حسن وساڻ

Author Name

حسن وساڻ جو جنم  4 اپريل 1944 ۾ سانگهڙ شهر ۾ ٿيو. سندس تعلق زميندار گهراڻي سان هو ۽ سندن خاندان سانگهڙ شهر ۽ آس پاس جي علائقي ۾ سٺي نظر سان سڃاتو  ويندو هو. سندس والد زمينداري ۽ واپار سان گڏ سياحت جو بہ شوقين هو. ان پراڻي زماني ۾ پنجاب يا بلوچستان جو سير ڪرڻ به وڏي معني رکندو هو. سو سندس والد هندستان جي ڪافي شهرن تائين به سياحت جي شوق سان پهتو. حسن وساڻ جي والد بهارو خان کي موسيقي سان ڪافي لڳائو هو سو انهي شوق ڪارڻ ڪافي گرامون فون رڪارڊ به گڏ ڪيائين. موسيقي ۽ آرٽ سان محبت سندس اولاد ۾ به منتقل ٿي پر حسن وساڻ پنهنجي پيءُ جي ان ذوق شوق کي اڃان به وڌيل اڳڀرو ٿي ڀاڪر پاتو.

حسن وساڻ ڪراچي يونيورسٽي مان بي اي آنرس جي ڊگري فلسفي ۾ ڪئي پر نوڪري ڪرڻ جي بدران پنهنجي اباڻي زمينداري جو پيشو اختيار ڪيو. جيئن ته سندس طبعيت علم، ادب ۽ آرٽ ڏي وڌيڪ مائل هئي سو زمينداري کي به سٺو وقت ڏنائين ۽ مقامي طور جديد زراعت ۾ به ڪم ڪيائين پر سندس وڌيڪ وقت مطالعو ڪرڻ، موسيقي، فلم، مصوري ۽ فنون لطيفه جي ٻين شين ۾ مصروف گذريو. سندس انهي ادب ۽ آرٽ جي محبت ۾ پنهنجي پوري گهر کي هڪ قسم جو ميوزيم بڻائي ڇڏيائين جتي هر طرف مختلف پينٽنگز، ڪتاب، فلمن جا انبار، موسيقي جا رڪارڊ ۽ ڪيسٽون نظر اينديون هيون. گهر جي سجاوٽ اهڙي ريت ٿيل هئي جو گهر گهٽ ۽ ميوزيم يا آرٽ گيلري وڌيل لڳندي هئي. 

حسن وساڻ جي تحريرن ۽ ڄاڻ سڃاڻ ڪارڻ پوري پاڪستان جا ماڻهون ڪهي ڪري خاص سندس ڪليڪشن ڏسڻ ايندا هئا، راتيون رهندا هئا ۽ اعلي قسم جون محفلون ۽ تبصرا ٿيندا هئا. حسن وساڻ جو سانگهڙ وارو گهر ڄڻ علم ادب ۾ اعلي ذوق رکندڙ ماڻهن جو هڪ گهوارو ٿي ويو هو.

حسن وساڻ ڪافي عرصي کان مختلف موضوعات تي لکڻ شروع ڪيو جنهن ۾ فلسفو، ميٽافزڪس، ارتقا، دنيا جي مختلف انقلابي ڪتابن تي تبصرا  پر سندس وڌيڪ سڃاڻپ فلم ۽ موسيقي جي تحرين مان ٿي ڇوته حسن وساڻ 90 جي دور ۾ روزانه  مختلف سنڌي اخبارن ۾ پنهنجا فلم ۽ موسيقي تي مختلف مضمون لکڻ شروع ڪيا. فلم ۽ موسيقي جو موضوع سنڌي ادب ۾ اهڙو انوکو موضوع هو جنهن تي سنڌي ادب ۾ نه هجڻ برابر ڪم ٿيو هو. حسن وساڻ جي قلم ۾ به ڪافي نکار ۽ الگ تحرير جو هنر هو جنهن ۾ اصل فلم يا موضوع سان گڏوگڏ مضمون ۾ هو ٻين به مختلف شين جو ذڪر ڪري ويندو هو ۽ اهڙيون ته تشبيهون ڏيندو هو جيڪي ماڻهن جي دلين کي موهي ڇڏينديون هيون. 

مقامي طور دوست حسن وساڻ کي فلمي دنيا جو انسائيڪلوپيڊيا به چوندا هئا ڇو ته صرف وات سان نالو وٺڻ تي حسن صاحب پوري فلم جا ڊاريڪٽر، پروڊيوسر، ليرڪ رائيٽر ۽ گلوڪارن جا نالا برقت ٻڌائي ڇڏيندو هو، ان سان گڏوگڏ اهو به ٻڌائيندو هو ته فلاڻي فلم ڪهڙي حالات ۽ واقعات جي پيش نظر ٺهي ۽ ان فلم دوران ڪهڙا حادثات پيش آيا.

10 سال کن اين جي اوز ۾ به ڪم ڪيائين. علائقي ۾ ڪافي پراجيڪٽن ذريعي مقامي ماڻهن کي مختلف سهولتون به فراهم ڪيائين. انهي بهاني ڏيهه ۽ پرڏيهه جي ملڪن ۾ ڪافي سفر به ڪري آيو.

حسن وساڻ صاحب ظاهري طور بلڪل صحتمند ۽ متحرڪ انسان هو، روز ورزش ڪرڻ ۽ يوگا ڪرڻ سندس روٽين ۾ شامل هو پر شايد وڃڻ جو وقت اچي ويو هئس يا ڊاڪٽرن جي ڪجهه غفلت جي ڪري اهو سڀ ڪجهه ٿيو جو 14 نومبر تي کيس برين اسٽروڪ ٿيو ۽ 11 ڏينهن ڪوما ۾ رهڻ کانپوءِ 25 نومبر تي هن دنيا کي هميشه لاءِ ڇڏي وڃي خالق حقيقي سان مليو.


سنڌسلامت ڪتاب گهر تي حسن وساڻ جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


حسن وساڻ جا ڪتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ