ريڊيو وائس آف سنڌ لنڊن ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جا ڄپايل ڪتاب

سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه

مشڪور ڦلڪارو
شاعري

هي ڪتاب نامياري محقق ۽ شاعر مشڪور ڦلڪاري جي سنڌي ٻوليءَ جي پهرين ’ٻاونجاهه اکريءَ‘- ’سنڌو حرفي‘- ۽ ٻئي ڪلام تي مشتمل آهي. ڊاڪٽر هدايت ڀٽو لکي ٿو:
”هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جو هڪ منفرد ڪتاب آهي. هيءَ سنڌي ٻوليءَ جي ’ٻاونجاهه اکري‘ ۾ لکيل پهريون شاعريءَ جو ڪتاب آهي، هن کان اڳ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ٽيهه اکريون‘ ته شاعرن لکيون آهن، پر ڪنهن به هن کان اڳ ۾ ’ٻاونجاهه اکري‘ نه لکي هئي: انهيءَ ڪري هن ڪتاب جي منظر عام تي اچڻ سان اسان جي سنڌي شاعريءَ جو جمودُ ٽٽندو ۽ وڌيڪ ’ٻاونجاهه اکريون‘، لکڻ جو رواج پوندو. “

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

انگ اکر

ڪُل ڪتاب: 466
ڪتابن جو مشاهدو: 394168
ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 159374
2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ