ٽي. ڊبليو. آرنولڊ / پروفيسر شيخ محمد حاجن جا ڪتاب:

اسلام جي اشاعت جي تاريخ

ٽي. ڊبليو. آرنولڊ / پروفيسر شيخ محمد حاجن
مذهب

هي ڪتاب دنيا جي وڏي عالم ۽ فاضل پروفيسر ٿامس آرنولڊ جي جڳ مشهور ڪتاب ”دي پريچنگ آف اسلام“ جو سنڌي ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف وڏي جستجو ۽ جاکوڙ کان پوءِ اسلام جي دعوت ۽ تبليغ جي مفصل ۽ جامع تاريخ پيش ڪئي آهي. هن تمام گهڻي کوجنا ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ مواد گڏ ڪيو آهي ۽ نهايت ديانتداريءَ ۽ فراخ دليءَ سان ان کي پيش ڪيو آهي. هن تعصب کان پري رهي، سچائي ۽ سهڻي سليقي سان حقائق بيان ڪيا آهن. انهيءَ ڪري ڪتاب ۾ اسلام جي سچائي ۽ مسلمانن جي فراخ دلي، انسان دوستي ۽ رواداريءَ جا ڪيترائي مثال موثر انداز ۾ ملندا.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

انگ اکر

ڪُل ڪتاب: 831
ڪتابن جو مشاهدو: 2073105
ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 540175
2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ