پارس اشاعت گهر، ڀٽا روڊ سکر جا ڄپايل ڪتاب

امن جي نالي

رسول ميمڻ
ڪهاڻيون

ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ آھي. رشيد ڀٽي لکي ٿو:
”رسول ميمڻ جي افسانن جو موضوع اڄ جو اٻوجهه ۽ اياڻو ايذايل انسان آهي ۽ انسانيت جو فرسودا ۽ انسان دشمن قدر، هو انساني سماج جي اوڻاين، اوچ نيچ ۽ ايذاءَ جو اڻ ٽر ويري آهي. هو انسانيت جي دشمن جنگ جو جاني دشمن آهي، هن جو من امن لاءِ ڦٿڪندو ۽ لڇندو پڇندو رهي ٿو، هو انسان جي عظمت جو دائي آهي. هو انسان کي ڪنهن قدرت يا جبر جو طفيلي يا ماتحت ڏسڻ ۽ سمجهڻ نٿو تسليم ڪري، هو انساني سماج ۽ انسانيت جي ناسورن کي اقتصادي مسئلن ۾ غير برابرين جي پيدائش ٿو سمجهي، هو چئي ٿو پيٽ وڏي شي آهي بک ئي اهو چشمو آهي، جنهن مان انساني براين ۽ بدين جون سڀ نهرون ۽ واهيون وهي هلن ٿيون. بک ئي سڀني گناهن کي جنم ڏيندڙ ديوي آهي.“

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

انگ اکر

ڪُل ڪتاب: 770
ڪتابن جو مشاهدو: 1369347
ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 405638
2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ