ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق آغا سليم جي لکيل ڪھاڻين جو مجموعو آھي, جيڪو سندس ڇپيل پھريون ڪتاب آھي. ياد رھي تہ ان وقت آغا سليم پنھنجو ھي مجموعو آغا شاھين جي نالي سان ڇپرايو ھو. پاڻ لکن ٿا:
”منھنجا ڪجه افسانا منھنجي زندگيءَ سان وابستہ آھن ۽ ڪجه منھنجي انھن دوستن جي زندگيءَ سان جيڪي سارو ڏينھن مونسان گڏ آھن. مون پنھنجن افسانن ۾ اڄڪلھ جي خوددارن جي خوديءَ جي، عاشقن جي عشق جي مذاق اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.“
اوهان دوستن اڳيان نامياري اديب، ناول نگار، افسانا نگار، ڊراما نگار، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آغا سليم جو شاهه لطيف جي غم جي فلسفي تي لکيل ڪتاب ”لات جا لطيف جي“ شيئر ڪجي ٿو.
هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران 2007ع ۾ ڇپايو ويو هو.
”همه اوست“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آغا سليم جو مشهور ناول آهي. هي ناول 1985ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو هو.
اسين ٿورائتا آهيون محترم شاهنواز سومري صاحب جا جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۽ فيسبوڪ جي آنلائين ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي.