ڪنهن ڀلي ماڻهو جو قول آهي ته تاريخ هميشه انهن قومن جو احترام ڪيو آهي جن پنهنجي علمي سرمائي جي حفاظت ڪئي آهي.سنڌ سلامت ڪتاب گهر جو مقصد پڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل قيمتي ۽ ناياب ورثي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ ۽ ان کي نه رڳو محفوظ رکڻ پر پنهنجي اديبن، ليکڪن، محققن ۽ شاعرن جي علم، هنر ۽ مشاهدن کي کي ڊيجيٽلائيز ڪندي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود سنڌين تائين مفت ۾ آسانيءَ سان پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي.
اسان جي خواهش آهي ته سنڌي مواد تي مشتمل هڪ اهڙو ڪتاب گهر قائم ڪجي جتي هر موضوع تي مشتمل ڪتاب موجود ملن جن کي ڳولڻ ۽ ڊائونلوڊ ڪرڻ آسان هجي پر اينڊرائيڊ سميت آئي فون يا ونڊوز آپريٽنگ سسٽم سميت هر قسم جي ڊوائيس تي آساني سان آن لائين پڙهي سگهجي.
ان خواهش ۽ مقصد جي پورائي لاءِ جيڪڏهن توهان چاهيو ته اسان جو هيٺين طريقي تحت ساٿ ڏئي سگهوٿا:
اي ميل: salamatsindh@gmail.com
فيس بوڪ: www.facebook.com/sindhsalamat
ٽويٽر:www.twitter.com/sindhsalamat
ويب سائيٽ: www.sindhsalamat.com