ھدايت پريم

Author Name

 هدايت پريم جي قلمي نالي سان لکندڙ هن اديب ۽ استاد جو پورو نالو ڊاڪٽر ھدايت الله آخوند آھي. 24 مارچ 1946ع تي تعلقي اوٻاوڙي، ضلعي سکر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم روھڙيءَ مان حاصل ڪيائين. اعليٰ تعليم اسلاميه ڪاليج سکر مان ۽ ايم.اي سنڌي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1973ع ۾ ڪيائين. ھن جا ٽي ڪتاب: ’سنڌي ٻوليءَ جا محقق‘، (ٻه ڇاپا، ٻيو ڇاپو وڌايل سڌاريل 2007ع) ’ٿر جي ٻولي‘ (پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي سان گڏ لکيل ڪتاب: 1995ع)، ۽ ’اترادي ٻولي ‘:(1996ع) شايع ٿي چڪا آھن. ان کان سواءِ ھدايت صاحب اٽڪل 80 کن مقالا پڻ لکيا، جن جو موضوع گھڻو ڪري لسانيات، سوانحيات ۽ ادب آھي، ھن صاحب 16 ڪھاڻيون پڻ لکيون، جيڪي مختلف رسالن ۾ ڇپجي چڪيون آھن. هن جو هڪ ناول ”ازابيل“ 2006ع ۾ پڻ ڇپجي چڪو آهي. ھدايت آخوند، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1979ع ڌاري ليڪچرر طور مقرر ٿيو. 1986ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. 1987ع ۾ لنڊن جي اسڪول آف اوريئنٽل ائنڊ آفريڪن اسٽڊيز ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو، جتان 1989ع ڌاري لسانيات ۾ ڊپلوما ڪري وطن واپس آيو. 1995ع ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جو تاريخي پسمنظر“ جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي، پروفيسر علي نواز جتوئيءَ جي رهبريءَ ۾ پي ايڇ. ڊي ڪيائين. کيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1997ع ۾ ائسوسيئيٽ پروفيسر طور ترقي ڏني وئي. ھدايت آخوند 2000ع ۾ سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جو چيئرمئن ٿيو ۽ ساڳئي سال شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ قائم سچل چيئر جي بورڊ آف گورنرس جو ٽن سالن لاءِ ميمبر پڻ مقرر ٿيو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت سان به لاڳاپيل رھيو. 2006ع ۾ رٽائر ڪيائين. هو 2000ع ۾ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشوري جو سيڪريٽري پڻ چونڊيو. ادبي سنگت جي پلئٽ فارم تان ھن ڪيترائي علمي ۽ ادبي پروگرام ڪرايا. هائر ايڊيوڪيشن ڪميشن پاران تجربيڪار پروفيسر طور سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تحقيقي پراجيڪٽ تي 2007 کان 2009 تائين ڪم ڪيائين. ڊاڪٽر ھدايت الله پريم 20 جنوري 2021ع تي وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ھدايت پريم جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


ھدايت پريم جا ڪتاب

ٿر جي ٻولي، مصنف : ھدايت پريم

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ٿر جي ٻولي
مصنف : ھدايت پريم
اترادي ٻولي، مصنف : ھدايت پريم

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
اترادي ٻولي
مصنف : ھدايت پريم
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ