شيخ اياز جي هن ڪتاب ۾، ٽه- سٽن تي ٻڌل ”هائيڪا“ ڏنل آهن. سنڌي شاعريءَ جي صنف ۾، هي هڪ نئون ۽ قابلِ حسين واڌارو آهي. اهي ٽه- سٽا، ڪٿي مڪمل نظر ته ڪٿي وائيءَ جو تاثر ڏين ٿا. هر ٽه- سٽي ۾، بيت جي ڏيڍ سٽ جيتريون ماترائون ڪم آندل آهن. اسان بيحد خوشي ۽ فخر سان سنڌي شاعريءَ جو سجايل هي نئون گلدستو، سنڌ آڏو پيش ڪيون ٿا. شل سنڌ، هن جي سرهاڻ سان سدائين سرهي ۽ ستابي رهي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف”ڪلهي پاتم ڪينرو“ نامياري شاعر شيخ اياز جي لازوال شاعريءَ تي مبني آهي۔ جنهن ۾ بيت، دوها، گيت، وايون ۽ غزل شامل آهن۔
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڀڳت سنگھ کي ڦاسي“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر، ليکڪ ۽ ڏاهي ڏات ڌڻي شيخ اياز جو آزادي جي ڪردارن خاص ڪري ڀڳت سنگهه تي لکيل سنگيت ناٽڪ آهي.
حميده ميربحر لکي ٿي:
”جڏهِن اسيِن شيخ اياز جي لِکِيل سنگِيت ناٽڪ ”ڀڳت سِنگھ کي ڦاسِي“ تي نظر وِجھُون ٿا ته اُن جا سڀُ ڪِردار ۽ خاصِ طور تي ناٽڪ جو مُکيه ڪِردار ڀڳت سنگھ ، ان جي زِندگِي ۽ سندس سياسِي ڪِردار ڏاڍو سگھارو نظرِ اچي ٿو. اياز تمام خُوبصُورِتيءَ سان تاريِخ جي هِن اڏول ڪِردار ڀڳت سنگھ ۽ ان جي ساٿيُن جِي آزادي ۽ وطن دوستِيءَ جي جذِبي ۽ سندن سامِراج سان جوٽِيل جنگِ کي پنهنِجي ڏاتِ ۽ ڏانءَ سان جنهِن انداز ۾ چِٽيو آهي اُهو پڙهندڙن تي گهِرو اثر ڇڏي ٿو.“
هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، مفڪر ۽ ڏاهي شيخ اياز جي نثري شاعريءَ جو مجموعو آهي، جيڪي سندس چئن ڪتابن جر ڏيئا جهمڪن، هرڻ اکي ڪيڏانهن، سر لوهيڙا ڳڀيا ۽ تون ڇپر تون ڇانءَ مان ورتا ويا آهن. ڪتاب جو سهيڙيندڙ نور احمد ميمڻ آهي.
هن ڪتاب ۾ شيخ اياز جي چئن ڪتابن جي شاعريءَ جو اهڙو انتخاب شامل آهي جنهن ۾ ان عظيم شاعر جون فطرت، حسن ۽ زندگيءَ جي نفاستن بابت لفظن جون حسين ۽ روح کي تراوت بخشيندڙ تصوير ڪشيون به آهن ته خدا ۽ انسان جي تعلق جون صوفياڻيون سرمستيون به آهن. اهڙي طرح انسان جي داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جي جلوه گيرين جو مشاهدو به موجود آهي ته نيڪي ۽ بدي جي آفاقي تصورن جي اپٽار به ڪيل آهي.