سنڌ شناسي

قديم سنڌ جي تاريخ

قديم سنڌ جي اوائلي تهذيب ۽ تاريخ بابت لکيل مضمونن ۽ مقالن جي ھن ڪتاب جي سهيڙ محترم نور احمد ميمڻ ڪئي آھي.
ھن ڪتاب ۾ سنڌو تهذيب جي اسرڻ ۽ ڦهلڻ، سنڌو تهذيب جي عروج ۽ زوال، دراوڙن جو زمانو، پراچين سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون، سنڌو ماٿر اوائلي انساني آبادين کان شهري رياست جي بنياد تائين، سنڌو سڀيتا جا ٻاهرين دنيا سان تعلقات، سڪندر جي قديم سنڌ تي ڪاهه کان عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ جون حالتون، دراوڙن، آرين، ھاڪڙي درياھ، سنڌ جا قديم ماڻهو، شهر ۽ وسنديون، سنڌ جون نديون ۽ قديم آثار ن سميت مختلف موضوعن تي ايڇ ٽي لئمبرڪ، هينري ڪزنس، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، اليگزينڊر ڪننگهام، دوارڪا پرساد شرما، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ، رُڪ سنڌي، مير علي شير قانع ٺٽوي، معروزيو طوسي، محمد بخش انصاري، پروفيسر محبوب علي چنا، تاج صحرائي، محمد حسين پنهور، پروفيسر ماڻڪ پٿاوالا ۽ محمد حسين ڪاشف جا مضمون شامل آھن.
Title Cover of book قديم سنڌ جي تاريخ

سنڌ آڳاٽي تاريخي زماني ۾: ايڇ ٽي لئمبرڪ

سنڌو تهذيب کان پوءِ ڪي ڏهاڪو صديون سنڌ جي صورت اسان جي اکين کان اوجهل ٿي وڃي ٿي. اهو سارو عرصو هن ڌرتيءَ تي ڇا ڇا وهيو واپريو هو، سو اڃا ڳجهه جي پردي ۾ آهي. رگ ويد جي اشلوڪن ۾ ور ورڪري سنڌوءَ جو نالو اچي ٿو ۽ پنجاب جا سڀئي درياهه به ڄاڻايل آهن،(1) پر ڪا اهڙي ڳالهه ٻڌايل ناهي، جنهن سان سنڌوءَ جي هيٺينءَ ماٿريءَ جي تڏهوڪين حالتن جي ڪا پروڙ پوي. ويندي اها ڳالهه به شڪي آهي ته رگ ويد جي زماني وارن آرين سمنڊ ڏٺو هو يا نه.(2) پوءِ جي ڌومي پستڪن مان مهاڀارت ۾ دروپدي سنڌوءَ کي هڪ آسودو ملڪ ڄاڻائي ٿي. پر جنهن نسبت سان اها ڳالهه چيل آهي، تنهن کي ڏسندي ان جو ڪو خاص فائدو نٿو ٿئي.(3) ’ٻڌ جا گفتا‘ ۾ هڪ پراڻو حافظي جو منتر (Mnemonic jingle) نقل ڪيل آهي، جنهن ۾ سووير ديس جي گادي رورڪ ڄاڻايل آهي.(4) جاٽڪن ۾ گاديءَ جو نالو رورو اچي ٿو.(5) جي ان نالي مان مراد الور وٺجي ته بيواجبي نه ٿيندو. الور کي عام ڪري اروڙ سڏيو وڃي ٿو. سنسڪرت جي ڪُهنن ڪتابن ۾ سووير اڪثر سنڌوءَ يا سئن ڌارا سان گڏ آيل آهي، جيئن وشنو پراڻ ۾: پرڳڻن جا نالا گهڻو مکيه قبيلي يا قبيلن جي نالن پٺيان رکيا ويندا هئا.(6) سنڌوندي جن ملڪن منجهان وهي ٿي، تن جي نالن جي ”متسيه پراڻ“ ۾ ڏنل فهرست ۾ اهي ٻه نالا به اچن ٿا، پر ان فهرست جي ترتيب جاگرافيءَ واري ناهي.(7)
پارسيءَ جي پراڻن ڪتابن ۾ ڪٿي ڪٿي سنڌ جو ذڪر به ملي ٿو. اهو پڙهي عجب ٿو لڳي ته ’بندهش‘ موجب سنڌوءَ جي پوئين وهڪري کي تر جا ماڻهو ان ساڳئي نالي سان سڏيندا هئا، جيڪو ان کي اوائلي مسلمان جاگرافيدانن ڏنو هو. ”واهه (ڀلاري) ندي، اوڀر ۾ وهندي، سنڌ ملڪ مان لنگهندي، هندستان ۾ سمنڊ منجهه ڇوڙ ڪري ٿي ۽ اتي ان کي مهرا سڏيندا آهن.“ (8)
سو لٿي پٿي، سنسڪرت، پالي ۽ پهلوي لکڻين مان سنڌ جي جاگرافيءَ بابت جا ڄاڻ ملي ٿي، سا بنهه نراسائيءَ جي حد تائين ٿوري آهي.
سنڌ وري اوائلي يوناني جاگرافيدانن ۽ سڪندر جي ڪاهن جي تاريخ لکندڙن جي تحريرن ۾ پر گهٽ ٿئي ٿي، پر اهڙي ته اڻ چٽي ۽ جهڪي، جو پڙهندڙ سڪي سڪي رهجيو وڃي. پردو هڪڙي اسڪاءِ لئڪس (Skylax) نالي همراهه پري ڪيو، جو اصل ايشيا مائنر جو ويٺل هو ۽ ايران جي بادشاهه، داريوش وستاسپ (Darius Hystaspes) وٽ نوڪريءَ ۾ هو. هو ٻيڙين جو آڙماڙ ساڻ ڪري، ڪابل نديءَ جي ڪسپائتراس (Kaspytros) نالي گهاٽ تان هاڪاري هليو هو(9) ۽ سنڌوندي جهاڳيندو، اڍائي ورهين جي سامونڊي سفر کان پوءِ، مصر وڃي پهتو هو. ڀانئجي ٿو ته هيءَ عجب جهڙي مسافري عيسيٰ کان اڳ 516-518 سن ڌاري ڪئي ويئي هئي، گهڻو ڪري سنڌو ماٿريءَ تي ايراني راڄ قائم ٿيڻ کان ستت پوءِ ۽ نه ستت اڳ.(10) اسڪاءِ لئڪس پنهنجيءَ مسافريءَ جو جيڪو احوال لکيو هو، سو ضايع ٿي چڪو آهي پر ڏسجي ٿو ته ساڳئي ئي زماني جي يوناني جاگرافيدان، هيڪاٽيوس (Hekataeus) اهو احوال پڙهي ڏٺو هو. خود هيڪاٽيوس جون لکڻيون به ٽوٽن ٽڪرن ۾ ملن ٿيون. هو اوپياءِ (Opiai) نالي هڪ قبيلي جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو ”سنڌونديءَ تي آباد آهي ۽ جنهن وٽ شاهي قلعو آهي ۽ کانئن پرتي هڪڙو ريگستان آهي، جو ”هندين“ تائين هليو وڃي ٿو.“(11) هيروڊوٽس (Herodotus) پڻ اسڪاءِ لئڪس جي مسافريءَ جو حوالو ڏئي ٿو ۽ ڄاڻائي ٿو ته ”هند“ ايراني سلطنت جو ويهون پرڳڻو آهي ۽ سڀني ۾ شاهوڪار ۽ گهڻيءَ آدمشماريءَ وارو آهي.(12) جيتوڻيڪ ٿي سگهي ٿو ته ان پرڳڻي ۾ مٿين توڙي هيٺين سنڌو ماٿري شامل هجي، تڏهن به داوا جي اڃا موجود اڪريل ليکتن کي ڀيٽڻ سان ظاهر ٿئي ٿو ته ”هند“ مان مراد اهو علائقو هو، جنهن کي هاڻ سنڌ سڏيو وڃي ٿو. هيءُ علائقو دارا پاڻ فتح ڪيو هو، جڏهن ته گنڌارا ۽ الهندو پنجاب، ٿتاگش (Thatagush) جي نالي هيٺ، کائنس اڳئين بادشاهه، ڪمبوجيه (Cambyses) جي ڏينهن ۾ سلطنت جا پرڳڻا هئا.(13) ڊاڪٽر ونسينٽ سمٿ، رپورٽيءَ تي ويساهه ڪندي، هيءُ انومان ڪڍي ٿو ته سنڌو ۽ ان جون ڏاني نديون تڏهن ٻئي هنڌان وهنديون هيون، ان جي ڪري ”سنڌ ۽ پنجاب جا ڪيئي وڏا وڏا ٽڪرا جي هاڻ سڃا آهن، تڏهن ساوا هئا.“(14)
ڪتيسياس پهريون يوناني ليکڪ آهي، جنهن جا هندستان بابت احوال وڌيڪ ڌيان لهڻن. دراصل، ان ليکڪ جهڙيءَ طرح بنا تڪ تور ۽ سمجهه جي بيهوديون ڏند ڪٿائون ويهي بيان ڪيون آهن، تن تان ڪُهنن توڙي اڄوڪي زماني جي لکندڙن کيس سخت ننديو آهي. جي هو پاڻ سائنس جو صاحب نه هجي ها ته سندس عجيب ۽ پراسرار ڳالهين لاءِ انهيءَ رغبت کان ايتري بڇان نه اچي ها.(15) ڪتيسياس کي شايد اها ملامت ان ڪري ڀوڳڻي پيئي آهي، جو سندس تصنيف اختصارن ۽ اقتباسن جي شڪل ۾ ملي ٿي، جن ۾ ٿي سگهي ٿو ته سندس عقل کان بعيد ڳالهين جو نامنصفاڻو حصو اچي ويو هجي. پر جيئن لاسين (Lassen) ۽ ٻين ڏيکاريو آهي، جيڪي ڳالهيون پهرينءَ نظر ۾ نسورو ڪوڙ ٿيون لڳن، تن مان گهڻين ۾ سچ جو انگ لڪل ڏسڻ ۾ ايندو. اسان کي اهو پڻ ڌيان ۾ رکڻ کپي ته ڪتيسياس هندستان جو جيڪو به احوال ڏئي ٿو سو ايرانين کان ورتو هئائين ۽ ان زماني ۾ انهن ۾ ڊاڙن هڻڻ ۽ وڌاءَ ڪرڻ جو اصل مرض هو.
ظاهر ظهور ڏند ڪٿائن کي ڇڏي، جا ڄاڻ ملي ٿي، سا هيءَ آهي ته سنڌوندي ويڪر ۾ تمام وڏي هئي، ان جي ڪنڌيءَ سان ڪانهن ۽ سرن جي وڏي اوڀڙ هئي، ان ۾ واڳون هئا، جي مال ۽ اٺن کي ڇڪي کڻي اندر ڪندا هئا. ملڪ ۾ برسات ڪانه پوندي هئي، پر سڄو تر درياهه جي پاڻيءَ تي تڳندو هو. اسين طوفانن ۽ ڌوڙين بابت به پڙهون ٿا ۽ هيءُ به اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته سمنڊ بيشمار مئل مڇيون لوڙهي آڻي ڪپر تي سٽيندو هو. ڪتيسياس کي اهو پڻ صحيح ٻڌايو ويو هو ته ڳاڙهي لاک به ساڳئي ئي وڻ (ٻٻر) تي ٿئي ٿي، جنهن ۾ کونر ٿئي ٿو. هو ڪپهه جي ڳالهه به ڪري ٿو. ڏيهي جانورن مان هو ٿلهي پڇ واري گهٽي يعني مٿينءَ سنڌ جي دنبي جو نالو وٺي ٿو ۽ جنهن هڪ سڱي ”جهنگلي گڏهه“ جي ڳالهه ڪري ٿو، سو ڀانئجي ٿو ته گينڊو هوندو.
آدم ذات جي ڳالهه ڪندي، هو جن افسانوي قومن ۽ سندن عجيب اسرارن جو بيان ڪري ٿو، سي گهڻو تڻو مهاڀارت ۽ سنسڪرت جي ٻين لکڻين ۾ ملن ٿيون ۽ انهن جي پاڻان گهڙڻ جو ڏوهه هن نه کي ڏئي سگهيو. ٻئي طرف، هن جو اهو چوڻ ته ڪڻڪ رنگا هندستاني به آهن، توڻي جو اهي ٿورائيءَ ۾ آهن، بلڪل واجبي نظر اچي ٿو ۽ جڏهن اسين اهو پڙهون ٿا ته ”هندستان جي وچ ۾“ هندستان مان مراد ”سنڌوءَ جي ترائي“ اٿس. هڪڙيءَ ڍنڍ جي ڀرسان اهڙا ماڻهو رهندا آهن، جو ٽلها هلائيندا آهن ۽ تيراندازيءَ ۾ ڀڙ آهن ۽ باز سان شڪار ڪندا آهن، تڏهن ڇا اسان اهو نه سمجهون ته هن سنڌ جي منڇر ڍنڍ جي مهاڻن جي وڏن جو جيڪي احوال ٻڌو آهي، سو پيو بيان ڪري؟ انهن ڄامڙن جي بيحد ننڍي قدبت ۽ اُن ڍنڍ مان نڪرندڙ تيل جون ڳالهيون البت غلط فهميون آهن. جنهن تيل بابت اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته ڍنڍ جي اندر موجود هو، سو شايد مڇين مان ڪڍيو ويندو هو.
وري، اُتر پاسي جيڪي ماڻهو رڳو کير تي گذارو ڪندا هئا، تن جو تر سنڌوءَ جي ڊيلٽا واري تر جا هاڻوڪا جت آهن. اهي هاڻوڪا جت اُٺن جي کير تي تڳندا آهن ۽ ٻيو ڪجهه ورلي واپرائيندا آهن.(23)
سو ڪتيسياس جي ڏند ڪٿائن ۾ ڪٿي ڪٿي سچيءَ سنڌ جي جهلڪ به نظر اچيو وڃي.
اولهه جي ماڻهن کي هندستان جو اکين ڏٺو احوال انهن تذڪرن ۾ مليو، جي سڪندر اعظم جي انهن سپه سالارن ۽ ٻين زيردستن ليکت ۾ آندا، جي ان ملڪ تي ڪاهه وقت ساڻس گڏ هئا. اهي تذڪرا به هيڪاٽيوس ۽ ڪتيسياس جي ليکتن جيان، اقتباسن جي شڪل ۾ ملن ٿا، جي پوءِ جي يوناني ۽ لاطيني مصنفن پنهنجين تصنيفن ۾ شامل ڪيا آهن. انهن ۾ سڀني کان سٺا تذڪرا ايرسٽوبولس (Aristobulus)، ٽالمي”ساٽر“ (Ptolemy ‘soter’) ۽ نيارڪس (Nearchus) جا لکيل آهن. انهن ۾ ملڪ ۽ ماڻهن جو جيڪو نقشو چٽيل آهي، سو ڪيترن ئي ڏسن ۾ چٽو ۽ اپٽار وارو آهي. پر تڏهن به اسان جي ڄاڻ ۾، خاص ڪري جاگرافيائي حالتن بابت، ڪيترائي وڏا وڏا خال رهجيو وڃن، جن کي ڀرڻ لاءِ ڪيترن ئي اڄوڪن عالمن کي وڏي دماغ سوزي ۽ عرق ريزي ڪرڻي پيئي آهي.
اوائلي جاگرافيائي تصنيفن مان سڀني ۾ خاطريءَ جهڙي اسٽرابو (Strabo) جي آهي، جا عيسوي سن جي پهرئين يا ٻئي ڏهاڪي ۾ لکي ويئي هئي. هن جا ماخذ نهايت ئي معتبر آهن، هو ٻين جا بيان وڏيءَ خبرداريءَ ۽ تڪ تور کان پوءِ پنهنجن تبصرن سان نقل ڪري ٿو.
هن جو سڀ کان وڌيڪ دلچسپيءَ وارو بيان آبهوا بابت آهي. انهيءَ ڏس ۾ هو ايرسٽوبولس جو حوالو ڏئي ٿو، جيڪو هن جو سڀني ۾ ڀروسي جوڳو ذريعو آهي. هن جي چوڻ موجب ايرسٽوبولس ٽڪرن جي اوٽ وارن ۽ ميداني علائقن جي آبهوا ۾ وڏو فرق ڏٺو هو. ٿي سگهي ٿو ته سن 326 ق. م. جو اونهارو، جو سڪندر ٽڪرن جي ڀرسان گذاريو هو، سو اتفاق سان خاص ڪري مينهوڳيءَ وارو هجي، ڇو ته ايرسٽوبولس چوي ٿو ته اسين اڃا ٽيڪسيلا ۾ هئاسون، جو برسات اچي لٿي ۽ اها اتان نڪرڻ کان پوءِ ته ”آرڪٽيورس تاري جي اُڀرڻ تائين“ لاڳيتو پئي وسي، اهي مينهن بند وڃي سيپٽمبر جي وچ ڌاري ٿيا. ٻئي طرف هو ڄاڻائي ٿو ته ميدانن ۾، يعني هيٺئين پنجاب ۽ سنڌ، ۾ مينهن پوي ئي ڪونه. ”البت درياهن ۾ پاڻيءَ جو چاڙهه اٿلي، ملڪ ٻوڙيو ڇڏي.“ هو پڪ سان چوي ٿو ته جهلم، چناب ۽ سنڌوءَ منجهان مسافريءَ ۾ ”اسان کي ڪٿي به مينهن نه پيو.... واءُ ڏاڍو پئي لڳو، درياهه ڌار هئا ۽ ملڪ ٻڏو پيو هو_ تڏهن به نه،“ حالانڪ اها مسافري آڪٽوبر کان جولاءِ تائين سڄا سارا ڏهه مهينا هلي هئي، وچ ۾ ڪيترائي ڀيرا چڱو چڱو وقت ترسيا به هئا.(24) نيارڪس جو چوڻ هو ته ميدانن ۾ مينهن اونهاري ۾ ته پوي ٿو، پر سياري ۾ نٿو پوي. هن شايد تر جي ماڻهن کان ٻڌل ڳالهه ٿي ڪئي ته اڪثر ڪري ڇا ٿيندو هو ۽ پاڻ صورتحال جو مشاهدو ڪونه ڪيو هئائين، ڇو ته اسٽرابو ڄاڻائي ٿو ته هن جي ۽ ايريسٽوبولس جي بيان ۾ بس اهوئي فرق آهي.(25)
سنڌوءَ جي هيٺينءَ ماٿريءَ ۽ مصر جي وچ ۾ هڪجهڙائي انهن اوائلي لکندڙن به محسوس ڪئي هئي. نيارڪس پروڙي ورتو هو ته اتر، اولهه هندستان جا پَٽ ٻوڏن جي وڇايل لٽ منجهان جڙيا آهن ۽ ان ڪري اهي ”درياهه، ڄاوا“ آهن.(26) انهيءَ مان هنن هيءُ نتيجو ڪڍيو ته درياهن کان سواءِ ملڪ رهڻ وٽان ئي نه هجي ها.(27) سندن ان بيان مان اسين هيءُ انومان به ڪڍي سگهون ٿا ته هيٺئين ملڪ ۾ مينهن باقاعدي نه پوندو هو.
اهي سڀيئي مکيه راوي ٻوڏن ۽ انهن جي راڱن جا جيڪي نقشا چٽين ٿا، سي هڪجهڙا آهن. اسان سڌ ٻوڌ ساڳيو ناٽڪ ويجهڙائيءَ وارن ڏينهن ۾ وري رچندي ڏٺو آهي، مثال طور 1942 ۾، جڏهن سنڌوءَ سکر کان مٿڀرو ساڄا پاسي وارن بچاءَ بندن ۾ کنڊ وجهي، چڱو خاصو ملڪ ٻوڙي ڇڏيو هو: ”دڙن تي ٻڌل شهر ٻيٽ ٿي وڃن ٿا... زمين اڌ سڪي وڃي ٿي ته رواجيءَ ۾ رواجي پورهيت ان کي ٺاهي تيار ڪري، ٻج پوکي ڇڏي ٿو، تڏهن به ٻوٽو پچي راس ٿئي ٿو ۽ اپت سٺي ٿئي ٿي.“(28) نيارڪڪس آبڪلاڻيءَ جي ڏينهن ۾ سنڌ جي هڪ ٻي جهلڪ پسائي ٿو، جا اسان جي هاڻوڪي آزمودي سان بلڪل ٺهڪي اچي ٿي: وڌندڙ ٻوڏن کان ڊڄي، نانگن ۽ ٻئي جيت جڻئي جو مٿاهينءَ وارن ڳوٺن ۾ ڪاهي پوڻ_ ”ان ڪري ماڻهو پنهجيون کٽون پَٽ کان ٿورو مٿي ڪري سمهندا آهن.“(29)
يونان وارن کي درياهن سان وڏي دلچسپي هئي ۽ آبڪلاڻيءَ ۾ سنڌوءَ ۽ ان جي ڏاني ندين جي جا پکيڙ ٿي وڃي ٿي، تنهن ته هنن کي اصل منڊي ڇڏيو هو. درياهن جي ويڪر توڙي ڊيگهه جا جيڪي انگ ڏنا اٿن، تن ۾ چڱي چوکي ڪتر ڪرڻي پوندي.(30) اسٽرابو سڪندر جي ساٿارين کي ڳالهه وڌائي ڪرڻ واريءَ عادت تان ڇنڊ ڪڍي ٿو ۽ پاڻ سڀني ڏاني ندين جي ڇوڙ کان پوءِ سنڌوءَ جي ويڪر جو ”وڌيڪ وچٿرو انگ“ وٺي ٿو، جو آهي ”وڌ ۾ وڌ 50 اسٽيڊيئم ۽ گهٽ ۾ گهٽ 7 اسٽيڊيئم“ (31) جي اسان وڌ ۾ وڌ انگ آبڪلاڻيءَ جو ۽ گهٽ ۾ گهٽ انگ سانگهاري جو ڪري سمجهون ته اهو ڪاٿو ذري گهٽ درست نظر ايندو.
سڀني ۾ معتبر يوناني راوي پنجاب جي ندين جو ميلاپ ان ئي ترتيب ۾ رکن ٿا، جو اسان کي اڄ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ان ڳالهه جي ڪري به اسان کي دلجاءِ ٿئي ٿي ته سندن مشاهدو ضرور سچو هوندو. (32) اهڙي سنگم جو اصل هنڌ لاشڪ مٽجي ويو هوندو. گهڻين حالتن ۾ اهو هنڌ، جيڪو سڪندر جي ڏينهن ۾ هو اڄڪلهه جي هنڌ کان گهڻو هيٺ هوندو. اهو ان ڪري، جو انهن درياهن جي هيٺئين ڀاڱي سان لڳو لڳ ملڪ جو مٿاڇرو مٿي ٿيندو رهيو آهي ۽ نتيجي طور ڊيلٽا جي ڦهلجڻ ڪري سنڌوءَ جي ڊيگهه وڌي ويئي آهي. جتان اهي درياهه کليل ميدان ۾ داخل ٿين ٿا، اتان کان هيٺڀرو سندن رخ ضرور ساندهه ڦرندا رهيا هوندا.
اسٽرابو، ايرسٽوبولس جا جيڪي بيان نقل ڪيا آهن، تن ۾ سڀني کان وڌيڪ دلچسپيءَ وارو اهو آهي، جنهن ۾ هو سنڌوءَ جي رخ ۾ وڏي ڦيري جو نتيجو بيان ڪري ٿو. ”هو چوي ٿو ته مون کي ڪنهن ڪم سان ملڪ اندر موڪليو ويو. اتي مون کي زمين جو هڪڙو ٽڪرو اهڙو ڏسڻ ۾ آيو، جتي هزار کان مٿي شهر ۽ انهن جا طفيلي ڳوٺ هئا، پر نه ماڻهو هو، نه ماڻهوءَ جي ذات. ٿيو ڇا هو ته سنڌو پنهنجو اصل پيٽ ڇڏي، کاٻي پاسي لڙي، هڪ ٻئي وڌيڪ اونهي پيٽ منجهان آبشار وانگر ڪرندي، وهڻ لڳي هئي. هاڻ ساڄي پاسي واري جنهن ملڪ کي هوءَ ڇڏي آئي هئي، تنهن کي سندس ليٽ جو پاڻي نٿي مليو، ڇو ته اهو پاسو نه رڳو درياهه جي مٿاڇري کان پر (نئين) ليٽ جي مٿاڇري کان به مٿي ٿي ويل هو.“ (33) بدقسمتيءَ سان اسان کي اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته ان تباهيءَ جو هنڌ ڪٿان هو، ۽ نه وري اهو ته اها ويجهڙ ۾ آئي هئي يا گهڻو اڳي. ٿي سگهي ٿو ته اهو هنڌ سنڌوءَ ۾ پنجند (Akesines) جي ميلاپ واريءَ جاءِ کان ٿورو هيٺڀرو هجي، ڇو ته هتي سڪندر ڪريٽيرس (Craterus) کي سنڌوءَ جي کاٻيءَ ڪنڌيءَ تي منتقل ڪيو هو، ”ڇو ته هڪڙي وڏي هٿياربند لشڪر لاءِ ان پاسي کان اڳتي وڌڻ سهنجو ٿي لڳو.“ (34) درياهه جي وهڪري جو انهيءَ ميلاپ ۽ روهڙيءَ جي وچ وارو ڀاڱو، جو ڪانگ جي اڏام تي 150 ميل کن ٿيندو، سو خاص ڪري وڏن ڦيرن وهيڻو آهي ۽ ڪشمور کان هيٺ اسان درياهه جي پراڻن پيٽن کي هاڻوڪي پيٽ جي ساڄي پاسي چڱو پنڌ پري ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، اڀرندي شڪارپور ۽ سکر تعلقن منجهان ويندي ڏسون ٿا. پر اها ايراضي ميوزيڪانس (Musicanus) جي حد ۾ هئي، جن کي بيحد آسودو ڏيکاريو ويو آهي. ان ڳالهه کي ڇڏي، ائين وسهڻ لاءِ عام سبب آهن ته سنڌو ڪشمور آڏو پنهنجي هاڻوڪي وهڪري واري هنڌ جي اوڀر ۾ ڪانه وهندي هئي. جيئن اڳتي هلي ڏسبو، يونانين سنڌوءَ جي ڊيلٽا جو جيڪو احوال ڏنو آهي، تنهن کي هيٺينءَ سنڌو ماٿريءَ جي مهانڊن (Contours) سان ڀيٽجي ٿو ته هيءَ ڳالهه ثابت ٿي وڃي ٿي ته تنهن وقت سنڌو روهڙي ٽڪرين جي اوڀر ۾ نه وهندي هئي، جيئن اڪثر سمجهيو وڃي ٿو.
ته چئبو ته ايرسٽوبولس جيڪو اجڙيل ملڪ ڏٺو هو، سو گهڻو ڪري مٿينءَ سنڌ جي هاڻوڪيءَ حد کان مٿڀرو هو. (35) ان علائقي جي اوڀر ۽ اتر، اوڀر ۾ اڄوڪي مسافر کي هڪڙو ٽڪرو ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن جو ڏيک گهڻي ڀاڱي ساڳيو هوندو. اهو ٽڪرو بهاولپور ۾ هاڪڙي جي سڪل پيٽ سان لڳو لڳ آهي. اهو سڃو ٽڪرو اهڙن شهرن جي اهڃاڻن سان جڙيل آهي، جي اڳي وسندڙ هئا. ان ٽڪري جي ڦٽي وڃڻ جو به لاشڪ ساڳيو ئي ڪارڻ هو، يعني ستلج جو اهو پيٽ ڇڏي، اڃا اولهه ۾ پرڀرو وڃي وهڻ، جو هاڪڙي ۾ وڃي ڇڙندو هو. (36)
سڪندر جي ساٿين ستلج جو ذڪر ئي ناهي ڪيو، جو هو اوڀر ۾ بياس جي ڪنڌين کان اڳتي وڌيو ئي ڪين هو. چيو وڃي ٿو ته هن پورس ۽ ٻين کان بياس جي پرار واري ڏيهه بابت گهڻي معلومات ورتي هئي ۽ کيس ضرور اهو پتو هوندو ته پنهنجيءَ منزل يعني گنگا جي ماٿر تائين پڄڻ کان اڳ ۾ کيس هڪڙو ٻيو وڏو درياهه به اُڪرڻو پوندو. پر جنهن وقت هن تقرير ڪري، پنهنجي لشڪر کي اڳتي هلي، وڌيڪ سوڀن ماڻڻ لاءِ چيو هو، تنهن وقت شايد هن جو سڄو زور واٽ جي اهنجن کي گهٽائي پيش ڪرڻ تي هو ۽ رڳو ايترو چيو هئائين ته گنگا ڪا گهڻي پري ڪانهي. (37) سڪندر جو آرماڙ درياهن ۾ لهوارو هاڪاري هلي ٿو ۽ جڏهن اسين ان هنڌ پهچون ٿا، جنهن هنڌ اسان کي آس هئي ته کاٻي پاسي کان ستلج جي اچڻ جو ذڪر ٿيندو، تڏهن اسان ان جي بدران بياس جو نالو ڏسون ٿا، هن سلسلي ۾ ته جنهن وقت چناب، راويءَ ۽ جهلم جو پاڻي کڻي، ان هنڌ پهچي ٿي، تنهن وقت بياس به اچي ان ۾ ڇڙي ٿي ۽ پوءِ چناب وڃي سنڌوءَ ۾ پوي ٿي. (38) اسان کي اها ته سُڌ آهي ته ڪنهن زماني ۾ بياس، ستلج کان ڌار، پنهنجي سر وهندي هئي ۽ ٻئي ڌار ڌار وڃي چناب ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون. جيئن ته سڪندر جي تاريخ نويسن ستلج جو ڪو ذڪر نه ڪيو آهي، سو اسين اهو ئي انومان ڪڍي سگهون ٿا ته يا ته اها ندي سنڌو نديءَ کان الڳ پنهنجي ليکي هاڪڙي جي پيٽ منجهان وهندي هئي، يا وري اها بياس سان ان هنڌ کان هيٺڀرو ڳنڍبي هئي، جنهن هنڌ بياس جي ڪناري تي لشڪر ڊاٻو ڪيو هو ۽ اتان اهو گڏيل وهڪرو چناب ۾ ڇوڙ تائين يونانين جي ڄاڻايل نالي سان يعني بياس سڏبو هوندو.
ٻي ڳالهه وڌيڪ سڀاويڪ ٿي لڳي. جيتوڻيڪ رڳو ان جي ابتڙ ثابتيءَ جي عدم موجودگيءَ تي ڀاڙڻ بي واجبي آهي، تڏهن به اهو وسهڻ ڏکيو ٿو لڳي ته سڪندر هڪ اهڙي درياهه بابت نه ٻڌو هجي، جيڪو پنهنجي سر سنڌوءَ جي پڇاڙيءَ واري وهڪري سان پور وڇوٽيءَ تي ۽ ڪن هنڌن تي ته ان کان پنجاهه ميلن کان به گهٽ مفاصلي تي وهندو سمنڊ ڏي ويندو هجي، بشرطيڪ اهڙو درياهه سچ پچ موجود به هجي ها! سنڌ وارين مهمن دوران اهڙا ڪيترائي موقعا هئا، جو هو ان معاملي جي چڪاس ڪرائي پئي سگهيو ۽هن جا تاريخ نويس ان ڳالهه جو ذڪر ڪن ها.
اهو نظريو ته هڦاسيس (Hyphasis) ندي آڪيسينيس (Akesines) نديءَ سان ميلاپ وٽ دراصل ستلج ۽ بياس جو گڏيل وهڪرو هئي، تنهن تي وڏو اعتراض هيءُ ٿو ڪيو وڃي ته اها ڳالهه آئڙي نٿي ته اهڙي گڏيل درياهه تي نالو وري ٻنهي مان ننڍيءَ نديءَ جو هجي. پر انهيءَ اعتراض ۾ انهن درياهن جي ميلاپ جي اصل حالتن ۾ تازي تاريخي زماني اندر انهن جي چرپر جو ڌيان نه رکيو ويو آهي. بياس ستلج ۾ ڇوڙ ڪونه ٿي ڪيو، بلڪ ستلج بياس جي هڪ اڳوڻي پاڻ وهيڻي پيٽ جو هيٺيون ڀاڱو وڃي ولاريو هو. هيءُ ميلاپ ٻيو ڪجهه هجي ته هجي پر جٽادار اصل ناهي ۽ اڄ ڏينهن تائين گڏيل وهڪري جي ڪنڌين سان رهندڙ ماڻهو ان کي ستلج نه پر ”گهارو“ سڏيندا آهن. (39)
سڪندر پاڻ ان پوئين ميلاپ جي مٿان سنڌوندي وٺي، سمنڊ ڏي هاڪاري ويو هو، ۽ ان مهم جي تذڪرن ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ڪانهي، جنهن مان سمجهجي ته سنڌو ڊيلٽا جي منڍ تائين هڪ ئي وهڪري جي شڪل ۾ نه وهندي هئي. ايرين چوي ٿو، ”شڪ ناهي ته ان هنڌ (پنجند جو سنڌوءَ سان ميلاپ) کان ان هنڌ تائين، جتي اها ڊيلٽا ٺاهڻ لاءِ دوشاخي ٿئي ٿي، سنڌو (ويڪر ۾) 1000 اسٽيڊئيم ۽ شايد وڌيڪ آهي، (40) اتي اها درياهه کان وڌيڪ ڍنڍ وانگر پکڙجي وڃي ٿي.“ ياد رهي ته سڪندر بادشاهه سنڌوءَ منجهان لهواري مسافري آهستي آهستي ڪئي هئي. (41) آڙماڙ ڏينهن جا ڏينهن لنگر انداز رهندو هو ۽ لشڪر جا جٿا اتر جي حاڪمن سان چڪريون کائيندا يا شهر ٻڌندا يا پتڻ جوڙيندا رهندا هئا.جهلم، چناب ۽ سنڌوءَ منجهان ڊيلٽا جي منڍ تائين مسافري سڄا سارا نو مهينا کائي وئي هئي. (42) سڪندر 326 ق. م. جي سرءُ جي پوين ڏهاڙن ۾ هاڪاري هليو هو، جڏهن درياهن ۾ پاڻي گهٽجڻ لڳو هوندو. هن جي ملي لوڪن (Malli)  سان لڙائي ضرور سياري ۾، ۽ آگزيڪانس (Oxykanus) ۽ سامبس لوڪن (Sambus)  سان بهار ۾ لڳي هوندي. مسافريءَ جي پوئين مرحلي ۾، يعني ميوزيڪانس جي ملڪ کان هيٺ ويندي پاتل تائين، سڪندر جي آرماڙ کي سنڌوءَ جي پوري چاڙهه منجهان هاڪارڻو پيو هو.
بدقسمتيءَ سان سڪندر جي ڪاهه جي تذڪرن ۾، جيئن اهي اسان تائين پهتا آهن، ان مرحلي ۽ پوءِ واري مرحلي يعني مٿينءَ ۽ وچينءَ سنڌ جي جاگرافيائي حالتن جو ذڪر خيرڪو اچي ٿو. پر ان معلومات جي گهٽتائيءَ جا ڪيترائي ڪارڻ آهن. پهريون ڪارڻ آهي اڳيئي لتاڙيل ملڪ جي ڀيٽ ۾ هيٺينءَ سنڌوءَ جي ميدانن جو ٻُسو (featureless) ڏيک درياهه رستي سفر ڪرڻ وارن کي ته اها هيڪاري اگرو لڳندو. هنن کي ڏينهن جا ڏينهن پاڻيءَ جي اٿاهه اڇ کان پرتي سواءِ لاڳيتي جهنگ ۽ اڌ ٻڏل وڻن جي ٻيو ڪجهه نظر نه ايندو ۽ وڻن کان پري جو ڏيک وري ڊسڙ جي لڙاٽ جي ڪري ڏسڻ ۾ ئي نه ايندن. اهو پڻ وسارڻ نه گهرجي ته سنڌو جڏهن جوڀن ۾ هوندي آهي، تڏهن ان منجهان لهواري وڃڻ لاءِ به ٻيڙيون ۽ ڊونڊيون وڏي مغز ۽ سجاڳيءَ سان هلائڻيون پونديون آهن. ان ۾ نه رڳو خطرناڪ ڪُن هوندا آهن، پر سڄا سڄا وڻ اڌ، ٻڏل لڙهندا، اچي ڪن ڪن هنڌن تي اڙجي پوندا آهن ته زبردست رنڊڪ ٿي پوندا آهن.نيارڪس ۽ سڪندر جي ٻين اديب ساٿين کي ان جوکائتي درياهي مسافريءَ دوران سڪي جي خير ڪا خبر رهي هوندي.
لشڪر جا جيڪي جٿا درياهه جي ٻنهي پاسي چڙهي ٿي ويا، تن برابر سرس ڏٺو هوندو، پر ٻوڏن جي ڪري سندن دڳ پيچدار، انگڙ ونگڙ، ڪُنن ڪڙين ۽ ٻڏل زمينن سان گهڻا رنڊيل هوندا. هڪ رستي جا اهنج، ٻيو بادشاهه جي چرپر سان پورو رهڻ جي ڳڻتي، سو سردار ويچارا بادشاهه لاءِ لتاڙيل ملڪ جي مهانڊن بابت پنهنجي تاثرات جو احوال مختصر طور ئي مس لکي سگهيا هوندا. ان کان وڌيڪ کانئن پڳو ئي نه هوندو.
البت اهو سو ڏک اٿئون ته سڪندر جي سڄي لشڪر ميوزيڪانس جي گاديءَ وٽ چڱو ڊگهو پڙاءُ ڪيو هو، تڏهن به مٿينءَ سنڌ جي ان ڏيهه جو ڪو گهڻو احوال نه ڏنو اٿن. اهو ”هند“ جو سڀني ۾ آسودو ڏيهه هو: ”ايريئن“ صاف صاف چوي ٿو ته بادشاهه کي ملڪ توڙي گادي ٻيئي وڻيا هئا. گاديءَ ۾ هڪڙو ڪوٽ به هو، جنهن کي سڪندر پختو ڪرائي ان ۾ لشڪر رکيو هو، ڇاڪاڻ ته کيس پسگردائيءَ وارن قبيلن کي ڏهڪائڻ لاءِ اهو هنڌ سڻائو نظر آيو هو. ڀانئجي ٿو ته هن ان هنڌان ئي ڪريثرس کي لشڪر جو هڪڙو وڏو جٿو ۽ هاٿي ساڻ ڏيئي، ملڪ فارس ڏي اماڻيو هو. هو آزڪوسيا (Arachosia) وارن ۽ زرنگيا (Zarangia) وارن جي ڏيهه منجهان يعني ڪڇي، بولان يا مولا لڪ ۽ هلمند کان ٿيندو اوڏانهن ويو هو. (44)
جيتوڻيڪ ان جي ڪا پڪي ثابتي ڪانهي، پر عام انومان آهي ته ميوزيڪانس جي گادي اروڙ هئي. (45) اسين پڻ اهو انومان وٺي سگهون ٿا. اروڙ جي ڦٽل شهر روهڙيءَ جي هاڻوڪي شهر کان ڪي پنج ميل ڏکڻ اوڀر ۾ چن پٿر وارين ٽڪرين جي اڀرندي ڇيڙي وٽ آهي ۽ هيٺ ميدان تائين ڦهليل لڳي ٿو. اهو پڊ ٽڪرين مٿان آهي. ڀانئجي ٿو ته سنڌوءَ جي ڪا ڇاڙ ان وٿيءَ منجهان لنگهندي هئي ۽ وسهڻ ۾ ائين ٿو اچي ته اها ڇاڙ تنهن زماني ۾ وهندڙ هوندي ۽ شهر جي اتر واري پاسي جو بچاءُ ڪندي هوندي.(46) ميوزيڪانس جي ملڪ جو ايڏو آسودو ۽ سرڇو هجڻ ظاهر ڪري ٿو ته اتي پاڻي جام هوندو. ائين وسهڻ واجبي ٿيندو نه واهوندو. ريڻي ۽ ٻيا سائو گهارا، جن جا سڪل پيٽ اروڙ جي اتر اوڀر واري تر ۾ اڄ به موجود آهن، سي تن ڏينهن ۾ نيم سان وهندڙ هوندا ۽ درياهه جي ليٽ کي چڱيءَ وڏيءَ ايراضيءَ تي ڦهلائي ڇڏيندا هوندا.
هتي اسان اهو پڇڻ کان سواءِ رهي نٿا سگهون ته مقدونيا وارن جو آرماڙ سنڌوءَ جي جنهن مکيه پيٽ منجهان لنگهيو هو، سو تن ڏينهن ۾ ڪٿان هو؟ جيڪڏهن سنڌو تن ڏينهن ۾ ان سوڙهيءَ وٿيءَ منجهان، جا سکر ۽ روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۾ آهي، لنگهندڙ هئي، ته پوءِ سڪندر جي جن همراهن سندس هندستان تي ڪاهه جا احوال لکيا آهن، سي ضرور ان جو ذڪر ڪن ها؟ اهو آئڙي نٿو ته ڪو کانئن انهيءَ سوڙهي لنگهه منجهان سنڌوءَ جي اڻ چتايل وهڪري جو احوال ڏيڻ رهجي ويو هوندو. اسان وٽ ٻه انومان ئي رهجي وڃن ٿا: درياهه يا ته سکر وارين ٽڪرين جي اتر ۾ وهندو هوندو، يا وري روهڙيءَ وارين ٽڪرين جي اوڀر ۾. جيئن اڳيئي چئي چڪا آهيون، پوئين ڳالهه اڻ ٿيڻي آهي: ”پاتل“ جي بيهڪ تي ويچار وقت اها ڳالهه هيڪاري چٽي ٿي ويندي.
البت ايترو سو چئي سگهون ٿا ته سنڌو ان هنڌ کان اولهه ۾ گهڻو پري ڪانه وهندي هوندي، جنهن هنڌان اها (ترجيح ڏنل انومان موجب) سکر وارين ٽڪرين جي اتر ۾ لنگهندي هوندي. باقي گورنر آگزيڪانس ۽ سامبس، جن کي سڪندر سيکت ڏني هئي، تن جا پرڳڻا ضرور ميوزيڪانس جي گاديءَ جي اولهه طرف هوندا، ڇاڪاڻ ته سڪندر سامبس کي ”هندي ڪوهستانن جو امير“ مقرر ڪيو هو. (47) جيڪڏهن هنن تي پاڻيءَ رستي چڙهي وڃڻ ممڪن هجي ها ته سڪندر ضرور اهوئي سڀني ۾ سولو ۽ تکو رستو اختيار ڪري ها. پر اسان کي صاف صاف ٻڌايو ويو آهي ته سڪندر آگزيڪانس خلاف ڪوچ ڪري وڃي کيس ۽ سندس شهرن کي قبضي ۾ آندو هو ۽ اتان سڌو سامبس تي ڪاهي ويو هو. ان مان اهو نه ڄاتو وڃي ته ڪو انهن سردارن جي ملڪ منجهان سنڌوءَ جي ڪا شاخ وهندڙ ڪانه هئي، پر ائين سمجهي سگهجي ٿو ته اهڙي ڪا شاخ تنهن مند_ شايد 325 ق. م. جي بهار ۾ اها ٻيڙن جي لنگهڻ لاءِ سڻائي نه هجي.
اتفاق سان ائين وسهڻ لاءِ سبب به آهي ته سنڌو پنهنجن پاسن کان شاخون ڪڍندي هئي. ميگاسٿينيز، جيڪو سڪندر جي ڪاهه کان رڳو ويهه يا ٽيهه ورهيه پوءِ هندستان آيو هو ۽ چندر گپت جي درٻار ۾ ڳپل وقت رهي چڱي چوکي معلومات گڏ ڪئي هئائين، سو چٽيءَ طرح ڄاڻائي ٿو ته درياهه ”هڪ تمام وڏو ٻيٽ پرسياني (Prasiane) نالي ۽ هڪڙو ننڍو ٻيٽ پاتل (Patale) نالي ٺاهي ٿو.“ (48) ڪئنٽس ڪرٽيئس انهن ٻنهي مان وڏي ”ٻيٽ“ کي ڳولي لهڻ ۾ اسان جي واهر ڪري ٿو. هو چوي ٿو: ”ميوزيڪانس کي مات ڪرڻ کان پوءِ سڪندر سندس گاديءَ ۾ ڪجهه لشڪر ڇڏيو ۽ اتان هڪ ٻئي هندي قبيلي، پريستيءَ (Praesti) جي ملڪ تي چڙهي ويو. سندن بادشاهه پورٽيڪانس (Porticanus) هو....“. (49) هيءُ اهوئي پرڳڻي جو امير آگزيڪانس آهي ۽ قبيلي جو نالو سنسڪرت جي لفظ پرسسٽ تان کنيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي سنئون پٽ. اهو ٽڪرو اله آباد واري ٺل تي اُڪريل نالو پرجُڻ (Prajuna) به ٿي سگهي ٿو. پلائني(50) ان ٻيٽ کي پرسياڪي (Prasiake) سڏي ٿو. ٽالمي سنڌوءَ جي ڪيترين ئي شاخن(51) جو ذڪر ڪري ٿو. جن مان هڪڙي اربيتا (Arabita) جبلن ڏانهن ويندڙ هئي. اسين اڳتي هلي ڏسنداسون ته انهن جبلن مان هن جي مراد سنڌ جو ڪوهستان آهي.
جيتوڻيڪ انهن پوءِ جي لکندڙن جا بيان ڪنهن حد تائين سهيوڳي معلومات تي ٻڌل هئا، پر هنن گهڻو تڻو ميگاسٿينيز ۽ سڪندر جي ساٿارين تي ٿي ڀاڙيو. جنهن زماني ۾ سڪندر جي ساٿارين سنڌوءَ تان ٻيڙا هاڪاريا هئا، تنهن زماني ۾ ان درياهه جون ڪي شاخون موجود هيون ته پوءِ ايريئن ۽ ٻين انهن جو ذڪر ڇو ناهي ڪيو؟ ان جو جواب هيءُ آهي ته ميوزيڪانس جي گاديءَ کان مٿي ڪي پاسائتيون شاخون مکيه وهڪري کان ڇڄي، ڌار وهنديون به هيون ته اهي گهڻو ڪري نظر نه آيون هونديون. ڇو ته جنهن مند ۾ آرماڙ انهن وٽان لنگهيو هوندو، تنهن مند ۾ اهي سڪل هونديون. جيڪو به شخص سکر بئراج ۽ ان جي واهن جي چالو ٿيڻ کان اڳ سياري ۾ سنڌوءَ منجهان ٻيڙيءَ تي آيو ويو هوندو، تنهن کي چڱيءَ پر پروڙ هوندي ته گهاڙ ۽ الهندي ناري_ اڳوڻين قدرتي شاخي جهڙا واهڙ، جي جهازرانيءَ لائق ڦاٽ منجهان هردم ڦٽندا ۽ وري ڳنڍبا رهندا هئا، انهن جا منڍ نمايان طرح ڪي اهڙا ظاهر به نه لڳندا هئا.سڪندر جڏهن آگزيڪانس ۽ سامبس کي سيکت ڏيئي، درياهه جي ڪنڌيءَ سان لڳل ڇانوڻيءَ ۾ موٽي آيو، ته اتان ٻيڙن تي سندن مسافري وري شروع ٿي. جيئن ته اها آبڪلاڻيءَ جي مند هئي، ان ڪري اها ڳالهه اچرج جهڙي نه آهي ته اهڙين ڪن به شاخن جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي، جي درياهه جي ساڄي پاسي کان ڦٽي، بادشاهه جي اڳيئي لتاڙيل ملڪ ڏانهن وينديون هجن. ايريئن موجب، آرماڙ ٽيئي مرحلا پورا ڪيا، جن بابت چئي سگهجي ٿو ته اهي ننڍا ننڍا آرماڙهوندا ته جيئن ٻنهي پاسن کان پيشقدمي ڪندڙ جٿا آرماڙ سان ٻٽو ٻٽ رهي سگهن. اتي اهڙيون خبرون پهتيون، جو سڪندر کي پاتل(52) تي چڙهائيءَ جي رفتار تکي ڪرڻي پئي. آءٌ ائين وسهڻ واجبي ٿو سمجهان ته اهو پويون مرحلو هڪڙي ڏينهن جي تکيءَ جهاز رانيءَکان وڌيڪ نه هو.
ايريئن موجب، پاتل جو شهر اُتان هو، جتان ڊيلٽا جون ”ٻيئي وڏيون شاخون ڌار ٿين ٿيون ۽ ٻنهي جو نالو ويندي سمنڊ تائين سنڌو ئي رهي ٿو.“ (53) پر چوڌاري جيڪو ملڪ هو، سو ڀانئجي ٿو ته ميوزيڪانس جي سرڇي ڏيهه کان گهڻو گهٽ هو. سڪندر ڪوٽ جي مورچيبنديءَ جو حڪم پيئي، پاسي واري تر ڏي، ”جتي پاڻي ڪونه هو“ ماڻهو اماڻيا ته وڃي کوهه کوٽيو ۽ ملڪ کي ماڻهن جي رهڻ جهڙو ڪريو. انهن ماڻهن کي ڪي ڏيهي ”وحشي“ ڦري آيا، پر اُهي مات کائي، ”رڻ ڏي ڀڄي ويا.“ اسٽرابو ايرسٽوبولس جو جيڪو بيان نقل ڪيو آهي ته آرماڙ جولاءِ مهيني ڌاري پاتل پهتو هو،(54) سو اسان کي قبول ڪرڻ گهرجي. ان مهيني ۾ سنڌوءَ جو پاڻي پنهنجي وڌ ۾ وڌ چاڙهه تي هوندو. پهرينءَ نظر ۾ اهو عجيب ٿو لڳي ته شهر جي ڀر پاسي واريءَ ڇڪ ۾ ”پاڻي ڪونه“ هو. پر اسان کي اهو ذهن نشين رکڻ کپي ته درياهه، قدرتي حالت ۾ پنهنجيءَ سموريءَ ڊيگهه جي سنوت ۾ ڪنڌين تان اٿلندو ڪونه هوندو. دراصل، پوئين وهڪري جي مٿئين ڀاڱي ۾ اٿل وڌيڪ ٿيندي، جنهن جي نتيجي ۾ هيٺئين ڀاڱي ۾ پاڻيءَ جو مقدار گهٽجي ويندو.
دليل ڏنو ٿو وڃي(55) ته ايريئن جنهن صورتحال جو احوال ڏنو آهي ، سا تڏهن پاڻ وڌيڪ لاڳو ٿيندي، جڏهن اهو فرض ڪبو ته سنڌوءَ لڳ ڀڳ ناري وارو دڳ ورتو هوندو ۽ دوشاخو جمڙائو هيڊ (Head) يا مٺڙائوءَ وٽ ٺهيو هوندو، هيٺيون نارو ۽ هاڪڙو ايريئن جي کاٻي پاسي واري شاخ هوندو، ۽ ساڄي پاسي واري شاخ ڏکڻ، ڏکڻ، اولهه طرف حيدرآباد ڏانهن ويندي هوندي. پاتل اهڙيءَ ريت ٿر واري رڻ جي ويجهو هوندو ۽ ان جي ترت ويجهيءَ ڇڪ ۾ ٿوري انداز ۾ پوکيل زمين هوندي.
پر ان نظريي کي وچينءَ ۽ هيٺينءَ سنڌ جي مهانڊي جون ليڪون ريٽي ڇڏين ٿيون. اهو مڃجي به کڻي ته سنڌو وچينءَ سنڌ مان لڳ ڀڳ ناري وارو دڳ ورتو هوندو ۽ ريگستان ٽپڻ کان پوءِ ڪنهن هنڌ ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويئي هوندي، تڏهن به ساڄي هٿ واريءَ شاخ کي، کاٻي هٿ واريءَ شاخ جيان، وهي ڪڇ جي وڻ ۾ وڃڻو پوندو. (56) ملڪ جي ان ڀاڱي جو لاهه، جيئن اڳيئي ڄاڻايو اٿئون، سڄوئي ڏکڻ، اوڀر طرف آهي ۽ جيتوڻيڪ مڪاني هيٺ ننڍا وڪڙ اچي سگهن ٿا، پرتڏهن به ان جو عام محور اوس زمين جي لاهه سان ٺهڪي آيو هوندو.
ڏکڻ الهنديءَ سنڌ جي ميدانن جي اها بناوت، جيئن ان جي ظاهري طبعي ڏيک مان ظاهر ٿئي ٿو، ضرور سڪندر جي ڏينهن کان گهڻو گهڻو اڳ جي هوندي. ان مان اهو پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته ايريئن جن ٻن شاخن جو بيان ڪيو آهي. ساڄي پاسي واري شاخ ذري گهٽ ڏکڻ، اولهه ڏي وڪڙ ٿي کاڌو ۽ اهڙيءَ ريت اها چوماسي جي بنهه منهن ۾ هئي تن جي ڌار ٿيڻ وارو هنڌ شهدادپور جي اوڀر ۾ ٿي ئي نٿي سگهيو، بلڪ اهو هنڌ گهڻو ڪري ان شهر کان قدري اتر، اولهه ۾ هوندو. (57) ريگستان جو اهو ڀاڱو، جيڪو ناري ماٿريءَ جي اولهه ۾ آهي، تنهن کان اهو هنڌ ويهن ميلن جي اندر آهي، جنهن هنڌ منهنجي خيال ۾ پاتل هو، يعني نوابشاهه تعلقي جي ڏکڻ ۾، پر دراصل اتي ڪم آندل يوناني لفظ، جنهن جو ترجمو اسين قدرتي طرح ”ريگستان“ ڪريون ٿا، تنهن جو مطلب هروڀرو سڃو وارياسو نه آهي. ايريئن اهو لفظ پنجاب جي ندين جي وچ وارن غيرآباد ايراضين لاءِ به ڪم آڻي ٿو. اهي غيرآباد ايراضيون گهڻو تڻو سخت ۽ کهري پٽ واريون آهن ۽ هاڻي ڀرپور آبپاشيءَ پوک لائق ڪري ڇڏيون آهن. ٿي سگهي ٿو ته پاتل جي ويجهو ڪا اهڙي غيرآباد زمين هجي، جنهن تائين سنڌوءَ جي اُٿل جو پاڻي نه پهچندو هجي.
ائين وسهڻ لاءِ هڪڙو ٻيو به سبب آهي ته درياهه جي دوشاخي ٿيڻ جو هنڌ ٿورو مٿڀرو هو. الهندي شاخ، جنهن جو اسان وٽ وڌيڪ تفصيلي احوال آهي، سا لڳي ٿو ته ڊيگهه ۾ چڱي وڏي هئي. انهيءَ شاخ منجهان بادشاهه جي مسافريءَ کي ڪرٽيئس چڱيءَ اپٽار سان بيان ڪيو آهي. (58) هو چوي ٿو ته بادشاهه ڪي 45 ميل هاڪاري آيو، جو کيس تر جي ڪن ماڻهن ٻڌايو ته هو ”ٽئين ڏينهن تي“ کاري پاڻيءَ ۾ داخل ٿيندو ۽ واقعي ٽئين ڏينهن تي وير جو اثر محسوس ڪيو ويو. ياد رهي ته اها مسافري سنڌوءَ جي چاڙهه واريءَ مند ۾ ڪئي ويئي هئي، جڏهن وهڪري جي رفتار 8 فٽ في سيڪنڊ يا ڪلاڪ ۾ پنجن ميلن کان به وڌيڪ هوندي آهي. اهڙيءَ ريت ٽن ڏينهن جي مسافريءَ ۾ (رات جو پڳهه ٻڌي به ڇڏجن) ته 200 ميل به ڪري سگهجن ٿا. جيتوڻيڪ اسان وٽ 325 ق. م. ۾ سنڌوءَ جي ڊيلٽا جي ڪپر ليڪ (Coastline) مقرر ڪرڻ لاءِ مواد تمام ٿورو آهي، تڏهن به آءٌ اهو ڏيکارڻ جو اُدم ڪندس ته ايريئن جي لکڻيءَ ۾ ان جا ڪي اشارا موجود آهن. انهيءَ وچ ۾ اهو مڃڻو پوندو ته اسان کي سنڌوءَ جي پرڪارن جي جيڪا ڄاڻ آهي، تنهن ۾ ائين ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته تڏهن ڊيلٽا جي ڪپر ليڪ اڄوڪيءَ ڪپر ليڪ کان گهڻي اندر تي هئي.
جن صاحبن سڪندر جي ڪاهه جا اکين ڏٺا احوال لکيا آهن، تن ڊيلٽا جي پکيڙ الڳ الڳ ڪٿي آهي. ايرسٽوبولس جو خيال هو ته سنڌوءَ جا ٻه مختلف منهن هڪٻئي کان هزار کن اسٽيڊيئم پري آهن. نيارڪس اهو مفاصلو وڌائي ارڙهن سو اسٽيڊيئم ڪري ٿو، ۽ اونيسڪريٽس (Onesicritus) ڄاڻائي ٿو ته سڀيئي شاخون ۽ سندن وچ وارو ڪپر سڀ ملائي ڪي ٻه هزار اسٽيڊيئم ٿيندا. (59) انهن ٽنهي منجهان پهرين ڪٿ ترجيح لائق آهي، جو اها هيٺينءَ سنڌو ماٿر جي وڌ ۾ وڌ ويڪر سان گهڻي قدر ٺهڪي اچي ٿي، يعني تنهن ويڪر سان، جا ٿر جي اڀرندڙ زمين ۽ ڪوهستان جي ماٿر جي وچ ۾ موجود آهي.
پر هت اهو ڄاڻائڻ ضروري آهي ته ٻنهي منهن جي وچ واري مفاصلي بابت يونانين جا اهي ڪاٿا مڪاني ماڻهن کان ٻڌل ڳالهين تي ٻڌل هئا ۽ نه ڪنهن پختي بنياد تي. هو ٻنهي شاخن جي ڊيگهه کي پنهنجي يا پنهنجن ساٿين جي مشاهدي سان ڀيٽي ٿي سگهيا، پر لڳي ٿو ته منجهانئن ڪوبه سمنڊ يا سڪيءَ رستي هڪڙي منهن کان ٻئي منهن تائين ڪونه ويو هو. ٻئي طرف، اسان کي سڌ آهي ته سڪندر کي پاتل جي حاڪم جيڪي ٻڌايو هو، تنهن مان هن ڄاڻي ورتو هو ته سنڌوءَ جو ٺاهيل ڊيلٽا مصر جي ڊيلٽا کان گهڻو وڏو آهي. (60)
ائين وسهڻ ۾ ڪو اهم ڪونهي ته نه رڳو کاٻي هٿ واري شاخ، پر ساڄي هٿ واري پڻ، حيدرآباد جي هاڻوڪي هنڌ ۽ گنجي ٽڪر جي اوڀر ۾ وهندڙ هئي.(61) ساڄي هٿ واريءَ شاخ جو عام رخ ضرور ڪافي پنڌ اوريان ئي ٿلهي ليکي ڏکڻ اولهه وارو رهيو هوندو، ڇو ته ايريئن اسان کي ٻڌائي ٿو ته اسهڻ کان هڪ ڏهاڙو پوءِ جنهن هوا آرماڙ کي کنيو هو، سا وهڪري جي بنهه ابتڙ ٿي لڳي.(62) اها هوا ضرور ڏکڻ اولهه واري چوماسي جي هوندي. اڃا هيٺڀرو جتي درياهه ويڪرو ٿيو ٿي ۽ هُنن جو ويرين واري پاڻيءَ (Tidal waters) ۾ گهڙڻ ٿيو، اتي هنن کي هوا جو سمورو ڇوهه آڏو آيو. آڪري پاڻيءَ کان بچڻ لاءِ هنن جنهن ”واهه“۾ پڳهه هنيا هئا، سو ضرور ڪا کاري يا ڪو ڦاٽ هوندو.
سڪندر جيڪي ڏيهي ماڻهو سونهان ڪري پاڻ سان کنيا هئا، تن کيس ٻڌايو ته درياهه جي اصل منهن وٽ پهچڻ کان اڳ ۾ هڪڙي ٻيٽ تي وري پڳهه هڻڻا پوندا ۽ هن جيڪي ماڻهو جانچ لهڻ لاءِ موڪليا هئا، تن اچي ٻڌايس ته اهو ٻيٽ چڱو وڏو آهي ۽ نالو ڪلوٽا (Killuta) اٿس، ٻيٽ تي پاڻي به آهي ته پتڻ به. تنهن تي هن سونهن جي صلاح مڃي. پوءِ هو پاڻ سٺي ۾ سٺا غوراب کڻي وڌيڪ جانچ لهڻ لاءِ اڃا اڳتي ويو، ”۽ پهرئين ٻيٽ کان ڪي ٻه سو اسٽيڊيئم پري نڪري آيا ته هڪڙو ٻيو ٻيٽ ڏٺائون، جو چڱو پنڌ سمنڊ اندر هو.“ بادشاهه موٽي آيو ۽ آرماڙ کي ڪلوٽا جي آخري ڇيڙي وٽ آڻي بيهاريائين ۽ ٻئي ڏينهن اتان وڃي هاڪاري وڃي ٻئي ٻيٽ تي لنگر انداز ٿيو، جنهن ٻيٽ بابت اسان کي وري ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو ”اونهي سمنڊ ۾ هو.“ آءُ سمجهان ٿو ته اهو تفصيل انهن ڪار گذارين جي هنڌ جو پڪو ڏس ڏئي ٿو.
هڪڙو ٻيٽ، جو سنڌوءَ جي هڪڙي ڇوڙ کان پرتي کليل سمنڊ ۾ چڱو اندر هجي، سو انهن گپ دڙن ۽ ريٽن کان ته وڌيڪ پختو ۽ نهرو هوندو، جي خشڪي (mainland) کان کارين رستي ڌار ٿيل هئا ۽ جي هاڻوڪي ڊيلٽا جو سمنڊ وارو پاسو ٺاهين ٿا. تنهن کان سواءِ، اسان جي سڀني ۾ معتبر راويءَ موجب، سڪندر جي ڏينهن ۾ ڊيلٽا جي الهندي ڀاڱي جو ڪپر، جي ڏکڻ ۾ مڪلي (Makli) ٽڪرين ۽ پير پٺي (Pirpatho) کان پرتي ويندو به هوندو، ته گهڻو نه. هاڻي پير پٺي کان اٽڪل يارهن ميل ڏکڻ، اوڀر ۾، ذري گهٽ اڻهٺينءَ ڊگهائي ڦاڪ تي، ابن شاهه (Aban Shah) نالي هڪ هيکلي ٽڪري آهي، جا ڏيڍ ميل کن ڊگهي ۽ اڌميل کن ويڪري آهي ۽ پٽ کان ڪي 75 فٽ اتانهين ٿيندي. (64) آءُ سمجهان ٿو ته اهائي اهو اونهي سمنڊ اندر ٻيٽ هو، جنهن تي سڪندر پڳهه ٻڌا هئا.
ڪلوٽا انهيءَ هنڌ کان اتر، اوڀر ۾ ميرپور بٺوري (Mirpur Bathro) جي ٿورو ڏکڻ ۾ هوندو. ڪتاب ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي، جنهن مان سمجهجي ته اهو درياهه جي ورڇ سبب ٻيٽ بڻجي ويل سنئون پٽ نه پر ٻيو ڪجهه هو. ان جا ”پتڻ“کارين کان وڌيڪ ڪجهه نه هوندا، جي هوا کان محفوظ هونديون ۽ جن ۾ ڪي به ڇوهيون ڌارائون نه هونديون ۽ مٺو پاڻي، ته اتي آبڪلاڻيءَ جي مند ۾ سولائيءَ سان ملي سگهيو ٿي.
سڪندر پاتل موٽي آيو ۽ پوءِ کاٻي پاسي واريءَ يا اڀرندي شاخي جي جانچ لهي ڏٺائين. ان جو احوال وڌيڪ مختصر آهي. اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪجهه پنڌ هاڪارڻ کان پوءِ (65) هو درياهه جي ڇوڙ وٽ هڪڙي وڏيءَ ڍنڍ ۾ اچي نڪتا. اها ڍنڍ درياهه جي پکڙجڻ ڪري ٺهي پئي هئي، ”يا شايد ڀر پاسي ان وهي ايندڙ پاڻي ان کي وڏو بڻائي ٿو، ايترو وڏو جو اها بنهه اهڙي ٿي لڳي، جهڙي ڪا سامونڊي نار.“ ٻيو ته ٺهيو، ان ۾ سامونڊي مڇيون به هيون، جي ايگيئن (Aegean) سمنڊ جي مڇين کان به وڏيون هيون. سڪندر ڍنڍ ۾ آرماڙ جا پڳهه اتي ٻڌڻ جو حڪم ڏنو، جتي سونهن چيو ۽ پاڻ ڪجهه ٻيڙا سان ڪري کلئي سمنڊ ڏي هاڪاري ويو. اسان کي اهو نٿو ٻڌايو وڃي ته ڍنڍ کان اڳتي درياهه سوڙهو ٿيو ٿي يا نه، ۽ نه ئي وري اهو ته ڍنڍ جو پاڻي سٺو هو يا کارو: پر جيئن اڳيئي ڏسي چڪا آهيون، آبڪلاڻيءَ جي ڦوهه وقت سنڌوءَ جو وهڪرو ايترو ته گهڻو ٿئي ٿو.جو ان جي ڇوڙ (Outfall) کان به ڪجهه پنڌ پرتي مٿاڇري جو پاڻي مٺو وهي ٿو.
ايريئن هت هڪڙي عجيب ڳالهه ڪري ٿو. اها هيءَ ته بادشاهه پڳهه ٻڌائي، ٿورا سوار کڻي،ڪپر وٺي، ٽن ڏينهن جو پنڌ ڪري، اهو ڏسڻ ويو ته اهو ملڪ ڪپرائتي مسافري (Coasting voyage) لاءِ سڻائو ٿيندو يا نه ۽ واٽ تي کوهن کڻڻ جا حڪم به ڏيندو آيو ”ته جيئن خلاصين کي پيئڻ جو پاڻي ملندو رهي.“ اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته هن پاتل موٽي وڃي لشڪر جو هڪڙو ڀاڱو اوڏانهن ڏياري موڪليو ته وڃي اهي حڪم پورا ڪن. جنرل هئگ آبڪلاڻيءَ ۾ ڊيلٽا تان سڪيءَ جي ان مسافريءَ کي ڇسي ڏند ڪٿا ٿو ڪوٺي. ان مند ۾ کوهن جي کوٽائي به اجايو احتياط هئي ۽ اهو پڻ اڻ ٿيڻو ٿو لڳي ته ڪو انهن کوهن جو پاڻي درياهه جي لهڻ کان پوءِ به مٺو رهيوهوندو. ٿي سگهي ٿو ته هيءَ ڪهاڻي سڪندر جي همه گير دورانديشيءَ کي مٿڀرو ڪرڻ لاءِ گهڙي ويئي هجي، پر ايريئن اهڙي قسم جي چاپلوسيءَ مان ڄاڻندو ئي ڪونه هو. (66) اسٽرابو جي لکڻ موجب، اونيسڪريٽس سمنڊ جي ڪپر کي گپ، ويرين ۽ سمنڊ کان لڳندڙ هوائن جي ڪري ڌيڻين وارو ڄاڻائي ٿو، خاص ڪري درياهن جي ڇوڙن وٽ. (67)
نيارڪس جي سامونڊي مسافريءَ جو جيڪو احوال ايريئن نقل ڪيو آهي، تنهن ۾ خوش قسمتيءَ سان سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪپر جو بيان هنڌن ماڳن (Topographical) جي تفصيلات سان ڀريل آهي.پر ان جي تاويل ۾ ڪئين مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون. پهرين هيءَ آهي ته نيارڪس روانو ڪٿان ٿيو هو؟
بادشاهه سڄي نسبت انهيءَ خيال کان ڪرائي هئي ته سامونڊي سفر سنڌوءَ جي اڀرندي ڇوڙ وٽان شروع ڪيو، ڇو ته هن اها خاطري ڪري ورتي هئي ته اتان لنگهڻ وڌيڪ سولو ٿيندو. هن ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي بندر ٺهرايو هو، باروت خاني جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو ۽ لشڪر پڻ ويهاري ڇڏيو هو هڪڙي گهاٽ (naval station) تان روانو ٿيو هو، سندس گهاٽ اهو نٿو لڳي، جو بادشاهه انهيءَ مقصد لاءِ تيار ڪرايوهو. نيارڪس جي پنهنجيءَ ڪٿ موجب اڀرندي ڇوڙ ۽ الهندي ڇوڙ جي وچ ۾ مفاصلو 1800 اسٽيڊيئم هو. (68) اها ڪٿ ٻيو نه ته ان ڳالهه جي ساک طور مڃي سگهجي ٿي ته هو هڪڙي ڇوڙ کان ٻئي ڇوڙ ڏي ڪونه ويوهو، ڇو ته جيڪڏهن هو ڪپر ڏيئي، پنهنجو هاڪارڻ وارو سفر اڀرندي ڇوڙ وٽان شروع ڪري ها، ته پوءَ کيس اوس ٻئي ڇوڙ ڏي اچڻو پوي ها.
اسان کي پتو آهي ته نيارڪس جڏهن آرماڙ جو امير مقرر ٿيو هو، (69) تڏهن کيس پنهنجي جوابداريءَ جو ڪيترو نه ڳوڙهو احساس هو ۽ اسان کي هيءُ به معلوم آهي ته سڪندر کي نيارڪس واري مهم جي ڪاميابيءَ جي نه رڳو تياريءَ وقت پر مهم دوران به، جڏهن هو پاڻ وڏيءَ مشڪلات ۾ هو، ڪيتري نه ڳڻتي هئي. جيڪڏهن نيارڪس بادشاهه جي ڪيل بندوبست ۾ پنهنجي منهن ڪا ڦيرڦار ڪئي هوندي ته ضرور ڪنهن ڳري سبب جي ڪري ائين ڪيو هوندائين.
اسٽرابو اسان کي ٻڌائي ٿو ته نيارڪس کي، هن جي پنهنجي چوڻ موجب، ڏيهي ماڻهن ۾ اڳرائيءَ جا اهڃاڻ ڏسي، تڪڙو سهڻو پيو هو، ڇو ته ”بادشاهه کي اسهيل ڏسي هنن جو من وڌي ويو..... ۽ مٿن چڙهي آيا ۽ کين ملڪ مان تڙي ڪڍڻ جي ڪيائون.“(70) ڀانئجي ٿو ته ان واقعي وقت نيارڪس پنهنجي آرماڙ سان ڍنڍ تي تازي ٺاهيل گهاٽ تي ڪونه هو، نه ته جيڪر هو اتان ئي پڳهه ڇوڙي روانو ٿي وڃي ها ۽ پويان بادشاهه جو نائب، پئٿان (Peithon) پيو بغاوت سان منهن ڏئي ها.(71) سنڌوءَ جي لهندڙ پاڻيءَ ۾ اوڀارو وڃڻ ۽ وڃي ککر ۾ کڙو هڻڻ وڏي جوکم جو ڪم ٿئي ها. کيس بادشاهه جو حڪم هو ته ڪپر جي چڱيءَ طرح پرتال ڪئي وڃي ته جيئن، ظاهر آهي ته، سلطنت جي ڪپر وارن پر ڳڻن جي وچ ۾ باقاعدي لهه وچڙ جو بندوبست ڪري سگهجي. کيس بيواجبي جوکم نه کڻڻا هئا. (72)
اسان کي انهيءَ ڪري، ائين وسهڻو پوندو ته نيارڪس اوڏيءَ مهل پاتل ۾ هو. بادشاهه اڀرندي شاخ جي پرتال ڪرڻ کان اڳ هفائيشن (Hephaestion) کي حڪم ڏنو هو ته ”گهاٽ جي مورچيبنديءَ ۾ گودين جي اڏاوت جو جوڳو انتظام ڪيو وڃي، ڇو ته هن پهه ڪيو هو ته پاتل شهر جي ويجهو، جتي سنڌوندي دوشاخي ٿئي ٿي، اتي ڪجهه جهازن جو آرماڙ ڇڏي وڃجي.“ مون کي ائين ٿو وسهڻ ۾ اچي ته ڍنڍ وارو گهاٽ اڃا راس نه ٿيو هوندو ۽ ٻيڙا اڃا پاتل وٽ گڏ ٿيل هوندا، جو ڪا اهڙي ڳالهه ٿي هوندي، جنهن جي ڪري سموري رٿا بدلائڻي پيئي هوندي. ڳالهه رڳو تر جي ماڻهن جي اڳرائيءَ واريءَ روش جي هجي ها، ته نيارڪس وري اڀرندي شاخ ۾ گهڙي وڃي ها. بادشاهه به ته ان ئي رستي لاءِ تياريون ڪرايون هيون.
انت اهوئي نتيجو ڪڍڻو پوي ٿو ته درياهه شاهه دادلي کي وري جوجڪي آئي هوندي ۽ پاڻيءَ لهڻ کان پوءِ اوڀر واري شاخ جهاز رانيءَ جوڳي نه رهي هوندي. ٻوڏن واريءَ مند جي پڄاڻي اهو وقت هوندو آهي، جنهن وقت سنڌو، ائين کڻي چئجي ته اهو ”فيصلو“ ڪندي آهي ته هوءَ ايندڙ سانگهاري جي مند ۾ ڪهڙو ڦاٽ ڇڏيندي ۽ ڪهڙو وٺندي، ڇو ته سانگهاري جي مند ۾ هوءَ هڪ کان وڌيڪ ڦاٽن مان نه وهندي آهي. (73) ياد رهي ته سڪندر شاخ جي پرتال چاڙهه جي مند ۾ ڪرائي هئي ۽ نيارڪس چاڙهه جي لهڻ کان پوءِ روانو ٿيو هو. انهيءَ مختصر مدي اندر عام طرح ڪئين ڦيريون ڦاريون رونما ٿي وينديون آهن.
ڇو نه ڪا اهڙي صورتحال ڌيان ۾ آڻجي، جا هاڻوڪيءَ سنڌ ۾ وقت بوقت رونما ٿيندي رهي ٿي؛ سڪندر جي وڃڻ کان پوءِ جيڪي ڏيهي ماڻهو ٻنهي شاخن ۾ سندس سونهان ٿيا هئا، سي ادب سان نيارڪس کي وڃي هيئن چون: ”اسين توهان جي بادشاهه کي ته ڪجهه ڪونه چئي سگهياسون، جو هو ديوتائن سمان آهي. پر توهان کي اسين هيءُ ٻڌائڻ جي جرئت ڪريون ٿا، جو متان اسان تي ميار اچي، ته توهان جنهن اوڀر واريءَ شاخ مان اسهڻ تي سنڀريل آهيو، سا مهيني کن ۾ سڪي ويندي.“
نيارڪس جي مسافريءَ جو جيڪو احوال ايريئن ڏنو آهي، تنهن موجب هو ”گهاٽ کان سنڌوندي وٺي لهوارو هاڪاري هليو هو.“(74) ۽ ٽن ننڍن مرحلن ۾ سمنڊ کان وڃي نڪتو. ٿي سگهي ٿو ته اهو گهاٽ هن پاڻ الهنديءَ شاخ تي ڪنهن هنڌ تڙ تڪڙ ۾ ٺهرايو هجي، پر سڪندر سان ڳالهه نه ڪئي هجئين، ڇو ته بادشاهه هن جي اوڀر واريءَ شاخ واريءَ مهم جي ڪاميابيءَ لاءِ ايتري تڪليف ورتي هئي ۽ مٿس ايترو ڀروسو ڪيو هئائين.
هي جو نيارڪس جي ڏنل احوال ۾ ڪلوٽا يا ان ٻيٽ جو، جيڪو سڪندر اعظم پاڻ الهنديءَ شاخ جي پرتال ڪندي سمنڊ ۾ اندر ڏٺو هو، ڪو مذڪور ڪونهي (توڻي جو ڪيترائي ٻيا نوان نالا هن جي سفر جو احوال ۾ آيل آهن)، سو مٿئين انومان کي آڏو رکڻ سان سمنڊ ۾ اچي وڃي ٿو. پر قياس آرائيءَ کي ايترو پري ڇڪڻ جو ڪو خاص ضرور ڪونهي. اسان کي اهو ياد رکڻو آهي ته جڏهن نيارڪس پنهنجا ٻيڙا هاڪاريا هئا، تڏهن چوماسي ۾ هڪ منجهائيندڙ ٺاپر هئي(75) ۽ آبڪلاڻي پوري ٿيڻ تي هئي. ڀانئجي ٿو ته هو سمنڊ ڏي ڪو ٻيو واهڙ وٺي ويو هو ۽ نه اهو جيڪو بادشاهه ورتو هو، شايد ان ڪري جو بادشاهه وارو واهڙ ڪنهن سبب وڌيڪ ڏکيو يا جوکائتو ٿي ويو هو.(76)جو واهڙ هن ورتو هو، سو ڪو منهن وٽ لٽجي ويو هو، سو خلاصين کي ان منجهان واهه ڪڍڻو پيو. (77) اهو واهه ضرور سمنڊ جي ويرين چڙهڻ ڪري ڪجهه ويڪرو ٿيو هوندو. نيٺ هو ٻيڙا ان واهڙ منجهان تاري سمنڊ منجهه وٺي آيا. ائين وسهڻ بي واجبي نه ٿيندو ته اهو واهڙ ڪلوٽا واري وڏي ٻيٽ وٽان انهيءَ ٻئي واهڙ جي ٻيءَ ڀر تي هو، جنهن رستي سڪندر سمنڊ تائين پڳو هو. آءُ ڪن ڳالهين جي ڪري، جن جي اپٽار سگهوئي ڪبي، اهو پڻ چوندس ته اهو نيارڪس وارو واهڙ کاٻي پاسي ڏکڻ ڏانهن ٿي ويو، جڏهن ته بادشاهه ساڄي هٿ وارو واهڙ ورتو هو، جيڪو اولهه يا ڏکڻ اولهه طرف ٿي ويو.
هاڻ اچو ته ان مسافريءَ جي وڌيڪ چڪاس ڪريون، جيئن ايريئن پنهنجي ڪتاب ۾ ان کي بيان ڪيو آهي. آرماڙ ”لنگر گاهه“ ڇڏي ڏنو ۽ ننڍن ننڍن مرحلن ۾ سمنڊ ڏانهن راهي ٿيو. انهن مان ٻئي مرحلي تي، جو منڍ کان اوستائين ڇڙا پندرهن ميل هو، وير ڏسڻ ۾ آئي، جنهن جي آلڙ کان پوءِ به درياهه جو پاڻي کارو رهيو. چيو وڃي ٿو ته اهو هنڌ خود سمنڊ کان ٽن ميلن کان ٿورو وڌيڪ پري هو. ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته گهٽ ۾ گهٽ وير جو اثر اڃا مٿڀرو محسوس ڪيو وڃي ها، توڻي جو ائين به آهي ته جيڪڏهن درياهه جو چاڙهه اڃا ڪجهه موجود هو، ته پوءِ ڪم از ڪم ان هنڌ تائين پاڻي مٺو رهي ها، جن ٽن هنڌن تي آرماڙ پڳهه ٻڌا، تن جا نالا ڄاڻايا ويا آهن. اسٽورا (Stoura) ڪئومارا (Kaumara) ۽ ڪوريسٽيس (Koreestis). انهن جي سڃاڻپ جي ڪوشش اجائي ٿيندي. نيارڪس چوي ٿو ته اسان سفر جي شروعات کان پوءِ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي هڪڙو وڏو ”واهه“ ڏٺو ۽ هڪڙو ٻيو واهه وري ٻئي مرحلي ۾ ان هنڌ ڏٺوسون، جنهن هنڌ اسين وير جي اثر ۾ آياسون. هو يا هن جو سمپادڪ ايريئن هڪڙو لفظ (78) ڪتب آڻي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي ”وڏو واهه“ پر ٿي سگهي ٿو ته هن کي ڊيلٽا جي قدرتي شاخن جي سڌائي ڏسي اهڙو گمان ٿيو هجي. هاڻوڪي زماني اندر ڊيلٽا خاص ۾ ڪي به هٿرادو واهه ڪين آهن ۽ نه ئي وري ڪڏهن اڳي هوندا، ڇو ته سالياني ٻوڏ پٽ جي سموري مٿاڇري تي پکڙي وڃي ٿي ۽ ان کي سنوت ۾ آڻي ڇڏي ٿي. پر درياهي رستا (Waterways) ڪيترائي هئا ۽ ڀانئجي ٿو ته نيارڪس کان سڻائي ۾ سڻائو رستو گسي ويو هو، ڇو ته جيڪو رستو هن ورتوهو، سو، جيئن اڳيئي ڄاڻايو اٿئون، منهن وٽ بند هو. لنگر گاهه کان کليل سمنڊ تائين جهاز رانيءَ جو ڪل مفاصلو ڇڙا ارڙهن ميل ڄاڻايو ويو آهي.
خود سمنڊ ۾ پهرئين ڏينهن جي مسافري ”ٿيڙن ۽ ڦيراٽين“(79) سوڌي 150 اسٽيڊيئم يعني 2/17 ميل ڪٿي ويئي، جنهن پڄاڻا هو ڪروڪل (Krokala) نالي هڪڙي وارياسي ٻيٽ تي وڃي لنگر انداز ٿيا. ارڙهين صديءَ عيسويءَ ۾ ڊيلٽا جي الهندي ڀاڱي ۾ هڪڙي علائقي جو به اهڙو ئي نالو هو. جن صاحبن ايريئن تي شروع شروع ۾ ٽيڪائون ڪيون هيون، (80) تن نالن جي ان مشابهت کي چڱو کنيو هو. پر اها مشابهت شايد اتفاقي هئي ۽ بس.
مسافريءَ جي ٻئي مرحلي ۾ جن هنڌن جو ذڪر اچي ٿو، تن کي سڃاڻڻ گهڻو ڏکيو نه ٿيندو. ”اتان هاڪاري هليا ته سندن ساڄي هٿ تي اتانهيون هيون، جن کي هنن ايروز (Eiros) ٿي ڪوٺيو ۽ سندن کاٻي پاسي هڪڙو ٻيٽ هو، جيڪو سمنڊ سان لڳو لڳ هو. اهو ٻيٽ ڪپر جي سنوت ۾ ائين ڦهليل هو، جو اتي هڪڙي نار ٺهي پيئي هئي. اها نار اُڪري، هو هڪڙي بندر ۾ وڃي نڪتا، جتي هڪڙو سڻائو هنڌ ڏسي، پڳهه کڻي ٻڌائون.نيارڪس کي اهو بندر ايترو ته وڏو ۽ سٺو لڳو، جو هن ان جو نالو ئي کڻي سڪندر جو بندر رکيو. بندر جي منهن واري پاسي، ٻه اسٽيڊيئم پرڀرو هڪڙو بباڪتا (Bibakta) نالي ٻيٽ آهي. پر اهو سڄو علائقو سنگد (Sangada) سڏجي ٿو. اهو بندر انهيءَ ٻيٽ جي ڪري ئي وجود ۾ آيل هو، جيڪو ڪجهه اندر سمنڊ ۾ بيٺل هو.
سڪندر جو بندر عام طرح ڪراچيءَ کي سمجهيو وڃي ٿو، ايروز واريون اتانهيون- گذري ۽ ڪلفٽن جون ٽڪريون آهن. سمنڊ سان سنئون ٻيٽ ٿيو ڪياماڙي ۽ بباڪتا ٿيو منهوڙو. (81) اهي سڃاڻپون منهنجي خيال ۾ بلڪل غلط آهن، جا ڳالهه آءٌ اميد ته ايريئن جي ليکت مان ثابت ڪري ڏيکاريندس. حوالا اهڙن هنڌن جا ڏيندس، جن بابت ائين وسهڻ بي واجبي نه ٿيندو ته اهي چوٿين صدي قبل مسيح کان خيرڪي مٽيا هوندا ۽نيارڪس جا ڄاڻايل مفاصلا به ليکي ۾ آڻيندس.
منڍ ۾ اهو ڏسڻ کپي ته 325 ق. م. ۾ سنڌ جي سامونڊي ڪپر جي ڀرسان ۽ سنڌوءَ جي ڊيلٽا سان لڳو لڳ اهو ڪهڙو هنڌ هو، جنهن کي ”اتانهيون“ جي نالي سان سڏڻ واجبي ٿيندو. جيڪڏهن اسين ملڪ جو ارضياتي نقشو کڻي جاچينداسين ته اسان جي نظر هڪدم مڪلي ٽڪرين ڏانهن ڇڪجي ويندي. اهي ٽڪريون اولهه سنڌ جي مکيه ٽڪرن جي چڱو ڏکڻ ۾ ۽ انهن کان ڌار بيٺل آهن ۽ ساڳئي وقت هاڻوڪي ڊيلٽا جي منهن جي لڳو لڳ آهن. (82) مسافريءَ جي منهن مرحلي ۾ اهي ٽڪريون نيارڪس ۽ سندن ساٿين کي چٽيءَ ريت نظر آيون هونديون.
هاڻوڪي زماني ۾ مڪلي ٽڪرين جي اترئين ڇيڙي کي ان مٿانهين ٽاڪرو پٽ کان لٽاشي پٽ جا اٽڪل ٽي ميل ڌار ڪن ٿا، جيڪو عام طرح الهندو طرف وٺندو ڪراچيءَ ۽ راس مانزي (Cape Monze) تائين هليو وڃي ٿو. سنڌوندي جيڪو الهندي ۾ الهندو ڦاٽ وٺي، سمنڊ تائين پهچي سگهي ٿي، سو ان وٿيءَ منجهان لنگهي ٿو ۽ ان کان اوريون ڦاٽ مڪلي يا پير پٺي وارين ٽڪرين جي ڏاکڻي ڇيڙي وٽان لنگهي ٿو. اهي اتانهيون ۽ انهن جي پاسن کان مٿانهون پٽ آءُ سمجهان ٿو ته ڪلوٽا ٻيٽ جي اتر اولهه ۾ ڪي گهڻو پري نه هوندا ۽ سامونڊي ڪپر سان لڳل هوندا. پريان سمنڊ ۾ هڪڙي ريٽ جي ساڳي ڪروڪل واري بيهڪ هوندي. هن نظريي موجب، ڪروڪل، ڪلوٽا ٻيٽ جي ڏاکڻي ڪپر جي پريان ۽ جنهن واهڙکان نيارڪس هاڪاري آيو هو ۽ جنهن واهڙ مان سڪندر لنگهيو هو، تن ٻنهي جي وچ ۾ پر پوئين واهڙ کي قدري ويجهو هوندو. ڪروڪل تان لنگر کڻڻ کان پوءِ آرماڙ درياهه جو ڇوڙ پار ڪيو هوندو، جتان بادشاهه اونهي سمنڊ واري ٻيٽ ڏانهن هاڪاري ويو هو. اهو ٻيٽ منهنجي خيال ۾ ابن شاهه هو. اهو ڪروڪل جي الهندي ڇيڙي وٽان ڦرڻ وقت کانئن ڪئين ميل کاٻي طرف ٿي سگهيو ٿي.نيارڪس کي اوڏانهين وڃڻ جو ڪو ضرور ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته سڪندر اڳيئي اتان ٿي ويو هو.
منهنجو خيال آهي ته نيارڪس اتر، اولهه ڏانهن ويندي آرماڙ کي هڪڙي ڳچي سمنڊ منجهان هاڪاريندو، هڪ اهڙي هنڌوٺي ويو، جيڪو هاڻو ڪي ”گجو“ (Gujo) نالي ڳوٺ کان گهڻو پري نه هو. سندس ساڄي هٿ تي پر پٺي ۽ مڪلي ٽڪرين جو ڏکڻ، اولهه وارو پاسو ۽ کاٻي هٿ تي هڪڙو دڙو هو، جيڪو ٽڪرين سان پور وڇوٽيءَ تي هو. هتان شايد سنڌوءَ جي الهندي شاخ منجهان هڪ ٻي کاري ايروز جي اترينءَ ڪنڊ وٽان ڦرندي ٻاهر ٿي آئي. انهيءَ ڇاڙ وٽ چڱو وڏو ۽ ڀلو لنگر گاهه موجود هوندو، جنهن جي منهن وٽ بباڪتا جو ٻيٽ هو. اهو ٻيٽ آءٌ سمجهان ٿو ته انهن ٽاڪرو اتانهين مان هڪڙو هو، جيڪي انهيءَپسگردائيءَ ۾ آهن ۽ شايد گڏيل نالو ٿرڙي گجو (Tharri Gujo) اٿن. منهنجي خيال ۾ ”سڪندر جي بندر“ جي بيهڪ اجها اها هئي. هتان وارو لٽاشو پٽ سمنڊ جي مٿاڇري کان ٿورو مٿي آهي ۽ گمان آهي ته گذريل ٻاويهن صدين اندر ٺهيو هوندو.
آءٌ انهيءَ مفروضي تي اڳتي وڌندس ته سڪندر جو بندر هاڻوڪي ڳوٺ گجي کان گهڻو پري ڪين هو. ان هنڌ کان گهاري تائين ڏهاڪو ميل اولهه طرف، هاڻ ساڳيو لٽاشو پٽ مٽيءَ جي دڙن ۽ واريءَ جي ڊٻن سان ڇانيل آهي ۽ ان جي سمنڊ جي مٿاڇري کان سراسري اتانهين ڇڙا ويهه فٽ ٿيندي. هاڻوڪو شاهي رستو گهاري پهچڻ کان اڳ اتر ڏي لڙي ويرن واري کاري ٽپي ٿو. اها کاري ڪلري واهه جي سنوت ۾ سنڌو ڊيلٽا جي پراڻن ڦاٽن مان سڀني ۾ الهندو ڦاٽ آهي. شاهي رستو اتان هڪدم مٿانهين پٽ وٽ اچي نڪري ٿو، جيڪو چن پٿر جي ٽڪرين سان ڇانيل آهي. اهو مٿانهون پٽ ڪوهستان جون پير ٽڪريون آهن. ان هنڌ کان گهاري واري کاريءَ جي ساڄي ڪنڌيءَ عام ڪري ٽاڪرو آهي ۽ گهڻن هنڌن تي اڀيون ڇپون اٿس. جيڪو کاٻي هٿ وارو هيٺانهون لٽاشو پٽ ڏکڻ ۾ ميرپور ساڪري ۽ ان کان اڳتي هليو وڃي ٿو، سو ستت ئي ريٽن ۽ نمر وڻ سان ڇانيل ڌٻڻين ۾ مٽجي وڃي ٿو. اهي ريٽ ۽ ڌٻڻيون ويرن جي پهچ اندر آهن.
ريورٽي، ڊيلٽا جي هاڻوڪي الهندي ڀاڱي کي ويجهڙائيءَ ۾ ٺهيل سمجهي ٿو ۽ شڪ ناهي ته گهارو کڏڙو (Gharo Kudro) کارين جي ساڄي پاسي واري اتانهين ڪنڌي، گهاري ۽ ابراهيم حيدريءَ جي ڇوڙ جي وچ ۾ پورن ٽيهن ميلن تائين، نيارڪس جي ڏينهن وارو سامونڊي ڪپر هئي. جيڪو دڳ گهاري ۽ گجي کي ڳنڍي ٿو، تنهن جي اتر واري پٽ جو ڪجهه ڀاڱو شايد سمنڊ جي هيٺان هو. ڏکڻ، اولهه وارو سمورو تر ته سمنڊ ئي سمنڊ هوندو.
اهڙيءَ ريت، ڪناري جو عام رخ ذري گهٽ اوڀر ۽ اولهه رهيو هوندو. جي سچ پچ ائين هو ته پوءِ اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي ٿي ته نيارڪس ڇو سڪندر جي بندر ۾ ايترو وقت ترسيو پيو هو، جيترو وقت ڏکڻ، اولهه وارو چوماسو لڳندو رهيو.
سڪندر جي بندر مان نڪرڻ کان پوءِ مسافريءَ جو پهريون مرحلو ننڍو هو، يعني 60 اسٽيڊيئم. منهنجي ڪاٿي موجب، اهو مفاصلو اڪرڻ کان پوءِ آرماڙ اهڙي هنڌ اچي پهتو هوندو، جتان گهارو ڪي ٽي ميل پري هوندو. هت ڪپر وارياسو هو ۽ ڀرسان ڊومائي (Domei) نالي هڪڙو غيرآباد ٻيٽ هو. اهو ٻيٽ لهر ٽوڙ (Breakwater) جي حيثيت ۾ چڱو ڪارائتو هوندو (سمنڊ ضرور مست هوندو، ڇو ته چوماسو اڃا هينئر ئي پورو ٿيو هو). ڪپر تي ته پاڻي ڪونه هو، البت ويهارو اسٽيڊيئم ٻيٽ ۾ اندر وڃڻ تي هنن کي پاڻي هٿ آيو هو. آءُ ان کي ملڪ جي موجوده ڪيفيت جو بيان سمجهان ٿو، جو اهو ان سان بلڪل ٺهڪي اچي ٿو. مسافريءَ جو ٻيو مرحلو سارنگ (Saranga) تائين هو. ان جو ڪل مفاصلو 300 اسٽيڊيئم ڪٿيو ويو آهي. آرماڙ ڪپر جي ويجهو پڳهه ٻڌا ۽ پاڻيءَ لاءِ 8 اسٽيڊيئم سڪيءَ اندر وڃڻو پين. اتان هو ساڪل (Sakala) هاڪاري ويا، جيڪو غيرآباد هو ”۽ اتان هليا ته کين ٻن ڇپن جي وچ مان لنگهڻو پيو، جي هڪٻئي کي ايتريون ته ويجهيون هيون،جو ٻنهي پاسي ونجهه ڇپن سان ٿي ٽڪريا ۽ 300 اسٽيڊيئم ڪري وڃي مورنتوبار (Morontobara) ۾ لنگر انداز ٿيا.“
منهنجي خيال ۾ سارنگ ۽ ساڪل ترتيبوار وتيجي ۽ ابراهيم حيدري آهن. پويون هنڌ هن ويران ٽاڪرو ڪپر جي آخري ڇيڙي تي هاڻوڪي کاريءَ جي مٿان آهي. گذري کاري، جا ملير نديءَ جو ڇوڙ (Estuary) آهي، سا به هتي اچي ان کاريءَ سان ملي ٿي.
مورنتوبار ضرور ڪراچيءَ جو بندر هوندو.
ڄاڻايل رستي جو يعني گجي کان وٺي ڪراچي بندر جي منهن تائين اصل مفاصلو 50 ميلن کان ڪجهه وڌيڪ آهي ۽ ڪپر جي وڪڙن کي ڏسندي اهو مفاصلو ڪجهه وڌائي سگهجي ٿو. نيارڪس جي ڪٿ موجب، سڪندر جي بندر کان مورنتوبار تائين مفاصلو 660 اسٽيڊيئم يا 73 ميل هو، جيڪو هن ٽن مرحلن ۾ پورو ڪيو. اها ڪٿ شايد 38 سيڪڙو وڌيڪ آهي، پر حالتن کي ڏسندي اها وڌيڪ ڪٿ قدرتي هئي.جن مرحلن جا روانگي ۽ پهچ وارا هنڌ اسين وڌيڪ خاطريءَ سان سڃاڻي سگهون ٿا، تن مان ڪن جو مفاصلو به ساڳيءَ طرح وڌيڪ ڪٿيل آهي.
مورنتوبار جي ڪراچي بندر سان مشابهت پهرين پهرين هڪ صدي اڳ جاگرافيدان، هينري ڪئپرٽ (Henry Kierpert)، ڏيکاري هئي. هو آڳاٽي هندستان جو اولين نقشي نويس (Cartographer) هو. (83) آءٌ هيٺ اهي سبب ڄاڻايان ٿو، جن مون کي پڻ ساڳئي نتيجي تي پهچايو آهي.
اهو ويچارڻ وقت ته ٻاويهه صديون اڳي جو ڪنارو اڄوڪي ڪناري سان ڪيتري قدر ملندڙ يا ان کان ڦريل هو، اسان کي اهڙن ٽڪرن تي ڌيان ڏيڻو پوندو، جيڪي آتشي (Volcanic) نه آهن. انهن ٽڪرن ۾ ورلي ڪا ڦيرڦار آئي هوندي، توڻي جو سمنڊ جي سطح انهن جي نسبت سان ٿي سگهي ٿو ته مٽجي ويئي هجي.
ايريئن اسان کي ٻڌائي ٿو ته مورنتوبار تي لنگر انداز ٿيڻ کان اڳ آرماڙ کي ”ٻن ڇپن جي وچ مان لنگهڻو پيو، جي هڪٻئي کي ايتريون ته ويجهيون هيون، جو ٻنهي پاسي ونجهه ڇپن سان ٿي ٽڪريا“ ۽ کين ”انهن ڇپن جي وچان لنگهندي وڏيون وڏيون لهرون آڏو آيون ۽ سمنڊ جي ڌارا ڇوهي هئي؛ ائين ٿي لڳو، ڄڻ انهن ڇپن منجهان اڪري پار پوڻ ڪا وڏي مهم هجي.“
هاڻ جيڪو آرماڙ ابراهيم حيدريءَ کان نڪري، گذري ٽپندو (هي ٻه به انهن جٽاءُ ڪندڙ هنڌن مان آهن، جن جو اڳيئي اشارو ڪيو اٿئون)، ڪپر جي سنوت ۾ هاڪاريندو هلندو، ته ان کي واري پهڻ جا ٻه ننڍا ٻيٽ، جي هاڻ آئسٽر ٽڪر (Oyster Rocks) سڏجن ٿا، واٽ روڪيندا نظر ايندا. انهن مان هڪڙي جي تراکڙي چوٽي پکيڙ ۾ ٻه يا ٽي ايڪڙ ٿيندي. پاسن کان اڀيون ڇپون اٿس، جي سمنڊ کان ڪي پنجاهه فٽ مٿي آهن. ٻيو ٻيٽ مخروطي شڪل جو آهي ۽ اوچائيءَ ۾ اڃا به وڌيڪ ٿيندو. چيو وڃي ٿو ته اهي ٻيٽ ڪنهن زماني ۾ هڪڙو ئي يڪو ٽڪر هئا، جيڪو ڪلفٽن کي منهوڙي سان ڳنڍيندو هو ۽ سمنڊ ان کي پائي پائي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو.(84) ڪراچي بندر جي پهرين سائنسي پڙتال 1836ع ۾ ليفٽيننٽ ڪارليس (Lieut: Carless) ڪئي هئي. ان پڙتال کان هاڻي تائين ڪا خاص تبديلي آيل نٿي لڳي. پر ٽڪر جي نوعيت کي ڏسندي ائين وسهڻ بيواجبي نه ٿيندو ته انهن ٻيٽارين جي وچ وارا لنگهه سڪندر جي وقت کان پوءِ ضرور ويڪرا ٿي ويا هوندا.
يوناني سڄي ڏينهن جي مسافريءَکان پوءِ، جنهن جو مفاصلو 35 ميل ڪٿيو ويو آهي، ڪنهن بندر جي تاڙ ۾ هئا. سندن مرضي هوندي ته منهوڙي واري اتانهين ٽڪر جي اندرئين پاسي رهون. سو هو ونجهه هڻندا سڌا انهن ٻيٽارين جي وچ واري سوڙهي لنگهه ۾ ڌوڪي پيا، شايد انهيءَ آسري ۾ ته انهن جي پريان ڪو محفوظ ۽ اوٽائتو لنگر گاهه هوندو. آرماڙ اولهه واري پاسي کان ٻاهر نڪتو ته ستت ئي ڌارا ۾ جا پريان ڦهليل اپار سمنڊ ڏانهن ٿي ويئي، وير جو اثر محسوس ڪيائون. نيارڪس ان جو بيان هيئن ٿو ڪري: ”بندر چڱو وڏو، گولائيءَ تي، اونهو ۽ لهرن کان محفوظ هو ۽ ان ۾ داخل ٿيڻ جو لنگهه سوڙهو هو“. مڃڻو پوندو ته اهو بيان ڪراچي بندر جي هاڻوڪين قدرتي خاصيتن سان ٺهڪي اچي ٿو. اهي خاصيتون اوڀر کان اچڻ تي نظر اينديون. پوءِ جو بيان ته ان هڪجهڙائيءَ کي پاڻ وڌيڪ اجاگر ڪري ٿو. ايريئن وڌيڪ ڄاڻائي ٿو: ”ٻئي ڏينهن هنن سڙهه سنباهيا ته سندن کاٻي هٿ تي سمنڊ طرف هڪڙو ٻيٽ آيو، جو ڪپر سان ائين ڳنچيل هو، جو هوند ٻيٽ ۽ ڪپر جي وچ واري لنگهه کي واهڙ سڏجي. اهو لنگهه ۽ اسٽيڊيئم ڊگهو آهي. ڪپر تي گهاٽا ۽ پنن وارا وڻ هئا ۽ ٻيٽ هر قسم جي جهنگ سان ڇانيو پيو هو. پرهه ڦٽڻ تي هو ان ڳچي سمنڊ جي گجيءَ منجهان جهاڳيندا ٻيٽ ٽپي ويا، ڇو ته هنن وير جي آلڙ تي ٻيڙا ٿي هلايا.“
هيءُ ٽڪرو چٽيءَ ريت ڏيکاري ٿو ته نيارڪس مورنتوبار کان اسهڻ لڳو هو ته اهو رستو نه ورتو هئائين، جنهن کان آيو هو، بلڪ بندر جي مٿئين ڀاڱي ڏي وڃي، ڪو ٻيو لنگهه ڳولي لڌو هئائين.
هيءُ جهڙو ڪر اڄوڪي ڪراچي بندر جي مٿئين ڀاڱي جو احوال هجي، جنهن کي بعضي بعضي الهندو ماٺو پاڻي (Backwater) به سڏيو وڃي ٿو. منهوڙي وارو ٽاڪرو ٻيٽ خشڪيءَ (mainland) سان هڪ سوڙهي ريٽ (Sandspit) رستي ڳنڍيل آهي. اهو ريٽ اٺ ميل ڊگهو ۽ ذري گهٽ اتر، اولهه واري رخ سان آهي. انهن جي اندر تمر وڻن سان گهاٽيون ڇانيل ڌٻڻيون آهن. ڌٻڻين ۾ وري سامونڊي ڌارائون پيهي وڃن ٿيون، جن ۾ لڪل لسا گپ دڙا وير جي آلڙ وقت نروار ٿي بيهندا آهن. ريٽ جو جيڪو خشڪيءَ طرف ڇيڙو آهي، مکيه کاري ذري گهٽ اوستائين هلي وڃي ٿو، ۽ شمس پير (Shamspir) نالي هڪ ٽاڪرو ٻيٽ کي ڦري اچي ٿي، اهو ٻيٽ منهوڙي کان ڇهه ميل کن ٿيندو ۽ سمنڊ جي مٿاڇري کان ويهن فٽن کان وڌيڪ اتانهون آهي. ٿورو اڳتي کاري نئيون نڙ (Nawa nar) نالي ٻيٽ کي وڃي وڪوڙي ٿي.(85) ان هنڌ ارڙهين صدي عيسويءَ جي وچ تائين مٿئين بندر ڏانهن وڃڻ لاءِ هڪ ٻيو به لنگهه هوندو هو.
اهو ته پڌرو آهي ته اٺ ميل ڊگهي ريٽ ۽ تمروڻن سان ڇانيل کاريءَ کي سامونڊي ڪپر جا مستقل انگ نٿو چئي سگهجي، جيئن منهوڙو ۽ آئسٽر ٽڪر آهن. شمس پير ۽ نئين نڙ وارا ٻيٽ کڻي ٿورا هيٺانهان آهن، تڏهن به آهن ٺاڪرو ۽ انهن وٽ کاريون به اونهيون آهن. اتان جي نباتات بابت پلائتي لکي ٿو ته نيارڪس يا سندس عملدار هڪڙي وڻ جو خاص ذڪر ڪن ٿا، ”جنهن جا پن پاڻيءَ اندر ته ساوا رهن ٿا، پر ٻاهر ڪڍڻ تي سڪي لوڻ ٿيو وڃن“ (86) اهو وڻ ظاهر ظهور تمر آهي، جيڪو هنن پهرين پهرين ضرور ڊيلٽا جي کارين ۾ ڏٺو هوندو. هنن مورنتوبار کان نڪرڻ تي مسافريءَ جي پهرئين مرحلي ۾ جيڪي ”گهاٽا ۽ پنن وارا وڻ (87) ڪپر تي بيٺل ڏٺا هئا، سي ڪي ٻيا نه پر اهي ئي تمر جا وڻ هوندا، توڻي جو شمس پير تي اڄ به لڻي ۽کجي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
هاڻوڪو ڏيک نيارڪس جي بيان سان ايترو ته ملي اچي ٿو، جو ان جي هنڌن ماڳن جي سڃاڻپ تي اعتراض اٿاري سگهجي ٿو ته اهي انگ ايترو گهڻو وقت بنان مَٽ سَٽ جي رهي نٿا سگهن. منهنجو اهو مطلب هرگز نه آهي ته ڪابه تبديلي ناهي آئي، بلڪ منهنجو چوڻ هيءُ آهي ته ٽاڪرو هنڌن جي دائمي تاڃي پيٽي اندر جيڪي ڳالهيون قدرتي سببن جي ڪري ڦري وڃڻ ڏانهن لاڙو رکن ٿيون، سي پنهنجي پنهنجي وقت تي وري وري ساڳيون رونما ٿين ٿيون. هت بنيادي تبديلي جو هڪڙو وڏو سبب، يعني لٽاشي درياهه جي وهڪري وارو سبب، جنهن ڪري زمين نڪرندي رهندي آهي گهٽ ۾ گهٽ اهو موجود نه آهي.
نيارڪس جي آرماڙ مورنتوبار کان اسهڻ کان پوءِ جنهن هنڌ وڃي پڳهه ٻڌا هئا، تنهن هنڌ کي اتفاق سان پڪيءَ طرح سڃاڻي سگهجي ٿو. ان هنڌ کان پٺتي اچبو ته اها ڳالهه پڌري ٿي پوندي ته مورنتوبار جي بيهڪ ساڳي ڪراچي بندر واري هئي. نيارڪس اسان کي ٻڌائي ٿو ته مورنتوبار کي تر جي ٻوليءَ ۾ ”زالاڻو بندر“ سڏيو ٿي ويو، ”ڇاڪاڻ ته ان هنڌ پهرين هڪ زال راڄ ڪندي هئي.“ ٽالمي، هيراڪليا وارو مارشيئن (Marcian of Heraclea) ۽ ايميانس مارسيلينس (Ammianus Marcellinus) به ان ئي نالي هيٺ ان کي ڪپر جو مکيه بندر ڪري ڄاڻائين ٿا ۽ نيارڪس جي ڊگهي فهرست ۾ جيڪي ٻيا هنڌ آهن، تن مان هڪ اڌ کي ڇڏي، ڪنهن کي به ايتري اهميت وارو نه ڏيکاريو اٿن. (88)
مون ٻڌايو آهي ته نيارڪس مورنتوبار کان 70 اسٽيڊيئم پري جنهن گجيءَ واري سوڙهي ڳچي سمنڊ منجهان لنگهيو هو، سو شايد ڪراچيءَ جي مٿئين بندر يا الهندي ماٺي پاڻيءَ ڏانهن ويندڙ نئين نڙ وارو پراڻو لنگهه هو. ٻيو مرحلو 120 اسٽيڊيئم جو هو، جنهن جي پڄاڻيءَ تي هنن ”اربيس“ (Arabis) نديءَ جي ڇوڙ وٽ ”پڳهه ٻڌا.“ ڇوڙ جي ويجهو هڪڙو وڏو ۽ سٺو بندر هو. پاڻي پيئڻ جهڙو نه هو، ڇا لاءِ جو ڇڙيل پاڻي سمنڊ جي پاڻيءَ سان ملي ويو هو. سو هنن کي 40 اسٽيڊيئم سڪي ءَ اندر وڃڻ کان پوءِ هڪڙي تلاءَ ۾ پاڻي هٿ آيو. بندر جي ڀرسان هڪ اتانهون غير آباد ٻيٽ آهي، جنهن جي چوڌاري سپون ۽ هر قسم جي مڇي ماري وڃي ٿي. هيستائين اربيتي (Arabiti) لوڪ رهندڙ هئا، جي هندستان جي الهندي پاسي جي آخري قوم آهن، هتان اڳتي اورئتي (Oreiti) لوڪن جي والار هئي.
اربيس ندي بنا شڪ شبهي جي حب ندي آهي. اها راس مانزي جي پرئين پاسي سمنڊ ۾ ڇڙي ٿي ۽ سنڌ جي هاڻوڪي سرحد ٺاهي ٿي. آلڙ وقت ان نديءَ جي ڇوڙ وٽ ويڪر اڌ ميل کن ٿئي ٿي. ميل کن اوڀارو به ايتري ئي ويڪر هوندي اٿس. ان جو پنهنجو پاڻي وير جي اثر واري هنڌ کان به ڪئين ميل مٿي ڏاڍو ٻاڙو ٿئي ٿو. هيءَ ڳالهه ڌيان جوڳي آهي ته تازي ۾ تازو نقشو(89) جنهن ويجهي ۾ ويجهي هنڌ تي ”مٺو پاڻي“ ڏيکاري ٿو، سو هنڌ به لنگر گاهه کان چار ميل پري ٿئي ٿو.
چيو وڃي ٿو ته ارڙهين صدي عيسويءَ جي منڍ ۾ ان نديءَ جي ڇوڙ وٽ هڪڙو کارڪ بندر (Kharakbandar) نالي بندر هوندو هو. ان کي لٽجي وڃڻ ڪري ترڪ ڪيو ويو هو. (90)
نديءَ جي ڇوڙ کان پنجن ميلن تي هڪ ٻيٽاري چرڻ (Churna) نالي آهي، جا پاڻيءَ جي چاڙهه واري نشان کان 609 فٽ اتانهين آهي. اربيس جي ڇوڙ وارو ٻيٽ ان سامونڊي مسافريءَ ۾ ملندڙ هنڌن مان پهريون اهڙو هنڌ آهي، جنهن کي ايريئن ”اتانهون“ سڏي ٿو. (91) هو اهو لفظ نه ته ايروز لاءِ ڪتب آڻي ٿو ۽ نه ئي مورنتوبار جي لنگهه وٽ ٽڪرن لاءِ. ظاهر آهي ته اسان کي نمايان اتانهين ڳولڻي پوي ٿي ۽ ان ڪپر تي ٻيو ڪٿي به ڪوئي ٻيٽ اهڙيءَ نديءَ جي ڀر پاسي ۾ نه آهي، جنهن جي ڇوڙ وٽ آرماڙ اجهو وٺي سگهي.
نيارڪس ضرور راس مانزي جي چوڌاري ڦريو هوندو. تڏهن به هن انهيءَ راس جو ڪو ذڪر ناهي ڪيو ۽ نه ئي وري هن اهو ڄاڻايو آهي ته راس ٽپڻ کان پوءِ ڪپر جو رخ اولهه کان اتر ٿيو وڃي. نيارڪس جون اهي ڳالهيون رهائي وڃڻ تي شايد اچرج لڳي. پر اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اسان جي اڳيان جيڪا عبارت آهي، سا نيارڪس جي روزنامچي جو سڌاريل نسخو آهي. پتو ناهي ته ان روزنامچي (log) ۾ ٻيو ڇا ڇا هوندو.
مورنتوبار واري لنگهه کان اربيس نديءَ جي ڇوڙ وٽ لنگر گاهه تائين مفاصلو 120 اسٽيڊيئم يا اٽڪل 14 ميل ڏيکاريو ويو آهي. ڪراچي بندر جي ماٺي پاڻيءَ جي نئين نڙ واري پراڻي لنگهه کان هلي راس مونزي جي چوڌاري ڦري حب نديءَ جي ڇوڙ تائين وڃبو ته ڪل مفاصلو 20 ميل کن ٿيندو. جيڪڏهن مورنتوبار جي ڪراچي بندر سان ڏيکاريل ساڳوڻائي صحيح آهي ته پوءِ نيارڪس کان مفاصلي ڪٿڻ ۾ ضرور ڀل ٿي هوندي، جيتوڻيڪ هن اهڙيون ڀلون ورلي ڪيون آهن.
آرماڙ اربيس جي ڇوڙکان هليو، ته 200 اسٽيڊيئم اڪري وڃي ڪناري جي پگل (Pagala) نالي ڪنٺي (Beach) ويجهو هڪڙي سڻائي هنڌ تي لنگر انداز ٿيو. اتي پاڻي آڻڻ لاءِ ماڻهو لاٿا ويا. ٻئي ڏينهن سمنڊ جي پاسي کان سخت طوفان اچي لڳو. ٻه جنگي جهاز ۽ هڪڙو هلڪو ٻيڙو ٻڏي ويا، پر انهن جو عملو تري وڃي سڪيءَ تي پهتو، ڇو ته هو ڪپر ڏيئي مسافري ڪري رهيا هئا. سڄي ڏهاڙي جي مسافريءَ کان پوءِ، جا اٽڪل روءِ 400 اسٽيڊيئم هئي، ڪنٺو اڃا به لهرن جي لپيٽ ۾ هو ۽ هنن اونهي سمنڊ ۾ ئي پڳهه کڻي ٻڌا. ان هنڌ کي هنن ڪابن (Kabana) ڪوٺيو. اتان هنن اڌ رات جو لنگر کنيا ۽ 200 اسٽيڊيئم جهاڳي وڃي ڪوڪل (Kokala) کان نڪتا.
مسافريءَ جي انهن ٽن مرحلن جو مفاصلو، ليکت موجب 800 اسٽيڊيئم، يا اٽڪل 94 ميل، ٿئي ٿو. اهو حب جي ڇوڙ کان سونمياڻيءَ (Sonmiani) تائين اصل مفاصلي جي ٻيڻ کان به سرس آهي. مفاصلي جي اندازي ڪرڻ لاءِ سونمياڻي ڏانهن لنگهه ٻيو سڻائو هنڌ آهي، پر ان کي حب جي ڇوڙ جيان ڪپر جو دائمي نشان نٿو سمجهي سگهجي.
حب جي ڇوڙ کان اتر رخو ڪپر ٽاڪرو آهي ۽ پٺيان ويهن ميلن تائين ٽڪريون اٿس. ان کان اڌ پنڌ تي ڪائيو (Kaio) جي ٻيٽاري آهي، جا سمنڊ جي مٿاڇري کان 123 فٽ اتانهين ۽ ڪپر کان سوا ميل کن پرتي سمنڊ اندر آهي. ان غير اهم هنڌ کي نيارڪس، يا سندس سمپادڪ ايريئن ذڪر لائق نه ڄاڻي ڇڏي ڏنو آهي.
پگل ۽ ڪابن جي وچ وارا حادثا ظاهر آهي ڪپر جي تمام ويجهو هاڪارڻ جي ڪري پيش آيا هئا، ڇاڪاڻ ته هنن کي خوش فهمي هئي ته چوماسي واري پاسي کان وري هوا نه لڳندي. ان حادثي سان انهيءَ انومان کي به هٿي ملي ٿي ته آرماڙ اهڙي ڪپر سان هاڪاري رهيو هو، جيڪو هن ئي ڪپر جيان، اتر يا اتر اولهه طرف ويو ٿي.
هنڌن ماڳن جي هاڻوڪي بيهڪ (Topography) موجب ڪوڪل تائين 23 ميلن وارو ٽيون مرحلو آرماڙ کي سونمياڻيءَ واري اپسمنڊ جي اڌ تائين يا مياڻي هور (Miani hor) ۾ اندر وٺي وڃي ها. ٻنهي مان ڪوبه انومان وسهڻ جوڳو نه آهي. ليکت مان ائين ٿو سمجهڻ ۾ اچي ته ڪپر لسو ۽ بي انگ (Featureless) هو ۽ ڪوڪل ۾ اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته جهاز سمنڊ اندر لنگر انداز هئا، جنهن مان ڀانئجي ٿو ته هيءُ ڪو بندر نه پر فقط لنگر گاهه هو. هاڻي به مياڻي هور، ايترو مشهور نه آهي، پر ننڍن ٻيڙن ۾ غورابن جو وڏي ۾ وڏو قدرتي بندر آهي، جنهن جهڙو بندر ڪپر جي ٻنهي پاسي چڱو پري تائين ڪونهي. اهو بندر لنگهه وٽ ٻه ميل ويڪرو ۽ ريت سان رڪيل آهي. اتان اهو ويڪرو ٿيندو، اولهه طرف ڦرندو، ٽيهن کان به وڌيڪ ميل کليل سمنڊ سان پور وڇوٽ هليو وڃي ٿو. هڪڙو وارياسو اپٻيٽ ان کي کليل سمنڊ کان بچائي ٿو. اهو وارياسو اپٻيٽ ڪٿي هڪ ته ڪٿي پنج ميل ويڪرو آهي ۽ براڙ (Birar) جي نالي سان سڏجي ٿو. جيڪڏهن اهو هنڌ، ڪنهن به شڪل ۾ نيارڪس جي زماني ۾ موجود هجي ها ته ايريئن پنهنجي تصنيف ۾ ان جو ذڪر ضرور ڪري ها. (92)
هتي زمين سموري لٽاشي آهي ۽ براڙ جو اپٻيٽ واريءَ جي ڀٽن کان وڌيڪ نهريءَ شيءِ جو ٺهيل نٿو لڳي. جيتوڻيڪ هڪڙي هنڌ انهن ڀٽن جي سمنڊ جي مٿاڇري کان اوچائي 35 فٽن کي وڃي پهچي ٿي، تڏهن به لڳي ٿو ته اهي نسبتا ويجهڙائيءَ ۾ ٺهيون هونديون. اتر پاسي هور سان لڳو لڳ زمين ڪئين ميل اندر تائين ڀٽن سان ڇانيل آهي، جنهن مان ڀانئجي ٿو ته اڳي هت ڪو سامونڊي ڪپر هو. انهن ڀٽن جي پٺيان وارو کنيل ملڪ هيٺانهون آهي. اتر ۾ پرتي لياريءَ (Liari) تائين مٿاڇرو سمنڊ کان رڳو 28 فٽ مٿي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. (93) ڌرتي ڄاڻو ان تر کي تمام ويجهڙائيءَ ۾ ٺهيل ڄاڻائيندا. پر ان درجيبنديءَ جو تاريخ واري زماني جي جاگرافيءَ تي ڪو خاص اثر نٿو پوي. پرتي ڏکڻ ۾ گڏاڻيءَ (Gadani) ويجهو جيڪي ڇپون هاڻوڪي ڪپر کان پٺيريون بيٺل آهن، سي سمنڊ جا پراڻا ڪنٺا آهن. ورينڊينبرگ (Vrendenburg) انهن ڪنٺن کي پلئسٽوسين جڳ جي پڇاريءَ ڌاري جڙيل ڄاڻائي ٿو. (94) پر منهنجي خيال ۾ اسان جو هيءُ انومان ڪڍڻ بي واجبي نه ٿيندو ته وارياسي براڙ جي بناوت تاريخي مفهوم ۾ هاڻوڪي آهي ۽ 325 ق. م. وارو سامونڊي ڪپر مياڻي هور جي اترئين ڪپر وٽان هو. اسان کي اوس ائين وسهڻو پوندو ته ڪوڪل هتي هن تر ۾ ڪنهن هنڌ هو. ٿي سگهي ٿو اهو گاگوءَ (Gagu) کان ٿورو اولهه ۾ اتان هجي، جتان لسٻيلي جي گزيٽيئر موجب چيو وڃي ٿو ته هڪڙي آڳاٽي شهر جو ماڳ آهي جيڪو هور جي ڪنڌيءَ وٽ هو. (95)
تڏهن به اربيس کان ڪوڪل تائين مسافريءَ جي ايريئن وارن ٽن مرحلن جو مفاصلو 800 اسٽيڊيئم اصل مفاصلي کان ذري گهٽ ٽين پتي وڌيڪ آهي. حب نديءَ جي ڇوڙ کان مٿي ڄاڻايل ماڳ تائين اصل مفاصلو 60 ميل ٿئي ٿو.
ڀانئجي ٿو ته ڪوڪل اورئتي لوڪن جي ڏيهه جي گاديءَ کان ٿوري پنڌ تي هو. اورئتي لوڪن جو ڏيهه شايد هاڻوڪو لسٻيلو يا ان جي ڀرپاسي ۾ هو. سڪندر پنهنجي سپه سالار، ليوناٽس (Leonnatus)، کي ڪجهه لشڪر سان اتي ڇڏي، حڪم ڏيئي ويو هو ته نئون شهر ٻڌو وڃي ۽ آرماڙ لاءِ سيڌو سامان ڪٺو ڪيو وڃي. ڪوڪل پڪ ئي پڪ سونمياڻي اپسمنڊ جي تڏهوڪي ڪپر جي منڍ وٽان هو، ۽ نه ڦوڙ (Phor) نالي نهر جي پريان هاڙي جبل جي اولهه وارن ٽڪرن ۽ سمنڊ جي وچ ۾ ڦاٿل سوڙهي ۽ بي. آب ٽڪري اندر ائين ٻڌايو ويو آهي ته اهو بندر اڳيئي موجود هو. (96) پر ان لاءِ جيڪو دليل ڏنو وڃي ٿو ته نيارڪس اتي پنهنجن ڪن ڀڳل جهازن جي مرمت ڪرائي هئي، سو دل سان نٿو لڳي. اتي حڪم جي پوئواري ڪندي، ليوناٽس خاص گودي جوڙائي هئي، ۽ نيارڪس اتي رڳو جهازن جي ٿوري چڪاس ڪرائي، سيڌو سامان کنيو ۽ مسافريءَ جي ڪشالن جيڪي ماڻهو ساڻا ڪري ڇڏيا هئا، تن کي اتي ڇڏي ۽ انهن جي بدران ٻيا تازا توانا ماڻهو کنيا ۽ اڳتي روانو ٿيو. واءُ هاڻي رخ مٽائي سياري واري طرف، يعني اتر، اوڀر، کان لڳي رهيو هو، ۽ هو مزي سان 500 اسٽيڊيئم جهاڳي وڃي هڪڙي درياهه جي ڇوڙ وٽان نڪتا. درياهه ”سياري جي برساتن تار ڪري ڇڏيو هو ۽ نالو توميرس (Tomerus) هئس.
هاڻوڪي نقشي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته مياڻي هور جو الهندو ڇيڙو سمنڊ ۽ ڦوڙ نهر جي منهن کان هڪ ننڍي ريٽ رستي الڳ ٿيل آهي ۽ نشانن مان لڳي ٿو ته اهو ريٽ اڳي اتي ڪونه هو ۽ مياڻي هور جو الهندو ڇيڙو سمنڊ سان مليل هو. جيڪڏهن جيئن اڳيئي فرض ڪيو اٿئون، براڙ جو اپٻيٽ 325 ق.م ۾ موجود ڪونه هو ۽ ڪوڪل مياڻي هور جي اترئين ڪپر تي يا ان جي ويجهو واقع هو ۽ هور کان اٽڪل 25 ميل يا اربيس (حب) کان 65 ميل پري هو، ته هن ڳچي ڌرتيءَ کان ۽ ڪپر جي سنوت ۾ هنگول نديءَ (Hingo) جي ڇوڙ تائين جهاز رانيءَ جو ڪُل مفاصلو 57 ميل ٿئي ٿو، جيڪو ڪوڪل ۽ توميرس جي وچ واري مفاصلي يعني 500 اسٽيڊيئم جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿو.
هنگول اڄڪلهه هڪ ٻاڙي پاڻيءَ جي کاريءَ منجهان ٿيندي، سمنڊ ۾ ڇڙي ٿي. هيءَ کاري ٻه ميل ويڪري ۽ سمنڊ سان پور، وڇوٽيءَ تي آهي. (97) انهن ”مڇي، کائو وحشين“ جون ”ٻوساٽيندڙ ڀونگيون“ هتان هيون، جن نيارڪس جي ماڻهن جي سڪيءَ تي لهڻ تان گوڙ ڪيو هو، پر پڄي نه سگهيا هئا ۽ ڀڄي ويا هئا. يونانين پنهنجا جهاز مرمت ڪاڻ ڇڪي ڪپ تي آندا ۽ ڇهه ڏهاڙا اتي ترسيا هئا.
اتان هليا ته ڪپر تي هڪ اهڙي هنڌ اچي پهتا، جنهن جو نالو اڃا تائين ساڳيو آهي: مالن، (Malan) جنهن کي هاڻ راس مالن (Ras malan) ڪوٺيو وڃي ٿو. هيءَ هڪ اڏول راس آهي، جنهن جي پٺيان جبلن جي اوچائي سمنڊ کان ٻن هزارن فٽن کان وڌيڪ آهي. مفاصلو 300 اسٽيڊيئم ڄاڻايو ويو آهي، جيڪو 35 ميلن جي برابر ٿئي ٿو. راس تائين ڪپر ۾ گهڻا ور وڪڙ آهن. جيڪڏهن سڀ ور وڪڙ ورتا وڃن، تڏهن به ڄاڻايل مفاصلو آرماڙ کي راس کان به ڪجهه ميل پري وڃي ڪڍندو. راس مالن جي اولهه ۾ جيڪو مٿانهون پٽ آهي، تنهن ۾ هور بٽ (Hor Batt) نالي هڪ ٻاڙي پاڻيءَ سان کاري، جي ڍنڍ (Lagoon) ست ميل اندر هلي وڃي ٿي. هڪڙي وڏي ڇر جبلن جي وٿيءَ منجهان ڌوڪيندي اچي ان کاري، جي ڍنڍ ۾ پوي ٿي. اهو ئي اهو هنڌ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جتي آرماڙ اچي لنگر هنيو هوندو، جيتوڻيڪ راس جي اوڀر طرف، ڪپر کان ميل کن پرتي، اپسمنڊ ۾ به پڳهه ٻڌجي پئي سگهيا. (98)
ايريئن جو اندازو هو ته اورئتي لوڪن جو ڏيهه مالن تائين پکڙيل هو. هو پنهنجي بيان ۾ ان هنڌ هيلتائين جهاڳيل مفاصلي جو ڪاٿو ڄاڻائي ٿو. ان ڪاٿي پٽاندر، اربيتيءَ جي ڪپر سان لڳو لڳ ڪيل مسافري ”اٽڪل 1000 اسٽيڊيئم“ ڊگهي هئي. هيءُ مفاصلو لکيت موجب، ڌار ڌار مرحلن جي جوڙ سان ٺهڪي اچي ٿو، توڻي جو ڪوڪل کان سڪندر جي بندر تائين ۽ سارنگ کان ساڪل تائين مفاصلا نه ڏنا ويا آهن. ميل ۾ 9 اسٽيڊيئم ڳڻيا وڃن ته ڪل مفاصلو سنڌوءَ جي ڇوڙ کان جتان آرماڙ اسهيو هيو، اربيس جي ڇوڙ يعني اربيتي لوڪن جي حد تائين 111 ميل ٿئي ٿو.
جيڪڏهن ڪروڪلڪ ۽ سڪندر جي بندر لاءِ جيڪي بيهڪون ڏسيون ويون آهن ته هڪڙو پير پٺي کان ڪجهه ميل ڏکڻ، اوڀر طرف ۽ ٻيو گجي جي ڀرپاسي ۾ هو، سي ورتيون وڃن ۽ سمنڊ ۾ پهرئين مرحلي جي مفاصلي لاءِ ايريئن جو ڄاڻايل 17 ميلن (150 اسٽيڊيئم) وارو انگ قائم رکيو وڃي، ته پوءِ نقشي تي مسافريءَ جو رستو هيءُ وڃي بيهندو: پير پٺي جي ڀر پاسي تائين 17 ميل، اتان گجي تائين 24 ميل، ۽ اتان ڪراچي بندر جي پٺئين ڀاڱي تائين اٽڪل 50 ميل. اتان بندر وارين کارين منجهان نئين تڙ تائين 8 ميل. راس مونزي جي چوڌاري نئين تڙ جي پراڻي منهن کان حب جي ڇوڙ تائين 20 ميل. اهي ڪل ٿيا 119 ميل.
ايريئن اسان کي ٻڌائي ٿو ته اورئتيءَ جو ڪپر 1600 اسٽيڊيئم تائين پکڙيل هو. اهو مفاصلو اربيس کان مالن تائين ڪيل مسافريءَ جي مرحلن جي جوڙ سان ٺهڪي اچي ٿو. سمجهو کڻي ته ڪوڪل جي بيهڪ مياڻي هور جي اتر، اولهه واري ڪپر تي هئي، ته اهو هنڌ حب کان 65 ميل کن ٿيندو. اتان هنگول جي ڇوڙ تائين مون وارو ڏسيل رستو وٺبو ته مفاصلو 57 ميل. اهي ڪل ٿيا 147 ميل. ايريئن جو جوڙ 177 ميل نڪري ٿو.
ياد رهي ته تن ڏينهن مفاصلي ڪڇڻ جا ڪي سائنسي وسيلا ڪونه هئا ۽ نه وري يونانين کي ويرن واري سمنڊ ۾ جهاز رانيءَ جو ڪو آزمودو هو. ان ڪري ئي نيارڪس جي ڪاٿن ۽ انهن هنڌن جي وچ وارن مفاصلن ۾ ڀيد آهي، جن بابت انومان آهي ته اهي سندس ڄاڻايل هنڌن سان ملي اچن ٿا. پر ڏٺو وڃي ته انهن ڀيدن جي ڪري ڪپر بابت هن جي بيان جي گهڻي ڀاڱي سچائي ڪا گهٽ ڪين ٿي ٿي وڃي. مجموعي طور ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته نيارڪس (ايريئن جي ماپ موجب) جيڪو ”اسٽيڊيئم“ ڪم آندو آهي، سو 66 انگريزي فٽن جي لڳ ڀڳ رواجي ڪاڇو هو. (99)
اهڙيءَ ريت، سنڌ جي سامونڊي ڪپر جو ننڍو ٽڪرو، جيئن اهو 325 ق.م ۾ هو، تنهن جي هنڌن ماڳن جو مفصل احوال ته اسان کي ملي ٿو، باقي رهيل ملڪ بابت رڳو مبهم ڳالهيون ئي آهن. قدرت جي هيءَ ڀلائي چئي سگهجي ٿي ته جنهن هنڌ جو اهو قديم احوال گهڻي ۾ گهڻو ملي ٿو، سو اهو آهي، جتي 2168 ورهيه پوءِ سنڌ جي گادي قائم ٿيڻي هئي.

حوالا ۽ حاشيا
1- ”رگ ويد سمهتا“، 8- ون اشتڪ، 3- ون اڌڀاءُ، سوڪت ستون (يعني منڊل ڏهين جو سُوڪت 75)، ايڇ ايڇ ولسن جو انگريزي ترجمو، جلد ڇهون، ص204.
2- ”هندستان جي ڪئمبرج تاريخ“ ، جلد پهريون، ص 80- 79. ڀيٽيو: مئڪڊو نيل ۽ ڪيٿ، ”ويدڪ نالن ۽ مضمونن جي ڏسڻي“، جلد ٻيو، ص432.
3- ”مهاڀارت“، واڻ پَرو ٻه سو پنجهٺ، انگريزي ترجمو پي.سي. راءِ، جلد ٻيو، ص562.
4- ”ٻڌن جا سڳورا ڪتاب“ ، جلد ٽيون، ”ٻڌ جا ٻول“، انگريزي ترجمو ٽي. ڊبليو. رهائيس ڊيوڊس ۽ سي.اي. ايف. وهائيس ڊيوڊس، ص270-269.
5- ”جاٽڪ“، جلد ٽيون، انگريزي ترجمو ايڇ.ٽي. فرانسن ۽ آر.اي. نيل، ص280.
6- ”وشنو پُراڻ“، انگريزي ترجمو ايڇ.ايڇ ولسن، جلد ٻيو، ص 133، ڀيٽيو: ”مهاڀارت“، ترجمو پي.سي. راءِ جلد چوٿون، ص23
7- ”البيرونيءَ جو ڏنل حوالو“ ، ترجمو اي.سچاءُ، جلد پهريون، ص261
8- ”بندهش“ باب ويهون، بيت9. انگريزي ترجمو اي. ڊبليو، ويسٽ، ”اوڀر جا سڳورا ڪتاب“، جلد پنجون، ص 77.
9- ان جي پوري بيهڪ پڪيءَ طرح سڃاتي نه ويئي آهي. چيو ٿئي ويو ته اهو ”پختون ملڪ جو“ هڪ شهر هو.
10- هه.آ.ا.س.ي.، نمبر34 (1928). ”همدان کان داريوش جي هڪ نئين آڪر“ ، از پروفيسر هرٽز فيلڊ.
11- هه.ڪ.ت.، جلد پهريون، ص7-336.
12- هيروڊوٽس، چوٿون، 44
13- هه.آ.ا.س.ي. نمبر 34، ص3.
14- ”هندستان جي اوائلي تاريخ“، 1907، ايڊيٽر ونسينٽ سمٿ، ص37-34
15- ”آڳاٽو هندستان، ڪتيسياس جي بيان موجب“، از. جي. ڊبليو. مئڪڪرنڊل، ٽربنر، 1882.
16- مئڪڪرنڊل، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، ص91-95
17- ايضاً، ص 7، 10، 57.
18- ايضاً ص 13، 33.
19- ايضاً، ص23، 5.
20- ايضاً، ص 17، 26.
21- ايضاً ص 17.
22- ايضاً، ص16
23- ڀيٽيو: هندستان جي آدمشماري، 1941، ٻارهون، سنڌ، ص 39.
24- اسٽرابو، پندرهون، پهريون، 17. عيسوي سن 1917 به اهڙوئي هو: ڏسو سالنامو ”هندستان جون آڳاٽيون وٿون“، 1932، ص 169.
25- ايضاً، ص18.
26- ايضاً، ص 16.
27- ڀانئجي ٿو ته سڪندر کي ائين ئي ٻڌايو ويو هو، تنهنڪري ئي هن اهو رايو قائم ڪيو هو. ڏسو ايضاً، 26؛ ڀيٽيو ص 25.
28- ايضاً، ص 18
29- ”اسٽرابو جو حوالو“ ، پندرهون، پهريون 45.
30- ايريئن، ”ائناباسيس“، 4، 14. ايرئين ”انڊيڪا“، باب 3، 4.
31- اسٽرابو، پندرهون، پهريون، 32.
32- ائناباسيس، چوٿون باب 14. آءٌ هئڦاسيس کي بياس ۽ ستلج جو گڏيل وهڪرو ڪري سمجهان ٿو. ان گڏيل وهڪري کي هاڻ (مڪاني طرح) گهارا سڏيو وڃي ٿو. پر ڪيترن عالمن جو چوڻ آهي ته ان زماني ۾ ۽ ان کان ڪيترو وقت پوءِ به ستلج نويڪلي پيٽ منجهان وهندي هئي. ڏسو هيٿ، باب 9، ص 4-163
33- اسٽرابو، پندرهون، پهريون، 19.
34- ائناباسيس، پندرهون، 15.
35- ممڪن آهي ته جنهن ڀاڱي سان لڳو لڳ هيءَ تبديلي آئي هجي، سو هاڻوڪي ڪالاباغ ۽ جهلم سان ميلاپ جي وچ ۾ هجي. ڏسو ”سنڌ جو مهراڻ“ ، ص 472، نوٽ 544. سر ڊبليو. ٽارن جو انومان آهي. (”سڪندر اعظم“ جلد پهريون، ص4-103) ته اوڀر طرف انهيءَ چُرپر سنڌوءَ کي گهڻو ڪري هاڪڙي واري پيٽ ۾ ڌڪي آندو هو ۽ اهو به ته اها (ناري ماٿريءَ مان ٿيندي ڪڇ جي رڻ ۾ وڃي ٿي ڇڙي. پڻ ڏسو ايضاً، جلد ٻيو، ضميمو 14، ص 285.
36- سر آريل اسٽائين، رائل جاگرافيڪل سوسائٽيءَ جي رسالي ۾ 102، نومبر-ڊسمبر 1943، ص 193.
37- ائناباسيس، ڇهون 26. ڀيٽيو: ڪرٽيئس، فصل 9، باب 2. چيو وڃي ٿو ته سڪندر کي انهن دشمنن جي ايتري پرواهه نه هئي جن سان وڙهڻو هوس، جيتري پرواهه درياهن جي ڇوهن وهڪرن جي هيس. ان هوندي به، ستلج يا جمنا جو ذڪر ناهي ڪيو ويو. (مئڪڪرنڊل، ”هندستان تي ڪاهه“، وغيره، ص222).
38- ائناباسيس، ڇهون، 14
39- ڪن صاحبن جو چوڻ آهي ته بياس ۽ ستلج جو ميلاپ ويدڪ زماني کان اڳ جو آهي. پر ان ڳالهه جي پڪ نه آهي ته آيا جنهن درياهه کي هڪڙي سوڪت (ٽيون، 33) ۾ بياس سان ملندي ڏيکاريو ويو آهي، سو اهوئي، يعني ستلج آهي، جيڪا ندي ”استتيءَ“ ڏني ويئي آهي ۽ پوئين جي ستودري- اهو فرق چڱو وڏو آهي. رگ ويد، ايڊيٽر آفريخت، جلد ٻيو، ص 249، ۽ جلد چوٿون، ص 232). جلد پنجونجاهون ڀاڱو ٻيو، ص 236. ڀيٽيو: ”آڳاٽو هندستان“ (ٽالمي)، ايڊيٽر ايس. اين. مجمدار، مئڪڪرنڊل کان پوءِ، ڪلڪتو، 1927، ص 2-91. ٽاڊ چوي ٿو ته جيسلمير جي سموري تاريخ ۾، جا 1702ع ۾ پوري ٿئي ٿي، گڏيل وهڪري گهارا) کي ”بياهه“ سڏيو ويو آهي. ”راجستان جي تاريخ ۽ جهونيون وٿون“، جلد ٻيو، ص262)
40- اي. جي. چناڪ ايريئن جي ”ائناباسيس“ جو جيڪو ترجمو ڪيو آهي، تنهن ۾ هن انهن ٻن هنڌن جي وچ ۾ درياهه جي ڊيگهه 100 اسٽيڊيئم ڄاڻائي آهي، جا تمام گهٽ آهي: جيتوڻيڪ ويڪر وڌائي ڏيکاري ويئي آهي.
41- بنبري، ”جهوني جاگرافيءَ جي تاريخ“، جلد پهريون، ص 7-446
42- ايرسٽوبولس، اسٽرابو جو حوالو، پندرهون، پهريون، 17 ايريئن جهلم نديءَ جي ڪنڌين جي مٿانهين هجڻ جو ذڪر ڪي ٿو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته تنهن وقت ان درياهه ۾ پاڻي گهٽ هو (ائناباسيس، چوٿون، 3)
43- اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته ونيسيڪريٽس ان ڏيهه جو نهايت تفصيل سان احوال ڏنو آهي: اتي بڙ جو وڻ توڙي (ايرسٽوبولس موجب) ڪڻڪ جهڙو جهنگلي ان ۽ هڪ قسم جو انگور پيدا ٿيندو هو. اسٽرابو، پندرهون، پهريون، 21، 22. ازانسواءِ ونيسيڪريٽس اسان کي اتان جي واکاڻ ڪندي نٿو ڍاپي.“ (ايضاً، 34)
44- ائناباسيس، ڇهون، 17.
45- ڪزينس ”سنڌ جون جهونيون وٿون“ ص79-76. اروڙ واري ماڳ جي ڪابه گنڀير چڪاس نه ڪئي ويئي آهي.

(هي مضمون ڪتاب ”سنڌ _ هڪ عام جائزو“ صفحو 173 کان 231 تان ورتل آهي).