سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) رجسٽرڊ سنڌ، پاڪستان جا ڄپايل ڪتاب

عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

وسيم احمد ٽالپر / عاجز رحمت الله لاشاري
مذهب

ڪتاب ”عشق جون آهون“ اوهان اڳيان پيش آهي. نعتيه شاعري، حمد، مولودن، مداحن ۽ ڪافين تي مشتمل هن ڪتاب جو ثناء گو صوفي شاعر وسيم احمد ٽالپر جڏهن ته سنواريندڙ عاجز رحمت الله لاشاري آهي. هي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عاجز رحمت الله لاشاريءَ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

شاهي ذوق شيديءَ جو

عاجز رحمت الله لاشاري
لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڪتاب ” شاهي ذوق شيديءَ جو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌ جي لوڪ ادب جي اهم صنف سگهڙائپ سان واسطو رکندڙ سگهڙ شاعر عبد الخالق عرف مولا بخش شيديءَ جي ڪلام جي هن مجموعي جو مرتب ۽ سنواريندڙ محترم عاجز رحمت الله لاشاري آهي. عبدالخالق عرف مولا بخش شيدي شاهاڻو شوق رکندڙ محبتي ماڻهو، شاعريءَ سان گڏ شاهه صاحب جو شيدائي آهي. هي ڏاهو ۽ ڏات ڌڻي، هي سٻاجهو ۽ صدورو سگهڙ توڙي سالڪ آهي. سگهڙ پائي جي صنفن جي سُڃاڻ رکندڙ، ڳجهارت جو ڳولائو منجهس ڏورن کي ڳولڻ جو ڏانءُ سمايل آهي. هنر ۾ هوشيار ۽ سينگار جو سرجڻهار آهي سندس ڪتاب ۾ گفتن جو گُن ۽ گُر ڀريَل آهي، ٻاجهاري ٻولن جو جهڙوڪ ٻج ڇٽيو هُجي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

انگ اکر

ڪُل ڪتاب: 557
ڪتابن جو مشاهدو: 654418
ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 230796
2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ