نثار بزمي

Author Name

ناليواري شاعر ۽ اديب نثار بزميءَ جو اصل نالو قلندر بخش جوڻيجو هو. هن 1924ع ۾ تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. هن لکڻ جي شروعات ورهاڱي کان اڳ ڪئي هئي ۽ آزاديءَ واري تحريڪ ۾ به حصو ورتو هئائين. آزادي واري تحريڪ ۾ به حصو ورتائين. سندس شاعريءَ ۾ قومي رنگ نمايان آهي. سندس شاعريءَ جي ڪتابن ۾: (1) ”ڏکن آءُ ڏاڍي“، (2) ”سنڌڙي“، (3) ”وڄن وراڪا“، (4) ”عشق نه پڇي ذات“، (5) ”تاجدار حرم“ ۽ (6) ”ٻول نثار بزمي جا“ اهم آهن. سندس ڪلام ڪيترن ئي فنڪارن ڳايو آهي، جيڪو ريڊيو ۽ ٽي وي تي هلندڙ ۽ ڪافي مقبول آهي. نموني طور سندس هڪ ڪلام جا بند ڏجن ٿا: ســتـم يــاد آيــو، جـفــا يــاد آئـــي وري دل ڏيــڻ جــي خـطا يـاد آئـي وهـي مـنهنجـي نيڻن منجھان نير آيا وري وصـل جــي رات ڪــا يــاد آئـي! نثار بزميءَ جو ڪلام علم عروض تي پختو ۽ موسيقيت وارو آهي، جنهنڪري اهو آسانيءَ سان ڳائي وڄائي سگھجي ٿو. نثار بزمي استاد شاعر آهي. سندس ڪيترا نظم درسي ڪتابن ۾ شامل آهن. سندس ٻارن لاءِ شاعري جو هڪ سندس شاگرد غلام محمد غازيءَ ترتيب ڏئي 2008ع ۾ ڇپايو، جنهن کي 2009ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اوارڊ ۽ 25000 رپيا انعام ڏنو ويو هو. نثار بزمي 2000ع ۾ وفات ڪري ويو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي نثار بزمي جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


نثار بزمي جا ڪتاب

ڌرتيءَ تارا (ٻارن لاءِ شاعري)، ليکڪ : نثار بزمي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڌرتيءَ تارا (ٻارن لاءِ شاعري)
ليکڪ : نثار بزمي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ