زيد پيرزادو

Author Name

زيد پيرزادو اديب، شاعر، نثر نگار، ڪالم نگار ۽ پروفيسر آھي. ھن جو جنم 15 آڪٽوبر 1973 ۾ ٿيو سندس تعلق سنڌ جي مشھور ڳوٺ ٻلھڙيجي سان آھي ۽ ھو سنڌ جي ليجينڊ انور پيرزادي جو ٽيون نمبر فرزند آھي. زيد پيرزادي آسٽريا مان مائيڪرو بايولوجي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ ھاڻي ڪراچي يونيورسٽي ۾ مائيڪروبايولوجي شعبي جو پرفيسر آھي. زيد پيرزادي جا ھن وقت تائين ٻہ ڪتاب ڇپجي چڪا آھن. سندس پھريون ڪتاب 2019 ۾ ڇپيو جيڪو نثري نظمن جو ڪتاب "خيال" ھيو، جڏھن تہ 2022  ۾ سندس ٻيو ڪتاب آسٽريا جو سفرنامو "ڏکن پٺيان سک" جي عنوان سان ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي. زيد پيرزادو پنھنجين لکڻين ۾ سماج جي مڙني مسئلن کي قلم جو موضوع بڻائي تن جي حل طرف ڌيان ڇڪائيندي پنھنجا تخليقي خيال جديد انداز سان پيش ڪري ٿو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي زيد پيرزادو جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


زيد پيرزادو جا ڪتاب

خيال، مصنف : زيد پيرزادو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
خيال
مصنف : زيد پيرزادو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ