پروين موسيٰ ميمڻ جا ڪتاب:

عالم سڀ آباد ڪرين

پروين موسيٰ ميمڻ
لطيفيات

پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ مضمونن جو مجموعو ”عالم سڀ آباد ڪرين“ لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جي فلاسافي، فن ۽ فڪر جي الڳ الڳ پهلوئن جي ڇنڊڇاڻ تي آڌاريل آهي. هيءُ شاندار تجزيو سندس محنت ۽ دل سان ڪيل پورهيي کي عيان ڪري ٿو. سپڪ، سهڻي، مڻيادار اندر جي اُڇل ۽ جذبن جي سچائيءَ سان گڏ تحقيق جو پھلو پڻ اُجاگر ٿيل آهي. شاه جي شاعريءَ جي ڪافي پهلوئن کي اجاگر ڪيو اٿس. چاهي ٻولي هجي يا سماجي پھلو هجن. تصوف جي اشارن ۽ علامتي اصطلاحن ذريعي شاه سائينءَ جيڪا انساني اندر کي روشني ۽ رهنمائي ڏني آهي ان کي بيان ڪيو اٿس. سماج جي هر طبقي جي زندگيءَ جا عڪس ۽ اولڙا، ڪڙمي، ڪاسبي، پورهيت هجن يا وري نازڪ جنس عورت جي عظمت جو سوال هجي، سانئڻ پروين وڏي محنت ۽ محبت سان بيان ڪيو آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

پَلَئه پايو سَچُ

پروين موسيٰ ميمڻ
لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ لکڻ جي حوالي سان الاهي تيزيءَ سان لکي رهي آهي ۽ سندس ڪتاب به ڪارائتا ليکيا وڃن ٿا. هي ڪتاب ”پلئه پايو سچ“ به تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي ۽ هن جن موضوعن تي تحقيق ڪري لکيو آهي يا جن موضوعن تي تنقيد ڪئي آهي، هن انصاف کان ڪم ورتو آھي. ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ مثبت ليکڪا آهي ۽ هن جي لکڻ جو مقصد صرف علم ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

وکر سو وهاءِ

پروين موسيٰ ميمڻ
ڪالم / مضمون

هي ڪتاب محترمه پروين موسيٰ ميمڻ جي لکيل علمي، ادبي، أخلاقي ۽ إصلاحي مضمونن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب کي مختلف عنوانن تحت ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾، علم، ادب، پهاڪن ۽ چوڻين، سوانح ۽ ٻين ڪيترن متفرقه موضوعن تي 79 مضمون لکيا ويا آهن. مضمونن جو هي مجموعو، پيار جو پورهيو ۽ تحقيقي ڪم جو هڪ سهڻو مثال آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

سونَ وَرِنيُون سوڍِيُون

پروين موسيٰ ميمڻ
ڪهاڻيون

’سون ورنيون سوڍيون‘مرتب جي سلجهيل ذهن، ذوق ۽ حسن انتخاب جو عڪاس آهي، پروين موسيٰ کي هن ڪتاب جي تدوين ۾ ڪافي مشڪلات کي منهن ڏيڻو پيو هوندو، دراصل سنڌي زبان ۾ ڪهاڻيءَ واري ادب کي ٿورات داد وارو ادب کڻي نه به چؤن، پر مشڪلات اها آهي جو خواتين ڪهاڻيڪارائن جا مجموعا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس دستياب آهن، انهن ۾ ڳڻڪارين وارين ڪهاڻين Qualitative جو تعداد بنهه معمولي آهي، انڪري مرتب ڪندڙ کي به انهن رسالن ۽ اخبارن تي انحصار ڪرڻو پيو هوندو، جن جي ڇڙوڇڙ پرچن ۾ ڪهاڻين جو چڱو خاصو انگ شايع ٿيل آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

اُٿي رائو ريل

پروين موسيٰ ميمڻ
لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

”اُٿي رائو ريل“ جا مضمون/مقالا سنڌي ادب جي تاريخ جي اهم موضوعن تي مشتمل آهن ۽ خاص طور گهڻي ڀاڱي نثر بابت لکيل هنن ليکن ۾ ناولن، ناٽڪن، افسانن، سفرنامن، آتم ڪهاڻين، سوانح عمرين ۽ خاڪن سان گڏ ترجمانگاري، تنقيد ۽ تحقيق ۽ لطيفيات جي باري ۾ ڄاڻ ڏنل آهي. هي مضمون/مقالا مختصر هوندي به پنهنجي عنوانن سان لاڳاپيل ۽ ڪارائتي معلومات مهيا ڪندڙ آهن

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

انگ اکر

ڪُل ڪتاب: 928
ڪتابن جو مشاهدو: 2954973
ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 768980
2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ