فرزانا شاهين نثر توڙي نظم جي پُختي ليکڪا آهي، سندس ھي ڪتاب ”پهڻ پير پٿون ڪيا“ ان ڪري به مختلف آهي جو هي مجموعو سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنفن واين ۽ بيتن تي آڌاريل آهي. وقت جون ويرون، اهنجن جا اولڙا، پنهنجن جا پيڙاءُ، اهم رشتن جو ناروا سلوڪ، اڄ جي سسئي ۽ سُهڻي سان ٿيندڙ انياءُ، ڌرتي ڌڻين سان ڌوڪا، ڪامڻين سان ڪلور، سکين، سانگين، نياڻين، اياڻين شهرن ۽ ٻهراڙين جي عورتن سان ناانصافيون سندس واين ۽ بيتن جا اهم موضوع آهن.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفهن ڪتاب ۾ 84 نظم شامل آهن، ٽائيٽل نظم “نينهن جو نوحو” سندس اندروني ڪيفيت جو عڪاس آهي. فرزانا شاهين جي نظمن تي مشتمل ھن شعري مجموعي ”نينهن جو نوحو“ ۾ شامل اڪثر نظم هر وقت جو آواز ثابت ٿين ٿا. شاعرہ پنهنجي فني تجربي جي بنياد تي نظمن ۾ سماجي اڻاين کي چٽيو آهي. سندس اظهار جو انداز بلڪل سادو، سولڙو ۽ ٻوليءَ جو استعمال شاندار آهي. هُن پنهنجي هن شعري مجموعي ۾ پابند نظم ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ڪجهه شعر آزاد نظم جي شبيهه رکن ٿا، ان باوجود سندس لکڻي ۾ خوبصورت رواني آهي. فرزانا شاھين جي نظمن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌي شاعريءَ جي شيلف ۾ بھترين واڌارو آهي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايففرزانه شاهين سنڌي ٻوليءَ جي سڄاڻ ڪهاڻيڪارہ آهي، جنهن پنهنجي تخليقي سفر جي شروعات نوي واري ڏهاڪي کان ڪئي ۽ زندگيءَ ۽ سماج جي مختلف موضوعن تي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکي ڪهاڻي کيتر ۾ نمايان سڃاڻپ حاصل ڪئي. سماجي رشتا ناتا، طبقاتي استحصال، وڇوڙا ۽ جُدايون سندس ڪهاڻين جا مک موضوع آهن. هُوءَ هڪ دردمند دل رکندڙ حساس ليکڪا آهي ۽ اِهي سڀئي احساسَ سندس ڪهاڻين ۾ اوتجي وڃن ٿا.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف