سراج الحق ميمڻ

Author Name

محقق، ڏاھي دانشور ۽ ماھر لسانيات سراج جو پورو نالو سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ هو، هن 24 آڪٽوبر 1933ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد يعقوب ’نياز‘ميمڻ وقت جو بهترين تعليمدان ۽ علم ۽ ادب سان اٿاهه چاهه رکندڙ شخص هو. سندس ترجمو ڪيل ’ديوان حافظ‘ سنڌي ادب ۾ يادگار حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ نه رڳو حافظ شيرازيءَ جي زندگيءَ جو تفصيل آهي پر سندس غزلن جو اونهو اڀياس ۽ لفظن جي معنيٰ به ڏني وئي آهي.

سراج، سنڌي ادب جي هڪ گھڻ پاسائين شخصيت رهيو، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1961ع ۾ ’اي درد هلي آءُ‘ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ’اٺون ماڻهو‘ 1985ع ۾ شايع ٿيو. جديد سنڌي ادب ۾ سراج سڀ کان وڌيڪ تخليقي ناول لکيا ۽ هي اهو پهريون سنڌي ليکڪ هو، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. سراج، سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو، جن سنڌ جي تاريخ اڳ ۾ ڪانه پڙهي هئي، تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. سراج جو پهريون جڳ مشهور ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ 1979ع ۾ ڇپيو، هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. سندس ٻيو ناول ’مرڻ مون سين آءُ‘ 1988ع ۾ ڇيپو، ان کانسواءِ ’منهنجي دنيا مرگھه ترشنا‘، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’سڀ رنگ سانول'>تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ سندس اهم ناول آهن، جن جي بعد ۾ ٽريالاجي ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ عنوان سان شايع ٿي. سراج ڪيترائي ڊراما به لکيا، جن وڏي مقبوليت ماڻي، جن ۾ ’اڪبر جي حياتيءَ جو هڪ ڏينهن‘ (نورا رچردس جي ڊرامي جو ترجمو)، ’گهاتو گهر نه آئيا‘ (شاهه جي سر گهاتوءَ تي ٻڌل ناٽڪ)، ’جر ۾ ڦوٽو جيئن‘، ’پوچا ڏٺم پير، ڍڪڻي مٿي ڍول جا‘، ’تنهنجي تند تنوار‘ (سر پيرويءَ تي ٻَڌل آزاد نظم ۾ ناٽڪ) ۽ ’پروفيسر‘ وغيره شامل آهن. هڪ مترجم جي حيثيت سان هن ’چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي‘، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘ (غلام ربانيءَ سان گڏ)، ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘ (ڪرشچندر جو ناول) ۽ ڊاڪٽر ايس. پي ڇٻلاڻيءَ جي ڪتاب: (Economic Conditions in Sindh 1595-1984) جو ترجمو ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ جا ترجما ڪيا. سندس ناول ۽ افسانن جا مجموعا، افسانوي ادب ۾ تمام گھڻي اهميت جا حامل آهن.

 باوقار اديب ۽ عالم، 2 فبروري 2013ع تي اسُر ويل، دل جي دوري سبب نيشنل ميڊيڪل سينٽر ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو، کيس 4 فيبروريءَ تي گِزري قبرستان، ڊفينس، ڪراچيءَ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو

حوالو : انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي سراج الحق ميمڻ جا ڪُل 7 ڪِتاب موجود آھن


سراج الحق ميمڻ جا ڪتاب

مرڻ مون سين آءُ، ليکڪ : سراج الحق ميمڻ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
مرڻ مون سين آءُ
ليکڪ : سراج الحق ميمڻ
پڙاڏو سوئي سڏ، ليکڪ : سراج الحق ميمڻ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
پڙاڏو سوئي سڏ
ليکڪ : سراج الحق ميمڻ
تُنهنجي تند تَنوار....، ليکڪ : سراج الحق ميمڻ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
تُنهنجي تند تَنوار....
ليکڪ : سراج الحق ميمڻ
ڏکڻ مان ٿو سج اڀري، سنڌيڪار : سراج الحق ميمڻ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڏکڻ مان ٿو سج اڀري
سنڌيڪار : سراج الحق ميمڻ
منھنجي دنيا، ھيڪل وياڪل، مصنف : سراج الحق ميمڻ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
منھنجي دنيا، ھيڪل وياڪل
مصنف : سراج الحق ميمڻ
اٺون ماڻھو، مصنف : سراج الحق ميمڻ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
اٺون ماڻھو
مصنف : سراج الحق ميمڻ
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ