مولانا ابوالڪلام آزاد / نواز خان زئور جا ڪتاب:

فلسفو: اصول، حدون، تاريخ ۽ ارتقا

مولانا ابوالڪلام آزاد / نواز خان زئور
تاريخ، فلسفو ۽ سياست

هي ڪتاب ھند جي نامياري عالم، اديب ۽ سياستدان مولانا ابوالڪلام آزاد جو لکيل آھي جنھن جو سنڌيڪار نواز خان زئور آھي.

مولانا آزاد هن ڪتاب ۾ فلسفي جي بڻ بڻياد، واڌويجهه، ارتقا ۽ اصولن تي به بحث ڪيو آهي، ته ان جي تاريخ جا ڍيرا پڻ ڦلهوريا آهن. هن يوناني ۽ هندستاني فلسفي جي تاريخ جا پڻ پيرا کنيا آهن ۽ انهن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪندي انهن جي قدامت ۽ هڪ ٻئي تي سندن اثرن جو جائزو ورتو آهي. هو انهيءَ جو جائزو وٺندي رڳو تاريخي پيرا ٿو کڻي ۽ تاريخ جي درستي ڪرڻ ٿو گهري؛ البته هو ان ڳالهه کي ڪنهن جي ڪنهن تي سبقت ۽ مٿڀرائي طور سامهون نه ٿو آڻي. هو ان سڄي سفر کي انسانذات جو گڏيل ورثو ٿو سمجهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

انگ اکر

ڪُل ڪتاب: 822
ڪتابن جو مشاهدو: 1880013
ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 509931
2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ