙ پکڙي پالاٽون ڪري آس پاس وارا علائقا آباد ڪري، وڃي سمنڊ ۾ پوندو هو. تنهنڪري هتي تمر ۽ ٻين وڻن جا گهاٽا ٻيلا به موجود هئا، ته ساڳ جو وڻ، ساريال ۽ ٻيون آباديون به جام ٿينديون هيون، ۽ تڏهن مڇي به جام هئي. سنڌوءَ جي مٿين علائقن تائين به هتان ٻيڙيون سولائيءَ سان وڃي ۽ اچي سگهنديون هيون. هتان وري سمنڊ وسيلي مختلف ملڪن ڏانهن مال متا به وڃي سگهندو هو. مليل انگن اکرن موجب هزارين آبادي تي مشتمل هن بندر ۾ ٽي سو هٽ ۽ ڪجهه ٺيلها وغيره موجود هوندا هئا. بندر تي هر وقت ننڍيون وڏيون ٻيڙيون اينديون وينديون رهنديون هيون، جنهن ڪري هر وقت ماڻهن جي گھڻائي هوندي هئي. شهر ۾ وڏا واپاري ۽ شاهوڪار به رهندا هئا ته آسپاس وڏا زميندار به آباد هئا. وسيع سکيو ستابو علائقو رکندڙ سوکي بندر مان اناج، سڻي، ڪپڙو، ڪاٺ، چمڙو وغيره نه رڳو ملڪ جي ٻين علائقن ڏانهن ويندو هو پر ڏور ڏيهن تائين به موڪليو ويندو هو.
هن بندر جا اسان جيڪي 1982ع ۾ آثار ڏٺا انهن کي ڏسي حيرت ٿي هئي ته هيڏو وڏو شهر ڪيئن اُجڙي ويو. سوين ڍٺل دڪان ٻه وڏيون رائس ملون، ٻيڙين لاءِ دڪان ۽ سوين اُجڙيل گهر وغيره اُجڙيل صورت ۾ موجود هئا. تڏهن آسپاس وارن علائقن ۾ اهڙا تمام گهڻا ماڻهو حيات هئا، جن هن شهر جي بندر بازارين کي آباد ڏٺو هو. 80 واري ڏهاڪي کان پوءِ لڳاتار رڪاوٽون وجهڻ جي ڪري درياهه جي گهٽجڻ ڪري ۽ ٻي پاسي سمنڊ جي خشڪيءَ طرف وڌڻ جي ڪري سوکي بندر به ٻين بندرن وانگر ساڻو ٿيندو، نيٺ اجهامي ويو.
نه سي ونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون
پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
(شاهه لطيف)
آس پاس جون زمينون تباهه ٿينديون رهيون. کاري وڌڻ ڪري، پنڌ پيچرا به بند ٿي ويا، ماڻهو مايوس ٿي پنهنجا خوبصورت گهر گهاٽ هوريان هوريان ڇڏيندا، سنڌ جي مختلف علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪندا ويندا رهيا. ايئن سنڌوءَ جي رڪجڻ سبب بندر برباد ٿيندو ۽ شهر اجڙندو رهيو. هاڻي ته اها صورتحال آهي جو انهن پٽن مٿان ٻيڙيون گذرندي نظر اچن ٿيون. باقي ڪو شهر وارو به ٿورو ٽڪرو وڃي بچيو آهي، جيڪو به آلڙ ۾ آهي. البت جڏهن جڏهن ويرون گهٽبيون آهن ۽ پاڻي لهي ويندو آهي، تڏهن رڳو ڪن جڳهين وغيره جا آثار ڪر کڻي ڏيکائي ڏيئي وري پاڻيءَ ۾ الوپ ٿي ويندا آهن.
منهنجو پيارو دوست منصور ٿلهو گهڻي وقت کان سامونڊي ڇوڙ واري علائقي تي ڪم ڪندو رهيو آهي. هو ڪو اُهو ڪم ڪو گهر ويٺي ڪو نه ڪندو آهي، پر اُتي وڃي هفتن جا هفتا رهي، ڪڏهن گاڏين تي، ڪڏهن ٻيڙين تي ته ڪڏهن وري پيرين پنڌ سفر ڪندو، اُتي جي ڳوٺن، واهڻن، وستين ۽ پراڻن پڊن جا احوال قلم بند ڪندو رهيو آهي. ڪجهه سال آمريڪا ۾ وڃي رهيو ته اُتان به اوير سوير پيو فون وسيلي رابطو ڪري، اهڙا احوال سليندو هو. مطلب ته کيس اهو خفت اتي به رهيو. وري جو واپس پنهنجي ماڳ موٽيو ته وري به سندس ساڳيائي پنڌ ۽ پڇائون. سنڌ جي سامونڊي ڪناري سان اهڙي ڪا لئون لڳي اٿس جو ٻئي ڪا وائي وات اٿس ئي ڪو نه. اڄڪلهه به ان طرف ويندي يا ايندي ملندو. اُتان جڏهن واپس ورندو ته گھڻيون ئي حقيقتون ڳولي آڻيندي خوش به ايڏو ٿيندو جو ڄڻ ته ڪي موتي ميڙي آندا هجنس. ها سچ پچ موتي ئي کڻي ايندو آهي، ڪڏهن لفظن جا موتي، ڪڏهن واقعن جا موتي، ڪڏهن ڪن داستانن جا موتي ته ڪڏهن وري ڪن منظرن جا موتي. ڪڏهن به نه ٿڪجندڙ هن مسافر سنڌي ٻوليءَ جي انهيءَ لهجي جي لفظن کي گڏ ڪري پڌرو به ڪيو آهي، ته انهن تي وڌيڪ ڪم به ڪري رهيو آهي. سامونڊي ڪناري واري علائقي جي پسمنظر ۾ ڪهاڻيون ۽ ناول به لکيا اٿس. صنفن واري سانچي کي هڪ پاسي رکي، حقيقتن کي ڏسبو ته اُهي هن علائقي جون سچون رپورٽون ۽ وارتائون ضرور آهن. سندس ڪتابن ۾ اُتي جي ماڻهن جا تلخ تجربا ۽ مشاهدا موجود آهن جيڪي تاريخ جو حصو آهن.
منصور ٿلهي جو هيءُ ڪتاب “سوکيءَ بندر ۽ سامونڊي سور” سفرنامو سچ پچ پڙهڻ وٽان آهي، ڇاڪاڻ ته هن بندر تي تمام گھٽ لکيو ويو آهي. منصور اتي وڃي ڏينهن جا ڏينهن رهي احوال محفوظ ڪيا آهن. بندر جي آسپاس کي ووڙيو آهي، هتان لڏي مختلف هنڌن وڃي ويٺل ماڻهن سان اتي وڃي ملي، ساڻن رهاڻيون ڪري، سمورا احوال حاصل ڪيا آهن. جيڪي ماڻهو پنهنجا اباڻا گھر ڇڏي ٻين شهرن يا ڳوٺن ۾ وڃي ويٺا آهن انهن ڏکيا ڏينهن گھاريندڙن جا داستان اسان جي سامهون آندا آهن. منصور جن ماڻهن سان وڃي رهاڻيون ڪيون انهن ۾ چاچو عيسيٰ، محمد عمر خاصخيلي کيرواڻي، احمد خاصخيلي، حاجي ابوبڪر کٽي، حاجي بابو شولاڻي، الهڏنو ٻاهوٽ، ناکو الهڏنو ميربحر، الهڏنو خاصخيلي کيرواڻي ۽ ٻيا شامل آهن. هن ڪتاب ۾ هن علائقي جي شاعر محمد هاشم لهر جو به ذڪر ملي ٿو. مشهور استاد محمد هاشم لهر اصل ۾ ڪيٽي بندر جو رهاڪو هو. ڪيٽي بندر ڦٽڻ کانپوءِ هو ٻُهارا ۾ اچي رهيو، اتي منهنجون به ساڻس ملاقاتون ٿيون هيون. انهي حوالي سان هي ڪتاب نه رڳو سفر نامو پر سماجي حالتن جو منظر نامو به آهي ته دربدر ٿيل ماڻهن جا درد ڀريا داستان به آهن، منصور هن ڪتاب ۾ بندر جي اوج جو به ذڪر ڪيو آهي ته وري ڦٽڻ جا سور به سليا آهن. بندر جي ڦٽي وڃڻ کان پوءِ ماڻهن جي حالتن جا منظر به چٽيا آهن. ايئن هن بندر جي تاريخي حقيقتن کي اسان آڏو آندو آهي.
جڏهن به ڪنهن محقق هتي جي سماجي تاريخ لکڻ شروع ڪئي ته منصور جو هيءُ ڪتاب هڪ ماخذ جي صورت ۾ موجود هوندو. هن کان اڳ م گهٽ ۾ گهٽ هن انداز سان شايد ئي ڪنهن ڪم ڪيو هجي. هن بندر جي حوالي سان به هن کان اڳ هن نموني جو ڪو ڪم نه ٿيو آهي. هيءُ ڪتاب منصور جي پيار جو پورهيو آهي ۽ پيار جو پورهيو جتي ڪٿي ۽ جڏهن ڪڏهن قبول ضرور پيو آهي. آئون کيس هن ڪتاب لکڻ تي مبارڪ ڏيان ٿو ۽ اسان جي نوجوانن کان اهڙي پيار جي وڌيڪ پورهئي جي اُميد ڪريان ٿو.



[b] ڊاڪٽر محمد علي ‘‘مانجهي’’
[/b] مڪلي_ٺٽو
10 آڪٽوبر 2017ع

ٻه ٻول چار ڳالهيون

لاڙ جو نالو وٺندي، ذهن ماضيءَ جي ماڳن ڏانهن هڪدم تيزيءَ سان “لاڙو” کائي وڃي ٿو، سنڌ ملڪ جي آڳاٽي وقت جا “بندر ۽ بازاريون اُنهن جا اوج وارا احوال ڪنهن چترڪار جي ٺاهيل تصويرن وانگر رنگن ۾ رنڱجي روح رهاڻيون ڪن ٿا. سمنڊ جون ڇوليون ذهن جي ڪنارن کي ڇُهي وٺن ٿيون. پوءِ جن ڪتابن ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي سهڻن بندرگاهن جي باري پڙهيو هُيو، اُهي ڳالهيون ياد اَچن ٿيون. واهه.اُهي ماڻهو ڪيڏا ڀلارا هُئا، جن سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ جا سهڻا ڏينهن، بندرگاهن جا سهڻا اوج اکين سان ڏٺا هئا.
سائين مولائي شيدائي رحيم داد خان جنهن سخت پورهيو ڪري “جنت السنڌ” ۾ سنڌ جي تاريخ جو ذڪر ڪيو آهي. صفحي (2) تي لکي ٿو ته
“سن 1843ع تائين سنڌ هڪ ڌار ملڪ هو. قديم زماني م سنڌ هڪومت جون حدون اُتر ۾ درياهَه جهلم تائين هُيون ۽ ڪشمير جا بعص هيٺيان ضلعا به اُن ۾ شامل هئا. اُتر ۾ درياءَ هيلمند اُن جي حد بندي ڪندو هو ۽ ڏکڻ اُلهندي ۾ سندس سرحد مڪران جي اُلهندي م نور منشور پکڙيل هُئي ۽ ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ هوس ۽ ڏکڻ اُڀرندي ۾ راجپوتانا ۽ جيلسمير ريگستان ۾ ڪٿي وڃي ٿي ختم ٿئي. سنڌ ملڪ پنهنجي قديم تهذيب، ثقافت ۽ تمدن رکندڙ ملڪ هُيو، اُن جي شاهد خود سنڌ جا ماڳ، مڪان ۽ بندر هئا. جن تي ڏينهن رات ڏيتي ليتي وڻج واپار هلندو هو. سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ ۾ مشهور بندر هُئا اُنهن جو ذڪر دنيا جي سياحن پنهنجن سفرنامن ۾ احوال ڏنو آهي. اُنهن جي ڪتابن جا سنڌي ليکڪن ترجما ڪيا ۽ بندرگاهن جي حوالي سان اُنهن جو ذڪر قلم بند ڪيو آهي.
مولائي شيدائي ڪتاب “جنت السنڌ” جي صفحي نمبر 25، 32، 404 تي لکي ٿو ته: “ڀنڀور سنڌ جو قديم بندرگاهه هو، جتي سنڌو نديءَ جي جهازن ۾ سامان “سامونڊري غورابن” م چڙهندو هيو. هاڪڙي تي “پارينگر” مکيه بندر هو، ازنسواءِ سندو ندي جهاز رانيءَ ۽ مغربي ملڪن کي ويجهو هئڻ سبب سندس واپار هزار ها ورهين کان مغربي دنيا سان هلندڙ هو”، ڀنڀور جنهن جو نالو بطليموس پنهنجي تاريخ ۾ ”باربائيڪا” ڏنو آهي. سو “تحفت الڪرام جي بيان موجب “راجا ڀنڀور راءِ تعمير ڪرايو هو. سنڌ جو قديم بندر پٽالا کان سمنڊ ڏانهن ويندڙ رستي تي گهاري کان ٻن ميلن جي فاصلي تي هو”.
سنڌ جي بندرگاهن جي آس پاس ۾ ڪيتريون وسنديون هونديون هُيون. انهن وسندين ۾ رهندڙ ماڻهو رات ڏينهن بندرگاهن تي ڪم ڪارن ۾ مشغول هوندا هئا. سنڌ جي ديبل بندر جو گهڻو احوال ملي ٿو. مولائي شيدائي صفحن 103 ۽ 102 تي لکي ٿو ته:
“ديبل سنڌ جو مکيه بندر ۽ واپار جو مرڪز هو، سمنڊ شهر جي ڀتين سان موجون هڻندو هو. “تاريخ طاهريءَ” جو مصنف سنه 1606ع ۾ ٺٽي ۾ آيو. بشاري سنه 375هه ۾ ديبل بندر جي چؤگرد هڪ سؤ ڳوٺن جو بيان ڪري ٿو، جنهن ۾ هندو واپاري هئا”. مولائي شيدائي صفحي نمبر 204 تي لکي ٿو ته “سنه 132 هه (740ع) ڌاري بغداد جي بنياد پوڻ ڪري، چين تائين عربن جا جهاز وڃڻ لڳا، عباسي فرمانروائن بغداد ۾ ڪرفايا، عيسيٰ ۽ صر صر نهرون کوٽرايون، جن مان نَهر عيسيٰ وسيلي، جهاز “فرات” ۽ “دجلا” ۾ آسانيءَ سان اچڻ وڃڻ لڳا. اين واضح “يعقوبيءَ جي بيان موجب “بَصرو” دنيا جي واپا جو مرڪز بنجي ويو. جزائر مشرقي ۽ چين ۽ ڪاري منڊل جا جهاز “ ديبل” تائين اچڻ لڳا ۽ سن 290 هه بصري جو واپار فرغانه ۽ “موراڪو” تائين هلڻ لڳو. ملبار جا مصالحا ۽ سنڌ جو عنبر قاهره جي مارڪيٽن ۾ پنجوڻ تي وڪامجڻ لڳو.” ان وقت سنڌ جا شهر ديبل، نيرن ڪوٽ، سيوستان (موجوده سيوهڻ) خضدار، قنزڀبون، منصوره ۽ ملتان تجارتي مرڪز هئا”. ديبل جو آخري احوال سومرن جي ڏينهن ۾ چنيسر جي دؤر ۾ ملي ٿو. جڏهن هن ديبل کي تخت گاهه مقرر ڪيو هو پر ابن بطوطا جڏهن ديبل کي ڏٺو ويران هو. مصنف مولائي شيدائي مٿئين ڳالهه “جنت السنڌ” جي صفحي (373) تي لکي آهي ۽ صفحي 373 ۽ 374 تي لاهري بندر جو احوال هيٺين طرح قلم بند ڪيل آهي، “لاهري جنهن ديبل کانپوءِ ناموري حاصل ڪئي، سو “ديبل” کان پنجن ميلن جي فاصلي تي سمنڊ کان ويهه ميل اندرئين پاسي مهراڻ جي هڪڙيءَ اُلهنديءَ واري شاخ تي واقع هو. شيخ ابوالفضل “ آئين اڪبريءَ” ۾ لاهري جي تعريف ڪري ٿو. “مُصنف صفحي 431 تي لکي ٿو ته:
قنڌار مرزا غازي بيگ جي جاگير هو، تنهن ڪري “هرات”، خراسان ۽ سمرقند جا رستا سنڌ سان واپار جي لاءِ کُليل هئا. سمنڊ رستي واپار لاهري بندر ۽ ٺٽي سان چالو هو”. مصنف صفحي 102 تي لکي ٿو ته:
ميجر جنرل هيگ جنهن جو ڪتاب “دي انڊس وئلي ڊيلٽا ڪنٽري” 1894ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيو. تنهن “ديبل بندر” سنڌو نديءَ جي ڊيلٽا تي اُلهندي ڪپ تي ڏيکاريل آهي”.
انگريزي سفير “ سر رابرٽ شرلي” ايران ڏانهن ويندي، 1613ع ۾ ٺٽي کان جهاز رستي هڪ ڏينهن مسافريءَ کانپوءِ “ديبل” تي پهتو هو. ميجر ريورٽي عيسوي 17 صديءَ ڌاري “ديبل” کي ٺٽي کان 15 ڏينهن جي فاصلي تي بگاڙ جي ڇوڙ وٽ ڏيکاريو آهي.”
“ڪپتان جان ووڊ، جنهن 19 صديءَ ۾ ڪراچي کان آمود نديءَ جي مُنهن تائين مسافري ڪئي هئي، “ديبل” کي پير پٺي وَٽ سنڌو نديءَ جي نقشي ۾ ڏيکاريو آهي.”
لاڙ جا ٻه مکيه شهر آهن، ڪراچي ۽ ٺٽو ڪراچيءَ جي اهميت جو هڪ سبب هيءُ به آهي ته اها هڪ سنڌائتي هنڌ تي آهي، جنت السنڌ صفحو 585، تي مصنف لکي ٿو ته: ڪراچي ۽ سون مياڻي ٻه ننڍڙا بندر مڇي مارڻ جون مياڻيون هيون. جت مهاڻن جا گهر هئا. هينئر لاڙ جو سامونڊي پٽيءَ وارو علائقو سمنڊ جي کاري ڏندن جي وَچ ۾ آهي. انهيءَ سمنڊ جي پيٽ ۾ ڪيترائي سنڌ جا سهڻا بندر گم ٿيل آهن. اهي “بندر” ڪجهه فاصلن ۽ ها ميلن جي فاصلن تي هئا. هاڻ اُهي داستان لڳي رهيا آهن. سمنڊ جي ان پيٽ ۾ سنڌ جا “بندرگاهه” سان گڏ شهر ۽ قديم ماڳ به گم آهن. سنڌ جي بندرگاهن جو اوج وارا خيال ذهن ۾ ايندي ئي هيءَ تصور اُڀري ٿو ته.. ديبل، لاهري جي ڪنارن تي دنيا جي مختلف ملڪن کان آيل وڏا ٻيڙا، جهاز جن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو جيڪي پنهنجن مخصوص علائقن جي پوشاڪن ۾ بندر تي جهازن مان سامان لاهي رهيا آهن ته مقامي مزدور بغير ٻانهن جون صدريون، قميسون پاتل اٿن. اهي پرڏيهي جهازن منجهه سامان وتائي (اڇلائي) رهيا آهن. بندرگاههَ تي تيز هوائون گُهلندي، سمنڊ جون لهرون اُنهن تيز هوائن تي تکائي ۽ تيزي سان اچي بندرگاهن تي بيٺل ماڻهن جي مٿان ۽ انهن آيل ڏيساورن جي مٿان پاڻيءَ جون هلڪيون بوندون وسائي هليون وڃن ٿيون. ڄڻ اُهي سامونڊي لهرون آيلن جو آڌرڀاءُ ڪنديون هُجن. بندرگاههَ تي بيٺل ماڻهن جون مختلف ٻوليون هجن ۽ اُنهن جا آواز هڪٻئي سان ملندا، اُهي پاڻ ۾ ڳالهائيندا، مُرڪندا، انهن جي چهرن تي هڪ عجيب سُهڻي مسڪراهٽ هئي، ائين لڳا، ڄڻ سڀئي پيار جي ڃوڃڻ (ونگ) ۾ ٻڌل هجن. ڃوڃڻ (ونگ) ها. تيز هوائن تي پاڻيءَ منجهه بيٺل ٻيڙا، جهاز سي پينگهه جيان لُڏندا رهيا ٿي. اُنهن بيٺل ٻيڙن ۾ لڳل وڏا سڙهه” وارا ڪپڙا به ڦڙڪندا رهيا ٿي. اُنهن سڙههَ وارن ڪپڙن جو آواز پري پري تائين ٿي ويا، سنڌوءَ جي ماڳن ۽ بندرگاهن جا ڄڻ گيت ڳائيندا هُجن ۽ ڪو سنڌو ماٿريءَ جي ڪُک مان ڄاوَل فنڪار پنهنجي فن جو سريلي آواز سان سپت سنڌوءَ جا گيت ڳائي رهيو آهي. انهن جهازن جا سِڙههَ هوائن تي ڦڙڪندا، وڏا شور ڪندا، موهين جي ماڻهن جا محبتن وارا گيت، لاڙ جي ماڻهن جون مِٺيون لاتوين، ڳائيندا هجن. ڪي سڙهه وارا جهاز ٻاهرين ملڪن جا اُنهن جهازن تي مختلف نشانيون هجن، جيڪي اُنهن جي ملڪن جا نالا ٻڌائينديون ۽ ڏس پتا ڏينديون هُجن.
بندر تي ڪم ڪندڙماڻهو جهازن مان سامان لاهڻ ۽ جهازن ۾ سامان وجهندڙ ماڻهو ڪنهن پهلوانن کان بُت ۾ گهٽ ڪونه هئا. اُنهن جا قد به ڊگها هئا. بندرگاهن تي سنڌي ماڻهن جي لوڏ مان پتو چٽو پوي پيو.
بندرگاهن جو سهڻو نقشو اکين اڳيان وري غائب ٿي ويو. پاڻ کي سنڌو درياههَ جي هڪ ڪنڌيءَ تي بيٺل ڏسان ٿو. جنهن تي ننڍڙا ننڍڙا ڄار وارا وڻ هُجن ۽ ننڍڙيون پَٽَ تي ڪَنڌ لاڙيل وَليون هجن. جيڪي ڪنڌي جي ڦٽڻ واري شاهدي ڏيندا هجن. اُهي ڪنڌيون. جن کي سنڌو درياههَ سدائين سائون سر سبز رکندو آيو هو. جيڪو پنهنجي قوت سان سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کي اڳتي وڌڻ ڪونه ڏيندو هو.
سنڌو نديءَ جي پنهنجي سونهن سان لڏندي ڪڏندي سامونڊي پٽيءَ ۾ ايندي هُئي، ان جي اها سونهن ڏسڻ وٽان هئي. سا پنهنجي مٺي پاڻيءَ سان لاڙ کي ملير ملڪ بڻائيندي هئي. “جنت السنڌ” ڪتاب جي صفحي نمبر يارنهن 11 تي ڪتاب جو مصنف مولائي شيدائي لکي ٿو ته:
“رگ ويد جي ڏهين منڊل ۾ هِن نديءَ جي تعريف پنجهتر سلوڪن ۾ بيان ڪيل آهي. هيءَ عظيم شان ندي، همايله جبلن جي ڪيلاس پربت واريءَ “مانسرو ڍنڍ” مان نڪري، ڪشمير جي گلگت واري جابلو حصي کي لتاڙي، ٻارنهن هزار فوٽ بلنديءَ تان، جتي انسان جو لنگهه مشڪل آهي. پهريان بنجيءَ تائين اُتر اولههَ، تنهن کانپوءِ ڏکڻ اولههَ جو رُخ اختيار ڪري ٿي. تنهن کانپوءِ پنجاب، سنڌ جي ميدانن کي لتاڙيندي 18 سؤ ميل وَهي، سنڌ جي شاهبندر وٽ اچي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي”. ياد رهي ٺٽي ضلعي ۾ شاهه بند جيڪو هن وقت سنڌجي ٿو، اهو چوٿون “شاهه بندر” آهي، جنت السنڌ جي صفحي )560( تي لکيل آهه ته “ميان غلام شاهه شاهبندر تعمير ڪرايو هو”.
پوءِ جيئن جيئن سنڌو درياهه پنهنجا وهڪرا بدلائيندو ويو ته نوان “بندرگاهه” ٺهڻ لڳا ۽ پراڻن بندرگاهن جو “اوج” اجڙڻ ۽ مٽجڻ لڳو.
ڊاڪٽر محمّد علي مانجهي “ڪلاچي” تحقيقي جرنل ڪراچي “سيپٽمبر 2002ع جي صفحي 89-90 تي لکي ٿو ته: “سنڌ جا سامونڊي بندر ته ساري دنيا جي لاءِ دلچسپيءَ جو وڏو سبب رهيا آهن. بنهه آڳاٽي بندرن کي ڇڏي ديبل بندر ۽ لاڙي بندر کانپوءِ هن ملڪ جو “اورنگا بندر ۾ چڱو مشهور ٿيو”.
ڊاڪٽر صاحب صفحي 190 تي لکي ٿو ته: “سنڌ ملڪ جي مشهور بندر “لاڙي” بندر وارو هنڌ جڏهن واريءَ سان ريٽجڻ لڳو ته اُتي جهازن جي اچڻ ۾ ڏکيائي ٿيڻ لڳي. تڏهن سندس اهميت گهٽجي ويئي ته وري اورنگا بندر جو بنياد پيو، جيڪو اورنگ زيب انهيءَ زماني جوڙايو هو، جڏهن هو اڃان گورنريءَ جي عهدي (1648 ع کان 1652ع) تي هو. لاڙي ۽ لاهري هڪ بندرگاهه جا نالا آهن.
سنڌ جا ڪيترا “بندر” جيڪي، سنڌو درياءَ جي رخ تبديل ڪرڻ سان پنهنجو اوج وڃائي ويٺا هئا.
سنڌ جي بندرگاهن جي تاريخ مختلف سياحن پنهنجي سفر جي حوالن سان ڏنيون. ٻيا به ڪيترائي سنڌ جا بندرگاهه هئا. اُنهن جو احوال به ڪٺي ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي. سنڌ جو سوکي بندرگاهه جنهن جي باري ۾ سنڌي محقق، ليکڪ جيڪو خود لاڙ جي پٽيءَ جو ماڻهو آهي. تنهن پنهنجي ڪتاب “ٺٽو صدين کان” “تاريخ”، مصنف رسول بخش تميمي ڪتاب جي صفحي 169 تي ٻن سٽن ۾ سوکيءَ جو ذڪر ڪيو آهي.
“هي بندر پڻ لاڙ جي سامونڊري علائقي جو هڪ ننڍڙو ۽ مختصر عرصي لاءِ بندر بنيو هو. هن جا آثار اڃا تائين موجود آهن.” سوکي بندرگاهه جا آثار آءُ به ڏٺا هئا، پر سوکي بندرگاهه سنڌ جو سهڻو بندرگاهه هو، جيڪو سٺ جي ڏهاڪي ۾ ڦٽي ويو. هن بندرگاهن کي مقامي رهندڙ ماڻهو سنڌ جو ڪشمير چوندا هئا. سوکي بندر سوکي شهر جي اَمن امان جي حوالي سان ڳالهه هيءَ آهي ته هن شهر ۾ “ٿاڻو” ڪونه هيو. هن بندر تي رات ڏينهن رونق لڳي پئي هوندي هئي، جتي راڳ رنگ ۽ ملاکڙا ٿيندا رهندا هئا.
ڪن ماڻهن سنڌ ۽ هند جي فنڪارن جا راڳ ٻڌا هئا. سوکيءَ جا هندو واپاري، هندستان مان فنڪارن کي گهرائيندا هئا. جنهن ۾ لتا، رفيع، جيڪي هندستان مان ٻيڙين ۾ چڙهي سوکي ايندا هئا. ان کان علاوه مقامي ماڻهو خوشين جي موقعن تي تر جي فنڪارن فنڪارائن جيوڻي، مائي ڀاڳي، سليمان شاهه ۽ ٻيا فنڪار به ايندا رهندا هئا. سوکي بندرگاهه جي آس پاس سوين ڳوٺ موجود هئا. اهي ماڻهو بندرگاهه ۽ سوکي شهر ۾ ڪم ڪارين ۽ خاص ڪري ماڻهو مزدوري ڪرڻ جي لاءِ ايندا هئا. هن بندرگاههَ جو احوال ۽ ديبل بندرگاهه جا احوال ساڳي ساک ڏين ٿا. ان جو مطلب ته سنڌ جو مشهور بندرگاهه سوکي به هڪ سهڻو “بندر” هيو
سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي خوبصورت چئن ڦاٽن جي وچ ۾ سوکي بندرگاهه ۽ شهر هو. سوکي بندرگاهه ٻن سُهڻن درياهن “سَنهڙي ۽ ميرواههَ” جي وچ ۾ هو. ان کان سڏ پنڌ تي سوکي شهر هو، جنهنجي اولههَ ۾ “گابار” ڦاٽ، جيڪو قلندري ڦاٽ مان نڪري، اڳتي هلندو وڃين سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. سوکيءَ جي اوڀر پاسي کان ڏکڻ ۾ مُٽڻي درياهه وهي ٿو. هِن درياههَ جو پَيٽُ ميل ويڪرو آهي. کارو ڇاڻ جي اُوڀر طرفان کان هلندو اچي سوکي جي اَتر کان ڏکڻ مان گذري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. لاڙي ۽ ڇوڙ وارا ماڻهو سنڌو درياهه مان نڪرندڙ “ڦاٽن” کي به درياهه جي نالن سان سڏيندا آهن. مُٽڻي درياههَ تي ”جادَي واري پَتڻَ (مياڻ) مشهور هئي. هنِ پتڻ تي وڏا ٻيڙا ۽ ٻيڙيون (هوڙا) اَچي بيهنديون هُيون. سوکي بندرگاهه تي وڏن ٻيڙن، سَڙهه وارا ٻيڙا ۽ ٻيڙيون هوڙا، جيڪي ڀرپاسن وارن درياهن، ٻيٽن مان گذري، سوکيءَ ۾ اچي سنڌي هندن کان مال خريد ڪري ٻيڙا ڀرائي ويندا هئا.
سوکيءَ جا وڏڙا ۽ مکيه ماڻهو سنڌي واڻيا هئا، جيڪي وڻج واپار
جي حوالي سان ڏيهه ۽ پرڏيهه تائين مشهور هئا.
سوکيءَ جي واڻين جو هر ڪنهن سان سُٺو ۽ سُهڻو چلتو هو، ۽ ضروت مَندَ ماڻهن جي دل سان مدد ڪندا هئا. اهو ئي سبب هو، جو ڀرپاسن ۾ رهندڙ ماڻهو سوکي ۾ اَچي آباد ٿيندا هئا. سوکيءَ ۾ اسڪول هُجڻ ڪري، پري پري جا ماڻهو پنهنجن ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ خاص سوکي ۾ ايندا هئا.
محالڪاري صاحب جنهن کي مئجسٽريٽ جا اختيار هئا، رهندو هو، سوکيءَ ۾ تپيدار جو ديرو هوندو هو، هتي واپار جو وڏو مرڪز هُيو، تنهن ڪري سرڪاري ڪسٽم آفيس هُئي.
سوکي شهر ۾ سارين جو فصل تمام گهڻو ٿيندو هو. سنڌ جي ٻين ضلعن کان ماڻهو لابارن جي موسم ۾ ٻيڙين منجهه چڙهي ايندا هئا. سکر، ميرپورخاص، بدين، حيدرآباد، ٺٽو وغيره سوکيءَ ۾ سارين ڇڙهڻ جو ڪارخانو هُيو. سوکيءَ جا چانور رڌ پچاءَ ۽ کائڻ ۾ ڏاڍا مزيدار هوندا هئا. سوکيءَ جا مال وَندَ ماڻهو سکيا ۽ ستابا هئا. هِنن وٽ مختلف قسم جا وهٽَ، ڀلوڙ مينهون، ڳئون، گهوڙا، اُٺ وغيره هئا. سوکيءَ ۾ کير مکڻ تمام گهڻو هوندو هو. ماڻهو کير ۽ مکڻ وڪڻندا ڪونه هئا، پر ماڻهن کي مفت ۾ ڏيندا هئا.
سوکيءَ جا ماڻهو محنتي، هاريپ ڪندڙ ۽ هَٿَ جي هُنر جا ماهَر هئا. سوکيءَ ۾ سارين کان علاوه پَنَ (گاهه جو قسم) گهڻو ٿيندو هو جو ڀرپاسن ۾ رهندڙ ماڻهو پَنَ جا ٻيڙا ڀرائي ويندا هئا. سوکيءَ جي ”پَنَ“ گهڻي مشهور هوندي هئي.
سوکيءَ ۾پَنَ تمام گهڻي ٿيندي هئي. ان پَنن مان ماڻهو تڏا، تنوريون، ڇَلون، ڇَل، ڇليون، هٿَ وارا پکا، نِکُون، پڙش وغيره انهن تي الڳ الڳ نمونا مڙهيل اهي سڀ ڏسڻ وٽان هوندا هئا. انهن تي هَٿ جي هُنر جو ڪمال ڏسڻ ۾ ايندو هو. ڪي شوقين ماڻهو سوکيءَ ۾ اَچي تڏا تَنوريون ڇَلون ۽ ڇليون وٺي انهن جا وڏا ٻيڙا ڀرائي ويندا هئا.
سوکي جا اُٺ ۽ اُٺيون مشهور هونديون هيون، اُٺين کي پالڻ ۽ اُٺين جو واپار ڪرڻ، خاص طور تي جَتَ ڪندا هئا.
جيڪي صدين کان وٺي سامونڊيءَ پٽي ۾ اُٺين چارڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جا ڌنڌا ڪندا اچن پيا. فقيراڻي جت وڏن ٻيڙن ۽ ٻيڙين منجهه اُٺيون چاڙهي پوءِ ڀرپاسن وارن علائقن ۽ پري پنڌ تي ٻين ملڪن ڏانهن سامونڊي رستن ۽ خشڪي وارن رستن، دڳن جي ذريعي نڪري ويندا هئا.
فقيراڻي جَت پنهنجيون اُٺيون ٻين ملڪن ڏانهن کپائڻ جي لاءِ ڪاهي ويندا هئا ته اُهي رَستي ۾ منزلون ڪندا، اٺين کي وڪرو ڪندا، هلندا ويندا هئا. اُٺين جي واپار ۾ فقيراڻي جَت مشهور آهن. جڏهن درياههَ ڦِٽا، ٻيٽ اُجڙيا ۽ ڪنڌين ۾ ڪوڪار نه رهي، ماڻهن پنهنجا اصلي ماڳ ڇڏي، ٻين تڙن (جاين) ڏانهن هليا ويا، جتن جا مختلف پاڙا به لَڏي ويا، فقيراڻي جَت به سنڌ جي شهرن ۾ وڃي آباد ٿيا، پر هن وقت ڪجهه فقيراڻي جت درياهن جي ڪنڌين ۽ ٻيٽن تي موجود آهن، اُهي اٺين چارڻ ۽ کپائڻ وارو ڌنڌو ڪن ٿا.
هن وقت جن شهرن ۾ فقيراڻي جت رهن ٿا، انهن ۾ ڪيٽي بندر، شاهه بندر، ڇڇ جهان خان، جاتي، گولاڙچي، بدين ۽ بدين ضلعي ۽ ٺٽي ضلعي جي ٻين شهرن ڏانهن ۽ ننڍن وڏن ڳوٺن ڏانهن هليا ويا.
هندن جي ذات ٺِڪر
سنڌ ۾ ٺَڪر يعني مِٽيءَ جا ٿانوَ ٺاهيندڙن کي “ڪُنڀر ۽ ڪنڀار” چوندا آهن. سوکي بندرگاههَ تي ڪُنڀر…۽ ڪُنڀار رهندا هئا. لاڙي ۽ کاري جا ماڻهو اڪثر ڪُنڀار جو لفظ استعمال ڪندا آهن ۽ ”ڪنڀر“ به سڏيندا آهن. اُهي ٺِڪرَ جا ٿانو، جن ۾ ڏيا، ڏياٽيون، پارا، پاٽڙيون، پاريون، پاٽڙا، ڪُنيون، ڪُنا، مَٽَ، مَٽيوُن، ڇلون، گهاگهرون، ڪَرا، بدنا، وٽيون، پياليون ۽ ٻارن جا رانديڪا ٺاهيندا هئا. سوکيءَ ۾ ڪُنڀارن جا وڏا مڪان هئا، سوکي جي بازار “مٺائي” جي حوالي سان مشهور هوندي هئي. انهيءَ ۾ مٺائي وارا دڪان هندن جا ۽ مسلمانن جا هوندا هئا. واڻيان مٺائي ٺاهڻ جا وڏا ڪاريگر هئا. خاص سوکيءَ جي مٺائي کائڻ جي لاءِ سوکي بندر جي پاسن ۾ رهندڙ ماڻهو شام جي وقت ٻيڙين ۾ چڙهي سوکيءَ ۾ ايندا هئا.
سوکيءَ ۾ حجام جا دڪان، درزي جا دڪان، جيڪي خاصخيلي ۽ شيدي عبدالرحمان جو پيءُ عثمان شيدي وڏو درزي ۽ ڪاريگر هو، انگريزن جا ڪوٽ به ٺاهيندو هو سوکيءَ ۾ ڪپڙن جا وڏا دڪان، سُٽ ۽ سُئي ڌاڳي، سَنهي پَٽَ، چوڙين جا دڪان هئا. انهن دڪانن تي مردن ۽ ٻارن جي پيهه لڳي پئي هوندي هئي.
سوکيءَ جو شهر گهمڻ جي لاءِ ڀر وارن ڳوٺن، ٻيٽن تي رهندڙ ماڻهون، ٻيڙين ۾ چڙهي صبح جو سوير سوکي ايندا هئا. گمندا ڦرندا، پوءِ سانجهي ٽاڻي وري ٻيڙين ۾ چڙهي واپس ويندا هئا، جن ۾ گهڻو تعداد مقامي واپارين جو هوندو هو. اُهي سوکي مان سيڌو سامان، چانور، وغيره وٺي پنهنجي ماڳن تي ويندا هئا.
جن ماڻهن پنهنجي سانَڀَر ۽ جواني ۽ ٻاروتڻي عمر ۾ سوکيءَ جي سُکن وارن سهڻن ڏينهڙن کي ڏٺو، انهن مان ڪي حال حيات، زندهه آهن. اُهي هن وقت وڏي عمر جا بزرگ جهونا آهن.
ڪن بزرگن، پوڙهن ۽ جهونن ماڻهن سان مليس، اُنهن جي جُهريل چهرن، جُهور اکين ۾، اُميد جي چمڪ هُئي. ان سان گڏ سندن چهرن تي اداسي جون سوين سمنڊ جي لهرن جهڙيون لڪيرون ٺهيل هجن. اُهي سوکيءَ جي سکن ستابن وارن ڏينهن جي ڳالهه ڪري، ڏکارا ٿي ويا ٿي. انهن جو اندر جُهري ٿي پيو. هڪ بزرگ چيو، هنن پٽن کي سامونڊي سورن سُڪائي ساڙي ماري وڌو آهي، هاڻي ساهه به سولا کڻي نٿا سگهن. هينئر به اُهي جهور، بزرگ ماڻهو مَن ۾ اها آس رکيون ويٺا آهن ته:
سنڌو درياههَ منجهه لُڙاٽو، مِٺو پاڻي وهي ايندو ۽ بغير روڪَ ٽوڪَ جي وهندو هلندو اچي سنڌ جي ٻيٽن، ڪنڌين، ڍورن ۽ ڇَڇَ ۽ ڇاڙن کي اَباد ڪندو هلندو وڃي سمنڊ ۾ پوندو هو. جڏهن اسين سوکيءَ ويندا هئا ته درياهه جا اوج ڏسندا هئا. ڪنڌين تي مال جون ڪُڏڪاريون متل هونديون هيون، نوجوانن جا ميڙاڪا متل هوندا هئا، ڪنڌين تي مَهاڻن جا ماڳ ڀاڳين جا ڀاڳ جاڳي پوندا. ائين چئي وري خاموش ٿي ويا. انهن ماڻهن جي هر آس انهن جي ڪچن ڌاڳن جيان ٽٽندي ڇڄندي ڏٺي.
جن دوستن، سڄڻن ۽ سوکي وارن بزرگن پنهنجي وڏي عمر هوندي به ٻه وکون کڻي ڪچهرين ۾ آيا. انهن سوکي جا حال احوال ٻڌايا، آئون انهن جو ٿورائتو آهيان. خاص طور تي ڀاءُ جليل کٽي، باقر خان مروا بلوچ، ايوب شان، سائين ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، سائين عطا محمد ڀنڀرو، جنهن سان سنڌ جي سامونڊي بندر گاهن بابت ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي. سائين ڊاڪٽر شير مهراڻي، سائين عبدالفتاح هاليپوٽو، الله ڏنو خاصخيلي عبدالله مرگهر، ڀاءُ شفيع مرگهر، ننڍڙي ڀاءُ شاهزيب ميمڻ ۽ سڪ واري سڄڻ ساجد سنڌي جو پڻ ٿورائتو آهيان. انهن سڀني دوستن جا وڙ وسارڻ جهڙا نه آهن.
مون هن سفرنامي ۽ سوکيءَ جي باري ۾ ڪوشش ڪري جيڪو مواد حاصل ڪيو ۽ جن ماڻهن سان مليو آهيان. اهي اڃان به حال حيات آهن.
اميد ته هي پورهيو قبول پوندو.


[b] منصور ٿلهو
[/b] 2017-10-18

سوکي بندر ۽ سامونڊي سُور

---

1

ننگر ۽ ناڙيون، پڳَهه پنڌ ٿئا،
بندر بازاريون، سڃا سامونڊين ري.
(سر سامونڊي، شاهه)


کارو ڇاڻ جي ڪنڌيءَ تي ٿڌڙي هوا گهلي رَهي هُئي. ڪجهه ماڻهو پاتڻيءَ جي انتظار ۾ بيٺا هجن. ڦاٽ درياههَ ۾ ٻيڙي نظر آئي، اُن ۾ لڳل ٽنگميشن (موٽر) جو آواز هوا تي چٽو ٻڌڻ ۾ آيو پئي. جيئن ٻيڙي ڪنڌيءَ جي طرف وڌندي پئي اچي، تيئن موٽر جو آواز تيز ٻڌڻ ۾ اَچي رهيو هو. تَڙَ تي بيٺل ماڻهن ۾ چُر پُر پيدا ٿي، اهي پنهنجو سامان ٺاهڻ ۾ لڳا. ڪنِ کي هَٿَن ۾ سيڌي سامان وارا ٿيلها هجن. هڪ همراهه ڪنڌ ورائي ٿيلهي واري کي چيو:
”ڪارا! وِيسي ڪِٿان وٺيون پيو اَچين؟“
حاجي! ڳاڙهي مان خيرو خاصخيلي جي دڪان تان، گهر جو ڳندڻ ۽ وِيسي ورتي آهي...“ اڳي کاري ۾ سڀ ڪجهه ملندو هو، هِير پورا وکَرَ به دُڪان تي رکيا ڪونهن، ۽ ويسي به پوري ڪانهي، (کاري جي لهجي ۾ “ويسي” جي معني سيڌو سامان ۽ رڌ پچا جو سامان آهي).ڪارو جنهن جي هٿ ۾ سامان جون ٿيلهيون هجن، اهو ٻيڙي ۾ چڙهي هوڙي جي موري (اڳيون حصو) تي وڃي ويٺو، ڪي وري سکاڻ يعني پاڇيل تي ماڻهو ويٺا هجن. عورتون ۽ ننڍا ٻار هوڙي ۾ چڙهيا، اهي ٻيڙي جي کڻ ۾ ويهڻ لڳا ته انهن کي پاتڻي (پاتڻي، پاتَ، ٻيڙي، هوڙو هلائيندڙ) وڏي آواز ۾ چيو:
“لي! توهين پنهنجن ڳڀورن کي کڻ ۾ خيال سان ويهارجو، اتي ٻيڙي جا پاٽيا (ڪاٺيون) پيا آهن.” عورتون ٻيڙي جي کڻ ۾ رکيل پاٽين کي هٿ سان سوري هڪ پاسي ٿي ويهي رهيون.
حاجي هيڏي هوڏي نهاري ٻيڙي ۾ ويٺل ماڻهو کي چيو، “عيسيٰ! الهڏني اڄ “پاتا” چاڙهيا آهن، ان جي مون کي دعوت آن.” پاتا کئڻ جي لي آئن، پاتن ۾ طاقت آ.” حاجي جي جملن ۾ پاتا لفظ تي وڏو زور هجي. پاتڻي ٻيڙيءَ ۾ ناري پوءِ پتڻ جي طرف ڪن ماڻهن کي ايندو ڏسي، انهن جي انتظار ۾ بيهي رهيو.
چاچو عيسيٰ سوچن ۾ گم هو، هن حاجي کي جواب ڏيڻ بجاءِ درياهن جي لهرن کي ڏسندي ٿڌو ساهه ڀري چيو، “سامونڊي لهرون اسان جي ماڙن سان “موت وارا کيڏ” کيڏنديون آهن.”
ها، عيسيٰ! “سچ ٿو چوين، لهرن جو اهو سلسلو صدين کان هلندو اچي پيو، کاري پاڻي اسان جي وڏن جون زندگيون ڳڙڪايون آهن، جڏهن به کاري پاڻي ۾ ٻيڙي هلندي آهي، لهرون شور ڪنديون ٻيڙي جي پاٽين سان ٽڪرائي هليون وينديون آهن، انهن لهرن ۾ پنهنجي عزيزن، رفيقن ۽ وڏڙن جون تصويرون ڏسندو آهيان.”
حاجي ۽ عيسيٰ جي اهڙي گفتگوءَ تي ٻيڙي ۾ ويٺل ماڻهن ۾ ٿوري جهٽ لاءِ خاموشي ڇانئجي وئي.
پاتَڻي واتَ ۾ چُورو (گهُٽڪو) وجهي، هڪ نوجوان ڏانهن نهاريندي:
ڳڀور! تون پڙَهين پيو ڪڙهين پيو... ٻَڌو اَٿم... پڙهڻ ڇَڏي ڦاٽ درياههَ جون ڪَنڌيون پيو ڪوڪارين...“
نوجوان کي پاتڻي جا لفظ ڳرا لڳا، منهن ۾ گُهنج پئجي ويس، پر ٻيڙي وارن کي ڏسي ماٺَ ٿي ويو. هڪ عورت کيسي ۾ هٿَ هڻي. ابا...! پاتڻي.
”پتڻ ڪيترو آن؟“
مائي! ٽيههَ روپيه ڏِج.”
ابا! ڏهه ڪِين ڏينديس. ڇَههَ روپيه آئِن. (آهن)
مائي، ٺَيڪ... جيڪي هَجن، سي ڏجانءِ.
تَڙَ تي بيٺل ماڻهو ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا، پنهنجو سامان سنڀالي ويهي رهيا، هوا تيز گهلي رهي هئي، سکاڻ تي بيٺل پاتڻي جا ڪپڙا ڦڙڪندا رهيا، ٻيڙي جي اندر واري حصي ۾ ته ڪي ماڻهو ٻيڙي جي ٻنهي ڇيڙن تي ويهي رهيا.
پاتڻي آواز ڏنو، کَڻ ۽ مُهري وارا پانجو سامان سوَلو ڪَريو. سکاڻ تي ويٺل ماڻهو ٽنگ مشين کان ٿورو پري ٿي جاءِ بڻايو، حاجي رونجهو پَپولا کنيو اچي پيو.
پاتڻي ائين چئي هٿ مٿي کڻي “اولا” چيو:
تڙ تي هڪ همراهه پلاسٽڪ جا ڊرم کنيو آواز ڏيندو پئي آيو. پاتڻي جو آواز ٻڌي هٿ مٿي کنيو ته ان به هٿَ مٿي کنيو ۽ ٻيڙي ڏي اچڻ لڳو. ٻيڙي ۾ ويٺل هڪ همراهه چيو “اولا” کيڪار کي چئون، لاڙ جا ماڻهو هڪ ٻئي کي سلام ڪندا آهن.
ٻيڙي ۾ ويٺل نوجوان هَٿَ وڌائي ان ماڻهو کان پلاسٽڪ جا ڊَرم وٺي پاسي ۾ رکيا ته اهو ماڻهو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي جِتي پاتڻي ويٺو هو، ان ڏي وڌڻ لڳو ته پاتڻي آواز ڏنس.
”حاجي هلي آ سُکاڻ تي چاچا عيسيٰ سان گڏ سَولو ٿي ويههُ.“
پاتڻي هاڻي ٽنگ مشين چالو ڪَرِ... چاچا عيسيٰ آواز ڏنو.
پاتڻي ٻيڙيءَ ۾ نهاري هٿ سان هلائڻ وارو ڳن ڇڪي ٻيڙي ۾ رکي پوءِ ٻيڙي ۾ لڳل موٽر کي چالو ڪَيو... موٽر جو آواز هوا ۾ گونجڻ لڳو. ڦاٽ درياههَ ۾ ٻيڙي موڙ کائي هَلڻ لڳي... چاچو عيسو پاڻيءَ جي لهرن کي ڏسندو، تڪيندو رهيو. پاتڻي کائن پڇيو
عيسيٰ! ڇا پيو ڏسين.
پاتڻي! پهرين بيت ۽ وائي ٻُڌ... پوءِ سوالَ ڪجانءِ... ائين چئي چاچو عيسو ڳائڻ لڳو:
پيهي جان پاڻ ۾ ڪَيم روح رهاڻ،
نَڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نَڪا ڪيچين ڪاڻ،
پُنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.
ٻيڙي پينگهه جيان لُڏندي لَمندي هلندي رَهي، ڏينهن تکو ڪونه هجي. ٻيڙيءَ ۾ ماڻهن جي مُنهن تي خوشيءَ واري لَهر ڏسڻ ۾ نه ٿي آئي، هر ڪو سورن جي ڳوهيل اَٽي وانگر ويڙهيو سيڙهيو ويٺو هُجي...
ٻيڙي ۾ ويٺل ڪي ماڻهو پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا رهيا. انهن جي ڳالهه ٻولههَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن جا اُچار ۽ معنائون سَمجهي نه ٿي سگهيس. انهن ماڻهن جي ڳالهائڻ وارو لهجو مَٽَ هجي. سنڌي ٻوليءَ جي اترادي وچ وارو، ٿري ۽ ڪوهستاني لَهجن کان بنهه الڳ لهجو هو.
ذهن ۾ ٻه ٽي ڀيرا اِنهيءَ جملي کي پٽي پڙهندڙ ٻار وانگر ڀيرا ڏيندو رهيس ته جملو ياد ٿي ويو. هوا جو تيز جهوٽو آيو. سُکاڻ تي ويٺل ماڻهن کي هلڪو ڌوڻو ڏيندو هَليو ويو. مان ذهن جي ڀانڊاري ۾ لفظ جمع ڪندو ويس.
پاتڻي يوسف جا لفظَ “پپولا”، “اولا”
چاچي عيسيٰ جو لفظ “پاتا”
پوڙهي مائي جا لفظ “پَتڻ”، “آن”
پاتڻي جي ڀر ۾ ويٺل همراهه درياههَ منجهه نِهاري وري شاهه عبداللطيف جي وائي جهونگارڻ لڳو:
وِرسئا ويڄ ويچارا! دلِ ۾ دَرد پرين جو،
اُٿيو ويڄا! مَ وِهو وَڃو ڊَڀَ کڻي،
دل ۾ درد پرين جو
ٻُڪي ڏيندا ٻاجهه جي، آيا سُور ڌڻي،
آيا جي جيارا
دل ۾ دَرد پرين جو...
چاچي عيسيٰ جي آواز ۾ وڇڙيل سامونڊي ماڻهن جو دَرد سمايل هجي. وائي جو آواز هوا سان گڏجي سَڄي ماحول کي ڏک جي ڏور ۾ وڪوڙيندو ويو. هوڙي ۾ ويٺل سڀئي ماڻهو ننڍا وڏا ماٺ جي مُٺِ ۾ سوگها بند هجن.
واقعي شاهه جي واين ۽ بيتن کي لاڙ جا ماڻهوءَ درياههَ جي پڇاڙ جا ماڻهو ڳائي ڄاڻن، اهي شاهه ڀٽائي جي لفظن کي ڄاڻن ۽ انهن جي اهميت کي سمجهن ٿا... تڏهن ايتري درد سان پيا ڳائين.
پاتڻي يوسف کيسي مان گٽڪي جي پڙي ڪڍي وات ۾ وجهي، چاچي عيسيٰ کي ڏٺو، جيڪو خيالن ۾ مست ٿي درياههَ جي لَهرن ۾ نهاريندو ٿي رهيو. شايد ڪجهه ڳولي رهيو هو. پوءِ چوڻ لڳو.
ڦاٽ جي پاڻي ۾ لهرون اٿنديون آهن، انهن لهرن ۾ پنهنجن عزيزن، رفيقن ۽ وڏڙن ۽ دوستن جا چهرا ڏسي وٺندو آهيان. جڏهن ٻيڙيءَ کي درياههَ مَنجههَ ڏسندو آهيان، پوءِ شاهه جون وايون ڳائيندو، من جي مانڌاڻ واري ولوڙي کي ماٺو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.”
اسان ماڙ وارن جي لاءِ شاهه جا بيت ۽ وايون وڏو جَهلو آهن. جهريل جيءَ جي لاءِ آٿت آئنِ. شاهه سائين پنهنجي بيتن ۾ سنڌ ۽ لاڙ جي پٽيءَ کي وڏو مان وارو بڻائي ڇڏيو آهي.
هو وڏي آواز ۾ پنهنجي دل جي ڳالهه ٻيڙيءَ وارن کي ٻُڌائي رهيو هو. هن جي ڳَلي ۾ دَرد هُجي... اُن درد کي سمجهڻ جي لاءِ درياههَ جيڏي دل هُجي.
انهي ماڻهوءَ جا لفظ “ماڙن”، “جهلو” (جَهلو= گُجي، ڍڪڻ، اندر ۾ سانڍڻ) ۽ “سُکاڻ” (سُکاڻ= هوڙي جو يا ٻيڙيءَ جو پويون حصو، جتي ناکئو يا پاتڻي ويهندا آهن.) ذهن جي ڀانڊاري ۾ رکي ڇَڏيا. ٿڌڙي هوا گهُلڻ شروع ٿي، چاچو عيسو جيڪو وڏيءَ ڄمار جو هَجي، پاتڻي يوسف جي پاسي ۾ ويٺل ماڻهو کي ڀاڪر پائي چيو ”وڻجارن جي لاءِ ته شاهه صاحب اِهي وايون جوڙيون آهن. اسين شاهه ڀٽائي جا ٿورا لاهي ڪين سگهنداسين. جو لاڙ وارن ۽ پڇاڙ وارن ماڙهن (ماڻهن) کي هميشه جي لاءِ جياري ويو. اڄ اسان هن ماڳ جا ماڙهو (ماڻهو) ان ڪري ياد پيا ڪيون.
هوا ۾ ٻيڙيءَ جو آواز وڌندو آيو. اسان جي ٻيڙيءَ کان ٿورو فاصلي تي ٻيو هوڙو وڃي رهيو هو. اُن جي ٽنگ مشين جو آواز هوا ۾ هلڪو ٿيندو ٿي ويو، اهو هوڙو درياهه جي ٻي ڪنڌي ڏانهن ٿي ويو.
درياههَ جي پاڻيءَ جو رنگ مٽيل ڏسجي رهيو هو. سنڌو درياههَ جو پاڻي ههِڙو ڪونه هوندو آهي... دل ۾ چيم.
ڦاٽ درياههَ جو پاڻي هلڪي نيري ۽ سائي رنگ جهڙو هيو.
چاچا عيسيٰ جنهن مون کي ڏٺو پئي... پوءِ چيائين:
ادا! ڀَلي ڪري آئين، تون سُڪيءَ جو آهين...“
چاچا عيسيٰ جو جملو... ”تون سُڪيءَ جو آئين...“ ٺپُ سمجهه ۾ ڪونه آيو... پر زبان مان ”ها“ نڪري ويو.
ابل! سُڪي وارا ماڻهو کاري پاڻيءَ بابت ڪِي ڪين ڄاڻن. هن ڦاٽ درياههَ ۾ سمنڊ جو کارو پاڻي آهي. چاچو پنهنجي جملن ۾ “کارو” لفظ تي زور ڏئي رهيو هو، ڄڻ اهو ٻڌائيندو هجي ته هاڻ اسان جي زندگين جا پساهه کاري پاڻي سان جڙيل آهن. چاچا جي انهن لفظن ۾ وڏو درد سمايل هجي. پوءِ ڦاٽ درياهه جي پاڻيءَ ڏانهن ڏسي چيو.
سنڌو درياههَ جي لُڙاٽيل پاڻيءَ جو ڏيک ئي پنهنجو هوندو هو. جڏهن اهو پاڻي درياهن ۽ اُن جي ڇاڙن منجهه وهندو هو ته اسان جا هيانوَ ٺري پوندا هئا... درياهه جون ڪنڌيون سايون سکيون، ستابيون هونديون هيون. ڀاڳين جا ڀاڳ ڇيلن وانگر ڪُڏ ڏيندا هئا... هاڻ کاري پاڻي سڀ ڪجهه ڦٽائي ڇڏيو آهي. ڪنڌيون ڪَڙڪِيُون پيون آئن... سُڪي سڙي ويون آئن. ماڻهو ڪک پن وانگر ڪي ڪاڏي ويا ته ڪي ڪيڏي ويا.
ڪجهه منٽن کانپوءِ ٻيڙي اَچي ڪنڌيءَ سان لڳي بيهي رهي. پاتڻي لَٿو ٻيڙي کي ٻڌي، پوءِ ٻيڙيءَ مان ڪاٺ وارو تخطو ٻيڙيءَ جي مٿان ۽ اُن تخطي جو ٻيو ڇيڙو ڪنڌي جي پاسي تي رکيو. ٻيڙيءَ ۾ ويٺل ماڻهو لهڻ لڳا. پاتڻي يوسف ڪنڌي وَٽ بيهي چوڻ لڳو.
پَتڻ ڏيو. پَتڻ ڀرَيو. پتڻ ڪَڍو. پاتڻي اهي لفظ اهڙي سُر سان چيا جو سڀني جا ڌيان پاتڻي ڏانهن هليا ويا.
پوءِ سڀني پنهنجن کيسن منجهه هَٿَ هنيا ۽ ڏوڪڙ ڪڍي پاتڻي کي ڏيندا هلندا ويا. ٻيڙيءَ ۾ ويٺل عورت کان پاتڻي ڀاڙو گهريو ته هن کيسي مان ڇهه روپيه ڪڍي پاتڻيءَ کي ڏنا...
“ابا...! ڀاڙو وَٺَ ڇهه روپيا آئِن.”
“مائي! مهرباني.”
سامهون ميدان تي ڪو وَڻ ڏسڻ ۾ ڪونه آيو، ڪلراٺي زمين هُجي. چوندا آهن “جٿي وڻ نه هجي، اُتي ڪانڊيرو وڻ” پر هت ڪانڊيرو به ڪونه هُيو. ماڻهن سان گڏ هلندو رهيس. صبح جو حيدرآباد کان نڪرڻ وقت ڊاڪٽر جليل ۽ الهڏنو خاصخيلي انهن کي اچڻ جو ٻڌائي ڇڏيو هو. ايتري ۾ ڊاڪٽر جي فون آئي.
“ادا... ڪٿي پهتا آهيو؟”
“کارائي پٽَن تي پيو هلان.”
“ڇا... پتڻ تي پهچي ويا آهيو.”
“ادا جليل! کاري ۾ آهيان... بس تنهنجي اوطاق تي پهچڻ وارو آهيان.”
“اَچو... اَچو... الهڏنو خاصخيلي به ويٺو آهي...”
ڪجهه منٽن کانپوءِ ڏٺو ته ڊاڪٽر جليل ۽ الهڏنو خاصخيلي ٻئي اَچن پيا... انهن کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. ٻئي سِڪَ سان مليا. پوءِ اچي ڊاڪٽر جليل جي سرڪاري ڊسپينسري تي آياسين. هيءَ سرڪاري ڊسپينسري به هُئي ته مهمانن جي لاءِ ”اوطاق“ به هئي.
ڊاڪٽر جليل ماني ٽِڪي اڳي ئي تيار ڪرائي ڇڏي هُئي. جيئن پهتس ته ماني اچي وئي، پوءِ هٿ مُنهن ڌوئي ماني کائڻ ويٺس ته ٻه مهمان ٻيا به آيا. سڀني گڏجي ماني کاڌي سون... ماني کانپوءِ اُهي مهمان ڊاڪٽر جليل کان موڪلائي تڪڙا هليا ويا. باقي الهڏنو خاصخيلي کيرواڻي ڊاڪٽر جليل ۽ آئون ڪچهري ۾ ويهي رهياسين. ڊاڪٽر کاري ڇاڻ جي ڇَنن، منهن ڏانهن ڏسي سوکيءَ جو سٽاءُ ٺاهڻ لڳو.
ادا! صبح جو سوير سوکي بندر تي هلنداسين، ان سان گڏ درياهن، ڦاٽن، ڇاڙن ۽ ڍورن تي رهندڙ قربائتن ماڻهن سان ڪچهريون ڪندا، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ واپس کاروڇاڻ اينداسين. پوءِ رات دير تائين ڪچهري هلندي رهي، هڪ وڳي ڌاري ڊاڪٽر موڪلائي هليو ويو.
صبح جو سج جا ڪرڻا کارو ڇاڻ جي ڇنن، منهن تي ڪرڻ لڳا. آهستي آهستي سج مٿي چڙهندو آيو، ناکئو الهڏنو اچي سلام ورايو ۽ چيائين. “هوڙو تيار آهي، وسي وٺي آيو آهيان، اتي منهنجو پٽ بيٺو آهي، آءٌ توهان کي وٺڻ آيو آهيان. ڊاڪٽر جليل چيو هو ته صبح جو سوير سوکي بندر تي هلنداسين.”
“ناکئا! توهان جي مهرباني.”
ايتري ۾ ڊاڪٽر نيرن کڻي آيو، پوءِ اسان گڏجي نيرن ڪئيسين. تنهن کانپوءِ الهڏنو خاصخيلي، ناکئو الهڏنو ملاح ۽ ڊاڪٽر جليل سڀئي گڏجي “ڦاٽ درياهه” تي آياسين. ڦاٽ درياهه جو پيٽ ويڪرو ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن ته ڪجهه سال اڳ ڦاٽ درياهه جو پيٽ سوڙهو هوندو هو. ڦاٽ درياهه کاري جي زمين ۽ پاسن کان ڳوٺن جون ڪنڌيون پائيندو، پنهنجو پيٽ وڌائيندو رهي ٿو. مون کي اهو خوف ورائي ويو ڪٿي، ائين نه ٿئي جو ڦاٽ درياهه، کارو ڇاڻ کي به پنهنجي پيٽ ۾ صدين لاءِ گم ڪري ڇڏي.
ناکئي آواز ڏنو، ادا! اچو ٻيڙي منجهه ويهو. منهنجي خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو، پوءِ اچي ٻيڙي ۾ ويٺس، ٻيڙي درياهه جي وچ مان هلندي رهي، هوا تي تيز لهرون ٻيڙيءَ کي لوڏينديون وڃن پيون. آسمان ۾ آهستي آهستي ڪارا ڪڪر مڙندا ويا، ٿڌڙي هوا گهلڻ شروع ٿي وئي، ناکئو آسمان ۾ ڪڪرين جي ڪٺي ٿيڻ واري چر پر کي ڏسي چوڻ لڳو. ادا! درياهه جي ڪنڌي وٺي هلون، ڪٿي مينهن وٺو ته لهرون به تيز ٿي وينديون. ائين چئي ناکئي ٻيڙي درياهه جي ڪنڌيءَ سان لڳائي آهستي آهستي هلڻ لڳو. ڪڪر ڇڊا ٿي آسمان مان گم ٿي ويا، سج جي ڪرڻن کي وارو مليو ته پاڻي ۾ آرس جيان تجلا ڏيڻ لڳا. هاڻي درياهه جي ٻنهي ڪنڌين تي زمين جو وجود ڪنهن سڙيل ڪاٺي جيان ڏسڻ ۾ ٿي آيو.
ڊاڪٽر جليل کٽي ٿيلهي مان ٻه ننڍڙيون ڪتابڙيون ڪڍيون، پوءِ هڪ چوپڙي کي کولي ان جا پنا اٿلائيندي چيو.
“ادا! هن چوپڙ ۾ سوکي ۽ کاري ڇاڻ جي باري ۾ ڪي سٽون لکيون آم. مون ڪجهه ڳوٺن جا نالا ۽ اتي جي رهندڙ ماڻهن جي ذاتن جو ذڪر ڪيو آهي. هاڻي اهي ڳوٺ ڪونه آهن، پر جي ڪنهن ڪنڌين تي ڪو ڳوٺ ورلي هوندو، اتي ٻن ٽن گهرن کان مٿي ماڻهن جا گهر ڪونه هوندا. سڀئي سامونڊي سورن ۽ کاري پاڻي جي آزار کان پنهنجا اجها ڇڏي، ڪنهن ٻئي هنڌ هليا ويا آهن. هاڻ ڪيترن ئي ڳوٺن جا نشان به ڏسڻ ۾ اچن ڪونه ٿا، سي سڀئي کاري پاڻي ۾ گم ٿي ويا آهن.

گورنر سنڌ سر لينسليٽ گراهم (Sir Lancelot Graham) 1938ع ۾ سوکي آيو. هو سوکيءَ جا مکيه ماڻهو جن ۾ بَچل خان ملڪاڻي، محمود شاهه، علي محمد قاسماڻي جتَ، حاجي ميرجَت، محمد حَسن خليفو، بجار قاسم جَت، مامون خان قاسماڻي، حاجي صالح ونگائي جت، حاجي مصري ونگائي جَت، حاجي علي محمد ونگائي جَت، علي ونگرو، عثمان سُڪڙيو، هنسي ڀاٽيو، منگا لالواڻي هندو، چيلا رام، لالوَاڻي، درمو، ٽيڪم، گلاب مُکي، اهي سڀ گورنر سنڌ جي پارٽي پروگرام ۾ شريڪ ٿيا.
گورنر سنڌ کي دعوت هنسي ڀاٽيه ڏني هئي، اُن جي خاص دعوت تي انگريز گورنر سنڌ، سوکي بندر ۽ کارو ڇاڻ جو دورو ڪيو هو. اُن رائيس مل ۾ محمد، ڪريم ڏنو، عبدالله ۽ ٻانهو اُهي مهاڻا ڪَم ڪندا هئا.
1928ع ۾ کارو ڇاڻ ۾ پرائمري اسڪول کُليو هو، جنهن جو پهريون اُستاد تولا رام ٽولا رام هو، اُن جو نائب ماستر جمال خان جلباڻي هو.
ڪجهه عرصي کانپوءِ پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر کَٽو مَل ۽ اُن جو نائب گائي خان ناهيو ٿيو. گائي خان ناهيو ڪيٽي بندر کان بدلي ٿي آيو. ماستر جيرام به ڪيٽي بندر کان بدلي ٿي آيو.
1938ع ۾ کاري ڇاڻ شَهر ۾ اسپتال کُلي، جنهن جو پهريون ڊاڪٽر غلام قادر پنجابي جيڪو چيچا وطني (پنجاب) کان آيو، اُن کانپوءِ 1941ع ڊاڪٽر ميوا رام کارو ڇاڻ ۾ بدلي ٿي آيو. کارو ڇاڻ ۾ ريجو مَل حڪمت جو ڪَم ڪندو هو.
کارو ڇاڻ ۾ جيوت رام جو بنگلو ۽ ڇڙ پيس واري مِل ۽ وڏو واپاري هو، جنهن کي رائيس مل چوندا آهن. کارو ڇاڻ۾ کيم چند جيڪو نوشهروفيروز کان آيو هو. هي ڪپڙي جو واپاري هو. کارو ڇاڻ ۾ راشن جي ڪوٺي کوليائين، ان سان گڏ ڪپڙن جو واپار ڪرڻ لڳو. کاروڇاڻ ۾ ٻيا هندو مورج مَل، مولو چانگي، چيلو ڀڳت ترسو ۽ ڪشن چند لٺڙيا واڻيا اهي سڀ واپاري هئا.
کارو ڇاڻ ۾ کٽي رهندا هئا. کاروڇاڻ ديهه ببلو ۾ آهي. جتي کٽي محلا ۾ رهندڙ کٽي، ملئون محمد فقير کٽي، واحد ناڻي ۽ سندس ڀاءُ صديق کٽي جنهنجو پٽ عبدالرحمان چوڌري، جيڪو ايوب جي حڪومت ۾ کاري ڇاڻ يونين جو چيئرمين پڻ ٿي رهيو هو. آمون کٽي، موسو واڍو کٽي، ابراهيم کٽي، عمر کٽي، محمد عيسو واڍو، ميان جي محمد علي کٽي، صديق موالي، ميان جي صديق کٽي، حَسن کٽي، صالح حجام، احمد، سومار ارباب، مامو ٻوڙهو، مولوي محمد کٽي، مولوي عبدالواحد کٽي، اهي ٻئي حڪمت جو ڪم ڪندا هئا. فقير محمد کٽي، صديق فقير، ملئرن کٽي، آسن داس، ڌرمو، ٽيڪم، گلابي ماکي، لالو مَل، پيسو مَل، هرو ملَ، لوڪو مَل.
کارو ڇاڻ ۾ هڪ سؤ پنجاهه (150) گهر واڻين جا هئا ۽ مسلمانن جا گهر کٽين ۽ ٻين ذاتين وارن جا به سون جي تعداد ۾ هئا. مهاڻا مزدوري ڪندا هئا. سومار همالي مزدورن جو جمعدار هو. کارو ڇاڻ ۾ ڪنڀار طيب جي نياڻي رهندي هئي. ڪنڀار پنهنجي وقت جو سٺو ڪاريگر هيو. هن جي نياڻي وَٽ نوڪَر ڪم ڪندا هئا. کارو ڇاڻ ۾ ”لوهار“ رهندا هئا. حاجي جمعو لوهار مشهور هو. هي ڪنعاد جي ڳوٺ کان لڏي آيو هو ۽ لوهارڪو ڪم ڪندو هو.
ڪيٽي بندر واري علائقي ۾ هير به ڪنعاد ذات وارا ماڻهو رهن ٿا. سوکي جي رائيس مِل ۽ ڪيٽي بندر جي رائيس مل ۾ مهاڻا ڪم ڪندا هئا. کارو ڇاڻ جي ڇڙ پيس مل ۾ مهاڻا ڪَمَ ڪندا هئا، جيڪي کاروڇاڻ ۽ اُن جي ڀرپاسي ۾ رهندا هئا.
کاروڇاڻ جي اُتر طرف ۾ گُن، گهرياڻي، ميربحر، گوگٽ مختلف ذاتين جا ماڻهو رهندا هئا. احمد کاٿڙائي ۽ بچل کاٿڙائي اهي مَڇي پلي جو ڌنڌو ڪندا هئا.
کارو ڇاڻ جي اوڀر طرف ۾ گڊن جو ڳوٺ هو، جيڪي اُٺ لڏيندا هئا، يعني اُٺن جو ڌنڌو ڪندا هئا. کاروڇاڻ شهر جي آس پاس گُڊن جا 25 گهر هئا. گَڊنَ جا اڳواڻ جا نالا.
حاجي گڊو، رمو گڊو، ٺارو گڊو، ڄام گڊو، ڦڪر گڊو، ٻير گڊو، براد گڊو، سڄڻ گڊو، اهي سڀ گڊن ۾ سَريال سُڌ ٻڌ وارا ماڻهو هئا. ادا! هير، هينئر انهن پٽن تي اُٺاري ڪونه آهن، پر ڪي چند گهر آهن، اهي ماڻهو درياهي ڌنڌو (مڇي مارڻ وارو) ڪندا آهن، هاڻ انهن وٽ اٺيون، اٺ ڪونه آهن، نه ڪي اوٺاري آهن.
کارو ڇاڻ جي ڪاڇيل طرف ۾ پُنڀر ذات ۽ گڙٻ ذات جا ماڻهو ويٺل هئا، انهن مان ابراهيم پُنڀر، لونگ پُنڀر، سومار گڙٻَ، حسين گڙٻ. اهي سڀئي هاريپ (هارپو) ۽ مزدوري ڪندا هئا. کاري جا کارو ڇاڻ جي اوڀر ڏکڻ طرف ۾ يوسف ڀائيل جو ڳوٺ هو. جمعو ڀائيل، عمر ڀائيل، پيرو ڀائيل هارپو ڪندا هئا ۽ اهي ڪاٽڪو به هئا.
کارو ڇاڻ شهر کان هڪ ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف هُندن جو ڳوٺ ”ڏهيسر ڳوٺ“ جي نالي سان مشهور هو. هن ڳوٺ ۾ 12 هندن جا گهَر پَڪين سرن جا ٺهيل هئا. ڳنڍو، ڀيرو، شامو آبادگار ۽ واپاري هئا. زمينون مقاطي تي کڻي آباد ڪندا هئا. کاري ڇاڻ جي ڏکڻ ۽ اوڀر طرف محمد علي سهتو جو ڳوٺ هو. هن ڳوٺ ۾ سهتن جا 30 گهر هئا. هي هاريپ ڪندا هئا ۽ پنهنجي وقت جا ڪاٽڪو هئا.
جادي واري مياڻ تي عبدالله ميربحر جو ڳوٺ هو، اتي 80 گهر هئا. هن وقت ڪاري وارا ڪک آهن. اهي سڀئي پٽ اُجڙي ويا. سليمان ميربحر، عثمان جنڊاڙو، غلام، هاشو وڏو درياههَ مُٽڻيءَ تي جادي وارو پتڻ هوندو هو، هن درياههَ جي ويڪر ميل کن هئي. هن درياههَ ۾ وڏا ٻيڙا جيڪي ٽي سئو مڻن کان به مٿي وزن کڻندا هئا، هلندا هئا. ٻيڙين ۾ بادبان (سِڙَهه) هوندا هئا، جيڪي هوا جي رخ تي هلندا هئا. سوکي بندرگاهه ۽ کاروڇاڻ بندرگاهن تي سِڙههَ وارا وڏا ٻيڙا اينداويندا هئا. اهي سَوين مَڻ وزن کڻندا هئا.
عبدالله ميربحرن جي ڳوٺ ڀرسان سيدن جو ڳوٺ هو، جيڪي وجهد وجهديني جي لقب سان مشهور هوندا هئا. کاري ڇاڻ جي ڏکڻ ۾ خچر جو مَقان هو، اتي ڪيتريون ئي مختلف ذاتيون رهنديون هيون، جن ۾ سمن جا گهر هئا. يوسف وڏيرو سمون، لائق ڏنو سمون، عيسو سَمون، محمود سمون ۽ اسماعيل سمون جن جا 35 گهر هئا. هينئر ٽي چار گهر کارو ڇاڻ ۾ اڃان به موجود آهن. سمن جا ڪيترائي گهر ڄامشورو ۽ ڳاڙهي ۾ لڏي ويا هئا. هي هاريپ (هارپو) ۽ پَنَ جو واپار ڪندا هئا. انهن پَنَ نکُون، (تڏا توريون) ۽ پکا پڻ ٺاهيندا هئا. هنن جو سنڌ جي اتر وارن علائقن ۽ ۽ سانگهڙ، نوابشاهه ۽ ٻين ڀر وارن علائقن ۾ پَنَ جا مڙَها ٺيڪي تي کڻندا هئا.
سوکي شهر ۽ کارو ڇاڻ جي ڀرپاسن ۾ رهندڙ ذاتين جو احوال: سوکي ۽ کارو ڇاڻ جي وچ ۾ ٽن ميلن جو فاصلو هو.

جهٻيرن جو ڳوٺ: هن ڳوٺ ۾ جهٻيرن جا پندرنهن گهر هئا. سومار ۽ مامو جَهٻير.
جوڻيجن جو ڳوٺ: هن ڳوٺ ۾ جوڻيجن جا ڏهه (10) گهر هئا.
سومرن جو ڳوٺ: هن ڳوٺ ۾ سومرن جا 10 گهر هئا.
سٺيا جو ڳوٺ: هن ڳوٺ ۾ سٺين جا 10 گهر هئا. حسن سٺيو ۽ جمعو سٺيو.
هالن جو ڳوٺ: هن ڳوٺ ۾ هالن جا (10) گهر هئا. اُسر هالو ۽ غوثو هالو.
ڪلهوڙن جو ڳوٺ: هن ڳوٺ ۾ ڪلهوڙن جا ڏهه (10) گهر هئا. ڪلو ڪلهوڙو، مينهن وسايو.
مغل ڳوٺ: هن ڳوٺ ۾ مغلن جا ڏهه (10) گهر هئا. عمر مغل.
گهوٽا ڳوٺ: هن ڳوٺ ۾ گهوٽن جا پندرنهن (15) گهر هئا.
گلهڙا ڳوٺ: هن ڳوٺ ۾ ويهه (20) گهر هئا.
پنهيار ڳوٺ: هن ڳوٺ ۾ پنهيارن جا ڏهه (10) گهر آهن.
شيخ جو ڳوٺ: لالو شيخ، هي نوان مسلمان ٿيا هئا. هنن جا ڏهه (10) گهر هئا.
ڪچهريءَ ۾ الهڏني خاصخيلي حصو وٺندي چيو. هير (هينئر) اِهي ماڳ ڦٽي ويا آهن. ڪو هڪ ٻه گهر هجي ته ٺهيو، نه ته ساري زمين بينا “غير آباد زمين” پئي آهي.
سامونڊي پٽيءَ ۾ درياهن جي راند ڏسڻ وٽان آهي. جيئن ٻار ونجهه وٽي راند ڪندا آهن، تيئن سنڌو درياهه منجهان نڪرندڙ نوان درياههَ به هڪٻئي سان ملندا، ڀاڪر پائيندا وڇڙندا هلندا وري ملندا رهندا آهن. سامونڊي پٽيءَ ۾ سون جي تعداد ۾ درياهه آهن، انهن جا ڪجهه نالا ياد آهن.
اوچتو درياههَ، آڌياڙي درياهه، باغ واري درياهه بَستا درياههَ بيرم درياهه، بگاڙ درياهه، پيٽاڻي درياهه، پاٽار درياهه، پلياڻ درياهه، تُرسياڻ درياههَ، ٻئي درياههَ، ڦاٽ درياههَ، ڦَٽو درياههَ، ڦِٽي درياههَ. دجو درياهه، دُوڌاٽِي درياههَ، ڏرڙ درياههَ، حجامڙو درياههَ، ڄار وارو درياههَ، چاڻ وارو درياههَ کناڻي درياههَ، کاهي درياههَ، کُڏي درياههَ، کوبَر درياههَ، کانٽو درياههَ، کٽندو درياههَ، گاريلي درياههَ، گابار درياههَ، گَئو درياهه، گهوڙو درياههَ ريچل درياهه، روڙو درياهه، رتو درياهه، ريل درياهه، سِيرو درياهه، سوداگر درياهه. هتان جي ماڻهن جون دليون وڏيون آهن. اُهي مڇيءَ جي شڪار ۾ پنهنجيون جانيون گهوري ڇڏين، انهن جي پونيئرن، اولاد، عزيزن سڀني کي اها خبر هوندي آهي ته سمنڊ اسان جي عزيزن، رفيقن جا ساهه ڪڍيا آهن. شڪار گهوريندي يا سامونڊي طوفان ۾ ٻيڙي ٻُڏندي مئا آهن. پوءِ به اهي سمنڊ سان شڪايت ڪونه ڪندا آهن. انهن جو نسل به سمنڊ جو ساڳيو پنڌ جهاڳيندو، شڪار گهوريندو اچي پيو. اهو سلسلو صدين کان وٺي هلندو اچي ٿو. ٻيڙائتن، ناکئن، خلاصين جي سُمنڊَ سان سِڪَ گهٽي ڪونهي ڪا... هي ماڻهو ايڏا بهادر آهن، جو دردن جي ڇولين ۾ به دانهن ڪونه ڪندا آهن. پوءِ به شڪار ڪندا رهندا آهن.
ڀلا ماني کائڻ واري کي، ماني پچائڻ واري جو قدر ڪهڙو... مڇي جو مزو، لطف وٺندڙ، مڇي کائي خوش ٿيندڙن کي مڇيءَ ماريندڙ ماڻهن جو قدر ڪهڙو... ڀلا ڪڏهن ڪنهن سامونڊي ماڻهن جي سورن واري حياتيءَ جي سار لڌي آهي...؟ درياهي ماڻهن جون ڳالهين ٻڌڻ سان ڪنهن وقت ائين لڳندو آهي، ڄڻ سامونڊي پٽيءَ جا ماڻهو سمنڊ جي کارين لهرن جي کاڄ جي لاءِ پيدا ٿيا آهن. سامونڊي ماڻهن جي زندگي عجيب ٿئي ٿي... سمنڊ سان درياهه جي پاڻيءَ سان پيچ اهڙو ڳنڍيل اٿن جو ڪڏهن ڇِڄي نه ٿو سگهجي، اهي ماڻهو پنهنجي نالن سان مَڇيءَ جو نالو ڳنڍيندا آهن ۽ ڏاڍا خوش ٿيندا آهن.
فن سان چاهه رکندڙ چترڪار ۽ فنڪار فلمن، اداڪار ۽ قلمي پورهيو ڪندڙ شاعر، اديب اهي پاڻ تي تخلص يعني نئون نالو رکندا آهن، پوءِ اهي نالا انهن جي سڃاڻپ بڻجي ويندا آهن، تيئن ناکئن ۽ خلاصيت تي رکيل مڇيءَ وارا نالا انهن جي سڃاڻپ آهن.
مثال طور ناکئو گوهر عرف ”گَندَ“ (سنهي مڇي کي “گند” چوندا آهن) ناکئو وَلو عرف ”ويسر“ ، ناکئو سونو عرف ”سيري“ ، ناکئو چاڪي عرف ”چَپُو“، ناکئو فتح عرف ”ڦِٿو“، ناکئو لالو عرف ”لُوئَر“، ناکئو خيرو عرف ”کڳو“، ناکئو اَڪو عرف آچار، ناکئو مَنو عرف مُترڪو، ناکئو قاسم عرف ”ڦڙداس“، ناکئو پاتال عرف ”پُوجو“، ناکئو چنيسر عرف ”چَپليڪي“،ناکئو راڻو عرف ”رَڏُ“،ناکئو ڪالو عرف ”ڪَڏَو“،ناکئو چالهُيو عرف ”چُورو“،ناکئو ڪَڪَو عرف ”ڪَڏِي“،ناکئو علي محمد عرف ”ڳاڙهو“،ناکئو حاجي عثمان عرف ”بوٿو“، ناکئو سوڍو عرف ”سيارو“ ناکئو ٽِيٽو عرف ”ٽنگڻ“، ناکئو پيارو عرف ”پکڙڻ“، ناکئو هاشم عرف ”ٿيري“ ناکئو مور عرف ”موراکي“ ناکئو پيرل عرف ”پَلو“ ناکئو پنهل عرف ”پاپليٽ“ خلاصي خيرو عرف ”ڪَڪو“ خلاصي ڪانيو عرف ”ڪُنڀر“ خلاصي ڪالو عرف ”ڪُرڙو“، خلاصي اصغر عرف ”هيجڪِ“ خلاصي لياقت عرف ”لوهڙ“ خلاصي مولوي عرف ”مَٽِو“ خلاصي سلطان عرف ”واڳو“ خلاصي ڏونگر عرف ”ڏَنديو“ خلاصي اِبو عرف ”اَڇو پِٿون“، خلاصي گوهَر عرف گَپ گَلو، مائي آمي، عرف چُما، خلاصي ڪالو عرف ”ڪُوڪو“ خلاصي ڍولڻ عرف ”ڍَڍي“، خلاصي پَنهل عرف ”پَلو.“
ڪنهن ڳوٺ جي محلي يا پاڙي ۽ گهٽيءَ ۾ هڪجهڙن نالن سان خلاصي يا ناکئا رهندا آهن، اهي پاڻ تي مڇيءَ جو نالو رکي ڇڏيندا آهن، جيئن ڪو ٻيو ماڻهو ڀلجي ساڳي نالي واري ٻئي ماڻهوءَ جي در تي نه وڃي. هنن ماڻهن جي ڪِرت ۽ ڌنڌو ساڳيو هوندو آهي. يعني مڇي مارڻ وارو. مثال: ”سارنگ“ جي نالي وارا ٽي ماڻهو هڪئي پاڙي يا محلي ۾ رهن ٿا، پر انهن جي سڃاڻپ الڳ الڳ آهي.
(1) سارنگ، ڄرڪو، (2) سارنگ ڦوڦار (3) سارنگ ڍانگرو.
ڪنهن محلي جي هڪئي گهٽيءَ ۾ ٻه ناکئا ساڳئي نالي سان رهن ته اُهي پنهنجي نالي جي پٺيان مڇيءَ جو نالو لڳائي، پنهنجي الڳ سُڃاڻپ بڻائيندا آهن. ناکئو بابو ملاح عرف ”بوٽو“، ناکئو بابو ملاح عرف ڪَٽوُ”.
اوچتو لهرون اُٿل پٿل کائينديون اسان جي مٿان پاڻيءَ جي ڇَنڊَ وَسائي ته منهنجي هٿ مان چانهه وارو مگو پاڻيءَ مَنجهه ڪري پيو، اهو ڏسندي سڀني کان کِل نڪري وئي، آءُ به کلڻ لڳس. ناکئو اُٿيو ڪُل تي چانهه جي ٻاڙٽي ۾ ٿوري چانهه پئي هئي. سا کڻي اچي ڏنائين.
هوڙو درياهَ جي ڪنڌي سان هلندو رهيو، ٻارنهن سال اڳ هن ماڳن تي آيو هوس، تنهن وقت ۾ ڪنڌين تي ڪي ڇَنهَه ۽ مَنههَ وارا گهر هئا. هينئر ڏسڻ ۾ ڪونه آيا، ڪٿي ڪٿي ڍورن مينهن ۽ ٻڪرين کي چرندو ڏٺو هو. هاڻ اهي سڀئي پَٽَ خالي ۽ کاري پاڻيءَ جي هيٺ اجڙيل ڏسڻ ۾ آيا. ڪيترائي ڳوٺ کاري پاڻيءَ منجهه پنهنجو وجود وڃائي ويٺا هئا.
هڪ ٻيڙي اسان جي طرف اچي رهي هئي، جڏهن ڀرسان اچي بيٺي ته اُن ٻيڙي مان هڪ ماڻهو اُٿي بيهي رهيو. اُن کان ناکئي الهڏنو پڇيو:
خلاصي گُهچَ! ڪريو خبر..؟
ناکئا الهڏنا! خبر مڙئي خير، اسانجو تو ۾ ڪَم پَئين ويو آ.”
يار! اسان جو ڪُل (چُلهه) تَڙَ تي وسري ويو، هوڙيءَ ۾ ڪونهي چڙهيو، آن (اوهان) وٽ ڪُل ٻُل هجي ويرو (واندو) ته اسان کي ڏيو، مهرباني ٿيندي.
خلاصي گُهچَ اسان جي هوڙي ۾ ڪُل آهي هيڪو، جي توکي ڏينداسين ته اسان ۾ بُک پوندي.
ناکئا الهڏنا! ڪُل اسان کي ڏئي ڇَڏَ، اسين وڃون پيا درياههَ تي اسان کي ڏاکو (ڏهاڪو) کن ڏينهن لڳي ويندا.
ناکئو الهڏنو سوچي، پوءِ هوڙي جي کُڻ مان ڪُل کڻي خلاصي گُهچَ جي حوالي ڪندي چيو.
ادا، گهچ! توهين پَرتي پيا وڃو، ڀَلي ڪُل کڻي وڃو، آءُ ڪنهن کان ڪُل کڻي وٺندس، آن جو ڪم ٿي ويو.
خلاصي گهچ خوش ٿيندي، هٿ لوڏي روانو ٿي ويو. ناکئو الهڏنو ٽنگ مشين جي ڀرسان اَچي ويٺو، اسان کي لڳو ته چانهه ۽ ماني ڪيئن ٺاهينداسين. ناکئي جي چهري تي پريشانيءَ واري ڪابه اهڙي ڳالهه ڪونه هئي. وڏي آرام سان ويٺو هجي. ڊاڪٽر جليل ۽ الهڏنو اُهي ٻئي ماٺ ۾ ويٺا هجن. مون کي اندر منجهه اُڻ تڻ ورائي وئي ٿوري دير تائين سڀئي خاموش ويٺا هُجن. ناکئو الهڏنو، منهنجي مُنهن ۾ نهاري مُرڪي ڏنو ۽ چيائين جنهن خلاصيءَ کي ڪُل ڏنو، اُن جو مي تي هيڪو وڏو احسان آهي”. ائين چئي ناکئو سڀني ڏي نهاريو، پوءِ وڏي آواز ۾ سُڻائڻ لڳو.
ڪجهه سالن جي ڳالهه آهي، آءُ خلاصي هوس.
“هڪڙي ڏينهن بولي تي وياسين، مونسان ڳڀور (ڇوڪرا) هوڙي ۾ آئينِ (آهن) اسان بولو ٻڌوسين، بولو رَڇَ ٻڌي ڪري اسين سُمهي رهياسين. ڪو مشين جي ڀَرَ ۾ سُتو، ڪو فريج (برف جي ٽانڪي تي) سُتل هو، ڪو ماندا پيو هجي، ڪو وچ تي سُتو پيو هُجي. اءُ مشين جي ڀَر ۾ سُتو پيو هوس.
بن ڪلاڪن کانپوءِ آلَڙَ زور وٺيو ته اسان جي بولي رَڇَ جو هڪڙو حصو ٽٽي ويو. هوڙي جَهٽڪو ڏنو ته اسين اُن جهٽڪي تي اُٿياسين ته وري ٻيو پاسو به ٽٽي ويو. هاڻ اسين اُجندا (9) پيا اچون. هوڙي کي ڪِئين قابو ڪريون، ان سوچ ۾ هياسين ته هوڙي وڃين ٻئي بولي ۾ پئي، جيڪو اسان جي پُٺيان بيٺل هجي. جنهن جاءِ تي اسان بولو ٻڌو هو. اُن کان ٿوري فاصلي تي ٻيو بولو ٻڌل هو. اِها اسان کي سُڌ ڪونه هئي. اُن ۾ اسان جي هوڙي لڳي ۽ ڪلٽي ٿي وئي، ڳڀور (ننڍڙا ٻار) بولي رَڇَ جي مٿان چڙهي ويا. هوڙي اسان جي بولي رَڇَ ۾ ڦسي رهي ٻي هوڙن وارن ڳڀورن ۽ اسان کي
پائي ورتو. اها سيءَ جي موسم هئي. ايها اسان جي ڀلائي هئي جو بولي رَڇَ مان بچي وياسين. بولي رَڇَ ۾ جانور، مينهن، ڍور، ڍڳو ۽ ڪو ماڻهو جي ڦسي رهيو ته “ساس” نه هوندو اُن جو “لاش” هوندو. مطلب ساههَ وارو ڪوبه بچندو ڪونهي. مري ويندو آهي. اهو گهچ خلاصي جنهن کي ڪُل ڏنو، اُهو مُڙسي نه ڪري ها ته اسين بولي ۾ هُجون ۽ هير جيئرا نه هُجون.. تڏهن مون جا ڳڀور بَتا خلاصي گهچَ جا مي تي احسان آهن. آءُ اڳيان ڪنهن کان ڪُل وٺندس.
ناکئي الهڏني جي ڳالهه ٻڌي، سڀئي ماٺ ۾ پئجي ويا. منهنجي اڳيان هو منظر ڄڻ فلم وانگر هلي رهيو هو. اُٿي ناکئي جو ڀرسان آيس.
ناکئا! درياهه جا رستا ڏاڍا اڙانگا آهن.؟
ادا، شڪار گهورڻ ايڏو سَولو ڪونهي، انهيءَ ۾ وڏا جوکا سِرَ جا آهن، درياهي ڌنڌو هون به دل وارن ماڻهن جو هوندو آ”.
ناکئي جي اِها ڳالهه سمجهه ۾ اَچي وئي.
ٻيڙي هلندي رهي، ناکئو الهڏنو ميربحر چوڻ لڳو. سوکيءَ بندر پهچي وياسين.
سوکي بندر جو نالو ٻڌي ان جي پٽن ڏانهن نيهاريندي ٿوري خوشي جو احساس به ٿيو ۽ گهڻو ڏک ٿيو. ٻيڙي درياهه جي ڪنڌي سان لڳي بيهي رهي، اسين ٻيڙيءَ جي کڻ ۾ جوتا رکي پير اگهاڙا ڪري ٻيڙيءَ مان هيٺ لٿاسين. پٽ تي آلڙ هئي، ڪٿي، ڪٿي ننڍڙا، ننڍڙا لاڻا ۽ وليون هجن، اسين پنڌ ڪندا هڪ ڍوري وٽ آياسين، جنهن ۾ گوڏي جيترو پاڻي هو. ڍوري جي پريان سوکي شهر وارو پٽ ڏسڻ ۾ پئي آيو. ذهن ۾ سوکي شهر جو نظارو ڪنهن فلم جيان ڦرڻ لڳو. ڪجهه پل اتي ئي سوکي جي خيالن ۾ بيٺو هئس. ايتري ۾ ناکئو الله ڏنو ڪُلهي تي هٿ رکي چيو، “ادا! ڍوري مان هلڻو آهي، اتي ڇو بيهي رهيا آهيو.”
ها! هلون ٿا. پوءِ قميص لاهي مٿي سان ٻڌي، سلوار جا پانچا گوڏن تائين ڪري ڍوري ۾ لٿس، ٿوري پاڻي ۾ هليس، ته ڪا شئي پير ۾ لڳندي محسوس ڪئي ته منهنجي وات مان رڙ نڪري وئي. ناکئو الهڏنو ۽ ڊاڪٽر جليل جيڪي منهنجي اڳيان ڍوري مان هلي رهيا هئا، اُهي بيهي رهيا. ڊاڪٽر جليل پوئتي موٽي چيو: ”توکي پير ۾ ڪڏو (گهاڙ) لڳو آهي.”
”ڊاڪٽر! خبر ناهي، باقي پير وڍَجي ويو، ائين ٿو لڳي. “ڊاڪٽر منهنجي ٻانهن کي پڪڙيو، ايتري ۾ الهڏنو آيو، ٻنهي ٻانهن کان کنڀي مٿي کنيو. ان وقت اسڪول واري يادگيري اچي وئي. اسڪول جو ڪو شاگرد ڪلاس ۾ نه ايندو هو ۽ گوسڙو هوندو هو ته استاد احمد علي چوندو هو.
”وڃو انهيءَ ڇوري کي ڳولي ڦولي کڻي اچو.“ پوءِ ڪلاس مان ٻه ڄڻا بُت ۾ ٿلها موٽا شاگرد ويندا هئا، اُن شاگرد کي ڳولي ايندا هئا. هڪ شاگرد اُن جي سَڄي ٻانهن کان وٺندو هو، ٻيو شاگرد ان ڇوڪري کي کٻي کان وٺي مٿي پٽي کڻي ايندا هئا. گوسڙو ڇوڪري جا پير پَٽَ تي ڪونه لڳندا هئا.
اهڙي نموني ناکئو الهڏنو ۽ ڊاڪٽر جليل مون کي ڍوري منجهان مٿي کنيو. پاڻيءَ مان هلندا اچي ٻاهر ڪناري تي آندو. منهنجي سڄي پير جي تريءَ مان رت وهي رهيو هو. اسين هاڻي سوکي شهر جي پَٽَ تي هئاسين. چؤطرف ڪلراٺي زمين ڪنهن پکي پکڻ جو آواز ڪونه. پري کان ُٺل ڏسڻ ۾ آيا پئي. سوکيءَ جي اُجڙيل پَٽَ تي هلندي، ناکئو الهڏني ميربحر چيو:
”اسين ننڍا هوندا هئاسين، پنهنجن وڏڙن سان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سوکيءَ شهر جي بازار گهمڻ لاءِ ايندا هئاسين. خاص طور تي سوکيءَ جي مٺائي کائڻ جي لاءِ، ايندا هئاسين، سڄي تَرَ منجهه “سوکيءَ جي مٺائي” مشهور هئي.”
اسين هلندا رهياسين، سوکيءَ جي زمين پوسَل واري هُئي، جنهن جي چؤڦير سمنڊ جو کارو پاڻي هُيو. اسين هلندا، انهيءَ جاءِ تي آياسين، جت سارين جو ڪارخانو هوندو هو، اُتي وڏو سيمنٽ جو حوض هَيو. ڊاڪٽر جليل ۽ الهڏنو ميربحر ٺُلن وٽ بيهي رهيا.
“هِيءَ نشان سارين ڇڙهڻ جي ڪارخاني جا آهن. سوکيءَ جا چانور مشهور هوندا هئا.” آئون سيمنٽ جي ٺلن کي هَٿ لائي ڏٺو... وري ٻئي ٺل کي ڏسڻ ويس. ڪُل چار ٺُل هُجن. ذهن ۾ سُوکيءَ شهر ۽ ڪارخاني جو منظر چٽيندو رهيس.
ڪجهه وقت اسين ڪارخاني جي جاءِ تي بيٺا رهياسين، پوءِ اتان واپس ٿياسين. ٿورو اڳيان زمين تي ڳاڙهين مٽيءَ جي سِرُن جا ڀڳل ٽڪر ۽ ٺَڪر جي ٿانون جاڀڳل ٽُڪرا پيا هجن. اسين هلندا وري ٻئي طرف وياسين. ڏينهن تکو هو، سڀني کان پگهر وهن پيا، پر سوکيءَ جي ڦٽل شهر کي ڏسندي خيالن ۾ سوکيءَ جي بازار جو نظارو ۽ اُن بازار ۾ ماڻهن جي هلڻ چلڻ جا ڏيک ڏسندو هلندو رهيس. گرميءَ جو احساس نه پيو ٿئي. ڀڳل ٺِڪرن جي ڍير کان ٿورو اڳيان هلياسين.
ناکئو الهڏنو ميربحر ٿڌو ساهه ڀري چيو: “سوکيءَ ۾ هندن واڻين جون پَڪيون، ويڪريون ڪشاديون جايون هيون. انهن جا دڪان به پَڪا ٺهيل هوندا هئا. سوکيءَ جي بازار واري گهٽي ويڪري هئي. مردن سان گڏ ٻار پڻي شيون وٺندا، بازار ۾ گهمندا ڦرندا هئا، ڪو ڪنهن کي ميري اک سان ڏسندو ڪونه هيو. ڏاڍو سڪون ۽ سانت وارو ماحول هوندو هو. هن وقت منهنجي ذهن تي سوکيءَ بازار جو نقشو چٽو بيٺو آهي. سوکيءَ شهر جي ويران پَٽَ تي هلندي ڊاڪٽر جليل چيو:
سوکي جي پاسي ۾ “گابار” درياهه وهندو هو، جيڪو ڪنهن وقت ۾ وڏو درياهه هو. سوکي بندرگاهه جي پاسن کان چار درياهه وهندا هئا، انهن درياهن تي ڪيترائي ڳوٺ آباد هئا. هاڻي چؤڦير نظر ڦيرائڻ سان خالي پَٽَ ڏسڻ ۾ پيا اچن. هنن آباد پَٽن کي سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ڦٽائي ڇڏيو. هينئر سوکيءَ جي سونهن جا خيال ذهن منجهه ڊوڙائي سگهون ٿا، باقي ڪجهه ڪري نه ٿا سگهون، اسان جا وڏڙا به سوکي جا هئا. اُهي مالدار ۽ زميندار به هُئا. ان وقت ننڍڙو هئس، ڪي خيال ذهن ۾ ڦيرو ڏين پيا. سوکيءَ جي ڏکڻ ۾ اڱاريا ذات جا ماڻهو رهندا هئا. اهي ملڪائي ونگرا هئا. اڱاريو اُنهن جو پاڙو هيو.
سوکيءَ جي شهر جون ڳالهيون پئي هليون، ”سوکيءَ شهر ۾ واپار جو وڏو چلتو هلندو هيو، جڏهن هندو، واپاري واڻيا ويا ته سوکيءَ جو چلتو ۽ واپار به ڍرو ٿيندو ويو. سوکيءَ جي بازار جا ڪيترائي دڪان بند ٿي ويا. سوکي جي بندرگاهه تي ٻاهرين ماڻهن جا ٻيڙا ۽ ٻيڙيون گهٽ اچڻ لڳيون. رڳو تَڙ ۽ ڀر وارن درياهن کان ماڻهو ايندا هئا. شهر ۾ مسلمان واپاري به هئا، انهن سوکيءَ جي ايندڙ وقت جو جائزو ورتو ۽ اهو سوچي ويا ته هاڻي سوکيءَ ۾ رهي ڪاروبار ڪرڻ ڏکيو آهي، پوءِ انهن به پنهنجو ڪاروبار ٻين شهرن ڏانهن وڃي شروع ڪيو. گهڻا ماڻهو کاروڇاڻ شهر ڏي ويا. پر پوءِ اُتان به لَڏي ويا.

2

کارو پاڻي اهڙو سوڪڙو وڌو جو “ڀاڳين جا مال به ويا ته وٿاڻ به ويا.” سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ڪيترائي درياههَ ڦٽائي ڇڏيا. جيڪي سامونڊي پَٽيءَ ۾ گهرَ آباد هئا، انهن کي 1999ع واري طوفان مڪمل تباهه ڪري ڇڏيو.
ڊاڪٽر جليل ان طوفان جي حوالي سان ٻڌايو.
1999ع واري طوفان کي انگريزي ۾ نالو سائيڪلون ٽو
ڏنو ويو. هن طوفان سامونڊي پٽيءَ ۾ وڏي تباهي آندي هئي، جنهن کانپوءِ هي ماڳ پَٽَ بلڪل برباد ٿي ويا. ان طوفان کان اڳ ۾ سوکيءَ تي، ها... هنن پٽن تي جٿي ويٺا ڪچهري ڪريون پيا، ڪجهه گهر آباد هئا. انهن ۾ احمد رونجهو، حاجي محمد رونجهو، حُسين رونجهو، احمد ٻگدوبغدو، جمعو مالهيو، اَڱن مالهيو، ۽ محمد مالهيو جا گهر هئا. اهي سڀ 1999ع جي طوفان کانپوءِ لڏي ويا. محمد مالهيو هير به سوکي شهر کان اتر طرف ۾ گابار درياهه تي رهي پيو. ان جو اڪيلو گهر آهي، باقي ٻيا مختلف شهرن ڏانهن لڏي ويا آهن. اسين محمد مالهيو سان ملڻ هلنداسين. مٿيان ماڻهو سوکيءَ جي پَٽَن جا آخري رهندڙ ماڻهو هئا.
ڪجهه سال اڳ سوکيءَ جي هنن پٽن تي آيو هئس. هڪ ڀڳل جاءِ جي ڏاڪڻ جا ڏاڪا جن تي ٽائلس لڳل هئي، اهي هن وقت ڏسڻ ۾ ڪونه آيا. ٺڪرن جا ڀڳل ٽڪرا پٽ تي وکريل ڏٺا هئم، پر هيل اهي شيون ڪونه هجن. سوکي جي پٽ کي به کاري پاڻي ڇڏيو ڪونه. ان کي به پنهنجن کارن ڏندن سان کائيندو، کائيندو ننڍڙو ڪري ڇڏيو هجي.
ايندڙ چند سالن ۾ “سوکي شهر ۽ بندر” جو هي ننڍڙو تاريخي نشان به سمنڊ جي پيت ۾ گم ٿي ويندو. سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ بندرن سان سمنڊ وڏا ڪلور ڪيا آهن. جي پنهنجا ماڻهو اک پٽين ها ته هي سونا پَٽَ سمنڊ ۾ غرق نه ٿين ها. سمنڊ سان گڏ پنهنجن به ڪلور ڪيا آهن.
پوءِ اسين اٿياسين. چانهه جي ٻاڙ سڀني کي لڳي، ڊاڪٽر وراڻيو: هاڻ ٻيڙيءَ ۾ ويهي ”گابار درياهه“ تي هلنداسين. اسان کي محمد مالهيو وٽان کير ملي ويندو، نه ته چانهه سليماني يعني کير کان بغير اها ضرور ملندي... هاڻي اسين ان ڍوري وٽ اچي پهتاسين، سڀني پنهنجيون قميصون لاهي مٿي سان ٻڌيون ۽ سلوار جا پانچا گوڏن کان مٿي ڪري ڍوري ۾ لهي پياسين.
ڪجهه منٽن کانپوءِ ڍوري مان ٽپي سڪي تي آياسين. سڀني مٿي وارا ڪپڙا لاٿا، بُت تي وڌا ۽ ٻيڙي ڏي هلڻ لڳاسين. آئون هلندي ڪنڌ ورائي سوکي جي ويران پَٽن کي ڏٺو. اکين ۾ سوکيءَ جا منظر ڌنڌلا ٿي ختم ٿي ويا. دل ۾ چيم، سامونڊي پٽي جا سهڻا ماڳ ۽ بندر ڦِٽي ويا، ڪنهن کي ڪائي ڪَهل ڪانه آئي. بس پوءِ اکين تي هٿ ڦيري ٻيڙيءَ ۾ اچي چڙهيس. ناکئو سُکاڻ تي وڃي ويٺو.
سوکي بندرگاهه جي اتر طرف کان “ميرواهه” درياهه نڪري ٿو، اهو اُلهندي طرف وڃي، درياهه گهوڙو ۾ داخل ٿئي ٿو. پوءِ درياهه گهوڙو عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ان وقت واءُ تيز لڳڻ شروع ٿيو. اسين هوڙي جي کُڻَ يعني پيٽ ۾ ويهي رهياسين. بُک سڀني کي لڳي، پر بُک ۾ منهنجي حالت ٻين کان وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳي. ناکئي الهڏني جو پُٽ قادر کُڻَ ۾ ويهي ماني پچائڻ لڳو، هوڙو درياهَه منجهه آهستي آهستي هلندو رهيو. ناکئو سُکاڻ تي ويٺو هو. ڀاڄي تيار پئي هئي. قادر ماني پچائي ورتي ۽ آواز ڏنائين: “ماني تيار آهي ۽ کير ٿورو پيو آهي.”
“ها! مون کي ماني ڏي.” منهنجي وات مان رڙ نڪري وئي، ڇو جو مون کي ڏاڍي بک لڳي هئي. پوءِ سڀئي ماني کائڻ لڳاسين. صرف ناکئو الهڏني ماني ڪونه کاڌي جو اهو هوڙو هلائي رهيو هو. ناکئو الهڏنو گابار درياهه ڏانهن هلڻ لڳو، جتي ناکئي الهڏني جو گهر هيو. ناکئو الهڏنو کڻ ۾ آيو ۽ ماني کائڻ لڳو، ان جو پٽ قادر هوڙي جي سُکاڻ تي وڃي ويٺو.
اسين ڪجهه وقت کانپوءِ گابار درياهه جي ڍوري تي آياسين. ڏٺوسين ته هڪ ماڻهو ويٺو آهي. اهو رڇ اُلاري رهيو هو. ڊاڪٽر جليل کٽي ۽ الهڏنو ان ڏانهن ڏسي آواز ڏنو ”اي محمد مالهيا ڪهڙا حال اٿئي...؟“
هوڙو اچي محمد مالهيو جي پاسي ۾ بيٺو، ڊاڪٽر لهي ويو. ان سان گڏ اسين به هيٺ لٿاسين.
محمد مالهيو سان هٿ ملائي ان جي پاسي ۾ ويهي رهياسين. ڪجهه دير تائين ڪچهري ڪري پوءِ کانئس موڪلايو، ٻيڙيءَ منجهه آياسين، ٻيڙي هلندي ساڳي جاءِ تي ان ڍوري وٽ آئي، جتي لهي اسين سوکي جو ڦٽل شهر ڏسڻ وياسين.
ميرواهه درياههَ جي پُڇڙي مان نڪري ”مُٽڻي درياهه“ ۾ داخل ٿياسين. هوڙو پاڻي منجهه هلندو رهيو. ڪنهن مَهل آسمان ۾ گجگوڙ ٿي، ڪارا ڪَڪَر ڊوڪڙيون پائڻ لڳا. اهي ڪڪَر اهڙا گهاٽا ۽ ڪارا هُجن، جو اُنهن کي ڏسندي، خوف پيو ٿئي. وري ڪارا گهاٽا ڪَڪَر انهن جي گجگوڙ ٿي تنهن ڏڪائي ڇڏيو پئي. چئني طرفن کان گهُگههُ اونداهي ٿي وئي هئي.
مون کي ڪو پتو ڪونه هجي، هوڙو ڪهڙي طرف وڃي رهيو آهي. بس درياهه جا ڌڌڪا، آسمان ۾ بادلن جي چمڪاٽ ۽ ڪڙڪاٽ، ڪنهن مَهل ڏڪايو ڇَڏي. ڊاڪٽر جليل ”مُٽڻي درياهه“ جي ٻنهي ڪنڌين ڏي نهاري پوءِ اوڀر جي پاسي ڏانهن اشارو ڪري چيو:
اسين مُٽڻي درياهه مَنجهه هلون پيا، درياهه جي اوڀر واري ڪنڌيءَ تي ”رونجهن“ ذات وارن جا گهر آهن. مان خاموش ويٺو ڊاڪٽر جي ڳالهه ٻڌان پيو.
”هاڻ هوڙو اوڀر واري ڪنڌيءَ جو پاسو وٺي هلي ٿو. ڪجهه دير کانپوءِ ”نانگ“ واري درياهه“ منجهه هلندو. پوءِ وڃي “آڌياڙي درياهه” ۾ داخل ٿيندو. ناکئن ۽ خلاصين جون اهي ڳالهيون ياد ٿي آيون جن ماڻهن، ملاحن جون ٻيڙيون سامونڊي طوفان ۾ تباهه ٿي ويون هيون، تختو تختي سان نه مليو هو، اهي سڀ منظر منهنجي خيالن م فلم وانگر ڦرندا رهيا، اونداهيءَ ۾ اکيون اٽڪايون ويٺو هجان. درياهه جي گس پنڌ جي ڪا خبر پوي ڪونه پوي ته ڪٿي پيا هلون، ۽ ڪٿي پهتا آهيون؟ ڪنهن وقت ڊاڪٽر جو آواز آيو ۽ ان ٻڌايو ته:
“هاڻ اسين “آڌياڙي درياهه” منجهه آهيون. هي درياههَ اڳتي ڏکڻ ۾ وڃي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو.” اوچتو واءُ ۾ تيزي اچي وئي. مون کي ائين لڳو، ڄڻ سامونڊي طوفان اچي ويو آهي. تيز هوائن تي ٻيڙي پينگهه جيان لڏي رهي هئي، ڪنهن مهل هڪ پاسي تي لڙي ٿي وئي ته ڪنهن وقت ٻئي پاسي لاڙو ٿي ڪيائين. ٻيڙيءَ جي لُڏڻ ڪري ۽ آسيري پاسيري ٿيڻ سان ذهن م سوين خيال ورائي ويا. جڏهن ٻيڙي ڪنڌي جي پاسي اچي هوري هلڻ لڳي ۽ اُهي لوڏا ختم ٿيا ته پيٽ ۾ ڪجهه ساهه پيو. درياههَ ۾ هوڙو ٻار جي پينگهه جيان لُڏي رهيو هو. هوائون تيز گهلي رهيون هُجن جيڪي مينهن جي اَچڻ ۽ وَسڻ جو اشارو ڏئي پئي ويون. درياهه ۾ تيز واهه ۽ طوفان هلندا رهندا آهن، نئين ماڻهو جي لاءِ ڏکي ڳالهه هوندي آهي پر روزانو جن ماڻهن جو دريائي ڌنڌو هوندو آهي. اهي طوفانن جا عادي ٿي چڪا هوندا آهن، پر نئين ماڻهو کي عجيب ڀئو ٿيندو آهي. ڪجهه سيڪنڊ مس گذريا ته مينهن جي ڪڻين جو وسڪارو شروع ٿيو. کُڻ مان ناکئي پلاسٽڪ ڪڍي اسان کي اُن ۾ ڍَڪيو ۽ پاڻ سُکاڻ تي ويو. پُٽ کي به پنهنجي ڀر ۾ ويهاري ويٺو. کُڻ ۾ (هوڙي جي پيٽ) ۾ ڊاڪٽر ۽ آئون هجون. مان مينهن جو مزو وٺڻ جي لاءِ کُڻ مان نڪري هوڙي جي موريءَ واري حصي وٽ بيهي رهيس. مينهن تيز هجي، پوءِ بيهي ڪونه سگهيس، اچي کَڻ ۾ ويهي رهيس.
ناکئو الهڏنو آواز ڏنو “اسين آڌياڙي درياهه ۾ پيا هلون.” ناکئي جو آواز ٻڌي هوڙي کان ٻاهر ڏٺو، سواءِ اونداهيءَ جي ڪُجهه ڪونه ڏسڻ ۾ آيو. ناکئو الهڏني کي درياهي گس، رستن، پيچرن، ڍورن، ڇاڙن جي سڀ سُڌ هئي.
”ناکئو اُن کي چوندا آهن، جيڪو درياهه جا گس پنڌ، هيٺ مٿانهيون وغيره ڄاڻي. ناکئو هڪ لقب آهي. اهو لقب اُن ماڻهو کي ملندو آهي، جيڪو درياهه جي گس پنڌ ڄاڻ رکندو آهي. ان وقت درياههَ جي ڌڌڪن، بادلن جي گجگوڙ ۽ برسات به گهٽ ٿي وئي، پوءِ ناکئو ان جي پٽ الهڏنو خاصخيلي ۽ ڊاڪٽر جن جي چهرن تي ڏٺم ته اُهي سڪون سان ويٺا هجن.
درياهه ۾ هوڙو هلي رهيو هو، ڪنهن وقت اڇي چمڪندڙ شيءِ جا ٺينگ ٽپا ڏٺا. ناکئو وراڻيو ”سائين! درياهه ۾ مڇين جي راند ڏسڻ وٽان آهي. درياهي مڇيون هوڙن ۽ ٻيڙين جي مٿان ٺينگ ڏئي هليون وينديون آهن.ڪي ننڍڙيون وڏڙيون مڇيون ٻيڙيءَ ۾ ڪري پونديون آهن. هنن مڇين جا ڇلر يعني بُت واري کَل اڇي ۽ چمڪندڙ ٿئي ٿي. جيئن بجلي چمڪندي آهي، تيئن انهن جو بدن چمڪي ٿو. مڇي جو شڪار ڪري برف جي نادين ۾ وجهي بند ڪندا آهيون ته انهن مڇين جو چانديءَ جهڙو بدن برف ۾ ڪارو ٿي ويندو آهي. مڇي جي کل (ڇلر) برف ۾ پنهنجي سونهن وڃائي ڇڏيندي آهي.
ٿڌڙي وڻندڙ هوا گهلي رهي هئي. چؤڦير اونداهي ئي اونداهي هئي. باقي موسم وڻندڙ واهه جي ٿي پئي هئي. اسين موري تي اچي ويٺاسين ڊاڪٽر چيو ”ناکئا! چانهه پيار.”
ناکئو الهڏنو سکاڻ تان لهي آيو، اُن جو پٽُ اُتي سُکاڻ تي وڃي ويٺو. ناکئو درياهه ڪنڌين ڏانهن ڏسي ڏکارو ٿيندي چيو: ”ادا درياهه جون ڪنڌيون ويران ڏسين پيو. اڳي درياهه منجهه هلندا، هوڙا هڪليندا، ڪنڌين تي رونق ڏسي اندر ٺري پوندو هو. ڪنڌين وارا ماڻهو هٿ مٿي کڻي اولا ۽ اشارا ڪندا هئا “هيڏانهن اچو... جهٽ ويهو.” ڪي ماڻهو نالو وٺي سڏ ڪندا هئا. هاڻ ڪا ڪوڪار به ٻڌڻ ۾ اچي ڪونه ٿي. نه ڪنهن پکيءَ جو چِين چِين جا آواز آهن. اهڙي خاموشي ٿي وئي آهي جو هانءُ پيو ڦاٽي. هنن ڪنڌين کي ڏسي، اندر اَڌُ ٿيو پوي.” ائين چئي ناکئو ٿڌو ساهه ڀري چانهه ٺاهڻ ۾ لڳي ويو.
هوڙو “آڌرياڙي درياهه” ۾ هلي رهيو هو، درياهه جي ٻي ڪنڌيءَ سان هڪڙو هوڙو وڃي رهيو هو، ان هوڙي ۾ ويٺل ماڻهن مان هڪ ڄڻي روشني ڪري، اشارو ڏنو ته ناکئو الهڏنو اهو اشارو سمجهي ويو، هڪ وڏي آواز ۾ چيائين. “اهو هوڙو سائين محمد مولائيءَ جو آهي. شڪار تي وڃي پيو، ناکئو چانهه ٺاهي سڀني کي ڏني، مان چانهه جو ڪوپ کڻي مُهريءَ تان اٿي سکاڻ تي وڃي ويٺس. اُتي چانهه پيئڻ ۾ مزو آيو پئي. هوڙي جو پينگهه وانگر لڏڻ ۽ هلڻ چؤ ڦير اونداهي هٿ نه ڏسي هٿ کي، وري ٿڌڙي هوا جهومائي ٿي ڇڏيو. ايتري ۾ ناکئو شاهه جو شعر ٻڌائڻ لڳو، سو به وڏي آواز ۽ سُر سان.
نه سي تڙِ هوڙاڪَ، نه وايون وَڻجارن جُون،
سَرتيون! سامونڊرين جا اَڄُ پُڻِ چِڪيمَ چاڪَ
مارينهُون! فراق پاڙيحيون، پرين جا.
(شاهه سر سامونڊي، داستان پهريون)
***
نَنگرَ ۽ ناريون، پَڳَههَ کِڻي پنڌ ٿيا،
بندر بازاريون، سُڃا سامونڊين ري.
(شاهه سر سامونڊي باب پهريون)
ناکئي الهڏنو بيت ٻڌايا ته ڊاڪٽر جليل کان به رهيو ڪونه ٿيو. اهو هوڙي جي مُهريءَ تي ويٺو ناکئي الهڏني کي جواب ڏي. ناکئا! تو (واهه) جا بيت ٻڌايا... پر مي جو سُڻ.
هينئڙو ٻيڙيءَ جان، ڏُتڙ پئي ڏينهن ٿيا،
پُڇيو تان نه پِريان، ڪر لاهُو ٿي ڪَڏهين.
اوچتو آسمان مان کنوڻين جا ڪڙڪاٽ ۽ تجلا شروع ٿي ويا، اهڙا آواز ڪڏهن اڳي ٻڌا ڪونه هُجن. وري هلڪو وسڪارو لڳو. اسين مُهريءَ تي ويٺا رهياسين. ان گهڙيءَ درياهه ڏاڍو مزو ڏنو پئي. چانهه جو ڪوپ اڃا هٿ ۾ هيو. اهو مون چين تي رکيو ۽ چُسڪي ڀرڻ لڳس ته ڪوپ خالي هجي. اِها خبر ڪونه پئي ته ڪهڙي مَهل چانهه جي پيالي ختم ٿي. پوءِ ناکئي جو پُٽ قادر کي آواز ڏنو.
“ادا! چانهه کپي.”
ناکئي ڪنڌ ورائي پٽ کي چيو “چانهه چڱي ٺاهي هُئي، اڃا ٻاٽلي ۾ هوندي... کُڻ ۾ چانهه جو ٻاٽو ڍڪي رکيو آهي. اهو گرم ڪَرِ... چانهه سڀني کي پيار...”
ايتري ۾ وسڪارو جهڪو ٿيندو ويو. مينهن جي هلڪي ڪَڻ بدن کي ٿڦڪيون ڏئي رهي هئي. جيئن ماءُ پنهنجي ٻارکي ننڊ ڪرائڻ جي لاءِ ٿڦڪيون هڻندي آهي. برسات جي ڪڻين ۾ ٻيو درياهه جي وَچ ۾ ٻيڙيءَ جي لوڏن ۽ درياهه جون ڇوليون جيڪي هوڙي سان لڳي، وري واپس ٿي ويون، انهن کي ڏسڻ سان ڏاڍو مزو آيو پئي. مان درياهه جو مزو وٺي رهيو هئس. قادر هٿ وڌائي چانهه ڏني. هوڙو آڌياڙي درياهه کي ڇڏي ڪانئر درياهه ۾ آيو. ڪانئر درياهه جي ڪنڌيءَ تي ڪجهه گهر ڏسڻ ۾ آيا. انهن ڪچن ڪڙڪانن جي گهر مان هٿ بتيءَ جي روشني ننڍڙي ٻار جيان ليئا پائي رهي هئي. ڄڻ اها اسان کي اشارا ڪري سڏي رهي هئي. منهنجو ڌيان انهن گهرن ڏانهن هجي. ڊاڪٽر جليل اٿي سکاڻ تي ويٺل ناکئي ڏي ويو، کيس وڏي آواز ۾ چيو ”اسين اڳتي ڪونه هلنداسين. هن ڪنڌيءَ تي فقيراڻي جتن جا گهر آهن، اڄ رات انهيءَ ڳوٺ ۾ گذارينداسين.“
ناکئو الهڏنو هوڙي جو رخ ڦيرايو. هوڙو هلندو ڳوٺ جي پاسي واري ڪنڌي وٺي هلندو رهيو. هي ڳوٺ عربي سمنڊ جي پاسي ۾ هو. اڳيان ڪانئر نَر (ڪانئر نار) هئي، جتي درياهه عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. انگريزي ۾”ڪريڪ (Creck) چوندا آهن.
ڪانئر درياهه جي اولهه ۾ ڀاڳ فقيراڻي جتن جو ڳوٺ هُجي. ڪنڌي تي ڇَنن، منهن ۽ ڪڙڪانن وارا گهر هئا. انهن گهرن جي پاسي ۾ درياهه جي ڪنڌيءَ تي مسجد هئي. هوڙو جيئن ان مسجد جي پاسي ۾ بيٺو ته ڪي ماڻهو هٿ بتيون کڻي اسان جي هوڙي ڏي آيا. انهن اڳي ئي هوڙي جو آواز ٻڌو هو. ڊاڪٽر انهن کي سُڃاتو ۽ ناکئو به ڏسي انهن کي کيڪاريو. اسان هوڙي مان لٿاسين. سڀئي ماڻهو سڪ سان مليا. هڪ ڄڻو اسان جي اڳيان بتي کڻي هلندو رهيو. ٻيو اسان جي پويان بتي کڻي هلندو پئي آيو. ان جي هٿ ۾ لَٺَ به هئي. مسجد جي پاسي ۾ ڇنو جيڪا (اوطاق) هئي. اسين ان ۾ آياسين. اوطاق ۾ هڪڙو مهمان اڳ ۾ موجود هيو. ان سان ملياسين. هڪڙو همراهه پاڻي کڻي آيو. هٿ منهن ڌوئڻ جي لاءِ چيو، پوءِ ڇني کان ٻاهر نڪري هٿ مُنهن ڌوتوسين.
ڪجهه منٽ مس گذريا ته ماني اچي وئي، ڊاڪٽر مرڪي هڪڙي جَت کي چيو ”توکي خبر هئي ڇا...؟“
ڊاڪٽر! درياهه منجهه هوڙو هلي ته اسان کي پتو پئجي ويندو آهي. توهان جو هوڙو ڪانئر درياهه منجهه گهڙيو ته درياهي لهرن اسان کي اچي نياپو ڏنو ته مهمان اچن پيا. پوءِ هو اتي هوڙي جو آواز هوري هوري چٽو ٿيندو ويو ته سمجهي وياسين. اهو هوڙو اسان جي ڳوٺ طرف اچي ٿو. ڇو ته اڳيان عربي سمنڊ آهي. اوڏانهن ته ويندو ڪونه. پوءِ ٽن چئن ڄڻن جي ماني ٺهرائي ڇڏي. هوڙو جيئن ويجهو آيو پئي، اسان کي پڪ ٿيندي وئي ته اهي اسان جا مهمان آهن. پوءِ ڇني کان ٻاهر نڪري توهان جي طرف ڏٺو. هوڙي اسان جي ڳوٺ جي ڪنڌي وارو پاسو وٺيو پئي آيو ۽ اهو ڊاڪٽر جليل هوندو، هوڙو ته ساڳيو ئي آهي، ماني کائڻ کانپوءِ ڊاڪٽر سڀني جو تعارف ڪرايو.
”هي فقيراڻي جت آهن، اُٺ ۽ اُٺيون پاليندا آهن ۽ مڇيءَ وارو ڌنڌو ڪندا آهن. اصل ۾ هنن جو ڌنڌو اُٺين وارو هو، جيڪو صدين کان ڪندا پيا اچن، پوءِ ڪنڌيون اجڙيون ته ڪاروبار گهٽجي ويا. هتان جا ماڻهو روزي ڪمائڻ ۽ ٻچن کي پالڻ جي مڇي وارو ڪم ڪرڻ لڳا. هاڻي سڀني جو اهو روزگار آهي، پر فقيراڻي جت اڃان وڏڙن وارو ڌنڌو اُٺيون چارڻ ۽ وڪڻڻ وارو ڪم ڪندا اچن پيا. هنن جا وڏڙا ٻيڙن ۾ اٺ چاڙهي پرڏيهي ملڪن ڏي کپائڻ ويندا هئا. واپسي ۾ اهي مختلف وکرن ۽ سامانن سان ٻيڙا ڀرائي ايندا هئا. پوءِ اتي ويٺل جتن سان تعارف ٿيو. حاجي يعقوب جَت فقيراڻي، علي محمد فقيراڻي جت، عثمان فقيراڻي جت، هاشم فقيراڻي جت، جيڪو مهمان ڇني ۾ ويٺو هو. اهو به ذات جو جَتَ هُجي.
ڳالهه ٻولهه ۾ فقيراڻي جتن جو لهجو الڳ محسوس ٿيو. سامونڊي پٽي ۽ لاڙ ۾ جتن جون اُوڙڪون (ذاتيون ۽ پاڙا) گهڻيون آهن.
رات جو ڪچهريءَ ۾ فقيراڻي جت يعقوب قصو ٻڌايو ”هڪ ڀيري گڊاڻي درياهه (بلوچستان) تي شڪار ڪري رهيا هئاسون. ناکئو جانو خاصخيلي، خلاصي هيرو خلاصي مَنو مَگَر (مڇيءَ جو نالو) خلاصي چنيسر بوٿو (مڇيءَ جو نالو) خلاصي خيرو، خلاصي حاجي ملاح، خلاصي پوپو (مڇيءَ جو نالو) خلاص جانو ڪُرڙو (مڇيءَ جو نالو) خلاصي ٿيري (مڇيءَ جو نالو) خلاصي محمد مالهيو، خلاصي بالو بوهَڙ (مڇيءَ جو نالو) ڀَنڊاري (رڌ پچاءَ ڪندڙ) ميرو ملاح، سڀئي هوڙي منجهه هُجون. هوڙو پاڻي منجهه پينگهه وانگر لڏندو، جهومندو هلندو رهيو، صبح جو وقت هجي. سڀئي اميد ڪري شڪار گهورڻ (ڪرڻ) وڃون پيا. اوچتو هوڙي لوڏو کاڌو، هوڙي جو پاٽيو نڪري ويو ته هوڙو آسيرو پاسيرو ٿيڻ لڳو. سڀني پاڻيءَ منجهه ٽپو ڏنو، جان بچائڻ جي لاءِ آواز ڏيندا، هٿ مٿي کڻي ڪنهن سهاري لاءِ اشارو ڪندا ترندا رهياسين. جنهن هوڙي منجهه هئاسين، ان هوڙي جا ڀڳل ٽڪرا “پاٽيا” پاڻي منجهه لڙهندي ڏٺاسين. اوچتو هڪڙو هوڙو آيو. ان پري کان درياههَ منجهه ڀڳل هوڙي جي پاٽين ۽ پاڻيءَ ۾ اسان کي ڏسي ورتو هجي. جڏهن اهو هوڙو ويجهو آيو ته اهو ناکئي اَلو خاصخيلي جو هجي. پوءِ ان هوڙي وارن مڙسي ڪري اسان جي هوڙي وارن ماڻهن کي بچائي ورتو ۽ پنهنجي هوڙي منجهه چاڙهي ورتو.
هن درياهه جي ڌنڌي ۾ اهو پتو نه پوندو آهي ته اڳيان ڇا ٿيڻ وارو آهي، ڇا ٿيندو... ڪهڙو واقعو يا حادثو ٿيندو. بس اميد جي ڏور پڪڙي توڪل تي هلندا رهندا آهيون. پوءِ اٿي ڇني کان ٻاهر نڪري عربي سمنڊ جو نظارو ڪرڻ لڳس. ڪانئر درياهه جي ڪنڌي تي ٺهيل گهرن مان نڪرندڙ روشني درياهه جي پاڻي ۾ ڇاپا (عڪس) اولڙا ٺاهيندي رهي هئي، انهن کي ڏسڻ بيهي رهيس. ٿڌڙي هوا به لڳي رهي هئي، ايتري ۾ ڊاڪٽر ٻاهر نڪري آيو. ٿوري گهڙي اتي بيٺا رهياسين.
صبح جو سوير سج جي ڪرڻن ڇني جي ڪانن مان اندر جهاتي پائي تماشو لائي ڏنو هو ته اک کلي وئي. اسين سڀ اٿياسين ته چانهه سان گڏ نيرن اچي وئي. ڇني جي سنهڙين ڪاٺين منجهان ڪلراٺي زمين تي ٻاڪري مال جون ڪڏڪاريون، ڌنارن جا آواز اندر ٿي آيا، هوا تيز گهلي رهي هئي. نيرن ڪري سڀني سڄڻن کان موڪلايوسين. هاڻي ڪانئر درياهه منجهه هوڙو هلڻ لڳو... درياهه جي ٻنهي پاسن کان ويران ڪنڌيون ڏسڻ ۾ ٿي آيون. ان وقت سج چوٽ چڙهيل هو، ڪنڌين تي ننڍڙا لاڻا ۽ گاهه ڏسڻ ۾ ٿي آيو... باقي ڪو وڻ ڪونه هُجي. هوڙو هلندو رهيو.
هاڻي اسين ڪانئر درياهه کي ڇڏي وري باغ واري درياهه ۾ آياسين. اسان کي ٽِڪو ڳوٺ ڏي وڃڻو هُيو. هي ڳوٺ سمنڊ جي پاسي ۾ هُجي.
باغ واري درياهه کي واٽيءَ واري درياهه به چوندا آهن. واٽيءَ واري درياهه جي اولهه ۾ فقيراڻي جتن جا گهر ۽ لکين ذات وارن جا گهر هئا. ناکئو الهڏنو آواز ڏنو.
“مِکي بُک لڳي آ. هوڙو ڪنڌيءَ سان بيهاري شڪار گهوريندس (گهوريندس:مڇيءَ جو شڪار ڪندس).” پوءِ درياهه جي ڪنڌي سان هوڙو بيهاريو. جنهن جاءِ تي ڍورو هجي. ڪنڌي تي ڪنهن ڪنهن جاءِ تي ٻه ٽي ننڍڙا ٻوٽا ڏسڻ ۾ آيا، باقي سمورو پَٽ کارو، ڪلراٺو هُيو.البته تمرن جا وڻ ڪٿي ڪٿي نظر آيا.
ناکئو الهڏنو سُکاڻ (سُکاڻ:هوڙي جو پويون حصو مُهري وارو حصو يعني اڳيون حصو) تان اٿي کُڻ (کڻ: هوڙي يا ٻيڙي جو پيٽ اندر جو حصو) منجهه آيو، پٽ قادر کي آواز ڏنو اَبل! رڇَ (ڄار) کُڻ مان کَڻ ته هلون... رَڇَ جو ننڍڙو ٽڪرو هنن کنيو، هوڙي مان لهي درياهه جي ڪنڌي تي ويا. ٿورو اڳيان پاڻيءَ جي ڇاڙ هئي. ان ڇاڙ ۾ رَڇَ هڻي شڪار ڪرڻ لڳا.
جڏهن درياهه موج مستين سان وهندو هيو، سامونڊي پٽيءَ ۾
اچي پنهنجيون ڇاڙون ڪَڍي، کنڊرجي پکڙجي ويندو هيو. هن جي ڇاڙن کي درياهه جي مختلف نالن سان سڏبو آهي. درياهه جون ڪنڌيون سرسبز آباد، قسمين قسمين جا گاهه ٻوٽا ۽ تمر جا وڻ جيڪي ڪنڌين جي سونهن هوندا هئا. ڪنڌين تي ڀاڳين جا چهرا ٻَهڪندا، کِل خوشيءَ جون چوڪڙيون ۽ ٽوليون، درياهي ڪنڌن تي ٽلنديون هيون ۽ هير اهي پٽ اُجڙيل آهن. انهن پَٽن کي کاري پاڻيءَ ڦٽائي اجاڙي ڇڏيو آهي. نه وڻ نه واهرو ڏسجي ٿو.
سامونڊيءَ پٽي ۾ تمر جا وڻ ڀاڳين جي لاءِ ڏڍ ۽ سهارو هوندا هئا. تمر جا وڻ سندن گهر اڏڻ، جايون ٺاهڻ ۾ ان جون ڪاٺيون ٽانڊو ٻارڻ جي ڪم اينديون هيون. ايتري ۾ منهنجي ڪنن تي آواز آيو... ڪنڌ ورائي ڏٺو ته هڪڙو هوڙو اسان جي هوڙي ڏي اچي رهيو هو. ان ۾ ويٺل خلاصين مان هڪ خلاصي (خلاصي: هوڙي ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو) آواز ڏنو ”ناکئا! الهڏنا ڪِڄا پيو ڪرين؟“
ناکئو الهڏنو اڃان ڍوريءَ ۾ بيٺو هيو، تنهن آواز ٻڌو ۽
ان خلاصيءَ کي سُڃاڻي ورتو پوءِ وڏي آواز ۾ جواب ڏنو.
مگر خلاصي مڇي وتايان پيو؟
(نوٽ ) مَگَر مڇيءَ جو نالو آهي. نائکا ۽ خلاصي پاڻ تي مڇين جا نالا الڳ سڃاڻپ طور تي رکندا آهن.
مگر خلاصي وڏي آواز ۾ ورندي ڏني ناکئا! وِيسي گهُرجئي، اسان وٽ جهجهي آهي. مگر خلاصي سمجهي ويو... ناکئو هوڙي بيهاري مڇي ماري کاڌو تيار ڪندو، تنهنڪري ان کان وِيسي (سيڌو سامان) جي باري ۾ پُڇيو.
”مگر! مهرباني.... وِيسي آهي، کڻ ۾ رڌ پچاءُ جو سامان آهي. ايتري ۾ اهو هوڙو جنهن مان مگر خلاصي ڳالهائي رهيو هو. اسان جي هوڙي ڀرسان آيو. سڀني ماڻهن هٿ مٿي ڪري کيڪار ڪئي. ان هوڙي ۾ ويٺلن خلاصين ڊاڪٽر کي سڃاتو ۽ کلي آواز ڏنو.
ڊاگدر! تون ناکئي سان گڏ آيو آهين...؟
”ها... اچو چانهه پاڻي پيو...؟
ڊاگدر! هلون پيا.... پري وينداسين، جتي جهجهو شڪار لڳو. اُتي رَڇَ هڻنداسين.
”چڱو مهرباني.“
پوءِ هوڙو آواز ڪندو هلندو ويو. درياهه جي لهرن ۾ اسان جو هوڙو پينگهه جيان لڏي رهيو هو.
ناکئو الهڏنو مڇي ماري کڻي آيو. مڇي جا ڇَلر چاندي جي پَنَن جيان چمڪي رهيا هُجن. ناکئو ۽ اُن جو پُٽ ٻئي رڌ پچاءَ ۾ لڳي ويا. ڊاڪٽر اڃان درياهه جي ڪنڌيءَ تي هيو. سج جا ڪرڻا پاڻي ۾ تجلا ڏيندا ٿي رهيا.
الهڏنو هوڙي جي کڻ مان هڪ وڏو دٻو کنيو، ان کي کولي مرچ مصالحن واريون پُڙيون کنيون. قادر مڇيءَ کي ڇلي چير ڏئي ڇڏيا هُجن. ۽ اَٽو ڳوهڻ ۾ لڳي ويو.
”سامونڊي ۽ درياهن تي شڪار گهوريندڙ (شڪار ڪندڙ) ماڻهو پاڻ سان ”ويسي“ ضرور کڻندا آهن. اِهي ويسي يعني سودو سَڙو کانسواءِ هلندا ڪونه. نه ڪو وري شڪار ڪرڻ ويندا.
شڪار ڪرڻ ۾ گهڻا ڏينهن لڳندا آهن، تنهن لاءِ پنهنجو پورو بندوبست ڪري ويندا آهن. تيل جا وڏا ڪين. ڊرم ڀرائيندا جهجهي ويسي (سامان) جنهن ۾ رڌ پچاءَ وارو سامان، بصر، پٽاٽا، چانور، اٽو، تيل، گرم مصالا، لوڻ ۽ مرچ ۽ ٻيو سامان کڻندا آهن. ڪيترا خلاصي ۽ ناکئا پاڻ سان تماڪ واريون پڙيون، گُٽڪو، سگريٽ، پَن جون ٻيڙيون، انهن جا بنڊل پاڻ سان کڻي ويندا آهن. شڪار تي نڪري ناکئا ۽ خلاصي پنهنجو پورو بندوبست ڪري پوءِ تڙ (درياهه جي ڪنڌي) ڇڏيندا آهن. جيترا ڏينهن انهن کي درياهه ۾ رهڻو هوندو آهي، اُنهن ڏينهن کان ڪجهه وڌيڪ ڏينهن جي لاءِ ويسي (سيڌو سامان) کڻي ويندا آهن. درياهه ۾ هلندي ٻيڙائتا ماڻهو هڪٻئي جي جَهجهي مدد ڪندا آهن ۽ هڪٻئي جو سهارو هوندا آهن. شڪار ڪندڙ ۽ درياهه منجهه هلڻ وارو پنڌ ڏاڍو اڙانگو ۽ ٿڪائيندڙ ٿيندو آهي.
اسين ڳچ وقت ڪنڌيءَ وٽ بيٺا رهياسين. ماني تيار ٿي وئي. ڊاڪٽر جليل آيو، جيڪو ٿورو اڳ ڪنڌيءَ تي پسار ڪري رهيو هو. پوءِ اسان گڏجي ماني کاڌي سون. باغ واري درياهه جي هڪ ڇاڙ اُتر طرف ۾ شڪرانو درياهه سان ملي ٿي. اها ڇاڙ مَل درياهه مان گذري وري ڪانئر درياهه سان گڏجي پوءِ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. درياهه جون وڏيون ڇاڙون هونديون آهن، جن مان هوڙا، ٻيڙيون گذري ويندا آهن، انهن ڇاڙن کي درياهي ماڻهو “کِناڻي” سڏيندا آهن.
سامونڊي پٽيءَ ۾ ننڍن وڏن درياهن سان گڏ ڇاڙن، کارين جو ميلو لڳو پيو هوندو آهي. هڪ درياهه منجهان نڪرندڙ ڇاڙ گهمندي ڦرندي ور وڪڙ کائيندي ٻين درياهن مان گذرندي ويندي آهي يا ڪي ڇاڙون هڪ درياهه مان گذري ٻئي درياهه مان گذري وينديون آهن.
سامونڊي پٽي ۾ ڍورن ۽ ڇاڙن ۽ ننڍڙين ڍورين جو رنگ يا انهن جي هلت چلت به ڏسڻ وٽان آهي. ٿوري جهٽ جي لاءِ اهو تصور ڪجي ته جنهن وقت جام پاڻي سنڌو درياهه ۾ هوندو هو، تنهن وقت اهي ڍورا، ڍوريون، کاريون، ڇاڙون سونهن ڀريون نظر اينديون هونديون. درياهن جون ڪنڌيون مهاڻن، ٻين ذاتين وارن ماڻهن جي محبت سان مُنڊيون پيون هونديون. واهه جو نظارو هوندو...!! اهو سوچيندي اندر ۾ کاڄي ويس.... درياهه جي ڪنڌيءَ کي جنهن وٽ هوڙو بيٺل هجي، ان کي ڏسي ڪونه سگهيس.
ايتري ۾ ناکئو چانهه کڻي آيو ”ادا چانهه پيو، هاڻي هيءَ ڪنڌي ڇَڏي اڳتي هلنداسين... شام جو سانجهي جي مهل ٽِڪو ڳوٺ ۾ منزل آهي.“
چانهه پيئڻ تي دل نه پئي چوي، هوڙو هلڻ لڳو. درياهه ۾ سنهڙين مڇين جي راند ڏانهن ڌيان ڇڪجڻ لڳو. مڇيون پاڻيءَ مان نڪري مٿي وڃي وري پاڻي ۾ ٽپي ٿي هنيائون. مون کي ڳوٺ نصير آباد وارو چيلو واهه ياد اچي ويو، جتي اسين چار پنج دوست چيلو جي مٿاهين ڪپر يا موريءَ تي بيهي پاڻيءَ منجهه گهتون، ٽٻيون ڏيندا هئاسين. اهو منظر ذهن ۾ اچي ويو. چانهه جي سُرڪي ڀري وري درياهه منجهه مَڇين جي راند ڏسڻ لڳس. ٻه ٽي مڇيون پاڻيءَ مان نڪري ٽپ ڏئي هوڙي جي مٿان اُڪري ٻئي پاسي پاڻي ۾ وڃين ڪِريون. انهن مڇين جا ڇلڪندڙ ڇلر کنوڻ وانگر چمڪو ڏئي ٿي ويا. درياهه ۾ هوڙو هلندو رهيو. چؤڦير پاڻي ئي پاڻي هُجي. درياهه منجهه پري کان سنڌي گيتن آواز ٿي آيا.
ناکئو الهڏنو سکاڻ کي ڇڏي اسان سان اچي ويٺو. ادا گيتن جو آواز ٻڌين پيون... اهي هوڙا شڪار تي وڃن ٿا ۽ ڪي هوڙا شڪار ڪري موٽيا آهن. هاڻ اهي گيت ڳائيندا اچن پيا. لڳي ٿو، انهن کي جهجهو شڪار لڳو هوندو. هاڻ منهنجي دل چوي ٿي ته اسين به شاهه سائين جا بيت ڳايون. ڪجهه آئون بيت ٻڌائيندس، پوءِ ڪي شعر ڊاڪٽر ٻڌائيندو.
وَٽَ وَٽَ وَٽيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ منڊ ٻئو،
قدر ڪيف ڪلاڙ، جو پيا ڪن پئو،
اَچن درس دڪان تي، ڪَنڌ قبول ڪيئو،
سُرَها سرِ ڏِئو، چکنَ سُرِڪَ سينڌ جي.
پوءِ ڊاڪٽر شعر ٻڌايو:
لَهرِن ليکو ناهِ ڪو، جِتِ ڪَپَر ڪُن ڪارا،
اڇارا عميق جا، اَچن اوڀارا،
اُٿي اَسارا! وِير وڙهنديءَ ويسرا.
(شاهه)
درياءَ جي ڪنڌي ڏانهن نهاريندي مون کي ساجد سنڌيءَ جو شعر “سمبارا” جون سٽون ياد اچي ويون.
ڪانهه ڪنڌيءَ جون سرگوشيون،
کن پل مرڪن، کن پل روئن.
ڳالهه ڪُنن جي ڪن آ پهتي،
لهرون لهرون ساڳي سُس پُس.
هن رت ڪهڙي راند رچائي،
اُڀ جو سينو سوڙهو ٿي پيو.
هوڙو هلندو رهيو، باغ واري درياهه جي اولههَ ۾ “واٽي واري ڍوري” تي فقيراڻي جتن جو ڳوٺ هو. فقيراڻي جتن جي ڳوٺ جي سامهون باغ واري درياهه جي اوڀر ۾ ٽِڪو جو ڳوٺ هيو. هي ڳوٺ ونگائي جتن جو هو. ڪجهه دير کانپوءِ هوڙو ”مَل درياهه“ ۾ داخل ٿيو. مَل درياهه پراڻي شاخ سنڌو درياهه جي آهي. اڳي مَل درياهه ديهه باگاڻا مان نڪرندو، ديهه ڇوڙ گُجو، ديهه موسيٰ ۽ ديهه سلطان پور، ديهه ميران، ديهه ڪُن ۽ ٽِڪو جي وچ مان گذري عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، پر هاڻي مَل درياههَ ديهه ميران مان گذري عربي سمنڊ ۾ پوي ٿو. سامونڊي پٽيءَ ۾ ڇاڙون هڪ درياهه مان نڪري وري ٻي درياهه منجهه پوَنَ... وري اتان نڪري ٽئين درياههَ منجهان گذري وڃن. درياهه جا رُخ ڦرن ٿا ته ڇاڙون به ڦٽيو وڃن، پوءِ وري نيون ڇاڙون درياهه منجهان ڦوٽهڙو کائن (نڪرن) ٿيون.
ٻيڙيءَ درياههَ جي اُڀرندي ڪنڌيءَ سان هلندي رهي ناکئو ٻيڙيءَ جو رُخ درياءُءَ جي پيٽ ڏانهن يعني وچ ڏانهن ڪيو ته ڊاڪٽر آواز ڏيندي.
ناکئا! اُراڙ ڇڏي پَراڙ پيو هلين؟
ناکئو ڪنڌ ورائي، وڏي آواز ۾ سُر سان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو بيت ڳائڻ لڳو.
اوراڙ نهَ پَراڙ، ويچاري وهه وچ ۾
سُڪي ڏني سُپرين، ٻيو مڙئي تار
گهڙ تون ڪيم نهار، ٻُڏندن سين ٻاجهون ڪري
ڊاڪٽر جليل کٽي چوڻ لڳو،
“ادا، اسان کي هلڻو ئي پرين ڪنڌي تي آهي”.
ٻيڙي وچ درياهه” ۾ پهتي ته درياهن جون لهرون ٻيڙيءَ کي پينگهه جيان لوڏو ڏيڻ لڳيون. درياهه جي اٿندڙ تيز لهرن ۾ مَڇين جا ٺينگ ٽپا ڏسڻ وٽان هُجن. مَڇين جي بُت جا ڇلر چانديءَ جي ورقن جيان چمڪندا نظر آيا پئي. لهرن مان مڇين مَٿي بُل ڏئي ٻيڙيءَ مٿان ٻئي پاسي گتون ٿي هنيائون. مڇين جو اهو اڏرڻ ڏسي ڪجهه گهڙي ماٺ ٿي ويس. جيڪڏهن ڪئميرا هُجي ها ته مڇين جا ٺينگ ٽپا ڏيڻ، ٻيڙيءَ جي مٿان بُل کائڻ وارا منظر محفوظ ڪري وٺان ها. “ٻيڙي وچ درياههَ” ۾ هلندي ناکئي چيو، حاجي دبلي ناکئي جي هوڙي وڃي پئي. اهو ريلو ريڙهيءَ مياڻ جو آهي. ريڙهي ڳوٺ جا ماڻهو “هوڙو” يا “هوڙي” جا لفظ گهڻو استعمال ڪندا آهن” ٻيڙي وچ درياههُ ۾ هُجي، تيز هوا تي ٻيڙي لوڏو کائي، آسيري پاسيري ٿيندي رهي. ٻيڙي ڪنڌي جي پاسي هلي رهئي هئي، ٻيڙيءَ کي اُهي لوڏا ڪونه هئا. جيڪي وچَ درياههَ منجهه هئا. درياهه جون ڪنڌين تي وڻ ٽڻ ڪونه هئا. ڪنهن هنڌ تي هڪ ٻه ننڍڙي قد وارا لاڻا ۽ پٽ تي ڄاريون پکڙيل هيون. اُن پٽ تي پاڻيءَ جي پوسل هئي.
ناکئي ڪنڌ ورائي، پنهنجي ڀرسان ويهڻ جو اشارو ڪيو. آءُ موريءَ تي ويٺو هوس. ٻيڙيءَ جي “کُڻ” ۾ لهي ويس. هي ٻيڙيءَ جو اندريو حصو هيو. جنهن کي درياههَ جا ماڻهو “کُڻ” چوندا آهن. کڻ ۾ سيڌي سامان سان گڏ، ننڍڙو “رَڇ” يعني ڄار پيو هجي. جنهن سان مڇي ماري کاڌي هئي سون. ڪوهستاني علائقي جا ماڻهو خاص طور واڍيلا بلوچ “رَڇ” جو لفظ رڌ پچاءُ وارن ٿانَون جي لاءِ استعمال ڪندا آهن.
“ادي! رَڇ اوري ڪَر” ادي! ٿانوَ اوري ڪر.
جڏهن سکاڻ تي اچي ويٺس ته ناکئي چيو اسين لاڙ جا ماڻهو پاڻيءَ سان ڍورين ۽ کناڻين سان واسطو رکون. جڏهن ٻيڙي ۾ هُجون ته شاهه ڀٽائيءَ جا بيت ۽ وائيون ڳائيندا آهيون. پوءِ پنڌ ۽ سفر جو پتو نه پوندو آهي ۽ ماڳ تي رسي ويندا آهيون. ناکئو درياهن جي ڪنڌيءَ ڏي ناري (نهاري) چيو. ڪنهن وقت هي ڪنڌيون ڪَر کڻي نهارينديون هُيون ته درياههَ منجهه هلندڙ ٻيڙائتن جا ڪنڌ به ڪنڌين تي رهندڙ ڀاڳين ڏانهن لڙي ويندا هئا. هنن ڪنڌين تي وڏا ميلا، ملاکڙا، ڳئڻ وڄائڻ ٿيندا هئا. رات ڏينهن ماڻهن جون محفلون مچنديون هيون. وري “سوکي بندر” تي وڃون، واههَ جو مزو اَچيو وڃي. سوکي بندر جي پاسن ۾ سوين ڳوٺ آباد هئا. روزانو سوين ماڻهو سوکي جي پاسن کان ڳوٺن ۽ تَڙنَ (پتڻن وارا ننڍڙا بندر) کان ماڻهو صبح ۽ شام جو سوکيءَ ۾ ايندا هئا، ڪي وري مزوريءَ جي ڪرڻ لاءِ “بندر” تي سوير ايندا هئا”.
ڊاڪٽر جليل کُڻ مان نڪري سُکاڻ تي آيو، الهڏنو خاصخيلي موريءَ تي ويٺو هُجي، هُن وڏي آواز ۾ چيو:
مِکان بيت سُڻو، اسان ڪنڌ ورائي هٿ جو اشارو ڪري چيو ، ادا، وڏي آواز سان ۽ سُر سان ٻڌاءِ.
ايتري ۾ ڪَڪَر آسمان ۾ ڪٺي ٿي ويا. موسم جهڙالي ٿي وئي، ٿڌڙي هوا گهلڻ لڳي. آهستي آهستي هوا ۾ تيزي اَچي وئي، ائين لڳو ڄڻ وڄون وسڻ واريون آهن. ايتري ۾ الهڏني خاصخيلي بيت ٻڌايو
بندر بارو بار مُلهه نه ملي واريين
فقيراڻي پار، اَمل ڏين اتوريا
ڊاڪٽر جليل وارو سومرن جي دؤر جو شاعر پير پَٺو جو شعر پڙهيو.
ديبل پاس ڌڪليجي، آيو آب اُپار
مڪلي ماڳ مٿاهين ٿياسين.
سُکاڻ تي ڪنهن ڪنهن وقت لهرون پاڻيءَ ڇنڊا اسان جي مٿان وسائي هليون ٿي ويون. مان سکاڻ تان اُٿي وري موريءَ تي اچي ويٺس، منهنجن ذهن ۾ سامونڊري پٽيءَ وارا “بندر” واسو ڪرن لڳا، ڊاڪٽر چيو، جن رسالن ۽ ڪتابن ۾ “بندرگاهن. جي باري ۾ پڙهيو اُهي ياد آهن آيا. ڇو ته جنهن هنڌان اسان ٻيڙيءَ منجهه هلي رهيا، سا لاڙ جي سامونڊي پٽي هئي هن پٽيءَ ۾ سنڌو درياهه جا ڪيترائي سوَن جي تعداد ۾ ڦاٽ آهن. جيڪي هاڻ درياهن جي نالن سڏجن ٿا. هي پٽيءَ سنڌ جي ڀاڳن واري پٽي سڏبي هئي، ڇو ته هتي گهڻا سامونڊري بندر هئا. جن مان اڻويهه ويهه وڏا مشهور بندرگاهه هئا.
آءُ خيالن ۾ ويٺو هئس ته ناکئي جو آواز ڪَن رتي پيو.
هير شاهه جو شعر ٻڌو، پوءِ چانهه جو وارو ايندو”.
سامونڊي ساري، مٿي تڙ گذاريان
مون کي ٿي ماري، اُنهين سندي ڳالهڙي
واهه ... واهه .. ناکئا “جليل جي وات مان لفظ نڪري ويا. ناکئو خوشي ٿي، سکاڻ تان لَهي ٻيڙيءَ جي کُڻ ۾ ويو. اُن مان ٻاٽو کڻي، ٻيڙي کان ٿورو جهڪي درياههَ جي پاڻي ۾ ٻاٽو وجهي، اُن کي هٿ سان صاف ڪري، پوءِ کڻ ۾ رکيائين. کڻ مان چانهه جا چار مگا کڻي، اُنهن کي به درياهه جي پاڻيءَ ۾ صاف ڪيائين. نائکو کڻ ۾ ڪُلَ (چلهه) جي ڀرسان آيو. اُن ۾ سنهڙيون ڪاٺيون وجهي، تيلي ٻاري ته ڪاٺيون ٻرڻ لڳيون ۽ ڪَل مان دونهون ٻاهر آيو. ٻاٽو کڻي اُن ۾ کير ۽ چانهه جي پتي ڪَل تي رکيائين. پوءِ کڻ مان اُٿي، درياههَ جي ڪنڌيءَ ڏانهن ڏسڻ لڳو. هن جي اکين ۾ آلاڻ اچي وئي. سندس چهري تي مايوسي ۽ اداسي اڀري آيس. پوءِ ڏکاري انداز م چيائين.
ادا، اِهي پَٽَ جن تي اسين، پنڌڙا ڪيا، مائٽن سان گڏجي عزيزن ڏي ايندا هاسين. هاڻ اُهي ڳالهيون ياد ڪري اندر ۾ اَڌَ ٿي ويندو آهيان. هن سامونڊيءَ جي پٽن تي پيار پلجندا هئا. هَر ڪنڌيءَ تي ماڻهن سان ڇَنا، مَنَهه ڀريا پيا هوندا هئا، ڀاڳيا آيل کي ڀاڪر پائي جيءَ ۾ جايون ڏيندا ها ته ڪٿي ميلن جو ڏيک ڏسڻ ۾ ايندو هو. اڙي .. “اوچتو ناکئي کان دانهن نڪري وئي ۽ ڪُل ڏانهن وڌي ويو... جي هي چلهه تي نه اچي ها ته چانهه واري ٻاٽي مان چانهه هارجي پوي ها.
ناکئا! ڳالهائين جَهجو پيو ڪرين” الهڏني چيس.
ادا! ڳالهيون پيٽ ۾ جو آهن، ڀلا اِهي ڪيئن ٻاهر نڪرنديون.
ڊاڪٽر ۽ مون کان کل نڪري وئي. ناکئو چانهه ٺاهي پهرين الهڏنو خاصخيلي کي چانهه ڏني، پوءِ اسان کي چانهه ڏيڻ لاءِ سکاڻ تي آيو. سائين سوکي بندر تي هر سال وڏا ميلا لڳندا ها. اسان ننڍپڻ ڏٺا، بندرگاهه کان ٿوري سڏ پنڌ تي سوکيءَ جو شهر هو. ماڻهو بيل گاڏين تي سامان ڍوئيندا هئا. ڪي اُٺن ۽ گهوڙن تي سامان کڻي بندر تي ايندا هيا. اسان کي عالي پاتڻي “بندر تي لاهيندو هو ته پوءِ پنڌ سوکي ويندا هئاسين”. ناکئو چانهه جو مگو ڏئي هليو ويو.
ناکئي جا لفظ “سوکيءَ تي هر سال ميلا لڳندا هُئا”. بندرگاهن تي ميلن ملاکڙن ۽ بيل گاڏين، ڏاند ۽ اُٺن جون ڳالهيون، بندرگاهن تي هر وقت ماڻهن جي رونق ۽ پيهه لڳي پئي هوندي هئي.
شام جو ٽِڪو ڳوٺ جي ڀرسان پهتاسين، هڪڙو ڍورو هُجي، تنهن ۾ هوڙي (ٻيڙي) بيٺل هئي. ڍوري جي ڪنڌيءَ تي مسجد هئي. ناکئو الهڏنو ميربحر، ان مسجد جي پاسي ۾ هوڙو بيهاريو. ڪنڌي تي پنج ڇهه ماڻهو بيٺا هجن، انهن ناکئي ۽ ڊاڪٽر جليل کي سڃاتو. آواز ڏئي چيائون:
او ڊاڪٽر، ناکئا خوش آهيو.
احمد ونگائي ڪهڙا حال اٿئي.
جيئن هوڙي مان لهي ڪنڌيءَ تي وياسين، سڀئي ماڻهو مليا، اتي ناکئو احمد جت، ناکو محمد جَت جو ڊاڪٽر تعارف ڪرايو. هي ٽِڪو ڳوٺ ونگائي جَتن جو هو. پوءِ سڀئي ڇَني ۾ ويٺاسين. ڪچهري چالوٿي. احمد جت ونگائي پڇيو:
ڪٿان پيا اچو.
”سائين! سوکيءَ جا ڦٽل نشان ڏِسي اچون پيا...“ مون کيس جواب ڏنو. ايتري ۾ ٽي چار ماڻهو ڇني ۾ آيا، اهي هٿ ملائي ويهي رهيا.
اِهي ٽولا ٻڌندي ڪچهري ۾ سڀئي ماڻهو هڪٻئي ڏي ڏسڻ لڳا... هنن جي ذهنن ۾ سوکي جون يادگيريون سمنڊ جي وير وانگي ذهنن جي ڪنارن کي ڇُهي هليون ٿي ويون... ڇو ته درياهي ڪنڌين، ڦٽل ڳوٺن، اجڙيل بندرگاهن جو درد سامونڊي ۽ لاڙي ماڻهن کان وڌيڪ ٻيو ڪو ڄاڻي نه ٿو. ڀلا... سُڪي وارن ماڻهن کي سامونڊي ماڻهن جي پيڙاهن ۽ ڀوڳنائن جو پتو ڪهڙو...!! پوءِ ناکئو احمد جت ونگائي چيو:
سوکي بندرگاهه ۽ شهر ڏٺوسين. وڏو سُکيو ستابو، امن ڀريو شهر هُيو. سوکيءَ جي ماڻهن جي محبت جو مثال ٻين ترن وارا ڏيندا هئا. اسان وٽ ڪو مهمان ايندو هو ته ان کي چانهه ۽ مٺائي کارائڻ ۽ سوکيءَ جي بازار گهمائڻ لاءِ شام جي وقت سوکي وٺي ويندا هئاسين.
سوکي شهر جا واڻيا جيڪي واپاري هوندا هئا، اهي سوکيءَ کي سنڀاليندا هئا، انهن جي وڃڻ کانپوءِ باقي ماڻهو جيڪي سوکيءَ جا وارث بڻيا، تن ڪونه سنڀاليو ۽ سوکي ڦٽي ويو. اسان ننڍڙي عمر ۾ وڏڙن سان سوکي ويندا هئاسين ته سڄو ڏينهن سوکيءَ ۾ گهمندي ڦرندي مزو اچي ويندو هو. جڏهن سوکي جا سُکيا ماڻهو وڃڻ لڳا ته اهي سوکيءَ منجهان سڏڪندا روئيندا هليا ويا. پوءِ سوکيءَ جا ڌنڌا ڪاروبار بيهجي ويا. صفا ٿورن سالن ۾ سوکي اجڙي ويو. واڻين جي وڃڻ کان پوءِ سوکي ڦٽي ويو.
اُهي واڻيا ٻين ملڪن، شهرن سان وڻج واپار، سامان جي مَٽَ سَٽَ، شين جي ڏيتي ليتي ڪندا هئا. سوکيءَ ۾ اَنَ ڏرڻ واريون مشينون، سارين جا ڪارخانه، اسڪول، اسپتال سڀئي واڻين جي هيٺ سنڀال ۾ هئا. سوکيءَ ۾ واڻين جون پڪيون جايون هونديون هيون. سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي “وڻ به ويا، واهِرا به ويا.”
وڻن ۾ ئي پکين جا آکيرا سهڻا لڳندا آهن. پکي ئي وڻن منجهه ڪک ڪانن، سنهڙين تيلين جا گهر ٺاهيندا آهن. وڻ ڇانورو ڪندا آهن. سوکيءَ جا واڻيا سڀني جي لاءِ ڇانورو هئا.
جڏهن برساتون پونديون هيون ته اسين ٻاراڻي عمر ۾ سوکيءَ جي پٽن تي وڃي ڊينگلا روپيه ڳوليندا هئاسين. ڊينگلا روپيه چانديءَ جا هوندا هئا. اُهي چانديءَ جا روپيه ڳولي ڏاڍا خوش ٿيندا هئاسين. ڊينگلن روپين مان پتو پوي ٿو ته واڻيا ڏوڪڙ پيسو گهرن ۾ رکندا هئا. گهرن جي ڀتين يا پَٽَ کي کوٽي کڏ کڻي انهن ۾ ڊينگلا روپيه پوري لڪائيندا هئا.
برساتن جي ڏينهن ۾ ٻين تڙن کان ٻار ايندا هئا، اسان به ويندا هئاسين. ڳوٺ سوکيءَ جي پاسن ۾ درياهه. ميرواهه، واهڻ، سنهڙي اهي ٽئي واسو کاريءَ مان لنگهي عربي سمنڊ ۾ وڃيو ڇوڙ ڪن.
سنڌو درياهه جڏهن سجاول کان اڳتي ٽپي هلي ٿو ته هن مان ٻيا ڦاٽ درياهه (ڇاڙون) نڪرن ٿا. ڇروڙو. مُٽڻي درياهه، ڦاٽ درياهه مان، کڻند درياهه ۽ وٺو درياهه نڪري ٿو. ڏسندي ڏسندي سامونڊي پٽي ۾ درياهن جو ڄار وڇائجي وڃي ٿو. انهن درياهن جي راند روند ڏسڻ وٽان آهي. ڪنهن وقت ائين لڳندو آهي جو اهي درياهه ٻارن جيان راند ڪُڏي رهيا آهن.“ ها... ونجهه وٽي راند ڪندا رهن ٿا.
ڊاڪٽر جليل کٽي ڪچهريءَ ۾ حصو ورتو. جنهن موضوع تي ڳالهه ٿي رهي هئي، ان قصي کي اڳتي وڌائيندي چيو، ادا! سنڌو درياهه مان جيڪي درياهه نڪرن ٿا، اُهي الڳ الڳ نالن سان سڏبا آهن. آئون ڪجهه درياهن جا نالا ٻڌايان ٿو.
(1) ٻار درياهه، (2) گهوڙو درياهه، (3) پکيئڙو درياهه، (4) مٽڻي درياهه،
(5) ڦاٽ درياهه، (6) کڻند درياهه، (7) ڪانئر درياهه، (8) پيٽاڻي درياهه،
(9) چڙي درياهه، (10) روهڙو درياهه، (11) رنتي درياهه، (12) جوڳيئڙو درياهه، (13) جنڊاڙو درياهه، (14) جهول درياهه، (15) کاهي درياهه،
(16) کُڏي درياه، (17) وڏائي درياهه، (18) سوداگر درياهه، (19) ڪن ڇني درياهه، (20) ڪارونڀار درياهه، (21) سنهڙي درياهه، (22) سڪيئڙو درياهه،
(23) ڄار وارو درياهه، (24) سنهڙي کوبر درياهه، (25) ڪڏيرو درياهه، (26) ڏمبري درياهه، (27) ڏٻو درياهه، (28) نانگ واري درياهه، (29) چرڻ درياهه،
(30) ڏرڙ درياهه، (31) مَل درياهه، (32) واڳو درياهه، (33) ڪورنگي درياهه، (34) ميرواهه درياهه، (35) سير درياهه، (36) وٺو درياهه، (37) واڻ درياهه،
(38) ڌوداٽيو درياهه، (39) جري درياهه، (40) ڏنگي درياهه، (41) ڇَنَ درياهه، (42) آڌياڙي درياهه، (43) ترسياڻ درياهه، (44) چاڳلو درياهه، (45) اوچتو درياهه، (46) ڀوري درياهه، (47) پکيئڙو درياهه، (48) رتو ڪوٽ درياهه،
(49) بهگاڙ درياهه، (50) گوراڙ درياهه، (51) ڀنڀور درياهه، (52) چرڻي وارو درياهه، (53) شڪرانو دراهه، (54) گاريلي درياهه، (55) ٻانجهي وارو درياهه، (56) باغ واري درياهه، (57) ڀلاڻ درياهه، (58) آمن وارو درياهه.
ڳوٺ ٽِڪو کان واپسيءَ مهل باغ واري درياهه مان هلندي، پاڻيءَ جي سنهڙين لهرن کي ڏسندي، جيڪي ٻيڙي سان ٽڪرائجي هليون ٿي ويون. ان وقت منهنجي ذهن ۾ انهن ماڻهن جا خيال لهرن وانگر ٽڪرائجڻ لڳا، جيڪي سوکي بندرگاهه کان لڏي ويا هُجن، اُهي ڪٿي هوندا.؟ انهن مان ڪيترا حال حيات هوندا...!؟ ڪَهڙن ماڳن تي انهن جو ڏس پتو ملندو...؟ بس پوءِ ذهن ۾ هلچل مچي وئي. ڏاڍو بي چين ٿي ويس. قديم تاريخ جو جائزو وٺجي ته اهو پتو پوي ٿو ته “سنڌ جي ماڳن سان وڏو مزاق ٿيندو رهيو آهي، ڪڏهن سامونڊي لهرن ته ڪڏهن پنهنجن ماڻهن ڪيو آهي. رات جو جڏهن کارو ڇاڻ پهتاسين ته پوءِ به انهن ماڻهن جا خيال ڪُن وانگي ذهن ۾ ڦرندا رهيا.
صبح جو ڊاڪٽر جليل نيرن کڻي آيو، الله ڏنو خاصخيلي ۽ مان نيرن کائڻ ويٺاسين ته مون کي سوکي جي ماڻهن جو خيال آيو. پوءِ ڊاڪٽر کي چيم. “ادا! هڪ ڳالهه چوڻ چاهيان ٿو ته سوکي شهر جي ماڻهن سان ملڻو آهي. جن سوکي ۽ سوکي بندر کي پنهنجي اکين سان ڏٺو هو، انهن ماڻهن سان ملڻو ضروري آهي. اهي ئي ماڻهو اسان کي سوکي شهر جي باري ۾ ۽ سوکي بندرگاهه جي باري ۾ صحيح ڄاڻ ڏيندا.
ڊاڪٽر جليل ۽ الله ڏنو خاصخيلي گڏيل آواز ۾ چيو، “ادا! اهي ماڻهو ساريا پيا آهن، ٺٽي ضلعي ۽ ڪراچي ضلعي ۾ به ويٺا آهن. انهن سان ضرور ملبو، جڏهن به توهان چاهيندا ته انهن ماڻهن جي ڳوٺن ڏانهن هلنداسين.”
اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي. ماني کائڻ کانپوءِ اسين ٽئي پتڻ تي آياسين. پاتڻي ٻيڙي جي پاسي ۾ بيٺو هو، ٻيڙي ماڻهن سان ڀريل هئي. جڏهن ٻيڙي ۾ ويٺس ته ڊاڪٽر وڏي آواز ۾ چيو، “ادا! ٻئي ڏينهن آئون ريڙهي ويندس، مهرباني ڪري توهان اتي اچجو، ريڙهي ۾ سوکيءَ جا ماڻهو رهن پيا. انهن سان توهان جي ملاقات ڪرائيندس.

3

آءُ درياهه جي پرين ڪنڌيءَ جي پتڻ تي آيس، اتي ڊاٽسن بيٺي هُجي، هڪ نوجوان پتڻ تي لهندڙ ماڻهن ڏي نهاري آواز ڏئي رهيو هو.
“ڳاڙهو، ڳاڙهو.”
آءُ ڊاٽسن جي پٺيان چڙهي هيٺ خالي جاءِ تي ويهي رهيس، ٻيڙيءَ جا گهڻا ماڻهو، جيڪي کاري مان گڏ ٻيڙي ۾ هئا، اهي به اچي ڊاٽسن جي پويان ويٺا.
ڊاٽسن ڀرجي وئي ته اهو نوجوان جيڪو آواز ڏئي رهيو هو، اهو ڊرائيور سيٽ تي ويٺو ۽ ڊاٽسن چالو ڪئي. هي رستي تي ماڻهو لاهيندو ۽ کڻندو هليو. چاليهه منٽن کانپوءِ ڳاڙهو شهر ۾ داخل ٿياسين، ڪجهه منٽن کان پوءِ خاصخيلي هوٽل ڀرسان ڊاٽسن بيهي رهي. آءُ هيٺ لٿس، ڊرائيور کي پنجاهه روپيه ڪرايو ڏنو.
آءُ پاسي واري هوٽل ۾ ويس ته ڪن تي آواز آيو. ادا منصور! ڪنڌ لاڙي ڏٺو ته ان ئي هوٽل ۾ باقر خان مروا بلوچ هڪ دوست سان گڏ ويٺو هجي، انهن جي اڳيان ميز تي چانهه جا ڪوپ رکيل هئا.
باقر خان مروا ۽ ان جي دوستن سان مليس، باقر خان اشارو ڪري ڇوڪري کي چيو، ادا! چانهه کڻي اچ.
ادا! سٺو ٿيو جو ملاقات ٿي، توکي فون ڪرڻ وارو هوس، سڀاڻي سائين ڪرم علي بلوچ جي والد مرحوم جي چاليهي جي ماني آهي، ان جي دعوت ڏيڻي هئي، هاڻ چانهه پي پوءِ ڳوٺ هلنداسين.
ڳاڙهو کان ڳوٺ رسول بخش مروا بلوچ تائين پنجاهه ڪلو ميٽر جو فاصلو آهي.
اسين ڳاڙهو شهر مان نڪتاسين، هڪ ڪلاڪ کانپوءِ ميرپور ساڪرو شهر ۾ پهتاسين، سنڌ بلوچستان هوٽل ميرپور ساڪرو، حاجي عبدالغني گبول جي هوٽل جي ٻاهران موٽرسائيڪل بيهاري سين. باقر خان چيو.
ادا! چانهه پي پوءِ هلون ٿا، هاڻ اسان جو ڳوٺ ويهه ڪلو ميٽر پري آهي. روڊ خراب آهي، ڪلاڪ جو پنڌ ٿيندو.
هوٽل ۾ داخل ٿياسين ته سامهون هڪ بزرگ شخص سفيد ڏاڙهي سان ويٺو هو. ان سان اڳ ۾ ملاقات ٿي چڪي هئي. ذهن ۾ ان جو نالو ياد نه پيو اچي، الهڏنو ٻاهوٽ سان 2007ع ۾ سندس جي ڳوٺ محمد صديق ٻاهوٽ ۾ ملاقات ٿي هئي. الهڏنو ٻاهوٽ سوکيءَ جي باري ۾ ٻڌايو. ڏهه سالن جو هوس، باقر خان مروا بلوچ جي پيءُ بنگل خان مروا بلوچ جيڪو مي جو چاچو هيو، ان سان گڏجي سوکي بندر گاهه تي ويو هوس. سوکي شهر جي ٻاهران پاڻي هيو، وير چڙهي آئي هئي. ان پاڻيءَ مان ٽپي سوکي شهر وياسين، اتي ڊٺل گهر هئا، جايون پڪيون ٺهيل هجن پر انهن جون ڀتيون ڊٺل هيون، اتان سرون کڻي آيس. هڪ سر ڏهن ڪلو جي هئي، جيڪا ٻه فوٽ ويڪري ٻه فوٽ ڊگهي هئي. اهي مٽيءَ جون ٺهيل هيون.
الهڏنو ٻاهوٽ کان موڪلائي اسين ڳوٺ رسول بخش مروا ۾ آياسين. اوطاق تي ڪچهري متل هئي، ان ڪچهري ۾ کارو ڇاڻ جو ذڪر هلي رهيو هو.
کارو ڇاڻ، هتي ڪنهن وقت ۾ درياهي بندر هو. ٻيڙين جو وڏو تڙ هوندو هو. کارو ڇاڻ شهر ۾ ٽيهن هزارن کان مٿي آبادي هئي. ساريون سَوَن کرارن ۾ ٿينديون هُيون. سوکيءَ جا ماڻهو محنتي هئا. هاري بنا ڍڳن جي زمينون آباد ڪندا هئا، انهن ماڻهن جو ساريال (سارين جو فصل) پوکڻ جو طريقو الڳ هو، جنهن زمين مَنجهه ساريون پوکيندا هُئا، اُن زمين کي پهرين ڳَڙَ (پَنو) ڦيرائيندا هئا، پوءِ اُن زمين مَنجهه پاڻي ڦيرائيندا هئا، اُهي ماڻهو زمين جا ڳَڙَ مضبوط (ٻَنا مضبوط) ٻڌندا هئا، تن ڏينهن ۾ مِٺو پاڻي ججهو جام هُئو، سنڌو درياههَ کي روڪ ٽوڪ ڪونه هئي. مِٺي پاڻيءَ جي ڪري سامونڊي پٽيءَ جا بندرگاههَ ٻيٽ ۽ درياهي ڪنڌيون، خوشحال ۽ آسوديون، مهاڻن ۽ ٻيڙائتن جا مَيلا مَتل هوندا هئا. درياههَ کي بند ڪونه هئا، درياههَ جي پڇڙيءَ وارا (لاڙي ۽ سامونڊي) ماڻهو سکيا هُئا، ٻي ڳالهه اِها ته درياههَ موج مَستي سان وهندو هو ته سمنڊ جي پاڻيءَ کي اڳتي اچڻ ڪين ڏيندو ۽ پوئتي ڌوڪيندو رهندو هو، تنهنڪري لاڙي ۽ سامونڊري پٽيءَ ٻيٽ ۽ بندر بازاريون آبادي وارا هوندا هئا. کارو ڇاڻ جا ماڻهو پوکي راهي جي ڄاڻ رکندڙ ۽ ماهر هئا. زمين کي ڳَڙَ ڏئي، اُن زمين ۾ مِٺو پاڻي ڇڏي پوءِ (زمين مان گاهه ڦٽڻ) زمين مَنجهه گاههُ ڦٽندو هو ته مال (جانور) ڇڏيندا هئا. مال جڏهن گاههَ چَرندو، زمين ۾ هلندو، اُهي پنهنجن پيرن سان لَتڙَ ڪندا هئا. جانورن جي لتاڙ سان اُها زمين نرم ٿيندي هئي ته پوءِ اُها زمين ساريال پوکي راهيءَ (سارين پوکڻ) جي لاءِ تيار ٿي ويندي هئي. هاري زمين جي حساب سان ٻج تيار ڪندا هئا. بِنا ڀاڻ جي ساريال جو فصل تيار ٿي پوندو هو.
ٻج تيار ڪرڻ جو طريقو:
کاري جا ماڻهو زمين جي حساب سان ساريال (سارين) جو ٻج ٻورين ۾ وِجهي پوءِ ٻورين جا مُنهن بند ڪري سِبي ڇڏيندا هئا، جنهن زمين ۾ ٻج پوکڻو هوندو هو، اُن زمين جي هڪ جاءِ تي کڏ کوٽي، اُن منجهه ٻِجَ واريون ٻوريون وجهي ڇڏيندا هئا.
اهي ٻوريون پاڻيءَ منجهه ٻن ڏينهن تائين پيون هونديون هيون. ٽئين ڏينهن تي زمين جي کڏي مان ٻوريون ڪڍي زمين جي ڳَڙَ ٻاهران سُڪي ڪناري تي پڙشَ (تڏا) وڇائي، ٻورين مان ٻج ڪڍي اُن پڙش (پڙش-گاهه جا قسم، جنهن مان تڏا ۽ توريون ٺاهيون وينديون آهن) تي هاري، پکيڙيندا هئا. هاري هٿن سان ٻج کي کنڊيڙي، کُلو (وائکو-ڇِڊو) ڪَري تنهن کانپوءِ اُن مٿان ٻيو پڙش ڏئي وري مٽيءَ جو راڳو ڏئي بند ڪندا هئا، جيئن انهن پڙشن جي اندر هوا نه وڃي. هِڪ يا ٻن ڏينهن کانپوءِ گرميءَ جي ڪري پڙشن جي اندر ۾ رکيل ساريال ٻج منجهان ”سُئي“ نڪري ايندي هئي. گونچ يا ٻج موري پوندو هو. يعني ٻج ڦٽي پوندو هو. پوءِ پڙش کي هٽائي ٻورين مان ٻج ڪڍي اُن کي ڪلاڪَ سوا جي لاءِ کولي يا پکيڙي(کنڊيڙي) رکبو هو، پوءِ ٽي چار مُڙس چيلهه سان گنديءَ (ڪپڙي) جو ڪانڀو ٻڌي، اُن ۾ ٻج وجهي، پوءِ زمين ۾ لَهي وڃي، ٻج اُڇلائيندا هئا، پوکيندا هئا. اهو کاري جي ماڻهن جو ساريال پوکڻ جو طريقو هو.
کاري ۾ سارين جي پوکي راهيءَ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ڳالهه ٻولهه ۾ جن دوستن حصو ورتو، انهن ۾ محمد ايوب مَروا بلوچ، شهباز مَروو بلوچ، شير محمد چانڊيو، بلوچ، وزير چانڊيو بلوچ، هنيد خان گنبو بلوچ، ولي محمد گنبو بلوچ، خميسو گنبو بلوچ، شاعر رشيد چانڊيو، ڪمال بلوچ، خان محمد گنبو بلوچ، بکر چانڊيو ۽ عبدالله چانڊيو. پوءِ شاعر رشيد چانڊيو کارائي پَٽن جي ڦٽندڙ حالتن بابت ڪچهريءَ وارن وارن کي نظم ٻڌايو.
مشهور ملڪن اندر، کارو ڪڏهن خوشحال هو،
ڪيئي ٿي رهيون، قومون، قومون هتي هن جو نه ڪو مثال هو،
هر ڏئي توڙ بُکيلا، هي وڏو هت ڍال هو،
هَو هاري ناري هتي، ماڻهو مَڙئي متوال هو،
اَن انباري هُئا هتي، ۽ ٻيو گهڻو هت مال هو،
کير لَسيون کوڙ هئا، کُٽو نه ڪِنهن جو خيال هو،
موج هئي مهراڻ جي، جَر مِٺو هت جال هو،
واهڻ هئا، وسنديون هيون، ناليون هيون نيڪال هو.
سَر بسر ساريون هُيون، خالي نه هت خال هو،
اڄ ڏٺم کارو وڃي، بي حد گهڻو بي حال هو،
سمنڊ سارو ويو کڻي، ظاهر مٿس زوال هو،
وَر چَڙهي وَيو، وِير جي، اهڙيءَ طرح احوال هو،
ويا ٻَنيون ٻارا ٻُڏي افضل نه ڪو في الحال هو،
جا گُذر ٿي ٿئي گهڙي، سا سوَ برابر سال هو،
ويا لڏي کارو ڇَڏي، جِن جو جيئڻ جَنجال هو،
هي ڇا مَنجهان ڇا ٿي ويو، قدرت سندو ڪمال هو،
سَي ڪير هُئا، ڪيڏانهن ويا، ڏس پَتا پڇندا هلو،
سنڌ جي هَر چيز تي، لِکُ ته ڪجهه لکندا هلو،
ورق رشيد تاريخ سندا، پڙهه ته ڪُجهه پڙهندا هلو.



سوکي بندرگاهه کان لڏي ويل ماڻهن سان ملاقاتون
اُتي خبر پئي ته ڪجهه ماڻهو ماستر ڪرم علي بلوچ جي دعوت تي آيا آهن. انهن جا وڏڙا سوکيءَ جا هئا. پوءِ ڏاڍو خوش ٿيس. شام جي وقت ماستر ڪرم علي ۽ باقر خان مروا انهن سان ملاقات ڪرائي. هڪ جو نالو ڪرمي بلوچ اوڙڪ صوباڻي، جنهن جي عمُر ستهتر (77) سال هئي. ٻيو مراد علي بلوچ هو. سائين ڪرم علي بلوچ صوباڻي احوال ڪندي چيو:
اسين هاڻي ڳوٺ ٻاٻيهو تعلقو ڪيٽي بندر ضلعو ٺٽو ۾ رهون ٿا، جڏهن اسان جي وڏڙن سوکي شهر ڇڏيو هو. اُن وقت جوان هُيس. سوکيءَ جي هر ڳالهه ياد آهي. ڪنهن مهل ائين لڳندو آهي ته. ڪالهه آيا آهيون. سوکي. واه. ڪرمي بلوچ ماٺَ ٿي ويو. هُن جي اکين ۾ آلاڻ اچي وئي، اکين تي هٿ ڦيري ڳالهه ڪرڻ لڳو.
ادا! سوکيءَ اسان کي هَر شئي ڏني، سوکيءَ ۾ سڀ سُک هُئا. سُک مان مُراد اَمن ڀريو شهر هجي، هر ڪو ماڻهو پکي پکڻ، پرديسي ماڻهو به سوکيءَ ۾ اچي اَمن ۽ پيار سان رهندا هئا. ڪوبه ڪنهن کي رَنجائي ۽ ڏکائي ڪونه پيو. هر ڪو (هندو، مسلمان، سک) هڪٻئي سان سِڪ ونڊي هلندو رهندو هو. پاڻ ۾ ائين ملندا هئاسين، جيئن سڳا ڀائر هُجن.
سوکيءَ ۾ سرڪاري آفيسون هيون، اُتي محالڪاري صاحب رهندو هو، سيڪنڊ ڪلاس ماجسٽريٽ رهندو هو. جنهن کي ڇَهن مهينن جي سزا ڏيڻ جو اختيار حاصل هو. اُنهن ڏينهن ۾ سوکي ۽ کاروڇاڻ ۾ جيل ڪونه هوندو هو، پر لاڏيون شهر ۾ هو. تن ڏينهن ۾ لاڏيون شهر شاهه بندر منجهه هو. شاهه بندر کي “محال” جو درجو هو، تعلقا پوءِ ٺهيا هئا. لاڏيون شهر هاڻ سجاول ضلعي ۾ آهي.
مان لاڏيون شهر جي “جيل” جو ذڪر ڪري رهيو هوس، سو پراڻو جيل اڃان لاڏيون ۾ آهي. سوکي شهر جي ڀرسان ڳوٺ ۾ رهندا هئاسين، اسان جا مائٽ، عزيز رفيق سڀئي سوکيءَ ۾ هئا. منهنجو گهڻو وقت مائٽن ۾ گذرندو هو. سوکي شهر مون کي پنهنجي شهر جيان لڳندو هو. جواني وارا ڏينهن سوکيءَ منجهه گذاريا.
جڏهن سوکي ڦِٽو ته منهنجي عُمر 25 سال هُئي. واهه جو وقت هُيو. سوکيءَ جي اولههَ ۾ اسان جا 50 پنجاهه گهر هئا. سوکيءَ جي اوڀر ۽ اُتر۽ ڏکڻ ۾ به اسان جا مائٽ رهندا هئا. سوکي جي اُتر ڪاڇيل ۾ بازار هوندي هُئي. اُن بازار جي اولهه منجهه سارين جي مِل (ڪارخانو) هُئي. سوکيءَ جي بازار جي ڏاکڻ ۾ آفيسون هيون. بازار ۾ ماڻهن جو ميلو هر وقت متل هوندو هو. هر دڪان تي ماڻهن جي پيهه رش لڳل هوندي هئي. ڪو ڪنهن کي ميري اک سان ڏسندو ڪونه هو. بازار ۾ گهڻا دڪان هندن جا هوندا هئا، اُتي کٽي، جَت، شيدي، خاصخلي ۽ ٻين ذاتين وارن جا به دڪان هئا، پر گهڻو واپار وارو چلتو واڻين جي دڪانن تي هوندو هو. واڻين کي گراهڪن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو ڏانءُ ڏاڍو سٺو ايندو هو.
سوکيءَ جي بازار ۾ “ويرو هندو” جو درزڪو دڪان هو، اسين ان کان ڪپڙا سبرائيندا هئاسين. اتي مسلمانن درزي انهن جا دڪان هُئا. سوکي ۾ ٻاهرين ملڪن ۽ مختلف شهرن کان ججها ماڻهو ايندا هئا. انهن ماڻهن کي ڏسي هر ڪو پيو خوش ٿيندو هيو. جنهن وٽِ ڪو مهمان ايندو هو ته اهو ڏاڍو خوش ٿيندو هو. چوڻي آهي ته “ڪپڙن ۾ ماپندو ڪونه هو.” اُن مهمان کي ماني ٽڪي ۽ مٺايون ايتريون کارائيندا هئا جو مهمان کائي ڪونه سگهندو هو. ائين چئي ماٺ ٿي ويو. پوءِ ڪريم بلوچ صوباڻي ٿڌو ساهه ڀري چيو.
“واهه سوکي واهه.”
ڪچهري ۾ ويٺلن ماڻهن جي چهرن تي هلڪي مايوسي پکڙجي وئي. سڀئي سوکيءَ جي ڏکن جي ڏور منجهه ائين ٻڌل ويٺا هئا، جيئن جيل جي ماڙيءَ ۾ رَسن سان ٻڌيل قيدي ويٺا هوندا آهن. هر ڪو ماٺ جي مُٺ ۾ ڀڪوڙيو ويٺو هجي.
ڪريم بلوچ صوباڻي چوڻ لڳو.
شام جي ويلي تي سوکيءَ جي چئن پاسن کان وهندڙ دريائن جون هوائون، ٿڌڙيون ٿڌڙيون گهلنديون هُيون. درياءَ مِٺي پاڻيءَ سان تار وهندا هُئا. سوکيءَ جي پَٽن تي پکين جون جهونگاريون وري ويتر سهڻو مانڊاڻ مچائي وجهنديون هيون. سوکيءَ تي راڳ رنگ، ميلا ملاکڙا، هر پاسي ملوڪ مهمانن جون چوڪڙيون متل هونديون هيون. پوءِ ڇو نه سوکي جي سونهن ناچ ڪري ۽ ڳائي... واهه سوکي واهه... سوکيءَ ۾ ٻين شهرن مان ۽ ضلعن مان، پر سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان ڀلوڙ فنڪار ايندا هئا. ملهه پهلوان ۽ ڳائڻا ۽ ڳائڻيون اينديون هيون. فنڪارن کي وڏو مانُ مِلندو هو، کين جَهجو ڏوڪڙ پيسو سوکيءَ جا ماڻهو ڏيندا هئا. ڪي سوکيءَ جا ماڻهو پهلوانن، فنڪارن، ڳائڻن ۽ ڳائڻين کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيندا هئا. فنڪارن جون مانيون ڪندا هئا. هر ڪو چوندو، خوش ٿيندو هو ته اڄ رات فنڪار رات جي ماني تي مون وٽ ايندا.
سوکيءَ ۾ مون ڪيترن فنڪارن جا راڳ ٻڌا، راڳيندڙن جا راڳ ماڻهن جي مَن کي ريجهائي ۽ روئاري وجهندا هئا. سوکيءَ ۾ مهمان جو وڏو قدر هوندو هو. سوکيءَ جي مهمان نوازي ملڪن تائين مشهور هئي. سوکيءَ ۾ ڪنور ڀڳت ايندو هو. جيوڻي مائي، ماستر چَندر جي سُريلي آواز ۾ سوکيءَ جو شور گونجڻ لڳندو هو. پري پري تائين درياهه جون هوائون ماستر چندر جي ڪلام کي کڻي وينديون هيون. ماڻهن جا وڏا ٻيڙا ڀرجي ايندا هئا. ماستر چندر، ڪنور ڀڳت ۽ جيوڻيءَ جي آواز تي ماڻهو مَست هوندا هئا.
سوکيءَ ۾ سُليمان شاهه کي ڏٺو. اُن جو ناچ ۽ راڳ نرالو هوندو هو. سوکيءَ جي ماڻهن کي جهومائي وجهندو هو. ٻيا فنڪار محمد خان خاصخيلي، حُسين مرگهل کي ٻڌو. اهي فنڪار ڪنهن کان گهٽ ڪونه هُجن. راڳ رنگ جون محفلون چانڊوڪين راتين ۾ گهڻيون ٿينديون هيون. چنڊ جي مِٺي ۽ ٿڌڙي روشنيءَ ۾ راڳ ٻڌڻ جو مزو اچي ويندو هو.
سوکيءَ جا ماڻهو راڳ رنگ کان علاوه گهوڙن ۽ اُٺن ۽ ڀليون مينهون ڌارڻ جا شوقين هئا. جانورن سان گهڻو پيار ڪندا هئا ۽ شوق سان پاليندا هئا. سوکيءَ جا ماڻهو وڏا مالدار ۽ ڀَلن گهوڙن ڌارڻ جا شوقين هئا. سوکيءَ ۾ پَنَ“ (گاهه) جي وڏي پيدائش ٿيندي هئي، جنهن مان تڏا، تنوريون ۽ پڙش ٺهندا هئا. سوکيءَ بندرگاهه جي اوسي پاسي وارو ماڻهو سوکيءَ مان ”پَنَ“ خريد ڪري اُن جا ٻيڙا، ٻيڙيون ڀرائي پنهنجن گهرن ۽ ماڳن ڏي کڻي ويندا هئا.
سوکيءَ جي ڀرپاسن ۾ رهندڙ ماڻهن جو اِهو به ڌنڌو ۽ گذران هوندو هو. جو اُهي گهرن ۾ عورتون “پَنَ” مان تڏا تنوريون، پکا، کارا، کاريون وڪڻڻ جي لاءِ ٺاهينديون هيون، انهن تي سُگهڙ عورتن جي هٿَ جي هنر جا ڪمال ڏسڻ ۾ ايندا هئا. سوکيءَ منجهه ”عوسو شيدي“ جي هوٽل مشهور هئي، اوسو شيدي ٺاهوڪو درزي به هو. وڏا وڏا، مالدار سوکي جا ۽ ٻين تڙن جا ڪيترائي ماڻهو ”اوسو شيدي“ کان لڳڙ ٻڳڙ (لٽا ڪپڙا) سبرائيندا هئا. بازار ۾ جتن جا وڏا دڪان هوندا هئا.
اسين روزانو اوسو شيديءَ جي هوٽل تي چانهه پيئڻ ويندا هئاسين. سوکيءَ ۾ اسان جي مائٽن جون زمينون هُيون، جن ۾ ساريال (سارين) جو فصل ڀلوڙ ٿيندو هو. اسان جي وڏڙن ۽ عزيزن وٽ زمينون هيون. انهن جا نالا صديق رَجيرو، حاجي رَمون رجيرو، حاجي قادر بخش رجيرو، سوکيءَ ۾ شيدي، جَت، خاصخيلي ۽ ٻين ڪيترن ماڻهن جون زمينون هُيون. سوکيءَ ۾ ڪيترن ئي ذاتين وارا ماڻهو رهندا هئا. ائين لڳندو هيو، سي اسين سڀ هڪ ويڙهي جا آهيون. اسان سوکي وارن جي پاڻ منجهه اهڙي سِڪ پريت هئي، جو ٻيا ماڻهو سوکي جي ماڻهن جو مثال ڏيندا هئا. تڏهن سوکيءَ کي “سک پريت” ۽ سُکن وارو شهر چوندا هئا.
هَير (هينئر) سوچيندو آهيان ۽ خيالن ۾ سوکيءَ شهر ۽ وهندڙ درياهن کي ڏسندي، اندر وڍجي پوندو آهي. جڏهن سنڌو درياههَ جي مَستي ۽ هستي سان کيچل ٿي، پاڻي رُڪي رُڪي اَچڻ لڳو ٿي. سامونڊي پٽيءَ ۽ درياهن تي رهندڙ ماڻهن کي کُٽڪو ۽ اندر منجهه کائڻ لڳو. ڪٿي ائين ته ڪونهي، سنڌ جي سامونڊي پٽي کي سڪائڻ جي لاءِ پاڻي کي روڪيو وڃي ٿو. اهو اُلڪو هر ڪنهن کي اندر ۾ کائڻ ۽ مارڻ لڳو. جنهن شيءِ جو ڊپ هيو، ائين ٿيو. پنهنجن ماڻهن ئي لاڙ ۽ سامونڊي پٽن تي وسندڙ ۽ رهندڙ ماڻهن جي حياتي کاري ڪئي. سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کي وجهه ملي ويو. اهو اڳتي وڌڻ لڳو. آباد زمينون جن کي کارو پاڻي اندران ئي اندران کاڄ هڻي، اُن جي مِٺي جَر کي کارو ڪري رهيو هو. پوءِ ڏسندي ڏسندي آبادي واريون زمينون ڪلراٺجي ويون. فصل سُڪندا ويا، ماڻهن جا روزگار ڦٽندا ويا. جڏهن گذر سفر وارا وسيلا تنگ ٿي ويا پوءِ ماڻهن لڏ پلاڻ ڪرڻ لڳا.
سوکيءَ مان واڻيا هليا ويا. اهي 1947- 1948ع ڌاري حالتن جي رُخ کي سمجهندي آهستي آهستي سوکي مان وڃڻ لڳا. ڪجهه هندن پنهنجون جايون سوکيءَ جي ماڻهن کي مفت ۾ ڏيندي ائين چيو “جي موٽي آياسين ته اسان کي موٽائي ڏجو، جي وري ورڻ نه ٿيو ته اِهي جايون ۽ دڪان ۽ زمينون اوهان جون ٿيون.” پوءِ سوکيءَ جا واپاري ماڻهو پنهنجا ڪک ڇڏڻ لڳا. پنهنجيون جايون ۽ دڪان مفت ۾ ۽ سستي اگهه ۾ ڏئي هليا ويا. مون کي ياد آهي “ريلو واڻيو” رهي پيو هو. پوءِ اهو مسلمان ٿيو. ان جو ”عبدالقادر“ نالو رکيئون، ٻيو هندو، اهو به مسلمان ٿيو، ان جو نالو ”نورمحمد“ رکئون. ٻنهي کي مون ڏٺو هو. نورمحمد کي هَير (هينئر) اولاد آهي.
سوکيءَ جي بازار ۾ ”ويرو درزي“ جو دڪان هُيو. هو ٺاهوڪو درزي هجي. اهو لڏي ڪونه ويو. لاڏيون شهر کان اُتر ۾ جيئي شاهه (شاهه يقيق) جي مزار آهي. سوکيءَ شهر جي ڦٽڻ کانپوءِ ”ويرو هندو“ ان مزار تي وڃي رهيو ۽ ڪجهه سالن کانپوءِ اتي ئي دم ڏنائين. ”ويرو هندو“ کي ساڙيو ڪونه ويو، کيس اتي ئي دفنايو ويو.
هاڻ اسين ويٺا واجهايون ڪڏهن مِٺو، ڇُڙيو، لڙيو پاڻي سامونڊي پٽين ۾ پالوٽ ڪري ايندو ۽ ڪنڌيون سايون آباد ٿينديون.

سوکيءَ جي پاسي ۾ مُٽڻي درياهه تي جُمڙو ڳوٺ هو. هي ڳوٺ منهنجي ڏاڏي جي نالي تي هو. سوکي بندرگاهه تي هفتي ۾ دوستن سان، عزيزن سان گڏ ويندو هوس. ديوان جي دڪان تي مٺائي شوق سان کائيندا هياسين. پوءِ گهر جو سيڌو سامان وٺي واپس ورندا هئاسين.
واڻ درياهه تي ڳائڻي جيوڻي آئي، اُن جو راڳ ٻڌوسين. واڻ درياهه تي قاسماڻي جَت رهندا هئا. اهي وڏا شوقين هوندا هئا. راڳ رنگ جون محفلون ڪرائيندا هئا. سوکي شهر ۾ ملاکڙو ڏٺوسين، پير سيد شاهه ملاکڙا لڳرائيندو هو. مون کي مَلهه پهلوانن جا نالا ياد آهن. چُڍي دبلو، حُسين سوڍائي، گدا شيدي، ريڍار مَلهه ذات جو مالهيو، هارون پاتڻي وڏو مَلهه هو. سوکي شهر ۾ جمعي جي ڏينهن ملاکڙو لڳندو هو. اُن ۾ کارو ڇاڻ جا ملهه به حصو وٺندا هئا.
عبدالله شيدي، ميڙائو مُهاڻو، آچار سُوٽو، عثمان لاشاري، ساندو چانڊيو، مامو خليفو، ڇاڱو خاصخيلي (هن کي ٻه آڱوٺا هئا. تنهنڪري ڇاڱو چوندا هئا) ملهه هو. ڳوٺ رسول بخش مروا بلوچ ۾ ٻه ڏينهن رهڻ کانپوءِ باقر خان مروا سان گهارو شهر آياسين، باقر خان مروا پوءِ واپس ڳوٺ هليو ويو.

محمد عمر خاصخيلي کيرواڻي
شام جي وقت عيسو خاصخيلي کيراڻي جي جاءِ تي بادام جي وڻ جي هيٺان ويٺو هوس. ڀرسان الهڏنو خاصخيلي ويٺو هيو. ايتري ۾ ٻه همراهه اوطاق ۾ آيا. انهن جو تعارف الهڏني ڪرايو.
ادا! محمد عمر خاصخيلي کارو ڇاڻ جو آهي. هن جي عمر 85 سال کن آهي ۽ هيءُ محمد سومار ولد رمضان سهتو، هن جي عمر 90 سال آهي، پوءِ محمد سومار چوڻ لڳو. پوءِ انهن سان ڳالهه ٻولهه ٿي. محمّد عمر خاصخيلي پٽ عبدالله خاصخيلي سوکيءَ جي يادگيرين بابت احوال ٻڌايو.
اسان جو ڳوٺ درياهه کڻند ۽ درياههَ وَٺو، انهن ٻنهي درياهن جي وچَ ۾ هو، ديهه ٻَيٽڙي، کارو ڇاڻ جي پاسي ۾ ڳوٺ هو. اتي خاصخيلي ماڻهن جا ڇَههَ سئو گهر هُجن، اتي چوڏهن سئو ايڪڙ زمين هئي. ان ۾ ساريال (سارين) جو فصل ٿيندو هو. انهن ڏينهن ۾ ٻارنهن مهينا مٺو پاڻي وهندو هو. ساريال فصل جهجهو ٿيندو هو، دادو، لاڙڪاڻو، ميرپور، سانگهڙ حيدرآباد ۽ سکر جا ماڻهو سوکي ۽ کارو ڇاڻ ۽ ڀرپاسن تي، درياهن تي لابارو ڪرڻ ايندا هئا. ساريال جا لابارا ٽي چار مهينا هلندا هئا. اهي ماڻهون ٽي چار مهينا ٽڪي پوندا هئا. پوءِ سوکيءَ جا ماڻهو ۽ کاري ڇاڻ جا ماڻهو انهن کي کير ۽ مکڻ جي لاءِ ڏُڌي (مينهن) مفت ۾ ڏيندا هئا. اهي جيترا مهينا رهندا هئا، ڏُڌي (مينهن) انهن وٽ هوندي هئي، اهي جڏهن ويندا هئا ته ڏُڌي واپس ڪندا هئا. انهن ماڻهن کي شام جو ڪاٺين جي ڀَري ۽ اَن جي ڀَري به مفت ۾ ڏيندا هئا. جيئن اُنهن جا ٻچڙا بک تي نه ويهن ۽ لنگهڻ نه ڪاٽين.
کاري ڇاڻ ۾ اسڪول هو، اسين اتي پڙهندا هاسين (هئاسين)، سوکيءَ ۾ اسڪول هو. پوءِ استاد اسان ٻارن کي سوکيءَ وٺي ويندو هو. سوکي جي اسڪول ۾ ٻارن سان چٽا ڀيٽي جا امتحان ڪرائيندو هو. جيڪي ٻار کٽي ويندا هئا. انهن کي انعام ۽ شاباس ڏيندا هئا. اسڪول واري زماني ۾ سوکي ڏٺوسين، هن وقت به اهي ڏينهن ۽ اسڪول وارو زمانو ياد ايندو آهي. اسان جو وَٺَو درياههَ جي ڪنڌيءَ تي ريزڪي جو دڪان هو. اُن دڪان ۾ ريزڪيءَ جي سامان سان گڏ، ڪپڙو لٽو، ٺڪر جا ٿانوَ به رکيل هوندا هئا. هڪڙي ڏينهن آئون دڪان تي ويٺو هوس. وٺو درياههَ جي ڪنڌي سان ٻيڙي لنگهي، ٻيڙي ۾ مائي ويٺي هجي ۽ چار پنج مرد به ويٺا هُجن. ٻيڙيءَ منجهه ويٺل مائي سُرسان ڳائي رهي هئي. ڪلام جو آواز منهنجي ڪنن تي پيو. ڌيان ٻيڙي ڏانهن هليو ويو.
صبح مِليم سومرا، وَٺي جون واڌايون،
سانوڻ سوڙهه لائي، ٿيون ساڻي منجهه سڻائي.
پوءِ خبر پئي ته اُها ڳائڻ واري مائي “جيوڻي” هُئي، واڻ درياهه تي ڳائڻ وڃي پئي. وَٺو درياهه جا ماڻهو تيار ٿيا، هر ڪو خوشيءَ ۾ چوندو وتي پيو... “هلو واڻ درياهه تي هَلو... جيوڻي آئي آهي.” پوءِ سڀني تڙن ۽ ڳوٺن جا ماڻهو سنبريا ۽ ٻيڙين ۾ چڙهي ‘واڻ’ درياهه تي ويا. انهن ڳوٺن جا نالا ياد آهن.
حاجي هارون سمون ڳوٺ، حاجي چَنڊُو رونجهو ڳوٺ، حاجي قادر بخش بلوچ ڳوٺ، آمو خاصخيلي ڳوٺ، عبدالرحمان شيديءَ جو ڳوٺ، حاجي قاسم جت جو ڳوٺ، کارو ڇاڻ شهر، اسحاق اتراديءَ جو ڳوٺ، سيد ڪريم ڏنو شاهه ڳوٺ، صديق بلوچ ڳوٺ، حاجي صالح جت ونگائي جو ڳوٺ، مامو ڪڇيءَ جو ڳوٺ، خمو مالهيو جو ڳوٺ، الهڏنو مالهيو جو ڳوٺ، يعقوب مالهيو جو ڳوٺ، جمعو مالهيو جو ڳوٺ، موسيٰ مالهيو جو ڳوٺ، موسن خاصخيلي ڳوٺ، دائود چيرو ڳوٺ، علي خاصخيلي ڳوٺ، سومار چيرو ڳوٺ، ڪاڪ ڳوٺ، مبارڪ ڳوٺ، کارائي ڳوٺ، محمد سَمون ڳوٺ، چارڻ ڳوٺ، حاجي لونگ جمعو ڳوٺ، آڏڙي ڳوٺ.
مائي جيوڻي جي راڳ کي ٻڌڻ لاءِ سڄي تر جا ماڻهو ۽ پري پري جا ماڻهو آيا. واڻ درياهه تي ميلو مچي ويو. مائي جيوڻي کي مَردن پئسا گهڻا ڏنا، پر ماين (عورتن) به وَس کان ڪونه گهٽايو هو. انهن هَٿَ جون ٺاهيل رليون، وهاڻا، گهرا کڻي اچي جيوڻيءَ کي تحفي ۾ ڏنيون، اُهي رليون ۽ وهاڻا وڏا قيمتي هئا. انهن تي هٿ جي هُنر جو سهڻو ڪم ٿيل هُجي.
ڪي عورتون گنديون (پوتيون، روا) آڻي جيوڻيءَ جي مٿان وڌيون، اُهي چنريون ۽ ٻانڌڙيون (گندين جا قسم) جيڪي مشهور هُيون. هونئن به سنڌ جون ثقافتي شيون ڏيهه ۽ ڏيساور تائين مشهور رهيون آهن. سامونڊي پٽيءَ جي ڪنڌين تي وڏا راڳ ٿيندا هئا.
اسان سوکيءَ مان ڪنڀارن کان ٿانوَ وٺي ايندا هئاسين.حاجي موسو ۽ يعقوب ڪنڀار اهي ٻئي ڀائر هئا. انهن جو خاندان هن وقت حيدريءَ ۾ آباد آهي. اهي ڪپڙي جو ڪاروبار ڪن ٿا. گهارو شهرجي نئين آباد يعني وچ وارو حصو چئجي ٿو. اتي حاجي ابراهيم ڪنڀار جو ڪپڙي جو دڪان آهي ۽ اُن جي پٽ حاجي لطيف ڪنڀار جو به ڪپڙي جو دڪان آهي. هينئر گهارو شهر ۾ ڪنڀارن جا ڪپڙي جا دڪان آهن. پوءِ محمد عمر خاصخيلي ۽ محمد سومار سهتو موڪلائي هليا ويا.
احمد خاصخيلي ابراهيم حيدري
ڪجهه ڏينهن اڳ پياري دوست ايوب شان سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. انهيءَ ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهو سوکي کان لڏي، حيدري ۾ اچي آباد ٿيا هئا، انهن مان ڪي حيات آهن، ڪي ابراهيم حيدريءَ جي پاسي (ميمڻ ڳوٺ) ۾ رهن ٿا. شام جو جليل کٽي ۽ آءٌ گڏجي ابراهيم حيدري وياسين.
ريڙهي مياڻ کان ابراهيم حيدري بندرگاهه تائين ويهن منٽن جو سفر هَجي. اسان ابراهيم حيدريءَ ۾ فشر فوڪ فورم پاڪستان جي آفيس ۾ پهتاسين اُتي ايوب شان انتظار ۾ هو. پوءِ اسين آفيسن مان نڪري پنڌ هلندا، ابراهيم حيدري شهر جي سنهڙين گهٽين مان هلندا اچي احمد خاصخيليءَ جي گهر آياسين. اتي ڪچهري ڪندي خبرون چارون پُڇندي احمد ٻڌايو ته
“سوکيءَ ۾ سُک ئي سُک هو، ائين سمجهو سوکي شهر نه پر سک جو گهر” هجي. اسين سڀئي هڪ گهر جي ماڻهن وانگر رهندا هئاسين، اتي ڪوبه ماڻهو پيٽ بکيو ستو ڪونه، نه بُک ۾ ماڻهو ڪو مُئو. سوکيءَ جا ماڻهو هر ڪنهن جي سار لهندا هئا ۽ آيل ماڻهن جي وڏي مهمان نوازي ڪندا هئا. سوکي بندرگاهه کان ٻيڙين وارا گذرندا هئا ته انهن کي سڏي کير مکڻ ڏيندا هئا. ڇو ته ڀاڳين ماڻهن جو شهر هجي، هر ڪنهن وَٽ چوپائي مال جا وٿاڻ هوندا هئا، سو کير مکڻ جام ٿيندو هو.
اسان جا پڙ ڏاڏا ميرپورخاص جا هئا. اسان جو ڏاڏو ميرپورخاص مان لڏي اچي سوکيءَ جي ڀر ۾ ڳوٺ ڪريم ناڻي بچلاڻي ۾ ويٺا. اسان جو هتي لڏي اچڻ جو سبب اهو هو ته اسان جي وڏڙن ”سوکيءَ جي سک“ جي ساک ۽ هاڪ ٻڌي هئي.
جنهن ڳوٺ ۾ اسان جو ڏاڏو اچي رهيو هو، اهو اَٺَ ايڪڙن تي هو. اسان جي وڏڙن سوکيءَ ۾ هٽ کوليو. جڏهن “سُکيا پر” ٿيڻ لڳاسين ته پوءِ سوکيءَ ۾ زمين ورتي سون. اسين پاڻ هارپو ڪندا هئاسين. اسان جو ڏاڏو واپار ڪرڻ لڳو. هي ٻيڙين ۾ ساريون ۽ چانور ڀرائي ڪراچي کڻي ويندو هو. اتان هَٽَ جي لاءِ جنس (سامان شيءِ، وکر وڙو وغيره وٺي ايندو هو. اسان جي وڏڙن سان سوکيءَ جي واڻين جي وڏي سِڪ پريت هئي، جڏهن واڻيا ويا پئي ته روئڻ لڳا، سڀني کان روئي موڪلايائون. اسان جا وڏڙا به روئي ويٺا.
سوکيءَ مان واڻيا هليا ويا هُجن. پوءِ سوکيءَ ۾ اُهو رنگ ۽ واپار چَلتو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيو. سوکيءَ واڻين کانسواءِ خالي خالي لڳندو هو. ڄڻ شهر کٽل هوندو هو. پوءِ سوکي ڦٽندو ۽ کٽندو ويو. جڏهن هندو ويا پئي ته انهن زمينون مسلمانن کي ڏنيون ۽ چيائون ”جي واپس وري آياسين ته اسان کي موٽائي ڏجو، نه ته اوهان جون ٿيون.
هڪ ڀيري اسان جو مائٽ سير ڪريڪ تي شڪار گهورڻ (مڇي مارڻ) ويو، اتي پڪڙجي پيو. انڊيا نيوي وارن هن کي پڪڙي وڌو، انهن جو آفيسر هندو هو. ان پڪڙيل ٻيڙين وارن کان پار پتا پڇيا، ڪير آهيو؟ ڪٿان آيا آهيو؟ وغيره انهن هر هڪ خلاصي کان پڇيو. محمد صديق خلاصي کيس چيو.
”اسين سوکي بندرگاهه کان آيا آهيون.“ آفيسر سوکي بندرگاهه جو نالو ٻُڌي ڪا گهڙي خاموش ٿي ويو. پوءِ ٻيڙين وارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ لڳو. پوءِ ان آفيسر پنهنجي باري ۾ ٻڌايو. اسان جا وڏا جڏهن سوکي مان لڏي رهيا هئا ته سوکيءَ جي ماڻهن اسان جي وڏڙن سان سٺو سلوڪ ڪيو هو. مون کي پنهنجا پيءُ ماءُ سوکيءَ جي ماڻهن جي محبتن ۽ انهن جي عزيزائپ جي باري ۾ ٻڌائيندا هئا. وڏڙن جون ڳالهيون ياد آهن، تنهنڪري توهان کي ڇڏيان ٿو.
سوکي ۾ اسان جي پنجاهه ايڪڙ زمين هئي. چار گهوڙا هئا. انهن ڏينهن ۾ خوشحال ماڻهن وٽ گهوڙا هوندا هئا. جڏهن سوکي ڦٽو ته اسان پنهنجي زمين حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊُڪ ڊوڙ ڪئي، صرف 16 سورنهن ايڪڙن جي رقم ملي هئي. اسان شاديون پنهنجي ذات وارن مان ڪندا هئاسين، چنڊ جي سائي ۾ شاديون ٿينديون هيون. چنڊ جي پهرين رات کان چوڏهين چنڊ تائين اهي سايون راتيون ليکبيون هُيون، جن ۾ شاديون ٿينديون هيون. سايون راتيون معني سوجهري ۽ چانڊوڪي واريون راتيون.
سوکيءَ جي ڦٽڻ کانپوءِ اسان جا وڏڙا “درياهه آباد” تي اچي ويٺا، درياهه آباد (لياري، کڏو، ميمڻ سوسائٽي، ڪراچي لياريءَ درياهه آباد کارا در وغيره) وارو علائقو هو. اسان جي وڏڙن ”درياهه آباد“ تي نوراني مسجد ٺهرائي هئي. جنهن ۾ منهنجو نانو ”ميان جي محمد يوسف خاصخيلي هو. اُن مسجد جي سار سنڀال لهڻ، ٻانگ ڏيڻ يا ڪو اعلان ڪرڻ واري کي ”ميان جي“ جي لقب واري نالي سان سڏيندا هئا.
هڪ واقعو ٻڌايان ٿو ته ”انهن ڏينهن ۾ جڏهن اسان جا وڏڙا حج تي پيادل ويا هئا، منهنجو پيءُ بچل ان سان ٻيا به ڳوٺ وارا ماڻهو هُجن. رستي ۾ هڪ جاءِ تي پڪڙجي پيا، اتي مهينو قيد ۾ هئا. اهو قيد ڪاٽي پوءِ حج تي ويا. بابا گهر کان نڪرڻ وقت امڙ کي روڪ پنجاهه روپيه ڏئي چيو هو. هي پئسا گهر جي خرچ پکي لاءِ رک، اسان کي ڳچ مهينا ٿيا سگهي ٿو ته سال کن لڳي وڃي.

عيسيٰ خاصخيلي پٽ حاجي سومار خاصخيلي کيرواڻي
عيسيٰ خاصخيلي کيرواڻي پٽ حاجي سومار خاصخيلي کيرواڻي ڳوٺ علي کيرواڻي خاصخيلي ديهه بَبلو تپو ببلو، ببلو به واڻيون هندو هو، جنهن جي نالي سان ديهه آهي، تعلقو کاروڇاڻ
آئون ستونجاهه سالن جو آهيان. ديهه سوکي ۽ ديهه بَبلو اُن جي وچ تي ”علي کيرواڻي“ ڳوٺ ۾ ويٺل هئاسين. اسان جو ڳوٺ سوکي کان ٽي ڪلوميٽر پري اتر طرف هجي. علي کيرواڻي ڳوٺ جي اوڀر پاسي ۾ مُٽڻي درياهه ۽ ڏکڻ جي پاسي ۾ ميرواهه درياهه جو وڏو بندرگاهه سوکي هيو. علي کيرواڻي ڳوٺ ۾ اسان جا پنجاهه سٺ گهر هئا. اهي سڀئي کيرواڻين جا هئا. مالوند ماڻهو هئا. اهي سڀئي هارپ ڪندا هئا. محمد موسي! ملڪاڻي وڏو زميندار هو. تنهن جا هاري هئاسين، تنهن چار سئو (400) ايڪڙ زمين اسان کي کڻائي ڏني. ان زمين ۾ جيڪي فصل ٿيندا هئا، ساريون، رتڙيون، کسرو. هن ساريءَ جو قد مڙس جيترو هوندو هو. سُڳنديا (سڳداسي) ڪامبر چانور، هي چانور چاليهن ڏينهن ۾ تيار ٿيندو هو.
باسبتي چانور جام ٿيندو هو. ان کان علاوه چيٽ جا فصل واٽئي واٽا زمين ۾ ٿيندا هئا. جنهن ۾ مُور مٽَر، اڙو ڪاري، اڙد سائي، مڱ، لاهوري گجر، پتائي گجر، موري وٽاڙ رول، جنهن جي ڀاڄي ڀلي ٿيندي هئي، شوق سان کائيندا آهيون. ٻاجهر، جوئار. ان کان علاوه اسان جي زمين ۾ باغ هئا. گنگو باغ، ٻيرن جا باغ، گدامڙين جا باغ، ٻيڙين جي پنن جا باغ، پرڏيهي وڻن جا باغ اسان جي زمين ۾ ميرون جا ڀَلا وڻ هئا، انهن جا وڻن جا نالا... ڄمون، کٽوبڙا، گدامڻي، ٻيرَ، صوفي وڏا ٻير، ناريل کٽي آمري، ڄام جا وڻَ (ڄام ذات به آهي) انبَ ليمان، سوپارين جا وڻ هوندا هئا، انهن جو قد ٽن فوٽن کان پنجن فوٽن تائين هوندو هو.

ٻٻَر ۽ ٻيرن جا ٻيلا هئا. پرڏيهي وڻ، ڪَئي جو وڻ. هن وڻ مان کئونر ٿيندو آهي. حڪيم ڪَئي جي وڻ جي کئونر مان مردن جي طاقت واري دوا ٺاهيندا هئا. پرڏيهي وڻ، هن وڻ ۾ ڦريون ٿينديون هيون، ماڻهو وڻ مان ڪچيون ڦريون پٽي (کائيندا) هئا. سَريل وڻ، هن وڻ جي ڪاٺي ڏاڍي مضبوط ٿيندي هئي. سريل وڻ جيترو پراڻو اوترو ان جي ڪاٺي مضبوط ٿئي ٿي. بڙ جي وڻ مان حڪمت جون شيون ٺهنديون هيون. گيدوڙي جو وڻ، هن جي ڪاٺي مضبوط ٿئي ٿي. هن جي پن مان ماڻهو ٻيڙي ٺاهيندا هئا ۽ ڇڪيندا هئا ته ان ۾ تماڪ وجهندا هئا. اسان وٽ جڏهن برساتون پونديون هيون ته انهن ۾ وليون ٿينديون هيون. ولين جا قسم... گولو (ول) هي ول تي چڙهي ويندي آهي. هن جو ڦر گول چماٽي جهڙو ڳاڙهو ٿئي ٿو. هن جو ڦر ماکي کان وڌيڪ مٺو مصري ٿئي ٿو. سنگرال (ول) هن وڻ جو ڦر قد ۾ ڀينڊي جيترو ٿيندو آهي، پر ڀينڊيءَ کان سنهڙو، عورت جي سنهڙي آڱر جيترو ٿئي. ٽوهه (ول) هن جو ڦر دوائن ۾ ڪم اچي ٿو. منڍيري (ول) گرمي جي موسم ۾ وڏي فائدي واري آهي.کُنڀيون پيدا ٿين. هن جي ڀاڄي سٺي ٿيندي آهي.
اسان جا سڀ فصل واٽائو هئا. سواءِ سارين جي لهڻ کانپوءِ ان زمين ۾ چيٽ ڪندا هئاسين، چيٽ جا فصل بغير پاڻي جي ٿيندا هئا. واٽائي ۽ واٽا جي معنيٰ اها زمين جنهن کي پهرين هر ڏئي پوءِ تَرَ ڏيندا هئا.
تَرَ جو طريقو
ڇهه فوٽ ڊگهي ڪاٺي جيڪا سوا يا ڏيڍ فوٽ ويڪري هوندي هئي. ان سان کيڙيل زمين کي سرخو ڪِينداسين، يا تَرَ ڏينداسين ته پوءِ اُها زمين سَڙجي سنئين ٿي ويندي هئي. پوءِ ناڙي ڪينداسين ۽ ٻج ڇٽيندا هئاسين. ان زمين ۾ اڳ ساريال فصل هيو.
پوءِ جليل کٽي ۽ مان دوستن کان موڪلائي ريڙهي آياسين. ڊاڪٽر چيو، “هلو ته گُهچ سان ملون.”
ريڙهي مياڻ ۾ محمد حسن گهچ جي گهر ۾ قاسم ولد زين موساڻي، موساڻي پاڙو محمد حسين ولد عمر ڍوراڻي پاڙو دريائي، گهچ موساڻي (بک جي گهاڻي) ڪچهري ۾ هر ڪنهن زندگيءَ جو هڪ واقعو ٻڌايو.
ادا! درياهه جي ڌنڌي ۾ اسان سان واقعا الائي ٿيا آهن، ڏانڊي درياههَ تي وياسين. هوڙيءَ ۾ پنج خلاصي محمد حسن موساڻي، محمد صديق موساڻي، محمد موسيٰ موساڻي، محدم قادر موساڻي، محمد جمن موساڻي ۽ آءُ محمد قاسم موساڻي شام پوڻان ڇَهه يعني وچين کان اوير آکڙ جو ٽيم هُجي. وڏن سانن جو وقت، ڪلو ۾ ٻارنهن تگرنهن سانا تُرندا، ايڏا وڏا اسان مارڻ وياسين.
درياهه منجهه شڪار تي ويندڙ ناکئان ۽ خلاصين سان زندگي ۽ موت جا واقعا ٿيندا رهندا آهن. پر هڪڙو ڏانڊي وارو واقعو جيڪو ٻڌايان پيو. ايڏي وڏي لَهر اُٿي جيڪا هوڙي تي آئي، هوڙي کي ائين وڪوڙي ويڙهي وئي جيئن ڪپڙي جو تاڪيو ويڙهبو آهي. ايئن ويڙهجي وياسين. پوءِ اسين هوڙي مان ڇلانگ ڏئي پاڻ کي آجو ڪري پاڻيءَ ۾ ترڻ لڳاسين. ٻيو پاڙي وارو هوڙو جيڪو موساڻي ابلو جو هو. اُن اسان کي پاڻي مان کنيو ۽ پانجي هوڙي ۾ پاڙهيو. پوءِ ان اسانجي ٻڏل هوڙي کي ڇيڙو ٻڌي تڙ تي آندو.
ڪاجر درياءَ کان ناکئي چيو ته هلون، رات جي اُن مهل اونداهي هجي. واءُ تيز پيو لڳي. اسين کلئي سمنڊ مان ٻاهر اچون پيا. تقريبا ويهه يا ٽيهه واٽون ڪنڌي کان ٻاهر هُجون اُتي ناکئي جي مت مُجها وئي، ناکئي جو دماغ نه پيو ڪم ڪري. پوءِ ناکئي مکي سڏ ڪيو.
قاسو! ٻڌاءِ هير ڪهڙي نَرَ تي آئيون (آهيون)؟
ناکئا! اونداهي الائي آهي، واءُ وڌندو پيو اچي، سُڌ نه پئي!! مجرو (هوڙي جو منهن) تل تي ڪر.
ناکئو، قاسو جي ڳالهه سڻي هوڙي جو مُجرو تل تي ڪِو ۽ قاسو ماندا (موري وارو حصو) هوڙي ۾ بيهِي ونجهه تانگهائي بيٺو، پر وَنجهه نه پيو لڳي، هوڙو هليو پيو اچي، واءُ تيز هجي، خلاصي اڌ ۾ جهليا پيا آئن!، ناکئي جو دماغ ڪم نه پيو ڪري، خلاصي پريشاني منجهان اکئي جي مُنهن پيا نارين، قاسو ونجهه تانگائيندو پيو اَچي، نيٺ ونجهه اچي دوڻي ۾ لڳو.
ڊاڪٽر جليل کي ڪا ڳالهه ياد آئي، مون کي اشارو ڪري چيائين، “ادا! اٿ ته هلون، موساڻي پاڙي ۾ چاچا محمد پٽ عرس خاصخيلي وڏي عمر جو ماڻهو آهي، جنهن سوکيءَ کي پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي. هل ته هلي ان سان ٿا ملون.”
پوءِ اسان دوستن کان موڪلائي چاچا محمد جي گهر آياسين. چاچا محمد ولد عرس خاصخيلي، جنهن ‘‘سوکيءَ جو سُک اکين سان ڏٺو’’.
‘‘ابا! اُهي سوکي جا سک، چڱن مڙسن جا فيصلا، محبتي ماڻهن جون محفلون......واهه.......... سوکي تو جي سونهن.
‘‘ ابا! سوکيءَ جو شهر چئن دريائن، اُتر ۾ ميرواهه، ڏکڻ ۾ ‘‘ سنهڙي’’، اوڀر ۾ ‘‘مُٽڻي’’ ۽ اولهه ۾ ‘‘گابار’’ درياهه هو. انهن چئن دريائن جي وچ ۾ پنجاهه ايڪڙن جو ٻيٽ هو. ان ٻيٽ تي خوبصورت شهر سوکي ۽ ‘‘بندرگاهه’’ هو. سوکيءَ ۾ ڀلي زمين، باغ ۽ سارين جي فصلن سان ساوڻي لڳي پئي هوندي هئي.
سوکيءَ جي شهر ۾ ٻه وڏيون بازاريون، اتر کان ڏکڻ جي طرف ۾ هيون ۽ اُتر پاسي ۾ سارين جي مل (Rice Mill ) سا ٽن ڀائرن ‘‘سيٺ ڌرمون مل’’، ‘‘ سيٺ تيجومل’’، ‘‘ سيٺ آسن داس’’ جي هُئي.
ابا! سوکي جي سک جي وڏي ڳالهه اها هئي، جو اُتي ‘’ٿاڻو’’ ڪونه هو، نه چور، سپاهي هو. ها.... باقي ڪسٽم جي آفيس هئي. سوکي بندرگاهه کان جيڪو مال ٻيڙن، اُٺن ذريعي ايندو هو ۽ سوکي شهر مان مال بندر گاهه تي ايندو هو. ٻنهي کان ڪسٽم وٺندا هئا. معنيٰ ڪسٽم جي پرچي کانسواءِ مال لهندو ۽ چڙهندو ڪونه هو. سوکي کان سچو گيهه، جانورن جو چمڙو، چيٽ ۽ ڪتيءَ جا فصل، تڏا تنوريون، اَنُ وغيرهه اِهي سڀ هتان ويندا هئا. جيڪي واپاري سوکي بندر گاهه کان پنهنجا ٻيڙا ڀرائي ڏور ملڪن تائين وڃي،ا تي ٽڪي پوندا ها ۽ پنهنجو مال کپائي، سي ورڻ جي ڪندا هئا ته اهي انهن ملڪن مان گرم مصالا ٻيڙن جا پٽا وغيرهه وٺيون ايندا هئا. انديا جون ٻيڙيون مشهور هونديون هيون.
ابا! هير هوري هجي، يا هورو. ٻيڙي هجي يا ٻيڙو ۽ لانچ وغيرهه. سڀئي مشين تي هلن ٿا. پر اڳي ڪونه هيون، ٻيڙيون، ٻيڙا، رنگي ٻيڙاسي ‘‘ممڙهن’’ ڪپڙن جي ٺهيل ‘‘بادبان’’ تي هلندا هئا. سياري ۾ اتر واءُ لکندو هوپ ته اُتر پار جا ٻيڙا ‘‘سوکي بندر’’ تي کنگر انداز ٿيندا هئا. ۽ وري جڏهن انهاري ۾ اولهه ڏکڻ جون هوائون لڳنديون هُيون ته سوکي بندر کان ٻيڙا هاڪاري هلندا هئا ۽ اهي ٻين ملڪن ڏانهن عدن، مسقط، هندستان، يورپ تاءِ ويندا هئا.
ابل! مطلب ته هر وقت سوکي بندر تي بهارون ئي بهارون ، خوشيون ئي خوشيون لڳيون پيون هونديون هُيون ۽ رات ڏينهن ماڻهن جا ميڙا متل هوندا هئا. ماڻهو ٻيرن، لانچن ۽ هوڙن سان سامان لاهيندا ‘‘ڍڳا گاڏي’’ ‘‘بيل گاڏي’’ هڪ شئي جا ٻه نالا آهن گھڻا ‘‘ ڍڳا گاڏي’’ چون ته ڪي بيل گاڏي چوندا آهن. بندرگاهه تي مزوري جام هئي، تڙن، ڍورن ۽ درياهن تي رهندڙ ماڻهو، سوکي بندر ۽ سوکي شهر به روزانو سياهه ۾ مزدوري لاءِ ايندا هئا. بندر تي رات ڏينهن ڪم جو چلتو چلندو هو.
سوکيءَ جا واڻيا وڏا زميندار هئا، ڪي مسلمان به زميندار هئا. پر وانين جو واپار سان گھڻو واسطو هوندو هو. جيڪي مسلمان زميندار هئا انهن ۾ رئيس قاسو جت آمر، علي محمد قاسماڻي جت ۽ عثمان شيدي، ابا! ٻيا زميندار هئا، هان وڏپڻ (وڏي عمر) ۾ نالا وسري ويا آهن.
سوکيءَ ۾ سُک، ٻارهوئي سڄو سال مٺو پاني پيو وهندو هو. مٺو پاڻي جيڪو لڙهاٽيل مٺي پاڻيءَ سان هوندو هو. اها مٽي جنهن هنڌ تي به ويهي، ڄمي پوندي هئي ته زمين جا ننڍڙا ننڍڙا، اهي اڙا، ٽڪرا ‘‘ ٻيٽ’’ جنهن کي کاري جي ٻوليءَ ۾ ‘‘بل’’ چون، پوءِ نوان ‘‘بل’’ ظاهر ٿي پوندا هئا. ان زمين تي ساريون پوکيندا هئا ۽ ٻيا به فصل پوکيندا هئا. مٺي زمين ۽ مٺو پاني هُجڻ ڪري ڀلو فصل ٿيندو هو.
سوکيءَ جي اولهه طرف ۾ مسلمانن جي بازار ۽ ان بازار جي پٺيان مسلمانن جا گھر، ڳوٺ هوندا هئا. ۽ اوڀر طرف بازار هئي. ان بازار جي پويان واڻين جا گھر هوندا هئا.
سوکيءَ ۾ ميلا، سٺا ميلا لڳندا هئا. انهن ميلن ملاکڙن ۾ هندو ۽ مسلمان گڏ هوندا هئا. ٻيو شادي مرادي هندو توڙي مسلمانن جي ٿيندي هئي ته به گڏ شريڪ ٿيندا هئا.
ميلن ۽ هندن جي شادين ۾ ڳائڻا جن کي هاڻ فنڪار چون ٿا ناهن ڳائڻن، لتا، رفيع ۽ ٻيا ڳائڻا انڊيا مان ٻيڙين ۾ چڙهي سوکي شهر ايندا هئا.
راڳ جون محفلون سوکي شهر جي وچ ميدان تي ٿينديون هيون مسلمان مرد ۽ هندو مرد آمهون سامهون وچ ۾ ٿوري گھٽي ڳائڻ جي لاءِ ڇڏي ڏيندا هئا. ڪي ڳائڻا ڇير ٻڌي نچندا هئا. ان وچ واري گھٽي نچندا هئا. جيڪي ماڻهو ڳائڻن کي پيسئه ڏيندا هئا ته ان ماڻهو وٽ بيهي رهندا ۽ ڳائيندا هئا هرڪو ماڻهو چاهيندو هو ته ڳائڻو منهنجي ويجھو اچي ڳائي ۽ نچي. ان وقت جيڪي پئسه هئا، انهن ڍينگلن، چانديءَ ۽ پتل جي پيسن جو رواج هيو. ماڻهن ڳائڻن جي مٿان ڍنگيلن روپين چانديءَ ۽ پتل جي سڪن جا وسڪارا لائي ڏيندا هئا. ائين لڳندو هو ڄڻ ڪنهن چانديءَ جي سڪن جو مينهن وسايو هجي.
واڻيا پنهنجن عورتن کي پردن پٺيان ويهاريندا هئا، اهي به ڍينگلن، چانديءَ جي سڪن جون ڳائڻن مٿان وسڪارو ڪنديون هيون، اڪثر رات جي پوئين پهر ۾ ڳائڻ وقت برسات پوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن اهڙي برسات پئجي ويندي هئي، سڄو مزو ڦٽي پوندو هو، ماڻهن کي ڀڃڻ لڪڻ جون جايون ڪونه ملنديون هيون مرد، عورتون، ٻار پئي سانهون ڪندا ۽ رڙيون پئجي وينديون هيون.
ابل! سوکي بندر ۽ شهر جي چئو طرف ننڍا وڏا ڳوٺ ، جن ۾ مختلف ذاتين وارا ماڻهو رهندا هئا. اهي ڀاڳيا خوش ۽ مالوند هئا. انهن وٽ چوپائي مال جا وٿاڻ ويڙها، هر پاسي ويندڙ آباد يون، وستيون، مال جون ڪڏڪاريون، سانا، پلا، مڇي ۽ مانيون.....
شام جي وقت جانور (چوپائو مال) جوءُ ‘‘چراڪائو’’ مان چري ڦري واپس وٿاڻ تي ايندو هو ته انهن جانورن کي ٻڌل چڙن جون چونگارو، ڍگرن جي ڊڻ ڊڻ جا آواز، پري کان ئي ٻڌڻ ۾ ايندو هو. ان مال جي چڙن ۽ ڍگرن جي آوازن مان پتو پئجي ويندو هو ته اهو فلاڻي ڀاڳئي جو ‘‘وڳ’’ پيو اچي.
ان وقت پنجاهه روپين ۾ سارين جا ويهه مڻ يعني ‘‘کراڙ’’ ملندو هو. ابا هيئر پنجاهه روپين (50) ۾ ڪلو ان جو نٿو ملي ڇا ته مهانگائي آهي.
ابا! اڳي ماڻهو جو ملهه ۽ قدر هو ۽ هاڻ ماڻهو جو ملهه ۽ قدر ڪونهي پر پئسن جو ملهه ۽ قدر آ. جنهن وٽ ججهو ناڻو ان جو هرڪو سڏائي پيو.
ابا! واڻ، درياءَ، آياڙي درياهه، ٻانهي واري مسجد وارو ڍورو، مل درياهه، وٺور درياهه، کوبر، گھوڙو درياهه اهي سڀ آباد ڳوٺ هئا. هاڻ انهن هندن تي ڪاري وارا ڪک لڳا پيا آهن.
ابل! اڳوڻي زماني ۾ مهاڻن جي ‘‘مڍن’’ ذات هئي. ماڻهو ڪم ذات گھٽ زات سمجهندا هئا.
ِهل ڙي هل مهاڻا وڃي ڇوڏيون مار!
هينئر ڏسين پيو ته هر ذات وارو ماڻهو چوڏيون پيو ماري ، مڇيءَ وارو ڌنڌو پيو ڪري.
سوکيءَ جي شهر ۾ ‘‘ابو ساٽي’’ جي هوٽل ۾ بچو سهتو جي هوٽل مشهور هيون، جن ۾ فونا ڦرندا هئا. انهن فونن جي ذريعي ڪلام ٻڌندا هئاسين. جن کي ‘‘رڪاڊ’’ به چوندا هئا. هاڻي ته اهي ‘‘فونا’’ به ڪونهي ، هاڻ اهڙيون شيون نڪري پيون آهن جو وڃي ٿيا خير. هر ٻار وٽ موبائيل آهي اڳي ٻار ڦرهي، پٽي تي لکندا ۽ پرهندا هئا. هاڻ سڀ ڪو موبائل تي لکي پڙهي ويٺو آهي. سوکيءَ ۾ حاجي خميسو کٽي جو دڪان هوندو هو، جيڪو پوءِ کارو ڇاڻ ۾ دڪان کولي ويٺو. موسي ڪنڀار سوکيءَ ۾ .
صبح جو ڊاڪٽر جليل ۽ ٻين دوستن کان موڪلائي ڪراچي هليو آيس.
ٻئي ڏينهن تي الهڏنو خاصخيلي کيرواڻي پٽ علي کيرواڻي خاصخيلي کارو ڇاڻ مان فون ڪئي.
“ادا! گهارو شهر ۾ چاچو عيسيٰ کيرواڻي خاصخيلي رهي ٿو. اُن وٽ وڃان پيو. توهين اتي اچو.”
“ادا! آءُ گهارو اچان ٿو.” پوءِ فون بند ڪري تياري ۾ لڳي ويس. آئون ڪراچي ۾ ڀاءُ نويد ٿلهو جي گهر رابعه سٽي ۾ رهيل هوس. پوءِ تيار ٿي ڀاءُ ۽ امڙ ڀيڻ کان موڪلائي هيٺ آيس. اتان رڪشه ۾ چڙهي جوهر موڙ تي اچي ڊي ست (D-7) ۾ چڙهي، قائد آباد آيس. قائد آباد مان سجاول شهر ڏانهن وڃڻ واري وين ۾ جاءِ ملي وئي. ڪلاڪ سوا ۾ گهارو شهر ۾ پهتس، ايتري ۾ ڀاءُ الهڏنو خاصخيلي کيرواڻي جي فون اچي وئي.
ادا! آئون ”چيئرمين هوٽل“ تي ويٺو آهيان. مون ڪنڌ ورايو ته اتر پاسي ۾ ”چيئرمين هوٽل“ ڏسڻ ۾ آيو. اڳتي وڌي هلڻ لڳس ته سامهون ڀاءُ الهڏنو خاصخيلي کيرواڻي ويٺو هو. هن چانهه ماني جي صلاح ڪئي پر مون کي ضرورت ڪونه هئي.
الهڏني چيو قادو ملاح پاڙي ۾ چاچي عيسيٰ خاصخيلي کيراڻي جي جاءِ آهي، اتي هلنداسين. چاچا به اتي آهي. ان اسان سوکيءَ جي باري ۾ حال احوال ڪنداسين. الهڏنو خاصخيلي رستي ۾ هلندي ننڍپڻ جي ڳالهه ٻڌائڻ لڳو.
کاري ڇاڻ شهر کان ڏکڻ ۾ خچر جي مڪان تي آباد هو ۽ ميرواهه ۽ سوکي جو شهر ڏکڻ ۾ آباد هئا، اسان جي ڳوٺ جو نالو علي کيرواڻي هو. اسين ٻار هئاسين جو سوکي شهر گهمڻ ويندا هئاسين. سوکي ۾ اسان جي اوڙڪ وارا خاصخلي رهندا هئا. هڪ جو نالو سڀاڳو خاصخلي هو. اسين هن وٽ ويندا هئاسين. سوکيءَ جي بازار ۾ مانڊڻيون هيون. اسين مانڊڻين تان شيون وٺندا کئيندا (کائيندا)( هاسو (هئاسون) اتي هَڏو سوپاري ملندي هئي، جنهن ماڙ (ماڻهو) جون ڏاٺون مضبوط هونديون هيون، اهو هڏو سوپاري وٺي کائيندو هو... باقي پوڙها ماڙ (پوڙها ماڻهو) هَڏو سوپاري وٺي گهر اچي ان کي پاڻي منجهه پسائي رکندا هئا. پوءِ صبح جو پاڻي مان هَڏو سوپاري ڪڍي کائيندا هئا. هڏو سوپاري جو اهڙو رنگ هوندو هو، جهڙو ڏونگي جي اندر وارو رنگ آهي.
اسان جا وڏڙا مالوند ماڙها (ماڻهو هئا) تن وٽ ڍور ڍڳا، مينهون، ٻڪريون، رڍون ۽ اُٺ هئا. اسان جي گهر ۾ به کير مکڻ جام هوندو هو... اسين ٻنين تي ويندا هاسين (هئاسين) اتي خوبصورت وليون ولون هونديون هيون ۽ گاهه هجن، انهن ولين جا نالا ياد اچن پيا.
دود ڦُل، گاهه هوندو هو، دود ڦَل هر مال کئيندو هو. لُلّر گاهه، برسات منجهه ٿيندو هو. مال جو چَڙو (گاهه) هوندو هو. مليرو، گاهه جو قسم. هي گاهه برسات ۾ ٿيندو هو. مال به کئيندو ماڙو (ماڻهو) مليرو گاهه پٽي ان جو ٻوڙ رڌي کائيندا هئا. ڪُم ٿيندا هئا، ماڻهو کئيندا (ماڻهو کائيندا) هئا. پَٻڻ به ٿيندا هئا.
جهنگ ڊاڪو. هي گاهه جو قسم هو. هِن ۾ ڦر ٿيندو هو، جيڪو ماڙ کئيندا (ماڻهو کائيندا) ڏاڍي مٺي ٿيندي هئي. ڪانهه پيرو. هي گاهه جو قسم آهي. هن جو ميوو ڇگن ۾ هوندو. ماڙ کئيندا (ماڻهو کائيندا) ته جانور به کئيندا هئا. منڌيڙو گاهه... هي مال جو ڇَرو هو (جانور جو کاڌو هو) هي گاهه برسات ۾ ٿيندو هو. ڏنگڻ گاهه... هي سَنهو گاهه ڪمند وانگر مٿي چڙهيو ويندو هو. جانور ڍور ڍڳا ٻڪريون رڍڍون ۽ مينهون، اُٺ کئيندا هئا. ڌاڻا ٿيندا هئا.
سانوڻي: هي گاهه جو قسم هو. هي گاهه مال چرندو هو.
ٽوپ: گاهه جو قسم.
ڀَتر: گاهه جو قسم.
ڪانئر: گاهه جو قسم هو. هي گاهه گَپَ ۾ ٿيندو هو.
سامونڊي لوئانڊو: هي گاهه جو قسم آهي.
ڏِير: هي گاهه جو قسم هو. مال چرندو هو.
سوراڻي: گاهه جو قسم.
سونئڻ: گاهه جو قسم. هن گاهه ۾ ٻج ٿيندو. ان ٻج جو ماڻهو ڀت رڌيندا هئا.
پاڙ: گاهه جو قسم.
اُبتي ڏنگڻي: گاهه جو قسم. هي گاهه مال کائيندو آهي.
ماميچو: گاهه جو قسم.
ڪانڊيرو: وڻ گاهه جو قسم. مال چرندو هو.
ڊامائو: گاهه جو قسم. مال چرندو آهي.
آڏيري: گاهه جو قسم.
پَن: گاهه. اسان پَنَ وڍيو گهر ٻَر ان مان ٺاهيندا هئاسين.
گهر جون عورتون پَنَ مان تڏا تنوريون ٺاهينديون هيون. هٿ وارا پکا ٺاهينديون هيون. پَنَ جون تڏيون تنوريون ۽ پکا انهن تي پَنَ جا نمونا ڪڍنديون هيون. ڪي تڏا تنوريون ۽ پکا لسا يعني سادا ٺاهينديون هيون. سر سبز ساوڪ ئي ساوڪ باغات ٻيلا هئڻ سبب جي ڪري سامونڊي پٽي ۾ برسات جام پوندي هئي، ان برسات ۾ گاهه پَٽَ ۽ وليون بي انتها خوبصورت ڦٽنديون هيون.
وَل جا قسم: ريبڙ وَل. هن جو ڦر گندري کان ننڍو ٿئي ٿو، پر ماڙ کيندا آهن.
چمبڙ: ول هن جو بڄ به کائيندا آهن.
ڪُتي ول: هي ول مال چرندو آهي.
وائو ول: جانور کائيندا آهن.
ٻُڪن: ول جو قسم.
چَمبر ڪاٺي: ول جو قسم. هي ول ٻار جي سُتيءَ ۾ ڪم ايندي آهي.
اڄ به پَنَ مان تڏيون تنوريون ٺهنديون آهن. اها پَنَ حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن ۾ ايندي آهي. ماڻهو وٺندا آهن.ا ڳي اهو وقت هو جو ماڻهو اسان جي پن زمينن مان پَنَ مفت ۾ وڍيون کڻيون ويندا هئا. ايڏي پَنَ هوندي هئي. اسين عيسو خاصخيلي جي جاءِ تي پهچي وياسين، سائين عيسو خاصخيلي سان ملاقات ٿي.

4

حاجي ابوبڪر پُٽ حاجي محمّد عرس کٽي
شام جي وقت بجلي هلي وئي... عيسو خاصخيلي چيو...
ادا! مَي وٽ لائيٽ ڪينهي... (منهنجي گهر ۾ بجلي ڪونهي...)
پوءِ الهڏنو خاصخيلي چيو... هَل ته هَلو... کاروڇاڻ جا کٽي گهارو ۾ رهندا آهن، پنهنجا عزيز دوست آهن. پوءِ اسين قادو محلي مان عيسو خاصخيلي جي جاءِ کان نڪتاسين، پنڌ هلندا اَچي جوکيا خليفه محلي ۾ آياسين. الهڏنو خاصخيلي هڪ لوهه جو دروازو کڙڪايو. ننڍڙو ٻار آيو. ان کان پُڇيائين.
تون جو پيُ ڪٿي...؟
ڇوڪر چيو ”بابا گهر منجهه آ.
پوءِ هڪ همراهه ٻاهر آيو. تنهن اوطاق جو دروازو کوليو. اوطاق ۾ ويٺاسين هڪ بزرگ شخص آيو، تنهن پنهنجو تعارف ڪرايو.
حاجي ابوبڪر پُٽ حاجي محمد عرس کٽي کاروڇاڻ. اسين گهاري ۾ پنج سال اڳ 2012ع ۾ آياسين. آئون ننڍڙو هوس سوکي ويو هوس... اتي اسان جا مائٽ عزيز رهندا هئا. حاجي خميسو کٽي رهندو هو، اُن جو دڪان ريزڪي سيڌي سامان وارو، حاجي خميسو کٽي منهنجو مامو هو. اُن جي جاءِ پَڪَ سرن جي ٺهيل هئي. اُن کي چار پٽ هئا... عبدالله کٽي، ابراهيم کٽي، سليمان کٽي، زاهد حسين کٽي.
عبدالله کٽي ۽ ابراهيم کٽي اِهي ٻئي مون کان وڏا هئا. سليمان ۽ زاهد ننڍا هئا. منهنجو مامو حاجي خميسو کٽي پوءِ کاروڇاڻ ۾ لڏي آيو. اُن مهل سوکيءَ جا گهڻا ماڻهو لڏ پلاڻ ۾هئا، لڏ پلاڻ ۾ هئا. اسان کي اِها خبر ڪونه هئي ته، ماڻهو ٽپڙ ٽاڙي ڇو پيا کڻن. سوکيءَ جا ماڻهو کاروڇاڻ ۽ ٻين هنڌن ڏانهن لَڏو کڻي ڇو پيا وڃن!! آئون ننڍو هوس ته منهنجي ذهن ۾ اهي سوال ڦرندا هئا.
کارو ڇاڻ وڏو شهر هيو... اسان جي زمين هئي. هن وقت تائين اسان جي زمين ديهه ببلو ۾ آهي ۽ ”بَينا“ آهي. يعني بنجر ٿي وئي.کاري پاڻي ڦٽائي ڇڏي آهي. بنجر ٿي وئي آهي. کاري لهجي ۾ غير آباد ۽ بنجر زمين کي ”بينا“ چوندا آهن.
اها رات گهاري ۾ گذاري صبح جو سوير حاجي ابوبڪر کٽيءَ کان موڪلايوسين. الله ڏنو خاصخيلي کارو ڇاڻ هليو ويو. آئون گهاري کان سجاول ويندڙ وين ۾ چڙهي پوءِ ٺٽي ۾ لهي پيس. دوست شوڪت کماڻ جي دڪان تي آيس، خيال آيو ته باقر خان سان فون تي ڳالهايان، مون باقر خان کي فون ڪئي، باقر خان مروا چيو. “ادا! آئون مڪلي تي آهيان، توهان ڪٿي آهيو؟”
“ادا باقر! مان شوڪت کماڻ جي دڪان تي ويٺو آهيان.”
“چڱو توهان اتي ويهو، آئون اڌ ڪلاڪ کانپوءِ اچان ٿو.”
چاليهه منٽن کانپوءِ باقر خان مروا بلوچ آيو، ان سان گڏجي سندس ڳوٺ آيس. ڪجهه دير کانپوءِ محفل مچي وئي، سگهڙ، دوست، شاعر ۽ ٻيا ماڻهو به اچي ڪٺا ٿيا.
رات جو ڳوٺ رسول بخش مَروا بلوچ ۾ ڪچهريءَ ۾ ويٺا هُجون، سائين ايوب گَنڀو بلوچ، جيڪو عمر ۾ سڀني کان وڏو ۽ بُت ۾ ڀڙُ هجي، پنهنجو تعاراف پاڻ ڪرائڻ لڳو: ادا! منهنجي عمر 93 سال آهي. ڳوٺ ايوب گنڀو، ديهه جاڙا والي، تپو ”کاڻ“ تعلقو گهوڙا ٻاڙي، ضلعو ٺٽو.
1946ع ۾ سوکي بندر جا هندو واپاري جن کي واڻيو، واڻيا چوندا آهن، اُهي حالتن جو اندازو لڳائي ويا هئا. پوءِ سڀني سوکيءَ وارن کي چوڻ لڳا... ”اسين وڃڻ وارا آهيون ۽ هاڻي هتي رهبو ڪونه...“ پوءِ انهن پنهنجا ٽپڙ ٽاڙي، سوڙها ڪرڻ ۾ لڳي ويا... ڏسندي ڏسندي واڻين جا واهِرا پکين جي آکيرن جيان خالي ٿي ويا. اِها خبر ڪونه پئي ته سوکيءَ جا پکي آکيرن مان اُڏري ڪهڙي طرف هليا ويا. اُنهن پنهنجا گهر آکيرا سوکيءَ جي سنڌي مسلمانن کي ڏنا هئا.
سوکيءَ جو شهر سکيو، سَتابو ۽ سُهڻو شهر هُجي، جو هي شهر دريائن جي وچ تي آباد هو. سوکيءَ ۾ ساريال (سارين) جي مِل (ڪارخانو) هئي. مِل ۾ اُن جا ڍير لڳا پيا هوندا هئا. نورمحمد سَهتو ان مِل جو مُنشي هو. واڻين جي وڃڻ کانپوءِ سارين ڇڙهڻ واري مشين پٽائي حيدرآباد کڻائي ويو. پاڻ ٿورو عرصو سوکيءَ ۾ رهي پوءِ تعلقو گهوڙا ٻاڙي جي ”اُداسي“ ڳوٺ ۾ اچي ويٺو. اداسي ڳوٺ ۾ واڻين جي ڪوٺِي هوندي هئي.
اداسي واڃياڻي هُئي ان جي نالي سان ڳوٺ آهي، هن وقت “اُداسي” نالي سان سڏجي ٿو.
حاجي بابو شولاڻي بلوچ ولد آمو شولاڻي
صبح جو جليل کٽي ۽ آءٌ موٽرسائيڪل تي چڙهي ابراهيم حيدريءَ وياسين، دوست ايوب شاهه انتظار ۾ بيٺو هو. ابراهيم حيدريءَ ۾ ايوب شان، جليل کٽيءَ سان گڏجي حاجي بابوشولاڻي سان ان جي محلي ۾ ملاقات ٿي. اُن سان سوکيءَ شهر جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. حاجي بابو، سوکيءَ جي ڏينهن کي ياد ڪندي چيو، سوکيءَ جي زمين سنڌو درياهه جي پاڻي تي آباد ٿيندي هئي. هيءَ وڏي ڀاڳ واري زمين هئي. هن زمين ۾ قسمين قسمين جا فصل ٿيندا هئا. زرعي آبادي تمام سُٺي ٿيندي هئي، جنهن ۾ ساريال (سارين) جو فصل تمام گهڻو ٿيندو هو. اُنهن ڏينهن ۾ ڀلوڙ قسم جا چانور پيدا ٿيندا هئا.
تَڙيا چانور، رَتڙيا چانور، کارائي گَنجا چانور، سُڳديا چانور (سڳداسي) ايري چانور، اڙد مٽر، مور مٽر، چڻا، جَووَ، مڪائي ۽ ٻيا فصل به جهجها ٿيندا هئا. سوکيءَ ۾ سايون ڀاڄيون ٿينديون هيون، جنهن ۾ ساوا مِرچ، هرو ٽماٽا (چماٽا) بصر، پالڪ، بيهه، ميها، توريون، ڀينڊا، هنداڻا، گدرا وغيره جام ٿيندا هئا. رات جي وقت سوکيءَ جي پاسن وارن دريائن جو نظارو ڏسڻ وٽان هوندو هو. انهن دريائن منجهه رات ڏينهن ٻيڙا ۽ ٻيڙيون هلنديون رهنديون هيون، جيڪي ماڻهن کي هڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تي پهچائينديون هيون، انهن ۾ اهڙا ٻيڙا هوندا هئا، جيڪي گهورڻ (مڇيءَ جو شڪار) ڪرڻ ويندا هئا. ڪيترا وڏا ٻيڙا سوکي بندر ۽ سنڌ جي ٻين تڙن تي مال کڻي ايندا هئا، پوءِ اهو مال لاهي ٻيڙا خالي ڪري سوکي ۾ اچي اتان وري ٻيڙا ديسي گيهه، چمڙو، ان وعيره ڀرائي کڻي ويندا هئا. اُهي سوکي مان اَنَ پَنَ، ڀاڄيون، چانور، ڪي وري وهِٽَ (جانور) وٺي ويندا هئا، ڇو ته سوکيءَ ۾ ڀلا گهوڙا ۽ اُٺن جا اعليٰ نسل هوندا هئا.
سوکيءَ جي درياهن ۾ هر وقت ميلا هوندا هئا، ٻيڙين جا ناکئا، درياهه منجهه ٻيڙيون هاڪاريندي، ڪلام ڳائيندا هئا، انهن جو سُريلو آواز هوا سان رلي ملي پري پري تائين ويندو هو. ٻيڙين جي هلڻ جو شور غُل، آواز ۽ ناکئن فلاصين جا گيت جڏهن ڪنڌين وارا ٻُڌندا هئا ته کلي ٽڙي پوندا هئا. درياهن جي ڪنڌين تي راڳ رنگ جون محفلون، ٿينديون هيون، جيڪي ڪنڌين جي سونهنءَ هوندا هئا. درياهي ماڻهن کي نئين زندگي ملي ويندي هئي. درياهه جا ماڻهو پيڙائتن جا گيت، مِٺڙا ٻول ٻڌي خوشيءَ ۾ مور جيان نَچي پوندا هئا ۽ چوندا هئا... ”شال آباد هُجن، اهي ٻيڙائتا ۽ ڪنڌين وارا“ درياهه موج مستيءَ سان وَهي ته پوءِ ڇو نه مهاڻن ملاحن، ناکئن ۽ خلاصين جون مَستيون ٿين، ڪنڌين تي ڪُڏڪاريون ٿين ۽ محبتي ماڻهن جا ميلا مچَن.
سنڌو درياهه ۽ سامونڊي پٽي ۾ رهندڙ ماڻهن اهو ڪڏهن ڪونه سوچيو هو ته... اهڙا کارا ڏينهن ڏسڻا پوندا. دردن جا ڇُڳا ۽ ڪُڏڪاريون ڪندڙ ڪنڌيون، پَٽَ ۽ پوٺاءِ ڇاڙون سڀئي سوڪهڙيءَ ۾ سُڪي مروڙ جي اڻ مندائتي موت جي مُنهن ۾ هليون وينديون. هير جنهن درد جي پيڙاهه ۾ سامونڊي پيڙهجن ٿيا پيا... سا سون ۽ چانديءَ وارن ماڻهن کي خبر ڪِهڙي...!!؟
سوکيءَ جا هندو، سماجي چڱ ڀلائي وارا ڪم ڪندا هئا، مسافر خانه ٺهرائڻ ۽ جانورن جي لاءِ الڳ پاڻي وارا حوض ٺهرائڻ، سوکي جو شهر صاف سٿرو هوندو هو. سوکيءَ جي مکيه واڻين کي ڪا گوڙ واري خبر پوندي هئي ته شهر ۾ ٿوري لُچائپ ٿئي پي، ته هڪدم عثمان ۽ قاسو جَت کي گهرائيندا هئا. سوکيءَ ۾ ماٺار ڪرائيندا هئا ۽ کين اها هدايت ڪندا هئا، “سوکي سڀني جي لاءِ سُک جو آکيرو آهي. سک ۽ شانتي سان رهجي ۽ هلجي.” حاجي بابو شولائي کان موڪلايو.
شام جو دوست جليل کٽيءَ سان گڏجي ابراهيم حيدري جي پاسي ۾ جمع ڳوٺ هجي، اتي پنهون پٽ حاجي رمضان ڪلمتي بلوچ سان ملڻ آياسين، جڏهن پنهون سان ملڻ ٿيو هي ڏاڍو خوش ٿيو. اوطاق کوليائين، ان منجهه ويٺاسين. هن جي عمر اسي (80) سال هئي، پر لڳي ڪونه رهيو هو. پنهون ڪلمتي بلوچ ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته:
اسان جي سوکيءَ ۾ زمين هئي. سوکي جا زميندار هياسين، شهر سوکي، ديهه سوکي، تپو بَبلو، مالحال کارو ڇاڻ تعلقو شاهه بندر، تپو بَبَلو ۾ 3 ديهون هيون. بَبَلو ديهه، ٻيٽڙي ديهه ۽ سوکي ديهه. بندرگاهه ميرواهه درياهه جي ٿوري فاصلي تي ڏکڻ ۾ سوکي شهر هو. سوکي بندرگاهه جي اولهه ۾ گابار درياهه هو. منهنجو ڏاڏو واڍڪو ڪم ڪندو هو. آئون هير به واڍڪو ڪم هوڙا، ٻيڙيون وغيره ٺاهيندو آهيان. تر وارا ماڻهو مختلف شهرن وارا ماڻهو واڍڪو ڪم ڪرڻ جي لاءِ گهرائيندا آهن ته هليوويندو آهيان. اسين خاص طور تي سوکيءَ جي بازار ۾ ابو ساٽي جي مٺائي ۽ ان جي هوٽل تي چانهه پيئڻ ضرور ويندا هئاسين.
سوکي ۾ ٻه مک ماڻهو فيصلا ڪندا هئا. رئيس قاسو جت پاڙو آمر پٽ صوبيدار خان جت، عبدالرحمان شيدي ولد عثمان شيدي درزي هو ۽ سوکيءَ جو ننڍڙو زميندار به هو. عثمان شيدي ٺاهوڪو درزي هو. رئيس قاسو جَت جو وڏو قومي سردار جنهن جو نالو مامو خان ملڪاڻي هو. سردار مامو ملڪاڻي جو پٽ رئيس غلام قادر ملڪاڻي تعلقو جاتي، ضلعو سجاول. انهن جا سوکيءَ جي بازار ۾ ڪپڙن جا وڏا دڪان هئا. حاجي خميسو کٽي، رئيس قاسو جت، عثمان شيدي امين جت ونگائي، حاجي صديق جت ونگائي، حاجي سليمان جت ونگائي، حاجي قادر بخش بلوچ ولد محمد خان بلوچ وغيره انهن جا ڪپڙن جا دڪان هئا.
سوکيءَ ۾ سکر کان ٻيڙا ۽ ٻيڙيون اينديون هيون. اهي لابارن جي ڏينهن ۾ اچي لابارو ڪري ساريون کڻي مل (سارين جو ڪارخانو) ۾ ايندا هئا. سوکيءَ ۾ جَت دبائي وارن جا وڏا ٻيڙا هوندا هئا. اهي سوکي مان اَن جا ٻيڙا ڀرائي ڪراچي ويندا هئا. جت دبائي ڪلاچيءَ مان ڪپڙو، ريزڪي سامان وغيره، اُن جا وڏا ڀيڙا ڀرائي سوکي بندرگاهه، کارو ڇاڻ، ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر انهن تي مال پهچائيندا هئا، انهن ٻيڙن جو مک مالڪ ابراهيم جت دبائي هوندو هو. ابراهيم جت تعلقو ڪيٽي بندر، ديهه جاوو درياهه وٺو تي رهندو هو.
اسين پنهون ڪلمتي کان موڪلائي اسڪوٽر تي چڙهي ريڙهي اچڻ لڳاسين. ريڙهي مياڻ ڳوٺ جي موڙ وٽ سامهون لوڻ جون کاريون ننڍيون ننڍيون باريون، جَنِ ۾ لوڻ جي اڇي چَمڪَ سج جي ڪرڻن تي تجلا چانديءَ جي سڪن وانگر ڏئي رهي هئي. اُنهن لوڻ جي ٻارين کان پري ڪُجهه فاصلي تي سمنڊ ۾ جهاز بيٺل هُجن. آءُ ريڙهي مياڻ ڳوٺ جي طرف ٿورو هلي بيهي رهيس. ڪَنَ تي سوزڪيءَ ڪيءَ جو آواز آيو. ڪَنڌ ورائي ڏٺو ته موڙ کان هڪ سوزڪي ريڙهي مياڻ جي طرف وَر کائي اچڻ لڳي، اُن کي هٿ ڏنو ته بيهي رهي، مان سوزڪي جي “کُڻ” (پويان) ۾ ويهي رهيس. روڊ جي کاٻي پاسي تي جبل جي ٽڪري هُئي. اُن تي ڪچا ڪپا گهر ٺهيل هجن. روڊ ۽ اُن ٽڪريءَ جي وچ ۾ ديوين جا گهاٽا وڻ، ڪلراٺي زمين هئي. اُن زمين تي ڪٿي ڪٿي گند ڪچري جا ڍير هئا. روڊ جي ساڄي پاسي تي پوٺو (ڪلراٺي زمين) ان کان پري پاڻيءَ ريڙهي درياههَ جو ۽ ساوا وڻ ڏسڻ ۾ آيا.
اُهي وڻ تمر جا هئا، سوزڪي ريڙهي مياڻ جي پَڪي روڊ تي هلندي رهي، روڊ جي ساڄي پاسي کان ڇهن ستن فوٽن تي ڪي پڪيون جايون، ڪي ڪڙن ڪانن وارين جاين جون قطارون هُجن .روڊ ۽ جاين جي وچ وارو حصو هيٺ هجي. جنهن ۾ گندو پاڻي بيٺل هيو. روڊ جي ٻئي پاسي کان گندي پاڻي تي نالو هيو. روڊ تي سوزڪي هلندي جڏهن ريڙهيءَ جي مين روڊ تي هلڻ لڳي، روڊ جي ٻنهي پاسن کان دڪان ۽ گهر هجن. دڪانن ۽ گهرن جي اڳيان مٽيءَ ۽ گند جا ڍير پيل هئا. اُنهن ڍيرن تي ڪُتا سُتل ۽ ڪي ڪُتا هڪبئي سان ويڙهه ڪندا ڊوڙندا رهيا.
رحيم بخش ولد غلام محمد کٽي
اسين ڊاڪٽر رحيم کٽي جي ڪلينڪ تي آياسين. پوءِ ڳالهيون ڪندي رحيم چوڻ لڳو، ادا! اسان جا وڏڙا پڙڏاڏا پهريائين ‘‘مورانجهر’’ ڳوٺ ۾ رهندا هئا. جيڪو مور ڇڏائي ۽ وٺيون ٽڪي جي ڳوٺ جي آس پاس ۾ آباد هو. پوءِ اررهين صديءءَ ۾ اسان جا وڏڙا نالي محمد صديق ۽ سندس ڀاءُ نالي محمد اُهي مورانجهو مان لڏي اچي کارو ڇاڻ ۾ ڏهيسر ڳوٺ وٽ پنهنجو الڳ ڳوٺ، مسجد، مدرسو آباد ڪري ويٺا ( هينئر اُهي ڳوٺ ڪون آهن) اُهي ملان هئا، درس تدريس جو ڪم ڪندا هئا ۽ انهن هڪ ‘‘سريل’’ جو وڻ پوکيائون جيڪو. ڏيڍ سئو سالن جو آهي. اڃا بيٺو آهي. واڻين جي ‘‘ڀل ڀلائي’’ هوندي هئي. پوءِ اتان لڏي شهر جي اولهه طرف ۾ ‘‘يار محمد اولياءَ’’ واري پاسي ويا. ملڪ جي ورهاڱي ٿيڻ کانپوءِ واڻيا هليا ويا. انهن پنهنجي گھرن ۽ دڪانن جون چاٻيون اسان جي ڏاڏي عبدالرحمٰن کي ڏئي هليا ويا. جيڪي واڻين، ملڪاڻين ۽ جتن جون زمينون مقاطعي تي کڻي آباد ڪندو هو، پوءِ ايوب جي دور ۾ ‘‘ کاري ڇاڻ يونين ڪائونسل’’ جو چيئرمين بڻيو. ايمانداريءَ سان سڀ ڪم ڪار انجام ڏيندو هو. سڀ ‘‘عبدالرحمٰن چوهدري’’ جي نالي سان به سڏيندا هئا.
اسين وڏڙن کان ٻڌندا پيا اچون ته ‘‘ کارو ڇاڻ بندر ۽ سوکي بندر شهرن جي حوالي سان گھڻا مشهور هئا. کارو ڇاڻ ۽ سوکي شهر ايترا سُکيا ۽ ذرعي آبادي وارا شهر هوندا هئا. جيڪي به ايندو هو ، اهو پاڻي گھرندو هو ته کير جا وٽا ۽ لسيءَ جا وٽا ڀري ڏيندا هئا. محبت ڀرين ماڻهن جا هر وقت ميلا هوندا هئا. جڏهن مهراڻ جون موجون ۽ مٺو پاڻي جھڪو ٿيندو ۽ آهستي آهستي رڪجي ويو ۽ پاڻيءَ اچڻ ڇڏي ڏنو. زرعي زمينون، جيڪي سهڻن باغن ۽ وڻن سان هئار هونديون هيون، اهي سڀ کاري پاڻي، جيڪو مٺي پاڻي (درياهه جي پاڻي) جي نه اچڻ ڪري اهي زمين ۾ داخل ٿي ويو. ڏسندي ڏسندي سوکي کارو جا سونا پٽ اجڙي ويا ماڻهن لڏ پلاڻ شروع ڪري ڏني. سوکي جو منهن کي ‘‘ڀل ڀلائي’’ ۽ ڪشمير چوندا هئا. هاڻ انهن پٽن تي ‘‘ڪانگ’’ ٻگهه به ڪڏهن ڪڏهن ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ماڻهون ائين اڏري هليا ويا جيئن چوندا آهن ‘‘وڻ به ويا واهرا به ويا’’، اسان به مجبوري ۾ کاري ڇاڻ ڇڏي، لڏي اچي ريڙهي مياڻ ۾ اچي آباد ٿياسين. اسانجو بابا غلام محمد کٽي ريڙهي مياڻ ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو. اسين هاڻ هت رهندا آهيون. هتي منهنجو وڏو ڀاءُ عبدالجليل کٽي ۽ آءُ گڏ رهندا آهيون، مگر کارو ڇاڻ جون خوشيون، خوشحاليون اسان کان وسرن ئي ڪونه ٿيون.
ڪجهه دير کانپوءِ سائين محمد عمر ڄاموٽ ۽ رزاق راهي آيا. ٻنهي سان ملڻ ٿيو. مون سڀني کي اڳواٽ اچڻ جو ٻڌائي ڇڏيو هو، حال احوال ڪرڻ کانپوءِ چيو.
ادا “بندر” تي هَلو. اُت خلاصي، واڍا آهن. اُنهن سان ڪچهري ڪَريون، “بندر” تي ماڻهن جي پيههَ رهي ٿي. ڪيتريون ٻيڙيون اچن ۽ ڪي ٻيڙيون ريهڙيءَ مان سامان کنيو وڃن. ڪي ناکئا ۽ خلاصي ٻيڙين ۾ ويسي (سيڌو سامان) وتاءِ ۽ شڪار گهورڻ جي تياري ۾ هوندا آهن. ڪي ٻيڙيون سُڪيءَ (تڙ) تي رکيل آهن. اُنهن ٻيڙين هوڙين کي مرمت جي لاءِ ناکئن بيهاريون آهن. اتي هير وڏي رونق آهي”.
سائين محمد عُمر ڄاموٽ جي ڳالهه ٻڌي، آءُ اُٿيس ڊاڪٽر جليل ۽ رحيم بخش کان موڪلايو. پوءِ رزاق راهي ۽ سائين محمد عمر ڄاموٽ سان گڏ ڪلينڪ مان نڪري سوزڪي اَڏي وٽان مٽياسين ته نوجوان سوزڪي جي پاسن ۾ ته ڪي وري روڊ جي پاسي وارين ڀتين سان ٽيڪ ڏئي ويٺا هجن، انهن جا ڪنڌ لڙيل، اکيون ٻوٽيل، جسم ساڻو ۽ ڏٻرو، وات ۾ گٽڪو ۽ چُورو هُجين. ڪي ٻار پاسي مان گذريا ته انهن جا وات به ڳاڙها ۽ مِٽن جي اندران ڪجهه شئي هُجين. اُنهن جون مِٽون، مُرلي وڄائيندڙ مڱڻهار جي مٽين وانگر ڦوڪيل هيون. ڪي نوجوان ڇوڪريون وڏن برقعن سان مُنهن اگهاڙو هٿن ۾ پرس گهرن مان نڪري سوزڪي ۾ وڃين ويٺيون.
رزاق راهي ٻڌايو ته هتان سوزڪي چشما ڳوٺ، حيدري بندرگاهه ۽ ٻين ڀروارن ڳوٺن ڏانهن وينديون آهن. اسين مين روڊ وارو رستو ڇڏي هڪ گهٽيءَ ۾ داخل ٿياسين. جيڪا سڌي “عبدالغفور ڄاموٽ بندرگاهه ٿي وئي. ريڙهي مياڻ جو وڏو بندرگاهه آهي. گهٽيءَ جي ٻنهي پاسن کان گند جا ڍير هجن. رستي جي وچ تي گٽرن جا ڍڪڻا کُليل ڪن گٽرن جو اڌ منهن تي گول لوههَ جا ڍڪڻا رکيل هجن. رستي ۾ نوجوان ڇوڪرا، ڇوڪريون، اُنهن جي وات ۾ سوپاريون، چُورو ۽ گُٽڪو هجي. رستي ۾ هر گذرندڙ ماڻهوءَ جو وات ڳاڙهو ڏسڻ ۾ آيو. رزاق راهي کي چيو: “هتان جا ماڻهو ماني گهٽ ۽ گٽڪو گهڻو استعمال ڪندا آهن. رزاق راهي کلي ڏنو. هُن جي وات ۾ به گُٽڪو هجي. ريڙهي مياڻ جا ماڻهو رنگ جا سانوار ۽ بُت ۾ سُڪل هجن. اسين بندرگاهه ڏانهن ويندڙ گهٽيءَ ۾ هلندا رهياسين. سائين محمد عمر ڄاموٽ چيو.
ادا، هي جاءِ پنهنجي آهي، اَچو چانهءِ پي پوءِ “بندر” تي هلون ٿا. جاءِ جي ڏاڪن تي ماربل لڳل هجي. اسين اندر ڪمري ۾ داخل ٿياسين. کٽ تي سائين عبدالغفور ڄاموٽ سُتو پيو هو. هن سان اَٺَ نَو سال اڳ ملاقات ٿي هُئي. حال احوال ٿيڻ کانپوءِ سائين عبدالغفور ڄاموٽ مون کي سڃاتو. کائنس طبيعت جي باري پُڇيو ته ٻڌائڻ لڳو.
ادا، ست مهينا اڳ هن کي جاءِ ۾ جتي سُتو پيو آن، هلندي ڪري پيس، پوءِ وهجي رهيس. هاڻ هلي نه ٿو سگهان، ڇَڙي ۽ ڪنهن سهاري تي اُٿي ٿورو هلندو آهيان، کٻي ٽنگ سان هلي نه ٿو سگهان.
سائين عبدالغفور ڄاموٽ ڳالهه ڪندي، کٽ تي پاسو ورايو، ايتري ۾ رزاق راهي چار چانهيون کڻي آيو ۽ سڀني کي چانهه ڏئي، هڪ ڪوپ چانهه جو پاڻ کڻي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.
ساٿين عبدالغفور ڄاموٽ پنهنجي ٽنگ جي باري ۾ ٻڌائڻ لڳو. “ادا، وڏي ڳالهه اها آهي ته مي جي ٽنگ ڀڳل ڪونهي، نه ڪنهن هنڌ کان ٽٽل آهي، نه ئي ڌَڪَ ڦَٽ جو نشان آهي، نه وري ڪِ سور آهي. ٽنگ ۾ ڪو درد ٿئي ڪونه پيو. پر پٽ تي پير رکي هلي نه پيو سگهان. هي ٽنگ هلڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايان ٿو پيو، ڦڪيون به هڻان پيو پر ڪو فائدو نه آهي.
اڌ ڪلاڪ کن سائين عبدالغفور ڄاموٽ سان ڪچهري ٿي. پوءِ کائنس موڪلايو. اسين ساڳي گهٽيءَ مان بندرگاههَ جي طرف هلڻ لڳاسين. سڄي هٿ تي هڪ گهر جي اڳيان وڏيءَ عمر وارو جوڙو (عوررت ۽ مرد) ويٺو هجي. اُهي پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا ٿي رهيا، پر اُنهن جي وات ۾ به چورو هُيو. هڪ جاءِ ۾ کجيءَ جو وڻ هُيو. کجي جون ڇڙيون ڀَتَ جي مٿان گهٽيءَ جي طرف لڙيل هيون. ڇهن منٽن کانپوءِ اسين “بندر” تي پهچي ويا. تڙ تي ننڍڙا ٻار سائيڪلون هلائيندا رهيا. ڪي ٻار سُڪيءَ تي بيٺل ٻيڙين ۾ راند ڪندا ٿي رهيا. اسين “ريڙهي درياهه” جي ڪنڌيءَ تي اَچي بيٺاسين. درياهه ۾ ٻيڙيون/هوڙا/هوڙيون هلنديون رهيون. ڪي ٻيڙيون درياهه جي ڪنڌيءَ سان بيٺون هجن. اُنهن ۾ ماڻهو ويٺا هُجن. اسين تڙ کان واپس ٿياسين ته ڪي ماڻهو سائين محمد عمر ڄاموٽ سان اچي مليا. پوءِ سڀئي گڏجي “بندرگاهه” جي هڪ دڪان تي اچي ويٺاسين. سامهون “ريڙهي درياهه” جو نظارو به ڏسڻ ۾ ٿي آيو.
ڪچهري ۾ ويٺلن ماڻهن پنهنجو تعارف ڪرايو. مُحمد جمن موساڻي عمر 48 سال، محمد رمضان خاصخيل، نور احمد جت، گلزار “چاڪي” ملڪائي، رزاق راهي فنڪار ريڙهي مياڻ، يوسف ملڪائي احمد سياراڻي، محمد جمن موساڻي، اُتي ڪلاڪ کن دوستن سان ڪچهري ڪري اٿياسين. ساٿين محمد عمر ڄاموٽ چيو. هاڻ ٻي پاسي هلنداسي. گهاتو هينئر ڪٽنگ سيلون آهي. اتي گهڻا ماڻهو ويٺل آهن. جنهن جاءِ تي بيٺا آهيون. ان جي پٺيان آهي.
ريڙهي مياڻ مارڪيٽ هيءَ مارڪيٽ “ريڙهي بندرگاهه” تي هئي. اسين هلندا، نور محمد ڄاموٽ آئل شاپ” اُن جي سامهون هاشمي ٽيلرز ۽ “گهاتو هيئر ڪٽنگ سيلون” هئي. اسين اُتي آياسين ته پنج ماڻهو ويٺل هئا. اُنهن پنهنجو تعارف ڪرايو. “محمد يعقوب عمراڻي پنهنجو احوال ٻڌايو”.
آءُ 1965ع ۾ ٺٽو ضلعو جي “ٻُهارا” شهر مان لڏي هت آيو هوس. هينئر هت ئي “گهاتو هيئر ڪٽنگ سيلون” کولي پنهنجو گذر سفر ڪريان پيو. پوءِ ٻي ماڻهو پنهنجهو تعارف ڪرايو. منهنجو نالو محمد حنيف شيخ، هيرئ شيخ محلا ريڙهي ۾ رهندو آهيان. اسان جا وڏا اصل سيوهڻ جا هئا.
محمد موسيٰ “چاڪي” اسين اصل سوکي شهر جا آهيون، جڏهن سوکي ڦٽو ته “شاهه بندر” تي اچي ويٺاسين. ڪجهه عرصو چوهڙ جمالي ميهڙ ۾ رهياسين هير چاليهن سالن (40) کان وٺي ريڙهيءَ ۾ رهون ٿا، هِت درزڪو ڪم ڪندو آهيان. علي محمد شيخ ۽ واڍو عباس موساڻي پنهنجو نالو ڪچهريءَ وارن کي ٻڌايو. هن جي عمر سال هئي. قد جو ڊگهو، اڇو مٿو، ڳالهائڻ ۾ سڀني کان تيز هيو. واڍو عباس موساڻي، ڪچهريءَ وارن کي “ٻيڙيءَ منجهه” استعمال ٿيندڙ ڪاٺين جا نالا ٻڌايا. ايتري ۾ گهچ ۽ ابو واڍو ۽ ڊاڪٽر وارا به اچي پهتا،
اُولي:
هٽٿا:
جُنگ: اها ڪاٺي جيڪا پاٽين کي پاڻ ۾ ڳنڍي ۽ مضبوط ڪري
لَي:
ڪاترو: هن ڪاٺي جا ٻه قسم ٿيندا آهن، ڪاترو وڏو، ڪاترو ننڍڳو (1) ڪاترو، هيءَ ڪاٺي ٻيڙيءَ جي اڳيان گولائيءَ ۾ لڳندو آهي. جنهن کي مانديو ڪاترو چوندا آهن.
(2) ڪاترو: هيءَ ڪاٺي ٻيڙيءَ جي پويان سنڌو لڳندو آهي جنهن “ڪاترو پويون” به چوندا آهن.
تَرَ: هيٺيون تر وارو حصو
راسو پيلجو: هي ڪاٺيون هوڙي ۽ ٻيڙيءَ جي ساڄَ (ساڄي ۾ لڳن، کاٻي ۾ لڳن)
داسو پيلجو: اُها ڪاٺي جا هوڙي جي ٻنهي پاسن کي لڳي.
اَڏا: اُهي ڪاٺيون جيڪي ٻيڙي جي اندران لڳنديون آهن. پَٺَ، پاٽيا، رَوَ، سکاڻ، مورو.
پوءِ دوستن کان موڪلائي ڊاڪٽر جليل جي گهر آيس.
صبح جو ڊاڪٽر جليل جي ڪلينڪ تي آياسين. اتي حسن درو سان ملاقات ٿي. حسن ولد دَرو ملڪاڻي عمر سوا سؤ لڳ ڀڳ آهي.
پوءِ حسن درس چوڻ لڳو ڪاڪ ۾ ويٺو هوس، جيڪا سوکي جي اوڀر ۾ هُئي. حاجي بچل خان ملڪاڻي جيڪو اُن ترَ جو وڏي حيثيت وارو بادشاهه ماڻهو هو، ڪاڪ اسانجو ڳوٺ هو. سوکي تي ڪم ڪار سان ويندا هئاسين. سوکيءَ جي ڏکڻ ۾ عثمان ڪورائي جو ڳوٺ هو. اُن ڳوٺ ۾ گهمڻ ويندا هئاسين. عثمان ڪورائيءَ جو ڳوٺ “سنهڙي” درياهه تي هو.
سوکيءَ ۾ جا ڀل ڀلائي هئي. اها ڪٿي ڪونه هئي، سوکيءَ جي پاسي ۾ “بندر” هيو. اُتي عالي پاتڻي مير بحر هو جيڪو مير واهه درياهه تي پتڻ اڪاريندو هو. کارو ڇاڻ يا ٻين پاسن کان ماڻهو ايندا هئا. اُنهن کي پار اُڪاريندو هو. سوکي شهر جي ايراضي اڍائي کان ٽي ڪلوميٽر پکيڙ ۾ هئي. سوکيءَ ۾ گهمندي مزو ايندو هو. اُن ٽيم ۾ سوکي ڪشمير هئي. ڪوڙ ڪپت ڪونه هئي. امن وارو شهر هو. سوکي پتڻ تي لَهي سوکي شهر ڏي ويندي، ڏهه منٽ لڳندا هئا. سوکيءَ جا ماڻهو وڏن چار چڱن جي ڳالهه ٻڌندا هئا. ڪنهن کي هَڪل ڪبي ته اُهو ماٺ ٿي، مُڙي ويندو. جهيڙو جهٽو ڪين ڪندو. هاڻ اُلٽو وقت پيو هلي، ڪو به چئن چڱن ۽ وڏن جي ڳالهه کي ٻڌي ڪونه پيو ۽ اڻ ٻڌي ڪري هليو پيو وڃي. مون کي چار پٽ آهن. اُنهن جي شادي ڪرايم، انهن جون مايون پٽن کي کڻي ويون. آءُ ڌيءَ وٽ کاوان ٿو. هن پيرسني جي حالت ۾ آهيان پر سچائي سان مرڻ گهران ٿو.
رات جا سوا نَو (15: 9) ٿيا هئا، فون جي گهنٽي وڳي نمبر ڏٺو ته ڀاءُ الهڏنو خاصخيلي کيرواڻيءَ جو هيو. هن گهارو شهر ۾ ملڻ جو پروگرام رکيو هو، سو تيار ٿي گهارو جي لاءِ نڪتس. مون کي قاعد آباد ڪراچي کان سجاول شهر جي ويگن مِلي، ان ستر روپيه (70) ڪرايو ورتو. ڪلاڪ سوا کانپوءِ گهارو بس اسٽاپ تي پهتس. ايتري ۾ الهڏنو خاصخيلي جي فون آئي...
”ادا! آئون چيئرمين هوٽل تي ويٺو آهيان. اهو بس اسٽاپ تي آهي...“ منهنجي ڀرسان گاڏي وارو بيٺو هجي، تنهن کان ”چيئرمين هوٽل“ جي باري ۾ پڇيو.
”سائين! توهان سڄي طرف ڏسندا، سامهون چيئرمين هوٽل اَٿو.“
”ادا مهرباني!“
مون ڪنڌ ورايو ته سامهون ”چيئرمين هوٽل“ هجي. الهڏنو خاصخيلي کيرواڻي سامهون ڪاٺ جي صندل تي ويٺو هو. ان ڏي وڌي ويس. مون کي ڏسندي ئي اٿي آيو. هٿ ملائي چوڻ لڳو.
”ويهو ماني کائون.“
”ادا ماني دير سان کائيندس.“
”چڱو هاڻي چاچي عيسي خاصخيلي جي جاءِ تي هلون ٿا.
الڏنو خاصخيلي هلندو ڪجهه ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو.
سوکيءَ ۾ خواجه رهندا هئا. اهي زميندار هئا. هاڻي ڪراچي نيو مارڪيٽ ۾ سونارڪو ڌنڌو ڪندا آهن. اسين سوکيءَ ۾ گهمڻ ويندا هئاسين. ڏاڍو مزو ايندو هو. کارو ڇاڻ ۾ رهندا هئاسين، پر سوکي ۾ هڪ نه ٻئي ڏينهن ويندا هياسين، سوکي جا ڪنڀار، اهي لڏجي کارو ڇاڻ ۾ اچي ويٺا. ڪجهه سالن کانپوءِ اهي کاروڇاڻ مان لڏي وڃي گهارو ويٺا. هير گهارو ۾ انهن جي ڪپڙن جا دڪان آهن.
اڳي برسات پوندي هئي ته کارو ڇاڻ ۽ سامونڊي پٽي ۾ خوبصورت گلڙا ڦٽي پوندا هئا. وليون پَٽن تي اڀري اينديون هيون. مَريڙو، لُلر، سائون، کُنڀي، پٽ ڀُون ڦاڙ، ڀوئانٽي، گولاڙو، ٻيا به کوڙ نالا آهن. ڪي وليون اَنَ ڏينديون هيون. اسين ان جو ڀت پچائيندا هئاسين. کارو ڇاڻ جي پاسي ۾ اُترادي ملاحن جو ڳوٺ هو، جيڪو اسحاق اترادي سان مشهور هو. ان اترادي ڳوٺ ۾ مِي جا (منهنجا) سڪ وارا دوست هئا.
ادا! سامونڊي ماڙهن (ماڻهن) جي حياتي هاڻي ڏاڍي ڏکي آهي. درياهه جون ڪنڌيون پَسو، ٻيٽن ۽ ڍورن کي وڃي ڏسو، اجڙيا، کارا لڳا پيا آهن. اُهي ماضي واري سُونهن مال جون ڪُڏڪاريون، ڀاڳين جا وٿاڻ جيڪي خوشين سان ڀريا پيا هوندا هئا. اهي سڀ ڪونه آهن. هير نه ڪِي وٿاڻ، نه ڪي وڻَ وليون. نه وري ڀاڳيا آهن. ڪنهن ڍوري ۽ درياهه جي ڪنڌيءَ تي ڪو گهر آهي ته اهو به آسري ۾ ويٺو آهي ته من سنڌوءَ جو مِٺو پاڻي اَچي... پر اِها اُميد واري تند اندر منجهه ڇِڄي پئي آهي.
کارو ۽ سوکيءَ ۾ “ڪاٺيار” ويٺا هوندا هئا، انهن جا ڪي گهر کڏا مارڪيٽ ۾ آباد آهن. اصل ۾ اُهي سوکي شهرجا آهن.

حاجي ابراهيم فقيراڻي جت سان ڳالهه ٻولهه
ٻئي ڏينهن منجهند جو ٻارهين وڳي ڳوٺ رسول بخش مَرووا بلوچ ۾ حاجي ابراهيم پٽ حاجي صديق فقيراڻي جَتَ سان ڳالهه ٻولهه ٿي هن ٻڌايو ته:
”اسان جو ڳوٺ ڪيٽي بندر کان چئن ميلن تي آهي. منهنجي پيءُ ”حاجي صديق فقيراڻي جت“ جي نالي سان ڳوٺ آهي. هن ڳوٺ ۾ سئو کن (100) فقيراڻي جتن جا گهر آهن. اسان جي ڳوٺ کان ٿوري پنڌ تي دبائي جت رهندا آهن. ان ڳوٺ جو نالو حاجي اسماعيل دبائي جت آهي. اسان جا مائٽ وڏا سي سوکيءَ ۾ رهندا هئا. اسان جي وڏن جو سوکيءَ منجهه اُٺين (اُٺن) جو ڌنڌو هو. لاباري جي مُند ۾ اسين اُٺيون (اُٺُ) درياهه منجهان اڪاري، سوکيءَ تي ويندا هئاسين. اسين پنهنجو لڏو ٻيڙين ۾ کڻي ويندا هئاسين. سال ۾ ٻه مهينا “ڪتي ۽ نهاري” اهي هندي مهينا آهن، اهي ٻئي مهينا سوکيءَ ۾ رهي لابارو ڪندا هئاسين. سوکيءَ ۾ اُٺين (اُٺن جو واپار به ڪندا هئاسين. اسين اُٺين جو واپار اڄ تائين ڪندا اچون ٿا. اسان جو اهو ڌنڌو صدين کان وٺي آهي. هير اسين پيا ڪريون. هاڻي مَڇي وارو ڌندو به ڪريون. منهنجا ٽي ٻيڙا آهن، هڪ ٻيڙو مال (اُٺين) کي پاڻي پيارڻ جي لاءِ ۽ ٻه ٻيڙا (هوڙا) مڇيءَ جي شڪار لاءِ آهن. اسان جي ڳوٺ ۾ سئو ٻيڙا (هوڙا) آهن. سڀئي جَت مڇيءَ وارو ڌنڌو پيا ڪريون. سنڌ جي سامونڊري پٽي ۽ لاڙ ۾ ميلا لڳندا آهن، اُتي اُٺيون ڪاهي وڃي وڪرو ڪندا آهيون.
غلام شاهه جو ميلو ”مَلهه درياههَ“ تي لڳندو آهي. اسين پنڌ اُٺيون ڪاهي ويندا آهيون. اسان کي ڏهه ڏينهن لڳي ويندا آهن. بدين جي پاسي ۾ ساجن سوائي جي ميلي ۾ اُٺيون ڪاهي ويندا آهيون. هن ميلي تي اُٺيون (اُٺ) زيادهه وڪرو ٿينديون آهن. اُٺين (اُٺن) جا ڪيترائي قسم آهن. هر اُٺ جو پنهنجو مُلهه هوندو آهي. اُٺين جا رنگ به ٿين. ڪتي رنگ، ڪاري رنگ، ساوي رنگ، ڀوري رنگ، ڳاڙهي رنگ وغيره. اُٺن ۾ ذاتيون ٿينديون آهن.
سنڌي سنهڙا اُٺ، مڪراني اُٺ، جابلو اُٺ، ڍاٽي اُٺ، هي اُٺ ٿر جي پاسي جا آهن. کارائي اُٺ. هي اُٺ سامونڊري پٽي جا آهن.
صبح جو باقر خان مروا بلوچ سان گڏجي ٺٽي آيس، ان کان موڪلاءِ ڪراچي هليو ويس. ٽن ڏينهن کانپوءِ باقر خان جي فون آئي.
“ادا! آءُ هير ٺٽو مڪلي تي آهيان، مجهند جو هِتان ڪُم وتائي ساڪرو شهر مَنجهه ايندس. سو توهان اُتي اَچو...”
ادا باقر خان! مان هنِ وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ آهيان، هڪ وڳي هتان نڪرندس، پوءِ پنجين وڳي ڌاري ساڪرو پَهچي ويندس.
ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان واندو ٿي، ڀاءُ نويد ٿلهو جي گهر آيس. ماني کائي ٿيلهو کڻي ٻاهر روڊ تي آيس. رڪشه ۾ چڙهي جوهر مري تي اچي، اتان D-7 گاڏي ۾ چڙهي قائدآباد آيس. اُتان ڳاڙهو شهر جي وين ۾ ويٺس. گهارو جي گولائيءَ وَٽ وين بيهي رهي، گولائي کان هڪ رستو گُجو ۽ ٺٽو وڃي رهيو هو. ٻيو رستو ٻوهارا، ساڪرو ڳاڙهو ۽ ڪيٽي بندر ڏانهن ٿي ويون. گهارو جي وٽان هڪ وڏي عُمر جو شخص وين ۾ چڙهيو، منهنجي ڀرسان خالي جاءِ هَئي، اُتي ويهي رهيو. ڪجهه منٽن کانپوءِ وين هلڻ لڳي، ان همراهه سان حال احوال ٿيا، هُن پنهنجو نالو محمد موسيٰ لاشاري ٻڌايو. ڳاڙهو ۾ هُن جو ڪاروبار هو. وين جي در تي بيٺل نوجوان وڏي آواز ۾ ساڪرو .... ڳاڙهو.... ساڪرو ..... ڳاڙهو چوندو رهيو. اڳيان اسپيڊ بريڪر هَجي، وين جَهڪي ٿي ته اُتي ٽي چار ماڻهو بيٺا هئا. انهن وين کي هَٿ ڏنو ته وين بيهي رهي، وين جي اندر ٽن ماڻهن جي ويهڻ جي جاءِ هُئي، هڪ ڄڻو وين جي مٿان ويهي رهيو. آواز ڏيندڙ ڇوڪرو وين جو دروازو بند ڪري اُهو به وين جي پٺيان بيهي رهيو، پنج لڳي پنجاهه منٽن (5:50) تي وين ساڪرو شهر ۾ داخل ٿي.
وين ساڪرو جي روڊ تي هلندي رهي، هڪ چوڪ تي بيهي رهي ڀَرِ ۾ ويٺل محمد موسيٰ لاشاري هيٺ لٿو ۽ چيائين.
سائين ٿورو اڳيان پاسي تي سنڌ بلوچستان گبول هوٽل آهي توهان اُتي ويهي رهندا. جي اسان وَٽ ڳاڙهو شهر هلو ته مهرباني ٿيندي.
سائين! توهان جا لک ٿورا، منهنجو دوست ساڪرو ۾ اَچڻو آهي.
لاشاري صاحب کان موڪلائي ٿورو اڳتي هليس ته سامهون هوٽل هَجي، اُن تي سنڌ بلوچستان گبول هوٽل لکيل هيو.
ساڪرو جي روڊ تي ماڻهن جي اَچَ وڃ، غريب سارو ماڻهو، هر هڪ جي مِٽَ مُرلي وڄائيندڙ جوڳي جي مِٽَ وانگر ڦوڪيل هجي، اِها ڳالهه سمجهه ۾ ٿي آئي، هتان جا ننڍا وڏا ماڻهو گٽڪو گهڻو واپرائين پيا.
اُهي هلندين هلندين ڪنڌ کي لاڙي ڳاڙهي رنگ جي پچڪاري روڊ تي اُڇلائي وري هلندا رهيا، ساڪرو شهر جون ڀتيون، هوٽلن جي ٻاهران روڊ ۽ گهٽين ۾ ڳارهن رنگن جا چٽاءِ داغ هجن. گبول هوٽل جي ٻاهران مانڊڻي هُئي، آءُ مانڊڻيءَ جي پاسي مان گذري هوٽل ۾ آيس چانهه ڪاڙهيندڙ ڇوڪري کي هڪ چانهه جو چيو.
اُن جي وات ۾ چورو هُجي، مون کي آواز ڏيڻ کان اڳ وات ۾ چورو کي ڦيرائي مِٽ جي هڪ پاسي رکي چيائين، ڀاءُ ويهو چانهه سُٺي ٺاهِه ڏيان ٿو.
هوٽل ۾ ٽي چار ماڻهو چوڪڙي ٺاهيون پاڻ ۾ ويٺا ڪچهري ڪَنَ، دخل تي ويٺل جوان کي ڏٺو ته اهو به گٽڪو کائي رهيو هو، آءُ ٿيلهو ڪرسيءَ تي رکيو، پاسي ۾ هَٿَ ڌوئڻ جي جاءِ هُجي. اُٿي هَٿ ڌوئي، مُنهن تي پاڻيءَ جو ڇَنڊو هنيو، پوءِ اچي ڪرسيءَ تي ويٺس، ايتري ۾ ڇوڪرو چانهه کڻي آيو، هُن جا ڏند ڳاڙها ۽ ڪارا هُجن، وات ڳاڙهو هوس، چانهه رکندي چيائين.
ڀاءُ! ڪُجهه کپي.
ادا! مهرباني.
روڊ تي ٽريڪٽر ٽالهي کي گذرندو ڏٺو، اُهو پٺاڻن جو ڏسڻ ۾ آيو. هوٽل ۾ وڏي عمر جو ماڻهو، اُن سان گڏ ڏاڙهي سان هڪ شخص هو، اهي ٻئي هوٽل ۾ آيا. جنهن ماڻهوءَ کي ڏاڙهي ڪو نه هُئي، اهو خان، خان چئي ٻي همراهه سان ڳالهائي رهيو. مون فون ڪري دوست باقر خان کي گبول هوٽل جي باري ۾ ٻڌايو، باقر خان چيو، آءُ مڪلي مان نڪري چڪو آهيان، توهان اِنهيءَ هوٽل تي اِتي ويٺا هجو اَچان پيو، ايتري ۾ هوٽل جو بيرو آيو، تنهن کان پڇيو.
ادا، هت ساڪرو ۾ پٺاڻ آهن ڇا.؟
منهنجي سوال پُڇڻ تي هُن جي منهن ۾ گهنج پئجي ويا، پوءِ تيز آواز ۾ چيائين، ساڪرو شهر کي ڇڏيو، پٺاڻ ٽولن جي شڪل ۾ هر ننڍي وڏي ڳوٺ ۾ ڪاهي پيا آهن، الائجي ڪٿي کان آيا آهن، ساڪرو ۽ ٻين شهرن ۾ پنهنجا ڪاروبار کولي ويٺا آهن، اُنهن کي پنهنجن وڏيرن جو هَٿ آهي، ڪٿي اِهي پٺاڻ هتان جا زميندار ٿي نه وڃن، اهو اسان مسڪينن کي خوف ورائي ويو آهي.
اسان آئيون اَڻ پڙهيا، پتو پوي ڪو نه پيو، ڇا پيو ٿئي. اسان جي ماڳن تان ڳاڙهو، کارو ٻگهاڻ جا دوست ايندا آهن. ٻگهاڻ ۽ ٻُهارا ويندو آهيان، اُتي به پٺاڻ ڀريا پيا آهن. اِهي پٺاڻ ٽريڪٽر هلائين، واهن جي کاٽي کڻن، نسوار گٽڪو ۽ ڪپڙي جا ڪاروبار ڪَن، ٻيو اهو ته هر هڪ شهر ۾ پٺاڻن جا پنج ڇهه هوٽل آهن. ننڍن شهرن ۾ هڪ ٻه پر ساڪرو ۽ ڳاڙهو ۾ چانهه جا هوٽل ججها کوليون ويٺا آهن.
بيري جي ڳالهه ٻڌي خاموش ٿي ويس، هي پٺاڻ قائدآباد کان ڌاٻيجي، گهارو ساڪرو، ڳاڙهو تائين آيا آهن. ڪٿي ائين نه ٿئي جو ڪجهه سال ۾ سامونڊي پٽيءَ تي رڳو پٺاڻ ئي پٺاڻ هُجن. بيرو خالي ڪوپ کڻي ويو، مان اُٿي دخل ٿي آيس، چانهه جا پئسا ڏئي واپس پنهنجي جاءِ تي ويٺس. مون ڏٺو ته باقر خان مروا بلوچ هوٽل جي پاسي ۾ مانڊڻيءَ هئي، اُتي موٽرسائيڪل بيهاري رهيو، هو ٿيلهو کڻي هوٽل کان ٻاهر نڪري آيس، باقر خان سان مليس.
باقر خان جي موبائيل جي گهنٽي وڳي، هن ڪنهن کي چيو، “اسين ٻه ڄڻا آهيون، رات جو تو وٽ پهچي وينداسين. ماني ٽڪيءَ جو بندوبست ڪري ڇَڏِ، اسين ساڪرو مان نڪرو ن پيا.” باقر خان فون بند ڪئي ۽ چيائين ادا، موٽرسائيڪل جي چين ڍَري ٿي پئي آهي، اڳيان پٺاڻ جو دڪان آهي. اُهي نيون موٽرسائيڪلون کپائيندا آهن، اُتي هلي موٽرسائيڪل جي چين ڇڪرائي، پوءِ ڳاڙهو، ڪيٽي بندر وارو رستو وٺي هلنداسين. پر ڳاڙهو کانپوءِ ٻگهاڻ ۽ ڪيٽي بند وارو رستو ڪو نه وٺي هلنداسين، اهو ڏاڍو خراب رستو آهي، ڳاڙهو کان ڪچو گس نڪري پيو، رات جو وقت آهي، گس سٺو ڪونهي ڪو، پر سوَلو آهي، اُهو وٺي مور ڇڏائي ڳوٺ ۾ هلنداسين.
اسين موٽرسائيڪل ڪاهي اُن دڪان تي آياسين، باقر خان موٽرسائيڪل جي چين ڇڪرائي، هوا تيز گهلي رهي هُئي، روڊ جي ٻنهي پاسن کان پَڪا دڪان هُجن، دڪانن کان ڪجهه فاصلي تي ڪکن ڪانن واريون جايون هُيون.
روڊ تي هڪ چنگچيءَ ۾ ٻوريون سَٿل هيون. هلائيندڙ ڇوڪرو جي پٺيان ماڻهو ويٺل هُيا. ڪيتريون ئي چنگچيون سواريون کنيون پيون وڃن، ڪي ساڪرو شهر ڏي اَچي رهيون ته ڪي وري ساڪرو مان ماڻهو ڀَريو وڃن پيون.
اسان کي سج لهي چڪو هو، واءُ تيز لڳي رهي هُجي، گهوڙا ٻاري روڊ ٽپي اڳتي هلندا رهياسين، روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڪلراٺي زمين، پري کان ڪي گهرَ ڇَنن، مَنهنَ، ڪانن ڪڙن وارا ڏسڻ آيا. هاڻ اسين ڍارا ڳوٺ ٽپي چڪا هياسين، واءُ تيز گهلي رهيو هو، باقر خان موٽرسائيڪل جي رفتار جَهڪي ڪَئي، روڊ پَڪو هُيو، گاڏين جي اَچَ وَڃَ لڳي پئي هئي.
باقر خان هڪ ڳوٺ ڏانهن اشارو ڪيو، جيڪو روڊ کان ٿوري پنڌ هجي. “ادا، هيءَ ڳوٺ قاضي احسان جو آهي، اُن جي ڀَر ۾ واڍا ڳوٺ (واڍن جو ڳوٺ) آهي. جيڪي کٽي آهن، اسين ٻُهارا شهر جي ويجهو آهيون. سڄي هٿ تي هڪ پيٽرول پمپ هو، باقر خان مروا بلوچ اُن پيٽرول پمپ تي موٽرسائيڪل بيهاري ۽ پيٽرول وجهرايو. “هي پيٽرول پمپ واحد گَراڻو ميمڻ جو آهي. پيٽرول پمپ تي هڪ نوجوان اچي باقر خان سان هٿ ملايو ۽ وري مونسان ملائي باقر خان کي چيو.
ڪاڏي پيا وَڃو....
ادا، مور ڇڏائي جي ڳوٺ وڃون پيا.
باقر خان اُن ماڻهوءَ کان موڪلائي موٽرسائيڪل چالو ڪئي. ٻهارا شَهر ۾ اسين اَٺ لڳي دٻو ريگيوليٽر تي پهتاسين. باقر خان اتي ٻن ٽن منٽن جي لاءِ موٽرسائيڪل بيهاري هيٺ لهي ويو. اڳيان سروي هجي، اتان ٿي دٻو ريگيوليٽر کي اَٺَ، دروازا هُجن. ٺٽو، وَر شهر جو گندو پاڻي ۽ واهنِ جو گندو پاڻي زمينن جو پاڻي، سڀئي هِن ريگيوليٽر جي رستي سان وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا آهن. اسين موٽرسائيڪل چالو ڪري اڳتي هلياسين. ڏهن منٽن کانپوءِ ڳاڙهو شهر جي ٻاهران عزيز ملاح جي هوٽل وَٽ چانهه پيئڻ جي لاءِ گاڏي بيهاري سون، ان وقت عبدالجبار تاثير ‘شاعر’ جي فون آئي، تنهن مون کان حال احوال پُڇيا.
ادا، ڪٿي آهيو.
“سائين، ڳاڙهو شهر جي ٻاهران هوٽل تي چانهه پيئڻ جي لاءِ بيٺا آهيون”. ٿوري دير کانپوءِ اسان ٻئي شهر ڏي وينداسين. “ادا! چڱو، توهان پنهنجي منزل تي پهچو، پوءِ حال احوال ڪبا. فون بند ٿي وئي، موٽرسائيڪل جي پاسي ۾ ڪاٺ جو وڏو صندل هيو، اُتي چڙهي، پلٿي هڻي ويٺاسين. ڪاٺ جي صندل تي پاڻيءَ وارو ڪولر پيو هيو، اُن مان گلاس پاڻيءَ جو ڀري منهن تي ڇنڊو هنيو، پوءِ بچيل پاڻي جو ڍڪ ڀريو.
هڪڙو همراهه آيو، اسان سان هَٿ ملائي صندل جي پاسي ۾ بيهي باقر خان سان ڳالهه ڪري رهيو هو. باقر خان اُن ماڻهو جي باري ۾ ٻڌايو.
هي خاصخيلي آهي، هنن جي وڏڙن ڳاڙهو نالي سان هي شَهر آباد ڪيو. هن شهر ۾ سوکي ۽ کاروڇاڻ جا ڪيترائي ماڻهو آباد آهن. هير وڏو شهر ٿي ويو آهي، ڪنهن وقت ۾ هن جاءِ تي هڪ دُڪان، هِڪُ ڍَڪُ هوندو هو. جڏهن سمنڊ جي کاري پاڻيءَ درياهن جي ڪنڌين کي ڦٽائڻ ۽ اُجاڙڻ شروع ٿيو ته اُتان جي ماڻهن لڏپلاڻ ڪري مختلف ماڳن ۽ هنڌن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڃي آباد ٿيا. هي پَٽَ خالي پيا هُيا، پوءِ هن پَٽَ تي ماڻهن پنهنجا گهر اَڏيا. هي ڳاڙهو شهر وڏو آهي، ڪيٽي بندر ساڪرو وارو روڊ مان وڏي ماڻهن جي اَچُ وَڃ ٿيندي هئي. جنهن سبب جي ڪري ڳاڙهو شهر ٻن ٽن گهرن ۽ جاين وارو هنڌ هاڻ وڏو مرڪزي شهر بڻجي ويو آهي. هن شهر ۾ پٺاڻن جا ماني وارا هوٽل، چانهه جا هوٽل آهن. ان کان علاوه ٻيو ڌنڌو به ڪندا آهن ۽ وڌنڌا وڃن ٿا. هنن پٽن ۾ پٺاڻ ڏاڍو آيو آهي، اَهي واهن جي کاٽي، هَرن وارو ٽريڪٽر ٺاهڻ وارو به ڪم ڪندا آهن. باقر خان مروا بلوچ اُن همراهه سان ڳالهائيندي چيو:
خاصخيلين جا پنج پاڙا آهن، 1 خاصخيلي 2 خاص ڪيلي 3 غلام 4 ٻانها 5 گڊا آهن، اسين ڏهه منٽ کن اتي ويٺاسين پوءِ اُن همراهه کان موڪلايوسين. باقر خان چيو.
ادا! اسان کي ٻگهاڻ وڃڻو آهي، ڳاڙهو شهر کانپوءِ ٻگهاڻ، ڪيٽي بندر اَچي ٿو. پر رستو گهڻو خراب آهي، سالن کان وٺي ائين ئي پيو آهي، رستي تي پٿر آهن، جيڪي ٽائرن جي لاءِ ٻُڙي آهن. گاڏين جا ٽائر پنچر ٿيو وڃن، ڦاٽي پون ٿا.”
اسين ڳاڙهو شهر مان اندران هڪ ڪچو رستو وٺي هلنداسين، هي رستو مختلف ڳوٺن مان گذري ٿو، علي محمد جانيارو، سڪندر علي جانيارو جانيئڙو ۽ شيخ ڳوٺ کانپوءِ اوچتو درياهه جو پاسو وٺي، اُهو ٽپي ٻگهاڻ ۾ داخل ٿي، پوءِ مور ڇڏائي هلنداسين.
باقر خان جي ڳالهه ٻڌي اندازو لڳايو ته اڃان ڪلاڪ ٻن جو پنڌ ٿيندو. هاڻ اسين ڳاڙهو شهر مان گذرڻ لڳاسين، شهر جي وچ وارو رستو جنهن تي پٿر هُجن. ائين لڳو، ڄڻ سالن کان وٺي هن روڊ تي پٿر وڇايل هجن. تنهن کي پڪو روڊ ڪونه ڪيو ويو آهي. سنڌ جي ڳوٺن ۾ رستن ۽ روڊن تي ۽ شهرن جي گهٽين ۾ اڪثر پٿر وڇايل هوندا آهن. بس روڊ ٺهي ويا. اهو مڪمل پڪو روڊ بڻايو ڪونه ويندو آهي. موٽرسائيڪل پٿرن واري روڊ تي هلندي رهي، ڳاڙهو شهر ۾ خاصخيلي جي هوٽل هُئي. اُتي کاروڇاڻ جون گاڏيون بيٺل هُيون، خاصخيلي هوٽل کان گهارو ۽ قائدآباد ۽ حيدري بندرگاهه تائين وينديون آهن.
ڪيٽي بندر کان ڪراچي ويندڙ گاڏيون ڳاڙهو، ٻهارا، ساڪرو کان گذري وينديون آهن.
هاڻ اسين ڳاڙهو شهر مان نڪري، هڪ ڪچو چارو (رستو) ورتو، اُن رستي جي ٻنهي پاسن کان فصل هُيا. ڦٽيون، ڪيلا، ڪمند ۽ گدرن جا فصل هئا. ڪٿي خالي سُنسان پَٽَ هئا، ڪنهن مَهل گدڙن جون اُوناهيون اَچي رهيون هُيون. اوچتو باقر خان موٽرسائيڪل کي بيهاريو، موٽرسائيڪل جي اڳئين بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ڪُجهه ڪچا گهر ڏسڻ ۾ آيا. باقر خان گهرن ڏانهن ڏسي چيو.
“ادا! اسين رستو ڀلجي وياسين.” هڪ ڪچي رستي مان ٻه ٽي ڪچا ٻيا رستا نڪرندا رهيا، سو ماٺَ ڪري بيهي رهياسين. باقر خان چيو، هاڻ ڳوٺاڻو اچي پيو ان کان پڇبو، هڪ همراهه کي گهرن مان ٻاهر ايندو ڏٺوسين، جڏهن اهو ڀرسان آيو ته باقر خان مروا اُن کان رستي بابت پُڇيو.
ادا، رستو ڀلجي بيهي رهياسين، اسان کي مور ڇڏائي وڃڻو آهي. آءُ ڪيترائي ڀيرا هن گس سان آيو ويو آهيان، پر رات جي ڪري گس ڀلجي ويا آهيون. اهي پٿر ماڻهن جي لاءِ وڏو آزار بڻيل آهن. مهرباني ڪري ٻگهاڻ وڃڻ جو رستو ٻڌايو. اُن همراهه هَٿَ جو اشارو ڪري چيو، “وري وڃو”.
“وَري وڃو” اهو لفظ سمجهه ۾ ڪو نه آيو.
“ادا، گس سمجهه ۾ اَچي ويو”، باقر خان ائين چئي، پوءِ موٽرسائيڪل کي ڦيرائي هلڻ لڳو. ڪجهه فاصلو طئي ڪيوسين ته هڪ هنڌ تي ٻه ڪچا رستا نڪرن پيا، هڪ ڪچي رستي اسين آياسين، هاڻ ٻيو ڪچو رستو وٺي هلڻ لڳاسين، پندرنهن ويهن منٽن کانپوءِ ڏٺوسين، جنهن رستي هلي رهيا هئاسين، اُن مان ٻه ٻيا ڪچا رستا نَڪرن پيا. اسان هڪڙو رستو وٺي هلندا وياسين، خبر تڏهن پئي ته اسين ڪنهن گهر جي پڌر (اڱڻ) تي اچي بيٺاسون. اُتي مال جو وٿاڻ هُيو، هڪ نوجوان بيٺو هجي، اسان کي ڏسي اچڻ لڳو. اهو سمجهي وياسين ته اَسين هاڻي گس ڀُلجي ويا آهيون، اهو آيو اسان سان هٿ ملائي چيو.
آءُ سمجهي ويس توهان ڀلجي ويا آهيو، اهو ٻڌايو ته ڪٿي ويندؤ.؟
ڀاءُ، ٻگهاڻ وينداسين.
چڱو، توهين هيٺ لَهو، آءُ گاڏي هلائيندس. توهان منهنجي پويان ويهو ۽ توهان کي صحي گس تي ڇڏي پوءِ گهر موٽي ايندس.
اسين هيٺ لٿاسين، اُن نوجوان گاڏي هلائي ۽ هلندو رهيو، ڪجهه منٽن کانپوءِ هڪ چواٽي تي موٽرسائيڪل کي بيهاريو، پاڻ هيٺ لهي چيائين.
ادا، اهو گس وٺي ويندا اڳيان اوچتو درياهه جي ڇاڙ ايندي، جيڪا ٻگهاڻ جي پاسي ۾ آهي.
ادا، مهرباني.
پوءِ اسين موٽرسائيڪل چالو ڪري هلياسين، ڪجهه منٽن کانپوءِ اوچتو درياهه تي ٺهيل پُل ٽپي ٻگهاڻ شِهر ۾ داخل ٿياسين. رات جو وقت هجي، شهر بند هيو، ڪٿي ڪٿي ڪتن جي ڀونڪڻ جا آواز ٿي آيا. روڊ جي پاسن کان گند ڪچري وارين جاين تي ڪتا بيٺا هُئا، ڪڙن ڪانن جا دڪان ٺهيل، ڪجهه پڪا گهر هُئا.
باقر خان چيو، هي روڊ کاروڇاڻ ڦاٽ درياهه تي وڃي ٿو. باقي اڌ ڪلاڪ جو پنڌ ٿيندو، پوءِ اسين مور ڇڏائي ڳوٺ ۾ پهچي وينداسين.
رستي جي پاسن کان ديوين جا وَڻ هئا. اسين پنجويهه منٽن کانپوءِ ڳوٺ مور ڇڏائي ۾ پهتاسين. هڪ پڪي جاءِ ڏسڻ ۾ آئي، اُن ۾ داخل ٿياسين، باقر خان مروا چيو. هي اسڪول آهي. موٽرسائيڪل بيهاري، ان جي لائيٽ ٻاري ڇڏي ۽ موبائل فون ڪڍي، ان جي روشني ڪَري، روشني ڦيرائيندي پٽ کي ڏسندو هليو پئي. کيس پَٽَ صاف ڏسڻ ۾ آيس ته پوءِ فون تي ڪنهن سان ڳالهائڻ لڳو.
“عباس! هَلي آ اسين رَسي ويا آهيون.؟”
اسڪول کان سَڏَ پنڌ تي گَهرَ هئا. اسين اسڪول مان ٻاهر نڪري آياسين، اتي ڳاڙهين پڪي سرن جو روڊ هجي. ان جي سامهون هڪ هڪ ڪمري واريون جايون هجن. جنهن جاءِ ۾ روشني ٻري رهي هئي، ان جاءِ ڏانهن باقر خان اشارو ڪري چيو، “ادا! هي سوکي ويلفيئر جي آفيس آهي.” هن ڳوٺ ۽ ڀرپاسن وارن ڳوٺن ۾ سوکي شهر جا ماڻهو رهن ٿا. ڪي وڏي عمر جا آهن، هڪ ٻه ماڻهو حيات آهي، ان جو ڏک پتو ڪريون ٿا، هينئر رات ٿي وئي آهي، صبح جو ڪنهن هڪ سان ملي وٺنداسين.
باقر خان ۽ آئون ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين ته ڪجهه نوجوان ميدان تي ٻن کٽن تي هنڌ وڇائي هليا ويا. پوءِ اسين اچي کٽن تي ويٺاسين، ايتري ۾ هڪ نوجوان اچي هٿ ملايو ته باقر خان چيو، “ادا! هي عباس آهي، جنهن کي مون فون ڪئي هئي.”
پوءِ عباس هٿ ملائي گهر جي پاسي هليو ويو. ٿوري دير کانپوءِ ماني کڻائي آيو. اسان سڀني ماني کاڌي، هَٿ ڌوئي ويٺاسين، جنهن جاءِ ۾ روشني هُئي اُن مان هڪ ماڻهو ٻاهر آيو. اسان سان هٿ ملايو، پوءِ عباس چيو.
هي سوکي ويلفيئر آفيس جو سيڪريٽري آهي، هاڻ هلو ته “سوکي” آفيس ۾ ڪچهري ڪريون، پوءِ سڀئي اُٿياسين، سوکيءَ جي آفيس ۾ ٻه نوجوان ويٺا هئا، اسان ويٺاسين ٻه ٽي ٻيا ماڻهو آيا. انهن سڀني جو باقر خان مروا تعارف ڪرايو، ڳوٺاڻن سان ڪچهري هلندي. سنڌي ٻوليءَ جي پراڻن لفظن تي بحث ٿيو. ڪچهريءَ ۾ چاچا محمد شولائي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا بيت ٻُڌايا ته باقر خان چيو.
“چاچا محمد شولاڻي جو وڏو ڀاءُ عمر مشهور ناکئو هيو.”
پوءِ محمد پٽ حاجي هاشم شولاڻي پنهنجي شاديءَ ۽ ڳوٺ ٽِڪو جو واقعو ٻڌايو، ٽِڪو ڳوٺ ديهه وَٺيون ۾ آهي، ڳوٺ ۾ ميلا ملاکڙا لڳندا هئا.
اتي دڪان کي ڪاڇيل ۾ ٻُنڀو هو. (ڪاڇيل جي معنيٰ ڏکڻ ۽ ٻُنڀو جي معنيٰ دروازو) جتان اسين سامان سَڙا ورتا ها. مِي جي شاديءَ جو خرچو ارڙهن سئو روپيه آيو. مي جي ڀاءُ ناکئو حاجي عمر شولائي دڪاندار کي اڳ ۾ ٽي هزار روپيه ڏئي ڇڏيا هئا. شاديءَ کانپوءِ اُن دڪاندار ٻارنهن سئو اسان کي موٽائي ڏنا.
منهنجو ڀاءُ ناکئو عمر شولائي، مشهور ناکئو هو جيڪو “عُمر چَرئي” جي نالي سان مشهور هُيو، هِڪ ڀيري درياهه تي مڇيءَ جو شڪار گهوريندي انڊين نيويءَ وارن سان جهڳڙو ٿي پيو، جنهن ۾ منهنجي ڀاءُ عمر کي گولي لڳي، ٻي گولي جَت عارف ڇڇ جهان خان کي لڳي، ٻئي مري ويا، پوءِ اسين اُهي لاش کڻائي آياسين.
ڪجهه دير جي لاءِ محفل ۾ ماٺ ڇانئجي وئي، پوءِ چاچا محمد شولاڻي چيو.
“اسين ماڙ “ماڻهو” درياهه جي ڌنڌي کانسواءِ رهي ۽ جي نٿا سگهون. اهو اسان جي جيئڻ جو گس آم، ان گس ۾ ايترا ڏکيا ۽ موتمار واقعا اڀري پوندا آهن، جو پنهنجن پيارن جو منهن به ڏسي ڪونه سگهندا آهيون. درياهه تي شڪار ڪندي، طوفان هوائن، تيز موتمار لهرن سان لڙندي، وڙهندي به اسين زندگي هارائي ويهندا آهيون. اسان جي انهن ڏکن ۾ ڪو وڏو ماڻهو شريڪ ڪونه ٿيندو آهي. بس اسين پنهنجو پاڻ ۾ “درياهي ماڻهو” (درياهه جو ڌنڌو ڪندڙ ماڻهو) هڪ ٻئي جي ڏکن ڏاکڙن کي سمجهندي، محسوس ڪندي، پنهنجا سور هڪٻئي سان سلي وٺندا آهيون. پوءِ وڏي دل ڪري ٻيهر ٻيڙا تيار ڪري، درياهه جي پنڌ تي نڪري ويندا آهيون. جڏهن مڇيءَ جي شڪار تي ويندا آهيون ته اها پڪ به ڪونه هوندي آهي، ڪڏهن، ڪيئن ۽ ڪهڙين حالتن ۾ واپس تڙ تي اچي پنهنجن پيارن عزيزن ۽ اولاد سان ملنداسين. درياهه ۾ هولندي هر ڪنهن کي پنهنجي ٻچڙن جا خيال ورائي ويندا آهن پر ان وقت ڪري به ڇا ٿو سگهجي. اسين روزي به پنهنجي ٻچن لاءِ ڪمائڻ ويندا آهيون.” ابا! درياهه ۾ دل وڏي ڪرڻ کان سواءِ هلي نٿوس سگهجي.
چاچا محمد شولاڻي جي ڳالهين هر ڪنهن جي هانءُ تي لوڙهي ڇڏيو هو.
رات جو ٻارنهن وڳي تائين ڪچهري هلي، باقر خان مروا بلوچ چيو. سوکي بندرگاهه جو رهندڙ ماڻهو هِن ڳوٺ جي پاسي ۾ (مور شولاڻي) ڳوٺ ۾ رهي ٿو، ان کي هير نياپو ڪيو آهي. اهو صبح جو سوير ايندو. اُن سان ڪچهري کانپوءِ حاجي علي بخش مرگهر بلوچ جي ڳوٺ ڏي هلنداسين، پوءِ سڀئي “سوکي ويلفيئر آفيس مان نڪري آياسين”.
صبح جو سوير ناٿو شولاڻي چيئرمين پُٽ مور شولائي، هن جي عمر سئو سالن کان مٿي هئي، هلڻ ۾ چُست ۽ ڳالهائڻ منجهه ڀَڙو هو. لَٺَ هٿ ۾ هيس سوکي ويلفيئر آفيس ۾ اچي پهتو. پوءِ حال احوال ڪندي سوکيءَ جون يادگيريون ٻڌائڻ لڳو.
اسان جو ڳوٺ “حاميد وارو” ڪيٽي بندر جي ڏکڻ ۾ آهي. ڳوٺ ۾ شولاڻي ذات کانسواءِ بلوچ، گڊا خاصخيلي، دبائي جَت، دبلا رهندا آهن.
سوکي شهر کان ڏهه ميلن تي اسان جو ڳوٺ (حاميد وارو) آهي، اسين سوکيءَ ويندا هئاسين ته ٻيڙيءَ ۾ چڙهي “مزار واري ڇاڻي” درياهه مان گُذري، وري “مٽڻي درياهه” منجهه اچي ٿورو اڳيان سوکيءَ جي بندرگاهه تي ٻيڙي بيهاري، پوءِ سوکيءَ جي شهر ويندا هئاسين.
سوکيءَ ۾ زمين جو ڪَم، هارپو ۽ ڪڏهن مزدوري به ڪندا هئاسين. اسان پنج ڇَهَه ماڻهو گڏجي سوکي شهر ۾ ڪمائڻ ويندا هئاسين. جيڪي ڳوٺ جا ماڻهو مونسان گڏ ڪم ڪرڻ هلندا هئا، انهن جا ڪجهه نالا ياد آهن.
حاجي هاشم شولاڻي، موريو شولاڻي، آرو گَڊو، تار گَڊو ۽ ٻيا به ڳوٺ وارا هلندا هئا. ڪڏهن ته اڪيلو سوکيءَ هليو ويندو هوس.
سوکيءَ جي وڏي بازار هُئي، دنيا واپار جي لاءِ ايندي هُئي. قاسو “عامر” جَت جي هوٽل هوندي هُئي. اُن جا ريزڪي ۽ ڪپڙي جا دڪان ها، قاسو جَتَ “عامر” هُن جا پاڙو هو. کيس ماڻهو قاسو عامر جت يا ڪي “قاسو جت” جي نالي سان سڏيندا هئس، هي سوکيءَ جو وڏو زميندار هو.
سوکيءَ شهر ۾ هر جمعي تي ملاکڙو ٿيندو هو. اسين شوق سان ملاکڙو ڏسندا هئاسين، مون کي اُنهن مَلهن جا نالا ياد آهن.
چُڍي دبلو، پچالي دبلو، بروهي ڀورو، حُسين سوڍو (سوڍائي) اسماعيل شولائي، آءُ به مَلهه وڙهندو هوس، ملاکڙو اهڙو لڳندو ڄڻ ميلو لڳي ويو، سوکي جي تَر (ڀرپاسن) جا ماڻهو ايندا هئا.
جيڪو مَلهه ٻئي کي مَلهه ماريندو هو ته چؤڦير ڪنڌي ٺاهي بيٺل ماڻهن جي اڳيان ڪڏندو هلندو، خوشيءَ ۾ ٽلندو هو ته ڪنڌيءَ وارا ماڻهو اُن کٽيندڙ مَلهه کي چانديءَ جا روپيه انعام ۾ ڏيندا هئا.
سوکي جا خاشا ماڻهو وڏا ماڻهو زميندار ڪُرسيون وجهيون ويٺا ملاکڙو ڏسندا هئا. پوءِ اُهي آخر کٽندڙ مَلهه پهلوانن کي انعام ڏيندا هئا. ترَ جا مَلهه (پهلوان) ملاکڙو ختم ٿيڻ کانپوءِ واپس وريو پنهنجن ڳوٺن ڏانهن هليا ويندا هئا. باقي پري پنڌ جا پهلوان سوکيءَ جي زميندارن جي اوطاقن ۾ ٽڪي پوندا هئا.
سوکيءَ ۾ راڳ هر سال ٿيندو هو. جنهن ۾ وڏا ڳائڻا ايندا هئا. مون جن ڳائڻن جو راڳ ٻڌو، انهن ۾ مائي ڀاڳي، مائي جيوڻي، چندر، سوڀراج، ڀڳت ڪنور رام، مگڻ واڻيو اهو به وڏو ڳائڻو هو.
غلام رسول شاهه ڳائڻو هي ساڪرو شهر جو هو. گيدوڙو مهاڻو ملاح، حُسين مِرگهِل لاڏيون شهر جو هو. هن جا شاگرد به هئا، جيڪي پاڻ سان وٺي ايندو هو. هن کي سازدا پنهنجا هئا. سَيد سُليمان شاهه ڳائيندو ۽ نچندو هو. ماڻهن کي هن جو اهو انداز گهڻو پسند هو. سوکيءَ جا ماڻهو راڳ جا شوقين هئا.
“ڪيٽي بندر ۾ هر سال ميلو لڳندو هو، اُتي اِهي سڀئي ڳائڻا ايندا هئا. ڪيٽي بندر تي وڏا ملاکڙا لڳندا هئا. سنڌ جا بندر آباد هوندا هئا. مون پنهنجي سانڀر ۾ چار بندرگاهه ڏٺم. ڪيٽي بندر، شاهه بندر، کاروڇاڻ ۽ سوکي بندر گاهه ڏٺا هئا. هاڻي اهو زمانو اکيون ڏسنديون الائجي نَه،” ناٿو شولاڻي بندرگاهَن جي ڳالهه ڪندي، ٿڌا ساهه ڀريندو رهيو. اسين سنڌ جي انهن جاين تي هلياسين، گهمياسين ۽ ڦرياسين. هير اِهي پَٽَ اُجڙيا پيا آهن. شاهه بندر، ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ بندر ڦٽي ويا آهن. سوکي ڦٽي ويو، هاءِ گهوڙا، سنڌ جي سونهن کي سونٽو هَنيو ويو. هاڻ اسين اُڃ سان ٿا مَرون، پاڻي آهي ڪو نه، هي پٽ ڪٿان آباد ٿين. هر وقت اها اندر ۾ ڳڻتي ڳاريندي رهندي آهي.
مِکي (مون کي) جوانيءَ جو هڪ واقعو ياد اَچي پيو. دبو درياهه جنهن هنڌان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. اُتي رات جي وقت سامونڊي تيز لَهرَ اُٿي هئي. درياهه منجهه هلندڙ ٻيڙيءَ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري هلي وئي، ٻيڙيءَ منجهه هڪ ننڍڙي ڇوڪري هُئي، جيڪا ڪنڌيءَ وارن وڻن ۾ ڦاسي هئي. ٻيڙيءَ مان جيڪي ماڙ پاڻي ۾ ڪري پيا، سي ترندا اچي پنهنجي جان بچائي ڪنڌيءَ تي آيا. انهن ڇوڪريءَ کي ڏٺو جيڪا وڻن جي ٽارن منجهه ڦاسي پئي هئي. پوءِ اُن کي کنيائون ته ساهُه هوس، اُها ڇوڪري جوان ٿي ۽ شادي ڪيائين، اُن جي اولاد ڏٺي، سندس اولاد جي به اولاد ڏٺي، ٿورو عرصو اڳ گذاري وئي آهي.
سوکي جو شهر ڪنهن گهَڙي ياد ايندو آهي ته پوءِ مائي ڀاڳي، سليمان شاهه جا ڪلام ياد ايندا آهن. ڇو ته انهن کي اتي ڳائيندي مون ڏٺو هو.
پوءِ ناٿو شولاڻي چيئرمين موڪلائي ويو، ڪچهريءَ ۾ ويٺل ناکئو گل محمد، سڀ هليا ويا. باقر خان چيو، اُٿو ته ڀرپاسي ۾ مرگهر دوست عبدالله مرگهر، شفيع محمد مرگهر رهن ٿا، انهن وٽ هلون ٿا. ڳوٺ مور ڇڏائي جي ٻاهران “کورا” هَجَن، جنهن کي گول ننڍڙا ننڍڙا سوراخ، چئن پاسن کان هئا. اُنهن سوراخن جي وٿيءَ مان دونهون ٻاهر اَچي رهيو. جيئن ڪو موالي چَرس جو سوٽو هڻي نڪ مان دونهون ڪڍندو آهي. ائين کوري جي سوراخ مان دونهون نڪري رهيو هو، اُهي کورا پٺاڻن جا هئا.
اسين مور ڇڏائي ڳوٺ کان نڪري ڪچي رستي تان هلندي اچي پَڪي روڊ تي چڙهياسين. هي روڊ کاروڇاڻ وڃي رهيو هو، ڪجهه منٽن کانپوءِ رستي تي لوهَه جو بورڊ لڳل هيو. جنهن تي وڏن اکرن ۾ لکيل هيو. “ڳوٺ حاجي بخش علي مرگهر بلوچ،” کٻي هٿ تي موٽرسائيڪل کي موڙي هلندا رهياسين، ڳوٺ جي ٻاهران ڇَنن مَنهن وارا گهر هئا. ڪچي رستي تان هلندين مسجد جي پاسي هڪ پڪو بنگلو هيو. بنگلي جي اڳيان گهاٽا ڊگها وڻ انهن وڻن جي گهاٽي ڇانورن جي هيٺان پلاسٽڪ جون ڪرسيون رکيل هيون. باقر خان مروا وڻ جي هيٺان موٽرسائيڪل کي بيهاريو، بنگلي جو دروازو کليل هيو. اسين در تي پهتاسين ته سامهون هڪ همراهه ڀت کي ٽيڪ ڏئي سگريٽ ڇڪي رهيو هو، اسان کي ڏسي اٿيو، هٿ ملائڻ کانپوءِ ڪچهري ٿي، هڪٻئي کان حال احوال پڇڻ لڳاسين. باقر خان چيو.
رئيس حاجي علي بخش مرگهر جو وڏو پُٽ رئيس حاجي احمد خان 2001ع کان 2009ع تائين ناظم يونين ڪائونسل تعلقو کاروڇاڻ جو ٻه ڀيرا ناظم ٿي چڪو آهي. ايتري ۾ ٻيا دوست به اچي ڪچهري ۾ شامل ٿيا. سائين شفيع مُرگهر بلوچ، محمد يوسف مُرگهر بلوچ، باقر خان مرواهه بلوچ، سائين شفيع محمد مُرگهر بلوچ، سوکيءَ جي باري ۾ ٻڌايو ته سوکي “ڀل ڀَلائي” جو شهر هو، سوکي هنن پَٽن، ماڳن، ڇاڙن ۽ ڍورن جي سونهن وارو شهر هو، سوکي شهر ۽ بندرگاهه سان، سامونڊي ننڍڙا تَڙَ، ڳوٺ وَسنديون آباد هونديون هُيون.
رئيس حاجي احمد علي مُرگهر بلوچ ڳوٺ جي باري ۾ ٻڌائڻ لڳو، 1965ع ڌاري علائقو آباد هو. اسين اتي رهندا هئاسين، منهنجي والد رئيس علي بخش مرگهر بلوچ 1963ع ۾ جتي هينئر ويٺا آهيون، هي علائقو ديهه دولو شولاڻي ۾ زمين ورتي هُئي. هيءَ علائقو برساتن ۽ سنڌو درياهه تي آباد ٿيندو هو. اُنهن ڏينهن ۾ بئراج ڪو نه هئا. اسين سڀئي ڌُريءَ جو ڳوٺ آباد علائقو ڇڏي هن پَٽَ تي اچي ويٺاسين. ڪُل ڇَهه گهر هُئاسين، هن ڳوٺ جي اتر طرف ۾ ڦِٽو درياهه وهندو هو. جيڪو سنڌو درياهَه جي شاخ هو. ڦِٽو درياهه اڳتي هلندو ديهه جهالو وتان قلندري درياهه جي نالي سان سڏجڻ لڳي ٿو. قلندري درياهه ڪيٽي بندرگاهه کان اڳتي هلندو وڃي سَمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
هي ڳوٺ ميداني علائقو هو ماڻهن جي اچ وڃ تمام گهٽ هوندي هئي. ڏينهن جو بگهڙ هوندا هئا. هي اهو وقت هو، جڏهن 1965ع جنگ لڳي هئي، اسين وڻن ۾ لڪي، کَڏن ۾ ويهي پناهه وٺندا هُئاسين. اسين جڏهن ٻهارا شهر ويندا هئاسين ته اوچتو درياهه ٽپي ٻهارن ۾ داخل ٿيندا هئاسين. ٻهارا وٽ سرڪاري گاڏيون جيڪي اسٽيٽ بينڪ ڪراچي کان اينديون هُيون.
پوءِ اچ وڃ جي سهولتن ۾ اضافو ٿيو. کيکڙا گاڏي ٻُهارا کان ٽِڪو ڳوٺ تائين ويندي هُئي، پوءِ ٽِڪو ڳوٺ کان ٻاٻيهو ڳوٺ ۽ سڄڻ واري تائين هلندا هُئا. ٻهارا شهر منجهه قاضي رهندا هُئا. اُهي کيگڙا اُنهن جا هئا 1971ع کان پوءِ اسان جي ڳوٺ ڀرسان ٻيا ڳوٺ به آباد ٿيا. 1974ع ۾ انڊو شاخ ۾ اضافو ٿيو، هيءَ شاخ اسان جي ڳوٺ کان اڳتي وڌي وئي، انڊو شاخ مان دارسي شاخ نڪتي هُئي. هڪ ڪار بنگلي جي در وٽ اچي بيهي رهي، ان مان ٻه ماڻهو هيٺ لٿا، جن جو تعارف شفيع محمد مرگهر ڪرائيندي چيو، ادا! هي عبدالحفيظ ملاح ڪائونسلر آهي. رات جو دير تائين ڪچهري هلندي رهي، شففيع محمد مرگهر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو شعر پڙهيو.

پَڳَہَ پاسي گھارِ، آيَلِ! سامُونڊيُن جي؛
وجِھي جِيُ جَنجارِ، جِمَ وَڃَنِئِي اوهِرِي.
(سر سامونڊي)
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان لاهِ مَ چَرُ؛
اُنِين جا اَمُرَ، کَڻُ ته خالي نه ٿئين.
(سر سريراڳ)
عبدالله مرگهر ڏاڍي سريلي آواز سان ڪچهري وارن کي لطيف سرڪار جا شعر ٻڌايا. ان کانپوءِ يوسف مرگهر سر گهاتو مان ٻه شعر ٻڌايا.
گَهنگَهرِيا گَهڻَ ڄاڻَ، موڙهِي مَتِ مَهائِيين؛
وِيا گَڏجِي وِيرِ ۾، پِيا مُنهِن مَهراڻِ؛
اڳيان پويان ٽاڻَ، وِيا ويچارَنِ وِسري.

ماڪَ ڀِڄايَنِ مولِهيا، مٿان راتِ پئِي؛
اولِيون اُجَهڻَ لَڳِيون، وِيا وَنجَهه وَهِي؛
ڪَلاچِيان ڪَهي، ڪَڏَهِن ڪونه آئِيو.
(سر گهاتو)
جيئن ته رات گهڻي ٿي وئي هئي، ڪچهري ۾ ويٺل رئيس حاجي احمد علي خان مرگهر ٿورو اڳ سڀني کان اڳ موڪلائي گهر وڃي رهيو هو ۽ هاڻ ٻيا ڪچهري وارا ويٺل دوست به موڪلائي هليا ويا.

5

صبح جو سوير اُٿي تيار ٿي، نيرن ڪئي، باقر خان کي واپس مور ڇڏائي ڳوٺ وڃڻو هو، سو موڪلائي هليو ويو. ادا يوسف مرگهر ٻڌايو ته ڳوٺ مان ڳاڙهو شهر تائين ڊاٽسن وڃي ٿي، اُها ڪجهه وقت ٻگهاڻ شهر ۾ بيهندي پوءِ ڳاڙهو شهر ويندي، مان تيار ٿي ويٺس. سائين شفيع مرگهر بلوچ آيو، ايتري ۾ جاءِ جي پاسي کان ڊاٽسن اچي بيٺي، جنهن جي پٺيان ڪجهه ماڻهو ويٺا هئا. ادا شفيع ڊاٽسن جي پٺيان (کُڻ) ڏانهن هليو ويو، ڊرائيور جي پاسي ۾ هڪ ماڻهو جي جاءِ خالي هئي، ڊرائيور دروازو کولي آواز ڏنو، ادا اچو.
اڳيان هڪ ماڻهو ويٺو هو، تنهن هٿ ملايو ۽ پنهنجو نالو علي بخش مُرگهر ٻڌايو. ڳوٺ علي بخش مرگهر بلوچ کان ڊاٽسن هلڻ لڳي، جڏهن ٻگهاڻ ۽ کاروڇاڻ روڊ تي چڙهي ته ڪجهه ماڻهو بيٺل هئا. اهي ڊاٽسن جي کُڻ (پٺيان) ۾ چڙهيا. ڊرائيور پنهنجو نالو عبدالرحمان مُرگهر بلوچ ٻڌايو. اُن وقت صبح جا سوا ست ٿيا هئا، ڊاٽسن رستي مان ماڻهن کي کڻندي، لاهيندي جنگي سَر روڊ تي اچي پوءِ ٻگهاڻ شهر ۾ داخل ٿي. شهر جي مين روڊ تي بيهي رهي ماڻهو سڀ هيٺ لَٿا.
ڊرائيور عبدالرحمان مرگهر چيو.
ادا، توهان ٻگهاڻ ۾ ويهو، اسين ميت مان ٿي اچون ٿا. پوءِ ڳاڙهو هلنداسين آءُ ڊاٽسن مان هيٺ لهي بيهي رهيس، پاسي ۾ محبوب هوٽل هو، اُتي چانهه پيئڻ جو خيال آيو.
پوءِ هوٽل ڏي ويس، اتي ڪاٺ جا وڏا صندل پيا هجن. جن جي مٿان ڳاڙها ڪپڙا لڳل هئا. اُن صندل جي پاسي ۾ سبزي ۽ ميون جو دڪان هو. نوجوان ڇوڪرو گاڏي تي رکيل سامان کي ٺاهي رهيو هو. اُن جي پاسي ۾ ٻيو همراهه ڪپڙي سان گاڏي تي رکيل ميوون کي صاف ڪندو ٿي رهيو. مان انهن کي سلام ڪري پاسي واري صندل تي ويهي رهيس. ايتري ۾ بيرو پاڻي جو گلاس ۽ چانهه کڻي آيو، بيري چيو، هي چانهه شبير ميمڻ توهان جي لاءِ ڏني آهي.
پوءِ اُٿي اُن جو شڪريو ادا ڪيو، ايتري ۾ شبير ميمڻ اچي صندل تي ويٺو، پر هن جي نگاهَه گاڏي تي سامان ۽ گراهڪن ۾ هئي. پوءِ بشير ميمڻ چيو، “گاڏي وٽ بيٺل نوجوان جيڪو ميون ۽ ڀاڄين کي ڪپڙي سان صاف ڪري رهيو هو. اهو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي. اسين ميمڻ آهيون. سامونڊي پٽيءَ ۾ “جوهو” ننڍڙو شهر آهي. هن ڳوٺ ۾ ميمڻ گهڻا رهندا آهن ۽ ٻين ذاتين جا ماڻهو به رهندا آهن. ڪجهه ماڻهو هَٿَ مٿي کڻي شبير جي ڀاءُ کي اشارو ڪري هليا ويا، شبير جو ڀاءُ هَٿ وارو ڪپڙو رکي آيو. ڀاءُ کي چوڻ لڳو، “ٻه ماڻهو گُذريا آهن. جيڪو هتي گذريو آ، اُن کي نَوين(9:00) وڳي کڻندا ۽ ٻيو ٻه ڪلوميٽر پري گذريو آ، اُن کي ڏهين وڳي کڻندا، “سو آءُ وڃان پيو” پوءِ شبير ميمڻ جو ڀاءُ هليو ويو، چانهه پيئڻ کانپوءِ شبير ميمڻ ٻڌايو ته ٻه ماڻهو مري ويا آهن، هڪڙو ويجهو آهي، ٻيو پرئين ڳوٺ ۾ آهي. منهنجو ڀاءُ انهن جي ميت ۾ وڃي پيو.” ائين چئي شبير اُٿيو، سامهون گراهَڪ ڏانهن وڌي ويو.
ڪلاڪن کن کانپوءِ عبدالرحمٰن مرگهر جي ڊاٽسن هوٽل جي سامهون بيٺي، هُن اشارو ڪيو. آءُ اٿي شبير ميمڻ کان موڪلائي ڊاٽسن ۾ ويٺس، پندرنهن منٽن کانپوءِ ڳاڙهو شهر ۾ خاصخيلي هوٽل جي پاسي ڊاٽسن بيهي رهي. عبدالرحمٰن کان موڪلائي هوٽل تي اچي ويٺس، پاسي ۾ مانڊڻي هئي. اُن کي موبائيل چارج ڪرڻ جي لاءِ ڏئي هوٽل ۾ وڃي ويٺس. ٻن ڪلاڪن کانپوءِ فون چارج ٿي، مانڊڻي واري کي ڏهه روپيا ڏنا. ايتري ۾ هڪ سوزڪي مانڊڻي جي اڳيان بيهي رهي تنهن ۾ ويٺل ڊرائيور “کارو، کارو” چئي، کاروڇاڻ جي لاءِ ماڻهن کي آواز ڏئي رهيو هو. آءُ وڌي اڳتي ويس ڊرائيور چيو.
ادا، اڳيان سامان پيو آهي، توهين کُڻ ڏي وڃو. کڻ جي معنيٰ پٺيان وڃو. پٺيان سوزڪي جي اڌ حصي ۾ سامان ڀريل هيو. باقي حصي تي ماڻهو ويٺا هئا، مان چڙهي ويهي رهيس. پوڻين هڪ وڳي سوزڪي ڳاڙهو شهر مان هلي. مون فون تي الهڏنو خاصخيلي کيرواڻي کي ٻڌائي ڇڏيو هو.
سوزڪي هلندي اَچي ٻگهاڻ جي مين روڊ تي المهراڻ شاپنگ سينٽر محمد عثمان ڪُڙمون. هي شاپنگ سينٽر جنگي سَر روڊ تي هو. اُن جاءِ وٽ بيهي رهي، ڊرائيور هيٺ لهي شاپنگ سينٽر جي دڪان ۾ هليو ويو. شاپنگ سينٽر جي سامهون ڪلمتي ايگريڪلچر اسٽور هيو. ڏهه منٽ سوزڪي وارو اُتي بيهي رهيو، پوءِ آيو سوزڪي چالو ڪري جنگي سَر روڊ تي هلڻ لڳو. جنگي سَر روڊ تي سڄي طرف نور محمد عرف سعودي پيروزاڻي بلوچ جيڪو کيکڙو ڪُوڪَا جو واپاري هو.
ڦاٽ درياههَ جي تَڙَ تي آياسين، اڃان پاتڻي آيو ڪو نه هو، پوءِ چانهه جو خيال ٿيو.
کاروڇاڻ جي تڙ تي ننڍڙي ڪاٺين جي ڇَپَري واري هوٽل هئي. اُن منجهه آيس ته سائين عبدالحفيظ ملاح ويٺو هيو، جنهن سان رات جو ڳوٺ علي بخش مُرگهر بلوچ ۾ ملاقات ٿي هئي. پوءِ سائين عبدالحفيظ هوٽل ۾ ويٺل ٻين ماڻهن جو تعارف ڪرايو، ايوب سَهتو، عبدالحفيظ سَمون، اَمين ملاح، علي احمد پيروزاڻي جي هوٽل تي چانهه ٺاهيندڙ جو نالو پير محمد شاهه هو.
پَتڻ تي هوڙو ڪُوڪا (جِيت) کڻي آيو. اُن هوڙي ۾ سائين عبدالحفيظ ملاح ٻيا سَڀ چڙهي هليا ويا. اهو هوڙو بلوچن جو هو. اسان کي کاروڇاڻ وڃڻو هو، پتڻ اڃان ڪو نه آيو هو. هت پَتڻ جي معنيٰ ٻيڙي وارو آهي، ٻيڙيءَ وارو اڃان ڪو نه آيو هو، کاروڇاڻ وڃڻ وارا ماڻهو تڙ تي بيٺا پاتڻيءَ جو انتظار ڪن، اڌ ڪلاڪ کانپوءِ درياهه منجهه هوڙي ڏسڻ ۾ آيو، جيئن تَڙَ جي ويجهو ايندو ويو ته هوڙي جي مشين (ٽنگ مشين) جو آواز هوا تي تيز ٿيندو آيو. ڪجهه منٽن کانپوءِ هوڙو تڙ تي اچي بيٺو. اُن ڏانهن ماڻهو لهڻ لڳا.
هڪ ماڻهوءَ آواز ڏنو.
“يوسف پاتڻي اَچي ويو، کاري جا ماڻهو هَلو.” آءُ هوٽل مان اُٿي تڙ تي هلڻ لڳس. هوڙي منجهه ماڻهو سامان رکي رهيا هئا، جيڪي تڙ تي بيٺا هئا. انهن هوڙي منجهه سامان رکيو ته پاتڻي سکاڻ (هوڙي جي پوئين حصي) تي اچڻ کان اڳ ناتاري کنئين جيڪا پاڻيءَ ۾ لڳل هئي. پوءِ سکاڻ تي آيو ۽ موٽر چالو ڪئي ته هوڙو ڦاٽ درياهه منجهه هلڻ لڳو. درياهه جون لَهرون پاڻيءَ جي ڇَنڊ ٻيڙيءَ ۾ ويٺل ماڻهن جي مٿان وسائينديون رهيون هيون. ڄڻ اهي آيل کي کيڪار ڪنديون هُجن. هوڙو (ٻيڙي) پاڻيءَ جي لهرن تي لَڏندو هلندو رهيو.
پاتڻي يوسف مشين ۾ ٻڌل ڏوري جيڪا هُن جي هَٿَ ۾ هئي اُها پير جي هيٺان ڏئي ڇڏي، قميص جي کيسي مان پُڙي ڪَڍي، اُن کي کولي چورَي (گٽڪي) جي چَپٽي ڀَري وات ۾ وڌي، چوري کي مِٽَ جي هڪ پاسي ۾ ڪَري پُڙي کي بند ڪري واپس کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين. پوءِ پير جي هيٺان مشين واري ڏور کڻي اُن کي ڇڪَ ڏني ته ٽنگ مشين وڏو آواز ڪيو ۽ ٻيڙي تيزيءَ سان درياهه مَنجهه هلڻ لڳي. ڪنهن وقت پينگهه جيان لوڏا کائيندي، آسيري پاسيري ٿيندي هلندي رَهي. جڏهن کاروڇاڻ واري ڪَنڌي ويجهو آئي ته پاتڻي مشين جي ڏور کي ڍَرو ڪَيو ته مشين جو آواز جَهڪو ٿيندو ويو. ٻيڙيءَ جي مُهري ڪنڌيءَ سان لڳي. مشين بند ٿي وئي. سکاڻ وارو پاسو ڦري آيو. اهو به ڪنڌيءَ سان لڳو بيٺو پاتڻي ناتاري هنئين ته ٻيڙي بيهي رهي، پاتڻي ٻيڙيءَ وارن کان ڀاڙو وٺڻ لڳو، مان ٻيڙيءَ مان هيٺ لَٿس ۽ پاتڻي کي ٽيهه روپيا ڏنا، تَڙَ تي گڏهه گاڏي وارو بيٺو هيو. ستار کٽي اُن ۾ سامان رکي رهيو هو.
سُڪيءَ تي ٽي هوڙا بيٺا هُجن، ستار کٽي آواز ڏنو.
ادا، ٿيلهو گڏهه گاڏي منجهه رکو، اَچو ته هلون.
مون ٿيلهو گاڏي ۾ رکيو پوءِ آءُ ۽ ستار گڏهه گاڏي سان گڏ هلڻ لڳاسين، ڪلراٺي زمين هئي، پَٽَ تي لاڻن جون وَٺيون هُجن، ستار کٽي پُڇيو.
ادا.... کاري منجهه ڪنهن وَٽ ويندا...؟
الهڏنو کيرواڻي خاصخيلي وَٽ ويندس.؟
پندرنهن منٽن کانپوءِ کارو ڇاڻ شهر ۾ داخل ٿياسين، سڄي هٿ تي هوٽل ماڻهن سان ڀريل هجي، هوٽل ۾ فلم هلي رهي هئي. هوٽل جي ٻاهران ماڻهو چانهه پي رهيا هئا. آءُ گڏهه گاڏي واري سان هوٽل کان اڳتي هليو ويس، مون ڪنڌ ورايو ته ستار هوٽل وَٽ بيٺو هو، هُن مون کي آواز ڏنو ۽ چيائين:
ادا..... الهڏنو خاصخيلي هوٽل مَنجهه آهي؟
آءُ گاڏي مان ٿيلهو کڻي واپس موٽيس ته الهڏنو کيرواڻي خاصخيلي هوٽل کان ٻاهر آيو، اسين ملياسين، ستار کٽيءَ کي چيو:
ادا مهرباني.
الهڏنو خاصخيلي ۽ آءُ کاروڇاڻ جي بازار ڏانهن هلڻ لڳاسين، بازار ۾ اُها رونق ڪونه هئي جيڪا ڪجهه سال اڳ ڏٺي هئي. هڪ دڪان ۾ داخل ٿياسين، اُتي ويٺل ماڻهو سِڪَ سان مليا، ڪاٺ جو وڏو صندل پيو هُجي. هڪ همراهه اشارو ڪري آواز ڏنو. “ادا! ٻاجهٽ تي ويهو” پوءِ آءُ صندل تي ويهي رهيس، اُن وقت شام جا چار پنجويهه (4:25) ٿيا هُئا، الهڏنو خاصخيلي دڪان ۾ ويٺل ماڻهن جو تعارف ڪرائڻ لڳو. هڪ جهوني ماڻهو هَٿَ جو اشارو ڪَري چپ رهڻ لاءِ چيس، پوءِ اهو ماڻهو پاڻ تعارف ڪرائڻ لڳو.
ادا، منهنجو نالو الله ڏنو کٽي ولد محمد کٽي عمر ستر سال آهي. پوءِ هڪ نوجوان ڏي اشارو ڪري چيو، عبدالقادر پٽ الهڏنو کٽي، اُن کانپوءِ ٻين ويٺلن پنهنجو پاڻ تعارف ڪرايو. عبدالرشيد، الهڏنو خاصخيلي، فضل حُسين کٽي ولد الهڏنو کٽي، غلام مُرتضيٰ عرف ابولي کٽي محمد شريف بلوچ، الهڏتو ولد مصري ميربحر کاروڇاڻ.
الهڏنو خاصخيلي سڀني کي منهنجي اچڻ ۽ ڪم بابت ٻڌائي ڇڏيو هيو، الهڏنو ميربحر پٽ مصري ميربحر صندل تي اچي ويهي چيو .
“ادا! خوش آهيو. ڏاڍي خوشي ٿي جو کارو ڇاڻ ۾ آيا آهيو.”

الهڏنو ميربحر کاروڇاڻ ڪچهري وارن کي پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ لڳو
آءُ ننڍڙو هوس، سوکي گهمڻ ويندو هوس، اُتي سوکيءَ جي بازار ۾ عيدڙو مُهاڻي جي هوٽل هُئي. اَبو هنڱورو جنهن کي اَبو موالي به سڏيندا هئا. اُن جي هوٽل ۽ مٺائي جو دڪان هو. بازار ۾ ماڻهن جو ميلو مَتل هوندو هو، مَرد ۽ ننڍڙا ٻار گڏ هلندا، سودو سامان وٺندا هئا. اُن زماني ۾ هوٽلن تي فوني وارا رڪارڊ وڄندا هئا. اُسين اهي رڪارڊ شوق سان ٻُڌڻ ويندا هئاسين. انهن رڪارڊن تي سنڌي ڪلام ۽ گانا هلندا هئا.
سوکيءَ ۾ “سونا” بازار هُئي، اُن بازار ۾ ماڻهو سون جون لڻيون ٺَهرائڻ ۽ وَٺڻ ايندا هُئا.
سوکيءَ ۾ سارين جي 200 هارس پاور جي مشين هُئي. جتي ڇَڙَ، پَيس ۽ ڏرائي ٿيندي هُئي. آءُ ننڍو هوس سوکيءَ ۾ گهمڻ، شيون کائڻ ۾ مَزو ايندو هو ۽ سارين جي مشين کي ڏسڻ ويندو هوس، اُها ڪيئن پئي اَن ڇَڙي ۽ پيهي ٿي. جڏهن به سوکيءَ ويندو هوس اها مشين ضرور ڏسندو هوس. هونئن به ٻار کي هر نئين شئي کي هر هر ڏسڻ جي عادت هوندي آهي.
سوکيءَ مُنجهه ڪنڀار هُئا، اُهي ٺَڪر جا ٿانَو، ٺاهيندا هئا. ميرواهه، درياهه تي ڏکڻ طرف سوکي بندرگاهه هو. درياهه ميرواهه جو پاتڻي ٻيڙي هلائڻ وارو پتڻ اڪارڻ وارو منهنجو سئوٽ “عالي پاتڻي” هوندو هو. اُن سان به سوکي شهر گهمڻ ويندو هوس. سوکي بندرگاهه کان هڪ ڪلوميٽر سوکيءَ جو شهر هو. بندرگاهه کان ماڻهو شهر تائين پنڌ ايندا ويندا هئا. واپارين جو مال ڍوئڻ جي لاءِ بندرگاهه تي بيل گاڏيون جيڪي رات ڏينهن واپارين جو مال ڍوئيندو، سوکي شهر ۾ لاهينديون، وري سوکي مان ٻيو مال ڀري بندر گاهه تي اينديون وينديون هيون. بندر تي ماڻهن جي رش ۽ بيل گاڏيون سدائين بيٺيون هونديون هيون.
ماڻهو بيل گاڏين (ڏاند گاڏين) ۾ چڙهي سوکي ايندا هئا، سوکي ۾ اسان جو گهر به هو. اُتي پاسي کان اسان جي مائٽن جا گهر به هئا. جن جا نالا ياد آهن، جمعو ميربحر، رکيو ميربحر، اِهي ٻئي ڀائر هئا.
عالي ميربحر پاتڻي، عالي ميربحر پاتڻي جو پَٽ مُحمد جو گهر به سوکيءَ ۾ هو. پاڙي منجهه ٻيون برادريون رهنديون هيون، کاروڇاڻ ۽ سوکيءَ جا ماڻهو ايندا ويندا هئا، ڪيترن ماڻهن جا ٻنهي بندرگاهن تي گهر هوندا هئا. دڪان ۾ هر ڪو ويٺو ڌيان سان قصو ٻڌي پيو.

سائين الهڏنو کٽي ولد محمد کٽي کاروڇاڻ
ڪچهريءَ ۾ سائين الهڏنو کٽي ڪي خاص ڳالهيون ٻڌايون. منهنجي پيدائش 7 جولاءِ 1948ع ۾ آهي، لڳ ڀڳ اُن وقت منهنجي عمر پنج سال هُئي. جڏهن منهنجي مامي جي شادي ٿيڻي هُئي. اسان جو عزيز رشتيدار حاجي خميسو کٽي، جنهن کي اسان شاديءَ جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ سوکي وياسين. منهنجي نانيءَ ۽ نانو برادري روايت سان دعوت ڏيڻ خاطر بيلَ گاڏيءَ ۾ (ڏاند گاڏي) تي چڙهي، تڏهن اهو پاسو سُڪل هوندو هو، کاروڇاڻ کان ميرواهه تائين، ڪو ڍورو يا ڍوري به ڪا نه هوندي هئي. اسان بيل گاڏي کي ميرواههَ پتڻ تي بيهاري، اُتان اسان پَتڻ پار ڪيو ته اسان جي مائٽن اُن پتڻ تائين بيل گاڏي موڪلي هُئي. جنهن ۾ اسين چڙهي سوکي شهر ۾ پهتاسين. جيڪو الهڏنو ميربحر چيو آهي، اَبو مٺائي جو دُڪان حاجي خميسي جي دڪان جي ڪاڇيلي (ڏکڻ طرف) ۾ هو. آءُ ننڍو هوس، مون اُن وقت سوکيءَ جو نظارو ڪَيو... هَر دڪان جو ٿلهو مٿي ٺاهيل هوندو هو. واحد سوکيءَ شهر ۾ دڪان زمين تي ٺَهيل هُئا.
رات جو گهر ۾ سُمهڻ جي ڪوشش ڪئي، ننڍو چار سال جو ٻار هوس، اُن وقت مون کي شور ٻڌڻ ۾ آيو. مون نانيءَ کي چيو:
ناني! آءُ سُمهي نه ٿو سگهان، هي شور ڇا جو آهي؟
اَبا.... پاسي ۾ هَنجَ پکي ۽ ٻيا پکي تن جا آواز آهن، اَبا... ماٺِ ڪري سُمهي رَهُه، پر اڄ تائين رات جي وقت ۾ اُهي آواز منهنجن ڪنن ۾ گونجندا آهن. اُن آواز کي 65 سالن ۾ به وساري ڪو نه سگهيو آهيان.
اسان پنهنجي مائٽ حاجي خميسو کٽيءَ کي دعوت ڏني، ٻئي ڏينهن تي کاروڇاڻ واپس آياسين.
59- 1958ع ۾ آءُ کاري ۾ قرآن پاڪ پڙهندو هوس، اسان سڀني کي سوکيءَ گهمڻ جو ارادو ٿيو. مون سان گڏ مدرسي جا ٻيا شاگرد هئا. اهو ئي عالي پاتڻي اسان کي اُڪاري پار ڪَيو، اڳيان خالي ميدان ڏسڻ ۾ آيا، جتي اڳي گهر ڏٺا هُيم، هاڻ اُهي ميدان هئا.
اَتي رولو ڪتا هئا، جن اسان تي حملو ڪيو، اسان وٽ لَٺيو ۽ بانٺا هئا. ڪتن کي ڀڄائي ڪڍيوسين. ان وقت سوکي ڦٽندو ٿي ويو، جيڪو اڳي واڻين جي وقت ۾ سوکي سُهڻي ڪنوار جيان لڳندي هئي، هينئر اها سوکي نه هئي. اتي خالي ابو جي هوٽل ۽ ٿوري مٺائي رکيل ڏسڻ ۾ آئي، جتان اسان مٺائي ورتي سون، وري واپس کاروڇاڻ آياسين. پَر پري پري ڪُجهه گهر ڏسڻ ۾ آيا هئا، ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته سُکن ڀريو شهر سوکي ڪيئن ڦٽو آ.
سوکيءَ ۾ ڪسٽم آفيس پڻ هئي. جيڪو سامان سوکي مان هندستان ويندو هو. اُن جي ٽيڪس آفيس ۾ ڀَري پوءِ هندستان مال موڪليندا هُئا. انهي سان گڏ هڪ محال آفيس به هئي، محالڪاري سائين جمن شاهه سيد محال ڪاري اُتي جو هو. ان سان گڏ اُتي ٽپال کاتو هو. جيڪو ٽي ڏينهن کانپوءِ ڪيٽي بندر کان محمد ٽپالي، ٽپال کڻي ايندو هو. اهو ئي اُن ڏينهن تي سوکيءَ جي ٽپال واپس ڪيٽي بندر کڻي ويندو هو.
1977ع ۾ جڏهن کارو ڇاڻ تعلقو ٿيو ته ان جي آفيس مسواڙ تي هئي، سوکيءَ ۾ جيڪي سرڪاري آفيسون هُيون، اهي سڀئي کاروڇاڻ شهر ۾ قائم ڪيون ويون هيون. جنهن ۾ مختيارڪار جي آفيس محمد کٽيءَ نئين بازار ٺهرائي هُئي، اُن جا ڪمرا خالي پيل هئا. جيڪي سوکي شهر جا آفيسر کاروڇاڻ ۾ اچڻ سان اُهي خالي جايون ڏسڻ سان پسند ڪيائون، اُتي ئي آفيسون کوليائون.”
الهڏنو کٽيءَ جي دڪان تي ڪچهري ٿي، سج لهڻ ۾ ڪجهه وقت هو ته دڪان بند ٿيڻ لڳا، الهڏنو به دڪان بند ڪرڻ لڳو. پوءِ سڀئي اُٿياسين ۽ هڪٻئي کان موڪلايوسين، الهڏنو کيرواڻي خاصخيلي چيو:
“ادا! مِي جو سئوٽ موٽرسائيڪل ڪاهي آيو آهي. کاروڇاڻ کان اڍائي ميل پَري اسان جو ڳوٺ علي کيرواڻي آهي. جيڪو کاروڇاڻ ۽ سوکي شهر جي وِچَ تي آهي.” پوءِ موٽرسائيڪل تي ٽئي ڄڻا روانه ٿياسين. کاروڇاڻ کان ٻاهر سڏ پنڌ تي پٿرن جي جاءِ ٺهيل هئي، جنهن جا در دروازا ڪو نه هئا. ڪنهن هنڌان ڀت جا وڏا پٿر نڪتل هئا. الهڏنو کيرواڻي خاصخيلي ٻڌايو. اها جُهريل جاءِ ڏسو پيا، ڪنهن وقت مختيارڪار جي آفيس ۽ ٿاڻو هو. ٻيا ڪيترائي ڪمرا هُئا، جنهن ۾ پوليس جو عملو رهندو هو. هينئر اُهي سڀ جايون ڊهي پَٽَ ٿي ويون آهن، صرف اِهي ٻه ڪمرا بيٺل آهن. کاروڇاڻ ۽ ڀرپاسي ۾ رهندڙ ماڻهن جا ڪيس ميجسٽريٽ هلائيندو هو. کاروڇاڻ ۾ پوسٽ آفيس ۽ هسپتال هوندي هُئي. هاڻ انهن جاين جا نشان آهن. هاڻ کاروڇاڻ ڦٽندو وڃي پيو، ايندڙ سالن ۾ بلڪل ڦٽي ويندو. جيڪڏهن پاڻي آيو ته پوءِ کارو کلي پوندو. موٽرسائيڪل تي پڪي جاءِ کان گذري اڳتي هلندا وياسين، رستو وارياسو هو، چؤڦير ڪلراٺي زمين، ڪٿي ڪٿي سُڪل وَڻ ڏسڻ ۾ آيا ٿي. زمين تي لاڻن جو وليون هيون، انهن لاڻن ۾ ڄار جا وڻ هُئا. ڪنهن وقت موٽرسائيڪل جَهڪي ڪرڻي ٿي پئي. جنهن طرف نظر ڦيرائي ڏٺو ته لاڻا، ڄاريون (وڻ جو قسم) لَيون، ديوين جا وڻ، ڪٿي ڪٿي ٻٻر جا وڻ نظر آيا ٿي.
هاڻ اسين کاروڇاڻ ۽ سوکيءَ بندرگاهه جي وچ تي هياسين، اولهه جي ڪنڊ ۾ سج جي لالاڻ جهڪي ٿيندي وئي. چئن پاسن کان اوندهه گهيرو ڪري وئي، لاڻن منجهان سنهڙن جيتن جا آواز ٿي آيا. رستو وارياسو ڪَچو رهيو. الهڏنو جو سئوٽ موٽرسائيڪل آهستي هلائي رهيو هو. مون وقت ڏٺو ته اڌ ڪلاڪ ٿي چڪو هو، سامهون وڏي خالي تلاءُ هو. جنهن جي بند تي کٽ پئي هُئي، ان تي هنڌ وڇايل هيو. موٽرسائيڪل کٽ جي پاسي وَٽ بيهي رهي، اسين هيٺ لٿاسين. الهڏنو کيرواڻي چيو. هي پنهنجو ڳوٺ آهي، ڪجهه وکن تي اسان جا گهر آهن. رستي ۾ ڪيترائي سُڪل ڍورا ڏسڻ ۾ آيا هئا. اُنهن جا نالا ٻڌايان ٿو.
رستي ۾ پنج واهڙ (ڍورا) هئا، اسين ڍوري کي واهڙ به چوندا آهيون.
1- حاجي رحمت الله جو واهڙ
2- صدر وارو واهه
3- جمو سليمان جو واهه
4- الياس سمون جو واهه
5- محمد علي گڊو ڳاڙهائي واهه
6- کمن گڊي جو واهه
7- واڍي وارو واهه
8- پينگهر نالي وارو واهه
9- ميڙائو ماليو جو واهه
10- سيٺ مصري کٽي جو واهه
11- درگاهه متارو شاهه جو واهه
12- ٻٽڙيا واهه
13- ديوان منگل مل جو واهه
الهڏنو خاصخيلي کيرواڻي ٻڌايو ته:
جنهن هنڌ اسين ويٺا آهيون، هي علي کيرواڻي ڳوٺ آهي. هن ڳوٺ جي اوڀر ۾ مُٽڻي درياهه ۽ ڳوٺ جي ڪاڇيل (ڏکڻ طرف) ۾ ميرواهه درياهه آهن. سوکي بندرگاهه، ميرواهه ۽ سنهڙي درياهن جي وچ ۾ هو. ايتري ۾ چار پنج نوجوان آيا، انهن جي هٿن ۾ هٿ بتيون هيون. اُهي ماني کڻي آيا هئا، پوءِ اسين ماني کائڻ ويٺاسين. مانيءَ کانپوءِ ڪچهري شروع ٿي، ڪچهريءَ ۾ هوت ولد احمد خاصخيلي، علي اڪبر ولد علي کيرواڻي، الهڏتو ولد علي کيرواڻي خاصخيلي آهستي آهستي ڪچهريءَ ۾ ٻيا به دوست شامل ٿيندا ويا.
هوت ولد محمد خاصخيلي کيرواڻي:
هن جي عمر ستر سال هُئي، ڪچهريءَ ۾ ويٺلن کي سوکيءَ جي يادگيرين بابت ٻڌائڻ لڳو.آءُ ڳوٺ کان نڪري، خواجه جي ٻنيءَ کان تانگهه (ننڍو پاڻي) هوندو هو، اُتان اُڪري سوکي شهر ويندو هوس. گهران اُڙد (گاهه جو قسم) کڻي اِها کپائڻ ويندو هوس. اُڙد گاهه جا ٻه قسم ٿين ٿا. ڪاري اُڙد ۽ سائي اُڙد، انهن ٻنهي گاهن کي ڪَٽي ان مان ٻج ڪڍي سوکيءَ وڪڻڻ ويندو هوس، اُتي آني ڪلو کپائيندو هوس.
انهن پئسن يعني هڪ آني مان سوکيءَ جي مٺائي کائيندو هوس. عَلو مور جَهريو جي سوکيءَ بازار ۾ هوٽل هوندي هئي. اُتي پاڻيءَ کان بغير نج کير ۾ چانهه ملندي هئي. ڏاڍي مزي واري واهه، واهه جو چانهه هئي. اُها شوق سان پيئڻ ويندو هوس. جنهن کي جا ماڻهو “سکڻي چانهه” چوندا هئا، مٺائي کائي چانهه پي گهر موٽي ايندو هوس.
سوکي شهر جي ڪاڇيل (ڏکڻ طرف) ۾ مال جو وٿاڻ هو، اهو منهنجي مامي ڪاري جو هو. آءُ ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ جنهن جو نالو “ساٿي” هو، اسين اُن وٿاڻ تي رهندا هُئاسين. اسين مينهن جي کير مان مکڻ ڪڍي، اُن مکڻ کي باهه تي رجائي صفا ڪنگڻي ڪري، پوءِ بازار منجهه وڪڻندا هئاسين. ڪنگڻي جي معنيٰ “صاف سٿرو” آهي. وٿاڻ تي اڪثر کدڙا فقير خير وٺڻ ايندا هئا. انهن سان مي جي دوستي ٿي وئي. اُنهن ۾ بابل کدڙو، اسماعيل کدڙو، شريفا کدڙو، ڀڳڙو کدڙو، حاجي کدڙو، مرزا کدڙو ۽ نازان کدڙو، اهي نالا ياد هُئا، گهڻا نالا وسري ويا آهن، سوکيءَ ۾ فقيرن (کدڙن) جي ڏاڍي عزت هوندي هئي، سوکيءَ ۾ کدڙن فقيرن جي مَڙهي هوندي هئي. اُهي کدڙا فقير ڳائيندا به هُئا، شريفان ۽ نازا جا آواز ڏاڍا سريلا هوندا هئا.
سوکيءَ جي ڪنهن گهر ۾ پُٽ جو اولاد ڄمندو هو. اُن جي پِنَ وٺندا هئا. پوءِ ڄمندڙ ڇوڪر جا چاچا، ماما، ماسيون، ماميون سي فقيرن کي گنديون ۽ مال، ڍور ڍڳا ۽ روڪ پئسا به ڏيندا ها.
علي کيرواڻي خاصخيلي جنهن جي نالي سان هيءَ ڳوٺ آهي، علي کيرواڻي خاصخيلي جي ڇوڪرن جا طهر هُئا. اُن جلال چانڊيو کي دعوت ڏئي هتي گهرايو هو. جلال چانڊيو کي ڏَهه هزار روپيا ڏنا هئا، اُن کان علاوه تر جي ماڻهن جلال چانڊيو کي وڏو قرب، مانُ ۽ عزت ڏيڻ سان گڏ جَهجو ڏوڪڙ پيسو ڏنو، تحفه ڏنا، اهو ضياءَ الحق جو دور هو.
کاري ۽ سوکيءَ ۾ ڪنهن به وڏي ماڻهو کي پيسو ڏوڪڙ وارو، يا هلندي پُڃندي ۽ سَرنديءَ وارا ماڻهو پٽ ڄمڻ تي وڏي خوشي ڪندا ها، وڏا راڳ ٿيندا ها. سوکي ۽ کارو ٻئي شهر خوشين جي ڇولين سان ڇُلڪي، اُٿلي پوندا هئا، فقيرن ۽ فنڪارن ۽ پهلوانن جا جاوا (ڍَؤَ) ٿي ويندا ها.
اسين سٻاجهڙيءَ پٽن ۾ مٺو ڪڇيءَ، مائي ڀاڳيءَ جا راڳ ٻُڌا. جن ماڻهن وٽ مال هوندو هو. اُنهن کي ڀاڳيا چيو ويندو آهي. سوکيءَ ۽ ڳوٺن ۾ اسان جي ڳوٺ علي کيرواڻيءَ ۾ “ڄَر پيندي هُئي” معنيٰ هَر روز مينهن ويامندي هُئي. هي پَٽَ ايڏا ڀلارا ۽ سٻاجهڙا پٽ سون جيان چمڪندا، جرڪندا هئا.”
جنهن هنڌ اسين ويٺا هئاسين، ان جي پاسي ۾ وڏو سڪل تلاءُ هجي، ان جي بندن جي پاسي ۾ گدڙن جي باهڙ ٿي، هوت محمد کيرواڻي ان طرف نهاري، وري ڪنڌ لاڙي چوڻ لڳو.
“ادا! اڳي ايڏا سُهڻا پَٽَ هُئا، هاڻ سامونڊي پٽيءَ سوکي، سُک ڀري، سونا سنگ، پَنَ ڏيڻ واري ڪانهي ڪا، پوري سامونڊي پٽي سُورن جي تؤُ ۾ سَڙي ويئي آهي. سُک ڀريا ماڳَ، سور جي باهَه ۾ سَڙي رک ٿي ويا. هاڻ هر طرف کاري پاڻيءَ واري کاري زمين، جتي ڀاڳين جا ڀاڳ وارا وٿاڻ، پکين جا پيارا آواز، ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. هَير اُتي، لاڻن جون وَليون ۽ ڄار بيٺي هئي، رات جي وقت گدڙن جون اَناهيون اچن ٿيون. انهن سوکيءَ وارن کي قصن ۽ ڏينهن کي ساريندي اندر اُکڙيو پوي، “بَس کاري (سمنڊ جي پاڻي) ڦٽايا کَيٽ اسان جا” ڪي ڳوٺ سوکي جي شهر جهڙو ڏيک ڏيندا ها، اُهي سڀ اُجڙي ويا. خالي ڪلراٺي زمين بچي آ، ڪو وقت اهڙو به اچي ويندو. اهي پَٽَ به پنهنجا نشان ڇڏي ويندا، جيئن ماضي وارن بندرگاهن جا نشان به نه ٿا مَلن. اُهي سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ هليا ويا. سي هي پَٽَ به ائين سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ۾ گُم ٿي ويندا. هزارن ايڪڙن تي ٻڌل علائقو آباد هو، جنهن ۾ سوکي جو شهر هو ۽ وڏو بندرگاهه، سي سَڀَ سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ڍڪجي گم ٿي ويا. سنڌ جي ٻين بندرگاهن وانگر سوکي بندر جو نالو ڪتابن ۾ پڙهنداسين. هاڻ ڪڏهن سوکيءَ جي پٽن کي ڏسندا آهيون، اندر ۾ سڏڪن جي اُٿل پٿل ٿيندي آهي. مٽڻي ۽ ميرواهه درياهن مان هلندي اکيون سوکيءَ جي پَٽن ڏانهن لڙي وينديون آهن. بس ٿڌو ساهه نڪري ويندو آهي. هاڻي سوکي جي شهر جي زمين جو ٿورو ٽُڪر سو به ڪلراٺو بچيو آهي، هاڻ اسين به لڏڻ جي سوچيون پيا.
“الهڏنو کيرواڻي خاصخيلي چيو، هاڻ هِت رهڻ اَهنجو ٿي پيو آهي. ساڪرو يا ڪنهن پَٽَ تي سَولي آبادي واري زمين مِلي پوي ته اسين اوڏانهن هليا وينداسين، انهيءَ ڪوشش ۾ لڳا پيا آهيون.”
رات جو وقت هُجي، آسمان ۾ ٽمڪندڙ تارن کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي رهي هئي، جيئن اڳي ڳوٺاڻيون عورتون رئي گندي ۽ چنريءَ تي رنگين ستارا هڻنديون هيون، اهي ستارا چمڪندا تارن جهڙو ڏيک ڏيندا رهيا. آسمان جي جهوليءَ منجهه ننڍڙا ۽ وڏڙا تارا ٽمڪي ۽ چمڪي رهيا هئا، ڪنهن وقت ۾ هي پَٽَ به آسمان جي تارن جيان ڏيک ڏيندا هئا. وري پٽ تي نگاهه ڦيرائي ڏٺو ته، ڪلراٺي زمين جي جهوليءَ تي لاڻن جون وَليون، جن جي اندران سنهڙن جيتن جا آواز اچي رهيا هئا، بس پوءِ ڪنهن مهل آسمان کي ته ڪنهن مهل کاري پَٽن کي ڏسندي اُداس ٿي ويس”.
ايتري ۾ هوت جو آواز آيو.
ادا، هاڻ رات جَهجي ٿي ويئي آ، منهنجو ڳوٺ پَري آهي. منهنجي ڳوٺ جو نالو قبول خاصخيلي آهي، هاڻ سڀني کان موڪلاڻي ڪريان پيو. ڪَچهريءَ ۾ ويٺل رستم خاصخيليءَ کي هوت چيو:
رستم! مِکي لائيٽ ڏي، اوندهه لڳي پيئي آهي، واٽ تي نانگ چُرندا هوندا، سُڀاڻي لائيٽ واپس ڏئي ويندس. رستم جي هٿ ۾ ننڍڙي سيلن واري لائيٽ هئي، اُها هوت کي ڏنائين پوءِ ڪچهريءَ مان سڀئي اٿيا.
الهڏنو کيرواڻي، رستم پٽ الهڏنو، مجيد پُٽ حاجي خاصخيلي، ابراهيم پُٽ حاجي، سِلو پٽ حاجي، آمون پٽ حاجي، عيدو پٽ حاجي خاصخيلي، عثمان پٽ الهڏنو، سلطان پٽ الهڏنو، دلدار پُٽ الهڏنو، بَراد پٽ علي کيرواڻي، محمد پٽ بَراد، عيسو پٽ سومار خاصخيلي، عرس پٽ عيسيٰ خاصخيلي، موسيٰ پٽ عيسيٰ خاصخيلي، اُميد علي پٽ سومار سڀئي هليا ويا، علي اڪبر خاصخيلي ڪو نه وَيو. پَٽَ تي تڏو وڇايل هيو، جتي ويهي ڪچهري ڪئي سون، علي اڪبر اُن تي هنڌ وڇائي سمهي رهيو.
صبح جو سوير سج ڪَني ڪَڍي ته اُٿيس، ايتري ۾ ڇوڪرو چانهه ماني کڻي آيو. پَٽَ تي پاڻيءَ جو ڀريل پَپَولو (پلاسٽڪ جو ڊرم) خالي ٽامري (ديڳڙو) ٺُولو (ڇَل) ۽ ٻاجَهٽ (ننڍڙي صندلي) پيا هئا، مان اُٿي ٻاجهت تي ويهي، پَيولو مان ٿورو پاڻي ٽامريءَ ۾ وڌو ۽ ٺُولو مان پاڻي لاهي هَٿ مُنهن ڌوئڻ لڳس، کٽ جي سيرانديءَ کان ٽوال پيو هو. هَٿ منهن ڌوئي تڏي تي آيس، علي اڪبر چانهه ڪوپ ۾ لاهي ڏني، ماني کائڻ کانپوءِ ڇوڪرو ٿانوَ کڻي ويو، اڪبر خاصخيلي اُٿي گهر ڏي ويو. واپس ۾ هڪ بانٺو (لَٺَ) کڻي آيو، هن جا پير اگهاڙا هئا، هڪڙو ٻار ٻَڪرين جا ڌڻ ڪاهيون پئي آيو، ٻڪرين جي اڳيان ۽ پاسن کان ڇَيلڙا ڪُڏَ ٽينگ ۽ ٽپا ڏيندا لاڻن کي سگهندا ڄار جي وڻ وٽ آيا. ٻه ٻڪريون ڄار جي وَڻ تي چڙهي ويون. اُتي ڄار جا ساوا پَنَ کائي رهيون هيون، ڪي ٻڪريون لاڻن منجهه چرنديون اڳتي هلنديون ٿي رهيون. ڳوٺ جي ٻاهران سڪو تلاءُ هو، اُن جي بند تي کٽ رکيل هئي جنهن تي اسين ويٺا هئاسين، تلاءُ جي اُوڀر ۾ مُٽڻي درياهه هو.
علي اڪبر چيو:
هاڻ هَلو ته کاري هَلو، هنڌ بسترا پپولو، ٺولو، ٽامري ۽ ٻاجهٽ اُهي سڀ سامان ڇوڪرا پاڻ کڻي ويندا. پوءِ اسين علي کيرواڻي خاصخيلي ڳوٺ مان پنڌ نڪتاسين. کاروڇاڻ کان اڍائي ميل هو. کارو کان صبح جو نائين ڌاري پَتڻ نڪرندو آهي، اُن پتڻ تي مون کي پهچڻو هيو، اهو پتڻ ڦاٽ درياهه جي پرينءَ ڪنڌي تي پهچائيندو، جتان سوزڪي يا ڊاٽسن ٻگهاڻ ۽ ڳاڙهو ماڻهن کي کڻي ويندي آهي. اسين ڪلراٺي زمين تي ٺهيل پيرو چارو کان هلندا رهياسين، پَٽَ تي لاڻا، ڄاريون، سُڪل ٻٻر جا وڻ هيا.
علي اڪبر چيو:
ادا، بَينا زمين آهي، يعني کاري زمين آهي، “بُينا لفظ جي معنيٰ غير آباد ۽ کاري زمين،” هڪ ٻڪري ڄار جي وڻ تي چڙهي وئي، وڻ جي هيٺيان ننڍڙو ڇيلو ٻي ٻي ڪري رهيو هو. اوسيتائين دانهون ڪندو ٻاڪاريندو رهيو، جيسيتائين ڄار جي وڻ تي چڙهيل ٻڪري هيٺ لهي ڪو نه آئي.
ڪي ڇيلڙا ڪلراٺي پَٽَ تي ڊوڙندا، لاڻن جي ننڍڙن ٻوٽن ۽ زمين تي ليٽيل لاڻن جي وَلين مٿان ڪڏندا ٿي ويا.
رستي ۾ پري پري کان ڪانن ۽ ڪَڙَن جا ڇنا ۽ مَنههَ ڏسڻ ۾ آيا منهنجو ڌيان انهن گهرن ڏانهن ڏسندي علي اڪبر کيراڻي چيو:
ادا، هي پَٽَ جنهن تان هلي رهيا آهيون، سي اُجڙي ويا آهن. اسان ننڍپڻ ۾ هن علائقي کي ڏٺو هو. کاروڇاڻ کان وٺي ميرواهه ۽ مُٽڻي درياهن تائين هي پٽ آباد هئا. سون جي تعداد ۾ مختلف ذاتن وارا ماڻهو رهندا هئا، وڏا باغ زمينون سهڻن فصلن سان سايون، ساهه واريون لڳنديون هيون. آباد هو، هَنن پٽن تي ملاکڙا لڳندا هئا. کارو ۽ سوکي ڦِٽو ته هِن علائقا به اُجڙي ويا. هاڻ ڪجهه گهر جيڪي ڇڊا ڇڊا هئا، جنهن ۾ رونجها، بگدا، سهتا، ميربحر ۽ خاصخيلن جا گهر جهجا آهن.
1. ڇُٽو ڄاموٽ ڳوٺ خاصخيلي
2. لالڻ خاصخيلي ڳوٺ
3. علي محمد کيرواڻي ڳوٺ
4. صديق اوٺاڙي خاصخيلي
5. اسماعيل بگدو
6. صديق رونجهو
7. الهڏنو رونجهو
8. جمعو سَهتو
9. محمد سهتو
10. حاجي خاصخيلي
11. عبدالله ميربحر ۽ کٽين جو ڳوٺ
کاروڇاڻ جي ويجهو آياسين، ڪجهه گهر ڏسڻ ۾ ٿي آيا. پاسي ۾ قبرستان هيو، جيڪو پراڻو نظر اچي رهيو هو. هي قبرستان ميلن ۾ هيو.
اسين قبرستان جو پاسو وٺي هلندا کاروڇاڻ جي بازار منجهه آياسين، الهڏنو کٽيءَ جو دڪان هجي، اُتي ڪي ماڻهو وکر، سودو سامان وٺي رهيا هئا، الهڏنو کٽي دڪان تي ويٺو هو، اسان کي ڏسندي، اٿيو ۽ سڪ سان مليو، هڪ ڇوڪري کي چانهه جو چئي پوءِ صندل ڏانهن اشارو ڪيو، اسين صندل تي ويهي رهياسين، ايتري ۾ الهڏنو ميربحر آيو، هن سان مليس کين چيو:
آءُ وڃان ٿو پاتڻي يوسف ڪهڙي وقت پتڻ ڪڍندو؟ الهڏنو کٽي چيو:
يوسف پاتڻي شهر ۾ ايندو آهي ته مون وٽان چڪر ڏئي پوءِ پتڻ تي ويندو آهي، توهين الڪو نه ڪريو، اجهو پاتڻي آيو، الهڏنو ميربحر اُٿيو، آءُ پاتڻي يوسف کي ڏسي ۽ چئي اچان ٿو. الهڏنو ميربحر هليو ويو، ڪجهه منٽن ۾ موٽي آيو، پاتڻي هوٽل تي چانهه ويٺو پئي، هيڏانهن اچي پيو.
هڪ ڇوڪرو چانهه کڻي آيو، اسان سڀئي چانهه پيئڻ لڳاسين. دڪان ۾ ننڍا وڏا جيڪي به آيا ٿي، انهن جي وات ۾ چورو، گٽڪو ۽ ڪن جي وات ۾ پان هجي، ننڍڙا ٻار دڪان تان سوپاريون، سونڦ جون ننڍڙيون پڙيون وٺيو ٿي ويا. دڪان ۾ ويٺل نوجوان دڪان جي فرش تي ڳاڙهي پچڪاري وات واري اڇلائين پيا ته فرش تي ڳاڙها نشان، چُٽا ٺهي پيا وڃن. اُنهن کي دڪاندار به ڪجهه نه ٿي چيو.
اسين چانهه ختم ڪئي ته، پاتڻي يوسف دڪان تي آيو، پوءِ اسان اُٿياسين. هر هڪ کان موڪلايو، الهڏنو ميربحر مونسان گڏ اُٿيو ۽ پتڻ تي هلڻ لڳو، يوسف پاتڻي اسان کان تڪڙو هلندو هڪ دڪان کان گٽڪي جون پڙيون ورتيون، اسين هلندا رهياسين، جڏهن کاروڇاڻ جي بازار ٽپي اڳتي هلڻ لڳاسين ته زاهد ساڪاڻي بلوچ مليو، هُن سان گڏ ٻه ماڻهو هئا. زاهد بلوچ اُنهن جو تعارف ڪرايو. امين ميربحر، رشيد ساڪاڻي بلوچ پوءِ سڀئي ڦاٽ درياهه ڏي هلڻ لڳاسين. جنهن جاءِ تي پتڻ (ٻيڙي) بيٺو هو. پوءِ غلام محمد ساڪاڻي بلوچ، سائين سومار کيرواڻي جنهن کي اڇي ڏاڙهي هُئي، اِهي پتڻ تي ويا ٿي، جڏهن پتڻ تي آياسين ته ٻيڙيءَ منجهه گهڻا ماڻهو اڳ ۾ ويٺا هئا، ٻيڙيءَ جي سکاڻ تي جنهن جاءِ تي مشين (ٽنگ مشين) لڳل هئي، ٻيڙي جي کڻ (پيٽ) ۾ عورتون ۽ ننڍا ٻار ويٺا هئا، ٻيڙيءَ جي مُهريءَ تي چار ماڻهو ويٺا هئا، اسين ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سکاڻ ڏي وڌي وياسين، زاهد ڪاساڻي بلوچ، غلام محمد ساڪاڻي بلوچ، آءُ سکاڻ تي ويٺاسين، زاهد سڪاڻي موٽر جي پاسي ۾ ويهي رهيو اُتي ٻه ماڻهو ويٺا هئا، انهن پاڻ کي ٽوال سان ويڙهي ڇڏيو هو، زاهد ڪاساڻي بلوچ هڪ ماڻهوءَ کان وڏو ٽوال (پوتڙو) وٺي اُن سان پاڻ کي ويڙهي ويهي رهيو، جيئن موٽو هلڻ وقت تيل جا ڇنڊا، ڦينگيون هڻي ڪپڙا خراب نه ڪري، پاتڻي يوسف اچي ويو. هاڻ ماڻهن کي اميد ٿي ته پتڻ هلندو، تڙ تي ٽي ٻيڙا سڪي وٽ بيٺا هئا. هڪ ٻيڙي جي واڍا مرمت ڪري رهيا، ان کي هيٺيان ڪاٺ جون پٽيون هڻي رهيا هئا.
پاتڻي يوسف سکاڻ تي ٽنگ مشين چالو ڪئي ته هوا ۾ مشين جو شور هوا ۾ پکڙجي ويو، ٻيڙي لوڏو کائي هلڻ لڳي. آهستي موڙ کائي تيزيءَ سان درياهه جي سيني تي هلڻ لڳي ته درياهه جي پاڻيءَ جون ڇَنڊون ڇوليون (ڦينگون) سکاڻ ۽ مُهري تي ويٺل ماڻهن جي مٿان ڪرڻ لڳيون، جنهن پاسي کان لهرون اٿل کائي ٻيڙيءَ (هوڙو) سان اچي لڳن پيون ته پاسن کان ويٺل ماڻهن کي پَسايون هليون پيون وڃن. درياههَ ۾ موج هُئي، واءُ تيز گهلي رهيو هيو. ٻيڙي پينگهه جيان لڏندي هلندي رهي، ڪنهن مهل درياهه ۾ ٻيڙي آسيري پاسيري ٿيندي رهي ته ماڻهو هڪٻئي کي پڪڙي جهلي وَٺن پيا، ڦاٽ درياهه جي وچ ۾ ٻيڙي هلي رهي هئي. درياهه منجهه ڪيترا هوڙا هلندا رهيا، پاتڻي يوسف سکاڻ تي بيٺو هجي، هن کيسي مان گٽڪي جي پُڙي ڪڍي، وات ۾ وجهي، وري پڙيءَ کي ويڙهي سيڙهي کيسي ۾ رکيائين. پوءِ مُهريءَ (ٻيڙي جو پويون حصو) تي ويٺلن ماڻهن ڏانهن هليو ويو. اُنهن کان ڀاڙو وٺڻ لڳو.

پتڻ ڪَڍو، هَٿ ۾ رکو.
يوسف پاتڻي مُهريءَ وارن کان پئسا وٺي پوءِ سُکاڻ وارن ڏي آيو. انهن کان پتڻ (ڀاڙو) ورتائين، تنهن کانپوءِ کُڻ منجهه ويٺل عورتن ۽ ٻارن کان ڀاڙو ورتو. واپس سکاڻ تي آيو، هن هر هڪ ماڻهوءَ کان پنجاهه (50) روپيا ڪرايو ورتو، موٽر ۾ ٻڌل رسي کي ڇڪ ڏني ته ٻيڙي تيزيءَ سان هلڻ لڳي. سامهون تڙ هيو، اُتي ٻيون ٻيڙيون بيٺل هيون. پاتڻي انهن ٻيڙن کان پري ڦاٽ درياهه جي ڪنڌي ڏي ٻيڙي جو رُخ موڙيو. ڪجهه منٽن کانپوءِ ٻيڙي ڪنڌيءَ کان پَر ڀري ٿي بيهي رهي، ماڻهو شلوار وارا پاچا مٿي کڻي ٻيڙيءَ مان هيٺ لٿا، ڪن ماڻهن کي گوڏن تائين پاڻي آيو ٿي. ڪن کي چيلهه تائين پاڻي، آءُ ٻيڙيءَ مان هيٺ لَهي، پاڻي جي گپ ۾ پير ڪُنڊا ڪري هلندو سُڪيءَ تي آيس. ڪناري تي اچي درياهه جي پاڻيءَ ۾ پير ڇاڇولي (ڌوئي) بوٽ پائي سوزڪيءَ ۾ چڙهي ويٺس. تڙ تي هڪ ڊاٽسن ۽ هڪ سوزڪي بيٺي هئي، ڪي ماڻهو ڊاٽسن ۾ چڙهيا ته ڪي سوزڪي ۾ چڙهي ويٺا، ٻئي گاڏيون ماڻهن سان ڀرجي ويون.
زاهد ساڪاڻي بلوچ سان ڪچهري ٿي، هن ٻڌايو ته ٻاٻيهو ڳوٺ ۾ ڪجهه ماڻهو سوکيءَ کان لڏي اچي ويٺا آهن، انهن سان ڪچهري ڪنداسين. “ادا! هير ٻگهاڻ هلون ٿا، اتي ڪي ماڻهو آهن ته ٻڌاءِ، انهن سان ملڻ سولو ٿيندو، ڇو ته آءُ ٻگهاڻ مان ڪراچي هليو ويندس.”
اڌ ڪلاڪ کانپوءِ سوزڪي ٻگهاڻ شهر ۾ پهتي، سوزڪي وارو هڪ، هڪ ماڻهوءَ کان پنجاهه روپيه ڀاڙو ورتو، اسين هيٺ لٿاسين، سوزڪيءَ واري کي ڪرايو ڏنو، زاهد بلوچ چيو:
ادا، توهان پندرنهن ويهه منٽ اتي بيهو يا ڪنهن جاءِ تي ويهو، آءُ ڊاڪٽر کي طبيعت ڏيکاري اچان ٿو. منهنجي ذهن ۾ آيو ته ڪالهه محبوب جي هوٽل تي ويٺو هوس، ڇو نه اُتي وڃي ويهي رهان.
زاهد! آءُ محبوب هوٽل تي وڃي ويهان ٿو.
“ها.... اهو هوٽل ڏٺل آهي، آءُ اتي اچي ويندس.”
زاهد ائين چئي هليو ويو، آءُ محبوب هوٽل تي آيس. صندل تي ويهي رهيس، بيرو آيو، هن جي هٿ ۾ پاڻي جو گلاس هيو، اهو اڳيان رکيائين.
ڀاءُ.... هڪ چانهه ڦِڪي:
بيرو ڪنڌ لوڏي هليو ويو، شبير ميمڻ جو وڏو ڀاءُ دڪان تي هيو، اُهو مليو. آءُ اڌ ڪلاڪ اُتي ويٺو رهيس، زاهد بلوچ جي فون آئي، اسين اچون پيا. ڪجهه منٽن کان پوءِ هڪ موٽرسائيڪل هوٽل جي اڳيان اچي بيٺي، اُن تي زاهد ويٺو هو. آءُ اُٿي ويس، پوءِ ٽئي ڄڻا جنگي سَر روڊ تي آياسين. مهراڻ شاپنگ سينٽر کان ٿورو اڳيان کٻي هٿ تي ڇَنو ٺهيل هيو، اُتي موٽرسائيڪل بيهاري اسين اندر داخل ٿياسين. هڪ نوجوان سفيد ڪپڙن ۾ ويٺو هو، بنديءَ تي لکي رهيو هو. شايد حساب ڪتاب لکي رهيو هو، ڇَني ۾ چار ماڻهو ويٺا هئا. انهن مان ٻه ڄڻا اُٿي هليا ويا، ٻه ڄڻا ويٺا رهيا، هڪ کي نوجوان جيڪو حساب ڪتاب لکي رهيو تنهن چانهه جو چيو ته ويٺل ٻن ماڻهن مان هڪڙو اُٿيو ۽ ڇني کان ٻاهر هليو ويو، وري موٽي آيو. اُن جي پويان چانهه وارو ٿرماس ۽ ٽي ڪوپ کنيو اندر داخل ٿيو، نوجوان چيو، هيءَ چانهه انهن ملاحن جي لاءِ چئي هئي، جيڪي اُٿي هليا ويا، هاڻ اها چانهه اسين پيئنداسين. پوءِ ڪوپ ۾ چانهه ڏني، ٻئي ڪوپ ۾ پنهنجي لاءِ چانهه لاهي پيئڻ لڳو. ايتري ۾ هن جي فون اچي وئي، ان سان ڳالهائڻ ۾ مصروف ٿي ويو.
آءُ چانهه پي خالي ڪوپ اڳيان ميز تي رکيو ته ٽي ماڻهو ڇني منجهه آيا، منهنجي ڀر ۾ خالي ڪرسيون پيون هيون، اُن تي اچي ويٺا. انهن سان حال احوال ٿيا پوءِ انهن پنهنجو تعارف ڪرايو.
ادا، منهنجو نالو شير محمد ڪاساڻي بلوچ ولد احمد علي ساڪاڻي بلوچ، ٻگهاڻ شهر کان سڄي پاسي تي هڪ ڪلوميٽر ۽ هڪ فرلانگ جي مفاصلي تي ڳوٺ احمد علي ساڪاڻي بلوچ آهي. اهو اسان جو ڳوٺ آهي، هي پُنَ شاخ جي ڀَر ۾ آهي.
جنهن نوجوان چانهه گهرائي هُئي، ان پنهنجو تعارف ڪرايو. منهنجو نالو جلال احمد پيروزاڻي آهي، ڳاڙهو شهر جي ڀَر ۾ اسان جو ڳوٺ حاجي رمضان پيروزاڻي آهي.
ڇَني ۾ ويٺلن ماڻهن پنهنجا نالا ٻڌايا:
ڇَڇَر ملاح ولد ماڪُو، عباس علي، الله بچايو، ڌانڌل، معشوق ساڪاڻي، زاهد ساڪاڻي بلوچ، علي حسن پيروزاڻي بلوچ، سليمان ملاح، سڪندر رجيرو، علي ملاح.
شير محمد ساڪاڻي بلوچ ڪچهري ۾ ٻڌايو ته اسان جا ڏاڏا، پڙ ڏاڏا سوکيءَ جا آهن، سوکيءَ ۾ هندو گهڻا هئا، اُنهن جا پڪا گهر هئي ۽ سوکي ۾ پائيلا به هُئا. پائيلو جي معنيٰ ڪارخانو، جنهن ۾ ڇڙ پيسائي ٿيندي هئي.
ٻگهاڻ ۾ ويٺو هئس ته ڊاڪٽر جليل کٽيءَ جي فون آئي،
ادا! ڪٿي آهيو؟
ڊاڪٽر! ٻگهاڻ شهر ۾ آهيان.
آءُ ٺٽو کان گهارو اچان پيو. تون به اُتي اچ، آءُ چئرمين هوٽل تي انتظار ڪندس.
ڊاڪٽر! مهرباني، گهارو شهر ۾ گڏ آهيون.
ڊاڪٽر جليل کٽيءَ جي فون کانپوءِ، دوستن کان موڪلايو، ٻگهاڻ مان سوزڪي ۾ چڙهي، ڳاڙهو شهر ۾ آيس.
خاصخيلي هوٽل وٽ ڳاڙهو کان ڪراچي ويندڙ وين ۾ چڙهيس، جيڪا ابراهيم حيدري وڃي رهي هئي، گهارو ۾ لهي روڊ ٽپي چيئرمين هوٽل تي ويس، ڊاڪٽر جليل ويٺو هو، ڪچهري ڪندي حال احوال ڪيائين ته،
ادا! چوهڙ جمالي کان اچان پيو، جڏهن ٺٽو شهر پهتس ته تنهنجو خيال آيو، “منصور سان ڳالهايان.” مون کي پڪ هئي، تون ٺٽي ضلعي ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ يا شهر ۾ هوندي، اهو سوچي توهان کي فون ڪئي.
چوهڙ ۾ “ناٿو ولد محمد ميراسي”، سان ملاقات ٿي، ۽ اوستو محمد يوسف خاصخيلي ولد محمد رمضان خاصخيلي سان ملاقاتون ٿيون. اوستو (استاد) ان کي چوندا آهن جيڪو ڪنهن به فن جي ڄاڻ رکندڙ هجي. ناٿو ولد محمد عرس ميراسي ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته ورهاڱي ٿيڻ کي ٽي سال گذريا هئا. راڳ ڳائيندڙ هڪ ٽوليءَ سان، ناچو بڻجي سوکي بندرگاهه ۽ سوکي شهر ويو هوس، ان وقت منهنجي عمر ٻارنهن سال هئي، اسين سوکي شهر ۾ آياسين. اتن (اتان) جي ماڻهن پئي چيو،
“هاڻي واڻيا هليا ويا آهن، جيڪي وڻج واپار ڪندا هئا، انهن جي وڃڻ کانپوءِ ڪاروبار ۾ اها ڳالهه ڪانهي، هتان جي واپارين جو ٻين شهرن سان ڏيتي ليتي اُها نه رهي آهي. هندو جيڪي ڪاروباري ڄاڻ رکندڙ هئا، سوکي بندر ۽ سوکي شهر جا وارث هئا. هاڻي هتان جا مالڪ مسلمان بڻيا آهن، ان وقت بازار ۾ هلندين، سوکيءَ جو شهر گهمندي، ڦرندي مزو اچي رهيو هو.
جنهن راڳيندڙ ٽوليءَ سان ويو هوس، اُهي اڳي واڻين جي وقت سوکي شهر ۽ بندر تي ايندا ويندا هئا. انهن مِکي (مون کي) سوکي جي قصن بابت ۽ سوکيءَ جي محبتي ماڻهن جا قصا ٻڌايا. اهو به ٻڌايو ته واڻيا فنڪارن جو جهجهو قدر ڪندا هئا.
آءُ جنهن ٽوليءَ سان ويو هوس. انهن راڳيندڙن جا نالا هينئر به ياد آهن. “منڱو ميراثي، مهراڻ ميراثي، ڪريم بخش عرف ڦوٽو ميراثي، خادم ميراثي، مِٺو مصري ميراثي هئا.
سوکي شهر ۾ اسان جو رهڻ عثمان شيديءَ جي اوطاق تي ٿيو هو. ماني ٽڪي سڀ اتي کائيندا هئاسين ۽ راڳ جي محفل به عثمان شيديءَ جي اوطاق تي ٿي، سوکيءَ شهر ۾ ڪيترين ئي ذاتين وارا ماڻهو رهندا هئا، راڳ ٻڌڻ جي لاءِ سوکي شهر ۽ ڀرپاسن جا ماڻهو به آيا هئا.
اسان کي پئسو جام ڏنائون، سي ماڻهو راڳ جا وڏا شوقين هجن، اسان فنڪارن جي عزت ڪيائون، مهمانوازي اهڙي جو اڄ ڏينهن تائين، اهو قربائتو ۽ پيار وارو هلڻ، سوکيءَ جي ماڻهن جو وسري نه ٿو. ان کانپوءِ موجو (منهنجو) سوکيءَ شهر ڏي وڃڻ ڪونه ٿيو.
اسين چيئرمين هوٽل تي ماني کائي ساڪرو شهر کان ايندڙ وين ۾ چڙهي، ريڙهي مياڻ جي موڙ تي پهتاسين. پوءِ اسان کي هڪ سوزڪي ملي وئي، ريڙهي ڳوٺ ۾ آياسين.
رات جو ڊاڪٽر جليل جي اوطاق تي سائين لطيف الله خاصخيلي آيو. جيڪو پرائمري اسڪول ريڙهي ۾ استاد هجي. اوطاق ۾ ٻه ٻارڙا فائزه ۽ فيضان به اچي ويٺا. سائين لطف الله ڳالهين ۾ هن پنهنجي والد لهر محمد هاشم جنهن کي “لهر ڪيٽوي” به چوندا هئا، ان بابت ٻڌايو.
ادا! منهنجو والد سوکيءَ ۾ پرائمري ماستر هيو. پاڻ شاعري ڪندا هئا، سوکي شهر ۽ جوڳيئڙا ڳوٺ ۾ استاد رهيو. سوکيءَ شهر ۽ جوڳيئڙا ڳوٺ ۾ ٽن ميلن جو فاصلو آهي، جوڳيئڙا ڳوٺ ۾ فصل ڀلو ٿيندو هو، خاص طور “ساڳ” جوڳيئڙن جو ڏاڍو مشهور هيو. جوڳيئڙا ۾ ساڳ جي پوک سُٺي ٿيندي هُئي، ماڻهو ساڳ وڏي شوق سان کائيندا هئا.
بابا جي هڪ بيت ۾ جوڳيئڙا ڳوٺ جي “ساڳ” جو ذڪر آهي،

جام ملي ٿو جوڳيئڙن، سَرههَ سندو ساڳ،
کايو سهڻو ساڳ، ويٺا ڪريون راڳ،
چوءَ پنهنجو ڀاڳ، جنهن جان اڙائي جوڳيئڙن ۾.

جوڳيئڙا ڳوٺ هير به آباد آهي، پر اهو ماضيءَ وارو اوج نه رهيو آهي، جوڳيئڙا جا شاگرد درياهه جو ڍورو اڪري سوکيءَ جي اسڪول ۾ پڙهڻ ويندا هئا.
بابا جي شاعري جو ڪتاب “لهريون اچڻيون وڃڻيون” سندس حياتيءَ ۾ صداقت ڊيپو گاڏي کاتو شايع ڪرايو هو. 1998ع ۾ بابا وفات ڪئي.
ڊاڪٽر جليل ٻڌايو ته چوهڙ ۾ منهنجي ملاقات اُستو محمد يوسف ولد محمد رمضان خاصخيلي سان ٿي، ان چيو ته،
“اسان سوکيءَ مان 1962ع ۾ لڏ پلاڻ ڪئي، صديق ڪاٿڙائي مهاڻو هيو، ان جي ٻيڙي جنهن کي “گاليو” چون. “گاليو” ٻيڙي جو قسم آهي، اسين ان م لڏ کڻي (گهر جو سامان) چوهڙ جمالي لڳ “لوڊ موري” جي ڳوٺ جيڪو بچل پاتڻي جو ڳوٺ هجي، اتي اچي لڏو لاهي ويٺاسين. پوءِ وري اتان ڏاند گاڏين ۾ لڏ کڻي (سامان) چوهڙ شهر جي لڳ “ڀلو اوٺار” جي پٽن تي اچي رهائش اختيار ڪئي. سوکيءَ آباد شهر هيو، هن شهر جو واپار ڪيترن ملڪن ۽ شهرن سان هلندو هيو.
سوکيءَ ۾ واڻيا، جن ۾ ڀاٽيا ۽ لوهاڻا ذات وارا هئا، سوکيءَ جي شهر ۾ ان چڙهڻ ۽ ان پيسڻ وارو ڪارخانو هندو ڀاٽين جو هيو، ان مل کي محمد رمضان خاصخيلي هلائيندو هو.
سوکي شهر ۾ اسان جا دڪان، هوٽل ۽ ڪئبن به هيون، سوکيءَ جي اتر طرف ۽ اولهه پاسي ۾ موسو ڪنڀار وارن جا ويهه کن گهر هئا.
انهن جي پاسي ۾ خاصخيلين جا گهر، انهن گهرن جي ٿورو اڳيان مهاڻن جا گهر هجن.
سوکيءَ ۾ “ٻنندو مل” ديوان لوهاڻو سريال (چڱو مڙس) هوندو هو. جنهن کي هڪ ڌيءَ تارا ۽ هڪ پٽ تارو مل هئا.
واڻين جي وڃڻ کانپوءِ جيئن جيئن سوکي جي چلتي واري ۽ وڻج واپاري سونهن گهٽجڻ لڳي ته ماڻهو به لڏ پلاڻ شروع ڪرڻ لڳا. موسو ڪنڀار سوکيءَ مان لڏي “باگاڻن” ۾ سائين جلال شاهه وٽ آيو. ان کان ٻيڙين جي مدد گهريائين. جنهن موسيٰ ڪنڀار کي “دبائي جت” جي ٻيڙي ڏني. ان ٻيڙي ۾ سامان (لڏ) کني چوهڙ آيو ۽ ڪجهه عرصو رهي پوءِ ابراهيم حيدري هليو ويو، هاڻ ان جو اولاد ابراهيم حيدريءَ ۾ رهي پيو.
سوکي جو شهر “سڪ پريت جو شهر” هيو، اڃان به ڪيترا ئي ماڻهو مون کان رهجي ويا آهن، جيڪي سوکي جا اصل رهواسي هئا. هن وقت مختلف ماڳن تي رهن ٿا. انهن سان ملاقات ڪري ڪو نه سگهيو آهيان پر جن به ماڻهن سان ملاقاتون ٿيون، انهن سڀني سامونڊي سورن جون دانهون ڪيون، سمنڊ جي کاري پاڻيءَ انهن جا اجها ڦٽائي ڇڏيا، سامونڊي کاري پاني لاڙ جي سکين ستابن پٽن کي “پوٺو” بڻائي ڇڏيو ۽ اڃان به اجاڙيندو اچي پيو. سامونڊي سورن جا داستان ڪنهن کان وسريا ڪونه آهن.

بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/VcioDkD.jpg[/img]