علي رضا قاضي جا ڪتاب:

معذرت سان (اختصاري ڪهاڻيون)

علي رضا قاضي
ڪهاڻيون

ڪتاب ”معذرت سان“ ليکڪ، صحافي ۽ استاد علي رضا قاضيءَ جي مختصر ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي.
ڊاڪٽر الطاف جوکيو لکي ٿو:
”هن ڪتاب جي ليکڪ مختصر مختصر قسم جي ڪهاڻين جي شروعات سوشل ميڊيا تي ڪئي ۽ ان کي شارٽ- شارٽ اسٽوريءَ جي نالي آهر ’مختصر- مختصر ڪهاڻي‘ ڪوٺيو؛ جنهن کي بعد ۾ مرڪب لفظ ۾ ورجاءَ سبب ’اختصاري ڪهاڻيءَ‘ جي اصطلاح جي راءِ ڏني وئي. مذڪوره اصطلاح ان نسبت ڪم آندو ويو جو اسان وٽ فليش ڪهاڻين لاءِ ڪو خاص نالو اڃا تجويز نه ٿي سگھيو آهي. هي اصطلاح پنهنجي نراليت سبب ڪنهن حد تي قبول ٿيڻ جوڳو آهي. اهڙي قسم جي جديد سنڌي ادب ۾ قاضي علي رضا جون ڪوششون ساراه جوڳيون آهن.“

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

انگ اکر

ڪُل ڪتاب: 950
ڪتابن جو مشاهدو: 3047855
ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 794181
2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ